توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
تَبارَكَ الَّذى نَزَّلَ الفُرقانَ عَلىٰ عَبدِهِ لِيَكونَ لِلعٰلَمينَ نَذيرًا (آيت : 1) |
اھو (الله) وڏو برڪت وارو آھي جنھن پنھنجي ٻانھي تي (حق ۽ باطل جو) فرق ڪندڙ (قرآن) ھن لاءِ نازل ڪيو ته جھان وارن لاءِ ڊيڄاريندڙ ھجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وڏي برڪت وارو (۽ برڪتون بخشيندڙ) آهي، اهو الله جنهن پنهنجي ٻانهي (حضرت محمدﷺ) تي حق ۽ باطل ۾ تميز ڪرڻ وارو قرآن مجيد نازل ڪيو، انهيءَ لاءِ ته سڀني انسانن کي (باطل ۽ برن ڪمن جي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) خبردار ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نهايت بابرڪت آهي اها ذات جنهن پنهنجي حبيب ڪريم تي قرآن ڪريم نازل فرمايو ان لاءِ ته رسولِ عربي سڀني جهانن وارن لاءِ نذير هجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (خدا) وڏو بابرڪت آهي جنهن پنهنجي عبد (محمد) تي قرآن نازل ڪيو. هن لاءِ ته ساري جهان وارن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريندڙ ٿئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وڏو برڪت وارو آهي اهو الله، جنهن نازل ڪيو فرقان پنهنجي ٻانهي تي تانته هجي جهانن جي لاءِ ڊيڄاريندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو وڏي برڪت وارو آهي جنهن پنهنجي ٻانهي (محمدصه) تي (حق ۽ باطل ۾ ) فرق ڪندڙ ڪتاب نازل ڪيو هن لاءِ ته جهان وارن کي ڊيڄاريندڙ ٿئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو وڏي برڪت وارو آهي جنهن (حق ۽ باطل ۾) فرق ڪرڻ وارو (قرآن) پنهنجي ٻانهي (محمد ڪريم ﷺ) تي نازل ڪيو هن لاءِ ته سڀ جهانن لاءِ ڊيڄاريندڙ بنجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُونهِئَ بَرڪت، اُهو ڌَڻِي، جنهن نازل ڪيو قرآن، سَندسِ سَچي ٻانهي مَٿي، ته ڪارڻ ڪُل جھان، خاص هُجي سو خان، آگاھ ڪندڙ آڳه کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نهايت سڳورو اهو آهي، جنهن سندس ٻانهي تي فرقان موڪليو، ته جهانن لاءِ ڊيڄاريندڙ هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نهايت برڪت وارو آهي اهو، جنهن هيءُ فرقان (حق ۽ ناحق کي کولي پڌرو ڪندڙ) پنهنجي ٻانهي تي نازل ڪيو آهي ته جيئن ساري جڳ جهان وارن لاءِ خبردار ڪندڙ هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نهايت برڪت وارو آهي اهو (الله) جنهن هي فرقان پنهنجي بندي تي نازل ڪيو ته جيئن ساري جهان وارن لاءِ خبردار ڪندڙ ٿئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وڏي برڪت وارو آهي الله تعالى جنھن پنھنجي ٻانهي تي هي فرقان (يعني قرآن مجيد) نازل ڪيو آهي ته جيئن هي پيغمبر سڀني جھانن وارن لاءِ ڊيڄاريندڙ هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ فَقَدَّرَهُ تَقديرًا (آيت : 2) |
(اُھو آھي) جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي ۽ (پاڻ لاءِ) نڪو اولاد ورتائين ۽ نڪي بادشاھيءَ ۾ ساڻس ڪو شريڪ آھي ۽ سڀڪنھن شيء کي بڻايائين پوءِ ان جو اندازو پوري طرح ٺھرايائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جنهن قرآن مجيد نازل ڪيو سوئي الله آهي) جو سڀني آسمانن ۽ زمين جو بادشاهه آهي. هن پاڻ لاءِ ڪو اولاد ڪونه ٺهرايو آهي، (ڇو ته هونئن ئي سڀ ڪجهه سندس آهي) ۽ سندس بادشاهيءَ ۾ ڪوبه ساڻس شريڪ ڪونهي. هن ئي هر شيء کي پيدا ڪيو آهي، ۽ هر شيء لاءِ اندازو مقرر ڪري ڇڏيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله اهو آهي جنهن لاءِ آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي آهي ۽ ان ڪو اولاد نه ورتو ۽ نه ئي سندس ملڪ ۾ سندس ڪو شريڪ آهي ۽ پاڻ هر شيءِ کي پيدا ڪيو پوءِ ان کي صحيح اندازي تي رکيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن (خدا) جي آسمانن ۽ زمين تي حڪومت آهي. ۽ هن (پاڻ لاءِ) نڪو اولاد ٺهرايو اٿس ۽ نه ڪي حڪومت ۾ ان جو ڪو شريڪ آهي ۽ هر شيءَ کي ان پيدا ڪيو آهي پوءِ تنهن کي اندازي سان درست ڪيو اٿس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو جنهن جي آسمانن ۽ زمين ۾ بادشاهي آهي ۽ نه ورتائين اولاد ۽ نه آهي ان لاءِ ڪو شريڪ بادشاهيءَ ۾ ۽ پيدا ڪيائين هر شيءِ پوءِ اندازو ڪيائين ان جو پورو اندازو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن جي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي، ۽ (پاڻ لاءِ) نه ڪو اولاد ٺهرايو اٿس ۽ نه ڪي بادشاهيءَ ۾ ان جو ڪو شريڪ آهي ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي پيدا ڪيو اٿس پوءِ ان جو پورو اندازو ڪيو اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو (الله ) آهي جو آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت ان لاءِ آهي ۽ (پاڻ لاءِ) نه اولاد بنايائين ۽ نه بادشاهي ۾ ڪو سندس شريڪ آهي ۽ ان هر شيءِ کي پيدا ڪيو پوءِ ان جو پورو اندازو مقرر ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو آهي، جِنهنجو اُڀ، ڀُون تي، اِختيار، ۽ پُٽ نه بَنايو پانهنجو، ڪِنهن هِڪڙِي کي ڪلتار، ۽ مُور نه تِنهن سان مُلڪ ۾، ڪو ڀاڱِين ڀائـِيوار، ۽ جوڙِئين هَر جِنسار، پوءِ ٺاهِينسِ پُوري ٺاھ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو، جنهن لاءِ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي ۽ هن نڪو اولاد ورتو آهي، نڪي ڪو سندس بادشاهيءَ ۾ ڀائيوار آهي ۽ هر چيز کي خلقيائين، پوءِ پوريءَ طرح ان جو انداز مقرر ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آهي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ جو مالڪ، جنهن نڪي ڪنهن کي پٽ بڻايو آهي ۽ نه وري بادشاهيءَ ۾ سندس ڪو ڀائيوار آهي. جنهن هر شيءِ کي پيدا ڪيو، پوءِ ان جي تقدير مقرر ڪيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو جيڪو آهي مالڪ (بادشاهه) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جنهن ڪنهن کي ناهي بڻايو پُٽ ۽ ڪوبه ناهي شريڪ سندس بادشاهي ۾، ۽ جنهن خلقيو آهي هر شيءِ کي، پوءِ ان جي تقدير مقرر ڪئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي جو مالڪ آهي، جنھن ڪنھن کي نه پٽ ٺاهيو آهي، نه ئي ڪير ان بادشاهيءَ ۾ شريڪ آهي ۽ جنھن هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي پوءِ ان جي تقدير مقرر ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ وَلا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَلا يَملِكونَ مَوتًا وَلا حَيوٰةً وَلا نُشورًا (آيت : 3) |
۽ (ڪافرن) الله کانسواءِ اُھي معبود ورتا آھن جو ڪجھ بڻائي نه سگھندا آھن ۽ اُھي پاڻ پيدا ڪيل آھن ۽ پاڻ لاءِ نڪي ڏک ۽ نڪي سُک جو اختيار اٿن ۽ نڪي موت ۽ نڪي حياتي ۽ نه وري جيئري ٿيڻ جو اختيار اٿن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر (افسوس ماڻهن جي بي سمجهائيءَ تي جو) هنن الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيا معبود (خدائيون) بنائي رکيا آهن جيڪي ڪابه شيء پيدا ڪري نٿا سگهن، بلڪ هو پاڻ (الله جا) پيدا ڪيل آهن. اهي (ڪوڙا معبود) پاڻ کي ئي نقصان کان بچائي نٿا سگهن، نڪي پاڻ کي ڪو نفعو پهچائي ٿا سگهن. هنن جي قبضي ۾ نڪي آهي موت، نڪي زندگي ۽ نڪي وري جيئرو ٿي اٿڻ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن (ڪافرن) الله تعالى کانسواءِ معبود بنايا جيڪي ڪا شيءِ پيدا نٿا ڪن ۽ اهي (بت) پاڻ پيدا ڪيل آهن ۽ اهي پنهنجي وجودن لاءِ نفعي ۽ نقصان جا مالڪ ناهن ۽ انهن کي پنهنجي موت ۽ زندگي ۽ اٿڻ جي طاقت ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ماڻهن ان کان سواءِ اهڙا معبود بنايا آهن جي ڪجھ به نٿا پيدا ڪري سگهن پر اهي پاڻ ٻئي جا پيدا ڪيل آهن ۽ نه اهي پاڻ کي ڪنهن نقصان پهچائڻ ۽ نه ڪنهن فائدي پهچائڻ جو اختيار رکن ٿا ۽ نه مرڻ ۽ جيئري رهڻ ۽ نه ٻيهر جيئري ٿي اٿڻ جو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ورتائون ان کان سواءِ اهڙا معبود جو نه ٿا پيدا ڪن ڪا شيءِ ۽ اهي (پاڻ) پيدا ڪيا وڃن ٿا ۽ نه ٿا مالڪ ٿين پنهنجن سرن جي لاءِ نقصان ۽ نفعي جا ۽ نه ٿا مالڪ ٿين موت جا ۽ نه حياتيءَ جا ۽ نه (جيئرا ٿي) اٿڻ جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (ڪافرن) ان کانسواءِ اهڙا معبود بنايا آهن جي ڪنهن شيءِ کي پيدا نٿا ڪن پر انهن کي خود پيدا ڪيو وڃي ٿو ۽ نه اهي پاڻ کي ڪنهن نقصان پهچائڻ ۽ نه ڪنهن فائدي پهچائڻ جو اختيار رکن ٿا ۽ نه مرڻ ۽ نه جيئري رهڻ ۽ نه (مرڻ کانپوءِ) جيئري ٿي اٿڻ جو اختيار رکن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (مشرڪن) ان کي ڇڏي اهڙا معبود بنايا جي ڪا شيءِ پيدا ڪري نه ٿا سگهن ۽ اُهي خود پيدا ڪيا ويا آهن ۽ نه اُهي پنهنجي لاءِ ڪنهن نقصان جا مالڪ آهن ۽ نه نفعي جا ۽ نه اُهي موت جا مالڪ آهن ۽ نه زندگي جا ۽ نه (ئي مرڻ بعد) جيئري ٿي اٿڻ جا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڌڻِي ڌاران ڌاريؤن، سائـِين سَوَ هزار، جي جوڙِين نَه جھان مان ڪا جِنس ۽ جنسار، ۽ جائـِي جوڙيا پاڻ وَڃن، جوڙٖين جوڙڻهار، ۽ نه سَندنِ وُجودن واسطي، هَٿ سَندنِ کَٽ، هار، ۽ مالِڪ ناهِن مُورهِين، سَندا موت، ڄمار، ۽ آخِر نه اِختيار، اُٿارڻ جو اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن ان کان سواءِ اهڙا سائين بنايا آهن جي ڪجهه خلقي نٿا سگهن ۽ پاڻ ئي خلقيل آهن- هنن کي پنهنجي پاڻ لاءِ به نڪي سک جو اختيار آهي، نه ڏک جو ۽ نڪي موت جو اختيار اٿن، نه حياتيءَ جو، نڪي وري جيئري ٿيڻ جو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماڻهن ان کي ڇڏي اهڙا معبود بڻائي ورتا آهن، جيڪي ڪابه شيءِ پيدا نٿا ڪن بلڪه خود پاڻ به پيدا ڪيا پيا وڃن. جن کي پاڻ لاءِ به ڪنهن نقصان يا نفعي جو ڪو اختيار ڪونهي، جيڪي نڪي ڪنهن کي موت ٿا ڏيئي سگهن ۽ نه ڪنهن کي حياتي ٿا ڏيئي سگهن ۽ نه ڪنهن مئل کي وري اٿاري ٿا سگهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ماڻهن ان کي ڇڏي اهڙا خدا ٺاهي ورتا جيڪي نٿا پيدا ڪري سگهن ڪابه شيءِ پر اهي ته پاڻ پيدا ڪيا وڃن ٿا ۽ اهي نٿا رکن پنهنجي لاءِ ڪنهن نقصان يا ڪنهن نفعي جو اختيار ۽ نه وري اٿاري سگهن ٿا مئل کي ۽ نه جيئري ٿي سگهڻ جو اختيار رکن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن اُن کي ڇڏي اهڙا معبود ٺاهي ورتا آهن جيڪي ڪابه شيءِ پيدا نٿا ڪري سگهن بلڪه هو پاڻ پيدا ڪيا وڃن ٿا. هو پنھنجي لاءِ ڪنھن نقصان ۽ فائدي جو اختيار نٿا رکن ۽ نه ڪنھن کي مارڻ ۽ جيارڻ ۽ نه ئي مرڻ کان پوءِ ٻيھر جيئرو ڪري اٿارڻ جو ڪو اختيار رکن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا إِفكٌ افتَرىٰهُ وَأَعانَهُ عَلَيهِ قَومٌ ءاخَرونَ فَقَد جاءو ظُلمًا وَزورًا (آيت : 4) |
۽ ڪافر چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو ڪوڙو قصّو آھي جو اُھو پاڻون ٺاھيو اٿس ۽ اُن (جي ٺاھڻ) تي ٻي قوم به کيس مدد ڏني آھي، (اھڙي طرح چوڻ سان) بيشڪ اُنھن ظلم ۽ ڪوڙ (ڪم ۾) آندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪافر چون ٿا ته (هيءُ ماڻهو جو چوي ٿو ته مان رسول آهيان ۽ مون تي الله وٽان وحي نازل ٿو ٿئي) اهو سراسر بهتان آهي جو هن پاڻ ٺاهيو آهي، ۽ ٻين ماڻهن ان (قران جي ٺاهڻ) ۾ سندس مدد ڪئي آهي. بيشڪ اهي ماڻهو ظلم ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهائين. (سمجهه هلائين ته جيڪر بنا دير ايمان آڻين.).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪافر چون ٿا ناهي هي (قرآن) مگر هڪ ڪوڙ، جيڪو ان پاڻ ٺاهيو آهي ۽ ان جي ٻين ماڻهن مدد ڪئي آهي، پوءِ بيشڪ انهن (ڪافرن) ظلم ۽ ڪوڙ ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي ڪافر ٿيا چوڻ لڳا ته هي (قرآن) رڳو ڪوڙ آهي جو هن (رسول) پاڻ ٺاهيو اٿس ۽ ان لاءِ ٻين ماڻهن به مدد ڏني اٿس، ته بيشڪ خود انهن ماڻهن ئي ظلم ۽ فريب ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو ته ناهي هيءُ مگر هٿ جي ٺهيل ڳالهه جو بهتان ٺاهي پيش ڪيائين ان کي ۽ مدد ڪئي ان جي ان تي قوم ٻيءَ پوءِ تحقيق آندائون ظلم ۽ ڪوڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافرن چيو ته هي (قرآن) رڳو ڪوڙ آهي جو پاڻ ٺاهيو اٿس ۽ ان (جي ٺاهڻ) تي ٻين ماڻهن به مدد ڏني اٿس. (اهڙي چوڻ سان) بيشڪ اهي ناانصافي ۽ ڪوڙ تي اچي ويا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو سي چون ٿا ته: ”هي (قرآن) ٻيو ڪجهه ناهي سواءِ هڪ ڪوڙ جي جو ان (نبي ﷺ) پاڻ گَهڙيو آهي ۽ (ان جي) ٺاهڻ ۾ ٻين ماڻهن به سندس مدد ڪئي آهي“، پوءِ بيشڪ (ڪافر) ظلم ۽ ڪوڙ تي (لهي) آيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، جن اِنڪار ڪيو، تن چيو اِهڙِي چال، ته ڪونهي هِي قرآن، مگر مَنْ گَھڙت مَقال، پاڻ پَنهنجي طرف کان، جوڙِئـِين جُڙتو ڳالھ، ۽ آڀارِيُس اُن مَٿي، ٻِئَ ڪِنهن قوم ڪُلال، پوءِ بَڪيائون بَحال، ڪارو ڪُوڙ ڪَلُور ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪافر چون ٿا ته ”هي (قرآن) رڳو سندس ٺاهيل ڪوڙ آهي- جنهن ۾ ٻيءَ قوم به کيس مدد ڏني آهي.“ بيشڪ هنن ظلم ۽ ڪوڙ چيو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن نبيءَ جي ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اهي چون ٿا ته "هيءُ فرقان ته هڪ گهڙيل شيءِ آهي، جنهن کي هن شخص پاڻ گهڙيو آهي ۽ ڪن ٻين به ان ڪم ۾ ساڻس هٿ ونڊايو آهي". وڏو ظلم ۽ سخت ڪوڙ آهي، جنهن تي اهي لهي پيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيو انهن ماڻهن جن ڪفر ڪيو آهي ته هي فرقان پنهنجي هڪ ٺاهيل شيءِ آهي جيڪو هن شخص پاڻ جوڙيو آهي، ۽ ڪن ماڻهن ان جي مدد ڪئي آهي، هي وڏو ظلم ۽ ڪوڙ آهي جنهن تي اهي لهي پيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪافر چون ٿا ته هي قرآن رڳو هٿ جي ٺاهيل شيءِ آهي جنھن کي هُن پاڻ ئي ٺاهيو آهي ۽ ان جي ٺاهڻ ۾ هُن جي ڪجهه ٻين ماڻهن به مدد ڪئي آهي. بيشڪ اهو ته وڏو ظلم ۽ (سراسر) ڪوڙ آهي جنھن تي (مڪي جا ڪافر) لهي آيا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ اكتَتَبَها فَهِىَ تُملىٰ عَلَيهِ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 5) |
۽ چيائون ته (ھي قرآن) اڳين جا قصّا آھن جو اُھي مٿس صُبح ۽ سانجھيءَ پڙھبا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي (منڪر) چون ٿا ته اهي ڳالهيون (جي هو ٻڌائي ٿو) اڳوڻن ماڻهن جا قصا ۽ ڪهاڻيون آهن جي هن کڻي لکايون آهن ۽ جي صبح شام هن کي پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن (ڪافرن) چيو (هيءُ) پهرين ماڻهن جون آکاڻيون آهن جن کي ان پاڻ لکيو آهي، پوءِ اهي ان تي صبح ۽ شام پڙهيون وڃن ٿيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ (هي به) چيائون ته (اهي) اڳين جون آکاڻيون آهن جيڪي لکائي رکيون اٿس پوءِ اهي ان وٽ صبح ۽ شام جو پڙهيون وڃن ٿيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته آکاڻيون پهرين جون آهن جو لکرايائين اهي پوءِ اهي پڙهيون وڃن ٿيون ان تي صبح ۽ شام (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته(اهي) اڳين جون آکاڻيون آهن جيڪي لکائي رکيون اٿس پوءِ اهي ان وٽ صبح ۽ شام جو پڙهيون وڃن ٿيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چيائون ته: ”اڳين جا افسانا آهن جيڪي لکائي رکيا اٿس پوءِ اُهي (افسانا) ان تي صبح شام پڙهيا وڃن ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آکيؤن، ته هِي آکاڻيون، مَهندِيَن جون مُقرّر، ڪِنهن ڪاتِب هَٿ، اُن قوم کان اُتارئـِين اکر، پوءِ پاڙهيو وَڃيس ڪِنهن پَر، سو سبق صُبح ۽ شام جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چون ٿا ته ”هي اڳين جا قصا آهن، جي لکايا اٿس، جي وٽس صبح شام پڙهبا آهن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چون ٿا: "اهي ته اڳوڻن ماڻهن جون آکاڻيون آهن، جن کي هيءُ شخص نقل پيو ڪرائي ۽ اهي کيس صبح شام ٻڌايون پيون وڃن". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چون ٿا ته، اهي اڳين ماڻهن جون لکيل ڳالهيون آهن، جن کي هي شخص نقل ڪرائي ٿو ۽ کيس صبح شام ٻڌايون وڃن ٿيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ( هواهو به) چون ٿا ته هي گذريل ماڻهن جون لکيل ڪهاڻيون آهن جن کي هي ماڻهو لکرائيندو آهي. ۽ پوءِ ان کي صبح ۽ شام پڙهي ٻڌايون وينديون آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل أَنزَلَهُ الَّذى يَعلَمُ السِّرَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّهُ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 6) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو (قرآن) اُنھي (الله) نازل ڪيو آھي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! کين) چئي ڏي ته، هي (قرآن) انهيءَ (الله) نازل ڪيو آهي جو آسمانن ۽ زمين جي اسرارن کان پوريءَ طرح واقف آهي (ڪنهن به انسان کي ايترو علم ناهي جو قرآن مجيد واريون ڳالهيون ٻڌائي سگهي) بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي (جو اسان جي هدايت لاءِ ۽ فائدي لاءِ اعليٰ نصحتون ٿو ڏئي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو ته (قرآن ڪريم) ان مقدس ذات نازل فرمايو آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن جو غيب ڄاڻي ٿو، بيشڪ اهو بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) کين چئو ته جو آسمانن ۽ زمين ۾ (لڪل) ڳجھ کي ڄاڻي ٿو تنهن ان کي نازل ڪيو آهي. بيشڪ اهو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته نازل ڪيو ان کي ان (الله) جيڪو ڄاڻي ٿو لڪل کي آسمانن ۽ زمين ۾ بيشڪ اهو آهي بخشڻهار، مهربان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ) کين چو ته جو آسمانن ۽ زمين ۾ (لڪل) ڳجهه کي ڄاڻي ٿو تنهن ان کي نازل ڪيو آهي. بيشڪ اهو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”ان (قرآن) کي ان (الله) نازل ڪيو آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جا ڳُجھه ڄاڻي ٿو. بيشڪ اُهو وڏو بخشڻهار وڏي ٻاجهه وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، اُن کي تِنهن اُتاريو، جو ڄاڻي ڄاڻڻهار، اُڀ، ڀُون، عَرش فرش ۾، آهِن جي اِسرار، سو بيشڪ بخشڻهار، مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ”نه! بلڪ هن کي انهيءَ موڪليو آهي، جو آسمانن خواهه زمين جو ڳجهه ڄاڻي ٿو، اهو بيشڪ بخشڻهار، مهربان آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي چوين ته "ان کي نازل ڪيو آهي انهيءَ، جيڪو آسمانن توڙي زمين جا راز ٿو ڄاڻي". هو ڏاڍو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! کين چؤ، هن تي نازل ڪيو آهي انهيءَ (الله) جيڪو (سڀ) ڳجهه ڄاڻي ٿو آسمانن ۽ زمين جو، حقيقت هيءَ آهي ته اهو وڏو ٻاجهارو مهربان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) چؤ ته: ”هن قرآن کي ته اُن هستيءَ نازل ڪيو آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جي رازن کي ڄاڻي ٿو“ بيشڪ هو وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا مالِ هٰذَا الرَّسولِ يَأكُلُ الطَّعامَ وَيَمشى فِى الأَسواقِ لَولا أُنزِلَ إِلَيهِ مَلَكٌ فَيَكونَ مَعَهُ نَذيرًا (آيت : 7) |
۽ (ڪافر) چون ٿا ته ھن پيغمبر کي ڇا (ٿيو) آھي جو طعام کائيندو آھي ۽ بازارين ۾ گھمندو آھي، ڏانھس ملائڪ ڇو نه نازل ڪيو ويو آھي ته اُھو ساڻس (گڏ) ڊيڄاريندڙ ھجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (منڪر) هيئن به ٿا چون ته هيءُ ڪهڙو رسول آهي جيڪو ماني کائي ٿو ۽ رستن تي گهمي ڦري ٿو. ڇو نه هن ڏي ڪو فرشتو موڪليو ويو آهي، جو هن سان گڏجي (ماڻهن کي) خبردار ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (ڪافرن) چيو هن رسول کي ڇا ٿيو جو اهو طعام کائي ٿو ۽ اهو بازارن ۾ هلي ٿو، ڇو نه ان ڏانهن ڪو ملائڪ موڪليو ويو جيڪو ان سان گڏجي ڊيڄاري ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ انهن ماڻهن (هي به) چيو ته هي ڪهڙو رسول آهي، جو کاڌو کائي ٿو ۽ بازارين ۾ گهمي ڦري ٿو! ان وٽ ڪو فرشتو ڇو نه نازل ٿيو ته اهو به ان سان گڏ (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريندڙ ٿئي ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته ڇا آهي هن رسول کي جو کائي ٿو طعام ۽ هلي پيو بازارن ۾ ڇو نه لاٿو ويو ان ڏانهن ملائڪ پوءِ هجي ان سان گڏ ڊيڄاريندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته هن رسول کي ڇا ٿيو آهي جو کاڌو کائي ٿو ۽ بازارين ۾ هلي ٿو. ان ڏي ڪو ملائڪ ڇو نه لاٿو ويو ته ان سان گڏ ڊيڄاريندڙ ٿئي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چيائون ته: ”هي ڪهڙو رسول آهي جيڪو کاڌو کائي ٿو ۽ بازارن ۾ گهمي ٿو. ان ڏانهن ڪو ملائڪ ڇو نه لاٿو ويو جيڪو ان سان گڏ ڊيڄاريندڙ هجي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چيائون ته ڀَلا ڪهڙا، هن پيغمبر جا پار؟ کائي کاڌا خُوب طرح ۽ گُھمي مَنجھ بازار، مَلڪ کِيانتو خاص ڪو، هُجيسِ گڏ هيڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چون ٿا ته ”هي رسول ڇو ٿو ماني کائي ۽ بازارين ۾ گهمي؟ ڏانهس ملائڪ ڇو نه موڪليو ويو، جو ساڻس گڏ ڊيڄاريندڙ هجي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چون ٿا: "هيءُ وري ڪهڙو رسول آهي، جيڪو کاڌو به ٿو کائي ۽ بازارين ۾ به ٿو گهمي؟ ڇونه وٽس ڪو فرشتو موڪليو ويو، جيڪو ساڻس گڏ هجي ها ۽ (نه مڃڻ وارن کي) ڊيڄاري ها؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چوندا آهن، هي ڪهڙو رسول آهي جيڪو کاڌو به کائي ٿو ۽ گهمي ڦري ٿو بازارن ۾؟ ڇو نه ان وٽ ڪو فرشتو موڪليو ويو جيڪو هن سان گڏ هجي ها (جيڪو مخالفن کي) ڊيڄاري ها؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (وڌيڪ هي به) چون ٿا ته هي ڪهڙي قسم جو رسول آهي؟ جيڪو کاڌو کائي ٿو ۽ بازارن ۾ گهمي ٿو ان سان گڏ ڪنھن فرشتي کي ڇو نه موڪليو ويو جيڪو ان سان گڏ هلي ها ۽ ماڻهن کي ڊيڄاري ها؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو يُلقىٰ إِلَيهِ كَنزٌ أَو تَكونُ لَهُ جَنَّةٌ يَأكُلُ مِنها وَقالَ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 8) |
يا ڏانھس (آسمان کان) خزانو ڇو نه اُڇليو ويو يا اُن کي ڪو باغ ڇو نه آھي جو منجھانئس کائي، ۽ ظالم چوندا آھن ته اوھين رڳو جادو ڪيل ماڻھو جي تابعداري ڪندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا ڇو نه هن جي اڳيان خزانو اچي ٿو پوي. يا ڇو نه هن کي ڪو باغ ٿو ملي، جنهن مان کائي پيئي ۽ گذران ڪري ۽ ظالم (وڌيڪ هيئن به) چون ٿا ته، توهان (مسلمان) اهڙي ماڻهو جي پيروي ڪيو ٿا جنهن تي ڪنهن جادو ڪري ڇڏيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا ڇو نه ان کي ڪو خزانو مليو يا ڇو نه ان کي ڪو باغ مليو جو ان مان کائي ها، ۽ ظالمن چيو نٿا تابعداري ڪريو توهان مگر هڪ مرد جي جنهن تي جادو ٿيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا (گهٽ ۾ گهٽ) ان ڏي خزانو ئي (آسمان مان) اڇلايو وڃي ها، يا (ٻيو نه ته) ان وٽ ڪو باغ هجي ها جنهن مان کائي پئي ها. ۽ اهي ظالم (ڪافر، مومنن کي) چون ٿا ته اوهين رڳو اهڙن شخصن جي پيروي ڪريو ٿا جنهن تي جادو ڪيو ويو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا اڇلايو وڃي ها ان ڏانهن خزانو يا هجي ها ان جي لاءِ ڪو باغ جو کائي ان مان ۽ چيو ظالمن ته نه ٿا پيروي ڪيو مگر مڙس جادو ڪيل جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ان ڏي ڪو خزانو ڇونه اڇلايو ويو يا ان کي ڪو باغ ڇونه آهي جنهن مان کائي. ۽ ظالمن چيو ته اوهين رڳو جادو ٿيل مرد جي تابعداري ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا ان ڏي ڪو خزانو لاٿو وڃي ها يا ان جو ڪو باغ هجي ها جنهن مان اهو کائي ها“. ۽ ظالم ماڻهن چيو ته: ”توهان ته فقط جادو زده مرد جي پيروي ڪيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا خَزاني کاڻ ڪا، اُڇَلجي اُنهِئَ پار، يا ميوا کائي، جنهن مَنجھان، سوباغ هُجي تِنهن هار، ۽ اَنڌاريلن آکيو، ته وَٺو نَه پُٺ وِينجھار!، ديواني کان ڌار، جِنهن سان چِٽو ٿيل چِٽ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا ڏانهس ڪو خزانو اڇليل هجي، يا هن لاءِ ڪو باغ هجي، جنهن مان کائي“ ۽ ظالمن چيو ته ”اوهين رڳو جادو ڪيل شخص جي تابعداري پيا ڪريو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نه ته به ان لاءِ ڪو خزانو ئي لاٿو وڃي ها، يا وٽس ڪو باغ ئي هجي ها، جنهن مان (بي اُلڪو ٿي) پيو روزي حاصل ڪري ها ۽ اهي ظالم ائين به چون ٿا ته توهان ته هڪڙي جادو ڪيل ماڻهوءَ جي ڪڍ لڳا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا ٻيو نه ته ان لاءِ ڪو خزانو لاٿو وڃي ها يا وٽس ڪو باغ هجي ها جنهن مان هو روزي حاصل ڪري ها، ۽ چوندا آهن هي ظالم ته، توهان ماڻهو هڪ اهڙي شخص جي پويان لڳا آهيو جيڪو جادوگر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا ان لاءِ ڪو خزانو لاٿو وڃي ها يا ان لاءِ ڪو باغ هجي ها جنھن مان هو ويھي آرام سان کائي ها ۽ ظالم چون ٿا ته توهان هڪ جادو ٿيل ماڻهوءَ جي تابعداري ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثٰلَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 9) |
(اي پيغمبر) ڏس ته تو لاءِ ڪھڙي طرح جون ڳالھيون ڪندا آھن پوءِ (اُھي) گمراھ ٿيا ۽ (ھاڻي) ڪا واٽ لھي نٿا سگھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏس (اي پيغمبر!) تنهنجي باري ۾ هي ماڻهو ڪهڙا ڪهڙا مثال بيان ڪري رهيا آهن. سو اهي گمراهه ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري هو سچي راهه لهي نه سگهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان ڏسو ته اهي توهان لاءِ ڪهڙا ڪهڙا مثال ڏين ٿا، پوءِ اهي گمراه ٿيا پوءِ اهي ڪو رستو حاصل ڪري نه سگھندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي پيغمبر!) ڏس ته تنهنجي لاءِ ڪهڙا ڪهڙا مثال ٺاهين ٿا ۽ گمراھ ٿي ويا، ته هاڻي اهي ماڻهو ڪنهين صورت ۾ سڌي رستي تي نه ايندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڏس ڪيئن هنيائون تو لاءِ مثال پوءِ گمراهه ٿيا پوءِ نه ٿا لهي سگهن ڪا واٽ. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ) ڏس ته تنهنجا ڪهڙا مثال بيان ڪن ٿا پوءِ گمراهه ٿيا آهن پوءِ ڪو رستو لهي نه سگهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) ڏس ته تنهنجي لاءِ ڪهڙا مثال بيان ڪن ٿا پوءِ اُهي گمراهه ٿي ويا پوءِ (هدايت جو) ڪو رستو لهي نه سگهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِس ته ڏِنائون ڪِهڙو؟ تولئي مير! مِثال، ڀُليا پوءِ بَحال، وَرِي نه سَگھن واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڏس ته تو لاءِ ڪيئن پيا ڳالهيون بڻائين- انهيءَ ڪري، اهي گمراهه ٿيا ۽ ڪابه واٽ لهي نٿا سگهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏس ته ڪهڙا ڪهڙا نه توتي ٺاهوڙ ٺاهيندا ٿا وتن، اهڙا ته ڀٽڪي ويا آهن جو ڪو رستو ئي هٿ نٿو اچين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏس! ڪهڙيون حجتون اهي ماڻهو تنهنجي اڳيان پيش ڪن، هو گمراهه ٿيا آهن جو کين صحيح راهه نه ٿي ملي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ڏسو ته سھي هي ماڻهو تنھنجي لاءِ ڪھڙا عجيب مثال بيان ڪن ٿا. هاڻي هي اهڙا ته ڀٽڪي ويا آهن جو کين ڪوبه رستو نظر نٿو اچي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَبارَكَ الَّذى إِن شاءَ جَعَلَ لَكَ خَيرًا مِن ذٰلِكَ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَيَجعَل لَكَ قُصورًا (آيت : 10) |
اُھو (الله) وڏو برڪت وارو آھي جيڪڏھن گھري ته (دنيا ۾) تولاءِ ھن (چيل) کان ڀلا باغ جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن ڏيئي ۽ توکي وڏيون ماڙيون (به) ڏئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وڏي برڪت وارو (۽ برڪتون ڏيندڙ) آهي، اهو الله جو جيڪڏهن چاهي ته (اي پيغمبر!) انهن کان گهڻو بهتر باغ جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هجن (۽ انهن نهرن جي ڪري دائماً سرسبز رهن) سي تنهنجي لاءِ (هن دنيا ۾ ئي) مهيا ڪري ڏئي، ۽ توکي (شاندار) محلاتون عطا ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نهايت برڪت وارو آهي اهو الله جو جيڪڏهن اهو چاهي ته توهان لاءِ ان کان بهتر نعمتون عطا ڪري، (يعنى) اهڙا باغ جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هجن، ۽ توهان لاءِ محلات تيار ڪرائي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا ته اهڙو بابرڪت آهي جو جيڪڏهن گهري ته (هڪ باغ ڇا آهي؟) ان کان سٺا ڪيئي اهڙا باغ پيدا ڪري جن جي هيٺان واھ وهندا هجن ۽ تنهنجي لاءِ محلات بنائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) برڪت وارو آهي اهو (الله) جو جيڪڏهن گهري ته ڪري تو لاءِ ڀلو ان کان باغ جو وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون ۽ ڪري تو لاءِ ماڙيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو وڏي برڪت وارو آهي جو جيڪڏهن گهري ته توکي (دنيا ۾ ) ان کان چڱا باغ ڏئي جن جي هيٺان واهه وهندا هجن ۽ توکي محلات ڏئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو وڏي برڪت وارو آهي اگر چاهي ته (دنيا ۾ ئي) تنهنجي لاءِ ان کان ڀلا باغ بنائي جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ هجن ۽ تنهنجي لاءِ ماڙيون بنائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُونهي بَرڪت اُهو ڌَڻِي، جي پاڻ گُھري پَرور، ته توکي اُن تمام کان، بَخشي اَڃا بِهتر، باغ هزارين، هيٺان جَن جي، جارِي هُجن جَر، ۽ مَحلاتون مُقرّر، تولئي ڪري ڪَرم سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نهايت سڳورو آهي اهو، جو جيڪڏهن گهري ها ته تو لاءِ انهيءَ کان به سٺا باغ بنائي، جن هيٺان نهرون وهندڙ هجن ۽ تولاءِ وڏيون ماڙيون به بنائي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وڏي برڪت وارو آهي، اهو جيڪو جي گهري ته انهن (سندن ڏسيل شين) کان به گهڻو ڪجهه وڌيڪ توکي ڏئي سگهي ٿو (هڪ ئي نه پر) ڪيترائي باغ، جن جي هيٺان پيون واهيون وهن ۽ وڏا وڏا محلات پڻ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وڏو برڪت وارو آهي اهو جيڪو چاهي ته انهن جي ٻڌايل شين کان به گهڻو وڌيڪ توکي ڏئي سگهي ٿو ڪيترا ئي باغ جن جي هيٺان نهرون وهنديون هجن (۽ انهن کان سواءِ تنهنجي لاءِ) وڏا محلات(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وڏي برڪت وارو آهي اهو (الله) جيڪڏهن هو چاهي ته (اي نبيﷺ!) توکي هنن جي سوچ کان وڌيڪ بهتر ڪيترائي باغ ڏئي ها جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هجن ها ۽ تنھنجي لاءِ وڏا وڏا محل به ٺاهي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل كَذَّبوا بِالسّاعَةِ وَأَعتَدنا لِمَن كَذَّبَ بِالسّاعَةِ سَعيرًا (آيت : 11) |
بلڪ قيامت کي ڪُوڙو ڀانيو اٿن ۽ جنھن قيامت کي ڪوڙو ڀانيو تنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيو اٿئون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر) ڳالهه هيءَ آهي ته، هي ماڻهو (فيصلي جي) گهڙيءَ جا منڪر آهن، ۽ (ياد رکو ته) جيڪو به ان گهڙيءَ جو منڪر ٿيندو تنهن جي لاءِ اسان شعلا ڪندڙ باهه تيار رکي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ انهن قيامت کي ڪوڙو سمجھو ۽ جن ماڻهن قيامت کي ڪوڙو سمجھو انهن لاءِ اسان سخت ڀڙڪندڙ باه تيار ڪئي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر (سچ هي آهي ته) انهن قيامت کي ئي ڪوڙ سمجهيو آهي ۽ جنهن شخص قيامت کي ڪوڙ ڄاتو تنهن لاءِ اسان جهنم کي (ٻاري) تيار ڪري رکيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪه ڪوڙو چيائون قيامت کي ۽ تيار ڪئي سون ان لاءِ جنهن ڪوڙو چيو قيامت کي ساڙيندڙ باهه .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر انهن قيامت کي ڪوڙو ڪيو، ۽ جنهن قيامت کي ڪوڙو ڪيو تنهن لاءِ اسان باهه تيار ڪري رکي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه انهن قيامت کي ڪوڙو چيو. ۽ جنهن به قيامت کي ڪوڙو چيو ان لاءِ اسان باهه تيار ڪري رکي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٽلو اُنهن ڪوٺيو، ڪُوڙ ڏِينهن قِيام، ۽ جَن قيامت ڪُوڙ چئـِي، تَنِين لئي تمام، آڳ سَنباهِيسون اَڳهِين، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ هي قيامت کي ڪوڙ ٿا سمجهن ۽ اسان قيامت کي ڪوڙي سمجهندڙ لاءِ دوزخ تيار رکيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر اهي ماڻهو "انهيءَ گهڙيءَ" کي ڪوڙ ٿا ڀانئن ۽ جيڪو "انهيءَ گهڙيءَ" کي ڪوڙ ڀانئيندو، ان لاءِ اسان ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري ڇڏي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اصل ڳالهه هيءَ آهي ته ماڻهو ان گهڙيءَ کي ڪوڙو چئي چڪا آهن ۽ جيڪو ڪوڙو چوي ان گهڙيءَ کي، ان لاءِ تيار ڪئي وئي آهي ڀرڪندڙ باهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حقيقت هي آهي ته هنن ماڻهن قيامت کي ڪوڙو ڪيو آهي ۽ جيڪو قيامت کي ڪوڙو ڪندو ته اسان ان لاءِ باهه تيار ڪري ڇڏي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذا رَأَتهُم مِن مَكانٍ بَعيدٍ سَمِعوا لَها تَغَيُّظًا وَزَفيرًا (آيت : 12) |
جڏھن (دوزخ) انھن کي ڏوراھين پنڌ کان ڏسندو (تڏھن) اُن جون ڪاوڙ جون ھڪلون ۽ گجڪار ٻڌندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) دوزخ جي باهه جڏهن انهن منڪرن کي پري کان ڏسندي تڏهن اهي ان باهه جي غصي ۽ ڪاوڙ جا ڦوڪارا ۽ آواز (پري کان) ٻڌندا (۽ سمجهندا ته اها باهه اسان کي جلائڻ لاءِ بي تاب بيٺي آهي.).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن انهن کي اها باه پري جاءِ کان ڏسندي ته اهي (ڪافر) انهي باه جي جوش ۽ گڙ گڙ جو آواز ٻڌندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جڏهن انهن ماڻهن کي جهنم پري کان ڏسندو ته (جوش ۾ ايندو) اهي سندس ڪاوڙ ۽ ڀڙڪاٽ ٻڌندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن ڏسندي انهن کي جاءِ پرانهينءَ کان ته ٻڌندا ان جو ڪاوڙ وارو ڪڙڪو ۽ گجگوڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن اها (باهه) کين پري پنڌ کان ڏسندي ته اهي ان جي ڪاوڙ ۽ ڀڙڪاٽ ٻڌندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن اُها (باهه) انهن کي پري پنڌ کان ڏسندي ته اُهي ان جو جوش ۾ ٽهڪڻ ۽ ڀڙڪاٽ ٻڌندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن ۾ داخل ڌُودوام، جڏهن ڏِٺائـِينِ ڏُور هَنڌان، ته ٻڌئونسِ جوش جام، هيبت هُل هَنگام، ڪَڙڪا ڪڙهڻ باھ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن هو کين پرانهين هنڌ کان ڏسندو، ته اهي سندس ڪاوڙ جون هڪلون ۽ گجگوڙون ٻڌندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪا جڏهن کين پري کان ئي ڏسندي ته هو سندس جوش ۽ ڪاوڙ جا سرڙاٽ ٻڌندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اها پري کان انهن کي جڏهن ڏسندي ته اهي ٻڌندا ان جي غضب ۽ جوش جا آواز(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن اها باهه کين پري کان ڏسندي ته هي ماڻهو ان جي ڪاوڙ ۽ ڀڙڪڻ جا آواز ٻڌندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا أُلقوا مِنها مَكانًا ضَيِّقًا مُقَرَّنينَ دَعَوا هُنالِكَ ثُبورًا (آيت : 13) |
۽ جڏھن اُتان ھٿ پير جڪڙيل سوڙھي ھنڌ سٽيا ويندا (تڏھن) اُتي (پاڻ لاءِ) ھلاڪ ٿيڻ کي سڏيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن انهن منڪرن کي ڪنهن سوڙهي هنڌ زنجيرن سان جڪڙيو ويندو تڏهن هو موت کي سڏيندا (۽ چاهيندا ته هن ساڙيندڙ باهه ۾ جلڻ کان بهتر آهي ته موت اچي وڃي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن انهن کي زنجيرن سان جڪڙي دوزخ جي سوڙهي جاءِ تي وڌو ويندو ته (اهي ڪافر پنهنجي) هلاڪت کي پڪاريندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن کين دوزخ جي تنگ جاءِ ۾ زنجيرن سان جڪڙي اڇلايو ويندو ته اتي موت کي سڏيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن اڇلايا ويندا ان مان جاءِ سوڙهيءَ ۾ زنجير ۾ ٻڌل ته سڏيندا اتي هلاڪت کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن کين دوزخ جي تنگ جاءِ ۾ زنجيرن ۾ جڪڙي اڇلايو ويندو ته اتي موت کي سڏيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي جڏهن زنجيرن ۾ جڪڙي (جهنم جي) سوڙهي جاءِ ۾ اڇلايا ويندا ته ان وقت اُهي (پنهنجي) موت کي سڏيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَڏهن سَٽياوِيا اُن مَنجھان، ڪِنهن صفا سوڙهي هنڌ، هَٿ، پير، ڪَنڌ، ڪياڙيون، پِڃري مَنجھ پَيوند، گھوڙاڙي، گھوڙا ڪيؤن، اُتي دانهون درد مَند، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن اتان هو هٿ پير جڪڙيل سوڙهي هنڌ اڇلائبا، تڏهن اتي پاڻ لاءِ موت کي سڏيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن اهي هٿين پيرين جڪڙيل منجهس هڪڙيءَ سوڙهيءَ جاءِ ۾ اڇلايا ويندا ته موت کي سڏيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن اهي (پاڻ) هٿ ۽ پير جڪڙيل ان ۾ هڪ سوڙهي هنڌ وڌا ويندا ته پڪاريندا پنهنجي موت کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن کين زنجيرن ۾ جڪڙي جھنم جي سوڙهي جاءِ ۾ اڇلايو ويندو ته هو پنھنجي موت کي سڏيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا تَدعُوا اليَومَ ثُبورًا وٰحِدًا وَادعوا ثُبورًا كَثيرًا (آيت : 14) |
(چيو ويندن ته) اڄ اوھين ھڪ ھلاڪ ٿيڻ کي نه پڪاريو پر گھڻن ھلاڪتن کي پُڪاريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي منڪرؤ! اڄ هڪڙي موت لاءِ نه پڪاريو. پر گهڻن موتن کي پڪاريو (توهان انهيءَ عذاب کان ڪڏهن به نه ڇٽندؤ)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان اڄ هڪڙي هلاڪت کي نه پڪاريو پر توهان گھڻين هلاڪتن کي پڪاريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تڏهن کين چيو ويندو ته) اڄ هڪ موت کي نه سڏيو پر گهڻن موتن کي سڏيو (پر ورندن ڪجھ به نه).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه سڏيو اڄ هلاڪت کي ۽ سڏيو هلاڪت گهڻيءَ کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اڄ هڪ موت کي نه سڏيو پر گهڻن موتن کي سڏيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيو ويندو) اڄ هڪ موت کي نه سڏيو پر گهڻن موتن کي سڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گھورا، گھوڙا هِڪ نه ڪريو، اَڄ ڀَلين اَندر بَند، نِڙيون ڦاڙي نَند، گھوڙائون گھڻيون ڪريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چئبن ته) ”اڄ هڪڙي موت کي نه سڏيو، پر گهڻن موتن کي سڏيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ان وقت چيو ويندن ته) اڄ هڪڙي موت کي نه گهڻن ئي موتن کي سڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ان وقت کين چيو ويندو) نه پڪاريو اڄ هڪڙي موت کي، پر پڪاريو گهڻن موتن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (کين چيو ويندو ته) اڄ توهان هڪڙي موت کي نه سڏيو بلڪه گهڻن ئي موتن کي سڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل أَذٰلِكَ خَيرٌ أَم جَنَّةُ الخُلدِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ كانَت لَهُم جَزاءً وَمَصيرًا (آيت : 15) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ڀلو آھي يا اُھو ھميشه وارو بھشت جنھن جو پرھيزگارن کي انجام ڏنو ويو آھي؟ جو اُنھن لاءِ بدلو ۽ موٽڻ جو ھنڌ ھوندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن (منڪرن) کا پڇو ته، اها توهان جي حالت بهتر آهي يا دائمي جنت بهتر آهي، جنهن جو واعدو نيڪ ۽ پاڪباز ماڻهن کي ڏنل آهي. اها جنت نيڪ ماڻهن لاءِ (سندن نيڪ عملن جو) بدلو ۽ انعام آهي ۽ سندن رهڻ جو مڪان ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا اها بهتر آهي يا هميشه وارو بهشت جنهن جو پرهيزگارن کي وعدو ڏنو ويو آهي، اها انهن جي جزا ۽ موٽڻ جي جاءِ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته ڇا اهو (دوزخ) چڱو آهي يا هميشه رهڻ جو باغ بهشت جنهن جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي جو اهو سندن (نيڪ ڪمن) جو بدلو آهي ۽ آخري رهڻ جي جاءِ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته ڇا اهو ڀلو آهي يا بهشت هميشہ رهڻ وارو جنهن جو وعدو ڏنا ويا پرهيزگار هوندو انهن لاءِ بدلو ۽ موٽي اچڻ جي جاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺکين) چو ته ڇا اهو (دوزخ) چڱو آهي يا هميشه رهڻ جو باغ جنهن جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي. اهو انهن (جي پرهيزگاريءَ) جو بدلو ۽ موٽڻ جي جاءِ ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ڇا اُهو جهنم ڀلو آهي يا هميشه رهڻ واري جنت جنهن جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي. اُهو انهن جو بدلو ۽ موٽڻ جي جاءِ هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، ڀلِي آهي باھِ، يا باغ بقادار؟ ڀَلن بَندن ڏِنا وِيا، جن جا قول قرار، آهِن اَجر اُنهن لئي، ۽ سي واپس وِئ ولهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته، ”ڀلا اهو چڱو يا اهو بهشت، جنهن جو نيڪن کي انجام ڏنل آهي؟“ جو سندن لاءِ بدلو ۽ موٽڻ جو هنڌ هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڇين ته اها پڇاڙي چڱي آهي يا اُها دائمي جنت، جنهن جو وعدو الله کان ڊڄندڙ پرهيزگارن سان ڪيو ويو آهي؟ جيڪا سندن عملن جو اجورو ۽ موٽي اچڻ وارو هنڌ هوندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) انهن کان پڇ، اهو انجام چڱو آهي يا هميشه واري جنت جنهن جو وعدو خدا ترس پرهيزگارن سان ڪيو ويو آهي؟ جيڪو انهن جي عملن جي جزا ۽ سندن سفر جي آخري منزل هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) انهن کان پڇا ڪريو ته دوزخ صحيح آهي يا هميشه رهڻ واري جنت. جنھن جو پرهيزگار ماڻهن سان وعدو ڪيو ويو آهي، جيڪا انهن جي (عملن جو) بدلو ۽ موٽڻ جي جاءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَهُم فيها ما يَشاءونَ خٰلِدينَ كانَ عَلىٰ رَبِّكَ وَعدًا مَسـٔولًا (آيت : 16) |
جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس سدائين (موجود) ھوندو، تنھنجي پالڻھار کان (اھو) وعدو گھريل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي به اهي (نيڪ ماڻهو) چاهيندا سو کين اتي ملندو. هو هميشه اتي رهندا. (اي پيغمبر!) تنهنجي پروردگار پاڻ تي اهو واعدو لازمي ٺهرايو آهي (۽ اهو واعدو انهيءَ جي لائق آهي ته نيڪ ماڻهو ان لاءِ دعا گهرندا رهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن لاءِ بهشت ۾ اهو سڀ ڪجھه هوندو جيڪو پاڻ چاهيندا هميشه ان ۾ رهندا، رسولِ عربي اهو وعدو پورو ڪرڻ توهان جي رب جو ذمون آهي، (توهان ان کان ان لاءِ دعا گھرو)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اتي) رهندي جيڪي گهرندا سو انهن لاءِ اتي هميشه موجود آهي. (اتي هڪ حال ۾ رهندا) اهو هڪ (لازمي ۽) گهريل وعدو تنهنجي پالڻهار جي ذمي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن لاءِ ان ۾ اهو آهي جيڪو گهرندا هميشہ رهندڙ ٿي ويو رب تنهنجي تي وعدو پڇيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اتي) رهندي جيڪي گهرندا سو انهن لاءِ اتي موجود آهي. اهو هڪ پسند ڪيل وعدو تنهنجي پاليندڙ جي ذمي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن لاءِ ان (باغن ۾) اُهو (سڀ ڪجهه) هوندو جيڪي چاهيندا ان ۾ هميشه رهندا. اُهو تنهنجي پالڻهار جي ذمي وعدو آهي جيڪو قابلِ طلب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪِي طلبِينِ تِنهن ۾ تن لئي، سدا تيار، تُنهنجي صاحب سِر، ستار، واجب اُهو واعِدو! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن لاءِ ان ۾ جيڪي به گهرندا سو سدائين هوندو- اهو تنهنجي ڌڻيءَ کان گهربل انجام آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ۾ سندن هر خواهش پوري ٿيندي. منجهس هو سدائين رهندا، جنهن جو عطا ڪرڻ تنهنجي رب جي ذمي هڪڙو اهڙو وعدو آهي، جنهن کي پاڙڻ مٿس لازم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي اتي هرڪا خواهش پوري ٿيندي، جنهن ۾ اهي سدائين رهندا، ان جو عطا ٿيڻ تنهنجي رب جو لازمي وعدو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنت ۾ هو جيڪو چاهيندا سو موجود هوندو ۽ هو ان ۾ هميشه هميشه لاءِ رهندا. اهو هڪ وعدو آهي، جنھن کي پورو ڪرڻ تنھنجي پالڻھار جي ذمي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَومَ يَحشُرُهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَقولُ ءَأَنتُم أَضلَلتُم عِبادى هٰؤُلاءِ أَم هُم ضَلُّوا السَّبيلَ (آيت : 17) |
۽ اُن ڏينھن کين ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھن تن کي الله گڏ ڪندو پوءِ چوندو ته اوھان ھنن منھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪيو ھو يا اُھي پاڻ واٽ کان گمراھ ٿيا ھوا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ ڏينهن جڏهن الله تعاليٰ انهن کي ۽ جن کي الله کان سواءِ پوڄيندا هئا تن کي هڪ هنڌ آڻي گڏ ڪندو تڏهن انهن کان پڇندو ته توهان منهنجي هنن بندن کي گمراهه ڪيو هو يا هو پاڻ رستو ڀلجي گمراهه ٿي ويا هيا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان ڏينهن الله انهن کي گڏ ڪندو ۽ انهن بتن کي (گڏ ڪندو) جن جي اهي الله کانسواءِ عبادت ڪندا هئا، پوءِ الله تعالى فرمائيندو ڇا توهان منهنجي انهن ٻانهن کي گمراه ڪيو يا اهي پاڻ سنئين رستي کان گمراه ٿيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن ڏينهن انهن ماڻهن کي ۽ جن جي اهي خدا کان سواءِ عبادت ڪن ٿا (تن کي) گڏ ڪندو ۽ پڇندو ته ڇا اوهان منهنجن هنن بندن کي گمراھ ڪيو هو يا اهي پاڻ سڌي رستي کان گمراھ ٿيا هئا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان ڏينهن جو اٿاريندو انهن کي ۽ انهن کي جن جي عبادت ڪن ٿا الله کان سواءِ پوءِ فرمائيندو ڇا اوهان گمراهه ڪيو ٻانهن منهنجن کي يا اهي ڀلجي ويا واٽ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو ڏينهن ياد ڪر) جنهن ڏينهن انهن کي ۽ جن جي اهي الله کانسواءِ عبادت ڪن ٿا تن کي گڏ ڪندو پوءِ چوندو ته ڇا اوهان منهنجن هنن ٻانهن کي گمراهه ڪيو يا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن ڏينهن الله انهن کي ۽ جن جي اُهي الله کي ڇڏي پوڄا ڪن ٿا تن کي گڏ ڪندو پوءِ (انهن ڪوڙن معبودن کي) فرمائيندو ته: ”ڇا اوهان منهنجي هنن ٻانهن کي گمراه ڪيو هيو يا اُهي (خود) رستي کان ٿڙي ويا هئا“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ميڙينداسونِ جنهن مَهل ۾، پڻ جَن پوڄينِ ڌڻي ڌار، چي، متان اَوهان منجھايو، مُنهنجي بَندنَ کي، بدڪار، ڪِ پاڻهِي ڇَڏي پار، وَڃِي اوجھڙ ۾ اُجھيا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان ڏينهن هو کين به گڏ ڪندو ۽ انهن کي به، جن جي الله کان سواءِ بندگي ڪندا هئا، پوءِ چوندو ”ڇا، اوهان منهنجي هنن ٻانهن کي گمراهه ڪيو يا هو پاڻ واٽ کان ڀُليا؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان ڏينهن (تنهنجو رب) انهن کي به ورائي آڻي گڏ ڪندو ۽ سندن انهن معبودن کي به، جن کي الله کي ڇڏي پوڄين ٿا. پوءِ کانئن پڇندو ته "ڇا توهان منهنجي هنن ٻانهن کي گمراهه ڪيو هو يا اهي پاڻ ئي سنئين رستي کان ڦري ويا هئا؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي ڏينهن (حشر جو) هوندو جڏهن (رب) کين گهيري آڻيندو سندن خدائن سميت جن کي الله کان سواءِ انهن پوڄيو، پڇندن ڇا توهان گمراهه ڪيو هو منهنجي ٻانهن کي؟ يا اهي پاڻ ئي ڀٽڪي رهيا هئا صحيح راهه کان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (الله تعالى) ان ڏينھن انهن ماڻهن کي ۽ انهن جي معبودن کي، جن جي هو الله تعالى کي ڇڏي پوڄا ڪن ٿا تن سڀني کي گڏي فرمائيندو ته ڇا توهان منھنجي ٻانهن کي گمراهه ڪيو هو يا هو خود گمراهه ٿي ويا هئا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا سُبحٰنَكَ ما كانَ يَنبَغى لَنا أَن نَتَّخِذَ مِن دونِكَ مِن أَولِياءَ وَلٰكِن مَتَّعتَهُم وَءاباءَهُم حَتّىٰ نَسُوا الذِّكرَ وَكانوا قَومًا بورًا (آيت : 18) |
چوندا ته تنھنجي پاڪائي بيان ٿا ڪريون تو کانسواءِ اسان کي ڪو دوست وٺڻ نه جڳائيندو ھو پر انھن کي ۽ سندن پين ڏاڏن کي آسودو ڪيئي تان جو نصيحت وساريائون، ۽ ھلاڪ ٿيل قوم ٿيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (جن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي سي) جواب ڏيندا ته پاڪائي آهي الله جي لاءِ! اسان کي ڪهڙو حق هو جو اسان توکي ڇڏي ٻين کي اولياء (مددگار) بنايون، پر (حقيقت هيءَ آهي ته) تو هنن کي ۽ سندن وڏن کي خوشحال (۽ دولت مند) ڪيو تان جو (دولت جي نشي ۾ ۽ عيش عشرتن ۾ گرفتار ٿي) تنهنجي يادگيريءَ کان غافل ٿي ويا (۽ تنهنجي حڪمن ۽ قانون تي نه هليا) اهي ماڻهو (بيڪار) ۽ تباهه ٿيڻ جا ئي لائق آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي چوندا تون پاڪ آهين، اسان کي مناسب ناهي جو اسين تو کانسواءِ ڪي مددگار بنايون پر تو پاڻ انهن کي ۽ انهن جي وڏن کي عمر ۽ رزق ۾ برڪت ڏني، ايستائين جو انهن نصيحت کي وساريو ۽ اها قوم هلاڪ ڪيل هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (انهن جا معبود) عرض ڪندا، سبحان الله (اسين ته خود تنهنجا بندا آهيون) اسان کي مناسب نه هو ته اسين تو کان سواءِ ٻيا ڪي سرپرست بنايون، پر ڳالھ هي آهي ته تو انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي (آسودو ڪيو تان جو انهن تنهنجي) ياد گيري وساري ڇڏي ۽ اهي پنهنجو پاڻ بربراد ٿيڻ وارا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عرض ڪندا پاڪائي آهي تنهنجي نه ٿي مناسب ٿيو اسان لاءِ هي ته وٺون تو کان سواءِ ڪي دوست ۽ پر آسودو ڪيو تو انهن کي ۽ ابن ڏاڏن انهن جي کي تان جو وساريائون نصيحت ۽ هئا قوم هلاڪ ٿيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي پاڻ رستي کان گمراهه ٿيا؟ چوندا ته تون پاڪ آهين اسان کي مناسب نه هو ته اسين توکانسواءِ ٻيا ڪي دوست ٺهرايون، پر تو انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو تانجو (تنهنجي) يادگيري وساريائون ۽ برباد ٿيڻ واري قوم ٿيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چوندا: ”تنهنجي ذات پاڪ آهي اسان لاءِ اُهو مناسب نه هيو جو تو کي ڇڏي ٻين کي مددگار بنايون ۽ پر تو انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي خوشحال ڪيو ايستائين جو نصيحت وساري ويٺا، ۽ اُهي برباد ٿيندڙ قوم هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي پاڪائي تو پاڪ کي، اِي نَه اسان جو شان، ته سوا تو سُبحان!، وَڃِي ٻِيلِي ٻِيا بنايون. ۽ پرسلؤن سُکيا تو رَکيا، پڻ اَبا سَندنِ آباد، تان وِسرڻ کي وِساريؤن، ياربَّ! تُنهنجِي ياد، ۽ قوم بِنَہ بَرباد، ڪو راڄ تُهارن کاڄ هو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوندا ”تون پاڪ آهين، اسان جو هرگز اهو وڙ نه هو، جو توکان سواءِ ٻيو سائين بنايون، پر تو هنن ۽ سندن وڏن کي سُکيو ڪيو، تان جو نصيحت کي وساري ڇڏيائون ۽ برباد ٿيل قوم بنجي ويا!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو عرض ڪندا: "پاڪ آهي تنهنجي ذات، اسانجي ڪهڙي مجال هئي، جو توکان سواءِ اسان ڪن ٻين کي پنهنجو موليٰ (مالڪ) بنايون، پر تو ته هنن کي توڙي سندن ابن ڏاڏن کي، ڏاڍو زندگيءَ جو سامان ڏنو هو، تانجو اهي سبق وساري ويٺا ۽ برباد ٿي ويا". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي عرض ڪندا، پاڪ آهي تنهنجي ڍات، اسان کي ڪهڙي مجال جو تو کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي پنهنجو موليٰ ولي دوست بنايون، پر تو کين ۽ سندن وڏن کي خوب حياتيءَ جو سامان ڏنو، جو اهي وساري ويٺا نصيحت ۽ ٿي ويا شامت جا ماريل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو چوندا ته: (يا الله!) تنھنجي ذات پاڪ آهي اسان جي ڪهڙي مجال جو اسان توکي ڇڏي ٻين کي دوست ٺاهيون. درحقيقت تون هنن کي ۽ هنن جي ابن ڏاڏن کي تمام گهڻي خوشحالي ڏني هئي، پوءِ هنن تنھنجي نصيحت کي وساري ڇڏيو ۽ هو برباد ٿيندڙ قوم ۾ شامل ٿي ويا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقَد كَذَّبوكُم بِما تَقولونَ فَما تَستَطيعونَ صَرفًا وَلا نَصرًا وَمَن يَظلِم مِنكُم نُذِقهُ عَذابًا كَبيرًا (آيت : 19) |
پوءِ (چونداسون ته اي ڪافرؤ) بيشڪ جيڪي (ڳالھيون ھنن معبودن بابت) چَيوَ ٿي تن ۾ اُنھن اوھان کي ڪُوڙو ڪيو پوءِ (اوھين) نڪي عذاب ٽاري سگھو ٿا ۽ نڪي مدد وٺي سگھو ٿا، ۽ اوھان مان جنھن ظلم ڪيو ھوندو تنھن کي وڏو عذاب چکائينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله تعاليٰ تنهن تي مشرڪن کي فرمائيندو ته ڏسو) توهان جيڪي چئو ٿا تنهن بابت توهان جا معبود چون ٿا ته اهو ڪوڙ آهي (ته اسان کين گمراهه ڪيو) سو هاڻي توهان نڪي عذاب کي ٽاري سگهو ٿا، نڪي ڪنهن کان مدد حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ توهان مان جنهن به اهو ظلم ڪيو (جو سڌي واٽ ڇڏي ظلم جي روش اختيار ڪئي) تنهن کي اسان تمام سخت سزا جو مزو چکائينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ بيشڪ انهن توهان جي چوڻ کي ڪوڙو سمجھو، پوءِ انهن کي ان کان ڦِرڻ ۽ مدد ڪرڻ جي طاقت نه هئي، ۽ جيڪو ماڻهو توهان مان ظلم ڪري ٿو اسين ان کي وڏو عذاب چکايون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن (ڪافرن کي چيو ويندو ته) اوهين جيڪي چئو ٿا تنهن ۾ اهي معبود اوهان کي ڪوڙو ڪري چڪا، ته هاڻي اوهين نه (پاڻ تان عذاب کي) ٽاري سگهو ٿا نه ڪنهين کان مدد وٺي سگهو ٿا ۽ (ياد رکو!) اوهان مان جو ظلم ڪندو اسين تنهن کي تمام (وڏي) عذاب (جو مزو) چکائينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ تحقيق ڪوڙو ڪيائون اوهان کي ان ۾جيڪو چئو ٿا پوءِ نه ٿا سگهو عذاب ڦيرائڻ ۽ نه مدد وٺڻ ۽ جيڪو ظلم ڪندو اوهان مان ته چکائيندا سون ان کي عذاب وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (ان کانپوءِ کين چونداسون ته) جيڪي اوهين چئو ٿا تنهن ۾ (اهي معبود) اوهان کي ڪوڙو ڪري چڪا، پوءِ نه (پاڻ تان عذاب کي) ڦيري سگهو ٿا ۽ نه مدد وٺي سگهو ٿا ۽ (اهڙي طرح) اوهان مان جيڪو به ظلم ڪندو تنهن کي وڏو عذاب چکائينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ بيشڪ (اي ڪافرو!) اهي (معبود) توهان جي ڳالهين کي ڪوڙو ڪندا جيڪي توهان اڄ چئو ٿا پوءِ توهان (پاڻ تان) نه عذاب ڦيرائي سگھندئو ۽ نه (پنهنجي) مدد ڪري سگھندئو، ۽ توهان مان جيڪو به ظلم ڪندو ان کي وڏو عذاب چکائينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آنکي ڪُوڙ ڪوٺيون، جيڪِي ڳِھلا! ڪريو ڳالھ، پوءِ نه سَگھڻ لاهِڻ سُور ڪو، نه ڪا جَھل جَنجال، ۽ جَن اَسارن اَوهان مان، جاڙُون ڪيون جال، وَڏو ڪو وَبال، چوکو چکائـِينداسون اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ (ڪافرن کي چئبو ته) ”اوهان جيڪي هنن بابت چيو ٿي تنهن ۾ اوهان کي ڪوڙو بنايائون، هاڻي نڪي عذاب ٿا ٽاري سگهو ۽ نڪا مدد وٺي ٿا سگهو، اوهان مان جنهن ظلم ڪيو هوندو، ان کي اسين وڏو عذاب چکائينداسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح اهي (توهان جا معبود) توهان جي انهن ڳالهين کي جيڪي توهان ڪريو ٿا، ڪوڙو ڪندا. پوءِ ته توهان نڪي پنهنجي عذاب کي بدلائي سگهندؤ ۽ نه ڪٿان ڪا مدد هٿ ڪري سگهندؤ. توهان مان جيڪو به ظلم ڪندو، تنهن کي اسان سخت عذاب جو مزو چکائينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ائين ڪوڙو ڪندا اهي (توهان جا خدا) توهان جي انهن ڳالهين کي جيڪي اڄ چئي رهيا آهيو، پوءِ توهان ٽاري نه سگهندؤ پنهنجي شامت کي نه ڪٿان مدد ملندي، ۽ جيڪو به توهان مان ظلم ڪندو، تنهن کي اسان مزو چکائينداسين عذاب سخت جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهڙي طرح) توهان جا معبود توهان جي اُنهن ڳالهين کي (قيامت واري ڏينھن) ڪوڙو ثابت ڪندا جيڪي توهان (اڄ هن دنيا ۾) انهن جي باري ۾ چوندا وتو ٿا. پوءِ توهان نه ته پاڻ تان عذاب ٽاري سگهندا ۽ نه ئي ڪٿان مدد وٺي سگهندا. سو هاڻي جيڪو به دنيا ۾ ظلم ڪندو ته ان کي اسان وڏي عذاب جو مزو چکائينداسين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ مِنَ المُرسَلينَ إِلّا إِنَّهُم لَيَأكُلونَ الطَّعامَ وَيَمشونَ فِى الأَسواقِ وَجَعَلنا بَعضَكُم لِبَعضٍ فِتنَةً أَتَصبِرونَ وَكانَ رَبُّكَ بَصيرًا (آيت : 20) |
۽ توکان اڳ پيغمبرن مان جيترا به موڪلياسون سي (به تو ئي وانگر) طعام کائيندا ھوا ۽ بازارين ۾ گھمندا ھوا، ۽ اوھان کي (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي لاءِ پرک ڪيو اٿئون، (ته ڏسون ته) صبر ڪريو ٿا (يا نه)؟ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان (اي پيغمبر!) توکان اڳي جيڪي به پيغمبر موڪليا هئا سي سڀ (تو وانگر) ماني کائيندا هئا ۽ رستن سان گهمندا ڦرندا هئا ۽ اسان توهان (انسانن) کي هڪ ٻئي جي لاءِ آزمائش بنايو آهي (انهيءَ لاءِ ته ڏسون) ته توهان صبر ۽ ثابت قدمي اختيار ڪيو ٿا يا نه! ۽ (ياد رکو ته) اوهان جو پروردگار سڀ ڪجهه ڏسندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه موڪليا اسان توهان (رسولِ عربي) کان اڳ ۾ پيغمبر مگر بيشڪ اهي طعام کائيندا هئا ۽ اهي بازارن ۾ هلندا هئا، ۽ اسان توهان مان ڪِن کي ڪِن ماڻهن لاءِ فتنو بنايو، ڇا توهان (تڪليفن تي) صبر ڪريو ٿا؟ ۽ توهان جو رب ته (چڱي طرح) ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) تو کان اڳ جيترا به رسول موڪلياسون سي (تو وانگر) کاڌو کائيندا هئا ۽ بازارين ۾ گهمندا هئا، ۽ اسان اوهان مان هڪڙن کي ٻين لاءِ آزمائش (جو ذريعو) بنايو آهي. (مسلمانو) ته ڇا اوهين هاڻي به صبر ڪيو ٿا (يا نه!) ۽ اوهان جو پروردگار (سڀ ڪنهن جي) سار سنڀال ڪري رهيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه موڪليا سون تو کان اڳي ڪي رسول مگر تحقيق اهي البته کائيندا هئا طعام ۽ هلندا هئا بازارن ۾ ۽ بنايو سون بعض اوهان جي کي بعض جي لاءِ آزمائش ڇا صبر ڪيو ٿا ۽ آهي رب تنهنجو ڏسندڙ. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي رسول !) توکان اڳ جيترا به رسول موڪلياسون سي (تو وانگر) کاڌو کائيندا هئا ۽ بازارين ۾ هلندا هئا. ۽ اسان اوهان مان هڪڙن کي ٻين لاءِ آزمائش ڪيو آهي (ته ڏسون) ته ڇا اوهين ثابت قدم به رهو ٿا؟ ۽ تنهنجو پاليندڙ (سڀ ڪجهه) ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي نبي!) اسان تو کان اڳ رسول نه موڪليا مگر اُهي کاڌو کائيندا هئا ۽ بازارن ۾ هلندا هئا. ۽ اسان اوهان مان هڪڙن کي ٻين لاءِ آزمائش بنايو آهي. ته ڇا توهان صبر ڪيو ٿا ۽ تنهنجو پالڻهار (سڀ ڪجهه) ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ موڪلياسون مَهند تُهان، مُرسل مڻيادار، کاڌو کيندا سَڀ هُئا، ۽ وِيندا مَنجھ بازار، ۽ ازمائـِش ڪيوسون اَوهان مان، ڪن کي ڪن جي هارِ، ڪِ سَهو ٿا سچار؟ ۽ ڏِسندڙ تُنهنجو ڏيہ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکان اڳ جيڪي به رسول موڪلياسون، سي به بيشڪ طعام کائيندا هئا ۽ بازارين ۾ هلندا هئا- ۽ اوهان کي هڪ ٻئي لاءِ پرک بنايو اٿئون ته صبر ڪريو ٿا يا نه- ۽ تنهنجو ڌڻي ڏسندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! توکان اڳ اسان جيڪي به رسول موڪليا هئا، اهي سڀئي به کاڌو کائيندا هئا ۽ بازارين ۾ گهمندا ڦرندا هئا، دراصل اسان توهان ماڻهن کي هڪ ٻئي لاءِ آزمائش جو وسيلو بڻايو آهي، ڇا توهان صبر ڪريو ٿا؟ تنهنجو رب ته سڀ ڪجهه ڏسي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ۽ موڪليا هئا تو کان اڳي جيڪي به رسول اهي سڀ کاڌو کائڻ وارا ماڻهو ئي هئا ۽ گهمڻ وارا هئا بازارن ۾، ۽ اصل ۾ اسان بنايو آهي توهان کي هڪ ٻئي تي آزمائش جو ذريعو، ڇا توهان صبر ڪريو ٿا؟ ۽ توهان جو رب سڀڪجهه ڏسي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) اسان توکان اڳ جيڪي به رسول سڳورا موڪليا هئا سي سڀ کاڌو کائيندا هئا ۽ بازارن ۾ گهمندا هئا. حقيقت هي آهي ته اسان توهان کي هڪ ٻئي جي لاءِ آزمائش جو ذريعو بنايو آهي. پوءِ ڇا توهان صبر ڪريو ٿا (يا نه)؟ تنھنجو پالڻھار هر شيءِ کي چڱي طرح ڏسي رهيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا لَولا أُنزِلَ عَلَينَا المَلٰئِكَةُ أَو نَرىٰ رَبَّنا لَقَدِ استَكبَروا فى أَنفُسِهِم وَعَتَو عُتُوًّا كَبيرًا (آيت : 21) |
۽ جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نه رکندا آھن سي چوندا آھن ته اسان تي ڇو نه ملائڪ نازل ڪيا ويا يا پنھنجي پالڻھار کي (ڇو نه ٿا) ڏسون؟ بيشڪ اُنھن پنھنجن جيئن ۾ وڏائي ڪئي ۽ تمام وڏو ھٺ ڪيائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو (قيامت جي ڏينهن) اسان جي اڳيان حاضر ٿيڻ جو ويساهه ڪونه ٿا رکن سي چون ٿا ته اسان ڏي فرشتا ڇو نه موڪليا ويا آهن؟ يا اسان جو پروردگار (ڇو نه ٿو اسان جي سامهون) اچي ته اسان کيس ڏسون؟ (اهڙن سوالن مان ثابت آهي ته اهي منڪر) تڪبر ڪري رهيا آهن ۽ پاڻ کي تمام وڏو ٿا سمجهن، ۽ هو وڏا سرڪش ٿي پيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي اسان جي ملڻ جو (قيامت) خوف نٿا رکن انهن چيو ته اسان جي مٿان ملائڪ ڇو نٿا نازل ٿين؟ يا اسين پنهنجي رب کي ڏسون، بيشڪ انهن پنهنجي دل ۾ تڪبر ڪئي، ۽ انهن نهايت وڏي سرڪشي ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي ماڻهو (قيامت ۾) اسان جي حضوريءَ جي اميد نه ٿا رکن، چون ٿا ته آخر فرشتا اسان تي ڇو نه لاٿا ويا، يا اسين پنهنجي پالڻهار کي (ڇو ڪين ٿا) ڏسون، انهن پنهنجي دل ۾ پاڻ کي (گهڻو) وڏو سمجهيو آهي ۽ وڏي سرڪشي ڪئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو انهن جيڪي نه ٿا اميد رکن اسان جي ملڻ جي ته ڇو نه نازل ڪيا ويا اسان تي ملائڪ يا ڏسون پنهنجي رب کي؟ البته تحقيق تڪبر ڪيائون پنهنجي جيءَ ۾ ۽ حد کان وڌي ڪيائون سرڪشي وڏي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن تن چيو ته ڇو اسان تي ملائڪ نه لاٿا ويا يا اسين (پاڻ) پنهنجي پاليندڙ کي ڏسون. بيشڪ انهن پنهنجي دل ۾ وڏائي ڪئي ۽ وڏي سرڪشي ڪيائون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن تن چيو ته: ”اسان تي ملائڪ ڇو نه لاٿا ويا يا اسان پنهنجي پالڻهار کي ڏسون ها“. بيشڪ انهن پنهنجو پاڻ کي وڏو سمجھيو ۽ حد کان وڌيڪ وڏي سرڪشي ڪيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُتو، جَن نه آسرو، مِلڻ اسان جي جو مُور، ڇو نه اسان تي اتُريا، ملائـِڪن مان مُور، يا پَسون اَسِين پنهنجو، پرور پاڪ حُضور، ڪيڏو پاڻهين پاڻ لئي، گُھريائون غُرُور، ۽ وَڃِي پِيا وَهلُور، وڏي ڪِنهن وَڏاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي شخص اسان سان ملڻ جي اميد نه رکندا آهن، سي چوندا آهن ته ، ”ڇو نه اسان تي ملائڪ نازل ڪيا ويا، يا اسين پنهنجي ڌڻيءَ کي ڏسون؟“ بيشڪ انهن سندن نفسن ۾ وڏائي ڪئي ۽ تمام وڏو هٺ ڪيائون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن کي اسان جي آڏو پيش ٿيڻ جو ڪو ڊپ ئي نه آهي، سي چون ٿا ته "ڇو نه ٿا اسان تي ملائڪ لاٿا وڃن يا کڻي اسان پنهنجي رب کي ڏسون؟ پنهنجي اندر ۾ ڏاڍي آڪڙ ڪئي اٿن ۽ ليڪا ئي لنگهي ويا، پنهنجي سرڪشيءَ ۾ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چوندا آهن اهي ماڻهو جيڪي اسان جي حضور ۾ پيش ٿيڻ جي اميد نٿا رکن ته ڇو نه نازل ڪيا ويا اسان تي فرشتا؟ يا ڏسون اسان پنهنجي رب کي. اهي وڏي آڪڙ پنهنجي اندر (نفس) ۾ رکيو ويٺا آهن ۽ اهي حد کان ٽپي ويل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو اسان جي آڏو پيش ٿيڻ جو امڪان ئي نٿا سمجهن، سي چون ٿا ته اسان ڏي ملائڪ ڇو نٿا موڪليا وڃن يا اسان پنھنجي پالڻھار کي سامهون ڏسون. انهن جي دلين ۾ وڏو غرور آهي ۽ انهن سرڪشي ڪرڻ جي حد ڪري ڇڏي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يَرَونَ المَلٰئِكَةَ لا بُشرىٰ يَومَئِذٍ لِلمُجرِمينَ وَيَقولونَ حِجرًا مَحجورًا (آيت : 22) |
جنھن ڏينھن ملائڪن کي ڏسندا تنھن ڏينھن ڏوھارين لاءِ ڪا خوشخبري نه آھي ۽ چوندا ته (الله ڪري اوھين شال) گھڻو پري ھجو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر) جڏهن اهي (منڪر) ملائڪن کي (هن دنيا يا آخرت ۾) ڏسندا تڏهن گنهگارن جي لاءِ ڪا خوشيءَ جهڙي ڳالهه نه ٿيندي (ڇو ته ملائڪ کين تباهه ڪرڻ لاءِ يا عذاب ڏيڻ لاءِ موڪليا ويندا) اهي منڪر (عذاب يا تباهي کي ايندو ڏسي) چوندا ته هاءِ هاءِ! اهڙي حالت ۾ ڪا اوٽ هجي جا اوهان (عذاب آڻيندڙ ملائڪن) ۽ اسان جي وچ ۾ اچي وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قيامت جي ڏينهن اهي ملائڪ ڏسندا، ان ڏينهن مجرمن لاءِ ڪا مبارڪ نه هوندي ۽ فرشتا چوندا (بهشت توهان تي) حرام آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن اهي فرشتن کي ڏسندا تنهن ڏينهن گنهگارن کي ڪجھ (به) خوشيءَ نه ٿيندي ۽ (فرشتن کي ڏسي) چوندا ته پري ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن ڏسندا ملائڪن کي ته ناهي بشارت ان ڏينهن مجرمن لاءِ ۽ چوندا آڙ روڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن ملائڪن کي ڏسندا تنهن ڏينهن ڏوهارين لاءِ ڪا خوشخبري نه آهي ۽ چوندا ته الله شل کين روڪي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن ملائڪن کي ڏسندا تنهن ڏينهن ڏوهارين لاءِ ڪا خوشي جي خبر نه هوندي ۽ چوندا ته (هائوجي انهن عذاب وارن ملائڪن ۽) اسان جي وچ ۾ ڪو رڪاوٽ وارو پردو هجي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏِينهن ۾ ڏِسندا، مَلائـِڪ مُنِير، خاصِي ناهي کِير، اُنِهئَ ڏِينهن، ڪاڻ ڏُهاريين. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن ملائڪن کي ڏسندا، ان ڏينهن ڏوهارين لاءِ ڪا خوشخبري نه هوندي، بلڪ چوندا ته ”شل گهڻو پري هجو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي جنهن ڏينهن ملائڪن کي ڏسندا ته ڏوهارين لاءِ اهو ڪو خوشخبريءَ جو ڏينهن نه هوندو. دانهون ڪندا ته آهي ڪا بچڻ جي واه (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن اهي فرشتن کي ڏسندا ته اهو خوشخبريءَ جو ڏينهن نه هوندو ڏوهاري مجرمن جي لاءِ، ۽ رڙيون ڪندا ته خدا جي پناهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن هُو ملائڪن کي سامهون ڏسندا ته اُهو ڏينھن ڏوهارين جي لاءِ ڪو خوشيءَ جو ڏينهن نه هوندو، بلڪه هو دانهون ڪندا ته آهي ڪا (اِنهن کان) بچڻ جي جاءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقَدِمنا إِلىٰ ما عَمِلوا مِن عَمَلٍ فَجَعَلنٰهُ هَباءً مَنثورًا (آيت : 23) |
۽ جيڪو ڪو عمل ڪيائون تنھن ڏانھن اسين مھاڙ ڪنداسون پوءِ اُن کي پڻي ڪري ڇڏينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان (ان وقت انهن منڪرن جي) عملن ڏي توجهه ڪنداسين ۽ انهن عملن کي (جن کي هو پاڻ لاءِ مفيد سمجهندا هئا) اڏامندڙ ئي ڪري ڇڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي انهن عمل ڪيو سو اسين آڻي، ان کان پوءِ اسين سندن عملن کي باطل ڪري ڇڏينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن ماڻهن (دنيا ۾) جيڪي (نيڪ) ڪم ڪيا آهن اسين انهن ڏي توجه ڪنداسون ته اسين تنهن کي پکڙيل دز جهڙو (برباد ڪري) ڇڏينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ متوجہ ٿيندا سون ان ڏانهن جيڪو ڪيائون عمل پوءِ ڪندا سون ان کي دز اڏايل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو به عمل ڪيو اٿن تنهن ڏي (حساب لاءِ) اينداسون پوءِ ان کي پکڙيل دَز جهڙو ڪري ڇڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن جي عملن ڏانهن متوجهه ٿينداسين جيڪي انهن ڪيا هئا پوءِ اسان انهن کي پکيڙيل ڌوڙ بنائي اُڏائي ڇڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ شَل پَريائـِين پري هُجو!، ٻوليندا ٻِيهار، ۽ آياسون اُنهن ڏي، جي ڪيون چڱايون چار، پوءِ ڪيوسونِ بَرقرار، پَڻِي پکڙيل اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسين سندن ڪيل عملن ڏي مهاڙ ڪنداسون، پوءِ انهن کي پڻي بنائي ڇڏينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪا سندن ڪئي ڪمائي هوندي، تنهن کي اسان ڌوڙ وانگر اڏائي ڇڏينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو ڪجهه عمل به انهن جو ڪيل آهي تنهن کي کڻي اسان دز وانگر اڏاري ڇڏينداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان سندن ڪيل عملن کي ڏسنداسين پوءِ انهن کي دَز وانگر اڏائي ڇڏينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَصحٰبُ الجَنَّةِ يَومَئِذٍ خَيرٌ مُستَقَرًّا وَأَحسَنُ مَقيلًا (آيت : 24) |
اُنھيءَ ڏينھن بھشتي رھڻ جي جاءِ ڪري ڀلا ۽ آرام ڪرڻ جي جاءِ ڪري تمام چڱا ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر نيڪ عمل ڪندڙ) جنتي ماڻهو انهيءَ ڏينهن بهترين مڪان ۾ رهندا (۽ بهترين حالت ۾ هوندا) ۽ بهترين آرامگاهه حاصل ڪندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بهشتي ان ڏينهن بهترين جاءِ ۾ هوندا ۽ (اهي) ٻِن پَهرن جي بهترين آرام ۾ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن جنت وارن جي رهڻ جي جاءِ گهڻي چڱي ۽ آرام گاھ به چڱي کان چڱي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنت وارا ان ڏينهن ڀلا هوندا رهڻ جي جاءِ جي لحاظ سان ۽ سهڻا آرام جي جاءِ جي لحاظ سان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن جنت وارن جي رهڻ جي جاءِ گهڻو چٽي ۽ انهن جي منجهند وقت آرام جي جاءِ گهڻو سٺي هوندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن جنت وارن جي رهڻ جي جاءِ ڀلي هوندي ۽ منجهند جي آرام جي جاءِ به زور حسين هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهن اَهل بهشت جا، سُکِي سُهڻي هَنڌ، پڻ چڱو ماڳ مَنجھند، تن نيڪن کي نَصِيب ٿيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن بهشت وارا سٺي هنڌ رهندڙ ۽ تمام چڱيءَ جاءِ تي آرام ڪندا هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جيڪي جنت جا حقدار هوندا، سي ئي انهيءَ ڏينهن ڀلي هنڌ ترسندا ۽ مانجهاندي ڪرڻ لاءِ ڏاڍي سهڻي جاءِ لهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بس اهي ئي ماڻهو جيڪي بهشت جا حقدار آهن، اهي ان ڏينهن سٺي هنڌ ۽ سٺي منجهند گذاريندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن جنتي ماڻهو تمام بھتر جڳھه تي هوندا ۽ کين منجهند جو وقت گذارڻ لاءِ تمام سٺي جاءِ مليل هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَومَ تَشَقَّقُ السَّماءُ بِالغَمٰمِ وَنُزِّلَ المَلٰئِكَةُ تَنزيلًا (آيت : 25) |
۽ جنھن ڏينھن آسمان ڪڪرن سان ڦاٽندو ۽ ملائڪ لڳو لڳ لاھبا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنهن ڏينهن آسمان ڪڪرن سان ڦاٽي پوندو ۽ فرشتن کي هڪٻئي پٺيان موڪليو ويندو. (ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ قيامت جي ڏينهن سفيد باريڪ ڪڪرن سان آسمان چيرجي ويندو ۽ چڱيءَ طرح ملائڪ لاٿا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن ڏينهن آسمان ڪڪر جي ڪري ڦاٽندو ۽ ڪئي فرشتا ٽولن جا ٽولا نازل ڪيا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن ڏينهن ڦاٽندو آسمان ڪڪرن سان ۽ لاٿا ويندا ملائڪ لاڳيتا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو ڏينهن ياد ڪر) جنهن ڏينهن آسمان ڪڪر جي (ڦاٽڻ) ڪري ڦاٽندو (نظر ايندو) ۽ ملائڪن کي (ان ڪڪر مان) لاٿو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ڏينهن آسمانُ ڪڪرن سميت ڦاٽي پوندو ۽ ملائڪ لڳاتار لاٿا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن ڏِينهن اُڀ جُھڙ سان ڦاٽو ڦارون ڦار، ۽ اُتريا مَلَڪَ اَلله جا، اُترن بارو بار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن ڏينهن آسمان ڪڪرن ساڻ ڦاٽندو ۽ ملائڪ تمام گهڻو لاهبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمان کي چيريندو اچي هڪڙو ڪڪر ان ڏينهن ظاهر ٿيندو ۽ فرشتن جا ولرن جا ولر لاٿا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان ڏينهن آسمان کي چيريندڙ هڪ ڪڪر ظاهر ٿيندو ۽ (لاٿا) نازل ڪيا ويندا فرشتن جا ڪيترا ئي ٽولا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن آسمان ڪڪرن سان گڏ ڦاٽي پوندو ۽ ملائڪن جا ٽولن جا ٽولا هيٺ لاٿا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
المُلكُ يَومَئِذٍ الحَقُّ لِلرَّحمٰنِ وَكانَ يَومًا عَلَى الكٰفِرينَ عَسيرًا (آيت : 26) |
اُن ڏينھن سچي حڪومت الله جي آھي، ۽ اُھو ڏينھن ڪافرن تي سخت ٿيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڏينهن حقيقي بادشاهي (ڪليءَ طرح) رحمان خدا جي هوندي ۽ اهو ڏينهن ڪافرن لاءِ بيحد سخت ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قيامت جي ڏينهن حقيقي بادشاهي رحمان (جل جلاله) جي هوندي، ۽ اهو ڏينهن ڪافرن لاءِ سخت ڏکيو هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهن ڏينهن جي سلطنت خاص خدا جي لاءِ ئي هوندي، ۽ اهو ڏينهن ڪافرن تي وڏو سخت هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بادشاهي ان ڏينهن سچي الله جي آهي ۽ هوندو اهو ڏينهن ڪافرن تي سخت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن سچي بادشاهي وڏي مهربان (الله) جي هوندي ۽ ڪافرن تي اهو ڏينهن مشڪل هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن حقيقي بادشاهي وڏي مهربان (الله) جي هوندي. ۽ اُهو ڏينهن ڪافرن مٿان (ڏاڍو) ڏکيو هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ثابِت آهي صاحبِي، اُن ڏينهن، لئي ڏاتار، ۽ اَهکو ڏِينهن اَپار، آهي اِنڪارين تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن سڄي بادشاهي فقط الله جي هوندي ۽ اهو ڏينهن ڪافرن تي سخت هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان ڏينهن سچي پچي بادشاهي فقط رحمان جي هوندي ۽ انڪار ڪندڙن لاءِ ڏاڍو سخت ڏينهن هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن حقيقي بادشاهي فقط رحمٰن جي هوندي ۽ اهو ڏينهن منڪرن جي لاءِ تمام سخت هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن حقيقي بادشاهي فقط رحمان سڳوري جي هوندي ۽ ڪافرن لاءِ اهو ڏينھن انتھائي ڏکيو هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَومَ يَعَضُّ الظّالِمُ عَلىٰ يَدَيهِ يَقولُ يٰلَيتَنِى اتَّخَذتُ مَعَ الرَّسولِ سَبيلًا (آيت : 27) |
۽ جنھن ڏينھن ظالم پنھنجا ٻئي ھٿ چٻيندو چوندو ته ھَيء اَرمان (جيڪر) پيغمبر سان گڏ واٽ وٺان ھا (ته چڱو ھو).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن ظالم (نافرمان) شخص (افسوس منجهان) پنهنجي هٿن کي چڪ پائيندو ۽ چوندو ته جيڪر حضرت رسول(ﷺ) سان گڏ (سندس ڏيکاريل) رستو اختيار ڪيان ها (ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ ڏينهن ظالم پنهنجي ٻنهي هٿن تي چڪ هڻي چوندو ڪاش آئون رسولِ عربي سان گڏ سندس رستي تي هلان ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن ڏينهن ظالم (افسوس ڪندي) پنهنجن هٿن کي چڪ پائيندو (۽) چوندو ته افسوس! آءُ رسول وارو (دين جو سڌو) رستو وٺان ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان ڏينهن چڪ هڻندو ظالم هٿن پنهنجن کي چوندو ته اي هَئي هَئي ارمان! وٺان ها رسول سان گڏ واٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن ڏينهن ظالم پنهنجن هٿن کي چڪ پائيندو چوندو ته جيڪر آءُ رسول وارو رستو وٺان ها! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن ڏينهن ظالم ماڻهو پنهنجي هٿن کي چڪ هڻي چوندو: ”هائو جي آءٌ رسول جي رفاقت ۾ اچي (هدايت واري) واٽ وٺان ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏاڍو چَٻِيندو جِنهن ڏينهن ۾، سَندسِ هَٿ هيڪار، چي، هُوند! راھ رسول جِي، وَرتِم ويرو تار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن ظالم سندن هٿ چٻي چوندو ته ”هاءِ جي آءُ رسول جي واٽ وٺان ها! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ظالم انسان پنهنجا هٿ چٻاڙيندو ۽ چوندو:"جيڪر مان رسول جو ساٿ ڏنو هجي ها! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان ڏينهن ظالم شخص چٻاڙيندو پنهنجو هٿ ۽ چوندو، هاءِ افسوس مون ساٿ ڏنو هجي ها رسول الله جو سڌي راهه تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ظالم ماڻهو ان ڏينھن پنھنجي هٿن کي چڪ پائيندو ۽ چوندو ته: ڪاش! مان رسول سڳوري جو ساٿ ڏيان ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰوَيلَتىٰ لَيتَنى لَم أَتَّخِذ فُلانًا خَليلًا (آيت : 28) |
ھَيء ھَيء ارمان جيڪر فلاڻي کي دوست نه وٺان ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ پڻ چوندو ته) هاءِ منهنجي بدبختي! مان جيڪر فلاڻي (برغلائيندڙ) کي دوست نه بنايان (ها ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هاءِ. افسوس ڪاش آئون فلاڻي (ڪافر) کي دوست نه بنايان ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هاءِ افسوس! جيڪر آءُ فلاڻي کي (پنهنجو) دوست نه بنايان ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي هَئي هَئي ارمان! نه وٺان ها فلاڻي کي دوست .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) افسوس! جيڪر آءُ فلاڻي کي دوست نه بنايان ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هاءِ افسوس! ڪاش جي آءٌ فلاڻي کي دوست نه بنايان ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪر دوست نه ڌاريمَ، فَلانون ڦُلهيار، مُونکي مُنجھائـِين مُورهين، ڪنان ساسنڀار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هاءِ افسوس! جي فلاڻي کي دوست نه بنايان ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاءِ منهنجو نڀاڳ، جيڪر مان فلاڻي کي دوست نه بڻايان ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاءِ منهنجو نڀاڳ، جي آءٌ نه بڻايان ها فلاڻي شخص کي دوست(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هاءِ منھنجو نڀاڳ! جيڪر مان فلاڻي کي دوست نه ٺاهيان ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد أَضَلَّنى عَنِ الذِّكرِ بَعدَ إِذ جاءَنى وَكانَ الشَّيطٰنُ لِلإِنسٰنِ خَذولًا (آيت : 29) |
بيشڪ جڏھن مون وٽ نصيحت آئي تنھن پڄاڻا ھن مون کي اُن کان گمراہ ڪيو، ۽ شيطان ماڻھوءَ کي (وقت تي) دغا ڏيندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هيءَ حقيقت آهي ته جڏهن مون وٽ (خدائي) نصيحت ۽ پيغام اچي چڪو هو تنهن بعد هن (شيطان) مونکي برغلائي گمراهه ڪري ڇڏيو ۽ (بيشڪ) شيطان (هميشه کان) انسان کي (برغلائي) خوار خراب ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ ان مون کي نصيحت اچڻ کان پوءِ نصيحت کان گمراه ڪيو، ۽ شيطان انسان کي بنا مدد جي ڇڏيندو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ مون وٽ نصيحت آئي تنهن کان پوءِ ان مون کي گمراھ ڪيو. ۽ شيطان ماڻهوءَ کي خوار ڪندڙ ئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق گمراهه ڪيائين مون کي نصيحت کان جڏهن آئي مون وٽ ۽ آهي شيطان انسان جي لاءِ ڌوڪيباز .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن مون وٽ نصيحت آئي تنهن کانپوءِ ان مون کي گمراهه ڪيو ۽ شيطان ماڻهوءَ کي (وقت تي) دغا ڏيندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ مون وٽ نصيحت پهچڻ کان پوءِ ان مون کي گمراهه ڪيو. ۽ شيطان انسان کي خوار ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن پُڃاڻا پُهتيمِ، سي نَصيحتون نِبار، ۽ خوا مخواه خوار، اِبليس ڪندڙ اِنسان کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ هن مون کي مون وٽ نصيحت اچڻ کان پوءِ ئي ان کان گمراهه ڪيو ۽ شيطان ماڻهوءَ کي خوار ڪندڙ آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ جي ورغلائڻ ۾ اچي مان اها نصيحت نه مڃي، جيڪا مون وٽ آئي هئي ۽ شيطان انسان کي وقت تي دغا ڏيندڙ آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان جي ورغلائڻ تي مون اها نصيحت نه مڃي جيڪا مون وٽ آئي هئي، ۽ (وقت تي) شيطان ماڻهوءَ کي دغا ڏيندڙ (هو وڏو بيوفا) آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نصيحت اچڻ کان پوءِ هن ئي مون کي گمراهه ڪري ڇڏيو. شيطان ته انسان کي ڌوڪو ئي ڏيندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ الرَّسولُ يٰرَبِّ إِنَّ قَومِى اتَّخَذوا هٰذَا القُرءانَ مَهجورًا (آيت : 30) |
۽ پيغمبر چوندو ته اي منھنجا پالڻھاربيشڪ منھنجي قوم ھن قرآن کي ڇڏي ڏنو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ حضرت رسول(ﷺ) چوندو ته، اي منهنجا رب! منهنجي قوم جي ماڻهن (يعني مڪي جي قريش منڪرن) هن قرآن کي نه مڃيو هو (۽ ان کي بيوقوفيءَ جي بڪواس سمجهيو هو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ منهنجي قوم (قريش) هن قرآن ڪريم کي ڇڏي ڏنو (ان تي ايمان نه آندو)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ان وقت) رسول (خدا جي بارگاھ ۾) عرض ڪندو ته اي منهنجا پالڻهار منهنجي قوم ته هن قرآن کي بيڪار بنائي ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ عرض ڪيو رسول اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ منهنجيءَ قوم ورتو هن قرآن کي ڇڏي ڏنل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ رسول چوندو ته اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ منهنجيءَ قوم هن قرآن کي ڇڏي ڏنو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ رسول (ﷺ) چوندو: ”اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ منهنجي قوم هن قرآن کي ڇڏي ڏنو هيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پيغمبر پُڪاريو ته سانيمِ!، رَبَّ، سُبحان! ته مُنهنجِي قوم ترڪ ڪيو، قادِر هِي قُرآن، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ رسول چوندو ”اي منهنجا ڌڻي! بيشڪ منهنجي قوم هن قرآن کي صفا ڇڏي ڏنو هو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ رسول چوندو ته "اي منهنجا رب! منهنجي قوم وارن ته هن قرآن کي ٽوڪبازيءَ جو نشانو بڻائي ڇڏيو هو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رسول چوندو ته، يا رب! بيشڪ منهنجي قوم هن قرآن کي ٺٺولي جو مرڪز بڻايو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان ڏينهن) رسول سڳورو فرياد ڪندو ته: اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ منھنجي قوم هن قرآن کي ڇڏي ڏنو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا مِنَ المُجرِمينَ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ هادِيًا وَنَصيرًا (آيت : 31) |
۽ اھڙيءَ طرح سڀڪنھن پيغمبر لاءِ ڏوھارين مان ويري بڻاياسون، ۽ تنھنجو پالڻھار ھدايت ڪرڻ وارو ۽ مدد ڏيڻ وارو ڪافي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهو خدائي قانون آهي جو) اهڙيءَ ئي طرح اسان هرهڪ نبيءَ لاءِ گنهگارن منجهان هڪڙو دشمن بنايو هو. (پر اي پيغمبر ياد رک ته) تنهنجو پروردگار هدايت ڪرڻ (۽ ڪاميابي جي واٽ ڏيکارڻ) ۽ مدد ڪرڻ لاءِ بلڪل ڪافي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان اهڙي طرح هر نبي لاءِ دشمن پيدا ڪيا جيڪي مجرمن مان هئا، ۽ توهان لاءِ توهان جو رب بهترين هادي ۽ مددگار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان (ڄڻ ته پاڻ) گنهگارن مان هر نبيءَ جا دشمن بڻائي ڇڏيا آهن. ۽ تنهنجو پالڻهار هدايت ۽ مددگاري ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهڙي طرح ڪياسون هر هڪ نبي جي لاءِ دشمن ڏوهارين مان ۽ ڪافي آهي رب تنهنجو هدايت ڪندڙ ۽ مددگار.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان سڀ ڪنهن نبيءَ جا ڏوهارين مان دشمن ڪيا ۽ تنهنجو پاليندڙ رستو ڏيکاريندڙ ۽ مددگار بس آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح اسان هر نبيءَ لاءِ ڏوهارين مان (ڪي سندن) دشمن ڪيا. ۽ تنهنجو پالڻهار (تنهنجي لاءِ) هدايت ڪندڙ ۽ مدد ڪندڙ ڪافي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُقرّر ڪياسون مَهندئـِين، اِنپر اِمتحان، هر پيغمبر لئي پاپين مان، دشمن ڪي دِگران، ۽ تُنهنجو آهي تولئي، رَهبر بَس رَحمان، ۽ حامِي هَر زمان، ويريُنِ مٿي واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ايئن اسان سڀ ڪنهن نبيءَ لاءِ ڏوهارين مان دشمن بنايا- ۽ تنهنجو ڌڻي واٽ ڏيکاريندڙ ۽ مدد ڪندڙ بس آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اسان ائين ڏوهارين کي هر نبيءَ جو دشمن بڻايو آهي ۽ تو لاءِ تنهنجو رب ئي هدايت ۽ مدد لاءِ ڪافي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) اسان هر پيغمبر جي لاءِ ويري بڻايوسين اهڙن ئي ڏوهاري مجرمن کي، ۽ ڪافي آهي تنهنجو رب رهنمائي ۽ مدد جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) اهڙي طرح اسان ڏوهاري ماڻهن مان ڪيترن کي هر نبيءَ جو دشمن بڻايو آهي ۽ تنھنجو پالڻھار ئي تنھنجي لاءِ هدايت ۽ مدد لاءِ ڪافي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ القُرءانُ جُملَةً وٰحِدَةً كَذٰلِكَ لِنُثَبِّتَ بِهِ فُؤادَكَ وَرَتَّلنٰهُ تَرتيلًا (آيت : 32) |
۽ ڪافر چون ٿا ته پيغمبر تي سارو قرآن ھڪ ڀيري ڇو نه نازل ڪيو ويو؟ اھڙي طرح (ٿورو ٿورو ڪري لاٿوسون)، ته اُن سان تنھنجي دل کي مُحڪم ڪريون ۽ اُھو آھستو آھستو پڙھي ٻڌايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي (هيئن به) چون ٿا ته ڇو نه قرآن هن تي (يعني حضرت جن تي) هڪ ئي وقت (هڪ گهڙيءَ ۾) نازل ڪيو ويو آهي؟ (جواب هي آهي ته) اهڙيءَ طرح (آهستي آهستي) هن لاءِ (نازل ڪيو ٿو وڃي) ته (اي پيغمبر!) تنهنجي قلب کي ان جي وسيلي مضبوط ۽ قائم رکون، ۽ اسان ان کي ٿورو ٿورو ڪري (مصلحت موجب) پڙهي ٻڌايو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪافرن چيو ته رسولِ عربي تي قرآن ڪريم ڇو نٿو هڪ جملي م نازل ٿئي، اهڙي طرح ٿورو ٿورو نازل ٿيو ان لاءِ ته اسين قرآن ڪريم کي توهان جي دل مبارڪ تي ثابت ڪريون ۽ اسان ان کي واضح طور بيان ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڪافر چوڻ لڳا ته (آخر) ان تي سمورو قرآن هڪ ڀيري ڇو نه نازل ڪيو ويو. (اي رسول) اهڙيءَ طرح (ٿورو ٿورو لاٿوسون ته) ان سان تنهنجيءَ دل کي تسڪين ڏيندا رهون. ۽ اسان ان کي جهلي جهلي نازل ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو ته ڇو نه نازل ڪيو ويو ان تي قرآن سمورو هڪ ڀيري اهڙي طرح تانته ثابت رکون ان سان دل تنهنجيءَ کي ۽ پڙهيو سون ان کي ٺاهي ٺاهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافرن چيو ته سڄو قرآن هڪ ڀيري ان تي ڇو نه لاٿو ويو؟ (اي پيغمبرﷺ !) اهڙيءَ طرح (ٿورو ٿورو لاٿوسون) ته ان سان تنهنجيءَ دل کي مضبوط ڪريون ۽ اسان ان کي جهلي جهلي پڙهي ٻڌايو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪافرن چيو ته: ”سڄو قرآن هن (رسول) تي هڪ ڀيرو (ئي) ڇونه لاٿو ويو“؟ .. اهڙي طرح .. (ٿورو ٿورو نازل ڪيوسين ته) ان سان تنهنجي دل کي مضبوط ڪيون ۽ اسان ان کي وقفي وقفي سان پڙهي ٻڌايون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَهيو ڪُفارن، ڪوھ نه لَٿو، ڪَٺٖي ڪُل قُرآن؟ اِنپر اُتسِ، دِل تُنهنجِي، خُوب بِهارِيون خان!، ۽ ڪيو سونسِ سَبق سَبق ڪري، نازِل نُورنيشان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪافر ٿا چون ته ”رسول تي سمورو قرآن هڪ ئي دفعي ڇو نه لاٿو ويو؟“ اهڙيءَ طرح، هن لاءِ، ته ان سان تنهنجي دل کي مضبوط ڪريون ۽ کيس آهستي آهستي پڙهي ٻڌايون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انڪار ڪندڙ چون ٿا ته "هن شخص تي سڄو سارو قرآن هڪ ئي وقت ڇو نه لاٿو ويو؟" هائو، اهو ان ڪري ڪيو ويو آهي ته جيئن ان کي چڱيءَ طرح تنهنجي ذهن ۾ ويهاريندا وڃون ۽ (ان لاءِ ئي) اسان ان کي هڪ خاص ترتيب سان ڌار ڌار حصن جي شڪل ڏني آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چون ٿا اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو آهي، ته هڪ ئي وقت ۾ نازل ڇو نه ڪيو ويو هن شخص تي مڪمل قرآن؟ ها، اهو ان ڪري ڪيو ته اسان مضبوط ڪريون چڱيءَ طرح سان تنهنجي دل ۽ تنهنجي ذهن ۾ ويهاريون (ان لاءِ) اسان ان کي حصن ۾ ترتيب ڏنو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڪافر چون ٿا ته هن شخص جي مٿان سمورو قرآن هڪ ئي وقت ڇونه نازل ڪيو ويو؟ اسان ٿورو ٿورو ان ڪري نازل ڪيو آهي ته جيئن ان جي ذريعي اسان تنهنجي دل کي مضبوط ڪريون ۽ انهيءَ ڪري ئي اسان ان کي آهستي آهستي پڙهون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يَأتونَكَ بِمَثَلٍ إِلّا جِئنٰكَ بِالحَقِّ وَأَحسَنَ تَفسيرًا (آيت : 33) |
۽ (ڪافر) تو وٽ اھڙي ڪا حُجّت نه ٿا آڻين جنھنجو اسين سچو (جواب) ۽ ڏاڍو چڱو بيان تو وٽ نه ٿا آڻيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ تووٽ جيڪي سوال اهي ماڻهو پيش ڪن ٿا تن جو صحيح ۽ سهڻو جواب چڱي سمجهاڻيءَ سان توڏي موڪليندا رهون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نٿا آڻين توهان وٽ اهي ڪو عجيب سوال مگر اسين ان جو جواب حق ۽ سهڻي وضاحت سان ڏيون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي (ڪافر) چاهي ڪهڙو ئي (ڏکيو) مثال ٻڌائين پر اسين تو ڏي (ان جو) بلڪل ٺيڪ ۽ تمام سٺو (جواب) بيان ڪري ڇڏينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿا آڻين تو وٽ ڪو مثال مگر آڻيندا سون تو وٽ حق ۽ سهڻو تفسير .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافر ڪهڙو به مثال (يعني اعتراض) تنهنجي سامهون پيش ڪن پر اسين پورو ۽ تفصيل ۾ وڌيڪ سٺو (جواب) توکي عنايت ڪريون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ڪافر) تو وٽ ڪو به مثال نه ٿا آڻن مگر اسان تو وٽ (ان جي جواب ۾) حقيقي ۽ زور سهڻي وضاحت آڻيون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُرسل مِثال توکي، ڪو پيش نه ڪن ڪُفران، مگر مِثال اُن کان، بِهتر ڪريون بَيان، بَرحق بي گمان، پڻ سَمجھاڻِئَ لئي سُهڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو تو وٽ اهڙي ڪابه حجت ڪانه ٿا آڻين، جنهن جو اسين سچو جواب ۽ تمام سٺو بيان نٿا ٻڌايون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (ان ۾ هي مصلحت به آهي ته) جڏهن به اهي تو وٽ ڪا نرالي ڳالهه (يا ڪو عجيب سوال) کڻي آيا ته اسان ان وقت ئي ان جو صحيح جواب توکي ڏئي ڇڏيو ۽ نهايت سهڻي نموني ڳالهه کولي ڇڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نٿا آڻين ڪو به مثال تنهنجي آڏو (يعني اعتراض) پر اسين حق سان سٺو جواب تفصيل سان توکي عطا ڪريون ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان جو هي به مقصد آهي ته) جڏهن به اُهي ماڻهو تو وٽ ڪو اعتراض کڻي اچن ته اسان توکي فوراً ان جو صحيح جواب ۽ بھترين وضاحت ٻڌائي ڇڏيون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يُحشَرونَ عَلىٰ وُجوهِهِم إِلىٰ جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 34) |
جيڪي پنھنجي منھن ڀر دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا اُھي جاءِ جي ڪري تمام بُڇڙا ۽ واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن کي منهن ڀر دوزخ ڏي گهليو ويندو سي ئي ماڻهو آهن جن جو ٽڪاڻو بلڪل خراب آهي ۽ سڌي رستي کان ڀلجي گمراهه ٿي پيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ماڻهو مُنهن ڀر جهنم ڏانهن گڏ ڪيا ويندا، اهي خراب مڪان ۾ هوندا ۽ سنئين رستي کان گھڻان گمراه هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن کي (قيامت جي ڏينهن) منهن ڀر دوزخ ڏي آندو ويندو تن جي جاءِ تمام بڇڙي هوندي ۽ سڀني کان وڌيڪ سڌي رستي کان ٿڙيل.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جو اٿاريا ويندا منهن پنهنجن تي جهنم ڏانهن اهي بڇڙا آهن درجي جي لحاظ سان ۽ گهڻا گمراهه (حق جي) واٽ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن کي پنهنجن مُنهن ڀر دوزخ ڏي آندو ويندو، تن جي جاءِ گهڻي بڇڙي هوندي ۽ رستو انهن کان گهڻو پري هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي ماڻهو منهن ڀر دوزخ ڏانهن گِـــهِلي آندا ويندا اُهي بدتر مڪان وارا ۽ بلڪل ڀٽڪيل رستي وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَبو ڪٺي جن کي، مُنهن ڀر مڱر پار، گنگھر تن گھر ٻار، ۽ ويتر وِرسيل واٽ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص سندن منهن ڀر دوزخ ڏي گڏ ڪبا، اهي تمام بڇڙي ٺڪاڻي وارا ۽ واٽ کان بلڪل ڀليل آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو منهن ڀَر جهنم ڏانهن ڌڪيا ويندا، انهن جي هلت ڏاڍي بڇڙي آهي ۽ هو گمراهه ٿيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ماڻهو ڌِڪيا ويندا منهن ڀر دوزخ ڏانهن، تن جو حشر تمام برو هوندو ۽ رستو به انهن کان گهڻو پري حد درجي جو غلط هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن کي جھنم ڏي اونڌي منھن آندو ويندو. اُهي سڀ سڌي راهه کان ٿڙيل آهن ۽ انهن جي لاءِ بري جڳھه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنا مَعَهُ أَخاهُ هٰرونَ وَزيرًا (آيت : 35) |
۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون ۽ ساڻس سندس ڀاءُ ھارون وزير ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي ڪتاب ڏنو هو، ۽ ساڻس گڏ سندس ڀاءِ هارون کي وزير ڪيو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان (حضرت) موسيٰ کي تورات عطا ڪيو ۽ اسان ان سان گڏ سندس ڀاءُ (حضرت) هارون کي سندس مددگار بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان موسى کي ڪتاب (توريت) عطا ڪيو ۽ ان سان گڏ سندس ڀاءُ هارون کي (سندس) وزير ڪيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڏنو سون موسى کي ڪتاب ۽ ڪيو سون ان سان گڏ ڀاءُ ان جي هارون کي وزير .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو ۽ ان سان گڏ سندس ڀاءُ هارون کي وزير ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان موسى کي ڪتاب ڏنو ۽ ساڻس گڏ سندس ڀاءُ هارون کي (سندس) وزير بنايوسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪرم سان ڪتاب اڳي، ڏِنوسون موسٰى مِير، ڀيڙسِ ڀاڻسِ هارُون کي، ڪيوي سون وَرِي وَزِير، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو ۽ ساڻس گڏ سندس ڀاءُ هارون کي وزير ڪيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو ۽ ساڻس گڏ سندس ڀاءُ هارون کي ٻانهن ٻيلي مقرر ڪيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان عطا ڪيو موسيٰ کي ڪتاب ۽ بڻايوسين ساڻس گڏ سندس ڀاءُ هارون کي مددگار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان موسى ($) کي ڪتاب ڏنو ۽ سندس ڀاءُ هارون ($) کي ان سان گڏ ذميدارين ۾ هٿ ونڊائيندڙ مقرر ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقُلنَا اذهَبا إِلَى القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَدَمَّرنٰهُم تَدميرًا (آيت : 36) |
پوءِ چيوسون ته (ٻئي) اُنھي قوم ڏانھن وڃو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، پوءِ (آخر) کين پاڙئون پٽيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسان انهن ٻنهي کي حڪم ڪيو هو ته انهن ماڻهن ڏي وڃو (يعني فرعون ۽ سندس سردارن ڏي کين سمجهائڻ لاءِ وڃو) جن اسان جي نشانين کي ٺڪرائي ڇڏيو آهي. (ٻئي ڀائر ويا ۽ کين گهڻوئي سمجايائون پر هنن نه مڃيو) تنهن ڪري اسان هنن کي اهڙو تباهه ڪري ڇڏيو جهڙو تباهه ڪرڻ چئجي. (ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان ٻنهي کي فرمايو ته توهان ان قوم ڏانهن وڃو جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھن ٿا، پوءِ اسان انهن کي چڱي طرح هلاڪ ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ چيوسون ته اوهين ٻئي انهن ماڻهن ڏي وڃو جي اسان جي (قدرت جي) نشانين کي ڪوڙو ڪن ٿا. (وڃي کين سمجهايو. نه مڃڻ ڪري) پوءِ اسان انهن ماڻهن کي چڱيءَ طرح برباد ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ فرمايو سون وڃو ٻئي ان قوم ڏانهن جن ڪوڙو ڪيو آيتن اسان جن کي پوءِ هلاڪ ڪيو سون انهن کي مڪمل هلاڪ ڪرڻ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ چيوسون ته اوهين ٻئي انهن ماڻهن ڏي وڃو جن اسان جي ڳالهين کي ڪوڙو ڪيو پوءِ اسان انهن ماڻهن کي چڱيءَ طرح برباد ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ٻنهين کي چيوسين ته ان قوم ڏانهن وڃو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو آهي. پوءِ اسان انهن (بي فرمانن کي) بلڪل ئي برباد ڪري ڇڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪَهيو سون، اُن قوم ڏي، وِهلور وَڃو ٻَئـِي وِير!، جَن ڪُوڙيون ڪوٺيون، اسان جو آيتون اَڪسِير، پوءِ اُنهن کي، اَخِير، ماري ڇَڏيوسون مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کين چيوسون ته ”انهي قوم ڏي وڃو، جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهيو“- پوءِ انهيءَ قوم کي پاڙؤن پٽي ڇڏيو سون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چيوسون ته انهيءَ قوم ڏانهن وڃو، جنهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو آهي. نيٺ اسان انهن ماڻهن کي برباد ڪري ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) کين چيوسين ته ان قوم ڏي وڃو جنهن ڪوڙو چيو آهي اسان جي آيتن کي، آخرڪار انهن ماڻهن کي اسان تباهه ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان انهن کي چيو ته توهان اهڙي قوم ڏي وڃو جنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو آهي. پوءِ اسان ان قوم کي چڱي طرح برباد ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقَومَ نوحٍ لَمّا كَذَّبُوا الرُّسُلَ أَغرَقنٰهُم وَجَعَلنٰهُم لِلنّاسِ ءايَةً وَأَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 37) |
۽ نوح جي قوم جڏھن پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو (تڏھن) کين ٻوڙيوسون ۽ کين ماڻھن لاءِ نشاني ڪئي سون، ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ حضرت نوح جي قوم به جڏهن رسولن کي نه مڃيو تڏهن اسان انهن (نه مڃيندڙن) کي (وڏي ٻوڏ ۾) ٻوڙي ماريو. ۽ اسان هنن کي (پوين) قومن (جي عبرت وٺڻ) لاءِ نشاني بنايو ۽ (ياد رکو ته پنهنجي قانون موجب) اسان سڀني ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) نوح جي قوم جڏهن رسولن جو انڪار ڪيو ته اسان انهن کي غرق ڪيو ۽ اسان انهن کي ماڻهن لاءِ نشاني بنايو ۽ اسان ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نوح جي قوم کي جڏهن انهن (اسان جي) پيغمبرن کي ڪوڙو سڏيو ته اسان کين ٻوڙي ڇڏيو ۽ اسان انهن کي، ماڻهن (جي سبق) لاءِ نشاني بنايو. ۽ اسان ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نوح جي قوم جڏهن ڪوڙو ڪيائون رسولن کي ته ٻوڙيو سون انهن کي ۽ ڪيوسون انهن کي ماڻهن جي لاءِ نشاني ۽ تيار ڪيوسون ظالمن جي لاءِ عذاب دردناڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نوح جي قوم کي به (برباد ڪيوسون) جڏهن رسولن کي ڪوڙو ڪيائون، انهن کي ٻوڙيوسون ۽ انهن کي ماڻهن لاءِ نشاني ڪيوسون ۽ اسان ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نوح جي قوم جڏهن رسولن کي ڪوڙو چيو ته اسان انهن کي ٻوڙي ڇڏيو ۽ اسان کين ماڻهن لاءِ (عبرت جي) نشاني بنايو. ۽ اسان ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب ٺاهي رکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪُوڙا قوم نُوح جي، جڏهن ڪوٺيا مُرسل مِير، تڏهِين ٻوڙيوسون تن کي، مَنجھ واڪِيندڙ وِير، ۽ نِيشانِي نِروارڪا، خاطِر هَر خَبِير، ۽ سزَا سخت سَعِير، جوڙيسون جاڙويَنِ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نوح جي قوم، جڏهن رسولن کي ڪوڙو سمجهيو، ته کين ٻوڙيو سون، ماڻهن لاءِ کين نشاني بنايو سون ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيارن ڪيو اٿئون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نوح جي قوم کي به (برباد ڪيوسون)، جڏهن جو انهن رسولن کي ڪوڙو سڏيو، اسان کين ٻوڙي ڇڏيو ۽ ساري دنيا جي ماڻهن لاءِ عبرت جي هڪ نشاني بڻائي ڇڏيوسون ۽ انهن ظالمن لاءِ اسان هڪ دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي حال قوم نوح جو ٿيو، جڏهن انهن ڪوڙو چيو رسولن کي، اسان کين غرق ڪيو ۽ بڻايوسين انهن کي ماڻهن جي لاءِ عبرت جي نشاني، ۽ تيار ڪيو آهي اهڙن ظالمن جي لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهوئي حال نوح ($) جي قوم جو ٿيو، جڏهن ان رسولن کي ڪوڙو ڪيو ته اسان ان کي غرق ڪري ڇڏيو ۽ دنيا جي ماڻهن لاءِ عبرت جو نشان بنائي ڇڏيو ۽ اهڙن ظالمن لاءِ تڪليف وارو عذاب به تيار ڪري ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَأَصحٰبَ الرَّسِّ وَقُرونًا بَينَ ذٰلِكَ كَثيرًا (آيت : 38) |
۽ عادين ۽ ثمودين ۽ رَس وارن ۽ اُنھن جي وچ ۾ گھڻن جُڳن کي (ناس ڪيوسون).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ساڳيءَ طرح) اسان عاد جي قوم کي، ثمود جي قوم کي ۽ الرس جي ماڻهن کي ۽ ٻين گهڻين قومن کي، جي انهن جي وچ واري عرصي ۾ ٿي گذريون، (تن سڀني کي سندن ظلمن سببان برباد ڪري ڇڏيو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (رسولِ عربي) توهان هود جي قوم ۽ صالح جي قوم ۽ شعيب جي قوم جو ذڪر ڪريو ۽ انهن جي وچ ۾ گھڻيون قومون گذريون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهڙي طرح) عاد ۽ ثمود ۽ نهر وارن ۽ سندن وچ وارين ڪيترين ئي جماعتن کي (اسان هلاڪ ڪري ڇڏيو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ عاد ۽ ثمود ۽ کوهه وارن کي ۽ جماعتون وچ ۾ گهڻيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ عاد ۽ ثمود ۽ کوهه وارن ۽ انهن جي وچ ۾ گهڻن جماعتن کي به (برباد ڪيوسون) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ عاد ۽ ثمود ۽ رَس (يعني کوهه) جي رهواسين ۽ انهن جي وچ ۾ گهڻين صدين جي ماڻهن کي (برباد ڪيوسين).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سار ثَمُود، عاد، پڻ کاڻان ويٺل کوھ جا، ۽ ڪَئـِين جُڳه ڪيترا، اُنهن وِچ آباد، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (ساڳيءَ طرح) ”عاد“ ۽ ”ثمود“ وارن ۽ ”رس وارن“ ۽ انهيءَ وچ ۾ گهڻن ئي جُڳن کي به. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح عاد ۽ ثمود ۽ اصحاب الرس (کوه وارا) ۽ وچوارن دورن جا گهڻا ئي ماڻهو برباد ڪيا ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيءَ طرح عاد ۽ ثمود ۽ رس وارا ۽ وچ وارين صدين جا ماڻهو تباهه ڪياسين ڪيترا ئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان عاد ــ ثمود ۽ رَس (يعني کوهه) وارن ۽ انهن جي وچ ۾ گذريل گهڻين ئي قومن کي تباهه ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكُلًّا ضَرَبنا لَهُ الأَمثٰلَ وَكُلًّا تَبَّرنا تَتبيرًا (آيت : 39) |
۽ ھر ھڪ کي بيان ڪري ٻڌايوسون، ۽ سڀني کي ناس ڪيوسون (جئن) ناس ڪرڻ گھرجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان سڀني (ماڻهن) جي سمجهائڻ لاءِ مثال بيان ڪيا، ۽ (سندن انڪار ۽ ظلمن سببان) اسان کين بلڪل تباهه ۽ نابود ڪري ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ سڀني لاءِ اسان مثال بيان ڪيا ۽ اسان سڀني کي چڱي طرح هلاڪ ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هر هڪ لاءِ مثال بيان ڪياسون ۽ (چڱي طرح کين سمجهايو پر نه مڃائون) ته اسان به چڱيءَ طرح ستيا ناس ڪري ڇڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هرهڪ بيان ڪيا سون ان لاءِ مثال ۽ مڙني کي هلاڪ ڪيوسون صفا هلاڪ ڪرڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هر هڪ لاءِ مثال بيان ڪياسون ۽ هرهڪ کي چڱيءَ طرح برباد ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان هر هڪ (جي نصيحت) لاءِ (تباهه شده قومن جا) مثال بيان ڪيا ۽ اسان سڀني کي تباهه و برباد ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪُل کي قِصا ڪيترا، ڏِيارياسُون ياد، ۽ ڪُل ڪياسون بَرباد، ۽ برباد بُرِي طرح سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سڀني کي حقيقتون به سمجهايون سون (پوءِ وري) سڀني کي پوريءَ طرح ناس به ڪيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن مان هرهڪ کي اسان (اڳ تباه ٿيلن جا) مثال ڏئي پئي سمجهايو ۽ نيٺ هرهڪ کي بلڪل تباهه ڪري ڇڏيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن کي اسان اڳي تباهه ٿيندڙن جا مثال ڏئي سمجهايو ۽ آخرڪار هرهڪ کي ناس ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان انهن مان هر هڪ کي (پھريان تباهه ٿيل قومن جا) مثال سامهون رکيا (نه مڃڻ جي صورت ۾ پوءِ) اسان کين چڱي طرح برباد ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَتَوا عَلَى القَريَةِ الَّتى أُمطِرَت مَطَرَ السَّوءِ أَفَلَم يَكونوا يَرَونَها بَل كانوا لا يَرجونَ نُشورًا (آيت : 40) |
۽ بيشڪ (ڪافر) اُن ڳوٺ وٽان ٿي آيا آھن جنھن تي (پٿرن جو) بڇڙو مينھن وسايو ويو ھو، اُن کي نه ٿي ڏٺائون ڇا؟ بلڪ اُھي وري جيئري ٿيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته هي (منڪر قريش) انهي بستيءَ وٽان گهڻائي ڀيرا لنگهيا آهن، جنهن بستيءَ تي پٿرن جو خراب مينهن وسايو ويو هو (۽ جنهن کي هميشه لاءِ ويران ڪيو ويو آهي) انهن (قريشن) اها ويران بستي ڪانه ڏٺي آهي ڇا؟ (ڏٺي ته اٿن) پر هو اها ڳالهه ئي نٿا مڃين ته (جزا سزا لاءِ) وري ٻيهر جيئرو ٿي اٿبو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اهي (مڪه وارا) ان ڳوٺ وٽان لنگھن ٿا جنهن جي مٿان عذاب جو سخت مينهن وسايو ويو، ڇا پوءِ انهن ان کي نه ڏٺو، بلڪ اهي موت کان پوءِ زنده ٿيڻ جي اميد نه رکندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي (مڪي وارا) ان ڳوٺ وٺان لنگهيا آهن جن تي پٿرن جو بڇڙو مينهن وسايو ويو هو. ته ڇا انهن ان (ڳوٺ) کي نه ڏٺو هوندو؟ (پر ڳالھ هي آهي ته) اهي ماڻهو مرڻ کان پوءِ جيئري ٿيڻ جي اميد نه ٿا رکن. (ته پوءِ ايمان ڪئين آڻيندا).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق آيا ڳوٺ تي جنهن تي وسايو ويو مينهن بڇڙو ڇا پوءِ نه هئا جو ڏسن ان کي بلڪه نه ٿي اميد رکيائون جيئرو ٿي اٿڻ جي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اهي (مڪي وارا) ان ڳوٺ وٽان لنگهيا آهن جن تي پٿرن جو بڇڙو مينهن وسايو ويو. ڇا پوءِ انهن کي نه ٿي ڏٺو؟ پر اهي جيئري ٿي اٿڻ جي اميد نه ٿا رکن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اُهي (ڪافر) ان بستي تان گذريا آهن جن تي بري طرح (پٿرن) جو مينهن وسايو ويو هيو. ڇا پوءِ ان (برباد بستي) کي نه پيا ڏسن؟ بلڪه اُهي (مرڻ بعد) جيئري ٿي اٿڻ جي اميد ئي نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ گُذريا، مَٿان گام، جنهن تي، اُٺو مِينهن اُ گرو، پوءِ ڇانه ڏِٺائون اُن کي؟ اِيندي، وِيندي شام، بَلڪ نه رکن بَدنام، اُٿارڻ جو آسرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اهي انهيءَ ڳوٺ تان ٿي آيا آهن، جنهن تي بڇڙو مينهن وسايل هو- پوءِ ڇا ان کي ڪو نه ڏٺائون؟ بلڪ اهي وري جيئري ٿيڻ جي اميد نٿا رکن- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان (ڦٽل) ڳوٺ وٽان ته اهي لنگهندا به رهيا آهن، جنهن تي نهايت بڇڙو پٿرن جو مينهن وسايو ويو هو. ڇا انهن ان (ڳوٺ) جي حالت نه ڏٺي هوندي؟ مگر اهي موت کان پوءِ وري اٿارڻ جي اميد ئي نٿا رکن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ لنگهڻ ٿيو آهي انهن جو ان وستيءَ وٽان، جنهن تي تمام بڇڙي برسات وسائي وئي هئي، ڇا انهن ان جو حال نه ڏٺو هوندو؟ پر اهي موت کان پوءِ ٻي زندگيءَ جي اميد نٿا رکن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جنھن شھر تي (پٿرن جو) بدترين مينھن وسايو هو (مڪي وارا روز اتان لنگهندا به رهن ٿا) ڇا اُنهن ان (تباهه ٿيل) شھر کي نه ڏٺو آهي.دراصل هي ماڻهو موت کان پوءِ ٻيھر جيئرو ٿيڻ تي يقين ئي نٿا رکن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا رَأَوكَ إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى بَعَثَ اللَّهُ رَسولًا (آيت : 41) |
۽ جڏھن توکي ڏسن ٿا (تڏھن) توکي رڳو ٺـٺولي ڪري وٺن ٿا، (چون ٿا ته) ھيءُ اُھو (شخص) آھي ڇا جنھن کي الله پيغمبر ڪري موڪليو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن هي ماڻهو توکي ڏسن ٿا تڏهن تنهن جي باري ۾ کل چرچا ڪن ٿا (۽ چون ٿا) ته، ڇا هيءُ آهي اهو شخص جنهن کي الله رسول ڪري موڪليو آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي جنهن وقت توهان کي ڏسن ٿا ته توهان سان مذاق ڪن ٿا، ڇا هي اهو ماڻهو آهي جنهنکي الله پيغمبر ڪري موڪليو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) جڏهن اهي تو کي ڏسن ٿا ته تو تي مسخريون ڪن ٿا ته ڇا هيءُ اهو آهي جنهن کي خدا رسول ڪري موڪليو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ڏسن ٿا توکي ته نه ٿا بنائين تو کي مگر ٺٺولي ڇا هي اهو آهي جنهن کي موڪليو الله رسول بنائي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبرﷺ !) جڏهن اهي توکي ڏسن ٿا ته توتي مسخريون ڪن ٿا ته ڇا هيءَ اهو آهي جنهن کي الله رسول ڪري موڪليو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهي جڏهن تو کي ڏسن ٿا ته تو تي مسخريون ڪرڻ بنا ڪجهه نه ٿا ڪن. (چون ٿا) ”ڇا هي اُهو شخص آهي جنهن کي الله رسول بنائي موڪليو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ڏِٺائون توکي، نه ورتئون تِنهن وار، مگر توکي مَسخرِي، ڇاهِي، سو دَعوٰي دار، جنهن کي رَبَّ رسول ڪيو، ويجھو ٿيو وِينجھار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن توکي ٿا ڏسن، تڏهن رڳو توتي مسخريون ٿا ڪن- (ته) ”ڇا هي آهي اهو، جنهن کي الله رسول ڪري موڪليو آهي.؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو جڏهن توکي ڏسن ٿا ته توتي ٺٺول ڪن ٿا. (چون ٿا) "ڇا هي آهي اهو شخص، جنهن کي الله رسول بڻائي موڪليو آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن اهي ماڻهو توکي ڏسن ٿا ته توتي ٽوڪ بازي ڪندي چون ٿا، ڇا هي ئي اهو شخص آهي جنهن کي موڪليو آهي الله رسول ڪري؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اُهي ماڻهو آهن جو توکي ڏسن ٿا ته ٺٺوليون ڪن ٿا (۽ چون ٿا) ته ڇا هي آهي اهو شخص آهي جنھن کي الله تعالى رسول بڻائي موڪليو آهي؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن كادَ لَيُضِلُّنا عَن ءالِهَتِنا لَولا أَن صَبَرنا عَلَيها وَسَوفَ يَعلَمونَ حينَ يَرَونَ العَذابَ مَن أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 42) |
بيشڪ اسان کي پنھنجن بتن (جي پوڄا) کان تڏھن ئي ڀلائي ڇڏي ھا جيڪڏھن اسين مٿن مُحڪم نه رھون ھا، ۽ جڏھن عذاب ڏسندا (تڏھن) ڄاڻندا ته واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ ڪير آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ اهي ڪافر قريش تنهنجي متعلق هيئن به ٿا چون ته) جيڪڏهن اسان پنهنجي ديوتائن (جي پوڄا) تي ثابت قدم نه رهون ها ته هي شخص (يعني پيغمبر) ضرور اسان کي اسان جي ديوتائن کان ڦيرائي گمراهه ڪري ڇڏي ها، پر جڏهن (جلد ئي) هو عذاب کي اکين سان ڏسندا تڏهن هنن کي معلوم ٿي ويندو ته ڪير (حقيقي) واٽ ڇڏي ڀلجي ويو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهو جلدي اسان کي اسان جي بتن کان ڀُلائي ها جيڪڏهن اسين ان تي صبر نه ڪريون ها ۽ انهن کي جلد خبر پوندي جنهن وقت اهي عذاب ڏسندا ته سنئين رستي کان ڪير گمراه آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (معاذ الله) جيڪڏهن اسين بتن جي پوڄا تي محڪم نه رهون ها ته هي شخص ته اسان کي گمراھ ڪرڻ تي هو! ۽ تمام جلد (قيامت ۾) جڏهن اهي ماڻهو عذاب کي ڏسندا ته کين معلوم ٿيندو ته سڌي راھ کان ڪير گهڻو پري هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ قريب آهي جو گمراهه ڪري اسان کي معبودن اسان جن کان جيڪڏهن نه هجي ها هي جو صبر ڪيوسون انهن تي ۽ جلد ڄاڻندا جڏهن ڏسندا عذاب ته ڪير وڌيڪ گمراهه آهي واٽ (سڌيءَ) کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهو ته اسان کي پنهنجن معبودن کان گمراهه ڪرڻ تي هو جيڪڏهن اسين انهن تي محڪم نه رهون ها ۽ اهي ڄاڻي وٺندا جنهن وقت عذاب ڏسندا ته ڪنهن کان رستو گهڻو پري آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو ته اسان کي اسان جي معبودن کان گمراهه ڪرڻ تي هيو جي اسان انهن (جي پوڄا) تي ثابت نه رهون ها“. ۽ جلدي ڄاڻي وٺندا جڏهن اُهي عذاب کي ڏسندا ته ڪير سڌي رستي کان بلڪل ڀٽڪيل هيو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته ٿيڙِينَون ٿاننِ کان، جي ڏيوَ سَندئو، ڏاتار، اسان، جي نه صبر ڪيو، اُن تي اِختيار، پوءِ سِگھوئـِي سَمجھندا، جڏهن اَ کِييَن ڏِسَنِ آزار، ته ڪِهڙو ڪار، وَڌِيڪ وِرسيل واٽ کان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي ته جيڪر اسان کي پنهنجن سائين کان ڀلائي ڇڏي، جي اسين انهن تي ڄميل نه هجون ها!“ پر اجهو ٿي خبر پوين، جڏهن عذاب ڏسندا ته ڪير واٽ کان بلڪل ڀُليل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان ته ذري گهٽ اسان کي گمراه ڪري، اسان کي پنهنجن معبودن کان ڦيرائي ڇڏيو هو، جيڪڏهن اسان انهن جي عقيدت تي ڄميل نه هجون ها". چڱو، اهو وقت پري ناهي، جڏهن عذاب ڏسي کين پاڻيهي معلوم ٿي ويندو ته گمراهيءَ ۾ ڪير وڃي پري نڪتو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي ته اسان کي گمراهه ڪري پنهنجي خدائن کان ڦيرائي ڇڏي ها، اگر انهن جي عقيدت تي (پڪا) قائم نه هجون ها، پوءِ چڱو اهو وقت به پري ناهي جڏهن کين معلوم ٿي ويندو عذاب کي ڏسندي ئي ته ڪير گمراهيءَ ۾ پري نڪتو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (۽ وڌيڪ چون ٿا ته) جيڪڏهن اسان پنھنجي معبودن جي عقيدت تي پڪا نه هجون ها ته هي شخص ته اسان کي پنھنجي معبودن کان گمراهه ڪري ڇڏي ها. پر جڏهن هو عذاب کي اکين سان ڏسندا ته کين خبر پئجي ويندي ته سڌي رستي کان ڪير گمراهه هو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ أَفَأَنتَ تَكونُ عَلَيهِ وَكيلًا (آيت : 43) |
(اي پيغمبر) تو اُن کي ڏٺو جنھن پنھنجي سَڌ کي پنھنجو معبود ڪري ورتو؟ پوءِ تون مٿس ڪو نگھبان ٿيندين ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ڇا تو انهيءَ شخص کي ڏٺو آهي جنهن پنهنجي حرص ۽ خواهش کي کڻي پنهنجو خدا بنايو آهي؟ پوءِ ڇا تون هن جو سنڀاليندڙ ٿي سگهندين (۽ هن کي هدايت واري واٽ تي آڻي عذاب کان بچائي سگهندين ڇا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان ان ماڻهو کي ڏٺو جنهن پنهنجي سڌ کي پنهنجو معبود بنايو، ڇا پوءِ توهان ان جا محافظ آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا تو ان کي ڏٺو آهي جنهن پنهنجي نفساني خواهشن کي پنهنجو خدا ٺهرايو؟ ڇا پوءِ تون ان جو ذميدار ٿيندين! (ته اهو گمراھ نه ٿي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ڏٺو تو ان کي جنهن بنايو پنهنجو معبود پنهنجيءَ خواهش کي ڇا پوءِ تون هوندين ان جو ڪارساز.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ!)ڇا تو ان کي ڏٺو جنهن پنهنجيءَ خواهش کي پنهنجو خدا ٺهرايو؟ ڇا پوءِ تون ان جو ذميدار ٿيندين؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو ان شخص کي ڏٺو جنهن پنهنجي نفساني خواهشن کي پنهنجو معبود بنايو آهي؟ ڇا پوءِ تون ان مٿان نگهبان ٿيندين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇاتو نه وِيچاريو؟ ته جنهن سَندسِ سَکِڻئَ سَڌ کي، ڌڻِي سَندِس ڌاريو، پوءِ تون ڇا واهِي، تنهن مٿي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهيءَ شخص کي ڏٺئه، جنهن سندس ئي سڌن کي پنهنجو سائين بنائي ڇڏيو- پوءِ تون ڪو مٿن نگهبان ٿيندين ڇا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تو ڪڏهن ان شخص جي حالت تي غور ڪيو آهي، جنهن پنهنجي نفس جي خواهش کي پنهنجو معبود بڻائي ورتو آهي. ڇا تون ان شخص کي سڌي رستي تي آڻڻ جو ذمو کڻي سگهين ٿو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تو ڪڏهن ان شخص تي غور ڪيو جنهن بڻايو هجي پنهنجي نفس جي خواهشن کي خدا؟ تون اهڙي شخص کي سڌي راهه تي آڻڻ جو ذمو کڻندين؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تو ان شخص کي ڏٺو جيڪو هر وقت پنھنجي نفساني خواهشن جي پويان لڳو پيو آهي؟ ڇا تون اهڙي ماڻهوءَ کي سڌي رستي تي آڻڻ جو ذمو کڻي سگهين ٿو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم تَحسَبُ أَنَّ أَكثَرَهُم يَسمَعونَ أَو يَعقِلونَ إِن هُم إِلّا كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 44) |
ڀانيو اٿئي ڇا ته منجھانئن گھڻا ٻڌن ٿا يا سمجھن ٿا؟ اِھي رڳو ڍورن وانگر آھن بلڪ اُھي واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (اي پيغمبر!) تون هيئن ٿو سمجهين ڇا ته، هنن مان گهڻا (تنهنجون ڳالهيون) ٻڌن ٿا يا سمجهن ٿا؟ (بلڪل نه) هو ته رڳو ڍور ڍڳا آهن. بلڪ هو ته رستو ڇڏي ڀلجي ويا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان ڀانيو ٿا ته بيشڪ اڪثر انهن مان ٻڌن ٿا يا سمجھن ٿا، ناهن اهي (ڪافر) مگر جانورن وانگر بلڪ اهي وڌيڪ گمراه آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا تون خيال ڪرين ٿو ته انهن (ڪافرن) مان گهڻا (ڳالھ) ٻڌن يا سمجهن ٿا (نه ته!) اهي رڳو ڍورن وانگر آهن بلڪ انهن کان به وڌيڪ (سڌي) راھ کان ٿڙيل.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا خيال ٿو ڪرين تون ته بلاشڪ گهڻا انهن مان ٻڌن ٿا يا ڄاڻن ٿا ناهن اهي مگر چوپاين وانگر بلڪه اهي گمراهه آهن (سڌيءَ) واٽ کان. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته تون خيال ڪرين ٿو ته انهن مان گهڻا ٻڌن ٿا يا سمجهن ٿا، اهي رڳو ڍورن وانگر آهن بلڪ رستو انهن کان گهڻو پري آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تون سمجهين ٿو ته انهن مان اڪثر ٻُڌن ٿا يا سمجهن ٿا؟ (نه نه) اهي ته رُڳو جانورن وانگر ئي آهن بلڪه اُهي سڌي رستي کان بلڪل ڀٽڪيل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، رَکِين تون تَن مان، گھڻن ڏي گمان؟ ته ٻُڌنِ ڪَنِين ٻوليون، سَمجھنِ باب بَيان، اُهي هَمہ ڪَر حيوان، بلڪ ڀُليل واٽ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تون ڀانئين ٿو ته انهن مان گهڻا ٻڌن ٿا يا پروڙين ٿا؟ (نه) بلڪ اهي ته صفا ڍورن جهڙا آهن، بلڪ اڃا به وڌيڪ واٽ کان ڀليل. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا تون سمجهين ٿو ته انهن مان گهڻا ماڻهو ٻڌن ۽ سمجهن ٿا؟ اهي ته ڍورن وانگر آهن، بلڪه اڃان به وڌيڪ گمراهه ٿيل؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تون سمجهين ٿو ته انهن ماڻهن مان گهڻا اهڙا آهن جيڪي ٻڌن ۽ سمجهن ٿا؟ اهي ته ائين آهن جيئن ڪي جانور هجن يا انهن کان به اهي ويل گمراهه ٿيل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تون اهو ٿو سمجهين ته انهن مان گهڻا ماڻهو ٻڌن ٿا ۽ (صحيح ڳالهه کي) سمجهن ٿا؟ اهي جانورن وانگر آهن بلڪه انهن کان به وڌيڪ رستي کان ڀٽڪيل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ إِلىٰ رَبِّكَ كَيفَ مَدَّ الظِّلَّ وَلَو شاءَ لَجَعَلَهُ ساكِنًا ثُمَّ جَعَلنَا الشَّمسَ عَلَيهِ دَليلًا (آيت : 45) |
(اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا ته پاڇي کي ڪيئن ڊگھو ڪيائين؟ جيڪڏھن گھري ھا ته اُن کي ٺھرائي ڇڏي ھا، وري سج کي مٿس (پنھنجي قدرت جو) دليل ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا تو پنهنجي پروردگار (جي ڪافرمائين) ڏي نظر ڪانه ڊوڙائي آهي، ته ڪيئن هو پاڇي کي ڊگهو ٿو ڪري. جيڪڏهن هو چاهي ها ته ان کي هڪ هنڌ بيهاري ڇڏي ها. (پر اسان ائين نه ڪيو ۽ سج کي هڪ هنڌ بيهاري ڪونه ڇڏيو جنهن مان فائدي بدران تباهي اچي ها) تنهن ڪري ئي اسان سج کي ان (پاڇي ۽ روشنائي ۽ رات ۽ ڏينهن) جو رهبر ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي ڇا توهان پنهنجي رب کي نه ڏٺو ته ان پاڇي (سائي) کي ڪيئن پکيڙيو، ۽ جيڪڏهن اسين گھرون ته ان کي بيهاري ڇڏيون، ان کان پوءِ اسان سج کي پاڇي جو دليل بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ڇا تون پنهنجي پالڻهار جي (قدرت) ڏي نظر نه ڪئي ته ڪئين پاڇو ڊگهو ڪيو اٿس ۽ جيڪڏهن گهري ها ته ان کي هڪڙيءَ حالت ۾ رکي ڇڏي ها، وري سج کي (ان جي سڃاڻپ) جو رهنما ڪيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو رب پنهنجي ڏانهن ته ڪيئن ڊگهو ڪيائين پاڇي کي ۽ جيڪڏهن گهري ها ته البته ڪري ها ان کي بيٺل ان کان پوءِ ڪيو اسان سج کي ان تي دليل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ!) ڇا تو پنهنجي پاليندڙ ڏي نه ڏٺو آهي ته ڪيئن پاڇو ڊگهو ڪيو اٿس؟ ۽ جيڪڏهن گهري ها ته ان کي هڪڙيءَ حالت ۾ رکي ڇڏي ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو پنهنجي پالڻهار ڏانهن نه ڏٺو ته ڪيئن پاڇولي کي ڊگهو ڪيائين، ۽ جي اهو چاهي ها ته ان کي بيهاري ڇڏي ها، پوءِ اسان سج کي ان مٿان (قدرت جو) دليل بنايوسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا نَه ڪَئـِي نِهار؟ ته ڪِهن پَر پَرور تُنهن جي، پاڇي کي پَکيڙيو، اولہ، اوڀر پار، ۽ جي گُھرئـِين ته ڪيائينسِ ڪر، بِيٺل برقرار، سُونهو ڪيو سونسِ سِج کي، تِهانپوءِ تڪرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تو پنهنجي ڌڻيءَ ڏي نه ڏٺو، ته ڪيئن پاڇي کي ڊگهو ڪيو اٿس؟ جي هو گهري ها ته کيس بيهاري ڇڏي، وري اسان سج کي مٿس دليل بنايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا ڏٺو نه اٿئي ته تنهنجو رب ڪيئن ٿو پاڇي کي ڊگهو ڪري؟ هو جيڪڏهن گهري ها ته ان کي هڪ هنڌ بيهاري ڇڏي ها. اسان سج کي ان جو رستو ڏيکاريندڙ بڻايو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تو ڏٺو نه آهي، ته تنهنجو رب ڪهڙيءَ طرح پاڇي کي پکيڙي ٿو؟ ۽ اگر اهو چاهي ها ته ان کي سدائين لاءِ بيهاري ڇڏي ها، پوءِ اسان بنايو سج کي ان تي دليل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان نه ڏٺو آهي ته توهان جو پالڻھار ڪهڙي طرح پاڇي کي پکيڙي ٿو؟ جيڪڏهن هو چاهي ها ته پاڇي کي هڪ هنڌ بيھاري ڇڏي ها، اسان سج کي ان پاڇي جو بنياد بڻايو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ قَبَضنٰهُ إِلَينا قَبضًا يَسيرًا (آيت : 46) |
وري اُن (پاڇي) کي پاڻ ڏانھن ھوريان ھوريان سوڙھو ڪيوسون (جئن) سوڙھو ڪرڻ گھرجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسان ان (پاڇي) کي آهستي آهستي پنهنجي طرف ويڙهيندا اچون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اسان آهستگيءَ سان ان کي پاڻ ڏانهن کڻايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري ان کي آهستي آهستي پاڻ ڏي ڇڪي ورتوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کان پوءِ ڇڪي سوڙهو ڪيو اسان ان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي سوڙهو ڪرڻ آسان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري سج کي ان (پاڇي) جو رستو ڏيکاريندڙ ڪيوسون. وري ان کي آهستي آهستي پاڻ ڏي ڇڪي ورتوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان آهستي آهستي ان (پاڇي)کي پاڻ ڏانهن سوڙهو ڪري ورتو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) درجي، درجي وار، وَرِي واريوسون پاڻ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ وري کيس آهستي آهستي چڱيءَ طرح پاڻ ڏانهن سوڙهو ڪيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ (جيئن جيئن وڃي ٿو سج مٿي چڙهندو) اسان پاڇي کي وڃون ٿا هوريان هوريان پاڻ ڏي سوريندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جيئن ئي اهو (سج) مٿي ٿئي ٿو ته اسان ان کي پاڻ ڏي آهستي سوڙهو ڪندا ويندا آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري اسان ان پاڇي کي آهستي آهستي پاڻ ڏانھن سوڙهو ڪندا ويندا آهيون (يعني ختم ڪريون ٿا) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِباسًا وَالنَّومَ سُباتًا وَجَعَلَ النَّهارَ نُشورًا (آيت : 47) |
۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ رات کي پردو ۽ ننڊ کي آرام ڪيو ۽ ڏينھن کي اُٿڻ جو وقت ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهوئي (خدا) آهي جنهن رات کي توهان جي لاءِ لباس بنايو ۽ ننڊ کي توهان جي لاءِ آرام ۽ راحت (جو وسيلو) بنايائين، ۽ ڏينهن کي ٻاهر نڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ (۽ ڪم ڪاريون ڪرڻ) لاءِ بنايائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله اهو آهي جنهن توهان لاءِ رات کي لباس (پردو) بنايو ۽ ننڊ کي آرام لاءِ بنايو ۽ ڏينهن کي روزگار (حاصل ڪرڻ) لاءِ بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو اهو (خدا) آهي جنهن اوهان لاءِ رات کي ڍڪ ۽ ننڊ کي راحت ڪيو آهي، ۽ ڏينهن کي (ڪم ڪار لاءِ) اٿڻ جو وقت ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو (الله) اهو آهي جنهن ڪيو اوهان جي لاءِ رات کي پردو ۽ ننڊ کي آرام ۽ ڪيائين ڏينهن کي اٿڻ جو وقت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ رات کي ڍَڪُ ۽ ننڊ کي راحت ڪيوآهي ۽ ڏينهن کي اٿڻ جو وقت ڪيو آهي ۽ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (الله) اُهو ئي آهي جنهن توهان لاءِ رات کي ڍَڪُ بنايو ۽ ننڊ کي راحت بنايو ۽ ڏينهن کي (گذر سفر لاءِ) اٿڻ جو وقت بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن رات اوهان جو، پوش ڪيو، ۽ ڪيائين نِنڊ قرار، پڻ ڏِينهن ڪيو ڏاتار، پَکڙڻ خاطِر پَٽ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو اهو آهي، جنهن اوهان لاءِ رات کي ڍَڪ بنايو، ننڊ کي آرام ۽ ڏينهن کي اٿڻ جو وقت ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو الله ئي آهي، جنهن رات کي توهان لاءِ ڍَڪُ ۽ ننڊ کي آرام واري ۽ ڏينهن کي وري جيئرو ٿي اٿڻ جو وقت بڻايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو (الله) ئي آهي جنهن بڻايو توهان لاءِ رات کي لباس ۽ ننڊ کي موت وارو سڪون ۽ بڻايو ڏينهن کي (وري) جيءَ اٿڻ جو وقت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله تعالى) ئي آهي جنھن توهان جي لاءِ رات کي ڍَڪُ (يعني پرده پوشي) ۽ ننڊ کي آرام وارو ٺاهيو ۽ ڏينھن کي جيئرو ٿي اٿڻ جو وقت ٺاهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ الَّذى أَرسَلَ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً طَهورًا (آيت : 48) |
۽ (الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي ٻاجھ (يعني مينھن) کان اڳي وائُن کي خوشخبري ڏيندڙ ڪري موڪليو، ۽ آسمان مان پاڪ پاڻي (ھن لاءِ) وسايوسون(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهوئي (خدا) آهي جو هوائن کي پنهنجي رحمت (يعني برسات) کان اڳي (برسات جي) خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليندو آهي ۽ اسان (يعني خدا تعاليٰ) آسمان مان پاڪ ڪندڙ پاڻي وسايون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله اهو آهي جيڪو مينهن وسڻ کان اڳ ۾ هوائون موڪلي ٿو جيڪي خوشخبري ڏيندڙ آهن، ۽ اسان آسمان مان پاڪ ڪندڙ پاڻي نازل ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو اهو (خدا) آهي جنهن پنهنجيءَ رحمت (ميهن) کان اڳ هوائن کي (مينهن جي) خوشخبري ڏيندڙ ڪري موڪليو ۽ آسمان مان تمام پاڪ ۽ ڇڻيل پاڻي وسايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو (الله) اهو آهي جنهن موڪليو هوائن کي بشارت ڏيندڙ اڳيان رحمت پنهنجي ۽ لاٿو سون آسمان کان پاڻي پاڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اهو آهي جنهن پنهنجيءَ رحمت (مينهن) کان اڳ هوائن (کي (مينهن جي) خوشخبري ڏيندڙ ڪري موڪليو ۽ آسمان مان پاڪ پاڻي لاٿوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو (الله) آهي جيڪو پنهنجي رحمت (يعني مينهن) کان اڳ هوائن کي خوشخبري ڏيندڙ بنائي موڪلي ٿو، ۽ اسان آسمان مان پاڪ پاڻي لاٿوسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن مِهر سَندسِ کان، مَهند ۾، مُڪا، مُبارڪيون واء، پڻ اُتاريوسون اُڀ ڪنان، پاڻِي پاڪ صَفا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو اهو آهي، جنهن سندس ٻاجهه کان اڳ هوائن کي مبارڪ ڏيندڙ ڪري موڪليو ۽ آسمانن مان پاڪ پاڻي وسايون سون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهوئي آهي، جيڪو پنهنجي رحمت کان اڳي هوائن کي خوشخبري ڏيندڙ بنائي موڪليندو آهي. پوءِ آسمان مان پاڪ پاڻي وسائيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو (الله) ئي آهي جيڪو موڪلي ٿو هوائن کي خوشخبري ڏيندڙ ڪري پنهنجي رحمت جي اڳيان، ۽ اسان نازل ڪندا آهيون آسمان مان پاڻي جيڪو پاڪ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله تعالى) ئي آهي جيڪو پنھنجي رحمت کان پھريان هوائن کي (مينهن جي) خوشخبريءَطور موڪليندو آهي پوءِ اسان (ئي) آسمان مان پاڪ پاڻي نازل ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِنُحۦِىَ بِهِ بَلدَةً مَيتًا وَنُسقِيَهُ مِمّا خَلَقنا أَنعٰمًا وَأَناسِىَّ كَثيرًا (آيت : 49) |
ته اُن سان ويران شھر کي آباد ڪريون ۽ ته پنھنجن پيدا ڪيل ڍورن ۽ گھڻن ماڻھن کي اُھو پياريون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مينهن جو وسايون ٿا سو) هن لاءِ ته مئل (يعني خشڪ ۽ ويران) بستيءَ کي جيئرو (يعني سرسبز ۽ آباد) ڪري ڇڏيون ۽ انهن چوپاين جانورن ۽ انسانن کي پاڻي پياريون جي اسان گهڻي تعداد ۾ خلقيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته انهيءَ سان غيرآباد شهر آباد ڪريون ۽ ان مينهن مان اسان پنهنجي خلقيل گھڻن چؤپاين ۽ گھڻن ماڻهن کي پاڻي پياريون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن لاءِ ته ان سان مئل (ويران) شهر جيئرا (آباد) ڪريون پنهنجيءَ مخلوقات مان چوپاين ۽ گهڻن ماڻهن کي پياريون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته آباد ڪيون ان سان شهر ويران ۽ پياريون اسين ان کي ان مان جيڪي پيدا ڪيا سون چوپاين ۽ ماڻهن گهڻن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ ته ان سان مئل شهر جياريون ۽ اهو پنهنجن پيدا ڪيلن چوپاين ۽ گهڻن ماڻهن کي پياريون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته اسان ان سان مُئل (ويران) شهر کي جياريون (آباد ڪيون) ۽ اسان اُهو (پاڻي) پنهنجي پيدا ڪيل چوپاين ۽ گهڻن انسانن کي پياريون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن سان اَوسر ڳوٺ ڪَئـِين، جِياريا سون جابجا، ۽ اُهو پِياريون اُن کي، جي جوڙيا سون، تَن مَنجھان، ماڻهو گھڻا مُلڪن جا، پن جانور جَجھا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ان سان ڦٽل شهر کي جياريون، ۽ پنهنجن پيدا ڪيل ڍورن ۽ گهڻن ماڻهن کي اهو پياريون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته جيئن مئل علائقي کي ان سان جيئرو ڪري ۽ پنهنجي مخلوق مان گهڻن ئي جانورن ۽ انسانن کي پاڻي پيئاري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن هڪ ويران علائقي کي زندگي بخشي ان جي ذريعي ۽ ڍؤ ڪرائيندا آهيون پنهنجي مخلوق جانورن ۽ انسانن کي گهڻي قدر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن ان سان غير آباد علائقي کي آباد ڪريون ۽ پنھنجي مخلوق مان جانورن ۽ ماڻهن کي پاڻي پياريون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد صَرَّفنٰهُ بَينَهُم لِيَذَّكَّروا فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 50) |
۽ بيشڪ اُن (مينھن) کي سندن وچ ۾ ھن ڪري ڦيرائيندڙ آھيون ته نصيحت وٺن، پوءِ گھڻا ماڻھو بي شڪريءَ کانسواءِ نٿا رھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان ان (نعمت يعني پاڻيءَ) کي انهن (ماڻهن) ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ ته هو غور ڪن (۽ خدائي نعمتن مان فائدو وٺن ۽ خدا جي حڪمن تي عمل ڪري خوشحال ٿين) پر (افسوس جو) اڪثر ماڻهو بي شڪري ڪرڻ کان باز نه آيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسين بارش کي شهرن ۾ ڦيرايون ٿا ان لاءِ ته اهي نصيحت حاصل ڪن پوءِ گھڻا ماڻهو نعمت جو شڪر نٿا ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ان پاڻي کي سندن وچ ۾ (جدا جدا نموني سان) ورهايو هن لاءِ ته اهي نصيحت حاصل ڪن، پوءِ به گهڻا ماڻهو ناشڪري ڪرڻ کان نه رهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڦيرايون ٿا ان کي انهن ۾ تانته نصيحت وٺن پوءِ انڪار ڪيو گهڻن ماڻهن مگر بي شڪريءَ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان ان (مينهن) کي سندن وچ ۾ جدا جدا نموني سان ورهايو هن لاءِ ته اهي ڌيان ڪن پوءِ به گهڻا ماڻهو ناشڪري ڪرڻ کان نه رهيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان ان (بارش) کي انهن جي وچ ۾ گردش ڏني ته جيئن نصيحت پرائن پوءِ به گهڻن ماڻهن ناشڪري کان سواءِ هر رويي جو انڪار ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهو ڦيريوسُون اُنهن وِچ، ته ڳائـِن ڳالھ ڪا، ماڻهو ڪُفر سوا، اَڪثر وِيا اِنڪار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ ان (قرآن) کي سندن وچ ۾ ڦيرائيندا آهيون ته هو نصيحت وٺن- ته به گهڻا ماڻهو بي شڪريءَ کان سواءِ نٿا رهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڪرشمي کي اسان ورائي ورائي سندن سامهون آڻيون ٿا ته جيئن نصيحت پرائين، مگر اڪثر ماڻهو ڪفر ۽ ناشڪريءَ کان نه رهيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهيءَ ڪرشمي کي اسان بار بار انهن جي آڏو ورجائيندا آهيون جيئن اهي ڪو سبق وٺن پر گهڻا ماڻهو ڪفر (ناشڪري) کان سواءِ ٻيو رويو ئي نٿا وٺن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان انهن ڏانهن گهٽائي ۽ وڌائي ڪري پاڻي ورهائيندا آهيون ته جيئن هو نصيحت وٺن پر گهڻا ماڻهو نصيحت جو انڪار ڪندي ناشڪري ڪندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو شِئنا لَبَعَثنا فى كُلِّ قَريَةٍ نَذيرًا (آيت : 51) |
۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته سڀڪنھن ڳوٺ ۾ ھڪ ڊيڄاريندڙ موڪليون ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هرهڪ ڳوٺ يا شهر ۾ هڪڙو خبردار ڪندڙ (يعني رسول) موڪليون ها. (پر ائين ڪرڻ جو ضرور ڪونهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته هر ڳوٺ ۾ پيغمبر موڪليون ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ها ته سڀ ڪنهن ڳوٺ ۾ (خدا جي عذاب کان) هڪ ڊيڄاريندڙ (رسول) موڪليون ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن گهرون ها ته البته موڪليون ها هر ڳوٺ ۾ ڊيڄاريندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ها ته سڀ ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ هڪ ڊيڄاريندڙ (رسول) موڪليون ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هر بستي ۾ هڪ ڊيڄاريندڙ (رسول) موڪليون ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي گُھريو سون ته هر گام ۾، اُماڻيوسون اڳواڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته هر ڪنهن ڳوٺ ۾ ڊيڄاريندڙ موڪليون ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هر ڳوٺ ۾ هڪ هڪ ڊيڄاريندڙ (رسول) اٿاريون ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي اسان چاهيون ته موڪليون ها وستيءَ ۾ هڪ هڪ خبردار ڪندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هر شھر ۾ هڪ ڊيڄاريندڙ موڪليون ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَجٰهِدهُم بِهِ جِهادًا كَبيرًا (آيت : 52) |
پوءِ تون ڪافرن جو چيو نه مڃ ۽ اُن (قرآن) جي حُڪم سان (مقابلي طرح) ساڻن وڏو جھاد ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي منهنجا رسول تون) هنن ڪافرن جي چوڻ (۽ خواهشن) تي نه هل، بلڪ هن (قرآن ٻڌائڻ) سان هنن (جي هدايت) لاءِ جهاد يعني سخت ۾ سخت ڪوشش ڪندو رهه جو وڏي ۾ وڏو جهاد آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان ڪافرن جي تابعداري نه ڪريو ۽ توهان انهن سان تمام وڏو جهاد ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي رسول) تون ڪافرن جو چيو نه مڃج! ۽ انهن سان قرآني (دليلن سان) چڱيءَ طرح وڙھ!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه تابعداري ڪر ڪافرن جي ۽ جهاد ڪر انهن سان ان جي ذريعي جهاد وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبرﷺ!) تون ڪافرن جو چيو نه مڃ ۽ انهن سان قرآن (جي حڪم) موجب وڏي جنگ جوٽ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون ڪافرن جي پيروي نه ڪر ۽ تون انهن سان هن (قرآن جي حڪم) مطابق جهاد ڪر وڏو جهاد.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪامِل! ڪافِرن جِي، اَصل نه مَڃ، تون آڻ، ۽ اُنهن سان، اِنهئ ساڻ، وِڙھ ڪا ويڙھ وَڏاندرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون ڪافرن جو چيو نه مڃ ۽ ساڻن (قرآن سان) وڏو جهاد ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري اي نبي! ڪافرن جي ڳالهه نه مڃ ۽ هن قرآن وسيلي ساڻن وڏو جهاد ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر (اي نبي!) نه مڃ ڪافرن جي ڪابه ڳالهه، ۽ انهن سان سخت جهاد ڪر (هن قرآن سان) وڌ ۾ وڌ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ڪافرن جي ڳالهه نه مڃجانءِ ۽ هن قرآن جي ذريعي انهن سان وڏو جھاد ڪريو . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ الَّذى مَرَجَ البَحرَينِ هٰذا عَذبٌ فُراتٌ وَهٰذا مِلحٌ أُجاجٌ وَجَعَلَ بَينَهُما بَرزَخًا وَحِجرًا مَحجورًا (آيت : 53) |
۽ (الله) اُھو آھي جنھن ٻن دريائن کي پاڻ ۾ ملايو جو ھي (ھڪڙو) مِٺو اُڃ لاھيندڙ ۽ ھيءُ (ٻيو) لوڻاٺيو کارو آھي، ۽ سندن وچ ۾ اوٽ ۽ مُحڪم پردو بڻايائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهوئي (الله) آهي جنهن ٻن درياهن (يعني سمنڊ ۽ ندين) کي (ڌرتيءَ تي) ڇڏي ڏنو آهي، هيءُ (يعني ندين جو پاڻي) مٺو ۽ پيئڻ ۾ وڻندڙ آهي ۽ هو (يعني سمنڊ جو پاڻي) کارو ۽ ڪوڙو آهي ۽ الله تعاليٰ انهن ٻنهي پاڻين جي وچ ۾ هڪ پردو (يا ديوار) ۽ هڪ روڪ وجهي ڇڏي آهي، جنهن کان اڳتي وڌي نٿا سگهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى اهو آهي جنهن ٻِن سمنڊن کي پاڻ ۾ ملايو، هي (پاڻي) مٺو آهي جيڪو اڃ کي لاهي ٿو ۽ هي پاڻي کارو آهي جيڪو اڃ کي وڌائي ٿو، ۽ ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو بنايو ۽ سخت سنڌو پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو، اهو (خدا) جنهن ٻن دريائن کي (پاڻ ۾) ملايو. ۽ (اگرچه) هي خالص مزيدار مٺو آهي ۽ هيءُ کارو ڪوڙو آهي (تڏهن به ملايوسون) ۽ اسان انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ آڙ ۽ مضبوط بند بنايو آهي (ته گڙ بڙ نه ٿئي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو (الله) اهو آهي جنهن ملايا ٻه سمنڊ هي مٺو اڃ لاهيندڙ آهي ۽ هي کارو ڪڙو آهي ۽ ڪيائين انهن ٻنهي جي وچ ۾ اوٽ ۽ آڙ روڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هو اهو آهي جنهن ٻن دريائن کي (پاڻ ۾ ) ملايو، هيءَ مٺو اُڃ لاهيندڙ آهي ۽ هيءَ کارو ڪوڙو آهي، ۽ انهن ٻنهين جي وچ ۾ هڪ پردو ۽ مضبوط بند بنايائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن ٻن دريائن کي ملائي وهايو هي (هڪ) مٺو مزيدار آهي ۽ هي (ٻيو) لوڻياٺو ڪوڙو آهي، ۽ انهن ٻنهين جي وچ ۾ هڪ پردو ۽ مضبوط رڪاوٽ بنايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهو جنهن اُماڻيا، ٻَه درياءَ، درياءَ ساڻ، هِي آب مِٺو اَڪسِير، ۽ ٻيو ڪارو، کاروڇاڻ، ۽ پَردو رکيائـِين پاڻ، ڪو سَنڌو، سدائـِين ٻِن وِچان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو اُهو آهي، جنهن ٻن سمنڊن کي ملايو، هي مٺو اُڃ لاهيندڙ ۽ هي لوڻياٺو کارو ۽ سندن وچ ۾ اوٽ ۽ محڪم پردو بنايائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هو ته اهو آهي، جنهن ٻن سمنڊن کي ملائي ڇڏيو آهي، هڪڙو لذيذ ۽ مٺو ۽ ٻيو کارو ۽ ڪوڙو. ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو آهي. هڪڙو پردو آهي، جنهن ملي هڪ ٿي وڃڻ کان جهلي وڌو اٿن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي (الله) آهي جنهن ملائي رکيو آهي ٻن سمنڊن کي پاڻ ۾، هڪ لذيذ ۽ مٺو ۽ ٻيو لوڻاٺو ۽ ڪڙو، ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو اوٽ آهي، ۽ انهن کي گڏ ٿيڻ کان اهو روڪيو بيٺو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله تعالى) ئي آهي جنھن ٻن سمنڊن کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. هڪ جو پاڻي مٺو ۽ مزيدار جڏهن ته ٻئي جو کارو ۽ ڪَڙو آهي. ٻنهي جي وچ ۾ هڪ ڳجهو پردو ۽ روڪ آهي ته جيئن پاڻي هڪ ٻئي سان (ذائقي ۾) نه ملي سگهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ مِنَ الماءِ بَشَرًا فَجَعَلَهُ نَسَبًا وَصِهرًا وَكانَ رَبُّكَ قَديرًا (آيت : 54) |
۽ (الله) اُھو آھي جنھن پاڻيءَ مان ماڻھوءَ کي بڻايو پوءِ کيس پيڙھي ۽ سيڻپيءَ جي مائٽي وارو ڪيائين، ۽ تنھنجو پالڻھار وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهوئي (الله) آهي جنهن پاڻيءَ مان انسان کي پيدا ڪيو آهي. (انسان مٽيءَ ۽ پاڻي مان ٺهيل آهي. نطفي ۾ به پاڻي ۽ ٻيا جزا آهن. نطفي جو خيال ڪري سمجهو ته) الله تعاليٰ پيڙهين جون مائٽيون ۽ (شادي جي وسيلي) ساهرن جون مائٽيون بنايون آهن. (انهيءَ لاءِ ته اسان سڀ پاڻ کي هڪ ڪنٽنب سمجهي هڪ ٻئي سان عدل احسان ۽ محبت جو برتاءِ ڪيون) ۽ (اي پيغمبر!) بيشڪ تنهنجو پروردگار وڏي قدرت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى اهو آهي جنهن انسان کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو، ان کان پوءِ ان لاءِ نسب ۽ صُهرا بنايا، ۽ توهان جو رب وڏي قدرت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو اهو آهي جنهن پاڻي (منيءَ) مان ماڻهو پيدا ڪيو، پوءِ ان کي خاندان ۽ ساهراڻيءَ مائٽي وارو ڪيائين ۽ (رسول) تنهنجو پروردگار هر ڳالھ تي قادر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو (الله) اهو آهي جنهن پيدا ڪيو پاڻيءَ مان انسان پوءِ ڪيائين ان کي نسب ساهراڻو پاسو ۽ آهي رب تنهنجو قادر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهو اُهو آهي جنهن پاڻيءَ مان ماڻهو پيدا ڪيو، پوءِ ان کي اباڻي مائٽي وارو ۽ ساهراڻي مائٽي وارو ڪيائين ۽ تنهنجو پاليندڙ قدرت وارو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن پاڻيءَ مان ماڻهوءَ کي پيدا ڪيو پوءِ ان مان اباڻن ۽ صاهورن جا ٻه سلسلا هلايائين. ۽ تنهنجو پالڻهار سگهه وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهو جِنهن اِنسان، پاڻي مان پيدا ڪيو، پوءِ ڪيائينسِ، پُريون ۽ پَرڻا، جارِي منجھ جھان، ۽ تُنهنجو رَبُّ، رحمان، آھِ قادِر هرڪنهن ڪم مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو اهو آهي جنهن پاڻيءَ مان ماڻهو بنايو، پوءِ کيس پيڙهيءَ ۽ سيڻپي وارو ڪيائين ۽ تنهنجو ڌڻي وس وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهوئي آهي، جنهن پاڻيءَ مان هڪ بشر (انسان) پيدا ڪيو، پوءِ ان کان نسب (رت جا رشتا) ۽ سيڻپي (اباڻي ۽ ساهراڻي مائٽيءَ) جا ٻه سلسلا هلايائين، تنهنجو رب وڏيءَ قدرت وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي (الله) آهي جنهن خلقيو آهي پاڻيءَ مان هڪ بشر کي ۽ ان مان پيڙهي (نسب) ۽ ساهرن جا ڌار ڌار سلسلا رکيا، ۽ (سچ پچ ته) تنهنجو رب وڏي قدرت رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله تعالى) ئي آهي جنھن پاڻي مان هڪ انسان پيدا ڪيو پوءِ هن کي اباڻي ۽ ساهراڻي مٽي مائٽي وارو ڪري بنايو. تنھنجو پالڻھار وڏي قدرت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُهُم وَلا يَضُرُّهُم وَكانَ الكافِرُ عَلىٰ رَبِّهِ ظَهيرًا (آيت : 55) |
۽ الله کان سواءِ اھڙن جي پوڄا ڪندا آھن جي کين نڪي سُک ڏين ۽ نڪي کين ڏک پھچائن، ۽ ڪافر پنھنجي پالڻھار کي پُٺي ڏيڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ايترين قدرتن ۽ نعمتن هوندي به هي بي شڪر ڪافر) ماڻهو خدا کي ڇڏي اهڙين شين جي پوڄا ٿا ڪن جي نڪي کين نفعو پهچائي ٿيون سگهن، نڪي نقصان. (حقيقت هيءَ آهي ته) جنهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سو خدا جي خلاف (شيطانيت جي) مدد ڪري رهيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (اهي ڪافر) الله تعالى کان سواءِ انهن بتن جي عبادت ڪن ٿا جيڪي انهن کي نفعو ۽ نقصان نٿا ڏين ۽ ڪافر پنهنجي خالق جي مقابلي ۾ شيطان جو مددگار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ماڻهو (مڪي جا ڪافر) خدا کي ڇڏي اهڙي اهڙي شيءَ کي پوڄين ٿا جا نه کين فائدو پهچائي ٿي ۽ نه کين نقصان پهچائي ٿي ۽ ڪافر (ابو جهل) پنهنجي پالڻهار جي برخلاف هر وقت ڪمر ٻڌي بيٺو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ عبادت ڪن ٿا الله کان سواءِ ان جي جيڪو نه ٿو نفعو ڏئي انهن کي ۽ نه ٿو نقصان ڏئي انهن کي ۽ آهي ڪافر رب پنهنجي کي پٺي ڏيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله کانسواءِ اهڙيءَ شيءِ کي پوڄين ٿا جا نه کين فائدو پهچائي ٿي ۽ نه کين نقصان پهچائي ٿي ۽ ڪافر پنهنجي پاليندڙ جي برخلاف ڪمر ٻڌي بيٺو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ڪافر) الله کي ڇڏي اهڙن (بتن) جي عبادت ڪن ٿا جي کين نه نفعو پهچائي سگهن ٿا ۽ نه نقصان پهچائي سگھن ٿا. ۽ ڪافر پنهنجي پالڻهار جي مقابلي ۾ (شيطان جو) مددگار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هوڏانهن هِي پُوڄِين پيا، ڌاريان ڌڻئَ ڌار، جن وٽان، نه وَٽ مِلينِ ڪا، نه لائـِن لڳت لغار، ۽ مُشرِڪ مَددگار، پاڻان سَندسِ پُوڄ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو الله کان سواءِ اهڙن جي بندگي ٿا ڪن، جي نڪي کين فائدو ڏين، نڪي نقصان- ۽ ڪافر سندس ڌڻيءَ کي پٺي ڏيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان الله کي ڇڏي ماڻهو انهن کي ٿا پوڄين، جيڪي کين نڪي ڪو نفعو ٿا پهچائي سگهن ۽ نه ڪو نقصان ۽ وري ڪافر ته پنهنجي رب جي مقابلي ۾ هر باغيءَ جو مددگار بڻيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ماڻهو وري پوڄا ڪن ٿا اهڙي الله کي ڇڏي ٻين جي جيڪي انهن کي نه ته نفعو ٿا ڏئي سگهن ۽ نه وري ڪو نقصان ئي سهي، ۽ ان جي مٿان وڌيڪ هي ته ڪافر پنهنجي رب جي مقابلي ۾ هر باغي جو مددگار آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هي (ڪافر) الله تعالى کي ڇڏي اهڙن جي پوڄا ڪن ٿا جيڪي کين نه ته فائدو پھچائي سگهن ٿا ۽ نه ئي نقصان ۽ ڪافر پنھنجي پالڻھار کي پٺي ڏيندڙ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 56) |
۽ (اي پيغمبر) اسان توکي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڪافر ڀلي نافرمان ۽ بي شڪر ٿين) اسان ته توکي فقط (نيڪي ڪندڙن لاءِ) خوشخبري ٻڌائڻ وارو ۽ (بدعمل ڪندڙن لاءِ) خبردار ڪرڻ وارو بنائي موڪليو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه موڪليو اسان توهان کي مگر بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) تو کي ته رڳو (نيڪ ماڻهن کي جنت جي) خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ (برن کي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو بڻائي موڪليو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه موڪليو سون توکي مگر بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبرﷺ!) اسان توکي خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان تو کي نه موڪليو آهي مگر خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه موڪليو سون مگر، توکي کيانتل ۽ خابرو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان توکي رڳو مبارڪ ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! توکي ته اسان فقط خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بڻائي موڪليو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) اسان توکي موڪليو آهي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ خبردار ڪندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) اسان توکي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بڻائي موڪليو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِلّا مَن شاءَ أَن يَتَّخِذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 57) |
(کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان اُن (قرآن جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران پر جيڪو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺڻ گھري (سو ڀلي ته وٺي).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سو اي پيغمبر!) تون اعلان ڪر ته مان هن ڪم لاءِ توهان کان ڪا مزوري يا عيوضو ته ڪونه ٿو گهران، سواءِ هن (انعام جي) ته جيڪو چاهي سو پنهنجي پروردگار ڏانهن (وڃڻ جو يعني سعادت حاصل ڪرڻ جو سڌو سهڻو) رستو وٺي هلي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان فرمايو آئون توهان کان تبليغ جي عيوض ڪو اجورو نٿو گھران مگر جيڪو چاهي اهو پنهنجي رب جي رستي تي هلي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تون کين چئو ته آءُ اوهان کان هن (تبليغ رسالت) جي ڪا به اجرت نٿو گهران هن کان سواءِ ته جيڪو چاهي سو پنهنجي پالڻهار تائين پهچڻ واري راھ (مستقيم) اختيار ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته نه ٿو گهران مان اوهان کان ان تي ڪو اجورو مگر جيڪو گهري ته وٺي پنهنجي رب ڏانهن واٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تون کين چو ته آءُ اوهان کان ان جي ڪا اجرت نه ٿو گهران هن کانسواءِ ته جيڪو پنهنجي پاليندڙ ڏي رستو وٺڻ گهري (سو ڀلي ته وٺي). (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”آءٌ اوهان کان هن (تبليغِ دين) تي ڪا اُجرت نه ٿو گهران منهنجي اجرت رڳو هيءَ آهي جو جيڪو چاهي ته پنهنجي پالڻهار جو رستو اختيار ڪري“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، آئون نه اوهان کان ٿو گُھران، اُجورو اِن سر، پر پار سَندسِ پَرور، جو گُھري، ته وٺي واٽ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته آءٌ اوهان کان انهيءَ تي ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران، سواءِ انهيءَ جي ته، جنهن کي وڻي، سو سندس ڌڻيءَ ڏانهن واٽ وٺي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته "مان انهيءَ ڪم لاءِ توهان کان ڪوبه اجورو نه ٿو گهران، منهنجو اجورو ته اهو آهي ته جنهن جي دل گهري سو پنهنجي رب جو رستو وٺي هلي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کي چؤ ته، آئون هن ڪم تي توهان کان نٿو گهران ڪوبه اجورو، بس اهو ئي آهي اجورو ته جنهن جي دل گهري سو اختيار ڪري پنهنجي رب جي راهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون چؤ ته مان ان ڳالهه جو توهان کان ڪو اجر ته نٿو گهران، منھنجو اجر فقط اهو آهي ته جيڪو چاهي پنھنجي پالڻھار جو رستو وٺي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَوَكَّل عَلَى الحَىِّ الَّذى لا يَموتُ وَسَبِّح بِحَمدِهِ وَكَفىٰ بِهِ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا (آيت : 58) |
۽ (اي پيغمبر تون اُنھيءَ الله) جيئري تي ڀروسو ڪر جيڪو (ڪڏھن) نه مرندو ۽ سنديس ساراہ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر، ۽ اُھو پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڪافي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر! خوشخبري ٻڌائڻ ۽ خبردار ڪرڻ واري اعليٰ ڪم ۾) تون انهيءَ هميشه زنده رهڻ واري خدا تي ڀروسو رک جو ڪڏهن به مرڻ وارو ناهي ۽ انهيءَ خدا جي پاڪائي ۽ شان سندس اعليٰ صفتن سان گڏ بيان ڪندو رهه. اهو خدا پنهنجي بندن جي گناهن ۽ برن ڪمن جي پوري پوري خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ان الله تي توڪل ڪريو جيڪو زنده آهي جنهنکي موت نٿو اچي ۽ توهان ان جي تسبيح ۽ تحميد بيان ڪريو، ۽ اهو ٻانهن جي گناهن کان چڱيءَ طرح خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) تون ان (خدا) تي ڀروسو رک جيڪو اهڙو جيئرو آهي جو ڪڏهين نه مرندو ۽ سندس حمد ۽ ثنا جي تسبيح پڙھ. ۽ اهو پنهنجن بندن جي گناهن جي واقف ڪاريءَ ۾ ڪافي آهي، (اهو پاڻ سمجهندو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ توڪل ڪر جيئري تي جيڪو نه مرندو ۽ تسبيح پڙهه ان جي حمد سان ۽ ڪافي آهي اهو گناهن ٻانهن پنهنجن جي خبر رکندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تون ان جيئري (الله) تي ڀروسوڪر جيڪو نه ٿو مر ي۽ سندس تعريف سان گڏ پاڪائي بيان ڪر ۽ اهو پنهنجن ٻانهن جي گناهن کان ڪافي خبردار آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون ڀروسو ڪر ان (هميشه) زنده رهڻ واري (الله) تي جو ڪڏهن نه مرندو ۽ ان جي تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪر. ۽ اُهو پنهنجي ٻانهن جي گناهن کان خبروار ڪافي آهي..(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ رَکه، تِنهن جيئري مٿي بار، جو نه مَرندو مُورهين، ۽ سندسِ شُڪر کي، پاڪ ڪر، ڌارين ڪنان ڌار، ۽ سو خُوب خبردار، بندن سَندسِ، بَديُنَ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تون انهيءَ جيئري تي ڀروسو رک، جو ڪڏهن به نه مرندو ۽ سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ اهو سندس ٻانهن جي گناهَن جي خبر رکندڙ بس آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! تون انهيءَ الله تي ڀروسو رک، جيڪو جيئرو آهي ۽ ڪڏهن نه مرندو. ان جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪر، پنهنجن بندن جي گناهن کان سندس واقف هجڻ ئي ڪافي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) ان خدا تي ڀروسو رک جيڪو جيئرو آهي، ڪڏهن به مرڻ وارو ناهي، ۽ سندس ساراهه سان پاڪائي بيان ڪر، ۽ ان جو ڪافي آهي پنهنجن ٻانهن جي گناهن کان باخبر رهڻ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) تون ان هستي تي ڀروسو ڪر جيڪو هميشه زندهه رهندڙ آهي. جنھن تي (ڪڏهن به) موت نه ايندو ۽ ان جي ئي تعريف سان گڏ پاڪائي بيان ڪندو رهه ۽ اهوئي پنھنجي ٻانهن جي گناهن جي خبر رکندڙ ڪافي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ الرَّحمٰنُ فَسـَٔل بِهِ خَبيرًا (آيت : 59) |
جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي (سو) ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش تي قائم ٿيو، (اُھو) ٻاجھارو آھي پوءِ سندس (صفتون) ڪنھن خبر رکندڙ کان پُڇ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو خدا سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو) جنهن ڇهن ايامن يا دورن ۾ آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ انهن سڀني شين کي پيدا ڪيو جي انهن جي وچ ۾ آهن. (نه رڳو پيدا ڪيائين پر) پوءِ به بادشاهيءَ جي تخت تي قائم ۽ محڪم رهندو ٿو اچي (يعني سڀ ڪجهه سندس هٿ ۾ آهي) هو رحمان خدا آهي (جو هر انسان، جانور ۽ چيز جون گهرجون پوريون ڪندڙ آهي.) پڇي ڏس انهيءَ کان جنهن کي (انهن ڳالهين جي) خبر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو الله جنهن آسمانن ۽ زمينن ۽ انهن جي وچ ۾ جيڪي شيون آهن انهن کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ان کان پوءِ عرشِ عظيم تي رونق افروز ٿيو (جيئنڪ سندس شايانِ شان آهي) اهو رحمان آهي پوءِ تون (اي انسان) ان جو صفتون خبردار ماڻهن کان معلوم ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو پوءِ عرش (جي بنائڻ) تي آمادھ ٿيو ۽ اهو وڏو مهربان آهي ته تون ان جو حال ڪنهن داناءَ کان ئي پڇ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي ڇهن ڏينهن ۾ تنهن کان پوءِ غلبو فرمايائين عرش تي رحم ڪندڙ پوءِ پڇ ان جي باري ۾ خبر رکندڙ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو وري عرش تي قائم ٿيو. (اهو) رحمان (وڏو مهربان) آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي سو ڇهن ڏينهن (يعني تخليق جي ڇهن دورن) ۾ پيدا ڪيو پوءِ پنهنجي تختِ سلطنت تي جلوه افروز ٿيو.. (اُهو) ”رحمان“ (بي انتها مهربان) آهي پوءِ ان جي باري ۾ ڪنهن باخبر کان پڇ!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن جويا اُڀ ۽ ڀُونيون، پڻ جيڪي مَنجھسِ جِنسار، ڇَهَن ڏِينهن ۾، عرش تي، پوءِ قراريو ڪلتار، پوءِ پُڇ اُن کان، به خبر چار، جنهن کي، خلقڻ سَنديون خبرون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي به سندن وچ ۾ آهي، سو ڇهن ڏينهن ۾ خلقيو، پوءِ تخت تي قائم ٿيو- هو نهايت ٻاجهه وارو آهي- هن بابت ڪنهن خبر رکندڙ کان پڇ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو، جنهن ڇهن ڏينهن ۾ آسمانن ۽ زمين ۽ انهن سمورين شين کي ٺاهي رکيو، جيڪي آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ آهن، پوءِ پاڻ ئي عرش تي قائم ٿيو. اهو رحمان آهي، سندس شان ته ڪنهن ڄاڻڻ واري کان پڇ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي آهي جنهن خلقيو آسمانن ۽ زمين کي ۽ انهن سڀني شين کي جيڪي انهن جي وچ ۾ آهن ڇهن ڏينهن ۾، پوءِ پاڻ ئي (ڪائنات جي تخت جي سلطنت) عرش تي جلوه فرما ٿيو. رحمٰن آهي ان جو شان، (پوءِ) ڪنهن باخبر کان پڇو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله تعالى) ئي آهي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ انهن جي وچ ۾ رهندڙ هر مخلوق کي ڇهن ڏينھن ۾ ٺاهيو. پوءِ هو سموري مخلوق جي نگھباني ڪرڻ لاءِ جلوه افروز ٿيو (جو ڪير به ان جي نگھباني کي ظاهري طرح نٿو ڏسي سگهي) هو بيحد مھربان آهي ان جو شان ته بس! ڪنھن خبر رکندڙ (ڏاهي ماڻهو) کان ئي پڇي وٺ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اسجُدوا لِلرَّحمٰنِ قالوا وَمَا الرَّحمٰنُ أَنَسجُدُ لِما تَأمُرُنا وَزادَهُم نُفورًا (آيت : 60) |
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته رحمٰن کي سجدو ڪريو، (تڏھن) چوندا آھن ته رَحمٰن ڇا آھي جنھن لاءِ اسان کي حُڪم ٿو ڪرين؟ تنھن کي سجدو ڪريون ڇا؟ ۽ (اُنھي ڳالھ ھٿئون) سندن نفرت وڌائي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن انهن (ڪافرن) کي چيو وڃي ٿو ته توهان رحمان خدا کي سجدو ڪيو (يعني سندس قانونن ۽ حڪمن جي پيروي ڪيو) تڏهن هو چون ٿا ته ڪير آهي رحمان؟ جنهن جي لاءِ به تون اسان کي حڪم ڪندين، تنهن کي اسان سجدو ڪنداسين ڇا؟ (هرگز نه) ۽ ائين چئي هو (ڪافر حق کان) نفرت ڪرڻ ۾ اڃا به وڌيڪ اڳتي وڌن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت انهن کي چيو وڃي ٿو ته رحمان کي سجدو ڪريو، چون ٿا رحمان ڇا آهي. ڇا اسين رسولِ عربيءَ جي چوڻ تي ان کي سجدو ڪريون ۽ انهيءَ انهن کي وڌيڪ ٽاهي ڇڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته رحمان (خدا) کي سجدو ڪريو ته چون ٿا ته رحمان ڇا آهي؟ جنهن کي تون حڪم ڪرين ٿو تنهن کي سجدو ڪريون ڇا؟ ۽ (ان چوڻ سان) انهن جي نفرت اڃا به وڌي وئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته سجدو ڪيو رحمان کي ته چيائون ڇاهي رحمان ڇا سجدو ڪيون ان کي جو امر ڪرين ٿو تون اسان کي ۽ وڌايائين انهن ۾ نفرت . السجدة(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان جو (شان) ڪنهن داناءُ کان پڇ. ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته رحمان کي سجدو ڪريو ته چون ٿا ته رحمان ڇا آهي؟ جنهن کي تون حڪم ڪرين ٿو تنهن کي سجدو ڪريون ڇا؟ ۽ (ان چوڻ) انهن جي نفرت وڌائي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته رحمان (بي انتها مهربان) کي سجدو ڪيو ته چون ٿا ته: ”رحمان ڇا آهي؟ ڇا اسان ان کي سجدو ڪندا وتون جنهن جو تون اسان کي حڪم ڪرين!“ ۽ (اهو چوڻُ) انهن جي نفرت ۾ واڌارو ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چيو وَڃي، جِنهن وار، ته نَمود ڏيھ ڏاتار کي، چيؤن اِهڙي چال سان، ته آهي ڇا ڏاتار؟ ڇا، اَسِين نمون اُن کي، تون حُڪم ڪرين جِنهن هار؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن هنن کي چئبو آهي ”رحمان کي سجدو ڪريو،“ ته چون ٿا ”ڪير آهي رحمان؟ تون جنهن لاءِ اسان کي حڪم ٿو ڪرين، اسين ڪو ان کي سجدو ڪنداسون ڇا؟“ ۽ الٽو سندن نفرت وڌي.(سجدو)(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن کي جڏهن چيو وڃي ٿو ته انهيءَ رحمان کي سجدو ڪريو ته چون ٿا ته رحمان ڇا ٿيندو آهي؟ بس جنهن لاءِ تون چوين، تنهن کي سجدا ڪندا وتون؟ اهو سڏ اٽلندو سندن نفرت ۾ واڌارو ٿو آڻي ڇڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن چيو وڃي ٿو انهن ماڻهن کي ته سجدو ڪريو هن رحمٰن کي، ته چون ٿا ته اهو (وري) رحمٰن ڇا آهي؟ ڇا اسين ان کي سجدو ڪندا وتون بس تون جنهن لاءِ چوين؟ ۽ وڌائي ٿي سندن نفرت کي هيءَ دعوت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن انهن کي رحمان کي سجدو ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو (تڪبر وچان) چون ٿا ته ڪھڙو رحمان؟ بس! تون جنھن لاءِ چوين ڇا اسان ان کي سجدو ڪريون؟ ۽ ان ڳالهه اُنهن جي نفرت ۾ اڃا به واڌارو آڻي ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَبارَكَ الَّذى جَعَلَ فِى السَّماءِ بُروجًا وَجَعَلَ فيها سِرٰجًا وَقَمَرًا مُنيرًا (آيت : 61) |
اُھو (الله) وڏي برڪت وارو آھي جنھن آسمان ۾ برج بڻايائين ۽ منجھس ڏيو (يعني سِج) ۽ چمڪندڙ چنڊ بڻايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) برڪتن وارو ۽ برڪتون عطا ڪندڙ آهي، اهو خدا جنهن آسمان ۾ روشن تارا رکيا ۽ پڻ ان ۾ نهايت ئي روشن بتي (يعني سج) ۽ روشني ڏيندڙ چنڊ رکيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بابرڪت آهي اهو الله جنهن آسمان ۾ برج (وڏا ستارا) پيدا ڪيا ۽ ان ۾ سج ۽ چمڪندڙ چنڊ کي پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وڏيءَ برڪت وارو اهو (خدا) آهي جنهن آسمان ۾ برج بنايا ۽ ان ۾ چراغ (سج) ۽ روشن چنڊ بنايائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) برڪت وارو آهي اهو (الله) جنهن پيدا ڪيا آسمان ۾ برج ۽ پيدا ڪيائين ان ۾ سج ۽ چنڊ چمڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان جي برڪت وڏي آهي جنهن آسمان ۾ برج بنايا ۽ ان ۾ ڏيو (سج) ۽ روشن چنڊ بنايائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وڏي برڪت وارو آهي اُهو (الله) جنهن آسمان ۾ بُرج بنايا ۽ ان ۾ (سج کي) چراغ بنايائين ۽ چنڊ کي روشن بنايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀَلو سو بِهتر، جنهن بُرج بنايا اُڀ ۾، ۽ ڏِيو ڪيائـِين ڏِينهن لئي، مَنجھسِ مُقرر، پڻ ماه مُنور، روشن چنڊ رات ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سڳورو آهي اهو، جنهن آسمان ۾ برج بنايا ۽ منجهس ڏيئو (سج) ۽ چمڪندڙ چنڊ بنايا- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏاڍو برڪت وارو آهي اهو، جنهن آسمان ۾ برج بڻايا ۽ ان ۾ هڪڙو ڏيئو (سج) ۽ چمڪندڙ چنڊ روشن ڪيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وڏي برڪت وارو آهي اهو (الله) جنهن آسمان ۾ بڻايا برج ۽ ان ۾ بڻايو هڪ ڏيئو (سج) ۽ هڪ چمڪندڙ چنڊ کي روشن ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وڏي برڪت وارو آهي اُهو (الله تعالى) جنھن آسمان ۾ برج بنايا ۽ ان ۾ هڪ ڏيئو (يعني سج) ۽ چمڪندڙ چنڊ بنايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ الَّيلَ وَالنَّهارَ خِلفَةً لِمَن أَرادَ أَن يَذَّكَّرَ أَو أَرادَ شُكورًا (آيت : 62) |
۽ (الله) اُھو آھي جنھن رات ۽ ڏينھن کي ھڪ ٻئي جي پوئتان ايندڙ اُنھيءَ (ماڻھو) لاءِ بڻايو جيڪو نصيحت وٺڻ گھري يا شڪرانو گھري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو ئي اهو خدا آهي جو رات ۽ ڏينهن کي هڪٻئي پٺيان لڳاتار آڻيندو رهي ٿو (اهي نعمتون عبرت ڏيندڙ ۽ هدايت ڪندڙ آهن) انهيءَ شخص لاءِ جو نصيحت وٺڻ چاهي ٿو يا شڪر گذاري ڏيکارڻ جو ارادو ڪري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى اهو آهي جنهن هڪ ٻئي پٺيان رات ۽ ڏينهن پيدا ڪيا، ان ماڻهوءَ لاءِ جيڪو ذڪر ۽ شڪر ڪرڻ چاهي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو اهو (خدا) جنهن رات ۽ ڏينهن کي هڪ ٻئي جي جاءِ تي ايندڙ بنايو ان (ماڻهوءَ جي سمجهڻ) لاءِ جيڪو نصيحت حاصل ڪرڻ گهري ٿو يا شڪر ڪرڻ جو ارادو ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو (الله) اهو آهي جنهن رکيا رات ۽ ڏينهن هڪ ٻئي جي پويان ايندڙ ان جي لاءِ جنهن ارادو ڪيو ته نصيحت وٺي يا ارادو ڪيائين شڪراني ڪرڻ جو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهو اهو آهي جنهن رات ۽ ڏينهن کي هڪ ٻئي جي جاءِ تي ايندڙ بنايو ان (ماڻهو جي سمجهڻ) لاءِ جيڪو ڌيان ڪرڻ گهري ٿو يا شڪر ڪرڻ گهري ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن رات ۽ ڏينهن کي هڪ ٻئي پٺيان گردش ڪرڻ وارو بنايو ان ماڻهو لاءِ جيڪو غور و فڪر ڪرڻ چاهي يا شڪر گذاري ڪرڻ چاهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهو جنهن ڏِينهن، رات ڪيا، هڪ ٻئي جا تابِعدار، جو ساري سُکه، تِنهن هارِ، يا ڀانئي، ته ڳائي ڀال ڪي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اهو آهي، جنهن ڏينهن رات کي هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ بڻايو انهيءَ لاءِ، جنهن کي نصيحت وٺڻ يا شڪر ڪرڻ جو ارادو هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آهي، جنهن رات ۽ ڏينهن کي هڪ ٻئي پٺيان هلندڙ بڻايو، هر انهيءَ شخص لاءِ جيڪو نصيحت پرائڻ چاهي يا شڪرگذار بنجڻ چاهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي آهي جنهن بڻايو آهي رات ۽ ڏينهن کي هڪ ٻئي جي جاءِ وٺندڙ، هي هر ان شخص لاءِ سبق آهي يا اهو شڪر گذار رهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله تعالى) ئي آهي جنھن رات ۽ ڏينھن کي هڪ ٻئي جي پويان هلندڙ ٺاهيو (هر ان ماڻهو جي سمجهڻ لاءِ) جيڪو نصيحت وٺڻ ۽ شڪرگذار ٿيڻ گهري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعِبادُ الرَّحمٰنِ الَّذينَ يَمشونَ عَلَى الأَرضِ هَونًا وَإِذا خاطَبَهُمُ الجٰهِلونَ قالوا سَلٰمًا (آيت : 63) |
۽ ٻاجھاري (الله) جا ٻانھا اُھي آھن جيڪي زمين تي نِوَڙت سان گھمندا آھن ۽ جڏھن بي عقل ساڻن ڳالھائيندا آھن (تڏھن) چوندا آھن ته سلامت ھجو (شال).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) رحمان خدا جا سچا ٻانها اهي آهن جيڪي زمين تي نماڻائيءَ سان هلن چلن ٿا ۽ جڏهن جاهل (۽ مغرور) ماڻهو ساڻن (بيهودي نموني سان) ڳالهائين ٿا تڏهن هو کين چون ٿا ته شال سلامتي هجي توهان تي (يعني خدا اوهان کي بيهودين ڳالهين کان ۽ عذاب کان بچائي. مان ته صبر ڪيون هليو ٿو وڃان).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رحمان (جل جلاله) جا ٻانها اهي آهن جيڪي زمين تي آهستي ۽ نوڙت سان هلن ٿا ۽ جنهن وقت انهن سان اڻ پڙهيل (ماڻهو) ڳالهائن ٿا ته اهي (ماڻهو) انهن کي نٿا ايذائن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ رحمان جا ٻانها اهي آهن جيڪي زمين تي نرميءَ سان هلن ٿا ۽ جڏهن جاهل انهن سان (جهالت جي) ڳالھ ڪن ٿا ته چون ٿا سلام (اوهين سلامت رهو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رحمان جا ٻانها اهي آهن جيڪي هلن ٿا زمين تي آرام سان ۽ جڏهن ڳالهائين ٿا انهن سان جاهل ته چيائون سلام .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ رحمان جا ٻانها اُهي آهن جيڪي زمين تي نرميءَ سان هلن ٿا ۽ جڏهن جاهل انهن سان ڳالهائين ٿا ته شر کي ٽارڻ واري ڳالهه چون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ رحمان جا (مقبول) ٻانها اُهي آهن جيڪي زمين تي نرمي سان هلن ٿا ۽ جڏهن جاهل ماڻهو انهن سان (اڻ وڻندڙ) ڳالهائن ٿا ته (بحث ڪرڻ بجاءِ) چون ٿا سلام!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بندا خدا جاڀُون مَٿي، هَلنِ نرما نرم، ۽ جڏهن جاهِل اِنسان، ڪُڇن گرما گرم، ته ڪُڇنِ ساڻ ڪرم، سِيبائـِيندڙ سَڀ ڪنهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ رحمان جا ٻانها اهي آهن، جي زمين تي نوڙت سان هلندا آهن ۽ جڏهن اڻ ڄاڻ ساڻن ڳالهائيندا آهن ته هو کين سلام چوندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رحمان جا (سچا پچا) بندا ته اهي آهن، جيڪي زمين تي نرميءَ سان هلندا آهن ۽ جاهل ساڻن ڳالهائيندا آهن ته چوندا اٿن: سلام هجيوَ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اصلي ٻانها ته رحمٰن جا اهي ماڻهو آهن جيڪي هلندا آهن زمين تي نرم چال سان ۽ جڏهن مخاطب ٿين ٿا جاهلن سان ته چوندا آهن توهان تي سلام هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) رحمان جا اصلي ٻانها ته اُهي آهن جيڪي زمين تي نوڙت سان هلندا آهن ۽ جڏهن جاهل ماڻهو انهن سان (اجائي بحث واري انداز ۾) ڳالهائيندا آهن ته هو انهن کي سلام ڪري اڳتي وڌي ويندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يَبيتونَ لِرَبِّهِم سُجَّدًا وَقِيٰمًا (آيت : 64) |
۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار کي سجدو ڪندڙ ۽ قيام ڪندڙ ٿي راتيون گذاريندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي (سچا بندا آهن) جيڪي پنهنجي پالڻهار جي اڳيان (فرمانبرداريءَ جا) سجدا ۽ بيهڪون ڪندي راتيون گذارين ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو پنهنجي رب لاءِ سجدي ۽ قيام ۾ رات گذارين ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي شخص جيڪي پنهنجي پروردگار جي لاءِ سجدي ۾ ۽ بيهندي رات گذارين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جيڪي رات گذارين ٿا پنهنجي رب جي لاءِ سجدا ڪندڙ ۽ بيهندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ جي اڳيان سجدي ۾ بيهندي رات گذارن ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي پنهنجي پالڻهار خاطر سجدا ڪندي ۽ بيهندي رات گذارن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، جي رَبَّ سَندسِ لئي، راتيون، مَنجھ سجدي ۽ قيام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي سندن ڌڻيءَ لاءِ سجدو ڪندڙ ۽ بيهندڙ ٿي راتيون گذاريندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي پنهنجيون راتيون پنهنجي رب آڏو سجدن ۾ ۽ قيام ڪندي گذاريندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي گذاريندا آهن راتيون پنهنجي رب جي حضور ۾ سجدو ڪندي ۽ بيٺي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي پنھنجي پالڻھار جي اڳيان سجدو ۽ قيام ڪندي راتيون گذاريندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنَا اصرِف عَنّا عَذابَ جَهَنَّمَ إِنَّ عَذابَها كانَ غَرامًا (آيت : 65) |
۽ اُھي جيڪي چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار، بيشڪ دوزخ جو عذاب (وڏي) چَٽي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي خدا کان دعا گهرن ٿا ته، اي اسان جا رب! اسان کان دوزخ جو عذاب هٽائي ڇڏ. بيشڪ ان جو عذاب ڏاڍو سخت عذاب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو چون ٿا اي اسان جا رب تون اسان تان جهنم جو عذاب پري ڪر، بيشڪ جهنم جو عذاب تمام سخت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي دعا گهرن ٿا ته اي اسان جا پالڻهار! اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار! ڇو ته ان جو عذاب تمام (سخت۽) مضبوط آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جيڪي چون ٿا ته اي اسان جا رب! ڦيراءِ اسان کان جهنم جو عذاب بيشڪ ان جو عذاب آهي وڏي چٽي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي چون ٿا ته اي اسان جا پاليندڙ! اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار! بيشڪ ان جو عذاب (پوري) تباهي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي چون ٿا ته : ”اي اسان جا پالڻهار اسان تان دوزخ جو عذاب ٽار، بيشڪ ان جو عذاب وڏي چَٽِي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، جي چون ته اسان جا، آگا! رَبَّ، عَلّام، ٽار اسان تان آگ جو، ساڙو سَخت تمام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي چوندا آهن ته ”اي اسان جا ڌڻي! اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار، بيشڪ ان جو عذاب وڏي چٽي آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي دعائون گهرندا آهن ته "اي اسان جا رب! جهنم جو عذاب اسان کان ٽاري ڇڏجانءِ ، ان جو عذاب ساهه ٻوساٽيندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي دعائون ڪندا آهن ته اي اسان جا رب! بچاءِ اسان کي عذابِ جهنم کان، بيشڪ اهو عذاب ته وڏي چٽي آهي اسان جي جان لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي پنھنجي پالڻھار کان دعا گهرندا آهن ته اي اسان جا پالڻھار! اسان کي جھنم جي عذاب کان بچاءِ. اهو عذاب ته ڳچيءَ ۾ پوندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّها ساءَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 66) |
بيشڪ اُھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ ۽ رھڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو (دوزخ) يقيناً سخت خراب ٽڪاڻو ۽ رهڻ جي جاءِ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جهنم خراب جاءِ ۽ خراب مقام آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اها ٽڪڻ جي بري جاءِ ۽ رهڻ جي بڇڙي جاءِ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهو بري جاءِ قرار جي آهي ۽ برو مقام .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اها ٽڪڻ جي جاءِ ۽ رهڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اهو نهايت بڇڙو ٽڪاڻو ۽ بري جاءِ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي چِٽِي، چَٽِي سو، اُن جو دَرد دَوام، اُهو ماڳ مَقام، ويهڪ، بِيهڪ لئي بُڇرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اهو تمام بڇڙو ٺڪاڻو ۽ هنڌ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اها رهڻ جي ڏاڍي بڇڙي جاءِ ۽ ترسڻ جو نهايت برو هنڌ آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهو ڏاڍو برو هنڌ ۽ بڇڙو ٺڪاڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ (اهو جھنم) رهڻ لاءِ انتھائي برو ٺڪاڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ إِذا أَنفَقوا لَم يُسرِفوا وَلَم يَقتُروا وَكانَ بَينَ ذٰلِكَ قَوامًا (آيت : 67) |
۽ اُھي جڏھن خرچ ڪندا آھن (تڏھن) نڪي اجايو خرچيندا آھن ۽ نڪي تنگي ڪندا آھن ۽ انھن (ٻنھي) جي وچ ۾ پورا ھلندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي (سچا بندا آهن) جي جڏهن (پئسا، سامان يا پنهنجون طاقتون) خرچ ڪن ٿا يا ڪم ٿا آڻين تڏهن حد کان ٻاهر نٿا وڃن ۽ فضول خرچي نٿا ڪن، نڪي وري ڪنجوسائي ٿا ڪن. انهن جي سڀ هلت چلت افراط ۽ تفريط (يعني اور ۽ پور) جي وچ ۾ هوندي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو جڏهن خرچ ڪن ٿا ته اسراف (اجايو خرچ) ۽ ڪنجوسي نٿا ڪن ۽ درمياني راه اختيار ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي جڏهن خرچ ڪن ٿا ته نه اجايو خرچ ڪن ٿا ۽ نه ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ (سندن خرچ ڪرڻ) انهن ٻنهي جي وچ ۾ درميانو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جو جڏهن خرچ ڪن ٿا ته نه ٿا اسراف ڪن ۽ نه ٿا تنگي ڪن ۽ آهي ان جي وچ ۾ سڌي واٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي جڏهن خرچ ڪن ٿا ته نه اجايو خرچ ڪن ٿا ۽ نه ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ (سندس خرچ ڪرڻ) انهن ٻنهين جي وچ ۾ درميانو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي جڏهن خرچ ڪن ٿا ته نه اجايو خرچ ڪن ٿا ۽ نه ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ (سندن خرچ ڪرڻ) انهن ٻنهين جي وچ ۾ (وچٿرائي سان) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، جي جڏهن خرچ ڪن، نه ڪَس، نه ڪَثر، ۽ مِقدار مُقرّر، اُنهن ٻِن وِچ ۾ وِچٿرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي خرچ ڪرڻ مهل نڪي اجايو وڃائيندا آهن، نڪي تنگي ڪندا آهن، انهن جي وچ ۾ پورا هلندا آهن- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي جڏهن خرچ ڪندا آهن ته نڪي هٿ ڦاڙ ٿيندا آهن ۽ نه وري ڪنجوسي ڪندا آهن، بلڪه ٻنهي جي وچ تي وچٿرا ٿي هلندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي جيڪي جڏهن خرچ ڪندا آهن ته ڪڏهن به اجايو نٿا ڪن ۽ نه وري ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ سندن خرچ ته ٻنهي ڇيڙن جي وچ ۾ قائم هوندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) رحمان جا ٻانها جڏهن به خرچ ڪندا آهن ته، نه فضول خرچي ڪندا آهن ۽ نه ئي وري ڪنجوسي ڪندا آهن، بلڪه انهن جي خرچ ڪرڻ جو طريقو وچٿرو هوندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ لا يَدعونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ وَلا يَقتُلونَ النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَلا يَزنونَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ يَلقَ أَثامًا (آيت : 68) |
۽ اُھي جيڪي الله ساڻ ڪنھن ٻئي معبود کي نه پوڄيندا آھن ۽ نڪي اھڙي جيءَ کي ماريندا آھن جنھنجو حق کانسواءِ مارڻ الله حرام ڪيو آھي ۽ نڪي زنا ڪندا آھن، ۽ جيڪو اُھو ڪم ڪندو سو سخت عذاب لھندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي (سچا بندا آهن) جيڪي خدا سان گڏ ٻين ديوتائن کي نٿا پڪارين، نڪي سواءِ حق جي ڪنهن به ساهدار (جانور يا ماڻهو) کي قتل ٿا ڪن جن کي قتل ڪرڻ خدا تعاليٰ حرام ٺهرايو آهي، نڪي زنا ٿا ڪن. جيڪو به اهي (ئي) ڪم ڪري ٿو سو (نه رڳو) اهڙن (سخت) گناهن جي سزا ڀوڳيندو. (پر)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو الله تعالى سان گڏ ٻين بتن جي عبادت نٿا ڪن ۽ جنهن نفس کي الله تعالى قتل ڪرڻ حرام ڪيو آهي ان کي حق کانسواءِ قتل نٿا ڪن ۽ اهي بدڪاري نٿا ڪن، جيڪو ماڻهو ايئن ڪندو ان کي گناه جي سزا ملندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي خدا سان گڏ ٻئي ڪنهن به معبود جي عبادت نه ٿا ڪن ۽ نه اهڙي جان جو خون ڪن ٿا جنهن جو مارڻ خدا حرام ڪيو آهي، مگر حق سان ۽ نه زنا ڪن ٿا. ۽ جيڪو اهي (ڪم) ڪندو سو پاڻ پنهنجي گناھ جي سزا ڀوڳيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جيڪي نه ٿا عبادت ڪن الله سان گڏ معبود ٻئي جي ۽ نه ٿا قتل ڪن نفس کي جو حرام ڪيو الله (ان جو قتل ڪرڻ) مگر حق سان ۽ نه ٿا زنا ڪن ۽ جيڪو ڪندو اهو ته لهندو سخت عذاب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي الله سان گڏ ٻئي ڪنهن به معبود کي نٿا سڏين ۽ نه اهڙي شخص جو خون ڪن ٿا جنهن جو مارڻ الله حرام ڪيو آهي مگر حق سان ۽ نه زنا ڪن ٿا. ۽ جيڪو اهي (ڪم) ڪندو سو سزا ڏسندو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي الله سان گڏ ٻئي معبود کي نه ٿا پُوڄِن ۽ قتل نه ٿا ڪن اهڙي شخص کي جنهن جو قتل الله حرام ڪيو آهي سواءِ حق جي! ۽ نه زنا ڪن ٿا، ۽ جيڪو اهي ڪم ڪندو سو پنهنجي گناهن جي سزا لهندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، جي گڏ الله سان، دانهِن نَه، ٻِي درٻار، ۽ جنهن کان ربَّ روڪيو، سو ڪِين ڪُهنِ حق ڌار، ۽ نه ڪارِي ۽ ڪارو ڪن؛ جو ڪندو اِهي ڪم ڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي الله ساڻ ڪنهن به ٻئي سائينءَ کي نه سڏيندا آهن ۽ نڪي الله جي حرام ڪيل شخص کي سواءِ حق جي ماريندا آهن ۽ نڪي زنا ڪندا آهن، جيڪو اهي ٻئي ڪم ڪندو، سو سخت عذاب لهندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي الله سان گڏ ٻئي ڪنهن کي به معبود ڪري نه پڪاريندا آهن. ڪنهن به ساهواري کي جنهن جو مارڻ الله حرام ڪيو آهي، ناحق نه ماريندا آهن ۽ نڪي زنا ڪندا آهن، جيڪو به اهي ڪم ڪندو ته پنهنجي گناهه جو ڪيتو لوڙيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي نه پڪاريندا آهن ڪنهن ٻئي معبود کي سواءِ الله جي، ۽ نه ٿا قتل ڪن ڪنهن اهڙي جان کي جيڪا حرام ڪيل هجي الله جي طرفان سواءِ حق جي، ۽ نه وري زنا ئي ڪندا آهن، ۽ جيڪو به اهي ڪم ڪندو سو بدلو ڏسندو پنهنجي گناهه جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اُهي الله تعالى سان گڏ ڪنھن ٻئي کي معبود جي حيثيت ۾ نه سڏيندا آهن ۽ نه الله تعالى جي حرام ڪيل جان کي ناحق قتل ڪندا آهن ۽ نه زنا ڪندا آهن پر جيڪڏهن ڪير اِهي گناهه جا ڪم ڪندو ته هو ان گناهه جي سزا ڀوڳيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُضٰعَف لَهُ العَذابُ يَومَ القِيٰمَةِ وَيَخلُد فيهِ مُهانًا (آيت : 69) |
قيامت جي ڏينھن اُن کي ٻيڻو عذاب ڪبو ۽ منجھس سدائين خوار رھندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) قيامت جي ڏينهن هن کي ٻيڻو عذاب ملندو ۽ انهيءَ عذاب ۾ هميشه ذلت ۽ خواريءَ سان رهندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قيامت جي ڏينهن ان تي ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو ۽ ان عذاب ۾ هميشه خوار هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان لاءِ قيامت جي ڏينهن عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو ۽ خوار ٿي ان ۾ پيو رهندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٻيڻو ڪيو ويندو ان جي لاءِ عذاب قيامت جي ڏينهن ۽ هميشہ رهندو ان ۾ خوار ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان لاءِ قيامت جي ڏينهن عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو ۽ خوار ٿي ان ۾ پيو رهندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان لاءِ قيامت واري ڏينهن عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو ۽ ان ۾ ذلت سان هميشه رهندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻيڻو عذاب اُن لئي، مَهندان مَحشر وار، ۽ خَراب ۽ خوار، هُوند هميشه اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان کي قيامت ڏينهن ٻيڻو عذاب ٿيندو ۽ ان ۾ هو سدائين خوار رهندو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قيامت جي ڏينهن ان کي ٻيڻو عذاب ملندو، جنهن ۾ هو سدائين ذليل ٿيو پيو هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٻيڻو ڏنو ويندو ان کي عذاب قيامت جي ڏينهن ۽ سدائين لاءِ رهندو انهيءَ ذلت ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کي قيامت جي ڏينھن ٻيڻو عذاب ڏنو ويندو ۽ ان ۾ سدائين ذليل ۽ خوار پيو هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ عَمَلًا صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يُبَدِّلُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِهِم حَسَنٰتٍ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 70) |
پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي اُھي آھن جن جون مدايون الله ڦيرائي نيڪيون ڪندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر (انهيءَ تان سزا ۽ عذاب ٽري ويندو) جيڪو توبهه ڪندو (يعني انهن بد عملن کان باز ايندو) ۽ (خدا ۾ سچو) ايمان رکندو ۽ عمل به چڱا ڪندو. پوءِ الله تعاليٰ اهڙن ماڻهن جون برايون چڱائين ۾ بدلائي ڇڏيندو (يعني هو برائيون ڪڍي ڇڏيندا ۽ نيڪيون اختيار ڪندا. ياد رکو) ته، الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر جيڪو ماڻهو توبه تائب ٿيو ۽ ايمان آندائين ۽ نيڪ عمل ڪيائين پوءِ اهڙي ماڻهوءَ جا گناه الله تعالى نيڪين سان تبديل ڪندو، ۽ الله تعالى بخش ڪندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيا ته (پوءِ) انهن جي بڇڙاين کي خدا نيڪين سان بدلائيندو. ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر جنهن توبہ ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ ڪيائين عمل صالح پوءِ اهي مٽائيندو الله براين انهن جي کي نيڪين سان ۽ آهي الله بخشڻهار، مهربان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جن توبهه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱو ڪم ڪيو تن جي بڇڙاين کي الله ڦيرائي چڱايون ڪندو. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ ان ماڻهو جي جنهن توبه ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ چڱا ڪم ڪيائين پوءِ اِهي اُهي ماڻهو آهن الله جن جي براين کي نيڪائين ۾ بدلائي ٿو. ۽ الله وڏو بخشڻهار ٻاجھارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر جو موٽيو، ۽ آندئـِين اِيمان، ۽ ڪيائـِين چڱا ڪمڙا، پوءِ آهي هِي عيان، خامِيون اُن جُون، خوبين سان، مَٽي مِهربان، ۽ سدائـِين سُبحان، آھِ مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جن توبه ڪئي، ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، ته الله اهڙن جون مدايون ڦيرائي چڱايون ڪندو ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جيڪو (گناهن کان پوءِ ) توبه ڪري چڪو هوندو ۽ ايمان آڻي عمل صالح ڪرڻ لڳو هوندو، اهڙن ماڻهن جي براين کي الله ڀلائين سان بدلائي ڇڏيندو ۽ هو ڏاڍو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيڪڏهن (گناهن کان پوءِ) توبه ڪري چڪو هجي، ۽ ايمان آڻي پنهنجا عمل سڌاري سٺا ڪري چڪو هجي، ته اهڙن ماڻهن لاءِ بدلائي ڇڏيندو آهي الله سندن براين کي ڀلاين ۾، ۽ اهو ئي آهي الله وڏو بخشڻهار ٻاجهارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جنھن شخص (انهن گناهن کان) توبہ ڪئي ۽ ايمان آڻي نيڪ عمل ڪيا ته الله تعالى اهڙن ماڻهن جي براين کي نيڪين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو ۽ الله تعالى وڏو بخشڻهار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن تابَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَإِنَّهُ يَتوبُ إِلَى اللَّهِ مَتابًا (آيت : 71) |
۽ جيڪو توبه ڪري ۽ چڱا ڪم ڪري سو بيشڪ الله ڏانھن وري موٽي ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) جيڪو به گناهه ڇڏي (سڌيءَ واٽ ڏي) موٽي ٿو ۽ نيڪ عمل ڪري ٿو سو حقيقتاً چڱي موٽ کائي خود خدا ڏي موٽي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو توبه تائب ٿيو ۽ نيڪ عمل ڪري ٿو پوءِ بيشڪ اهو الله تعالى ڏانهن چڱيءَ طرح موٽيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن شخص توبه ڪئي ۽ چڱا ڪم ڪيا ته بيشڪ اهو خدا ڏي (سچي دل سان) رجوع ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن توبہ ڪئي ۽ ڪيائين صالح عمل پوءِ بيشڪ اهو وري ٿو الله ڏانهن ورڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو توبه ڪري ٿو ۽ چڱو ڪم ڪري ٿو سو بيشڪ الله ڏي موٽي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن توبه ڪئي ۽ چڱا عمل ڪيائين پوءِ بيشڪ اُهو الله ڏانهن موٽيو جيئن موٽڻ جو حق هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪو مَٺايان موٽيو، ۽ ڪيائـِين چڱِي ڪار، پوءِ اُهو وَريو اَلله ڏي، بيشڪ برقرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو توبه ڪري ٿو ۽ چڱا ڪم ڪري ٿو، سو بيشڪ الله ڏانهن ئي موٽ کائي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو ماڻهو توبه تائب ٿي نيڪ عمل ڪرڻ لڳي ٿو، اهوئي حقيقت ۾ الله ڏانهن ائين موٽي ٿو، جيئن موٽڻ جو حق آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو شخص توبه ڪري ۽ عمل نيڪ ڪري ٿو، پوءِ اهو موٽي اچي ٿو الله ڏانهن جيئن موٽڻ جو حق آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو ماڻهو توبہ ڪري نيڪ عمل ڪري ٿو ته بيشڪ اهو ماڻهو الله تعالى ڏي توبہ تائب ٿي موٽي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ لا يَشهَدونَ الزّورَ وَإِذا مَرّوا بِاللَّغوِ مَرّوا كِرامًا (آيت : 72) |
۽ اُھي جيڪي ڪوڙي شاھدي نه ڏيندا آھن ۽ جڏھن بيھودي ڪم تي لنگھندا آھن (تڏھن چڱي ريت) ڀلارن وانگر لنگھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي (سچا بندا آهن) جيڪي ڪوڙ (۽ ظلم واري ڳالهه) تي شاهدي نٿا ڏين ۽ جڏهن ڪنهن بيهودگيءَ (يا بري ڪم ٿيڻ واري جاءِ) وٽان لنگهن ٿا تڏهن شريفاڻي ڍنگ سان (نه آڪڙ سان)، پاسو ڪري هليا وڃن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو ڪوڙي شاهدي نٿا ڏين، ۽ جنهن وقت اهي بيهوده مجلس وٽان لنگھن ٿا ته اتان عزت سان لنگھي وڃن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ اهي ماڻهو جيڪي فريب وٽ نٿا بيهن ۽ جڏهن اجاين ڪمن وٽان لنگهن ٿا ته چڱن ماڻهن وانگر لنگهي وڃن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪي نه ٿا شاهدي ڏين ڪوڙي ۽ جڏهن لنگهن ٿا اجائي ڳالهه کان ته لنگهن ٿا عزت سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي ڪوڙي شاهدي نه ٿا ڏين ۽ جڏهن اجاين ڪمن وٽان لنگهن ٿا ته چڱن ماڻهن وانگر لنگهن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جيڪي ڪوڙي شاهدي نه ٿا ڏين ۽ جڏهن بيهوده ڪمن وٽان لنگهن ٿا ته عزت ۽ وقار سان (شريف ماڻهن وانگر) گذري وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي نه ساکه ڪوڙِي ڏِين ڪا، ۽ ڪنان گَندِي گُفتار، لنگھيا جڏهن لاچار، ته لنگھيا شَرافت شان سان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي شخص ڪوڙي شاهدي نه ڏيندا آهن ۽ جڏهن بيهودي ڪم وٽان لنگهندا آهن، ته ڀلارن وانگر لنگهي ويندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ رحمان جا بندا اهي آهن) جيڪي ڪوڙ جا شاهد نٿا بڻجن ۽ جيڪڏهن ڪنهن واهيات ڳالهه وٽان لنگهن ٿا ته شريف ماڻهن وانگر لنگهي هليا وڃن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي شخص (الله جا ٻانها آهن) جيڪي شاهد نٿا ٿين ڪوڙ جا، ۽ جي ڪنهن بيهودي ڪم وٽان سندن گذر ٿيو ته شريفن وانگر هليا وڃن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) رحمان جا ٻانها ڪوڙ جي گواهي نه ڏيندا آهن ۽ جڏهن انهن کي (مجبوراً) ڪنھن بيهودهه جڳھه تان لنگهڻو پوندو آهي ته انتھائي شريفانه انداز ۾ لنگهي ويندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَم يَخِرّوا عَلَيها صُمًّا وَعُميانًا (آيت : 73) |
۽ اُھي جو جڏھن کين سندن پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏبي آھي (ته) اُن (جي ٻڌڻ) سان ٻوڙا ۽ انڌا ٿي نه ڪرندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي جڏهن کين سندن پروردگار جي نشانين سان ڪجهه سمجهايو وڃي ٿو تڏهن انهن تي ٻوڙن ۽ انڌن وانگر ڪري نٿا پون. (پر انهن تي غور ۽ فڪر ٿا ڪن ۽ عقل ڪم ٿا آڻين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن ماڻهن کي جڏهن سندن رب جون آيتون ياد ڏياريون وڃن ٿيون ته انهن کي غور ۽ فڪر سان ٻڌن ۽ ڏسن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي جن کي جڏهن سندن پالڻهار جون آيتون ياد ڏيارجن ٿيون ته ٻوڙا انڌا ٿي نٿا ڪرن (پر دل سان ٻڌن ٿا).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جيڪي جڏهن نصيحت ڪيا ويا پنهنجي رب جي آيتن سان ته نه ڪريا ان جي ٻڌڻ سان ٻوڙا ۽ انڌا ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي جن کي جڏهن سندن پاليندڙ جي آيتن سان نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته انهن تي ٻوڙا ۽ انڌا ٿي نه ٿا ڪرن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جن کي سندن پالڻهار جي آيتن سان نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته ان تي ٻوڙا ۽ انڌا بنجي نه ٿا ڪِرن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، جَن جڏهن ياد ڏِجن، آگي جا اُهڃاڻ، ته اَنڌا ٻوڙا ٿِي اُن تي، ڪِين ڪِريا سي پاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهي شخص، جو جڏهن کين سندن ڌڻيءَ جي آيتن سان نصيحت ڪبي آهي ته اهي اُن تي ٻوڙا ۽ انڌا ٿي نه ڪرندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن کي جيڪڏهن سندن رب جون آيتون ٻڌائي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته هو ان تي انڌا ۽ ٻوڙا بنجي نٿا پئجي رهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن کي جي آيتون ٻڌائي سندن رب جون نصيحت ڪجي ٿي ته اهي ائين نه هوندا آهن جيئن انڌا ۽ ٻوڙا هجن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن کين الله تعالى جي آيتن جي ذريعي نصيحت ڪئي ويندي آهي ته ان نصيحت کي انڌن ۽ ٻوڙن وانگر ٻُڌي اڻ ٻڌو نه ڪندا آهن (بلڪه ان تي مڪمل عمل ڪندا آهن) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا هَب لَنا مِن أَزوٰجِنا وَذُرِّيّٰتِنا قُرَّةَ أَعيُنٍ وَاجعَلنا لِلمُتَّقينَ إِمامًا (آيت : 74) |
۽ اُھي جيڪي چوندا آھن ته اي اسانجا پالڻھار اسان جي زالن ۽ اسان جي اولاد مان اسان کي اکين جو ٺار بخش ۽ اسان کي پرھيزگارن جو اِمام ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي دعا ٿا گهرن ته، اي اسان جا پالڻهار! اسان جي زالن ۽ ٻارن (کي اهڙو ڪر جو انهن) مان اسان جي اکين کي ٿڌاڻ ۽ خوشي حاصل ٿئي ۽ اسان کي پرهيزگار ماڻهن لاءِ رهبر ۽ رهنما ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو چون ٿا اي اسان جا رب تون اسان لاءِ اسان جي گھر وارين ۽ اولاد کي اکين جو ٺار بناءِ ۽ تون اسان کي پرهيزگارن جو امام بناءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي شخص جيڪي (اسان کي) عرض ڪندا رهن ٿا ته اي اسان جا رب! اسان جي زالن ۽ اسان جي اولاد مان اسان کي اکين جو ٺار عطا ڪر ۽ اسان کي پرهيزگارن جو پيشوا ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جيڪي چون ٿا اي اسان جي پالڻهار! ڏي تون اسان کي زالن اسان جن مان ۽ اولاد اسان جي مان اکين جا ٺار ۽ بناءِ اسان کي پرهيزگار جي لاءِ اڳواڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي (پنهنجي دعائن ۾ ) چون ٿا ته اي اسان جا رب! اسان جي زالن ۽ اسان جي اولاد مان اسان کي اکين جو ٺار عطا ڪر ۽ اسان کي پرهيزگارن جو اڳواڻ ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي (دعا گهرندي) چون ٿا: ”اي اسان جا پالڻهار اسان کي اسان جي زالن ۽ اسان جي اولادن طرفان اکين جي ٿڌاڻ عطا ڪر ۽ اسان کي پرهيزگارن جو پيشوا بناءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي جي، چون ته اسان جا، صاحب سُرت سُڄاڻ! ته ڏيئون اهل اولاد مان، ڪي ٺار اکين جي ڪاڻ، ۽ ڪر اَسان کي، اڳواڻ موچارن جو، مُلڪ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهي، جيڪي چون ٿا ته، ”اي اسان جا ڌڻي! تون اسان جي زالن ۽ اولاد مان اسان کي اکين جي ٿڌڪار بخش، ۽ اسان کي نيڪن جو اڳواڻ بناءِ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي دعائون گهرندا ٿا رهن ته "اي اسان جا رب! اسان کي پنهنجي گهروارين ۽ پنهنجي اولاد مان اکين جو ٺار عطا ڪر ۽ اسان کي پرهيزگارن جو اڳواڻ بناءِ ". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي دعائون گهرندا آهن ته، اي اسان جا رب! اسان کي پنهنجين زالن ۽ اسان جي اولاد مان اکين جو ٺار عطا ڪر ۽ اسان کي بناءِ پرهيزگارن جو امام(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو (الله تعالى کان) دعا گهرندا آهن: ته اي اسان جا پالڻھار! اسان کي پنھنجي گهر وارين ۽ پنھنجي اولاد جي طرفان اکين جو ٺار نصيب فرماءِ ۽ اسان کي پرهيزگار ماڻهن جو اڳواڻ بناءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ يُجزَونَ الغُرفَةَ بِما صَبَروا وَيُلَقَّونَ فيها تَحِيَّةً وَسَلٰمًا (آيت : 75) |
اِھي (اُھي) آھن جن کي سندن صبر سببان وڏيون ماڙيون عوض ۾ ڏبيون ۽ اُن ۾ چڱي دُعا ۽ سلام پھچائبن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهڙن (سچن بندن) کي جنت ۾ ماڙيون ملنديون. ڇو ته هنن صبر ۽ استقامت سان زندگي گذاري، ۽ (جنت ۾ فرشتا) هنن کي چڱي ڀليڪار ۽ سلامتيءَ جي دعا ڪندي ملندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ماڻهن کي سندن صبر جي ڪري بهشت ۾ اعليٰ مقام ملندو ۽ بهشت ۾ (فرشتا) سندن استقبال سلام سان ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهي ماڻهو آهن جن کي ان جي جزا ۾ (بهشت جا) بالا خانا عطا ڪيا ويندا ۽ اتي انهن جي تعظيم ۽ سلام سان آجيان ڪئي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي بدلو ڏنا ويندا ان سببان جو صبر ڪيائون ۽ کيڪاريا ويندا انهن ۾ مرحبا ۽ سلام سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن کي سندن ثابت قدم رهڻ جي ڪري بدلي ۾ بلند جاءِ ڏني ويندي. ۽ انهن جي چڱيءَ دعا ۽ سلام سان آجيان ڪئي ويندي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن کي سندن ثابت قدم رهڻ جي بدلي ۾ بلند بالا خانو ڏنو ويندو ۽ دعاءِ خير ۽ سلام سان سندن آجيان ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهيئـِي، ڏِبيون اُنهن کي، ماڙِيون مڻيادار، جِنهن سبب سَٺائون سَختيون ۽ چئبنِ اُت چوڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ئي شخص آهن، جن کي سندن صبر سبب، عيوض ۾ وڏيون ماڙيون ملنديون ۽ ان ۾ چڱي دعا ۽ سلام پهچائبن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اِهي آهن اُهي ماڻهو، جيڪي پنهنجي صبر جو ڦل ماڙين جي شڪل ۾ لهندا، سندن آجيان دعا ۽ سلام سان ٿيندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي ئي اهي ماڻهو آهن جيڪي اوچي منزل جي شڪل ۾ صبر جو ڦل حاصل ڪندا ۽ انهن جو استقبال وڏي ادب ۽ سلام سان ٿيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن ماڻهن کي ئي پنھنجي صبر جي ڪري بدلي ۾ وڏيون ماڙيون ملنديون ۽ اتي سندن دعا ۽ سلام سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خٰلِدينَ فيها حَسُنَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 76) |
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اُھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ چڱو ۽ رھڻ جو ھنڌ چڱو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (سچا بندا) ان (جنت) ۾ هميشه رهندا، ڪهڙي نه چڱي رهڻ جي جاءِ ۽ فرحتن وٺڻ جي جاءِ هوندي!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هميشه بهشت ۾ هوندا، اها بهترين رهڻ ۽ٌ ٽڪڻ جي جاءِ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو ان ۾ هميشه رهندا ۽ اها رهڻ ۽ آرام ڪرڻ جي ڪهڙي (نه) سٺي جاءِ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هميشہ رهندڙ انهن ۾ سهڻي آهي جاءِ رهڻ جي ۽ جاءِ ٽڪڻ جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اتي پيا رهندا. اها جيڪا آرام ڪرڻ جو هنڌ ۽ هميشه رهڻ جو هنڌ آهي چٽي جاءِ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. اُها زور سهڻي ٽڪڻ ۽ رهڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِئ جِئ جَنّت باغ ۾، پڻ سَلامن سَهوار، بِهتر بيشمار، سي سُکه ۽ سُڪونت ماڳڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ان ۾ سدائين رهندا- اهو تمام سٺو ٺڪاڻو ۽ هنڌ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو ان ۾ هميشه لاءِ رهندا. ڪهڙو نه ڀلو آهي، اهو رهڻ جو هنڌ ۽ ڪهڙي نه چڱي آهي ترسڻ جي جاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي هميشه اتي رهندا، ڪهڙو نه سٺو آهي اهو آرام ڪرڻ ۽ رهڻ جو هنڌ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو ان ۾ هميشه هميشه رهندا ۽ اها آرام ڪرڻ ۽ رهڻ جي ڪهڙي نه بھترين جڳھه آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل ما يَعبَؤُا۟ بِكُم رَبّى لَولا دُعاؤُكُم فَقَد كَذَّبتُم فَسَوفَ يَكونُ لِزامًا (آيت : 77) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن (الله کي) اوھان جو سڏڻ نه ھجي ته منھنجي پالڻھار کي اوھان جي ڪا پرواھ نه آھي، بيشڪ اوھان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو تنھنڪري سگھو اوھان لاءِ عذاب لازم ٿيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! منڪرن کي) چئي ڏي ته، جيڪڏهن توهان خدا کي نٿا پڪاريو ته خدا کي توهان جي انڪار سببان ڪابه تڪليف ڪانه ٿي ٿئي، هيءَ حقيقت آهي ته توهان (حقيقتن ۽ مفيد حڪمن کي) ڪوڙو سمجهي مڃڻ کان (عمل ڪرڻ کان) انڪار ڪيو آهي، سو توهان جلد ئي ان جي سزا ڀوڳيندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو ته منهنجي رب کي توهان جي پرواه ناهي، جيڪڏهن توهان سندس عبادت نه ڪئي، پوءِ بيشڪ توهان ڪوڙو سمجھو پوءِ جلدي عذاب ايندو جيڪو توهان تي لازم هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته جيڪڏهن اوهين دعا نٿا گهرو ته منهنجي پالڻهار کي به اوهان جي ڪا پرواھ نه آهي ڇو ته اوهان (سندس رسول کي) ڪوڙو ڪيو آهي پوءِ اڳتي هلي اوهان تي (عذاب) لازم ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته نه ٿو پرواهه ڪري اوهان جي رب منهنجو جيڪڏهن نه هجي سڏڻ اوهان جو پوءِ تحقيق ڪوڙو ڪيو اوهان پوءِ جلد هوندو لازم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول !) چؤ ته (اي ڪافرو !) جيڪڏهن اوهين (الله کي بالڪل) نه سڏيو ته منهنجي پاليندڙ کي به اوهان جي ڪا پرواهه نه آهي ڇو ته اوهان (سندس آيتن کي) ڪوڙو ڪيو آهي پوءِ اڳتي هلي اوهان تي (عذاب) لازم ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ: ”جي اوهان منهنجي پروردگار جي عبادت نه ڪيو ته ان کي اوهان جي ڪا پرواهه ناهي. پوءِ بيشڪ جي اوهان (نبيءَ کي) ڪوڙو چيو پوءِ جلد ان جي سزا اوهان تي هميشه لاڳُـــو رَهَڻَ واري آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آنکي ڌڻي اوهان جو، نه ڳَرِي ڳَڻٖي ڳالھ، پوءِ بيشڪ بات اسان جِي، جي ڪوٺيان ڪُوڙ ڪلال! هُوند نه اوهان جا هُونِ جي، سائـِينءَ کي سُوال، ته جَبرو جِئَ جَنجال، پوءِ ساٿِي ٿيندو سِگھڙي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته منهنجي ڌڻيءَ کي اوهان جي ڪا پرواهه نه آهي، جي اوهان جو ان کي سڏڻ نه هجي- پوءِ اوهان ته (رسول کي) ڪوڙ سمجهيو، ان ڪري اجهو ٿو اوهان تي عذاب لازم ٿئي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ماڻهن کي چؤ ته "منهنجي رب کي توهان جي ڪهڙي ڪاڻ آهي، جيڪڏهن توهان کيس نه سڏيو، هاڻي جو ڀلا ڪوڙو سڏيو اٿوَ ته پوءِ اجهو ٿي اها سزا لاڳو ٿئيوَ، جنهن مان جند ئي نه ڇٽندي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ماڻهن کي چؤ، منهنجي رب جو توهان سان ڪهڙو ڪم جي توهان ان کي نٿا پڪاريو، پر هاڻي ته توهان (پيغمبر کي) ڪوڙو چيو آهي، جلد سزا لهندؤ ۽ جان ڇڏائڻ به محال هوندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) چؤ ته جيڪڏهن توهان منھنجي پالڻھار کي نه سڏيو ته ان کي ان ڳالهه جي ڪابه پرواهه نه آهي. هاڻي ته توهان (ان جي آيتن ۽ رسول سڳوري کي) ڪوڙو ڪيو آهي سو (توهان کي) جلد ئي اهڙي سزا ملندي جنھن مان ڪڏهن به جان نه ڇٽي سگهندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |