توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
سورَةٌ أَنزَلنٰها وَفَرَضنٰها وَأَنزَلنا فيها ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 1) |
(ھيءَ ھڪ) سُورة آھي جا نازل ڪئي سون ۽ اُن (جي حڪمن) کي فرض ڪيوسون ۽ منجھس پڌريون آيتون نازل ڪيوسون ته مانَ نصيحت وٺو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هيءَ هڪ سورت آهي جا اسان نازل ڪئي آهي، ۽ ان ۾ ڏنل حڪم اوهان تي فرض ڪيا ويا آهن، ۽ اسان ان ۾ چٽيون ۽ صاف صاف نشانيون ۽ حڪم نازل ڪيا آهن، انهيءَ لاءِ ته توهان نصيحت وٺو (۽ انهن تي عمل ڪيو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (هيءُ) هڪ سورت آهي جيڪا اسان نازل ڪئي آهي ۽ اسان ان ۾ قطعي احڪامات نازل ڪيا آهن ۽ اسان انهي ۾ واضح آيتون بيان ڪيون آهن ته من توهان نصيحت حاصل ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي هڪ سورت آهي جا اسان نازل ڪئي آهي ۽ ان جا (حڪم) فرض ڪيا اٿئون ۽ ان ۾ پڌريون آيتون نازل ڪيون اٿئون ته جيئن اوهين (غور ڪري) سبق حاصل ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (هيءَ) هڪ سورة آهي جو نازل ڪيوسون ان کي ۽ فرض ڪيوسون ان کي ۽ نازل ڪيوسون ان ۾ آيتون روشن تانته اوهان نصيحت وٺو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هي هڪ سورت آهي جا اسان نازل ڪئي آهي ۽ ان جا حڪم فرض ڪيا اٿئون ۽ ان ۾ پڌريون ڳالهيون نازل ڪيون اٿئون، مَنَ اوهين ڌيان ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (هي) هڪ سورت آهي جنهن کي اسان لاٿو آهي ۽ اسان ان (جي حڪمن) کي فرض ڪيو آهي ۽ اسان ان ۾ پڌريون آيتون لاٿيون آهن ته جيئن توهان نصيحت حاصل ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُورت سُونهارِي نُور، اُتاريوسون اُن کي. ۽ فَرض فرماياسون اُن ۾، حُڪم مُقرّر مُور، پڻ اُتاريو سُون آيتون، ظاهِر مَنجھسِ ضرور، ته مانَ ڪو مَذڪور، اَوهِين وِهاريو وُجود ۾!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هيءَ سورت آهي، جا نازل ڪئي سون، کيس فرض ڪيوسون ۽ منجهس پڌريون آيتون نازل ڪيوسون، ته مَنَ اوهين نصيحت وٺو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها هڪڙي سورة آهي، جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي ۽ اسان ان کي فرض ڪيو آهي ۽ ان ۾ اسان چٽيون هدايتون نازل ڪيون آهن ته مــَـن ڪو سبق پرايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي هڪ سورت نازل ڪئي آهي ۽ جنهن کي فرض ڪيو آهي ۽ نازل ڪيون آهن ان ۾ صاف صاف هدايتون شايد ان مان سبق وٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي هڪ سورت آهي جنھن کي اسان ئي نازل ڪيو آهي ۽ (ان ۾ ڏنل سڀني حڪمن کي) اسان فرض قرار ڏنو آهي ۽ اسان ان سورت ۾ بلڪل صاف ۽ پڌريون آيتون نازل ڪيون آهن ته جيئن توهان نصيحت پرايو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الزّانِيَةُ وَالزّانى فَاجلِدوا كُلَّ وٰحِدٍ مِنهُما مِا۟ئَةَ جَلدَةٍ وَلا تَأخُذكُم بِهِما رَأفَةٌ فى دينِ اللَّهِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَليَشهَد عَذابَهُما طائِفَةٌ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 2) |
زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مڙس سو ٻنھيءَ مان ھر ھڪ کي سؤ دُرا ھڻو، ۽ جيڪڏھن اوھين الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو ته الله جي دين ۾ اوھان کي انھي ٻنھي تي نرمي ڪرڻ نه جڳائي، ۽ مؤمنن مان ھڪ ٽوليءَ کي انھن ٻنھي جي سزا تي حاضر ٿيڻ گھرجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) زنا ڪندڙ عورت ۽ زنا ڪندڙ مرد (ٻنهي مان) هرهڪ کي سؤ سؤ ڦٽڪا هڻو. جيڪڏهن توهان الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان ٿا رکو ته (ائين ضرور ڪيو) ۽ الله جي دين جي معاملي ۾ انهن ٻنهي سان رعايت هرگز نه ڪرڻ گهرجي. ۽ ٻنهي جي سزا مسلمانن جي هڪ جماعت (اکين سان) ڏسي (۽ عبرت وٺي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بدڪاري ڪندڙ مرد هجي يا بدڪاري ڪندڙ عورت هجي پوءِ توهان انهن مان هر هڪ کي هڪ سؤ (100) دُرا هڻو ۽ توهان انهن ٻنهي سان الله جي دين ۾ ڪا رحمدلي نه ڪريو جيڪڏهن توهان الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان رکو ٿا، ۽ ڀلي انهن ٻنهيءَ تي عذاب ڪرڻ وقت مؤمنن جي هڪ جماعت موجود هجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مرد، سو ٻنهين مان هر هڪ کي سو لڪڻ هڻو ۽ جيڪڏهن اوهين خدا ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻيو ٿا ته خدا جو حڪم جاري ڪرڻ ۾ اوهان کي مٿن ڪجھ به ترس يا لحاظ نه ڪرڻ گهرجي پڻ انهن ٻنهين جي سزا جي وقت مومنن جي هڪ جماعت موجود هئڻ گهرجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) زنا ڪندڙ عورت ۽ زنا ڪندڙ مرد پوءِ ديڙا هڻو هرهڪ کي ان مان سؤ ديڙا ۽ نه وٺي اوهان کي انهن ٻنهي سان نرمي الله جي دين ۾ جيڪڏهن آهيو جو ايمان آڻيو ٿا الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ جڳائي ته حاضر ٿئي سزا انهن ٻنهي جي کي جماعت مؤمنن مان. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مرد سو ٻنهين مان هر هڪ کي سؤ لڪڻ ماريو ۽ اوهان کي انهن ٻنهين تي الله جي حڪم (جاري ڪرڻ) ۾ ڪجهه به شفقت نه ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن اوهين الله تي ۽ پڇاڙيءَ جي ڏينهن تي ايمان آڻيو ٿا. ۽ ايمان وارن مان هڪ جماعت کي انهن ٻنهين جي سزا مهل حاضر رهڻ گهرجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) زناڪار عورت ۽ زناڪار مرد (غير شادي شده هجن ته) انهن مان هر هڪ کي هڪ سؤ ڪوڙا هڻو ۽ توهان کي انهن ٻنهين تي شرعي حڪم جاري ڪرڻ ۾ رحم نه اچي جيڪڏهن توهان الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان رکو ٿا ۽ انهن ٻنهين جي سزا ڏيڻ (واري وقت) تي مؤمنن جي هڪ جماعت کي حاضر هجڻ گهرجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪارٖي ۽ ڪارِيءَ کي هَڻو، سَو بيد ڀَري ڀَرپُور، ۽ ٻنهِين لئي، ڌَڻِئَ جي دِين ۾، مِهر نه پَونِيان مُور، جي مَڃيو مَحشر ڏِينهن کي، پڻ پَرور پاڪ حُضور، ۽ وَرپَسٖي سَندنِ سُور، مُؤمِنن مان، ميڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) زنا ڪندڙ زال خواهه مرد ٻنهي مان هر هڪ کي سئو چابڪ هڻو ۽ اوهان کي انهن تي الله جي دين ۾ ڪا نرمي ڪرڻ نه جڳائي، جيڪڏهن اوهين الله ۽قيامت کي مڃيو ٿا_ ۽ سندن سزا تي مؤمنن جي هڪ ٽوليءَ کي حاضر هجڻ گهرجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) زاني عورت توڙي زاني مرد، ٻنهي مان هرهڪ کي سؤ ڦٽڪا هڻو ۽ مٿن ترس کائڻ جو جذبو الله جي دين جي معاملي ۾ توهان ۾ نرمي پيدا نه ڪري، جيڪڏهن توهان جو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آهي ۽ کين سزا ڏيڻ وقت مؤمنن جو هڪڙو ٽولو موجود هئڻ کپي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) زاني عورت ۽ زاني مرد ٻنهي مان هرهڪ کي هڪ سؤ سؤ درا لڳايو ۽ انهن تي ترس کائڻ جو جذبو توهان کي نه ٿيڻ گهرجي الله جي دين جي معاملي ۾، جي توهان ايمان رکو ٿا الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي، ۽ انهن کي سزا ڏيڻ وقت هڪ ٽولو موجود رهي ايمان وارن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) زاني عورت ۽ زاني مرد ٻنهي مان هر هڪ کي سؤ ڦٽڪا هڻو. جيڪڏهن توهان الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان آڻيو ٿا ته الله تعالى جي دين (کي قائم رکڻ) خاطر انهن ٻنهي تي نرمي بلڪل نه ڪريو ۽ انهن کي سزا ڏيڻ وقت مؤمنن جو هڪ هجوم به ان سزا کي ڏسڻ لاءِ موجود هجڻ گهرجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الزّانى لا يَنكِحُ إِلّا زانِيَةً أَو مُشرِكَةً وَالزّانِيَةُ لا يَنكِحُها إِلّا زانٍ أَو مُشرِكٌ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 3) |
زنا ڪندڙ مرد زنا ڪندڙ زال يا مشرڪياڻيءَ کانسواءِ ٻي نه پرڻبو، ۽ زنا ڪندڙ زال کيس زنا ڪندڙ مڙس يا مشرڪ کانسواءِ ٻيو نه پرڻبو، ۽ اِھو (زنا ڪندڙ زال سان نڪاح ڪرڻ) مؤمنن تي حرام ڪيو ويو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) زاني مرد ، زاني عورت يا مشرڪياڻي عورت کان سواءِ ٻي ڪنهن به عورت سان شادي ڪري نٿو سگهي ۽ زاني عورت سان سواءِ زاني يا مشرڪ مرد جي ٻيو ڪوبه نڪاح ڪري نٿو سگهي. مسلمانن لاءِ ائين ڪرڻ حرام ٺهرايو ويو آهي. (زاني عورت سان نڪاح ناجائز آهي ۽ زاني مرد کي سڱ ڏيڻ به ناجائز آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بدڪار مرد، نه نڪاح ڪري مگر بدڪار عورت يا مشرڪ عورت سان ۽ بدڪار عورت نه نڪاح ڪري مگر بدڪار مرد يا مشرڪ مرد سان، ۽ اهو ڪم مؤمنن تي حرام ڪيو ويو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) زنا ڪرڻ وارو مرد، زنا ڪرڻ واري زال يا مشرڪه زال سان نڪاح ڪندو پڻ زنا ڪرڻ واري زال به زنا ڪرڻ واري مرد يا مشرڪ سان ڪندي. ۽ سچن ايماندارن تي ته ان قسم جا تعلقات حرام آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) زنا ڪندڙ نه نڪاح ڪري مگر زنا ڪار عورت يا شرڪ ڪندڙ عورت سان ۽ زنا ڪندڙ عورت نه نڪاح ڪري ان سان مگر زنا ڪار مرد يا مشرڪ ۽ حرام ڪيو ويو آهي اهو مؤمنن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) زاني مرد، زانياڻي يا مشرڪ زال کانسواءِ ٻيءَ سان نڪاح نه ٿو ڪري ۽ زانياڻي زال سان زاني يا مشرڪ مرد کانسواءِ ٻيو نڪاح نه ٿو ڪري. ۽ اهو ايمان وارن تي حرام ڪيو ويو آهي.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) زاني مردُ صرف زانياڻي عورت يا مشرڪياڻي عورت سان نڪاح ڪندو ۽ زانياڻي عورت صرف زاني مرد يا مشرڪ مرد سان نڪاح ڪندي، ۽ اهو (زنا جو فعل) مؤمنن مٿان حرام ڪيو ويو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) زانِي پَرڻي ڪِين ڪِي، مگر زانياڻِي زال، يا نِڪاح ڪري تنهن نال، جا گڏي ڌَڻِيءَ سان ڌاريان. ۽ زانياڻِئَ کي زال، نه ڪري، مگر خُود زانِي، ياپَرور گڏ پُوڄي ٻِئا، سو ڏيَوڻ جو ڏانِي، اِهڙِي نِڪاح خوانِي، مُؤمِنن تي منع ٿِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) زنا ڪندڙ مرد، زنا ڪندڙ زال مشرڪياڻيءَ سان ئي پرڻبو ۽ زنا ڪندڙ زال سان زنا ڪندڙ مڙس يا مشرڪ ئي پرڻبو ۽ اهو مؤمنن تي حرام ڪيو ويو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) زاني نڪاح نه ڪري مگر زانياڻيءَ سان يا مشرڪ عورت سان، ۽ زانياڻيءَ سان نڪاح نه ڪري پر زاني يا مشرڪ ۽ مؤمنن لاءِ اهو حرام ڪيو ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) زاني نه ڪن نڪاح پر زانياڻين سان يا مشرڪياڻين سان، زانياڻيءَ ۽ نه ڪري نڪاح پر زاني يا مشرڪ سان، ۽ هي حرام ڪيو ويو آهي ايمان وارن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) زاني مرد صرف زاني عورت يا مشرڪ عورت سان نڪاح ڪري ۽ زاني عورت ڪنھن به زاني مرد يا مشرڪ مرد سان نڪاح ڪري. ايمان وارن جو انهن ٻنهي سان نڪاح ڪرڻ حرام آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ ثُمَّ لَم يَأتوا بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَاجلِدوهُم ثَمٰنينَ جَلدَةً وَلا تَقبَلوا لَهُم شَهٰدَةً أَبَدًا وَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 4) |
۽ جيڪي پاڪدامن عورتن کي تھمت لائين وري چار شاھد نه آڻين ته کين اسي دُرا ھڻو ۽ انھن جي گواھي اصلي قبول نه ڪريو، ۽ اُھي بي دين آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن ماڻهن کي، جيڪي پاڪدامن عورتن تي (زنا جي) تهمت لڳائين، ۽ وري چار شاهد به پيش ڪري نه سگهن، (تن کي) اسي اسي ڦٽڪا هڻو، ۽ (پوءِ) آئينده لاءِ انهن جي شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪيو. اهي ماڻهو فاسق بدڪار (خدا جا نافرمان) آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو پاڪدامن عورتن تي بدڪاريءَ جي تهمت هڻن ٿا ان کان پوءِ چار شاهد نٿا آڻن، پوءِ توهان انهن کي اَسِي (80) دُرا هڻو، ۽ توهان هميشه انهن جي ڪڏهن به شاهدي قبول نه ڪريو ۽ اهي ئي گنهگار آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي ماڻهو پاڪدامن عورتن تي (زنا جي) تهمت هڻن ۽ وري (پنهنجي ڳالھ جا) چار شاهد پيش نه ڪن ته انهن کي اسي لڪڻ هڻو ۽ (اڳتي) انهن جي شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪريو ۽ (ياد رکو ته) اهي ماڻهو پاڻ بدڪار آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪي شخص تهمت ٿا لڳائين پاڪدامن عورتن تي تنهن کان پوءِ نه آندائون چار شاهد پوءِ ديڙا هڻو انهن کي اسي . ديڙا ۽ نه قبول ڪيو انهن جي شاهدي هميشہ ۽ اهي ئي فاسق آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي پاڪدامن زالن ڏي بدڪاريءَ جي نسبت ڪن ٿا وري چار شاهد نه ٿا آڻين،تن کي اسي لڪڻ ماريو ۽ سندن ڪابه شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪريو ۽ اهي ئي نافرمان آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو پاڪ دامن عورتن تي (بدڪاري جي) تهمت لڳائن پوءِ (ثبوت ۾) چار شاهد پيش نه ڪري سگھن ته اوهان انهن کي (ڪوڙي بهتان جي حد) اَسِي ڪوڙا هڻو ۽ انهن جي شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪيو، ۽ اهي ئي نافرمان ماڻهو آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پاڪ پوتيَن تي رکن، جي تُهمَتون تَڪرار، پوءِ وَرِي نه آندئون اُن مٿي، ڪي چڱا شاهِد چار، پو اَسِي بيد اُنهن کي، لڳايونِ لڳاتار، ۽ ساکه سَدائـِين اُنهن کان، نه وَٺونِ ڪِنهِين وار، ۽ آهن اِهي اِظهار، ٻاهِر هَلندڙ حُڪم کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي شخص پاڪدامن عورتن تي تهمت لڳائين، وري چار شاهد نه آڻين ته انهن کي اسي چابڪ هڻو ۽ سندن شاهدي هر گز قبول نه ڪريو، جو اهي بدڪار آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي ماڻهو پاڪدامن عورتن تي تهمت هڻن ۽ پوءِ چار شاهد پيش نه ڪن ته انهن کي اَسي ڦٽڪا هڻو ۽ (اڳتي لاءِ به) سندن شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪريو ۽ اهي ئي نافرمان آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي ماڻهو تهمت لڳائين پاڪدامن عورتن تي، پوءِ چار شاهد پيش نه ڪن ته کين اَسي درا لڳايو ۽ قبول نه ڪريو ڪڏهن به سندن شاهدي کي، ۽ اهي ته پاڻ ئي فاسق آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪي ماڻهو پاڪ دامن عورتن تي تھمت لڳائين ٿا ۽ چار شاهد (به) پيش نٿا ڪن ته کين اَسي ڦٽڪا هڻو ۽ انهن جي آئندهه ڪڏهن به شاهدي قبول نه ڪريو. هي وڏا نافرمان ماڻهو آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
پر ھن کان پوءِ جن توبه ڪئي ۽ پاڻ سُڌاريو، ته الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر اهي ماڻهو جيڪي ان کان پوءِ (يعني ڪوڙي تهمت لڳائڻ کان پوءِ) توبهه ڪن ۽ پنهنجا عمل سڌارين ۽ درست ڪن ته پوءِ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر (انهن مان) اهي ماڻهو جيڪي ان کان پوءِ توبه تائب ٿيا ۽ پنهنجو اصلاح ڪيو، پوءِ بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر هاءُ! جن شخصن ان کان پوءِ توبه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريائون ته بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر جن توبہ ڪئي پڄاڻا ان جي ۽ پاڻ سڌاريائون پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار، مهرباني آهي. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جن ان کان پوءِ توبه ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون ته پوءِ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ انهن جي جن ان (تهمت لڳائڻ) کان پوءِ توبه ڪئي ۽ (پاڻ کي) سڌاريائون، پوءِ بيشڪ الله وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر جي موٽيا، تِهانپوءِ تڪرار، ۽ چڱا ڪيائون ڪمڙا ته، صاحب ربُّ، ستار، بيشڪ بَخشڻهار، پڻ مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جن هن کان پوءِ توبهه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريو نه بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سواءِ انهن جي جيڪي ان ڏوهه کان پوءِ توبه تائب ٿين ۽ پاڻ سڌارين ته الله ضرور (سندن حق ۾) غفور رحيم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کان سواءِ جيڪي ماڻهو ان حرڪت کان پوءِ توبهه ڪن ۽ (پاڻ ۾) اصلاح آڻين، ته بيشڪ الله (سندن حق ۾) غفور ۽ رحيم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن هنن سزا کان پوءِ توبہ ڪئي ۽ پاڻ کي سڌاريائون ته بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يَرمونَ أَزوٰجَهُم وَلَم يَكُن لَهُم شُهَداءُ إِلّا أَنفُسُهُم فَشَهٰدَةُ أَحَدِهِم أَربَعُ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 6) |
۽ جيڪي پنھنجي زالن کي تُھمت لائين ۽ کين پاڻ کانسواءِ ڪي شاھد نه ھجن ته اھڙي ھر ھڪ جي (سچي) شاھدي چار ڀيرا (ھيئڻ ڏيڻ) آھي ته الله جو قسم ته بيشڪ پاڻ سچ چوندڙن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي (نڪاح ٻڌل) زالن تي زنا جي تهمت لڳائين ۽ پاڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه شاهد ڪونه هجي، ته پوءِ هرهڪ جي شاهدي هيءَ آهي ته پهريائين چار ڀيرا خدا جو قسم کڻي چوي ته، بيشڪ مان پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهيان (۽ سچ ٿو چوان ته منهنجي زال زنا ڪئي آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي مرد پنهنجي گھر وارين تي تهمت هڻن ٿا ۽ انهن وٽ پاڻ کان سواءِ ٻيا شاهد ڪونهن پوءِ انهن مان هڪڙي جي شاهدي هن ريت ٿيندي ته چار دفعا الله جو قسم کڻي چوي ته بيشڪ اهو سچو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجين زالن تي (زنا جو) عيب لڳائين ۽ (ان جي ثابتيءَ ۾) انهن کان سواءِ ٻيو ڪو به شاهد نه هجي ته اهڙن ماڻهن مان هڪ جي شاهدي چار ڀيرا (هن طرح) هوندي جو اهو ماڻهو (ڀيري ڀيري سان) خدا جو قسم کائي ڳالھ ڪري ۽ اهو (پنهنجي دعوى ۾) ضرور سچو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪي تهمت هڻن ٿا زالن پنهنجين تي ۽ ناهن انهن جا شاهد مگر پنهنجا پاڻ پوءِ شاهدي هڪ جي انهن مان چار شاهديون آهن الله جو قسم ته بيشڪ اهو البته سچن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي (مرد) پنهنجين زالن ڏي بدڪاريءَ جي نسبت ڪن ٿا ۽ انهن وٽ پاڻ کانسواءِ (ٻيا) شاهد نه آهن ته انهن مان هڪ کي الله جو قسم کڻي چار ڀيرا (هن طرح) شاهدي ڏيڻي آهي ته بيشڪ هو سچن مان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي گهروارين تي (زنا جي) تهمت لڳائن ۽ انهن وٽ پنهنجو پاڻ کان سواءِ ڪي به شاهد نه هجن ته اهڙي ڪنهن به ماڻهو جي شاهدي هي آهي جو چار ڀيرا الله جو قسم کڻي شاهدي ڏئي ته بيشڪ اُهو (الزام لڳائڻ ۾) سچن مان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪي سَندنِ جويُن تي، رکن بَديون بار، ۽ ساکي نه سَندنِ سِرن سوا، ڪو هُجي اُنهن هارِ، ساکه سَندنِ مان هَر هيڪڙي، صحِي ساکون چار، ته قسم سان ڪَلتار، سچ پچ پاڻ سَچن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي شخص سندن زالن تي تهمت لڳائين ۽ وٽن پاڻ کان سواءِ ڪي شاهد نه هجن، ته اهڙي هر هڪ جي شاهدي چار دفعا (هيئن) آهي ته ”الله جو قسم! بيشڪ پاڻ سچ چوندڙ آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي پنهنجن زالن تي الزام هڻن ۽ وٽن پاڻ کان سواءِ ٻيو ڪو شاهد نه هجي ته پوءِ انهن منجهان هڪ ماڻهو جي شاهدي (اها آهي ته هو) چار ڀيرا الله جو قسم کڻي چوي ته هو (پنهنجي الزام ۾) سچو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي ماڻهو تهمت لڳائن پنهنجين زالن تي ۽ انهن وٽ پاڻ کان سواءِ ڪوبه شاهد نه هجي ته ان مان شاهدي هڪ شخص لاءِ هي آهي ته چار ڀيرا الله جو قسم کڻي شاهدي ڏئي ته هو پنهنجي الزام ۾ سچو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪي ماڻهو پنھنجي زالن تي زنا جو الزام لڳائين ٿا ۽ انهن وٽ پاڻ کان سواءِ ٻيا شاهد نه آهن ته انهن مان هر ڪو مرد چار ڀيرا الله تعالى جو قسم کڻي شاهدي ڏئي ته ”بيشڪ هو (پنهنجي الزام ۾) سچو آهي“ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالخٰمِسَةُ أَنَّ لَعنَتَ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كانَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 7) |
۽ پنجون ڀيرو چوي ته جيڪڏھن ڪوڙن مان ھوندو ته مٿس الله جي لعنت ھجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پنجين ڀيري هيئن چوي ته، جيڪڏهن مان ڪوڙ ٿو ڳالهايان (۽ ڪوڙي تهمت ٿو رکان) ته مون تي الله جي لعنت هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پنجين دفعي ايئن چوي ته ان جي مٿان الله جي لعنت هجي جيڪڏهن اهو ڪوڙو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنجين ڀيري هئين (چوندو) ته جيڪڏهن اهو ڪوڙ ٿو ڳالهائي ته ان تي خدا جي لعنت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پنجين هيءَ آهي ته بلاشڪ الله جي لعنت ان تي آهي جيڪڏهن هوندو ڪوڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنجون ڀيرو هيئن چوي ته جيڪڏهن هو ڪوڙن مان آهي ته مٿس الله جي لعنت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنجين ڀيري هينئن چوي ته ان تي الله جي لعنت هجي اگر اُهو ڪوڙن مان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پنجون، ته مَٿسِ پاڻ تي، ڌڻِئَ جِي ڌِڪار، ته ڪُوڙن مَنجھان جيڪڏهن، هُوند ڪارو ڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پنجون دفعو چو ي ته ”جيڪڏهن ڪوڙو هوندو، ته مٿس الله جي لعنت هجي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پنجين ڀيري چوي ته مٿس الله جي لعنت پوي، جيڪڏهن هو (پنهنجي الزام ۾) ڪوڙو هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پنجون ڀيرو چوي ته ان تي لعنت هجي الله جي جيڪڏهن هو (پنهنجي الزام ۾) ڪوڙو هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ پنجين ڀيري هي (لفظ) چوي ته ”جيڪڏهن هو ڪوڙو آهي ته مٿس الله تعالى جي لعنت هجي.“ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَدرَؤُا۟ عَنهَا العَذابَ أَن تَشهَدَ أَربَعَ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 8) |
۽ اُن زال کان (ھيءَ ڳالھ) سزا ٽاريندي جو چار ڀيرا شاھدي ڏئي ته الله جو قسم ته بيشڪ اُھو مُڙس ڪُوڙ چوندڙن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پر جيڪڏهن (اها) عورت به پهريان چار ڀيرا خدا جو قسم کڻي چوي ته هي شخص (يعني منهنجو مڙس) سراسر ڪوڙو آهي،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهي عورت مٿان اها سزا هن طرح دفع ٿي سگھي ٿا ته اها عورت چار دفعا الله جو قسم کڻي ته بيشڪ اهو ڪوڙو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ عورت (جي سر) تان هن ريت سزا ٽري سگهي ٿي جو اها چار دفعا خدا جو قسم کڻي چوي ته هي ماڻهو (سندس مڙس دعوى ۾) پڪ ڪوڙو آهي(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٽاري ٿي ان (عورت) کان عذاب کي هيءَ ڳالهه ته شاهدي ڏئي چار شاهديون الله جو قسم آهي ته بيشڪ اهو البته ڪوڙن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زال کان سزا کي هيءَ ڳالهه ٽاريندي ته اها الله جو قسم کڻي چار ڀيرا شاهدي ڏئي ته بيشڪ اهو مرد ڪوڙن مان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ عورت تان (زنا جي حد) هن طرح ٽري سگھي ٿي جو اها چار ڀيرا الله جو قسم کڻي شاهدي ڏئي ته بيشڪ اهو (سندس مڙس تهمت لڳائڻ ۾) ڪوڙن مان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن عورت تان آزار، لاٿو وَڃي هِن شرط تي. ته ساکون چار، ساکه ڏئي، قَسم سان ڪلتار، ته آهي، هِي آهِير تِنهن، مَنجھ ڪُوڙن جي قطار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهي زال تان سزا هيئن ٽرندي، جو چار دفعا الله جو قسم کڻي اقرار ڪري ته ”بيشڪ اهو مڙس ڪوڙو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ عورت جي سزا ائين ٽري سگهي ٿي ته هوءَ چار دفعا الله جو قسم کڻي چوي ته اهو شخص (پنهنجي الزام ۾) ڪوڙو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٽري سگهي ٿي عورت تان اها سزا انهيءَ حالت ۾ ته اها چار ڀيرا قسم کڻي الله جو چوي ته هي شخص (پنهنجي الزام ۾) ڪوڙو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) زال جي مٿان سزا ٽارڻ جو هي طريقو آهي ته هوءَ چار ڀيرا الله تعالى جو قسم کڻي چوي ته ”بيشڪ هي (منهنجو مڙس) ڪوڙو آهي.“ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالخٰمِسَةَ أَنَّ غَضَبَ اللَّهِ عَلَيها إِن كانَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 9) |
۽ پنجون ڀيرو (ھيءَ شاھدي ڏئي) ته جيڪڏھن اُھو مڙس سچن مان آھي ته اُن (زال) تي الله جو ڏمر ھُجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پنجين ڀيري چوي ته، جيڪڏهن هو سچو آهي ته مون تي الله جو غضب پوي ته پوءِ انهيءَ عورت تان (سندس صفائي واري) اها شاهدي سزا (کي) ٽاري ڇڏيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پنجين دفعي ايئن چوي ته ان جي مٿان الله جو غضب هجي جيڪڏهن اهو سچو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنجين دفعي چوي ته جيڪڏهن هي ماڻهو (پنهنجي دعوى ۾) سچو آهي ته مون تي خدا جو غضب پوي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پنجين شاهدي ته بلاشڪ الله جو غضب ان تي آهي جيڪڏهن هوندو سچن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنجون ڀيرو هيئن چوي ته جيڪڏهن مرد سچن مان آهي ته ان (زال) تي الله جو غضب اچي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنجين ڀيري هينئن چوندي ته مٿس الله جو قهر پوي اگر اُهو (مرد الزام لڳائڻ ۾) سچن مان آهي. (ان کان پوءِ زال مڙس جدا ٿيندا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پنجئـِين ساکه ته، پاڻ مٿسِ، ڪِرندو قهر قهار، هُوندو هِي حقدار، جي صَحِي سَچ ٻولن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پنجون دفعو (چوي) ته ”مٿس الله جوغضب پوي، جيڪڏهن مڙس سچو هجي ته.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پنجين دفعي چوي ته مٿس (عورت تي) الله جو غضب پوي، جيڪڏهن اهو شخص (پنهنجي الزام ۾) سچو هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پنجون ڀيرو چوي ته ان ٻانهيءَ تي الله جو غضب ڪڙڪي جي اهو پنهنجي الزام ۾ سچو هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ پنجين ڀيري هي لفظ چوي ته ”جيڪڏهن هي (منهنجو مڙس) سچو آهي ته منھنجي مٿان الله تعالى جو غضب پوي.“ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ تَوّابٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا (ته عذاب ٿئيوَ ھا) ۽ بيشڪ الله توبه قبول ڪندڙ حِڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن توهان تي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها (ته توهان جي گهرن ۾ فساد ۽ بگاڙو ئي بگاڙو هجي ها) بيشڪ الله تعاليٰ رحمت جي موٽ ڪندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان تي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها (ته توهان کي الله خوار ڪري، دنيا ۾ عذاب ڏئي ها) پر بيشڪ الله تعالى توبه قبول ڪندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اوهان تي خدا جو فضل (۽ ڪرم) ۽ سندس مهرباني نه هجي ها ته (تون ڏسين ها ته تهمت لڳائڻ وارن جو حال ڪهڙو ٿو ٿئي) ۽ بيشڪ خدا وڏو توبه قبول ڪرڻ وارو حڪيم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن نه هجي ها الله جو فضل اوهان تي ۽ ان جي رحمت ۽ بلا شڪ توبہ قبول ڪندڙ، حڪمت وارو آهي. . ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي، ۽ هيءَ ته الله مهرباني ڪندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته (زالن تي الزام هڻڻ اوهان کي وڏن مونجھارن ۾ وجھي ها) ۽ بيشڪ الله وڏو توبه قوليندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي آن تي نه ڀال اَلله جو، پڻ سَندسِ مِهرنگاھ، ۽ آهي پاڻ اَللهَ، وَرڻ وارو ويڄ وَڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجهه نه هجي ها ته (تڪليف ۾ پئو ها) بيشڪ الله توبهه قبول ڪندڙ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ۽ ائين نه هجي ها ته الله ورائي ٻاجهه جي نظر ڪرڻ وارو ۽ حڪمت وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه هجي ها فضل الله جو توهان تي ۽ ڪرم (ته عورتن تي الزام توهان کي ڏکيو پوي ها) حقيقت ۾ الله مهربان ۽ حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان جي مٿان الله تعالى جي خاص مھرباني ۽ سندس رحمت نه ٿئي ها ته توهان ضرور ڪنھن ڏچي ۾ ڦاسي پئو ها. بيشڪ الله تعالى وڏو توبہ قبول ڪندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ جاءو بِالإِفكِ عُصبَةٌ مِنكُم لا تَحسَبوهُ شَرًّا لَكُم بَل هُوَ خَيرٌ لَكُم لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم مَا اكتَسَبَ مِنَ الإِثمِ وَالَّذى تَوَلّىٰ كِبرَهُ مِنهُم لَهُ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 11) |
بيشڪ جن ڪُوڙو بُھتان آندو سي اوھان مان ھڪ ٽولو آھن، (اوھين) اُن (بُھتان) کي نه ڀانيو ته اوھان لاءِ (ڪو) مدو آھي، بلڪ اُھو اوھان لاءِ ڀلو آھي، منجھائن سڀڪنھن ماڻھوءَ گناھن مان جيڪي ڪمايو سو سندس لاءِ آھي، ۽ منجھائن جنھن بھتان جو وڏو لُڙ مچايو تنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن (حضرت عائشه صديقه تي) تهمت لڳائي سي به بيشڪ توهان مان ئي هڪ ٽولي آهن. توهان ان (تهمت واري واقعي) کي پنهنجي لاءِ خراب نه سمجهيو، بلڪ ان ۾ اوهان جي لاءِ چڱائي آهي. انهن مان هرهڪ شخص جنهن (انهيءَ تهمت پکيڙڻ ۾) حصو ورتو تنهن گناهه جو ڪم ڪيو ۽ انهن مان جنهن (انهيءَ تهمت لڳائڻ ۽ پکيڙڻ ۾) وڏو حصو ورتو تنهن کي تمام وڏو سخت عذاب ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن الزام تراشي ڪئي اُهو توهان مان هڪ گروه آهي، توهان ان کي پاڻ لاءِ خراب نه سمجھو، بلڪ اهو توهان لاءِ بهتر آهي، انهن مان جنهن، جيترو گناه ڪيو هوندو، ان کي اوتري سزا ملندي، ۽ انهن مان جنهن ماڻهو گھڻو حصو ورتو هوندو ان لاءِ اوترو وڏو عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ماڻهن ڪوڙي تهمت هنئين اهو توهان مان ئي هڪ جماعت آهي. اوهين پنهنجي لاءِ ان تهمت کي برو نه سمجهو پر اها اوهان جي حق ۾ چڱي آهي. انهن مان جنهن شخص جيترو به گناھ ڪيو سو پنهنجي (سزا) کي پاڻ ڀوڳيندو ۽ انهن مان جنهن شخص ان تهمت جو وڏو حصو (پاڻ تي) کنيو تنهن جي لاءِ تمام (سخت) سزا هوندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن آندو ڪوڙو بهتان هڪ ٽولو آهن اوهان مان نه سمجهو ان کي برو بلڪه اهو ڀلو آهي اوهان جي لاءِ هر مرد لاءِ انهن مان اهو آهي جيڪو ڪمايائين گناهه مان ۽ جيڪو والي ٿيو وڏي ان جي کي انهن مان ان جي لاءِ عذاب وڏو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ته خراب ٿيو ها) بيشڪ جن ڪوڙو بهتان لڳايو، سي اوهان مان هڪ جماعت آهن. ان (بهتان) کي پنهنجي حق ۾ بڇڙو نه سمجهو، بلڪه اهو اوهان لاءِ چڱو آهي. انهن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ تي اوترو گناهه آهي جيترو اُن ڪيو. ۽ انهن مان جنهن ان (بهتان) ۾ وڏو حصو ورتو تنهن لاءِ وڏو عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جيڪي ماڻهو اهو بهتان گھڙي آيا آهن (سيده صديقه عائشه رضي الله عنها جي پاڪيزگي مٿان) اُهي اوهان مان ئي هڪ ٽولو آهن. اوهان ان (واقعي) کي پنهنجي لاءِ برو نه سمجهو. بلڪه اهو اوهان لاءِ ڀلو آهي. انهن مان هر هڪ لاءِ اوترو گناهه آهي جيترو ان ڪمايو، ۽ انهن مان جنهن ان (بهتان) ۾ سڀني کان وڌيڪ حصو ورتو ان لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي آيا ڪارو ڪُوڙ کڻي، سي پڻ اَوهان مان پاڻ، سو بُرو نه ڀانيو پاڻ لئي، بلڪ سارو خير سڄاڻ! حَرج هرڪِنهن لئي، اُنهن مان، جيڪي ڪيائـِين، تنهِن ڪاڻ، هَليو سَندسِ هوڏ پُٺيان، اُنهن مان، جو اَڄاڻ، ساڙو سَخِتئَ ساڻ، تِنهن لئي ڪو تمام وَڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن بهتان لڳايو سي اوهان مان هڪ ٽولو آهن، اوهين ان کي پاڻ لاءِ برو نه سمجهو_ بلڪ اهو اوهان لاءِ چڱو آهي، انهن مان هر شخص جيڪو گناهه ڪمايو سو سندس لاءِ آهي_ ۽ منجهائن جنهن بهتان جو وڏو لڙ مچايو، ان لاءِ وڏو عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته (زالن تي الزام هڻڻ جو معاملو توهان کي وڏي ڏچي ۾ وجهي ڇڏي ها)، جن ماڻهن اهو بهتان گهڙي آندو آهي، سي توهان مان ئي هڪ ٽولو آهن، ان واقعي کي پاڻ لاءِ شر نه سمجهو، بلڪه اهو به توهان لاءِ خير ئي آهي، جنهن ان ۾ جيترو حصو ورتو، انهيءَ اوترو ئي گناهه ڪمايو ۽ جنهن ان (جي ذميواري) جو وڏو حصو پنهنجي ســِـر تي کنيو، تنهن لاءِ ته تمام وڏو عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو هي بهتان ٺاهي آيا آهن اهي توهان مان ئي هڪ ٽولو آهن، هن واقعي کي پنهنجي لاءِ شر نه سمجهو، پر اهو توهان جي لاءِ خير آهي، جنهن به ان ۾ جيترو حصو ورتو، ان اوترو ئي پاڻ تي گناهه ڪيو، ۽ جنهن شخص ان ذميواريءَ جو وڏو حصو پنهنجي سر تي کنيو، ان لاءِ عذاب آهي تمام وڏو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن (عائشہiتي) بھتان لڳايو آهي اهو توهان مان ئي هڪ ٽولو آهي. ان معاملي کي توهان پنھنجي لاءِ برو نه سمجهو بلڪه اهو بھتان لڳائڻ وارو معاملو توهان مسلمانن لاءِ بهتر ثابت ٿيندو. (بھرحال) هن بھتان لڳائڻ ۾ جنھن جو جيترو حصو هوندو، سمجهو ته ان اوترو ئي گناهه ڪمايو آهي ۽ انهن مان جنھن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي ان لاءِ وڏو عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَولا إِذ سَمِعتُموهُ ظَنَّ المُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بِأَنفُسِهِم خَيرًا وَقالوا هٰذا إِفكٌ مُبينٌ (آيت : 12) |
جڏھن اُھو ٻُڌو تڏھن مؤمنن مڙسن ۽ مؤمنياڻن زالن پنھنجن (ماڻھن) ۾ چڱو گمان ڇونه ڪيو ۽ ڇونه چيائون ته ھيءُ پڌرو بُھتان آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن توهان اها (تهمت) ٻڌي هئي تڏهن مؤمن مردن ۽ مؤمن زالن پنهنجي دلين ۾ ڇو نه نيڪ گمان آندو (۽ ڇو بدگمان ٿي هڪڙي خراب تهمت تي کڻي اعتبار ڪيائون ۽ هڪٻئي کي ٻڌايائون) ۽ ڇو نه هڪدم چئي ڏنائون ته، هيءَ ته چٽي چٽي ڪوڙي تهمت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن توهان اها ڳالهه ٻڌي ته پوءِ مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتن پنهنجي لاءِ ڇو نه چڱو گمان ڪيو ۽ ايئن ڇو نه چيو ته هيءُ صاف الزام آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اوهان ماڻهن ان کي ٻڌو ته تنهن وقت (ئي) مومن مردن ۽ مومن عورتن پنهنجن ماڻهن ۾ نيڪيءَ جو گمان ڇو ڪين ڪيو ۽ هينئن ڇو نه چيائون ته هي ته ظاهر (ظهور) تهمت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇو نه جڏهن ٻڌو هيو اوهان اهو ته گمان ڪن ها مؤمن ۽ مؤمنياڻيون پنهنجن جي باري ۾ ڀلائيءَ جو ۽ چون ها ته کليل ڪوڙو بهتان آهي. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن وقت اوهان اهو بهتان ٻڌو تڏهن ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن پنهنجن ماڻهن ۾ ڇو چڱو گمان نه ڪيو ۽ ڇو نه چيائون ته هي ظاهر ڪوڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ائين ڇونه ٿيو جو اوهان جڏهن ان (بهتان) بابت ٻڌو هيو ته مؤمن مردَ ۽ مؤمن عورتون پنهنجن جي باري ۾ سٺو گمان ڪن ها ۽ چون ها ته هي پڌرو بُـــهتان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪر جِنهن وار، ڪَنِين ٻُڌان ڪُوڙ سو، مُؤمن ۽ مُؤمنياڻيَن، سَت سَمجھيو سَندنِ پار، ۽ ٻوليائون ٻِيهار، هِي بُهتان بِلڪُل پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اهو ٻڌو، تڏهن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين پنهنجن ۾ چڱو گمان ڇو نه ڪيو ۽ ڇو نه چيائون ته ”هيءَ ته صفا بهتان آهي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن وقت توهان اهو ٻڌو هو ته ان وقت ئي ڇونه مؤمن مردن ۽ عورتن پنهنجي باري ۾ چڱو گمان ڪيو ۽ ائين ڇونه چيائون ته اهو پڌرو بهتان آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن وقت توهان ماڻهن ان کي ٻڌو هو تنهن وقت گمان ڇو نه ڪيو مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن پاڻ ۾ نيڪ ۽ سهڻو، ۽ ڇو نه چيائون ته هي ته پڌرو بهتان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن توهان (ان بھتان) کي ٻڌو ته مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن اُن متعلق پنھنجي دلين ۾ نيڪ گمان ڇو نه ڪيو؟ ۽ فوراً اهو ڇو نه چئي ڏنو ته هي هڪ پڌرو بھتان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَولا جاءو عَلَيهِ بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَإِذ لَم يَأتوا بِالشُّهَداءِ فَأُولٰئِكَ عِندَ اللَّهِ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 13) |
اِن (ڳالھ) تي چار شاھد ڇونه آندائون؟ پوءِ جڏھن شاھد نه آندائون تڏھن اُھي ئي الله وٽ ڪُوڙا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن پنهنجي ڳالهه جي سچائيءَ جي ثابتيءَ لاءِ ڇو نه چار شاهد آندا. پوءِ جنهن صورت ۾ هو شاهد نه ڏئي سگهيا تنهن صورت ۾ الله تعاليٰ وٽ هو ئي ڪوڙا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ڇو نه ان ڳالهه لاءِ چار شاهد پيش ڪيا، پوءِ جنهن وقت انهن شاهد نه آندا، پوءِ اهي ئي الله تعالى وٽ ڪوڙا آهن (بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن تهمت هنئين هئي تن پنهنجي سچائي جي ثبوت لاءِ چار شاهد ڇو ڪين پيش ڪيا؟ پوءِ جڏهن انهن شاهد پيش نه ڪيا ته خدا وٽ اهي ئي ماڻهو ڪوڙا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇونه آندائون ان تي چار شاهد پوءِ جڏهن نه آندائون شاهد پوءِ اهي الله وٽ اهيئي ڪوڙا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان (ڳالهه) تي چار شاهد ڇو نه آندائون. پوءِ جڏهن شاهد نه آندائون ته اهي ئي الله وٽ ڪوڙا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان (بهتان) تي چار شاهد ڇونه آندائون، پوءِ جڏهن شاهد نه آندائون ته پوءِ اُهي ئي الله وٽ ڪوڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇو نه آندئون اُن تي، شاهِد چوکا چار، اُهي جُوٺا وَٽِ جَبَّار، جَڏهن آندئون نه، شاهِد اُن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇو نه انهي تي چار شاهد آندائون؟ پوءِ جڏهن شاهد نه آندائون، تڏهن الله وٽ اهي ئي ڪوڙا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ماڻهن (پنهنجي الزام جي ثبوت ۾) چار شاهد ڇو نه آندا؟ هاڻي جڏهن شاهد نه آندا اٿن ته الله وٽ اهي ڪوڙا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هنن ماڻهن ڇو نه آندا (پنهنجي الزام جي ثبوت ۾) چار شاهد، پوءِ جڏهن انهن ڪونه آندا (چار) شاهد ته پوءِ اهي ئي الله وٽ ڪوڙا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُنهن ان ڳالهه تي چار شاهد ڇو نه آندا؟ پوءِ جڏهن انهن شاهد نه آندا ته الله تعالى جي نظر ۾ اهي ئي ڪوڙا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ لَمَسَّكُم فى ما أَفَضتُم فيهِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 14) |
۽ جيڪڏھن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ دنيا ۽ آخرت ۾ اوھان تي نه ھجي ھا ته جنھن (ڳالھ) بابت چرچو مچايوَ (تنھن بابت) اوھان کي (تڏھن ئي) وڏو عذاب پھچي ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اوهان (مسلمانن) تي الله جو فضل ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان جيڪي (حضرت عائشه جي تهمت پکيڙڻ ۾) ڪري چڪا آهيو تنهن لاءِ توهان تي سخت عذاب اچي ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن الله تعالى جو فضل ۽ رحمت دنيا ۽ آخرت ۾ توهان تي نه هجي ها ته ان ڳالهه جي ڪري جنهن ۾ توهان پيا هئا، توهان کي وڏو عذاب پهچي ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اوهان ئي دنيا ۽ آخرت ۾ خدا جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته ان ڳالھ جي چوٻولي ڪرڻ ۾ اوهان تي تمام (سخت) عذاب اچي وٺي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن نه هجي ها الله جو فضل اوهان تي ۽ ان جي رحمت دنيا ۾ آخرت ۾ ته البته پهچي ها اوهان کي ان ۾ جو مشغول رهيئو ان ۾ عذاب وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اوهان تي دنيا ۽ آخرت ۾ الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته ان ڳالهه جي چوٻولي ڪرڻ ۾ اوهان تي (ان ئي وقت) وڏي آفت پوي ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اوهان تي دنيا ۽ آخرت ۾ الله جو فضل ۽ ان جي رحمت نه هجي ها ته جنهن ڳالهه جي چوٻول ۾ توهان پيا هيؤ ان تي توهان کي زبردست عذاب پهچي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هو آن تي نَه، ڀال اَلله جو، پڻ مِهر اِنهِئَ جي مُور، ته هِن ۽ هُن جھان ۾، وَرتان وڏي ڪِنهن سُور، مَنجِھين تِنهن مَذڪُور، جِنهن ۾ پَلٽِي پاڻ پيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجهه اوهان تي دنيا خواهه آخرت ۾ نه هجي ها، ته جيڪر جنهن بابت چرچو مچايوَ، ان لاءِ اوهان کي وڏو عذاب پهچي ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن توهان ماڻهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته جن ڳالهين جي چوٻول ۾ توهان پئجي ويا هيؤ، ان سببان توهان کي تمام وڏو عذاب رسي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن الله جو فضل توهان تي نه هجي ها ۽ رحم و ڪرم دنيا توڙي آخرت ۾، ته جن ڳالهين ۾ توهان پئجي ويا هئا انهن جي ڪري توهان تي اچي ها وڏو عذاب(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن توهان جي مٿان دنيا ۽ آخرت ۾ الله تعالى جي خاص مھرباني ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته هيڏي وڏي طوفان اٿارڻ تي اوهان تي وڏو عذاب اچي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ تَلَقَّونَهُ بِأَلسِنَتِكُم وَتَقولونَ بِأَفواهِكُم ما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَتَحسَبونَهُ هَيِّنًا وَهُوَ عِندَ اللَّهِ عَظيمٌ (آيت : 15) |
جڏھن ان کي پنھنجن زبانن سان ٻاڦيندا رھيؤ ۽ جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي اوھان کي ڪا خبر نه ھئي سا پنھنجن واتن سان چوندا رھيؤ ۽ اُن کي ھلڪو ٿي ڀانيوَ، ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽ وڏو (گناہ) ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن توهان هن ڳالهه متعلق پنهنجي زبان سان چوپچو ڪرڻ لڳؤ ۽ پنهنجي وات مان اهڙيون ڳالهيون ڪڍڻ لڳؤ، جن جي توهان کي خبر به ڪانه هئي، (تڏهن توهان کي شرم اچڻ گهربو هو) پر توهان ان کي معمولي ۽ خسيس ڳالهه سمجهيو هو. پر الله تعاليٰ جي نظر ۾ اها تمام وڏي ڳالهه هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت توهان اها ڳالهه هڪ ٻئي کان نقل ڪئي ۽ توهان پنهنجي واتن مان اها ڳالهه ڪئي جنهن جو توهان کي ڪوبه علم نه هو، توهان ان ڳالهه کي معمولي سمجھو ٿي، حالانڪ (اها ڳالهه) الله تعالى وٽ تمام وڏي هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن وقت اوهان ان ڳالھ کي پنهنجي زبانن تي آندو ٿي ۽ پنهنجي وات سان اها ڳالھ چئي جنهن جو اوهان کي علم ۽ يقين نه هو ۽ (وڏي ڳالھ ته) اوهان ان کي سولو ٿي سمجهيو پر خدا وٽ اها ڳالھ تمام وڏي (سخت ڳالھ) هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن باڦيو پيا ان کي زبانن پنهنجين سان ۽ چئو پيا واتن پنهنجن سان اهو جو ناهي اوهان کي ان جو علم ۽ سمجهو پيا ان کي هلڪو ۽ اهو الله وٽ وڏو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن وقت اوهان ان ڳالهه کي پنهنجي زبانن تي آندو ٿي ۽ پنهنجي واتن سان اها ڳالهه چئي ٿي جنهن جي اوهان کي خبر نه هئي ۽ اوهان کي هلڪو سمجهيو ٿي هوڏانهن اها ڳالهه الله وٽ وڏي هئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن وقت اوهان اُها ڳالهه پنهنجي زبانن تي هلائيندا رهيؤ ۽ پنهنجي واتن سان اها ڳالهه چَيــَــــوَ جنهن (جي حقيقت) جو اوهان کي علم ئي نه هيو ۽ توهان ان کي معمولي (ڳالهه) سمجهندا رهيؤ، حالانڪه الله وٽ اها تمام وڏي ڳالهه هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَڏهن پَنهنجِي زِبان سان، بِين ٻُڌايو ڪُوڙ، ۽ وَراڻيو واتن سان، جِنهن جِي پَريان اَوهان نه پَرُوڙ، ۽ هَرڙو ڀانيوسِ هُوڙ!، ۽ اِهو واحِد وٽ وَڏو گَھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اوهين اها ڳالهه زبان تي آڻيندا رهيا ۽ پنهنجي واتن سان اها ڳالهه چوندا رهيا، جنهن جي اوهان کي ڪا خبر ڪانه هئي ۽ اوهان ان کي هلڪو ٿي ڀانيو، پر اهو الله وٽ وڏو گناهه هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ڪجهه ويچار ته ڪريو، ان وقت توهان ڪيڏي نه سخت غلطي ڪري رهيا هيؤ) جڏهن توهان جي هڪڙيءَ زبان ٻيءَ زبان کان اهو ڪوڙ پئي ورتو ۽ توهان پنهنجن واتن مان اهو ڪجهه پئي چيو، جنهن جي باري ۾ توهان کي ڪابه ڄاڻ نه هئي. توهان ان کي معمولي ڳالهه پئي سمجهيو، حالانڪه الله جي نظر ۾ اها وڏي ڳالهه هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (غور ڪريو توهان غلطيءَ ۾ هئا) جڏهن توهان جي هڪ زبان وٺندي پئي وئي ٻي زبان کان ڪوڙ ۽ توهان پنهنجي وات سان اهو ڪجهه چئو پيا جنهن جو توهان کي ڪوبه علم نه هو ۽ توهان ان کي بنهه معمولي ڳالهه سمجهي رهيا هئا، ۽ جڏهن ته اها ئي الله وٽ وڏي ڳالهه هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن توهان ان ڳالهه کي پنھنجي واتان ڦھلائي رهيا هئا ته (حقيقت ۾) توهان پنھنجي واتان اهڙي ڳالهه ڪڍي رهيا هئا جنھن جي باري ۾ توهان کي ڪابه خبر نه هئي. توهان ان ڳالهه کي معمولي سمجهي رهيا هئا. درحقيقت الله تعالى جي ويجهو اها انتھائي وڏي ڳالهه هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَولا إِذ سَمِعتُموهُ قُلتُم ما يَكونُ لَنا أَن نَتَكَلَّمَ بِهٰذا سُبحٰنَكَ هٰذا بُهتٰنٌ عَظيمٌ (آيت : 16) |
۽ جڏھن اُھو ٻڌوَ (تڏھن) ڇونه چيوَ ته اسان کي اھو چوڻ نه جڳائيندو آھي، (اي الله) تنھنجي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ھي وڏ بُھتان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن توهان اها (تهمت) ٻڌي هئي تڏهن توهان ڇو نه چئي ڏنو ته، اسان جي لاءِ مناسب ناهي ته اسان اهڙي ڳالهه (رڳو) زبان مان ڪڍون. سبحان الله! (پاڪ آهي الله تعاليٰ) هي ته وڏو بهتان آهي، (ان وقت اهي لفظ ڇو نه توهان چيا هئا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن توهان اها ڳالهه ٻڌي ان وقت توهان ڇو نٿي چيو ته اسان کي مناسب ناهي جو اسين ان باري ۾ ڳالهايون، اي الله تون پاڪ آهين هيءُ تمام وڏو بهتان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اوهان اهاڳالھ ٻڌي تڏهن اوهان ڇو نه چيو ته اسان کي اها ڳالھ ڪرڻ مناسب نه آهي. سبحان الله! هي وڏو بهتان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇو نه جڏهن ٻڌوَ ان کي ته چئو ها نه ٿو جڳائي اسان کي هي جو ڳالهايون هيءُ پاڪائي آهي تنهنجي هي بهتان وڏو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اوهان اها ڳالهه ٻڌي تڏهن اوهان ڇو نه چيو ته اسان کي اها ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي. (اي الله ) تون پاڪ آهين. هيءَ وڏو بهتان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ائين ڇو نه ٿيو جو جڏهن توهان اها ڳالهه ٻڌي ته چؤ ها ته اسان لاءِ اهو مناسب نه آهي جو ان باري ۾ ڳالهايون، (بلڪه چؤ ها ته اي الله) تون پاڪ آهين هي وڏو بهتان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جيڪر جنهن وار، ڪَنِين، ٻُڌان ڪُوڙ سو، ته چيان، ته اَسِين اِيئن چَئون، اِي نَه اسان کي ڪار، سُبحانهٗ سَهوار، هِي آهي بَڙو بُهتان ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن اوهان اهو ٻڌو، تڏهن ڇو نٿي چيوَ ته ” اسان کي اهو چوڻ نٿو جڳائي_ تون پاڪ آهين، هيءُ ته وڏو بهتان آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان اهو ٻڌندي ئي ڇو نه چئي ڏنو ته "اسان کي اهڙي ڳالهه زبان کان ڪڍڻ نه ٿي جڳائي، پاڪ ته (اي الله) تنهنجي ذات آهي، اهو ته تمام وڏو بهتان آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇو نه ان کي ٻڌندي ئي توهان چئي ڏنو ته، اسان کي زبان مان اها ڳالهه ڪڍڻ ئي زيب نٿي ڏئي، سبحان الله! هيءُ ته هڪ تمام وڏو بهتان ئي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان اها ڳالهه ٻڌندي ئي اهو ڇو نه چيو ته ان ڳالهه جي باري ۾ اسان جو ڳالهائڻ بلڪل نامناسب آهي. يا الله! تنھنجي ذات ئي پاڪ آهي هي ته ڪو وڏو بھتان ٿو نظر اچي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَعِظُكُمُ اللَّهُ أَن تَعودوا لِمِثلِهِ أَبَدًا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 17) |
الله اوھان کي نصيحت ٿو ڪري ته جيڪڏھن مؤمن آھيو ته (ٻيھر) وري اصلي اھڙو (ڪم) نه ڪجو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڏسو) الله تعالي! اوهان کي نصيحت ٿو ڪري ته جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو ۽ ايمان اٿوَ ته وري ڪڏهن به ان جهڙي روش ۽ هلت نه وٺجو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى توهان کي نصيحت ڪري ٿو (۽ منع ڪري ٿو) ته اهڙو ڪم ڪڏهن نه ڪجو جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا توهان کي نصيحت ڪري ٿو جيڪڏهن اوهين سچا ايماندار آهيو ته ياد رکو! وري ڪڏهن به ائين نه ڪجو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نصيحت ٿو ڪري اوهان کي الله ته ورو اهڙي ڳالهه لاءِ هيمشہ جيڪڏهن آهيو مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اوهان کي نصيحت ڪري ٿو ته متان موٽي ڪڏهن به اهڙو ڪم ڪريو.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله اوهان کي نصيحت ڪري ٿو ته وري ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪجو جيڪڏهن توهان ايمان وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله اَوهان کي ٿو ڪري، مَنع مُور مُدام، ته موٽو اِن مثال ڏي، جي آهيو سِر اسلام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله نصيحت ٿو ڪريوَ، ته وري اهڙو ڪم ڪڏهن به نه ڪجو، جيڪڏهن اوهين مؤمن آهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ٿو توهان کي نصيحت ڪري ته اڳتي وري ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪجو، جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نصيحت ٿو ڪري الله توهان کي ته آئنده اهڙي حرڪت نه ڪندا، اگر توهان مؤمن آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي) الله تعالى توهان کي نصيحت ڪري ٿو ته جيڪڏهن اوهان مؤمن آهيو ته آئنده ڪڏهن به اهڙي ڪوڙي ڳالهه وات تي نه آڻجو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 18) |
۽ الله اوھان لاءِ آيتون بيان ٿو ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجا حڪم کولي کولي چٽا ڪري ٻڌائي رهيو آهي. ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو، ۽ الله تعالى گھڻو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا اوهان سان (پنهنجا) حڪم صاف صاف بيان ڪري ٿو ۽ خدا ته وڏو ڄاڻڻهار حڪيم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيان ڪري ٿو الله اوهان جي لاءِ آيتون ۽ الله ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو. ۽ الله اوهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله اوهان لاءِ آيتون کولي کولي بيان ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ خدا کولي ٿو پَنهنجا، اَوهان لئي اَحڪام، ۽ اَلله آهي عَلام، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله اوهان لاءِ آيتون بيان ٿو ڪري ۽ الله ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله توهان کي چٽيون هدايتون ٿو ڏئي ۽ هو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پڌري هدايت ڏئي ٿو الله توهان کي، ۽ الله ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى توهان جي لاءِ پڌريون هدايتون بيان ڪري ٿو. الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ يُحِبّونَ أَن تَشيعَ الفٰحِشَةُ فِى الَّذينَ ءامَنوا لَهُم عَذابٌ أَليمٌ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 19) |
بيشڪ جيڪي (ماڻھو) مؤمنن (جي نسبت) ۾ بدڪاريءَ (جي تھمت) جي پڌري ٿيڻ کي دوست رکندا آھن تن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن ماڻهن لاءِ جيڪي چاهين ٿا ته مسلمانن ۾ بي شرمي وڌي ۽ پکڙجي، (تن لاءِ) دنيا توڙي آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، پر توهان ڪونه ٿا ڄاڻو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو مؤمنن ۾ خراب ڳالهين پکيڙڻ جي دلچسپي رکن ٿا، انهن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي، ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو ۽ توهان نٿا ڄاڻو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو ايمان وارن ۾ بدڪاريءَ جي تهمت پڪڙجڻ کي پسند ڪن ٿا، تن لاءِ دنيا (۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. ۽ خدا (اصل حال کي) چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نٿا ڄاڻو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي شخص جيڪي محبت رکن ٿا ته پکڙجي بيحيائي انهن ۾ جن ايمان آندو انهن جي لاءِ عذاب دردناڪ آهي دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي ايمان وارن ۾ بدڪاريءَ جي (تهمت) پکڙجڻ کي پسند ڪن ٿا، تن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نٿا ڄاڻو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي اِها ڳالهه پسند ڪن ٿا ته ايمان وارن ۾ بي حيائي پکڙجي انهن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ توهان نه ٿا ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڀانئـِن بَدگمان، ته ڀَلِين بُڇڙيون ڳالهيون، ٽِڙن پَکڙن اُنهن ۾، آندو جن اِيمان، دَرد دُنيا ۾ تن لئي، ٻِيو مَنجھ ٻِئي جَھان، ۽ سَمجھي تن سُبحان، ۽ اَوهِين نه ڄاڻو اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن شخصن کي اها ڳالهه پسند ٿي اچي ته مؤمنن ۾ براين (جي تهمتن) کي پکيڙيو وڃي، تن لاءِ دنيا خواهه آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آهي_ ۽ الله ڄاڻي ٿو، مگر اوهين ڪو نه ٿا ڄاڻو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو گهرن ٿا ته ايمان وارن ۾ بيحيائي پکڙجي، سي دنيا توڙي آخرت ۾ دردناڪ سزا جا حقدار آهن. الله ئي ٿو ڄاڻي ۽ توهان نٿا ڄاڻو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو گُهرن ٿا ته پکڙجي بي حيائي ايمان آڻڻ واري جي ٽولي ۾، اهي سزا ۾ سختي جي لائق آهن دنيا توڙي آخرت ۾، ۽ الله ئي ڄاڻي ٿو پر توهان نٿا ڄاڻو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو مؤمنن (جي معاشري) ۾ بيحيائي ڦھلجڻ کي پسند ڪن ٿا سو انهن جي لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. الله تعالى ئي اصل معاملي کي ڄاڻي ٿو توهان کي ڪابه خبر نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا (ته ضرور خراب ٿيو ھا) ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها (ته توهان کي سخت ۾ سخت سزا ڏني وڃي ها) پر بيشڪ خدا نهايت ئي مهربان ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ رحمت توهان تي نه هجي ها (ته توهان تي عذاب اچي ها) ۽ بيشڪ الله تعالى رؤف رحيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اوهان تي خدا جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها. ۽ هيءَ ڳالھ به ته خدا (پنهنجي بندن تي) شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي (ته توهين ڏسو ها ڇا ٿئي ها).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن نه هجي ها الله جو فضل اوهان تي ۽ ان جي رحمت ۽ بيشڪ الله ٻاجهارو مهربان آهي. . ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ۽ هي ڳالهه به ته الله گهڻي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي (ته خراب ٿيو ها). (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اوهان مٿان الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها (ته ان بهتان بازي جا برا نتيجا نڪرن ها) ۽ بيشڪ الله گهڻي شفقت ڪندڙ ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي نه هُئن ڀَلي جا ڀال، پڻ ٻاجھ اوهان تي اُن جي، ۽ نَرم اوهان نال، پڻ سانئـِين سَٻاجھو گَھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجهه نه هجي ها (ته تڪليف ۾ پئو ها) ۽ الله ته بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس رحمت توهان تي نه هجي ها ۽ ائين نه هجي ها جو الله ڏاڍو شفيق ۽ رحيم آهي (ته پوءِ ان پکيڙيل ڳالهه جا ڏاڍا خراب نتيجا نڪرن ها) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي نه هجي ها الله جو فضل توهان تي ۽ رحم ته (جيڪا ڳالهه توهان ۾ عام ٿي، برو نتيجو ڏيکاري ها) بيشڪ الله شفيق ۽ رحيم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان جي مٿان الله تعالى جي خاص مھرباني ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان کي سخت سزا ڏني وڃي ها. بيشڪ الله تعالى وڏو نرمي ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ وَمَن يَتَّبِع خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ فَإِنَّهُ يَأمُرُ بِالفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ ما زَكىٰ مِنكُم مِن أَحَدٍ أَبَدًا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 21) |
اي ايمان وارؤ اوھين شيطان جي وِکن تي نه ھلو، ۽ جيڪو شيطان جي وِکن تي ھلندو ته شيطان ته بيحيائي (جون ڳالھيون) ۽ مندا ڪم ڏسيندو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا ته اوھان مان ڪو ھڪ ڪڏھن نه سُڌري ھا پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي پاڪ ڪندو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مومنؤ! شيطان جي نقش قدم تي نه هلجو، (يعني سندس عملن جهڙا عمل نه ڪجو) ۽ جيڪو به شيطان جي نقش قدم تي هلندو سو ته ضرور فاحش ڪم ۽ گناهه ڪرڻ جو ئي حڪم ڏيندو، ۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان مان هڪ به (انهيءَ گناهه کان) پاڪ نه هجي ها، پر خدا جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي (سندس دل جو حال ڄاڻي سندس توبهه قبول ڪري) پاڪ ڪري ٿو ڇڏي ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان شيطان جي نقشِ قدم تي نه هلو ۽ جيڪو ماڻهو شيطان جي نقس قدم تي هلي ٿو پوءِ بيشڪ اهو (کيس) برائي ۽ غير شرعي ڪمن جو چوي ٿو ۽ جيڪڏهن توهان تي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته توهان مان ڪڏهن به ڪو پاڪ نه ٿئي ها، پر الله تعالى جنهنکي چاهي ان کي پاڪ ڪري ٿو، ۽ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! شيطان جي وکن تي نه هلو! ۽ جيڪو شيطان جي وکن تي هليو ڇو ته هو يقينا بدڪاري ۽ بڇڙي ڪم (ڪرڻ) جو حڪم ڪري ٿو. ۽ جيڪڏهن اوهان تي، الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته اوهان مان ڪو به پاڪ صاف نه هجي ها پر خدا جنهن کي گهري ٿو تنهن کي پاڪ صاف ڪري ٿو. ۽ خدا وڏو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! نه هلو وکن شيطان جي تي ۽ جيڪو تابعداري ڪري ٿو شيطان جي وکن جي پوءِ بيشڪ اهو امر ڪري ٿو بيحيائيءَ جو ۽ برائيءَ جو ۽ جيڪڏهن نه هجي الله جو فضل ۽ ان جي رحمت اوهان تي ته نه پاڪ صاف ٿئي ها اوهان مان ڪو هڪڙو هميشہ ۽ پر الله ٿو پاڪ صاف رکي جنهن کي گهري ۽ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارو! شيطان جي وکن تي نه هلو! ۽ جيڪو شيطان جي وکن تي هلندو (سو بدڪار ۽ بڇڙو ٿيندو) ڇو ته شيطان بدڪاري ۽ بڇڙي ڪم جو حڪم ڪري ٿو. ۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته اوهان مان ڪوبه اصل نه سڌري ها، پر الله جنهن کي گهري ٿو تنهن کي سڌاري ٿو ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! اوهان شيطان جي نقشِ قدم تي نه هلو. ۽ جيڪو شيطان جي وِکُن جي پيروي ڪندو ته بيشڪ اُهو بي حيائي ۽ برائي جو حڪم ڏئي ٿو. ۽ جيڪڏهن توهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان مان ڪوبه ڪڏهن به پاڪ نه ٿي سگهي ها ۽ پر الله جنهن کي چاهي پاڪ ڪري ٿو ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن مڃيو! مُور واريو نه وِکون شيطان جون، ۽ وِکن پُٺيان شيطان جي، وِيندو جو وَهلُور، ۽ آڇِيندسِ ضَرُور، ڪِرت ڪِنِي ۽ ڪِير تون. ۽ جي نه هُئنِ ڀَلي جا ڀال، پڻ ٻاجھ اوهان تي اُن جِي، ته آن مان هميشه هيڪ کي، نه ڪيو نيڪ نهال، پر وڻيسِ تنهن کي، پاڪ ڪري، مالِڪ بي مِثال، ۽ هادِي هر ڪِنهن حال، سُڻندڙ، سَمجھندڙ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! شيطان جي قدمن تي نه هلو_ ۽ جيڪو شيطان جي قدمن تي هلندو ته (ياد رکي ته) اهو ته بيحيائي ۽ برا ڪم ڏسيندو آهي ۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته اوهان مان ڪو هڪڙو به ڪڏهن به نه سڌري ها، پر الله جنهن کي گهري، تنهن کي پاڪ ٿو ڪري ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! شيطان جي پيروي نه ڪريو، جيڪو به شيطان جي ڪڍ لڳندو ته اهو کيس بيحيائي ۽ برائيءَ جو ئي حڪم ڏيندو، جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس رحمت توهان تي نه هجي ها ته توهان مان ڪوبه شخص پاڪ نه ٿي سگهي ها، پر الله جنهن کي گهري پاڪ ڪري ڇڏي ٿو ۽ الله ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، نه هلو توهان شيطان جي قدمن تي، ۽ ان جي جيڪو به پيروي ڪري شيطان جي ته اهو ان کي بي حيائي ۽ بدڪاريءَ جو حڪم ڏيندو، جي نه هجي ها الله جو فضل توهان تي، ۽ ان جو رحم ته توهان مان ڪوبه شخص پاڪ ٿي نه ٿي سگهيو ڪڏهن به، پر جنهن کي گهري الله پاڪ ڪري ٿو، الله ته ٻڌندڙ ۽ (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! شيطان جي نقش قدم تي نه هلو ۽ جيڪو به شيطان جي نقش قدم تي هلندو ته هو کيس بيحيائي ۽ گناهه جي ڪمن جو حڪم ڪندو ۽ جيڪڏهن توهان جي مٿان الله تعالى جي خاص مھرباني ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان مان ڪير به پاڪيزهه ڪردار وارو ڪڏهن به نه ٿي سگهي ها. پر الله تعالى جنھن کي چاهيندو آهي کيس پاڪيزهه ڪردار وارو بڻائيندو آهي. الله تعالى خوب ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يَأتَلِ أُولُوا الفَضلِ مِنكُم وَالسَّعَةِ أَن يُؤتوا أُولِى القُربىٰ وَالمَسٰكينَ وَالمُهٰجِرينَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَليَعفوا وَليَصفَحوا أَلا تُحِبّونَ أَن يَغفِرَ اللَّهُ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 22) |
۽ اوھان مان فضل وارا ۽ آسودا مائٽي وارن ۽ مسڪينن ۽ الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندڙن کي (ڪي به) نه ڏيڻ جو قسم نه کڻن، ۽ جڳائي ته معاف ڪن ۽ ٽارو ڪن، اوھين نه گھرندا آھيو ڇا ته الله اوھان کي بخشي؟ ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اوهان مان جيڪي فضل ۽ وسعت وارا آهن، تن کي گهرجي ته اهو قسم نه کڻن ته اسان (فلاڻن) مائٽن، مسڪينن ۽ خدا جي راهه ۾ هجرت ڪندڙن کي ڪجهه به نه ڏينداسين. کين گهرجي ته (سندن قصور) معاف ڪري ڇڏين ۽ درگذر ڪن. ڇا توهان هي ڳالهه پسند نٿا ڪيو ته خدا اوهان کي بخشي ڇڏي ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان مان ديني فضيلت رکندڙ ۽ دولتمند ماڻهو قسم نه کڻن ته اهي پنهنجي عزيزن ۽ مسڪينن ۽ الله جي راه ۾ هجرت ڪندڙن تي پنهنجي دولت خرچ نه ڪندا، ۽ انهن کي گُھرجي ته معاف ڪن ۽ درگذر ڪن، ڇا توهان پسند نٿا ڪريو ته الله تعالى توهان کي بخش ڪري، ۽ الله تعالى غفور رحيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان مان جيڪي ماڻهو دولت ۽ آسودگيءَ وارا آهن سي مٽن مائٽن ۽ مسڪينن ۽ خدا جي راھ ۾وطن ڇڏيندڙن کي ڏيڻ کان قسم نه کڻن، پر کين گهرجي ته (انهن جي خطا) معاف ڪن ۽ وساري ڇڏين. ڇا اوهين هيءَ ڳالھ پسند نٿا ڪريو ته خدا توهان جي خطا معاف ڪري. ۽ خدا ته معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه قسم کڻن صاحب فضل جا اوهان مان ۽ گنجائش جا هي ته (نه) ڏيندا مائٽن کي ۽ مسڪينن کي ۽ هجرت ڪندڙن کي الله جي واٽ ۾ ۽ جڳائي ته معاف ڪن ۽ درگذر ڪن ڇا نه ٿا پسند ڪيو هي ته بخشي الله اوهان کي ۽ الله بخشڻهار، مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان مان فضل ۽ آسودگيءَ وارا مائٽيءَ وارن ۽ مسڪينن ۽ الله جي رستي ۾ وطن ڇڏيندڙن کي ڏيڻ کان قسم نه کڻن،۽ کين گهرجي ته معاف ڪن ۽ درگذر ڪن. ڇا اوهين هيءَ ڳالهه پسند نه ٿا ڪريو ته الله اوهان کي معاف ڪري ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان مان بزرگي ۽ آسودگي وارا هن ڳالهه جو قسم نه کڻن ته اُهي (ان بهتان ۾ شريڪ) رشتيدارن ۽ مسڪينن ۽ الله جي راهه ۾ هجرت ڪرڻ وارن کي (مالي مدد نه) ڏيندا کين کپي ته (غلطيون) معاف ڪن ۽ درگذر ڪن. ڇا توهان هي ڳالهه پسند نه ٿا ڪيو ته الله توهان کي معاف ڪري. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏِينهن ۾ ڏِسندا، مَلائـِڪ مُنِير، خاصِي ناهي کِير، اُنِهئَ ڏِينهن، ڪاڻ ڏُهاريين. ۽ شَل پَريائـِين پري هُجو!، ٻوليندا ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان مان فضل ۽ آسودگي وارن کي اهو قسم نه کڻڻ گهرجي ته هو عزيزن، مسڪينن ۽الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندڙن کي (خيرات) نه ڏيندا ۽ گهرجنِ ته معاف ڪن ۽ ٽارو ڪن، ڇا اوهان کي اهو نٿو وڻي ته الله اوهان کي بخشش ڪري؟ ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان مان جن ماڻهن تي فضل ٿيل آهي ۽ آسودا آهن، تن کي اهو قسم کڻڻ نه گهرجي ته هو پنهنجي عزيزن، مسڪينن ۽ الله جي واٽ ۾ هجرت ڪيل ماڻهن جي مدد نه ڪندا، کين معاف ڪري ڇڏڻ گهرجي ۽ درگذر ڪرڻ گهرجي، ڇا توهان نٿا چاهيو ته الله توهان کي معاف ڪري؟ ۽ الله بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان مان جيڪي ماڻهو فضل جا صاحب ۽ طاقت رکندڙ آهن، اهي هن ڳالهه جو قسم نه کائي ويهن ته اهي پنهنجي عزيزن ۽ مسڪينن ۽ جن هجرت ڪئي الله جي راهه ۾، انهن جي هو مدد نه ڪندا، انهن کي معاف ڪرڻ ۽ درگذر ڪرڻ گهرجي، ڇا توهان نٿا گهرو ته الله معاف ڪري توهان کي؟ ۽ الله جي صفت اها آهي ته هو غفور ۽ رحيم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اوهان مان فضيلت وارا ۽ خوشحال ماڻهو مائٽن، مسڪينن ۽ الله تعالى جي راهه ۾ هجرت ڪندڙن جي مالي مدد نه ڪرڻ جو قسم نه کائين. بلڪه هو اهڙن ماڻهن کي معاف ڪن ۽ کين درگذر ڪن. ڇا توهان کي اهو پسند نه آهي ته الله تعالى توهان کي معاف ڪري ۽ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ الغٰفِلٰتِ المُؤمِنٰتِ لُعِنوا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
بيشڪ جيڪي (ماڻھو) پاڪدامن بي خبر مؤمنياڻن زالن کي تُھمت لائيندا آھن تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت آھي، ۽ اُنھن لاءِ (اُنھيءَ ڏينھن) وڏو عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ماڻهو جيڪي ڪن پاڪدامن معصوم ۽ بيخبر مؤمنياڻين تي تهمت لڳائين ٿا تن تي دنيا توڙي آخرت ۾ لعنت پوندي ۽ انهن کي سخت عذاب ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو پاڪ دامن، بي خبر مؤمن عورتن تي تهمت هڻن ٿا (انهن تي) دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي وئي آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو پاڪ دامن بي خبر ايمان وارين زالن تي (بدڪاريءَ) جي تهمت هڻن ٿا، تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ (خدا جي) لعنت آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ جيڪي تهمت هڻن ٿا پاڪدامن، بي خبر مؤمنياڻين تي لعنت ڪيا ويا دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ انهن جي لاءِ عذاب وڏو آهي. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو پاڪدامن (بدڪاريءَ کان) بي خبر، ايمان وارين زالن ڏي بدڪاريءَ جي نسبت ڪن ٿا، تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت آهي، ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي پاڪدامن (بدڪاريءَ کان) بي خبر مؤمنياڻين مٿان (بدڪاري جي) تهمت مڙهن ٿا انهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آياسون اُنهن ڏي، جي ڪيون چڱايون چار، پوءِ ڪيوسونِ بَرقرار، پَڻِي پکڙيل اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جيڪي شخص پاڪدامن بيخبر مؤمنياڻين تي تهمت لڳائين ٿا، تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو پاڪدامن اٻوجهه مؤمن عورتن تي تهمتون هڻن ٿا، انهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي وئي آهي ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو تهمتون لڳائن ٿا پاڪدامن بي خبر مؤمن عورتن تي، انهن تي ته لعنت ڪئي وئي آهي دنيا ۽ آخرت ۾، ۽ انهن جي لاءِ ئي تمام وڏو عذاب آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو پاڪدامن ۽ شريف (دولابي کان بي خبر) مؤمن عورتن تي تھمت هڻن ٿا، انهن ماڻهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي وئي آهي ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ تَشهَدُ عَلَيهِم أَلسِنَتُهُم وَأَيديهِم وَأَرجُلُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
انھن جيڪي ڪمايو تنھن بابت سندين زبانون ۽ سندن ھٿ ۽ سندن پير جنھن ڏينھن مٿن شاھدي ڏيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن سندن زبانون، سندن هٿ ۽ سندن پير به انهن جي خلاف شاهدي ڏيندا ته هنن ڪهڙا ڪهڙا عمل ڪيا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قيامت جي ڏينهن انهن تي سندن زبانون ۽ سندن هٿ ۽ سندن پير سندن مٿان، سندن بداعمالي جي شاهدي ڏيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن مٿن سندن زبانون ۽ سندن هٿ ۽ سندن پير جيڪي ڪندا هئا، تنهن جي شاهدي ڏيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن جو شاهدي ڏينديون انهن تي زبانون انهن جون ۽ هٿ انهن جا ۽ پير انهن جا انهن (عملن) جي جيڪي ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن مٿن سندن زبانون ۽ سندن هٿ ۽ سندن پير جيڪي ڪند اهئا، تنهن جي شاهدي ڏيندا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن انهن جي خلاف سندن زبانون ۽ سندن هٿ ۽ سندن پير شاهدي ڏيندا جيڪي ڪجھه اهي (دنيا ۾) ڪندا رهيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن ساکي بِيهندنِ سِر مٿي، سندن هٿ، پير، زبان، جيڪِي مَنجھ جَھان، ڪندا هُئا ڪَمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي ڏينهن سندن ڪيل ڪمن بابت سندن زبانون ۽ هٿ ۽ پير مٿن شاهدي ڏيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو اهو ڏينهن نه وساري ڇڏين، جڏهن سندن زبانون ۽ سندن هٿ پير سندن ڪرتوتن جي شاهدي ڏيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ان ڏينهن کي نه وسارين جڏهن انهن جون پنهنجون زبانون ۽ سندن هٿ شاهدي ڏيندا ته اهي ڇا ڪندا رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هو ان ڏينھن کي نه وسارين) جڏهن سندن زبانون، سندن هٿ ۽ پير سندن ئي برن عملن جي گواهي ڏيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَئِذٍ يُوَفّيهِمُ اللَّهُ دينَهُمُ الحَقَّ وَيَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ المُبينُ (آيت : 25) |
اُن ڏينھن الله کين انصاف سان سندن بدلو پُورو ڏيندو ۽ (ھيءُ) ڄاڻندا ته الله ئي سچو پڌري ڪرڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن الله تعاليٰ هنن کي پورو پورو ۽ حق ۽ انصاف وارو بدلو ڏيندو. ۽ هنن کي معلوم ٿي ويندو ته بيشڪ الله ئي آهي جو سچو آهي، ۽ هرهڪ ڳالهه کي ظاهر ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ ڏينهن الله تعالى کين سندن عملن جو مڪمل بدلو ڏيندو ۽ اهي ڄاڻن ٿا ته بيشڪ الله ئي سچ بيان ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن الله انهن کي سندن صحيح پورو بدلو ڏيندو ۽ اهي ڄاڻندا ته الله ئي سچو ۽ حق کي ظاهر ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن پورو بدلو ڏيندو الله انهن کي سندن دين سچي جو ۽ پڪ ڄاڻندا ته بلا شڪ الله اهوئي سچو پڌري ڪرڻ وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽) ان ڏينهن الله انهن کي سندن واجبي بدلو پورو ڏيندو ۽ اهي ڄاڻندا ته الله ئي سچو (۽ سچ کي) ظاهر ڪرڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن الله انهن کي پورو پورو بدلو ڏيندو جنهن جا اُهي حقدار آهن ۽ اهي ڄاڻندا ته الله ئي بر حق آهي (۽ حقيقتن کي) ظاهر ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن ڏِينهن پُورا اُنهن کي، ڏِبا واجِب ڏان، پڻ سَمجھن ته سُبحان، صَحِي ثابِت آهي ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي ڏينهن کين الله انصاف سان سندن بدلو پورو ڏيندو ۽ ڄاڻندا ته الله ئي سچو، پڌرو ڪندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان ڏينهن الله کين پورو پورو بدلو ڏيندو، جيڪو هنن لهڻو هوندو ۽ کين معلوم ٿي ويندو ته الله ئي حق آهي، سچ کي سچ ڪندڙ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن کين پورو پورو بدلو ڏيندو الله جنهن جا اهي حقدار آهن ۽ کين معلوم ٿي ويندو ته بيشڪ الله ئي حق آهي، سچ کي سچ ڪري ڏيکارڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن الله تعالى کين صحيح بدلو ڏيندو ۽ هو پاڻ ئي سمجهي ويندا ته الله تعالى ئي سچو آهي ۽ هو هر شيءِ کي چٽيءَ طرح بيان ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الخَبيثٰتُ لِلخَبيثينَ وَالخَبيثونَ لِلخَبيثٰتِ وَالطَّيِّبٰتُ لِلطَّيِّبينَ وَالطَّيِّبونَ لِلطَّيِّبٰتِ أُولٰئِكَ مُبَرَّءونَ مِمّا يَقولونَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 26) |
پليت زالون پليت مردن لاءِ (لائق) آھن ۽ پليت مرد پليت زالن لاءِ (لائق) آھن، ۽ پاڪ زالون پاڪ مردن لاءِ (لائق) آھن ۽ پاڪ مرد پاڪ زالن لاءِ (لائق) آھن، (انھن جي به نسبت ماڻھو) جيڪي چوندا آھن تنھن (ڳالھ) کان اُھي پاڪ آھن، انھن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) گنديون عورتون گندن مردن لاءِ آهن ۽ گندا مرد گندين عورتن لاءِ آهن ۽ پاڪ عورتون پاڪ مردن لاءِ ۽ پاڪ مرد پاڪ عورتن لاءِ آهن. اهي ماڻهو (يعني پاڪ مرد ۽ پاڪ عورتون) انهن (شريرن) جي ڳالهين کان بلڪل آجا آهن، (يعني هو انهن تهمتن کان پاڪ آهن ۽ انهن جي تهمتن جي ڪري هنن کي ڪو نقصان ڪونه رسندو) انهن جي لاءِ خدا جي بخشش ۽ عزت جي روزي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خراب عورتون خراب مردن لاءِ آهن ۽ خراب مرد خراب عورتن لاءِ آهن، ۽ پاڪ عورتون پاڪ مردن لاءِ آهن، ۽ پاڪ مرد پاڪ عورتن لاءِ آهن، اهي انهيءَ کان پاڪ آهن جيڪي اهي کين چون ٿا، انهن لاءِ (بهشت ۾) بخشش ۽ عزت واري روزي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بڇڙيون زالون بڇڙن مردن لاءِ (مناسب) آهن ۽ بڇڙا مرد بڇڙين زالن لاءِ آهن. ۽ چڱيون زالون چڱن مردن لاءِ (مناسب) آهن ۽ چڱا مرد چڱين زالن لاءِ آهن. بهتان رکندڙ ماڻهو جيڪا ڳالھ انهن بابت بڪن ٿا تنهن کان اهي پاڪ صاف آهن. اهڙن ئي (پاڪ ماڻهن) لاءِ (آخرت ۾) معافي ۽ عزت ڀري روزي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پليد عورتون پليد مردن لاءِ آهن ۽ پليد مرد پليد عورتن جي لاءِ آهن ۽ پاڪ عورتون پاڪ مردن جي لاءِ آهن ۽ پاڪ مرد پاڪ عورتن جي لاءِ آهن اهي پاڪ آهن ان کان جيڪو چون ٿا انهن جي لاءِ بخشش ۽ رزق ڀلو آهي. . ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بڇڙيون زالون بڇڙن مردن لاءِ آهن ۽ بڇڙا مرد بڇڙين زالن لاءِ آهن. ۽ چٽيون زالون چڱن مردن لاءِ آهن ۽ چڱا مرد چٽين زالن لاءِ آهن. بهتان رکندڙ جيڪا ڳالهه چون ٿا تنهن کان اهي (چڱا ماڻهو) پاڪ آهن. انهن لاءِ معافي ۽ عزت جي روزي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ناپاڪ عورتون ناپاڪ مردن لاءِ آهن ۽ ناپاڪ مرد ناپاڪ عورتن لاءِ آهن، ۽ پاڪ عورتون پاڪ مردن لاءِ آهن پاڪباز مرد پاڪيزه عورتن لاءِ آهن، اُهي (پاڪيزه ماڻهو) آجا آهن ان (تهمتن کان) جيڪي (بهتان مڙهيندڙ) چون ٿا. انهن لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بُڇڙيون بُڇڙن واسطي، ۽ بُڇڙا بُڇڙِين ڪاڻ، ۽ پاڪ بيبيون پاڪن لئي ۽ پاڪ پاڪن لئي پاڻ، اُهي آجا اُن ڪنان، جيڪِي ڪَهن، تَنِ ڪاڻ، سَڳورِي سانجاڻ، پڻ موڪ مَعافِيون اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پليت زالون پليت مرد ن لاءِ ۽ پليت مرد پليت عورتن لاءِ، پاڪ زالون پاڪ مردن لاءِ آهن ۽ پاڪ مرد پاڪ عورتن لاءِ، اهي انهي کان پاڪ آهن، جيڪي (بهتان ٻڌندڙ) چون ٿا، هنن لاءِ بخشش ۽ سڳورو رزق آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) گنديون عورتون گندن مردن لاءِ آهن ۽ گندا مرد گندين عورتن لاءِ ، پاڪ عورتون پاڪ مردن لاءِ آهن ۽ پاڪ مرد پاڪ عورتن لاءِ . سندن دامن پاڪ آهي، انهن ڳالهين کان جيڪي ٺاهڻ وارا ٺاهن ٿا. انهن لاءِ مغفرت ۽ ڀلو رزق آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) خبيث (خراب) عورتون خبيث مردن لاءِ ۽ خبيث مرد خبيث عورتن جي لاءِ، ۽ پاڪيزه عورتون پاڪيزه مردن جي لاءِ ۽ پاڪيزه مرد پاڪيزه عورتن جي لاءِ، انهن جو دامن پاڪ آهي انهن ڳالهين کان جو ٺاهڻ وارا ٺاهين ٿا، انهن جي مغفرت ئي آهي سٺو رزق(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ناپاڪ عورتون، ناپاڪ مردن لاءِ ۽ ناپاڪ مرد، ناپاڪ عورتن لاءِ ئي آهن ۽ پاڪ عورتون پاڪ مردن لاءِ ۽ پاڪ مرد پاڪ عورتن لاءِ ئي آهن. بھتان هڻندڙن جي مقابلي ۾ هي ماڻهو پاڪ آهن، انهن لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ بُيوتِكُم حَتّىٰ تَستَأنِسوا وَتُسَلِّموا عَلىٰ أَهلِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
اي ايمان وارؤ پنھنجن گھرن کانسواءِ ٻـين (ماڻھن جي) گھرن ۾ (ايسين) نه گھڙو جيسين (نه) موڪلايو ۽ اُن جي رھڻ وارن تي سلام (نه) ڏيو، اِھو اوھان لاءِ چڱو آھي مانَ اوھين نصيحت وٺو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مومنؤ! پنهنجي گهرن کان سواءِ ٻين جي گهرن ۾ بنا اجازت جي ۽ بنا السلام عليڪم چوڻ جي نه گهڙو. ائين ڪرڻ (يعني سلام ورائڻ ۽ اجازت گهرڻ) توهان جي لاءِ ئي تمام چڱو آهي، عجب ناهي ۽ ممڪن آهي ته توهان (ان حڪم جي بجا آوري ڪرڻ سان) هدايت واري واٽ وٺندؤ (۽ خراب خيالن کان بچندؤ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان پنهنجي گھرن کانسواءِ ٻين (ماڻهن) جي گھرن ۾ نه وڃو، ايستائين جو انهن کان اجازت نه وٺو ۽ انهن ۾ رهندڙن تي سلام نه ورايو، اهو توهان لاءِ بهتر آهي انهيءَ لاءِ توهان نصيحت وٺو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! اوهين پنهنجن گهرن کان سواءِ ٻين گهرن ۾ داخل نه ٿيو، ايستائين جو اجازت وٺو ۽ ان جي رهڻ وارن تي سلام ڪريو. اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي. (هيءَ سمجهاڻي هن ڪري آهي ته) من اوهين ياد رکو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! نه داخل ٿيو گهرن ۾ سواءِ گهرن پنهنجي تانجو موڪل وٺو ۽ سلام چئو انهن ۾ رهڻ وارن تي اهو ڀلو آهي اوهان جي لاءِ مَنَ اوهين نصيحت وٺو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارو! اوهين پنهنجن گهرن کانسواءِ ٻين گهرن ۾ داخل نه ٿيو. ايستائين جو موڪلايو ۽ انهن جي رهڻ وارن تي سلام ڪريو. اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي مَنَ اوهين ياد رکو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! پنهنجي گهرن کان سواءِ ٻين گهرن ۾ داخل نه ٿيو جيستائين انهن کان اجازت وٺو ۽ انهن جي رهڻ وارن تي سلام ڪيو. اُهو اوهان لاءِ ڀلو آهي ته جيئن اوهان نصيحت وٺو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آندو جن اِيمان!، ڌارن دٖيرن پَنهنجي، گِھڙو ڪِين گَھرن ۾، ڪِنهن ٻي جي ماڳه مَڪان، تان گُھرو گَھر وارن کان، اِجازت عيان، ۽ چَئو سلام تن مَٿي، جي اَهل تَنِين ايوان، اِي خاصو اوهان لئي خان!، مَن سان مانَ هَنڊائيو!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! اوهان پنهنجي گهر کان سواءِ ٻين گهرن ۾ تيسين نه گهڙو، جيسين موڪلايو ۽ منجهس رهندڙن تي سلام ورايو- اهو اوهان لاءِ تمام چڱو آهي، ته من اوهين نصيحت وٺو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! پنهنجن گهرن کان سواءِ ٻين گهرن ۾ نه هليا وڃو، جيستائين جو اجازت نه مليوَ ۽ گهر وارن تي سلام نه ڪيو. اهو طريقو توهان لاءِ ڏاڍو ڀلو آهي، اميد ته توهان ان جو پورو پورو خيال ڪندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! داخل نه ٿيو پنهنجي گهرن کان سواءِ ٻين جي گهرن ۾ جيستائين (انهن) گهر وارن جي رضا حاصل نه ڪريو ۽ جيتر سلام نه چئو انهن تي، هي طريقو توهان جي لاءِ بهتر آهي، اميد ته توهان ان جو خيال رکندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان پنھنجي گهرن کان سواءِ ٻين جي گهرن ۾ ايستائين داخل نه ٿيندا ڪريو جيستائين انهن کان اجازت نه وٺو ۽ کين سلام نه ڪريو. اهو عمل توهان لاءِ بھتر آهي ته جيئن اوهان نصيحت پرايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن لَم تَجِدوا فيها أَحَدًا فَلا تَدخُلوها حَتّىٰ يُؤذَنَ لَكُم وَإِن قيلَ لَكُمُ ارجِعوا فَارجِعوا هُوَ أَزكىٰ لَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 28) |
پوءِ جيڪڏھن منجھس ڪنھن کي نه ڏسو ته اُن ۾ (ايسين) نه گھڙو جيسين اوھان کي موڪل (نه) ڏجي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي چئجي ته موٽي وڃو ته موٽي وڃو اِھو اوھان لاءِ تمام سٺو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن سمجهو ته گهر ۾ ڪوبه ڪونهي ته به جيستائين اجازت نه ملي تيستائين گهر ۾ اندر نه وڃو. ۽ جيڪڏهن توهان کي چيو وڃي ته، موٽي وڃو ته (بلڪل رنج نه ٿيو، خوشيءَ سان) واپس هليا وڃو. اها ڳالهه توهان جي ئي لاءِ بهتر آهي. ۽ (ياد رکو ته) جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سڀ خدا کي خبر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن ان ۾ ڪو ماڻهو موجود نه هجي پوءِ بنا اجازت جي ان ۾ داخل نه ٿيو، ۽ جيڪڏهن توهان کي چيو وڃي ته توهان واپس وڃو پوءِ توهان واپس هليا وڃو اهو توهان لاءِ تمام بهتر آهي، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ ڪو اوهان کي نه ملي ته انهن ۾ (ايستائين) داخل نه ٿيو جيستائين اوهان کي اجازت (نه) ڏني وڃي. ۽ جيڪڏهن اوهان کي چيو وڃي ته ”موٽي وڃو” ته (پوءِ) موٽي وڃو! اها (ڳالھ) اوهان لاءِ تمام سٺي آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن نه لهو انهن ۾ ڪو هڪڙو پوءِ نه داخل ٿيو انهن ۾ تانجو موڪل ڏني وڃي اوهان کي ۽ جيڪڏهن چيو وڃي اوهان کي ته موٽي وڃو ته پوءِ موٽي وڃو اهو صاف آهي اوهان جي لاءِ ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ ڪو اوهان کي نه ملي ته انهن ۾ (ايستائين) داخل نه ٿيو جيستائين اوهان کي اجازت (نه) ڏني وڃي ۽ جيڪڏهن اوهان کي چيو وڃي ته “موٽي وڃو” ته موٽي وڃو! اهو اوهان لاءِ تمام چڱو آهي. ۽جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اگر انهن (گهرن) ۾ ڪو موجود نه لهو ته توهان انهن اندر داخل نه ٿيو جيستائين توهان کي اجازت نه ڏني وڃي، ۽ جي توهان کي چيو وڃي ته واپس موٽي وڃو ته موٽي وڃو اِها اوهان لاءِ پاڪيزه ڳالهه آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي توهان عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪر دوست نه ڌاريمَ، فَلانون ڦُلهيار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن منجهس ڪنهن کي نه ڏسو، ته تيسين ان ۾ نه گهڙو، جيسين اوهان کي موڪل ڏجي ۽ جيڪڏهن اوهان کي چئجي ”موٽي وڃو“ ته موٽي وڃو- اهو اوهان لاءِ تمام سٺو آهي ۽ الله اوهان جي ڪمن کي ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جي اتي ڪوبه نه مليوَ ته اندر نه گهڙو، جيستائين جو اجازت نه مليوَ ۽ جيڪڏهن توهان کي چيو وڃي ته موٽي وڃو ته موٽي هليا وڃو. اهو توهان لاءِ وڌيڪ پاڪائيءَ وارو طريقو آهي ۽ جيڪي توهان ڪريو ٿا الله ان کي چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جي اتي ڪير نه هجي ته داخل نه ٿيو جيستائين اجازت نه ڏني وڃي داخل ٿيڻ جي توهان کي، ۽ جي چيو وڃي توهان کي ته موٽي وڃو، ته واپس هليا وڃو، اهو پاڪيزه طريقو آهي توهان لاءِ، ۽ الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ڪريو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جيڪڏهن گهر ۾ ڪنھن کي موجود نه ڏسو ته به ان گهر ۾ بغير اجازت داخل نه ٿيو پر جيڪڏهن (گَهرَ جي اندران) توهان کي واپس وڃڻ جو چيو وڃي ته توهان موٽي وڃو. اهو توهان لاءِ بھتر آهي. الله تعالى توهان جي هر عمل کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ مَسكونَةٍ فيها مَتٰعٌ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 29) |
اھڙن گھرن ۾ گھڙڻ کان اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي جنھن ۾ ڪوئي نه رھندو ھجي منجھس اوھان جو سامان (رکيل) ھجي، ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر) هن ڳالهه ۾ گناه ڪونهي ته اهڙن گهرن ۾ هليا وڃو جن ۾ ماڻهو رهندڙ ڪونه آهن ۽ انهن ۾ توهان جو ڪو مال اسباب آهي (پر ياد رکو ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه (اوهان جي دل جي حالت به) ڄاڻي ٿو، جيڪي توهان کليو کلايو ظاهر ٿا ڪيو سو به ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي لڪايو ٿا سوبه ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان تي ڪو گناه ناهي جو توهان انهن گھرن ۾ داخل ٿيو، جيڪي رهڻ لاءِ خاص ناهن، انهن ۾ توهان جو ڪو سامان هجي، ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو جيڪو توهان ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪو توهان لڪايو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان تي هن ۾ ڪو گناھ نه آهي ته غير آباد گهرن ۾ داخل ٿيو جتي اوهان جو سامان هجي. ۽ اوهين جيڪي ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي اوهان تي گناھ هي ته داخل ٿيو گهرن ۾ جيڪي ناهن رهيل انهن ۾ سامان اوهان جو آهي ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي ظاهر ڪيو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان تي هن ۾ ڪو گناهه نه آهي ته اهڙن گهرن ۾ داخل ٿيو جتي ڪو (خاص) رهڻ وارو نه هجي جن ۾ اوهان جو ڪو فائدو هجي. ۽ جيڪي اوهين ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا تنهن کي الله ڄاڻي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان تي ان ۾ ڪو گناهه ناهي جو اهڙن گهرن ۾ (بنا اجازت جي) داخل ٿيو جن ۾ ڪنهن جي مستقل رهائش نه آهي (جيئن مسافر خانو، هوٽل وغيره) جن ۾ توهان کي نفعو وٺڻ (جو حق حاصل) آهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ظاهر ڪيو ۽ جيڪي توهان لڪايو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُونکي مُنجھائـِين مُورهين، ڪنان ساسنڀار، جيڪر دوست نه ڌاريمَ، فَلانون ڦُلهيار، مُونکي مُنجھائـِين مُورهين، ڪنان ساسنڀار، جنهن پُڃاڻا پُهتيمِ، سي نَصيحتون نِبار، ۽ خوا مخواه خوار، اِبليس ڪندڙ اِنسان کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان تي گناهه ڪونهي جيڪڏهن اوهين اهڙي گهر ۾ گهڙو، جنهن ۾ ڪو به نه رهندو هجي، منجهس اوهان جو سامان هجي ۽ الله اهو سڀ ڄاڻي ٿو، جيڪي اوهين ظاهر ٿا ڪريو يا لڪايو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي توهان لاءِ ان ۾ ڪوبه حرج ڪونهي جو توهان اهڙن گهرن ۾ گهڙي وڃو، جن ۾ ڪوئي به نه رهندو هجي ۽ جن ۾ توهان جي مطلب (يا ڪم) واري ڪا شيءِ هجي. جيڪي توهان ظاهر ٿا ڪريو يا لڪايو ٿا، الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) البته انهيءَ ۾ توهان تي ڪو گناهه ناهي جو اهڙن گهرن ۾ داخل ٿيو جن ۾ ڪو ماڻهو رهي نٿو ۽ جنهن ۾ توهان جي فائدي جي ڪا ڳالهه هجي، ۽ الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ظاهر ڪريو ۽ لڪايو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان انهن خالي گهرن ۾ داخل ٿيو ٿا جن ۾ توهان جو ڪو سامان وغيره يا ضروري ڪم ڪار هجي، ته ان ۾ ڪا گناهه جي ڳالهه نه آهي. الله تعالى کي سڀ معلوم آهي جيڪو توهان ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪو ڪجهه لڪايو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل لِلمُؤمِنينَ يَغُضّوا مِن أَبصٰرِهِم وَيَحفَظوا فُروجَهُم ذٰلِكَ أَزكىٰ لَهُم إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما يَصنَعونَ (آيت : 30) |
مؤمن مڙسن کي چؤ ته پنھنجين اکين کي ھيٺ ڪن ۽ پنھنجن اُگھڙن کي بچائيندا رھن، اھو انھن لاءِ تمام سٺو آھي، جيڪي ڪندا آھن تنھنجي بيشڪ الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مؤمن مردن کي چئو ته، هو پنهنجون اکيون (پرائي عورتن جي سامهون اچڻ وقت) هيٺ ڪري ڇڏين ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن (يعني اوگهڙ ڍڪين ۽ لڄ ۽ پاڪدامني رکن) اها ڳالهه هنن جي لاءِ پاڪائيءَ واري آهي، (يعني بدخيالن کان پاڪ رکندي. ياد رکو ته) توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ کي پوري پوري خبر پوي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان مؤمنن کي حڪم ڪريو ته اهي پنهنجن اکين کي بند ڪن ۽ پنهنجي اوگھڙن جي حفاظت ڪن، اهو انهن لاءِ وڌيڪ پاڪيزه آهي، بيشڪ الله تعالى انهن جي عملن کان خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ايمان وارن کي چئو ته پنهنجيون اکيون هيٺ ڪن ۽ پنهنجن اگهڙن کي بچائين. اها انهن لاءِ تمام چڱي ڳالھ آهي اهي ماڻهو جيڪي ڪن ٿا بيشڪ خدا تنهن کان ڀليءَ ڀت خبردار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چؤ تون مؤمنن کي ته هيٺ رکن اکيون پنهنجون ۽ حفاظت ڪن اگهڙن پنهنجين جي اهو پاڪ صاف آهي انهن جي لاءِ بلاشڪ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪو ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) ايمان وارن کي چؤ ته پنهنجيون اکيون هيٺ ڪن ۽ پنهنجن اوگهڙن کي بچائين. اهو انهن لاءِ تمام چڱو آهي.جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن جي بيشڪ الله خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي) ايمان وارن مردن کي چؤ ته پنهنجون نگاهون هيٺ رکن ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن. اُها انهن لاءِ وڏي پاڪيزگي آهي. بيشڪ الله انهن ڪمن کان خبر وار آهي جيڪي اُهي ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پيغمبر پُڪاريو ته سانيمِ!، رَبَّ، سُبحان! ته مُنهنجِي قوم ترڪ ڪيو ، قادِر هِي قُرآن،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مؤمنن کي چئو ته پنهنجين اکين کي هيٺ ڪن ۽ پنهنجين اوگهڙن جي سنڀال رکن، اهو سندن لاءِ تمام سٺو آهي، بيشڪ الله سندن ڪمن جي پوري خبر رکندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! (مؤمن) مردن کي چؤ ته پنهنجون نگاهون هيٺ رکن ۽ پنهنجي لڄن جي حفاظت ڪن، اهو انهن لاءِ وڌيڪ پاڪائيءَ وارو طريقو آهي، جيڪي به هو ڪن ٿا، الله ان کان باخبر ٿو رهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! چؤ مؤمن مردن کي ته بچائي رکن پنهنجن نظرن کي ۽ حفاظت ڪن پنهنجن اوگهڙن جي، هي وڌيڪ پاڪيزه طريقو آهي انهن جي لاءِ، بيشڪ الله وڌيڪ باخبر آهي ان کان جيڪي هو ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) مؤمن مردن کي چؤ ته هو پنھنجي نگاهن کي بيحيائي جي ڪمن کان بچائين ۽ پنھنجي اوگهڙن جي حفاظت ڪن. اهو انهن لاءِ ئي بهتر طريقو آهي. بيشڪ هو جيڪو ڪجهه ڪندا آهن الله تعالى کي ان جي خوب خبر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقُل لِلمُؤمِنٰتِ يَغضُضنَ مِن أَبصٰرِهِنَّ وَيَحفَظنَ فُروجَهُنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا ما ظَهَرَ مِنها وَليَضرِبنَ بِخُمُرِهِنَّ عَلىٰ جُيوبِهِنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا لِبُعولَتِهِنَّ أَو ءابائِهِنَّ أَو ءاباءِ بُعولَتِهِنَّ أَو أَبنائِهِنَّ أَو أَبناءِ بُعولَتِهِنَّ أَو إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى أَخَوٰتِهِنَّ أَو نِسائِهِنَّ أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ أَوِ التّٰبِعينَ غَيرِ أُولِى الإِربَةِ مِنَ الرِّجالِ أَوِ الطِّفلِ الَّذينَ لَم يَظهَروا عَلىٰ عَورٰتِ النِّساءِ وَلا يَضرِبنَ بِأَرجُلِهِنَّ لِيُعلَمَ ما يُخفينَ مِن زينَتِهِنَّ وَتوبوا إِلَى اللَّهِ جَميعًا أَيُّهَ المُؤمِنونَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 31) |
۽ مؤمن زالن کي چؤ ته پنھنجيون اکيون جھڪيون ڪن ۽ پنھنجن اوگھڙن کي بچائينديون رھن ۽ پنھنجي سينگار (يعني زيوتن جي جاين) کي پڌرو نه ڪن پر اُنھن مان جيڪي ظاھر (ضروري) آھن (جھڙا ھٿ پير) ۽ جڳائين ته پنھنجين چادرن کي پنھنجي گريبانن تي لاھي ڇڏين، ۽ پنھنجن مڙسن يا پنھنجن پين يا پنھنجن سُھرن يا پنھنجن پُٽن يا پنھنجن مڙسن جي پُٽن يا پنھنجن ڀائرن يا پنھنجن ڀائيٽن يا پنھنجن ڀاڻيجن يا پنھنجن زالن يا پنھنجن ٻانھن يا خدمت گار مڙسن مان (زالن ڏانھن) اڻ خواھش وارن يا جن ٻارن کي زالن جي اوگھڙ جو سماءُ نه پوي تن ڌاران ٻـين (سڀني) جي اڳيان پنھنجو سينگار پڌرو نه ڪن، ۽ پنھنجن پيرن سان (زيور) ھن لاءِ نه ڇمڪائين ته سندن سينگار مان جيڪي ڳجھو آھي سو ڄاتو وڃي، ۽ اي مسلمانؤ اوھين مڙيئي الله جي اڳيان توبه ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مؤمن عورتن کي به چئو ته، هو به پنهنجون اکيون هيٺ رکن (جڏهن ڪو ڌاريو مرد سامهون ايندڙ هجي) ۽ پنهنجي لڄ ۽ شرم جي حفاظت ڪن ۽ پنهنجي سونهن ۽ هار سينگار (ڌارين جي اڳيان) ظاهر نه ڪن، سواءِ ان جي جيڪي (رواجي طرح) ان مان ٻاهر رهندڙ آهي ۽ هيٺين (ذڪر ڪيل) ماڻهن کان سواءِ ٻين جي اڳيان پنهنجي سونهن ۽ هار سينگار ظاهر نه ڪن؛ سندن مڙس يا پيءُ، يا سهرو، يا سندن پٽ، يا سندن ٻانهيون، يا اهي خادم جيڪي انهيءَ خواهش کان گذر ڪري چڪا هجن يا اهي ٻار يا ڇوڪر جن کي اڃا عورتن جي پردي جي ڳالهين جي ڪابه خبر ڪانهي، (انهن جي اڳيان عورتون پنهجي زينت ظاهر ڪن ته گناهه ڪونهي) ۽ عورتن کي گهرجي ته (گهمڻ وقت) پنهنجا پير زمين تي اهڙو زور سان نه هڻن جو هنن جي لڪل زيورن جو ڇمڪو ٻڌڻ ۾ اچي. ۽ اي مومنؤ! (مکيه ڳالهه هي اٿؤ ته) توهان سڀ خدا ڏي موٽو (ٻيا خيال ڇڏي الله جي حڪمن موجب هلو) ته توهان هر طرح جي بهبودي ۽ بهتري حاصل ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان مؤمن عورتن کي حڪم ڪريو ته اهي پنهنجن اکين کي بند ڪن ۽ پنهنجن اوگھڙن جي حفاظت ڪن ۽ پنهنجي زينت (خوبصورتي) کي ظاهر نه ڪن مگر جيڪا انهي مان پاڻ ظاهر آهي، ۽ اهي پنهنجي چادرن سان پنهنجا گريبان بند ڪن، ۽ نه ظاهر ڪن پنهنجي زينت کي مگر پنهنجي مڙسن لاءِ يا پنهنجي پيءُ ڏاڏاي لاءِ يا پنهنجي مڙسن جي پيءُ ڏاڏي لاءِ يا پنهنجن پٽن لاءِ يا پنهنجي مڙسن جي پٽن لاءِ يا پنهنجي ڀائرن لاءِ يا پنهنجي ڀائٽن لاءِ يا پنهنجي ڀاڻيجن لاءِ يا پاڻ جهڙين عورتن لاءِ يا جيڪي سندن ٻانهيون آهن يا اهي مرد جيڪي عورتن ڏانهن رغبت نٿا رکن، يا اهي ٻار جيڪي اڃان جوان نه ٿيا آهن، ۽ (اهي) پنهنجا پير زمين تي نه هڻن ان لاءِ ته مرد سندن لڪل زيور (پازيب وغيره) معلوم ڪن، ۽ اي مؤمنو توهان سڀئي الله تعالى کان توبه طلب ڪريو يقيناً توهان ڪامياب ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) ايمان وارين عورتن کي به چئو ته اهي به پنهنجيون اکيون هيٺ ڪن ۽ پنهنجي اگهڙن کي بچائين، ۽ پنهنجي سينگار جي جاين کي (ڪنهن تي) ظاهر نه ڪن پر جو خود بخود ظاهر ٿئي ٿو (لڪي نٿو سگهي) تنهن ۾ ڏوھ نه آهي ۽ کين گهرجي ته پنهنجيون پوتيون پنهنجين ڇاتين تي وجهن ۽ پنهنجو سينگار ظاهر نه ڪن مگر پنهنجن مڙسن اڳيان يا پنهنجي پيءُ ڏاڏن يا سهرن يا پنهنجي پٽن يا پنهنجن مڙسن جي پٽن کان يا ڀائرن کان يا پنهنجن ڀاڻيجن کان يا پنهنجي زالن (جي اڳيان) يا ٻانهين (اڳيان) يا خدمتگار پوڙها مرد جن کي (زالن ڏي) ڪو خيال نه آهي، يا اهي ٻار جيڪي اڃان زالن جي اگهڙن کان واقف نه ٿيا هجن (تن جي اڳيان ڀلي ظاهر ڪن) ۽ هلڻ ۾ پنهنجا پير زمين تي اهڙي طرح نه رکن جنهن کان ماڻهن کي سندن لڪل سينگار (زيورن جو آواز وغيره) جي خبر پوي. ۽ ايمان وارو! اوهين گڏجي پنهنجي پالڻهار جي اڳيان توبه ڪريو ته من اوهين ڪامياب ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فرماءِ تون مؤمنياڻين کي ته هيٺ رکن اکيون پنهنجون ۽ حفاظت ڪن اگهڙن پنهنجين جي ۽ نه ظاهر ڪن سينگار پنهنجو اهو جيڪو ظاهر ٿيو ان مان ۽ جڳائي ته رکن روا پنهنجا گريبانن پنهنجن تي ۽ نه ظاهر ڪن سينگار پنهنجو مگر مڙسن پنهنجن لاءِ يا پيئرن پنهنجن يا پيئرن مڙسن پنهنجن لاءِ يا پٽن پنهنجن لاءِ يا پٽن مڙسن پنهنجن جي لاءِ يا ڀائرن پنهنجن لاءِ يا پٽن ڀائرن پنهنجن لاءِ يا ڀاڻيجن پنهنجن جي لاءِ يا عورتن پنهنجين جي لاءِ يا اهي جو مالڪ ٿيا سڄا هٿ انهن جا يا خدمت ڪندڙ مرد جيڪي ناهن صاحب خواهش جا مردن مان يا ڇوڪرا يا جيڪي نه واقف ٿيا اگهڙن عورتن جي تي ۽ نه هڻن پيرن پنهنجن کي تانته ڄاتو وڃي اهو جيڪو لڪائين ٿيون سينگار پنهنجي مان ۽ توبہ سان رجوع ڪيو الله ڏانهن سڀئي اي مؤمنو! مانَ اوهان ڪامياب ٿيو. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽ اي پيغمبر !) ايمان وارين زالن کي چؤ ته پنهنجيون اکيون هيٺ ڪن ۽ پنهنجين اوگهڙن کي بچائين، ۽ پنهنجو سينگار ظاهر نه ڪن پر جو ان مان (ڪم ڪار لاءِ) ظاهر رهي ٿو (ته حرڪت نه آهي) ۽ کين گهرجي ته پنهنجيون پوتيون پنهنجن ڇاتين تي وجهن. ۽ پنهنجو سينگار ظاهر نه ڪن. مگر پنهنجن مڙسن اڳيان يا پنهنجن پين يا پنهنجن سهرن يا پنهنجن پٽن کان يا پنهنجن مڙسن جي پٽن يا پنهنجن ڀائرن يا پنهنجن ڀائٽين يا پنهنجن ڀاڻيجن يا پنهنجن مسلمان زالن (جي اڳيان) يا انهن جا هٿ جن (غلامن) جا مالڪ ٿيا آهن (تن جي اڳيان) يا خدمتگار مرد جن کي (زالن ڏي) ڪو خيال نه آهي، يا اهي ٻار جيڪي اڃا زالن جي اوگهڙن تي واقف نه ٿيا هجن (تن جي اڳيان ڀلي ظاهر ڪن) ۽ نه پنهنجا پير زمين تي هڻن هن لاءِ ته جيڪو پنهنجو سينگار لڪائين ٿيون سو ڄاتو وڃي. اي ايمان وارو! اوهين گڏجي پنهنجي پاليندڙ جي اڳيان توبه ڪريو مَنَ اوهين ڪامياب ٿيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ايمان وارين عورتن کي چؤ ته پنهنجون نگاهون هيٺ رکن ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن ۽ پنهنجو سينگار ظاهر نه ڪن سواءِ ان (حصي) جي جيڪو (ڪم ڪار لاءِ) ظاهر رهي ٿو ۽ کين گهرجي ته پنهنجي مٿن جا رَوا پنهنجي سينن تي ورائي وجهن ۽ پنهنجو سينگار (ڪنهن تي به) ظاهر نه ڪن سواءِ پنهنجي مڙسن جي يا پنهنجي پيءُ ڏاڏن جي يا پنهنجي مڙسن جي پيئرن (يعني صُهرن) جي يا پنهنجي پُٽن جي يا پنهنجي مڙسن جي پُٽن (يعني اڳ ڄائن) جي يا پنهنجي ڀائرن جي يا پنهنجي ڀائرن جي پُٽن (يعني ڀائٽين) جي يا پنهنجي ڀينرن جي پُٽن (يعني ڀاڻجن) جي يا مسلمان عورتن جي يا پنهنجي ملڪيت وارن ٻانهن جي يا مردن مان انهن خدمتگارن جي جيڪي خواهش ۽ شهوت کان خالي هجن يا انهن ٻارن جي جيڪي (ٻاروتڻ سبب) اڃا عورتن جي پردي وارين شين کان آگاهه نه ٿيا آهن ۽ نه پنهنجا پير زمين تي ان طرح هڻن جو جيڪو سينگار لڪائن ٿيون سو ظاهر ٿي پوي. ۽ توهان سڀ گڏجي الله ڏانهن توبه ڪيو اي مؤمنو! تان ته توهان ڪامياب ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُقرّر ڪياسون مَهندئـِين، اِنپر اِمتحان، هر پيغمبر لئي پاپين مان، دشمن ڪي دِگران، ۽ تُنهنجو آهي تولئي، رَهبر بَس رَحمان، ۽ حامِي هَر زمان، ويريُنِ مٿي واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مؤمنياڻين کي به چئو ته پنهنجيون اکيون جهڪيون رکن، سندن اوگهڙن جي سنڀال رکن ۽ سندن سونهن کي ظاهر نه ڪن، سواءِ انهي جي، جيڪي ان مان ظاهر ٿيڻ (لاچاري) هجي، ۽ گهر جين ته پنهنجيون چادرون پنهنجن گريبانن تي لاهي ڇڏين ۽ پنهنجي سونهن فقط هنن ماڻهن تي ظاهر ڪن؛ سندن مڙس، سندن پيءُ، سهرا، پٽ، مڙسن جا پٽ، ڀائر، ڀائيٽا، ڀاڻيجا، پنهنجون عورتون، ٻانها، زالن ڏي خواهش نه رکندڙ نوڪر ۽ زالن جي اوگهڙن کان بي خبر ڇوڪرا_ ۽ پنهنجا پير زور سان نه هڻن، جو سندن سونهن مان جيڪي لڪل آهي سو پروڙجي پوي_ ۽ اي مؤمنو! اوهين سڀ الله ڏي ورو، ته من اوهين ڇوٽڪارو پايو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! مؤمنياڻين کي چؤ ته پنهنجون نگاهون سانڀي (هيٺ جهڪيل) رکن ۽ پنهنجي لڄن جي حفاظت ڪن ۽ پنهنجو هار سينگار ظاهر نه ڪن، سواءِ ان جي جيڪو پاڻ ظاهر ٿي پوي ۽ پنهنجن اُرهن تي ٻـُـڪر هڻي ڇڏن (سينن تي روا وجهن) ۽ پنهنجو هار سينگار ڪنهن جي به آڏو ظاهر نه ڪن، سواءِ پنهنجن مڙسن، پيئرن، مڙسن جي پيئرن، پنهنجن پٽن، مڙسن جي پٽن، ڀائرن، ڀائرن جي پٽن، ڀينرن جي پٽن، پنهنجي (گڏ اٿڻ ويهڻ وارين) عورتن، پنهنجن ٻانهين ۽ حڪم جي تابع انهن مردن جي جيڪي ڪا ٻئي قسم جي خواهش نه رکندا هجن ۽ انهن ٻارن جي جيڪي عورتن جي ڳجهين ڳالهين کان اڃا واقف نه ٿيا هجن ۽ هو پنهنجا پير زمين تي زور سان هڻي نه هلن، جو سندن زيب زينت جيڪا لڪائي اٿن، ان جي ماڻهن کي خبر پوي. اي مؤمنو! توهان سڀ گڏجي الله جي در توبه ڪريو، اميد ته ڪاميابي ماڻيندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اي نبي! چؤ مؤمن عورتون بچائي رکن پنهنجين نظرن کي ۽ حفاظت ڪن پنهنجين اوگهڙن جي، ۽ نه ڏيکارين پنهنجو هار سينگار، سواءِ ان جي جيڪو خود ظاهر ٿي پوي ۽ لاهي ڇڏين پنهنجن چادرن جا پلاند پنهنجي سينن تي، ۽ ظاهر نه ڪن پنهنجي هار سينگار کي سواءِ پنهنجي مڙسن جي سامهون يا پنهنجن پيئن يا پنهنجن سهرن يا پنهنجن پٽن يا پنهنجي مڙسن جي پٽن يا پنهنجن ڀائرن يا پنهنجن ڀائٽين يا پنهنجن ڀاڻيجن يا پنهنجن مسلمان عورتن جي اڳيان يا انهن جا هٿ جن (غلامن) جا مالڪ ٿيا آهن، يا خدمتگار مرد جن کي عورتن ڏي خيال نه آهي يا اهي ٻار جيڪي اڃا عورتن جي اوگهڙن تي واقف نه ٿيا هجن، ۽ نه پنهنجا پير زمين تي هڻن، ان لاءِ ته ڄاتو وڃي سندن سينگار جيڪو لڪائين ٿيون، اي ايمان وارؤ! الله جي آڏو گڏجي توبهه ڪريو، من توهين ڪامياب ٿي وڃو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) مؤمن عورتن کي چؤ ته هو پنھنجي نگاهن کي بيحيائي جي ڪمن کان بچائين، پنھنجي اوگهڙن جي حفاظت ڪن، پنھنجي هار سينگار کي ظاهر نه ڪن سواءِ ان جي جيڪو خود ظاهر ٿيندو هجي ۽ پنھنجي چادرن کي سينن تائين چڱي طرح ڍڪي ڇڏين. (ها باقي) هو پنھنجي هار سينگار کي هنن ماڻهن جي اڳيان ظاهر ڪري سگهن ٿيون: مُڙس ــ پيءُ ــ سھرو ــ پُٽ ــ مڙس جو ٻيو پُٽ ــ ڀاءُ ــ ڀائٽين ــ ڀاڻيجن ــ سڃاڻيندڙ عورتن ــ غلامن ــ ماتحت ملازم مردن (جن جي شهواني حيثيت ختم ٿي چڪي آهي يا انهن جو عورتن ڏي مائل ٿيڻ ناممڪن آهي) ۽ انهن ٻارڙن جي جن جي اندر اڃا بلوغت جون نشانيون ظاهر نه ٿيون آهن. (اي نبيﷺ!) مؤمن عورتن کي اهو به چئو ته هو هلڻ دوران پنھنجي پيرن کي زمين تي (زور سان) نه هڻن جو سندن لڪيل زيور ماڻهن کي معلوم ٿي وڃي. اي مؤمنو! سڀ الله تعالى کان توبہ ڪريو ته جيئن توهان ڪامياب ٿي وڃو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنكِحُوا الأَيٰمىٰ مِنكُم وَالصّٰلِحينَ مِن عِبادِكُم وَإِمائِكُم إِن يَكونوا فُقَراءَ يُغنِهِمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 32) |
۽ پنھنجيءَ (قوم) مان رنن زالن کي پرڻايو ۽ پنھنجن ٻانھن ۽ پنھنجين ٻانھين مان نيڪن کي (به پرڻايو)، جيڪڏھن (ھو) غريب ھوندا ته الله پنھنجي فضل سان کين آسُودو ڪندو، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اوهان ۾ جيڪي به اڻ پرڻيل عورتون هجن، (ڪنواريون توڙي بيوهه توڙي طلاق ڏنل) تن جو نڪاح ڪندا ڪريو ۽ پنهنجي نيڪ ٻانهن ۽ ٻانهين جو به نڪاح ڪندا ڪريو. (يعني انهن سان پرڻجو يا انهن کي پرڻايو) جيڪڏهن اهي مسڪين هونديون ته الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان هنن کي خوشحال ڪري ڇڏيندو ۽ الله تعاليٰ وسعت رکندڙ ۽ سڀني کي وسعت ڏيندڙ آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان نڪاح ڪرايو انهن جو جن جو نڪاح ٿيل نه آهي ۽ توهان پنهنجي انهن ٻانهن ۽ ٻانهين جا نڪاح ڪريو جيڪي نڪاح جي صلاحيت رکن ٿا، جيڪڏهن اهي فقير آهن الله تعالى پنهنجي فضل سان انهن کي غني ڪندو، ۽ الله برڪت وجھندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهين پاڻ مان بنا مڙس زالن ۽ پنهنجن ٻانهن ۽ ٻانهين مان نيڪ بختن کي پرڻايو جيڪڏهن اهي غريب هوندا ته خدا پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان کين آسودو ڪندو. ۽ خدا گهڻو عطا ڪندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نڪاح ڪيو بي نڪاح زالن سان پاڻ مان ۽ صالحن سان پنهنجن ٻانهن مان ۽ پنهنجين ٻانهين مان جيڪڏهن هوندا غريب ته غني بنائيندو انهن کي الله پنهنجي فضل سان ۽ الله ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهين پاڻ مان رنڙن ۽ پنهنجن ٻانهن ۽ ٻانهين مان نيڪ بختن کي پرڻايو. جيڪڏهن اهي غريب هوندا ته الله کين پنهنجي فضل سان ؛سودو ڪندو. ۽ الله گهڻو ڏيندڙ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان مان جي مرد عورتون بي نڪاح آهن انهن جا نڪاح ڪرايو ۽ پنهنجي با صلاحيت ٻانهن ۽ ٻانهين جا به (نڪاح ڪرايو). جيڪڏهن اُهي محتاج هوندا ته الله پنهنجي فضل سان کين آسودو ڪندو. ۽ الله وڏي ڪشادگي وارو علم وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَهيو ڪُفارن، ڪوھ نه لَٿو، ڪَٺٖي ڪُل قُرآن؟ اِنپر اُتسِ، دِل تُنهنجِي، خُوب بِهارِيون خان!، ۽ ڪيو سونسِ سَبق سَبق ڪري، نازِل نُورنيشان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان مان اڻ پرڻيل عورتن خواهه نيڪ ٻانهن ۽ ٻانهين کي پرڻايو، جيڪڏهن اهي غريب هوندا ته الله پنهنجي فضل سان کين سکيو ڪندو- ۽ الله گهڻي مهرباني ڪندڙ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان مان جيڪي ماڻهو ڇڙا هجن ۽ توهان جي ٻانهن ۽ ٻانهين مان جيڪي نيڪ هجن تن کي پرڻائي ڇڏيو، جيڪڏهن اهي غريب آهن ته الله پنهنجي فضل سان انهن کي آسودو ڪري ڇڏيندو، الله ڏاڍي وسعت وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نڪاح ڪريو توهين پاڻ مان رنڙن ۽ پنهنجن ٻانهن ۽ ٻانهين مان نيڪ بختن کي پرڻايو، جي اهي غريب هوندا ته کين آسودو ڪندو الله پنهنجي فضل سان، ۽ الله وسعت وارو ڄاڻندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان مان جيڪي به غير شادي شده مرد، عورتون، نيڪ غلام ۽ ٻانهيون هجن تن سڀني جا نڪاح ڪرايو. جيڪڏهن هو غريب آهن ته الله تعالى پنھنجي فضل سان کين خوشحال ڪري ڇڏيندو. الله تعالى وڏي ڪشادگيءَ وارو ۽ هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَليَستَعفِفِ الَّذينَ لا يَجِدونَ نِكاحًا حَتّىٰ يُغنِيَهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَالَّذينَ يَبتَغونَ الكِتٰبَ مِمّا مَلَكَت أَيمٰنُكُم فَكاتِبوهُم إِن عَلِمتُم فيهِم خَيرًا وَءاتوهُم مِن مالِ اللَّهِ الَّذى ءاتىٰكُم وَلا تُكرِهوا فَتَيٰتِكُم عَلَى البِغاءِ إِن أَرَدنَ تَحَصُّنًا لِتَبتَغوا عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَن يُكرِههُنَّ فَإِنَّ اللَّهَ مِن بَعدِ إِكرٰهِهِنَّ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 33) |
۽ جيڪي پرڻجي نٿا سگھن تن کي ايسين پاڪدامن رھڻ گھرجي جيسين کين الله پنھنجي فضل سان آسودو ڪري، ۽ اوھان جي ٻانھن مان جيڪي (آزاديءَ لاءِ عوض ڏيڻ جو) لکيل انجام گھرن تن ۾ جيڪڏھن ڪا چڱائي ڄاڻو ته کين لکيل انجام ڏيو، ۽ جيڪو مال الله اوھان کي ڏنو آھي تنھن مان کين ڏيو، ۽ اوھان جون ٻانھيون جيڪڏھن پاڪدامن رھڻ جو ارادو ڪن ٿيون ته انھن کي اوھين دُنيا جي حياتيءَ جي سامان حاصل ڪرڻ لاءِ زنا تي زور نه ڪريو، ۽ جيڪو کين زنا تي زور ڪندو ته زور ڪرڻ کانپوءِ انھن (ٻانھين) کي الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن کي نڪاح جي لاءِ طاقت ڪانهي سي پاڻ تي ضابطو رکن (۽ پاڪ دامن رهن) جيستائين ڪه الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان کين آسودو ڪري ۽ جيڪي ٻانها توهان کان دستاويز لکائي وٺڻ چاهين (ته هيترا پئسا ڪمائي ڪرڻ يا هيترو ڪم ڪرڻ بعد آزادي ملندي) ته انهن کي اهڙو دستاويز لکي ڏيو، جيڪڏهن توهان هنن ۾ ڪجهه نيڪي ۽ صلاحيت معلوم ڪيو ۽ جيڪو مال الله تعاليٰ اوهان کي ڏنو آهي، تنهن مان انهن کي به ڪجهه ڏيو ۽ پنهنجي ٻانهين کي دنيوي زندگي جي فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ زنا ڪاري ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو، جڏهن ته هو پاڪ دامن رهڻ چاهين ٿيون ۽ جيڪڏهن هنن کي ڪو ماڻهو (ڪسب ڪرڻ لاءِ) مجبور ڪندو ته پوءِ هنن جي مجبوريءَ بيوسيءَ جي ڪري الله تعاليٰ (هنن کي بخشي ڇڏيندو، ڇو ته هو) غفور ۽ رحيم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو نڪاح ڪري نٿا سگھن انهن کي گھرجي ته پاڪدامن ٿي رهن ايستائين جو الله انهن کي پنهنجي فضل سان غني ڪري، ۽ توهان جي ٻانهن ۽ توهان جي ٻانهين مان جيڪي مُڪاتب (ملڪيت جي عيوض آزاد) ٿيڻ گھرن انهن کي مڪاتب ڪري ڇڏيو جيڪڏهن توهان انهن ۾ خير معلوم ڪريو ٿا، ۽ توهان انهن کي ان ملڪيت مان ڪجھه ڏيو جيڪا توهان کي الله ڏني آهي ۽ جيڪڏهن توهان جون ٻانهيون پاڪدامن ٿي رهڻ چاهن ٿيون ته پوءِ انهن کي توهان بدڪاري تي مجبور نه ڪريو، ان لاءِ ته توهان (انهن مان) ڪجھه دنيا جو سامان طلب ڪريو، ۽ جيڪو ماڻهو انهن کي مجبور ڪندو پوءِ بيشڪ الله تعالى انهن جي مجبوري کانپوءِ به (انهن تي) غفور رحيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي نڪاح جي طاقت نٿا رکن تن کي پاڪدامن رهڻ گهرجي تان جو خدا کين پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان آسودو ڪري. ۽ اوهان جي ٻانهن مان جيڪي مال ڏيئي (پنهنجي) آزادي گهرن تن ۾ جيڪڏهن اوهين ڪا صلاحيت ڏسو ته کين لکيل آزادي ڏيو. ۽ کين خدا جي ان مال مان ڏيو جو اوهان کي ڏنو اٿس. ۽ اوهان جون ٻانهيون جيڪڏهن پاڪدامن رهڻ گهرن ته دنياوي زندگيءَ جي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي زنا ڪرڻ تي مجبور نه ڪريو ۽ جيڪو کين مجبور ڪندو ته انهن جي مجبور ٿيڻ کان پوءِ (به) خدا (انهن ٻانهين کي) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڳائي ته پاڪدامن رهن اهي جو نه ٿا طاقت رکن نڪاح جي تانجو غني بنائي انهن کي الله پنهنجي فضل سان ۽ اهي جو طلب ڪن ٿا آزاديءَ جي انهن مان جو مالڪ ٿيو اوهان انهن جا پوءِ مدي تائين آزاد ڪيو انهن کي جيڪڏهن ڄاڻو اوهان انهن ۾ ڀلائي ۽ ڏيو انهن کي الله جي ان مال مان جيڪو ڏنائين اوهان کي ۽ نه مجبور ڪيو نوجوان ٻانهين پنهنجين کي زنا تي جيڪڏهن ارادو ڪن پاڪدامن رهڻ جو تانته طلب ڪيو سامان حياتيءَ دنيا واريءَ جو ۽ جيڪو مجبور ڪندو انهن کي پوءِ بيشڪ الله انهن کي مجبور ڪرڻ کان پوءِ بخشڻهار، مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي شادي ڪري نه ٿا سگهن تن کي پاڪدامن رهڻ گهرجي تان جو الله کين پنهنجي فضل سان آسودو ڪري. ۽ اوهان جي ٻانهن مان جيڪي مال ڏيئي (پنهنجي) لکيل آزادي گهرن تن ۾ جيڪڏهن اوهين ڪا ڀلائي ڄاڻو ته کين لکيل آزادي ڏيو. ۽ کين الله جي ان مال مان ڏيو جو اوهان کي ڏنو اٿس. ۽ اوهان جون ٻانهيون جيڪڏهن پاڪ دامن رهڻ (نڪاح ڪرڻ) گهرن ته دنيا جي حياتيءَ جي سامان حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي زنا ڪرڻ تي مجبور نه ڪريو ۽ جيڪو کين مجبور ڪندو ته انهن جي مجبور ٿيڻ کانپوءِ (به) الله (انهن ٻانهين کي) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ماڻهن کي پاڪدامن رهڻ گهرجي جيڪي نڪاح جي سگهه نه ٿا رکن جيستائين الله کين پنهنجي فضل سان آسودو ڪري. ۽ توهان جي غلامن مان جيڪي توهان کي ڪجهه ڏئي آزادي جي لکپڙهه ڪرائڻ چاهن ٿا ته توهان اهڙي لکپڙهه کين ڪري ڏيو اگر توهان کي انهن ۾ ڪا ڀلائي نظر اچي ٿي ۽ اوهان به انهن کي (آزاد ٿيڻ لاءِ) الله جي ان مال مان ڪجهه ڏيو جيڪو ان اوهان کي ڏنو آهي. ۽ توهان پنهنجي ٻانهين کي دنياوي زندگي جو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ بدڪاري تي مجبور نه ڪيو جڏهن ته اُهي پاڪدامن رهڻ چاهن ٿيون. ۽ جيڪو ماڻهو انهن کي مجبور ڪندو ته بيشڪ الله انهن کي مجبور ڪرڻ بعد (به انهن لاءِ) بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُرسل مِثال توکي، ڪو پيش نه ڪن ڪُفران، مگر مِثال اُن کان، بِهتر ڪريون بَيان، بَرحق بي گمان، پڻ سَمجھاڻِئَ لئي سُهڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي پرڻجي نٿا سگهن، تن کي گهرجي ته پاڪدامن رهن، جيسين کين الله پنهنجي فضل سان آسودو ڪري_ ۽ اوهان جي ٻانهن مان جيڪي عيوض ڏيئي آزاد ٿيڻ جو ٺاهه ڪرڻ گهرن، تن ۾ جيڪڏهن چڱائي ڏسو، ته ساڻن اهڙو ٺاهه ڪريو ۽ اوهان الله جي ڏنل مال مان هنن کي ڏيو- ۽ اوهان جون ٻانهيون جيڪي پاڪ دامن رهڻ گهرن، ته اوهين هنن کي دنيا جي حياتيءَ جي سامان حاصل ڪرڻ خاطر زنا تي لاچار نه ڪريو ۽ جيڪو کين لاچار ڪندو، ته بيشڪ الله تعاليٰ هنن جي لاچاريءَ کان پوءِ بخشيندڙ، مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جن کي نڪاح ڪرڻ جي واه نه هجي، انهن کي گهرجي ته پاڪدامن ٿي رهن، تان جو الله پنهنجي فضل سان کين آسودو ڪري ڇڏي ۽ توهان جي هٿ وس آيلن (ٻانهن ٻانهين) مان جيڪي پنهنجي آزاديءَ لاءِ عيوضو ڏيڻ جي آڇ ڪن ته انهن سان رقم ۽ مهلت جي شرطن بابت لک پڙهه ڪريو (يعني مڪاتبت ڪريو)، بشرطيڪه توهان انهن ۾ اهڙي اهليت ڏسو ۽ کين ان مال مان ڏيو، جيڪو الله توهان کي ڏنو آهي ۽ پنهنجي ٻانهين کي پنهنجي دنيا جي فائدن خاطر بدڪاري اختيار ڪرڻ تي مجبور نه ڪريو، جڏهن جو اهي پاڻ پاڪدامن رهڻ گهرنديون هجن ۽ جيڪو انهن کي مجبور ڪري ته انهيءَ طرح مجبور ڪرڻ کان پوءِ الله انهن لاءِ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن کي موقعو نه ملي نڪاح ڪرڻ جو، ته اهي پاڪدامني اختيار ڪن جيستائين الله کين غني ڪري پنهنجي فضل سان، ۽ توهان جي غلامن مان جيڪي مڪاتبت (لکپڙهه) سان مال ڏئي آزادي گهرن تن ۾ جي اوهين ڪا ڀلائي ڄاڻو ته کين کليل آزادي ڏيو ۽ کين ان مال مان ڏيو جيڪو توهان کي الله ڏنو آهي ۽ توهان جون ٻانهيون جيڪي پاڪدامن رهڻ (نڪاح ڪرڻ) گهرن ته دنيا جي حياتيءَ جي سامان حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي زنا تي مجبور نه ڪريو ۽ جيڪو کين مجبور ڪندو ته سندن مجبوري بعد به الله انهن کي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پر) جيڪي ماڻهو نڪاح ڪرڻ جي (مالي) طاقت نٿا رکن، تن کي گهرجي ته هو پاڪدامن رهن. ايستائين جو الله تعالى پنھنجي فضل سان انهن کي خوشحال ڪري ڇڏي. توهان جا اُهي غلام جيڪي توهان کي مال ڏيئي ٺاهه ذريعي آزادي گهرن ٿا، جيڪڏهن توهان انهن ۾ چڱائي ڏسو ٿا ته کين ٺاهه ذريعي آزاد ڪري ڇڏيو. الله تعالى جي ڏنل مال مان انهن کي ڪجهه ڏيو ۽ جيڪڏهن توهان جون ٻانهيون پاڪدامن رهڻ (يعني نڪاح ڪرڻ) گُهرن ته کين دنيا جي فائدي خاطر زنا ڪرڻ تي مجبور نه ڪريو پر جيڪو کين مجبور ڪندو ته مجبوريءَ کان پوءِ اُنهن ٻانهين کي الله تعالى معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَمَثَلًا مِنَ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 34) |
۽ بيشڪ اوھان ڏانھن چٽيون نشانيون ۽ جيڪي اوھان کان اڳ گذري ويا تن جا مثال ۽ پرھيزگارن لاءِ نصيحت لاٿي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان اوهان ڏي چٽا حڪم احڪام ۽ نشانيون موڪليون آهن ۽ انهن ماڻهن جا مثال (ڏنا آهن) جيڪي توهان کان اڳي ٿي گذريا آهن، ۽ (خدا کان) ڊڄندڙن لاءِ نصيحتون نازل ڪيون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان صاف آيتون نازل فرمايون ۽ اهي مثال بيان ڪيا جيڪي توهان کان اڳين ماڻهن ۾ گذري چڪا آهن ۽ (انهيءَ ۾) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ايمان وارو!) بيشڪ اسان اوهان ڏي پڌريون آيتون ۽ جيڪي اوهان کان اڳ گذري چڪا آهن تن جو ڪجھ حال ۽ پرهيزگارن لاءِ نصيحت نازل ڪئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق نازل ڪيون اسان اوهان ڏانهن آيتون روشن ۽ مثال انهن جي جيڪي گذريا اڳي اوهان کان ۽ نصيحت پرهيزگارن جي لاءِ . ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي مسلمانو!) بيشڪ اسان اوهان ڏي پڌريون آيتون ۽ جيڪي اوهان کان اڳي گذري چڪا آهن تن جو ڪجهه حال ۽ پرهيزگارن لاءِ نصيحت نازل ڪئي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان اوهان ڏانهن چِٽيون آيتون نازل ڪيون آهن ۽ انهن ماڻهن جا مثال ڏنا آهن جيڪي اوهان کان اڳ گذري چُڪا ۽ (هيءَ) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَبو ڪٺي جن کي، مُنهن ڀر مڱر پار، گنگھر تن گھر ٻار، ۽ ويتر وِرسيل واٽ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان اوهان ڏي چٽيون آيتون ۽ اوهان کان اڳ گذري ويلن جا مثال ۽ نيڪن لاءِ نصيحت موڪليا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان چٽيون هدايتون ڏيڻ واريون آيتون توهان وٽ موڪليون آهن ۽ توهان کان اڳ ٿي گذريل قومن جا عبرت ڏياريندڙ مثال به توهان جي آڏو پيش ڪري چڪا آهيون ۽ اهي نصيحتون پڻ جيڪي ڊڄڻ وارن لاءِ هونديون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تحقيق (اي مسلمانؤ!) اسان نازل ڪيون آهن توهان تي صاف صاف هدايت واريون آيتون ۽ مثال انهن قومن جا عبرتناڪ جيڪي توهان کان اڳي ٿي گذريون آهن ۽ نصيحتون ڪيون آهن جيڪي ڊڄڻ وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان توهان ڏي واضح آيتون، اڳ گذري ويل قومن جا مثال ۽ پرهيزگار ماڻهن لاءِ نصيحت موڪلي چڪا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ نورُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ مَثَلُ نورِهِ كَمِشكوٰةٍ فيها مِصباحٌ المِصباحُ فى زُجاجَةٍ الزُّجاجَةُ كَأَنَّها كَوكَبٌ دُرِّىٌّ يوقَدُ مِن شَجَرَةٍ مُبٰرَكَةٍ زَيتونَةٍ لا شَرقِيَّةٍ وَلا غَربِيَّةٍ يَكادُ زَيتُها يُضيءُ وَلَو لَم تَمسَسهُ نارٌ نورٌ عَلىٰ نورٍ يَهدِى اللَّهُ لِنورِهِ مَن يَشاءُ وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثٰلَ لِلنّاسِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 35) |
الله آسمانن ۽ زمين کي روشن کي ڪندڙ آھي، سندس نُور جو مثال انھيءَ جاري وانگر آھي جنھن ۾ ڏيو ھجي، ڏيو قنديل ۾ ھجي، اُھو قنديل ڄڻڪ چمڪندڙ ستارو آھي جو انھيءَ برڪت واري زيتون جي وڻ (جي تيل) مان ٻارجي جو نڪي اوڀر ۽ نڪي اولھ (ڄمندو) آھي سندس تيل جيتوڻيڪ باھ نه پھتي ھجيس ته به سوجھري ڪرڻ کي ويجھو آھي، نُور تي نُور آھي، الله جنھن کي گھرندو آھي تنھنکي پنھنجي نُور سان سِڌو رستو ڏيکاريندو آھي، ۽ الله ماڻھن لاءِ مثال بيان ڪندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ آسمانن جو ۽ زمين جو نور آهي. سندس نور جو مثال ائين آهي جيئن هڪ جارو آهي، جنهن ۾ هڪ بتي رکي آهي ۽ بتي هڪ شيشي (چمني يا گلوب) جي اندر آهي. شيشو اهڙو ته (صاف) آهي جو ڄڻ ته هڪ چمڪندڙ تارو آهي. ان ۾ هڪ برڪت واري وڻ جو تيل ٻاريو وڃي ٿو، يعني زيتون جي وڻ جو جيڪو نڪي اوڀر منهون آهي، (جو شام وقت سج جي روشنيءَ کان محروم هجي) نڪي اولهه منهون آهي (جو صبح جي وقت چوٽيءَ تي آهي) ان جو تيل (اهڙو ته چمڪندڙ آهي جو) ڄڻ ته خودبخود ٻرڻ تي آهي، اگرچه ان کي باهه نه ڇهي (الله تعاليٰ ۽ سندس حقائق ائين آهن جيئن) روشنيءَ مٿان روشني، الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي انهيءَ نور ۾ پهچائي ٿو ۽ ڏسو الله تعاليٰ ماڻهن جي لاءِ (ڪهڙا نه سهڻا ۽ چٽا) مثال ڏئي ٿو (۽ حقيقتون سمجهائي ٿو) ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ کي هر شيء ۽ هر ڳالهه جو علم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى آسمانن ۽ زمينن جو نور آهي، ان جي نور جو مثال ايئن آهي جيئن هڪ طاق، جو ان ۾ ڏيئو هجي، (اهو) ڏيئو قنديل (فانوس) ۾ آهي، اهو قنديل ستاري جهڙو آهي جيڪو موتي وانگر چمڪي ٿو، اهو روشن ٿئي ٿو برڪت واري وڻ زيتون جي تيل مان، ان کي نه اوڀر آهي ۽ نه اولهه آهي، باه جي ڇهڻ کانسواءِ اهو روشني ڪري ٿو، نور عليٰ نور آهي، الله تعالى پنهنجي نور سان جنهنکي چاهي هدايت فرمائي ٿو، ۽ الله تعالى ماڻهن لاءِ مثال بيان ڪري ٿو، ۽ الله تعالى هرشيءِ کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا ته آسمان ۽ زمين جو نور آهي. تنهن جي نور جو مثل اهڙو آهي جهڙو هڪ روشندان (سينو) آهي تنهن ۾ هڪ روشن چراغ (شريعت جو علم) هجي ۽ (اهو) چراغ شيشي جي قنديل (دل) ۾ هجي (۽) قنديل (ايتري قدر شفاف هجي جو) ڄڻ اهو موتيءَ وانگر چمڪندڙ تارو، (اهو چراغ) زيتون جي اهڙي مبارڪ وڻ (جي تيل) سان روشن ڪيو وڃي جو نه اڀرندي ۾ آهي ۽ نه الهندي ڏي. (بلڪ بلڪل وچ) ميدان ۾، سندس تيل (اهڙو صاف شفاف هجي جو) جيتوڻيڪ باھ کيس ڇهي نه! ته تڏهن به ائين معلوم ٿئي ته پاڻ ئي پاڻ روشن ٿي ويندو (مطلب ته هڪ نور نه آهي پر) نور على نور آهي (يعني نور مٿان نور آهي) خدا جنهن کي گهري تنهن کي پنهنجيءَ روشني جو رستو ڏيکاري ٿو. ۽ خدا ماڻهن (جي سمجهائڻ) لاءِ مثال بيان ڪري ٿو، ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله روشن ڪندڙ آهي آسمانن ۽ زمين کي مثال ان جي نور جو جاري وانگر آهي جنهن ۾ ڏيو آهي ڏيو هڪ فانوس ۾ هجي فانوس ڄڻ ته اهو تارو چمڪندڙ آهي روشن ڪيو ٿو وڃي وڻ برڪت واري زيتون مان نه اوڀر وارو ۽ نه اولهه وارو آهي ويجهو آهي تيل ان جو جو روشني ڪري جيتوڻيڪ نه لڳي ان کي باهه نور تي نور آهي هدايت ڪري ٿو الله پنهنجي نور جي لاءِ جنهن کي گهري ۽ بيان ٿو ڪري الله مثال ماڻهن جي لاءِ ۽ الله هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله آسمانن ۽ زمين جو نور آهي. سندس نور جو مثال اُن جاري وانگر آهي جنهن ۾ ڏيو هجي اهو ڏيو شيشي (قنديل) ۾ رکيل هجي اهو شيشو ڄڻ ته چمڪندڙ تارو آهي جو اهڙي برڪت واري زيتون جي وڻ (جي تيل) مان ٻاريو وڃي ٿو جو نه اڀرندي ۾ آهي ۽ نه الهندي ۾ آهي. ان جو تيل روشن ٿيڻ تي آهي (گويا ٻري پيو) جيتوڻيڪ ان کي باهه نه لڳي هجي. روشنيءَ تي روشني آهي. الله جنهن کي گهري تنهن کي پنهنجي روشنيءَ جو رستو ڏيکاري ٿو. ۽ الله ماڻهن لاءِ مثال بيان ڪري ٿو. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله آسمانن ۽ زمين جو نور آهي. ان جي نور جو مثال هڪ جاري وانگر آهي جنهن ۾ ڏيئو هجي. اهو ڏيئو هڪ شيشي (جي قنديل) ۾ هجي. ۽ اهو شيشو ڄڻڪ هڪ چمڪندڙ ستارو آهي (اهو ڏيئو) اهڙي برڪت واري زيتون جي وڻ (جي تيل) مان روشن ٿي پوي ٿو جيڪو نه اوڀر وارو آهي ۽ نه اولهه وارو آهي، قريب آهي ته تيل خود ئي ٻَري پَــوَي توڙي جو ان کي باهه به نه ڇُهي. اهو روشنيءَ مٿان روشني آهي. الله جنهن کي چاهي پنهنجي نور ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو. ۽ الله ماڻهن خاطر مثال بيان ڪري ٿو. ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪرم سان ڪتاب اڳي، ڏِنوسون موسٰى مِير، ڀيڙسِ ڀاڻسِ هارُون کي، ڪيوي سون وَرِي وَزِير،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله آسمانن ۽ زمين جي روشني آهي، سندن روشنيءَ جو مثال اهڙو آهي، جيئن جاري ۾ ڏيئو رکيل هجي، ڏيئو شيشي جي ڍڪ ۾ هجي_ اهو شيشي جو ڍڪ اهڙو لڳي، جو ڄڻ ته چمڪندڙ ستارو آهي_ ڏيئو اهڙي برڪت واري زيتون جي وڻ (جي تيل) مان ٻاريل هجي، جو نڪي اوڀر ۾ ڄمندو آهي نه اولهه، سندس تيل اهڙو سٺو آهي، جو جيتوڻيڪ کيس نه ٻارجي ته به ڄڻ ته ٻري پيو، روشنيءَ تي روشني_ الله جنهن کي گهري تنهن کي پنهنجي روشنيءَ سان رستو ڏيکاري ٿو ۽ الله ماڻهن لاءِ مثال ٿو بيان ڪري ۽ الله هر چيز کي ڄاڻندڙ آهي. (-) (اها روشني) انهن جاين ۾ آهي، جن لاءِ الله حڪم ڪيو آهي ته سندس تعظيم ڪجي ۽ انهن ۾ سندس نالو ياد ڪجي، انهن ۾ اهڙا مرد صبح شام سندس پاڪائي بيان ٿا ڪن جن کي واپار خواهه سودو الله جي يادگيريءَ کان غافل نه ڪندو آهي- هو نماز پڙهندا آهن ۽ زڪوات ڏيندا آهن، ان ڏينهن کان ڊڄندا آهن، جنهن ۾ دليون ۽ اکيون ابتيون ٿينديون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله آسمانن ۽ زمين جو نور آهي (ڪائنات ۾) سندس نور جو مثال ائين آهي، جيئن ڪنهن جاري ۾ ڏيئو رکيل هجي. ڏيئو هڪڙي ڪائي اندر هجي، ڪائو وري اهڙو هجي، جهڙو موتيءَ وانگر چمڪندڙ تارو ۽ اهو ڏيئو زيتون جي هڪڙي اهڙي برڪت ڀرئي وڻ جي تيل مان ٻرندو هجي، جيڪو نه اوڀر جو هجي ۽ نه اولهه جو. جنهن جو تيل پاڻ مرادو ئي ٻرندو هجي، کڻي باهه نه به ڇهيس (ان طرح) روشنيءَ مٿان روشني (وڌي وڃڻ جا سڀئي اسباب گڏ ٿي ويا هجن) الله پنهنجي نور ڏانهن، جنهن کي وڻيس تنهن کي واٽ وٺائي ٿو. هو ماڻهن کي مثالن سان ڳالهه سمجهائيندو آهي ۽ هو هر شيءِ کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله نور آهي آسمانن ۽ زمين جو، سندس مثال نور جو ائين آهي جيئن هڪ ڏيئو هڪ فانوس ۾ هجي، فانوس ائين آهي جيئن موتي وانگر هڪ چمڪندڙ تارو ۽ اهو ڏيئو هڪ اهڙي مبارڪ وڻ جي زيتون جي تيل سان روشن ڪيو ويندو هجي، اهو مشرقي آهي نه مغربي، ويجهو آهي جنهن جو تيل خود بخود ٻرندڙ هجي چاهي نه لڳي ان کي باهه، روشنيءَ جا سڀ سبب گڏ ٿيل هجن، هدايت ڪري ٿو الله پنهنجي نور سان جنهن کي گهري ۽ سمجهائي ٿو الله مثال سان هر ڳالهه ماڻهن کي، ۽ الله هر شيءِ کان پوريءَ طرح واقف آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى آسمانن ۽ زمين جو نور آهي. ان نور جو مثال اُن جاري وانگر آهي جنھن ۾ ڏيئو رکيل هجي (وري) اهو ڏيئو هڪ شيشي (جي فانوس) ۾ بند هجي اُهو شيشو چمڪندڙ تاري وانگر آهي ۽ زيتون جي برڪت واري وڻ جي تيل سان اُهو (ڏيئو)ٻاريو وڃي ٿو. اهو وڻ نه اوڀر طرف آهي ۽ نه ئي اولهه طرف آهي (بلڪه بغير آڙ يا اوٽ جي کليل ميدان ۾ مٿانهين جاءِ تي آهي) ان جو تيل بغير ڪنھن باهه لڳڻ جي به روشني ڪندو رهي ٿو (هميشه ايئن لڳندو آهي ڄڻ ته) نور مٿان نور آهي. الله تعالى جنھن کي گهري پنھنجي نور ڏانهن رهنمائي ڪندو آهي ۽ الله تعالى ماڻهن کي سمجهائڻ خاطر (اهڙا) مثال بيان ڪري ٿو ۽ الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فى بُيوتٍ أَذِنَ اللَّهُ أَن تُرفَعَ وَيُذكَرَ فيهَا اسمُهُ يُسَبِّحُ لَهُ فيها بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 36) |
(اُنھي نُور جو ھنڌ) اُنھن گھرن ۾ (آھي) جن لاءِ الله حُڪم ڪيو آھي ته انھن جي تعظيم ڪجي ۽ انھن ۾ سندس نالو ياد ڪجي انھن ۾ صبح ۽ سانجھيءَ جو الله جي پاڪائي بيان ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اها بتي خاص طرح ٻاري وڃي ٿي) انهن (پاڪ) گهرن ۾ جن متعلق الله تعاليٰ حڪم ڏنو آهي ته سندس نالو بلند ڪيو وڃي ۽ جن ۾ سندس ذڪر ڪيو وڃي ۽ جن ۾ ماڻهو صبح شام سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن گھرن (مسجدن) ۾ الله تعالى حڪم فرمايو ته انهن جي تعظيم ڪريو ۽ انهيءَ ۾ الله تعالى لاءِ صبح شام (پنج وقت) نماز پڙهي وڃي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اها (قنديل) انهن گهرن ۾ روشن آهي جن لاءِ خدا حڪم ڏنو آهي ته انهن جي عزت ڪئي وڃي ۽ انهن ۾ سندس نالو ورتو وڃي جنهن ۾ صبح ۽ شام سندس تسبيح ڪندا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) گهرن ۾ اجازت ڏني الله ته بلند کنيا وڃن ۽ ياد ڪيو وڃي انهن ۾ ان جو نالو تسبيح پڙهن ٿا ان لاءِ انهن ۾ صبح ۽ شام .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن گهرن ۾ جن جي بلند ڪرڻ ۽ انهن ۾ الله جي نالي ياد ڪرڻ جو الله حڪم ڪيو آهي تن ۾ صبح ۽ شام جو اهڙا مرد سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ان نور سان منور ماڻهو) اهڙن گهرن (يعني مسجدن ۽ خانقاهن) ۾ (ملن ٿا) جن جي بلند ڪرڻ ۽ انهن ۾ سندس نالي کي ياد ڪرڻ جو الله حڪم ڪيو آهي انهن (گهرن) ۾ (اهي) صبح شام سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گَھرن ۾، جَن لئي مالِڪ ڪيو مَنطُور، ته ڪَجن ڪارن هِن جي، سي ماڳه مَٿاهان مُور، ته سَندسِ نالو نُور، وَڃي تَواريو تَن ۾. ته صُبح سانجِھئَ تَن ۾، ڪن سَندسِ طَلب تَوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن لاءِ، ته جيڪي تمام چڱا ڪم ڪيائون، تن جو الله کين بدلو ڏئي- ۽ کين پنهنجي فضل سان وڌيڪ به ڏئي ۽ الله جنهن کي گهري تنهن کي بي حساب رزق ڏئي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (سندس نور ڏانهن هدايت لهڻ وارا) انهن گهرن ۾ لڀن ٿا، جن کي مٿانهون ڪرڻ جو ۽ جن ۾ سندس نالو وٺڻ جو الله حڪم ڏنو آهي، انهن ۾ اهڙا ماڻهو صبح توڙي شام سندس تسبيح ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهي نور وارا) اهڙن گهرن (مسجدن) ۾ ملن ٿا جن کي بلند ڪرڻ جو الله حڪم ڏنو آهي پنهنجي ياد ڪرڻ جو، ان ۾ اهڙا ماڻهو سندس تسبيح ڪن ٿا صبح ۽ شام(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هي سمجهدار ماڻهو) انهن گهرن ۾ موجود هوندا آهن جن لاءِ الله تعالى حڪم ڪيو آهي ته انهن گهرن جو احترام ڪيو وڃي ۽ ان ۾ سندس ئي نالو ورتو وڃي ۽ هي ماڻهو انهن ۾ صبح ۽ شام الله تعالى جي پاڪائي بيان ڪندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رِجالٌ لا تُلهيهِم تِجٰرَةٌ وَلا بَيعٌ عَن ذِكرِ اللَّهِ وَإِقامِ الصَّلوٰةِ وَإيتاءِ الزَّكوٰةِ يَخافونَ يَومًا تَتَقَلَّبُ فيهِ القُلوبُ وَالأَبصٰرُ (آيت : 37) |
(يعني اھڙا) مڙس جو انھن کي واپار ۽ نڪي سودو الله جي ياد ڪرڻ ۽ نماز پڙھڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ کان جھليندو آھي، انھي ڏينھن کان ڊڄندا آھن جنھن ۾ دليون ۽ اکيون اُبتيون ٿينديون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ماڻهو اهڙا آهن جو کين واپار ۽ ڌنڌا نڪي خدا جي يادگيريءَ کان غافل ٿا ڪري سگهن، نڪي نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ڏيڻ کان غافل ٿا ڪن. اهي انهيءَ ڏينهن کان ڊڄندا رهن ٿا جنهن ڏينهن دليون ۽ اکيون ابتيون ۽ اونڌيون ٿي وينديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي مرد آهن جن کي تجارت ۽ خريد و فروخت الله جي ذڪر ۽ نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ادا ڪرڻ کان غافل نٿا ڪن، اهي ان ڏينهن کان خوف ڪن ٿا جنهن ۾ دليون ۽ اکيون پريشان هونديون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهڙا شخص جي کي خدا جو ذڪر ۽ نماز پڙهڻ ۽ زڪوات ادا ڪرڻ کان نه واپار ۽ نه سودو غافل ڪري ٿو. هي اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن ۾ (خوف کان) دليون ۽ اکيون ڦري وينديون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي مڙس جو نه ٿي غافل ڪري انهن کي تجارت ۽ نه واپار الله جي ذڪر کان ۽ نماز قائم ڪرڻ کان ۽ زڪوٰة ڏيڻ کان ڊڄن ٿا ان ڏينهن کان جو ڦري وينديون ان ۾ دليون ۽ اکيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن کي نه واپار ۽ نه سودو الله جي ياد ڪرڻ ۽ نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ڏيڻ کان غافل ڪري ٿو. اهي اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا،جنهن ۾ دليون ۽ اکيون ڦري وينديون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهڙا مرد جن کي واپار ۽ خريد فروخت نه الله جي ذڪر کان غافل ڪري ٿي ۽ نه نماز قائم ڪرڻ کان ۽ زڪواة ڏيڻ کان اُهي اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن ۾ دليون ۽ اکيون اُلٽ پُلٽ ٿي وينديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي مَردَ، جَھلي نه جَن کي، وِڪرو ۽ واپار، سارن کان، سُبحان جي، پڻ نِـمازان نِبار، پُڻ ڏُ کِيَن ڏان ڏِيڻ؛ وِجھلن ڪَنان تِنهن وار، دِليون،اَ کيون جِنهن ۾، اُبتيون اِنتظار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ڪفر ڪيو، تن جا عمل بيابان جي رڃ وانگر آهن، جنهن کي اڃايل، پاڻي سمجهي- تان جو جڏهن ان وٽ پهچي، تڏهن کيس ڪجهه به نه ڏسڻ ۾ اچي ۽ الله کي ئي وٽس ڏسي، جو کيس پورو حساب ڏئي ۽ الله جلد حساب وٺندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن کي ڪوبه واپار وڙو ۽ ڏيتي ليتي الله جي يادگيريءَ کان ۽ نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪواة ادا ڪرڻ کان غافل نٿي ڪري، اهي ان ڏينهن کان ڊڄندا رهن ٿا، جنهن ڏينهن دليون ۽ اکيون ڦري وينديون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن ماڻهن کي غافل نٿي ڪري تجارت، سودو وڻج واپار ياد ڪرڻ الله جي ذڪر ڪرڻ سان ۽ قائم ڪرڻ نماز ۽ ڏيڻ زڪوات سان، اهي ڊڄندا رهن ٿا ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن ابتي دل ٿيڻ ۽ اکيون پٿرائجڻ جي نوبت اچي ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن (سمجهدار) ماڻهن کي الله تعالى جي ياد، نماز ۽ زڪوات جي قائم ڪرڻ سان ڪنھن به قسم جو واپار ۽ خريد و فروخت غافل نٿي ڪري سگهي. هو ته ان ڏينھن کان ڊڄندا آهن جنھن ڏينھن دليون ۽ اکيون ڦري وينديون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما عَمِلوا وَيَزيدَهُم مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 38) |
ھن لاءِ ته جيڪي تمام چڱا عمل ڪيائون تن جوالله کين بدلو ڏئي ۽ کين پنھنجي فضل سان وڌيڪ به ڏئي، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي (تنھن کي) اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سندن سچائي جو نتيجو هي ٿيندو جو) جيڪي به (چڱا) عمل هنن ڪيا آهن تن جو بهترين بدلو الله تعاليٰ کين ڏيندو، ۽ پنهنجي (خاص) فضل سا ڪجهه زياده به عنايت ڪندو ۽ الله تعاليٰ جنهن کي به چاهي ٿو تنهن کي بنا حساب گهڻو رزق عطا ڪري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ الله تعالى کين سندن عملن کان سهڻي جزا عطا ڪندو ۽ پنهنجي فضل سان کين زياده عطا ڪندو، ۽ الله تعالى جنهنکي چاهي بغير حساب رزق عطا ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (سندس عبادت هن لاءِ ڪن ٿا) ته جيئن انهن جيڪو چڱو ڪم ڪيو آهي تنهن جو خدا کين سٺي کان سٺو بدلو عطا ڪري. ۽ پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان کين اڃا به وڌائي ڏئي، ۽ خدا جنهن کي گهري ٿو، تنهن کي بي حساب روزي ڏئي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته بدلو ڏئي انهن کي الله سهڻو ان مان جيڪو ڪيائون ۽ وڌائي انهن کي پنهنجي فضل سان ۽ الله روزي ڏئي ٿو جنهن کي گهري حساب کان سواءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ ته انهن جيڪو سڀ کان چڱو ڪم ڪيو آهي تنهن جو الله کين بدلو ڏئي ۽ پنهنجي فضل مان کين وڌائي ڏئي ۽ الله جنهن کي گهري ٿو، تنهن کي بي حساب روزي ڏئي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته الله کين سندن بهترين ڪمن جو بدلو عطا ڪري ۽ پنهنجي فضل مان کين وڌائي ڏئي. ۽ الله جنهن کي چاهي ٿو اَڻَ ڳڻيو رزق عطا ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان جيڪِي نيڪ ڪم ڪيون، تنجو پَرور ڏٖينِپاڪ پار، پڻ ڀَلو سَندسِ ڀال مان، بَخشي تن بِسيار، ۽ جِنهن گُھري رَبُّ، غفّار، تِنهن تورڻ ڌاران، توڻ ڏيئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا انهن سمنڊ جي اونداهين وانگر، جنهن جي لهر مٿان لهر ويڙهي، جنهن مٿان ڪڪر هجن، هڪ ٻئي جي مٿان اونداهيون- جو جڏهن سندس هٿ ڪڍي، ته به ان کي ڏسي نه سگهي- ۽ جنهن کي الله سوجهرو نه ڏئي، ان لاءِ ڪو سوجهرو ئي ڪونهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ هو اهو سڀ ان لاءِ ٿا ڪندا رهن) ته جيئن الله سندن سهڻن عملن جو اجورو کين ڏئي ۽ اڃان به وڌيڪ فضل سان نوازي. الله جنهن کي چاهي بنا ڪنهن حساب جي ڏئي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهو ڪجهه ان لاءِ ڪن ٿا) جيئن الله سندن بهترين عملن جي جزا انهن کي ڏئي ۽ وڌيڪ پنهنجي فضل سان کين نوازي، ۽ الله جنهن کي گهري ٿو ان کي بنا ڪنهن حساب جي ڏئي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هي سمجهدار ماڻهو اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪندا آهن ته) جيئن الله تعالى کين سھڻو بدلو عطا ڪري ۽ پنھنجي فضل سان اڃا به کين وڌائي ڏي. الله تعالى جنھن کي گهرندو آهي بي حساب رزق عطا ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ كَفَروا أَعمٰلُهُم كَسَرابٍ بِقيعَةٍ يَحسَبُهُ الظَّمـٔانُ ماءً حَتّىٰ إِذا جاءَهُ لَم يَجِدهُ شَيـًٔا وَوَجَدَ اللَّهَ عِندَهُ فَوَفّىٰهُ حِسابَهُ وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 39) |
۽ جن ڪُفر ڪيو تن جا اعمال رڻ پَٽ جي رُڃ وانگر آھن اُڃو اُن کي پاڻي ڀانئي، تان جو جڏھن اُن وٽ پُھچي (تڏھن) اُن کي ڪا شيء نه لھي ۽ الله کي ئي پاڻ وٽ لھي پوءِ اُھو کيس سندس حساب پورو پُھچائي ڏئي، ۽ الله جلد حساب وٺندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي ماڻهو جن ڪفر جي روش ورتي آهي تن جا عمل انهيءَ رڃ وانگر آهن جا ڪنهن وارياسي بيابان ۾ هوندي آهي. اڃايل ماڻهو ان رڃ کي پاڻي ٿو سمجهي (۽ ان ڏي ڊوڙندو ٿو وڃي) تان جو جڏهن اتي پهچي ٿو تڏهن خبر پويس ٿي ته هتي ته ڪجهه به نه آهي ۽ هو الاهي قضا کي پاڻ وٽ ٿو ڏسي. سو خدا سندس (بد) عملن جو حساب پوريءَ طرح ڪري انهن جي بدلو کيس ڏئي ٿو ۽ (يقين ڄاڻو ته) الله تعاليٰ حساب وٺڻ ۾ بلڪل تکو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪافرن جا اعمال بيابان ۾ رڃ وانگر آهن جو ان کي اڃايل ماڻهو پاڻي سمجھي ٿو، ايستائين جو اهو جڏهن ان تائين پهچي ٿو ته اتي ڪا شيءِ نٿو لهي ۽ اهو پاڻ وٽ الله تعالى کي لهي ٿو پوءِ الله تعالى ان کي سندس پورو حساب ڏنو، ۽ الله فوراً حساب ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ڪفر اختيار ڪيو، تن جا عمل رڻ پٽ جي رڃ وانگر آهن، جو اڃايل ان کي پاڻي خيال ڪري، تان جو جڏهن ان وٽ اچي ته ڪا شيءِ نه لهي (۽ اڃ ۾ ڦتڪي مري) ۽ خدا کي اتي لهي ته سندس حساب (ڪتاب) پورو پورو چڪائي ڏنو، ۽ خدا ته تمام جلد حساب ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ڪفر ڪيو عمل انهن جا مثل رڃ جي آهن رڻ پٽ ۾ سمجهي ٿو ان کي اڃايل پاڻي تانجو جڏهن اچي ان وٽ ته نه لهي ان کي ڪا شيءِ ۽ لهي الله کي ان وٽ پوءِ پورو ڏئي ان کي حساب ان جو ۽ الله جلد وٺندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ڪفر ڪيو، تن جا عمل رڻ پٽ جي رڃ وانگر آهن، اُڃايل ان کي پاڻي خيال ڪري، تان جو جڏهن ان وٽ اچي ته ان کي ڪا شيءِ نه لهي ۽ الله کي اتي لهي پوءِ الله ان کي سندس حساب پورو چڪائي ڏئي، ۽ الله جي طرفان جلد حساب ٿيڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ڪفر ڪيو تن جا عمل رڻ پٽ ۾ پيل چمڪندڙ ريتي وانگر آهن جنهن کي اڃارو ماڻهو پاڻي سمجهي ٿو. تانجو جڏهن ان وٽ اچي ٿو ته ان کي ڪجهه نه ٿو ڏسي ۽ الله کي پنهنجي قريب لهي ٿو جيڪو سندس حساب پورو چُڪائي ٿو. ۽ الله جلد حساب ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَن ڪُفر ڪيو، ڪم تن جا، ڪَر ڪِنهن رِڻ ۾ رُڃ، پاڻي ڀانئي اُن کي، جِنهن کي اَندر ۾ اُڃ، تان سَٽي مَنجھان سُڃ، جڏهن پُهتِس ته، ڀاتِئين ڪين ڪي. پاڻا پاتئـِين اُن وٽ، حاضِر ربُّ هِڪدم، پُورهيو ڏيئـِي اُن کي، قادِر لاٿسِ ڪَم، ۽ تڪڙو آهي تَم، هادِي حرف حِساب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تو نه ڏٺو آهي ته جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو ۽ کليل پرن وارا پکي، الله جي پاڪائي بيان ڪندا آهن- بيشڪ هرڪو پنهنجي نماز ۽ پاڪائي بيان ڪرڻ جي طريقي کان واقف آهي ۽ جيڪي به ڪن ٿا، تنهن کي الله ڄاڻي ٿو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ان جي ابتڙ) جن ڪفر ڪيو، تن جي عملن جو مثال ائين آهي، جيئن رڻ پٽ ۾ رُڃ، جنهن کي اڃايل پاڻي سمجهيو هو، پر اتي پهتو ته ڪا شيءِ نه لڌائين، باقي الله (جي قضا يعني موت) کي سو اتي موجود ڏٺائين، جنهن سندس سارو حساب چڪتو ڪري ڇڏيو ۽ الله کي حساب وٺندي ڪا دير نه لڳندي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ان جي ابتڙ) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن جي عملن جو مثال ائين آهي جيئن رڻ پٽ ۾ رڃ، جنهن کي سمجهي ٿو اڃايل پاڻي، جڏهن هو اتي پهتو ته ڪجهه نه ڏٺائين، (ڪابه نه مليس شيءِ) پر اتي به هن الله کي موجود ڏٺو، جنهن سندس حساب پورو چڪتو ڪيو، ۽ الله کي ته دير ئي نٿي لڳي حساب وٺندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو، انهن جا عمل رڻ پَٽ جي رُڃ وانگر آهن جنھن کي اڃيو ماڻهو (پري کان) پاڻي سمجهندو آهي پر جڏهن هو اُن وٽ آيو ته هن اتي ڪابه شيءِ نه ڏٺي بلڪه اُتي (هن) الله تعالى (جي تقدير يعني موت) کي ڏٺو. پوءِ الله تعاليٰ ان کان پورو پورو بدلو ورتو. الله تعالى جلد حساب وٺندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو كَظُلُمٰتٍ فى بَحرٍ لُجِّىٍّ يَغشىٰهُ مَوجٌ مِن فَوقِهِ مَوجٌ مِن فَوقِهِ سَحابٌ ظُلُمٰتٌ بَعضُها فَوقَ بَعضٍ إِذا أَخرَجَ يَدَهُ لَم يَكَد يَرىٰها وَمَن لَم يَجعَلِ اللَّهُ لَهُ نورًا فَما لَهُ مِن نورٍ (آيت : 40) |
يا (ڪافر جي عملن جو مثال) اونداھين وانگر آھي جو اُونھيءَ درياءَ ۾ لھر جي مٿان لھر ويڙھيس مٿانئس جھُڙ ھُجي، ھڪ ٻئي جي مٿان (اُھي) اونداھيون ھُجن، جڏھن پنھنجو ھٿ ڪڍي (تڏھن) اُن کي ڏسي نه سگھي، ۽ جنھن کي الله سوجھرو نه ڏنو تنھن کي ڪو سوجھرو ڪونھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا اهي (ڀليل بدڪار ماڻهو) گويا هڪ تمام اونهي سمنڊ جي اوندهه ۾ آهن، جنهن تي لهرن مٿان لهرون ڇانئجي ويون آهن ۽ انهن جي مٿان وري ڪڪر آهن، يعني اوندهه مٿان اوندهه جا طبقا چڙهيل آهن. (ايتري قدر جو) جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍي ته ان کي به ڏسي نه سگهي. (هيءَ حقيقت آهي ته) جنهن کي خدا (سندس جهل ۽ خود غرضيءَ سبب) روشني نه عطا ڪري تنهن جي لاءِ ڪابه روشني آهي ئي ڪانه. (ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا ان جو مثال اونهي درياءَ ۾ اونداهين جو آهي جنهن ۾ هڪ ٻئي جي مٿان گھڻيون موجون آهن ۽ ان جي مٿان ڪڪر آهن، اونداهين جي مٿان اونداهيون آهن، جنهن وقت پنهنجي هٿ کي ٻاهر ڪڍي ٿو ته ان کي ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ۽ جنهن ماڻهوءَ کي الله تعالى روشني نٿو ڏئي ان لاءِ ڪابه روشني ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا (ڪافرن جا عمل) اونهي دريا جي اونداهين وانگر آهن جيئن هڪ لهر جي مٿان ٻي لهر ڍڪي مٿانئس (تھ تي تھ) چاڙهي (بلڪ) اونداهيون هڪ ٻئي جي مٿان هجن. جڏهن هٿ ٻاهر ڪڍي ته اهو به ڏسڻ ۾ نه اچي ۽ جنهن کي خدا (هدايت جي) روشني نه ٿو ڏي تنهن لاءِ (ڪٿي به) روشني نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا اونداهين وانگر دريا اونهي ۾ ويڙهي وڃي ان کي موج مٿان ان جي موج آهي مٿان ان جي ڪڪر آهي اونداهيون هڪڙيون انهن مان ٻين جي مٿان جڏهن ڪڍي هٿ پنهنجو ته نه ويجهو ٿيو جو ڏسي ان کي ۽ اهو جو نه ڪيو الله ان جي لاءِ نور پوءِ ناهي ان لاءِ ڪو نور. . ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا (انهن جا عمل) اونهي درياءَ جي اونداهين وانگر ( آهن) ان (ڪافر) کي لهر جي مٿان لهر ڍڪي مٿانئس بادل هجي، اونداهيون هڪ ٻئي جي مٿان هجن. جڏهن هٿ ٻاهر ڪڍي ته اهو به ڏسڻ کان پري هجي (ڏسي نه سگهي). ۽ جنهن کي الله روشني نه ٿو ڏي تنهن لاءِ (ڪٿي به) روشني نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا (ڪافرن جا عمل) اونهي سمنڊ ۾ اونداهين وانگر آهن جن کي لهرن مٿان لهرن ڍڪيو هجي ۽ ان جي مٿان ڪڪر ڇانئيل هجن. اونداهيون آهن جيڪي (تهه در تهه) هڪ ٻئي مٿان آهن. جڏهن (اهڙي سمنڊ ۾ ٻڏندڙ ماڻهو) هٿ ٻاهر ڪڍي ته ان کي (ڪو) ڏسي نه سگهي. ۽ (در حقيقت) جنهن لاءِ الله (هدايت جو) نور نه بنايو ان لاءِ (ڪٿي به) ڪو نور ناهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي، جَن ڪُفر ڪيو، تَن جُون ڪَچايون ڪَر، اُونداهِيون اوڙاھ ۾، جنهنجو نوڙان تَڙ نه ڪر، لَهر لپيس لَهر مٿان، چَڙهي ڪارو ڪڪر، اُونداهِيون هِڪ ٻئي مَٿان جڏهن هَٿ ڪڍي هيڪر، اُونڌاهين ۾ اُن کي، مُور نه ڏِسي مُنڪر، ۽ قادِر نه ڪيو جِنهن ڪر، نُور، پوءِ نُور نَه اُن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي ۽ الله ڏانهن ئي موٽڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري ان جو مثال آهي اونهي سمنڊ جي اونداهيءَ جهڙو، جو مٿان ڇانيل اٿس هڪڙي لهر، جنهن جي مٿان وري اٿس ٻي لهر ۽ ان جي مٿان وري ڪارا ڪڪر، اونداهيءَ مٿان اونداهي ڇانيل، ماڻهو پنهنجو هٿ ڪڍي ته اهو به نه ڏسي سگهي، جنهن کي الله نور نٿو عطا ڪري، تنهن لاءِ ته پوءِ ڪو نور ئي ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا ان جو مثال ائين آهي ته اونداهي اونهي سمنڊ ۾، ان جي مٿان هڪ لهر ڇانيل آهي، ان جي مٿان ٻي لهر ۽ ان جي مٿان وري ڪڪر، اوندهه ئي اوندهه هڪ ٻئي مٿان ڇانيل آهي، جڏهن ماڻهو پنهنجو هٿ ڪڍي ته ان کي به نه ڏسي سگهي، جنهن کي نه ٿو بخشي الله (ڪوبه) نور ته پوءِ ان لاءِ ڪو نور ناهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا اُن جو مثال گهري سمنڊ جي اونداهين (۾ ٻڏندڙ ماڻهو) وانگر آهي جتي هڪ ٻئي جي مٿان ڇوليون چڙهيل هونديون آهن. وري انهن جي هوندي مٿان جُهڙ هجي پوءِ ته انڌيرن مٿان انڌيرو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اهو ماڻهو پنھنجو هٿ ٻاهر ڪڍي ته اهو به نه ڏسي سگهي، پوءِ جنھن کي الله تعالى روشني نه ڏي ته ان جي لاءِ ڪابه روشني نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُسَبِّحُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالطَّيرُ صٰفّٰتٍ كُلٌّ قَد عَلِمَ صَلاتَهُ وَتَسبيحَهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 41) |
نه ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن سي ۽ کليل پرن وارا پکي الله جي پاڪائي بيان ڪندا آھن، بيشڪ سڀئي پنھنجي نماز ۽ پنھنجي تسبيح (پڙھڻ جي طرح) کان واقف آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان ڏسو نٿا ته جيڪي به آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي به زمين تي آهن سي سڀ الله تعاليٰ جو شان ۽ پاڪائي بيان ڪندا رهن ٿا ۽ پر کولي اڏامندڙ پکي به (سندس شان ۽ پاڪائي بيان ڪندا رهن ٿا.) هرهڪ ڄاڻي ٿو ته ڪيئن خدا جي عبادت ڪجي ۽ ڪيئن سندس شان ۽ پاڪائي بيان ڪجي ۽ جيڪي جيڪي هو ڪن ٿا سو الله تعاليٰ خوب ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان نه ڏٺو بيشڪ الله تعالى لاءِ تسبيح پڙهن ٿيون اهي شيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن ۽ پکي پنهنجا پر کولين ٿا، هر مخلوق جي دعا ۽ تسبيح کي بيشڪ اهو پاڻ ڄاڻي ٿو، ۽ الله تعالى انهن جي عملن کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي شخص) ڇا تو نه ڏٺو آهي ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي ۽ پکي پر پکيڙي خدا جي پاڪائي بيان ڪن ٿا. سڀ ڪو پنهنجي عبادت ۽ تسبيح جو طريقو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا خدا تنهن کان خوب واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ الله تسبيح پڙهن ٿا ان جي لاءِ اهي جيڪي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهن ۽ پکي پر پکيڙيندڙ مڙني تحقيق ڄاتو پنهنجي نماز ۽ پنهنجيءَ تسبيح کي ۽ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا تونه ڏٺو آهي ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي ۽ پکي پر پکيڙي الله جي پاڪائي بيان ڪن ٿا. سڀ ڪنهن پنهنجي عبادت ۽ پنهنجي تسبيح ڄاتي آهي. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کي الله ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو نه ڏٺو جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو ۽ پکي (به) پَــــــرَ پکيڙي (سندس تسبيح پڙهن ٿا). هر هڪ پنهنجي نماز ۽ پنهنجي تسبيح جو طريقو ڄاڻي ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي اهي ڪم ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڌِٺئـِي ؟ ڏاتار لئي، سَڀيئـِي ڪَن ساراھ، جيڪِي اُڀ، زَمِين ۾، پَساھ، بي پساھ، ۽ پَکِي کُليل کنڀڙا ٽئـِين، هُو جي مَنجھ هوا، سَمجھن سَڀ نِماز تِنهن، پڻ داراھ، صِفت اَلله، ۽ آگو تِهان آگاھ، جيڪِي ڪَن جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تو نه ڏٺو آهي ته جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو ۽ کليل پرن وارا پکي، الله جي پاڪائي بيان ڪندا آهن- بيشڪ هرڪو پنهنجي نماز ۽ پاڪائي بيان ڪرڻ جي طريقي کان واقف آهي ۽ جيڪي به ڪن ٿا، تنهن کي الله ڄاڻي ٿو(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏسو نٿا ته الله جي تسبيح ٿا ڪن اهي سڀئي، جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ اهي پکي به جيڪي پر کنڊيريون پيا ٿا اُڏرن؟ هرڪو پنهنجي نماز جي ۽ تسبيح جي طريقي کي ڄاڻي ٿو ۽ اهي سڀئي جيڪي ڪجهه به ڪندا آهن، الله ان کان باخبر هوندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان ڏسو نٿا ته بيشڪ الله جي تسبيح ڪري رهيا آهن اهي سڀ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ اهي پکي پر پکيڙي اڏامن پيا، هرهڪ پنهنجي نماز ۽ تسبيح جو طريقو ڄاڻي ٿو، ۽ الله سڀڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي هي ڪجهه ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان نٿا ڏسو ته آسمانن ۽ زمين ۾ هر ڪا شيءِ ۽ پر ڦھلائيندڙ پکي الله تعالى جي پاڪائي بيان ڪندا آهن. تن سڀني کي پنھنجي عبادتن ۾ پاڪائي بيان ڪرڻ جو طريقو خوب معلوم آهي ۽ جيڪي به هو ڪن ٿا الله تعالى انهن کي خوب ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 42) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھت الله جي آھي، ۽ الله ڏانھن ورڻو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي فقط الله جي آهي. (ٻيو ڪو به بادشاهه ڪونهي) ۽ الله جي ئي طرف موٽي وڃڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى لاءِ آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي آهي، ۽ الله ڏانهن موٽڻ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سڀني آسمانن ۽ زمين جي سلطنت خاص خدا جي لاءِ ئي آهي پڻ خدا جي طرف ئي (سڀ کي) موٽڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله جي آهي بادشاهي آسمانن جي ۽ زمين جي ۽ الله ڏانهن موٽڻ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي ۽ الله ڏي ئي موٽڻو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله لاءِ آهي، ۽ الله ڏي ئي موٽڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي هِڪ اَلله جو، اُڀ، ڀُون تي اِختيار، ۽ آخِر پَرور پار، مِڙنِي آهي موٽڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي ۽ الله ڏانهن ئي موٽڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي لاءِ ئي آهي ۽ ڏانهس ئي سڀني کي موٽڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله جي لاءِ ئي آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي ۽ ان الله ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله تعالى جي ئي آهي. هر شيءِ ان ڏانھن موٽڻي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُزجى سَحابًا ثُمَّ يُؤَلِّفُ بَينَهُ ثُمَّ يَجعَلُهُ رُكامًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ مِن جِبالٍ فيها مِن بَرَدٍ فَيُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ وَيَصرِفُهُ عَن مَن يَشاءُ يَكادُ سَنا بَرقِهِ يَذهَبُ بِالأَبصٰرِ (آيت : 43) |
(اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله ڪڪرن کي ھلائيندو آھي وري انھن کي پاڻ ۾ گڏيندو آھي وري کين کين تھن تي تھ ڪندو آھي پوءِ ڏسندو آھين ته ڦڙي سندس وچ مان نڪرندي آھي، ۽ آسمان کان اُتي جي ڳڙن جي ٽڪرن مان ڳڙو وسائيندو آھي پوءِ جنھن کي وڻيس تنھن کي اُھو پُھچائيندو ۽ جنھن کان وڻيس تنھن کان اُھو ٽاريندو آھي، اُن (ڪڪر) جي وِڄ جو چمڪاٽ (ڄڻ ته) اجھو اکيون ٿو نئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان ڏسو نٿا ڇا ته الله ئي ڪڪرن کي (هيڏي هوڏي) هلائي ٿو؟ وري انهن کي پاڻ ۾ ملائي گڏي ٿو ڇڏي. وري انهن کي هڪ ٻئي مٿان تهه ڪري رکي ٿو، پوءِ توهان ڏسو ٿا ته ان (جُهڙ) مان پاڻي نڪري وسڻ لڳي ٿو. ۽ ڪڪرن جي جبل جيڏن حصن مان ڳڙا وسائي ٿو. اهي ڳڙا جن تي وڻيس ٿو تن تي وسائي ٿو ۽ جن کان چاهي ٿو تن کان هٽائي پري ڪري ٿو ڇڏي. (ڏسو) کنوڻ جو چمڪو (ڪهڙو نه تيز) آهي جو گويا اکين کي انڌو ڪري ٿو ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى ڪڪرن کي جدا جدا ڪري هلائي ٿو ان کان پوءِ انهن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو ان کان پوءِ انهن کي هڪ ٻئي جي مٿان ڪري ٿو، پوءِ توهان ڏسو ٿا ته انهن جي وچ مان مِينهن نڪري ٿو ۽ آسمان مان جبلن تي (مِينهن) نازل ڪري ٿو انهيءَ ۾ برف آهي، پوءِ اها جنهنکي چاهي پهچائي ٿو ۽ جنهنکي چاهي نٿو پهچائي، وڄ ايتري ويجھي لڳي ٿي جو اها نظرن کي ختم ڪري سگھي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا تو هن (ڳالھ) تي نظر نه ڪئي ته بيشڪ خدا ڪڪرن کي هلائي ٿو وري انهن کي تھ به تھ ڪري ٿو پوءِ تون انهن جي وچان مينهن وسندو ڏسين ٿو ۽ ڪڪرن ۾ جي ڳڙن جا جبل آهن تن مٿان (ڳڙا) وسائي ٿو پوءِ جنهن تي گهري ٿو تنهن تي انهن (ڳڙن) سان تڪليف آڻي ٿو ۽ جنهن تان گهري ٿو تنهن تان انهن کي ٽاري ٿو ان جي وڄ جو چمڪاٽ اکيون ٿو نئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ الله هلائي ٿو ڪڪرن کي تنهن کان پوءِ گڏي ٿو پاڻ ۾ تنهن کان پوءِ بنائي ٿو ان کي تهه تهه پوءِ ڏسندين ڦڙي کي نڪري ٿو وچ ان جي مان ۽ لاهي ٿو آسمان کان (ڳڙن جي) جبلن مان انهن مان ڳڙو پوءِ پهچائي ٿو اهو جنهن کي گهري ۽ ڦيرائي ٿو ان کي جنهن کان گهري ويجهو آهي چمڪاٽ ان وڄ جي جو وٺي وڃي اکين کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا تونه ڏٺو ته الله ڪڪرن کي هڪلي ٿو وري انهن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو وري انهن کي ته ڪري ٿو تون مينهن کي ڏسندين ته ان جي وچان پيو ڪري ۽ ڪڪرن ۾ جي ڳڙن جا جبل آهن تن مان (ڳڙا) وسائي ٿو. پوءِ جنهن تي گهري ٿو تنهن تي انهن (ڳڙن) سان تڪليف آڻي ٿو ۽ جنهن تان گهري ٿو تنهن تان انهن کي ڦيري ٿو ان جي وڄ جو چمڪاٽ اجهو اکيون ٿو نئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو نه ڏٺو ته الله ڪڪرن کي هوريان هوريان هلائي ٿو پوءِ انهن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو پوءِ انهن کي تهه در تهه ڪري ٿو پوءِ تون ڏسندين ته ان جي وچان کان مِينهن نڪري (وسي) ٿو، ۽ آسمان جي برفاني جبلن (وانگر نظر ايندڙ ڪڪرن) مان ڳَـــــــــڙا وسائي ٿو پوءِ جنهن تي چاهي ٿو (انهن ڳڙن) کي ڪيرائي ٿو ۽ جنهن تان چاهي انهن کي هٽائي ٿو. (۽کنوڻ پيدا ڪري ٿو) قريب آهي جو ان جي کنوڻ جو چمڪار اکين جي نظر کڻي وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڏِٺئـِي ؟ ته ڏاتار، نَرم ڪاهي ڪَڪَرِين، موٽِي مِلائي پان ۾، پوءِ جُھڙ جوڙٖي جوڙڻهار، پوءِ وِچانسِ ڏِسِين، وَسندو مِينهن نارونار، ۽ اُتاري اُڀ ڪنان، جَبلن مان جَبَّار، جي جبل، منجھسِ برف جا، پوءِ وڻيسِ تِنهن وَلهار، مِينهن وَسائي مِهرسان، جي گُھري رَبُّ، غفّار، ته واريسِ ٻِي وَلهار تي، وھ وھ! وِڄ چَمڪار، جَھٽي ذري گَھٽ اَ کيون؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تو نه ڏٺو آهي ته الله ڪڪرن کي هلائيندو آهي، وري کين پاڻ ۾ گڏيندو آهي، وري انهن کي تهن تي تهه ڪندو آهي، پوءِ ڏسندو آهين، ته بوند سندن وچ مان نڪرندي آهي ۽ هو آسمان مان سندس ڳڙن جي جبلن مان ڳڙا وسائيندو آهي، پوءِ جنهن کي وڻيس تنهن تي اهي وسائي ٿو ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کان ٽاري ڇڏي ٿو- سندس وڄ جو چمڪاٽ ڄڻ ته اجهو ٿو اکيون وڃائي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) ڇا تون ڏسين نٿو ته الله ڪڪرن کي هوريان هوريان هلائي ٿو، پوءِ انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو، پوءِ کين تهن تي تهه ڪري گهاٽو جهڙ بنائي ٿو. پوءِ تون ڏسين ٿو ته ان جي پوراڻ مان مينهن جون ڦڙيون پيون وسن ۽ هو آسمان وارن انهن جبلن منجهان ڳڙو به وسائي ٿو. پوءِ جنهن کي گهري ان وسيلي نقصان ٿو رسائي ۽ جنهن کي گهري ان کان بچائي ٿو وٺي، ان جي کنوڻ جا چمڪاٽ ته ڄڻ اجهو ٿا انڌو ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان نٿا ڏسو ته بيشڪ الله آهستي آهستي ڪڪرن کي هلائي ٿو پوءِ ملائي ٿو ان جي ٽڪرن کي، پوءِ وري انهن کي گڏ ڪري گهاٽو جهڙ بڻائي ٿو، پوءِ توهان ڏسو ٿا ته ان جي وچان برسات جون ڦڙيون ٽمن ٿيون آسمان مان جبلن تي، جيڪي اوچا آهن، انهن تي ڳڙا وسائي ٿو، پوءِ جنهن کي چاهي ٿو ان کي نقصان رسائي ٿو ۽ جنهن کي چاهي ان کي بچائي ٿو، ان جي وڄ جي چمڪ نظرن کي بي نظر ڪري ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى ڪڪرن کي هلائي ٿو، وري انهن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو، پوءِ انهن کي هڪ ٻئي جي مٿان ڪري گھرو جُهڙ ٺاهي ٿو پوءِ تون ڏسين ٿو ته انهن جي وچ مان مينھن جا ڦڙا نڪرن ٿا ۽ آسمان ۾ موجود جبلن مان ڳڙا وسائي ٿو پوءِ جنھن کي انهن ڳڙن جي ذريعي نقصان پھچائي يا جنھن کي گهري انهن کي ڳڙن جي نقصان کان بچائي وٺي. ان جي کنوڻ جو چمڪاٽ ايترو ته تيز هوندو آهي جو ڄڻ اکيون وڃائي ڇڏي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُقَلِّبُ اللَّهُ الَّيلَ وَالنَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 44) |
الله رات ۽ ڏينھن کي مٽائيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ڏسڻ وارن لاءِ عبرت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو الله ئي آهي جو رات ۽ ڏينهن کي هڪٻئي پٺيان آڻيندو رهي ٿو. ان ڳالهه ۾ اکين وارن لاءِ يعني عقل ۽ سمجهه وارن لاءِ بيشڪ وڏي عبرت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى رات کي ۽ ڏينهن کي تبديل ڪري ٿو بيشڪ انهيءَ ۾ عقلمندن لاءِ عبرت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا ئي رات ۽ ڏينهن کي ڦيرائي (گهيرائي) ٿو. بيشڪ ان ۾ اکين وارن لاءِ وڏي عبرت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مٽائي آڻي ٿو الله رات ۽ ڏينهن بيشڪ ان ۾ البته عبرت آهي ڏسندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله رات ۽ ڏينهن کي ڦيرائي ٿو. بيشڪ ان ۾ اکين وارن لاءِ نصيحت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله رات ۽ ڏينهن کي مٽائي سَٽائي ٿو. بيشڪ ان ۾ اکين وارن لاءِ وڏي عبرت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏينهن، رات ڪري ڪَلتار، نِيشانيون نِروار، اَ کيارن لئي، اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله رات ۽ ڏينهن کي ڦيرائي گهيرائي ٿو، بيشڪ انهي ۾ اکين وارن لاءِ عبرت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رات ۽ ڏينهن جي ڦيرگهير به الله ئي ڪري ٿو، ان ۾ هڪ سبق آهي اکين (سمجهه) وارن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڦيرائي رهيو آهي الله رات ۽ ڏينهن کي، بيشڪ ان ۾ ئي وڏو سبق آهي اکين وارن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ئي رات ۽ ڏينھن کي ڦيرائيندو آهي. بيشڪ ان ۾ ڏسڻ وارن لاءِ وڏي عبرت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ خَلَقَ كُلَّ دابَّةٍ مِن ماءٍ فَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ بَطنِهِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ رِجلَينِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ أَربَعٍ يَخلُقُ اللَّهُ ما يَشاءُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 45) |
۽ الله سڀڪو جاندار پاڻيءَ مان بڻايو آھي، پوءِ منجھائن ڪي پيٽ ڀر ھلندا آھن، ۽ منجھائن ڪي ٻن پيرن تي ھلندا آھن، ۽ منجھائن ڪي چئن (پيرن) تي ھلندا آھن، الله جيڪي گھرندو آھي سو پيدا ڪندو آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله تعاليٰ هرهڪ (چرندڙ پرندڙ) جانور کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو آهي. انهن جانورن ۾ ڪي اهڙا آهن، جي پيٽ ڀر هلن ٿا ۽ ڪي اهڙا آهن جي ٻن پيرن تي هلن ٿا ۽ ڪي وري چئين پيرن تي هلن ٿا. الله تعاليٰ جيڪي به چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. بيشڪ الله تعاليٰ هرهڪ شيء تي قادر آهي (يعني سڀ ڪجهه پيدا ڪري ٿو سگهي ۽ سڀ ڪنهن کي هلائي چلائي سگهي ٿو ۽ سڀني تي غالب آهي.).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى (زمين تي هلندڙ) هر جانور کي پاڻي مان پيدا ڪيو، پوءِ انهن مان ڪجھه جانور اهڙا آهن جيڪي پيٽ ڀر هلن ٿا ۽ انهن مان ڪجھه جانور اهڙا آهن جيڪي ٻن پيرن تي هلن ٿا ۽ انهن مان ڪجھه جانور اهڙا آهن جيڪي چئن پيرن تي هلن ٿا. الله تعالى جيڪو چاهي سو پيدا ڪري ٿو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا ئي سڀ ڪنهن جاندار کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو آهي، پوءِ انهن مان ڪو پيٽ ڀر هلي ٿو ته ڪو انهن مان ٻن پيرن تي هلي ٿو ۽ انهن مان ڪو چئن (پيرن) تي هلي ٿو. خدا جيڪي چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله پيدا ڪيو هر جاندار کي پاڻيءَ مان پوءِ انهن مان ڪو اهو آهي جو هلي ٿو پنهنجي پيٽ تي ۽ انهن مان ڪو اهو آهي جيڪو هلي ٿو ٻن پيرن تي ۽ انهن مان ڪو آهو آهي جيڪو هلي ٿو چئن پيرن تي پيدا ڪري ٿو الله جيڪي گهري ٿو بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله سڀ ڪنهن جاندار کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو آهي، پوءِ انهن مان ڪو پيٽ ڀر هلي ٿو ۽ انهن مان ڪو ٻن پيرن تي هلي ٿو ۽ انهن مان ڪو چئن (پيرن) تي هلي ٿو. الله جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله هر جاندار کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ انهن مان ڪو پيٽ ڀَـــرِ هلي ٿو، ۽ انهن مان ڪو ٻن پيرن تي هلي ٿو، ۽ انهن مان ڪو چئن (پيرن) تي هلي ٿو. الله جيڪي چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. بيشڪ الله هر شيءِ تي سگهه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ الله اُپايا آب مان، هِي چُرندڙ سڀ چوڌار، ڪي پُرن تن مان پيٽ ڀَر، ۽ ڪي ٻِن پيرن ڀَرپار، ۽ ڪي چَلن چَئـِن پيرن تي، جيڪي گُھري رَبُّ غفار، جوڙي، سو جِنسار، ربُّ، قادِر هَر ڪِنهن ڪم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله هر ڪو ساهوارو پاڻيءَ مان خلقيو آهي- پوءِ انهن مان ڪو پيٽ ڀر ٿو هلي ۽ ڪو انهن مان ٻن پيرن تي ٿو هلي ۽ ڪو انهن مان چئن پيرن تي ٿو هلي- الله جيڪي وڻيس سو پيدا ٿو ڪري- بيشڪ الله هر ڪنهن ڳالهه تي وس وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله هر ساهواري کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو آهي، ڪو وري پيٽ ڀر پيو هلي ته ڪو ٻن ٽنگن تي ۽ ڪو وري چئن ٽنگن تي، الله جيڪي چاهي سو پيدا ڪري ٿو، هو هر شيءِ تي قادر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله ئي خلقيو آهي مڙني جاندارن کي هڪ قسم جي پاڻيءَ مان، انهن مان ڪو هلي ٿو پيٽ ڀر، ته ڪو انهن مان هلي ٿو ٻن ٽنگن تي، ۽ انهن مان ڪو وري هلي ٿو چئن ٽنگن تي، پيدا ٿو ڪري الله جيڪي هو چاهي ٿو، بيشڪ الله ئي هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى هر جاندار شيءِ کي پاڻيءَ مان بنايو آهي پوءِ انهن مان ڪي پيٽ ڀر رڙهندا آهن ته ڪي ٻن پيرن تي هلندا آهن ۽ ڪي وري چئن پيرن تي هلندا آهن. الله تعالى جو چاهيندو آهي سو پيدا ڪندو آهي. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 46) |
بيشڪ پڌريون آيتون نازل ڪيوسون، ۽ الله جنھن کي گھري تنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هيءَ حقيقت آهي ته اسان چٽائي ڪندڙ صاف صاف حڪم نازل ڪيا آهن ۽ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو ۽ سڌيءَ واٽ تي هلائي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان صاف صاف آيتون نازل ڪيون آهن، ۽ الله تعالى جنهنکي چاهي سنئين رستي تي هلائي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان ئي پڪ پڌريون آيتون نازل ڪيون پڻ الله ئي جنهن کي گهري ٿو تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق نازل ڪيون اسان آيتون روشن ۽ الله هدايت ٿو ڪري جنهن کي گهري طرف واٽ سڌيءَ جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان پڌريون آيتون نازل ڪيون آهن ۽ الله جنهن کي گهري ٿو تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان چِٽيون حقيقتون بيان ڪرڻ واريون آيتون نازل ڪيون آهن. ۽ الله جنهن کي چاهي تنهن کي (انهن ذريعي) سڌو رستو ڏيکاري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُتاريون سون آيتون، کُليَل باب بيان، ۽ سُهائي سُبحان، وَڻيسِ تِنهن کي، واٽ سَنِئين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان پڌريون آيتون نازل ڪيون ۽ الله جنهن کي وڻيس، تنهن کي سنئون رستو ڏيکاريندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان چٽيون آيتون (نشانيون) نازل ڪري ڇڏيون آهن، باقي سنئين واٽ تي هلڻ جي هدايت الله جنهن کي وڻيس تنهن کي ٿو ڏئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان نازل ڪيون آهن آيتون ٻڌائڻ واريون بلڪل صاف صاف، ۽ الله ئي رهنمائي ڪري ٿو جنهن کي چاهي ان کي سڌي راهه ڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان واضح دليلن واريون آيتون نازل ڪيون آهن ۽ الله تعالى جنھن کي چاهيندو آهي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَقولونَ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِالرَّسولِ وَأَطَعنا ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ (منافق) چوندا آھن ته الله تي ۽ جنھن پيغمبر تي ايمان آندوسون ۽ فرمانبرداري ڪئي سون وري اُن کانپوءِ منجھانئن ھڪ ٽولي ڦري وڃي ٿي، ۽ اُھي اِيمان وارا نه آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ماڻهو) چون ٿا ته اسان الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو آهي، ۽ اسان تابعدار ۽ فرمانبردار آهيون، پر ان بعد ڪي (منافقن جون) ٽوليون منهن ڦيرائي ٿيون ڇڏين. (سچ هي آهي ته اصل کان) انهن ماڻهن ايمان آندو ئي ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي چون ٿا ته اسان الله تعالى ۽ الله جي رسول تي ايمان آندو ۽ اسان فرمانبرداري ڪئي، ان کان پوءِ انهن مان هڪ فرقو ان ڳالهه تان ڦري وڃي ٿو، ۽ اهي مؤمن ناهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ڪي ماڻهو اهڙا به آهن) جي چون ٿا ته اسان خدا ۽ رسول تي ايمان آندو ۽ فرمانبرداري قبول ڪئي، وري ان کان پوءِ انهن مان ڪي ماڻهو (خدا جي حڪم کان) منهن موڙ ڪن ٿا، (سچ ته) اهي ماڻهو ايمان وارا هئا ئي ڪين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چون ٿا ته ايمان آندوسون الله تي ۽ رسول تي ۽ اطاعت ڪئي سون تنهن کان پوءِ ڦري ٿي هڪ جماعت انهن مان ان کان پوءِ ۽ ناهن اهي مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (منافق) چون ٿا ته اسان الله ۽ رسول تي ايمان آندو ۽ فرمانبرداري ڪئي، وري ان کانپوءِ انهن مان هڪ جماعت ڦري وڃي ٿي ۽ اهي ايمان وارا نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (منافق) چون ٿا ته: ”اسان الله ۽ رسول تي ايمان آندو ۽ اسان فرمانبرداري ڪئي“ پوءِ ان کان پوءِ انهن مان هڪ ٽولي ڦِري وڃي ٿي. ۽ اهي ماڻهو ايمان وارا هرگز ناهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چي، ربَّ ۽ سَندسِ رسول تي، آندوسون ايمان، ۽ مڃيوسون، پوءِ ميڙڪو تن مان، تنهان پوءِ تعبان، ڦِريا کئون فَرمان، ۽ اُهي مُؤمن ناهِن مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو چوندا آهن ته اسان الله ۽ رسول تي ايمان آندو ۽ سندس تابعداري ڪئي، پر انهيءَ کان پوءِ وري منجهانئن هڪ ٽولي ڦري ٿي وڃي- ۽ اهي ايمان وارا نه آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اُهي ماڻهو ٿا چون ته اسان ايمان آندو آهي الله ۽ رسول تي ۽ اسان اطاعت قبول ڪئي آهي، پر پوءِ انهن مان هڪ ٽولو ڪنڌ ڪڍائي ٿو وڃي، اهڙا ماڻهو هرگز مؤمن ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي ماڻهو چون ٿا ته ايمان آندوسين الله تي، ۽ رسول تي ۽ اطاعت قبول ڪئي، پر منهن موڙي ٿو هڪڙو ٽولو (اطاعت کان) انهن مان ان کان پوءِ به، ۽ اهڙا ئي ماڻهو هرگز هرگز مؤمن نه آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هو (منافق) چون ٿا ته اسان الله تعالى ۽ رسول (ﷺ) تي ايمان آندو ۽ اطاعت قبول ڪئي. وري ان ڳالهه کان پوءِ انهن مان هڪ ٽولو ڦري وڃي ٿو. اهڙا ماڻهو هرگز ايمان آڻڻ وارا نه آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم إِذا فَريقٌ مِنهُم مُعرِضونَ (آيت : 48) |
۽ جڏھن الله ۽ سندس پيغمبر ڏانھن سڏبا آھن ته سندن وچ ۾ (پيغمبر) نبيرو ڪري (تڏھن) اُمالڪ منجھانئن ھڪ ٽولي منھن موڙيندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن هنن کي الله ۽ سندس رسول ڏانهن سڏيو وڃي ٿو، انهيءَ لاءِ ته هنن جو فيصلو نبيري تڏهن هنن مان هڪڙي ڌر هڪدم ڦري وڃي ٿي (۽ اچي فيصلي ڪرائڻ کان انڪار ڪري ٿي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت انهن کي الله تعالى ۽ الله جي رسول ڏانهن سڏيو وڃي ٿو انهيءَ لاءِ ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ته ان وقت انهن مان هڪ فرقو انڪار ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ جڏهين اهي ماڻهو خدا ۽ سندس رسول ڏي سڏايا وڃن ٿا ته جيئن رسول سندن ڪيل جهڳڙن جو فيصلو ڪري ته انهن مان هڪ ٽولو منهن موڙي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن سڏيا وڃن ٿا الله ۽ ان جي رسول ڏانهن تانته فيصلو ڪري انهن ۾ ته ان وقت جماعت هڪ انهن مان منهن موڙيندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن کين الله ۽ سندس رسول ڏي سڏيو وڃي ٿو، هن لاءِ ته سندن وچ ۾ فيصلو ڪري ته ان ئي وقت انهن مان هڪ جماعت منهن موڙي ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن کي الله ۽ ان جي رسول ڏانهن سڏيو وڃي ٿو هن لاءِ ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري ته ان وقت انهن مان هڪ جماعت (درِ رسول تي اچڻ کان) مُنهن موڙي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ربَّ ۽ سَندسِ رسُول ڏي، ڪجينِ جڏهن پوڪار، ته ڪجي اُنهن جو پاڻ ۾، نِبيرو نِبار، ته اِجھو اِنڪاري اُنهن مان، ٻارِي ڪا ٻِيهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن سندن وچ ۾ فيصلي ڪرڻ لاءِ کين الله ۽ رسول ڏي سڏجي ٿو ته منجهانئن هڪ ٽولي منهن موڙي ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن کين سڏيو وڃي ٿو الله ۽ سندس رسول ڏانهن ته جيئن رسول سندن جهڳڙن جو فيصلو ڪري ته منجهانئن هڪ ٽولو منهن ٿو موڙي ڇڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن انهن کي سڏيو وڃي ٿو الله ۽ ان جي رسول جي طرف جيئن رسول سندن مقدمي جو فيصلو ڪري ته هڪ ٽولو انهن مان لنوائي ٿو وڃي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن اُنهن کي الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) ڏانھن سڏيو وڃي ٿو ته جيئن انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ته انهن مان وري هڪ ٽولو اطاعت کان منھن ڦيرائي هليو ويندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن يَكُن لَهُمُ الحَقُّ يَأتوا إِلَيهِ مُذعِنينَ (آيت : 49) |
۽ جيڪڏھن (ڪنھن تي) سندن حق ھوندو آھي ته پيغمبر ڏانھن ڪنڌ نوائي ايندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪڏهن هنن کي (فيصلي ۾) حق ملندو هجي (يعني جيڪڏهن هو حق تي آهن ۽ هنن کي انصاف جي فيصلي ۾ فائدو ملڻو آهي) ته هو (خوشيءَ سان) الله جي رسول ڏي اطاعت ۽ تابعداري ڏيکاري هليا اچن ٿا. (پر جيڪڏهن هو حق تي ناهن ۽ سمجهن ٿا ته انصاف جي فيصلي ۾ سندن نقصان آهي ته پوءِ نٿا اچن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن سندن حق آهي ته رسولِ عربي ڏانهن تڪڙا اچن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اصل ڳالھ هئين آهي ته) جيڪڏهن حق انهن جي پاسي هجي ها ته سر جهڪائي (ماٺ ۾) رسول ڏي ڊڪندا اچن ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن هوندو انهن جو حق ته ايندا ان ڏانهن ڪنڌ لنوائيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن انهن جو (ڪنهن تي) حق هوندو ته الله ۽ رسول ڏي تابعدار ٿي ايندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن فيصلو انهن جي حق ۾ هجي ته ان (رسو ل ﷺ) ڏانهن مطيع ٿي موٽن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي هُجين حق، ته اُن ڏي، تِکا اَچن تڪرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جي سندن حق ڪنهن تي هوندو آهي ته انهيءَ لاءِ وري ڪنڌ نمائي ايندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جيڪڏهن حق سندن پاسي آهي ته رسول وٽ ڏاڍا فرمانبردار بنجي ٿا اچن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيڪڏهن انهن جي طرف حق هوندو آهي ته اهي رسول وٽ ڏاڍا فرمانبردار بڻجي اچن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن انهن جو خود ٻين تي ڪو حق هوندو آهي ته هو رسول سڳوري وٽ وڏي فرمانبرداري واري شڪل ٺاهي ايندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَمِ ارتابوا أَم يَخافونَ أَن يَحيفَ اللَّهُ عَلَيهِم وَرَسولُهُ بَل أُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 50) |
سندين دلين ۾ بيماري آھي ڇا يا شڪ ۾ پيا آھن يا ڊڄندا آھن ته الله ۽ سندس پيغمبر مٿن ظلم ڪندو؟ (نه!) بلڪ اُھي پاڻ بي انصاف آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن جي دلين ۾ مرض آهي ڇا؟ يا هو شڪ شبهي ۾ ڦاٿل آهن ڇا؟ يا هو ڊڄن ٿا ڇا ته الله ۽ سندس رسول مٿن ظلم ڪندا؟ نه نه (اهي ڳالهيون ناهن) پر هو پاڻ ظالم آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن جي دلين ۾ مرض آهي يا انهن جي دلين ۾ شڪ آهي يا انهن کي خوف آهي ته الله تعالى ۽ الله جو رسول انهن تي ظلم ڪندا، بلڪ اهي ئي ظالم آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن جي دلين ۾ (ڪفر جو) روڳ (اڃا) آهي يا شڪ ۾ پيا آهن يا هن ڳالھ کان ڊڄن ٿا ته (متان) خدا ۽ ان جو رسول انهن تي زيادتي ڪن (ٻيو ڪجھ نه آهي) پر اهي پاڻ ظالم آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا دلين انهن جي ۾ بيماري آهي يا شڪ ۾ پيا يا ڊڄن ٿا ته ظلم ڪندو الله انهن تي ۽ ان جو رسول بلڪه اهي ئي ظالم آهن . ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا سندن دلين ۾ بيماري آهي يا شڪ ۾ پيا آهن يا ڊڄن ٿا ته متان الله ۽ سندس رسول مٿن ظلم ڪري. (ائين نه آهي) بلڪه اهي پاڻ ئي ظالم آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن جي دلين ۾ بيماري آهي يا اهي شڪ ۾ پيا آهن يا ان ڳالهه کان ڊڄن ٿا ته الله ۽ ان جو رسول مٿن (معاذ الله ڪو) ظلم ڪندا. (ائين نه آهي) بلڪ اُهي خود ئي ظالم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا مرض سَندنِ مَن ۾، يا شڪ جو ٿيا شڪار؟ ياربَّ ۽ سَندسِ رَسُول کان، رکن خوف خوار، ته ڪندو ظُلم زيادتِي، تَن تي، مَنجھ تڪرار، بلڪ اِهي بَدڪار، ظاهر آهِن ظُلم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، سندن دلين ۾ بيماري آهي يا شڪ ۾ پيا آهن، يا ڊپ ٿو ٿئينِ ته الله ۽ سندس رسول مٿن ظلم ڪندو؟ نه، بلڪ اهي پاڻ ظالم آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا دلين ۾ (منافقت جي) بيماري اٿن يا شڪ ۾ پيل آهن؟ يا ڊڄن ٿا ته الله ۽ سندس رسول ساڻن بي انصافي ڪندا؟ حقيقت ۾ اهي پاڻ ئي ظالم آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن جي دلين کي منافقت جو مرض لڳل آهي يا اهي شڪ ۾ پيل آهن يا خوف آهي انهن کي ته الله ۽ ان جو رسول انهن تي ظلم ڪندا، پر اصل ڳالهه هيءَ آهي ته اهي پاڻ ماڻهو ظالم آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن جي دلين ۾ بيماري آهي يا هو شڪ ۾ پيل آهن؟ يا کين الله تعالى ۽ سندس رسول سڳوري طرفان ظلم ڪرڻ جو ڪو خوف ورتل آهي. (ايئن هرگز ناهي) بلڪه اُهي خود وڏا ظالم آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما كانَ قَولَ المُؤمِنينَ إِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم أَن يَقولوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 51) |
جڏھن مؤمنن کي الله ۽ سندس پيغمبر ڏانھن سڏيو آھي ته (پيغمبر) سندن وچ ۾ نبيرو ڪري تڏھن انھن جو چوڻ رڳو ھيءُ ھوندو آھي ته ٻڌوسون ۽ حُڪم مڃيوسون، ۽ اُھي ڇٽل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مٿي بيان ڪيل ڪافرن جي ابتڙ) جڏهن مؤمنن کي الله ۽ سندس رسول ڏانهن سڏيو وڃي ٿو انهيءَ لاءِ ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي تڏهن هنن جو قول اهوئي هوندو آهي جو بي ڌڙڪ چئي ڏيندا آهن ته اسان (دل و جان سان) ٻڌون ٿا ۽ اسان (پنهنجي عملن ۾) پوري پوري فرمانبرداري ڪيون ٿا، اهڙائي ماڻهو (دنيا ۽ آخرت جي) بهبودي ۽ بهتري ماڻيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مؤمنن جي لاءِ لائق هي ڳالهه آهي ته جڏهن انهن کي الله تعالى ۽ الله جي رسول ڏانهن سڏيو وڃي ان لاءِ ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ٿئي، اهي مؤمن چون ته اسان ٻڌو ۽ اسان حڪم مڃو ۽ اهي ئي ڪامياب آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ايمان وارن جو قول ته رڳو هي آهي ته جڏهن کين خدا ۽ رسول ڏي سڏايو وڃي ٿو هن لاءِ ته سندن پنهنجن جهيڙن جو فيصلو ڪريون ته چون ٿا ته اسان (حڪم) ٻڌو ۽ (دل سان) مڃيو، پڻ اهي ئي ماڻهو (آخرت ۾) ڪامياب ٿيڻ وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق هو مؤمنن جو قول صرف جڏهن سڏيا ويا الله ۽ ان جي رسول ڏانهن تانته فيصلو ڪري انهن ۾ هي ته چون ٻڌو اسان ۽ اطاعت ڪئي اسان ۽ اهي ئي ڪامياب آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن ايمان وارن کي الله ۽ سندس رسول ڏي سڏيو وڃي ٿو هن لاءِ ته سندن وچ ۾ فيصلو ڪري ته انهن جو چوڻ رڳو هي هوندو آهي ته اسان ٻڌو ۽ حڪم مڃيو ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ايمان وارن جو ڪم ته صرف هي آهي جو جڏهن اهي الله ۽ ان جي رسول ڏانهن سڏيا وڃن ته رسول انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري ته اهي هيئن چون: ”اسان ٻڌوسين ۽ مڃيوسين“. ۽ اُهي ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُؤمنن جِي مُورهِين، هِي وَراڻِي تِنهن وار، ربَّ ۽ سَندسِ رَسُول ڏي، جڏهن ڪجينِ پُوڪار، تان ڪَجي اُنهن وِچ ۾، نِبيرو نِبار، سُئو سُون، ۽ مَڃيوسُون، آهيون تِهدِل تابِعدار، ۽ اُهي سوڀارا، سَهوار، آزاد هَر آزار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مؤمنن کي جڏهن به سندن وچ ۾ فيصلي ڪرڻ لاءِ الله ۽ رسول ڏي سڏبو آهي ته فقط ايئن ئي چوندا آهن ته ”ٻڌوسون ۽ مڃيوسون“ ۽ اهي ئي ڇٽل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ايمان وارن جو ڪم ته اهو آهي ته جڏهن اهي الله ۽ سندس رسول ڏانهن سڏيا وڃن ته جيئن رسول سندن جهڳڙن جو فيصلو ڪري ته چون ته اسان ٻڌوسون ۽ تابعداري ڪئي سون. اهڙا ئي ماڻهو ڪامياب ٿيڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهو ڪم آهي ايمان آڻڻ وارن جو ته جڏهن انهن کي سڏيو وڃي الله ۽ ان جي رسول ڏي ته جيئن رسول انهن جي مقدمي جو فيصلو ڪري ته اهي چون ٿا ته اسان ٻڌو ۽ اطاعت ڪئي، ۽ اهڙا ئي ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ مؤمنن کي الله تعالى ۽ سندس رسول سڳوري ڏانھن جڏهن سندن وچ ۾ فيصلي ڪرڻ لاءِ سڏيو ويندو آهي تڏهن اُنهن جو هي چوڻ هوندو آهي ته ”اسان ٻڌوسين ۽ اسان تابعداري ڪئي سين“ اِهي ئي ڪامياب ماڻهو آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَخشَ اللَّهَ وَيَتَّقهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 52) |
۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندو ۽ الله کان ڊڄندو ۽ اُن جي نافرمانيءَ کان بچندو پوءِ اُھي مراد ماڻيندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ٿو ڪري ۽ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄي ٿو ۽ (سندس ٻڌايل برن ڪمن کان) پرهيز ڪري ٿو سو اهڙا ماڻهو ئي آهن جيڪي ڪامياب ٿيندا ۽ چڱيون مرادون ماڻيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ الله جي رسول جي تابعداري ڪري ٿو ۽ الله کان ڊڄي ٿو ۽ پرهيزگاري ڪري ٿو پوءِ اُهي ئي ڪامياب آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص خدا ۽ سندس رسول جو حڪم مڃي ۽ خدا کان ڊڄي ۽ ان (جي نافرمانيءَ) کان پڻ بچائيندو رهندو ته اهڙا ئي شخص پنهنجيءَ مراد کي پهچندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو اطاعت ڪري ٿو الله ۽ ان جي رسول جي ۽ ڊڄي ٿو الله کان ۽ بچي ٿو ان کان پوءِ اهي ئي ڪامياب آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي الله ۽ سندس رسول جي حڪم تي هلندا ۽ الله کان ڊڄندا ۽ ان (جي عذاب) کان بچندا سي ئي ڪامياب آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪري ٿو ۽ الله کان ڊڄي ٿو ۽ ان (جي بي فرماني) کان بچي ٿو پوءِ اُهي ئي مراد ماڻڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو ربَّ ۽ سَندسِ رسُول جي، حُڪمن هيٺ هلي، ۽ ڌاري ڊَپ ڌَڻِئَ کان، ۽ پَنهنجو پاڻ پَلي، پوءِ اُهي ڀاڳ ڀلي، مَن مُرادون ماڻـڻـا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جو چيو مڃيندو ۽ الله کان ڊڄندو ۽ سندس نافرماني کان بچندو، اهڙا ئي شخص مراد پائيندڙ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڪامياب به اهي ئي آهن، جيڪي الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪن ۽ الله کان ڊڄن ۽ سندس نافرمانيءَ کان بچن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي اطاعت ڪن الله ۽ سندس رسول جي ۽ ڊڄن الله کان ۽ بچن سندس نافرمانيءَ کان ته اهي ئي ماڻهو ڪامياب آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول سڳوري جي تابعداري ڪندو ۽ الله تعالى کان ڊڄندو ۽ ان جي نافرماني کان بچندو ته اهڙا ماڻهو ئي ڪامياب آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن أَمَرتَهُم لَيَخرُجُنَّ قُل لا تُقسِموا طاعَةٌ مَعروفَةٌ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 53) |
۽ الله جا وڏا وڏا قسم پڪيءَ طرح کڻندا آھن ته جيڪڏھن کين حُڪم ڪرين ته ضرور (سڀ ڦٽي ڪري پنھنجي ديس مان) نڪرندا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته قسم نه کڻو، دستوري فرمانبرداري (ڪريو)، ڇوته جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! هي منافق ماڻهو تو وٽ اچي) الله جا وڏا وڏا سخت قسم کڻي چون ٿا ته جيڪڏهن توهان اسان کي رڳو حڪم ڪيو ته پوءِ اسان ضرور (جهاد لاءِ گهرن مان) نڪري پونداسين. انهن کي چئي ڏي ته (سکڻا) قسم نه کڻو. (زباني ٺڪاون جي بدران اٿي عملن کي لڳو). سچي فرمانبرداري (عملن سان) سڃاتي وڃي ٿي. (ياد رکو ته الله تعاليٰ اوهان جا عمل ٿو ڏسي) توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ کي بيشڪ سڀ خبر آهي. (توهان جي دلين جو حال به کانئس لڪل ناهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي الله تعالى جا پڪا قسم کڻن ٿا ته جيڪڏهن توهان انهن کي حڪم ڪريو ته اهي ضرور جهاد لاءِ نڪرندا رسولِ عربي توهان فرمايو ته قسم نه کڻو، توهان جي فرمانبرداري (جي حقيقت) معلوم آهي، بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) انهن (منافقن تنهنجي تابعداري بابت) خدا جا سخت کان سخت قسم کنيا آهن ته جيڪڏهن حڪم ڪرين ته يڪدم (گهرٻار ڇڏي) نڪري پئون، تو کين چئو ته قسم نه کڻو (باقي) دستور وانگر تابعداري ان کان چڱي آهي ۽ بيشڪ اوهان جو ڪجھ ڪريو ٿا خدا تنهن کان خبردار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قسم کنيائون الله جو پڪا قسم پنهنجا ته جيڪڏهن امر ڪندين انهن کي ته البته ضرور نڪرندا چؤ ته نه قسم کڻو فرمانبرداري دستور واري بيشڪ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪي ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبرﷺ) اهي (منافق) پنهنجا پڪي ۾ پڪا الله جا قسم کڻن ٿا ته جيڪڏهن تون کين حڪم ڪندين ته اهي ضرور (پنهنجي وطن کان) ٻاهر ويندا (اي پيغمبر) کين چؤ ته قسم نه کڻو. دستور جي موافق فرمانبرداري (جي ضرورت) آهي. بيشڪ جيڪي ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن (منافقن) پڪا پختا الله جا قسم کنيا ته: ”جيڪڏهن تو انهن کي حڪم ڪيو ته اُهي ضرور (جهاد لاءِ) نڪرندا“. چؤ ته: ”توهان قسم نه کڻو، دستور مطابق فرمانبرداري (درڪار) آهي. بيشڪ الله با خبر آهي جيڪي توهان عمل ڪيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سُنهن کَنيون سائـِين جو، سُنهن تي، سُنهن وارو، ته جي چَوندِين ته چَڙهندا جَنگ تي، نَر هِڻي نعرو، چَئو ته قسم ڪِين کڻو، آهي مڃڻ موچارو، سائـِين سَمجھڻ وارو، جيڪي ڪريو جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (منافق) الله جا وڏا وڏا قسم پڪي طرح کڻندا آهن ته ”جيڪڏهن کين حڪم ڪرين، ته هو ضرور (وطن مان) لڏيندا.“ چئو ته ”قسم نه کڻو، پر دستور موجب تابعداري ڪريو، بيشڪ الله اوهان جي ڪمن جي خبر رکندڙ آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي (منافق) الله جا ڏاڍا سخت قسم کڻي ٿا چون ته "تون حڪم ڏين ته اسان گهرن مان نڪري پئون". چوين ته "قسم نه کڻو، توهان جي تابعداري ڄاتل سڃاتل آهي، توهان جي ڪرتوتن کان الله بي خبر نه آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ وڏا قسم کڻي الله جي نالي جا (منافق) چون ٿا ته توهان اسان کي حڪم ڏيو ته نڪري پئون پنهنجن گهرن کان، کين چؤ، قسم نه کائو توهان جي اطاعت جو حال معلوم آهي، بيشڪ الله توهان جي ڪرتوتن کان بي خبر نه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي منافق ماڻهو الله تعالى جي نالي جا وڏا پڪا قسم کڻي چوندا آهن ته جيڪڏهن توهان کين جھاد ۾ هلڻ لاءِ حڪم ڏنو ته هو ضرور نڪرندا. توهان انهن کي چئو ته توهان قسم نه کڻو، توهان جي فرمانبرداري جي چڱيءَ طرح خبر آهي. بيشڪ الله تعالى توهان جي هڪ هڪ عمل کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيهِ ما حُمِّلَ وَعَلَيكُم ما حُمِّلتُم وَإِن تُطيعوهُ تَهتَدوا وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 54) |
چؤ ته الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ ته جيڪي پيغمبر تي (الله جي حُڪمن پُھچائڻ جو حق) رکيو ويو تنھن جو ذمو مٿس ئي آھي ۽ جيڪي اوھان تي رکيو ويو تنھن تي عمل ڪرڻ جو حق اوھان تي ئي آھي، ۽ جيڪڏھن سندس چيو مڃيندؤ ته ھدايت وارا ٿيندؤ، ۽ پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پُھچائڻ لازم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر! تون) عام اعلان ڪر ته (اي انسانو) الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيو. توهان جيڪڏهن (ائين ڪرڻ کان) منهن موڙيندؤ ته (توهان جو ئي نقصان آهي) منهنجي ذمي ته رڳو (حڪم پهچائڻ جو) بار آهي ۽ توهان ئي پنهنجي (عملن جي) بار کڻڻ جا ذميوار آهيو ۽ جيڪڏهن توهان منهنجي فرمانبرداري ڪندؤ ته (سچي) هدايت واري واٽ تي هوندؤ (۽ ڪامياب ٿيندؤ). ۽ رسول جي ذمي ته ٻيو ڪجهه به ناهي، سواءِ هن جي ته هو حق جو پيغام چٽيءَ طرح (ماڻهن کي) پهچائي ڏئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان (انهن کي) فرمايو ته الله ۽ الله جي رسول جي اطاعت ڪريو، پوءِ جيڪڏهن اهي انڪار ڪن پوءِ رسولِ عربي جي مٿان تبليغ آهي ۽ توهان جي مٿان رسولِ عربي جي اطاعت آهي، ۽ جيڪڏهن توهان رسولِ عربي جي فرمانبرداري ڪندا ته هدايت وارا ٿيندا، ۽ رسولِ عربي تي ته فقط صاف تبليغ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول کين) چئو ته خدا جي تابعداري ڪريو پوءِ جيڪڏهن منهن ڦريندو ته رسول تي رڳو ايترو ئي (پهچائڻ) واجب آهي جيترو مٿس بار رکيل آهي پڻ جنهن جا ذمه دار اوهين ڪيا ويا آهيو اوهان تي واجب آهي. پر جيڪڏهن سندس اطاعت ڪندو ته هدايت حاصل ڪندو ۽ رسول تي ته رڳو صاف طور تي (احڪام جو) پهچائڻ (فرض ڪيل) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته اطاعت ڪيو الله جي ۽ اطاعت ڪيو رسول جي پوءِ جيڪڏهن ڦرندؤ پوءِ ان تي صرف اهو آهي جيڪو کڻايو ويو ۽ اوهان تي اهو جيڪو کڻايو ويا آهيو ۽ جيڪڏهن اطاعت ڪندؤ ان جي ته هدايت وارا ٿيندؤ ۽ ناهي رسول تي مگر پهچائڻ پڌرو. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) کين چؤ ته الله جو حڪم مڃيو ۽ رسول جو حڪم مڃيو. پوءِ جيڪڏهن منهن ڦيريندو ته جيڪو بار ان (رسول) تي رکيو ويو آهي سو ان جي ذمي آهي ۽ جيڪو بار اوهان تي رکيو ويو آهي سو اوهان جي ذمي آهي ۽ جيڪڏهن سندس چيو مڃيندو ته رستو لهندو ۽ رسول تي رڳو پڌرو پيغام (پهچائڻ) لازم آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”توهان الله جي فرمانبرداري ڪيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو، پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيندؤ ته ان (رسول) جي ذمي صرف اهو آهي جيڪو مٿس لازم ڪيو ويو آهي ۽ توهان جي ذمي اُهو آهي جيڪو توهان تي لازم ڪيو ويو آهي. ۽ جيڪڏهن توهان سندس فرمانبرداري ڪندؤ ته هدايت وارا ٿيندؤ. ۽ رسول تي (ٻيو ڪجهه) لازم نه آهي سواءِ پڌرو پيغام پهچائڻ جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو ته، مالِڪ مڃيو، پڻ مُرسل مڻيادار، پوءِ پانهون ڏِنئون پير جي، ته اُن تي، اُن جو بار، ۽ آن تي بار اَوهان جو، جو رکيو ربَّ، سَتار، ۽ جي اَمر مَڃِيندا اُن جا، ته سُنهندا سَنئون پار، ۽ پَڌري پُهچائڻ ڌار، ٻِيو بار نه ڀلي رَسول تي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ”الله جي تابعداري ڪريو ۽ رسول جي تابعداري ڪريو، پوءِ جيڪڏهن ڦرندؤ، ته رسول تي فقط انهيءَ جو ذمو آهي، جيڪي مٿس رکيل آهي ۽ اوهان تي انهيءَ جو، جيڪي اوهان تي رکيل آهي ۽ جي سندس چيو مڃيندؤ ته سنئين واٽ لهندؤ ۽ رسول تي ته فقط پڌرو پيغام رسائڻ آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته: "الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ رسول جي به فرمانبرداري ڪريو، پر جيڪڏهن منهن موڙيندؤ ته سمجهي ڇڏيو ته رسول تي جنهن ڳالهه جو بار رکيو ويو آهي، تنهن جو ذميوار هو آهي ۽ جنهن ڳالهه جو بار توهان تي وڌو ويو آهي، ان جا ذميوار توهان آهيو، توهان سندس فرمانبرداري ڪندؤ ته هدايت لهندؤ، باقي رسول جي ذميواري ته فقط اها آهي ته صاف چٽا حڪم پهچائي ڇڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ (اي نبي!) مطيع ٿيو الله جا ۽ تابع بڻجي رهو رسول جا، پر جي توهان منهن ڦيريو ته ڄاڻي وٺو ته جيڪو بار ان تي رکيل آهي، ان جو ذميوار اهو آهي ۽ جنهن فرض جو بار توهان تي آهي، ان جا ذميوار توهان آهيو، اطاعت ڪندؤ ته پاڻ هدايت ماڻيندؤ، نه ته رسول جي ذميواري ان کان وڌيڪ ناهي ته صاف صاف حڪم پهچائي ڏئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) چؤ ته: توهان الله تعالى جي اطاعت ڪريو ۽ رسول سڳوري جي اطاعت ڪريو، جيڪڏهن توهان منھن ڦيريندا ته رسول سڳوري تي جنھن ذميداري جو بار رکيو ويو آهي اُن جو ذميدار اُهوئي آهي ۽ جنھن ذميداري جو بار توهان تي رکيو ويو آهي ان جا ذميدار توهان آهيو. جيڪڏهن توهان اُن (رسول سڳوري) جي اطاعت ڪندا ته توهان کي هدايت ملندي، نه ته رسول سڳوري جي ذميداري رڳو صاف ۽ چٽا حڪم پھچائڻ ئي هوندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَيَستَخلِفَنَّهُم فِى الأَرضِ كَمَا استَخلَفَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَيُمَكِّنَنَّ لَهُم دينَهُمُ الَّذِى ارتَضىٰ لَهُم وَلَيُبَدِّلَنَّهُم مِن بَعدِ خَوفِهِم أَمنًا يَعبُدونَنى لا يُشرِكونَ بى شَيـًٔا وَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 55) |
اوھان مان جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي الله انجام ڏنو آھي ته مُلڪ ۾ ضرور کين خليفو ڪندو جئن کانئن اڳين کي حاڪم ڪيائين، ۽ سندن انھيءَ دين کي جو انھن لاءِ پسند ڪيو اٿس انھن لاءِ ضرور پختو ڪندو ۽ سندس ڊڄ کان پوءِ کين مٽائي اَمن ڏيندو، (اُھي) منھنجي عبادت ڪندا رھندا، (۽) مون سان ڪنھن شيء کي شريڪ نه ڪندا، ۽ جيڪي ان کانپوءِ ناشڪري ڪندا سي ئي بي دين آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انسانو! هيءَ ڳالهه ٻڌو ۽ غور ڪيو) اوهان مان جيڪي ماڻهو ايمان آڻين ٿا ۽ نيڪ عمل به ڪن ٿا تن سان الله جو واعدو آهي ته هو کين اهڙيءَ طرح دنيا ۾ حڪومت ۽ بادشاهي ڏيندو جهڙيءَ طرح اڳوڻن (مؤمنن ۽ صالح عمل ڪندڙن) کي حڪومت ڏني هئائين ۽ جيڪو دين هن سندن لاءِ پسند ڪيو آهي تنهن کي سندن لاءِ پڪي پائي تي بيهاري زور وٺائيندو ۽ (هلندڙ وقت واري) خوف ۽ هراس کان پوءِ هنن (مسلمانن) لاءِ (اڳوڻي حالت) بدلائي امن ۽ امان واري حالت آڻيندو آهي. (مؤمن پوءِ به) منهنجي ٻانهپ ڪندا رهندا، ۽ مون سان ڪنهن به شيء کي شريڪ نه ٺهرائيندا. پر جيڪي هن کن پوءِ به ڪفر جي واٽ وٺندا سي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي ليڪو لنگهي بيهندڙ آهن (۽ تباهه ٿيندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان مان جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا ۽ الله تعالى جو انهن سان وعدو آهي ته انهن کي ضرور زمين ۾ حڪمراني عطا ڪندو جيئنڪ انهن کان اڳ ۾ ماڻهن کي حڪمراني عطا ڪيائين، ۽ جنهن دين (اسلام) کي الله انهن لاءِ پسند ڪيو آهي ان کي ضرور مضبوط ڪندو ۽ انهن جي خوف کي امن سان تبديل ڪندو، اهي منهنجي عبادت ڪندا ۽ مون سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪندا، ۽ ان کان پوءِ جيڪي ماڻهو ڪفر ڪندا پوءِ اهي ئي گنهگار آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي ايمان وارو!) اوهان مان جن ايمان قبول ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن سان خدا وعدو ڪيو آهي ته اهو کين (هڪ نه هڪ ڏينهن) سموري زمين تي ضرورو (پنهنجو) نائب مقرر ڪندو جيئن انهن کان اڳين کي نائب ڪيائين پڻ جنهن دين (اسلام) کي ان انهن لاءِ پسند ڪيو آهي تنهن تي کين ضرور پوري طاقت عطا ڪندو پڻ سندن ڊپ کان پوءِ (هنن جي هراس کي) امن سان ضرور بدلائيندو جو اهي (دلجاءِ سان) منهنجي ئي عبادت ڪندا ۽ ڪنهين کي منهنجو شريڪ نه ڪندا. ۽ جو شخص ان کان پوءِ ناشڪري ڪندو ته اهڙا ئي ماڻهو بدڪار آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وعدو ڪيو الله انهن سان جن ايمان آندو اوهان مان ۽ ڪيائون صالح عمل ته البته ضرور خليفو بنائيندو انهن کي زمين ۾ جيئن خليفو بنايائين انهن کي جيڪي اڳي هئا ۽ البته ضرور مستحڪم ڪندو انهن لاءِ دين انهن جو جنهن کان راضي ٿيو انهن جي لاءِ ۽ البته ضرور مٽائي ڏيندو انهن کي سندن خوف ۾ رهڻ کان پوءِ امن عبادت ڪن ٿا منهنجي نه ٿا شريڪ بنائين مون سان ڪا شيءِ ۽ جنهن بي شڪري ڪئي ان کان پوءِ، پوءِ اهي ئي فاسق آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان مان جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن سان الله وعدو ڪيو آهي ته کين زمين ۾ ضرور حاڪم ڪندو جيئن انهن کان اڳين کي حاڪم ڪيائين. ۽ سندن اهو دين جنهن کي انهن لاءِ پسند ڪيو اٿس تنهن کي انهن لاءِ مضبوط ڪندو ۽ سندن ڊپ کان پوءِ کين بدلائي امن ڏيندو. اهي منهنجي عبادت ڪندا مون سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪندا ۽ جيڪي ان کانپوءِ ناشڪري ڪندا سي ئي نافرمان آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله وعدو ڪيو آهي اوهان مان انهن ماڻهن سان جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ته انهن کي ضرور زمين ۾ خلافت عطا ڪندو جيئن انهن کان اڳين کي خلافت عطا ڪئي هئائين ۽ انهن لاءِ ان دين کي مضبوط ڪندو جيڪو سندن واسطي پسند ڪيائين. ۽ ضرور انهن جي خوف کي بدلائي کين امن ڏيندو. جيڪي منهنجي عبادت ڪن ٿا ۽ مون سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ٿا ڪن. ۽ جنهن ان کان پوءِ ناشڪري ڪئي ته اُهي ئي نافرمان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهان مان، اُنهن سان ڪيا، قادِر قول قرار، آيا جي اِيمان ۾، پڻ ڪيائون چَڱِي ڪار، ته ڪَندنِ ضرور زمين تي، نائـِب نيڪو ڪار، جِيئن اُنهن کان اڳين کي، ڪيو خُدا خُود مُختيار، ۽ مَظبوط ڪَندو مُلڪ ۾، جو دِين ڌوائـِين، تَن هارِ، ڏِيندنِ اَمن، خوف پُٺيان، لاهي سَڀ لاچار، ته مونکي پُوڄِينِ، مُونسان، نه ڀانئـِينِ ڀائيوار، ۽ پوءِ ڦِريا، جي فُجار، اُهي ٻَهر آهِن ٻول کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان مان ايمان آڻيندڙ ۽ چڱا ڪم ڪندڙن سان الله انجام ڪيو آهي، ته کين ضرور ملڪ ۾ پنهنجي طرفان حاڪم بنائيندو، جيئن کانئن اڳين کي پنهنجي طرفان حاڪم ڪيائين ۽ جيڪو دين سندن لاءِ پسند ڪيو اٿس؛ سو انهن لاءِ ضرور پختو ڪندو ۽ سندن خوف کان پوءِ ضرور کين بدلائي امن ڏيندو- منهنجي بندگي ڪندا، ۽ مون ساڻ ڪنهن کي به ڀائيوار نه بڻائيندا- پر جيڪي انهيءَ کان پوءِ به ناشڪري ڪندا سي ئي بدڪار آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله وعدو ڪيو آهي، انهن ماڻهن سان جيڪي توهان مان ايمان آڻيندا ۽ چڱا عمل ڪندا ته هو انهن کي اهڙيءَ طرح زمين ۾ خليفو (حاڪم) بڻائيندو، جهڙيءَ طرح کانئن اڳ ٿي گذريل ماڻهن کي بڻائي چڪو آهي، انهن لاءِ سندن انهيءَ دين کي پڪو ڪري ڇڏيندو، جنهن کي انهن لاءِ پسند ڪري ڇڏيو اٿائين ۽ سندن (موجوده) خوف واريءَ حالت کي امن سلامتيءَ سان بدلائي ڇڏيندو، بس رڳو منهنجي بندگي ڪن ۽ مون سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪن ۽ ان کان پوءِ جيڪو ڪفر ڪندو ته اهڙا ئي ماڻهو نافرمان آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وعدو ڪيو آهي الله توهان مان انهن ماڻهن سان جيڪي ايمان آڻين ۽ نيڪ ڪم ڪن، ته هو انهن کي اهڙيءَ طرح خليفو بنائي زمين ۾ جيئن اڳي گذريل ماڻهن کي بڻائي چڪو آهي، ۽ مضبوط بنائيندو انهن جي لاءِ سندن دين کي، جيئن ان پسند ڪيو آهي سندن حق ۾، ۽ انهن جي موجوده حالت جيڪا خوف واري آهي، ان کي بدلائيندو امن ۾، ته اهي منهنجي بندگي ڪن، ڪنهن کي به مون سان شريڪ نه ڪن ۽ جيڪو به ڪفر ڪري ان کان پوءِ، ته اهڙا ئي ماڻهو فاسق آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ( توهان مان جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن سان الله تعالى جو وعدو آهي ته هو انهن کي اهڙيءَ طرح زمين ۾ خليفو (۽ حاڪم) بڻائيندو جيئن هو انهن کان اڳ گذريل ماڻهن کي بنائي چڪو آهي. انهن لاءِ انهن جي اُن دين کي مضبوط بنيادن تي قائم ڪندو جنھن کي الله تعالى اُنهن لاءِ پسند ڪيو آهي (اُن جي نتيجي ۾) انهن جي خوف واري حالت کي امن واري حالت ۾ تبديل ڪندو. بس! هُو منھنجي ئي عبادت ڪن ۽ مون سان گڏ ٻئي ڪنھن کي به شريڪ نه ڪن، جيڪو ان کان پوءِ ڪفر ڪندو ته اهڙائي ماڻهو نافرمان آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 56) |
۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ته مانَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي مسلمانو!) نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ادا ڪيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو ته توهان تي رحم ڪيو وڃي. (زباني مسلماني ۽ سکڻو ايمان ڪم نه ايندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان نماز پڙهو ۽ زڪوات ڏيو ۽ رسولِ عربيءَ جي اطاعت ڪريو يقيناً توهان تي رحم ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي ايمان وارو!) نماز پابندي سان پڙهندا ڪريو ۽ زڪوات ڏيندا رهو ۽ (دل سان) رسول جي حڪم تي هلو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ رسول جي اطاعت ڪيو تانته اوهان رحم ڪيا وڃو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي مسلمانو !) نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ رسول جي حڪم تي هلو مَنَ اوهان تي رحم ڪيو وڃي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو ته توهان تي رحم ڪيو وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پُورو پَڙهو نماز کي، ۽ ڏِيو ڏُکين کي ڏان، ۽ مُرسل مِهربان، مڃيو، ته مَن مَرهيا وَڃو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نماز پڙهو، زڪوات ڏيو ۽ رسول جي تابعداري ڪريو، ته مَن اوهان تي ٻاجهه ٿئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نماز قائم ڪريو، زڪواة ڏيو ۽ رسول جي اطاعت ڪريو، اميد ته توهان تي رحم ڪيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ قائم ڪريو نماز ۽ ڏيو زڪوات ۽ اطاعت ڪريو رسول جي، اميد ته توهان تي رحم ڪيو ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نماز قائم ڪريو، زڪوات ادا ڪريو ۽ رسول سڳوري جي اطاعت ڪريو اميد آهي ته توهان تي رحم ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَلَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 57) |
ڪافرن کي نه ڀانءِ ته زمين ۾ ٿَڪائيندڙ آھن، ۽ سندين جاءِ دوزخ آھي، البت اُھو موٽڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ائين متان سمجهو ته جن ماڻهن ڪفر (۽ ظلم) جي واٽ ورتي آهي، سي ملڪ ۾ (الله تعاليٰ جي واعدي ۽ رٿن کي روڪي ڇڏيندا ۽) غالب پوندا. سندن ٽڪاڻو (آخر دوزخ جي) باهه آهي جتي هو موٽي ويندا، ۽ اها موٽڻ جي جاءِ ڪهڙي نه خراب هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان ايئن نه ڀانيو ته جن ماڻهن ڪفر ڪيو آهي اهي اسان کي زمين ۾ مجبور ڪندڙ آهن، ۽ انهن جي جاءِ جهنم آهي، ۽ اها موٽڻ جي تمام خراب جاءِ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) تون اهو خيال نه ڪر ته ڪافر (هيڏي هوڏي) زمين ۾ (پکڙي اسان کي) عاجز ڪري ڇڏيندا. (اهي پاڻ عاجز ٿي پوندا) ۽ سندن جاءِ ته جهنم (ئي) آهي ۽ ڪهڙي (نه) بڇڙي جاءِ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه خيال ڪيو انهن کي جن ڪفر ڪيو عاجز ڪندڙ زمين ۾ جاءِ انهن جي باهه آهي ۽ البته بڇڙي جاءِ موٽڻ جي آهي. . ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) تون هي خيال نه ڪر ته ڪافر زمين ۾ (اسان کي) عاجز ڪندڙ آهن ۽ سندن ٽڪاڻو باهه آهي ۽ اها موٽي وڃڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪافرن جي باري ۾ هرگز هي گمان نه ڪر ته زمين ۾ (اسان کي) عاجز ڪندڙ آهن، ۽ انهن جي جاءِ باهه آهي. ۽ نهايت بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀُون ۾ نه ڀانيو ڪافِرِين، زورا وَر ذَرو، ۽ جَن جو کُورو گَھر کَرو، ۽ مَٺو موٽڻ ماڳ ٿيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ايئن نه ڀانءِ ته ڪافر ڪو (اسان کي) زمين ۾ ٿڪائي سگهندا- سندن جاءِ دوزخ آهي، جو تمام بڇڙو ٺڪاڻو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو ڪفر ٿا ڪن، انهن بابت انهيءَ غلط فهميءَ ۾ نه پئو ته هو ڪو زمين ۾ الله کي لاچار ڪري ڇڏيندا، سندن ٺڪاڻو جهنم آهي ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان غلط فهميءَ ۾ نه رهو ته جيڪي ماڻهو ڪفر ڪري رهيا آهن ته اهي عاجز ڪري ڇڏيندا الله کي زمين ۾، انهن جو ٺڪاڻو ته دوزخ ئي آهي، ۽ اها ڏاڍي بڇڙي جاءِ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪفر ڪرڻ وارن جي باري ۾ تون اهو نه سمجهه ته هو زمين ۾ (الله تعالي کي) بيوس ڪري سگهندا، انهن جو ٺڪاڻو باهه آهي ۽ اها بدترين جاءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِيَستَـٔذِنكُمُ الَّذينَ مَلَكَت أَيمٰنُكُم وَالَّذينَ لَم يَبلُغُوا الحُلُمَ مِنكُم ثَلٰثَ مَرّٰتٍ مِن قَبلِ صَلوٰةِ الفَجرِ وَحينَ تَضَعونَ ثِيابَكُم مِنَ الظَّهيرَةِ وَمِن بَعدِ صَلوٰةِ العِشاءِ ثَلٰثُ عَورٰتٍ لَكُم لَيسَ عَلَيكُم وَلا عَلَيهِم جُناحٌ بَعدَهُنَّ طَوّٰفونَ عَلَيكُم بَعضُكُم عَلىٰ بَعضٍ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 58) |
اي ايمان وارؤ اوھان جي ٻانھن ۽ جيڪي اوھان مان بلوغت کي نه پُھتا آھن تن کي ٽي وقت (گھرن ۾ اچڻ لاءِ) اوھان کان موڪلائڻ گھرجي، فجر جي نماز کان اڳ ۽ منجھند کي جو اوھين ڪپڙا لاھي رکندا آھيو ۽ سومھاڻي جي نماز کان پوءِ، (جو اھي) اوھان لاءِ ٽي اُگھڙ جا وقت آھن، انھن کان پوءِ ھڪ ٻئي وٽ اوھان جي اچڻ وڃڻ کان نڪي اوھان تي ۽ نڪي اُنھن تي گناھ آھي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مومنؤ! توهان کي هن ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته اوهان جا ٻانها (۽) ٻانهيون جيڪي اوهان جي قبضي ۾ آهن (۽ نوڪر ۽ نوڪرياڻيون) ۽ پڻ اهي جيڪي بلوغت جي عمر کي نه پهتا آهن، (يعني اڃا ننڍا آهن) اهي سڀ توهان وٽ اچڻ لاءِ ٽن وقتن تي پهريائين موڪل گهرن: (١) فجر جي نماز کان اڳي (٢) منجهد جو جڏهن توهان ڪپڙا لاهي (يا بدلائي) آرام ڪندا آهيو. (٣) سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ. اهي ئي (اُهي) وقت آهن (جن ۾) توهان پوريءَ طرح پهريل نه هوندا آهيو (ٻيا ماڻهو ته هر وقت موڪل بنا نه اچن) انهن ٽن وقتن کان سواءِ (انهن ٻانهن نوڪرن ۽ ننڍن جي بنا موڪل اچڻ ۾) نه اوهان جي لاءِ گناهه جي ڳالهه آهي نه ئي هنن لاءِ، ڇو ته (ڪم ڪار لاءِ) توهان هڪٻئي ڏانهن اچو وڃو ٿا، (ڏسو) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ پنهنجا حڪم احڪام کولي کولي بيان ڪري ٿو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان کان توهان جا ٻانها اجازت وٺن (پوءِ توهان جي گھرن ۾ اچن) ۽ اهي ڇوڪرا جيڪي اڃان جوان نه ٿيا آهن، اهي توهان کان ٽي دفعا (اچڻ جي) اجازت وٺن، فجر جي نماز کان اڳ ۾ ۽ ٻن پهرن جي وقت جڏهن توهان ڪپڙا لاهي آرام ڪريو ٿا ۽ عشاء نماز کان پوءِ، (اهي) ٽئي وقت توهان جي پردي جا آهن، انهن ٽِن وقتن کانسواءِ انهن جي اچڻ ۾ نه توهان تي ڪو گناه آهي ۽ نه انهن تي، اهي ٻانها ۽ ڇوڪرا توهان جي چؤگرد ڦرندڙ آهن، اهڙي طرح الله تعالى توهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! توهان جون ٻانهيون، غلام ۽ اهي ٻار جي اڃا ساماڻا نه هجن تن کي به گهرجي ته (ڏينهن رات ۾ ٽي) ڀيرا (ٽن وقتن ۾ اوهان وٽ) اچڻ جي اجازت سان اندر اچن. صبح جي نماز کان اڳي، ۽ جڏهن اوهين (گرميءَ ڪري)منجهند جو پنهنجا ڪپڙا لاهي رکو ٿا، ۽ سهمڻي جو نماز کان پوءِ (اهي) ٽي وقت اوهان جي پردي ڪرڻ جا آهن. انهن (وقتن) کان سواءِ (بنا اجازت اچڻ ۾) نه ته اوهان تي ڪو الزام آهي (۽) نه انهن تي (ڇو جو) اهي اوهان مان ڪي ڪنهن وٽ ۽ ڪي ڪنهن وٽ (ضرورت سان يا ائين ئي) اڃن وڃن ٿا. اهڙي طرح الله اوهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو ۽ الله (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! جڳائي ته موڪل گهرن اوهان کي ٻانها اوهان جا ۽ اهي جيڪي نه پهتا بلوغت کي اوهان مان ٽي ڀيرا فجر نماز کان اڳ ۾ ۽ جڏهن لاهي رکو ٿا ڪپڙا پنهنجا منجهند جو ۽ نماز عشاء کان پوءِ ٽي وقت اگهڙ جا آهن اوهان جي لاءِ ناهي اوها تي ۽ نه انهن تي ڪو گناهه انهن کان پوءِ ڦرندڙ گرندڙ آهن اوهان تي هڪڙا اوهان مان ٻين تي اهڙي طرح بيان ڪري ٿو الله اوهان جي لاءِ آيتون ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارو! جن جا اوهين مالڪ آهيو ۽ جيڪي اوهان مان بلوغت کي نه پهتا آهن سي ٽي ڀيرا (ٽن وقتن ۾ ) اوهان کان اجازت وٺي اندر اچن. صبح جي نماز کان اڳي ۽ جڏهن منجهند جو پنهنجا ڪپڙا لاهي رکو ٿا، ۽ سمهڻي جي نماز کانپوءِ. (اهي) ٽي وقت اوهان جي اڪيلائي جا آهن. انهن (وقتن) کانپوءِ نه اوهان تي ۽ نه انهن تي ڪو گناهه آهي (ڇو جو) اُهي اوهان مان ڪي ڪنهن وٽ ۽ ڪي ڪنهن وٽ گهڻو اچڻ وڃڻ وارا آهن. اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! توهان جا زيردست (يعني ٻانها ۽ ٻانهيون) ۽ توهان مان اُهي ٻار جيڪي اڃا بلوغت کي نه پهتا آهن (توهان وٽ اچڻ لاءِ) ٽن وقتن ۾ توهان کان اجازت وٺي اندر اچن. فجر جي نماز کان اڳ ۽ منجهند مهل جڏهن (آرام لاءِ اضافي) ڪپڙا لاهي رکو ٿا ۽ سومهڻي نماز بعد. (جڏهن آرام ڪيو ٿا اهي) ٽي وقت توهان جي پردي جا آهن. انهن (وقتن) بعد (اهي بنا اجازت اچن ته) نه توهان تي ۽ نه انهن تي ڪو گناهه آهي. (ڇو جو باقي وقتن ۾ اُهي ۽) توهان ڪثرت سان هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا رهندا آهيو. ان طرح الله توهان لاءِ آيتون پڌريون ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جَن مَڃيو! مَر اوهان کان، وَٺنِ اِجازت اَندر، اَهنجي سَڄڻ، جَن سنڀاليو، گولا، گوليون گَھر، پڻ توهان مان، تَڙ کي، نه پُهتا جي نِينگر، ٽي ڀيرا اڳ فَجر کان، ۽ مَنجھند مَهل مگر، ڪَنڌِئَ رکو ڪپڙا، جَڏهن پَنهنجا، پنهنجِئَ پَر، پڻ سُمهڻِي صلوات پُوان، ٽي اُ گھاڙون اَڪثر، تِهان بَعد، توهان تي، نَه حَرج ۽ نه هُنن سِر، ڪي اَوهان مان، ڪن تي، وَر وَر ڪَندڙ وَر، اَلله اِيئن اَوهان لئي، ٿو کولي خُوب اَمر، داناڌڻِي دارو، پڻ حِڪمِتي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! اوهان جي ٻانهن ۽ نابالغ ڇوڪرن کي (گهرن ۾ اچڻ لاءِ) اوهان کان ٽي وقت موڪل وٺڻ کپي: صبح جي نماز کان اڳ ۽ جڏهن اوهين ٻنپهرن جو ڪپڙا لاهيندا آهيو ۽ سمهڻي نماز کان پوءِ، اهي ٽي وقت اوهان لاءِ بي پردگيءَ جا آهن- انهن کان پوءِ نڪو اوهان تي گناهه آهي، نڪو هنن تي- جو اوهان مان هڪڙن کي ٻين وٽ اچڻو پوي ٿو- اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ حڪم بيان ڪري ٿو- ۽ الله ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! توهان جا ٻانها ٻانهيون ۽ توهان جا اهي ٻار جيڪي اڃان بلوغت کي نه پهتا آهن، ٽن وقتن تي توهان وٽ اجازت وٺي پوءِ اچن، صبح جي نماز کان اڳ ۽ ٻن پهرن جو جڏهن توهان ڪپڙا لاهي رکندا آهيو ۽ سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ ، اهي ٽي وقت توهان لاءِ پردي جا وقت آهن، باقي انهن (وقتن) کان پوءِ بنا اجازت اچن ته نڪي توهان تي ڪو گناهه آهي ۽ نه انهن تي، توهان کي ته هڪ ٻئي وٽ هر هر اچڻو ئي پوي ٿو، اهڙيءَ طرح الله توهان لاءِ پنهنجن حڪمن کي کولي ٿو بيان ڪري ۽ الله ته سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، توهان جا ٻانها ٻانهيون، جن جا توهان مالڪ آهيو، ۽ اهي جيڪي اڃا عقل کي نه پهتا آهن ٻار اهي توهان کان ٽن وقتن تي اجازت وٺي پوءِ اندر اچن، پهرين فجر جي نماز کان (اڳي) ۽ منجهند جو جڏهن توهان ڪپڙا لاهي رکندا آهيو ۽ بعد از نمازِ عشاء (رات جي نماز کان پوءِ)، اهي ٽي وقت توهان جي لاءِ پردي جا آهن، ان کان پوءِ هو بنا اجازت اچن ته نه توهان تي ڪو گناهه آهي ۽ نه انهن تي. توهان کي هڪ ٻئي وٽ هر هر ئي اچڻو پوي ٿو، اهڙيءَ طرح واضح ڪري ٿو الله توهان جي لاءِ پنهنجا حڪم، ۽ الله ئي ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توها ن جا ٻانها (يعني نوڪر) ٻانهيون ۽ نابالغ ٻار توهان وٽ ٽن وقتن ۾ اجازت وٺي اندر اچن: صبح جي نماز کان پھريان ــ منجهند جي وقت، جڏهن توهان آرام ڪرڻ لاءِ ڪپڙا مٽائي لاهي رکو ٿا ۽ عشاء جي نماز کان پوءِ ــ اهي ٽي وقت توهان جي لاءِ پردي (۽ نويڪلائي) جا هوندا آهن. ان کان علاوه ٻين وقتن تي جيڪڏهن هو بغير اجازت جي اندر اچن ته نه توهان تي ڪو گناهه آهي ۽ نه ئي اُنهن تي. ڇاڪاڻ جو توهان کي بار بار هڪٻئي ڏي اچڻو وڃڻو پوي ٿو. اهڙيءَ طرح الله تعالى توهان جي لاءِ واضح حڪم بيان ڪري ٿو ۽ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا بَلَغَ الأَطفٰلُ مِنكُمُ الحُلُمَ فَليَستَـٔذِنوا كَمَا استَـٔذَنَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 59) |
۽ جڏھن اوھان مان ٻار بلوغت کي پھچن تڏھن کين اھڙي طرح موڪل وٺڻ گھرجي جھڙي طرح انھن (ڇوڪرن) کان اڳيان (وڏا) موڪل وٺندا آھن، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ پنھنجا حُڪم بيان فرمائي ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن توهان جا ٻار (پنهنجا يا پراوا) بلوغت کي پهچن (يعني جوان ٿين) تڏهن گهرجي ته اهي به ساڳيءَ طرح (هر وقت ۽ هر موقعي تي) موڪل گهرن، جهڙيءَ طرح انهن کان اڳيان (يعني وڏا) موڪل گهرندا پئي آيا آهن. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ پنهنجا حڪم احڪام چٽائي سان بيان ڪري ٿو ڇڏي. (۽ وري وري ياد رکو ته سندس سڀ حڪم مفيد ۽ ضروري آهن، ڇو ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن توهان مان ڇوڪرا جوان ٿين ته پوءِ انهن کي گھرجي ته (اچڻ لاءِ) اجازت گھرن جيئنڪ انهن کان اڳين ماڻهن اجازت طلب ڪئي، اهڙي طرح الله تعالى توهان لاءِ پنهنجون آيتون بيان فرمائي ٿو، ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي ايمان وارو!) جڏهن اوهان جا ٻار بلوغت کي پهچن ته جيئن انهن کان اڳ (وڏي عمر وارا گهر ۾ اچڻ جي) اجازت وٺي ايندا هئا تئين اهي به اجازت وٺي اچن. اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ (پنهنجيون) آيتون بيان ڪري ٿو. ۽ الله ته وڏو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن پهچن ڇوڪرا اوهان مان بلوغت کي پوءِ جڳائي ته موڪل وٺي اچن جيئن موڪل گهري انهن جيڪي انهن کان اڳي هئا اهڙي طرح بيان ڪري ٿو الله اوهان لاءِ آيتون پنهنجون ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اوهان جا ٻار بلوغت کي پهچن ته اهي اجازت وٺي اندر اچن جيئن انهن کان اڳيان (وڏا) اجازت وٺن ٿا. اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ پنهنجيون آيتون بيان ڪري ٿو. ۽ الله (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن توهان جا ٻار بلوغت جي حد کي پهچن ته اُهي (توهان وٽ اچڻ لاءِ ائين) اجازت وٺن جيئن انهن کان اڳيان (بالغ ماڻهو) اجازت وٺن ٿا. اهڙي طرح الله توهان لاءِ پنهنجون آيتون پڌريون ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پُهتا اَوهان جا ننڍڙا، جِنهن وِير وَهِي، ته موڪلائـِن مِثال تِنهن، جا وَڏڙن ساڻ وهِي، اَلله کولي آن لئي، پَنهنجا حُڪم پَهِي، سَمجھدار صَحِي، پڻ ڏاهو آھِ ڏيھ ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن اوهان جا ڇوڪرا بالغ ٿين، تڏهن انهن کي به ايئن موڪل وٺڻ کپي، جيئن سندن وڏا موڪل وٺندا آهن- اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ پنهنجا حڪم بيان ڪري ٿو- ۽ الله ڄاڻندڙ، ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن توهان جا ٻار بلوغت کي پهچي وڃن ته پوءِ اهي به ائين اجازت وٺي ايندا ڪن، جيئن کانئن وڏا اڳيئي پيا اجازت وٺندا رهيا آهن. انهيءَ ريت الله پنهنجون آيتون توهان جي آڏو پيو ٿو کولي بيان ڪري ۽ هو ڄاڻندڙ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن عقل جي حد کي پهچن توهان جا ٻار، انهن کي گهرجي ته اهڙيءَ طرح اجازت وٺي اچن، جهڙيءَ طرح انهن جا وڏا اجازت وٺندا رهيا آهن، اهڙيءَ طرح بيان ڪري ٿو الله توهان تي پنهنجون آيتون، ۽ الله ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن توهان جا ٻار بالغ ٿي وڃن ته انهن کي به گهرجي ته هو به اهڙيءَ طرح اجازت وٺي اندر اچن جيئن انهن جا وڏڙا اجازت وٺي ايندا آهن. اهڙي طرح الله تعالى توهان جي لاءِ پنھنجا حڪم کولي بيان ڪري ٿو. الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالقَوٰعِدُ مِنَ النِّساءِ الّٰتى لا يَرجونَ نِكاحًا فَلَيسَ عَلَيهِنَّ جُناحٌ أَن يَضَعنَ ثِيابَهُنَّ غَيرَ مُتَبَرِّجٰتٍ بِزينَةٍ وَأَن يَستَعفِفنَ خَيرٌ لَهُنَّ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 60) |
۽ جيڪي ٻڍيون زالون پرڻي جو ڪو آسرو نه رکنديون ھجن سي جيڪڏھن سينگارجي پڌري نه ڪرڻ جي ارادي سان پنھنجون چادرون نه ڍڪين ته مٿن گناھ ڪونھي، ۽ جيڪڏھن (اُن کان به) بچن ته اُنھن لاءِ ڀلو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ وڏيون پوڙهيون عورتون جن کي پرڻجڻ جي ضرورت ئي نه رهي آهي سي جيڪڏهن پنهنجا (غير ضروري ٻاهريان) ڪپڙا (جيئن چادر ڪنهن وقت) نه پائين ته انهن کي گناهه ڪونهي، بشرطيڪه هو زينت وارين جاين کي ظاهر نه ڪن، پر جيڪڏهن انهيءَ کان به بچن (يعني ٻاهران ڪپڙا به پائينديون رهن) ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي عمر رسيده عورتون جيڪي نڪاح جو ارادو نه ٿيون رکن پوءِ هرگز انهن تي ڪو گناه ناهي جو اهي پنهنجا ڪجھه ڪپڙا (چادرون وغيره) لاهي رکن جيڪڏهن کين زينت جو ارادو ناهي، ۽ ايئن نه ڪرڻ سندن لاءِ بهتر آهي، ۽ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ٻڍيون زالون جن کي شاديءَ جي اميد نه (رهي) آهي سي جيڪڏهن پنهنجا ڪپڙا (پوتيون) لاهي (مٿو اگهاڙو ڪري) ڇڏين ته ان ۾ مٿن ڪو ڏوھ نه آهي، (پر ڌارين اڳيان) سينگار ظاهر ڪرڻ واريون نه هجن ۽ (ان کان به) بچن ته انهن لاءِ گهڻو چڱو آهي ۽ خدا (سڀني جو سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ (۽) ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وهندڙ (ٻڍيون) عورتون جيڪي نه ٿيون اميد رکن نڪاح جي پوءِ ناهي انهن تي ڪو گناهه هي جو لاهي رکن چادريون پنهنجون هن حال ۾ ته نه ظاهر ڪندڙيون سينگار پنهنجو ۽ هي جو بچن (ان کان) ته ڀلو آهي انهن جي لاءِ ۽ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ٻڍيون زالون جن کي شاديءَ جي اميد نه (رهي) آهي تن تي هن ڳالهه ۾ ڪو گناهه نه آهي ته پنهنجون چادرون نه ڍڪين (پر ڌارين جي اڳيان) سينگار ظاهر ڪرڻ واريون نه هجن ۽ ان کان به اهي بچن ته انهن لاءِ گهڻو چڱو آهي ۽ الله (سڀ ڳالهيون) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهي گهرن ۾ ويٺل (ڪراڙيون )زالون جن کي نڪاح جي خواهش نه رهي آهي سو انهن تي ڪو گناهه ناهي جو اُهي پنهنجا (مٿان ڍڪڻ وارا اضافي) ڪپڙا لاهي رکن بشرطيڪه اُهي پنهنجي سينگار کي ظاهر ڪرڻ واريون نه هجن. ۽ جيڪڏهن اُهي (وڌيڪ) پرهيزگاري اپنائن ته انهن لاءِ ڀلو آهي. ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ويٺل وِيا مڻ کان، وَنيون وَڏِي ڄَمار، جي نِيت نه رکن نڪاح جي، پوءِ مَٿنِ ناهي مَيار، ته رکن پَردا پَنهنجا، بُرقعا بَرڪِنار، ۽ ڏيہ کي نه ڏيکارڻ واريون، سَندنِ هار سِينگار، ۽ جي پَردو ڪَن ته پاڻ ڀَلو، آهي اُنهن هارِ، ۽ سُڻندڙ رَبُّ، سَتَّار، سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي ٻڍيون عورتون، پرڻجڻ جي اميد نه رکنديون هجن، تن تي ڪو گناهه ناهي، جيڪڏهن هو سونهن ظاهر ڪرڻ جي ارادي بنا سندن (برقعن جهڙيون) چادرون لاهي ڇڏين- پر جي انهن کان به بچن ته اهو هنن لاءِ چڱو آهي ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ٻار ڄڻڻ کان ويهي ويل عورتون جيڪي نڪاح جي به ڪا ســَـڌَ نه ٿيون ڪن، تن تي ڪوبه گناه ڪونهي، جيڪڏهن پنهنجون چادرون لاهي ڇڏين، پر ائين نه جو پنهنجي زينت جو ڏيکاءُ ڪنديون هجن، پر اڃان به جي شرم ۽ حياءَ کان ڪم وٺن ته اهو ته انهن لاءِ پاڻ وڌيڪ چڱو آهي ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جواني گذاري ويٺيون آهن جيڪي عورتون ناهن اهي اميدوار نڪاح جون، انهن تي ڪوبه گناهه ناهي اگر اهي پنهنجون چادرون لاهي ڇڏين، پر شرط اهو آهي ته نمائش ڪندڙ نه هجن پنهنجي زينت جو، پر تڏهن به اهي حياداري اختيار ڪن ته انهن لاءِ چڱو آهي، ۽ الله ئي سڀڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهي پوڙهيون عورتون جيڪي نڪاح جو آسرو پَلي چڪيون آهن، جيڪڏهن اهي بغير چادرن جي ٻاهر نڪرن ته انهن تي به ڪو گناهه نه آهي. شرط هي آهي ته هو هار سينگار ڪري ٻاهر نه نڪرن. پر جيڪڏهن هو به حياداري اختيار ڪري چادرون ڍڪي نڪرن ته اِها شيءِ انهن جي لاءِ اڃا به بھتر آهي. الله تعالى سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ وڏي علم وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَلا عَلىٰ أَنفُسِكُم أَن تَأكُلوا مِن بُيوتِكُم أَو بُيوتِ ءابائِكُم أَو بُيوتِ أُمَّهٰتِكُم أَو بُيوتِ إِخوٰنِكُم أَو بُيوتِ أَخَوٰتِكُم أَو بُيوتِ أَعمٰمِكُم أَو بُيوتِ عَمّٰتِكُم أَو بُيوتِ أَخوٰلِكُم أَو بُيوتِ خٰلٰتِكُم أَو ما مَلَكتُم مَفاتِحَهُ أَو صَديقِكُم لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَأكُلوا جَميعًا أَو أَشتاتًا فَإِذا دَخَلتُم بُيوتًا فَسَلِّموا عَلىٰ أَنفُسِكُم تَحِيَّةً مِن عِندِ اللَّهِ مُبٰرَكَةً طَيِّبَةً كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 61) |
انڌي تي ڪا اوکائي نه آھي ۽ نڪي منڊي تي اوکائي ۽ نڪي بيمار تي ڪا اوکائي ۽ نڪي خود اوھان (ماڻھن) تي (ڪا اوکائي) آھي جي اوھين پنھنجن گھرن (مان) يا پنھنجن پيُن جي گھرن يا پنھنجن مائرن جي گھرن يا پنھنجي ڀائرن جي گھرن يا پنھنجن ڀينرن جي گھرن يا پنھنجن چاچن جي گھرن يا پنھنجن پڦين جي گھرن يا پنھنجن مامن جي گھرن يا پنھنجي ماسين جي گھرن يا جن جي گھرن جون ڪنجيون اوھان جي ھٿ آھن تن ۽ پنھنجن دوستن جي گھرن مان کائو، گڏجي (کائڻ) يا ڌار ڌار ٿي کائڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، پوءِ جڏھن گھرن ۾ گھڙو تڏھن پنھنجن ماڻھن تي سلام ڏيو جو (اھا) الله وٽان برڪت واري سٺي دُعا آھي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نڪي انڌن لاءِ (هيءَ ڳالهه) ڪا پوڻائي جي ڳالهه آهي، نڪي منڊن يا بيمارن لاءِ، نڪي توهان ٻين لاءِ (ڪا رڪاوٽ آهي) ته توهان (انڌا منڊا ۽ بيمار) پنهنجي گهرن ۾ يا پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهرن ۾ کائو پيئو يا پنهنجي ڀائرن جي گهرن ۾ يا ڀينرن جي گهرن ۾ (کائو پيئو) يا پنهنجي چاچن جي گهرن ۾ يا پڦين جي گهرن ۾ يا مامن جي گهرن ۾ يا ماسين جي گهرن ۾ يا انهن گهرن ۾ جن جون ڪنجيون توهان جي قبضي ۾ هجن يا پنهنجي (نيڪ) دوستن جي گهرن ۾ (بيشڪ کائو پيئو). هن ڳالهه ۾ توهان تي ڪو گناهه ڪونهي ته گڏجي ويهي کائو يا جدا جدا (اڪيلا ويهي) کائو، پر (ياد رکو ته) جڏهن گهرن ۾ گهڙو تڏهن پنهنجن ماڻهن کي پهريائين السلام عليڪم وغيره چوندا ڪيو، (يعني سلامتي ۽ رحمت ۽ برڪت جي دعا ڪندا ڪريو) اهو سلام ڪرڻ (يعني اها دعا ڪرڻ) الله وٽان هڪ برڪت وارو ۽ پاڪ سلام آهي. (ڏسو) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ توهان جي لاءِ پنهنجا حڪم احڪام کولي کولي ٻڌائي ٿو توهان انهن کي چڱيءَ طرح سمجهو (۽ انهن جي تعميل ڪيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نابين ماڻهو تي ڪا بندش ناهي ۽ منڊي ماڻهوءَ تي ڪا بندش نه آهي ۽ مريض ماڻهوءَ تي ڪا بندش ناهي (جو اهي هيٺين گھرن مان کائين) ۽ نه توهان تي ڪا بندش آهي جو توهان پنهنجي گھرن مان (ڪا شيءِ کڻي) کائو يا پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي گھرن مان يا پنهنجي ماءُ ڏاڏيءَ جي گھرن مان، يا پنهنجي ڀائرن جي گھرن مان يا پنهنجي ڀيڻن جي گھرن مان، يا پنهنجي چاچن جي گھرن مان يا پنهنجي پڦين جي گھرن مان يا پنهنجي مامن جي گھرن مان يا پنهنجي ماسين جي گھرن مان يا جن ماڻهن جو چاٻيون توهان وٽ آهن يا توهان جي پڪن دوستن جي گھرن مان (مطلب ته انهن گھرن مان کائي سگھو ٿا) توهان تي ڪو گناه ناهي جو توهان گڏجي کائو يا جدا جدا ٿي کائو، پوءِ جنهن وقت توهان گهرن ۾ داخل ٿيو پوءِ توهان انهن تي سلام ورايو، اها کيڪار الله تعالى وٽ مبارڪ ۽ پاڪ آهي اهڙي طرح الله تعالى توهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو ته من توهان سمجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن ڳالھ ۾ نه انڌي تي ڪا پابندي آهي ۽ نه منڊي تي ڪو الزام آهي ۽ نه بيمار تي ڪو ڏوھ آهي ۽ نه خود اوهان تي جو پنهنجي گهرن مان کاڌو کائو يا پنهنجي ابن ڏاڏن نانن (وغيره) جي گهرن مان يا پنهنجي ماءُ، ڏاڏي، ناني (وغيره) جي گهرن مان يا پنهنجي ڀائرن جي گهرن مان يا پنهنجين ڀينرن جي گهرن مان يا پنهنجي چاچن جي گهرن مان يا پنهنجي پڦين جي گهرن مان يا پنهنجي ماسين جي گهرن مان يا جن گهرن جون ڪنجيون اوهان وٽ آهن يا پنهنجي دوستن (جي گهرن) مان کائو. هن ۾ به اوهان تي ڪوئي الزام نه آهي ته سڀئي گڏجي کائو يا جدا جدا ٿي پوءِ جڏهن گهرن ۾ وڃو ۽ (اتي ڪنهن کي نه ڏسو) ته پاڻ تي سلام ڪندا ڪريو جو خدا جي طرف کان به هڪ مبارڪ پاڪ ۽ پاڪيزه تحفو آهي. اهڙيءَ طرح خدا توهان کي ڳالهيون کولي ٻڌائي ٿو ته من اوهين عقل کان ڪم وٺو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي انڌي تي گناهه ۽ نه منڊي تي گناهه ۽ نه بيمار تي گناهه نه اوهان جي سرن تي هي جو کائو گهرن پنهنجن مان يا پنهنجن پيئرن جي گهرن مان يا پنهنجين مائرن جي گهرن مان يا پنهنجن ڀائرن جي گهرن مان يا پنهنجين ڀينرن جي گهرن مان يا پنهنجن چاچن جي گهرن مان يا پنهنجين پڦين جي گهرن مان يا پنهجن مامن جي گهرن مان يا پنهنجين ماسين جي گهرن مان يا انهن گهرن مان جو مالڪ ٿيئو انهن جي ڪنجين جا يا پنهنجي دوست جي گهر مان ناهي اوهان تي ڪو گناهه ته کائو گڏجي يا جدا جدا ٿي پوءِ جڏهن گهڙو گهرن ۾ پوءِ سلام چئو پنهنجن سرن تي مرحبا الله وٽان برڪت واري پاڪ صاف اهڙي طرح بيان ڪري ٿو الله اوهان لاءِ احڪام تانته اوهان سمجهو. . ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نه انڌي تي ڪا تنگي آهي ۽ نه منڊي تي ڪا تنگي آهي ۽ نه بيمار تي ڪا تنگي آهي ۽ نه خود اوهان (مسلمانن) تي (ڪا تنگي) آهي ته اوهين پنهنجن گهرن يا پنهنجن پين جي گهرن يا پنهنجن مائن جي گهرن يا پنهنجن ڀائرن جي گهرن يا پنهنجن ڀينرن جي گهرن يا پنهنجن چاچن جي گهرن يا پنهنجن پڦين جي گهرن يا پنهنجن مامن جي گهرن يا پنهنجن ماسين جي گهرن مان يا جن گهرن جي ڪنجين جا اوهين مالڪ ٿيا آهيو تن مان يا پنهنجن دوستن جي گهرن مان کائو. اوهان تي گڏجي يا جدا جدا ٿي کائڻ ۾ ڪو گناهه نه آهي. پوءِ جڏهن اوهين ڪن گهرن ۾ داخل ٿيو ته پنهنجن ماڻهن کي سلام ڪريو جا الله جي طرفان برڪت واري سٺي دعا آهي. اهڙي طرح الله اوهان کي ڳالهيون کولي ٻڌائي ٿو ته مَنَ اوهين عقل کان ڪم وٺو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انڌي تي ڪا رڪاوٽ ناهي ۽ نه مَنڊي تي ڪا رڪاوٽ آهي ۽ نه بيمار مٿان ڪا رڪاوٽ آهي ۽ نه خود توهان تي (ڪا رڪاوٽ آهي) جو توهان پنهنجي گهرن مان (کاڌو) کائو يا پنهنجي پيءَ ڏاڏي جي گهرن مان يا پنهنجي مائرن جي گهرن مان يا پنهنجي ڀائرن جي گهرن مان يا پنهنجي ڀينرن جي گهرن مان يا پنهنجي چاچن جي گهرن مان يا پنهنجي پڦين جي گهرن مان يا پنهنجي مامن جي گهرن مان يا پنهنجي ماسين جي گهرن مان يا جن گهرن جي ڪنجين جا توهان مالڪ ٿيا آهيو تن مان يا پنهنجي دوستن جي گهرن مان (کاڌو کائڻ ۾ توهان تي حرج ناهي). توهان تي هن ڳالهه ۾ به گناهه ناهي جو توهان سڀئي گڏجي کائو يا جدا جدا کائو. پوءِ جڏهن توهان گهرن ۾ داخل ٿيندا ڪيو ته پوءِ پنهنجن کي سلامتي جي دعا ڏيو اها دعا جا الله جي طرفان مقرر آهي جا وڏي بابرڪت (۽) پاڪيزه آهي. اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجون آيتون پڌريون ڪري ٿو ته جيئن توهان (زندگي گذارڻ جا آداب) سمجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَنڌي، مَنڊي، مَرِيض تي، ناهي مُور مَيار، پڻ نه اوهان پاڻ تي، جي کائو طَعام تيار، پَنهنجي يا پَنهنجي پِئَن جي حويليان هوشيار! يا ماڳ اَوهان جي مائُرِين، ڀيڻن، توڻي ڀار، يا چاچن، يا پُڦين جا، يا ماما، يا ماسيون سار، ڪنجيون اوهان وٽ جنهنجيون، يا اَهنجا يار سچار، کائو گڏ، يا ڌار، ته ميار نه اوهان تي مُورهين. جڏهن گِھڙو گَھرن ۾، ته چَئَو پَنهنجي سِر سَلام، جِئَ جِئَ رَبَّ، جَبّارکان، ڀَلو پاڪ ڪلام، اِنپر چِٽا چوي ٿو، آگو ربُّ، عَلام، آن کي حُڪم اِسلام، پَڙِهي مانَ پَروڙيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انڌي تي، خواهه منڊي تي خواهه بيمار تي خواهه اوهان تي ڪابه اوکائي ڪانهي، جيڪڏهن اوهين هنن گهرن مان کائو: اوهان جا گهر، اوهان جي پيءُ جا گهر، اوهان جي مائرن جا گهر، ڀائرن جا گهر، ڀيڻن جا گهر، چاچن جا گهر، پڦين جا گهر، مامن جا گهر، ماسين جا گهر، يا جن جون ڪنجيون اوهان جي هٿ ۾ آهن يا اوهان جي دوستن جا گهر، اوهان تي انهيءَ ۾ به حرج ڪونهي جيڪر گڏجي کائو يا ڌار ڌار، پوءِ جڏهن گهرن ۾ گهڙو، تڏهن پنهنجن ماڻهن تي سلام چئو، جا اها الله وٽان برڪت واري سٺي دعا آهي- اهڙيءَ طرح الله اوهان جي واسطي حڪم ٿو بيان ڪري، ته من اوهين پروڙيو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان ۾ ڪوبه حرج ڪونهي جيڪڏهن ڪو انڌو يا منڊو يا بيمار (ڪنهن جي گهران ڪجهه کائي) ۽ نه وري توهان تي ئي ڪا روڪ آهي ته پنهنجن گهرن مان کائو يا پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي گهرن مان يا پنهنجي ماءُ نانيءَ جي گهرن مان يا پنهنجن ڀائرن جي گهرن مان يا پنهنجي ڀينرن جي گهرن مان يا پنهنجي چاچن جي گهرن مان يا پنهنجي پڦين جي گهرن مان يا پنهنجن مامن جي گهرن مان يا پنهنجي ماسين جي گهرن مان يا انهن گهرن مان جن جون ڪنجيون توهان جي حوالي هجن يا پنهنجن دوستن جي گهرن مان کائو، ان ۾ به ڪو حرج ڪونهي ته توهان گڏجي کائو يا ڌار ڌار، پر جڏهن به گهرن ۾ داخل ٿيو ته پنهنجن ماڻهن تي سلام ڪندا ڪريو. خير جي دعا، الله پاران مقرر ڪيل، وڏي برڪت واري ۽ ڀلاري. اهڙيءَ طرح الله توهان جي آڏو آيتون ٿو کولي بيان ڪري ته مـَـنَ توهان ڪو عقل کان ڪم وٺو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪابه ناهي ان انڌي تي جَهل ۽ نه آهي ڪنهن منڊي تي روڪ (ته کائن ڪنهن جي گهر مان) ۽ نه وري ڪنهن مريض تي آهي روڪ ٽوڪ ۽ نه توهان لاءِ ڪو نقصان آهي ته کائو پنهنجي گهرن مان يا پنهنجي انهن گهرن ابن ڏاڏن جي مان يا پنهنجي ماءُ ناني جي گهرن مان يا گهرن ڀائرن جي مان يا پنهنجي ڀينرن جي گهرن مان يا گهرن پنهنجي چاچن جي گهرن يا پنهنجي ڦڦين جي گهرن مان يا پنهنجي مامن جي گهرن مان يا پنهنجي ماسين جي مان يا جن گهرن جي ڪنجين جا مالڪ آهيو يا پنهنجي دوستن جي گهرن مان کائو، توهان تي ڪوبه گناهه ناهي ته توهين گڏجي کائو يا ڌار ڌار ٿي، ۽ جڏهن داخل ٿيو ڪنهن گهر ۾ ته سلام ڪريو پنهنجي ماڻهن تي، خير جي دعا مقرر آهي طرفان الله جي برڪت واري پاڪيزه، اهڙيءَ طرح بيان ڪري ٿو الله توهان جي لاءِ آيتون جيئن توهان سمجهه کان ڪم وٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انڌڙو، منڊڙو يا ڪو بيمار ماڻهو (ڪنهن جي گهران گُهري به) کائي وٺي ته اهو جائز آهي اهڙي طرح توهان کي به ان ڳالهه جي منع نه آهي ته توهان پنھنجي گهرن مان يا پنھنجي هنن مٽن مائٽن جي گهرن مان کاڌو کاڌو ته توهان لاءِ اهو جائز آهي: پيءُ ڏاڏي جي گهرن مان، ماءُ جي گهر مان، ڀائرن جي گهرن مان، ڀينرن جي گهرن مان، چاچن جي گهرن مان، پڦين جي گهرن مان، مامين جي گهرن مان، ماسين جي گهرن مان يا انهن گهرن مان جن جي توهان کي رکوالي ڏني وئي هجي. پنھنجي دوستن جي گهرن مان ۽ ان ڳالهه ۾ به ڪو گناهه نه آهي ته توهان سڀ گڏجي کائو يا الڳ الڳ ٿي کائو. پر جڏهن ڪنھن جي گهر ۾ داخل ٿيو ته پنهنجي ماڻهن کي سلام ڪندا ڪريو. الله تعالى جي طرفان مقرر ٿيل خير جي اها دعا وڏي برڪت واري ۽ پاڪيزهه آهي. الله تعالى اهڙي طرح توهان جي لاءِ واضح حڪم بيان ڪري ٿو ته جيئن توهان عقل کان ڪم وٺو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِذا كانوا مَعَهُ عَلىٰ أَمرٍ جامِعٍ لَم يَذهَبوا حَتّىٰ يَستَـٔذِنوهُ إِنَّ الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ أُولٰئِكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِذَا استَـٔذَنوكَ لِبَعضِ شَأنِهِم فَأذَن لِمَن شِئتَ مِنهُم وَاستَغفِر لَهُمُ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 62) |
مؤمن رڳا اُھي آھن جن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آندو آھي ۽ جڏھن گڏ ڪَرڻ واري ڪنھن ڪم ۾ ساڻس ھوندا آھن (تڏھن) ايسين ڪيڏي نه ويندا آھن جيسين کانئس موڪل (نه) وٺندا آھن، بيشڪ (اي پيغمبر) جيڪي توکان موڪلائيندا آھن سي اُھي آھن جي الله ۽ سندس پيغمبر کي مڃيندا آھن، پوءِ جڏھن پنھنجن ڪن ڪمن لاءِ توکان موڪلائين تڏھن انھن مان جنھن لاءِ گھرين تنھن کي موڪل ڏي ۽ اُنھن لاءِ الله کان بخشش گُھر، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سچا) مؤمن فقط اهي آهن جيڪي الله ۽ سندس رسول ۾ (پورو پورو) ايمان ٿا رکن ۽ جڏهن هو ڪنهن اهڙي موقعي تي گڏ ٿيل (هوندا) آهن جنهن تي (قومي معاملن سان تعلق رکندڙ) ڪنهن اهم ڪم جو فيصلو ڪرڻو (هوندو) آهي يا ڪو اهڙو ڪم گڏجي ڪرڻو (هوندو) آهي تڏهن اهي سچا مؤمن سندس موڪل وٺڻ کان سواءِ اٿي هليا نٿا وڃن. (اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو توکان اجازت گهرن ٿا، سي ئي الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيندڙ آهن. سو جڏهن هو پنهنجي ڪنهن ڪم لاءِ توکان موڪل گهرن تڏهن انهن مان جنهن کي چاهين تنهن کي موڪل ڏي، ۽ الله کان هنن جي لاءِ مغفرت (يعني معافي) جي دعا گهر. بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (سچا) مؤمن اهي آهن جيڪي الله تعالى ۽ الله جي رسول تي ايمان آڻن ٿا ۽ جنهن وقت اهي رسولِ عربيءَ سان ڪنهن اجتمائي ڪم ۾ آهن ته اتان اهي رسولِ عربيءَ جي اجازت کانسواءِ نٿا موٽن، بيشڪ جيڪي ماڻهو توهان (رسولِ عربي) کان اجازت وٺن ٿا، اِهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي الله تعالى ۽ الله جي رسول تي ايمان آڻن ٿا، پوءِ جڏهن اهي توهان کان ڪنهن ڪم جي اجازت طلب ڪن پوءِ توهان انهن مان جنهنکي چاهيو ڀلي ان کي اجازت ڏيو، ۽ انهن لاءِ الله تعالى کان بخشش طلب ڪريو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سچا ايمان وارا اهي آهن جن خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آندو ۽ جڏهن ڪنهن اهڙي ڪم جي لاءِ جنهن ۾ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي رسول وٽ (گڏ) ٿين ٿا ته جيستائين ان کان اجازت (نه) وٺن تيستائين (ڪيڏانهن) نه ٿا وڃن. (اي رسول) بيشڪ جيڪي تو کان اجازت وٺن ٿا سي ئي (دل سان) خدا ۽ سندس رسو تي ايمان آڻڻ وارا آهن. ته جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي ڪنهن ڪم جي لاءِ تو کان اجازت گهرن ته تون انهن مان جنهن کي (مناسب ڄاڻي) گهرين ته اجازت ڏيندو ڪر پڻ خدا کان ان جي معافيءَ جي دعا به ڪر بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ايمان وارا اهي آهن جن ايمان آندو الله تي ۽ ان جي رسول تي جڏهن هوندا گڏ ان سان امر گڏ ڪندڙ تي ته نه ويندا تانجو موڪل وٺن ان کان بيشڪ جيڪي موڪل وٺن ٿا تو کان اهي ئي آهن جيڪي ايمان آڻين ٿا الله تي ۽ ان جي رسول تي پوءِ جڏهن موڪل گهرن تو کان پنهنجي بعضي ڪمن جي لاءِ پوءِ اجازت ڏي ان جي لاءِ جنهن کي گهرين انهن مان ۽ مغفرت طلب ڪر انهن لاءِ الله کان بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ايمان وارا رڳا اُهي آهن جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو ۽ جڏهن ساڻس گڏجي ڪرڻ واري ڪم ۾ گڏ ٿين ٿا ته جيستائين ان کان اجازت (نه) وٺن تيستائين (ڪيڏانهن) نه ٿا وڃن. (اي پيغمبر !) بيشڪ جيڪي توکان اجازت وٺن ٿا سي ئي الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻين ٿا. پوءِ جڏهن اهي توکان پنهنجي ڪنهن ڪم لاءِ موڪل وٺن ته انهن مان جنهن کي گهرين تنهن کي موڪل ڏي ۽ انهن لاءِ الله کان معافي گهر. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ايمان وارا ته صرف اُهي ماڻهو آهن جن الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آندو۽ جڏهن ان (رسول) سان ڪنهن اهڙي ڪم ۾ حاضر هجن جيڪو (ماڻهن کي) گڏ ڪرڻ وارو آهي ته ايستائين واپس نه وڃن جيستائين ان کان اجازت نه وٺن. بيشڪ (اي نبي) جيڪي ماڻهو تو کان اجازت وٺن ٿا اُهي الله ۽ ان جي رسول تي (سچو) ايمان رکڻ وارا آهن، پوءِ جڏهن تو کان پنهنجي ڪن ڪمن لاءِ اجازت گهرن ته انهن مان جنهن کي چاهين اجازت ڏي ۽ انهن لاءِ الله کان بخشش گهر. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رَبَّ ۽ رَسُول کي، مَڃِينِ اُهي ميڙ، ۽ جڏهن مامِع جنگ تي، هُجن ساڻِس شير، ته نَه پاتئون پير، تان وَٺنِ اِجازت اُن کان. جي مَڃِين رَبّ ۽ رسول کي، موڪلائنئـِي مُور، سَندنِ ڪِنهن ڪم لئي، جڏهن ڏِينئـِي حال حُضور!، ته وَڻئـِي تِنهن لئي وِير!، تون موڪل ڪر مَنظور، ۽ بخشاءَ بارئَ کان، اُنهن جا عيب قُصور، غالِب رَبُّ، غفور، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مؤمن فقط اهي آهن جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو ۽ جڏهن هو ساڻس گڏ ڪنهن گڏجي ڪرڻ واري ڪم تي هوندا آهن، تڏهن کانئن موڪل وٺڻ ڌاران نه ويندا آهن- بيشڪ جيڪي شخص توکان موڪلائيندا آهن سي ئي الله ۽ سندس رسول کي مڃيندڙ آهن- پوءِ جڏهن سندن ڪن ڪمن لاءِ توکان موڪل وٺن، ته جنهن لاءِ وڻيئي، تنهن کي منجهانئن موڪل ڏي ۽ انهن لاءِ الله کان بخشش گهر- بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مؤمن ته حقيقت ۾ اهي آهن، جيڪي الله ۽ سندس رسول کي دل سان مڃين ۽ جڏهن ڪنهن گڏيل ڪم ۾ رسول سان گڏ هجن ته کانئس اجازت وٺڻ کانسواءِ ڪيڏانهن به نه وڃن. اي نبي! جيڪي ماڻهو توکان اجازت ٿا گهرن، سي ئي الله ۽ سندس رسول جا مڃيندڙ آهن، پوءِ جڏهن هو ڪنهن ڪم سانگي توکان اجازت گهرن ته جنهن کي وڻيئي ته ڀل موڪل ڏيئي ڇڏ ۽ انهن جي حق ۾ الله کان مغفرت جي دعا گهر، بيشڪ الله غفور رحيم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ مؤمن ته اهي ئي آهن جيڪي دل سان مڃين الله ۽ سندس رسول کي ۽ جڏهن ڪنهن گڏيل ڪم لاءِ رسول سان گڏ هجن ته نه وڃن سندس اجازت وٺڻ کان سواءِ، بيشڪ جيڪي ماڻهو (اي نبي!) توکان اجازت وٺن ٿا اهي ئي ماڻهو مڃڻ وارا آهن الله ۽ گهرن رسول کي، ۽ جڏهن توکان اجازت گهرن پنهنجي ڪنهن ڪم جي لاءِ ته جنهن کي گهرين تنهن کي اجازت ڏين ۽ اهڙن ماڻهن جي لاءِ الله کان مغفرت گهرندا ڪريو، بيشڪ الله غفور ۽ رحيم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ايمان وارا ته دراصل اُهي ماڻهو آهن جيڪي الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) تي ايمان آڻين ٿا ۽ هو جڏهن ڪنھن گڏيل ڪم جي سلسلي ۾ رسول سڳوري سان گڏ هجن ته ان جي اجازت کان سواءِ ٻئي ڪيڏانهن به نه وڃن. بيشڪ جيڪي ماڻهو توهان کان اجازت وٺي وڃن ٿا ته اُهي ماڻهو الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) تي ايمان آڻيندڙ آهن. پوءِ جيڪڏهن انهن مان ڪو پنھنجي (ذاتي) ڪم جي لاءِ وڃڻ جي اجازت گهري ته انهن مان جنھن کي تون چاهين اجازت ڏي ۽ انهن جي لاءِ الله تعالى کان بخشش جي دعا به گهرندو رهه. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا تَجعَلوا دُعاءَ الرَّسولِ بَينَكُم كَدُعاءِ بَعضِكُم بَعضًا قَد يَعلَمُ اللَّهُ الَّذينَ يَتَسَلَّلونَ مِنكُم لِواذًا فَليَحذَرِ الَّذينَ يُخالِفونَ عَن أَمرِهِ أَن تُصيبَهُم فِتنَةٌ أَو يُصيبَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
اوھين پاڻ ۾ پيغمبر کي سڏڻ اھڙي طرح نه ڀانيو جھڙيءَ طرح اوھان جو ھڪ ٻئي کي سڏڻ آھي بيشڪ الله انھن کي ڄاڻندو آھي جيڪي اوھان مان ٻي جي اوٽ ڪري کسڪي ويندا آھن، پوءِ جيڪي سندس حڪم جي ابتڙ ھلندا آھن تن کي پاڻ تي بلا پھچڻ کان يا پاڻ تي ڪنھن ڏکوئيندڙ عذاب پھچڻ کان ڊڄڻ گھرجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان رسول (ﷺ) جي سڏ کي اهڙو نه سمجهو جهڙو هڪ ٻِئي جي سڏ کي سمجهندا آهيو. (سندس سڏ کي تمام وڏي ۽ ضروري ڳالهه سمجهو ۽ هڪدم حاضر ٿيو). يقيناً الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي ڄاڻي ٿو جيڪي اوهان منجهان اک وٺي کسڪي اٿي وڃن ٿا. (يا ڪوڙو بهانو ڏئي هليا وڃن ٿا). (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو رسول(ﷺ) جي حڪم جي مخالفت ڪن ٿا تن کي هن ڳالهه کان ڊڄڻ گهرجي ته متان مٿن ڪا مصيبت اچي وڃي يا ڪو دردناڪ عذاب اچي مٿن ڪڙڪي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان رسولِ عربيءَ کي ايئن (نالي سان) نه سڏيو جيئن توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڏيو ٿا، بيشڪ الله تعالى انهن ماڻهن کي ڄاڻي ٿو جيڪي ماٺ ماٺ ڪري آڙ وٺي نڪري وڃن ٿا، پوءِ انهن ماڻهن کي ڊڄڻ گھرجي جيڪي سندس حڪم جي مخالفت ڪن ٿا، جو انهن کي ڪا مصيبت پهچي يا انهن کي دردناڪ عذاب پهچي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي ايمان وارو) جيئن اوهين پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي (نالو وٺي) سڏيو ٿا تئين اوهين رسول کي نه سڏيندا ڪريو. خدا انهن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. جي اوهان مان وجھ ڏسي (رسول وٽان) لڪي کسڪي وڃن ٿا. سو جيڪي ان جي حڪم جي ابتڙ هلن ٿا سي هن ڳالھ کان ڊڄن ٿه متان مٿن ڪا آفت اچي پوي يا کين دردناڪ عذاب پهچي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه بنايو رسول جي سڏڻ کي پاڻ ۾ مثل سڏڻ بعض اوهان جي بعض کي تحقيق ڄاڻي ٿو الله انهن کي جيڪي کسڪي نڪرن ٿا اوهان مان اوٽ ڏيندي پوءِ جڳائي ته ڊڄن اهي جيڪي مخالفت ڪن ٿا ان جي امر کان ته متان پهچي انهن کي ڪا بلا يا پهچي انهن کي عذاب دردناڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي مسلمانو !) اوهين پاڻ ۾ رسول جي سڏڻ کي ائين نه سمجهيو جيئن هڪ ٻئي کي سڏيو ٿا.جيڪي اوهان مان (اجازت وٺڻ کانسواءِ) لڪي کسڪي وڃن ٿا تن کي الله ڄاڻي ٿو.سو جيڪي ان جي حڪم جي ابتڙ هلن ٿا سي هن ڳالهه کان ڊڄن ته متان مٿن ڪا آفت اچي پوي يا کين دردناڪ عذاب پهچي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي مسلمانو!) اوهان رسول جي سَڏِڻَ کي هڪ ٻئي جي سَڏڻَ وانگر (رواجي يا معمولي) نه بنايو. بيشڪ الله اوهان مان اهڙن ماڻهن کي ڄاڻي ٿو جيڪي (بنا موڪل وٺڻ جي) لِڪي کسڪي وڃن ٿا، پوءِ ڀلي ته ڊڄن اُهي ماڻهو جيڪي ان (رسول) جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا هن ڳالهه کان جو متان انهن مٿان ڪا آفت پوي يا انهن کي درد ناڪ عذاب پهچي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تنهن پر، ڪريو ڪِين ڪِي، پاڻ سُنهارن سَڏ، هِڪ ٻِئي کي هَڏ، جيئن پُوڪاريو پاڻ ۾. اَوهان مان، اُنهن کي، سَمجھي صَحِي سُبحان، جي ٻِئا ڏيئـِي ٻوُهي ۾، جِند ڇڏائن، جان، جي اَمر ڀَڃن اُن جو، سي ڌارِين هي ڌِيان، ته اَچينِ اِمتحان، آزاريل عذاب ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اي مومنو!) اوهان پاڻ ۾ رسول کي سڏڻ ايئن نه بنايو، جيئن اوهين هڪ ٻئي کي ٿا سڏيو- بيشڪ الله انهن کي ڄاڻندو آهي، جي اوهان مان ٻئي جي آڏ ڏيئي کسڪي ويندا آهن- جيڪي سندس حڪم جي خلاف هلندا آهن، تن کي ڊڄڻ گهرجي، ته مٿن ڪا بلا پهچي يا کين ڪو ڏکوئيندڙ عذاب پهچي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي مسلمانؤ! رسول جي سڏ کي پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڏڻ وانگر نه ڪري سمجهو، الله انهن ماڻهن کي چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي جيڪي توهان مان اهڙا آهن، جو هڪ ٻئي ۾ لڪندا ڇپندا کسڪي ٿا وڃن، رسول جي حڪم جي ابتـڙ هلڻ وارن کي ڊڄڻ گهرجي ته متان ڪنهن امتحان ۾ نه پئجي وڃن يا مٿن دردناڪ عذاب نه اچي پوي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه سڏيو مسلمانو! سڏڻ رسول کي پنهنجن سڏن وانگر، جيئن هڪ ٻئي کي سڏيندا آهيو، ڄاڻي ٿو الله انهن ماڻهن کي (چڱيءَ طرح) جيڪي توهان مان کسڪي وڃن ٿا هڪ ٻئي جي اوٽ وٺي، ڊڄڻ گهرجي رسول جي حڪمت جي مخالفت ڪرڻ وارن کي، ته اهي ڪنهن فتني ۾ گرفتار ٿي نه وڃن يا انهن تي اچي وڃي ڪو دردناڪ عذاب(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مسلمانو!) رسول سڳوري جي سڏڻ کي توهان پنھنجو پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڏڻ جھڙو نه سمجهو. بيشڪ الله تعالى اهڙن ماڻهن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جيڪي اوهان مان هڪ ٻئي جي اوٽ وٺي کِسڪي هليا وڃن ٿا. رسول سڳوري جي حڪم جي خلاف ورزي ڪندڙن کي ان ڳالهه کان ڊڄڻ کپي ته هو ڪنھن آزمائش ۾ نه اچي وڃن يا مٿن ڪو تڪليف وارو عذاب نه اچي ڪڙڪي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قَد يَعلَمُ ما أَنتُم عَلَيهِ وَيَومَ يُرجَعونَ إِلَيهِ فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 64) |
خبردار ھجو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو بيشڪ الله جو آھي، جنھن (حال) تي اوھين آھيو تنھن کي بيشڪ الله ڄاڻندو آھي، ۽ جنھن ڏينھن ڏانھس موٽايا ويندا (تنھن ڏينھن) جيڪي ڪمايائون تنھنجي کين سُڌ ڏيندو، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خبردار! آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، سو سڀ الله جي لاءِ آهي. هو خوب ڄاڻي ٿو ته توهان جي روش ۽ توهان جا خيال ۽ خواهشون ڪهڙيون آهن، ۽ جنهن (قيامت جي) ڏينهن توهان موٽي وٽس ويندؤ تنهن ڏينهن هو توهان کي ٻڌائيندو ته توهان (دنيا ۾) ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪندا هئو. ۽ (پڪ ڄاڻو ته) الله تعاليٰ هر شيء ۽ هر ڳالهه جو علم رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! بيشڪ الله تعالى لاءِ اهو سڀڪجھه آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي. بيشڪ اهو ڄاڻي ٿو جنهن ڳالهه تي اوهان آهيو، ۽ قيامت جي ڏينهن توهان ان ڏانهن موٽايا ويندا، پوءِ اهو توهان کي توهان جي عملن جي خبر ڏيندو، ۽ الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خبردار رهو! بيشڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو (سڀ) يقينا الله جو ئي آهي. جنهن حال تي اوهين آهيو تنهن کي خدا چڱي طرح ڄاڻي ٿو ۽ جنهن ڏينهن سڀني کي ان ڏي موٽايو ويندو ته پوءِ جيڪي ڪيو هوندائون سو ٻڌائيندو ۽ خدا سڀ شيءَ کي ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خبردار بيشڪ الله جو آهي جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي تحقيق ڄاڻي ٿو اهو جو اوهان ان تي آهيو ۽ ان ڏينهن جو موٽايا ويندا ان ڏانهن پوءِ خبر ڏيندو انهن کي جيڪي ڪيائون ۽ الله هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي. . ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) خبردار رهو! بيشڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو الله جو آهي. جنهن حال تي اوهين آهيو تنهن کي الله ڄاڻي ٿو ۽ ان ڏينهن کي به (جنهن ۾ ) سڀني کي ان ڏي موٽايو ويندو پوءِ جيڪي ڪيو هوندائون تنهن جي کين خبر ڏيندو ۽ الله سڀ شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) خبردار! بيشڪ جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو الله جو آهي. بلاشڪ اهو ڄاڻي ٿو جنهن حال ۾ اوهان آهيو. جنهن ڏينهن ماڻهو ان ڏانهن موٽايا ويندا پوءِ اهو کين ٻڌائيندو ته انهن ڪهڙا عمل ڪيا هئا؟ ۽ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَمجھ ته صاحِب هارِ، جيڪِي اُڀ، زَمِين ۾، جِنهن تي اَوهين آهيو، سوڄاڻي ڄاڻڻهار، پڻ اُهو ڏِينهن، جِنهن ڏانهن موڙِيندا مَهار، پوءِ ڏِيندنِ خَبر اُن جِي، جي ڪيائون ڪم ڪار، ۽ هادِي هِينڙي هار، سَمجھندڙ سڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) خبردار! جيڪي آسمانن خواهه زمين ۾ آهي سو بيشڪ الله جو آهي- اوهين جنهن حال ۾ هجو، هو بيشڪ ان کي ڄاڻي ٿو- ۽ جنهن ڏينهن ڏانهس موٽائبا، تڏهن سندن ڪمن جي کين سڌ ڏيندو ۽ الله هر ڪا ڳالهه ڄاڻي ٿو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) خبردار ٿيو، آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه به آهي الله جو آهي، جيڪا به توهان جي هلت چلت آهي الله ان کي ڄاڻي ٿو. جنهن ڏينهن ماڻهو ڏانهس موٽائي آندا ويندا ته هو کين ٻڌائيندو ته هو ڇا ڇا ڪري آيا آهن. کيس هر شيءِ جي ڄاڻ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) خبردار رهو، بيشڪ سڀ ڪجهه الله جي لاءِ ئي آهي جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، ڄاڻي ٿو الله توهان جنهن راهه تي به آهيو، ۽ جنهن ڏينهن ماڻهو ان ڏي موٽايا ويندا، اهو ئي ٻڌائيندو انهن کي ته اهي ڇا ڇا ڪري آيا آهن ۽ الله هر شيءِ جو علم رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) خبردار! آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي سو الله تعالى جو آهي توهان جي سڄي هلڻي چلڻيءَ کي الله تعالى خوب ڄاڻي ٿو. جنھن ڏينھن ماڻهو ان ڏانھن ئي موٽايا ويندا ته هو انهن کي سندن ڪيل عملن جي باري ۾ ٻڌائيندو ۽ الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |