توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
اقتَرَبَ لِلنّاسِ حِسابُهُم وَهُم فى غَفلَةٍ مُعرِضونَ (آيت : 1) |
ماڻھن لاءِ سندن حساب ويجھو ٿيو آھي ۽ اُھي غفلت ۾ (رھي کانئس) منھن موڙيندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو وقت ويجهو اچي ويو آهي، جڏهن ماڻهن کان (سندن عملن جو) حساب ورتو ويندو، تنهن هوندي به سندن حال هي آهي جو منهن ڦيرائي غفلت ۾ غلطان ٿي (تباهيءَ ڏي) وڃي رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ماڻهن (مشرڪن) جو حساب قريب آهي ۽ اهي غفلت ۾ مُنهن موڙيندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ماڻهن لاءِ سندن حساب (جو وقت) ويجهو ٿيو آهي، ۽ هي اهي آهن جي غفلت ۾ پئجي منهن موڙيندڙ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويجهو اچي ويو ماڻهن جي لاءِ حساب (جو وقت) انهن جو حالانڪ اهي غفلت ۾ منهن موڙيندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ماڻهن لاءِ سندن حساب (جو وقت) ويجهو ٿيو آهي هوڏانهن اهي غفلت ۾ (ان کان) منهن موڙيندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ماڻهن لاءِ سندن حساب جو وقت ويجهو اچي ويو ۽ اُهي غفلت ۾ مُنهن موڙيندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ماڻهن کي ٿيو مُور، اوڏو حساب اُنهن جو، ۽ هُوَ غَفلت ۾ غَرقُور، مُنهن موڙِيندڙ اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ماڻهن لاءِ سندن حساب ويجهو ٿيو آهي مگر اهي غفلت ۾، منهن موڙي رهيا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماڻهن جي حساب ڪتاب جو وقت اچي ويجهو ٿيو آهي ۽ هو آهن جو غفلت ۾ پئجي منهن موڙيو ويٺا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ويجهو اچي ويو آهي ماڻهن جي حساب جو وقت، ۽ اهي ته غفلت ۾ منهن ڦيريل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن کان سندن حساب وٺڻ وارو وقت ويجهو اچي پھتو آھي پر ھو غفلت ۾ پئجي ڪن لاٽار ڪري رھيا آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِن رَبِّهِم مُحدَثٍ إِلَّا استَمَعوهُ وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 2) |
سندن پالڻھار وٽان ڪا نئين نصيحت وٽن نه ايندي آھي پر اُن کي (ٺـٺوليءَ وانگر راند) کيڏندي ٻڌندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سندن پروردگار وٽان هنن لاءِ نصيحت جون ڳالهيون هڪٻئي پٺيان اچي رهيون آهن، پر ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي جو هنن دل لڳائي ٻڌيون هجن. هو ٻڌن به ٿا پر اهڙيءَ طرح جو ڄڻ ته راند (۽ کل مسخريءَ) ۾ مشغول آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نٿو اچي انهن وٽ ڪو حصو قرآن ڪريم جو مگر اهي ان کي ٻڌن ٿا ۽ اهي ان سان مذاق ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن سندن پروردگار جي طرفان وٽن ڪو نئون حڪم اچي ٿو ته رڳو ڪن لاءِ ٻڌن ٿا ۽ (پوءِ ان کي راند) ٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿي اچي انهن وٽ ڪا نصيحت رب انهن جي وٽان نئين مگر ٻڌائون ان کي ۽ اهي کيڏن پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن وٽ سندن پاليندڙ جي طرفان ڪا نئين نصيحت نه ٿي اچي پر ان کي راند ڪندي ٻُڌن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن وٽ جڏهن به سندن پالڻهار وٽان ڪا نئين نصيحت اچي ٿي مگر اُهي ان کي راند رُوند ۾ ئي ٻڌن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه اَچينِ سائـِين سَندنِ کان، نَئـِين پاڪ پَچار، ته نَه ٻُڌائونِس ٻِيهار، مگر رَهن راند ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن ڌڻيءَ وٽان جيڪا به نئين نصيحت وٽن اچي ٿي، ان کي راند ڪندي ٿا ٻڌن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وٽن جيڪا به ڪا نئين نصيحت سندن رب وٽان اچي ٿي ته اُن کي (ٽوڪبازيءَ جي انداز ۾) ٻڌندي کيل تماشي ۾ رڌل رهن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن وٽ اچي ٿي جيڪا تازي نصيحت سندن رب جي طرفان، ان کي تڪليف سان ٻڌن ٿا پر اهي (وري به) وندر ۾ رڌل رهن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن وٽ جڏھن به سندن پالڻهار جي طرف کان ڪا نئين نصيحت ايندي آھي ته ان کي مذاق طور ٻڌندا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لاهِيَةً قُلوبُهُم وَأَسَرُّوا النَّجوَى الَّذينَ ظَلَموا هَل هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم أَفَتَأتونَ السِّحرَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 3) |
سندن دليون وائڙيون آھن، ۽ ظالم ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن، ته ھي (پيغمبر) اوھان جھڙو ئي ماڻھو آھي، ۽ اوھين ڏسي وائسي جادوءَ کي ڇو ويجھا ويندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سندن دليون بلڪل غافل آهن، ۽ (ڏسو ته) ظلم ڪندڙ مخفي طرح ڪن سن ۾ هڪٻئي کي چئي رهيا آهن ته، هي ماڻهو (حضرتﷺ) سواءِ هن جي ٻيو ڇاهي ته اسان جهڙو هڪڙو ماڻهو آهي. پوءِ ڇا توهان ڏسي وائسي اهڙي هنڌ ٿا وڃو جتي جادوءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪينهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جون دليون غافل آهن، ۽ ظالم ڳجھيون ڳالهيون ڪري چوڻ لڳا ته ناهي هيءُ (پيغمبر) مگر توهان جهڙو بشر، ڇا پوءِ توهان ڏسڻ جي باوجود جادو وٽ وڃو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سندن دليون (آخرت جي خيال کان) بلڪل بي خبر آهن ۽ اهي ظالم آهستي آهستي ڪن ۾ سس پس ڪن ٿا ته هي شخص (محمد) ڪا شيءِ نه آهي رڳو اوهان جهڙو آدمي آهي. ته ڇا پوءِ اوهين ڏسي وائسي جادوءَ ۾ ڦاسو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هن حال ۾ جو غفلت ڪندڙ آهن دليون انهن جون ۽ ڳجهي ڪيائون صلاح انهن جن ظلم ڪيو ته ناهي هي مگر (عام) بشر اوهان جهڙو ڇا پوءِ اچو ٿا جادوءَ وٽ حالانڪ اوهان ڏسو پيا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽ ان وقت) سندن دليون غفلت ۾ هونديون آهن ۽ (انهن) ظالمن لڪائي ڳالهه ڪئي ته هيءَ (محمدﷺ) رڳو اوهان جهڙو ماڻهو آهي. ڇا پوءِ اوهين ڏسي وائسي جادوءَ ۾ ڦاسو ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جون دليون غافل آهن. ۽ ظالم ماڻهو لِڪي لِڪي ڳالهيون ڪن ٿا ته : ”هي ته رُڳو اوهان جهڙو هڪ بشر آهي، ڇا پوءِ توهان ڏسي وائسي (ان جي) جادو ۾ ڦاسندئو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهِن هِيان اُنهن جا، بازِيُن مَنجھ بَحال، ۽ ڳُجھيون ڳرهيون ڳالهيون، جَن جاڙون ڪيون جال، ته هِي مُرسل ناهي، مگر ماڻهوءَ پان مِثال، پوءِ اَ کـئـِين ڏِسِي اَحوال، ڪِيئَن مَڃِيندا مَنڊ کي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن دليون وائڙيون آهن ۽ اهي ظالم سس پس ڪندا آهن ته ”هي (رسول) ته اوهان جهڙو ئي ماڻهو آهي، پوءِ ڇا، ڏسي وائسي پيا جادوءَ ڏي وڃو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) دل ته ٻين ئي شغلن ۾ لڳل اٿن ۽ ظالم پاڻ ۾ سس پس ڪن ٿا ته "هيءُ ته توهان جهڙو ئي هڪ بشر آهي، پوءِ ڀلا توهان ڏسي وائسي جادوءَ جي ڦند ۾ ڦاسي ويندؤ ڇا؟"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سندن دليون ٻين ئي فڪرن ۾ غرق آهن، ۽ اهي پاڻ ۾ سُس پُس ڪندا آهن ظالم، ته هي شخص توهان جهڙو هڪ بشر ئي ته آهي، پوءِ ڇا توهان اکين سان ڏسندي به جادو جي ڦندي ۾ ڦاسندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جون دليون غافل آھن، وري ھي ظالم پاڻ ۾ ويھي سُس پُس ڪندي چوندا آھن ته ھي شخص ته صفا توهان جھڙو ئي انسان آھي،ڇا پوءِ به اوھان ڏسي وائسي جادوءَ ۾ ڦاسو ٿا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبّى يَعلَمُ القَولَ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 4) |
(پيغمبر) چيو ته منھنجو پالڻھار سڀ ڳالھ ڄاڻندڙ آھي (جا) آسمان ۽ زمين ۾ (جتي ھُجي)، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پيغمبرﷺ) فرمايو ته، آسمان ۽ زمين ۾ جيڪا به ڳالهه چئي وڃي ٿي (لڪل توڙي ظاهر) سا سڀ منهنجي پروردگار کي معلوم آهي. هو (سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان فرمايو منهنجو رب هر ڳالهه کي ڄاڻي ٿو جيڪا آسمان ۽ زمين ۾ آهي، ۽ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تنهن تي رسول) چيو ته منهنجو پروردگار ڪا به ڳالھ جا آسمان ۽ زمين ۾ ٿئي ٿي، تنهن کي ڄاڻي ٿو. (پوءِ ڇو ڪنن ۾ ڳالهيون ڪريو ٿا؟) ۽ هو ته وڏو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته رب منهنجو ڄاڻي ٿو (اهو) قول (جيڪو) آسمان ۾ (ڪيو ٿو وڃي) ۽ زمين ۾ ۽ اهو ئي ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (رسولﷺ) چيو ته ڪابه ڳالهه جا آسمان ۽ زمين ۾ ٿئي ٿي. تنهن کي منهنجو پاليندڙ ڄاڻي ٿو ۽ اهو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (نبي ڪريم ﷺ) چيو ته : ”منهنجو پروردگار ڄاڻي ٿو جا ڳالهه آسمان ۽ زمين ۾ چئي وڃي ۽ اُهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڳالهيون اُڀ، زَمين جون، سَمجهي سَندمِ سَتار، ۽ آهي اِهو اِظهار، سُڻندڙ ۽ سُڄاڻ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (رسول) چيو ته ”منهنجو پالڻهار آسمان خواهه زمين جي سڀ ڳالهه ڄاڻي ٿو ۽ هو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رسول چين: منهنجو رب ته هر ڳالهه کي، اها کڻي آسمان ۾ ڪئي وڃي توڙي زمين ۾ ڄاڻي ٿو. هو ته سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (رسول چيو) منهنجو رب هر ان ڳالهه کي ڄاڻي ٿو جيڪا آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ڪئي وڃي، ۽ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پيغمبر چيو ته منھنجو پالڻھار ته آسمان ۽ زمين جي هر شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو. بيشڪ ھو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ بَلِ افتَرىٰهُ بَل هُوَ شاعِرٌ فَليَأتِنا بِـٔايَةٍ كَما أُرسِلَ الأَوَّلونَ (آيت : 5) |
بلڪ چيائون ته (اھو قرآن) اجايا خيالات آھن بلڪ اُن کي ٺاھ ٺاھيو اٿس بلڪ اُھو شاعر آھي، پوءِ جڳائي ته اسان وٽ ڪا نشاني آڻي جھڙي طرح پھريان (پيغمبر) موڪليا ويا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي قريش نه رڳو ائين ٿا چون پر) هيئن به ٿا چون ته اهي رڳو خواب ۽ خيال جون ڳالهيون آهن، بلڪه هٿرادو (پنهنجي دل مان) ٺاهه ٺاهيا اٿس. نه نه بلڪه هو شاعر آهي. جيڪڏهن ائين ناهي ته ڀلا (اسان تي بربادي اچڻ جي) ڪا نشاني ته آڻي ڏيکاري جهڙيءَ طرح اڳوڻن وقتن جي پيغمبرن ڏي موڪليون ويون هيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪڏهن اهي چون ٿا ته (اهو قرآن) پريشان خواب آهن، ڪڏهن چون ٿا ته ان کي پاڻ ڪريمن ٺاهيو آهي، ڪڏهن چون ٿا ته اهو شاعر آهي، پوءِ ڀلي ته اهي ڪا نشاني آڻن جيئنڪِ پهريان پيغمبر (معجزن سان) موڪليا ويا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تڏهن به اهي منڪر نه مڙيا) پر چوڻ لڳا (هي قرآن ته) پريشان خوابن جو مجموعه آهي. ۽ هن خود پنهنجي من سان ڪوڙ بدوڙ ٺاهيو آهي (پر جيڪڏهن سچو سچو رسول آهي ته) جيئن اڳيان رسول (معجزن سان) موڪليا ويا هئا تئين هي به ڪو معجزو (جهڙو اسان چئون) اسان ڏي آڻي ته سهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪه چيائون ته پريشان ڪندڙ خواب آهن بلڪ پاڻ ٺاهيائين ان کي بلڪه اهو شاعر آهي پوءِ ڀل ته آڻي اسان وٽ ڪا نشاني (معجزو) جيئن موڪليا ويا پهريان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ٻيو (اهو به) چيائون ته (اهو قرآن) پريشان خواب آهن بلڪ اهو ڪوڙ ٺاهيو اٿس پر هو شاعر آهي. (نه ته) پوءِ اسان وٽ ڪا نشاني آڻي جيئن پهريان (رسول نشانين سان) موڪليا ويا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه (ايستائين به)چيائون ته: ”اهو (قرآن) پريشان خواب آهن، بلڪه اُهو پاڻ ٺاهيو اٿس، بلڪه اُهو شاعر آهي. (اگر سچو آهي) ته پوءِ اسان وٽ ڪا نشاني آڻي جيئن پهريان رسول (نشانين سان)موڪليا ويا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بلڪ ڀَلي باب، چيؤَن، ته خالِي خواب خيال، پاڻ اُن کي اُٽلندو، بَنائـِين بَحال، بَلڪ شاعِر آھِ هِي، ٻَڌنڌڙ بَيت بَطال، پوءِ آڻي اَسان جي، اڳيان، ڪا نِيشانِي نِهال، وِيا مُڪا جِنهن مِثال، پيغمبر پِهريان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ چون ٿا ته ”هي (قرآن) اجايا خيال آهن، بلڪ ٺاهه ٺاهيو اٿس، بلڪه هو شاعر آهي، کيس اسان وٽ ڪا اهڙي نشاني آڻڻ گهرجي، جهڙين سان اڳيان رسول موڪليا ويا هئا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو چون ٿا: "اهي ته اجايا خواب آهن، نه نه، اهي سندس پنهنجون گهڙيل ڳالهيون آهن، بلڪه هو ته شاعر آهي، نه ته ڀلا آڻي ڪا نشاني جيئن پراڻي زماني جا رسول نشانين سان گڏ موڪليا ويا هئا". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر هو چون ٿا، هي ته اجايا خواب آهن، پر هي (ڪتاب) ان جو پنهنجو ٺاهيل آهي، پر هي هڪ شاعر آهي، يا ته هي آڻي ڪا نشاني جهڙيءَ طرح اڳي آيل رسول نشانين سان موڪليا ويا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي ماڻهو اھو به چون ٿا ته ھي قرآن ته اجايا خيال آھن، بلڪ ھن پيغمبر خود پنھنجي طرفان ٺاھي ورتا آھن. بلڪ ھي ماڻهو ته شاعر ئي آھي. کيس گهرجي ته اسان وٽ (اسان جي دعوى مطابق) ڪا نشاني آڻي جيئن اڳ ۾ ٻين رسولن کي نشانيون ڏيئي موڪليو ويو ھو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما ءامَنَت قَبلَهُم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَفَهُم يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
(ھائو) ڪوبه ڳوٺ جنھن کي اڳ ناس ڪيوسون تنھن (جي رھاڪن پنھنجن پيغمبرن تي) ايمان نه آندو ھو، پوءِ ھيءَ ايمان آڻيندا آھن ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر (حقيقت هي آهي ته) انهن کان اڳي جن جن بستين کي اسان برباد ڪيو تن ۾ ته ڪنهن به (برباديءَ جي اچڻ جون نشانيون ڏسي) ايمان ڪونه آندو هو. پوءِ هي ماڻهو وري ايمان آڻيندا ڇا؟ (نه نه! سچائيءَ تي غور نه ڪرڻ وارن لاءِ هميشه اهو قانون رهيو آهي ۽ رهندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن کان اڳ وارن ڳوٺاڻن به (معجزا ڏسي) ايمان نه آندائون (پوءِ) اسان انهي کي هلاڪ ڪيو، ڇا پوءِ اهي ايمان آڻيندا (قطعاً نه)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن کان اڳ ڪنهن به ڳوٺ جنهن کي اسان تباھ ڪيو (معجزا ڏسي ڪري به ته) ايمان نه آندو، ته ڇا ايمان آڻيندا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ايمان آندو اڳي انهن کان ڪنهن ڳوٺ جو هلاڪ ڪيو اسان ان کي ڇا پوءِ اهي ايمان آڻيندا؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن کان اڳ ڪنهن به ڳوٺ جنهن کي اسان برباد ڪيو، ايمان نه آندو. ڇا پوءِ اهي ايمان آڻيندا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (حالانڪه) انهن کان اڳ ڪنهن به بستي جنهن کي اسان هلاڪ ڪيو ايمان نه آندو هيو ته ڇا اهي ايمان آڻيندا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن کان اڳ ڳوٺ جِنهن، آندو نَه اِيمان، ڪيوسون تِنهن تعبان، پوءِ اُهي ڪِيئن اَچن اِيمان تي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”کانئن اڳ جيڪي ڳوٺ ناس ڪيا هئاسون تن به ايمان ڪو نه آندو هو، پوءِ ڀلا هي ڪيئن ايمان آڻيندا؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن ته (ان هوندي به) انهن کان اڳوڻيءَ ڪنهن به آباديءَ جنهن کي اسان تباهه ڪيو هو، ايمان ڪونه آندو هو ته ڇا هاڻي هي ايمان آڻيندا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ته انهن کان اڳي ڪابه وستي، جنهن کي هلاڪ ڪيو ويو (ايمان نه آندو) ڇا هاڻي اهي ايمان آڻيندا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حالانڪه انهن کان اڳ به ڪيترن ئي شھرن کي ايمان نه آڻڻ جي ڪري اسان تباهه ڪري ڇڏيو پوءِ ھي ماڻهو ڪيئن ايمان آڻيندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 7) |
۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ رڳا مرد موڪلياسون جن ڏانھن وحي ڪيوھوسون (چؤ ته) جيڪڏھن نه ڄاڻندا آھيو ته ڪتاب وارن کان پڇو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) اسان توکان اڳي ڪي پيغمبر نه موڪليا، پر اهڙيءَ طرح جو هو به (تو وانگر) ماڻهو هئا. انهن تي اسان جو وحي نازل ٿيندو هو. پوءِ (اي منڪرؤ!) جيڪڏهن توهان کي اها ڳالهه معلوم ناهي ته انهن ماڻهن کان پڇي معلوم ڪيو جيڪي اهل ڪتاب آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کان اڳ ۾ نه موڪليا اسان مگر مرد جن ڏانهن وحي موڪلي ويندي هئي پوءِ توهان اهلِ ڪتاب جي عالمن کان معلوم ڪريو جيڪڏهن توهان نٿا ڄاڻو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) اسان تو کان اڳ به آدمين کي ئي (رسول بنائي) موڪليو هو جو انهن ڏي وحي موڪليندا هئاسون ته جيڪڏهن اوهين پاڻ نه ٿا ڄاڻو ته اهل ذڪر کان پڇيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه رسول بنائي موڪليوسون اڳي توکان مگر مردن کي وحي موڪليوسون انهن ڏانهن پوءِ پڇو علم وارن کان جيڪڏهن اوهان نه ٿا ڄاڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبرﷺ) توکان اڳ (به) رڳو اسان مردن کي موڪليو جن ڏي وحي موڪليوسون، پوءِ اوهين ڪتاب وارن کان پڇو جيڪڏهن نه ٿا ڄاڻو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي نبي!) اسان تو کان اڳ صرف مردن کي ئي رسول بنائي موڪليو هيو جن ڏانهن اسان وحي ڪندا هئا سين (انسانو!) توهان ذڪر وارن کان پڇو جيڪڏهن اوهان نه ٿا ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه موڪلياسون مَهند تُهان، مَگر مَرد مُور، وَحِي ڪريون ٿا، تن کي، پاران پاڪ حُضور، نه پونِيان پاڻ پَرُوڙ، ته پُڇو پوءِ، پَڙهِينِ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکان اڳ به رڳا مرد رسول بڻاياسون، جن ڏي وحي موڪليوسون، پوءِ جيڪڏهن نه ڄاڻندا هجو_ ته ڪتاب وارن کان پڇو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! توکان اڳ به اسان انسانن کي ئي رسول بڻائي موڪليو هو، جن تي اسان وحي ڪندا هئاسون. پڇي ڏسو اهلِ ڪتاب کان، جيڪڏهن توهان کي پاڻ کي خبر نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) اسان موڪليو توکان اڳي انسانن کي رسول بڻائي، جن تي اسين وحي ڪندا هئاسين، پڇي ڏسو اهلِ ڪتاب کان، جي توهان ماڻهو علم نٿا رکو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان توکان اڳ به انسانن کي ئي رسول بنائي مٿن وحي موڪليندا ھئاسون، جيڪڏھن توھان کي خبر نه آھي ته ذرا علم وارن کان پڇا ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما جَعَلنٰهُم جَسَدًا لا يَأكُلونَ الطَّعامَ وَما كانوا خٰلِدينَ (آيت : 8) |
۽ اُنھن (پيغمبرن) جو جُسو اھڙو نه بڻايوسون جو طعام نه کائين ۽ نه سدائين رھڻ وارا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان انهن پيغمبرن کي ڪڏهن به اهڙي جسم جو نه بنايو هو جو ماني نه کائيندا هجن، نڪي هو هميشه زنده رهڻ وارا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن جو اسان اهو جسم نه بنايو جيڪي طعام نه کائن ۽ نه اسان انهن کي اهڙو بنايو جيڪي هميشه رهندڙ هجن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان انهن (رسولن) جا جسم اهڙا (ته) نه بڻايا هئا جو کاڌو نه کائين ها ۽ نه اهي (دنيا ۾) هميشه رهڻ سهڻ وارا ئي هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه بنايو اسان انهن کي اهڙا جسم جيڪي نه ٿا کائن کاڌو ۽ نه هئا هميشہ رهندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن (رسولن) جا اهڙا بدن نه بناياسون جو کاڌو نه کائين، ۽ نه اهي هميشه (جيئرا) رهڻ وارا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن (نبين) کي اهڙي جسم وارو نه بنايو هيو جو کاڌو نه کائن ۽ نه ئي اُهي (دنيا ۾ ظاهري زندگي ۾) سدائين جيئڻ وارا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه بنايو سونِ بُت رڳا، ته طلبِـين نه طعام، ۽ جِيئڻا نَه هُئا جھان ۾، دائـِم ۽ مُدام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان انهن جو جسم به اهڙو نه بنايو هو، جو طعام نه کائين_ نه اهي سدائين رهڻ وارا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن کي به اسان ڪو اهڙو جسم نه ڏنو هو، جو هو نه کائيندا هجن ۽ نه وري ڪو هو سدائين جيئڻ وارا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ڏنو هو انهن رسولن کي اهڙو جسم جو اهي کائيندا ئي نه هجن ڪي طعام ۽ نه اهي سدائين رهڻ وارا ئي هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ته انهن رسولن کي اھڙو جسم ئي نه ڏنو ھو جيڪو کاڌي کان سواءِ ھلي سگهي ۽ اُھي ھميشه زنده رھڻ وارا به نه ھئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ صَدَقنٰهُمُ الوَعدَ فَأَنجَينٰهُم وَمَن نَشاءُ وَأَهلَكنَا المُسرِفينَ (آيت : 9) |
وري ساڻن (پنھنجي) انجام کي سچو ڪيوسون پوءِ اُنھن کي ۽ جنھن لاءِ گھريوسون تنھن کي بچايوسون ۽ حد کان لنگھندڙن کي ناس ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان انهن سان (پنهنجي) واعدي کي سچو ڪيو. پوءِ انهن (پيغمبرن) کي ۽ (انهن سان گڏ) جنهن کي به چاهيو نجات ڏني (يعني ظالمن کان بچايو) ۽ حد کان ٻاهر ويندڙ (منڪرن) کي تباهه ڪري ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اسان پنهنجو وعدو سچو ڪيو، پوءِ اسان انهن کي نجات ڏني ۽ انهن ماڻهن کي به نجات ڏني جن کي اسان چاهيو ۽ اسان اسراف ڪندڙن کي هلاڪ ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اسان کين (پنهنجي عذاب جو) واعدو سچو ڪري ڏيکاريو (۽ جڏهن عذاب اچي پهتو ته) اسان انهن نبين کي ۽ جنهن جنهن کي اسان گهريو تن کي بچايوسون ۽ حد کان لنگهدڙن کي تباھ ڪيوسين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کان پوءِ سچو ڪري ڏيکاريوسون انهن کي وعدو پوءِ ڇڏايوسون انهن کي ۽ جنهن کي گهريوسون ۽ هلاڪ ڪيوسون حد کان لنگهندڙن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري اسان انهن سان (پنهنجي) وعدي کي سچو ڪيو. پوءِ کين ۽ جن کي اسان گهريو تن کي بچايوسون ۽ حد کان لنگهندڙن کي برباد ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان انهن کي پنهنجو وعدو سچو ڪري ڏيکاريو پوءِ اسان انهن کي ۽ جنهن کي اسان چاهيو نجات بخشي ۽ اسان حد کان لنگهڻ وارن کي برباد ڪري ڇڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پُورا پاريا سون پَنهنجا، اُنهن ساڻ اَنجام، آجو ڪيوسون اُنهن کي، پڻ جي وَڻيا سون وَريام، ۽ تباھ، تَلف تمام، ڪيوسون ڪا ڍوڙن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ساڻن انجام سچو ڪيوسون ۽ انهن کي خواهه جن کي گهريوسون، تن کي بچايوسون ۽ حد اڪرندڙن کي ناس ڪيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري ڏسو ته نيٺ هلي اسان انهن سان پنهنجا وعدا به پاڙيا ۽ انهن کي ۽ جنهن کي به گهريوسون بچائي ورتو ۽ حد کان لنگهندڙن کي برباد ڪيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڏسو اسان انهن سان پورا ڪيا وعدا، پوءِ بچايوسين انهن کي جن کي گهريوسين ۽ هلاڪ ڪيوسين انهن کي جيڪي حد لنگهي ويندڙ هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان انهن سان ڪيل انجام کي سچو ڪري ڏيکاريو، انهن کي ۽ جن جن کي اسان چاھيو تن کي بچايو. پر حد کان لنگهندڙن کي تباهه ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم كِتٰبًا فيهِ ذِكرُكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 10) |
بيشڪ اوھان ڏانھن ھڪ ڪتاب نازل ڪيوسون جنھن ۾ اوھان لاءِ نصيحت آھي، پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان توهان جي لاءِ هڪڙو ڪتاب نازل ڪيو آهي، ان ۾ توهان جي لاءِ نصيحت آهي (ان کان وڌيڪ توهان کي ٻيو ڇا گهرجي. ان کان وڌيڪ ڪابه ٻي نشاني ٿي سگهي ٿي ڇا؟) ڇا توهان سمجهه ئي نٿا هلايو (ڇو نٿا عقل کان ڪم وٺو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تحقيق اسان توهان ڏانهن قرآن ڪريم نازل فرمايو جنهن ۾ توهان جو ذڪر آهي، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان ته اوهان ماڻهن ڏي اهو ڪتاب (قرآن) موڪليو آهي جنهن ۾ اوهان جو (به) ذڪر (خير) آهي. ته ڇا اوهين (ايترو به) نه ٿا سمجهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق نازل ڪيوسون اوهان ڏانهن اهڙو ڪتاب جو ان ۾ اوهان لاءِ نصيحت آهي ڇا پوءِ نه ٿا سوچيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان اوهان ڏي هڪ ڪتاب نازل ڪيو جنهن ۾ اوهان لاءِ سمجهاڻي آهي. ڇاپوءِ نه ٿا سمجهو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان اوهان ڏانهن هڪ اهڙو ڪتاب نازل ڪيو آهي. جنهن ۾ اوهان لاءِ نصيحت آهي. ڇا پوءِ به نه ٿا سمجهو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُتاريون سون اَوهان تي، ڪِتاب پاڪ، قُرآن، جِنهن ۾، آهي اَوهان جي، ڀَلي جو بيان، پوءِ سَندو، دل ڌِيان، عاقل! اُن کي ڇو نه ڏِيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اوهان ڏانهن هي ڪتاب موڪليوسون، جنهن ۾ اوهان لاءِ نصيحت آهي، پوءِ ڇو نٿا پروڙيو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي انسانؤ! اسان توهان ڏانهن هڪ اهڙو ڪتاب موڪليو آهي، جنهن ۾ توهان لاءِ ئي سمجهاڻي آهي، پوءِ ڀلا ڇو نه ٿا سمجهو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انسانؤ! اسان نازل ڪيو آهي اهڙو ڪتاب توهان ڏي جنهن ۾ توهان جو ئي ذڪر آهي، ڇا توهان سمجهو نٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي انسانو!) بيشڪ اسان توھان ڏي ھڪ ڪتاب موڪليو آھي جنھن ۾ توھان لاءِ ئي نصيحت آھي. پوءِ توھان عقل کان ڪم ڇو نٿا وٺو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَم قَصَمنا مِن قَريَةٍ كانَت ظالِمَةً وَأَنشَأنا بَعدَها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 11) |
۽ ڪيترائي ڳوٺ جو اُھي ظالم ھوا ويران ڪياسون ۽ کانئن پوءِ ٻيو قومون پيدا ڪيون سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪيتريون ئي بستيون جيڪي ظلم ۽ شرارت ۾ غرق هيون اسان پائمال ڪري ڇڏيون، ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن کي اٿاري کڙو ڪيوسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ڪيترائي ڳوٺ هلاڪ ڪيا جيڪي ظالم هئا ۽ اسان انهن کان پوءِ ٻيون قومون پيدا ڪيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ڪيترن ئي ڳوٺن کي جن جي رهڻ وارا سرڪش هئا برباد ڪري ڇڏيو ۽ انهن کان پوءِ ٻين ماڻهن کي پيدا ڪيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيترا فنا ڪري ڇڏيا اسان ڳوٺ جيڪي هئا ظلم ڪندڙ ۽ نئين سر پيدا ڪيون اسان انهن کان پوءِ قومون ٻيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪيترا ڳوٺ جي ظالم هئا، تن کي اسان پرزا پرزا ڪري ڇڏيو ۽ انهن کان پوءِ ٻيا ماڻهو پيدا ڪياسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪيتريون ئي ظالم بستيون هيون جن کي اسان پيڙهي ڇڏيو ۽ انهن کان پوءِ ٻيون قومون پيدا ڪيون سين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ گُم ڪياسون گام ڪَئـِين، جي هُئا هاڃيڪار، ۽ ٻِي ڪا قوم ٻِيهار، پيدا ڪئـِي سون، تن پُئان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪيترائي ظلم ڪندڙ ڳوٺ ناس ڪياسون ۽ انهن کان پوءِ ٻيون قومون پيدا ڪيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪيتريون ئي ظالم وسنديون هيون، جن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو ۽ کانئن پوءِ ڪنهن ٻيءَ قوم کي پيدا ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيتريون ئي اهڙيون وستيون اسان نيست نابود ڪيون جيڪي ظالم هيون ۽ اٿاريوسين انهن کان پوءِ ڪنهن ٻيءَ قوم کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان ڪيترن ئي ظالم شھرن کي ملياميٽ ڪري ڇڏيو ۽ انهن کان پوءِ انهن جي جاءِ تي ٻين قومن کي پيدا ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا أَحَسّوا بَأسَنا إِذا هُم مِنها يَركُضونَ (آيت : 12) |
پوءِ جنھن دم اسان جو عذاب سھي ڪيائون (تنھن دم) اُمالڪ اُتاھون اُٿي ڀڳا ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن اسان جو عذاب هنن محسوس ڪيو تڏهن ڏسو ته اوچتوئي اوچتو ڳوٺن مان ڀڄي رهيا آهن، (جيئن جنگ جي وقت فاتح لشڪر جي خوف کان ماڻهو ڀڄندا آهن ته متان ڦرين ۽ مارين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن جڏهن اسان جو عذاب محسوس ڪيو ته ان وقت اهي (عذاب الاهي کان) ڀڄڻ لڳا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جڏهن انهن ماڻهن اسان جي عذاب جي آهٽ ٻڌي ته ان ئي وقت اهي ان کان ڀڄڻ لڳا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن محسوس ڪيائون عذاب اسان جو ته ان وقت اهي ان کان ڀڄن پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن اسان جو عذاب ڏٺائون ته ان ئي وقت اهي ان کان ڀڄڻ لڳا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن انهن اسان جو عذاب (ايندي) محسوس ڪيو ته ان ئي وقت اتان تيزي سان ڀڄڻ لڳا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ عذاب اَسان جو جڏهن، پروڙيون پاڻ، ته اِجھو ڀَڄن پِئااُن کان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جنهن مهل اسان جوعذاب سهي ٿي ڪيائون، تڏهن امالڪ اتان ٿي ڀڳا_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن کين اسان جو عذاب محسوس ٿيو ته امالڪ وٺي ڀڄڻ لڳا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن انهن کي محسوس ٿيو اسان جو عذاب، ته اهي اتان ڀڄڻ لڳا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏھن انهن (پنھنجي برن عملن جي ڪري) اسان جو عذاب ايندي ڏٺو ته اتان وٺي ڀڄڻ لڳا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا تَركُضوا وَارجِعوا إِلىٰ ما أُترِفتُم فيهِ وَمَسٰكِنِكُم لَعَلَّكُم تُسـَٔلونَ (آيت : 13) |
(چيوسون ته) نه ڀڄو ۽ جن (نعمتن) ۾ آسودا ھُيؤ اُنھن ڏانھن ۽ پنھنجن گھرن ڏانھن موٽو ته مانَ اوھان کان پڇيو وڃي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نه ڀڄو (هاڻي ڪاڏي ڀڄندؤ؟) پنهنجي انهيءَ ئي عيش عشرت ڏي موٽو (جنهن ۾ غرق ۽ غافل ٿي ويا هئو) ۽ انهن گهرن ڏي موٽو (جن جي مضبوطيءَ تي توهان کي غرور هو) شايد توهان کان ڪجهه پڇيو وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان نه ڀڄو ۽ توهان انهن نعمتن ڏانهن موٽي وڃو جيڪي توهان کي ڏنيون ويون ۽ پنهنجي گھرن ڏانهن موٽي وڃو ته شايد توهان کان پڇيو وڃي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اسان چين ته) ڀڄو نه! ۽ ان (ڳوٺ ۾) جتي اوهين آسودا هئا تتي ۽ (پنهنجي) گهرن ڏي موٽو ته جيئن اوهان کان سوال جواب پڇيا وڃن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ڀڄو ۽ موٽو ان ڏانهن جو نعمت ڏنا ويئو ان ۾ ۽ پنهنجين جاين ڏانهن تانته اوهان سوال ڪيا وڃو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نه ڀڄو! ۽ جتي اوهين آسودا هئا اوڏانهن ۽ پنهنجن گهرن ڏي موٽو. مَنَ اوهان کان (همدردي طور) پڇيو وڃي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيو ويو:) ”جلدي نه ڀڄو ۽ پنهنجي انهن ماڳن مڪانن تي موٽي وڃو جتي اوهان آسودا هئا ته جيئن توهان کان پڇاڻو ڪيو وڃي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَ ڀَڄو ڇَڏي پاڻ، موٽو تنهن مَتاع ڏي، جن ۾ ڪيان عيش اَڄاڻ!، ۽ موٽِي مَحل پَنهنجا، وَساريو بِه وَٿاڻ، حاضر آن کان هاڻ، وَٺبو پُڇاڻو پَڪ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چيوسون) ”ڀڄو نه، بلڪ انهن (نعمتن) ڏي موٽو، جن ۾ آسودا هئا، ۽ اوهان جي گهرن ڏانهن، ته مان اوهان کان پڇاڻو وٺجي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (چيو وينُ ته) "ڀڄو نه، موٽي وڃو پنهنجن ماڳن ۽ عيش جي سامانن ڏانهن، جن ۾ آسودا هيؤ ته مـَـن توهان کان پڇا ڳاڇا ٿئي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (چيو ويو) ڀڄو نه، وڃو پنهنجن انهن گهرن ڏانهن ۽ عيش جي انهن سامانن ۾ جن ۾ توهان کي سُڪون هو، شايد توهان کان پڇيو وڃي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اسان کين چيو ته) توھان نه ڀڄو بلڪه پنهنجي گهرن ڏي موٽي وڃو جتي توھان کي ھر قسم جي عيش جو سامان مليل ھو ته جيئن توھان کان پڇاڻو ٿئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 14) |
چوندا رھيا ته اسان لاءِ خرابي آھي بيشڪ اسين ظالم ھئاسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (بستين جي ماڻهن) دانهون ڪري چيو ته، افسوس آهي اسان جي حال تي! بيشڪ اسان ظالم هئاسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو هاءِ اسان کي افسوس آهي بيشڪ اسين ظالم هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي چوڻ لڳا ته هاڻي اسان لاءِ وڏي خرابي آهي بيشڪ اسين ظالم ته ضرور جيئن هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته اي هلاڪت اسان جي بلاشڪ هئاسون ظالم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائون ته اسان لاءِ وڏي خرابي آهي بيشڪ اسين ظالم هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”هاءِ اسان جي بربادي بيشڪ اسان ظالم هئاسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هَي اَسان جي حال کي!، هُئاسُون هاڃيڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اسان لاءِ خرابي آهي، اسين بيشڪ ظالم هئاسون“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوڻ لڳا: "اسان لاءِ وڏي خرابي آهي، بيشڪ اسان گنهگار هئاسون". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چوڻ لڳا، هاءِ اسان جو نڀاڳ، بيشڪ اسان خطاوار هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ھاڻي) ھو چوڻ لڳا ته اسان جي لاءِ ته وڏو ويل ٿي ويو. بيشڪ اسان ئي پنھنجي جَانِيُن تي ظلم ڪندڙ ھئاسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَما زالَت تِلكَ دَعوىٰهُم حَتّىٰ جَعَلنٰهُم حَصيدًا خٰمِدينَ (آيت : 15) |
پوءِ سدائين سندن اھو پڪارڻ ھو تانجو کين لڻيل (۽) وسانيل ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڏسو) هو ائين ئي دانهون ڪندا رهيا، تان جو اسان هنن کي (برباد ڪري) لابارو ڪيل پوک وانگر ۽ وساڻيل اڱرن وانگر ڪري ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهي هميشه ايئن چوندا رهندا، ايستائين جو اسان انهن کي لوڻيل پوک (۽) باه وانگر اُجھائي ڇڏينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته سندن اها ئي فرياد رهي تان جو کين لڻيل (پوک) وسائي ٿڌو ڪري ڍير ڪيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ هميشہ رهي اها دعوى انهن جي تانجو بنايوسون انهن کي لڻيل، وساميل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اهائي سندن فرياد رهي تانجو کين لڻيل (پوک) ۽ وسايل (باهه جهڙو) ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اهي ائين ئي پڪاريندا رهيا تانجو اسان کين لابارو ٿيل پوک (۽) اجھايل باهه وانگر ڪيوسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِيستائــِين تَن جِي، پَئـِي ٿي، اِيْءَ پڪار، تان ڪيوسون بَرقرار، ڳاهِيل اَن جِيئن، اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تيستائين سندن اها پڪار پئي هلي، جيستائين کين لابارو وڌل ۽ وساڻيل ڪري ڇڏيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اُهي ائين ٻاڪاريندا رهيا، ايستائين جو اسان کين (پاڙؤن) لڻيل ٻارِ ۽ وساميل رک نه بڻائي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي اهو ئي پڪاريندا رهيا، تان جو اسان انهن کي لڻيل (گاهه) ڪري ڇڏيو، انهن ۾ حياتيءَ جو ذرو به نه رهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ آخر تائين انهن جو اھو ئي روئڻ ھو، ايستائين جو اسان کين لُڻيل وَل وانگر ڪري ڇڏيو ۽ هُو ايئن ٿي ويا جيئن وساميل باهه جو ڪو منظر ھجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 16) |
۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي سا ڪا اسان راند نه بڻائي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڏسو) اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي تنهن کي کيل تماشي طور ڪونه بنايو آهي، (ڪنهن مصلحت ۽ مقصد لاءِ بنايو آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان آسمان ۽ زمين ۽ انهن جي وچ ۾ جيڪي ڪجھه پيدا ڪيو آهي اهو لعب (بيڪار) ڪري پيدا نه ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي بيڪار نه پيدا ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه پيدا ڪيوسون آسمان ۽ زمين ۽ اهو جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي راند ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي راند ڪندي (بيڪار) نه بنايو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي راند جي طور تي نه بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُڀ، ڀون، ڪِ جيڪِي اُنهن ۾، جوڙون ۽ جِنسار، راند نه بَناياسون، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي به آسمان ۽ زمين ۽ سندس وچ ۾ آهي سو ڪو اسان کيڏيندي نه بڻايو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجهن آهي، راند روند طور نه بنايو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان نه ٺاهيو آهي هن آسمان ۽ زمين کي ۽ انهن جي وچ ۾ جيڪي آهي ڪو راند خاطر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (توھان اھو سمجهي ڇڏيو ته) اسان آسمان، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رھندڙ مخلوق کي کيل تماشي طور نه بنايو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَو أَرَدنا أَن نَتَّخِذَ لَهوًا لَاتَّخَذنٰهُ مِن لَدُنّا إِن كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 17) |
جيڪڏھن اسان کي راند بڻائڻ (يعني ٻارن ٻچن) جو ڪو ارادو ھجي ھا ته ضرور اُنکي پاڻ وٽان وٺون ھا (يعني پاڻ جھڙا ڪريون ھا)، جيڪڏھن اسين ڪندڙ ھجون ھا (پر اسين ائين ڪندڙ نه آھيون).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن اسان کي کيل تماشو ڪرڻ جو ارادو هجي ها ته (ڪير اسان کي روڪي سگهي ها؟) اسان پاڻ پنهنجي طرفان اهڙوئي (کيل تماشي وارو) ڪارخانو بنايون ها، پر اسان ائين ڪرڻ پسند نه ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن اسين راند روند چاهيون ها ته پنهنجي شان وٽان پاڻ ڪريون ها، جيڪڏهن اسين ايئن ڪرڻ چاهيون ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن اسان ڪو کيل بڻائڻ گهرون ها ته ضرور اسان ان کي پنهنجي تجويز سان بنايون ها جيڪڏهن اسان گهرون ها (پر اسان جي شان وٽان نه هو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن ارادو ڪيون ها هي ته وٺون راند جون شيون ته البته وٺون ها ان کي پاڻ وٽان جيڪڏهن هجون ها ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن دل وندرائڻ جي ڪا شيءِ بنائڻ گهرون ها ته ان کي پاڻ وٽان بنايون هاجيڪڏهن اسين ڪرڻ وارا هجون ها (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اگر اسان ڪو رانديڪو بنائڻ چاهيون ها ته ان کي پاڻ وٽان ئي بنائي وٺون ها (ڪير هيو اسان کي روڪڻ وارو) جيڪڏهن اسان کي (ائين) ڪرڻو ئي هجي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) راند جو، جي وَرتون وِيچار، ته پِهرِين ڪيوسون، پاڻ وٽان، اُن کي اِختيار، ناهي اَسان جِي ڪار، بازيگريون بازار جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اسان کي کيل بنائڻ جو ارادو هجي ها، ته جيڪر ان کي پاڻ وٽان بڻايون ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن اسان ائين ئي ڪو رانديڪو بڻائڻ چاهيون ها ۽ اهوئي ڪم اسان کي ڪرڻو هجي ها ته پاڻ وٽان ئي بڻائي ڇڏيون ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي اسان جو ارادو اهو ئي هجي ها (رانديڪي بنائڻ جو) ته اهو اسان سڀڪجهه پاڻ وٽان ئي ڪري وٺون ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏھن اسان کي کيل تماشي جو خيال ھجي ھا ۽ واقعي اسان کي ايئن ئي ڪرڻو هو ته اسان پاڻ وٽان ئي اهو ڪري سگهون پيا. (پوءِ سموري مخلوق کي هڪ مضبوط نظام ۾ پيدا ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي هئي؟) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل نَقذِفُ بِالحَقِّ عَلَى البٰطِلِ فَيَدمَغُهُ فَإِذا هُوَ زاهِقٌ وَلَكُمُ الوَيلُ مِمّا تَصِفونَ (آيت : 18) |
بلڪ سچ کي ڪُوڙ تي اُڇليندا آھيون پوءِ اُھو سندن مٿو ڀڃندو آھي پوءِ اُنھيءَ مھل اُھو (ڪوڙ) چٽ ٿيندڙ آھي ۽ جيڪي (الله جون) وصفون اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن سببان اوھان لاءِ خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلڪ (حقيقت هيءَ آهي ته) اسان باطل تي حق جي ضرب (چوٽ) لڳايون ٿا ته اهو حق باطل جو مغزئي ڀڃي ٿو ڇڏي، ۽ هڪدم ان کي فنا ڪري ٿو ڇڏي، افسوس آهي اوهان تي! توهان ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون بيان ٿا ڪيو!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪِ اسين حق کي باطل تي اڇلايون ٿا، پوءِ اهو ان جو ميڄالو ڪڍي ٿو، پوءِ ان وقت باطل تباه ٿيندڙ آهي، ۽ توهان لاءِ ويل آهي، جيڪو ڪجھه توهان الله ڏانهن منسوب ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر اسين ته سچ کي ڪوڙ (جي سر تي) اڇلايون ٿا ته اهو ڪوڙ جو چيٿاري ڇڏي ٿو. پوءِ ان ئي وقت اهو ميٽجي ٿو وڃي. ۽ اوهان تي افسوس آهي جو اهڙيون (بي بنياد) ڳالهيون ٺاهيو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪه اڇلايون ٿا اسين حق کي باطل تي پوءِ مٿو ڀڃي ٿو ان جو پوءِ ان وقت اهو چٽ ٿيندڙ آهي اوهان جي لاءِ هلاڪت آهي ان کان جو بيان ڪندا آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر اسين سچ کي ڪوڙ تي اُڇلايون ٿا (غالب ڪريون ٿا) جو هو ان جو مٿو ڦاڙي ٿو پوءِ ان ئي وقت اهو مٽجي ٿو وڃي. ۽ جيڪي اوهين بيان ڪريو ٿا تنهن مان اوهان لاءِ وڏي خرابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه اسان حقَ جِي باطلَ مٿان پُوري قُوت سان چوٽَ لڳايون ٿا جو اُهو (حق) ان (باطل) جو مٿو ڦاڙي وجھي ٿو پوءِ اهو (باطل)برباد ٿي وڃي ٿو. ۽ توهان لاءِ انهن (نازيبا) ڳالهين سبب تباهي آهي جيڪي اوهان بنايو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بَلڪ سَٽيون سَچ کي، باطِل سِر بيڪار، پوءِ مَٿو ڀَڃِيسِ مُورهِين، پوءِ وَڃڻو تِنهِين وار، ۽ حيف اوهان جي هارِ، جيڪِي وَراڻيو وات سِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ اسين ته سچ کي ڪوڙ سان ٽڪرائيندا آهيون، پوءِ اهو سندس مٿو ڀڃندو آهي ۽ ڪوڙ امالڪ چٽ ٿي ويندو آهي ۽ اوهين جيڪي وصفون بيان ڪندا آهيو تن سبب اوهان لاءِ ويل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مگر اسان ته باطل تي حق کي هڻندا آهيون، جيڪو ان جو مٿو ڦاڙي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ اهو اتي جو اتي مٽجي ويندو آهي ۽ توهان جي لاءِ تباهي آهي، انهن ڳالهين جي ڪري جيڪي توهان ٺاهيو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر اسان ته ڌڪ هڻندا آهيون حق جو باطل تي، جيڪو چٿي ڇڏي ان جو مٿو ۽ اهو جلد مٽجي ويندو آهي، ۽ توهان جي لاءِ تباهي آ انهن ڳالهين جي ڪري جيڪي توهان ٺاهيو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان ڪوڙ تي سچ جا ڌَڪ ھڻندا رهندا آھيون پوءِ ان جو مٿو چٿجي ويندو آھي ۽ ان ئي وقت اُھو چٽ ٿي ويندو آھي. توھان جيڪو ڪجهه گهڙيو ٿا ان جي ڪري توھان جي لاءِ عذاب آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَمَن عِندَهُ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَلا يَستَحسِرونَ (آيت : 19) |
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ جيڪي وٽس آھن سي سندس عبادت کان وڏائي نه ڪندا آھن ۽ نڪي ٿڪبا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو به آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو به زمين تي آهي سڀ انهيءَ ئي (خدا) لاءِ آهن، ۽ جيڪي (فرشتا) سندس حضور ۾ آهن سي ڪڏهن به هٺ وڏائي ۾ پئجي سندس ٻانهپ کان منهن نٿا موڙين، نڪي (بندگي ڪرڻ ۾) ٿڪجي ٿا پون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى لاءِ اهو سڀ ڪجھه آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي، ۽ ملائڪ مقرب الله تعالى جي عبادت کان تڪبر نٿا ڪن ۽ اهي نٿا ٿڪجن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هوڏانهن جي (فرشتا) آسمان ۽ زمين ۾ آهن سي (سڀ) سندس (بندا) آهن. ۽ جي (فرشتا) سندس سرڪار ۾ آهن نه ته اهي سندس عبادت ڪرڻ کان آڪڙجن ٿا ۽ نه ڪي ٿڪجن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان جي ملڪيت آهي جيڪو آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي جيڪي ان وٽ آهن نٿا تڪبر ڪن عبادت ان جي کان ۽ نٿا ڪمزوري محسوس ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن، سي سندس آهن. ۽ جيڪي وٽس آهن سي سندس عبادت ڪرڻ کان وڏائي نه ٿا ڪن ۽ نه ڪي ٿڪجن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي سڀ سندس مِلڪَ آهن. ۽ جيڪي (فرشتا) وٽس آهن سي سندس عبادت ڪرڻ کان وڏائي نه ٿا ڪن ۽ نه ئي ٿڪجن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مِڙئـِي مِلڪ اُن جِي، اُڀ ۽ ڀون اَندر، ۽ جيڪِي آهن اُن وَٽ، حُضور ۾ حاضِر، اُن جي عِبادت کان، تِر نه ڪن تَڪبر، ۽ نه ٿَڪن ڪندي ڪِيرتون؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي به آسمانن خواهه زمين ۾ آهي، سو انهي جو آهي ۽ جيڪي وٽس آهن سي نڪي سندس عبادت کان هٺ ڪندا آهن، نڪي ٿڪبا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن توڙي زمين ۾ جا به مخلوق آهي، الله جي آهي ۽ جيڪي (ملائڪ) وٽس آهن، اهي نڪي پاڻکي وڏو ڀائيندي سندس عبادت کان ڪنڌ ڪڍائين ٿا ۽ نه وري ڪو ٿڪجن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هر شيءِ الله جي آهي آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه آهي ۽ جيڪي (فرشتا) ان وٽ آهن سي تڪبر نه ڪندا آهن سندس عبادت ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ٿڪبا نه آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آھي اهو ان جو آھي ۽ ان وٽ جيڪا به مخلوق آھي سا ڪڏھن به عبادت کان وڏائي نه ڪندي آھي ۽ نه ئي هُو عبادت کان ٿڪجندي آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُسَبِّحونَ الَّيلَ وَالنَّهارَ لا يَفتُرونَ (آيت : 20) |
(اُھي) رات جو ۽ ڏينھن جو پاڪائي بيان ڪندا آھن سُست نه ٿيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو رات ڏينهن سندس شان ۽ پاڪائي ڳائيندا رهن ٿا ۽ ڪڏهن به بس نٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رات ۽ ڏينهن الله تعالى جي تسبيح پڙهن ٿا (۽) اهي سستي نٿا ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) رات ۽ ڏينهن سندن پاڪائي بيان ڪن ٿا. (۽) ڪڏهن سست نه ٿا ٿين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تسبيح پڙهندا رهن ٿا رات ۾ ۽ ڏينهن ۾ نٿا سستي ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) رات ۽ ڏينهن (سندس) پاڪائي بيان ڪن ٿا، سست نه ٿا ٿين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي رات ڏينهن (سندس) پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ سستي نه ٿا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سانِجھي، صُبح ساجھر، وَاکاڻِين وٖيتر، سُسْت نه ٿِيَن ساراھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو رات خواهه ڏينهن جو پاڪائي بيان ڪندا آهن ۽ سست نه ٿيندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رات ڏينهن سندس تسبيح ڪندا رهن ٿا ۽ ساهي نٿا پٽين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيان ڪن ٿا پاڪائي رات ۽ ڏينهن، ساهي نه کڻندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بلڪ) هُو رات ڏينھن عبادت ۾ لڳل هوندي آهي ۽ ڪڏھن به ساھي نه پٽيندي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَمِ اتَّخَذوا ءالِهَةً مِنَ الأَرضِ هُم يُنشِرونَ (آيت : 21) |
زمين (جي شين) مان اھڙا معبود ورتا اٿن ڇا جو اُھي (مئي کانپوءِ کين) کڙو ڪندا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هنن ماڻهن زمين (جي مخلوقات) مان اهڙا معبود بنايا آهن، جيڪي مُردن کي زنده ڪري ٿا ڇڏين؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن زمين مان معبود بنايا آهن ته اهي ڪجھه پيدا ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن ماڻهن جي معبود زمين ۾ بڻائي رکيا آهن ڇا! اهي (ماڻهن کي) جياريندا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ورتا اٿن اهڙا معبود زمين مان جواهي (کين) کڙو ڪندا؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته (ڪافرن) زمين جي (شين) مان ٻيا معبود بنايا آهن جي کين جياري اٿاريندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن ماڻهن جن کي زمين ۾ معبود قرار ڏنو آهي اهي (مُردن کي) زنده ڪري اٿاري سگهندا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا پَنهنجا، جوڙيؤن پاڻهِين، ڌَڻِي مَنجھان ڌُوڙ، اِهو ڪارو ڪُوڙ، ته هُو جِيارِين جَڏن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا هنن زمين مان اهڙن کي بندگيءَ جو لائق بنايو آهي، جي کين وري جياريندا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا آهن سندن بڻايل زمين وارا معبود، اهڙا جو (ڪنهن بيجان ۾ ساهه وجهي) اٿاري کڙو ڪن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن جا ٺاهيل خدا زمين ۾ اهڙا آهن جو (بي جان کي جان بخشي) اٿاري بيهارين؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن ماڻهن زمين مان اھڙن ماڻهن کي عبادت جي لائق بنايو آھي جيڪي کين جيئرو ڪري اٿاريندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَو كانَ فيهِما ءالِهَةٌ إِلَّا اللَّهُ لَفَسَدَتا فَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 22) |
جيڪڏھن آسمان ۽ زمين ۾ الله کانسواءِ (گھڻا) معبود ھجن ھا ته (آسمان ۽ زمين) ٻئي اُجڙن ھا، پوءِ ڪافر جيڪو بيان ڪندا آھن تنھن (ڳالھ) کان عرش جو پالڻھار پاڪ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن آسمان ۽ زمين ۾ الله کان سواءِ ڪو ٻيو معبود هجي ها ته (ممڪن ئي نه هو ته ان جو ڪارخانو نظام سان ۽ هڪ ڍنگ ۽ قانون سان هلي ها بلڪ) اهي (زمين ۽ آسمان) يقيناً بگڙجي برباد ٿي وڃن ها. پوءِ الله جي لاءِ جو (جهان جي) تخت جو مالڪ آهي شان ۽ پاڪائي هجي. انهن سڀني ڳالهين کان پاڪ آهي جيڪي هي ماڻهو سندس متعلق بيان ڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن (بالفرض) زمين ۽ آسمان ۾ الله تعالى کانسواءِ ٻيو معبود هجي ها ته ضرور زمين آسمان ۾ فساد برپا ٿئي ها، پوءِ عرشِ عظيم جو رب پاڪ آهي انهن ڳالهين کان جيڪي اهي چون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن (بفرض محال) زمين ۽ آسمان ۾ خدا کانسواءِ ڪي ٻيا معبود هجن ها ته ٻئي ڪڏهن جو تباھ ٿي وڃن ها. ته جي ڳالهيون اهي ماڻهو پنهنجي طرفان (ان جي باري ۾) بنائن ٿا پر جو خدا عرش جو مالڪ آهي سو انهن سڀني عيبن کان پاڪ صاف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن هجن ها انهن ٻنهي (آسمان ۽ زمين) ۾ ڪي معبود هڪ الله کان سواءِ ته البته ٽٽي پون ها پوءِ پاڪائي (ثابت) آهي الله عرش جي رب جي لاءِ انهن (شرڪ وارين ڳالهين کان) جيڪي (ڪافر) بيان ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن آسمان ۽ زمين ۾ الله کانسواءِ ٻيا معبود هجن ها ته ٻئي خراب ٿي پون ها، پوءِ ڪافر جيڪي بيان ڪن ٿا، تنهن کان الله عرش جو مالڪ پاڪ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اگر (آسمان ۽ زمين انهن) ٻنهين ۾ الله کان سواءِ ٻيا معبود هجن ها ته ٻنهين جو نظام بگڙي وڃي ها. پوءِ الله جيڪو عرش جو مالڪ آهي انهن (ڳالهين) کان پاڪ آهي جيڪي اُهي بيان ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُوندا، هُئا اُنهن ٻِنهِين ۾، ڪي داتا ڌڻِي ڌار، ته بِلڪُل ٿيا برباد ٻئـِي، پڻ جيڪِي مَنجھنِ جِنسار، پوءِ پَرور تِنيان پاڪ گھڻو، جيڪي ڪَهن ڪُفار، جو آهي عَرش عَظِيم جو، قادِر ڪَلنگِيدار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن آسمان ۽ زمين منجهه الله کانسواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق هجي ها، ته جيڪر ٻئي چٽ ٿين ها_ پوءِ تخت جو ڌڻي الله انهي کان پاڪ آهي، جيڪي هو ٿا بيان ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن آسمان ۽ زمين ۾ هڪڙي الله کان سواءِ ٻيا به ڪي معبود هجن ها ته (آسمان ۽ زمين) ٻنهي جو چرخو اونڌو ٿي پوي ها. پوءِ پاڪ آهي الله، عرش جو مالڪ انهن ڳالهين کان جيڪي اهي پيا ٿا ٺاهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪر ٻيا به اهڙا خدا هجن ها الله کان سواءِ ته سڄو نظام (زمين آسمان جو) خراب ٿي وڃي ها، پاڪ آهي الله رب العرش انهن ڳالهين کان جيڪي اهي ٺاهين ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏھن آسمانن ۽ زمين ۾ اللھ تعالى کان سواءِ ٻيا به ڪير معبود ھجن ھا ته انهن ٻنهي جو نظام فساد جي وَر چڙھي وڃي ھا. ڪافر جيڪو بيان ڪن ٿا تنھن کان عرش جو مالڪ اللھ تعالى پاڪ آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يُسـَٔلُ عَمّا يَفعَلُ وَهُم يُسـَٔلونَ (آيت : 23) |
(الله) جيڪي ڪندو آھي تنھن بابت (اُھو) نه پڇبو ۽ اُنھن کان پڇا ڪبي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو جيڪي به ڪري (وس وارو آهي، ڪنهن کي به مجال يا حق ناهي جو) هن کان پڇڻ وارو ٿئي، پر ٻيا سڀ (هن جي اڳيان جوابده آهن) انهن کان باز پرست يعني پڇاڻو ٿيڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو ڪجھه الله ڪري ٿو ان کان نٿو پڇيو وڃي ۽ انهن کان سوال پڇيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو ڪجھ اهو ڪري ٿو تنهن جي پڇا ڳاڇا ٿي نٿي سگهي (پر) ٻين کان پڇيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نٿو پڇا ڪيو وڃي ان بابت جيڪو ڪري ٿو ۽ اهي پڇا ڪيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي الله ڪري ٿو تنهن جو ان کان نه پڇيو ويندو ۽ هنن (ڪافرن) کان پڇيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو جو ڪجهه به ڪري ٿو ان کان ان بابت پڇا نه ڪئي ويندي ۽ انهن کان (هر ڳالهه جي) پڇا ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُڇي نه سَگھٖي ڪو اُن کي، جيڪِي ڪري ڪَلتار، ۽ اُنهن ٻِين کان ٻِيهار، وَٺبو پُڇاڻو پَڪ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو جيڪي ڪري ٿو، ان لاءِ کانئس پڇي نٿو سگهجي، پر انهن کان پڇاڻو وٺبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو پنهنجي ڪمن بابت (ڪنهن جي به آڏو) جوابدار ناهي ۽ هنن سڀني کان پڇاڻو ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو جوابده ناهي ڪنهن جي آڏو پنهنجي ڪمن جي لاءِ، ۽ ٻيا سڀ جوابده آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى جيڪو ڪجهه ڪري ٿو ان کان ڪير به پڇاڻو نٿو ڪري سگهي، ھا باقي ماڻهن کان پڇاڻو ضرور ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً قُل هاتوا بُرهٰنَكُم هٰذا ذِكرُ مَن مَعِىَ وَذِكرُ مَن قَبلى بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ الحَقَّ فَهُم مُعرِضونَ (آيت : 24) |
اُن کانسواءِ (ٻيا) معبود ڇا ورتائون؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته پنھنجو دليل آڻيو، ھي (قرآن) منھنجي سنگت جي نصيحت آھي ۽ (ھي) مون کان اڳ وارن جي نصيحت آھي (يعني توريت ۽ انجيل انھن مان دليل ڏيو) بلڪ انھن مان گھڻا حق کي نه ڄاڻندا آھن اُن ڪري اُھي مُنھن موڙيندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا هنن ماڻهن الله کان سواءِ ٻين کي معبود ڪري ورتو آهي؟ (اي پيغمبر!) تون کين چئي ڏي (ته جيڪڏهن ائين آهي ته) ٻڌايو، توهان جو دليل ڪهڙو آهي؟ هي آهي اهو ڪلام جو منهنجي ساٿين جي هٿ ۾ آهي (يعني قرآن) ۽ جو مون کان اڳين تي نازل ٿي چڪو آهي (يعني اڳوڻا خدائي ڪتاب. توهان انهن ۾ ڪابه ڳالهه منهنجي دعوت جي خلاف لهي نٿا سگهو.) ڳالهه هيءَ آهي ته هنن ماڻهن مان گهڻن کي حقيقت جي خبر ئي ڪانهي. پوءِ (اهوئي سبب آهي جو سچائيءَ کان) منهن ڦيرائي ڇڏيو اٿن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن الله تعالى کانسواءِ معبود بنايا آهن، رسولِ عربي توهان (انهن کي) فرمايو ته توهان پنهنجا دليل آڻيو، هيءُ منهنجي امت جو ذڪر آهي ۽ اڳين امتن جو ذڪر آهي، بلڪِ انهن مان گھڻا حق کي نٿا ڄاڻن، پوءِ اهي مُنهن موڙيندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن ماڻهن خدا کي ڇڏي ڪي ٻيا معبود بنايا آهن؟ (اي حبيب! کين) چئو ته ڀلا پنهنجو ڪو دليل ته پيش ڪريو، جي منهنجي (زماني ۾) مون سان گڏ آهن تن جو ڪتاب (قرآن) ۽ جي ماڻهو مون کان اڳ هئا تن جا ڪتاب (توريت وغيره) اهي (موجود) آهن (تن ۾ خدا جو شريڪ لکيل ٻڌايو) پر انهن مان گهڻا ماڻهو ته حق (جي ڳالھ کي) ڄاڻن ئي نه ٿا، (جڏهن هن جي ڳالھ ٿئي ٿي ته) اهي ماڻهو منهن ڦيري ڇڏين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ورتائون ان کان سواءِ (ٻيا) معبود؟ فرماءِ ته آڻيو دليل پنهنجو هيءَ نصيحت ان جي لاءِ آهي جيڪو گڏ مون سان آهي ۽ نصيحت انهن جي لاءِ جيڪي مون کان اڳي هئا بلڪه گهڻا انهن مان نٿا ڄاڻن حق پوءِ اهي منهن موڙيندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته ان کانسواءِ ٻيا معبود ٺهرايا اٿن؟ (اي پيغمبر! کين) چو ته پنهنجي ثابتي آڻيو. هي (قرآن) مون سان گڏ رهندڙن جو ڪتاب ۽ (هي) مون کان اڳين جا ڪتاب آهن (انهن ڪتابن مان ثابتي آڻيو) پر انهن مان گهڻا حق کي نه ٿا ڄاڻن، ان ڪري اهي منهن موڙيندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن (مشرڪن) ان جي مقابلي ۾ معبود بنايا آهن؟ چؤ پنهنجو دليل آڻيو. هي (قرآن) انهن ماڻهن جو ذڪر آهي جي مون سان گڏ آهن ۽ انهن جو (به) ذڪر آهي جي مون کان اڳ هئا. بلڪه انهن مان گهڻا حق کي نه ٿا ڄاڻن انڪري اُهي منهن ڦيريندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِ سائـِين ٻيا سُبحان ري، مقرر ڪيائون مُور؟ چئو، آڻيو حُجت اَوهان جِي، ظاهر ڪا ضرور، مُون سان گڏ، يا مَهندين جو، مِڙئـِي هِي مَذڪور، بلڪ گھڻن کي، تَن مَنجھان حق جِي، پُورِي نه پَرُور، مُنهن موڙِيندڙ مَغرور، اُهي آهن، تڏهن اَلله کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هنن ان کانسواءِ ڪي ٻيا بندگيءَ جا لائق بنايا آهن؟ چئو ته پنهنجا دليل پيش ڪريو_ هي ته منهنجي ساٿين لاءِ به نصيحت آهي ۽ مون کان اڳين لاءِ به نصيحت آهي پر منجهائن گهڻا حق کي نٿا ڄاڻن تنهن ڪري منهن ٿا موڙين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا ان (الله) کي ڇڏي انهن ٻيا معبود بڻايا آهن؟ اي نبي! چوين ته "ڀلا آڻيو پنهنجو ڪو دليل، هيءُ ڪتاب (قرآن) به آڏو اٿوَ، جيڪو منهنجي دور جي ماڻهن لاءِ نصيحت آهي ۽ اهي ڪتاب به موجود اٿوَ، جن ۾ مون کان اڳ ٿي گذريل ماڻهن لاءِ نصيحت هئي. پر انهن مان اڪثر ماڻهو حقيقت کان اڻڄاڻ آهن. تنهنڪري منهن موڙي ڇڏيو اٿن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن ورتا آهن ٻيا خدا ان کي ڇڏي؟ (اي نبي!) انهن کي چؤ ته آڻيو پنهنجو دليل، هي ڪتاب جنهن ۾ دور وارن ماڻهن لاءِ نصيحت آهي ۽ اڳين جي نصيحت جو دليل آهي، پر انهن مان گهڻا ماڻهو حقيقت کان بي خبر آهن، جنهن ڪري سندن منهن موڙيل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن ماڻهن اللھ تعالى کي ڇڏي ٻيا معبود ٺاھي ورتا آھن؟ (اي نبيﷺ! کين) چؤ ته توھان پنھنجو دليل پيش ڪريو. ھي قرآن ته منھنجي ساٿين ۽ اڳ گذري ويل ماڻهن جي لاءِ هڪ نصيحت آھي پر انهن مان گهڻا ماڻهو حق ڳالھ کي سمجهڻ کان سواءِ ئي منھن موڙين ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ إِلّا نوحى إِلَيهِ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدونِ (آيت : 25) |
۽ توکان اڳ جيڪو (به) پيغمبر موڪليوسون تنھن ڏانھن ھي ئي وحي ڪيوسون ته مون کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) اسان توکان اڳي ڪوبه پيغمبر اهڙو ڪونه موڪليو جنهن ڏي هن ڳالهه جو وحي نه موڪليوسين ته ڪوبه معبود ڪونهي سواءِ منهنجي. پوءِ اوهان کي گهرجي ته فقط منهنجي ٻانهپ ڪريو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان توهان کان اڳ ۾ ڪو رسول نه موڪليو مگر انهيءَ ڏانهن اسان وحي موڪلي ته اسان کانسواءِ ڪوبه معبود ناهي پوءِ توهان (فقط) منهنجي عبادت ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اي رسول جڏهن به اسان تو کان اڳ ڪو به رسول موڪليو ته تنهن ڏي اسان اهو ئي وحي موڪليندا رهيا سون ته بس اسان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي، سو منهنجي عبادت ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه موڪليو اسان اڳي توکان ڪو رسول مگر وحي موڪليون پيا ان ڏانهن ته بلاشڪه ناهي ڪوبه عبادت جو لائق سواءِ منهنجي پوءِ عبادت ڪيو منهنجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) اسان توکان اڳ جيڪو به رسول موڪليو، تنهن ڏي وحي ڪندا هئاسون ته مون کانسواءِ ڪو به معبود نه آهي سو منهنجي عبادت ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) اسان تو کان اڳ ڪو به رسول اهڙو نه موڪليو جنهن ڏانهن اسان هي وحي نه ڪئي هجي ته : ”مون کان سواءِ ڪو معبود ناهي پوءِ اوهان منهنجي عبادت ڪيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُڪو سون نَه، مَهند تُهان، ڪِنهن اُمت ڏي اِمام، مگر اُن ڏي موڪليون، اِهوئـِي اِلهام، ته ڪونهي سائـِين ڪير ٻِيو، مگر آئون مُدام، پوءِ ڇَڏي خيال خام، هرگز پُوڄِيو، مون هيڪ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان توکان اڳ جيڪي به رسول موڪليا، تن ڏي اهو ئي وحي موڪليوسون، ته بيشڪ مون کان سواءِ ٻيو ڪو به عبادت جو لائق ناهي، ان ڪري منهنجي ئي بندگي ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان توکان اڳ جيڪو به رسول پئي موڪليو آهي، تنهن کي اهوئي پئي وحي ڪيو آهي ته مون کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، تنهنڪري توهان منهنجي ئي عبادت ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ موڪليو آهي اسان توکان اڳي جيڪو به رسول تنهن کي اهو ئي وحي ڪيوسين ته بيشڪ مون کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي، تنهن ڪري منهنجي عبادت ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) اسان توکان اڳ جيڪي رسول موڪليا ھئا تن سڀني کي اھائي وحي موڪلي وئي ھئي ته بيشڪ مون کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آھي، تنھنڪري منھنجي ئي عبادت ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل عِبادٌ مُكرَمونَ (آيت : 26) |
۽ چون ٿا ته الله (پنھنجي لاءِ) اولاد ورتو آھي اُھو پاڪ آھي، بلڪ (ملائڪ الله جا) سڳورا ٻانھا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو (ڀليل) چون ٿا ته رحمان خدا پنهنجي لاءِ اولاد بنائي رکيو آهي. پاڪائي هجي هن لاءِ (اهي ماڻهو جن کي الله جو اولاد سمجهن ٿا سي ته انهيءَ ڳالهه جو وهم ۽ گمان به ڪونه ٿا ڪن) بلڪ هو ته الله جا معزز (عزت وارا) ٻانها آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي چون ٿا ته رحمان پنهنجي لاءِ پٽ بنايو آهي. الله تعالى انهيءَ کان پاڪ آهي، بلڪِ ملائڪ سندس مڪرم بندا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مڪي وارا) چون ٿا ته خدا فرشتن کي پنهنجي اولاد (ڌيئرون) بڻايو آهي (هوڏانهن) اهو ان (ڳالھ) کان پاڪ صاف آهي. پر (اهي فرشتا خدا جا) معزز بندا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته ورتو الله اولاد پاڪائي آهي ان لاءِ بلڪه ٻانها آهن عزت ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته وڏي مهربان (الله) پاڻ لاءِ اولاد ٺهرايو آهي اهو پاڪ آهي پر (اُهي) عزت ڏنل ٻانهان آهن، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چيائون ته رحمان پنهنجو اولاد بنايو آهي، اُهو پاڪ آهي. بلڪه اُهي (ملائڪ الله جا) معزز ٻانها آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڌڻي خُود ڌاريو، وِياءُ ڪو وَريام! آهي پاڪائـِي اُن کي، ڪنان اِن اِلزام، بلڪل بندا اُن جا، نِرمل نيڪ نام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چون ٿا ته ”الله (به ڪن کي) پنهنجو اولاد بڻايو آهي، ”پر هو پاڪ آهي، بلڪ اهي ته سڳورا ٻانها آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چون ٿا ته "رحمان جو به اولاد آهي". الله ته پاڪ آهي، اهي (ملائڪ) ته ٻانها آهن، جن کي عزت ڏني وئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي چون ٿا، ته اولاد رکي ٿو رحمٰن (يعني فرشتا)، سبحان الله! اهي ته ٻانها آهن جن کي عزت بخشي وئي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ھي ماڻهو چون ٿا ته اللھ تعالى کي اولاد آھي. اُھا ذات (اھڙن رشتن کان) پاڪ آھي (توھان جن کي اولاد سمجهو ٿا) اُھي ته عزت وارا ٻانها آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَسبِقونَهُ بِالقَولِ وَهُم بِأَمرِهِ يَعمَلونَ (آيت : 27) |
ڳالھائڻ ۾ اُن کان آڳاٽائي نه ڪندا آھن ۽ سندس حُڪم موجب ڪم ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو سندس اڳيان (سندس حڪم کان اڳي) ڳالهائي به نٿا سگهن. ۽ هو سندس حڪم جي تعميل ڪندا رهن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي الله تعالى جي حڪم کان اڳرائي نٿا ڪن ۽ اهي الله جي حڪم جي تعميل ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي گفتگو ۾ ان کان اڳي نٿا ٿي سگهن. ۽ اهي سندس حڪم تي هلن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه اڳرائي ڪندا آهن ان کان ڳالهائڻ ۾ ۽ اهي امر ان جي تي عمل ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جي ڳالهائڻ ۾ ان کان اڳي نه ٿا ٿين ۽ اُهي سندس حڪم سان ڪم ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ڪا ڳالهه (ڪرڻ ۾) ان کان اڳرائي نه ٿا ڪن ۽ اُهي سندس حڪم مطابق عمل ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اڳرا ٿِي اُن ڪنان، ڪُڇن ڪو نه ڪلام، ۽ ڪَن اُنهيءَ جي اَمر جي، تَعميلات تمام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ڳالهائڻ ۾ ڪا به اڳرائي نه ڪندا آهن ۽ سندس حڪم موجب ڪم ڪندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اُهي سندس درٻار ۾ ڳالهائڻ ۾ کانئس اڳرائي نه ڪندا آهن ۽ بس سندس حڪم تي ئي پيا هلندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان جي حضور ۾ اڳتي وڌي نه ڳالهائيندا آهن ۽ بس فقط سندس حڪمن جي تعميل ڪندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي ٻانها اُن (اللھ) جي سامهون ڳالهائڻ ۾ اڳرائي نه ڪندا آھن. ھو صرف ان جي حڪم تي عمل ڪندا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يَشفَعونَ إِلّا لِمَنِ ارتَضىٰ وَهُم مِن خَشيَتِهِ مُشفِقونَ (آيت : 28) |
جيڪي سندن اڳتان ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي ۽ (الله) جنھن کان راضي ٿئي تنھن کان سواءِ ٻئي لاءِ سفارش نه ڪندا آھن ۽ اُھي سندس ڀَوَ کان ڊڄندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي به هنن جي اڳيان آهي ۽ جيڪي به پٺتي ڇڏي آيا آهن (يعني سندن ماضي توڙي مستقبل) سڀ الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ۽ اهي سفارش فقط ان جي ٿا ڪن جنهن کي الله پسند ڪري ۽ اهي سندس خوف کان ڊڄندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى انهن جا اڳيان ۽ پويان احوال ڄاڻي ٿو ۽ اهي نٿا شفاعت ڪن، مگر انهيءَ لاءِ جنهنکي الله تعالى پسند ڪيو ۽ اهي الله تعالى جي خوف کان سخت ڊڄندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي انهن جي اڳيان ۽ جيڪي انهن جي پويان آهي (غرض سڀ ڪجھ) هو ڄاڻي ٿو، ۽ اهي ان شخص کان سواءِ جنهن کان خدا راضي هجي ڪنهن جي به سفارش نٿا ڪن ۽ اهي پاڻ ان جي خوف کان (هر وقت) ڊڄندڙ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڄاڻي ٿو اهو جيڪو اڳيان انهن جي آهي ۽ جيڪو پويان انهن جي آهي ۽ نٿا شفاعت ڪن مگر ان جي لاءِ جنهن کان راضي ٿيو ۽ اهي ڊپ ان جي کان ڊڄندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي انهن جي اڳيان ۽ جيڪي انهن جي پويان آهي تنهن کي ڄاڻي ٿو ۽ اُهي سفارش فقط ان جي ٿا ڪن جنهن کي الله پسند ڪري ۽ اهي سندس خوف کان ڊڄندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي انهن جي اڳيان آهي ۽ جيڪي انهن جي پٺيان آهي ۽ اُهي سفارش رڳو ان جي ڪن ٿا جنهن سان اُهو راضي ٿي ويو ۽ اُهي سندس خوف کان ڊڄندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اڳيان، پويان اُنهن جي، مالِڪ ڄاڻي مام، ڪِنهن جا ٿِيَن ڪِين ڪِي، حامِي هَڻِي هام، مگر تنهن لئي، جهن کان ٿيو، راضي ربُّ اَنام، ۽ ڊِڄندر هونِ هَمام، خود خدا جي خوف ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو سندن اڳيان پويان جيڪي به آهي سو ڄاڻي ٿو ۽ هو فقط انهن لاءِ شفاعت ڪندا آهن جنهن تي (الله جو) راضپو ٿئي ۽ هو سندس ڊپ کان ڊڄندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ڪجهه سندن سامهون آهي، ان کي به هو ڄاڻي ٿو ته جيڪي سندن اکين کان پري آهي ان کان به واقف آهي، اهي ڪنهن جي به سفارش نه ڪندا آهن، سواءِ ان جي جنهن جي حق ۾ سفارش ٻڌڻ تي الله راضي هجي ۽ هو کانئس ڏڪندا رهن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ڄاڻي ٿو جيڪي انهن جي اڳيان آهي ۽ جيڪي ڪجهه انهن کان غائب آهي، ان کان به اهو باخبر آهي. اهي ڪنهن جي سفارش نه ٿا ڪن سواءِ ان جي جنهن جي سفارش ٻڌڻ لاءِ الله پاڻ راضي هجي ۽ اهي سندس خوف کان ڊڄندا هجن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪو ڪجهه مخلوق جي سامهون آھي ۽ جيڪو ڪجهه ان کان ڳجهه ۾ آھي. اهي نيڪ ٻانها صرف انهن ماڻهن جي سفارش ڪندا آهن جن کان اللھ تعالى راضي ھجي ۽ ھو خود سندس خوف کان ڊڄندا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَقُل مِنهُم إِنّى إِلٰهٌ مِن دونِهِ فَذٰلِكَ نَجزيهِ جَهَنَّمَ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
۽ منجھائن جيڪو چوي ته آءٌ الله کان سواءِ معبود آھيان تنھن کي دوزخ جي سزا ڏينداسون، ظالمن کي اھڙي ئي سزا ڏيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن مان جيڪڏهن ڪوبه (اهڙي جرئت ڪري وجهي جيڪو) چوي ته الله کان سواءِ مان معبود آهيان ته ان جي بدلي ۾ اسان کيس جهنم جي سزا ڏينداسين. اسان ظلم ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح ظلم جو بدلو ڏيندا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن (ملائڪن) مان جيڪو چوي ته آئون الله کانسواءِ معبود آهيان، پوءِ اسين ان کي جهنم جي جزا ڏينداسين، اسين ظالمن کي اهڙي طرح جزا ڏيندا آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن مان جيڪي به هئين چئي ته خدا نه (پر) آءُ معبود آهيان ته اهو (مردود بارگاھ ٿيو) اسين کيس دوزخ جي سزا ڏينداسون ۽ سرڪش کي اسين اهڙي طرح سزا ڏيندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو چوي ٿو انهن مان ته بلاشڪ مان معبود آهيان ان کان سواءِ پوءِ اهو سزا ڏينداسون ان کي جهنم جي اهڙي طرح سزا ڏينداسون ظالمن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو به انهن مان چوندو ته الله کانسواءِ آءُ معبود آهيان تنهن کي اسين دوزخ جي سزا ڏينداسون. اهڙيءَ طرح ظالمن کي سزا ڏيون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن مان جيڪو به چوي ته الله کان سواءِ آءٌ به هڪ معبود آهيان ته پوءِ ان کي اسان دوزخ جي سزا ڏينداسين. اهڙي طرح اسان ظالمن کي سزا ڏيندا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جيڪو چوندو تن مَنجھان، ته آئون ڌڻي، تُهان ڌار، ته اَجر ڏِينداسون اُن کي، ڄيرو سَڀ ڄمار، اِنپر پُورا پار، ڏاڍن ڏِيندا آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن مان جيڪو چوندو ته الله کان سواءِ آءُ به بندگيءَ جو لائق آهيان، ته اهڙي کي دوزخ جي سزا ڏينداسون ۽ اسين ظالمن کي اهڙي ئي سزا ڏيندا آهيون.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن مان جيڪو چوي ته الله کانسواءِ مان به معبود آهيان ته ان کي اسان جهنم جي سزا ڏينداسون. اسان وٽ ظالمن جو اهوئي بدلو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن ڪو چوي (انهن مان) ته الله کان سواءِ آئون به الله آهيان ته ان کي اسان سزا ڏيون دوزخ جي، اسان وٽ ته اهو ئي بدلو آهي ظالمن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن ٻانهن مان جيڪو ھي چوندو ته اللھ تعالى کان سواءِ مان به معبود آھيان ته ان کي اسان جھنم جي سزا ڏينداسين. ظالمن کي اسان اھڙي ئي سزا ڏيندا آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَرَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ كانَتا رَتقًا فَفَتَقنٰهُما وَجَعَلنا مِنَ الماءِ كُلَّ شَيءٍ حَىٍّ أَفَلا يُؤمِنونَ (آيت : 30) |
ڪافرن نه ڏٺو آھي ڇا ته آسمان ۽ زمين بند ٿيل ھوا؟ پوءِ انھن کي کوليوسون، ۽ سڀڪنھن جيئري شيء کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيوسون، پوءِ ڇونه ايمان آڻيندا آھن؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو منڪر آهن تن هن ڳالهه تي غور نه ڪيو آهي ڇا؟ ته آسمان ۽ زمين ٻئي (پهريائين) هڪٻئي سان مليل هئا، پوءِ اسان انهن کي جدا ڪري ڇڏيو، ۽ پاڻيءَ مان سڀ ساهه واريون شيون پيدا ڪيون. پوءِ ڇا هي ماڻهو (ان ڳالهه تي) ايمان نٿا آڻين؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا ڪافر نٿا ڄاڻن ته بيشڪ آسمان ۽ زمينون (پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان) مليل هئا پوءِ اسان انهن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪيو ۽ اسان هر جاندار شيءِ کي پاڻي مان پيدا ڪيو، ڇا پوءِ اهي ايمان نٿا آڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي ماڻهو ڪافر ٿي ويٺا تن هن ڳالھ تي غور نه ڪيو آهي ڇا! ته آسمان ۽ زمين ٻئي سنڊ (بند) هئا ته اسان ٻنهي کي چيريو (کوليو). ۽ سڀ ڪنهن جيري شيءِ کي پاڻي مان پيدا ڪيوسون. ته ڇا تڏهن به اهي ماڻهو ايمان نه آڻيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو انهن جن ڪفر ڪيو ته بلاشڪ آسمان ۽ زمين هئا بند ٿيل پوءِ کوليوسون انهن ٻنهي کي ۽ پيدا ڪئي سون پاڻي مان هر شيءِ جيئري ڇا پوءِ نٿا ايمان آڻين؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا ڪافرن نه ڏٺو ته بيشڪ (سڀئي) آسمان ۽ زمين مليل هئا، پوءِ اسان اُنهن کي چيريو ۽ سڀڪنهن جيئري شيءِ کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيوسون. ڇا پوءِ به اهي ايمان نه ٿا آڻين؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا ڪافرن اهو نه ڏٺو ته بيشڪ آسمانَ ۽ زمين سڀ (هڪ اِڪائي جي شڪل ۾ پاڻ ۾) مليل هئا پوءِ اسان انهن کي ڇني جدا ڪيو. ۽ اسان پاڻيءَ مان هر شيءِ کي زندگي ڏني. ڇا پوءِ اُهي ايمان نه ٿا آڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي جن اِنڪار ڪيو، ڇا ورتئون نه هِي وِيچار؟ ته ڀونيون، اُڀ بند هئا، ويڇو نه تن وِچ وار، اَسان ڪيو اُنهن کي، ڦوڙي ڦاڙون ڦاڙ، ۽ جِياريون سون جَر مَنجهان، جِيرَا سڀ جنسار، پوءِ اِهي ڪِنهن آڌار، وِسهن ڪِين ويسلا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا ڪافر اهو نٿا ڏسن، ته آسمان ۽ زمين گڏيل هئا، پوءِ اسان کين جدا ڪيو ۽ اسان پاڻيءَ مان هر ڪا جيئري شيءِ بنائي، پوءِ ڇو نٿا ايمان آڻين؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهي ماڻهو جن (نبيءَ جي ڳالهه مڃڻ کان) انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ويچار نٿا ڪن ته اهي آسمانَ ۽ زمين سڀ پاڻ ۾ مليل هئا، پوءِ اسان کين ڌار ڪيو ۽ پاڻيءَ منجهان هر جيئريءَ شيءِ کي اپايوسون؟ ڇا پوءِ اڃان به (اسان جي خالق هجڻ تي) ايمان نه ٿا آڻين؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي نٿا ڏسن جن انڪار ڪيو آهي ته حقيقت ۾ آسمان ۽ زمين پاڻ ۾ مليل هئا پوءِ اسان انهن کي ڌار ڪيو، ۽ پئدا ڪيوسين پاڻيءَ مان هر شيءِ کي جيئرو، پوءِ ڇا (اسان جي هن خدائي کي) نٿا مڃين؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا ڪافرن (تجرباتي طور تي) غور نه ڪيو آهي ته بيشڪ آسمان ۽ زمين ٻئي پاڻ ۾ مليل ھئا، پوءِ اسان انهن ٻنهي کي جدا ڪيو ۽ ھر زنده شيءِ کي اسان پاڻي مان ٺاھيو آھي. ڇا پوءِ به ھو نٿا مڃين؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلنا فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِهِم وَجَعَلنا فيها فِجاجًا سُبُلًا لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 31) |
۽ زمين ۾ جبل پيدا ڪياسون ته متان کين ڌوڏي ۽ منجھس ويڪريون واٽون بڻايوسون ته مانَ اُھي واٽ لھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان زمين ۾ مضبوط کتل جبل بنايا ته انهن سان گڏ هڪ طرف جهڪي نه پوي. ۽ اسان انهن (جبلن) ۾ اهڙا لڪ ٺاهيا جي رستن جو ڪم ٿا ڏين، انهيءَ لاءِ ته ماڻهو پنهنجي منزل ڏانهن واٽ ڳولي لهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان زمين ۾ جبل پيدا ڪيا ته متان زمين انهن کي لوڏي ۽ اسان انهيءَ ۾ ڪشادا رستا پيدا ڪيا ته من اهي پنهنجي منزلن تي پهچن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ اسان ئي زمين ۾ ڳرا جبل پيدا ڪيا ته متان انهن ماڻهن کي زمين ڪنهن طرف نه جهڪائي ۽ ان ۾ ڪشادا رستا بناياسون ته جيئن اهي پنهنجي پنهنجي منزل مقصود تي (سولا) پهچن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پيدا ڪياسون زمين ۾ جبل متان ڌٻي انهن سان ۽ پيدا ڪياسون ان ۾ ڪشادا رستا تانته اهي هدايت وارا ٿين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان زمين ۾ جبل پيدا ڪيا ته متان انهن کي زمين لوڏي، ۽ ان ۾ ڪشادا رستا ڪياسون ته مَنَ اهي رستي تي اچن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان زمين ۾ مضبوط جبل بنايا تان جو اُها انهن (يعني ڌرتي وارن) کي لوڏي نه سگهي ۽ اسان ان ۾ ڪشادا رستا بنايا تان ته اُهي (منزل تي پهچڻ جو) رستو حاصل ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَڙياسون زمين ۾، ڏاڍا ڪي ڏُونگر، تان نه چُري تن سان، پڻ اِنهيء جي اَندر، لَڪ بَنايا سون لوڪ لئي، واٽون مَٿي وَر، ته سُونهنِ سَربسر، گھمِي، پَنهنجي گام ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان زمين ۾ جبل پيدا ڪيا، ته انهن جي ڪري ڌڏي نه سگهي ۽ منجهس ويڪريون واٽون بنايوسون، ته من اهي واٽ لهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان زمين ۾ جبل کوڙياسون ته اها انهن سوڌي لڏندي لمندي نه رهي ۽ ان ۾ ڪشادا رستا بڻاياسون ته مــَـن اهي پنهنجو دڳ لهي سگهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کوڙياسين هن زمين ۾ جبل، جيئن اها انهن کي کڻي لڙهڪي نه وڃي، ۽ ٺاهيون ان ۾ (ڪيئي) ويڪريون راهون، من ماڻهو پنهنجي هدايت جي راهه ڏسن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان زمين ۾ جبل کوڙيا ته جيئن زمين انهن کي لوڏا نه کارائي ۽ ان ۾ ويڪرا رستا بنايا ته جيئن ماڻهو سفر ۾ صحيح رستا اختيار ڪري سگهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلنَا السَّماءَ سَقفًا مَحفوظًا وَهُم عَن ءايٰتِها مُعرِضونَ (آيت : 32) |
۽ آسمان کي مُحڪم ڇت بڻائي سون، ۽ اُھي اُن جي نشانين کان مُنھن موڙيندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان آسمان ڇت وانگر ڪري ڇڏيو ۽ (هر طرح جي عيب ۽ خرابيءَ کان) محفوظ ۽ سلامت رکيو. پر هنن ماڻهن سندس نشانين کان منهن ڦيرائي ڇڏيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان آسمان کي محفوظ ڇت بنايو، ۽ اهي (ڪافر) رب جي نشانين کان مُنهن موڙيندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان آسمان کي ڇت بنايو جا هر طرح محفوظ آهي ۽ اهي ماڻهو سندس آسماني نشانين کان منهن موڙ ڪندڙ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بنايوسون آسمان کي ڇت حفاظت ڪيل ۽ اهي نشانين انهن جي کان منهن موڙيندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان آسمان کي حفاظت ڪيل ڇت ڪيو هوڏانهن اهي آسمان جي نشانين کان منهن موڙيندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان آسمان کي محفوظ ڇت بنايو آهي ۽ اُهي ان (ڪائنات) جي نشانين کان مُنهن موڙيندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُڀ بَنايو سون ڀُون مَٿان، ڀِت ري، ڏاڍِي ڇِت، ۽ اِنڪارِي اِت، اُهي اسان جي، اُهڃاڻن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آسمان کي محڪم ڇت بنائي سون_ ته به هو اسان جي نشانين کان منهن پيا موڙين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان آسمان کي هڪ محفوظ ڪيل ڇت بڻايوسون مگر اهي ته ڪائنات جي انهن نشانين ڏي ڪو ڌيان ئي نٿا ڏين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بڻايوسين آسمان کي هڪ ڇت محفوظ، پر اهي (ماڻهو) آهن جيڪي ڪائنات جي نشانين ڏي توجهه ئي نٿا ڏين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان آسمان کي محفوظ ڇت بنايو پوءِ به ھي ماڻهو اهڙين (واضح) نشانين کان منھن موڙين ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 33) |
۽ (الله) اُھو آھي جنھن رات ۽ ڏينھن ۽ سج ۽ چنڊ بڻايو، سڀڪو (تارو پنھنجي) آسمان ۾ ترندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهوئي (الله) آهي، جنهن رات ۽ ڏينهن (جو فرق) پيدا ڪيو، ۽ سج ۽ چنڊ بنايا. اهي سڀ (ستارا ۽ تارا) پنهنجي پنهنجي مدار (يعني گهيري) ۾ ترندا رهن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى اهو آهي جنهن رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ پيدا ڪيا، هر هڪ پنهنجي فلڪ (دائري) ۾ آرام سان هلن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو ئي اهڙو (قادر مطلق) آهي جنهن رات ۽ ڏينهن، سج ۽ چنڊ کي پيدا ڪيو جي سڀئي هڪ (هڪ) آسمانن ۾ ڦري (ڪري چڪر هڻي) رهيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو (الله) ئي آهي جنهن پيدا ڪيا رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ سڀ هڪ فلڪ ۾ ترن پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هو اُهو آهي جنهن رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ کي پيدا ڪيو. سڀئي پنهنجي پنهنجي دائري تي ڦرن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو ئي (الله) آهي جنهن رات ۽ ڏينهن کي پيدا ڪيو ۽ سِجُ ۽ چنڊُ (خلقيائين.) سڀ (ستارا ۽ سيارا) پنهنجي پنهنجي مدار ۾ تَرِي رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهو، سو جِنهن جوڙيا، ڏينهن راتيون، مِهر، ماھ، جِيئن دَنِگي مَنجھ دَرياھ، اُهي سَڀ ترن، تِئين اُڀ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو اهو آهي، جنهن رات ڏينهن سج ۽ چنڊ بڻايو، هر ڪو هڪ آسمان ۾ پيو تري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو الله ئي آهي، جنهن رات ۽ ڏينهن بڻايا ۽ سج ۽ چنڊ پيدا ڪيائين، سڀئي پيا ٿا هڪ مدار ۾ ترندا وتن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو الله ئي آهي جنهن بنايا رات ۽ ڏينهن ۽ پيدا ڪيو سج ۽ چنڊ کي، اهي سڀ هڪ هڪ فلڪ (آسمان) ۾ تري رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى جي ذات اُھا آھي جنھن رات، ڏينھن، سج ۽ چنڊ بنايا ۽ اھي سڀ شيون پنھنجي پنھنجي دائري ۾ گردش ڪري رهيون آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما جَعَلنا لِبَشَرٍ مِن قَبلِكَ الخُلدَ أَفَإِي۟ن مِتَّ فَهُمُ الخٰلِدونَ (آيت : 34) |
۽ توکان اڳ ڪنھن ماڻھوءَ کي سدائين رھڻ وارو نه ڪيوسون، جيڪڏھن تون مُئين ته اُھي سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) اسان توکان اڳي ڪنهن به ماڻهوءَ کي دائمي زندگي ڪانه ڏني، (نڪي تون ئي هميشه زنده رهندين) پوءِ جيڪڏهن توکي آخر هي جهان ڇڏڻو آهي ته هي ماڻهو وري هميشه زنده رهندا ڇا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کان اڳ ۾ ڪنهن انسان کي اسان (هن دنيا ۾) هميشه نه رهايو آهي، ڇا پوءِ توهان وصال ڪندا ۽ اهي (ڪافر) هميشه رهندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) اسان تو کان اڳ به ڪنهن ماڻهو کي هميشه رهڻ واري زندگي نه ڏني ته ڇا جيڪڏهن تون رحلت ڪندين ته اهي ماڻهو سدائين جيئرا هوندا ڇا!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ڪيو اسان واسطي ڪنهن انسان جي اڳي توکان هميشہ رهڻ ڇا پوءِ جيڪڏهن رحلت ڪندين تون ته پوءِ اهي هميشہ رهندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) اسان توکان اڳ ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ هميشه رهڻ (تجويز) نه ڪيو آهي. پوءِ جيڪڏهن تون مرندين ته اهي ڪو هميشه رهڻ وارا آهن ڇا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان تو کان پهريائين ڪنهن انسان کي (دنيا ۾) هميشگي نه ڏني آهي. ته ڇا جيڪڏهن تون (هِتان) انتقال ڪري وڃين ته اُهي هميشه رهڻ وارا آهن؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪنهن ماڻهؤَ کي، مهند تُهان، بقابخشِي سون ڪانه، پوءِ تون جي لَڏئـِين لوڪ مان، مُرسل مِهربان!، پوءِ ڪِ هميشه هوندا، اِهي جِيئرا مَنجھ جھان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکان اڳ ڪنهن به ماڻهوءَ کي سدا رهندڙ نه ڪيوسون، پوءِ ڀلا جيڪڏهن تون مري وئين، ته هو ڪي سدا رهندا ڇا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! لافاني زندگي ته اسان توکان اڳ به ڪنهن انسان لاءِ نه رکي هئي، تون مري وئين ته ڇا اهي ماڻهو هميشه جيئرا رهندا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ڪنهن به انسان کي توکان اڳي سدائين رهڻ وارو نه ڪيوسين، جي تون مري وئين ته ڇا اهي سدائين جيئرا رهندا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) اسان توکان اڳ به ڪنھن انسان کي ھميشه واري زندگي نه ڏني آھي. جيڪڏھن تون وفات ڪري وڃين ته ڇا ھي ماڻهو ھميشه زنده رھندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَنَبلوكُم بِالشَّرِّ وَالخَيرِ فِتنَةً وَإِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 35) |
سڀڪو جيءُ موت (جو مزو) چکڻ وارو آھي، ۽ اوھان کي مدائي ۽ چڱائي سان جاچڻ طرح پرکيندا آھيون، ۽ اسان ڏانھن موٽائبؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هر جان کي موت جو مزو چکڻو آهي، ۽ اسان توهان کي (زندگيءَ جي) چڱين ۽ برين حالتن جي آزمائش ۾ وجهون ٿا ته توهان جي لاءِ (يعني اوهان جي ڪوشش ۽ طلب بابت) آزمائشون ٿين. ۽ پوءِ (آخر) توهان سڀني کي اسان ڏي موٽڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هر هڪ نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، ۽ اسين توهان کي خير ۽ شر سان چڱيءَ طرح آزمايون ٿا، ۽ توهان (سڀئي) اسان ڏانهن موٽايا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هر نفس، (هڪ نه هڪ ڏينهن) موت جو مزو چکڻ وارو آهي. ۽ اسين اوهان کي چڱيءَ طرح مصيبت ۽ آرام وقت امتحان جي غرض سان آزمايون ٿا. ۽ (نيٺ ته) اسان ڏي ئي موٽايا ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هر نفس چکندڙ آهي موت ۽ آزمايون ٿا اوهان کي مدائيءَ ۽ چڱائيءَ سان جاچڻ جي لاءِ ۽ اسان ڏانهن موٽايا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڀڪو جيءُ، موت (جو مزو) چکڻ وارو آهي. ۽ اسين اوهان کي چڱيءَ طرح برائي ۽ ڀلائي سان آزمايون ٿا ۽ اسان ڏي ئي اوهان کي موٽايا ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هر جان کي موت جو مزو چکڻو آهي. ۽ اسان اوهان کي چڱي طرح برائي ۽ ڀلائي سان آزمايون ٿا ۽ توهان اسان ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَٺندڙ مَزو موت جو، جانِي! هر ڪا جان، سُک ۽ ڏُ ک سان وٺنداسون، اَهنجو امتحان، ۽ مِڙئي ڇڏي مَڪان، اُهي اسان ڏي موٽندا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر شخص موت چکندو ۽ اسين اوهان کي بڇڙائي ۽ چڱائي سان جاچيون پرکيون پيا ۽ اوهين اسان ڏي ئي موٽندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هر ساهواري کي موت جو مزو چکڻو آهي ۽ اسان خراب ۽ سٺين حالتن وسيلي پيا ٿا توهان کي آزمائيندا رهون. نيٺ توهان کي اسان ڏانهن ئي موٽڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هر جاندار کي مزو چکڻو آهي موت جو، ۽ توهان سڀني کي برين ۽ چڱين حالتن ۾ رکي پرکي رهيا آهيون، ۽ آخرڪار توهان کي اسان ڏي ئي موٽڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھر زنده شيءِ کي موت جو مزو چکڻو آھي ۽ اسان توھان کي ڏکن ۽ خوشين جي ذريعي آزمايون ٿا. توھان اڳي پوءِ اسان ڏي ئي موٽايا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا رَءاكَ الَّذينَ كَفَروا إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى يَذكُرُ ءالِهَتَكُم وَهُم بِذِكرِ الرَّحمٰنِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 36) |
۽ جڏھن ڪافر توکي ڏسندا آھن تڏھن توکي رڳو ٺـٺولي ڪري وٺندا آھن، (۽ چوندا آھن) ته ھيءُ اُھو آھي ڇا جيڪو اوھان جي معبودن (جي عيبن) جو ذڪر ڪندو آھي، ۽ اُھي الله ياد ڪرڻ کان انڪار ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن توکي اهي ماڻهو ڏسن ٿا تڏهن جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي آهي، تن کي ٻيو ته ڪجهه نٿو سجهي. تنهن ڪري توکي کل مسخريءَ جي ڳالهه کڻي ٿا بنائين. (۽ چون ٿا ته) ڇا هي اهو ماڻهو آهي جيڪو اسان جي معبودن جو ذڪر ڪندو آهي (يعني انهن متعلق چوندو آهي ته اهي ڪجهه به نه آهن) ۽ هنن جو حال هي آهي جو رحمان خدا جي ذڪر کان بلڪل منڪر آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي جڏهن اهي ڪافر ڏسن ٿا ته اهي توهان سان مذاق ڪن ٿا (چون ٿا) ڇا هي اهو شخص آهي جيڪو اسان جي بتن جا عيب ڪڍي ٿو، ۽ اهي رحمان جي ذڪر کان انڪار ڪندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي حبيب!) جڏهن تو کي ڪافر ڏسن ٿا ته اهي تو تي رڳي مسخري ڪن ٿا ته ڇا هي اهو ئي حضرت آهي جيڪو اوهان جي معبودن کي (ڌڪار سان) ياد ڪندو آهي. هوڏانهن اهي خود، خدا جي ياد کان انڪار ڪندڙ آهن. (ته انهن جي بيوقوفي تي کلڻ گهرجي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ڏٺو توکي انهن جن ڪفر ڪيو ته نٿا وٺن توکي مگر ٺٺول بنائي ڇا هي آهي اهو جيڪو (برائيءَ سان) بيان ڪري ٿو معبودن اوهان جن کي ۽ اهي ئي رحمان جي ذڪر جا انڪار ڪندڙ آهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) جڏهن توکي ڪافر ڏسن ٿا ته اهي تو بابت رڳي مسخري ڪن ٿا. (چون ٿا ته) ڇا هي اُهو آهي جو اوهان جي معبودن جو نالو (ڌڪار سان) وٺي ٿو ۽ اهي (ڪافر) رحمان (وڏي مهربان) الله جي نالي وٺڻ کان انڪار ڪندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن ڪافر تو کي ڏسن ٿا ته تو بابت صرف مسخري ئي ڪن ٿا. (چون ٿا ته:) ”ڇا هي اُهو شخص آهي جيڪو توهان جي معبودن جو (نفرت سان) ذڪري ڪري ٿو“. ۽ اُهي خود رحمان جي ذڪر کان انڪاري آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڪِريا مَنجھ ڪُفران، توکي جڏهن تن ڏِٺو، ته توکي بِنہ بنايون، کِل تَماشو خان! سو هِي، جو پَنهنجي پُوڄڻ تان، ڪري باب بيان؟ ۽ سارڻ کان سُبحان، اِهي مُنڪر آهن مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪافر جڏهن به توکي ڏسندا آهن، ته توتي ٺٺوليون پيا ڪندا آهن_ ته ”ڇا، هي آهي جو اوهان جي سائين جو ذڪر ٿو ڪري؟“ ۽ اهي ئي الله جي ذڪر کان انڪار ڪندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) اهي حق جا منڪر جڏهن توکي ڏسن ٿا ته وٺي ٿا توتي ٺٺوليون ڪن. چون ٿا: "ڇا هي آهي اُهو ماڻهو جيڪو توهان جي معبودن جي پچار ٿو ڪري؟" ۽ پاڻ وري رحمان جي ذڪر کان انڪاري آهن. (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن به توکي ڏسن ٿا هي حق جا منڪر، ته توتي ٺٺولي ڪندي چون ٿا ته ڇا هي آهي اهو شخص جيڪو برائيون ڪري ٿو توهان جي خدائن جون؟ ۽ انهن جو حال هي آهي جو اهي رحمٰن جي ذڪر جا انڪاري آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪافر جڏھن توکي ڏسندا آھن ته ٽوڪون ڪندا آھن ۽ چوندا آھن ته: ڇا ھي اھو ماڻهو آھي جيڪو توھان جي معبودن جي باري ۾ ڳالھائيندو وتي ٿو ؟ ۽ وري ھي خود اللھ تعالى جي ذڪر جا انڪاري آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خُلِقَ الإِنسٰنُ مِن عَجَلٍ سَأُو۟ريكُم ءايٰتى فَلا تَستَعجِلونِ (آيت : 37) |
ماڻھو اُٻھر مان بڻايو ويو آھي، سگھو پنھنجون نشانيون اوھان کي ڏيکاريندس پوءِ مون کان عذاب جلد نه گھرو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انسان جي فطرت ۾ ئي تڪڙ رکيل آهي، (هو نتيجن تي غور نٿا ڪن ۽ سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ نٿا ترسن) چڱو جلد ئي اوهان (ڪافرن) کي اسان پنهنجي (قدرت جون) نشانيون ڏيکارينداسين، پوءِ ايتري تڪڙ نه ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انسان کي تڪڙ مان پيدا ڪيو ويو، اسين جلدي توهان کي عذاب ڏيکارينداسين پوءِ توهان تڪڙ نه ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ماڻهو ته وڏو جلد باز پيدا ڪيل آهي آءُ جلد ئي اوهان کي پنهنجي (قدرت جون) نشانيون ڏيکاريندس ته اوهين مون کي جلدي ڪرڻ (جي ڌوم) نه مچايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پيدا ڪيو ويو انسان جلد بازيءَ مان جلد ڏيکاريندس مان اوهان کي نشانيون پنهنجيون پوءِ نه تڪڙو گهرو مون کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انسان تڪڙ مان بنايو ويو آهي آءُ اوهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاريندس پوءِ مون کي جلدي ڪرڻ جو نه چئو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انسان جلد باز پيدا ڪيو ويو آهي. آءٌ جلد اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاريندس سو اوهان مون سان جلدبازي نه ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٻهر مان اِنسان کي، پيداڪيو وِيو پاڻ، جلد پَسائينداسون پنهنجا، اوهان کي اُهڃاڻ، پوءِ اِنهي لاءِ اَڄاڻ! اَصل اُٻهرا ڪِيمِ ٿيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انسان اٻهرو بڻايل آهي- آءُ جلد ئي اوهانکي پنهنجيون نشانيون ڏيکاريندس- ان ڪر ي اٻهرائي نه ڪريو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انسان جلد باز مخلوق آهي، اجهو ٿو توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاريان، مون سان تڪڙ نه ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پيدا انساني مخلوق ڪئي وئي آهي اٻهري، هاڻي ئي توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاريان ٿو، مون سان تڪڙ نه ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انسان طبيعت جي لحاظ کان وڏو جلدباز آھي. توھان جلدي نه مچايو. مان توھان کي پنھنجيون نشانيون (وقت اچڻ تي) ڏيکاريندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
۽ چون ٿا ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اُھو انجام ڪڏھن ٿيندو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو چون ٿا ته جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته ڀلا ٻڌايو ته اهو (عذاب جو) واعدو ڪڏهن ظهور ۾ ايندو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي چون ٿا ته وعدو (عذاب جو) ڪڏهن ايندو، جيڪڏهن توهان (رسولِ عربي ۽ صحابه ڪرام) سچا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مزي جي ڳالھ ته) چون ٿا ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اهو (قيامت جو) وعدو ڪڏهن (پورو) ٿيندو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چون ٿا ته ڪڏهن آهي هي وعدو جيڪڏهن آهيو سچا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چون ٿا ته هي وعدو ڪڏهن ٿيندو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چون ٿا ته: ”هي (قيامت جو) وعدو ڪڏهن (پورو) ٿيندو جي اوهان سچا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، جي صفا سچا آهيو، ته ڪڏهن اِهو قرار؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چون ٿا ته ”جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اهو وعدو ڪڏهن ايندو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي چون ٿا ته "آخر اهو دڙڪو پورو ڪڏهن ٿيندو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي ماڻهو چون ٿا، آخر هي ڌمڪي ڪڏهن پوري ٿيندي جيڪڏهن توهان سچا آهيو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏھن تون سچو آھين ته پوءِ اھو ڪيل وعدو ڪڏھن ايندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَو يَعلَمُ الَّذينَ كَفَروا حينَ لا يَكُفّونَ عَن وُجوهِهِمُ النّارَ وَلا عَن ظُهورِهِم وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 39) |
جيڪڏھن ڪافر اُن وقت کي ڄاڻن ھا جنھن مھل نڪي پنھنجن منھن ۽ نڪي پنھنجين پٺين کان باھ کي جھلي سگھندا ۽ نڪي کين مدد ڏبي (ته ائين نه چون ھا).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن هي منڪر انهيءَ گهڙي جو حال معلوم ڪري سگهن جڏهن (عذاب جي) باهه (ڀڙڪندي ۽ ان) جا شعلا نڪي پنهنجي اڳ کان هٽائي سگهندا، نڪي پنهنجي پٺيءَ کان ۽ نڪي وري ڪٿان مدد ملندين (ته جيڪر ڪڏهن به اهڙيءَ تڪڙ ۽ شرارت سان عذاب جي اچڻ جي گهر نه ڪن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن اهي ڪافر اهو وقت ڄاڻن ها جڏهن اهي پنهنجي مُنهن ۽ پنهنجي پُٺن تان باه لاهي نه سگھندا ۽ نه ئي انهن جي مدد ڪئي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) افسوس! جيڪڏهن ڪافر ان وقت جي حالت کان آگاھ هجن !(ته دوزخ جي باھ ۾ بيٺا هوندا) ۽ نه پنهنجن چهرن کان باھ روڪي سگهندا ۽ نه پنهنجن پٺين کان ۽ نه ڪي انهن جي ڪا مدد ڪئي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن ڄاڻن ها ڪافر جڏهن نه جهلي سگهندا پنهنجن منهن کان باھ ۽ نه پٺين پنهنجين کان ۽ نه اهي مدد ڪيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن ڪافر اهو وقت ڄاڻن ها جنهن مهل پنهنجن مُنهن کان باهه روڪي نه سگهندا ۽ نه پنهنجن پٺن کان ۽ نه ڪي انهن کي (ڪٿان) مدد ملندي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هائو جي ڪافر اُهو وقت ڄاڻن ها جڏهن اُهي (جهنم جي) باهه کي نه پنهنجي چهرن کان روڪي سگهندا. ۽ نه پنهنجي پُــــٺِــيُــن کان ۽ نه ئي انهن جي مدد ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُوند ڄاڻِن حال سو، واري نه سَگھنِ، جنهن وار، پَنهنجي مُنهن، پُٺين تان، چِڻنگن، کي چوڌار، پڻ سَندنِ سار سَنڀار، لڙِي لَهندو ڪونه ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن ڪافر انهي کي ڄاڻن ٿا، جڏهن نڪي هو سندن منهن وٽان باهه کي جهلي سگهندا، نڪي سندن پٺين وٽان ۽ کين ڪا به مدد نه ملندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪر انهن ڪافرن کي اهو وقت سُجهي ها، جڏهن جو اهي نڪي پنهنجا منهن باهه کان بچائي سگهندا ۽ نه پنهنجون پٺيون ۽ نه کين ڪٿان ڪا مدد ئي ملندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن ڪو علم هجي ها انهن ڪافرن کي ان وقت جو جڏهن اهي پنهنجا منهن بچائي نه سگهندا باهه کان، ۽ نه پنهنجون پٺيون ۽ نه وري کين ڪا مدد ئي ڪٿان ملندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪاش! جيڪڏھن ڪافرن کي ان وقت جي خبر ھجي ھا جڏھن ھو پنھنجي چھرن ۽ پٺين کي (دوزخ جي) باهه کان هرگز نه بچائي سگهندا ۽ نه ئي کين ڪا مدد ملي سگهندي (ته جيڪر ھي ماڻهو اِھي لفظ هرگز نه چون ھا)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل تَأتيهِم بَغتَةً فَتَبهَتُهُم فَلا يَستَطيعونَ رَدَّها وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 40) |
بلڪ (اھا گھڙي) وٽن اوچتو ايندي پوءِ کين حيران ڪندي پوءِ نڪي اُھا ٽاري سگھندا ۽ نڪي کين مُھلت ڏبي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلڪ اها گهڙي انهن تي اوچتو اچي ڪڙڪندي ۽ هنن کي هراس ۾ حيران ڪري ڇڏيندي، پوءِ هو نڪي ان گهڙيءَ کي ٽاري سگهندا، نڪي کين ڪا مهلت ملندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪِ انهن وٽ (عذاب) اوچتو ايندو پوءِ (عذاب) انهن کي حيران ڪري ڇڏيندو، پوءِ نه ان جي موٽائڻ جي طاقت رکي سگھندا ۽ نه ئي کين مهلت ڏني ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (قيامت ڪا ٻڌائي ڪو نه ايندي) پر مٿن اوچتو ايندي، ۽ کين پريشان ڪري ڇڏيندي پوءِ ته ان کي ٽارڻ جي مجال ٿيندي ۽ نه کين مهلت ئي ڏني ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪه ايندي انهن وٽ اوچتو پوءِ حيران ڪندي انهن کي پوءِ نه سگهه رکندا موٽائڻ ان جي کي ۽ نه اهي مهلت ڏنا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ته ائين نه چون ها) پر اها (حالت) مٿن اوچتو ايندي، پوءِ کين حيران ڪري ڇڏيندي پوءِ نه ان کي ڦيري سگهندا ۽ نه کين مهلت ڏني ويندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه (قيامت) انهن کي اوچتو اچي پهچندي ته انهن کي بدحواس ڪري وجهندي پوءِ نه ان جي موٽائڻ جي طاقت رکندا نه انهن کي مهلت ڏني ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٽلو اِينديَنِ اوچتِي، پوءِ نِينديَنِ سُڌ سنڀار، پوءِ ٽارڻ سَندِي تِنهنجي، طاقت نه، تَن تڪرار، ۽ اُهي حِيلاڪن هزار، تبه مُهلت مِلنديَنِ ڪانه ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ اها گهڙي وٽن اوچتو ايند ي۽ کين حيران بنائيندي، پوءِ نڪي ان کي ٽاري سگهندا ۽ نڪا کين ڪا به مهلت ڏبي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها (مصيبت) ته اوچتو ايندن ۽ کين اهڙو ته بدحواس ڪري ڇڏيندي جو نڪي ان کي ٽاري سگهندا ۽ نه وري ڪو گهڙيءَ پلڪ جي ڪا مهلت ئي ملي سگهندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر اها آفت ته اوچتو ئي ايندي ۽ کين اهڙيءَ طرح گُهٽيندي جو هي نه ته ان کي ٽاري سگهندا۽ نه وري هڪ پل جي کين مهلت ملندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بلڪ اھا آفت ته مٿن اچانڪ ايندي ۽ کين وائڙو ڪري ڇڏيندي، ان کي روڪڻ جي کين ذرا به طاقت نه ھوندي ۽ نه ئي کين مھلت ڏني ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 41) |
۽ بيشڪ توکان اڳ پيغمبرن سان ٺـٺوليون ڪيون ويون پوءِ منجھائن جن ٺـٺوليون ڪيون تن تي اُھو عذاب اُلٽيو جنھن سان ٺـٺوليون ڪندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) هيءَ حقيقت آهي ته توکان اڳي به پيغمبرن تي کل مسخري ڪئي ويندي هئي، پر ان جو نتيجو هي نڪتو جو جنهن ڳالهه تي هو کل مسخري ڪندا هئا (يعني عذاب جي اچڻ تي) اهوئي (عذاب) انهن تي ڇائنجي کين وڪوڙي ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان کان اڳين پيغمبرن تي به مذاق ڪئي وئي، پوءِ (نيٺ) انهن تي اهو عذاب نازل ٿيو جنهن جي اهي مذاق ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي حبيب! رڳو توسان ته نه) تو کان اڳين پيغمبرن سان به مسخريون ڪيو ويون آهن ته انهن پيغمبرن سان مسخريون ڪرڻ وارن کي ان سخت عذاب اچي ورتو جنهن تي کلندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق چٿر ڪئي وئي ڪيترن ئي رسولن سان اڳي توکان پوءِ لٿو انهن تي جن چٿرون ڪيون انهن مان اهو (عذاب) جو ان سان چٿرون ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) بيشڪ توکان اڳ رسولن سان مسخريون ڪيون ويون پوءِ جنهن ڳالهه بابت مسخريون ڪندا هئا سا انهن تي اچي ڪڙڪي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ تو کان اڳ به رسولن سان ٺٺول ڪئي وئي هئي پوءِ انهن مان جيڪي به ٺٺول ڪندا هئا تن کي (عذاب) گهيريو جنهن بابت اُهي ٺٺولون ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توکان مَهنديَن مُرسلن تان ٿيو مسخريون مُور، جيڪي وِهسيا، مَنجھانِ وَهلور، تِنهن مَنجھو مَنجھ مُنجھائيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ توکان اڳ به رسولن تي مسخريون ٿيون هيون، پوءِ انهن مان جن مسخريون ڪيون، تن تي اهو عذاب پلٽجي پيو، جنهن بابت مسخريون ڪندا هئا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رسولن تي ٺٺوليون توکان اڳ به ٿينديون هيون پر پوءِ ٺٺوليون ڪندڙ انهيءَ ئي ڳالهه جي ٻيڪڙ ۾ اچي ويا، جنهن تي چٿرون ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ رسولن تي ٺٺوليون ڪيون ويون (اي رسول!) توکان اڳي به، پر اهي ٺٺوليون ڪرڻ وارا انهيءَ شيءِ جي ڦندي ۾ اچي ڦاٿا آهن جن تان ٺٺوليون ڪندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) توکان اڳ به رسولن سان مذاق ڪيو ويو ھو پوءِ جن به اھو مذاق ڪيو ۽ جنھن شيءِ جي به مذاق ڪئي وئي، سا مٿن اچي قهر بڻجي ڪڙڪي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل مَن يَكلَؤُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ مِنَ الرَّحمٰنِ بَل هُم عَن ذِكرِ رَبِّهِم مُعرِضونَ (آيت : 42) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته رات ۽ ڏينھن ۾ ٻاجھاري (الله جي عذاب) کان ڪير اوھان جي نگھباني ڪندو آھي، بلڪ اُھي، پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان منھن موڙيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) انهن (مڪي جي ڪافرن) کان پڇ ته ڏينهن جو وقت خواهه رات جو وقت، ڪير آهي جو رحمان خدا کان اوهان جي نگهباني ڪري ٿو سگهي، (جيڪڏهن هو اوهان کي عذاب ڏيڻ چاهي)، پر (هنن کان پڇڻ مان ڇا ورندو) هنن ته پنهنجي پروردگار جي يادگيريءَ کان منهن بلڪل ڦيرائي ڇڏيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرلايو ته رحمان کانسواءِ ٻيو ڪير آهي جيڪو توهان جي رات ۽ ڏينهن حفاظت ڪري ٿو، بلڪِ اهي پنهنجي رب جي ذڪر کان مُنهن موڙيندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي حبيب!) تون انهن کان پڇ ته خدا (جي عذاب) کان بچائڻ ۾ رات جو يا ڏينهن جو اوهان جو ڪير پهرو ڏئي سگهي ٿو. (ان باري ۾ ڊنا ته نه) الٽو اهي پنهنجي پالڻهار جي ياد کان منهن موڙن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته ڪير ٿو سنڀالي اوهان کي رات جو ۽ ڏينهن جو رحمان جي (عذاب) کان بلڪه اهي پنهنجي رب جي ذڪر کان منهن موڙيندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن انهن (رسولن) تي مسخريون ڪيون. (اي پيغمبر !) کين چو ته رات ۽ ڏينهن جو الله (جي عذاب) کان ڪير اوهان جي نگهباني ڪري ٿو. پر اهي پنهنجي پاليندڙ جي ياد ڪرڻ کان منهن موڙيندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چَـــؤُ ته رات ۽ ڏينهن جو رحمان (جي عذاب) کان اوهان جي نگهباني ڪير ڪري سگھي ٿو؟ بلڪه اُهي پنهنجي پالڻهار جي ياد کان مُنهن موڙيندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، آن کي بَچائي ڪير ٿو، ڏينهن، رات ڪنان ڏاتار؟، بلڪ سَندنِ سائـِينءَ جي، ڪنان پِرت پيار، جو سَدا لهي سار، هِي مُنهن موڙِيندڙ، اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ان ٻاجهاري الله کان سواءِ رات خواهه ڏينهن ۾ ڪير ٿو اوهان جي نگهباني ڪري؟ بلڪ اهي سندن پالڻهار جي ياد ڪرڻ کان به منهن موڙيندڙ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته "ڪير اٿوَ جيڪو رات توڙي ڏينهن جو (پهرو ڏئي) توهان کي رحمان کان بچائيندو؟" پر اصل ڳالهه اها آهي ته هي پنهنجي رب جي نصيحت کان منهن موڙيو ويٺا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) انهن کي چؤ، ڪير آهي جيڪو توهان کي بچائي سگهندو رات هجي يا ڏينهن جو رحمٰن کان؟ پر اهي ته پنهنجي رب جي نصيحت کان ئي منهن موڙي رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) انهن کي چؤ ته توھان کي رات ۽ ڏينھن جو اللھ تعالى جي پڪڙ کان ڪير ٿو بچائي سگهي؟ پوءِ به ھي ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي نصيحت کان منھن موڙين ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم لَهُم ءالِهَةٌ تَمنَعُهُم مِن دونِنا لا يَستَطيعونَ نَصرَ أَنفُسِهِم وَلا هُم مِنّا يُصحَبونَ (آيت : 43) |
اسان کانسواءِ (بچائڻ وارا) ڪي معبود آھن ڇا جو انھن کي بچائيندا؟ اُھي پاڻ کي به مدد ڏيئي نه سگھندا آھن ۽ نڪي اُھي (ھڪ ٻئي جي مدد سان) اسان (جي عذاب) کان بچندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (وري هيئن آهي ڇا ته) هنن جا ڪي معبود آهن جي کين اسان کان بچائي ٿا سگهن؟ (اهي بچائيندا ڪيئن؟ اهي پاڻ پنهنجي ئي مدد ڪري نٿا سگهن، نڪي اسان جي طرف کان کين حفاظت ملي سگهي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن جا (اسان کان سواءِ) ڪي معبود آهن جيڪي انهن کي اسان کان بچائي سگھن، اهي ته پنهنجي وجودن جي حفاظت نٿا ڪري سگھن ۽ نه ئي اهي اسان جي عذاب کان پاڻ کي بچائي سگھن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اسان کان سواءِ سندن ٻيا ڪي معبود آهن جي کين (اسان جي عذاب کان بچائيندا؟ (اهي ڇا بچائي سگهندا؟ اهي خود پنهنجي پاڻ ته مدد ڪري ئي نٿا سگهن ۽ نه (وري) اسان جي عذاب کان کين پناھ ڏني ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا انهن جي لاءِ معبود آهن جو بچائين ٿا انهن کي اسان کان سواءِ؟ نٿا ڪري سگهن مدد سرن پنهنجن جي ۽ نه اهي اسان جي مقابلي ۾ مدد ڪيا ويندا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته اسان کان سواءِ سندن ڪي معبود آهن جي کين بچائيندا؟ اهي نه ڪي پنهنجي مدد ڪري سگهن ٿا ۽ نه اسان کان ٻيوڪو کين بچائي سگهندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن جا اسان کان سواءِ ڪي ٻيا معبود آهن؟ جيڪي کين (اسان جي عذاب کان) بچائيندا. اُهي ته خود پنهنجي مدد جي سگهه نه ٿا رکن نه وري اسان جي طرفان کين ڪا رفاقت ميسر هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا آهن، ڪي اُنهن جا، اِهڙا پُوڄ، پِير؟ ته اَسان جي عذاب کان، ڦِرن اَڏ فقير، هُو مُرڳو مَدد پنهنجِي، ڪري نه سَگھن ڪبِير، ۽ ويجھو نه اَچينِ ڪو وِير، اَسان پڪڙِيندي، اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اسان کان سواءِ سندن ڪي ٻيا سائين آهن، جي کين بچائين ٿا؟ هو ته پنهنجي پاڻ جي به مدد نه ٿا ڪري سگهن، نڪي هو اسان کان بچي ٿا سگهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا ڀلا سندن ڪي اهڙا معبود آهن، جيڪي اسان جي مقابلي ۾ کين بچائين؟ هو ته نڪي پاڻ پنهنجي ڪا مدد ٿا ڪري سگهن ۽ نه وري اسان کان ٻيو ڪو کين بچائي سگهندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ڪي اهڙا خدا رکن ٿا جيڪي اسان جي مقابلي ۾ سندن حمايت ڪن؟ نه ته اهي پاڻ پنهنجي مدد ڪري سگهندا ۽ نه وري کين ڪا اسان جي پٺڀرائي حاصل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن جا ڪي معبود آھن جيڪي کين اسان کان بچائي وٺندا. ھي معبود ته پنھنجي مدد نٿا ڪري سگهن ۽ نه ئي هُو پاڻ کي اسان کان بچائي سگهن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل مَتَّعنا هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ طالَ عَلَيهِمُ العُمُرُ أَفَلا يَرَونَ أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها أَفَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
بلڪ کين ۽ پيءُ ڏاڏن کي آسودو ڪيوسون تان جو سندن ڄمار ڊگھي ٿي، پوءِ نه ٿا ڏسن ڇا ته (ڪافرن جي) مُلڪ کي اُن جي چوڌاريون (مسلمانن جي غلبي سان) گھٽائيندا آھيون؟ پوءِ اُھي غالب ٿيندا ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڳالهه هيئن آهي ته اسان هنن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي (زندگيءَ جي فائدن سان) مالامال ڪيو تان جو (آسودگيءَ جي نشي ۾) هنن جون وڏيون وڏيون عمريون گذري ويون (۽ هاڻي هنن جي رڳ رڳ ۾ غفلت ڄمي ويئي آهي) پر اهي ماڻهو (هاڻي) ڏسن نٿا ڇا ته اسان زمين کي چئني طرفن کان هنن لاءِ تنگ ڪندا ٿا اچون؟ پوءِ هو (هن مقابلي ۾) غالب پئجي رهيا آهن ڇا؟ (بلڪل نه!)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪِ اسان انهن جي ۽ انهن جي وڏن جي عمرين جو اندازو مقرر ڪيو، ايستائين جو انهن جون عمريون وڏيون ٿيون، ڇا اهي نٿا ڏسن ته بيشڪ اسين زمين کي ان جي ڪنارن کان کُٽايون پيا (مطلب ته رسولِ عربيءَ کي فتح ڏيون پيا) ڇا پوءِ اهي غالب آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر اسان انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو تان جو انهن تي ڊگهي عمر گذري وئي. ڇا پوءِ اهي نٿا ڏسن ته اسين سموري زمين کي چئجي طرفن کان قبصو ڪندا ۽ کيس فتح ڪندا اچون ٿا. ته ڇا اڃا به اهي (مڪي جا ڪفر) غالب ٿيندا؟ (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪه نفعو ڏنو اسان هنن کي ۽ ابن ڏاڏن انهن جي کي تانجو ڊگهي ٿي انهن تي حياتي ڇا پوءِ نٿا غور سان ڏسن ته بيشڪ اسين اچون ٿا زمين کي گهٽايون ٿا اسين ان کي پاسن ان جي کان ڇا پوءِ اهي ئي غالب آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ائين نه آهي) پر اسان انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو تان جو انهن تي ڊگهي عمر گذري ويئي. ڇا پوءِ اهي نه ٿا ڏسن ته اسين (ڪافرن جي) زمين کي سندس حدن کان گهٽائيندا اچون ٿا ڇا پوءِ اهي غالب ٿيندا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه اسان انهن کي ۽ انهن جي ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو تان جو انهن تي ڊگهو عرصو گذري ويو. (۽ اهي سرڪش ٿي ويا) ته ڇا اُهي نه ٿا ڏسن ته اسان (ڪافرن جي) زمين کي سندن حدن کان گهٽائيندا اچون ٿا! ڇا پوءِ به اُهي غالب ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٽلو اَسان اُنهن کي، نفعا ڏِنا نِروار، پڻ اُنهن جي اَبن ڏاڍن کي، پوءِ وَڏِي ٿَين ڄَمار، پوءِ اِهي اِنهيءَ ڳالھ جو، وَٺن نه وِيچار، ته اَسين اَچون زمين تي، حُڪم ڪريون هيڪار، پوءِ ٽوڙيون ٽُڪرا اُن جي، طرفن مان تڪرار، پوءِ ڇا اِهي آوار، ڪِ ڏاڍا آهن ڏيھ ۾؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ اسان انهن (ڪافرن) ۽ سندن وڏن کي آسودو ڪيو، جنهن ڪري عمر سندن اچي ڊگهي ٿي آهي، پر ڇا، هو اهو ڏسن ئي ڪو نه ٿا ته اسين زمين سندس چئني طرفن کان گهٽائيندا پيا اچون؟ پوءِ سندن غلبو رهندو ڇا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اصل ڳالهه اها آهي ته انهن ماڻهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي اسان زندگيءَ جو مال متاع ڏيندا وياسون، تانجو کين ڪي ڏينهن پئجي ويا. پوءِ ڀلا نٿا ڏسن ڇا ته اسان زمين کي سندس پاسن کان سوڙهو ڪندا پيا اچون؟ ته پوءِ ڇا اهي زور ٿي ويندا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اصل ڳالهه هيءَ آهي ته انهن ماڻهن ۽ سندن ابن ڏاڏن کي اسان زندگيءَ جو ساز وسامان ڏنو تان جو کين ڏينهن لڳي ويا، پر ڇا اهي ڏسن نٿا ته اسان زمين کي گهٽائيندا وڃون ٿا، مختلف طرفن کان؟ پوءِ ڇا اهي غالب اچي سگهندا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڳالھ اصل ۾ ھي آھي ته) اسان انهن کي ۽ انهن جي وڏڙن کي تمام گهڻو مالدار ڪندا رھياسين ۽ کين عمريون به ڊگهيون ڏنيون سين پوءِ به ھي نٿا ڏسن ته زمين (۾ رھندڙن جي حالات) کي اسان مختلف طرفن کان گهٽائيندا رھون ٿا (يعني انهن جي مٿان اميري ۽ غريبي آڻيندا رھون ٿا) پوءِ ڇا ھي ماڻهو غالب ٿيندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل إِنَّما أُنذِرُكُم بِالوَحىِ وَلا يَسمَعُ الصُّمُّ الدُّعاءَ إِذا ما يُنذَرونَ (آيت : 45) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کي وحي سان ئي ڊيڄاريندو آھيان، ۽ جڏھن (ماڻھو) ڊيڄاريا ويندا آھن تڏھن ٻوڙو (ڊيڄارڻ جو) سڏ نه ٻڌندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، مان فقط الله جي وحي موجب اوهان کي خبردار ڪري رهيو آهان، ۽ (اي پيغمبر! ياد رک ته) جيڪي ماڻهو ٻوڙا آهن تن کي ڪيترو به خبردار ڪيو وڃي ته به هو ڪڏهن به ٻڌڻ وارا ناهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو آئون توهان کي وحي رباني سان ڊيڄاريان ٿو، ۽ ٻوڙا (اهي ڪافر) ڪجھه نٿا ٻڌن، جڏهن انهن کي ڊيڄاريو وڃي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول کين) چئو! ته آءُ اوهان کي رڳو وحي جي موافق (عذاب کان) ڊيڄاران ٿو (پر اوهين ڄڻ ته ٻوڙا آهيو) ۽ ٻوڙن کي جڏهن ڊيڄاريو آهي ته اهي سڏ ئي نٿا ٻڌن (ته ڊڄندا ڇا!).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته صرف ڊيڄاريان ٿو مان اوهان کي وحي سان ۽ نٿو ٻڌي ٻوڙو سڏ کي جڏهن به ڊيڄاريا وڃن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! کين) چو ته آءُ اوهان کي رڳو وحي جي موافق ڊيڄاريان ٿو هوڏانهن ٻوڙا سڏ نه ٿا ٻُڌن جنهن وقت کين ڊيڄاريو وڃي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”آءٌ اوهان کي صرف وحي جي موافق ڊيڄاريان ٿو“. ۽ ٻوڙا سڏ نه ٿا ٻڌن جڏهن به کين ڊيڄاريو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، آئون اوهان کي وَحِيءَ سان، ٿو ڏيِان خوف کَرد، ۽ ڪُوڪُون، ڪَن ڳرو، نه ٻُڌي، جڏهن ٻاڪار جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ”آءُ ته رڳو اوهان کي وحي سان ڊيڄاريان ٿو-“ پر جڏهن ماڻهن کي ڊيڄاربو آهي تڏهن ٻوڙا سڏ نه ٻڌندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چوين: "مان ته وحيءَ جي بنياد تي توهان کي خبردار ٿو ڪريان"، پر ٻوڙا ته سڏ ٻڌندا ئي ناهن، جڏهن به کين خبردار ڪيو وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کي چئي ڇڏ جيڪڏهن آئون توهان کي وحي جي مطابق ڪا تنبيهه ڪري رهيو آهيان، پر ٻوڙا سڏ نه ٻڌندا آهن جڏهن کين خبردار ڪيو وڃي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) کين چؤ ته بيشڪ مان توھان کي وحي جي ذريعي ڊيڄاريان ٿو ۽ جڏھن به انهن کي خبردار ڪيو ويندو آھي ته هو ٻوڙن وانگر ٻڌندا ئي نه آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَئِن مَسَّتهُم نَفحَةٌ مِن عَذابِ رَبِّكَ لَيَقولُنَّ يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 46) |
۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جي عذاب مان ٿوروئي کين پھچي ته ضرور چون ته ھيء ارمان اسين ظالم ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن انهن تي تنهنجي پروردگار جي عذاب جو ذرڙو به پوي ته (مغز مان واءُ نڪري وڃينَ) بي اختيار چئي ڏين ته هاءِ افسوس! بيشڪ اسان ئي ظالم هئاسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن انهن وٽ توهان جي رب جي طرفان ڪو معمولي عذاب پهچي ته اهي ضرور چوندا هاءِ افسوس بيشڪ اسين ظالم هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) جيڪڏهن کين تنهنجي پروردگار جي عذاب جي ٿورڙي هوا به لڳي ته يڪدم چوڻ لڳا ته هاءِ افسوس بيشڪ اسين ظالم هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جيڪڏهن پهچندي انهن کي گرم هوا تنهنجي رب جي عذاب مان ته البته ضرور چوندا اي هلاڪت اسان جي لاءِ، بلاشڪ اسين هئاسون ظلم ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن انهن کي تنهنجي پاليندڙ جي عذاب مان ٿورڙو ئي پهچندو ته چوندا ته اسان لاءِ وڏي خرابي آهي بيشڪ اسين ظالم هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگارجي طرف کان کين هَلڪي ڦُلڪي تڪليف به ڇُهي ته ضرور چوندا: ”هاءِ اسان جي بربادي بيشڪ اسان ئي ظالم هئاسين“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تُنهنجي آگي جي عذاب مان، جڏهن لڳينِ لَغار، ته وو، وو! چونِ تِنهن وار ۾، زاريون زارو زار، ته هُئاسون هاڃيڪار، هَي هَي! اسان جي حال کي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن هنن کي تنهنجي ڌڻيءَ جي عذاب مان ٿورو ئي پهچي ته جيڪر ضرور چون ته ”هاءِ افسوس! اسين ظالم هئاسون“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن تنهنجي رب جي عذاب جي ٻاڦ به انهن کي پهچي ته هوند دانهن نڪري وڃين ته هاءِ اسان جو نڀاڳ، بيشڪ اسان ظالم هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن کين ڇهي وڃي ٿورڙو به عذاب تنهنجي رب جو، ته دانهون ڪن ته هاءِ اسان جي بدبختي، بيشڪ اسان خطاوار هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏھن انهن تي تنھنجي پالڻھار جي عذاب مان ھلڪو عذاب به ايندو ته هي ضرور چوندا ته ھاءِ اسان جي بربادي! بيشڪ اسان ئي ظالم ھئاسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَضَعُ المَوٰزينَ القِسطَ لِيَومِ القِيٰمَةِ فَلا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَإِن كانَ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ أَتَينا بِها وَكَفىٰ بِنا حٰسِبينَ (آيت : 47) |
۽ قيامت جي ڏينھن عدل جي ترازي رکندسون پوءِ ڪنھن جيءُ تي ڪجھ ظلم نه ڪبو، ۽ جيڪڏھن عمل اَھر جي داڻي جي تور ھوندو ته به اُن کي آڻينداسون، ۽ اسين حساب ڪندڙ بس آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان قيامت جي ڏينهن انصاف جي تارازي کڙي ڪنداسين، پوءِ ڪنهن به نفس سان ذرو به بي انصافي نه ٿيندي. جيڪڏهن سرنهه جي داڻي جيترو به ڪنهن جو عمل هوندو ته اسان اهو ذرو به وزن هيٺ آڻينداسين. جڏهن ته اسان (پاڻ) حساب وٺندڙ آهيون، تڏهن ڇو نه پورو پورو انصاف ٿيندو، پوءِ باقي ڇا رهيو؟ (يعني اسان جو حساب بلڪل ٺيڪ ٺيڪ هوندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ قيامت جي ڏينهن اسين انصاف واري ترازو رکنداسين، پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ تي ظلم نه ڪيو ويندو، ۽ جيڪڏهن آهر جي داڻي جيترو به عمل ڪيل هوندو ته اسين ان کي حاضر ڪنداسين ۽ اسين حساب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ قيامت جي ڏينهن ته اسين (بندن جا چڱا بڇڙا عمل تورڻ لاءِ) انصاف جون ترازيون رکنداسون ۽ پوءِ ڪنهن تي ڪجھ به ظلم نه ڪيو ويندو . ۽ جيڪڏهن اهر جي داڻي جيترو به (عمل) هوندو ته اسين ان کي به آڻي حاضر ڪنداسون. ۽ اسين ئي حساب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رکنداسون ساهميون عدل واريون قيامت جي ڏينهن لاءِ پوءِ نه ظلم ڪيو ويندو ڪو نفس ڪا شيءِ ۽ جيڪڏهن هوندو وزن داڻي سرنهن جو ته آڻينداسون ان کي ۽ ڪافي آهيون اسين حساب ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ قيامت جي ڏينهن اسين انصاف جون ترازيون رکنداسون، پوءِ ڪنهن به شخص تي ڪجهه به ظلم نه ڪيو ويندو. ۽ جيڪڏهن (عمل) اهر جي داڻي جيترو هوندو ته ان کي به آڻينداسون. ۽ اسين ئي حساب ڪندڙ ڪافي آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ قيامت جي ڏينهن اسان انصاف جي تارازي رکنداسين پوءِ ڪنهن به جان تي ڪنهن شيءِ جو به ظلم نه ڪيو ويندو. ۽ جيڪڏهن (ڪنهن جو عمل) اَهُـــرِجي داڻي برابر به هوندو ته ان کي به آڻينداسين. ۽ اسان حساب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَامُهيون ساهِمِيون عَدل جون، مَنڊبيون محشر وار، پوءِ ڪَس نه ڏِبو ڪِنهن ڪَس کي، ليکي مَنجھ لَغار، ۽ مَرتور اَهْر هُجي، آڻِينداسون اِظهار، ۽ اَسِين بَس اِظهار، ليکو وٺندڙ لوڪ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ قيامت ڏينهن انصاف جي ساهمي رکنداسون، پوءِ ڪنهن به شخص تي ڪو ظلم نه ڪبو_ ۽ جيڪڏهن (ڪو عمل) اهر جي داڻي آهر هوندو ته به ان کي آڻينداسون ۽ اسين حساب ڪرڻ لاءِ بس آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قيامت جي ڏينهن اسان بلڪل صحيح تورڻ واريون تارازيون رکنداسون، پوءِ ڪنهن تي به ڪو ذري برابر ظلم نه ٿيندو، جنهن سرنهن جي داڻي برابر (تمام ٿورڙو) به ڪا ڪمائي ڪئي هوندي ته اها به اسان آڻي موجود ڪنداسون ۽ حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ اسان ڪافي آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تورڻ واريون ساهميون رکنداسين ڏينهن قيامت جي، پوءِ ذري جيترو ظلم ڪنهن تي به نه ٿيندو، ۽ جنهن جو اَهُر جي داڻي جيترو به ڪنهن جو عمل هوندو سو آڏو آڻينداسين، ۽ ڪافي آهيون اسان حساب ڪرڻ واسطي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قيامت جي ڏينھن اسان انصاف واري تارازي رکنداسين ۽ ڪنھن تي ذري برابر به ظلم نه ڪيو ويندو ۽ اسان سرنھن جي داڻي برابر به ھر ماڻهوءَ جي عمل کي حاضر ڪنداسين ۽ اسان ئي حساب وٺڻ لاءِ ڪافي آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ وَهٰرونَ الفُرقانَ وَضِياءً وَذِكرًا لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
۽ بيشڪ مُوسىٰ ۽ ھارون کي نبيريندڙ ڪتاب ۽ انھن پرھيزگارن لاءِ سوجھرو ۽ نصيحت ڏني سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) هيءَ حقيقت آهي ته، اسان موسيٰ ۽ هارون کي فرقان (يعني حق کي باطل کان جدا ڪرڻ ۽ سمجهڻ جي قوت) ۽ (وحي جي) روشني ۽ متقي ماڻهن لاءِ نصيحت ڏني هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ ۽ هارون کي تورات عطا ڪيو ۽ ان ۾ پرهيزگارن لاءِ روشني ۽ نصيحت هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان موسى ۽ هارون کي (حق ۽ باطل ۾) فرق ڪرڻ وارو ڪتاب (توريت) ڏنو ۽ پرهيزگارن لاءِ سراسر نور ۽ نصيحت عطا ڪئي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڏنوسون موسٰي ۽ هارون کي نبيريندڙ ڪتاب ۽ روشني ۽ نصيحت پرهيزگارن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ ۽ هارون کي (حق ۽ باطل ۾ ) فرق ڪرڻ واري سمجهه (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان بيشڪ موسى ۽ هارون کي فُرقان (يعني حق ۽ ناحق ۾ فرق ڪندڙ ڪتاب) ڏنو ۽ روشني ۽ پرهيزگارن لاءِ نصيحت ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِنوسون مُوسٰى، هارون کي، فصل سان فُرقان، سوجھرو ۽ نيڪ صلاح، نيڪن لئي نِڌان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ ۽ هارون کي نبيرو ڪندڙ چيز، سوجهرو ۽ انهن نيڪن لاءِ نصيحت ڏني. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اڳي اسان موسيٰ ۽ هارون کي فرقان (ڪسوٽي) ۽ روشني ۽ ذڪر (نصيحت نامو) عطا ڪري چڪا آهيون، انهن متقي ماڻهن جي ڀلي لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اڳ ۾ اسان عطا ڪيو موسيٰ ۽ هارون کي فرقان ۽ روشني ۽ ذڪر انهن پرهيزگارن جي ڀلائي واسطي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ اسان موسى ۽ ھارون (ؐ) کي پرھيزگار ماڻهن لاءِ پرک ڪرڻ، روشني ۽ نصيحت تي ٻڌل ڪتاب ڏنو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ وَهُم مِنَ السّاعَةِ مُشفِقونَ (آيت : 49) |
جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپٺ ڊڄندا آھن ۽ اُھي قيامت کان (پڻ) ڊڄندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن ماڻهن لاءِ جيڪي پنهنجي پروردگار کان، کيس ڏسڻ کان سواءِ ئي ڊڄندا رهن ٿا ۽ اچڻ واري گهڙيءَ کي خيال ۾ آڻڻ تي ڏڪي ٿا وڃن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي رب کان اڻ ڏٺي خوف ڪن ٿا ۽ اهي قيامت کان سخت ڊڄندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي پنهنجي پالڻهار کان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا. اهي قيامت (جي عذاب کان به) ڊڄندڙ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي ڊڄن ٿا رب پنهنجي کان پرپٺ ۽ اهي قيامت کان ڊڄندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ روشني ۽ ڪتاب ڏنو (اهڙن) پرهيزگارن لاءِ، جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا ۽ اهي قيامت کان ڊڄندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اهي پرهيزگار) جيڪي پنهنجي پالڻهارکان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا ۽ اُهي قيامت (جي حساب) کان ڊڄندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَرپُٺ پَنهنجي ربَّ کان، خوف رکن، جي خان، ۽ اُهي جِھڄندڙ اَندرجان، مَحشر وارِيءَ، مَهل کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي پنهنجي پالڻهار کان پرپٺ ڊڄن ٿا، هو قيامت کان پڻ ڊڄندڙ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي پنهنجي رب کان بنا کيس ڏسڻ جي ئي پيا ڊڄندا آهن ۽ جيڪي (حساب ڪتاب) واري انهيءَ گهڙيءَ کان پيا ڏڪندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ڊڄن ٿا پنهنجي اڻ ڏٺي رب کان ۽ جن کي لڳل هجي حساب جي ان گهڙيءَ جو کٽڪو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پرھيزگار ماڻهو ئي) پنھنجي پالڻھار کان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا ۽ هو ھر وقت قيامت جي گهڙي جو خوف به رکن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهٰذا ذِكرٌ مُبارَكٌ أَنزَلنٰهُ أَفَأَنتُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 50) |
۽ ھي (قرآن) ھڪ برڪت واري نصيحت آھي جنھن کي نازل ڪيوسون، پوءِ به اوھين ان جا منڪر ٿيندا آھيو ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي (قرآن) به نصيحت آهي ۽ برڪت واري نصيحت آهي. اسان ئي ان کي نازل ڪيو آهي. پوءِ ڇا توهان کي ان کان انڪار آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ هي قرآن ڪريم وڏي برڪت وارو آهي جيڪو اسان رسولِ عربي تي نازل فرمايو آهي، ڇا پوءِ توهان ان جا انڪاري آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (هي قرآن به) هڪ بابرڪت ذڪر آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي. ته ڇا اوهين ان کي نٿا مڃيو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هي (قرآن) نصيحت برڪت وارو آهي لاٿوسون ان کي ڇا پوءِ اوهان ان جا انڪاري آهيو.؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هيءَ (قرآن) برڪت وارو ڪتاب آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي. ڇا پوءِ اوهين ان جا انڪار ڪندڙ آهيو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي (قرآن) برڪت وارو ذڪر آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي. ڇا پوءِ اوهان ان جا انڪاري آهيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِي مُبارڪ مَذڪُور، اَسان اُتاريو اُن کي. پوءِ ڇامُنڪر مُور، اوهِين آهيو اُن ڪنان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هي ته هڪ برڪت واري نصيحت آهي جا لاٿي اٿئون_ ڇا، پوءِ به اوهين ان جا منڪر آهيو؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هاڻي هيءُ برڪت ڀريو ذڪر (قرآن) اسان (توهان لاءِ ) نازل ڪيو آهي. ڇا پوءِ توهان ان کي قبول ڪرڻ کان انڪاري آهيو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هاڻي هي برڪت ڀريو ذڪر اسان توهان لاءِ نازل ڪيو آهي، پوءِ ڇا توهان ان جي قبولڻ جا انڪاري آهيو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي قرآن ته ھڪ برڪت ڀرئي نصيحت آھي جنھن کي اسان ئي نازل ڪيو آھي ته پوءِ به توھان ان کي مڃڻ کان انڪار ڪندا؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد ءاتَينا إِبرٰهيمَ رُشدَهُ مِن قَبلُ وَكُنّا بِهِ عٰلِمينَ (آيت : 51) |
۽ بيشڪ ابراھيم کي اڳي سندس ھدايت ڏني سون ۽ کيس ڄاڻندڙ ھواسين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ان کان اڳي اسان ابراهيم کي سندس درجي مطابق سمجهه ۽ عقل عطا ڪيو هو، اسان کي سندس حالت جي پوري پوري خبر هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان (حضرت) ابراهيم کي (جوان ٿيڻ کان) اڳ ۾ هدايت عطا ڪئي ۽ اسان کي ان جي صلاحيت جو علم هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته اسان ابراهيم کي شروع کان ئي فهم سليم عطا ڪيو هو ۽ اسان سندس (حال) کان چڱيءَ طرح واقف هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڏني اسان (حضرت) ابراهيم کي هدايت اڳ ۾ ۽ هئاسون ان کي ڄاڻندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان ابراهيم کي هن کان اڳ سندس هدايت ڏني ۽ اسين ان کي ڄاڻندڙ هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان هن کان اڳ ابراهيم کي سندس (شان موافق) هوشمندي ڏني ۽ اسان سندس حال کان آگاهه هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِنِي سون اِبراهِيم کي، سَندسِ سُونهپ صاف، ۽ انهِئَ جا واصاف، معلوم هُئاسون مُنڍ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان هن کان اڳ ابراهيم کي به سندس هدايت ڏني ۽ اسين کيس ڄاڻندڙ هئاسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان کان به اڳ اسان ابراهيم کي سندس سچي سمجهه عطا ڪئي هئي ۽ اسان ته کيس چڱيءَ طرح پئي سڃاتو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان بخشي هئي ابراهيم کي هوشمندي ان کان اڳي ۽ اسان چڱيءَ طرح ان کي ڄاڻندڙ هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ھن کان پھريائين اسان ابراھيم ($) کي ھدايت ڏني ۽ کيس چڱي طرح سڃاڻون پيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما هٰذِهِ التَّماثيلُ الَّتى أَنتُم لَها عٰكِفونَ (آيت : 52) |
جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته ھي ڪھڙيون مورتون آھن جن تي اوھين ويھي عبادت ٿا ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هيءَ حقيقت آهي ته هن پنهنجي پيءُ کي ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چيو هو ته، هي ڪهڙا بت آهن جن جي پوڄا ۾ توهان ڄمي ويٺا آهيو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن ابراهيم پنهنجي چاچي ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته هي ڪهڙا بت آهن جن جي توهان هميشه عبادت ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن ان پنهنجي (رسمي) پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته هي مورتيون ڪهڙيون (بلائون) آهن جن جي اڳيان اوهين مجاور ٿيا ويٺا آهيو؟.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (ياد فرماءِ) جڏهن فرمايائين پنهنجي پيءُ کي ۽ پنهنجي قوم کي ته ڇا آهن هي مورتون جو اوهان انهن جي (عبادت تي) پابند آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن اُن پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجيءَ قوم کي چيو ته هي مورتيون ڪهڙيون آهن جن جي اڳيان اوهين مجاور ٿيا ويٺا آهيو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن ان پنهنجي پيءُ ۽ سندس قوم کي چيو ته: ”هي ڪهڙيون مُورتيون آهن جن جي (پوڄا مٿان مجاور بنجي) ڄميا ويٺا آهيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَندسِ پِيءَ ۽ پَنٿ کي، جڏهن چيائـِين اِهڙِي چال، ته آهن آساميون ڪهڙيون؟ هي مورتون مثال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن هن سندس پيءُ ۽ قوم کي چيو ته، ”هي مورتون ڇا آهن، جن تي اوهين ٿا ويهي بندگي ڪريو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪر جڏهن هن پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو هو ته "هي ڪهڙيون مورتيون آهن، جن سان توهان دل لڳايو ويٺا آهيو؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ياد ڪر اهو واقعو جڏهن هن پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته، هي مورتيون ڪهڙيون آهن جن جا توهان ماڻهو معتقد ٿي رهيا آهيو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن ھن پنھنجي پيءُ ۽ قوم کي چيو ته ھي ڪھڙي قسم جا مجسما آھن جن جي اڳيان توھان عزت سان نوڙي ويھو ٿا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا وَجَدنا ءاباءَنا لَها عٰبِدينَ (آيت : 53) |
چيائين ته پنھنجا ابا ڏاڏا اُنھن جا پوڄيندڙ ڏٺاسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن جواب ۾ چيو ته، اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ڏٺو ته انهن جي پوڄا ڪندا رهيا (۽ ڪندا رهن ٿا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو اسان پنهنجي پيءُ ڏاڏن کي انهن جي عبادت ڪندي ڏٺو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هنن چيو (اسان کي ٻي ته خبر نه آهي پر) پنهنجن پوڙهن کي اسان هنن جي ئي عبادت ڪندو ڏٺو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته لڌوسون ابن ڏاڏن پنهنجن کي انهن جي لاءِ عبادت ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي انهن جي عبادت ڪندي ڏٺو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي انهن جي پوڄا ڪندي ڏٺو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پاتاسون پِيءَ پنهنجا، سَندنِ، پُوڄاري پئمال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ته ”اسان ته پنهنجن وڏن کي سندن بندگي ڪندي ڏٺو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جواب ڏنو: "اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي انهن جي عبادت ڪندي ڏٺو آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جواب ڏنو، اسان ڏٺو پنهنجن ابن ڏاڏن کي انهن جي عبادت ڪندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن (جواب ۾) چيو ته اسان پنھنجي ابن ڏاڏن کي انهن جي پوڄا ڪندي ڏٺو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لَقَد كُنتُم أَنتُم وَءاباؤُكُم فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 54) |
(ابراھيم) چيو ته بيشڪ اوھين پاڻ ۽ اوھان جا ابا ڏاڏا پڌريءَ گمراھيءَ ۾ آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت ابراهيم فرمايو ته، توهان پاڻ به ۽ توهان جا ابا ڏاڏا به چٽي چٽي گمراهيءَ ۾ پئجي ويا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) ابراهيم چيو بيشڪ توهان ۽ توهان جا پيءُ ڏاڏا صاف گمراهي ۾ آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ابراهيم) چين (ته) پڪ اوهين ۽ اوهان جا ابا ڏاڏا ظاهر گمراهي ۾ آهيو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته البته تحقيق آهيو اوهان ۽ ابا ڏاڏا اوهان جا کليل گمراهي ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ابراهيم چيو ته بيشڪ اوهين ۽ اوهان جا ابا ڏاڏا ظاهر گمراهيءَ ۾ آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ابراهيم) چيو: ”بيشڪ اوهان ۽ اوهان جا ابا ڏاڏا کُلي گمراهي ۾ آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي ڀُل پَڌرِي ۾ بحال، اوهين، ۽ اَبا اوهان جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”بيشڪ اوهين خواهه اوهان جا وڏا صفا گمراهيءَ ۾ آهيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چين: "توهان به گمراهه آهيو ۽ توهان جا ابا ڏاڏا به پڌريءَ گمراهيءَ ۾ پيل هئا". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن چيو، توهان ته گمراهه آهيو ۽ توهان جا ابا ڏاڏا به پڌري گمراهيءَ ۾ پيل هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ابراھيم ($) چيو، پوءِ ته توھان جا ابا ڏاڏا وڏي گمراھيءَ ۾ پيل ھئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا أَجِئتَنا بِالحَقِّ أَم أَنتَ مِنَ اللّٰعِبينَ (آيت : 55) |
چيائون اسان وٽ سچ آندو اٿئي يا تون راند ڪندڙن مان آھين؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن تي هنن چيو ته، ڇا تون سچ پچ (اهڙي ڳالهه) چئي رهيو آهين يا مسخري ڪري رهيو آهين؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو ڇا تو اسان وٽ حق آندو آهي يا تون مذاق ڪندڙن مان آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيس ڇا تو اسان وٽ حق ڳالھ آندي آهي يا تون (ائين ئي) چريو ڪرين ٿو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته ڇا آندو آهي تو اسان وٽ حق يا تون مذاق ڪندڙن مان آهين؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته ڇا تو اسان وٽ حق آندو آهي يا تون راند ڪندڙن مان آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”ڇا تو اسان وٽ حق آندو آهي؟ يا تون راند (تماشي) گرن مان آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَسان وٽ آئـِين تُون،کَڻِي سَچ سُڌير!، يا آهِين تون اَمِير!، خالِي کيڏارين مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اسان کي سچ ٿو چوين، يا چرچا ٿو ڪرين؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هنن چيو: "تون سچ ٿو چوين يا ڀوڳ ٿو ڪرين؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن چيو، ڇا تون اسان جي آڏو پنهنجا اصلي خيال پيش پيو ڪرين يا چرچا ٿو ڪرين؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن چيو ته تون اسان کي واقعي سچ ٿو چئين يا ڀوڳن ۾ ٿو چئين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ بَل رَبُّكُم رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الَّذى فَطَرَهُنَّ وَأَنا۠ عَلىٰ ذٰلِكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 56) |
(ابراھيم) چيو ته بلڪ اوھان جو پالڻھار اُھوئي آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار آھي جنھن اُھي بڻايا آھن، ۽ آءٌ اُن (ڳالھ) تي شاھدي ڏيندڙن مان آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت ابراهيم فرمايو ته، نه (مان مسخري ڪونه ٿو ڪيان، سچ ٿو چوان ته) آسمان ۽ زمين جو پروردگار جنهن انهن سڀني کي پيدا ڪيو سوئي اوهان جو پروردگار آهي. مان انهيءَ حقيقت متعلق اوهان جي اڳيان شاهد آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابراهيم چيو بلڪِ توهان جو رب، آسمانن ۽ زمينن جو رب آهي جنهن انهن کي پيدا ڪيو آهي، ۽ آئون ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ابراهيم) چين (ته چريو نه پر سچي ڳالھ ٿو چوان ته اوهان جا معبود بت نه آهن) پر اوهان جو پالنيدڙ، آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي جنهن انهن کي بڻايو آءُ خود ان ڳالھ جو اوهان جي اڳيان شاهد آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته بلڪه رب اوهان جو رب آسمانن ۽ زمينن جو آهي جنهن پيدا فرمايو انهن کي ۽ مان ان تي شاهدن مان آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ابراهيم چيو ته (نه) پر اوهان جو پاليندڙ، آسمانن ۽ زمين جو پاليندڙ آهي جنهن انهن کي بنايو ۽ آءُ اها ڳالهه يقين سان چئي رهيو آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ابراهيم) چيو: ”بيشڪ اوهان جو مالڪ آسمانن ۽ زمين جو مالڪ آهي جنهن انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ آءٌ اوهان اڳيان ان ڳالهه تي شاهدي ڏيندڙن مان آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائـِين اِهڙي چال، ته آگو آهي اوهان جو، جو آگو اَڀن ۽ ڀُون جو، جوڙيَن جَلَّ جلال! ۽ آئون مٿي اِن ڳالھ، سَچن ساکِين مان آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”بلڪ اوهان جو ڌڻي اهو آسمانن ۽ زمين جو ڌڻي آهي، جنهن کين بڻايو آهي ۽ آءُ اوهان کي انهي جو اقرار ڪري، ٿو چوان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن جواب ڏنن: "نه، بلڪه حقيقت ۾ توهان جو رب ته اهوئي آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو رب آهي، جنهن کين پيدا ڪيو آهي. مان ان ڳالهه جي توهان جي سامهون شاهدي ڏيان ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن جواب ڏنو، نه، پر واقعي توهان جو رب اهو ئي آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو رب ۽ انهن جو پيدا ڪرڻ وارو آهي، ۽ آئون ان (ڳالهه) تي توهان جي سامهون شاهدي ڏيان ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ابراھيم ($) چيو ته: توھان جو اصل ۾ پالڻھار ته اھوئي آھي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار ۽ انهن جو پيدا ڪندڙ آھي ۽ مان خود ان ڳالھ جي توھان جي سامهون شاھدي ڏيان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَاللَّهِ لَأَكيدَنَّ أَصنٰمَكُم بَعدَ أَن تُوَلّوا مُدبِرينَ (آيت : 57) |
۽ الله جو قسم آھي ته اوھان جي پٺيري ٿي ڦرڻ کانپوءِ اوھان جي بتن جو ضرور ڪو حيلو ڪندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (حضرت ابراهيم وڌيڪ فرمايو ته) خدا جو قسم مان ضرور توهان جي بتن سان هڪڙي تجويز ڪندس، جڏهن توهان سڀئي پٺي ڏيئي هليا ويندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مون کي الله جو قسم آهي ته آئون توهان جي بتن لاءِ توهان جي وڃڻ کان پوءِ ضرور منصوبه بندي ڪندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (دل ۾ چيائين) خدا جو قسم ته آءُ اوهان جي پٺ ڦرڻ کان پوءِ ضرور اوهان جي بتن جي چڱي ڳت بڻائيندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قسم آهي الله جو ته البته ضرور رٿ رٿيندس اوهان جي بتن لاءِ ان کان پوءِ جو ڦرو پُٺي ڏيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله جو قسم آهي ته آءٌ اوهان جي پٺ ڦيرڻ کان پوءِ ضرور اوهان جي بتن جي چٽي گت بنائيندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جو قسم آءٌ ضرور اوهان جي بُـــتَـــن خلاف رِٿ رٿيندس، جڏهن توهان پُٺي ڦيري ويندؤ ان کان پوءِ“ . (يعني اوهان جي غير موجودگي ۾)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قسم آهي الله جو، ته اَهنجي بُتن لئي ڀورا! صَحِي سِٽِيندسِ سِٽ ڪا، ناقِص ندورا! جِنهن پُڄاڻا پُٺ ڏِنيان، ڇِڊا ٿِيا ڇورا!، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ خدا جو قسم! آءُ اوهان جي پٺ ڦيرڻ بعد اوهان جي بتن لاءِ ضرور ڪا رٿ رٿيندس.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله جو قسم! مان توهان جي پٺي ڏيڻ کان بعد توهان جي بتن جو علاج ڪندس". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ خدا جو قسم، آئون توهان جي بتن جي توهان جي غير موجودگيءَ ۾ ضرور خبر وٺندس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعاليٰ جو قسم! مان توھان جي غيرموجودگي ۾ ضرور انهن (بتن) جي خلاف ڪارروائي ڪندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَجَعَلَهُم جُذٰذًا إِلّا كَبيرًا لَهُم لَعَلَّهُم إِلَيهِ يَرجِعونَ (آيت : 58) |
پوءِ اُنھن کي سندن وڏي کانسواءِ ٽُڪر ٽُڪر ڪيائين ته مانَ اھي ڏانھس موٽن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو هن (ائين ئي ڪيو ۽) بتن کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. فقط هڪڙي بت کي جو انهن ۾ سڀني کان وڏو سمجهيو ويندو هو، ڇڏي ڏنائين انهيءَ لاءِ ته شايد هو ماڻهو انهيءَ جي طرف رجوع ٿين (۽ ان کان پڇن ته، هنن بتن جو اهو حال ڪنهن ڪيو آهي؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ابراهيم وڏي بت کانسواءِ ٻين بتن کي ڀڃي ڀورا ڪيو ته من اهي وڏي بت ڏانهن موٽن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نيٺ (ابراهيم) انهن بتن کي (ٽوڙي) چڪناچور ڪري ڇڏيو پر سندن وڏي بت کي (هن لاءِ ڇڏي ڏنائين) ته جيئن اهي ڪافر (جشن کان موٽي اچي) ان ڏي اچن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪيائين انهن کي ٽڪرا ٽڪرا مگر وڏو (بت) انهن جو تانته اهي ان ڏانهن موٽن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن کي سندن وڏي (بت) کانسواءِ ٽڪر ٽڪر ڪيائين ته مَنَ اهي ان ڏي موٽن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (ابراهيم) انهن (بتن) کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو سواءِ وڏي (ٺاڪر) جي تان جو اُهي ان ڏانهن رجوع ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُنهن مان، وڏي بُت بِنان، ڀَڃِي ڪَئـِين ڀورا، تان ليٽن مَن لورا، ڏانهسِ، ته ڏوھ هِن ڪيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهن مان وڏي کان سواءِ ٻين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائين ته ڀل هو ڏانهس اچن- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته پوءِ هن کين ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو، باقي سندن وڏي کي سو ڇڏي ڏنائين ته جيئن شايد ان ڏانهن رخ ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هن انهن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ انهن مان وڏي (بت) کي ڇڏي ڏنائين جيئن شايد اهي ان ڏي رجوع ٿين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ موقعو ملڻ تي هڪ وڏي بُت کي ڇڏي هن باقي ٻين سڀني بتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو ته جيئن ماڻهو اچي وڏي بت سان رابطو ڪن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا مَن فَعَلَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا إِنَّهُ لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 59) |
چيائون ته اسان جي بُتن سان ڪنھن ھھڙو حال ڪيو؟ بيشڪ اُھو ظالمن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جڏهن اهي ماڻهو مندر ڏي موٽي آيا، تڏهن ڀڳل بت ڏسي) چيائون ته، اسان جي خدائن سان هيءَ حرڪت ڪنهن ڪئي آهي؟ جنهن به ڪئي آهي سو ضرور وڏو ظالم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو هيءُ ڪم اسان جي معبودن سان ڪنهن ڪيو آهي، بيشڪ اهو ظالمن مان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جڏهن ڪافرن ٻڌو ته) چوڻ لڳا، جنهن به اهڙي بي ادبي اسان جي معبود سان ڪئي آهي بيشڪ ان وڏو ظلم ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته ڪنهن ڪيو هي (ڪم) اسان جي معبودن سان بلاشڪ اهو البته ظالمن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته اسان جي معبودن سان هيءَ ڪم ڪنهن ڪيو آهي؟ بيشڪ اهو ظالمن مان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اسان جي معبودن جو هي حال ڪنهن ڪيو آهي؟ بيشڪ اُهو ضرور ظالمن مان آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سانيَنِ ساڻ اسان جي، جِنهن ڪيو هِي ڪَلُور، اُهو آزارِيندڙن مان، ظالِم آهي ضَرور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اسان جي سائين سان هي حال ڪنهن ڪيو؟ اهو ته ڪو ظالم آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (واپس اچي بتن جو اهو حال ڏسي) چوڻ لڳا: "اسان جي معبودن جو ههڙو حال ڪنهن ڪيو آهي، اهو ته ڪو ڏاڍو ظالم آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (بتن جو اهو حال ڏسي) هو چوڻ لڳا، هي حال ڪنهن ڪيو اسان جي خدائن جو؟ اهو ڪو وڏو ظالم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مشرڪن چيو ته اسان جي معبودن جو ھي حشر ڪنھن ڪيو آھي؟ بيشڪ اهو ته ڪو وڏو ظالم ماڻهو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا سَمِعنا فَتًى يَذكُرُهُم يُقالُ لَهُ إِبرٰهيمُ (آيت : 60) |
چيائون ته ھڪ جوان کان ٻڌوسون ته سندين گلا ٿي ڪيائين اُن کي ابراھيم سڏيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪن ماڻهن چيو ته، اسان هڪ نوجوان کي هنن بتن جي باري ۾ ڪجهه چوندي ٻڌو هو، کيس ابراهيم پئي سڏيائون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪن چيو اسان ٻڌو هو ته هڪ نوجوان انهن کي گھٽ وڌ ڳالهائيندو هو، ان کي ابراهيم چيو وڃي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ڪي ماڻهو) چوڻ لڳا، اسين هڪ جوان جنهن کي ماڻهو ابراهيم چون ٿا، هنن بتن بابت (بڇڙا لفظ) چوندي ٻڌا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته ٻڌو اسان هڪ نوجوان جيڪو انهن جو (نفرت سان) ذڪر ڪري ٿو چيو ٿو وڃي ان کي ابراهيم (عليہ السلام) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائون ته اسان هڪ جوان کان انهن جي ڳالهه ڪندي ٻڌو جنهن کي ابراهيم چيو وڃي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اسان هڪ نوجوان کي انهن جي ڳالهه ڪندي ٻڌو آهي جنهن کي ابراهيم چيو وڃي ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اِبراهيم نالي سان، ڪو مَرد ٻوڌوسون مُور، جو آهي ڪَڍندو، اِنهن مَنجھان، ڪچا ۽ قُصور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ٻين چيو ”اسان هڪ جوان کي سندن پچار ڪندي ٻڌو هو، جنهن کي ابراهيم ٿا چون!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهن مان ڪن) چيو: "اسان هڪڙي نوجوان کي انهن بابت ڳالهائيندي ٻڌو هو، جنهن جو نالو ابراهيم آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ڪن ماڻهن) چيو، ٻڌو هيو اسان هڪ نوجوان کي انهن جي باري ۾ ڳالهائيندي، ان جو نالو ابراهيم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن (مان ڪن) ماڻهن چيو ته اسان ابراھيم نالي ھڪ نوجوان کي انهن بتن جي باري ۾ ڳالھائيندي ٻڌو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا فَأتوا بِهِ عَلىٰ أَعيُنِ النّاسِ لَعَلَّهُم يَشهَدونَ (آيت : 61) |
چيائون ته کيس ماڻھن جي اکين اڳيان آڻيو ته مانَ اُھي گواھي ڏين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تنهن تي) ماڻهن چيو ته انهيءَ کي هتي سڀني ماڻهن جي اڳيان آڻي پيش ڪيو ته سڀ شاهد رهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو پوءِ ان کي ماڻهن جي روبرو آڻيو ته من اهي گواهي ڏين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيو ته چڱو ان کي سڀني ماڻهن جي سامهون (پڪڙي) وٺي اچو ته جيئن اهو (جو ڪجھ چوي ٿو ته) ماڻهو مٿس شاهد ٿين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته پوءِ آڻيو ان کي روبرو ماڻهن جي تانته اهي شاهد بڻجن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته پوءِ ان کي ماڻهن جي روبرو آڻيو ته مَنَ اُهي شاهدي ڏين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”ان کي ماڻهن جي نگاهن اڳيان آڻيو شايد اهي به (سندس باري ۾ ڪا) شاهدي ڏين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ماڻهن مَهندان آڻيو، وَهلوسو وَهلور، ته حاضِر مَنجھ حُضور، شاهِد بِيهنسِ سامهان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”ڀلا کيس ماڻهن جي اکين اڳيان آڻيو، ته سڀ انهي جا شاهد بڻجن_“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن چيو: "ته پڪڙي اچوس ان کي سڀني ماڻهن جي روبرو ته ڀل ڏسن (ته ڇا ٿا ڪيونس)". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن چيو، جهلي اچوس سڀني جي سامهون جيئن ماڻهو ڏسن ته ان جي ڪهڙي خبر ورتي وڃي ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن (وڌيڪ) چيو ته چڱو کيس ماڻهن جي سامهون وٺي اچو ته جيئن هُو (اُن تي) شاھدي ڏين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا ءَأَنتَ فَعَلتَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 62) |
(جڏھن آندائون تڏھن) چيائون ته اي ابراھيم تو اسان جي بُتن جو ھي حال ڪيو آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جڏهن حضرت ابراهيم کي وٺي آيا تڏهن) انهن ماڻهن کانئس پڇيو ته، اي ابراهيم اسان جي خدائن سان هيءَ حرڪت تو ڪئي آهي ڇا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ماڻهن چيو (اي ابراهيم) ڇا تو پاڻ اسان جي معبودن سان هي ڪم ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نيٺ ابراهيم آيو ۽ ماڻهن کائنس) پڇيو ته اي ابراهيم! ڇا اسان جي معبودن سان هي حرڪت تو ڪئي آهي؟ (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته ڇا تو ڪيو آهي هي اسان جن معبودن سان اي ابراهيم! .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائون ته اي ابراهيم! ڇا اسان جي معبودن سان هيءَ ڪم تو ڪيو آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اي ابراهيم! ڇا تو ئي اسان جي معبودن جو هي حال ڪيو آهي؟“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هي ڪِ ابراهيم! ڪئـِي، سانَينِ اسان جي ساڻ؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”ابراهيم! ڇا اسان جي سائين سان هي ڪم تو ڪيو آهي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ابراهيم جي اچڻ تي) پڇيائونس: "ٻڌاءِ ابراهيم! اسان جي معبودن سان ههڙي حرڪت تو ڪئي آهي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ابراهيم جي اچڻ تي) انهن پڇيو، تو ڇو اسان جي خدائن سان هيءَ حرڪت ڪئي آهي ابراهيم؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ابراھيم $ کي آندو ويو) ماڻهن پڇيو ته اي ابراھيم! ڇا تون اسان جي معبودن سان ھي حشر ڪيو آھي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ بَل فَعَلَهُ كَبيرُهُم هٰذا فَسـَٔلوهُم إِن كانوا يَنطِقونَ (آيت : 63) |
(ابراھيم) چيو ته (نه) ! بلڪ اھو سندن ھن وڏي ڪيو آھي جيڪڏھن ڳالھائن ٿا ته کانئن پڇو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت ابراهيم فرمايو ته، (هيئن کڻي سمجهو ته) هن بت اها حرڪت ڪئي آهي، جيڪو انهن ۾ سڀني کان وڏو آهي. جيڪڏهن بت ڳالهائي سگهندا آهن ته خود انهيءَ بت کان پڇا ڪريو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابراهيم چيو بلڪِ اهو ڪم انهن سان سندن هن وڏي (بت) ڪيو آهي، پوءِ توهان انهن کان پڇو، جيڪڏهن اهي ڳالهائي سگھن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ابراهيم) فرمايو بلڪه اها حرڪت انهن بتن جي وڏي (خدا) ڪئي آهي ته جيڪڏهن اهي بت ڳالهائي سگهندا هجن ته انهن کان ئي پڇو!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين بلڪه ڪيو ان کي وڏي انهن جي هن پوءِ پڇو انهن کان جيڪڏهن ڳالهائي سگهن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ابراهيم چيو ته بلڪه اهو ڪم انهن جي هن وڏي ڪيو هوندو پوءِ انهن (بتن) کان پڇو جيڪڏهن اهي ڳالهائين ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ابراهيم) چيو: ”بلڪه اِهو (ڪم) انهن جي هن وڏي (بت) ڪيو هوندو پوءِ اوهان انهن (بتن) کان پڇي ڏسو جيڪڏهن اُهي ڳالهائي سگهن ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، بلڪ بَڙٖي اُنهن جي، ڪيو هِي ڪَلياڻ، پوءِ، پُڇو کِيَنِ پاڻ، جي ڳالهائـِن، ڪا ڳالهڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”بلڪ اهو ڪم ڪيو آهي هن سندن وڏي، پوءِ جيڪڏهن ڳالهائين، ته کانئن پڇو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جواب ڏنائين: "بلڪه اهو ڪم ته انهن جي انهيءَ وڏي ڪيو آهي، پڇي ڏسونِ جيڪڏهن ڳالهائيندا آهن". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان جواب ڏنو، پر هي سڀڪجهه هنن جي هن سردار ڪيو آهي، انهن کان ئي پڇو جيڪڏهن اهي ڳالهائي سگهن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ابراھيم چيو ته: اھو ڪم ته انهن جي وڏي ئي ڪيو ھوندو. جيڪڏھن ھي ڳالھائين ٿا ته انهن کان ئي پڇا ڪري وٺو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَرَجَعوا إِلىٰ أَنفُسِهِم فَقالوا إِنَّكُم أَنتُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 64) |
پوءِ پاڻ ڏانھن (سوچيندڙ ٿي) موٽيا پوءِ (ھڪ ٻئي کي) چيائون ته بيشڪ اوھين پاڻ بي انصاف آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هو پاڻ ۾ هڪٻئي سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا. هنن چيو ته، هن ۾ ته شڪ ئي ڪونهي ته اسان ئي ظالم آهيون (۽ ٺڳيون ڪندا آهيون)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهي پاڻ سمجھي ويا پوءِ اهي (پنهنجو پاڻ کي) چوڻ لڳا ته بيشڪ توهان ئي ظالم آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اهي فڪر ۾ پئجي ويا، ته (هڪ ٻئي کي) چوڻ لڳا، بيشڪ اوهان ماڻهو ئي ناحق تي آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ موٽيا (سوچي) پاڻ ڏانهن پوءِ چيائون ته بيشڪ اوهان ئي ظالم آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اهي فڪر ۾ پئجي ويا، پوءِ (پاڻ ۾ ) چيائون ته بيشڪ اوهين پاڻ ئي ظالم آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهي پنهنجي ضميرن ڏانهن رجوع ٿيا پوءِ چوڻ لڳا ته : ”ظالم ته توهان ئي آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وَرِيا پنهنجون پاڻ ڏي، سوچيؤن مَنجھ سَرِير، پوءِ شرمايا شرِير، ته چي، آهيو سَڀ انڌير تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي تي هڪ ٻين ڏي مهاڙ ڪيائون ۽ چوڻ لڳا ”بيشڪ اوهين پاڻ ئي بي انصاف آهيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ٻڌي اهي ماڻهو پنهنجي ضمير ڏانهن وريا ۽ (دل ۾) چوڻ لڳا: "حقيقت ۾ ته ظالم توهان ئي آهيو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي ٻڌي اهي پنهنجي ضمير ڏي موٽيا (۽ پنهنجين دلين ۾ چوڻ لڳا) بيشڪ توهان پاڻ ئي ظالم آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ پنھنجو پاڻ ڏي سوچيندي چيائون ته بيشڪ توھان ئي ته خود ظالم آھيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ نُكِسوا عَلىٰ رُءوسِهِم لَقَد عَلِمتَ ما هٰؤُلاءِ يَنطِقونَ (آيت : 65) |
پوءِ پنھنجا ڪنڌ اُونڌا ڪيائون، (چيائون) ته بيشڪ ڄاڻندو آھين ته ھي نه ڳالھائيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هنن جي حالت اها ٿي جو (شرم کان) سندن ڪنڌ جهڪي ويا. هنن (پوءِ حضرت ابراهيم کي آهستي) چيو ته، توکي ته چڱيءَ طرح معلوم آهي ته هي بت ڳالهائي ڪونه ٿا سگهن، (سو وڏي بت کان ڪيئن پڇون؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ انهيءَ ڳالهه تان ڦري ويا. (۽ چوڻ لڳا) بيشڪ توکي (اي ابراهيم) معلوم آهي ته اهي ڳالهائي نٿا سگھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ شرم کان سر جهڪايائون (وڌيڪ چئي نه سگهيا رڳو ايترو چيائون ته اي ابراهيم!) تون ته ڄاڻين ٿو ته هي بت ڳالهائين نٿا (ته انهن کان ڇا پڇون؟)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ اونڌا ڪيا ويا مٿن پنهنجن تي البته تحقيق ڄاڻين ٿو تون ته ناهن هي جو ڳالهائي سگهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ شرم کان سر جهڪايائون چيائون ته اي ابراهيم !) تون ته ڄاڻين ٿو ته هي (بت) ڳالهائين نه ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن (شرم کان) مَٿا جُهڪايا (۽ چيائون) ”تون ته ڄاڻين ٿو ته هي (بت) ڳالهائن نه ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُونڌا سَندنِ ڪَنڌن تي، پيا اُٿِلي پاڻ، ته اَٿئـِي سُڌ سڄاڻ!، ته هِي ڳالهَائـِن حرف ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سندن ڪنڌ اونڌا ڪري چيائون ”توکي ته چڱيءَ طرح خبر آهي، ته هي ڪو نه ڳالهائيندا آهن!“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ شرم کان ڪنڌ جهڪائي چيائون: "توکي ته خبر آهي ته اهي ڪونه ڳالهائيندا آهن". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر پوءِ سندن مت ئي ڦري وئي ۽ چيائون، تون ڄاڻين ٿو ته اهي ناهن ڳالهائيندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ سندن مٿا شرم وچان جهڪي ويا ۽ ( ابراھيم $ کي) چيائون ته توکي خبر آھي ته ھي بت نه ڳالھائيندا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَفَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكُم شَيـًٔا وَلا يَضُرُّكُم (آيت : 66) |
(ابراھيم) چيو ته الله کانسواءِ انھن کي پوڄيندا آھيو ڇا جيڪي اوھان کي نڪي نفعو پھچائيندا آھن ۽ نڪي اوھان کي نقصان پھچائيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت ابراهيم فرمايو ته، پوءِ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي، جو الله کي ڇڏي اهڙين شين کي ٿا پوڄيو جي نڪي اوهان کي ڪنهن به طرح جو نفعو پهچائين نڪو نقصان!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابراهيم چيو ڇا توهان الله کان سواءِ انهن (بتن) جي عبادت ڪريو ٿا جيڪي توهان کي ڪو نفعو ۽ ڪو نقصان نٿا پهچائي سگھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ابراهيم چين ته ڇا پوءِ اوهين الله کان سواءِ اهڙين شين کي پوڄو ٿا جي نه اوهان کي ڪجھ فائدو پهچائين ٿا ۽ نه اوهان کي نقصان رسائي سگهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته ڇا پوءِ عبادت ڪيو ٿا الله کان سواءِ ان جي جيڪو نٿو نفعو ڏئي اوهان کي ڪجھ به ۽ نٿو نقصان ڏئي اوهان کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ابراهيم چيو ته ڇا پوءِ اوهين الله کانسواءِ اهڙيءَ شيءِ کي پوڄيو ٿا جا نه اوهان کي ڪجهه فائدو پهچائي ٿي ۽ نه اوهان کي نقصان پهچائي ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ابراهيم) چيو: ”ڇا پوءِ اوهان الله کي ڇڏي انهن (بتن) کي پوڄيو ٿا جيڪي نه توهان کي ڪجهه نفعو ڏئي سگهن ٿا ۽ نه نقصان پهچائي سگهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پوءِ ڪِيئَن پُوڄيو اُن کي، سوا ربَّ سُبحان، جي پَٽئَ ڪُجھ به، نَه پُهچائـِينيان، نفعو يا نُقصان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”تڏهن اوهين الله کي ڇڏي اهڙن جي ٿا بندگي ڪريو، جي نڪي اوهان کي ڪجهه به فائدو رسائيندا آهن، نڪي نقصان؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ابراهيم چين: "پوءِ ڇا توهان الله کي ڇڏي انهن کي ٿا پوڄيو جيڪي توهان کي نڪي ڪو نفعو ٿا رسائي سگهن ۽ نه نقصان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ابراهيم چيو، پوءِ ڇا توهان الله کي ڇڏي انهن شين کي پوڄي رهيا آهيو جيڪي توهان کي ڪوبه نفعو رسائڻ تي قادر آهن ۽ نه نقصان تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ابراھيم ($) چيو ته پوءِ به توھان اللھ تعالى کي ڇڏي اھڙن جي پوڄا ڪريو ٿا جيڪي توھان کي ڪوبه نفعو ۽ نقصان نٿا پھچائي سگهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُفٍّ لَكُم وَلِما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 67) |
اوھان کي ۽ جنھن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو تنھن کي ڌِڪار ھُجي، (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان جي حالت ڪهڙي نه اڻ وڻندڙ آهي ۽ انهن جي به جن کي توهان الله کان سواءِ پوڄيو ٿا، ڇا توهان عقل کان بلڪل ڪورا ٿي ويا آهيو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان کي حيف هجي ڪهڙي سببان توهان الله تعالى کان سواءِ (بتن جي) عبادت ڪريو ٿا، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) حيف آهي اوهان تي ۽ انهن تي جن کي خدا کان سواءِ پوڄيو ٿا ڇا اوهين ايترو به نه سمجهيو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تباهي آهي اوهان لاءِ ۽ انهن جي لاءِ جن جي عبادت ڪيو ٿا الله کان سواءِ ڇا پوءِ نٿا سمجهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان تي ۽ الله کانسواءِ جن کي پوڄيو ٿا، تن تي حيف هجي. ڇا پوءِ نه ٿا سمجهو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان تي تُف آهي ۽ ان (بتن) تي به جن جي توهان الله کي ڇڏي پوڄا ڪيو ٿا. ڇا توهان عقل نه ٿا رکو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ حيف اوهان جي حال کي، پڻ جي پُوڄيو ٿان، ڌاران ڌڻِي دَيّانَ، پوءِ ڌاريو ڇو نه ڌيان ڪو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تف هجي اوهان تي ۽ انهن تي، جن جي اوهين الله کانسواءِ بندگي ٿا ڪريو! ڇا اوهان کي عقل آهي ئي ڪونه؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حيف آهي توهان تي به ۽ توهان جي انهن معبودن تي به، جن جي الله کي ڇڏي توهان پيا ٿا پوڄا ڪيو. عقل اٿوَ ئي ڪونه ڇا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حيف توهان تي ۽ توهان جي انهن خدائن تي جن جي توهان الله کي ڇڏي پوڄا ڪريو ٿا،ڇا توهان عقل نٿا رکو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حيف آھي! توھان تي ۽ ھنن تي جن جي توھان اللھ تعالى کي ڇڏي پوڄا ڪريو ٿا. پوءِ به توھان عقل کان ڪم نٿا وٺو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا حَرِّقوهُ وَانصُروا ءالِهَتَكُم إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 68) |
چيائون ته اُن کي ساڙيو ۽ جيڪڏھن اوھين ڪي ڪرڻ گھرو ٿا ته پنھنجن بُتن جو ڀَلو وٺو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (پاڻ ۾) چيو ته، جيڪڏهن اسان ۾ ڪجهه به همت آهي ته اچو ته هن ماڻهوءَ کي باهه ۾ وجهي ساڙي ڇڏيون ۽ پنهنجي معبودن جو منهن مٿي ڪريون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو ابراهيم کي باه ۾ ساڙيو ۽ توهان مدد وٺو پنهنجي معبودن جي جيڪڏهن توهان ايئن ڪندڙ آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (آخر) اهي ماڻهو (پاڻ ۾) چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اوهين ڪجھ ڪري سگهو ٿا ته ابراهيم کي باھ ۾ ساڙي ڇڏيو ۽ پنهنجن خدائن جي مدد ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته ساڙيو ان کي ۽ مدد ڪيو معبودن پنهنجن جي جيڪڏهن آهيو ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته ابراهيم کي ساڙيو ۽ پنهنجي معبودن جي مدد ڪريو جيڪڏهن اوهين ڪجهه ڪرڻ وارا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”ان (ابراهيم) کي ساڙيو ۽ پنهنجي معبودن جي مدد ڪيو جيڪڏهن اوهان ڪجهه ڪرڻ وارا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، چاڙهيو چِيہ هِن کي، پڻ پَنهنجي سانَينِ ساڻ، ڪَريو حِمايت هان، جي ڪرڻو اوهان کي، ڪم ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوڻ لڳا ”جيڪڏهن اوهان کي ڪجهه ڪرڻو آهي ته هن کي باهه ۾ وجهو ۽ پنهنجن سائين جي مدد ڪريو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن چيو: "وجهوسِ باهه ۾ ۽ پنهنجي معبودن جي مدد ڪريو، جيڪڏهن ڪجهه ڪرڻو اٿوَ". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن چيو، ساڙي ڇڏيو هن کي ۽ مدد ڪريو پنهنجن خدائن جي، جيڪڏهن توهان کي ڪجهه ڪرڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ پاڻ ۾ ھڪ آواز ٿي چيائون ته جيڪڏھن توھان کي ڪجهه ڪرڻو آھي ته بس! پنھنجي معبودن کي بچايو ۽ ھن کي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُلنا يٰنارُ كونى بَردًا وَسَلٰمًا عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
(پوءِ باھ ۾ وڌائونس) چيوسون ته اي باھ ابراھيم تي ٿڌي ۽ سلامتي واري ٿي پؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر) اسان جو حڪم ٿيو ته، اي باهه ٿڌي ٿي وڃ، ۽ ابراهيم جي لاءِ سلامتي!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان فرمايو اي باه، تون ٿڌي ٿي وڃ ۽ تون ابراهيم تي سلامتي ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نيٺ هنن ڪافرن ابراهيم کي آڙاھ ۾ وڌو ته) اسان ارشاد ڪيو: اي باھ! تون ابراهيم تي ٿڌي ۽ (آرام) ڏيندڙ ٿي پئو! (جيئن کيس ڪا به تڪليف نه ٿئي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو اسان اي باھ! ٿي پؤ ٿڌي ۽ سلامتي واري ابراهيم تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسان چيو ته اي باهه! تون ابراهيم تي ٿڌي ۽ آرام (ڏيندڙ) ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان چيو: ”اي باهه! تون ابراهيم تي ٿڌي ٿي وڃ ۽ سلامتي واري.“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُتوسون، ته اِبراهِيم تي، ٿِي باھ! ٿَڌِي ۽ هِيرَ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان چيو ”اي باهه! تون ابراهيم تي ٿڌي ۽ سلامتيءَ واري ٿي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان چيوسون: "اي باهه ٿڌي ٿي وڃ ۽ ابراهيم لاءِ سلامتي بڻجي وڃ." (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان چيو، اي باهه! ٿڌي ۽ سلامتي واري ٿي وڃ ابراهيم تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انهن واقعي ابراھيم $ کي باهه جي وڏي آڙاهه ۾ اڇلايو پر) اسان حڪم ڪيوسين ته اي باهه! تون ابراھيم $ جي لاءِ ٿڌي ۽ سلامتي واري ٿيءُ (يعني ايئرڪنڊيشن ٿي وڃ) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَخسَرينَ (آيت : 70) |
۽ کيس ايذائڻ گھريائون تنھنڪري کين بلڪل ڇيئي وارو ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) هنن چاهيو هو ته، ابراهيم سان هڪڙي کيڏ کيڏون، پر اسان کين ناڪامياب ۽ نامراد ڪري ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن ابراهيم لاءِِ بُرائي چاهي ٿي، پوءِ اسان انهن کي ناڪام بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن ابراهيم سان فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ته اسان انهن سڀني کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ارادو ڪيائون ان سان رٿ جو پوءِ بنايوسون انهن کي گهڻي نقصان وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ابراهيم سان فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ اسان کين نهايت نقصان وارو ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن (ابراهيم) سان هڪ چال چلڻ چاهي پر اسان انهن کي ناڪام ڪيوسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَٽيائون سِٽ اُن لئي، ڪا ڳَرِي ڳالھ ڳنڀِـير، پوءِ ڪيو سونِ اَخِير، هارئـِيندڙن مان هَڏهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن کيس ٿي ايذائڻ چاهيو ته اسان وري کين ئي ٽوٽو پائيندڙ بنائي ڇڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هنن پئي گهريو ته ابراهيم سان برائي ڪن، مگر اسان کين سخت ٽوٽي ۾ وجهي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن برائي ڪرڻ گهري ٿي (ابراهيم سان) اسان کين بلڪل ناڪام بنايو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن مشرڪن (ابراھيم $ کي) نقصان پھچائڻ جو ارادو ڪيو پر اسان کين ناڪام بڻايوسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَجَّينٰهُ وَلوطًا إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها لِلعٰلَمينَ (آيت : 71) |
۽ کيس ۽ لوط کي اھڙي زمين ڏانھن بچائي آندوسون جنھن ۾ جھان وارن لاءِ برڪت ڪئي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان هن کي ۽ (سندس ڀائٽئي) لوط کي (دشمنن کان) بچائي هڪ اهڙي ملڪ ڏي موڪلي ڏنو، جنهن کي قومن جي لاءِ وڏي برڪت وارو ملڪ بنايو اٿئون (يعني ڪنعان ڏي موڪليوسون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ان کي ۽ (حضرت) لوط کي ان زمين (شام) ڏانهن نجات ڏني جنهن ۾ اسان جهان وارن لاءِ برڪت پيدا ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ئي (ابراهيم) ۽ لوط کي (ظالمن کان) صحيح سالم بچائي ان سرزمين (شام بيت المقدس) ۾ پهچايو جنهن ۾ اسان سموري جهان جي لاءِ طرح طرح جي برڪت عطا ڪئي هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇڏايوسون ان کي ۽ لوط کي ان زمين ڏانهن جو برڪت وڌي سون ان ۾ جهانن لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان ان کي ۽ لوط کي ان زمين ڏي موڪلي بچايو جنهن ۾ اسان قومن لاءِ برڪت رکي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان (ابراهيم) کي ۽ لوط کي بچائي (شام جي) ان سرزمين تي آندو جنهن ۾ اسان جهان وارن لاءِ برڪتون رکيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيو سون اُن ۽ لُوط کي، آجو اُنهِيء پار، جِنهن ڀُون ۾، وِڌِي سون، بَرڪتون، وڻ ٽڻ وِئ وَلهار، مُلڪ مَلِير، ملهار، آباد ڪارڻ عالمِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ابراهيم ۽ لوط کي اهڙيءَ زمين ڏي بچائي آندوسون، جنهن ۾ جهانن لاءِ سڳورائي ڪئي سون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کيس ۽ لوط کي بچائي انهيءَ سرزمين ڏانهن ڪڍي وياسون، جنهن ۾ اسان دنيا وارن لاءِ برڪتون رکيون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بچائي کيس ۽ لوط کي ان سرزمين ڏي ڪڍي وياسين جنهن ۾ برڪتون رکيون آهن دنيا وارن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان ابراھيم ۽ لوط (ؐ) کي بچائي ان سرزمين ڏانھن وٺي وياسون جتي اسان دنيا وارن لاءِ برڪتون رکيون آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ نافِلَةً وَكُلًّا جَعَلنا صٰلِحينَ (آيت : 72) |
۽ ابراھيم کي اسحاق بخشيوسون، ۽ يعقوب (جو سندس پوٽو ھو) وڌيڪ (بخشيوسون)، ۽ سڀني کي صالح ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هن کي اسحاق ۽ (هڪ پوٽو) يعقوب به عطا فرمايو، انهن سڀني کي اسان صالح (يعني نيڪ عملن وارو) ڪيو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان (حضرت) ابراهيم کي اسحاق (پٽ) عطا ڪيو، ۽ يعقوب (پوٽو) زياده ڪري عطا ڪيو، ۽ سڀني کي اسان صالح بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ئي ابراهيم کي انعام ۾ (اسحاق جهڙو پٽ) ۽ يعقوب (جهڙو پوٽو) عنايت فرمايو. ۽ سڀني کي نيڪ بخت ڪيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بخشي ڏنوسون ان کي اسحاق ۽ يعقوب وڌيڪ ۽ سڀئي بناياسون صالح .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان انکي اسحاق بخشيو ۽ زياده يعقوب (به ڏنو) ۽ سڀني کي نيڪ بخت ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽اسان کيس (پُٽ) اسحاق بخشيو. ۽ (پوٽو) يعقوب اضافي بخشيو. اسان انهن سڀني کي صالح بنايو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اِسحاق ڏِنوسون اُن کي، پڻ زياده يَعقُوب، ۽ ڪياسون خاصا خُوب، صالِحن مان سَڀئـِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هن کي اسحاق بخشيو سون ۽ يعقوب به وڌيڪ_ ۽ انهن سڀني کي نيڪ بنايوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان کيس اسحاق عطا ڪيو ۽ واڌارو يعقوب به ۽ هرهڪ کي نيڪ بخت بنايوسين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بخشيوسين ان کي اسحاق ۽ يعقوب وڌيڪ ان تي ۽ سڀني کي ڪيوسين صالح (سٺو سٻاجهو)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان (ابراھيم $ کي) اسحاق پُٽ عطا ڪيو ۽ وري ان کان پوءِ يعقوب (پوٽي طور) عطا ڪيو ۽ سڀني کي اسان نيڪوڪار بنايوسين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا وَأَوحَينا إِلَيهِم فِعلَ الخَيرٰتِ وَإِقامَ الصَّلوٰةِ وَإيتاءَ الزَّكوٰةِ وَكانوا لَنا عٰبِدينَ (آيت : 73) |
۽ اُھي اھڙا امام ڪياسون جو اسان جي حُڪم موجب سڌو رستو ڏيکاريندا ھوا ۽ انھن ڏانھن چڱن ڪمن ڪرڻ ۽ نماز پڙھڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ جو حُڪم ڪيوسون، ۽ اسان جي عبادت ڪندڙ ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان انهن کي (ماڻهن جي) امامت (يعني ليڊري يا پيشوائي) ڏني هئي. اسان جي حڪم مطابق هو ماڻهن کي (حق جي) راهه ڏيکاريندا هئا. اسان هنن کي وحي ڪيو هو ته هر طرح جا نيڪيءَ جا ڪم ڪن، پڻ نماز قائم رکن ۽ زڪوات ادا ڪندا رهن. هو اسان جي ٻانهپ (۽ حڪمن جي تعميل) ۾ لڳا رهندا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن کي پيشوا بنايو، اهي اسان جي حڪم مطابق ماڻهن کي هدايت ڪندا هئا ۽ اسان انهن ڏانهن چڱن ڪمن جي ۽ نماز پڙهڻ جي ۽ زڪوات ڏيڻ جي وحي موڪلي، ۽ (اهي) اسان جي عبادت ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان انهن سڀني کي (ماڻهن جو) پيشوا بنايو، جيڪي اسان جي حڪم سان (انهن جي) هدايت ڪنداهئا ۽ کين ڀلائي ڪرڻ ۽ نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جو وحي ڪيوسون. ۽ اهي سڀئي اسان جي عبادت ڪندڙ هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بنايوسون انهن کي اڳواڻ هدايت ڪن پيا اسان جي امر سان ۽ وحي ڪيوسون انهن ڏانهن نيڪ ڪم ڪرڻ ۽ نماز قائم رکڻ ۽ زڪواة ڏيڻ جي لاءِ ۽ هئا اسان جي لاءِ عبادت ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان کين اڳواڻ ڪيو جو اسان جي حڪم سان رستو ڏيکاريندا هئا ۽ کين ڀلائين ڪرڻ ۽ نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جو وحي ڪيوسون. ۽ اهي اسان جي عبادت ڪندڙ هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن کي اڳواڻ بنايو اُهي (ماڻهن کي) اسان جي حڪم سان هدايت ڪندا هئا ۽ اسان انهن ڏانهن چڱن ڪمن ۽ نماز قائم رکڻ ۽ زڪواة ڏيڻ جي وحي ڪئي هئي، ۽ اُهي اسان جا عبادت گذار هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان ڪيو اُنهن کي، اُمّت لئي اِمام، اَسان جي اَمر سان، ڪن هدايت هَمام، ۽ ڪيوسون نيڪ ڪمن جو، اُنهن ڏي اِلهام، ۽ پڙهن نماز، ڏين زڪوٰة، خير خدا جي نام، ۽ تابِعدار تمام اصلين هُئا اَسان جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کين اهڙا اڳواڻ بناياسون، جي اسان جي حڪم سان سنئين واٽ ڏيکاريندا هئا ۽ هنن ڏانهن چڱن ڪمن ڪرڻ ۽ نماز قائم رکڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جو حڪم موڪليوسون ۽ هو اسان جي بندگي ڪندڙ هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان کين اڳواڻ بڻايو، جيڪي اسان جي حڪم هيٺ پيا هدايت ڪندا هئا ۽ اسان کين وحيءَ جي وسيلي نيڪ ڪمن ڪرڻ ۽ نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪواة ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ هو اسان جي ئي عبادت ڪندڙ هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بڻايوسين انهن کي امام، جيڪي رهنمائي ڪندا هئا اسان جي حڪم مطابق ۽ وحي جي ذريعي کين نيڪ ڪمن ڪرڻ ۽ قائم ڪرڻ نماز جو ۽ زڪوات ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ اهي اسان جا عبادت گذار بندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان انهن سڀني کي اڳواڻ بنايو پوءِ ھو اسان جي ھدايت مطابق ماڻهن جي رھنمائي ڪندا ھئا ۽ اسان کين نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ، نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ادا ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ۽ ھو ھميشه اسان جي ئي عبادت ڪندا ھئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلوطًا ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَنَجَّينٰهُ مِنَ القَريَةِ الَّتى كانَت تَعمَلُ الخَبٰئِثَ إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فٰسِقينَ (آيت : 74) |
۽ لُوط کي حڪمت ۽ علم ڏنوسون ۽ کيس اھڙي ڳوٺ وارن کان بچايوسون جو مدا ڪم ڪندا ھوا، ڇوته اُھي بڇڙي نافرمان قوم ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهڙيءَ طرح) حضرت لوط کي به اسان (خدائي حڪمن پهچائڻ جو) عهدو ڏنو ۽ (نبوت جو) علم عطا فرمايو. اسان کيس انهيءَ ڳوٺ مان بچائي ڪڍيو جنهن جا ماڻهو تمام گندا ۽ غليظ ڪم ڪندا هئا، وڏا بد راهه هئا، ۽ ليڪو لنگهي بيٺا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) لوط کي اسان حڪمت ۽ علم عطا ڪيو ۽ اسان ان کي ان ڳوٺ مان نجات ڏني جيڪي برايون ڪندا هئا، بيشڪ اها قوم برائي ڪندڙ گنهگار هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان لوط کي حڪمت ۽ نبوت عطا ڪئي. کيس ان ڳوٺ کان بچائي ڪڍيوسون جيڪي بڇڙا ڪم ڪندا هئا. بيشڪ اهي بڇڙي نافرمان قوم هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ لوط ڏنوسون ان کي حڪمت (نبوة) ۽ علم ۽ ڇڏايوسون ان کي ڳوٺ کان جيڪو ڪندو هو بي حيائيون بلاشڪ اهي هئا قوم برائيءَ واري فاسق .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان لوط کي حڪمت ۽ علم ڏنو، ۽ کيس ان ڳوٺ کان بچائي ڪڍيوسون جيڪي بڇڙا ڪم ڪندا هئا. بيشڪ اهي بڇڙي نافرمان قوم هئي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان لوط کي حڪمت ۽ علم ڏنو ۽ اسان کيس ان ڳوٺ کان بچائي ڪڍيو جتي جا ماڻهو بڇڙا ڪم ڪندا هئا. بيشڪ اُها بيحد بُري نافرمان قوم هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ لائق لُوط، اُنهن کي، اسان ڪيو اِمداد، دانهِيَن وِچ داد ڪرڻ، عِلم ۽ اِرشاد، ۽ ڪيو سون گُمراه گام کان، اُنهِئ کي آزاد، جي ڪندا هُئا ڪيتريون، بُڇڙايون بيداد، هُئا بِنہ برباد، قوم ڪِنِي ڪا ڍوڙڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان لوط کي ڏاهپ ۽ علم ڏنا ۽ کيس اهڙي ڳوٺ وارن کان بچايوسون جي برا ڪم ڪندا هئا_ بيشڪ اهي بڇڙي نافرمان قوم هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ لوط کي اسان فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت ۽ علم ڏنو ۽ کيس انهيءَ ڳوٺ مان بچائي ٻاهر ڪڍيوسون (جنهن جا رهاڪو) بدڪاريون ڪندا هئا، حقيقت ۾ اها ڏاڍي بڇڙي نافرمان قوم هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ لوط کي اسان بخشيو حڪم ۽ علم ۽ کيس ڪڍيوسين ان وستيءَ مان جيڪا ڦاٿل هئي (ڪيترين) ئي بدڪارين ۾، حقيقت ۾ اها تمام بري ۽ نافرمان قوم هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙيءَ طرح اسان لوط ($) کي حڪمت ۽ علم عطا ڪيو هو ۽ کيس اُن شھر مان ڪڍي بچايو جن جا رھندڙ بدڪاريون ڪندا ھئا. بيشڪ اھا تمام بري ۽ وڏي گناھگار قوم ھئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَدخَلنٰهُ فى رَحمَتِنا إِنَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
۽ کيس پنھنجي ٻاجھ ھيٺ داخل ڪيوسون، بيشڪ اُھو صالحن مان ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هن کي (يعني حضرت لوط کي) پنهنجي رحمت جي پناهه هيٺ آندو. بيشڪ هو صالح انسانن مان هڪ انسان هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان لوط کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو. بيشڪ اهو صالحين مان هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو سون. واقعي اهو نيڪ بختن مان هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ داخل ڪيوسون ان کي رحمت پنهنجيءَ ۾ بلاشڪ اهو صالحن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيوسون. بيشڪ اهو نيڪ بختن مان هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو. بيشڪ اُهو نيڪوڪارن مان هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَنهنجي رَحمت راڄ ۾، جوڙيسُونسِ جاءِ، هو، سو روشن راءِ، صالِحن سَندي ساٿ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيوسون، بيشڪ هو نيڪوڪار هو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان کي اسان پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو، هو صالح ماڻهن مان هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ داخل ڪيوسين (لوط کي) اسان پنهنجي رحمت ۾، اهو بلڪل صالحن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان کيس پنھنجي خاص رحمت ۾ داخل ڪيو. بيشڪ ھو نيڪوڪارن مان ھو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنوحًا إِذ نادىٰ مِن قَبلُ فَاستَجَبنا لَهُ فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
۽ (اي پيغمبر) نوح (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن (اُنھن پيغمبرن کان) اڳ دُعا گھريائين تڏھن سندس دُعا قبول ڪئي سون پوءِ کيس ۽ سندس گھر وارن کي وڏي اوکائيءَ کان بچايو سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ساڳيءَ طرح) حضرت نوح جو معاملو به (ياد ڪيو) جو انهن (نبين) کان اڳ جو آهي. جڏهن هن (يعني حضرت نوح) اسان کي پڪاريو هو، تڏهن اسان سندس پڪار ٻڌي ۽ کيس ۽ سندس ماڻهن کي هڪ وڏي مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏنو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) نوح کي اسان حڪمت ۽ علم عطا ڪيو انهيءَ کان اڳ ۾ نوح پنهنجي رب کي پڪاريو، پوءِ اسان ان جي دعا قبول ڪئي پوءِ اسان ان کي ۽ سندس اهل کي سختيءَ کان نجات ڏني(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي پيغمبر! لوط کان اڳ به اسان) نوح (کي نبوت عطا ڪئي) جڏهن ان (سان کي) سڏيو ته اسان سندس (دعا) ٻڌي پوءِ کيس ۽ سندس ساٿين کي اسان (طوفان جي) تمام سخت مصيبت کان بچايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) نوح کي جڏهن سڏيائين اڳ ۾ پوءِ (دعا) قبول ڪئي سون ان جي پوءِ ڇڏايوسين ان کي ۽ اهل ان جي کي تڪليف وڏيءَ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نوح کي (ياد ڪر) جڏهن اُن (ابراهيم ۽ لوط کان) اڳي (الله کي) سڏيو پوءِ اسان ان جي دعا قبول ڪئي پوءِ ان کي ۽ ان جي گهر وارن کي وڏي گهٻراهٽ کان بچايوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نوح (کي به اها نعمت ڏني) ياد ڪر جڏهن ان هن کان اڳ اسان کي سڏيو هيو پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي، پوءِ اسان کيس ۽ سندس گهرڀاتين کي وڏي ڏک کان نجات ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَ ڳي ذِڪر نُوح جو ، جڏهن ڪيائين سَڏ سُوال، پوءِ اَ گھايو سون اُن جو، پڻ بَچايو سُون بَحال، اُن کي، ۽ سَندسِ عَيال، وَڏي گوڙ گَھمسان کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن انهن کان اڳ نوح دعا گهري_ پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس خواهه سندس عيال کي وڏيءَ تڪليف کان ڇڏايوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نوح کي به اهائي نعمت ڏني هئي. ياد ڪريو! جڏهن انهن سڀني کان اڳ هن اسان کي سڏيو هو، پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس ۽ سندس گهروارن کي وڏي تڪليف مان ڪڍيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نوح کي ساڳي نعمت عطا ڪئي، ياد ڪر (اي نبي!) جڏهن کانئن اڳي هن اسان کي پڪاريو، اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ سندس گهر وارن کي وڏي تڪليف کان بچايوسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ نوح $ جي واقعي کي ياد ڪر. جڏھن ھن انهن (پيغمبرن) کان اڳ دعا گهري ھئي ته اسان سندس دعا کي قبول ڪيو. پوءِ اسان کيس ۽ سندس ساٿين کي وڏي تڪليف کان نجات ڏياري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَصَرنٰهُ مِنَ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 77) |
۽ کيس اھڙي قوم تي سوڀارو ڪيوسون جنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، بيشڪ اُھي بڇڙي قوم ھوا تنھنڪري انھن مڙني کي ٻوڙيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن اسان جي نشانين کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو، تن جي مقابلي ۾ اسان سندس مدد ڪئي. اهي بلڪل بد راهه ماڻهو هئا، تنهن ڪري اسان انهن سڀني کي ٻوڙي ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن قوم اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو (انهن جي مقابلي ۾) اسان نوح جي مدد ڪئي، بيشڪ اهي خراب ماڻهو هئا. پوءِ اسان انهن سڀني کي غرق ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهڙي قوم جي مقابلي ۾ سندس مدد ڪئي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. بيشڪ اهي بڇڙي قوم هئا، پوءِ اسان انهن سڀني کي ٻوڙي ماريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مدد ڪئي سون ان جي ان قوم کان جن ڪوڙو ڪيو آيتن اسان جن کي بيشڪ اهي هئا قوم بري پوءِ ٻوڙي ڇڏيوسين انهن سڀني کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ کيس اهڙيءَ قوم تي غالب ڪيوسون جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. بيشڪ اُهي بڇڙي قوم هئا، پوءِ اسان انهن سڀني کي ٻوڙيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان جي مدد ڪئي اهڙي قوم جي مقابلي ۾ جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو چوندا هئا. بيشڪ اها بيحد بري قوم هئي پوءِ اسان انهن سڀني کي ٻوڙي ڇڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن کي ڪافِر قوم کان، مَدد ڏِنِيسون مُور، جَن اَسان جون آيتون، ڪوٺيون ڪُوڙ فتور، پوءِ ڪَياسون ڪُل غرقور، ڏاڍِي ڪِنِي قوم هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کيس اهڙي قوم تي فتح ڏني سون، جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو هو_ بيشڪ اهي بڇڙي قوم هئا، تنهن ڪري انهن سڀني کي ٻوڙي ڇڏيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ قوم جي مقابلي ۾ سندس مدد ڪئي، جنهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو هو. هو ڏاڍا بڇڙا ماڻهو هئا، پوءِ اسان سڀني کي ٻوڙي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ مدد ڪئي سين ان قوم جي مقابلي ۾ جيڪا ڪوڙو چوي پئي اسان جي آيتن کي، اهي ماڻهو ڏاڍا بڇڙا هئا، سو اسان غرق ڪري ڇڏيو سڀني کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان سندس اھڙي قوم جي مقابلي ۾ مدد ڪئي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. بيشڪ اھا ھڪ بري قوم ھئي. پوءِ اسان انهن سڀني کي (پاڻي ۾ ) غرق ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَداوۥدَ وَسُلَيمٰنَ إِذ يَحكُمانِ فِى الحَرثِ إِذ نَفَشَت فيهِ غَنَمُ القَومِ وَكُنّا لِحُكمِهِم شٰهِدينَ (آيت : 78) |
۽ دائود ۽ سليمان (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن پوک بابت فيصلو ڪيائون جو ھڪ قوم جي ڌڻ رات جو منجھس ڀيل ڪئي ھئي، ۽ سندن حُڪم ڪرڻ وقت حاضر ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ دائود ۽ سليمان (جو معاملو به ياد ڪيو) جو هڪ (ملڪ جي) پوکن ۾ جن ۾ ماڻهن جون ٻڪريون پڪڙجي پيون هيون، حڪم هلائيندا (۽ فيصلا ڪندا) هئا ۽ اسان سندن حڪمراني ڏسندا هئاسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان (حضرت) داؤد ۽ سليمان جو ذڪر ڪريو جنهن وقت اهي هڪ پوک بابت فيصلو ڪري رهيا هئا، جنهن پوک ۾ هڪ قوم جي ٻڪرين رات جي وقت ڀيل ڪئي، ۽ اسين انهن جي فيصلي وقت موجود هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول! کين) دائود ۽ سليمان (جو واقعو به ياد ڏيار) جڏهن انهن پوک جي باري ۾ فيصلو ٿي ڪيو. جڏهن هڪ قوم جون ٻڪريون رات جو ان (پوک) کي ڀيلي ويون ۽ اسان سندن ڳالھ کي ڏسي رهيا هئاسون (ته پاڻ ۾ اختلاف ٿين).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) داؤد ۽ سليمان کي جڏهن فيصلو پيا ڪن پوک (جي باري) ۾ جڏهن رات جو گهڙيون ان ۾ ٻڪريون قوم (وارن) جون ۽ هئاسون فيصلي انهن جي لاءِ ڏسندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ دائود ۽ سليمان کي (ياد ڪر) جڏهن پوک جي باري ۾ فيصلو ٿي ڪيائون، جڏهن هڪ قوم جون ٻڪريون رات جو اُن کي ڀيلي ويون ۽ اسين انهن جي فيصلي ڪرڻ وقت حاضر هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ دائود ۽ سليمان (کي به اها نعمت ڏني ) ياد ڪر جڏهن پوک جي معاملي ۾ فيصلو پئي ڪيائون جڏهن هڪ قوم جون ٻڪريون رات جو ان (پوک) کي ڀيلي ويون هيون ۽ اسان انهن جي فيصلي (عدالت) جو مشاهدو ڪرڻ وارا هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ دائود ۽ سُليمان جڏهن، نِياءُ ٿي نِبـيريو، بابت ڀيل ٻَنِيءَ جي، جِنهن ۾ ڪيو زِيان، پَهرُن، ڪنهن پَهر جي، شب ۾ بِنَا شَبان، ۽ شاهِد بي گمان، اَسِين هوئاسون، سَندنِ حڪم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ دائود ۽ سليمان کي (ياد ڪر) جڏهن هڪ پوک بابت ٿي فيصلو ڪيائون جنهن ۾ هڪ قوم جي ڌڻ رات جو ڀيل ڪئي هئي ۽ اسين سندن فيصلي کي ڏسي رهيا هئاسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ نعمت سان اسان دائود ۽ سليمان کي به نوازيو هو، ياد ڪريو اهو وقت جڏهن هو ٻئي ٻنيءَ جي باري ۾ فيصلو ڪري رهيا هئا، جنهن ۾ رات جي وقت ٻين ماڻهن جون ٻڪريون اچي پيون هيون ۽ اسان سندس فيصلي (جي ڪارروائي) کي پاڻ پئي ڏٺو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ دائود ۽ سليمان کي انهيءَ نعمت سان نوازيو، (ياد ڪر اي نبي!) جڏهن هن پوک جي مقدمي جو فيصلو ٿي ڪيو رات ٻين ماڻهن جون ٻڪريون ڀيل ڪري ويون هيون. اسان انهن جي عدالت خود ڏسي رهيا هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ دائود ۽ سليمان (ؐ) جي واقعي کي (به) ياد ڪر. جڏھن ھڪ قوم جي ماڻهن جون ٻڪريون رات جو ٻي قوم جي ماڻهن جو فصل ڀيلائي ويون ته ھو ٻئي ڄڻا فصل ڀيلائڻ واري معاملي جي باري ۾ فيصلو ڪري رھيا ھئا ته اسان جي سندن فيصلي تي نگاهه ھئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَفَهَّمنٰها سُلَيمٰنَ وَكُلًّا ءاتَينا حُكمًا وَعِلمًا وَسَخَّرنا مَعَ داوۥدَ الجِبالَ يُسَبِّحنَ وَالطَّيرَ وَكُنّا فٰعِلينَ (آيت : 79) |
تڏھن اُھو سليمان کي سمجھايوسون، ۽ ھر ھڪ کي حڪمت ۽ علم ڏنوسون، ۽ دائود کي جبل ۽ پکي تابع ڪري ڏناسون جو (ساڻس) تسبيح چوندا ھوا، ۽ (اسين ايئن) ڪرڻ وارا ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسان سليمان کي ان ڳالهه جي پوري پوري سمجهه ڏئي ڇڏي، ۽ اسان حڪم ڏيڻ (۽ فيصلا ڪرڻ) جو عهدو ۽ (نبوت جو) علم انهن مان هرهڪ کي عطا فرمايو هو، ۽ پڻ اسان جبلن کي دائود جي لاءِ تابع ڪري ڇڏيو هو. اهي (جبل) الله جي پاڪائيءَ جا آواز بلندا ڪندا هئا. اهڙيءَ ئي طرح پکين کي به (سندس تابع ڪيو هو) ۽ اسان (ائين ئي) ڪرڻ وارا هئاسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان (صحيح فيصلو) (حضرت) سليمان کي سمجھايو، ۽ ٻنهي کي اسان حڪمت ۽ علم عطا ڪيو، ۽ اسان داؤد لاءِ جبل ۽ پکي مسخر بنايا جيڪي تسبيح پڙهندا هئا، ۽ اهي اسان جا ڪم هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اسان سليمان کي (ان جو) صحيح فيصلو سمجهايو. ۽ پوءِ (هونئن به) سڀني کي اسان ئي فهم سليم ۽ علم عطا ڪيو پڻ اسان ئي جبلن کي دائود جي وس ۾ ڪيو هو جو انهن سان گڏ (خدا جي) تسبيح ڪندو هو ۽ پکين کي (به سندس تابع ڪيو) ۽ اسان ئي (اهي عجائب) ڪندا هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ سمجهايوسين اهو سليمان کي ۽ سڀني کي ڏني اسان حڪمت ۽ علم ۽ مطيع ڪيا اسان داؤد سان گڏ جبل تسبيح پڙهن پيا ۽ پکي ۽ هئاسين ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان اهو (فيصلو) سليمان کي سمجهايو. هوڏانهن ٻنهين کي اسان حڪمت ۽ علم ڏنو هو. ۽ اسان دائود سان گڏ جبلن ۽ پکين کي تابع ڪيو جي تسبيح پڙهندا هئا. ۽ (اهي سڀ ڪم) اسين ڪرڻ وار ا هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان اُهو (صحيح فيصلو) سليمان کي سمجهايو هيو، حالانڪه اسان انهن سڀني کي حُڪم ۽ علم ڏنو هيو ۽ اسان دائود سان گڏ جبلن ۽ پکين کي تابع ڪيو هيو جيڪي تسبيح پڙهندا هئا. ۽ (اُهو سڀ ڪجهه) ڪرڻ وارا اسان هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَمجھايو سون سُليمان کي، سو مسئلو مَذڪور، ۽ شاهِي ۽ شُعور، ڪيو سون عَطا ڪُل کي. ۽ ڪياسون دائود لئي، ڦيري مَنجھ فَرمان، پَهڻ، پَکي پڙهندا هُئا، ساڻِس گَڏ سُبحان، ۽ اِهڙائـِي اِحسان، اَسِين ڪَندڙ آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اهو سليمان کي سمجهايوسون ۽ سڀني کي ڏاهپ ۽ علم ڏنو سون ۽ دائود کي جبل ۽ پکي تابع ڪري ڏناسون جي پاڪائي بيان ڪندا هئا ۽ اسين ئي ائين ڪرڻ وارا هئاسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ وقت اسان سليمان کي صحيح فيصلي تي پهچڻ جي سمجهه ڏني، توڻي جو فيصلي جي صلاحيت ۽ علم ته اسان ٻنهي کي عطا ڪيو هو. دائود سان گڏ اسان جبلن ۽ پکين کي به تابع بڻايو هيو، جو هو تسبيح ڪندا هئا، اهو ڪم ڪرڻ وارا اسان ئي هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان وقت اسان سليمان کي صحيح فيصلو سمجهايو، جڏهن ته حڪم ۽ علم اسان ٻنهي کي عطا ڪيو هو، ۽ تابع ڪيو اسان دائود سان گڏ جبلن ۽ پکين کي جيڪي اسان جي تسبيح ڪندا هئا، ۽ اهو ڪم اسان ئي ڪيو پئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان معاملي جو صحيح فيصلو اسان سليمان ($) کي سمجهايو ۽ اسان ئي انهن ٻنهي کي حڪمت ۽ علم عطا ڪيو ھو ۽ اسان دائود ($) سان گڏ جبلن ۽ پکين کي تابع ڪيوسين ۽ ھو سڀ (دائود $ سان گڏجي ان وانگر ئي) اللھ تعالى جي تسبيح بيان ڪندا هئا. حقيقت ۾ ھي ڪم اسان ئي ڪندڙ ھئاسون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعَلَّمنٰهُ صَنعَةَ لَبوسٍ لَكُم لِتُحصِنَكُم مِن بَأسِكُم فَهَل أَنتُم شٰكِرونَ (آيت : 80) |
۽ دائود کي اوھان لاءِ زرھ بڻائڻ ھن لاءِ سيکاري سون ته اوھان کي اوھان جي لڙائي (جي نقصان) کان بچائي، پوءِ اوھين ڪي شڪر ڪندڙ آھيو ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان دائود کي اوهان جي لاءِ زرهه ٺاهڻ جو هنر سيکاريو، انهيءَ لاءِ ته، اوهان کي هڪ ٻئي جي (تلوار جي) ڌڪ کان بچائي. پوءِ ڇا توهان (اسان جي نعمتن جا) شڪرگذار آهيو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان (حضرت) داؤد کي توهان جي لاءِ زرهن ٺاهڻ جو هنر سيکاريو، ان لاءِ ته توهان کي اهي (زرهون) حملي کان بچائن، ته ڇا پوءِ توهان (اڃان به) شڪرگذار نه ٿيندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ئي کيس اوهان جو جنگي لباس (زره) جو بنائڻ سيکاريو ته جيئن اوهان کي (هڪ ٻئ جي) وار کان بچائي ته ڇا! اوهين (اڃا به) شڪر گذار نه ٿيندا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سيکاريو اسان ان کي ٺاهڻ زرهن جو اوهان جي لاءِ تانته بچائي اوهان کي لڙائيءَ اوهان جيءَ کان پوءِ ڇا اوهان شڪر ڪندڙ آهيو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان دائود کي اوهان لاءِ هڪ لباس بنائڻ سيکاريو هن لاءِ ته (اهو لباس) اوهان کي اوهان جي لڙائي ۾ بچائي ڇا پوءِ اوهين احسان مڃڻ وارا آهيو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان (دائود) کي توهان جي (فائدي) لاءِ زِرهُن (ڍالُن) بنائڻ جو فن سيکاريو هن لاءِ ته اوهان کي هڪ ٻئي جي لڙائي ۾ (دشمن جي وار کان) بچائي، ڇا پوءِ توهان شڪر گذار آهيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سيکاريونسِ صنعت زِره جِي، اَمن اوهان جي نال، ته آن کي، اَهنجي جَنگ کان، بَچائي بَحال، پوءِ ڀانئـِڻ وارا ڀال، اَوهِين ڪِ اُن جاآهيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کيس اوهان لاءِ زره بنائڻ سيکاري سون ته اوهان کي تڪليف کان بچائي، پوءِ به توهان شڪر ڪريو ٿا يا نه؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان کيس توهان جي فائدي لاءِ زرهون ٺاهڻ جي ڪاريگري سيکاري هئي ته جيئن اها توهان جو هڪ ٻئي جي مارڻ کان بچاءُ ڪري. پوءِ ڇا توهان شڪرانو ادا ڪندڙ آهيو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان کيس سيکاري زرهه ٺاهڻ جي ڪاريگري توهان جي لاءِ، جيئن توهان کي بچائي هڪ ٻئي جي مار کان، پوءِ ڇا توهان شڪرگذار آهيو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان دائود ($) کي توھان جي (فائدي) لاءِ زرھون ٺاھڻ سيکاريون ته جيئن توھان کي ھڪ ٻئي سان ويڙھ ۾ نقصان کان بچائي سگهن. ڇا پوءِ (به) توھان شڪر ڪندڙ آھيو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ عاصِفَةً تَجرى بِأَمرِهِ إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها وَكُنّا بِكُلِّ شَيءٍ عٰلِمينَ (آيت : 81) |
۽ سُليمان کي تِکو واءُ (تابع ڪري ڏنوسون) جو سندس حُڪم سان اھڙي زمين ڏانھن ھلندو ھو جنھن ۾ برڪت رکي سون، ۽ سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اسان (سمنڊ جي) سخت هوائن کي به سيلمان جي لاءِ اهڙو مسخر (تابع) ڪري ڇڏيو هو جو سندس حڪم تي گهلنديون هيون ۽ انهيءَ زمين ڏي لڳنديون هيون، جنهن ۾ اسان وڏي برڪت رکي آهي (يعني فسطين ۽ شام جو ملڪ جنهن ڏانهن ڳاڙهي سمنڊ ۽ ڀونچ سمنڊ مان پري پري کان جهاز ايندا ويندا هئا) ۽ اسان سڀ ڳالهيون ڄاڻندڙ آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان تيز هوا کي (حضرت) سليمان لاءِ مسخر بنايو جيڪا سندس حڪم سان ان زمين ڏانهن هلندي هئي جنهن ۾ اسان برڪت رکي آهي، ۽ اسان هر شيءِ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ (اسان ئي) تمام سخت لڳڻ واري هوا کي سليمان جو (تابع) ڪري ڇڏيو هو جا سندس حڪم سا زمين (بيت المقدس) ڏي ويندي هئي، جنهن ۾ اسان طرح طرح جون برڪتون رکيون هيون ۽ اسين ته هر ڳالھ کان چڱيءَ طرح واقف (هئاسون ۽) آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (تابع ڪئي سون) سليمان جي لاءِ هوا تيز هلندڙ هلي پئي امر ان جي سان ان زمين ڏانهن جو برڪت وڌي سون ان ۾ ۽ آهيون اسين هر شيءِ کي ڄاڻندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان هوا کي جا سخت لڳي ٿي سليمان جي تابع ڪيو، اها سندس حڪم سان ان زمين ڏي هلي ٿي جنهن ۾ اسان برڪت رکي آهي. ۽ اسين سڀ ڪنهن شيءِ جا ڄاڻندڙ هئاسون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ سليمان لاءِ تيز هوا کي (تابع ڪيوسين) جا سندس حڪم سان ان سرزمينِ (شام) ڏانهن هلندي هئي جنهن ۾ اسان برڪتون رکيون آهن. ۽ اسان هر شيءِ جا ڄاڻڻ وارا هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تابِع ڪيوسون واءُ تِکو، سَچي سُليمان ڪاڻ، هَلندو ڀُون ڀَلِئَ ڏي هو، اَمر اُن جي ساڻ، جنهن ڀون کي برڪت سان، پُرڪيو سون پاڻ، ۽ اَسِين سُرت سُڄاڻ، اهيون هَر شيءِ جي حال کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سليمان لاءِ تکو واءُ (تابع ڪيوسون) جو سندس حڪم سان انهي زمين ڏي هلندو هو جنهن ۾ اسان برڪت رکي هئي_ ۽ اسين هر چيز کي ڄاڻون ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سليمان لاءِ اسان تکي هوا کي تابع ڪيو هو، جيڪا اسان جي حڪم سان انهيءَ سرزمين ڏانهن گُهلندي هئي، جنهن ۾ اسان برڪتون وڌيون آهن. اسان ته هر شيءِ کي ڄاڻندڙ هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سليمان لاءِ اسان تکي هوا کي تابع ڪيو جيڪا سندس حڪم تي ان زمين ڏي هلندي هئي جنهن ۾ اسان برڪتون رکيون آهن ۽ اسان ئي هر شيءِ جو علم رکڻ وارا هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ سليمان ($) جي لاءِ تيز ھوا کي به تابع ڪري ڇڏيو هو. جيڪا ان جي مرضيءَ مطابق اھڙن علائقن ۾ ھلندي ھئي جتي اسان برڪتون ئي برڪتون رکيون ھيون ۽ اسان ھر شيءِ کان خوب واقف آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِنَ الشَّيٰطينِ مَن يَغوصونَ لَهُ وَيَعمَلونَ عَمَلًا دونَ ذٰلِكَ وَكُنّا لَهُم حٰفِظينَ (آيت : 82) |
۽ ديوَن مان ڪي اھڙا (تابع ڪري ڏناسون) جي اُن لاءِ ٽٻندا ھوا ۽ اُن کانسواءِ ٻيو ڪم (به) ڪندا ھوا، ۽ سندن نگھبان ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ شيطانن مان اهڙا شيطان (به اسان کيس تابع ڪري ڏنا) جي هن لاءِ ٽٻيون هڻندا هئا (۽ سمنڊ مان سپون ۽ موتي ڪڍندا هئا) ۽ ان کان سواءِ ٻيا به طرحين طرحين ڪم ڪاريون ڪندا هئا ۽ اسان هنن کي پنهنجي حفاظت هيٺ رکيو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪجھه جِنّ اهڙا هئا جيڪي (حضرت) سليمان لاءِ ٽٻيون هڻي درياءَ مان (موتي) ڪڍندا هئا ۽ ڪي جِن ان کانسواءِ ٻيا به ڪم ڪندا هئا، ۽ اسين انهن لاءِ محافظ هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنات مان جيڪي (سمنڊ ۾) غوطو هڻي (جواهر) ڪڍڻ وارا هئا ۽ پڻ ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪندا هئا (تن کي سليمان جو تابعدار ڪيل هو) ۽ اسان ۽ سندن نگهبان هئاسون (ته ڀڄي نه وڃن)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ديون مان اهي آهن جيڪي ٽٻيون هڻن ٿا ان جي لاءِ ۽ ڪن پيا ڪم سواءِ ان جي ۽ هئاسون انهن جي لاءِ حفاظت ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ شيطانن مان انهن کي (سندس تابع ڪيوسون) جي ان لاءِ ٽٻيون هڻندا هئا ۽ ان کانسواءِ ٻيا ڪم (به) ڪندا هئا. ۽ اسين سندن نگهبان هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪجهه شيطانن (يعني جنن) مان به (سندس تابع ڪياسين) جي ان لاءِ (دريائن ۾) ٽُٻيون هڻندا هئا ۽ ان کان سواءِ ٻيون خدمتون به ڪندا هئا، ۽ اسان سندن نگهبان هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ شيطانن مان شوخ ڪي، ٽُٻِيون هَڻنِ، تنهن هارِ، ۽ اُنهِيء سوا سَوِين ٻِيا، ڪندا هُئا ڪم ڪارِ، ۽ پُورا پَهريدار، اسِين هُئاسون اُنهن مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ شيطانن مان اهڙا (تابع ڪياسون) جي هن لاءِ ٽٻيون هڻندا هئا ۽ ان کان سواءِ ٻيا ڪم به ڪندا هئا ۽ اسين سندن نگهبان هئاسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ شيطانن مان اسان ڪيترائي سندس مطيع بنايا هئا، جيڪي هن لاءِ ٽٻي هڻندا هئا ۽ ان کانسواءِ ٻيا ڪم پڻ ڪندا هئا. انهن سڀني تي نگهبان اسان ئي هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن شيطانن مان اسان اهڙن گهڻن کي ان جو تابع بنايو جيڪي ان جي لاءِ ٽٻيون هڻندا ۽ ٻيا ڪم به ڪندا هئا، ۽ انهن سڀني جا اسين ئي هئاسين نگهبان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (جنن جي جنس) شيطانن مان گهڻن کي اسان سندس تابع ڪري رکيو ھو ته جيئن هُو اُن لاءِ (سمنڊن مان موتي حاصل ڪرڻ خاطر) ٽٻيون ھڻندا رھن ۽ ھو (جن) ان کان علاوه ٻيا به ڪم ڪندا ھئا ۽ سڀني جي نگراني اسان ئي ڪندا ھئاسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الضُّرُّ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 83) |
۽ (اي پيغمبر) ايوب (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته مون کي ڏُک پھتو آھي ۽ تون (سڀني) کان تمام ٻاجھارو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ايوب (جو معاملو به ياد ڪيو.) هن پنهنجي پروردگار کي پڪاريو ته مان ڏکن ۽ مصيبتن ۾ پئجي ويو آهيان. اي منهنجا رب! تون ئي سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان (حضرت) ايوب جو ذڪر ڪريو جنهن وقت ان پنهنجي رب کي پڪاريو ته بيشڪ مون کي سخت تڪليف پهتي آهي ۽ تون ارحم الراحمين آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) ايوب (جو قصو به ياد ڪر) جڏهن ان پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ دعا گهري ته (خداوندا) بيماري ته منهنجي (پٺيان) پيئي آهي ۽ تون سڀني رحم ڪرڻ وارن مان گهڻو وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) ايوب کي جڏهن سڏيائين رب پنهنجي کي ته بيشڪ مان پهتي مون کي بيماري ۽ تون وڌيڪ رحم ڪندڙ آهين رحم ڪندڙن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ايوب کي (ياد ڪر) جڏهن ان پنهنجي پاليندڙ کي سڏيو ته مون کي تڪليف پهتي آهي ۽ تون سڀني رحم ڪندڙن کان زياده رحم ڪندڙ آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ايوب (کي علم ۽ حڪمت ڏني سين) ياد ڪر جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي پڪاريو: ”بيشڪ مون کي تڪليف پهتي آهي ۽ تون سڀ رحم ڪرڻ وارن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَيُوب سَندسِ آگي کي، جڏهن ساري ڪيو سَڏ، ته پُهتِم حَرج هَڏ، ۽ تون سَڀنيان سَٻاجھو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ايوب (کي ياد ڪر) جڏهن پنهنجي پالڻهار کي پڪاريو ته ”مون کي ڏاڍي تڪليف پهتي آهي ۽ تون سڀني کان ٻاجهارو آهين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهائي نعمت (اهڙين ئي خوبين جي صورت ۾) اسان ايوب کي ڏني هئي. ياد ڪريو جڏهن هن پنهنجي رب کي سڏيو هو ته "مونکي بيماري وڪوڙي وئي آهي ۽ تون سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهين". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ساڳي (حڪم ۽ علم جي) نعمت ايوب کي ڏني سين، ياد ڪر (اي نبي!) جڏهن هن پنهنجي رب کي پڪاريو ته مون کي بيماري لڳي وئي آهي ۽ تون ئي آهين ارحم الراحمين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ايوب ($) جي واقعي کي ياد ڪر. جڏھن ھُن پنھنجي پالڻھار کي سڏيو ته بيشڪ مان سخت تڪليف ۾ آھيان ۽ تون ئي وڏو رحم ڪندڙ ٻاجهارو آھين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاستَجَبنا لَهُ فَكَشَفنا ما بِهِ مِن ضُرٍّ وَءاتَينٰهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِن عِندِنا وَذِكرىٰ لِلعٰبِدينَ (آيت : 84) |
پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون پوءِ جيڪو کيس ڏک پھتو ھو سو لاٿوسون ۽ سندس گھر وارا کيس (ورائي) ڏناسون ۽ اُنھن جھڙا ساڻن گڏ پنھنجي ٻاجھ وٽان (ڏناسون) ۽ (ته) عبادت ڪندڙن لاءِ يادگيري ھجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسان سندس پڪار ٻڌي ۽ جن ڏکن ۾ پئجي ويو هو سي اسان لاهي ڇڏيس. اسان سندس گهر وري آباد ڪيو، ۽ ان سان گڏ اهڙائي (مٽ مائٽ) ٻيا به ڏنا (يعني ٻيڻو مال ۽ اولاد نصيب ٿيس) اها اسان جي طرفان هن لاءِ رحمت هئي ۽ اها نصيحت آهي انهيءَ لاءِ جيڪي الله جي ٻانهپ ڪندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان (حضرت) ايوب جي دعا قبول ڪئي، پوءِ اسان سندس جيڪا به تڪليف هئي، سا دور ڪئي، ۽ اسان ان کي سندس ٻار ٻچا عطا ڪيا ۽ ايترا ٻيا به عطا ڪيا، اها اسان جي طرفان رحمت هئي ۽ اها نصيحت هئي عبادت ڪندڙن لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان سندس جو ڪجھ ڏک درد هئس پري ڪري ڇڏيو ۽ کيس ٻار ٻچا بلڪ ان سان گڏ اوتري ٻي به محض پنهنجي خاص مهرباني سان ۽ عبادت ڪرڻ وارن جي عبرت لاءِ عطا ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ دعا قبول ڪئي سون ان جي پوءِ ختم ڪئي اسان اها جيڪا ان کي هئي تڪليف ۽ (نئون) ڏنو اسان ان کي اهل ان جو ۽ مثال انهن جو انهن سان گڏ رحمت ٿي اسان وٽان ۽ نصيحت ٿي عبادت ڪندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي پوءِ کيس جا تڪليف هئي سا لاٿي سون ۽ اسان کيس سندس ٻارٻچا ۽ انهن سان گڏ انهن جهڙا (ٻيا به) ڏنا، پنهنجي طرفان مهرباني ڪري ۽ هن لاءِ ته عبادت ڪندڙن لاءِ نصيحت هجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي پوءِ کيس جا تڪليف هئي سا لاٿي سين ۽ اسان کيس صرف سندس اهل و عيال ئي عطا نه ڪيو بلڪه انهن سان گڏ اوترائي ٻيا به ڏنا اها اسان جي طرفان (خاص) رحمت هئي ۽ عبادت گذارن لاءِ نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سُئوسون سَڏ اُنهِئَ جو، سَڀ لاٿو سونسِ سُور، ۽ اَهل سَندسِ ٻيو اُن جيترو، موٽِي ڏِنوسونِس مُور، بَخشش پاران پَنهنجي، ڀيڙِي تن ڀَرپُور، ۽ مَرسو هُجي مَذڪور، پُرجھڻ ڪاڻ پُوڄارئيِن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس جيڪا تڪليف ر سيل هئي سا لاٿي سون ۽ سندس گهر وارا کيس ڏناسون ۽ انهن سان گڏ پنهنجي رحمت سان ٻيا به ڏناسون ته عبادت ڪندڙن لاءِ يادگيري هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس جيڪا تڪليف هئي سا دور ڪئي ۽ نه رڳو سندس ٻار ٻچا کيس ڏنا، بلڪه انهن سان گڏ اوترا ٻيا به پنهنجي خاص رحمت طور ڏنا ۽ ان ڪري به ته جيئن اهو عبادت ڪندڙن لاءِ هڪڙو سبق ٿئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس شفا ڏني ان تڪليف مان ۽ کيس عطا ڪيا اهل وعيال ۽ ان وانگر ٻيو به گهڻو ڪجهه ڏنو پنهنجي طرفان رحمت طور، ان لاءِ ته هي عبادت ڪندڙن لاءِ سبق ٿئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان ئي سندس دُعا کي قبول ڪري تڪليف کي دور ڪيو ۽ کيس اسان ئي ٻيھر ٻار ٻچا ڏنا ۽ پنھنجي رحمت سان (پھرين جي مقابلي ۾) اوتري ٻي اولاد به ڏني ته جيئن عبادت گذار ٻانهن لاءِ ھڪ يادگيرو رھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِسمٰعيلَ وَإِدريسَ وَذَا الكِفلِ كُلٌّ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 85) |
۽ اسماعيل ۽ ادريس ۽ ذوالڪفل کي (ياد ڪر)، ھر ھڪ صابرن مان ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهڙيءَ طرح) اسماعيل، ادريس ۽ ذوالڪفل سڀ (حق جي راهه ۾) صبر ڪندڙ هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان (حضرت) اسماعيل ۽ (حضرت) ادريس ۽ (حضرت) ذوالڪفل جو ذڪر ڪريو، اهي سڀئي صبر ڪندڙن مان هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) اسماعيل ۽ ادريس ذوالڪفل (جا واقعا به ياد ڪر) جو هي سڀ صابر بندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اسماعيل ۽ ادريس ۽ ذوالڪفل کي (ياد ڪر) سڀئي صبر ڪندڙن مان هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسماعيل ۽ ادريس ۽ ذوالڪفل کي (ياد ڪر). سڀئي صبر وارن مان هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسماعيل ۽ ادريس ۽ ذوالڪفل (کي به اسان ان نعمت سان نوازيو) اُهي سڀ صبر وارا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اسماعيل، اِدرِيس ۽ ذَوالڪِفل، سَڀئـِي هُئا صابِر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسماعيل، ادريس ۽ ذوالڪفل (کي ياد ڪر) هو سڀ صبر وارا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهائي نعمت اسماعيل ۽ ادريس ۽ ذوالڪفل کي به ڏني سون، اهي سڀئي صبر ڪندڙ هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اها ئي (نعمت) اسماعيل ۽ ادريس ۽ ذوالڪفل کي ڏني، جو اهي سڀ صبر ڪرڻ وارا شخص هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسماعيل، ادريس ۽ ذوالڪفل (ؓ) جي واقعن کي به ياد ڪر. ھي سڀ صبر ڪندڙ (نبي) ھئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَدخَلنٰهُم فى رَحمَتِنا إِنَّهُم مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 86) |
۽ کين پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪيوسون، بيشڪ اُھي صالحن مان ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان هنن کي پنهنجي رحمت جي ڇانوَ ۾ آندو يقيناً هو نيڪ ٻانهن مان هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو بيشڪ اهي صالحين مان هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ اسان انهن سڀني کي پنهنجي خاص رحمت ۾ داخل ڪيو بيشڪ اهي سڀ نيڪ انسان هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ داخل ڪيوسون انهن کي رحمت پنهنجيءَ ۾ بلاشڪ اهي صالحن مان آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان کين پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو. بيشڪ اهي نيڪي ڪرڻ وارن مان هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان انهن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو. بيشڪ اُهي نيڪوڪارن مان هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪياسون پَنهنجي ڪَرم ۾، ڀيڙابرابر، اِهي اَڪابِر، هُئا صالِحن سَندي، ساٿ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان کين پنهنجي ٻاجهه ۾ داخل ڪيو، بيشڪ هو نيڪو ڪار هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کين اسان پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو، بيشڪ اهي صالحن مان هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن کي اسان داخل ڪيو پنهنجي رحمت ۾، جو اهي صالح شخصن مان هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن سڀني کي اسان پنھنجي رحمت ۾ داخل ڪيو. بيشڪ ھو نيڪوڪار ماڻهو ھئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَذَا النّونِ إِذ ذَهَبَ مُغٰضِبًا فَظَنَّ أَن لَن نَقدِرَ عَلَيهِ فَنادىٰ فِى الظُّلُمٰتِ أَن لا إِلٰهَ إِلّا أَنتَ سُبحٰنَكَ إِنّى كُنتُ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 87) |
۽ مڇي واري (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن ھو (پنھنجي قوم) تي ڪاوڙجي ويو پوءِ (ذوالنون ائين) ڀانيو ته اسان جي مٿس ڪڏھن پڪڙ نه ھلندي پوءِ اونداھين ۾ دانھون ڪيائين ته توکان سواءِ ڪو معبود نه آھي تون پاڪ آھين، آءٌ گنھگارن مان آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهڙيءَ طرح) ذولنون (جو معاملي ياد ڪيو) هو (حق جي راهه ۾) غصي ۾ پئجي هليو ويو. پوءِ هن خيال ڪيو ته، اسان کيس تنگي (۽ تڪليف) ۾ نه وجهنداسين. پر پوءِ (جڏهن هن جي حالت تنگ ٿي ويئي تڏهن غم جي) اونداهين ۾ هن پڪاريو، ته اي خدا توکان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي، تنهنجي لاءِ (هر طرح جي) پاڪائي هجي، حقيقت هي آهي ته مون (پاڻ تي وڏو) ظلم ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان (حضرت) يونس جو ذڪر ڪريو، جڏهن پاڻ ڪاوڙ مان نڪتو پوءِ ان کي يقين هو ته اسين سندس مٿان ڪابه تنگي نه ڪنداسين پوءِ ان اسان کي اونداهين ۾ پڪاريو ته توکان سواءِ ڪوبه معبود ناهي، تون نهايت پاڪ آهين، بيشڪ آئون ظالمن مان آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ذوالنون (يونس کي ياد ڪر!) جڏهن ڪاوڙجي هليو ۽ ڄاتائين ته اسين مٿس (روزي) تنگ ڪنداسون (ته اسان کيس مڇي جي پيٽ ۾ پهچائي ڇڏيو) ته بلڪل انڌيري ۾ (گهٻرائجي) چوڻ لڳو: (خداوندا!) تو کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي، تون (هر عيب کان) پاڪ صاف آهين، بيشڪ آءُ قصور وار آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مڇيءَ واري کي جڏهن ويو ڪاوڙ ڪندڙ پوءِ خيال ڪيائين هي هرگز نه تنگي ڪنداسون ان تي پوءِ سڏيائين انڌيرن ۾ هيئن ته ناهي ڪو معبود بالحق مگر تون پاڪائي آهي تنهنجي بلاشڪ مان هوس قصور وارن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مڇي واري (يونس) کي (ياد ڪر) جڏهن ڪاوڙجي هليو پوءِ خيال ڪيائين ته اسين مٿس تنگي نه ڪنداسون پوءِ اونداهين ۾ سڏيائين ته توکانسواءِ ڪو حاڪم نه آهي، تون پاڪ آهين. بيشڪ آءُ ظالمن مان هوس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مڇي واري (نبي يونس کي به نوازيو) ياد ڪر جڏهن اُهو (قوم تي) ڪاوڙجي هليو پوءِ هي گمان ڪيائين ته اسان ان مٿان هرگز تنگي نه ڪنداسين پوءِ ان (رات، مڇي جي پيٽ ۽ درياء جي تري جي) اونداهين ۾ پڪاريو هي ته: ” تو کان سواءِ ڪو معبود ناهي تون پاڪ آهين، بيشڪ آءٌ ئي (پنهنجي پاڻ تي) زيادتي ڪرڻ وارن مان آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَڇِئَ وارو، وار جِنهن، نِڪتو خَفي ٿِي خان، ڀانئـِين ته بَندش اُن تي، اَسِين ڪنداسون ڪانه، پوءِ اُونداهِين ۾ اُن ڪيو، فَرياد و فِغان، ته تو ڌاران، ڌڻِي ناھ ڪو، توکي سڀ ڪو چَئي سُبحان، آهيان آئون عيان، بيدِل بيدادن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مڇيءَ واري کي (ياد ڪر) جڏهن ڪاوڙ مان ڀرجي هليو، پوءِ ڀانيائين ٿي ته اسين مٿس پڪڙ نه ڪنداسون، پوءِ اونداهين ۾ دانهون ڪيائين ته ”توکان سواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ناهي، تون پاڪ آهين، بيشڪ آءُ وڏو گنگهار آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مڇيءَ واري کي به اسان نوازيو. ياد ڪريو جڏهن هو ڪاوڙجي هليو ويو هو ۽ سمجهيائين پئي ته اسان کيس نه پڄي سگهنداسون. نيٺ هن اونداهين مان پڪاريو: "ناهي ڪو معبود سواءِ تنهنجي، پاڪ آهي تنهنجي ذات، بيشڪ مان ئي قصوروار هوس". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نوازيوسين مڇيءَ واري کي، ياد ڪر جڏهن اهو ڪاوڙجي هليو ويو ۽ سمجهيائين ته اسان پڪڙ نه ڪنداسين ان تي، نيٺ ان پڪاريو اونداهين مان، ناهي ڪوبه معبود سواءِ تنهنجي، تنهنجي ئي ذات پاڪ آهي، بيشڪ مون قصور ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُھو وقت به ياد ڪر. جڏھن مڇيءَ وارو (يونس $ پنھنجي قوم کان) ڪاوڙجي نڪتو، کيس اھو ڌيان ۾ ئي نه رھيو ته ڪو مٿس اسان جي طرفان ڪا پڪڙ ٿيندي (پوءِ کيس مڇيءَ جي پيٽ ۾ پھچايو) ھن اتي اونداھين ۾ (اسان کي) سڏيو ته (يا اللھ!) توکان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آھي، تنھنجي ئي ذات پاڪ آھي بيشڪ مان ئي قصوروار آھيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاستَجَبنا لَهُ وَنَجَّينٰهُ مِنَ الغَمِّ وَكَذٰلِكَ نُۨجِى المُؤمِنينَ (آيت : 88) |
پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون ۽ کيس غم کان بچايوسون، ۽ اھڙي طرح مؤمنن کي بچائيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسان هن جي پڪار ٻڌي ۽ هن کي غمگينيءَ کان ڇڏايوسين (ڏسو) اسان اهڙيءَ طرح ايمان وارن کي نجات ڏيندا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان ان جي دعا قبول ڪئي ۽ اسان ان کي غم مان نجات ڏني، ۽ اهڙي طرح اسين مؤمنن کي نجات ڏيون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نيٺ اسان سندس دعا قبول ڪئي پڻ کيس رنج کان نجات ڏياري، ۽ اسان مومنين کي اهڙي طرح نجات ڏيندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ دعا قبول ڪئي سون ان جي ۽ ڇڏايوسون ان کي غم کان ۽ اهڙي طرح ڇڏائينداسون مؤمنن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ ان کي غم کان بچايوسون، ۽ اهڙيءَ طرح ايمان وارن کي بچايون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس غم مان نجات ڏني. ۽ اهڙي طرح اسان مؤمنن کي نجات ڏيندا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَسان ڪَئـِي اُن جِي، مَعذرت مَنظور، ۽ آجو ڪيو سون اُن کي، مَنجھان غم غرقور، ۽ مُؤمنن کي مُور، اِنپر آجو ٿا ڪريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس غم کان ڇڏايوسون ۽ اسين مؤمنن کي ائين بچائيندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تڏهن اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس سخت تڪليف کان ڇوٽڪارو ڏنوسون ۽ ائين ئي اسان مؤمنن کي بچائي وٺندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تڏهن اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس ڇوٽڪارو ڏنو غم کان، ۽ اهڙيءَ طرح اسان بچائيندا آهيون مؤمنن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان سندس دعا کي قبول ڪيو ۽ ان کي ڏک کان نجات ڏني. اسان اھڙي طرح ئي ايمان وارن کي بچائيندا آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَزَكَرِيّا إِذ نادىٰ رَبَّهُ رَبِّ لا تَذَرنى فَردًا وَأَنتَ خَيرُ الوٰرِثينَ (آيت : 89) |
۽ زڪريا (جو قصّو ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي ھيڪلو نه ڇڏ ۽ تون چڱو وارث آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهڙيءَ طرح) زڪريا (جو معاملي ياد ڪيو) هن پنهنجي پروردگار کي پڪاريو هو ته، اي منهنجا پروردگار مون کي (هن دنيا ۾) اڪيلو نه ڇڏ، (يعني بي وارث نه ڪر) ۽ (هونئن ته) تون ئي (اسان سڀني جو) بهتر وارث آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان (حضرت) زڪريا جو ذڪر ڪريو جنهن وقت ان پنهنجي رب کي پڪاريو، ته اي منهنجا رب تون مون کي (اولاد کان سواءِ) اڪيلو ڪري نه ڇڏ ۽ تون بهترين وارث آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) زڪريا (کي ياد ڪر) جڏهن ان پنهنجي پروردگار کان دعا گهري ته اي منهنجا پالڻهار! مون کي اڪيلو (بي اولاد) نه ڪر! ۽ تون ته سڀني وارثن کان چڱو آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ زکريا کي (ياد ڪر) جڏهن سڏيائين رب پنهنجي کي اي منهنجا رب! نه ڇڏ مون کي اڪيلو ۽ تون ڀلو آهين وارثن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زڪريا کي (ياد ڪر) جڏهن ان پنهنجي پاليندڙ کي سڏيو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون کي اڪيلو نه ڇڏ، ۽ تون سڀني وارثن کان چڱو وارث آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زڪريا ( کي به نوازيو) ياد ڪر جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي پڪاريو: ”اي منهنجا پروردگار! مون کي اڪيلو نه ڇڏ ۽ تون سڀ وارثن کان بهتر وارث آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ڪيو زڪريا، سائـِينءَ سَندسِ کي سَڏ، مُون هيڪلو ڇَڏمَ هَڏ، تون وارث سَڀنِي ۾ واھ جو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ زڪريا (کي ياد ڪر) جڏهن سندس پالڻهار کي پڪاريائين ته ”اي رب! تون مون کي اڪيلو نه ڇڏ ۽ تون سڀ کان سٺو وارث آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ زڪريا، جڏهن هن پنهنجي رب کي پڪاريو هو ته "اي پروردگار! مون کي اڪيلو نه ڇڏجانءِ ۽ ڀلي ۾ ڀلو وارث ته تون ئي آهين". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ زڪريا کي به، جڏهن هن پڪاريو پنهنجي رب کي، ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي نه ڇڏ اڪيلو، ۽ تون ته سڀ کان سهڻو سٺو وارث آهين“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ زڪريا ($) جي واقعي کي ياد ڪر. جڏھن هُن پنھنجي پالڻھار کي ٻاڏايو ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي بي اولاد نه ڪجانءِ . (حقيقت ۾) تون ئي سڀني وارثن کان بھترين وارث آھين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاستَجَبنا لَهُ وَوَهَبنا لَهُ يَحيىٰ وَأَصلَحنا لَهُ زَوجَهُ إِنَّهُم كانوا يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَيَدعونَنا رَغَبًا وَرَهَبًا وَكانوا لَنا خٰشِعينَ (آيت : 90) |
پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون ۽ کيس يحيىٰ بخشيوسون ۽ سندس زال کي سندس لاءِ چڱو ڪيوسون، اُھي چڱاين ۾ آڳاٽائي ڪندا ھوا ۽ اسان کي اُميد ۽ ڀؤ ڪري سڏيندا ھوا، ۽ اسان کان ڊڄندڙ ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (ڏسو) اسان هن جي پڪار ٻڌي، هن کي (هڪ فرزند) يحيٰ عطا ڪيوسين ۽ سندس اهليه کي ان لاءِ تندرست ڪيوسين، اهي سڀ ماڻهو چڱن عملن ڪرڻ ۾ سرگرم ۽ تڪڙا هوندا هئا. (اسان جي فضل ۾) اميدون رکي ۽ (اسان جي جلال کان) خوف ۾ رهي دعائون گهرندا هئا، ۽ اسان جي اڳيان عجز نياز ۽ نماڻائيءَ سان جهڪيل هوندا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان سندس اها دعا قبول ڪئي ۽ ان کي يحييٰ (پٽ) عطا ڪيو ۽ اسان ان جي گھر واري ۾ صلاحيت پيدا ڪئي، بيشڪ اهي سڀئي چڱاين ۾ تڪڙ ڪندا هئا ۽ اسان کي رغبت ۽ خوف سان پڪاريندا هئا، ۽ اهي اسان کان خوف ڪندڙ هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس يحيى جهڙو پٽ ڏنوسون ۽ اسان سندس لاءِ ان جي زال کي سنواريو بيشڪ اهي نيڪ ڪمن ۾ جلدي ڪندا هئا ۽ اسان کي اميد ۽ ڊپ سان سڏيندا هئا ۽ اسان جي اڳيان عاجزي ڪندڙ هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ دعا قبول ڪئي سون ان جي ۽ ڏنوسون ان کي يحيٰي ۽ اولاد جو اهل بنايوسون ان لاءِ گهر واريءَ ان جي کي بيشڪ اهي جلدي ڪندا هئا نيڪين ۾ ۽ دعا گهرندا هئا اميد ڪندي ۽ ڊڄندي ۽ هئا اسان جي لاءِ نوڙت ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ اسان ان کي يحيٰ بخشيو ۽ اسان ان لاءِ سندس زال کي درست (قابل اولاد) ڪيو. بيشڪ اهي نيڪ ڪمن ۾ جلدي ڪندا هئا ۽ اسان کي اميد ۽ ڊپ سان سڏيندا هئا. ۽ اسان جي اڳيان عاجزي ڪندڙ هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي. ۽ اسان کيس يحى (پُٽُ) بخشيو. ۽ اسان سندس واسطي سندس گهروارِي کي به درست (قابلِ اولاد) بنايو. بيشڪ اُهي (سڀ) نيڪي جي ڪمن ۾ جلدي ڪندا هئا ۽ اسان کي اميد ۽ خوف سان سڏيندا هئا. ۽ اسان جي سامهون عاجزي ڪرڻ وارا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَ گھائـِي سون اُن جِي دُعا مَنجھ دَرٻار، ۽ يَحيٰ بَخشيوسون اُن کي، پڻ نيڪ ڪَئـِي سونِس نار، سي ڪَندا سَعيو، سيگھ هئا، نيڪيُن مَنجھ نِبار، ۽ اَسان کي اُميد، خوف ۾، هُئا زاريون ڪندا زار، ۽ هُئا اَسان جي هارِ، ڏاڍو ڏَرندڙ ڏِيل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس يحيٰ بخشيوسون ۽ سندس زال کي سندس لاءِ نيڪ بنايوسون. هو چڱاين ۾ اڳرائي ڪندا هئا_ ۽ اسان کي اميد ۽ ڊپ سان پڪاريندا هئا ۽ اسان کان ڊڄندا هئا_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس يحيٰ عطا ڪيو ۽ سندس زال کي ان لاءِ ٺيڪ (ڄڻڻ لائق) بڻائي ڇڏيو، اهي ماڻهو نيڪيءَ جي ڪمن ۾ اڳرا رهندا هئا ۽ اسان ۾ اميد رکي ۽ ڊڄندي پيا پڪاريندا هئا ۽ اسان جي آڏو نوڙيل هوندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اسان قبول ڪئي سندس دعا ۽ کيس عطا ڪيوسين يحييٰ، ۽ صحيح ڪيو سندس لاءِ ان جي زال کي، انهن ماڻهن اڳتي وڌي ڊڪ ڊوڙ ڪئي نيڪيءَ جي ڪمن ۾، ۽ اسان کي ئي پڪاريندا هئا رغبت ۽ خوف مان، ۽ اسان جي آڏو جهڪيل رهندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان سندس دعا کي قبول ڪيو ۽ سندس گهر واري جي سَنڍ ھجڻ واري بيماري کي ختم ڪري سندس لاءِ تندرست ڪري ڇڏيو ۽ اسان کيس يحى پُٽ عطا ڪيو، بيشڪ ھي سڀ ماڻهو نيڪيءَ جي ڪمن ۾ اڳتي اڳتي ھوندا ھئا ۽ ھميشه اسان کي وڏي چاهه ۽ خوف سان سڏيندا ھئا ۽ ھو سڀ اسان جي اڳيان عاجزي ڪندڙ ماڻهو ھئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيها مِن روحِنا وَجَعَلنٰها وَابنَها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 91) |
۽ (انھيءَ زال جوقصّو ياد ڪر) جنھن پنھنجي اُگھڙ بچائي پوءِ منجھس پنھنجو روح ڦوڪيوسون ۽ کيس ۽ سندس پٽ کي ساري جڳ لاءِ نشاني ڪئي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهڙيءَ طرح) انهي (پاڪ) عورت جو معاملو (به ياد رکو) جنهن پنهنجي پاڪدامني جي حفاظت ڪئي هئي (يعني حضرت مريم جو معاملو ياد رکو) پوءِ اسان پنهنجي روح مان ڪجهه هن ۾ ڦوڪيو، ۽ کيس ۽ سندس پٽ (حضرت مسيح) کي سڄي دنيا جي لاءِ (سچائي جي) هڪ نشاني بنايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان بيبي مريم جو ذڪر ڪريو جيڪا پاڪ دامن هئي، پوءِ اسان ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو ۽ اسان ان کي ۽ ان جي پٽ (حضرت عيسيٰ) کي جهانن وارن لاءِ نشاني بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) ان بيبي (مريم) کي (به ياد ڪر) جنهن پنهنجي عفت جي حفاظت ڪئي، اسان سندس (پيٽ) ۾ پنهنجي طرفان روح ڦوڪيو پڻ کيس ۽ سندس پٽ (عيسى) کي ساري جهان جي لاءِ (پنهنجي قدرت جي) نشاني بنائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اها عورت جنهن محفوظ رکي اگهڙ پنهنجي پوءِ ڦوڪيو اسان ان ۾ پنهنجي روح مان ۽ بنايوسون ان کي ۽ پٽ ان جي کي نشاني جهانن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اها زال (ياد ڪر) جنهن پنهنجي اگهڙ کي بچايو پوءِ اسان ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو، ۽ ان کي ۽ سندس پٽ کي قومن لاءِ نشاني ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اها عورت (بيبي مريم) جنهن پنهنجي پاڪيزگي جي حفاظت ڪئي پوءِ اسان ان ۾ پنهنجي روح سان ڦوڪيو ۽ اسان ان کي ۽ سندس پُٽ (عيسى) کي جهان وارن لاءِ نشاني بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مَريم ڌِيءَ عِمران جي، جنهن سَندسِ سِيل سَنڀاليو، پوءِ مَنجھسِ ڦوڪِي سون، مِهرسان پاران پَنهنجي جان، اُن ۽ اُن جي لال کي، جو عيسٰى عالِيشان، ڪيو سون نيڪ نيشان، جُڳا جُڳ جَڳن لاءِ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهي عورت (کي ياد ڪر) جنهن پنهنجي اوگهڙ بچائي، پوءِ ان ۾ پنهنجي روح مان ڦوڪيوسون ۽ ان ۽ سندس پٽ کي جهانن لاءِ نشاني بڻايوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اها عورت (مريم) جنهن پنهنجي لـڄ جي حفاظت ڪئي هئي، اسان منجهس پنهنجي روح مان ڦوڪيو ۽ کيس ۽ سندس پٽ کي ساري جڳ لاءِ نشاني بڻائي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اها عورت جنهن عصمت جي حفاظت ڪئي هئي، اسان ڦوڪيو ان جي اندر پنهنجو روح ۽ بڻايوسين (مريم) ۽ سندس پٽ کي نشاني ساري جهان لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ان (پاڪ) بي بيءَ جي واقعي کي به ياد ڪر. جنھن پنھنجي ننگ (يعني اوگهڙ) جي حفاظت ڪئي. اسان ان ۾ پنھنجو روح ڦوڪيو پوءِ کيس ۽ سندس پُٽ کي تمام جھان وارن لاءِ ھڪ وڏي نشاني بڻايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاعبُدونِ (آيت : 92) |
بيشڪ اِھو اوھان جو دين ھڪ دين آھي، ۽ آءٌ اوھان جو پالڻھار آھيان تنھنڪري منھنجي عبادت ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن سڀني نبين ۽ رسولن جي وسيلي اسان جيڪا تعليم ڏني هئي سان هيءَ هئي ته) هي توهان سڀني جي امت حقيقت ۾ هڪ ئي امت آهي (جدا جدا دين ۽ جدا جدا مذهبي ٽوليون ڪونه آهن) ۽ مان ئي توهان سڀني جي (اڪيلو) پروردگار آهان. تنهن ڪري توهان کي گهرجي ته فقط منهنجي ٻانهپ ڪيو (۽ ان راهه ۾ جدا جدا نه ٿي وڃو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان جو هي دين هڪڙو دين آهي ۽ آئون توهان جو هڪ رب آهيان پوءِ توهان فقط منهنجي عبادت ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ هو اوهان جو دين (اسلام) هڪ دين آهي آءُ اوهان جو پالڻهار آهيان ته منهنجي ئي عبادت ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ هي دين اوهان جو آهي دين هڪ ۽ مان رب اوهان جو آهيان پوءِ عبادت ڪيو منهنجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهو اوهان جو دين هڪ دين آهي ۽ آءُ اوهان جو پاليندڙ آهيان پوءِ منهنجي عبادت ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هيءَ اوهان جي امت آهي جا (حقيقت ۾) هڪ ئي امت آهي ۽ آءٌ اوهان جو پالڻهار آهيان پوءِ منهنجي عبادت ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي اُمّت اَوهان جِي هيڪڙي، آئون سَڀن جو سائين، پوءِ ڪَريو مُون هيڪ جِي، شيوا سدائـِين، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اوهان جو اهو دين هڪ ئي آهي، ۽ آءُ اوهان جو ڌڻي آهيان، ان ڪري منهنجي بندگي ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها توهان جي امت ته اصل ۾ هڪ ئي امت آهي ۽ مان توهان جو رب آهيان، تنهنڪري توهان منهنجي عبادت ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هي توهان جي امت حقيقت ۾ هڪ ئي امت آهي ۽ آئون ئي توهان جو رب آهيان ۽ منهنجي ئي عبادت ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ھي توھان جي امت ئي ھڪ امت آھي ۽ مان ئي توھان سڀني جو پالڻھار آھيان. پوءِ سڀئي منھنجي عبادت ڪندا ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم كُلٌّ إِلَينا رٰجِعونَ (آيت : 93) |
۽ پنھنجي (دين جي) ڪمن کي پاڻ ۾ ٽُڪر ٽُڪر ڪيائون، سڀئي مون ڏانھن موٽندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر ماڻهن پاڻ ۾ اختلاف ڪري (هڪ ئي) دين جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا، (نيٺ ڏسندؤ ته) سڀني کي اسان ڏي موٽڻو آهي (۽ انهيءَ اختلاف ۽ دشمنين جو نتيجو چکڻو آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن (يهودين) دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، سڀئي اسان ڏانهن موٽندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن پاڻ ۾ (اختلاف ڪري) پنهنجي دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو (هوڏانهن) سڀئي اسان ڏي ئي موٽي اچڻ وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪيائون دين پنهنجي کي پاڻ ۾ سڀئي اسان ڏانهن موٽندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن پاڻ ۾ پنهنجي ڪم کي جدا جدا ڪري ڇڏيو سڀئي اسان ڏي ئي موٽي اچڻ وارا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ماڻهن پاڻ ۾ پنهنجي دين ۾ ڌڙي بندي ڪئي سڀ اسان ڏانهن موٽي اچڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پوءِ پٰنهنجو ڪَم پاڻ ۾، وِرڇيؤن وِچانئـِين، آخِر سڀ آئـِين، مُون ڏي آهيو موٽڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن سندن (دين جي) ڪمن کي پاڻ ۾ ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو، پر سڀ اسان ڏانهن موٽندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مگر (ماڻهن ڇا ڪيو جو) انهن پاڻ ۾ پنهنجي دين کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري ڇڏيو. سڀني کي اسان ڏانهن ئي موٽڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر ٽڪر ٽڪر ڪيو هنن ماڻهن پاڻ ۾ پنهنجي دين کي، (پوءِ) سڀني کي اسان ڏي ئي موٽڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن جي پنھنجي فرقي بازيءَ ئي دين جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا (بھرحال) سڀني کي اسان ڏانھن ئي موٽڻو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا كُفرانَ لِسَعيِهِ وَإِنّا لَهُ كٰتِبونَ (آيت : 94) |
پوءِ جيڪو چڱا ڪم ڪندو ۽ اُھو مؤمن به ھوندو تنھنجي ڪوشش جي بي قدري نه ڪبي، ۽ اسين اُن لاءِ لکندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (ياد رکو ته، هن باري ۾ بنيادي ڳالهه هيءَ آهي ته) جيڪو به نيڪ عمل ٿو ڪري ۽ (الله تي) ايمان به اٿس تنهن جي ڪوشش اجائي نه ٿيندي. اسان سندس نيڪيون لکي ڇڏڻ وارا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪو ماڻهو نيڪ عمل ڪري ٿو ۽ اهو مؤمن آهي، پوءِ سندس عمل رائگان نه ويندو ۽ بيشڪ اسين سندس عمل لکندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تنهن وقت فيصلو ٿي ويندو) ته جو ماڻهو چڱا ڪم ڪندو ۽ اهو ايماندار به هوندو ته ان جي محنت اجائي نه ٿيندي. ۽ بيشڪ اسين سندس عمل لکندا رهون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪو ڪندو صالح عمل ۽ اهو مؤمن آهي پوءِ ناهي بي قدري ان جي ڪمائيءَ لاءِ ۽ يقينًا اسين ان جي لاءِ لکندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪو به ڪجهه چڱا ڪم ڪندو ۽ اهو ايمان وارو هوندو تنهن جي ڪوشش جي بي قدري نه ٿيندي. ۽ بيشڪ اسين ان (جي ڪوشش) کي لکندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جو به چڱا عمل ڪري ۽ اُهو مؤمن (به) هجي ته ان جي ڪوشش جي بي قدري ڪونه ڪئي ويندي، ۽ بيشڪ اسان ان جي لکڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جِنهن چَڱا ڪَم ڪيا، ۽ اُهي آهن اِيماندار، پوءِ سَندسِ سَعيي صاف جي، ناهي ڪا ناڪار، ۽ اُنهئَ جا ڪم ڪار، اَسِين لِکندڙ آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جنهن چڱا ڪم ڪيا ۽ هو مومن به هوندو، ان جي ڪوشش جي بيقدري نه ڪبي ۽ اسين تن لاءِ لکندڙ آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جيڪو نيڪ عمل ڪندو ۽ ايمان وارو هوندو ته سندس ڪم جي ڪابه بي قدري نه ٿيندي ۽ اسان اهو لکندا رهون ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جيڪو سٺا عمل ڪندو ۽ ان حال ۾ جو اهو مؤمن به هجي، ته ان جي ڪم جي بي قدري نه ٿيندي، ۽ ان کي ته اسان (مڪمل طور) لکي رهيا آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جيڪو ماڻهو مؤمن جي حيثيت ۾ نيڪ عمل ڪندو ته ان جي اُن ڪوشش جي ناقدري نه ڪئي ويندي ۽ اسان ئي سندس ڪوشش کي لکندا وڃون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَحَرٰمٌ عَلىٰ قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَنَّهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 95) |
۽ جنھن ڳوٺ کي ناس ڪيوسون تنھن تي حرام ٿيل آھي ته وري موٽي ايندا اُھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) جنهن بستيءَ لاءِ اسان برباديءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، تنهن لاءِ (ڪاميابي ۽ سعادت) ممڪن ئي ناهي. انهيءَ بستيءَ جا ماڻهو ڪڏهن به (پنهنجي سرڪشي ۽ شرارتن کان) باز اچڻا ناهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ڳوٺاڻن کي اسان هلاڪ ڪيو انهن لاءِ نا ممڪن آهي جو تحقيق اهي وري موٽي اچن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن به ڳوٺ کي اسان برباد ڪيو ٿي نٿو سگهي جو اهي ماڻهو قيامت جي ڏينهن ڦري گهمي اسان وٽ موٽي نه اچن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ حرام آهي ان ڳوٺ تي جو هلاڪ ڪيو اسان ان کي ته بيشڪ اهي نه موٽندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن به ڳوٺ کي اسان برباد ڪيو تنهن تي هيءَ ڳالهه مقرر ٿيل هئي ته اهي نه موٽندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن ڳوٺ (وارن) کي اسان هلاڪ ڪيو ان جو (دنيا ۾ ) موٽي اچڻ محال آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو ڳوٺ ڪيوسون ناس، آهي حرام اُن تي، ته تُنهنجي گَھرن پاس، موٽِي اَچن ماڳ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽جن ڳوٺن کي ناس ڪيوسون، تن لاءِ وري موٽڻ حرام آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو ممڪن ئي نه آهي ته جنهن آباديءَ کي اسان تباهه ڪري چڪا هجون سا وري موٽي اچي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ممڪن ناهي ته اسان جنهن وستيءَ کي ناس ڪيو هجي، سا وري (ڪنهن طرح) موٽي سگهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جنھن به شھر کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو هجي ته ان جي رھڻ وارن جو وري هن دنيا ۾ موٽڻ بلڪل ناممڪن آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
حَتّىٰ إِذا فُتِحَت يَأجوجُ وَمَأجوجُ وَهُم مِن كُلِّ حَدَبٍ يَنسِلونَ (آيت : 96) |
تان جو جڏھن يَاجُوج ۽ مَاجُوج کي کولبو ۽ اُھي سڀڪنھن دڙي کان ڊوڙندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن اهو وقت اچي ويندو جو ياجوج ۽ ماجوج جي لاءِ واٽ کلي پوندي، (زمين جي) مٿاهين کان هو ڊوڙندا لهي ايندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ايستائين جو جڏهن ياجوج ۽ ماجوج (ٻن قبيلن جا نالا آهن) کوليا ويندا ۽ اهي هر بلندي کان (هيٺائين ڏانهن فوراً) پکڙجي ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تان جو ايترو (عرصو ته ضرور لڳندو) جو جڏهن ياجوج ماجوج (سڪندري ديوار جي قيد کان) آجا ڪيا وڃن ۽ اهي (زمين جي) هر بلنديءَ کان ڊوڙندا نڪري پون. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانجو جڏهن کوليا ويندا ياجوج ۽ ماجوج ۽ اهي هر دڙي کان ڊوڙي چڙهندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تانجو جڏهن ياجوج ماجوج تي فتح ٿيندي ۽ اهي سڀ ڪنهن بلنديءَ کان هيٺ ڪرندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ايستائين جو جڏهن ياجوج ماجوج کوليا ويندا ۽ اُهي هر مٿاهين کان ڊوڙندا ايندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان ياجُوج ۽ ماجُوج کي، جڏهن مِلي ڇيٽِي، ۽ هر لَڪَ مَٿان ليٽِي، پَکڙن هَر ڪِنهن پار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تان جو جڏهن ياجوج ماجوج کي کولبو ۽ هو هر ڪنهن دڙي کان ڊوڙندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تان جو جڏهن ياجوج ۽ ماجوج ڇوڙي ڇڏيا ويندا ۽ هو هر مٿانهينءَ کان پيا نڪري پوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ايستائين جو جڏهن کوليا ويندا ياجوج ۽ ماجوج، ته اهي هر ڪنهن مٿاهينءَ مان نڪري پوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ايستائين جو جڏھن ياجوج ماجوج آزاد ڪيا ويندا پوءِ ھو ھر مٿانھين جاين تان لھي ڊوڙندا نڪري ايندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاقتَرَبَ الوَعدُ الحَقُّ فَإِذا هِىَ شٰخِصَةٌ أَبصٰرُ الَّذينَ كَفَروا يٰوَيلَنا قَد كُنّا فى غَفلَةٍ مِن هٰذا بَل كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 97) |
۽ (جڏھن) سچو وعدو پھچندو تڏھن اوچتو ئي ڪافرن جو اکيون ٽڙي وينديون، (چوندا ته) ھَيءِ اَرمان بيشڪ ھن (حال) کان بي خبريءَ ۾ ھواسون بلڪ اسين ئي ظالم ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (خدا جي) سچي واعدي جي گهڙي ويجهي اچي ويندي تڏهن انهن ماڻهن جون اکيون (دهشت ۽ حيرانيءَ ۾) ڦاٽل رهجي وينديون جن ماڻهن سچائيءَ کان انڪار ڪيو هو. (اهي ماڻهو بي اختيار پڪاري پڪاري چوندا ته) افسوس اسان جي حال تي! اسان هن (دهشتناڪ گهڙيءَ) کان غافل رهياسين. بلڪ اسان ظلم ۽ شرارت ۾ ٽمٽار هئاسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ سچو وعدو (قيامت جو) ويجھو آهي پوءِ ان وقت ڪافرن جون اکيون پٽجي وينديون، (پوءِ اهي چوندا) هاءِ. افسوس، بيشڪ اسين (دنيا ۾) انهيءَ کان بي خبر هئاسين بلڪِ اسين ته ظالم هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (قيامت جو) سچو وعدو ويجهو اچي ته پوءِ ڪافرن جون اکيون ان ئي وقت پٿرائجي وينديون (۽ چوڻ لڳندا ته) هاءِ افسوس، اسين ته هن (ڏينهن) کان غفلت ۾ ئي (پيا) رهياسون بلڪ (سچ ته هي آهي ته پاڻ تي) اسين پاڻ ظالم هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ويجهو ايندو وعدو سچو پوءِ ان وقت ٿڙندڙ هونديون اکيون انهن جون جن ڪفر ڪيو اي هلاڪت اسان جي لاءِ تحقيق هئاسون غفلت ۾ هن کان بلڪه هئاسون اسين ظلم ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سچو وعدو ويجهو ٿيندو ته ان ئي وقت ڪافرن جون اکيون کليون رهجي وينديون (چوندا ته) اسان لاءِ وڏي خرابي آهي، بيشڪ اسين هن کان غفلت ۾ هئاسون پر ظالم هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (قيامت جو) سچو وعدو ويجهو اچي ويندو ته ان ئي وقت انهن ماڻهن جون اکيون کليل رهجي وينديون جن ڪفر ڪيو. (چوندا ته) ”هاءِ اسان جي بربادي! اسان هن کان غفلت ۾ پيل هئاسين بلڪه اسان ظالم هئاسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ويجھو ٿيو واعِدو، بَرحق بَرقرار، پوءِ اِجھو اکيون اُنهن جون، کيريون ۽ خُوار، ڦِريا جي فَرمان کان؛ وَراڻيؤن تِنهن وار، حيف اَسان کي، ته هِن کان هُئاسون، غَفلت ۾ غار، ظالِم زِيان ڪار، اُٽلو اَسِين آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سچو وعدو پهچندو، تنهن وقت ڪافرن جون اکيون ٽڙي وينديون (چوندا) افسوس! اسين بيشڪ هن بي خبريءَ ۾ هئاسون، بلڪ اسين ته ظالم هئاسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سچي وعدي جي پوري ٿيڻ جو وقت به اچي سڻائو ٿيندو ته پوءِ امالڪ انهن ماڻهن جون اکيون کلي وينديون جن ڪفر ڪيو هو. چوندا: "هاءِ اسان جي بدبختي، اسان ته انهن ڳالهين کان غفلت ۾ پيل هئاسون، بلڪه حقيقت اها آهي ته اسان ڏوهاري هئاسون". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پوءِ وقت اچي ويجهو ٿيندو سچي وعدي جو ۽ اوچتو ئي انهن ماڻهن جون ڦاٽي پونديون اکيون، جن ماڻهن به ڪفر ڪيو هو. اهي چوندا، هاءِ اسان جي بدبختي، اسين ته غفلت ۾ پيل هئاسين هن ڳالهه کان اسان ئي خطاڪار هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏھن سچو وعدو اچي ويجهو ٿيندو ته ڪافرن جي اکين جا دَوڏا نڪري ايندا ۽ چوندا ته هاءِ اسان برباد ٿي وياسين! اسان ته ھن شيءِ کان غافل ٿي ويٺا ھئاسين ۽ اسان (پنھنجو پاڻ تي) ظلم ڪندڙ ھئاسون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّكُم وَما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ حَصَبُ جَهَنَّمَ أَنتُم لَها وٰرِدونَ (آيت : 98) |
اوھين ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو سي دوزخ جو ٻارڻ آھيو، اُن ۾ اوھين گھڙندڙ آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله تعاليٰ اهڙن ظالمن کي ٿو ٻڌائي ته) توهان ۽ اهي جن کي توهان الله کي ڇڏي پوڄيو ٿا دوزخ جو ٻارڻ آهيو، توهان سڀ اتي پهچڻ وارا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان الله تعالى کانسواءِ جن بتن جي عبادت ڪندا هئا اهي سڀ جهنم جو ٻارڻ ٿيندا، توهان ان دوزخ ۾ ڪرندڙ آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ان ڏينهن چيو ويندو ته اي ڪافرو) اوهين ۽ جن جي اوهين خدا کانسواءِ عبادت ڪندا هئا، سي دوزخ جو ٻارڻ آهن (۽) توهان سڀني کي منجهنس وڃڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اوهان ۽ جن جي عبادت ڪيو ٿا الله کان سواءِ ٻارڻ جهنم جو آهيو اوهان ان ۾ داخل ٿيندڙ آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اوهين (پاڻ) ۽ جن جي اوهين الله کانسواءِ عبادت ڪريو ٿا سي دوزخ جو ٻارڻ آهيو اوهين ان ۾ ئي گهڙڻ وارا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ توهان ۽ اُهي (بت) جن جي اوهان الله کي ڇڏي پوڄا ڪيو ٿا (سڀ) دوزخ جو ٻارڻ آهن توهان ان ۾ داخل ٿيڻ وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهِين پاڻ، ڪِ جيڪي پُوڄيو، ٻِيا داتا، ڌڻئَ ڌار، آهيو ٻارڻ آگ جو، پُوڄ، توڻِي پينار، آهيو اَچڻا اُن ۾، ڀيڙا ڀائيوار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين خواهه اهي، جن جي اوهين الله کانسواءِ بندگي ٿا ڪريو سي دوزخ جو ٻارڻ آهيو، اوهين ان ۾ گهڙندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلاشڪ توهان ۽ توهان جا اهي معبود جن کي توهان الله کي ڇڏي پوڄيو ٿا، جهنم جو ٻارڻ بڻبا، اتي ئي توهان کي وڃڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (کين چيو ويندو) بيشڪ توهان ۽ توهان جا خدا جن کي پوڄيو ٿي توهان الله کي ڇڏي، کاڄ آهيو دوزخ جو، توهان کي ته اتي ئي وڃڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ توھان ۽ جن جي اللھ تعالى کان سواءِ ٻين جي پوڄا ڪريو ٿا سي سڀ جھنم جو ٻارڻ آھيو. توھان ضرور ان ۾ داخل ٿيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَو كانَ هٰؤُلاءِ ءالِهَةً ما وَرَدوها وَكُلٌّ فيها خٰلِدونَ (آيت : 99) |
جيڪڏھن اُھي (بُت) معبود ھجن ھا ته اُن (دوزخ) ۾ نه گھڙن ھا، ۽ مڙيئي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن اهي سچ پچ معبود (خدائيون) هجن ها ته ڪڏهن به دوزخ ۾ نه پهچن ها. (حقيقت هيءَ آهي ته) اهي سڀ هميشه ان دوزخ ۾ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن اهي بت معبود هجن ها ته دوزخ ۾ نه ڪرن ها، ۽ سڀئي (ڪافر ۽ بت) دوزخ ۾ هميشه رهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن اهي (سچا) معبود هجن ها ته کين دوزخ ۾ گهڙڻو نه پوي ها. ۽ (هاڻي ته) سڀئي ان ۾ سدائين رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن هجن ها هي معبود ته نه داخل ٿين ها ان ۾ سڀئي ان ۾ هميشہ رهڻ وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن اهي معبود هجن ها ته ان ۾ نه گهڙن ها. ۽ سڀئي ان ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اگر اُهي (واقعي) معبود هجن ها ته جهنم ۾ نه گهڙن ها. ۽ اُهي سڀ ان ۾ هميشه رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي سَچ پَچ سائـِين، سي هُئا، نه آيا اُنهِئ پار، ۽ سدا ساڪِن اُن ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اهي بندگيءَ جا لائق هجن ها ته جيڪر انهي ۾ نه گهڙن ها ۽ سڀ منجهس سدائين هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن اهي سچا پچا معبود هجن ها ته اُتي نه وڃن ها، هاڻي سڀني کي سدائين ان ۾ رهڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي اهي واقعي خدا هجن ها ته اتي نه وڃن ها، ۽ هاڻي سڀني کي هميشه انهيءَ ۾ رهڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏھن ھي سچا معبود ھجن ھا ته جھنم ۾ نه وڃن ھا پر (ھاڻي) ھو سڀئي ھميشه ان ۾ رھندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَهُم فيها زَفيرٌ وَهُم فيها لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
منجھس انھن کي رڙيون ھونديون ۽ اُھي منجھس (ڪي) نه ٻڌندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن جي لاءِ دوزخ ۾ (فقط ايذاءَ ۽ سڙڻ) روڄ ۽ راڙو هوندو. ۽ هو انهيءَ ۾ (ٻيو ڪجهه به) نه ٻڌندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جون جهنم ۾ دانهون هونديون ۽ اهي انهيءَ ۾ ٻڌي نه سگھندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن کي ان ۾ دانهون ڪرڻيون پونديون ۽ اهي (پنهنجي رڙين ۾) ڪجھ به نه ٻڌندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن لاءِ ان ۾ رڙيون هونديون ۽ اهي ان ۾ ڪجھ به نه ٻڌندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن کي ان ۾ دانهون ڪرڻيون پونديون ۽ اهي ان ۾ (ڪجهه به) نه ٻڌندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جون ان ۾ دانهون هونديون ۽ ان ۾ ڪجهه (ٻيو) نه ٻڌي سگهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيخون سَندنِ چوڌار، ۽ نَه ٻُڌنِ مَنجھسِ ٻاڪار، هاوِي سَندي هُل کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو منجهس ڪجهه به نه ٻڌندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اتي هو پيا دانهون ڪندا ۽ کين ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه ايندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اتي اهي شوڪارا ڀريندا ۽ حال هي هوندن جو کين ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه ايندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھو جھنم ۾ رڙيون ڪندا رھندا، جنھن ڪري ڪير ڪنھن جو آواز نه ٻڌي سگهندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ سَبَقَت لَهُم مِنَّا الحُسنىٰ أُولٰئِكَ عَنها مُبعَدونَ (آيت : 101) |
جن لاءِ اڳي ئي اسان وٽ چڱائي (لکيل) آھي اُھي اُن (دوزخ) کان پري ڪبا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر) جن ماڻهن جي لاءِ اسان اول کان ئي ڀلائي ۽ چڱائيءَ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي، سي يقيناً دوزخ کان پري رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن لاءِ اسان جي طرفان ڀلائي لکجي وئي آهي، اهي جهنم کان گھڻو پري هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن لاءِ اسان جي طرفان چڱائي لکي ڇڏڻي آهي اهي دوزخ کان پري ڪيل هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي شخص جو اڳ ۾ (لکجي) وئي انهن جي لاءِ اسان جي طرفان ڀلائي اهي ان کان پري رکيل هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن لاءِ اسان جي طرفان چڱائي اڳي مقرر ٿي چڪي آهي، سي ان کان پري ڪيل هوندا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن لاءِ اسان جي طرفان اڳ ئي ڀلائي مقرر ٿي چڪي آهي، اُهي ان (جهنم) کان پري هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُک ثابِت جَن لئي، مَهند اَسان کان مُور، اُهي اُن کان ڏُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن لاءِ اسان وٽ اڳيئي چڱائي آهي اهي انهي کان پري ڪبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جن لاءِ اسان جي طرفان ڀلائيءَ جو اڳواٽ ئي فيصلو ٿيل هوندو، سي ته بيشڪ ان کان پري رکيا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهي ماڻهو جن جي لاءِ اسان وٽ اڳي ئي چڱائيءَ جو فيصلو ٿيل آهي، سي پڪ سان انهيءَ کان پري رکيا ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جنهن لاءِ اسان جي طرفان پهريان کان چڱائي جو فيصلو ٿيل ھوندو ته اھو اُن (جھنم) کان پري ھوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَسمَعونَ حَسيسَها وَهُم فى مَا اشتَهَت أَنفُسُهُم خٰلِدونَ (آيت : 102) |
(اُھي) اُن جي ڀڻڪ نه ٻڌندا، ۽ جنھن (عيش) ۾ سندن جيءُ (رھڻ) گھرندو تنھن ۾ اُھي سدائين رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو (ان کان ايترو ته پري هوندا جو) اتي جي (ايذاون جي) ڀڻڪ به سندن ڪنن ۾ ڪانه پوندي. ۽ هو پنهنجي پسندي موجب پنهنجي خواهش وارين سڀني نعمتن ۾ هميشه جي لاءِ مسرور رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ان (جهنم) جو ڀڻڪوبه نه ٻڌندا، ۽ اهي پنهنجي پسنديده نعمتن ۾هميشه رهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ايستائين جو) اهي ماڻهو ان جي ڀڻڪ به نه ٻڌندا، ۽ اهي ماڻهو هميشه پنهنجي دل جي مرادن ۾ (مزي سان) رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٻڌندا ڀڻڪ ان جي ۽ اهي ان ۾ جو پسند ڪيو جيءُ سندن هميشہ رهڻ وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان جو ٿورو آواز به نه ٻڌندا، ۽ سندن نفس جيڪا خواهش ڪندا تنهن ۾ اهي (ماڻهو) پيا رهندا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ان (دوزخ جي) سَرسَراهَٽَ به نه ٻڌندا، ۽ اُهي انهن (نعمتن) ۾ هميشه رهندا جن جي انهن جي دل خواهش ڪندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻِڙڪ نه ٻُڌن اُن جِي، جيڪي گُھرن جِئَ تن جا، آمان، اَنب اَنگور، تن ميون ۾ مَعمور، سَدا آهِن سَنرا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي سندس ڀڻڪ به نه ٻڌندا ۽ جنهن هنڌ سندن دل چاهيندي تنهن ۾ هو سدائين رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان جو ته ڪو ٿورو آواز به ڪونه ٻڌندا ۽ هو سدائين پنهنجي دل گهرين شين جي وچ ۾ هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ڪا ڀڻڪ به نه ٻڌندا ۽ اهي هميشه جي لاءِ پنهنجي دل گُهرين شين جي وچ ۾ رهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنتي ماڻهو ڪنھن به دوزخي جي ڀُڻڪ به نه ٻڌندا ۽ جنت ۾ هو پنھنجي پسنديدهه نعمتن ۾ ھميشه رھندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَحزُنُهُمُ الفَزَعُ الأَكبَرُ وَتَتَلَقّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ هٰذا يَومُكُمُ الَّذى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 103) |
کين تمام وڏو خوف ملول نه ڪندو ۽ کين مَلائڪ گڏبا، (۽ چوندن ته) ھيءُ اُھو ڏينھن آھي جنھن جو اوھان کي وعدو ڏنو ويندو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن کي (قيامت جي وڏي ۾ وڏي دهشت به نڪي ڊيڄاريندي) نڪي غم ۾ وجهندي. فرشتا وڌي اچي هنن کي ملندا (۽ چوندا ته) هي آهي اهو ڏينهن جنهن متعلق (الله جي ڪلام ۾) واعدو ڪيو ويو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن کي وڏو ڌماڪو (اسرافيل جي ڦوڪ) به پريشان نه ڪندو ۽ ملائڪ سندن استقبال ڪندا، هي اهو ڏينهن آهي جنهن جو توهان کي وعدو ڏنو ويو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ کين (قيامت جو) وڏي وڏي خوف دهشت ۾ نه آڻيندو ۽ فرشتا انهن سان (خوش ٿي) ملاقات ڪندا (پڻ هيءَ خوش خبري ڏيندن) ته هيءُ ئي اوهان جي (خوشيءَ جو) ڏينهن آهي جنهن جو (دنيا ۾) اوهان سان وعدو ڪيو ويندو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ڏکوئيندو انهن کي خوف وڏو ۽ ملاقات ڪندا انهن سان ملائڪ (۽ چوندن) هي اوهان جو اهو ڏينهن آهي جنهن جو وعدو ڏنا ويا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) کين اهو وڏو ڊپ به غمگين نه ڪندو ۽ انهن کي ملائڪ وٺڻ ايندا (۽ چوندن ته) هي اوهان جو اهو ڏينهن آهي جنهن جو اوهان سان وعدو ڪيو ويندو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (قيامت جي) وڏي گهٻراهٽ به انهن کي غمزده ڪونه ڪندي ۽ ملائڪ انهن جو استقبال ڪندا. (۽ چوندا) ”هي توهان جو اهو ڏينهن آهي جنهن جو اوهان سان وعدو ڪيو ويندو هيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَڏو واقِعو اُنهن کي، نه وِجھي مَنجھ وِيچار، ۽ مِلن مَلائـِڪ اُنهن سان، ته هِي اُهائـِي وار، جِنهن جا قول قَرار، ڏِبا هُئا، هُن ڏيھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) کين وڏي ڊپ جو فڪر نه هوندو ۽ کين ملائڪ ملندا- (چوندن) ”هي اهو ڏينهن آهي ، جنهن جو اوهان کي وعدو ملندو هو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو بيحد بدحواسيءَ وارو وقت کين پريشان نه ڪندو، هوڏانهن ملائڪ سندن استقبال (۽ آڌرڀاءُ) ڪندا (۽ چوندن ته) هي آهي توهان جو اهو ڏينهن، جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويندو هو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه ڪندو ڪوبه وڏي گهٻراهٽ جو وقت کين ذرو به پريشان ۽ اڳتي وڌي وٺندا کين فرشتا هٿوهٿ ته، هي اهو ئي ڏينهن آهي توهان جو جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويندو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کي وڏي ۾ وڏي گهٻراھٽ به پريشان نه ڪندي. ملائڪ انهن جو استقبال ڪندا ۽ کين چوندا ته ھي اھو ئي ڏينھن آھي جنھن جو توھان سان وعدو ڪيو ويو ھو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ نَطوِى السَّماءَ كَطَىِّ السِّجِلِّ لِلكُتُبِ كَما بَدَأنا أَوَّلَ خَلقٍ نُعيدُهُ وَعدًا عَلَينا إِنّا كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 104) |
جنھن ڏينھن آسمان کي ڪاغذ جي ويڙھيءَ وانگي ويڙھينداسون، جئن پھريون بڻايوسون (تئن) ان کي وري بڻائينداسون، اھو انجام اسان تي لازم آھي، اسين ڪرڻ وارا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن اسان آسمان کي اهڙيءَ طرح ويڙهي ڇڏينداسين جيئن ڪتابن لاءِ پنا ويڙهبا آهن. اسان جهڙيءَ طرح پهرين خلقت شروع ڪئي هئي، تهڙيءَ طرح ان کي وري پيدا ڪنداسين. انهيءَ واعدي جو پورو ڪرڻ اسان تي آهي، ۽ اسان ان کي ضرور پورو ڪنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن اسين آسمان کي اهڙي طرح ويڙهينداسين جيئن ڪاغذ کي ڪتاب ۾ ويڙهيو ويندو آهي، جيئن اسان پهرئين دفعي ان کي پيدا ڪيو اهڙي طرح اسين ان کي موٽائينداسين، اسان جو اهو وعدو آهي، بيشڪ اسين ايئن ڪندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هي) اهو ڏينهن (هوندو) جڏهن اسين آسمان کي اهڙيءَ طرح ويڙهينداسون جهڙي طرح لکيل ڪاغذن جو انبار ويڙهيو ويندو آهي. جيئن اسان (مخلوقات کي) پهريون ڀيرو پيدا ڪيو تئين ٻيهر پيدا ڪنداسون. (هي اهو) وعدو (آهي جنهن کي ڪرڻ) اسان تي (لازم) آهي. اهو اسان کي ضرور پورو ڪرڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن ويڙهينداسون آسمان کي مثل ويڙهڻ بنڊل ڪاغذ جي واسطي ڪاپين جي جيئن ابتدا ڪئي سون پهريان پيدا ڪرڻ جي ته موٽائينداسون ان کي وعدو آهي اسان جي ذمي بلاشڪ اسين ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن اسين آسمان کي ويڙهينداسون لکيل ڳالهين وارو ڪاغذ کي ويڙهڻ وانگر، جيئن اسان شروع ۾ پيدا ڪيو تيئن ٻيهر پيدا ڪنداسون، اهو وعدو اسان تي لازم آهي، اهو اسان کي پورو ڪرڻو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن اسان آسمان کي (ائين) ويڙهينداسين جيئن لکيل ڪاغذن جي دفتر کي ويڙهيو ويندو آهي جيئن اسان (ڪائنات کي) پهريائين پيدا ڪيو هيو اسان وري پيدائش وارو عمل دهرائينداسين. اُهو وعدو اسان تي لازم آهي. بيشڪ اسان اُهو ضرور ڪرڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسين ويڙهيون اُڀ، جِنهن وار، ويڙهڻ وَرق ڪتاب جو، موٽائـِيندسون مُورِهين، جِيئن اَ ڳ جوڙياسون جِنسار، اَسان تي، ٻول ٻِيهار، اَسِين قادِر هَرڪم ڪارتي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن آسمان کي ائين ويڙهينداسون جيئن لکيل ڳالهين واري ڪاغذ يا پني کي ويڙهبو آهي، جيئن اسان پهريائين خلقڻ شروع ڪيو هو تيئن وري ڪنداسون، اهو اسان جو وعدو آهي ۽ اسين ائين ئي ڪنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ڏينهن جڏهن اسان آسمان کي ائين ويڙهي رکنداسون، جيئن لکيل پنا ويڙهوٽن ۾ ويڙهي رکبا آهن، جيئن اسان شروعات ۾ خلقت جوڙي هئي، ائين ئي ان کي ورائي جوڙينداسون، اهو هڪڙو وعدو آهي ۽ اهو ڪم اسان کي هر حال ۾ ڪرڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن جڏهن ويڙهينداسين آسمان کي ائين جيئن ڪاغذ ويڙهبا آهن، جيئن اسان ابتدا ڪئي هئي پهرين تخليق جي، تيئن ان کي ورجائينداسين، اهو وعدو اسان جي ذمي آهي ۽ اهو پورو ڪيو ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (سو اُن ڏينھن جو خيال رکو) جنھن ڏينھن اسان آسمان کي ايئن ويڙھينداسين جيئن لکيل ڪاغذن کي ويڙھي رکبو آھي. جيئن اسان پھريون ڀيرو مخلوق کي پيدا ڪيو ھو سو انهن کي وري ٻيھر پيدا ڪنداسين. اھو اسان جو ڪيل وعدو آھي، جنھن کي اسان ضرور پورو ڪنداسين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد كَتَبنا فِى الزَّبورِ مِن بَعدِ الذِّكرِ أَنَّ الأَرضَ يَرِثُها عِبادِىَ الصّٰلِحونَ (آيت : 105) |
۽ بيشڪ توريت کان پوءِ زبور ۾ لکيوسون ته منھنجا صالح ٻانھان زمين جا وارث ٿيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اسان زبور ۾ حڪم ۽ نصيحت ڏيڻ بعد لکي ڇڏيو هو ته زمين (يا ملڪ) انهن بندن کي ورثي ۾ ڏينداسين، جيڪي نيڪ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان زبور ۾ ذڪر کان پوءِ لکيو آهي ته بيشڪ زمين جا وارث منهنجا صالح ٻانها ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان ئي نصيحت (تورات) کان پوءِ زبور ۾ لکيو آهي ته سموري زمين جا وارث اسان جا نيڪ بندا ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البت تحقيق لکيو اسان زبور ۾ ذڪر (توراة) کان پوءِ ته بيشڪ زمين وارث ٿيندا ان جا ٻانها منهنجا صالح .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان تورات کان پوءِ زبور ۾ لکيو آهي ته منهنجا نيڪ بخت ٻانها زمين جا مالڪ ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان زبور ۾ نصيحت کان پوءِ هيءُ به لکي ڇڏيو هيو ته: ”بيشڪ زمين جا وارث منهنجا نيڪوڪار ٻانها ٿيندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ لِکي ڪيوسون فيصلو، ظاهر مَنجھ زَبور، پُڃاڻا پَلچار جي، مُقرّر مَذڪُور، ته ڀُون جا، بندا نيڪ مون، مالِڪ ٿيندا مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان زبور ۾ نصيحت کان پوءِ لکيو آهي ته ”منهنجا نيڪ ٻانها زمين جا مالڪ بڻبا“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ زبور ۾ اسان نصيحت کان پوءِ اهو لکي چڪا آهيون ته زمين جا وارث اسان جا نيڪ ٻانها بڻبا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان لکي ڇڏيو آهي زبور ۾ نصيحت کان پوءِ هي (ذڪر) ته، زمين جا وارث اسان جا ئي ٻانها ٿيندا جيڪي نيڪ هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڏسو اسان زبور ۾ نصيحت ڪرڻ کان پوءِ اھو به لکي چڪا آھيون ته (قيامت جي ڏينھن) زمين جا وارث منھنجا نيڪ ٻانها ئي ٿيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ فى هٰذا لَبَلٰغًا لِقَومٍ عٰبِدينَ (آيت : 106) |
ھن (قِصّي) ۾ عبادت ڪندڙ قوم لاءِ (مطلب جي) پورائي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ جيڪي (الله جي) ٻانهپ ۽ فرمانبرداري ڪندڙ آهن، هڪ وڏو پيغام آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ قرآن ڪريم اُمتِ محمديه لاءِ ڪافي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ۾ شڪ نه آهي ته هن ۾ عبادت ڪرڻ وارن لاءِ (خدا جي حڪمن جي) تبليغ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ هن ۾ البته ڪفايت آهي عبادت ڪندڙ قوم جي لاءِ، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ان (ڳالهه) ۾ عبادت ڪرڻ واريءَ قوم لاءِ (مطلب جي) پورائي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ هن (قرآن) ۾ عبادت گذارن لاءِ وڏو پيغام آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن ۾ آهي ضَرُور، پُهچ پُوڄارِي پَهر لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ انهي ۾ عبادت ڪندڙ قوم لاءِ سمجهاڻي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان ۾ هڪڙي وڏي خبر آهي عبادت ڪندڙ ماڻهن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ ان ۾ هڪ وڏي خبر آهي عبادت گذار ٻانهن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ھن ڳالھ ۾ عبادت گذار ٻانهن لاءِ ھڪ وڏو پيغام آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا رَحمَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 107) |
۽ (اي پيغمبر) توکي خاص جھانن جي رحمت لاءِ موڪليوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) اسان توکي فقط هن لاءِ (پيغمبر ڪري) موڪليو آهي ته تون سڄي دنيا جي لاءِ رحمت جو ظهور ٿئين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه موڪليو اسان توهان کي اي رسولِ عربي مگر سڀني جهانن لاءِ رحمت ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي حبيب) اسان ته تو کي ساري جهان لاءِ رڳو رحمت بنائي موڪليو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه موڪليو اسان توکي مگر رحمت بنائي جهانن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) اسان توکي رڳو جهان وارن لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي نبي) اسان تو کي نه موڪليو آهي مگر جهانن لاءِ رحمت بنائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تون نه مُڪو سون مُور، مگر پَنهنجِي مِهر ڪري، جُملي جھانن لئي اوڏا، توڻِي ڏُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان توکي خاص جهانن لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اسان ته توکي دنيا وارن لاءِ رحمت بڻائي موڪليو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) اسان توکي موڪليو آهي رحمت ڪري دنيا وارن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) بيشڪ اسان توھان کي تمام جھانن جي لاءِ رحمت بنائي موڪليو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل إِنَّما يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 108) |
چؤ ته مون وٽ ھن حُڪم کانسواءِ وحي نه ٿيندو آھي ته ھڪ الله کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، پوءِ اوھين ڇونه حُڪم مڃيندڙ آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) تون اعلان ڪر ته مون ڏي جيڪو وحي موڪليو ويو آهي سو ته فقط هي آهي ته، اوهان جو معبود هڪ ئي معبود آهي، (هن کان سواءِ ڪوبه ٻيو معبود ڪونهي) پوءِ ٻڌايو ته ان جي اڳيان سر جهڪائيندؤ يا نه؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان فرمايو مون ڏانهن وحي موڪلي وئي آهي ته توهان جو معبود فقط هڪ الله آهي. پوءِ ڇا توهان سمورا مسلمان ٿيو ٿا ؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تون چوين ته مون ڏي رڳو هيءُ حڪم موڪليو وڃي ٿو ته اوهان جو معبود (رڳو) هڪ خدا آهي. ته ڇا اوهين (سندس) تابعدار بندا بنجو ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته هن کان سواءِ ناهي جو وحي ڪيو ٿو وڃي مون ڏانهن ته پڪ معبود اوهان جو معبود هڪ آهي پوءِ ڇا اوهان حڪم قبول ڪندڙ آهيو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تون چو ته مون ڏي رڳو هيءَ حڪم موڪليو وڃي ٿو ته اوهان جو معبود هڪ معبود آهي. ڇا پوءِ اوهين فرمانبردار آهيو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته مون ڏانهن ته هي وحي ڪئي وڃي ٿي ته: ”اوهان جو معبود صرف هڪ معبود آهي، پوءِ ڇا توهان اسلام قبولڻ وارا آهيو؟“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، مُونڏي، نه وَڃي وَحِي موڪليو، مگر هي مَذڪور، ته اَهنجو نَه هِڪ اَلله ري، واهرُو ٻئو وَهلور!، پوءِ اَوهين ڪِ اَهڳور!، تَهدِل تابِع آهيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته مون کي فقط اهو ئي وحي ٿئي ٿو ته اوهان لاءِ سائين رڳو هڪ اڪيلو سائين آهي_ پوءِ ڇو نٿا حڪم مڃيندڙ ٿيو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته "مون وٽ جيڪا وحي اچي ٿي، اُها اِها آهي ته بس توهان جو معبود فقط هڪڙو آهي. پوءِ ڇا توهان فرمانبردار ٿيندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کي چؤ، مون وٽ جيڪو وحي اچي ٿو سو هي آهي ته توهان جو خدا صرف هڪ ئي خدا آهي، پوءِ ڇا سر جهڪايو ٿا توهان ان جي اطاعت ۾؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) چؤ ته مون کي وحي جي ذريعي ٻڌايو ويو آھي ته بيشڪ توھان جو معبود ھڪ ئي آھي. پوءِ ڇا توھان فرمانبردار ٿيڻ لاءِ تيار آھيو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل ءاذَنتُكُم عَلىٰ سَواءٍ وَإِن أَدرى أَقَريبٌ أَم بَعيدٌ ما توعَدونَ (آيت : 109) |
پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته چؤ ته اوھان سڀني کي (الله جي حڪم تي) ھڪ جھڙو خبردار ڪيم، ۽ جيڪو اوھان کي انجام ڏنو ويو سو نه ٿو ڄاڻان ته ويجھو آھي يا پري آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪڏهن هو منهن موڙين ته تون کين چئو ته، مان اوهان کي (انڪار ۽ سرڪشي جي نتيجن کان) هڪڙيءَ ئي طرح خبردار ڪري ڇڏيو آهي، مون کي اها خبر ڪانهي ته جنهن ڳالهه جو واعدو ڪيو ويو آهي، تنهن جو وقت ويجهو اچي ويو آهي يا اڃا پري آهي، (پر ٽرندو ته هرگز ڪين، صالحن لاءِ اقبال ۽ ڪاميابي آهي ۽ مفسدن لاءِ ادبار ۽ ناڪامي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن اهي مُنهن موڙين پوءِ توهان فرمايو مون توهان کي صاف اعلان ڪري ٻڌايو آهي، ۽ آئون پنهنجي اندازي سان نٿو ڄاڻان ته قيامت ويجهي آهي يا پري آهي، جنهنجو توهان کي وعدو ڏنو ويو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهن هوندي به منهن ڦيرين ته تون چوين ته مون اوهان (سڀني) کي هڪ جهڙو خبردار ڪيو آهي ۽ جنهن (عذاب) جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سو نه ٿو ڄاڻان ته ويجهو آهي يا پري آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن ڦرن ته پوءِ فرماءِ ته خبردار ڪيو مون اوهان کي برابر ۽ نٿو ڄاڻان (الله جي عطا کان سواءِ) ته ويجهو آهي يا پري جيڪو وعدو ڏنا ٿا وڃو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن ڦرن ته تون چو ته مون اوهان (سڀني) کي هڪجهڙو خبردار ڪيو آهي ۽ جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سو نه ٿو ڄاڻان ته ويجهو آهي يا پري آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن ڦِرن ته چؤ: ”مون اوهان (سڀني) کي يڪسان طرح خبروار ڪيو آهي، آءٌ نه ٿو ڄاڻان اُهو (عذاب) ويجهو آهي يا پري جنهن جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پُٺ ڏِنائون، پاڻ جي، پوءِ چئو اِهڙِي چال، ته آن کي ڪيو اِعلان مُون، برابر بَحال، ۽ نَه ڄاڻا آهي اوڏڙو، ڪِ آڏا اُن کي سال، اوهان کي، اَڄ ڪالھ، جو ٻول ٻولايو ٿو وَڃي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن منهن موڙين ته چئو ته مون اوهان کي هڪجهڙو واقف ڪيو آهي ۽ مون کي خبر ناهي جيڪو وعدو اوهان کي ڏجي ٿو سو ويجهو آهي يا پري آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن ڦرن ته چئي ڇڏين ته "مان توهان کي هڪ جهڙو خبردار ڪيو آهي، باقي اهو مان نٿو ڄاڻان ته جنهن شيءِ جو توهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سا ويجهو آهي يا پري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اگر اهي منهن ڦيرين ته تون چئي ڇڏ ته، مون ظاهر ظهور توهان کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي، آئون نٿو ڄاڻان ته اها شيءِ ويجهي آهي يا پري جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو پيو وڃي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي ماڻهو جيڪڏھن پٺي ڏين ته کين وڏي واڪي چئي ڇڏ ته مون توھان کي خبردار ڪري ڇڏيو آھي. باقي ان شيءِ جي مون کي ڪابه خبر ناھي جنھن جو توھان سان وعدو ڪيو ويو آھي ته اُھا جلد اچڻ واري آھي يا بعد ۾؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ مِنَ القَولِ وَيَعلَمُ ما تَكتُمونَ (آيت : 110) |
بيشڪ الله ظاھري ڳالھ (به) ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي اوھين لڪائيندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي به توهان وڏي آواز سان کليو کلايو چئو ٿا ۽ جيڪو توهان (پنهنجي دلين ۾) لڪايو ٿا سو سڀ الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى ظاهري ڳالهه کي ڄاڻي ٿو ۽ اها ڳالهه ڄاڻي ٿو جيڪا توهان (دل ۾) لڪايو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ خدا پڌري ڳالھ کي ڄاڻي ٿو ۽ جنهن کي لڪايو ٿا تنهن کان به چڱيءَ طرح واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهو ڄاڻي ٿو وڏي آواز واري کي قول مان ۽ ڄاڻي ٿو جيڪي لڪايو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله پڌري ڳالهه کي ڄاڻي ٿو ۽ جنهن کي لڪايو ٿا تنهن کي به ڄاڻي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهو (الله) ڏاڍيان واري ڳالهه کي به ڄاڻي ٿو ۽ اُهو (به) ڄاڻي ٿو جو اوهان لڪايو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاڻ پروڙي پَڌرو، پڻ ڳُجِھي ڪريو جاڳالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ هو ظاهري ڳالهاءُ به ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي لڪايو ٿا سو به ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ته اهي ڳالهيون به ڄاڻي ٿو جيڪي ڏاڍيان ڪجن ٿيون ۽ اهي به جيڪي توهان لڪائي ڪريو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله ڄاڻي ٿو اهي ڳالهيون جيڪي اوچي آواز سان چيون وڃن ٿيون ۽ اهي به جيڪي لڪائي ڪيو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اللھ تعالى توھان جي ظاھري ۽ لڪيل ڳالھ کي خوب ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن أَدرى لَعَلَّهُ فِتنَةٌ لَكُم وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 111) |
۽ آءٌ نه ڄاڻندو آھيان ته متان اُھا ٺھرايل (دير) اوھان لاءِ پرک ھجي ۽ ھڪ وقت تائين (اوھان لاءِ) نفعو ھُجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مون کي ڪهڙي خبر؟ ممڪن آهي ته هن (دير ۽ مهلت) ۾ توهان جي آزمائش رکي وئي هجي ۽ هڪ مقرر وقت تائين اوهان کي زندگيءَ جو مزو وٺڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آئون پنهنجي اندازي سان نٿو ڄاڻان ته متان اهي توهان لاءِ آزمائش ۽ ڪجھه وقت جو سامان هجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آءُ نه ٿو ڄاڻان ته متان (عذاب جي دير) اوهان لاءِ آزمائش هجي ۽ هڪ وقت تائين فائدي وٺڻ لاءِ هجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نٿو ڄاڻان مان (الله جي عطا کان سواءِ) ته شايد اها آزمائش آهي اوهان جي لاءِ ۽ فائدو وٺڻ آهي هڪ وقت تائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آءُ نه ٿو ڄاڻان ته متان نه (اها ٺهرايل دير) اوهان لاءِ هڪ آزمائش هجي ۽ هڪ وقت تائين فائدي وٺڻ لاءِ هجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ (ازخود) نه ٿو ڄاڻان شايد ته (عذاب ۾ دير) اوهان جي حق ۾ آزمائش هجي ۽ هڪ مقرر وقت تائين توهان کي فائدو پهچائڻو هجي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آئون ته ڄاڻا ڪُجھ نٿو، ته متان اي مَتوال!ان ۾ امتحان ڪو، آهي، اوهان نال، ۽ هِي متاع، مال، عيال، تائين وقت وِصال جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مون کي خبر ناهي ته متان اها (دير) اوهان لاءِ پرک ۽ ڪجهه وقت تائين فائدو هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان ته سمجهان ٿو ته شايد اها (دير) توهان لاءِ ڪا آزمائش آهي ۽ توهان کي هڪ خاص وقت تائين مزا ماڻڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آئون سمجهان ٿو ته توهان جي لاءِ هي دير هڪ فتنو آهي (شايد) ۽ مزا ماڻڻ لاءِ توهان کي موقعو ڏنو پيو وڃي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) منھنجو خيال آھي ته ان وعدي ۾ دير ٿيڻ به توھان جي لاءِ ھڪ آزمائش آھي ته جيئن توھان کي دنيا جا مزا وٺڻ جو مڪمل موقعو ڏنو وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قٰلَ رَبِّ احكُم بِالحَقِّ وَرَبُّنَا الرَّحمٰنُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 112) |
(پيغمبر) چيو ته اي منھنجا پالڻھار سچو فيصلو ڪر، ۽ اسان جو پالڻھار ٻاجھارو آھي جيڪي اوھين بيان ڪندو آھي تنھن تي کانئس مدد گھري ويندي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پيغمبرﷺ دعا گهرندي) چيو ته، اي منهنجا رب! هاڻي (دير نه ڪر) سچائيءَ سا فيصلو ڪري ڇڏ. ۽ اسان جو پروردگار (اهوئي) رحمان خدا آهي، انهيءَ کان ئي مدد گهري وڃي ٿي. توهان (انڪار ڪندڙ) جيڪي (ڪوڙيون) ڳاليهون ٺاهي رهيا آهيو تن جي خلاف سندس ئي مددگاري فيصلو ڪري ڇڏيندي. (يعني مسلمانن جي ڪاميابي ثابت ڪري ڏيکاريندي ته مسلمان ئي حق تي آهن ۽ صالح آهن ۽ توهان مفسد آهيو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي عرض ڪيو اي منهنجا رب تون حق سان فيصلو ڪر، ۽ اسان جو رب رحمان آهي، جنهن جي مدد گھرجي ٿي، انهن ڳالهين لاءِ جيڪي توهان چئو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نيٺ رسول) دعا گهري ته اي منهنجا پالڻهار! تون انصاف سان (منهنجي ۽ ڪافرن جي وڇ ۾) فيصلو ڪر. ۽ اسان جو پاليندڙ وڏو مهربان آهي. جيڪي اوهين بيان ڪريو ٿا تنهن جي مقابلي ۾ ان کان مدد گهري وڃي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته اي منهنجا رب! فيصلو ڪر حق سان ۽ اسان جو رب رحمان مدد ورتل آهي انهن (ڳالهين) تي جو بيان ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (رسول) چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! انصاف سان فيصلو ڪر ۽ اسان جوپاليندڙ وڏو مهربان آهي جيڪي اوهين بيان ڪريو ٿا تنهن جي مقابلي ۾ ان کان مدد گهري وڃي ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (نبي ڪريم ﷺ) چيو ته: ”اي منهنجا پروردگار! انصاف سان فيصلو ڪر ۽ (اي انسانو!) اسان جو پالڻهار وڏو مهربان آهي ان کان مدد طلب ڪئي ويندي آهي ان (ڏکوئيندڙ) ڳالهين تي جيڪي اوهان ڪيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، نِياءُ سچونبير تون، سانيم سدا سَرڪار!، ۽ سائين اَسان سَڀن جو، هِڪ، ڏينهن جو ڏاتار، سو مولى مَددگار، توهان جي تڪرار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (رسول) چيو ته ”اي منهنجا پالڻهار! تون سچ سان فيصلو ڪر_ ۽ اسان جو پالڻهار ٻاجهارو آهي_ اوهين جيڪي بيان ٿا ڪريو ان تي کانئس مدد گهري وڃي ٿي.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (نيٺ) رسول چيو ته "اي منهنجا رب! حق سان فيصلو ڪري ڇڏ ۽ اسان جو رب رحمان ئي اسان جي واهر ۽ وسيلو آهي. انهن ڳالهين جي مقابلي ۾ جيڪي توهان ٺاهيو ٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) رسول چيو، ”اي منهنجا رب! فيصلو ڪر حق سان ۽ اي انسانؤ! جيڪي ڳالهيون ٺاهيو ٿا تن جي مقابلي ۾ اسان جو رب رحمٰن اسان لاءِ مدد ۽ سهارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخرڪار رسول سڳوري دعا گهري ته: اي منھنجا رب! ھاڻي تون انصاف سان فيصلو ڪري ڇڏ. اي انڪار ڪندڙؤ! توھان جي ٺاھيل ڳالهين جي مقابلي ۾ اسان جو پالڻھار ئي بيحد مهربان ۽ مددگار آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |