توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
طه (آيت : 1) |
طٰہٰ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) طاها (يعني اي شخص)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) طٰهٰ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي) طه (رسول الله)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) طٰــہٰ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) طٰهٰ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) طاها (هي حُروفِ مقطعات آهن هنن جو مطلب الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) طٰہٰ، جي تعريف کي، ڄاڻٖي ڄاڻڻهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) طٰهٰ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) طٰـــہٰ (طا ـ ها) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) طـــــٰھٰ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) طا ــ ها(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما أَنزَلنا عَلَيكَ القُرءانَ لِتَشقىٰ (آيت : 2) |
توتي قرآن ھن لاءِ نه لاٿوسون ته تون اؤکو ٿئين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان توتي قرآن هن لاءِ نازل نه ڪيو آهي ته تون ڏکن ۽ تڪيلفن ۾ پوين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! اسان توهان تي قرآن ڪريم ان لاءِ نازل نه ڪيو ته توهان کي تڪليف پهچي،(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان تو تي قرآن هن لاءِ نه لاٿو آهي ته ڪو تون ايڏيءَ تڪليف ۾ پوين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه لاٿو اسان توتي قرآن تانته تڪليف ۾ پوين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسان توتي قرآن هن لاءِ نه لاٿو آهي ته ڪو تون تڪليف ۾ پوين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبيءِ محترم!) اسان تو تي قرآن هن لاءِ نه لاٿو آهي ته تون تڪليف ۾ پئجي وڃين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قرآن ڪرِيم تو مَٿي، نَه اُتاريوسون اِن هار، ته ڏِسِين تو ڏُک ڏاکڙا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان توتي هي قرآن انهي لاءِ نه موڪليو آهي ته تون تڪليف ۾ پوين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هيءُ قرآن توتي ان لاءِ نازل نه ڪيو آهي ته تون مصيبت ۾ پوين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان انهيءَ لاءِ نازل نه ڪيو آهي توتي هي قرآن ته تون مصيبت ۾ اچين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ھي قرآن توهان تي ان لاءِ نازل نه ڪيو آهي ته توهان پريشاني ۾ اچي وڃو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا تَذكِرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 3) |
پر جيڪو ڊڄي تنھن جي نصيحت ڏيڻ لاءِ (لاٿوسون).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي ته انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهي ته جيڪا دل (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) ڊڄندڙ هجي تنهن جي لاءِ نصيحت ٿئي. (جيڪي ڊڄڻ وارا ناهن سي ان کي ٻڌندا به ڪين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر ان ماڻهوءَ لاءِ نصيحت آهي جيڪو خوفِ خدا رکي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪو (خدا کان) ڊڄي ٿو تنهن جي نصيحت لاءِ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر نصيحت ان جي لاءِ جيڪو ڊڄي ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جيڪو ڊڄي ٿو تنهن جي نصيحت لاءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مگر هڪ نصيحت آهي ان ماڻهو لاءِ جيڪو (الله کان) ڊڄي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر سارِ سَنڀار، خاطِر تِنهن، جو خوف رَکي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر ڊڄندڙن جي نصيحت وٺڻ لاءِ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ته هڪ نصيحت آهي هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو ڊڄندو هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي ته هڪ يادگيري آهي ان شخص لاءِ جيڪو ڊڄي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي ته ان ماڻهوءَ لاءِ ھڪ نصيحت آھي جيڪو اللھ تعالى کان ڊڄي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَنزيلًا مِمَّن خَلَقَ الأَرضَ وَالسَّمٰوٰتِ العُلَى (آيت : 4) |
اُنھي (جي طرف) کان لھڻ وارو آھي جنھن زمين ۽ مٿاھن آسمانن کي بڻايو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو قرآن انهيءَ هستيءَ جو نازل ڪيل آهي، جنهن زمين پيدا ڪئي ۽ بلنديءَ وارو آسمان پيدا ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قرآن ڪريم ان رب العالمين جو نازل ڪيل آهي جنهن زمين ۽ بلند آسمان کي پيدا فرمايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي جنهن زمين ۽ بلند آسمانن کي پيدا ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نازل ڪرڻ آهي ان ذات جي طرفان جنهن پيدا ڪئي زمين ۽ آسمان بلند .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي جنهن زمين ۽ بلند آسمانن کي پيدا ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان (الله) جي طرفان لاٿل آهي جنهن زمين کي ۽ بلند آسمانن کي پيدا ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ اُتارا اَطهار، اُن کان، جِنهن اِظهار، ڀُون ۽ اُتُم اُڀ جوڙيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي موڪليو آهي جنهن زمين ۽ وڏا آسمان خلقيا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نازل ڪيو ويو آهي انهيءَ هستيءَ وٽان، جنهن پيدا ڪيو آهي ڌرتيءَ کي ۽ مٿانهن آسمانن کي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي (قرآن) نازل ڪيو ويو آهي ان ذات جي طرفان، جنهن پئدا ڪيو آهي زمين ۽ آسمانن مٿاهن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ان ھستي جي طرف کان نازل ڪيو ويو آھي جنھن زمين ۽ بلند آسمانن کي پيدا ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الرَّحمٰنُ عَلَى العَرشِ استَوىٰ (آيت : 5) |
(اُھو) ٻاجھارو عرش تي قائم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو رحمان جو (جهانداري جي) تخت تي محڪم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رحمان عرشِ عظيم تي رونق افروز ٿيو، (جيئنڪ سندس شان وٽان آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو رحمان آهي جيڪو عرش تي (حڪمراني جي لاءِ) قائم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رحمان عرش تي غلبو فرمايو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهو) وڏو مهربان آهي جو عرش تي قائم آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اُهو) وڏو مهربان آهي جو (ڪائنات جي ) تختِ سلطنت تي جلوه فرما آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُرسِئَ تي قَراريو، ڏٖيهَنِ جو ڏاتار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو رحمان آهي، جو تخت تي محڪم آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو رحمان (ڪائنات جي) عرش تي قائم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو رحمٰن (ڪائنات جي) تخت سلطنت عرش تي قائم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھو بيحد مھربان آھي جيڪو ھن ڪائنات جي نظام کي ھلائي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَما بَينَهُما وَما تَحتَ الثَّرىٰ (آيت : 6) |
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي ۽ جيڪي زمين جي تري ھيٺان آھي سو اُن جو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي جيڪي آسمان ۾ ۽ زمين ۾ آهي ۽ جيڪي جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي ۽ جيڪي جيڪي مٽيءَ جي هيٺان آهي (يعني زمين جي هيٺان آهي) سو سڀ سندس ئي آهي ۽ سندس ئي لاءِ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى جو آهي جيڪو ڪجھه آسمانن ۽ زمينن ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي ۽ جيڪي ڪجھه آلي مٽي جي هيٺان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي ۽ جيڪي زمين جي هيٺان آهي سو (سڀ) سندس (ئي) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان جي لاءِ آهي اهو جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي ۽ جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي. جيڪو (زمين جي) تري هيٺان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ ۽ جيڪي آليءَ زمين جي هيٺان آهي سو سندس آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (سڀ) سندس آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي ۽ جيڪي آلي مِٽِي (يعني زمين جي هيٺئين آخري تهه) جي هيٺان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڀ، ڀون ڪِ جيڪي، اُنهن ۾، ۽ تان تَحت ثرٰى تِنهن هارِ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي به آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آهي ۽ جيڪي زمين جي تري ۾ آهي سو سڀ ان جو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مالڪ آهي انهن سڀني شين جو، جيڪي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهن ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهن ۽ جيڪي زمين (۽ سمنڊ) جي تري ۾ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مالڪ آهي انهن سڀني شين جو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهن ۽ جيڪي مٽيءَ جي هيٺان آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۽ زمين جي تري ۾ جيڪا مخلوق رھندڙ آھي سا سڀ ان جي ئي آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن تَجهَر بِالقَولِ فَإِنَّهُ يَعلَمُ السِّرَّ وَأَخفَى (آيت : 7) |
۽ جيڪڏھن (تون) ڏاڍيان ڳالھائين ته بيشڪ اُھو ڳُجھ ۽ پڌرو ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن تون (خدا کي) وڏي آواز سان ٿو سڏين (ته خدا جو ٻڌڻ وڏي آواز جو محتاج ناهي) ڇو ته هو لڪل ڳجهن جو به ڄاڻندڙ آهي ۽ سڀني کان وڌيڪ لڪل ڳجهه به ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان وڏي سڏ ڳالهايو ٿا پوءِ بيشڪ اهو پوشيده ۽ نهايت پوشيده کي به ڄاڻي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن تون ڏاڍيان ڳالھ ڪندين (توڙي آهستي تڏهن به) هو ڳجھ کي ۽ ان کان به لڪل ڳالھ کي ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن وڏا آواز ڪندين ڳالهائڻ ۾ پوءِ بيشڪ اهو ڄاڻي ٿو لڪل کي ۽ تمام اونهي کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن تون ڏاڍيان ڳالهه ڪندين (توڙي آهستي) ته هو ڳجهه کي ۽ تمام لڪل ڳالهه کي (به) ڄاڻي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي تون ڳالهه ڏاڍيان ڪرين (يا آهستي) ته بيشڪ اهو (هر) ڳُجھه ۽ لِڪل شيءِ کي ڄاڻي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَڻِي وڏو ڳالهاء ڪرِين، پوءِ سَمجھي، سو ستار، اُونها سَڀ اَسرار، يا ڇِپُنِ هيٺ، ڇِپِيل ڪي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون کڻي زور سان ڳالهائين، پر اهو ڳجهو پڌرو سڀ ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کڻي ڏاڍيان ڳالهايو پر هو ته تمام آهستي چــَـيـَـل ڳالهه بلڪه تمام ڳجهي ڳالهه به ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن تون زور سان ڳالهه ڪرين پر هو ته آهستي چيل ڳالهه يا بلڪل لڪل ڳالهه به ڄاڻي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون ڀلي ڏاڍيان ڳالھاءِ يا ھوريان، ھو ته چپن ۾ چيل ڳالهين کان به خوب واقف آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ (آيت : 8) |
الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ٻيو ڪو معبود نه آھي، اُن جا چڱا نالا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهوئي الله آهي، کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. انهيءَ ئي لاءِ سهڻا ۽ چڱا نالا (يعني صفتون) آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى کانسواءِ ڪوبه معبود ناهي، ان جا سهڻا نالا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو معبود نه آهي. سندس سٺا (سٺا) نالا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سچو معبود، ناهي ڪوبه عبادت جو لائق مگر اهو ان جي لاءِ نالا سهڻا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو معبود نه آهي. ان جا چڱا نالا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله اُهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي. ان جا نالا تمام سهڻا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله جَلَّ جَلالہٗ، ڌَڻِي نَڪو جِنهن ڌار، مِٺا۽ موچار، سَڀ آهِن نالا اُن جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهيءِ الله کان سواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ناهي ۽ ان جا نالا سهڻا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو الله آهي، هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. سندس نالا ڏاڍا سهڻا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو الله ئي آهي ان کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي ۽ سندس سڀ نالا تمام سٺا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى جي ذات اھا آھي جنھن کان سواءِ ڪير به معبود نه آھي. ان جا بھترين (صفاتي) نالا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 9) |
۽ (اي پيغمبر) توکي مُوسىٰ جي ڳالھ نه پُھتي آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) حضرت موسيٰ جي ڳالهه تو ٻڌي آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڇا توهان وٽ (حضرت) موسيٰ جي ڪا خبر پهتي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي پيغمبر) ڇا تو کي موسى جي خبر پهتي آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇا (نه) آئي آهي تو وٽ موسى جي ڳالھ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) ڇا توکي موسيٰ جي ڳالهه پهتي آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڇا تو وٽ موسى جي ڳالهه پهتي آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا توکي ڪو آيو، مُوسٰى جو مَذڪُور؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تو وٽ موسيٰ جو قصو پهتو آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڇا توکي موسيٰ جي قصي جي خبر آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توکي پهتي ڪائي خبر موسيٰ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ڇا توکي موسى ($جي واقعي) جي خبر پھتي آھي؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ رَءا نارًا فَقالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِقَبَسٍ أَو أَجِدُ عَلَى النّارِ هُدًى (آيت : 10) |
جڏھن باھ ڏٺائين تڏھن پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيائين ته ترسو جو مون باھ ڏٺي آھي اميد ته منجھانئس ڪو اڱر اوھان وٽ کڻي اچان يا باھ تي ڪو ڏَس ڏيڻ وارو لھان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن هن (پري کان) باهه ڏٺي تڏهن پنهنجي گهر جي ماڻهن کي (جيڪي ساڻس سفر ۾ گڏ هئا) چيائين ته بيهو مون کي باهه ٿي ڏسڻ ۾ اچي. مان (اوڏانهين) وڃان ٿو. ممڪن آهي ته توهان جي (سيءَ لاهڻ) لاءِ ٽانڊو کڻي اچان. يا ڪم از ڪم باهه وٽ (ويٺل) ڪو واٽ ڏيکارڻ وارو ملي وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن ان باه کي ڏٺو، پوءِ پنهنجي گھر وارن کي چيو ته توهان اتي ويهو بيشڪ مون باه ڏٺي آهي شايد آئون توهان لاءِ ان مان ڪا چڻنگ آڻيان يا باه وٽ ڪو رهبر هجي جيڪو رهنمائي ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جڏهن ان پري کان باھ ڏٺي ته پنهنجي گهر وارن کي چيائين ته اوهين هتي ترسو مون باھ ڏٺي آهي.من ان مان ڪا چڻنگ اوهان وٽ کڻي اچان يا ته باھ وٽ (وڃڻ سان) مون کي رستي جو پتو پوي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن ڏٺائين باھ پوءِ چيائين گهر جي ڀاتين پنهنجن کي ته ترسو بيشڪ مون ڏٺي آهي باھ اميد ته مان آڻيندس اوهان وٽ ان مان ٻرندڙ ٽانڊو يا لهندس باھ وٽ ڪو هدايت ڪرڻ وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن ان باهه کي ڏٺو پوءِ پنهنجي گهر وارن کي چيائين ته ترسو، مون باهه ڏٺي آهي، مَنَ اُن مان ڪا چڻنگ اوهان وٽ کڻي اچان يا ته باهه وٽ (وڃڻ سان) مون کي رستي جو پتو پوي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن ان هڪ باهه کي ڏٺو پوءِ پنهنجي گهروارن کي چيائين ته: ”ترسو مون هڪ باهه ڏٺي آهي شايد ان مان ڪو ٽانڊو اوهان وٽ کڻي اچان يا باهه وٽ (پهچڻ سان) مون کي رستي جي رهنمائي ملي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن ڏِٺائـِين باھ کي، چَيو حَرمسِ کي حُضُور، اَوِهين تَرسو اِتهِين، مُون باھِ ڌِٺِي ڪا ڏُور، آڻيان اَوهان لئي اُن مان، ذَرا چِڻنگ ضَرُور يا ماڻيان مَچ تان مُور، ڪو ڏَسِ پَنهنجي ڏيہ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن هن باهه ڏٺي تڏهن سندس گهر وارن کي چيائين ”ترسو جو مون باهه ڏٺي آهي، اميد ته منجهانئس ڪو ٽانڊو اوهان وٽ کڻي ايندس يا باهه وٽ ڪو ڏس ڏيندڙ ڏسندس.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن هن هڪ باهه ڏٺي ۽ پنهنجن گهر وارن کي چيائين ته "ٿورو ترسو، پري کان ڪا باهه ڏٺي اٿم، مـَـنَ توهان لاءِ اتان ڪو ٽانڊو کڻي اچان يا انهيءَ باهه تي ئي (رستي جو) ڪو ڏس پتو ملي وڃي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن هن ڏٺي هڪ باهه پوءِ چيائين گهر ڀاتين کي، ٿورو ترسو، مون ڏٺي آهي هڪ باهه، اميد ته توهان لاءِ آڻيان هڪ اڌ ٽانڊو، يا ان باهه سان مون کي رستي جي باري ۾ رهنمائي ملي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن ھُن باهه ڏٺي ته پنھنجي گهر وارن کي چيائين ته توھان ھتي بيھو. مون باهه ڏٺي آھي، ٿي سگهي ٿو ته ان مان توھان جي لاءِ ڪو اَڱر يا ٽانڊو کڻي اچان يا باهه وٽ پھچڻ کان پوءِ صحيح رستي جي خبر پئجي وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ يٰموسىٰ (آيت : 11) |
پوءِ جنھن مھل باھ وٽ آيو (تنھن مھل) ان کي سڏيو ويو ته اي موسى.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن هو اتي پهتو تڏهن آواز آيو ته، اي موسي!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن پاڻ باه وٽ پهتو ته کيس پڪاريو ويو ته اي موسيٰ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن باھ وٽ آيو ته ان کي سڏ ٿيو ته اي موسى!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن آيو ان وٽ ته سڏ ڪيو ويو اي موسى .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن باهه وٽ آيو ته ان کي سڏ ٿيو ته اي موسيٰ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ان (باهه) وٽ آيو ته آواز آيو : ”اي موسى)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن اُن وٽ آئيو، ٿِئـِس اُت اِلهام، ته مُوسٰى! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن ان وٽ آيو ته آواز آيو ”اي موسيٰ! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اتي پهتو ته سڏ ٿيس: "اي موسيٰ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن اتي پهتو ته سڏيو ويو، اي موسيٰ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏھن هُو باهه وٽ پھتو ته کيس سڏ ٿيو ته اي موسى! (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّى أَنا۠ رَبُّكَ فَاخلَع نَعلَيكَ إِنَّكَ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 12) |
بيشڪ آءٌ تنھنجو پالڻھار آھيان تنھنڪري پنھنجي جُتي (پري) لاھ، ڇوته تون پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مان تنهنجو پروردگار آهيان، سو (ادب کان) پنهنجي جتي لاهي ڇڏ. تون طويٰ جي پاڪ ماٿري ۾ اچي بيٺو آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ آئون، آئون تنهنجو رب آهيان پوءِ تون پنهنجي جُتي لاهِ، بيشڪ تون طور سينا جي مقدس وادي ۾ آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آءُ ئي تنهنجو پروردگار آهيان! تون پنهنجيون ٻئي جوتيون لاھ! ڇو ته تون (هن وقت) طوى (نالي) هڪ پاڪ پاڪيزه وادي ميدان ۾ آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ مان ئي رب تنهنجو آهيان پوءِ لاھ تون جوتا پنهنجا بيشڪ تون وادي پاڪ طوٰي ۾ آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ آءُ تنهنجو پاليندڙ آهيان پوءِ تون پنهنجي جتي لاهه، ڇو ته تون طويٰ (نالي) پاڪ ميدان ۾ آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ آءٌ تنهنجو پالڻهار آهيان سو تون پنهنجي جُتي لاهه، بيشڪ تون طُوى جي پاڪ وادي ۾ آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آئون تُنهنجو، آگو رَبُّ عَلّام، پوءِ لاھِ جُتِي، تون آهِين، مَنجھ مُوچاري مَقام، وادِي پاڪ طُوٰى ۾؛(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ آءُ تنهنجو رب آهيان- ان ڪري تون پنهنجي جُتي لاهه، جو تون پاڪ ماٿريءَ ”طويٰ“ ۾ آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان آهيانءِ تنهنجو رب، پوءِ تون پنهنجي جتي لاهه، تون پاڪ طويٰ واديءَ ۾ آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ آئون ئي تنهنجو رب آهيان، لاهي ڇڏ جتيون، بيشڪ تون آهين پاڪ وادي طويٰ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ مان تنھنجو پالڻھار آھيان، تون پنھنجي جُتي لاھي ٿورو پرڀرو رک، تون ھن وقت پاڪ واديءَ ۾ بيٺو آھين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنَا اختَرتُكَ فَاستَمِع لِما يوحىٰ (آيت : 13) |
۽ مون توکي پسند ڪيو آھي تنھنڪري جيڪي وحي ڪجي سو ٻُڌ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏس مون توکي (رسول بنائڻ لاءِ) چونڊيو آهي. سو جيڪو وحي موڪلجي ٿو سو ڪن لائي ٻڌ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مون توکي (نبوت لاءِ) پسند ڪيو آهي پوءِ تون وحي کي غور سان ٻڌ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ مون تو کي (پيغمبريءَ جي لاءِ) پسند ڪيو آهي پوءِ (تو ڏي) جيڪو وحي ڪيو وڃي ٿو سو (چڱي طرح) ٻڌندو رھ!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مون پسند فرمايو آهي توکي پوءِ ڪن ڏئي ٻڌ جيڪو وحي ڪيو ٿو وڃي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مون توکي پسند ڪيو آهي پوءِ جيڪو وحي ڪيو وڃي ٿو، سو ٻڌندو رهه! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مون تو کي (رسالت لاءِ) چونڊيو آهي پوءِ تون ٻُڌ جا تو کي وحي ڪئي وڃي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توکي ڌُوَمِ دَوام، ٻُڌ پوءِ وَحِي وَريام!، جو ڪامِل! توڏي، ڪَيو وَڃي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مون توکي چونڊيو آهي، ان ڪري جيڪي وحي ٿو ڪجي، سو ٻُڌ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مان توکي چونڊيو آهي. جيڪي وحي ڪيو پيو وڃي ان کي ڌيان سان ٻڌ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان توکي چونڊيو (نبي طور) پوءِ تون ٻڌ جيڪي وحي ڪيو وڃي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ مون توکي پسند ڪري ورتو آھي ۽ جيڪا وحي ڪئي وڃي ٿي، تنھن کي غور سان ٻڌندو رهه. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّنى أَنَا اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدنى وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ لِذِكرى (آيت : 14) |
سچ پچ آءٌ الله آھيان مون کان سواءِ (ٻيو ڪو) معبود نه آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪر ۽ منھنجي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ مان ئي الله آهيان، مون کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. تنهن ڪري فقط منهنجي ٻانهپ ڪر ۽ منهنجي يادگيري (رکڻ) لاءِ نماز قائم ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ آئون، آئون الله آهيان، مون کانسواءِ ڪوبه معبود ناهي، پوءِ تون منهنجي عبادت ڪر، ۽ تون منهنجي يادگيري لاءِ نماز پڙهه(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ آءُ ئي الله آهيان مون کان سواءِ ڪو معبود نه آهي سو منهنجي عبادت ڪر ۽ مون کي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ مان ئي سچو معبود آهيان ناهي ڪو (ٻيو) سچو معبود مون کان سواءِ پوءِ عبادت ڪر منهنجي ۽ قائم ڪر نماز منهنجي ياد ڪرڻ جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ آءُ ئي الله آهيان مون کان سواءِ ڪو معبود نه آهي سو منهنجي عبادت ڪر ۽ مون کي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ آءٌ الله آهيان مون کان سواءِ ڪو معبود ناهي پوءِ تون منهنجي عبادت ڪر ۽ منهنجي يادگيري لاءِ نماز قائم ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته آئون اَلله آهِيان، ٻِيو ڌَڻِي نَه، مون کان ڌار، پوءِ شيوا ڪَر مون سَندِي، پڻ سندم سارَڻ هارِ، قائـِم بَرقرار، نَبِي! رَک نِماز کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ آءُ الله آهيان، مون ڌاران ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ناهي، ان ڪري منهنجي بندگي ڪر ۽ منهنجي يادگيريءَ لاءِ نماز قائم ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ، مان ئي الله آهيان. مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونه اٿئي، سو تون منهنجي بندگي ڪر ۽ منهنجي يادگيريءَ لاءِ نماز قائم ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ آئون ئي الله آهيان، مون کان سواءِ ڪوبه خدا ناهي، بس منهنجي ئي بندگي ڪر ۽ نماز کي قائم ڪر منهنجي ياد ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ مان خود اللھ آھيان، مون کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آھي تنھنڪري منھنجي ئي بندگي ڪر ۽ منھنجي ياد جي لاءِ نماز قائم ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ أَكادُ أُخفيها لِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما تَسعىٰ (آيت : 15) |
بيشڪ قيامت اچڻي آھي اُن (جي وقت جي اچڻ) کي ھِن ڪري ڳجھو ڪريان ٿو ته سڀڪنھن جيءَ کي سندس ڪوشش جو بدلو ڏجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ (مقرر) وقت اچڻ وارو آهي. آءٌ ان (جي وقت) کي لڪائڻ گهران ٿو، انهيءَ لاءِ ته (ماڻهن جي ايمان ۽ عمل جي آزمائش ٿئي ۽) جنهن شخص جي جهڙي ڪوشش هجي تهڙو بدلو کيس ملي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ قيامت ايندڙ آهي آئون ان کي (عام ماڻهن کان) پوشيده رکندس، ان لاءِ ته هر نفس کي سندس عمل جي جزا ڏني وڃي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇو ته قيامت ضرور اچڻ واري آهي ۽ آءُ ان (جي وقت) کي لڪائڻ گهران ٿو ته جيئن هر شخص (ان جي خوف کان نيڪي ڪري) ۽ جهڙي ڪوشش ڪئي اٿس تنهن جو بدلو کيس ڏنو وڃي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ قيامت اچڻ واري آهي گهران ٿو مان ته ڳجهو رکان ان کي تانته بدلو ڏنو وڃي هر نفس ان سان جيڪا ڪوشش ڪري ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ قيامت اچڻ واري آهي. آءٌ ان (جي وقت) کي لڪائڻ گهران ٿو ته هر شخص جيڪي ڪري ٿو تنهن جو بدلو ان کي ڏنو وڃي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ (قيامت جي) گهڙي اچڻ واري آهي آءٌ ان (جي وقت) کي لڪل رکڻ چاهيان ٿو هن لاءِ ته هر شخص کي ان جو بدلو ملي جنهن لاءِ اهو ڪوشش ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اَچڻِي وار، هِن لئي رَکانِس راز ۾. تان پُورور ڏِجي پَار، جيڪِي جِنهن ڪَمايو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ قيامت ايندي، آءُ ان کي ڳجهو ٿو ڪريان ته هر شخص کي سندس ڪوشش جو بدلو ڏجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قيامت جي گهڙي ضرور اچڻي آهي، مان ان جو وقت مخفي رکڻ ٿو چاهيان ته جيئن هرڪو پنهنجي ڪوشش آهر ڦل پائي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ آخري گهڙي (قيامت) ضرور اچڻ واري آهي آئون ڳجهو رکان ٿو ان کي، جيئن هر نفس پنهنجي ڪوشش آهر بدلو لهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ قيامت ضرور اچڻي آھي مان ان جي وقت کي ڳجهو رکيو آھي ته جيئن ھر ماڻهوءَ کي سندس ڪيل محنت جو بدلو ڏنو وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلا يَصُدَّنَّكَ عَنها مَن لا يُؤمِنُ بِها وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَتَردىٰ (آيت : 16) |
جيڪو اُن کي نه مڃيندو آھي ۽ پنھنجن سَڌن جي پٺيان لڳو آھي سو توکي اُن (جي وسھڻ) کان متان ڦيرائي نه ته ھلاڪ ٿيندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (ڏسجانءِ ته ائين نه ٿئي جو) اهي ماڻهو جيڪي ان وقت جي اچڻ متعلق يقين رکندڙ نه هجن ۽ پنهنجي خواهشن جا غلام هجن، سي توکي به (اڳتي وڌڻ کان) روڪي وجهن ۽ نتيجو هيءُ نڪري جو تون تباهه ٿي وڃين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توکي هرگز ان جي مڃڻ کان اهو منع نه ڪري جيڪو ان تي يقين نٿو رکي ۽ پنهنجي سڌ مطابق هلي ٿو پوءِ (متان) توهان کي هلاڪ ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪو ان (قيامت) کي نٿو مڃي ۽ پنهنجي خواهش جي پٺيان لڳو پيو آهي سو تو کي متان ان (جي مڃڻ) کان روڪي ته تون تباھ ٿي ويندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ هرگز نه روڪي توکي ان کان جيڪو نه ٿو ايمان آڻي ان تي ۽ تابع ٿيو خواهش پنهنجيءَ جو پوءِ هلاڪ ٿين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪو ان (قيامت) کي نٿو مڃي ۽ پنهنجي خواهش جي پٺيان لڳو آهي سو توکي متان ان (جي مڃڻ) کان روڪي نه ته تون برباد ٿيندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تو کي ان (قيامت جي فڪر) کان اُهو ماڻهو روڪي نه وجهي جيڪو ان تي ويساهه نه ٿو رکي ۽ پنهنجي خواهش جي پٺيان لڳو آهي ورنه تون (به) هلاڪ ٿي ويندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بِلڪُل نه ڪَرِئي بَند، جو نه مَڃيسِ مُورهِين، ۽ سَندسِ سَکِــڻِي سَڌ پُٺيان، رِڙِهي چَڙهيو رَند، پوءِ هَلِي ڪِنهن هَنڌ، اُٿلِي ڪِرِين اُهڏ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) متان ڪو به ان کي نه مڃيندڙ ۽ سندس سڌن پٺيان هلندڙ شخص توکي ان کان ڦيرائي ۽ تون تباهه ٿين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڪوبه اهڙو ماڻهو جيڪو ان تي ايمان نٿو آڻي ۽ پنهنجي نفس جي خواهش جي ڪڍ لڳي پيو آهي، توکي ان گهڙيءَ جي فڪر کان نه روڪي ڇڏي، نه ته تون تباهه ٿي ويندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڪوبه اهڙو شخص جيڪو ان تي ايمان نٿو آڻي ۽ پويان لڳو نفس جي، ته روڪي ان جي مڃڻ کان، ۽ تون برباد ٿئين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جيڪو شخص ان قيامت جي اچڻ کي نٿو مڃي ۽ صرف پنھنجي خواھشن جي پويان لڳو رهي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته ھو توکي ان جي مڃڻ کان روڪي ڇڏي (جيڪڏھن ايئن ٿيو ته) پوءِ تون تباهه ٿي ويندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما تِلكَ بِيَمينِكَ يٰموسىٰ (آيت : 17) |
۽ اي مُوسىٰ اِھا تنھنجي سڄي ھٿ ۾ ڇا آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (غيبي آواز پڇيو ته) اي موسيٰ! تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (الله فرمايو ته) اي موسيٰ تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اي موسى تنهنجي سڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇا آهي اهو سڄي هٿ تنهنجي ۾ اي موسى .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اي موسيٰ! اها تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟ اي موسى!“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڇا مُوسى! تُنهن جي سَڄئَ ۾؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ موسيٰ! تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي موسيٰ! اهو تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇا آهي هي تنهنجي هٿن ۾ اي موسيٰ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي موسى تنھنجي ساڄي ھٿ ۾ اھا ڇا آھي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ هِىَ عَصاىَ أَتَوَكَّؤُا۟ عَلَيها وَأَهُشُّ بِها عَلىٰ غَنَمى وَلِىَ فيها مَـٔارِبُ أُخرىٰ (آيت : 18) |
چيائين ته ھيءَ منھنجي لٺ آھي، مٿس ٽيڪ ڏيندو آھيان ۽ اُن سان پنھنجين ٻڪرين تي (وڻ جا) پن ڇاڻيندو آھيان ۽ منجھس مون لاءِ ٻيا (به) فائدا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ عرض ڪيو ته، هيءَ منهنجي لٺ آهي. گهمڻ ۾ ان تي ٽيڪ ڏيندو آهيان، انهيءَ ئي سان پنهنجي ٻڪرين جي لاءِ وڻن جا پن ڇاڻيندو آهيان، ۽ منهنجي لاءِ ان ۾ ٻيا به طرحين طرحين جا فائدا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ عرض ڪيو اِها منهنجي لٺِ آهي، آئون ان تي ٽيڪ ڏيندو آهيان ۽ آئون ان سان پنهنجي ٻڪرين کي پن لاهي ڏيندو آهيان ۽ ان ۾ مون لاءِ ٻيا به فائدا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) چيائين ته اها منهنجي لٺ آهي، ان تي ٽيڪ لڳايان ٿو، ۽ ان سان پنهنجين ٻڪرين لاءِ (وڻنجا پن) ڇاڻيان ٿو ۽ ان ۾ منهنجا ٻيا ڪم به آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اها لٺ منهنجي آهي ٽيڪ ڏيان ٿو ان تي ۽ پن ڪيرايان ٿو ان سان ٻڪرين پنهنجين تي ۽ مون لاءِ ان ۾ ضرورتون ٻيون آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائين ته اها منهنجي لٺ آهي، ان تي ٽيڪ لڳايان ٿو ۽ ان سان پنهنجين ٻڪرين لاءِ (وڻن جا پن) ڇاڻيان ٿو ۽ ان ۾ منهنجا ٻيا ڪم به آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسيٰ ) چيو: ”هيءَ منهنجي لٺِ آهي، جنهن تي ٽيڪ لڳايان ٿو ۽ اُن سان پنهنجي ٻڪرين لاءِ پَنَ ڇاڻيان ٿو ۽ منهنجي لاءِ ان ۾ ٻيا به (گهڻا) فائدا آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي وانجَھڻ سَندمِ وَڻ، ٽيڪ ڏِيان ٿو جنهن مَٿي، ۽ دُهريان ساڻسِ ڌَڻ، مُون لئي مَنجھسِ ٻِئا پڻ، ڪَئين ڪَم آهِن ڪيترا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين اها منهنجي لٺ آهي، جنهن تي آءُ ٽيڪ ڏيندو آهيان ۽ ساڻس ٻڪرين لاءِ پن ڇاڻيندو آهيان ۽ ان ۾ مون لاءِ ٻيا به فائدا آهن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ ورندي ڏني: "اها منهنجي لٺ آهي، ان تي ٽيڪ ڏيئي هلندو آهيان، ان سان پنهنجي ٻڪرين لاءِ پــَـنَ ڇاڻيندو آهيان ۽ ٻيا به گهڻائي ڪم ان کان وٺندو آهيان". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ چيو، هي منهنجي لٺ آهي، ان تي ٽيڪ ڏئي هلندو آهيان ۽ ان سان پنهنجي ٻڪرين جي لاءِ پن ڇاڻيندو آهيان ۽ ٻيا به ڪيترا ئي ڪم آهن جيڪي ان مان وٺان ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (موسى $) چيو ته ھي منھنجي لٺ آھي. ان تي ٽيڪ ڏيندو آھيان، ان سان پنھنجي ٻڪرين لاءِ وڻن جا پن ڇاڻيندو آھيان ۽ ان سان ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪندو آھيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَلقِها يٰموسىٰ (آيت : 19) |
(الله) فرمايو ته اي مُوسىٰ اُھا اُڇلي ڇڏ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حڪم ٿيو ته، اي موسيٰ! ان کي (زمين تي) رک.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله فرمايو اي موسيٰ تون ان کي اڇلاءِ،(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا فرمايو، اي موسى! ان کي زمين تي ته ڦٽو ڪر!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اڇلاءِ ان کي اي موسى .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته اي موسيٰ تون ان کي (پنهنجي هٿ مان) ڇڏ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) فرمايو: ”ان کي اڇلاءِ اي موسى“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اُڇل مُوسٰى! اُن کي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”موسيٰ! ان کي اڇلاءِ!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين: "اڇلائيس اي موسيٰ!" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرمايو (رب)، هن کي اڇل اي موسيٰ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اللھ تعالى) فرمايو ته اي موسى! ان کي ھيٺ ڦٽي ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَلقىٰها فَإِذا هِىَ حَيَّةٌ تَسعىٰ (آيت : 20) |
پوءِ اُھا اُڇليائين ته اُھا انھي مھل ڊوڙندڙ واسينگ نانگ ٿي پئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ ان کي (زمين تي) ڦٽو ڪيو ته ڇا ڏسي ته، هڪ نانگ آهي جو ڊوڙي ٿو پيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (حضرت) موسيٰ ان لٺ کي اڇلايو ته اوچتو اها (لٺ) ڊوڙندڙ نانگ ٿي پئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى ان کي اڇليو پوءِ ان ئي وقت اها هڪ ڊوڙندڙ نانگ ٿي پيئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اڇلايائين ان کي پوءِ اوچتو اها نانگ آهي ڊوڙي پيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کي ڇڏيائين پوءِ ان ئي وقت اها هڪ ڊوڙندڙ نانگ ٿي پئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان کي اڇلايائين ته اُتي جو اُتي نانگ ٿي پئي (جو) ڊوڙڻ لڳو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُڇلئـِين ته اِجها، سا، بَنِي بَلاڪا، پيئـِي ڊوڙٖي پَٽ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ان کي اڇلايائين ته اوچتو اها ڊوڙندڙ نانگ ٿي پيئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) کڻي جو اڇلايائينس ته هڪدم اها نانگ ٿي پئي جيڪو ڊوڙي رهيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن اها اڇلائي ته ان ئي مهل اها هڪ نانگ ٿي پئي جيڪو ڊوڙي پيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ھن لٺ کي جيئن ئي ھيٺ اڇلايو ته ھوءَ فوراًنانگ ٿي ھلڻ لڳي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ خُذها وَلا تَخَف سَنُعيدُها سيرَتَهَا الأولىٰ (آيت : 21) |
(الله) فرمايو ته اُنھيءَ کي وٺ ۽ نه ڊڄ، اُنھيءَ کي سندس پھرين شڪل ۾ موٽائينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حڪم ٿيو ته ان کي هاڻي پڪڙي جهل. خوف نه ڪر، اسان ان کي وري اصلوڪي حالت ۾ ٿا آڻيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله فرمايو تون ان کي کڻ ۽ خوف نه ڪر، اسين جلد ان کي پهرين شڪل ۾ آڻينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اها ڏسي موسى ڀڳو ته) خدا فرمايو، ان کي جهل ۽ نه ڊڄ! اسين ان کي پهرين شڪل ۾ وري ڪري ٿا ڇڏيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين وٺ ان کي ۽ نه ڊڄ جلد موٽائينداسون ان کي پهرئين حالت ان جي تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته ان کي جهل ۽ نه ڊڄ! اسين ان کي پهرئين شڪل ۾ موٽائينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) فرمايو: ”ان کي پڪڙ ۽ نه ڊڄ، اسان ان کي هاڻي ئي پهرين شڪل ۾ موٽائينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، وَرِي اُن کي وَٺ، ۽ ڀؤ ڀانئي ڪو نه ڪو، وَرِي ڪَنداسون لَٺ، اَڳئـِين وانگر اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”ان کي کڻ ۽ ڊڄ نه، يڪدم اسين کيس اڳئين وانگر ڪنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين: "پڪڙيس ۽ ڊڄ نه، اسان ورائي ان کي اصل شڪل ۾ آڻينداسين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرمايو، اها کڻي وٺ ۽ نه ڊڄ، اسان اهڙو ئي ڪنداسين ان کي جهڙي هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى چيس ته ان کي پڪڙ، ڊڄ نه، اسان ان کي پھرين واري شڪل ۾ ڦيرائينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاضمُم يَدَكَ إِلىٰ جَناحِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ ءايَةً أُخرىٰ (آيت : 22) |
۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي بغل تي رک ته بي عيبو اڇو ٿي نڪري اِھا ٻي نشاني (ھن لاءِ) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پڻ حڪم ٿيو ته) پنهنجو هٿ پنهنجي پاسي ۾ رک ۽ وري ڪڍي وٺ. بنا ڪنهن عيب جي چمڪندو نڪري ايندو. اها (تنهنجي لاءِ) ٻي نشاني آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون پنهنجي هٿ کي پنهنجي ٻانهن جي هيٺان ڪر ته اهو سفيد ۽ روشن ٿي نڪرندو سواءِ ڪنهن بيماريءَ جي اها ٻي نشان ٿِي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجو هٿ پنهنجي بغل ۾ ته وجھ ته اهو ڪنهن عيب کان سواءِ سفيد ٿي نڪرندو، اهو ٻيو معجزو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رک تون هٿ پنهنجو بغل پنهنجي تي ته نڪرندو اڇو چمڪندڙ ٿي سواءِ بيماريءَ جي نشاني ٻي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجو هٿ پنهنجي بغل ۾ دٻاءِ اُهو ڪنهن بيماري کان سواءِ سفيد (چمڪدار) ٿي نڪرندو، (اِها) ٻي نشاني آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هَٿ پَنهنجو، پَنهنجي بَغل ۾، ڍوليا! وَرِي ڍار، ته اَڇو اُجرو عيب سوا، نِڪرندو نِروار، ٻِئو پڻ ٻِيهار، مُوسٰى! تو لئي مُعجزو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پنهنجو هٿ بغل ۾ وجهه، ته اهو بي عيب روشن ٿي نڪرندو، اها ٻي نشاني آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پنهنجو هٿ پنهنجي بغل ۾ وجهه ته چمڪندڙ ٿي نڪرندو، بنا ڪنهن عيب جي، اها ٻي نشاني اٿئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ دٻاءِ پنهنجي هٿ کي بغل ۾ بنا ڪنهن تڪليف جي ته چمڪندڙ ٿي نڪرندو ان مان بنا دير جي، هيءَ ٻي نشاني آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ پنھنجي ھٿ کي بغل ۾ وجھ، ھو بغير ڪنھن تڪليف جي روشن ٿي نڪرندو، اھا اٿئي اسان جي ٻي نشاني. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِنُرِيَكَ مِن ءايٰتِنَا الكُبرَى (آيت : 23) |
ته توکي پنھنجين وڏين نشانين مان ڏيکاريون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي ٻئي نشانيون) هن لاءِ (ڏنيون ويون آهن) ته آئنده توکي پنهنجي قدرت جون وڏيون وڏيون نشانيون ڏيکاريون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته اسين توکي پنهنجون عظيم نشانيون ڏيکاريون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن لاءِ ته اسين تو کي ڪجھ پنهنجيون وڏيون نشانيون ڏيکاريون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته ڏيکاريون توکي نشانين پنهنجين وڏين مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجو هٿ پنهنجي بغل ۾ وجهه ته اهو ڪنهن عيب کان سواءِ سفيد ٿي نڪري اها ٻي نشاني آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته اسان تو کي پنهنجي وڏين نشانين مان ڏيکاريون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته پَنهنجي نِشانِيَنِ مان، ڪي مُک نيشانيون مُور، اَکِيَن سان اَهڳور!، توکي ڏيکارِيون ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته توکي پنهنجي وڏين نشانين مان ڪجهه ڏيکاريون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇو جو اسان توکي پنهنجون وڏيون نشانيون ڏيکارڻ وارا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهيءِ لاءِ اسين توکي ڏيکارڻ وارا آهيون نشانيون ٻيون وڏيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان توکي وڌيڪ پنھنجيون وڏيون نشانيون ڏيکارڻ چاھيون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 24) |
فرعون ڏانھن وڃ جو اُھو بيشڪ نافرمان ٿيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پڻ حڪم ٿيو ته هاڻي اي موسيٰ) تون فرعون (يعني مصر جي بادشاهه) ڏي وڃ. هو وڏو سرڪش ٿي پيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تون فرعون ڏانهن وڃ بيشڪ اهو حد کان وڌي ويو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هاڻي تون فرعون ڏي وڃ! ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وڃ تون فرعون ڏانهن بيشڪ اهو بي فرمان ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ ته اسين توکي ڪجهه پنهنجيون وڏيون نشانيون ڏيکاريون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تون فرعون ڏانهن وڃ بيشڪ اهو سرڪش ٿي ويو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فسادِئَ فِرعون ڏي، هِڪدم وَڃ هُمام! تَڪبّر مَنجھ تَمام، وَڃِي، جو وَهلُور پِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هاڻ فرعون ڏي وڃ، جو حد کان نڪري ويو آهي.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي تون فرعون ڏي وڃ، هو ڏاڍو سرڪش بڻجي ويو آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي تون وڃ فرعون وٽ، بيشڪ اهو سرڪش ٿي ويو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھاڻي (ھي نشانيون کڻي) فرعون ڏي وڃ، بيشڪ ھو باغي ٿي پيو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبِّ اشرَح لى صَدرى (آيت : 25) |
(مُوسى) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون لاءِ منھنجو سينو کول.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) موسيٰ عرض ڪيو ته، اي پروردگار منهنجو سينو کولي ڇڏ (ته وڏي ۾ وڏيون تڪليفون برداشت ڪرڻ جهڙو ٿيان ۽ وڏا حڪم ڪري سگهان.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب تون منهنجي لاءِ منهنجي سيني کي ڪشادو ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى عرض ڪيو ته اي منهنجا پالڻهار! منهنجو سينو ڪشادو ڪرڻ فرمائي (دلير بڻائي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته: اي منهنجا رب! کول تون مون لاءِ سينو منهنجو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تون فرعون ڏي وڃ ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون لاءِ منهنجو سينو ڪشادو ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سَندمِ سِينو کول تون، سانيمِ رَبّ، سُبحان! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”يارب! منهنجي سيني کي کول. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ عرض ڪيو: "پالڻهار! منهنجو سينو کولي ڇڏ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ عرض ڪيو، اي منهنجا پالڻهار! منهنجو سينو کول(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (موسى $) چيو ته اي منھنجا پالڻھار! منھنجي سيني کي منھنجي لاءِ کول. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَسِّر لى أَمرى (آيت : 26) |
۽ منھنجو ڪم مون لاءِ سولو ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ منهنجو ڪم منهنجي لاءِ آسان ڪر (جيئن ڪابه مشڪل مون تي غالب نه پوي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون منهنجي لاءِ منهنجو ڪم (رسالت جو) آسان ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ مون لاءِ منهنجو ڪم آسان ڪرڻ فرمائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آسان ڪر مون لاءِ ڪم منهنجو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون لاءِ منهنجو سينو ڪشادو ڪر، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ منهنجي لاءِ منهنجي ڪم کي آسان ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُنهنجو ڪَم ڪرِيم، ڪَرِين اِحسان سان آسان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منهنجي ڪم کي سولو بڻاءِ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ منهنجو ڪم مون لاءِ سؤلو بڻاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ منهنجو ڪم مون لاءِ آسان ڪر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) منھنجي ڪم کي منھنجي لاءِ آسان فرماءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاحلُل عُقدَةً مِن لِسانى (آيت : 27) |
۽ منھنجي زبان جي ھٻڪ لاھ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ منهنجي زبان جي ڳنڍ ڇوڙي ڇڏ. (انهيءَ لاءِ ته ڳالهائڻ ۽ تقرير ڪرڻ ۾ رواني پيدا ٿئي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون منهنجي زبان تان سخت ٻاتاڻ ختم ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ منهنجي زبان تان (هٻڪ جي) ڳنڊ کول.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ختم ڪر هٻڪ زبان منهنجيءَ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مون لاءِ منهنجو ڪم آسان ڪر، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ منهنجي زبان تان (هٻڪڻ جي) ڳنڍ کول.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مولىٰ کول مُنهنجو، ٻاجَھون ٻَجھ زِبان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منهنجي زبان جي ڳنڍ کي کول. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ منهنجي زبان جي هٻڪ لاهي ڇڏ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هٻڪ لاهه منهنجي زبان جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) منھنجي زبان جو حجاب دور فرماءِ (ته جيئن ماڻهن سان فصاحت سان ڳالهائي سگهان.) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَفقَهوا قَولى (آيت : 28) |
ته (اُھي) مُنھنجي ڳالھ سمجھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) منهنجي ڳالهه ماڻهن جي دماغ ۾ ويهي ۽ دلنشين ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته اهي منهنجي ڳالهه سمجھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اهي منهنجي ڳالھ سمجهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته سمجهن ڳالھ منهنجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ منهنجي زبان تان (هٻڪ جي) ڳنڍ کول، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جو ماڻهو منهنجي ڳالهه سمجهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته سَندمِ بات بَيان، سَمجھنِ سَولِئَ طرح سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ماڻهو منهنجو ڳالهاءُ سمجهن_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته جيئن ماڻهو منهنجي ڳالهه سمجهي سگهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن اهي سمجهي سگهن منهنجي ڳالهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ماڻهو منھنجي ڳالھ سمجهي سگهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاجعَل لى وَزيرًا مِن أَهلى (آيت : 29) |
۽ منھنجي گھر وارن منجھان مون لاءِ ڪو وزير مُقرّر ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پڻ منهنجي گهر وارن مان منهنجو وزير بناءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون منهنجي لاءِ منهنجي اهل مان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ منهنجي اهل مان منهنجي لاءِ هڪ وزير (رسالت جو بار کڻڻ وارو) مقرر ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪر تون مون لاءِ وزير اهل منهنجي مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته اهي منهنجي ڳالهه سمجهن، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ منهنجي لاءِ منهنجي گهر وارن مان هڪ وزير بناءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ والِي ڪر وَزِير مون، مَنجھان مُنهنجي آل، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ منهنجي گهر وارن مان منهنجو وزير بناءِ! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مون لاءِ منهنجي ئي ڪٽنب مان هڪڙو وزير مقرر ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ منهنجي لاءِ بڻاءِ وزير منهنجي خاندان مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) منھنجي خاندان مان ئي ڪنهن ھڪ کي منھنجي لاءِ وزير (يعني ذميدارين ۾ هٿ ونڊائڻ وارو) مقرر فرماءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰرونَ أَخِى (آيت : 30) |
(يعني) منھنجي ڀاءُ ھارون کي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) منهنجي ڀاءُ هارون کي(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) منهنجي ڀاءُ (حضرت) هارون کي منهنجو وزير (مددگار) بناءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) منهنجي ڀاءُ هارون کي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هارون ڀاءُ منهنجو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ منهنجي گهر وارن مان منهنجي ڀاءُ هارون کي منهنجو وزير مقرر ڪر. (-)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هارون ، جيڪو منهنجو ڀاءُ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هارون، سَندمِ ڀاء کي، ڀَلا! ساڻ ڀال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منهنجي ڀاءُ هارون کي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هارون، جيڪو منهنجو ڀاءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هارون جيڪو منهنجو ڀاءُ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھارون کي (جيڪو) منھنجو ڀاءُ آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اشدُد بِهِ أَزرى (آيت : 31) |
اُن سان منھنجي سگھ مُحڪم ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن کي (منهنجو مددگار بنائي) منهنجي طاقت وڌاءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان سان تون منهنجي چيلهه مضبوط ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان جي ذريعي منهنجي پٺ کي مضبوط ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مضبوط ڪر ان سان قوت منهنجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان (جي هئڻ) سان منهنجي طاقت مضبوط ڪر، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان جي ذريعي منهنجي چيلهه (يعني طاقت) مضبوط ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَضبوط ڪَر مون سَندِي، طاقت تِنهِين نال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان سان منهنجي طاقت مضبوط ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان جي وسيلي منهنجا هٿ مضبوط ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مضبوط ڪر منهنجو هٿ ان جي ذريعي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان جي ذريعي مون کي مضبوط بناءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَشرِكهُ فى أَمرى (آيت : 32) |
۽ منھنجي ڪم ۾ اُن کي ڀائيوار ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هن کي منهنجي ڪم ۾ شريڪ ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون ان کي منهنجي ڪم (نبوت جي) ۾ منهنجو ساٿي بناءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان کي منهنجي ڪم ۾ شريڪ ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ شريڪ ڪر ان کي ڪم منهنجي ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کي منهنجي ڪم ۾ شريڪ ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان کي منهنجي (رسالت جي) ڪم ۾ شريڪ ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَرِينسِ مُنهنجي ڪَم ۾، ڀائيوار بَحال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان کي منهنجي ڪم ۾ شامل ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان کي منهنجي ڪم ۾ شريڪ ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ شريڪ ڪر ان کي منهنجي ڪم ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) منھنجي ذميداري ۾ ان کي به شريڪ فرماءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَى نُسَبِّحَكَ كَثيرًا (آيت : 33) |
ته تنھنجي گھڻي پاڪائي بيان ڪريون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان (ٻئي گڏجي) تنهنجي پاڪائي ۽ وڏائي جو بيان گهڻي ۾ گهڻو ڪيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته اسين ڪثرت سان تنهنجي پاڪائي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اسين ٻئي (گڏجي) تنهنجي پاڪائي وڌيڪ بيان ڪريون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته تسبيح پڙهون اسين تنهنجي گهڻي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته اسين تنهنجي پاڪائي وڌيڪ بيان ڪريون .(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تان ته اسان تنهنجي گهڻي پاڪائي بيان ڪيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توکي سارِيون(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته اسين تنهنجي پاڪائي گهڻو بيان ڪريون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تانته اسان تنهنجي خوب پاڪائي بيان ڪريون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن اسان چڱيءَ طرح تنهنجي پاڪائي بيان ڪريون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن اسان ٻئي تنھنجي پاڪيزگي بيان ڪريون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَذكُرَكَ كَثيرًا (آيت : 34) |
۽ توکي گھڻو ياد ڪريون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ تنهنجي يادگيريءَ ۾ گهڻي قدر لڳا رهون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تنهنجو ذڪر ڪريون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تو کي وڌيڪ ياد ڪريون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ياد ڪيون توکي گهڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ توکي وڌيڪ ياد ڪريون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان تو کي گهڻو ياد ڪيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ساراهيون، جَجھو جَلَّ جَلال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکي گهڻو ياد ڪريون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ تنهنجو ذڪر خوب ڦهلايون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تنهنجو ذڪر خوب ڪريون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ تنھنجو خوب ذڪر ڪريون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّكَ كُنتَ بِنا بَصيرًا (آيت : 35) |
بيشڪ تون اسان جو حال ڏسندڙ آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ تون اسان جو حال ڏسي رهيو آهين (۽ اسان کان ڪنهن به حال ۾ غافل نه آهين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ تون ئي اسان کي ڏسندڙ آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ تون اسان جي حالت ڏسي رهيو آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ تون آهين اسان کي ڏسندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ تون اسان کي ڏسندڙ آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تون اسان تي نگران آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان جو اَحوال، تون ڏِسندڙ آهِين، ڏيہ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، تون اسان کي خوب ڏسين ٿو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تو سدائين پئي اسان جي حالت تي نظر رکي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ تون اسان جي حال تي هميشه نگران آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تون اسان جي ھر حال کان خوب واقف آھين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ قَد أوتيتَ سُؤلَكَ يٰموسىٰ (آيت : 36) |
(الله) چيو ته اي موسىٰ بيشڪ (تولاءِ) تنھنجو سوال قبول ڪيو ويو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ارشاد ٿيو ته، اي موسيٰ تنهنجي دعا قبول پيئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو اي موسيٰ اسان تنهنجا ڪيل سوال پورا ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرمايائين، اي موسى تنهنجون سڀئي درخواستون منظور ڪيون ويون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته تحقيق ڏنو وئين تون مطلوب پنهنجو اي موسى! .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته اي موسيٰ! تنهنجو سوال قبول ڪيو ويو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) فرمايو : ”بلاشڪ اي موسى جو تو سوال ڪيو سو توکي ڏنو ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مُوسٰى مَنطور ڪيو وِيو، تُنهنجو سڀ سوال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”موسيٰ! تنهنجو سوال قبول پيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين: "توکي ڏنو ويو جيڪو تون گهريو اي موسيٰ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرمايو، جيڪو تو گهريو سو ڏنو ويو اي موسيٰ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اللھ تعالى ) فرمايو ته: اي موسيٰ! جيڪو تو گهريو سو توکي عطا ڪيو ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد مَنَنّا عَلَيكَ مَرَّةً أُخرىٰ (آيت : 37) |
۽ بيشڪ توتي ھڪ ڀيرو (ٻيو به) احسان ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (توکي معلوم آهي ته) اسان توتي اڳي به هڪ ڀيرو اهڙو احسان ڪري چڪا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان توهان تي ٻِئي ڀيري به احسان ڪيو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان تو تي هڪ ٻيو دفعو به احسان ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق احسان ڪيوسون توتي ڀيرو ٻيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان توتي هڪ ٻيو دفعو به احسان ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان تو تي هڪ ٻيو ڀيرو به احسان ڪيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻِئي ڀيري پڻ ڀال، ڪيڏو ڪيوسون تو مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين توتي ٻيو دفعو به احسان ڪري چڪا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان وري ٻيهر به توتي احسان ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هڪ ڀيرو وري توتي احسان ڪيوسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ اسان توتي ھڪ ڀيرو ٻيو به احسان ڪيو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ أَوحَينا إِلىٰ أُمِّكَ ما يوحىٰ (آيت : 38) |
جڏھن تنھنجي ماءُ ڏانھن اُھو الھام ڪيوسون جيڪو الھام ڪرڻو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان توکي ٻڌايون ٿا (ته انهيءَ وقت ڇا ٿيو هو) جڏهن اسان تنهنجي ماءُ جي دل ۾ هيءَ ڳالهه وڌي هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن اسان توهان جي والده ڏانهن الهام ڪيو جيڪو الهام (اسان کي) ڪرڻو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن تنهنجي ماءُ کي اها ڳالھ الهام ڪئي سون جا هاڻي وحي جي ذريعي تو کي ٻڌايون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن وحي ڪيوسون ماءُ تنهنجيءَ ڏانهن جيڪو القاءُ ڪيو ويو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن تنهنجي ماءُ کي اها ڳالهه الهام ڪئي سون جا اِلهام ڪرڻي هئي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن اسان تنهنجي ماءُ جي دل ۾ اُها ڳالهه وڌي جيڪا وحي ڪئي ويندي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن اُتوسون تُنهنجي اَما کي، جو وَحِي ڪرڻو وِير! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن تنهنجي ماءُ ڏانهن جيڪو حڪم موڪلڻو هو، سو موڪليوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪر، جڏهن اسان تنهنجي ماءُ ڏانهن اهو وحي ڪيو هو جيڪي وحيءَ وسيلي ئي ڄاڻائبو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ياد ڪر اهو وقت جڏهن اشارو ڪيوسين تنهنجي ماءُ کي، اهڙو اشارو جيڪو وحي جي ذريعي ڪبو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن اسان تنھنجي ماءُ جي دل ۾الهامي اشارو ڪيو جيڪو صرف وحي جي ذريعي ئي ڪري سگهجي پيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَنِ اقذِفيهِ فِى التّابوتِ فَاقذِفيهِ فِى اليَمِّ فَليُلقِهِ اليَمُّ بِالسّاحِلِ يَأخُذهُ عَدُوٌّ لى وَعَدُوٌّ لَهُ وَأَلقَيتُ عَلَيكَ مَحَبَّةً مِنّى وَلِتُصنَعَ عَلىٰ عَينى (آيت : 39) |
ته اُن نينگر کي صندوق ۾ وِجھ پوءِ اُن کي درياءَ ۾ اُڇل ته درياءُ کيس ڀر ڏانھن اُڇليندو (۽) منھنجو ويري ۽ سندس ويري کيس وٺندو، ۽ پاڻ وٽان توتي پيار وڌم، ۽ (گھريم) ته منھنجي اکين اڳيان پلجن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته ٻچي کي يعني توکي (جڏهن تون ڄايو هئين) هڪ صندوق ۾ وجهه ۽ صندوق کي درياه ۾ ڦٽو ڪر. درياهه ان کي ڪناري تي ڌڪي ڇڏيندو. پوءِ ان کي اهو کڻي وٺندو جو منهنجو (يعني ذات انسان جو) دشمن آهي ۽ پڻ هن ٻچي جو به دشمن آهي. (اي موسيٰ) اسان پنهنجي خاص فضل سان توتي محبت جي ڇانو ڪئي هئي، (جو ڌاريان به توسان محبت ڪرڻ لڳا) ۽ اهو هن لاءِ هو جو اسان چاهيو ٿي ته تون اسان جي (خاص) نظر هيٺ پرورش ۽ سنڀال پائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته تون ان (نومولود موسيٰ ) کي پيٽيءَ ۾ وجھه، ان کان پوءِ تون اُن پيٽيءَ کي درياءَ ۾ اڇلاءِ پوءِ درياءُ ان پيٽيءَ کي ساحل (ڪناري) تي اڇلائي، ان کي اهو کڻي جيڪو اسان جو ۽ ان جو دشمن هجي، ۽ مون پنهنجي محبت تنهنجي مٿان نازل ڪئي، ان لاءِ ته تون منهنجي نگراني ۾ پرورش ڪرين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته تون (موسى کي) صندوق ۾ رکي ۽ دريا ۾ لوڙهي ڇڏ، پوءِ دريا کيس ڌڪا ڏيندو ڪناري تي اڇلائيندو، پوءِ موسى کي منهنجو دشمن (فرعون) کڻندو ۽ مون تو تي پنهنجي محبت جو (اثر) وڌو (ته جو ڏسي، پيار ڪري) ته جيئن تون منهنجي خاص نظرداري ۾ پلجين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته رک تون ان کي صندوق ۾ پوءِ وجھ تون ان کي درياءَ ۾ پوءِ ڀلي اڇلائي ان کي درياءَ ڪناري تي ته وٺي ان کي دشمن منهنجو ۽ دشمن ان جو ۽ وڌي مون توتي محبت پنهنجي طرفان ۽ تانته پرورش ڪيو وڃين تون اکين اڳيان منهنجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته تون ان (ٻار) کي صندوق ۾ وجهه! پوءِ ان کي درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏ، جو درياءَ ان کي (کڻي) ڪناري تي اڇلائي ته ان کي منهنجو دشمن ۽ ان جو دشمن کڻي. ۽ مون توتي پنهنجي طرفان محبت وڌي (ته توکي هر هڪ محبت ڪري) ۽ هن لاءِ ته منهنجي اکين اڳيان پلجين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته تون ان (موسى ) کي صندوق ۾ رک پوءِ ان کي درياء ۾ لوڙهي ڇڏ پوءِ درياء ان کي ڪناري سان آڻي لڳائيندو ان کي منهنجو دشمن ۽ سندس دشمن کڻندو. ۽ مون تو تي پاڻ وٽان محبت (۽ مقبوليت) وڌي (جيئن تو سان هرڪو محبت ڪري) ۽ اُهو هن لاءِ ته تون منهنجي نگراني ۾ پاليو وڃين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته سَٽ کِيسِ صُندوق ۾، پوءِ تنهن کي سَٽ مَنجھ سِير، ته ڪارُونڀار ڪِناري تي، اُڇلِيندس اَخِير، پوءِ وَٺندسِ مَنجھان وِير، وِيري، مُون ۽ اُن جو. پوءِ سَٽِيمِ پاران پَنهنجي، توتي محبت مُور، ته وَڃِي نِپايو نُور، مُنهنجي مِهر نَظر ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ”موسيٰ کي صندوق ۾ وجهي پاڻيءَ ۾اڇل، ته پاڻي کيس ڪپ تي آڻي ۽ ان کي منهنجو ۽ تنهنجو دشمن هٿ ڪري، ۽ مون تو ۾ محبت جو اثر وڌو ته منهنجي نظر هيٺ نپائجين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته انهيءَ ٻار کي پيتيءَ ۾ رکي درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيس. درياءُ ان کي ڪناري تي اڇلائي ڦٽو ڪندو ۽ ان کي منهنجو دشمن ۽ سندس دشمن کڻي وٺندو". مان پنهنجي طرفان تو مٿان محبت جي پالوٽ ڪئي ۽ اهڙو بندوبست ڪيو ويو ته جيئن تنهنجي پالنا منهنجي نظرداريءَ هيٺ ٿئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته ان ٻار کي صندوق ۾ وجهه ۽ ان کي درياهه ۾ وهائي ڇڏ، درياهه کيس اڇليندو ڪناري تي ۽ ان کي کڻندو منهنجو دشمن ۽ دشمن ان ٻار جو ۽ مون پنهنجي طرفان توتي پلٽي ڇڏيو پنهنجي پيار کي، ۽ انتظام به ڪيو ته تون منهنجي نگرانيءَ ۾ پاليو وڃين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته تون ھن ٻارڙي کي صندوق ۾ وجهي درياءَ ۾ لوڙھي ڇڏ ته درياءُ کيس ڪناري تي آڻي ڇڏيندو، جنهن کي منھنجو ۽ ان ٻارڙي جو دشمن کڻندو. (اي موسى!) مان ئي توتي پنھنجي محبت جو اثر وڌو ته جيئن تون منھنجي (خاص) نظر ھيٺ پلجي سگهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ تَمشى أُختُكَ فَتَقولُ هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ مَن يَكفُلُهُ فَرَجَعنٰكَ إِلىٰ أُمِّكَ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَقَتَلتَ نَفسًا فَنَجَّينٰكَ مِنَ الغَمِّ وَفَتَنّٰكَ فُتونًا فَلَبِثتَ سِنينَ فى أَهلِ مَديَنَ ثُمَّ جِئتَ عَلىٰ قَدَرٍ يٰموسىٰ (آيت : 40) |
جڏھن تنھنجي ڀيڻ گھمي ٿي تڏھن چيائين ٿي جيڪو ان کي سنڀالي تنھنجو اوھان کي ڏس ڏيان، پوءِ توکي تنھنجي ماءُ ڏانھن موٽايوسون ته اُن جا نيڻ ٺرن ۽ غمگين نه رھي، ۽ ھڪڙو ماڻھو ماريئي پوءِ توکي ڏک کان ڇڏايوسين ۽ توکي پرکڻ طرح پرکيوسون، پوءِ مدين وارن ۾ ڪيترائي ورھ رھين، وري اي موسىٰ تون تقدير (الٰھي) موافق آئين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهنجي ڀيڻ جڏهن اتان لنگهي تڏهن (به اسان ئي ائين ڪيو جو) هن (فرعون جي ڌيءُ کي) چيو ته، مان اوهان کي اهڙي عورت ڏسيان ۽ ڏيکاريان جا هن ٻچي کي (يعني توکي) پالي ۽ نپائي؟ ۽ اهڙيءَ طرح اسان توکي وري تنهنجي ماءُ جي هنج ۾ موٽائي ڏنو ته سندس اکيون ٺرن ۽ (ٻچي جي جدائيءَ ۾) غمگين نه رهي. پوءِ (ڏس ته ڇا ٿيو جو) تو (مصر ۾) هڪ ماڻهو (کي) ماري وڌو. اسان توکي هن معاملي جي غم کان ڇڏايو ۽ توکي هر طرح جي حالتن ۾ وجهي آزمايو. پوءِ تون ڪيترائي سال مدين جي ماڻهن ۾ رهيو هئين، (انهن سڀني ڳالهين حضرت موسيٰ کي نبوت جي لائق ڪيو، ۽ مدين جي بيابانن ۾ ٻڪريون چاري تڪليفن برداشت ڪرڻ جهڙو ٿيو). آخر اي موسيٰ تون (مقرر) اندازي تي پورو آئين. (يعني آخر رسالت جي ڪم ڪرڻ جو لائق ٿئين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (ان وقت) تنهنجي ڀيڻ (توکي ڳوليندي) اچي پهتي پوءِ ان چيو ته ڇا آئون توهان کي اهڙن ماڻهن جو ڏس نه ڏيان جيڪي ان کي نپائين، پوءِ اسان توکي تنهنجي ماءُ ڏانهن موٽايو ان لاءِ ته سندس نيڻ ٺرن ۽ اها ڏک نه ڪري، ۽ تو هڪ انسان کي قتل ڪيو، پوءِ اسان توکي غم کان نجات ڏني ۽ اسان توکي چڱي طرح آزمايو. پوءِ تون ڪيترا سال مدين (شهر) وارن وٽ رهين، ان کان پوءِ تون (اي موسيٰ ) پنهنجي وعدي تي پهتين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن تنهنجي ڀيڻ هلي(۽ فرعون جي گهر اچي) چيائين: چئو ته آءُ اوهان کي هڪ دائيءَ جو ڏس ڏيان جيڪا هن کي چڱي طرح پالي، ته (اهڙيءَ طرح) اسان تو کي وري تنهنجي ماءُ تائين پهچايو ته جيئن سندس اکيون ٺرن ۽ تنهنجي جدائي تي) ڏک نه ڪري. ۽ تو هڪ شخص (قبطي) کي ماري ڇڏيو (۽ سخت پريشان هئين) ته اسان تو کي ان غم کان ڇڏايو ۽ اسان تو کي چڱي طرح آزمايو پوءِ تون ڪيترائي سال مدين جي ماڻهن وٽ وڃي رهين، (اي موسى) وري تون ان حد کي پهتين جا حد رسالت جي تبليغ جي لاءِ لکيل هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن گهمي پئي ڀيڻ تنهنجي پوءِ چوي پئي ڇا ڏس ڏيان اوهان کي ان جو جيڪو سنڀالي ان کي پوءِ موٽايوسون توکي ماءُ تنهنجيءَ ڏانهن تانته ٺرن اکيون ان جون ۽ نه غمگين رهي ۽ ماريو تو هڪ ماڻهو پوءِ ڇڏايوسون توکي ڏک کان ۽ پرکيوسون توکي چڱيءَ طرح پرکڻ پوءِ رهئين تون ڪيترا سال مدين وارن ۾ تنهن کان پوءِ آئين تون تقدير الاهيءَ سان اي موسى .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن تنهنجي ڀيڻ ويئي ٿي پوءِ چيائين ٿي ته ڇا آءُ اوهان کي اهڙو ماڻهو ٻڌايان جو ان کي پالي؟ پوءِ اسان توکي تنهنجي ماءُ ڏي موٽايو ته سندس اکيون ٿڌيون ٿين ۽ ڏک نه ڪري. ۽ تو هڪ ماڻهو ماريو پوءِ اسان توکي (اُن) غم کان بچايو ۽ اسان توکي ڪجهه آزمايو، پوءِ تون ڪيترا سال مدين وارن ۾ رهئين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ياد ڪر جڏهن تنهنجي ڀيڻ هلندي آئي پوءِ (فرعون جي گهر وارن کي) چوڻ لڳي ڇا آءٌ اوهان کي ڪنهن (اهڙي عورت) جي خبر ڏيان جا هن (ٻار) جي پالنا ڪري؟ پوءِ اسان تو کي تنهنجي جيجل ڏانهن موٽايو، تانجو سندس اکيون ٿڌيون ٿين ۽ غم به نه ڪري. ۽ تو (فرعونين جو) هڪ ماڻهو ماريو هيو پوءِ اسان توکي (ان) غم کان نجات ڏني ۽ اسان تو کي گهڻين آزمائشن مان گذاري جانچيو. پوءِ تون ڪيترا سال مَديَن وارن ۾ رهئين پوءِ هاڻي تون ٺيڪ پنهنجي وقت تي آيو آهين، اي موسى!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَڏهن هَلِي هَمشِيران تُنهنجِي، پَئـِي، چَوي اِهڙي چال، ڇا، آن کي ڏَسيان ڪا زال، جا سانڊٖي هِن صَغِير کي؟ پوءِ توکي تُنهنجِي ماء ڏي، واريون سون وَرِي، ته پَونَسِ نِيڻ ٺَرِي، پوءِ اَصل نه ڪَري ارمان ڪو. ۽ اَپَهَڪَ، ڪنهن اِنسان کي، خوف ڪيو تو خان! پوءِ تُرت ڪيوسون توکي، آجو کان اَرمان، ۽ ڪي آنداسون تو مٿي، اَوس اِمتحان، پوءِ مَدَين جي ماڻهن ۾، ڪي سال رَهِين سُلطان!، موٽِي آئـِين مَڪان، اي مُوسٰى! مُقرر وَقت تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن تنهنجي ڀيڻ هلندي آئي ۽ (فرعون جي زال) کي چيائين ته ”آءُ اهڙي ماڻهوءَ جو ڏس ڏيانوَ، جو هن کي پالي؟ پوءِ اسان توکي تنهنجي ماءُ ڏي موٽايو، ته هن جون اکيون ٺرن ۽ غم نه ڪري ۽ تو هڪ شخص کي ماريو، پوءِ اسان توکي غم کان ڇڏايو ۽ توکي پرکڻ جيئن پرکيوسون_ پوءِ تون ڪي ورهيه مدين وارن ۾ رهين، پوءِ تون مقرر وقت تي آئين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪر، جڏهن تنهنجي ڀيڻ پئي هلندي وئي، پوءِ وڃي چيائين ته مان ڏَسُ ڏيانـوَ اهڙي ماڻهو جو جيڪو ان ٻار جي چڱيءَ طرح پالنا ڪري؟ ان ريت اسان توکي تنهنجي ماءُ ڏي موٽائي آندو، تانته سندس اکيون ٺرن ۽ هوءَ ڏک ۾ نه پوي ۽ (اهو به ياد ڪر ته) تو هڪڙي شخص کي ماري وڌو هو. اسان توکي انهيءَ غم مان به ڪڍي ورتو هو ۽ توکي ڪيترين ئي آزمائشن مان گذاريوسين ۽ تون مدين وارن وٽ ڪيترائي سال رهيو پيو هئين، پوءِ هاڻي اچي پنهنجي پوري وقت تي پهتو آهين اي موسيٰ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ياد ڪر جڏهن هلي رهي هئي تنهنجي ڀيڻ، پوءِ وڃي چوڻ لڳي ته، آئون توهان کي ڏَس ڏيان جيڪو هن ٻار جي پالنا چڱيءَ طرح ڪري؟ اهڙيءَ طرح اسان توکي وري تنهنجي ماءُ وٽ پهچايو ته جيئن ٺرن سندس نيڻ ۽ اها غمگين نه ٿئي، ۽ (هي به ياد ڪر) تو قتل ڪيو هو هڪ شخص کي اسان توکي نجات ڏني انهيءَ ڏک مان ۽ توکي مختلف آزمائشن سان پرکيوسين ۽ تون ڪيترا ئي ورهيه رهئين مدين وارن وٽ، ۽ هاڻي ٺيڪ تون پنهنجي وقت تي پهتو آهين اي موسيٰ!(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن تنھنجي ڀيڻ ان (صندوق) جي پويان ھلندي رھي، آخر ۾ ھن (فرعون جي گهر ڀاتين کي) چيو ته ڇا مان توھان کي ٻڌايان جيڪو ھن ٻار جي سھڻي نموني پالنا ڪري سگهي. اھڙي طرح سان اسان توکي پنھنجي ماءُ ڏانھن واپس پھچايو ته جيئن سندس اکيون ٺرن ۽ ھوءَ غم نه ڪري ۽ تو ھڪ ماڻهوءَ کي قتل به ڪري وڌو ھو، پوءِ اسان تو کي اُن پريشانيءَ کان به بچايو. اسان تنھنجي چڱي طرح پرک ڪندا رھياسين. تون ڪيترن سالن تائين مدين وارن وٽ به رھيو آھين. اي موسى! ھاڻي تون اُتان بلڪل صحيح وقت تي واپس آيو آھين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاصطَنَعتُكَ لِنَفسِى (آيت : 41) |
۽ (اي موسى) توکي خلاصو پاڻ لاءِ بڻايم.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏس اهڙيءَ طرح) مون توکي پنهنجي لاءِ (يعني پنهنجي خاص ڪم لاءِ) بنايو ۽ تيار ڪيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مون توکي پنهنجي (وحي ۽ رسالت) لاءِ انتخاب ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ مون تو کي پنهنجي رسالت لاءِ چونڊيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٺاهيو مون توکي خاص پنهنجي ذات لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري اي موسيٰ تون تقدير سان آئين. ۽ مون توکي پاڻ لاءِ (پنهنجي خاص ڪم لاءِ) پسند ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مون تو کي پاڻ (پنهنجي رسالت جي منصب) لاءِ چونڊيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُوسٰى! توکي مون ڪيو، پَسند پَنهنجي لاءِ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مون توکي پنهنجي (ڪم) لاءِ چونڊيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان توکي پنهنجي (ڪم) لاءِ چونڊيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ مون توکي بڻايو آهي پنهنجي ڪم جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مون توکي پنھنجي خاص ڪم لاءِ ئي پسند ڪيو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اذهَب أَنتَ وَأَخوكَ بِـٔايٰتى وَلا تَنِيا فى ذِكرِى (آيت : 42) |
تون ۽ تنھنجو ڀاءُ منھنجين نشانين سميت (فرعون ڏانھن) وڃو ۽ منھنجي ياد ڪرڻ ۾ ڍرائي نه ڪجو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هاڻي) تون ۽ تنهنجو ڀاءُ ٻئي منهنجون نشانيون کڻي وڃو ۽ منهنجي يادگيري ڪرڻ (۽ منهجي حڪمن جي تعميل ڪرڻ) ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪجو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تون ۽ تنهنجو ڀاءُ منهنجي نشاني کڻي وڃو ۽ منهنجي ذڪر ۾ سستي نه ڪجو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تون پنهنجي ڀاءُ (هارون) سميت اسان جا معجزا کڻي وڃ! ۽ اوهين ٻئي منهنجي ياد ۾ گهٽائي نه ڪجو!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وڃ تون ۽ ڀاءُ تنهنجو آيتن منهنجين سان ۽ نه سستي ڪيو ياد ڪرڻ منهنجي ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تون ۽ تنهنجو ڀاءُ منهنجيون نشانيون کڻي وڃو ۽ مون کي ياد ڪرڻ ۾ سُستي نه ڪريو. اوهين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تون ۽ تنهنجو ڀاءُ (هارون) منهنجون نشانيون کڻي وڃو ۽ منهنجي ياد ۾ سستي نه ڪجو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَل مُنهنجا حُڪم کَڻِي، تون ۽ تُنهنجو ڀاء، ۽ جِھيڻا نه ٿِيو ڪِنهن جاءِ، مُنهنجي پِرت پَچار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون ۽ تنهنجو ڀاءُ منهنجيون نشانيون کڻي وڃو ۽ منهنجي ياد ڪرڻ ۾ سستي نه ڪجو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وڃو! تون ۽ تنهنجو ڀاءُ منهنجون نشانيون کڻي ۽ ڏسجو مون کي ياد ڪرڻ ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪجو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وڃو توهان منهنجي نشانين سان تون ۽ تنهنجو ڀاءُ ۽ توهان منهنجي ياد ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪجؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون ۽ تنھنجو ڀاءُ منھنجيون نشانيون کڻي وڃو پر اهو خيال ڪجو ته منھنجي ذڪر ۾ گهٽتائي (۽ سستي) نه ڪجو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اذهَبا إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 43) |
فرعون ڏانھن وڃو جو اُھو نافرمان ٿيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان ٻئي (يعني موسيٰ ۽ هارون، جي هاڻي مصر ۾ پاڻ ۾ گڏيا ۽ الله تعاليٰ وري هنن کي خطاب ڪيو ته، توهان ٻئي) فرعون ڏي وڃو. هو سرڪشيءَ ۾ تمام گهڻو وڌي ويو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان ٻَئي فرعون ڏانهن وڃو، بيشڪ اهو حد کان وڌي ويو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين ٻئي فرعون ڏي وڃو ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وڃو فرعون ڏانهن بلاشڪ اهو سرڪش ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ٻئي فرعون ڏي وڃو ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان ٻئي فرعون وٽ وڃو بيشڪ اُهو سرڪش ٿي ويو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَڃو ڦِريل فِرعون ڏي، ڀيڙا ٻئـِي ڀار، جو بلڪل آھ ڀَريو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) فرعون ڏي وڃو، جو هو حد اڪري ويو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان ٻئي فرعون وٽ وڃو جو هو سرڪش ٿي ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وڃو انهيءَ فرعون ڏي جيڪو سرڪش ٿي ويو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ٻئي فرعون ڏي وڃو بيشڪ ھو باغي ٿي ويو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقولا لَهُ قَولًا لَيِّنًا لَعَلَّهُ يَتَذَكَّرُ أَو يَخشىٰ (آيت : 44) |
پوءِ اُن سان نرميءَ سان ڳالھائجو ته مانَ اُھو سوچ ڪري يا ڊڄي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (جڏهن وٽس وڃو تڏهن سختيءَ سان پيش نه اچجو) نرميءَ سان ڳالهائجو (توهان کي ڪهڙي خبر؟) ممڪن آهي ته نصيحت وٺي يا (عاقبت يا ايندڙ عذاب کان) ڊڄي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان ان کي نرمي سان نصيحت ڪجو ته من اهو نصيحت مڃي يا خوف ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ هن سان (وڃي) نرميءَ سان ڳالهايو ته نصيحت مڃي يا ڊڄي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چئو ان کي چوڻ نرم شايد اهو نصيحت قبول ڪري يا ڊڄي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان سان نرميءَ سان ڳالهايو ته مَنَ هو ڌيان ڪري يا ڊڄي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اوهان ٻئي ان سان نرمي سان ڳالهائجو شايد اُهو نصيحت قبول ڪري يا ڊڄي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ چئوسِ نَرم نِبار، مَن گوش ڏي گُفتار، يا ڏَري، سو ڏاتار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ان سان نرم ڳالهايو ته من هو نصيحت وٺي يا ڊپ ٿئيس.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نرميءَ سان ڳالهائجوس ته مــَـن نصيحت وٺي يا ڊڄي پوي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڳالهائجو ساڻس نرميءَ سان شايد هو نصيحت قبول ڪري يا وري ڊڄي وڃي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھُن سان نرميءَ سان ڳالھائجو متان ھو نصيحت قبول ڪري وٺي يا (نشانيون ڏسي) ڊڄي وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالا رَبَّنا إِنَّنا نَخافُ أَن يَفرُطَ عَلَينا أَو أَن يَطغىٰ (آيت : 45) |
چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسين ڊڄون ٿا ته متان اسان تي ڏاڍ ڪري يا زيادتي ڪري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ٻنهي عرض ڪيو ته، اي اسان جا پروردگار! اسان کي خوف آهي ته فرعون اسان جي مخالفت ۾ اٻهرائي ڪندو يا سرڪشيءَ سان پيش ايندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ٻنهي عرض ڪيو اي اسان جا رب بيشڪ اسان کي انديشو آهي ته متان اهو اسان سان زيادتي ڪري يا وڌيڪ سرڪش نه ٿي وڃي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ٻنهي عرض ڪيو ته اي اسان جا پالڻهار! اسين ڊڄون ٿا ته متان اسان تي زيادتي ڪري يا اڃا به وڌيڪ سرڪش ٿئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته اي اسان جا پالڻهار! بلاشڪ اسين ڊڄون ٿا ته زيادتي ڪري اسان تي يا سرڪشي ڪري.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن ٻنهين چيو ته اي اسان جا پاليندڙ! اسين ڊڄون ٿا ته متان اسان تي زيادتي ڪري يا حد کان لنگهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ٻنهين عرض ڪيو: ”اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ اسان کي انديشو آهي ته اُهو اسان تي زيادتي ڪري يا (وڌيڪ) سرڪشي ڪري“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڌَڻيمِ! پِئا دِل هَڻون، مَتان اَسان ڏيئي آزار، يا خُودِي کان خُوار، ڀَرجي بي واجبِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون، ”اسان جا ڌڻي! اسان کي ڊپ ٿو ٿئي ته هو اسان تي ڏاڍ ڪري يا حد کان لنگهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻنهي عرض ڪيو: "اسان جا رب! اسان کي ڀؤ آهي ته هو اسان تي ڏاڍ ڪندو يا زيادتي ڪندو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٻنهي عرض ڪيو، اسان جا پالڻهار! اسان کي انديشو آهي ته هو ڏاڍ ڪندو اسان تي، يا زيادتي ڪندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ٻنهي چيو ته اي اسان جا پالڻھار! اسان ان ڳالھ کان ڊڄون ٿا ته ھو متان اسان جي مٿان زيادتي نه ڪري يا اسان تي حملو ئي نه ڪري وجهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لا تَخافا إِنَّنى مَعَكُما أَسمَعُ وَأَرىٰ (آيت : 46) |
(الله) چيو ته نه ڊڄو بيشڪ آءٌ اوھان سان گڏ آھيان ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ارشاد ٿيو ته خوف نه ڪيو. مان توهان سان آهيان. مان سڀ ڪجهه ٻڌان ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڏسان ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو توهان فڪر نه ڪريو بيشڪ آئون توهان ٻنهي سان گڏ آهيان، آئون ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (خدا) فرمايو، ڊڄو نه! بيشڪ آءُ اوهان سان گڏ آهيان (۽ سڀ ڪجھ) ٻڌان ٿو ڏسان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته نه خوف ڪيو بلاشڪ مان اوهان سان گڏ آهيان ٻڌان ٿو ۽ ڏسان پيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته اوهين ٻئي نه ڊڄو، بيشڪ آءُ اوهان سان گڏ آهيان ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله فرمايو: ”توهان ٻئي نه ڊڄو بيشڪ آءٌ اوهان ٻنهين سان گڏ آهيان (سڀ ڪجھه) ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مَن نه هَڻو مُورهِين، آئون اَوهان سان گَڏ، سُڻان سَڀَڪو سَڏ، ڏِسان پَسان، سَڀ ڏيہ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”ڊپ نه ڪريو. آءُ اوهان سان گڏ ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين: "ڊڄو نه، مان توهان سان گڏ آهيان، سڀ ڪجهه ٻڌان ۽ ڏسان ٿو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرمايو، ڊڄو نه آئون جو توهان سان گڏ آهيان، ٻڌان پيو سڀڪجهه ۽ ڏسان به پيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اللھ تعالى) فرمايو ته: توھان (بلڪل) نه ڊڄو بيشڪ مان توھان سان گڏ آھيان، مان انتھائي باريڪ بيني سان ٻڌان ۽ ڏسان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأتِياهُ فَقولا إِنّا رَسولا رَبِّكَ فَأَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ وَلا تُعَذِّبهُم قَد جِئنٰكَ بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكَ وَالسَّلٰمُ عَلىٰ مَنِ اتَّبَعَ الهُدىٰ (آيت : 47) |
پوءِ وٽس وڃو ۽ چئو ته اسين پنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون پوءِ بني اسرائيلن کي اسان سان (ھلڻ) جي موڪل ڏي، ۽ کين نه ڏکوءِ بيشڪ تو وٽ تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان نشانيءَ سان آيا آھيون، ۽ جيڪو سڌي رستي تي ھلي تنھن تي سلامتي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان وٽس (بي ڌڙڪ) ٿي وڃو ۽ چئوس ته، اسان تنهنجي پروردگار جا موڪليل آهيون تنهن ڪري بني اسرائيلن کي اسان سان گڏ (مصر مان نڪري وڃڻ جي) موڪل ڏي ۽ هنن تي سختيون نه ڪر. اسان تنهنجي پروردگار جي نشاني کڻي تو وٽ آيا آهيون، سلامتي هجي انهيءَ تي جيڪو سڌي واٽ وٺي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان ان وٽ وڃو پوءِ توهان ان کي چئو ته بيشڪ اسين ٻئي تنهنجي رب جا رسول آهيون پوءِ تون اسان سان گڏ بني اسرائيل کي ڇڏي ڏي، ۽ تون انهن تي عذاب نه ڪر بيشڪ اسين تو وٽ تنهنجي رب جي طرفان نشانيون کڻي آيا آهيون ۽ ان انسان تي سلامتي آهي جيڪو هدايت تي هلي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته اوهين ٻئي هن وٽ وڃو ۽ کيس چئو ته اسين تنهنجي پالڻهار جا موڪليل رسول آهيون تون اسان سان بني اسرائيلن کي وڃڻ ڏي ۽ کين نه ستائي اسين تو وٽ تنهنجي پروردگار جو معجزو کڻي آيا آهيون. ۽ جيڪو سڌي رستي تي هليو تنهن لاءِ سلامتي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ وڃو ان وٽ پوءِ چئوس ته بيشڪ اسين تنهنجي رب جا رسول آهيون پوءِ موڪل اسان سان گڏ بني اسرائيل کي ۽ نه عذاب ڪر انهن کي تحقيق آياسون تو وٽ نشانيءَ سان رب تنهنجي وٽان ۽ سلام ان تي آهي جنهن تابعداري ڪئي هدايت جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان وٽ وڃو پوءِ (ان کي) چئو ته بيشڪ اسين تنهنجي پاليندڙ جا موڪليل آهيون، پوءِ تون اسان سان گڏ بني اسرائيلن کي وڃڻ ڏي ۽ کين نه ستاءِ! اسين تو وٽ تنهنجي پاليندڙ جي طرفان هڪ نشاني کڻي آيا آهيون. ۽ جيڪو سڌي رستي تي هليو تنهن لاءِ سلامتي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ٻئي ان وٽ وڃو پوءِ چئو ته اسان تنهنجي پالڻهار جا موڪليل (رسول) آهيون، پوءِ تون بني اسرائيل کي (غلاميءَ مان آزاد ڪري) اسان سان گڏ وڃڻ ڏي ۽ تون انهن کي نه ايذاءِ. بيشڪ اسان تو وٽ تنهنجي پروردگار کان نشاني کڻي آيا آهيون ۽ ان ماڻهو تي سلامتي آهي جنهن هدايت جي پيروي ڪئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وَڃو وَٽِس ٻَئـِي ڄَڻا، پوءِ چئوسِ چِٽو مَذڪُور، ته اَسِين تُنهنجي آگي جا، موڪليل آهيون مُور، پوءَ اَسان سِين اسرائيلِين، موڪل ڏي مَغرور!، وَڌيڪ تَن وَهلور!، ٻانهپ ۾ نَه ٻار تون. تو وٽ، تُنهنجي ربَّ کان، آنداسون اُهڃاڻ، ۽ جو هَليو سَئون سُڄاڻ، سَدا سلام تِنهن مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن وٽ وڃو ۽ چؤس ته ”اسين تنهنجي رب جا موڪليل آهيون، ان ڪري تون اسان سان بني اسرائيلن کي ڇڏ ۽ کين عذاب نه ڏي. بيشڪ اسين تنهنجي رب وٽان نشانين سان آيا آهيون ۽ سنئين واٽ تي هلندڙ تي سلامتي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وڃو ۽ وڃي چئوسِ ته اسان تنهنجي رب جا موڪليل آهيون. بني اسرائيل کي ڇڏ ته اسان سان هلن ۽ انهن کي نه ستاءِ . اسان تو وٽ تنهنجي رب جي نشاني کڻي آيا آهيون ۽ سلامتي آهي ان تي جيڪو سنئين واٽ وٺي هلي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وٽس وڃو ۽ چئوس ته اسان رسول (موڪليل) آهيون تنهنجي رب جا، تنهنڪري موڪل ڏي بني اسرائيل کي اسان سان گڏ وڃڻ لاءِ ۽ کين تڪليف نه ڏي، اسان تو وٽ آيا آهيون نشاني کڻي تنهنجي رب جي ۽ سلامتي آهي انهيءَ لاءِ جيڪو هلي سڌي واٽ تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بھرحال) توھان ان وٽ وڃو. کيس چئوس ته بيشڪ اسان تنھنجي پالڻھار جي طرف کان موڪليل آھيون. بني اسرائيل کي اسان سان گڏ ھلڻ جي موڪل ڏي. انهن جي مٿان سختي نه ڪر ۽ اسان تو وٽ تنھنجي پالڻھار جي طرف کان نشاني به کڻي آيا آھيون، (ھاڻي) سلامت اھو رھندو جيڪو سڌي رستي جي پيروي ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا قَد أوحِىَ إِلَينا أَنَّ العَذابَ عَلىٰ مَن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 48) |
بيشڪ اسان ڏانھن وحي موڪليو ويو آھي ته جيڪو الله جي حُڪمن کي ڪُوڙ ڀانئي ۽ منھن موڙي تنھن تي عذاب (مقرر ٿيل) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو (حقيقت کي) ڪوڙو ٺهرائي رد ڪري ۽ (مڃڻ کان) منهن موڙي ڇڏي، تنهن جي باري ۾ اسان ڏي وحي اچي چڪو آهي ته هن تي ضرور عذاب اچڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ تحقيق اسان ڏانهن وحي موڪلي وئي آهي ته بيشڪ عذاب ان تي آهي جيڪو رسولن جو انڪار ڪري ۽ الله کي نه ٿو مڃي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسان ڏي وحي موڪليو ويو آهي ته ان شخص لاءِ يقيني عذاب آهي جنهن (خدا جي آيتن کي) ڪوڙو ڪيو ۽ (ان جي حڪم کان) منهن موڙيو (مطلب ته ويا ۽ چيائونس ته).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اسان تحقيق وحي ڪيو ويو اسان ڏانهن ته تحقيق عذاب ان تي آهي جنهن ڪوڙو چيو ۽ منهن موڙيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان ڏي وحي موڪليو ويو آهي ته جنهن (حق کي) ڪوڙو ڪيو ۽ (ان کان) منهن موڙيو تنهن لاءِ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان ڏانهن وحي ڪئي وئي آهي ته بلاشڪ عذاب ان شخص تي آهي جيڪو (رسول کي) ڪوڙو چوي ۽ (حق کان) منهن ڦيري“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيو سون وَحِي، ته سزا ثابت تِنهن مَٿي، ڪُوڙِي جِنهن ڪَهِي، پڻ وَريو پانهون واٽ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان ڏي وحي آيو آهي ته نه وسهندڙ ۽ منهن موڙيندڙ تي عذاب ٿيندو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان ڏي وحي ڪيو ويو آهي ته "عذاب آهي ان لاءِ جيڪو ڪوڙو سڏي ۽ منهن موڙي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان کي وحي سان ٻڌايو ويو آهي ته بيشڪ عذاب آهي انهيءَ لاءِ جيڪو ڪوڙو چوي ۽ منهن موڙي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان کي وحي جي ذريعي ٻڌايو ويو آھي ته جيڪو (حق ڳالهه کي) ڪوڙو ڪندو ۽ منھن موڙيندو ته ان لاءِ عذاب آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَمَن رَبُّكُما يٰموسىٰ (آيت : 49) |
(فرعون) چيو ته پوءِ اي مُوسىٰ اوھان جو پالڻھار ڪير آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ ٻئي ڀائر فرعون وٽ ويا ۽ مٿيان لفظ کيس چيائون، تنهن تي) فرعون پڇيو ته، جيڪڏهن ائين آهي ته ٻڌايو ته سهي ته اوهان جو پروردگار، اي موسي! ڪير آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون چيو اي موسيٰ توهان ٻنهيءَ جو رب ڪهڙو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرعون پڇيو اي موسى نيٺ اوهان ٻنهي جو پالڻهار ڪير آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين پوءِ ڪير آهي رب اوهان جو اي موسى! .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون چيو ته پوءِ اي موسيٰ! اوهان ٻنهين جو پاليندڙ ڪير آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرعون) چيو: ”اي موسى! ته پوءِ اوهان ٻنهين جو پالڻهار ڪير آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مِهتر مُوسٰى!، ڪير آهي رَبُّ اَوهان جو؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”موسيٰ! اوهان جو رب ڪير آهي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون چيو: "پوءِ ڀلا توهان ٻنهي جو رب ڪهڙو آهي اي موسيٰ؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرعون چيو، ته پوءِ توهان ٻنهي جو رب ڪير آهي اي موسيٰ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (فرعون ) چيو ته: اي موسى توھان ٻنهي جو پالڻھار ڪير آھي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبُّنَا الَّذى أَعطىٰ كُلَّ شَيءٍ خَلقَهُ ثُمَّ هَدىٰ (آيت : 50) |
(موسى) چيو ته اسان جو پالڻھاراُھو آھي جنھن ھر شيء کي (پاڻو داڻي) رُؤاني بخشي وري ھدايت ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ فرمايو ته، اسان جو پروردگار اهو آهي جنهن هر چيز کي سندس خلقت بخشي ۽ پوءِ ان لاءِ (زندگي ۽ عمل جي) راهه کولي ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ چيو اسان جو رب اهو آهي جنهن هر شيءِ کي مناسب صورت ڏئي پيدا ڪيو ان کان پوءِ صحيح راه ڏيکاري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (موسى) چيس، اسان جو پالڻهار اهو آهي جنهن هر شيءِ کي سندس لاءِ (مناسب) شڪل عطا فرمائي پوءِ هن (زندگي گذارڻ جا) طريقا ڏسيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اسان جو رب اهو آهي جنهن ڏنو هر شيءِ کي جسم ان جو ان کان پوءِ هدايت موڪليائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته اسان جو پاليندڙ اهو آهي جنهن سڀ ڪنهن شيءِ کي ان جي صورت ڏني پوءِ رستو ڏيکاريائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”اسان جو پالڻهار اُهو آهي جنهن هر شيءِ کي ان جو وجود ڏنو پوءِ (ان کي) راهه ڏَسيائين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سَڀ شئ کي شڪل پَنهنجِي، جِنهن بَخشِي بِنا ڦير، ۽ وَرِي سُهائـِين سَير، سَڀَڪِنهن سَندسِ سانگ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اسان جو رب اهو آهي جنهن هر چيز کي خلقيو، پوءِ ان کي واٽ ڏسيائين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ جواب ڏنو: "اسان جو رب اهو آهي جنهن هر شيءِ کي سندس بناوت ڏني آهي، پوءِ ان کي رستو ڏيکاريائين". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ چيو، اسان جو رب اهو آهي جنهن عطا ڪئي هر شيءِ کي ان جي شڪل، پوءِ ان کي رستو ڏيکاريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (موسى $) چيو ته اسان جو پالڻھار اھو آھي جنھن ھر شيءِ جي شڪل ۽ شباھت ٺاھي ۽ ان کي (صحيح) ڪم ڪرڻ جي صلاحيت بخشي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَما بالُ القُرونِ الأولىٰ (آيت : 51) |
(فرعون) چيو ته پھرين ٽولين جو ڪھڙو حال آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فرعون پڇيو ته، پوءِ انهن جو ڪهڙو حال ٿيڻو آهي، جيڪي اڳين زمانن ۾ ٿي گذريا آهن؟ (يعني انهن کي ته تنهنجي انهيءَ پروردگار جي خبر به ڪانه هئي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون چيو اَڳِيُنِ امتن جو ڪهڙو حال آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان پڇيو ته ڀلا اڳين ماڻهن جو حال (ته ٻڌائي) ڇا ٿيو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين پوءِ ڪهڙو حال آهي پهرئين قومن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون چيو ته پوءِ پهرين جماعتن جو حال ڪهڙو آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرعون) چيو ته: ”اڳ گذري ويل قومن جو ڇا حال ٿيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پوءِ پِهريَن جُڳن جو آهي ڪهڙو حال؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اڳين جو ڪهڙو حال آهي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون چيو: "ڀلا جيڪي اڳي ٿي گذريا آهن، انهن جو ڇا حال هو؟"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرعون چيو، ۽ اڳي جيڪي نسل گذريا تن جو ڇا حال هو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (فرعون) چيو ته: اڳ گذري ويل قومن جو ڇا حال هو؟ (جن تنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو ھو) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ عِلمُها عِندَ رَبّى فى كِتٰبٍ لا يَضِلُّ رَبّى وَلا يَنسَى (آيت : 52) |
(موسى) چيو ته اُن جي خبر منھنجي پالڻھار وٽ ڪتاب ۾ آھي، منھنجو پالڻھار نڪي ڀُلندو آھي ۽ نڪي وساريندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ فرمايو ته، انهيءَ ڳالهه جو علم منهنجي پروردگار وٽ ڪتاب ۾ لکيل آهي. منهنجو پروردگار نڪي ڀل چڪ ٿو ڪري، نڪي ويسر ٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ فرمايو ان جو علم منهنجي رب وٽ لوحِ محفوظ ۾ آهي منهنجو رب نه غلطي ڪري ٿو نه ڪا ڳالهه وساري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (موسى) چيس انهن ڳالهين جو علم منهنجي پروردگار وٽ هڪ ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهي. منهنجو پروردگار نه غلطي ڪري ٿو ۽ نه ڀلجي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته انهن جو علم رب منهنجي وٽ آهي ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ نه ٿو غلطي ڪري رب منهنجو ۽ نه ٿو وساري اهو (الله) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته انهن جي خبر منهنجي پاليندڙ وٽ هڪ ڪتاب ۾ آهي، منهنجو پاليندڙ نه غلطي ڪري ٿو ۽ نه ڀلجي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”ان جو علم منهنجي پروردگار وٽ ڪتاب ۾ (محفوظ) آهي. منهنجو پروردگار نه غلطي ڪري ٿو ۽ نه ڀُلجي ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سانيمِ کي سُڌ، سَندِي اُنهن جي اَعمال، قابو ڪِنهن ڪتاب ۾، مالڪ بي مِثال، مُنجٖھي ڪِين مَجال، پڻ وٖيسو وِساري ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”انهن جي خبر منهنجي رب وٽ ڪتاب ۾ آهي، منهنجو رب نڪي غلطي ڪر ي ٿو، نڪي وساري ٿو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چيو: "ان ڳالهه جي ڄاڻ منهنجي رب وٽ لکي پئي آهي، منهنجو رب نڪي ڀلجي ٿو ۽ نه وساريندو آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ چيو، ان جو علم منهنجي رب وٽ هڪ ڪتاب ۾ محفوظ آهي، نڪي ڀلجندو آهي منهنجو رب ۽ نه وري وساريندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (موسى $) چيو ته ان جو علم ته منھنجي پالڻھار وٽ ڪتاب ۾ محفوظ آھي. منھنجي پالڻھار کان نه ته ڀُل ٿيندي آھي ۽ نه ئي کيس ڪا ويسر ٿيندي آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَسَلَكَ لَكُم فيها سُبُلًا وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ أَزوٰجًا مِن نَباتٍ شَتّىٰ (آيت : 53) |
جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ توھان لاءِ منجھس رستا جاري ڪيا ۽ آسمان کان پاڻي وَسايو، ۽ پوءِ اُن سان ھر جنس جا اوڀڙ پاڻون داڻا ڄماياسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو پروردگار جنهن اوهان جي لاءِ زمين کي بستري وانگر وڇائي ڇڏيو آهي، هيڏي هوڏي اچڻ وڃڻ لاءِ ان ۾ واٽون ڪري ڇڏيون اٿس، آسمان مان مينهن ٿو وسائي، ان جي ريج سان هر طرح جي نباتات (اوڀڙن) جا جوڙا (يعني نر ۽ مادي) پيدا ٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى اهو آهي جنهن توهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بنايو ۽ توهان لاءِ ان ۾ رستا پيدا ڪيا ۽ آسمان مان مينهن نازل ڪيو، پوءِ اسان ان مان قسمين قسمين ساوڪون مختلف جنسن ۾ پيدا ڪيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن اوهان (جي فائدي) لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪيو ۽ ان ۾ رستا ڪڍيا ۽ ان ئي آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ (خدا ٿو فرمائي ته) اسان ئي ان پاڻيءَ جي ذريعي جدا جدا قسمن جا اوڀڙڪڍيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن بنايو اوهان جي لاءِ زمين کي وڇاڻو ۽ رکيائين اوهان جي لاءِ ان ۾ رستا ۽ لاٿائين آسمان مان پاڻي پوءِ ڪڍياسون ان سان جوڙا جوڙا سلن مختلفن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪيو ۽ ان ۾ اوهان لاءِ رستا ڪيا ۽ آسمان مان پاڻي لاٿو، پوءِ اسان ان سان طرح طرح جي ساوڪ ڪڍي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو ئي جنهن زمين کي توهان لاءِ وڇاڻو بنايو ۽ ان ۾ توهان لاءِ رستا بنايائين ۽ آسمان مان پاڻي لاٿائين. پوءِ اسان ان (پاڻيءَ) ذريعي (ڌرتي مان) قسمين قسمين جي ساوڪ جا جوڙا ڪڍيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بِستر اَوهان لئي ڀُون کي، جِنهن بَنايو بَحال، پڻ واٽون اَوهان لئي اُن ۾، جارِي ڪيائـِين جال، پڻ آب اُتارئـِين اُڀ ڪنان، ٿِيو سَڻائو سال، پوءِ اُڀاڙياسون جوڙا اوڀرِين، طرحِين طرحِين طرحِين تنهن نال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بنايو ۽ منجهس اوهان لاءِ رستا ٺاهيا_ ۽ آسمان مان پاڻي موڪليائين، جنهن سان اوهان لاءِ قسمين قسمين اوڀڙ اڀاڙياسين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي جنهن توهان لاءِ زمين کي فرش بڻايو آهي ۽ ان ۾ توهان جي هلڻ لاءِ ڪيئي رستا بڻايائين ۽ آسمان مان پاڻي وسايائين. پوءِ ان جي وسيلي قسمين قسمين پيداوار (وڻ ٽڻ ٻوٽا ۽ ساوڪ) اپائي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي آهي جنهن توهان جي لاءِ زمين کي فرش بنايو ۽ ان ۾ توهان جي لاءِ بڻايائين رستا ۽ نازل ڪيائين آسمان مان پاڻي، پوءِ اپايائين ان جي ذريعي مختلف قسمن جي پيداوار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن توھان جي لاءِ زمين کي فرش ٺاھي وڇايو ۽ ان ۾ توھان جي ھلڻ لاءِ رستا ٺاھيا ۽ آسمان مان پاڻي نازل ڪيو پوءِ ان جي ذريعي اسان مختلف قسمن جي پيداوار ۽ گاهه ٻوٽا پيدا ڪياسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُلوا وَارعَوا أَنعٰمَكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 54) |
(چيوسون ته) کائو ۽ پنھنجن ڍورن کي چاريو، بيشڪ اُن ۾ سمجھ وارن لاءِ نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پاڻ به کائو ۽ پنهنجي ڍورن کي به چاريو. هن ڳالهه ۾ عقل وارن لاءِ ڪهڙيون نه چٽيون نشانيون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان انهن مان کائو ۽ توهان پنهنجي چؤپاين کي ان ۾ چاريو، بيشڪ ان ۾ عقلمندن لاءِ (عظيم) نشانيون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جيئن اوهين پاڻ به کائو ۽ جانورن کي به چاريو. بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) کائو ۽ چاريو چوپاين پنهنجن کي بيشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن عقلمندن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) کائو ۽ پنهنجن جانورن کي چاريو. بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ نشانيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اوهان کائو ۽ پنهنجي جانورن کي چاريو. بيشڪ ان ۾ عقلمندن لاءِ نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کائو ۽ کارايو، موڪ پَنهنجي مال، قُدرت آھِ ڪَمال، عقل وارن لئي اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين به کائو ۽ اوهان جي ڍورن کي به کارايو، هن ۾ عقل وارن لاءِ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) کائو ۽ پنهنجي چوپائي مال کي به چاريو، بيشڪ ان ۾ گهڻيون ئي نشانيون آهن عقل وارن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) کائو ۽ چاريو پنهنجي جانورن کي به، بيشڪ ان ۾ گهڻيون ئي نشانيون آهن عقل وارن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان خود به کائو ۽ پنھنجي جانورن کي به چاريو، بيشڪ انهن ڳالهين ۾ عقل وارن لاءِ وڏيون نشانيون آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِنها خَلَقنٰكُم وَفيها نُعيدُكُم وَمِنها نُخرِجُكُم تارَةً أُخرىٰ (آيت : 55) |
منجھانئس اوھان کي بڻايوسون ۽ منجھس اوھان کي ورائينداسون ۽ منجھانئس ٻيو ڀيرو اوھان کي ڪڍنداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن (يعني الله تعاليٰ) اوهان کي انهيءَ ئي زمين مان پيدا ڪيو آهي، انهيءَ ئي ۾ (مرڻ بعد) موٽائي آڻي ٿو ۽ وري انهيءَ مان ئي ٻيهر اٿاريا ويندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان توهان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ اسين توهان کي زمين ۾ موٽائينداسين ۽ اسين (قيامت جي ڏينهن) توهان کي ٻئي ڀيري زمين مان ڪڍنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان ئي ان زمين مان اوهان کي پيدا ڪيو ۽ (مرڻ کان پوءِ وري) ان ۾ (اوهان کي) موٽائينداسون ۽ ان مان ٻئي ڀيري (قيامت) ۾ ڪڍنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهيءَ مان پيدا ڪيواسان اوهان کي ۽ ان ۾ ورائينداسون اوهان کي ۽ ان مان ڪڍنداسون اوهان کي ڀيرو ٻيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان مان اسان اوهان کي پيدا ڪيو آهي ۽ ان ۾ اوهان کي موٽائينداسون ۽ ان مان ٻئي ڀيري اوهان کي ڪڍنداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان (زمين) مان اسان اوهان کي پيدا ڪيو آهي ۽ ان ۾ اوهان کي موٽائينداسين ۽ ان مان اوهان کي ٻيو ڀيرو ڪڍنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوّل جوڙيو سون اُن مان، اَوهان کي اِظهار، ۽ وَرِي وِجھنداسون اُن ۾، اَوهان کي ٻِيهار، ۽ ٻئي ڀيري پڻ ٻَهار، آن کي ڪنداسون اُن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي زمين مان اوهان کي خلقيوسون ۽ انهي ۾ اوهان کي موٽائينداسون ۽ انهي مان اوهان کي ٻيو دفعو ڪڍنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڌرتيءَ مان ئي اسان توهان کي پيدا ڪيو آهي، انهيءَ ۾ ئي توهان کي موٽائينداسون ۽ اتان ئي توهان کي وري ٻيهر ٻاهر ڪڍنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهيءَ زمين مان توهان کي پيدا ڪيوسين ۽ انهيءَ ۾ توهان کي موٽائينداسين ۽ انهيءَ مان ئي توهان کي ڪڍنداسين ٻيو ڀيرو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان زمين مان ئي اسان توھان کي پيدا ڪيو آھي، ان ۾ ئي توھان کي واپس موٽائينداسين ۽ وري ان مان ئي توھان کي ٻيھر ڪڍنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَرَينٰهُ ءايٰتِنا كُلَّها فَكَذَّبَ وَأَبىٰ (آيت : 56) |
۽ بيشڪ اُن (فرعون) کي سڀئي نشانيون ڏيکاريوسون پوءِ ڪوڙ ڀانيائين ۽ انڪار ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان فرعون کي پنهنجون سڀ نشانيون ڏيکاريون، پر تنهن هوندي به هن اهي ڪوڙيون سمجهيون ۽ (ايمان آڻڻ کان) انڪار ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان فرعون کي پنهنجون سڀ نشانيون ڏيکاريون پوءِ ان ڪوڙو سمجھو ۽ انڪار ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان هن (فرعون) کي پنهنجيون سڀ نشانيون ڏيکاريون تڏهن به هن (سڀني کي) ڪوڙو ڪيو ۽ نه مڃيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڏيکاريون اسان ان کي نشانيون پنهنجيون سموريون اهي پوءِ ڪوڙو چيائين ۽ انڪار ڪيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان فرعون کي پنهنجيون سڀ نشانيون ڏيکاريون، پوءِ ان (انهن کي) ڪوڙو ڪيو ۽ قبول نه ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان ان (فرعون) کي پنهنجون سڀ نشانيون ڏيکاريون پر اُن ڪوڙو چيو ۽ (مڃڻ کان) انڪار ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَسايون سونسِ پاهنجون، سڀ آيتون اَمل، پوءِ ڪُوڙيون ڪوٺيائـِين ڪُل، ۽ مُنڪر ٿيو مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان کيس سڀ نشانيون ڏيکاريون ته به نه وسهيو ۽ انڪار ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان فرعون کي پنهنجون سڀ نشانيون ڏيکاريون، پر هو ڪوڙ سڏيندو رهيو ۽ مڃڻ کان انڪار ڪيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ڏيکاريون (فرعون کي) پنهنجون نشانيون پر اهو ته ڪوڙو چوندو رهيو ۽ انڪار ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان فرعون کي پنهنجون سڀ نشانيون ڏيکاريون پر ھُن انهن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انڪار به ڪيائين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَجِئتَنا لِتُخرِجَنا مِن أَرضِنا بِسِحرِكَ يٰموسىٰ (آيت : 57) |
(فرعون) چيو ته اي موسىٰ اسان وٽ ھِن لاءِ آيو آھين ڇا ته پنھنجي جادوءَ سان اسان جي مُلڪن مان اسان کي لوڌين؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن چيو ته، اي موسيٰ تون اسان ڏي هن لاءِ آيو آهين ڇا ته پنهنجي جادوءَ جي زور سان اسان کي اسان جي ملڪ مان تڙي ڪڍي ڇڏين؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون چيو ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته تون (اي موسيٰ ) پنهنجي سحر جي سببان اسان کي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر ڪڍين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽) چوڻ لڳو، اي موسى ڇا تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ته تون پنهنجي جادوءَ جي زور سان اسان کي اسان جي زمين (مصر) ما ڪڍين؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ڇا آئين تون اسان وٽ تانته ڪڍين اسان کي زمين اسان جيءَ مان جادو پنهنجي سان اي موسى .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون چيو ته اي موسيٰ! ڇا تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ته تون پنهنجي جادوءَ سان اسان کي اسان جي زمين مان ڪڍين؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرعون) چيو: ”اي موسى! ڇا تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ته پنهنجي جادوءَ سان اسان کي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر ڪڍين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي ڪِ اَسان وَٽ آئـِين تون، ته ڪَڍِي ڪريئون ڏُور، مُلڪ پَنهنجي مان مُور، مُوسٰى! پَنهنجي مَنڊ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”موسيٰ! ڇا تون انهي لاءِ اسان وٽ آيو آهين ته پنهنجي جادوءَ سان اسان کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍين؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوڻ لڳو: "اي موسيٰ تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ڇا ته پنهنجي جادوءَ جي زور تي اسان کي اسان جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر ڪرين؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چوڻ لڳو، ڇا تون اسان وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ته تون اسان کي لوڌي ڪڍين پنهنجي زمين مان جادوءَ جي زور تي اي موسيٰ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (فرعون) چيو ته اي موسى! ڇا تون اسان کي پنھنجي جادوءَ جي زور تي پنھنجي سرزمين تان نيڪالي ڏيڻ آيو آھين؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَنَأتِيَنَّكَ بِسِحرٍ مِثلِهِ فَاجعَل بَينَنا وَبَينَكَ مَوعِدًا لا نُخلِفُهُ نَحنُ وَلا أَنتَ مَكانًا سُوًى (آيت : 58) |
پوءِ اسان به اھڙائي جادو تو وٽ ضرور آڻينداسون (جھڙا تون اسان کي ڏيکارين ٿو) تنھنڪري اسانجي ۽ پنھنجي وچ ۾ اھڙو انجام (جو وقت) مقرر ڪر ۽ نڪي اسين ابتڙ ٿيون ۽ (اُھو) ھڪ صاف پڌر ۾ ھُجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) چڱو اسان به اهڙا ئي جادوءَ جا ڪرشما توکي آڻي ڏيکارينداسين، اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ (مقابلي ڪرڻ جو) هڪ ڏينهن مقرر ڪر. نڪي اسان ان کان ڦرنداسين، نڪي تون ڦري وڃجانءِ. ٻنهي لاءِ هڪ جهڙي جاءِ (يا حالت) هجي (يعني عدل ۽ انصاف سان مقابلو ٿيندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسين ضرور توهان جي سامهون اهڙو ساڳيو جادو آڻينداسين پوءِ تون پنهنجي ۽ اسان جي وچ ۾ ڪو وقت مقرر ڪر جنهن جي نه اسين مخالفت ڪريون ۽ نه تون مخالفت ڪرين، اهو مڪان هموار هجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (چڱو ته ترس!) اسان به تنهنجي اڳيان اهڙو ئي جادو آڻيون ٿا ته پوءِ تون پنهنجي ۽ اسان جي وچ ۾ هڪ وقت مقرر ڪر جنهن جي ابتڙ نه اسين ڪريون ۽ نه تون ۽ (مقابلو) ڪنهن صاف سڌي ميدان ۾ ٿئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ البته ضرور آڻينداسون تو وٽ جادو ان جهڙو پوءِ مقرر ڪر اسان جي وچ ۾ ۽ پنهنجي وچ ۾ وعدي جو ڏينهن جو نه بر خلافي ڪنداسون ان جي اسين ۽ نه تون جاءِ هموار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ضرور اسين تو وٽ اهڙو ئي جادو آڻينداسون پوءِ تون اسان جي وچ ۾ ۽ پنهنجي وچ ۾ ڪنهن سڌي صاف ميدان ۾ اهڙو انجام مقرر ڪر جنهن جي ابتڙ نه اسين ڪريون ۽ نه تون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان به ضرور تو وٽ ان جي مقابلي ۾ اهڙو ئي جادو آڻينداسين پوءِ تون اسان جي ۽ پنهنجي وچ ۾ (مقابلي لاءِ) وقت طئي ڪر جنهن جي خلاف ورزي نه اسان ڪنداسين ۽ نه تون ڪجانءِ (اُها جاءِ) کليل ميدان هجي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَوس اڻينداسون توکي، جِھڙسِ جادُو جام، پوءِ ٻَڌ پَڌري پَٽ تي، تو ۽ اَسان وِچ اَنجام، تون ۽ اَسِين تمام، جنهن ٽاڻي کي، نه ٽوڙِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته اسين به توکي اهڙو جادو ڏيکارينداسون، تنهن ڪري اسان ۽ تنهنجي وچ ۾ سڌيءَ جاءِ تي اهڙو وعدو مقرر ڪر، جنهن کي نڪي اسين ڦيرايون نه تون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چڱو ڀلا اسان به تنهنجي مقابلي ۾ اهڙو ئي ٿا جادو آڻيون، انجام ڪر ته ڪڏهن ۽ ڪٿي مقابلو ٿئي، نڪي اسان ان انجام کان ڦرنداسون ۽ نه تون ڦرجانءِ . کلئي ميدان ۾ هليو اچجانءِ ". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چڱو، اسان به آڻيون ٿا تنهنجي مقابلي ۾ اهڙو ئي جادو، طئي ڪري وٺ ته اسان جي وچ ۾ ڪٿي اهو مقابلو ٿيڻو آهي، نه اسان کي انهيءَ ٺهراءُ کان ڦرڻو آهي ۽ نه تون ڦرجان، تون کليل ميدان ۾ سامهون اچ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان به تنھنجي مقابلي ۾ جادو آڻيون ٿا پوءِ تون ئي اسان جي ۽ پنھنجي وچ ۾ وقت ۽ جڳھ مقرر ڪر، اھو مقابلو ھڪ کليل ميدان ۾ ھجي. جنهن کان نه تون ڦرندين ۽ نه اسان ڦرنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ مَوعِدُكُم يَومُ الزّينَةِ وَأَن يُحشَرَ النّاسُ ضُحًى (آيت : 59) |
چيائين ته اوھان جي انجام جو وقت جشن جو ڏينھن آھي ۽ ماڻھو ڏينھن چڙھي گڏ ٿين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ فرمايو ته، جشن جو ڏينهن اوهان جي لاءِ مقرر ٿئي ۽ پهر سج ڌاري ماڻهو ڪٺا ٿين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ چيو توهان سان وعدو ميلي واري ڏينهن جو آهي ۽ ماڻهو روشن ڏينهن ۾ گڏ ڪيا وڃن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى چيس ته اوهان جي (مقابلي جي) مدت زينت (عيد) جو ڏينهن آهي ۽ ڀل ته ماڻهن کي ڏينهن چڙهي گڏ ڪيو وڃي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اوهان جي وعدي جو وقت ڏينهن جشن وارو آهي ۽ هيءُ ته گڏ ڪيا وڃن ماڻهو ڏينهن چڙهئي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته اوهان جي انجام جو وقت جشن جو ڏينهن آهي ۽ ڀل ته ماڻهن کي ڏينهن چڙهي گڏ ڪيو وڃي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”توهان جي وعدي جو ڏينهن جشن وارو ڏينهن آهي ۽ هي ته ماڻهو ڪچڙي منجهند جو گڏ ٿين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آهي اَنجام اَوهان سان، سَندو ڏِينهن سِينگار، ۽ ماڻهو مَنجھند وار، ميڙيا وڃن ميدان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”وعدو آهي ميلي جو ڏينهن ۽ ماڻهو ڏينهن چڙهئي گڏ ٿين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چيو: "جشن وارو ڏينهن مقرر ٿيو. سج مٿي ٿئي ته ماڻهو گڏ ٿي وڃن". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ چيو، طئي ٿيو تنهنجي جشن جو ڏينهن ۽ گڏ ٿين ماڻهو سج چڙهندي ئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (موسى $) چيو ته اھو مقابلو قومي جشن واري ڏينھن ٿيندو. منجهند کان اڳ ماڻهن کي گڏ ڪيو وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَتَوَلّىٰ فِرعَونُ فَجَمَعَ كَيدَهُ ثُمَّ أَتىٰ (آيت : 60) |
پوءِ فرعون (گھر ڏانھن) موٽيو ۽ پنھنجا ڦند گڏ ڪيائين وري آيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ فرعون (اها ڳالهه قبول ڪري) منهن ڦيرائي هليو ويو. پنهنجون سڀ رٿون (ٺاهي جادوءَ جو سامان ۽ جادوگر) گڏ ڪيائين ۽ پوءِ (مقرر وقت تي مقابلي جي لاءِ) اچي ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ فرعون ويو پوءِ پنهنجا جادوگر گڏ ڪري ان کان پوءِ آيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهن کان پوءِ فرعون (پنهنجي جاءِ ڏي) موٽي ويو ۽ پنهنجيون تدبيرون (جادوءَ جو سامان) گڏ ڪرڻ کان پوءِ (مقابلي لاءِ) آيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ متوجہ ٿيو فرعون (پروگرام ڏانهن) پوءِ گڏ ڪيائين ڦند پنهنجو تنهن کان پوءِ وري آيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ فرعون پٺ ڦيري پوءِ پنهنجيون تدبيرون گڏ ڪيائين (ان کان) پوءِ آيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ فرعون واپس مُڙيو پوءِ ان پنهنجون (فريبي) سازشون گڏ ڪيون پوءِ (مقرر ٿيل وقت) تي آيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فِرعون موتيو ماڳ تي، پوءِ سِٽا سَندسِ سارِي، ميڙٖي مَدارِي، موٽِي آيو ميدان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ فرعون موٽي وڃي پنهنجا ڦند گڏ ڪيا، پوءِ آيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون موٽي وڃي پنهنجا سڀ حيلا ۽ اٽڪلون گڏ ڪيون، پوءِ مقابلي تي پهچي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ موٽي فرعون گڏ ڪيا پنهنجا سمورا ڦند ڦير ۽ مقابلي لاءِ اچي ويو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ فرعون واپس وڃي مقابلي جي لاءِ پنھنجيون سموريون اٽڪل بازيون ۽ ٻيون تياريون ڪرڻ ۾ لڳي ويو ۽ پوءِ هو مقابلي لاءِ آيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لَهُم موسىٰ وَيلَكُم لا تَفتَروا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَيُسحِتَكُم بِعَذابٍ وَقَد خابَ مَنِ افتَرىٰ (آيت : 61) |
مُوسىٰ جادوگرن کي چيو ته اوھان تي خرابي ھجي الله تي ڪوڙو ٺاھ نه ٺاھيو نه ته اوھان کي ڪنھن آفت سان کپائيندو، ۽ جنھن ٺاھ ٺاھيو سو بيشڪ مراد کي نه پھتو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ (سڀني گڏ ٿيل ماڻهن ڏي منهن ڪري) چيو ته، افسوس آهي اوهان جي حال تي! (توهان ڇا ڪري رهيا آهيو) الله تي ڪوڙي تهمت نه لڳايو، جنهن ڪري ائين ٿئي جو هو عذاب موڪلي اوهان جون پاڙون پٽي ڇڏي. ياد رکو ته، جنهن به ڪوڙي ڳالهه ٺاهي سو ضرور ناڪامياب ۽ نامراد ٿي ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جادوگرن کي موسيٰ چيو ته توهان تي ويل پوي، توهان الله تي ڪوڙ نه ٺاهيو پوءِ اهو توهان کي پنهنجي عذاب سان هلاڪ ڪندو ۽ تحقيق هلاڪ ٿيو اهو ماڻهو جنهن ڪوڙ ٺاهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (موسى) کين چيو ته اوهان جي ستيا ناس ٿيندي. خدا تي ڪوڙ نه هڻو نه ته هو ڪنهن عذاب سان اوهان جي پاڙ پٽي ڇڏيندو ۽ (ياد رکو ته) جنهن به ڪوڙ ٺاهيو سو مراد کي نه پهتو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايو انهن کي موسى ته هلاڪت آهي اوهان جي لاءِ نه ٺاهي هڻو الله تي ڪوڙ پوءِ تباھ ڪري اوهان کي عذاب سان ۽ تحقيق برباد ٿيو جنهن هٿ جو دين ٺاهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ کين چيو ته اوهان جي ڪم بختي آهي. الله تي ڪوڙ نه هڻو نه ته هو ڪنهن عذاب سان اوهان جي پاڙ پٽي ڇڏيندو ۽ جنهن به ڪوڙ ٺاهيو سو مراد کي نه پهتو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) انهن کي چيو: ”اوهان تي افسوس! الله تي ڪوڙو بهتان نه ٻَڌو ورنه ته اُهو اوهان کي عذاب جي ذريعي تباهه و برباد ڪري ڇڏيندو ۽ بيشڪ اُهو شخص برباد ٿي ويو جنهن (الله تي) بهتان ٻڌو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُوسٰى چيو اُنهن کي، ته کوءِ! اوهان کي، کوءِ!! قادِر، رَبَّ، ڪرِيم تي، ڪُوڙ نه ٻَڌو ڪوءِ، ڊُونڍا اوهان جا ڍير ڪري، ڪِنهن آفت اَندر پوءِ، ۽ سَچ پَچ، ته سُڃو ٿيو سوءِ، جِنهن ٻَڌا ڪُوڙ ڪرِيم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) موسيٰ جادوگرن کي چيو، ”اوهان لاءِ ويل آهي، خدا تي ڪوڙ نه ٻڌو، نه ته ڪنهن عذاب سان چٽ ڪندوَ ۽ ٺاهه ٺاهيندڙ نامراد رهندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ (مقابلي شروع ٿيڻ وقت مخالفن ڏي منهن ڪري) چيو: "توهان تي مار پوي الله تي ڪوڙَ نه هڻو نه ته هو سخت عذاب سان توهان جي پاڙ پٽي ڇڏيندوَ. جنهن به ڪوڙ ٺاهيو سو بي مراد ٿيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو موسيٰ (ان موقعي تي مقابل ٽولي کي) مار پَويوَ! ٺاهه نه ٺاهيو الله تي ڪوڙا، نه ته اهو توهان کي ناس ڪري ڇڏيندو سخت عذاب سان، ۽ جنهن به ڪوڙ ٺاهيو سو نامراد ٿيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ( $ )، فرعون ۽ سندس درٻارين کي چيو ته توھان تي مار پوي، توھان اللھ تعالى تي ڪوڙيون تھمتون نه ھڻو ورنه ھُو توھان کي عذاب جي ذريعي تباهه ڪري ڇڏيندو ۽ جنھن به ڪوڙ گهڙيو آھي، سو ھميشه نامراد رهيو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَتَنٰزَعوا أَمرَهُم بَينَهُم وَأَسَرُّوا النَّجوىٰ (آيت : 62) |
پوءِ پنھنجي ڪم ۾ پاڻ ۾ گفتگو ڪيائون ۽ ڳجھيون صلاحون ڪيائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو ٻڌي) ماڻهو ان معاملي بابت پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا ۽ مخفي طرح (سس پس ۾) ڳالهيون شروع ڪري ڏنائون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهي پنهنجي ڪم ۾ هڪ ٻئي سان اختلاف ڪرڻ لڳا ۽ پاڻ ۾ ڳجھون ڳالهيون ڪرڻ لڳا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهن تي اهي ماڻهو پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا ۽ ڪن ۾ سس پس ڪرڻ لڳا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ مختلف ڳالهيون ڪيائون ڪم پنهنجي جون پاڻ ۾ ۽ ڳجهي ڪيائون صلاح .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جادوگرن پنهنجي ڪم بابت پاڻ ۾ بحث ڪيو ۽ راز کي لڪايائون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهي (جادوگر) پاڻ ۾ پنهنجي معاملي ۾ جهڳڙي پيا ۽ لِڪَ ڇپ ۾ مشورا ڪرڻ لڳا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پَنهنجي ڪم ۾، پاڻ ۾، ٻَڌائون ٻائـِتال، ۽ ڳُجھ ڳَر هيائون پاڻ ۾، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهن تي منجهن انهي ڳالهه بابت ڦيٽارو پيو ۽ ڳجهيون صلاحون ڪرڻ لڳا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ٻڌي پاڻ ۾ اختلاف ٿي پين ته ڇا ڪجي ۽ آهستي آهستي صلاحون ڪرڻ لڳا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي ٻڌي منجهن اختلاف ٿي پيو، ۽ اهي چپ چاپ پاڻ ۾ ڳجهيون صلاحون ڪرڻ لڳا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (موسى $ جون ھي سنجيده ڳالهيون ٻڌي) فرعون ۽ درٻارين جي وچ ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي ۽ پاڻ ۾ وڃي لڪي مشورا ڪرڻ لڳا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا إِن هٰذٰنِ لَسٰحِرٰنِ يُريدانِ أَن يُخرِجاكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِما وَيَذهَبا بِطَريقَتِكُمُ المُثلىٰ (آيت : 63) |
چيائون ته ھي ٻئي ضرور جادوگر آھن پنھنجي جادوءَ سان اوھان کي اوھان جي مُلڪ مان لوڌڻ ۽ اوھان جي بلڪل چڱي مذھب کي وڃائڻ گھرندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (درٻارين) چيو ته، هي ٻئي ڀائر ضرور جادوگر آهن. هو چاهين ٿا ته پنهنجي جادوءَ جي زور سان اوهان کي اوهان جي ملڪ مان ڪڍي ڇڏين ۽ توهان جي شان شوڪت جا مالڪ ٿي ويهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو بيشڪ اهي ٻئي (موسيٰ ۽ هارون) جادوگر آهن جيڪي ارادو ڪن ٿا ته توهان کي پنهنجي ملڪ مان جادو سان ڪڍن ۽ توهان جا سٺا رسم ۽ رواج ختم ڪري ڇڏن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نيٺ) چئي ڏنائون ته بيشڪ هي ٻئي ائين گهرن ٿا ته اوهان کي جادوءَ (جي زور) سان اوهان جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر ڪن ۽ اوهان جي سٺي مذهب کي مٽائي ڇڏين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته پڪ هي ٻئي ته البته جادوگر آهن ارادو ڪن ٿا ته ڪڍن اوهان کي زمين اوهان جيءَ مان جادو پنهنجي سان ۽ وڃائي ڇڏين دين اوهان جي چڱي کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائون ته بيشڪ هي ٻئي جادوگر آهن جي گُهرن ٿا ته اوهان کي پنهنجي جادوءَ سان اوهان جي زمين مان ڪڍن، ۽ اوهان جي چٽي طريقي کي مٽائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”بيشڪ هي ٻئي جادوگر آهن چاهن ٿا پنهنجي جادو جي زور تي توهان کي توهان جي سرزمين مان ٻاهر ڪڍن ۽ توهان جي مثالي طريقهءِ (مذهب ۽ ثقافت) جو خاتمو ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائون اِهڙئَ چال، ته هي ٻَئـِي جادوگر جَبرا، ٿا رکن خاص خيال، ته ڪَڍنيان پَنهنجي مُلڪ مان، سَندنِ سِحر نال، يا بِگيڙِينِ بَحال، واٽ اوهان جِي وِچٿرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوڻ لڳا ”هي ٻه جادوگر آهن جي چاهين ٿا، ته سندن جادوءَ سان اوهان کي اوهان جي ملڪ مان ڪڍن ۽ اوهان جي عمدي مذهب کي وڃائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ ڪن ماڻهن چيو ته "اهي ٻئي به رڳو جادوگر اٿوَ. مقصد اهو اٿن ته پنهنجي جادوءَ جي زور تي توهان کي توهان جي زمين مان ڪڍي ڇڏين ۽ توهان جي شاندار رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو انت آڻين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخرڪار ڪن ماڻهن چيو، اهي ٻئي رڳو جادوگر آهن هو چاهين ٿا ته توهان کي بي دخل ڪن توهان جي سرزمين مان پنهنجي جادوءَ جي زور تي ۽ توهان جي مثالي طرزِ زندگي کي ختم ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چيائون ته ھي ٻئي جادوگر آھن. ھي چاھين ٿا ته توھان کي پنھنجي ڌرتي تان جادوءَ جي زور تي نيڪالي ڏين ۽ اوھان جي شاندار تھذيب کي ھميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَجمِعوا كَيدَكُم ثُمَّ ائتوا صَفًّا وَقَد أَفلَحَ اليَومَ مَنِ استَعلىٰ (آيت : 64) |
تنھنڪري پنھنجا جادوءَ (جا سامان) گڏ ڪريو وري صفون ٻڌي اچو، ۽ جيڪو اڄ ڏاڍو ٿيو سو بيشڪ ڇٽو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڪري پنهنجا سڀ جادوءَ جا داءَ (۽ سامان) ڪٺا ڪيو ۽ قطارون ٻڌي ثابت قدم ٿي بيهو. جيڪو اڄ بازي کڻندو سو ڪامياب ٿيندو (۽ وڏا درجا حاصل ڪندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان پنهنجي رٿ تي متفق ٿيو ان کان پوءِ توهان قطارون ڪري اچو، تحقيق اڄ ڏينهن اهو ڪامياب ٿيندو جيڪو غالب ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اوهين به پنهنجين (جادو وغيره جي) تدبيرن کي گڏ ڪريو (ان کان) پوءِ قطار ٻڌي (سندن مقابلي لاءِ) اچو. ۽ بيشڪ جيڪو اڄ غالب ٿيو، سو ئي ڪامياب رهندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ گڏ ڪري وٺو مڪر پنهنجو تنهن کان پوءِ اچو لائين لڳائي ۽ تحقيق ڪامياب ٿيو اڄ ڏينهن جيڪو غالب ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ پنهنجي تدبيرن کي گڏ ڪريو، (ان کان) پوءِ قطار ٻڌي اچو. ۽ بيشڪ جيڪو غالب ٿيو، سو اڄ ڪامياب ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ پنهنجون سڀ تدبيرون گڏ ڪيو پوءِ قطار ٻڌي ميدان ۾ اچو ۽ بيشڪ اڄ ڏينهن اُهو ڪامياب ٿيندو جيڪو غالب ٿيندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سارِي سِٽا پَنهنجِي، جَمع ڪريو جُونجھار!، موٽِي اَچون ميدان ۾، قطار و قطار، ۽ سوڀارو سو سار، جو اَڄ چَٽا ڀيٽِئَ ۾ چَڙهي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڪري پنهنجيون رٿون گڏ ڪري صفون ٻڌي اچو، اڄ جيڪو ڏاڍو ٿيو سوئي ڪامياب آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سو پنهنجا سمورا حيلا وسيلا ميڙي سيڙي پوءِ گڏجي هڪ ٿي لهي پئو ميدان ۾ ۽ سمجهو ته اڄ جنهن کٽيو، اهو ئي ڪامياب ٿيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ گڏ ڪري وٺو اڄ پنهنجون سڀ تدبيرون ۽ ٻَڌي ڪري ميدان ۾ اچو، بس سمجهي ڇڏيو ته اڄ جيڪو به غالب ٿيو تنهن کٽيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو توھان سڀ پنھنجي جادوءَ جا ڪرتب آڻي متحد ٿي ميدان ۾ لھو، اڄ جيڪو غالب ٿيندو اھوئي ميدان کٽيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ أَوَّلَ مَن أَلقىٰ (آيت : 65) |
چيائون ته اي مُوسىٰ (تون) اُڇليندين يا پھرين اسين (پنھنجو جادو) اُڇليون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جادوگرن چيو ته، اي موسيٰ يا ته تون پهريائين (پنهنجي لٺ يا جادو) ميدان ۾ آڻ، يا وري اسان جي طرف کان اڇلائڻ جي (يعني جادو ڏيکارڻ جي) شروعات ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) چيائون تہ اي موسىٰ! (تون) اُڇليندين يا پھرين اسين (پنھنجو ڍارو) اُڇليون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مطلب ته جادوگرن) چيو اي موسى ته (پهريائين) تون (جادو) اڇلائي يا اول اڇلائڻ وارا اسين ٿيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون اي موسى يا ته تون اڇلاءِ ۽ يا ته هجون اسين پهريان اهي جو اڇلايائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائون اي موسيٰ يا ته (پهريائين) تون (جادو) اڇلاءِ يا پهريائين اڇلائڻ وارا اسين ٿيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (جادوگرن) چيو: ”اي موسى (جادو) تون ٿو اڇلائين يا اول اسان اڇلائڻ وارا ٿيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مُوسٰى اُڇل اَ ڳ ۾، يا اَسِين ٿيون اڳواڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”موسيٰ! اول تون اڇلائيندين، يا اول اسين اڇليون؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جادوگرن چيو: "اي موسيٰ! تون اڇلائيندين يا اڳ ۾ اسان اڇلايون؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جادوگرن چيو، اي موسيٰ! تون ٿو اڇلائين (جادو) يا اسين پهرين اڇلايون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جادوگرن چيو ته اي موسى! پھريائين تون اڇليندين يا اسان پنھنجو جادو اڇلايون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ بَل أَلقوا فَإِذا حِبالُهُم وَعِصِيُّهُم يُخَيَّلُ إِلَيهِ مِن سِحرِهِم أَنَّها تَسعىٰ (آيت : 66) |
(مُوسى) چيو ته ڀلي (اوھين) اُڇليو، پوءِ اوچتوئي سندن رسا ۽ سندن لٺيون جادوءَ کان موسىٰ جي خيال ۾ آيو ته ڄڻڪ اھي ڊوڙن ٿيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ فرمايو ته، توهان ئي اول پنهنجا ڪرتب ڏيکاريو. (هنن ائين ڪيو ۽) حضرت موسيٰ کي سندن جادو (يا چشم بنديءَ) جي ڪري ائين ڏسڻ ۾ آيو ته سندن لٺيون ۽ رسيون (نانگن وانگر) ڊوڙي رهيون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (مُوسىٰ) چيو تہ ڀلي (اوھين) اُڇليو، پوءِ اوچتوئي سندن رسا ۽ سندن لٺيون جادوءَ (جي اثر) کان موسىٰ جي خيال ۾ آيو تہ ڄڻڪ اُھي ڊوڙن ٿيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى چيو ته، نه اوهين اڇلايو. ته (پوءِ هنن پنهنجو ڪرتب ڏيکاريو) ان ئي وقت موسى کي سندن جادوءَ (جي زور) سان ائين معلوم ٿيو ته هنن جون رسيون ۽ لٺيون ڊوڙي رهيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين بلڪ اوهان اڇلايو پوءِ ان وقت رسا انهن جا ۽ لٺيون انهن جون خيال ۾ آنديون ويون ان ڏانهن سببان جادوءَ انهن جي ته بلاشڪ اهي ڊوڙن ٿيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ! چيو ته نه پر اوهين اڇلايو. پوءِ ان ئي وقت انهن جون رسيون ۽ لٺيون انهن جي جادوءَ کان موسيٰ جي خيال ۾ آيو ته اهي ڊوڙن ٿيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”بلڪه اوهان اڇلايو“. پوءِ ان ئي وقت انهن جون رسيون ۽ انهن جون لٺيون انهن جي جادو جي اثر سبب موسى کي خيال ۾ ڊوڙندڙ محسوس ٿيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بَلڪ ڀلاري چيو، ته پِهرِين اُڇليو پاڻ، پوءِ نوڙيون، لوڙهيون، اُنهن جون، سَندنِ سِحر ساڻ، اِجھو ڏيکارِين اُن کي، اَرڙَن جي اُهڃاڻ، ۽ هيڏي هوڏي هاڻ، پِيا ڊوڙن پَٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”ڀلي اوهين اڇليو،“ پوءِ اوچتو سندن رسيون ۽لٺيون سندن جادوءَ سبب ائين خيال ۾ اچڻ لڳيون جو ڄڻ ته ڊوڙن پيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چين: "نه، توهان ئي اڇلايو". پوءِ ائين جهٽ پٽ سندن رسا ۽ لٺيون انهن جي جادوءَ سببان موسيٰ کي ڊوڙندا محسوس ٿيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ چين، ڀلي توهان اڇلايو، پوءِ سندن رسا ۽ لٺيون سندن جادوءَ جي زور تي موسيٰ کي ڊوڙندي محسوس ٿيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (موسى $) چيو ته: توھان اڇلايو. پوءِ ان وقت ئي انهن جون اڇلايل رسيون ۽ لٺيون جادوءَ جي اثر ھيٺ موسى ($) کي ڊوڙندي محسوس ٿيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَوجَسَ فى نَفسِهِ خيفَةً موسىٰ (آيت : 67) |
پوءِ مُوسىٰ پنھنجي دل ۾ ڊپ ڀانيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ پنهنجي دل ۾ ڊپ محسوس ڪيو (ته متان هن ڪوڙي ڏيک ويک تي ماڻهو ٺڳجي وڃن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ موسيٰ خوف محسوس ڪيو (ته متان ماڻهو ڌوڪي ۾ اچي وڃن)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته موسى کي پنهنجي دل ۾ ڊپ معلوم ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ لڌائين پنهنجي وجود ۾ ڊپ موسى .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ موسيٰ کي پنهنجي دل ۾ ڊپ معلوم ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ موسى پنهنجي دل ۾ خوف محسوس ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مُوسٰى پَنهنجي مَن ۾، رَکيو خوف خيال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهن تي موسيٰ جي دل ۾ ڊپ ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ موسيٰ پنهنجي دل ۾ ڪجهه ڊڄي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڊڄي ويو پنهنجي دل ۾ موسيٰ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ موسى ($) اندر ئي اندر ۾ ڊڄي ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُلنا لا تَخَف إِنَّكَ أَنتَ الأَعلىٰ (آيت : 68) |
چيوسون ته نه ڊڄ ڇوته تون ئي غالب آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو اسان کيس چيو ته، ڊپ نه ڪر، تون ئي غالب پوندين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان چيو تون خوف نه ڪر بيشڪ تون ئي غالب آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان (موسى کي) چيو ته نه ڊڄ! بيشڪ تون غالب ٿيندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو اسان ته نه ڊپ ڪر بلاشڪ تون ئي مٿاهون آهين..(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسان چيو ته نه ڊڄ! بيشڪ تون ئي غالب آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان چيو: ”(اي موسى) خوف نه ڪر بيشڪ تون ئي غالب آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيو سون مَ ڊِڄ ڪِنهن حال، تون ئـِي آهين اُوپرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان چيو ”ڊڄ نه، تون پڪ سان کٽندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان چيو ڊڄ نه، تون ئي غالب ٿيندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان چيو، ڊڄ نه، تون ئي غالب رهندين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان (کيس) چيو ته نه ڊڄ، بيشڪ تون ئي غالب رھندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَلقِ ما فى يَمينِكَ تَلقَف ما صَنَعوا إِنَّما صَنَعوا كَيدُ سٰحِرٍ وَلا يُفلِحُ السّاحِرُ حَيثُ أَتىٰ (آيت : 69) |
۽ جيڪي تنھنجي سڄي ھٿ ۾ آھي سو اُڇل ته جيڪي بڻايائون سو ڳِھي وڃي، جيڪي بڻايائون سو جادوگر جي فريب کانسواءِ نه آھي، ۽ جادوگر جِتي ويندو اُتي نه ڇٽندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهنجي ساڄي هٿ ۾ جيڪا لٺ آهي سا هڪدم ميدان ۾ اڇلاءِ، اها جادوگرن جي سڀني بناوتن کي ڳهي ويندي. هنن جيڪي به بنايو آهي، سو فقط جادوگرن جو فريب آهي ۽ جادوگر ڪهڙي به واٽ کان اچي (۽ ڇا به ڪري) ڪڏهن به هو ڪامياب نه ٿيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون (پنهنجي لٺ کي) اڇلاءِ جيڪا تنهنجي سڄي هٿ ۾ آهي اها انهن سڀني کي ڳهي ويندي جيڪو ڪجھه انهن جادو سان ٺاهيو آهي ۽ جادوگر ڪٿي به ڪامياب نٿا ٿين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تنهنجي سڄي هٿ ۾ جا (لٺ آهي سا اڇلائي! ته جيڪي بنايو اٿن تنهن کي ڳهي وڃي. انهن جيڪي ڪرتب ڪيو آهي سو رڳو جادوگر جو فريب آهي. ۽ جادوگر جتي به وڃي ڪامياب نٿو ٿئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اڇلاءِ اها لٺ جيڪا سڄي هٿ تنهنجي ۾ آهي ته ڳهي ويندي اهو جيڪو ٺاهيائون جيڪو ڪجھ ٺاهيائون مڪر جادوگر جو آهي ۽ نه ڪامياب ٿيندو جادوگر جتي به آيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جا تنهنجي ساڄي هٿ ۾ (لٺ) آهي سا اُڇلاءِ ته جيڪي بنايو اٿن تنهن کي ڳهي وڃي.جيڪي بنايو اٿن سو رڳو جادوگر جو فريب آهي. ۽ جادوگر جتي به وڃي ڪامياب نه ٿو ٿئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اڇلاءِ جا (لٺ) تنهنجي ساڄي هٿ ۾ آهي اُها ڳِهي ويندي جو ڪجھه انهن (ٺاهه) ٺاهيو آهي. جيڪو انهن ٺاهيو آهي سو رڳو جادوگر جو فريب آهي. ۽ جادوگر ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿو ٿئي ڀلي ڪهڙي به شان سان اچي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَھٽ پَٽ، پَٽ تي سَٽ، جيڪِي سڄڻ! تُنهنجي سَڄي ۾، وِيندِي ڳِهِي وات ۾، جوڙيون جو، جَھٽ پَٽ، جوڙٖي جوڙيون ڪِين، مَگر جادُوگر جو جَھٽ، ۽ سوڀ نه پائـٖي پَٽ، جِتي به جادوگر آئـِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي تنهنجي ساڄي هٿ ۾ آهي سو اڇلائي وجهه ته هو سندن هنر کي چٽ ڪندي، جادوگرن جو هنر رڳو جادوءَ جو فريب آهي ۽ جادوگر جتي به ويندو ڪامياب نه ٿيندو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اڇل جيڪا هٿ ۾ اٿيئي، اجهو ٿي سندن ٺاهيلن کي ڳهي وڃي. جيڪي ڪجهه ٺاهيو اٿن سو ته فقط جادوگر جو کيل آهي ۽ جادوگر ته ڪڏهن ڪامياب ٿيڻو ئي ناهي، جنهن نموني به کڻي اچي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اڇلاءِ ان (لٺ) کي جيڪا تنهنجي هٿ ۾ آهي، اجهو سندن بناوٽي شين کي ڳهي ويندي، اهي جيڪي ٺاهي آيا آهن ۽ نه ٿيندو اهو جيڪو جادوگر جو فريب آهي، ڪامياب نه ٿيندو ڀلي ڪيڏي به شان سان اچي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي موسيٰ!) تون ساڄي ھٿ واري شيءِ (يعني لٺ) اڇلاءِ ته اھا انهن جي ٺاھيل شين کي چَٽ ڪري ڇڏيندي، بيشڪ انهن جيڪو به ٺاھيو آهي سو جادوگر جو ڌوڪو هو ۽ جادوگر جتي به ويندو، ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سُجَّدًا قالوا ءامَنّا بِرَبِّ هٰرونَ وَموسىٰ (آيت : 70) |
پوءِ سڀ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيا چيائون ته مُوسىٰ ۽ ھارون جي پالڻھار تي آيمان آندوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ٿيو به ائين) سڀ جادوگر بي اختيار سجدي ۾ ڪري پيا، ۽ چيائون ته بس اسان هارون ۽ موسيٰ جي خدا تي ايمان آندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ سمورا جادوگر سجدو ڪري چوڻ لڳا اسان هارون ۽ موسيٰ جي رب تي ايمان آندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مطلب ته موسى جي لٺ جڏهن سڀ هڙپ ڪري ڇڏيو ته اهو ڏسندي ئي) سڀئي جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا (۽) چوڻ لڳا ته اسان موسى ۽ هارون جي رب تي ايمان آندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪيرايا ويا جادوگر سجدا ڪندڙ چيائون ايمان آندو اسان رب هارون ۽ موسى جي تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا، چيائون ته اسان هارون ۽ موسيٰ جي پاليندڙ تي ايمان آندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جادوگر سڀ سجدي ۾ ڪيرايا ويا چيائون: ”اسان هارون ۽ موسى جي پالڻهار کي مڃيوسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جادوگر ضَرُور، سَٽياوِيا سُجُود ۾، چي، مَڃيوسون مُور، رَبُّ مُوسٰى ۽ هارُون جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي تي جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا ۽ چوڻ لڳا ”اسان موسيٰ ۽ هارون جي رب کي مڃيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ سڀئي جادوگر سجدي ۾ ڪيرايا ويا ۽ چئي ڏنائون ته "مڃيوسون اسان به هارون ۽ موسيٰ جي رب کي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر ائين ئي ٿيو، جو سڀني جادوگرن کي سجدي ۾ ڪيرايو ۽ پڪارڻ لڳا، اسان ايمان آندو هارون ۽ موسيٰ جي رب تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (حضرت موسى $ جي لٺ اڇلائڻ سان اھا وڏو نانگ ٿي وئي جنهن کي ڏسي) سڀ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا ۽ چيائون ته اسان ھارون ۽ موسى (ؐ) جي پالڻھار تي ايمان آندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم فى جُذوعِ النَّخلِ وَلَتَعلَمُنَّ أَيُّنا أَشَدُّ عَذابًا وَأَبقىٰ (آيت : 71) |
(فرعون) چيو ته اوھان منھنجي موڪل ڏيڻ کان اڳ اُن تي ڇو ايمان آندو، بيشڪ اُھو اوھان جو ضرور وَڏو (يعني استاد) آھي جنھن اوھان کي جادو سيکاريو آھي، تنھنڪري اوھان جا ھٿ ۽ اوھان جا پير اُبتا سُبتا ضرور وڍيندس ۽ اوھان کي کجين جي ٿُڙن ۾ ضرور سُوريءَ چاڙھيندس، ۽ ضرور ڄاڻندؤ ته اسان مان ڪنھنجو عذاب بلڪل سخت ۽ بلڪل ھميشه رھڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فرعون چيو ته، هي ڇا؟ توهان منهنجي حڪم کان سواءِ موسيٰ تي ايمان آندو آهي، ضرور هو اوهان جو سردار آهي، جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي. چڱو هاڻي ڏسو ته مان ڇا ٿو ڪيان، مان اوهان جا هٿ پير ابتا سبتا وڍائيندس ۽ کجين جي ٿڙن تي سوريءَ چاڙهائيندس. پوءِ توهان کي سڌ پوندي ته اسان ٻنهي ڌرين مان ڪير سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي. ۽ ڪنهن جو عذاب گهڻو جٽاءَ ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون چيو توهان منهنجي اجازت کان اڳ ۾ ان تي ايمان آندو آهي، بيشڪ موسيٰ توهان جو وڏو آهي جنهن توهان کي جادو سيکاريو، پوءِ آئون ضرور توهان جو سڄو هٿ ۽ کٻو پير ۽ کٻو هٿ ۽ سڄو پير ڪٽيندس ۽ آئون توهان کي کجيءَ جي ٿڙ ۾ ڦاسي ڏيندس، ۽ ڀلي ته توهان معلوم ڪريو ته اسان مان عذاب ۾ وڌيڪ سخت ۽ بقا وارو ڪير آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرعون (کين) چيو (اڙي) اوهان ان تي ايمان آندو! هن کان اڳ جو آءُ اوهان کي اجازت ڏيان؟ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهو اوهان سڀني جو وڏو (گرو) آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي، ته پوءِ آءُ ضرور اوهان جا هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيندس ۽ ضرور اوهان کي کجيءَ جي ٿڙن ۾ سوريءَ تي چاڙهيندس. پوءِ توهان کي (چڱيءَ طرح) معلوم ٿيندو ته اسان (ٻنهي جماعتن) مان ڪنهن جو عذاب زياده سخت ۽ دير تائين رهڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته ايمان آندو اوهان ان جي لاءِ اڳي هن کان جو موڪل ڏيان مان اوهان کي بلاشڪ اهو البته وڏو اوهان جو آهي جنهن سيکاريو اوهان کي جادو پوءِ البته ضرور وڍيندس مان هٿ اوهان جا ۽ پير اوهان جا ابتا سبتا ۽ البته ضرور ڦاهيءَ چاڙهيندس مان اوهان کي کجيءَ جي ٿڙن ۾ ۽ البته ضرور ڄاڻندؤ اوهان ته ڪهڙو اسان مان وڌيڪ سخت آهي عذاب جي لحاظ سان ۽ گهڻو وقت باقي رهندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون چيو ته ڇا اوهان ان کي مڃيو هن کان اڳ جو آءُ اوهان کي اجازت ڏيان؟ بيشڪ اهو اوهان جو وڏو آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي. پوءِ ضرور آءُ اوهان جا هڪ طرف جا هٿ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيندس ۽ ضرور اوهان کي کجيءَ جي ٿڙن ۾ سوريءَ چاڙهيندس. ۽ ضرور اوهين ڄاڻندو ته اسان مان ڪنهن جو عذاب زياده سخت ۽ دير تائين رهڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرعون) چيو: ”اوهان ان تي ايمان آندو آهي ان کان اڳ جو آءٌ اوهان کي اجازت ڏيان بيشڪ اِهو اوهان جو وڏو (استاد) آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي. پوءِ (هاڻي) ضرور آءٌ اوهان جا هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيندس. ۽ ضرور اوهان کي کجيءَ جي ٿُڙن ۾ ڦاهي چاڙهيندس ۽ اوهان ضرور ڄاڻندؤ ته اسان مان ڪنهن جو عذاب زياده سخت ۽ گھڻي مُدتَ تائين باقي رهڻ وارو آهي“. (يعني منهنجي سزا سخت ۽ ديرپا آهي يا موسيٰ جي)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڪِ مَڃيان مُور، اِنهيان مَهند، ته موڪل آئون ڏيان، هِي آهي وَڏو اَوهان جو، ڪو جادوگر ضَرُور، جادوءَ جو مَذڪُور، جِنهن آن کي سَڀ سيکاريو. اَوس وَڍِيندسِ اَوهان جا، اُبتڙ هَٿ ۽ پير، پوءِ ڪَندسِ اوهان کي تاڙ جي، ٽاريُن اَندر ٽير، پوءِ مَعلوم ڪندا مُورهِين، ته آهي اَسان مان ڪير؟، سَخت سزا جي وٖير، پڻ جَنم رکڻ، جَنجال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) فرعون چيو ته ”اوهان منهنجي اجازت کان اڳ ڇو ان کي مڃيو؟ هي ضرور اوهان جو وڏو آهي، جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي، هاڻي آءُ پڪ سان توهان جا هٿ ۽ پير ابتڙ سبتڙ وڍائيندس ۽ اوهان کي کجيءَ جي ڪاٺين ۾ ڦاهي چاڙهيندس_ پوءِ خبر پوندؤ ته اسان مان ڪنهنجو عذاب سخت ۽ دائمي آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون چين: "توهان هن تي ايمان آڻي به ڇڏيو، هن کان اڳ جو مان توهان کي ان جي اجازت ڏيان؟ شڪ نه آهي ته اهوئي توهان جو وڏو آهي، جنهن توهان کي جادو سيکاريو آهي. چڱو هاڻي مان توهان جا هٿ پير ابتـڙ پاسن کان ٿو ڪپرايان ۽ کجيءَ جي ٿــُـڙن تي ٿو توهان کي ڦاهيءَ چاڙهايان. پوءِ پتو پوندوَ ته اسان ٻنهي مان ڪنهن جو عذاب وڌيڪ سخت ۽ جٽادار آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرعون چيو، توهان ان تي ايمان آندو انهيءَ کان اڳي جو آئون توهان کي اجازت ڏيان؟ معلوم ٿيو ته هي توهان جو وڏو گُرو آهي جنهن توهان کي جادوگري سيکاري آهي، هاڻي آئون توهان جا هٿ ۽ پير ابتن طرفن کان ۽ توهان کي ڦاهي کجين جي ٿڙن تي، پوءِ توهان کي معلوم ٿي ويندو ته اسان ٻنهي مان ڪنهن جو عذاب سخت ۽ ديرپا آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (فرعون) چيو ته (اھو وري ڪيئن؟) توھان منھنجي اڳواٽ اجازت کان سواءِ ئي ايمان آڻي ڇڏيو. لڳي ٿو ته موسى توھان جو وڏو (ليڊر)آھي، ان ئي توھان کي جادو سيکاريو آھي. مان توھان جا (ھڪ طرف جا) ھٿ ۽ (ٻئي طرف جا) پير ڪٽي ڇڏيندس ۽ سڀني کي کجيءَ جي ٿڙن ۾ ڦاسيءَ تي به لٽڪائيندس. پوءِ توھان کي خبر پئجي ويندي ته اسان ٻنهي مان ڪنھن جو عذاب وڌيڪ سخت ۽ گهڻي دير تائين رھڻ وارو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا لَن نُؤثِرَكَ عَلىٰ ما جاءَنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالَّذى فَطَرَنا فَاقضِ ما أَنتَ قاضٍ إِنَّما تَقضى هٰذِهِ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 72) |
چيائون ته چِٽن دليلن مان جيڪي اسان وٽ آيا تن تي ۽ جنھن اسان کي پيدا ڪيو تنھن تي توکي ڪڏھن زيادتي نه ڏينداسون تنھنڪري جيڪي تون ڪرڻ وارو آھين سو ڪر، (تون) رڳو دُنيا جي حياتيءَ ۾ ڪندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (نماڻائيءَ سان پر بنا ڊپ جي) چئي ڏنو ته، اسان هرگز ائين نه ڪنداسين جو جيڪي (سچائيءَ جا) روشن دليل اسان جي اڳيان اچي چڪا آهن ۽ جنهن خدا اسان کي پيدا ڪيو آهي تنهن کان منهن موڙي تنهنجو حڪم مڃيون. تون جيڪو فيصلو ڪرڻ چاهين ٿو سو ڀلي ڪر. تون جيڪي گهڻي ۾ گهڻو ڪري سگهين ٿو سو فقط هي آهي ته دنيا جي هن زندگيءَ بابت ڪو فيصلو ڪرين، (ان کان وڌيڪ تنهنجي اختيار ۾ ڪجهه ناهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جادوگرن چيو ته اسان هرگز توکي موسيٰ جي آندل معجزن ۽ پنهنجي خالق تي ترجيح نه ڏينداسين، پوءِ تون اهو فيصلو ڪر جيڪو تون فيصلو ڪندڙ آهين. تون ته فقط هن دنيا جي حياتيءَ جو فيصلو ڪرين ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيو ته جيڪي ظاهر معجزا اڳيان آيا (اسان ڏٺا) تن تي ۽ جنهن (خدا) اسان کي پيدا ڪيو تنهن کان اسين تو کي ترجيح نه ڏينداسون پوءِ تو کي جيڪو ڪرڻو آهي سو ڪر تون رڳو (هن فاني) دنيا جي هن حياتيءَ ۾ ئي حڪومت ڪري سگهين ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته هرگز نه زياده سمجهنداسون توکي ان کان جيڪو آيو اسان وٽ نشانين مان ۽ ان کان جنهن اسان کي پيدا ڪيو آهي پوءِ فيصلو ڪر جيڪو به تون فيصلو ڪندڙ آهين تون ته صرف فيصلو ڪندين هن حياتيءَ دنيا واريءَ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته جيڪي ظاهر نشانيون اسان کي پهتيون آهن ۽ جنهن اسان کي پيدا ڪيو آهي تن کان توکي وڌيڪ نه سمجهنداسون. پوءِ تون جيڪي ڪرڻ وارو آهين سو ڪر. تون رڳو دنيا جي هن حياتيءَ ۾ ئي ڪندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (جادوگرن) چيو: ”اسان تو کي هرگز انهن چِٽن دليلن تي ترجيح نه ڏينداسين جيڪي اسان وٽ اچي چڪا آهن ۽ نه ان ذات تي (ترجيح ڏينداسين) جنهن اسان کي پيدا ڪيو آهي، پوءِ تون جو به فيصلو ڪرڻ واور آهين سو ڪر. تون فقط هن (ٿورن ڏينهن واري) دنياوي زندگي جي باري ۾ فيصلو ڪري سگهين ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، توکي نه ڌُڻو، تِنهن مَٿي، جي آياسون کُليا اُهڃان، ۽ جِنهن پيدا ڪياسون پاڻ، تِنهن قادِر، ربّ، ڪريم تي. پوءِ ڪر، جو توکي ڪرڻو، نه ڪندِين هِن ري ڪار، ته هِئَ حَياتِي بيڪار، پيڙهي ڪِيئن به پڄائيِـين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اسان وٽ جيڪي به چٽا دليل آيا ۽ جنهن اسان کي پيدا ڪيو، انهن کان وڌيڪ اسين توکي هر گز نه سمجهنداسون، پوءِ جيڪي ڪرڻو هجيئي سو ڪر، تون ته رڳو هن دنيا جي حياتيءَ بابت ئي ڪري ٿو سگهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جادوگرن جواب ڏنو: "قسم آهي انهيءَ هستيءَ جو، جنهن اسان کي پيدا ڪيو آهي ته ائين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي ته اسان چٽيون نشانيون آڏو اچڻ کان پوءِ به (سچائيءَ تي) توکي وڌيڪ سمجهون، جيڪو ڪرڻو اٿئي سو ڪر. تون ته وڌ ۾ وڌ هن دنيا جي حياتيءَ جو نبيرو ڪري سگهين ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جادوگرن جواب ڏنو، قسم آهي ان ذات جو، جنهن اسان کي پيدا ڪيو آهي، اسين روشن نشانيون سامهون اچڻ بعد به سچائيءَ تي توکي اهميت ڏيون، اهو ٿي نٿو سگهي، تون ڪجهه به ڪرڻ چاهين ته ڪري وٺ، فقط هن دنيا جي حياتيءَ جو فيصلو ڪري سگهندين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جادوگرن جواب ڏنو: اسان وٽ جيڪي روشن دليل آيا آھن ۽ اسان کي جنھن پيدا ڪيو آھي ان جي مقابلي ۾ اسان توکي ڪڏھن به ترجيح نه ڏينداسين. توکي جيڪو به فيصلو ڪرڻو آھي سو ڪري ڇڏ. بيشڪ تون رڳو ھن دنيا جي زندگيءَ ۾ ئي فيصلو ڪري سگهين ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا ءامَنّا بِرَبِّنا لِيَغفِرَ لَنا خَطٰيٰنا وَما أَكرَهتَنا عَلَيهِ مِنَ السِّحرِ وَاللَّهُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 73) |
بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار تي ھن لاءِ ايمان آندو آھي ته اسان جون خطائون ۽ جنھن جادو ڪرڻ تي تو اسان کي زور ڪيو سو اسان کي بخشي، ۽ الله ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان ته پنهنجي پروردگار تي ايمان آڻي چڪا آهيون ته هو اسان جون خطائون بخشي ڇڏي، (خصوصاً جادوگريءَ جو ڏوهه بخشي) جنهن جي ڪرڻ تي تون اسان کي مجبور ڪندو هئين، (اسان جي لاءِ) الله تعاليٰ بهتر آهي، ۽ اهوئي باقي رهڻ وارو (دائم ۽ قائم) آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان پنهنجي رب تي ايمان آندو ان لاءِ ته اهو اسان جا گناه بخش ڪري ۽ جادو بخش ڪري جيڪو تو اسان کان زبردستي ڪرايو ۽ الله تعالى (ثواب ڏيڻ ۾) بهتر آهي ۽ (ان جو عذاب) هميشه وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ چيائونس ته) بيشڪ اسان پنهنجي پروردگار تي ايمان آندو هن لاءِ ته هو اسان کي اسان جون خطائون ۽ جو جادو تو اسان کي زبردستي ڪرايو سو معاف ڪري. ۽ الله سڀ کان چڱو ۽ سدائين رهڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يقينًا اسان ايمان آندو آهي رب پنهنجي تي تانته بخشي اسان کي خطائون اسان جون ۽ اهو (گناھ به) جو مجبور ڪيو تو اسان کي ان تي جادو مان ۽ الله ڀلو ۽ وڌيڪ بقا وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان پنهنجي پاليندڙ تي ايمان آندو هن لاءِ ته هو اسان کي اسان جون خطائون ۽ جو جادو تو اسان کان زبردستي ڪرايو سو معاف ڪري ۽ الله گهڻو چڱو ۽ سدائين رهڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان پنهنجي پروردگار تي ايمان آندو هن لاءِ ته اسان جون خطائون بخشي ۽ ان کي به (بخشي) جيڪو جادو تو اسان کان زبردستي ڪرايو. الله ئي بهتر آهي ۽ هميشه باقي رهڻ وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَڃيو سُون مالِڪ پَنهنجو، ظاهِر ۽ ظُهور، ته مَرهِينون مَدائيون ۽ غلطيون ربُّ، غفور، ۽ جو ڪَرائـِين اَسان کان، مَنڊ مَنجھان مَجبور، اَللهُ موچارو مُور، پڻ بقادار بادشاھ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان پنهنجي ڌڻيءَ تي ويساهه آندو آهي ته هو اسان جا گناهه ۽ اسان کان زوريءَ ڪرايل جادو معاف ڪري ۽ الله سڀ کان ڀلو ۽ بقادار آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان ته پنهنجي رب تي ان ڪري ايمان آندو آهي ته اسان جون خطائون بخشي ۽ اها جادوگري جنهن تي تو اسان کي مجبور ڪيو هو، معاف ڪري ڇڏي، الله ئي سڀ کان ڀلو آهي ۽ انهيءَ جي ذات ئي باقي رهڻي آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان ايمان آندوآهي پنهنجي رب تي، جيئن معاف ڪري اسان جون خطائون ۽ (بخش ڪري) جنهن تي تو اسان کي مجبور ڪيو هو جادوگريءَ تي، ۽ الله ئي سڀ کان بهتر ۽ سدائين رهڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان پنھنجي پالڻھار تي ان لاءِ ايمان آندو آھي ته جيئن ھو اسان جي خطائن ۽ جيڪو تو اسان کان زبردستي جادو ڪرايو آھي تنھن کي معاف ڪري ۽ اللھ تعالى جي ذات ئي بھتر ۽ ھميشه رھڻ واري آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُ مَن يَأتِ رَبَّهُ مُجرِمًا فَإِنَّ لَهُ جَهَنَّمَ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 74) |
سچ آھي ته جيڪو منھنجي پالڻھار وٽ ڏوھاري ٿي ايندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ آھي، اُھو منجھس نڪي مرندو ۽ نڪي جيئندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلاشڪ جيڪو شخص پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ گهنگار ٿي حاضر ٿيندو تنهن لاءِ يقيناً دوزخ (۾ پوڻ جي سزا) هوندي. نڪي هو ان ۾ مرندو نه جيئندو (ٻنهي حالتن جي وچ ۾ ڦٿڪندو رهندو.).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪو ماڻهو پنهنجي رب وٽ مجرم ٿي اچي ٿو پوءِ بيشڪ ان لاءِ جهنم آهي. اهو انهيءَ جهنم ۾ نه مرندو ۽ نه جيئندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جيڪو پنهنجي پالڻهار وٽ ڏوهاري ٿي ايندو تنهن جي لاءِ پڪ دوزخ آهي جنهن ۾ نه ته اهو مرندو ۽ نه وري جيئرو رهندو (سيسراٽيون ۽ سڏڪا ڀريندو رهندو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ شان هي آهي ته جيڪو به ايندو رب پنهنجي وٽ مجرم ٿي پوءِ بيشڪ ان جي لاءِ جهنم آهي نه مرندو ان ۾ ۽ نه جيئرو رهندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪو پنهنجي پاليندڙ وٽ ڏوهاري ٿي ايندو تنهن لاءِ جهنم آهي. نه ان ۾ مرندو ۽ نه جيئندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جيڪو ماڻهو پنهنجي پالڻهار وٽ ڏوهاري بڻجي ايندو ته پوءِ بيشڪ ان لاءِ جهنم آهي. ان ۾ نه مرندو ۽ نه جيئندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجي پالڻهار وَٽِ، جو اَچي پاپِي ٿِي پاڻ، ته ڪارهو اُنهِئَ ڪاڻ، جِنهن ۾ مَري، نه جِيئـِي مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جيڪو شخص سندس ڌڻيءَ وٽ ڏوهاري ٿي ايندو، ته ان لاءِ جهنم آهي، جنهن ۾مرندو، نڪي جيئندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت اها آهي ته جيڪو ڏوهاري بڻجي پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ پيش ٿيندو، انهيءَ لاءِ جهنم آهي، جنهن ۾ هو نڪي مرندو نه جيئندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت ۾ جيڪو پنهنجي رب جي حضور ۾ ڏوهي ٿي حاضر ٿيندو، ان لاءِ دوزخ آهي، جنهن ۾ هو نه مرندو ۽ نه وري زنده رهندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جيئن ته ان جو فرمان به آھي ته) بيشڪ توھان مان جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو ڏوھاري جي حيثيت ۾ ايندو ته ان لاءِ جھنم آھي. جھنم ۾ ھو نه ته مرندو ۽ نه ئي زنده ماڻهن وانگر زندگي گذاريندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَأتِهِ مُؤمِنًا قَد عَمِلَ الصّٰلِحٰتِ فَأُولٰئِكَ لَهُمُ الدَّرَجٰتُ العُلىٰ (آيت : 75) |
۽ جيڪي مؤمن ٿي وٽس چڱا ڪم ڪري ايندا سي اُھي آھن جن لاءِ وڏا مرتبا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪو سندس حضور ۾ (سچو) مؤمن ٿي حاضر ٿيندو، ۽ عمل به چڱا ڪيا هوندائين تنهن (۽ اهڙن ٻين ماڻهن) لاءِ وڏا وڏا درجا هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو رب وٽ مؤمن ٿي اچي ٿو (پوءِ) سهڻا عمل ڪيا اٿس، پوءِ اهي ماڻهو اهي آهن جن لاءِ (سندن رب وٽ) بلند درجا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو سندس حضور ۾ ايماندار ٿي ايندو ۽ ان چڱا چڱا ڪم به ڪيا هوندا ته انهن لاءِ تمام وڏا درجا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو ايندو ان وٽ مؤمن ٿي تحقيق ڪيائين صالح عمل پوءِ اهي انهن جي لاءِ درجا بلند آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي ان وٽ ايمان وارا ٿي ايندا ۽ چڱا ڪم ڪيا هوندائون، تن لاءِ بلند درجا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ان وٽ مؤمن بنجي ايندو (۽) بلاشڪ ان نيڪ عمل ڪيا هوندا ته انهن ماڻهن لاءِ بلند درجا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ايندو جو اِيمان سان، تِنهِين پرور پار، هُوندائـِين ڪَيا، جِنهن حال ۾، موچارا ڪم ڪار، اَعلىٰ آهن اُنهن لئي، دَرجا دِلقرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو وٽس مومن ٿي ايندو ۽ چڱا ڪم هوندس ته اهڙن لاءِ وڏا در جا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪو هن وٽ مؤمن جي حيثيت ۾ حاضر ٿيندو، جنهن نيڪ عمل ڪيا هوندا، اهڙن ماڻهن لاءِ بلند درجا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو سندس حضور ۾ مؤمن جي حيثيت ۾ حاضر ٿيندو، جنهن جا عمل سٺا هوندا پوءِ اهڙن ئي ماڻهن جي لاءِ وڏا مرتبا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو شخص ان جي آڏو مؤمن جي حيثيت ۾ نيڪ عمل ڪري ايندو ته ان جي لاءِ بلند درجا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 76) |
سدائين رھڻ جا باغ جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو تنھنجو اِھو بدلو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن لاءِ) دائمي باغ بستان هوندا، جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون. هو هميشه انهن ۾ رهندا. انهيءَ ماڻهو لاءِ بدلو (يا انعام) آهي، جيڪو (پنهنجي دنيائي زندگيءَ ۾ هر طرح جي گناهن ۽ پليتين کان) پاڪ رهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يعنى) بهشت جا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون اهي ان ۾ هميشه هوندا ۽ اها ان ماڻهوءَ جي جزا آهي جيڪو پاڻ کي پاڪ رکي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي سدا بهار باغ آهن جن هيٺان واھ وهن ٿا (۽) اهي ان ۾ هميشه رهندا. ۽ جي (گناھ کان) پاڪ صاف رهيا آهن تن جو اهو بدلو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بهشت ٽڪڻ جا وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندڙ انهن ۾ ۽ اهو بدلو ان جو آهي جيڪو پاڪ صاف رهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يعني رهڻ جا باغ آهن، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا، انهن ۾ پيا رهندا. ۽ اهو ان جو بدلو آهي جيڪو پاڪ ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اُهي) هميشه رهڻ وارا باغ آهن جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون ان ۾ هميشه رهندا. ۽ اُهو (انعام) ان شخص جو بدلو آهي جنهن پاڪيزگي اختيار ڪئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گھاٽا باغ، گَـٺيون، جَن هيٺ هَلن هر وار، سدا ساڪِن اُن ۾ٻن ، سَرها سقڀ ڄمار، ۽ اُهو اَجر اُنهِئَ هارِ، جِنهن سَندسِ، سِيل سُڌاريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هميشه رهندڙ باغ، جن جي هيٺان نهرون وهندڙ آهن، اهي منجهن هميشه رهندا ۽ اهو بدلو آهي پاڪ ٿيندڙ جو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سدائين سرسبز رهڻ وارا باغ آهن، جن جي هيٺان واهيون پيون وهنديون، انهن ۾ هو سدائين رهندا. اهو اجورو آهي ان شخص جو جيڪو پاڪائي اختيار ڪندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سدا بهار باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون، جن ۾ اهي سدائين رهندا، ۽ هي بدلو ان لاءِ آهي جو پاڪيزگي اختيار ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھميشه رھڻ وارا باغ به آھن جن جي ھيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وھنديون. ھو اُنهن ۾ ھميشه رھندا، جنھن پاڪيزهه زندگي گذاري، ھي ان جو بدلو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى فَاضرِب لَهُم طَريقًا فِى البَحرِ يَبَسًا لا تَخٰفُ دَرَكًا وَلا تَخشىٰ (آيت : 77) |
۽ بيشڪ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته راتو واھ منھنجي ٻانھن سميت نڪر پوءِ سمنڊ ۾ انھن لاءِ سُڪي واٽ بڻاءِ (ويرين کان) پڪڙجڻ جي ڀَو نه ڪر ۽ نڪي (ٻُڏڻ کان) ڊڄ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان موسيٰ ڏي وحي موڪليو ته (هاڻي) منهنجي بندن کي راتوواه (مصر مان) ڪڍي وڃ. پوءِ سمنڊ ۾ انهن جي لنگهڻ لاءِ خشڪيءَ جي واٽ ڳولي ڪڍ. نڪي پٺيان پوندڙن کان ڪو انديشو هوندوَ، نڪي ڪنهن به طرح جو ڪو ٻيو خطرو هوندوَ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ ڏانهن وحي موڪلي ته تون منهنجي ٻانهن کي رات و رات وٺي وڃ پوءِ (لٺ هڻي) انهن لاءِ درياءَ ۾ سڪل رستو بناءِ، تون (فرعون جي) پهچڻ جو خوف نه ڪر ۽ نه ئي ٻڏڻ جو ڊپ ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان موسى ڏي وحي ڪيو تون راتو رات منهنجن ٻانهن (بني اسرائيلن) کي (مصر مان) وٺي نڪر، پوءِ انهن لاءِ دريا ۾ (لٺ هڻي) سڪل رستو بنائي. (۽) تون نه پڪڙجڻ کان ڊڄ ۽ نه (ٻڏڻ جو) ڊپ ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق وحي ڪيو اسان موسى ڏانهن هي ته رات جو هليو وڃ ٻانهن منهنجن سان پوءِ ٺاھ تون انهن لاءِ رستو سمنڊ ۾ سڪل، نه خوف ڪندين (دشمن جي) پهچڻ جو ۽ نه ڊپ ڪندين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان موسيٰ ڏي وحي ڪيو ته تون رات جو منهنجن ٻانهن کي وٺي نڪر، پوءِ انهن لاءِ درياءَ ۾ سڪل رستو بناءِ. تون نه پڪڙجڻ کان ڊڄ ۽ نه ڪو ٻيو ڊپ ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان موسى ڏانهن وحي ڪئي ته منهنجي ٻانهن کي وٺي رات جو نڪر پوءِ انهن لاءِ سمنڊ ۾ (لٺ) هڻي سُڪل رستو بناءِ، نه پڪڙجڻ کان ڊڄ ۽ نه (ٻڏڻ) جو انديشو ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ موڪليو سون مُوسٰى ڏي، پَر م اِهو پَرياڻ، ته راهِي راتو واھ ٿِي، سَندمِ ٻانهن ساڻ، سُڪل واٽ سَمونڊ مان، ڪَڍ ڪا اُنهنِ ڪاڻ، پُهچڻ ڪَنان پاڻ، نه ڇِرڪَ، نه ڊِڄُ تون ڇَرڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان موسيٰ ڏي وحي موڪليو ته ”منهنجن بندن کي رات جو وٺي نڪر ۽ انهن لاءِ سمنڊ ۾ سڪو رستو بناءِ، نڪي پڪڙجڻ جو ڊپ ڪر، نڪي (ٻڏڻ کان) ڊڄ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان موسيٰ ڏي وحي ڪيو ته راتوواهه منهنجن ٻانهن کي ساڻ وٺي نڪري پؤ ۽ انهن لاءِ سمنڊ ۾ سڪي واٽ بڻاءِ ۽ ڪنهن جي به ڪڍ لڳڻ جو ڪوبه خوف نه ڪجانءِ ۽ نڪي (سمنڊ جي وچان لنگهندي) ڪو ڀؤ ڪجانءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان وحي ڪيو موسيٰ تي ته هاڻي رات و رات نڪري وڃ منهنجي ٻانهن کي وٺي ۽ انهن جي لاءِ ٺاهيوسين سڪل رستو سمنڊ ۾، توکي ذرو به ڊپ نه ٿئي سمنڊ جي وچان لنگهندي ۽ نه ڊپ ٿئي ڪنهن جي پٺيان لڳڻ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان موسى ($) کي وحي ڪئي ته تون منھنجي ٻانهن کي وٺي راتو واهه ھتان نڪري وڃ ۽ (لٺ جي ذريعي) لشڪر لاءِ سمنڊ مان سڪل رستو ٺاهه. پويان ڪنھن جي پھچڻ جو ڪوبه خوف نه ڪجانءِ ۽ نه ئي ٻڏڻ کان ڊڄجانءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ بِجُنودِهِ فَغَشِيَهُم مِنَ اليَمِّ ما غَشِيَهُم (آيت : 78) |
پوءِ فرعون پنھنجي لشڪر سميت سندن پوئتان پيو پوءِ سمنڊ مان (پاڻيءَ جو اُھو ڪُنَّ) کين وري ويو جيڪو کين ورڻو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي پاڻ سان وٺي نڪري ويو تڏهن) فرعون پنهنجي لشڪر سان سندس پٺيان پيو، پوءِ پاڻيءَ جو وهڪرو جو انهن تي چڙهي وڃڻو هو سو چڙهي ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ فرعون پنهنجو لشڪر وٺي انهن جي پويان هليو پوءِ انهن کي درياءَ ڍڪي ڇڏيو جيئنڪِ ڍڪڻو هو (اُهي ٻڏي مُئا)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ فرعون پنهنجي لشڪر سان سندن پٺيان پيو. پوءِ ته درياءَ (جي پاڻيءَ جو ريلو) جيئن انهن کي ويڙهي ويو سو ويڙهي ويو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پويان لڳو انهن کي فرعون لشڪرن پنهنجن سان پوءِ ٻوڙيائين انهن کي درياءَ مان انهيءَ جو ٻوڙيائين انهن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ فرعون پنهنجي لشڪرن سان سندن پٺيان پيو. پوءِ انهن کي درياءَ مان اها مصيبت ويڙهي ويئي جنهن کين ويڙهيو (سڀ ٻُڏي مئا) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ فرعون پنهنجي لشڪرن سان سندن پٺيان پيو پوءِ سمنڊ انهن تي ڇانئجي ويو جيئن ڇانئجڻ جو حق آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ فِرعون پِيو تَن پُٺيان، ساڻ سَندسِ لَشڪر، پوءِ ڍَڪيَنِ جنهن ڍَڪيا، بَحر مَنجھا بَرسِر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ فرعون سندس لشڪر وٺي پٺيانئين پيو، پوءِ سمنڊ به کين ڍڪڻ جيئن ڍڪي ڇڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پويان فرعون پنهنجا لشڪر وٺي نڪتو ته مٿن سمنڊ ائين چڙهي ويو جيئن چئجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ سندن پٺيان فرعون پنهنجو لشڪر وٺي پهتو، پوءِ سمنڊ انهن تي ڇائنجي ويو، (ان کي) ڇائنجڻ جو حق هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ فرعون پنھنجو لشڪر وٺي انهن جو پيڇو ڪيو ته سمنڊ پنھنجي اصلي حالت ۾ اچي کين گهيري ۾ ورتو جيئن عام حالت ۾ گهيريندو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَضَلَّ فِرعَونُ قَومَهُ وَما هَدىٰ (آيت : 79) |
۽ فرعون پنھنجي قوم کي گمراھ ڪيو ۽ سڌي رستي نه لاتو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ فرعون پنهنجي قوم کي گمراهه ڪري ڇڏيو. انهن کي سڌي واٽ نه ڏيکاريائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ فرعون پنهنجي قوم کي گمراه ڪيو ۽ انهن کي هدايت نه ڏني(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ فرعون پنهنجي قوم کي گمراھ ڪري ڇڏيو ۽ کين هدايت نه ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ گمراھ ڪيو فرعون قوم پنهنجي کي ۽ نه هدايت ڪيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ فرعون پنهنجي قوم کي گمراهه ڪيو ۽ رستي تي نه لاتو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ فرعون پنهنجي قوم کي گمراهه ئي ڪيو هيو ۽ صحيح رهنمائي نه ڪئي هيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ فِرعون سَندسِ فِرق کي، مُنجھايو مُنڪر، ۽ اُنهن کي تا آخِر، سَنئـِين سُهائـِين ڪا نه ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ فرعون سندس قوم کي گمراهه ڪيو، پر واٽ نه لاتو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ فرعون ته پنهنجي قوم کي گمراهيءَ ۾ وڌو هو، ۽ سڌي رستي تي نه لاتو هئائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ گمراهه ڪيو هو فرعون پنهنجي قوم کي، ڪابه صحيح رهنمائي نه ڪئي هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون ئي پنھنجي قوم کي گمراھيءَ جي رستي تي آندو ۽ هُن ڪڏھن به کين ھدايت وارو رستو نه ٻڌايو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ قَد أَنجَينٰكُم مِن عَدُوِّكُم وَوٰعَدنٰكُم جانِبَ الطّورِ الأَيمَنَ وَنَزَّلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ (آيت : 80) |
اي بني اسرائيلؤ بيشڪ اوھان کي اوھان جي ويريءَ کان بچايوسون ۽ طور (جبل) جي سڄي پاسي کان اوھان کي (توريت ڏئڻ جو) انجام ڪيوسون ۽ مَنّ ۽ سَلوىٰ اوھان تي لاٿاسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي بني اسرائيلؤ! مون اوهان کي اوهان جي دشمن کان ڇڏايو. توهان سان (برڪتن ۽ نعمتن جو) واعدو پورو ڪيم، جو طور جبل جي ساڄي پاسي ڪيو هوم. توهان جي لاءِ (سينا جي رڻ پٽ ۾) من ۽ سلويٰ (شَڪر ۽ تتر پکي) مهيا ڪيم.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي بني اسرائيل (اولاد يعقوب) جا تحقيق اسان توهان کي توهان جي دشمنن کان بچايو ۽ اسان توهان کي طور سينا جي ساڄي پاسي جو وعدو ڏنو ۽ اسان توهان تي من ۽ سلويٰ (آسماني طعام) نازل فرمايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي بني اسرائيلو اسان اوهان کي اوهان جي دشمن (جي چنبي) کان ڇڏيو ۽ (جبل) طور جي سڄي پاسي جو وعدو ڪيو ۽ اسان ئي اوهان تي من ۽ سلوى لاٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي بني اسرائيلو! تحقيق ڇڏايو اسان اوهان کي دشمن اوهان جي کان ۽ وعدو ڏنو اسان اوهان کي سڄي پاسي طور جي ۽ لاٿو اسان اوهان تي من ۽ سلوى .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي بني اسرائيلو! اسان اوهان کي اوهان جي دشمن کان بچايو. ۽ (جبل) طور جي ساڄي پاسي اسان اوهان سان وعدو ڪيو ۽ اسان اوهان تي مَنُ ۽ سلوٰي لاٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي يعقوب جا اولاد بيشڪ اسان اوهان کي اوهان جي دشمن کان نجات ڏني ۽ اسان اوهان سان (جبل) طور جي برڪت واري پاسي (اچڻ جو) وعدو ڪيو ۽ اسان اوهان تي من ۽ سلوى لاٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهان کي اسرائـِيلو!، بيشڪ منجھ بُنياد، اَنهن جي، عَدُو جي آزار کان، اَسان ڪيو آزاد، ۽ ڪيوسون ڪتاب جو، مُقرر مِيعاد، طرف سڄي کان طُور جي، ۽ اُتاريسون اِمداد، خاص اوهان کي کاڌ، مَنْ ۽ سَلوٰى، سال ڪٖي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي بني اسرائيل! بيشڪ اسان اوهان کي اوهان جي دشمن کان ڇڏايو ۽ اوهان کي طور جي سڄي طرف جو وعدو ڏنو ۽ اوهان تي من ۽ سلويٰ لاٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي بني اسرائيل! اسان توهان کي توهان جي دشمن کان ڇڏايو ۽ طور (جبل) جي ساڄي پاسي توهان جي پيش ٿيڻ جو وقت مقرر ڪيو ۽ توهان تي من ۽ سلويٰ لاٿاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي بني اسرائيل! اسان ڇوٽڪارو ڏنو توهان کي توهان جي دشمن کان ۽ توهان جي حاضري جو وقت طُور جي ساڄي پاسي مقرر ڪيو ۽ توهان تي لاٿو مَن ۽ سلويٰ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي بني اسرائيل! اسان توھان کي توھان جي دشمن کان نجات ڏياري. اسان طور جبل جي ساڄي پاسي کان توھان کي (تورات ڏيڻ جو) وعدو ڪيو ۽ توھان جي مٿان مَن ۽ سلوى نازل ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَلا تَطغَوا فيهِ فَيَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبى وَمَن يَحلِل عَلَيهِ غَضَبى فَقَد هَوىٰ (آيت : 81) |
(۽ چيوسون ته) سٺين (شين) مان جيڪا اوھان جي روزي ڪئي سون سا کائو ۽ منجھس نافرماني نه ڪريو نه ته اوھان تي منھنجو ڏمر نازل ٿيندو، ۽ جنھن تي منھنجو ڏمر نازل ٿيو سو بيشڪ اُجڙيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ توهان کي چيم ته) هيءَ جا پاڪ غذا مهيا ڪئي ويئي آهي سا شوق سان کائو، پر ان باري ۾ سرڪشي نه ڪجو. سرڪشي ڪندؤ ته منهنجو غضب نازل ٿيندوَ، ۽ جنهن تي به منهنجو غضب نازل ٿيو سو سمجهو ته تباهه ٿي ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان پاڪ شيون کائو جيڪي اسان توهان کي رزق ڪري ڏنيون آهن ۽ توهان ان ۾ زيادتي نه ڪريو پوءِ توهان تي منهنجو غضب نازل ٿيندو. ۽ جنهن ماڻهوءَ تي منهنجو غضب پهتو پوءِ بيشڪ اهو هلاڪ ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (فرمايو ته) اسان جيڪي پاڪ (شيون) اوهان کي رزق ڪري ڏنيون آهن تن مان کائو (پيئو) ۽ ان ۾ (ڪنهن قسم جي) شرارت نه ڪريو، نه ته اوهان تي منهنجو غضب نازل ٿيندو. (ياد رکو! ته) جنهن تي منهنجو غضب نازل ٿيو ته اهو پڪ گمراھ (برباد) ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) کائو پاڪ غذائون ان مان جو رزق ڏنو سون اوهان کي ۽ نه زيادتي ڪيو ان ۾ پوءِ لهي اوهان تي غضب منهنجو ۽ جيڪو به لهي ٿو ان تي غضب منهنجو پوءِ تحقيق ڪري پيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اسان چيو ته هي) پاڪ شيون (من ۽ سلوٰي) جيڪي اسان اوهان کي رزق ڪري ڏنيون آهن تن مان کائو ۽ ان (رزق) ۾ حد کان نه لنگهو نه ته اوهان تي منهنجو غضب پوندو. ۽ جنهن تي منهنجو غضب پيو، سو برباد ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان پاڪيزه شين مان کائو جي اسان اوهان کي روزي ڪري ڏنيون آهن ۽ ان ۾ سرڪشي نه ڪيو نه ته توهان تي منهنجو غضب پوندو. ۽ جنهن مٿان منهنجو غضب پيو سو واقعي برباد ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪي آن کي ڏِنو سُون، تنهن مَنجھان، کائو خاصو مال، ۽ تنهن ۾ ڪريو ڪانه ڪا، بَڙائـِي بَحال، اَچي پوءِ اوهان مَٿي، مُنهنجو قَهر ڪُلال! ۽ مُنهنجو ڏَمر ڏيھ مان، نازلِ ٿيو جِنهن نال، بيشڪ سو بَطال، حوالي هاوِئَ ٿِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي پاڪ چيزون اوهان کي ڏنيوسون، تن مان کائو ۽ انهن بابت حد کان نه اڪرو، نه ته اوهان تي منهنجو ڏمر پوندو ۽ جنهن تي منهنجو ڏمر پيو، سو بيشڪ برباد ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) کائو اسان جو ڏنل پاڪ رزق ۽ اهو کائي سرڪشي نه ڪريو، نه ته منهنجو غضب توهان تي پئجي ويندو ۽ جنهن تي منهنجو غضب پئجي ويو سو پوءِ برباد ٿيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) کائو اسان جو ڏنل پاڪ رزق ۽ ان کي کائي نه ڪريو سرڪشي، نه ته ٽٽي پوندو توهان تي منهنجو غضب، ۽ جنهن تي به منهنجو ڏمر ٿيو ته پوءِ اهو ڪِريل ئي رهندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان توھان کي جيڪو پاڪ رزق عطا ڪيو آھي ان مان کائو پر ان کي کائي بغاوت نه ڪريو ورنه توھان تي منھنجو عذاب ايندو ۽ جنھن تي منھنجو عذاب ايندو آھي ته اھو تباهه ٿي ويندو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنّى لَغَفّارٌ لِمَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا ثُمَّ اهتَدىٰ (آيت : 82) |
۽ جنھن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا وري سڌو رستو لڌائين تنھن کي بيشڪ آءٌ بخشيندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (مون چيو ته) جيڪو به توبهه ڪندو (۽ سرڪشي ڇڏي مون ڏي موٽندو)، ايمان آڻيندو، ۽ نيڪ عمل ڪندو ۽ سنئين سڌي واٽ وٺندو تنهن لاءِ يقيناً مان وڏو بخشيندڙ آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ آئون گھڻو بخش ڪندڙ آهيان ان ماڻهوءَ کي جيڪو توبه تائب ٿيو ۽ ايمان آندائين ۽ سهڻا عمل ڪيائين ان کان پوءِ (الله تعالى تائين پهچڻ جي کيس) واٽ ملي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص توبه ڪري ۽ ايمان آڻي ۽ سٺا سٺا ڪم ڪري ۽ وري ثابت قدم رهي ته اسين ان کي پڪ بخشڻ وارا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ مان البته بخشڻهار آهيان ان جي لاءِ جو توبہ ڪيائين ۽ ايمان آندائين ۽ ڪيائين نيڪ عمل ان کان پوءِ هدايت وارو ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱو ڪم ڪيو وري رستي تي هليو، تنهن کي بيشڪ آءٌ معاف ڪندڙ آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ آءٌ گهڻو بخشڻهار آهيان ان شخص لاءِ جنهن توبه ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ ڀلا عمل ڪيائين پوءِ هدايت وارو ٿي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آئون اُن لئي آهيان، بيشڪ بخشڻهار، جو موٽيو ۽ مَڃئـِين، پڻ ڪَئـِين چَڱا ڪم ڪار، تهانپوءِ تڪرار، هَليو هِدايت تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آءُ ان شخص کي ضرور بخش ڪندس جنهن توبهه ڪئي، ايمان آندو، چڱا ڪم ڪيا، پوءِ سنئون رستو ورتائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جنهن تائب ٿي توبه ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ نيڪ عمل ڪيائين ۽ سڌو سنئون هليو، ان لاءِ مان ڏاڍو معاف ڪري ڇڏيندڙ آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ آئون گهڻو بخشڻ وارو آهيان ان جي لاءِ جيڪو توبهه ڪري ايمان آڻي ۽ عمل سٺا ڪري پوءِ سِڌو ئي هلندو رهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جنھن توبہ ڪئي، ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪري سڌو رستو اختيار ڪيو، تنھن کي مان بيحد معاف ڪندڙ آھيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَعجَلَكَ عَن قَومِكَ يٰموسىٰ (آيت : 83) |
۽ اي موسىٰ ڪنھن توکي پنھنجي قوم کان (اڳ اچڻ جي) تڪڙ ڪرائي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (جڏهن موسي! طور جبل وٽ حاضر ٿيو تڏهن اسان کانئس پڇيو ته) اي موسيٰ! توکي ڪهڙيءَ ڳالهه اهڙو تڪڙو ڪيو جو پنهنجي قوم کي پٺتي ڇڏي هليو آئين؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي موسيٰ تو پنهنجي قوم سان تڪڙ ڇو ڪئي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (پوءِ جڏهن موسى ستر ماڻهن کي ساڻ ڪري نڪتو ۽ پاڻ اڳ ۾ وڌي آيو ته اسان کيس چيو ته) اي موسى! تو پنهنجي قوم کان اڳي پهچڻ ۾ ڇو تڪڙ ڪئي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪنهن تڪڙو آندو توکي قوم تنهنجيءَ کان اي موسى .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ موسيٰ تو پنهنجي قوم کان (اڳي پهچڻ ۾) ڪهڙي نه تڪڙ ڪئي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اي موسى ڪهڙي شيءِ توکي تنهنجي قوم کان اڳ ئي (طُور تي) وٺي آئي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُوسٰى پَنهنجِي قوم کان، توکي تَڪڙو ڪَيو ڪِنهن ڳالھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (الله چيو) ”اي موسيٰ! توکي پنهنجي قوم کان ڪهڙي ڳالهه تڪڙ ڪرائي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڪهڙيءَ شيءِ توکي پنهنجي قوم کان اڳيئي آڻي ڪڍيو آهي اي موسيٰ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪهڙي شيءِ توکي اڳ ۾ وٺي آئي پنهنجي قوم کان اي موسيٰ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي موسى! توکي پنھنجي قوم کان اڳ (طُور جبل وٽ) پھچڻ جي ڪھڙي جلدي ھئي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ هُم أُولاءِ عَلىٰ أَثَرى وَعَجِلتُ إِلَيكَ رَبِّ لِتَرضىٰ (آيت : 84) |
چيائين ته اُھي منھنجي پوئتان آھن ۽ اي منھنجا پالڻھار توڏانھن ھن لاءِ تڪڙ ڪيم ته راضي ٿئين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ عرض ڪيو ته منهنجا ماڻهو (مون کان پري ڪونهن) منهنجي نقش قدم تي هلندڙ آهن. (هيءَ معنيٰ به ٿي سگهي ٿي ته منهنجي پيروي ڪري رهيا آهن) ۽ اي پروردگار مان تنهنجي حضور ۾ اچڻ لاءِ تڪڙ ڪئي ته تون خوش ٿئين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ عرض ڪيو اهي منهنجي پويان لڳا ۽ اي منهنجا رب آئون تو وٽ تڪڙ ڪري ان لاءِ پهتس ته تون مون کان راضي ٿيءُ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) عرض ڪيائين، اهي به ته منهنجي پويان پويان پيا ٿا اچن ۽ اي منهنجا خدا، مون تو ڏي (اچڻ ۾) هن لاءِ تڪڙ ڪئي ته تون (مون کان) راضي ٿئين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته اهي ئي (پويان) آهن نشانن منهنجن تي ۽ جلدي ڪئي مون توڏانهن اي رب منهنجا تانته تون راضي ٿين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته اهي منهنجي پٺيان آهن، ۽ اي منهنجا پاليندڙ! مون توڏي (اچڻ ۾ ) هن لاءِ تڪڙ ڪئي ته تون راضي ٿئين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) عرض ڪيو: ”اُهي منهنجي پويان اچي رهيا آهن ۽ مون (محبت وچان) تو ڏي اچڻ ۾ جلدي ڪئي اي پالڻهار تان ته تون راضي ٿين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي آهن، مُنهنجي پوئـِتان، چيائين اِهڙِي چال، ۽ توڏي آيسِ تَڪڙو، خاطِر اِن خيال، ته ڀلا ڪرِين ڀال، سانيمِ سَرهو تون ٿِئـِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اهي ته منهنجي پوئتان آهن ۽ يا رب! مون ته توکي راضي ڪرڻ لاءِ تڪڙ ڪئي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) عرض ڪيائين: "بس، هو به منهنجي پويان ئي پيا اچن، مان ڪجهه تڪڙو تڪڙو اچي نڪتو آهيان منهنجا رب، ته جيئن تون خوش ٿئين". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن عرض ڪيو، بس اهي منهنجي پويان اچي ئي رهيا آهن آئون جلدي ۾ تنهنجي حضور ۾پهتو آهيان منهنجا رب، جيئن راضي ٿئين مون کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (موسى $) چيو ته هي ماڻهو منھنجي پويان پويان اچي رھيا آھن، مان ته رڳو تنھنجي رضا جي لاءِ ئي تڪڙ ڪري ورتي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَإِنّا قَد فَتَنّا قَومَكَ مِن بَعدِكَ وَأَضَلَّهُمُ السّامِرِىُّ (آيت : 85) |
(الله) چيو ته اسان تنھنجي پويان تنھنجي قوم کي پرکيو ۽ کين سامريءَ گمراھ ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ فرمايو ته، مان تنهنجي پٺيان تنهنجي قوم جي (استقامت جي) آزمائش ورتي ۽ سامريءَ هنن کي گمراهه ڪري ڇڏيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو پوءِ بيشڪ اسان تنهنجي اچڻ کان پوءِ تنهنجي قوم کي آزمائش ۾ وڌو ۽ انهن کي سامري گمراه ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا فرمايو ته پوءِ پڪ اسان تنهنجي قوم جو تو کان پوءِ امتحان ڪيو ۽ سامريءَ انهن کي گمراھ ڪري ڇڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته پوءِ بلاشڪ اسان تحقيق آزمائش ۾ وڌو قوم تنهنجي کي پڄاڻان تنهنجي ۽ گمراھ ڪيو انهن کي سامريءَ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته پوءِ بيشڪ اسان تنهنجي قوم جو توکان پوءِ امتحان ڪيو ۽ سامريءَ انهن کي گمراهه ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله فرمايو: ”بيشڪ اسان تنهنجي پويان تنهنجي قوم کي آزمائش ۾ وڌو ۽ انهن کي سامري گمراهه ڪيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پَرکيو سون تُنهنجِي، پَهر کي، تو پُڃاڻا پَڪ، ۽ ڀُلايُنِ بيشڪ، سانئـِين ڪَنان، سامِرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) فرمايائين ته ”اسان تنهنجي قوم کي تنهنجي پويان پرک ۾ وڌو آهي ۽ انهن کي سامريءَ گمراهه ڪيو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين: "چڱو ٻڌ، اسان تنهنجي پويان تنهنجي قوم کي آزمائش ۾ وڌو ۽ سامريءَ انهن کي گمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏيو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرمايو، چڱو ٻڌ، اسان آزمائش ۾ وڌو تنهنجي قوم کي تنهنجي پٺيان ۽ کين گمراهه ڪري ڇڏيو سامري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى فرمايو ته اسان توکان پوءِ تنھنجي قوم کي ته آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو آھي. ۽ سامريءَ (نالي ماڻهوءَ) کين گمراھيءَ ۾ وڌو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَرَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ يٰقَومِ أَلَم يَعِدكُم رَبُّكُم وَعدًا حَسَنًا أَفَطالَ عَلَيكُمُ العَهدُ أَم أَرَدتُم أَن يَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبٌ مِن رَبِّكُم فَأَخلَفتُم مَوعِدى (آيت : 86) |
پوءِ مُوسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڪاوڙجي ارمان ۾ موٽيو، چيائين ته اي منھنجي قوم اوھان جي پالڻھار اوھان کي چڱو انجام نه ڏنو ھو ڇا؟ پوءِ اوھان تي مُدو ڊگھو ٿي پيو ڇا يا پنھنجي پالڻھار جو ڏمر پاڻ تي نازل ٿيڻ گھريوَ؟ تنھنڪري منھنجي انجام جي ابتڙائي ڪيوَ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو حضرت موسيٰ غصي ۽ ڏک ۾ ڀرجي پنهنجي قوم جي ماڻهن ڏي موٽيو. هن چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو (هي توهان ڇا ڪيو) توهان سان توهان جي پروردگار هڪ وڏي ڀلائي جو واعدو نه ڪيو هو ڇا؟ پوءِ ائين ٿيو ڇا ته، اوهان لاءِ وڏي مدت گذري ويئي (۽ اوهان کان اها ڳالهه وسري ويئي؟) يا توهان هي ڳالهه چاهي ڇا ته توهان جي پروردگار جو غضب توهان تي نازل ٿئي، ۽ انهيءَ ڪري اوهان مون سان ٺهرايل ڳالهه (يا واعدو) ٽوڙي ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ موسيٰ ڪاوڙ ۽ افسوس ۾ پنهنجي قوم ڏانهن موٽيو، چيائين اي منهنجي قوم ڇا توهان کي توهان جي رب سهڻو وعدو نه ڏنو هو؟ ڇا پوءِ توهان تي گھڻو زمانو گذريو؟ يا توهان گھريو ته توهان تي توهان جي رب جو غضب نازل ٿئي، پوءِ توهان منهنجي ڪيل وعدي جي مخالفت ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (ته موسى ڪاوڙ ۾ ڀرجي افسوس پڇتائيندو پنهنجي قوم ڏي موٽيو ۽ (اچي کين) چوڻ لڳو، اي منهنجي (بدبخت) قوم! ڇا اوهان سان اوهان جي پروردگار هڪ چڱو وعدو (توريت ڏيڻ جو) نه ڪيو هو؟ ڇا پوءِ اوهان سان وعدي ۾ ڊگهو عرصو لڳو يا اوهان گهريو ته اوهان تي اوهان جي پالڻهار جي طرفان غضب پوي، اوهان مون سا ڪيل وعدي (خدا جي عبادت ڪرڻ) جي ابتڙ ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ موٽيو موسى طرف قوم پنهنجي ڪاوڙيل افسوس ڪندڙ چيائين ته اي منهنجي قوم! ڇا نه وعدو ڏنو اوهان کي رب اوهان جي وعدو سهڻو ڇا پوءِ ڊگهي ٿي اوهان تي مدت يا ارادو ڪيو اوهان ته لهي اوهان تي ڪاوڙ طرفان رب اوهان جي پوءِ خلاف ورزي ڪئي اوهان وعدي منهنجي جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ موسيٰ پنهنجي قوم ڏي ڪاوڙجي غمگين ٿي موٽيو. چيائين ته اي منهنجي قوم! ڇا منهنجي پاليندڙ اوهان سان چڱو واعدو نه ڪيو هو؟ ڇا پوءِ اوهان تي زمانو ڊگهو ٿي پيو. يا اوهان گهريو ته اوهان تي اوهان جي پاليندڙ جي طرفان غضب پوي، پوءِ مون سان ڪيل وعدي جي ابتڙ ڪيوَ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ موسى پنهنجي قوم ڏانهن ڏاڍو ڏمرجي (۽) ڏکارو بنجي موٽيو. چيائين: ”اي منهنجي قوم! ڇا اوهان سان اوهان جي پالڻهار هڪ سهڻو وعدو نه ڪيو هيو؟ ڇا توهان تي (عهد پوري ٿيڻ ۾) وڏو عرصو گذري ويو؟ يا اوهان چاهيو ته اوهان مٿان اوهان جي پالڻهار پاران ڏمر پوي؟ جو اوهان مون سان وعدي خلافي ڪئي“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪاوِڙيل پَنهنجِي قوم ڏي، موٽيو مُوسٰى ڄام، ۽ اوسِيڙي، اَرمان ۾، وَراڻيو وَريام، چي، قوم! ڪِ سُهڻو ٻول نَه ڏِنان اَهنجي رَبَّ، عَلام؟ پوءِ اِنگھِي پِيو اَوهان تي؟ يا گُھريان خُود گگدام! ته ڏَمر اَهنجي ڏاتار جو، لَهي اَوهان تي عام؟، پوءِ، اِنهئَ لاءِ اَنجام، مَتان مُون سان ٽوڙيان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي تي موسيٰ سندس قوم ڏي ڪاوڙ ۽ ارمان ۾ ڀرجي موٽيو. چيائين ”اي قوم! اوهان کي اوهان جي رب سهڻو وعدو نه ڏنو هو ڇا؟ پوءِ اوهان تي اهو وعدو ڪو انگهيو هو ڇا؟ يا توهان کي پاڻ تي پنهنجي رب جو غضب آڻڻو هو، جو اوهان مون سان ڪيل وعدي جي ابتڙ ڪيو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ سخت ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ ڀرجي پنهنجي قوم ڏانهن موٽيو. اچي چيائين: "اي منهنجي قوم وارؤ! ڇا توهان جي رب توهان سان ڀلا وعدا نه ڪيا هئا؟ ڇا توهان کي ڪي گهڻا ڏينهن ٿيا آهن؟ يا توهان پنهنجي رب جو غضب ئي پنهنجي مٿان وجهائڻ ٿي گهريو، جو مون سان ڪيل وعدي کان ڦريا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ موٽيو موسيٰ پنهنجي قوم ڏانهن سخت ڪاوڙ ۽ ڏک ۾، کين چيو، اي منهنجي قوم! ڇا وعدا نه ڪيا هئا توهان سان توهان جي رب سهڻا؟ ڇا توهان کي ڏينهن لڳي ويا آهن يا توهان پنهنجي مٿان چاهيو ٿي ڏمر آڻڻ پنهنجي رب جو، ته توهان مون سان وعدي خلافي ڪئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ موسى ($) پنھنجي قوم ڏانھن ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ واپس موٽيو. پنھنجي قوم کي چيائين ته ڇا توھان سان توھان جي پالڻھار سٺا وعدا نه ڪيا ھئا؟ ڇا وعدو پورو ٿيڻ ۾ گهڻي دير ٿي وئي؟ يا توھان کي پنھنجي پالڻھار جي عذاب جي جلدي ھئي؟ جنھن ڪري توھان مون سان ڪيل وعدي جي خلاف ورزي ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا ما أَخلَفنا مَوعِدَكَ بِمَلكِنا وَلٰكِنّا حُمِّلنا أَوزارًا مِن زينَةِ القَومِ فَقَذَفنٰها فَكَذٰلِكَ أَلقَى السّامِرِىُّ (آيت : 87) |
چيائون ته پنھنجي وس کان تنھنجي انجام جي برخلافي نه ڪئي سون پر (فرعون جي) قوم جي زيورن مان بار کڻايا وياسون پوءِ اُھي (باھ ۾) وڌاسون پوءِ اھڙي طرح سامري وڌا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن چيو ته، اسان پاڻ پنهنجي خواهشن سان عهد ڪونه ٽوڙيو. پر (ڇا ٿيو جو) ماڻهن جي زيب ۽ زينت جي زيورن ۽ سامان جو بار اسان تي گهڻو پئجي ويو هو. اهي اسان اڇلائي ڇڏيا. (بس اسان جو قصور ته فقط ايترو آهي) (هتي ماڻهن جي ڳالهه ختم ٿي. پوءِ الله تعاليٰ سندن قصو هن طرح ٻڌائي ٿو ته) اهڙيءَ طرح (جڏهن زيورن جو سون گڏ ٿي ويو تڏهن) سامريءَ ان کي (باهه ۾) وڌو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو اسان پنهنجي اختيار سان تنهنجي وعدي جي خلاف ورزي نه ڪئي آهي پر اسان تي فرعون جي قوم جي زيورن جو بار پيو پوءِ اسان زيورن کي (باه ۾) اڇلايو پوءِ اهڙي طرح سامري به زيور اڇلايا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيو ته اسان پنهنجي اختيار سان تو سان ڪيل وعدي جي ابتڙ نه ڪيو آهي پر (ڳالھ هئين آهي ته فرعون جي) قوم جي زيورن جا ڳرا بار جي (مصر مان نڪرڻ وقت) هئا تن کي اسان (سامري جي چوڻ تي باھ ۾ اڇلايو پوءِ اهڙيءَ طرح سامريءَ وڌو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته نه مخالفت ڪئي اسان وعدي تنهنجي جي مرضيءَ پنهنجي سان ۽ پر اسان کڻايا وياسون ڳرا بار سينگار قوم جي مان پوءِ اڇلائي وڌو سون ان کي پوءِ اهڙي طرح اڇلايو سامري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته اسان پنهنجي اختيار سان توسان ڪيل وعدي جي ابتڙ نه ڪيو پر اسان تي (فرعون جي) قوم جي زيورن جا ڳرا بار هئا پوءِ اسان انهن کي اڇلايو پوءِ اهڙي طرح سامري (به انهن کي باهه ۾ ) وڌو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اسان پنهنجي اختيار سان توسان وعدي خلافي ڪونه ڪئي آهي ۽ پر قوم جي زيورن جا ڳرا بار اسان تي وڌا ويا هئا سو اسان انهن کي (باهه ۾) اڇلايو پوءِ سامري به اهڙي طرح اڇلايو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ٽاڻو نه ٽوڙيو، توسان اَسان، پَنهنجي اِختيار، پر ٽولِي جا ٽول اَسان تي، بَرسِر رَکيا وِيا بار، اَسان سَٽيو اُنهن کي، پڻ سامِرِي سِينگار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اسان پنهنجي مرضيءَ سان تنهنجو وعدو نه ڦٽايو، پر اسان جيڪي (مخالف) قوم جا زيور کنيا هئا، سي باهه ۾ وڌاسون ۽ اهڙيءَ طرح سامريءَ به وڌا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جواب ڏنائون: "اسان توسان پاڻمرادو وعدي خلافي نه ڪئي آهي، پر اصل ڳالهه هيءَ آهي ته ماڻهن جي زيورن جي بار کان وٺجي ويا هئاسون، سو کڻي انهن کي ڦٽو ڪيوسون". پوءِ وري ائين ئي سامريءَ به کڻي ڪجهه وڌو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جواب ڏنو، اسان ڪابه وعدي خلافي نه ڪئي آهي پنهنجي وس سان، معاملو هي آهي ته اسان ماڻهو زيورن جي بار سان سٿيل هئاسين، اسان ته اهي اڇلائي ڇڏيا، اهڙيءَ طرح سامري به ڪجهه وڌو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن چيو ته: (سائين!) اسان توھان سان ڄاڻي واڻي ڪيل وعدي جي خلاف ورزي نه ڪئي آھي پر اسان پنھنجي قومي تھذيب مطابق جيڪي زيور پاتا ھئا ، سي سفر ۾ ھلي ھلي بار ٿي پيا ھئا، تن کي اسان لاھي ڇڏيو. (ان کان پوءِ ) باقي ڪم سامريءَ ڪيو آھي (اسان جو ان سان ڪوبه واسطو نه آھي)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَخرَجَ لَهُم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ فَقالوا هٰذا إِلٰهُكُم وَإِلٰهُ موسىٰ فَنَسِىَ (آيت : 88) |
پوءِ انھن لاءِ گابي جو بوتو ڪڍيائين جنھن کي رنڀ ھئي پوءِ چيائون ته ھيءُ اوھان جو معبود ۽ موسىٰ جو معبود آھي، ۽ (مُوسى) ڀلجي ويو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هن ماڻهن لاءِ هڪ (سونو) گابو (ٺاهي) ڪڍي آندو. خالي بي جان جسم هو جنهن مان ڳئون جي رنڀ جهڙو آواز ٿي نڪتو. ماڻهن (اها حالت ڏسي) چئي ڏنو ته، اهو آهي اسان جو معبود ۽ موسيٰ جو به. پر حضرت موسيٰ ان کي وساري ڇڏيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ سامري انهن لاءِ هڪ بي جان گابو تيار ڪيو جنهنکي جسم هو ۽ اهو رنڀندو هو، پوءِ سامري ۽ سندس تابعدارن چيو هي توهان جو ۽ موسيٰ جو معبود آهي، پوءِ موسيٰ کي ويسر ٿي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ انهن لاءِ (انهن زيورن مان سامريءَ هڪ رنڀ ڪندڙ گابي جهڙي مورت بنائي. جنهن جو آواز گابي جهڙو هو تڏهن ڪن ماڻهن چيو ته هي اوهان جو (به) معبود آهي ۽ موسى جو معبود آهي پر هو ڀلجي ويو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪڍيائين انهن لاءِ گابي جي شڪل تي بت جو ان جو آواز آهي پوءِ چيائون هي معبود اوهان جو آهي ۽ معبود موسى جو پوءِ وساريائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن لاءِ سامريءَ هڪ رنڀ ڪندڙ گابي جهڙو ڌڙ ڪڍيو. پوءِ انهن چيو ته هيءَ اوهان جو معبود ۽ موسيٰ جو معبود آهي، سو موسيٰ ڀلجي ويو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان (سامري) انهن لاءِ (زيورن مان) هڪ گابي جي مُورت ڪڍي آندي جنهن مان رنڀڻ جو آواز نڪرندڙ هيو پوءِ چيائون: ”هي اوهان جو معبود ۽ موسى جو معبود آهي پوءِ اُهو (موسى) وساري ويو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ تِنهن مان ڪڍيو تن لئي، گابو ڪو گِينوار، پوءِ جُڙِي جُسو بيجان، ڪو تَهدِل ٿيو تيار، هو تِنهِين هارِ، رينگٽ ڪو، رَنڀ جِھڙو. پوءِ چيائـِين،ته مُوسٰى ۽ پَنهنجو، سائـِين هِي صَحِي، پوءِ مَٿي ڪَوہ ڪَهِي، وِيو ڀَليرو، ڀُل ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهن لاءِ رنڀندڙ جسم وارو گابو بڻائي وڌائين ۽ چيائين ته اهو اوهان ۽ موسيٰ جو ڌڻي آهي، جنهن کي وساري ويو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن لاءِ گابي جي شڪل وارو بوتو ٺاهي ڪڍي آيو، جنهن مان رنڀ جو آواز پئي نڪتو. ماڻهن وٺي چيو: "اهو اٿوَ توهان جو ۽ موسيٰ جو معبود جنهن کي موسيٰ وساري ڇڏيو هو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هو انهن جي لاءِ هڪ گابي جي صورت ڪڍي، جنهن منجهان ڏاند جي رنڀ جو آواز نڪتو، ماڻهن چيو، اهو ئي آهي توهان جو خدا۽ خدا موسيٰ جو به، موسيٰ ان کي وساري ويٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ سامريءَ انهن لاءِ گابي جو مجسمو ٺاھيو، جنھن مان رنڀڻ جو آواز پئي نڪتو. ماڻهن (عجيب، غريب شيءِ) ڏسي چيو ته توھان جو ۽ موسى جو اصل معبود ته ھي آھي. ھي اصل معبود ته موسى هتي وساري ويو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَلا يَرَونَ أَلّا يَرجِعُ إِلَيهِم قَولًا وَلا يَملِكُ لَهُم ضَرًّا وَلا نَفعًا (آيت : 89) |
نه ٿي ڏٺائون ڇا ته (اُھو) اُنھن کي ورندي ورائي نٿو ڏئي، ۽ کين نڪي ڏُک ۽ نڪي سُک ڏئي سگھي ٿو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (افسوس سندن عقل تي) هنن کي اها (سولي) ڳالهه به ڏسڻ (۽ سمجهڻ) ۾ نه آئي ته گابو (آواز ته ڪڍي ٿو پر) هنن جي ڳالهه جو جواب ڏئي نٿو سگهي. نڪي کين اهو ڪو فائدو پهچائي ٿو سگهي، نڪي ڪو نقصان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اهي نٿا ڏسن ته اهو انهن کي سوال جو جواب نٿو ڏئي، ۽ انهن لاءِ نفعي نقصان جو مالڪ نٿو ٿئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا پوءِ نٿا ڏسن ته اهو انهن کي ڪنهن به ڳالھ جو ڪو جواب نٿو ڏئي. ۽ انهن کي نقصان پهچائڻ ۽ نه ڪنهن فائدي پهچائڻ جو اختيار رکي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ نه ٿا ڏسن ته نه ٿو موٽائي انهن ڏانهن جواب ۽ نه ٿو مالڪ ٿئي انهن جي لاءِ نقصان جو ۽ نه نفعي جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ نٿا ڏسن ته اهو انهن کي (ڪنهن ڳالهه جو به) ڪو جواب نه ٿو ڏي. ۽ نه انهن کي نقصان پهچائڻ ۽ نه ڪنهن فائدي پهچائڻ جو اختيار رکي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اهو به نه پئي ڏٺائون ته اُهو (گابو) کين ڪنهن ڳالهه جو ڪو جواب نه ٿو ڏئي ۽ نه انهن کي نقصان پهچائڻ ۽ نه نفعي پهچائڻ جو اختيار رکي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇو نَه ڪيائون غَور، ته وَرِي، نَه وراڻِي ڏينِ ڪا، ۽ تَن کي ڪِنهن طَور، ڏيئي نَه، نَفعو، ۽ نُقصان ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن اهو نه ڏٺو؟ ته هو نڪا کين ڳالهه جي ورندي ٿو ڏئي، نڪي سندس نقصان ۽ فائدي جو اختيار ٿو رکي!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا نه پئي ڏٺائون ته اهو نڪي ٿو سندن ڪنهن ڳالهه جي ڪا ورندي ڏئي ۽ نه وري سندن ڪنهن نفعي يا نقصان جي ئي ڪا طاقت اٿس؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇا اهي ڏسندا نه هئا ته، نه اهو سندن ڳالهه جو جواب ٿو ڏئي ۽ نه وري سندن ڪنهن به نفعي يا نقصان جو ڪو اختيار ٿو رکي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا ھي ماڻهو ايترو به نه پيا ڏسن ته گابو ڳالهائي به نٿو سگهي ۽ نه ئي کيس ڪنھن کي نفعي يا نقصان پھچائڻ جي طاقت آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد قالَ لَهُم هٰرونُ مِن قَبلُ يٰقَومِ إِنَّما فُتِنتُم بِهِ وَإِنَّ رَبَّكُمُ الرَّحمٰنُ فَاتَّبِعونى وَأَطيعوا أَمرى (آيت : 90) |
۽ بيشڪ ھارُون پھريون ئي کين چيو ھو ته اي منھنجي قوم اوھين اُن (گابي) سان پرکيا ويا آھيو، بيشڪ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو (الله) آھي تنھنڪري منھنجي تابعداري ڪريو ۽ منھنجو حُڪم مڃيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ حضرت هارون ان کان اڳي ئي (هنن گابي جي پوڄا ڪندڙن کي صاف صاف) چيو هو ته، اي منهنجا ڀائرؤ! هي فقط توهان جي (استقامت جي) آزمائش ٿي رهي آهي. توهان جو پروردگار ته رحمان خدا آهي. سو منهنجي پيروي ڪيو ۽ منهنجي چوڻ کان ٻاهر نه وڃو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ هارون انهن کي (موسيٰ جي موٽڻ کان) اڳ ۾ چيو ته اي منهنجي قوم توهان کي آزمايو وڃي ٿو، ۽ بيشڪ توهان جو رب رحمان آهي پوءِ توهان منهنجي تابعداري ڪريو ۽ منهنجي حڪم جي اطاعت ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هارون کين هن کان اڳ چيو به هو ته اي منهنجي قوم! توهان جو رڳو گابي سان امتحان ورتو ويو آهي. ۽ بيشڪ اوهان جو پالڻهار وڏو مهربان (الله) آهي. ته اوهين منهنجي تابعداري ڪريو ۽ منهنجو حڪم مڃيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق چيو انهن کي هارون اڳ ۾ اي منهنجي قوم! صرف فتني ۾ وڌا ويئو اوهان ان سان ۽ بيشڪ رب اوهان جو رحمٰن آهي پوءِ تابع ٿيو منهنجا ۽ اطاعت ڪيو امر منهنجي جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ هارون انهن کي هن کان اڳ چيو ته اي منهنجي قوم! اوهان جو رڳو گابي سان امتحان ڪيو ويو آهي. ۽ بيشڪ اوهان جو پاليندڙ وڏو مهربان (الله) آهي، پوءِ منهنجي تابعداري ڪريو ۽ منهنجو حڪم مڃيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ انهن کي هارون (موسيٰ جي اچڻ کان) اڳ چيو هيو ته: ”اي منهنجي قوم! توهان ان جي ذريعي صرف آزمائش ۾ وڌا ويا آهيو ۽ بيشڪ توهان جو پالڻهار وڏو مهربان (الله) آهي پوءِ منهنجي پيروي ڪيو ۽ منهنجي حڪم جي فرمانبرداري ڪيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هرگز اَ ڳي هارون، تَن چيو اِهڙِي چال، ته ڦاٿا عزِيزو! آهِيو، فِتنِي ۾ فِى الحال، ۽ اَلله آگو اَهنجو، بيشڪ بي مِثال، پوءِ لَڙھ لڳو مِ لال!، ۽ مَڃيو مُنهنجِي ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هارون کين اڳ ۾ چيو هو ته ”اي قوم! اوهان کي رڳو انهي سان پرکجي ٿو ۽ بيشڪ اوهان جو ڌڻي الله آهي، ان ڪري منهنجي تابعداري ڪريو ۽ منهنجو چيو مڃيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هارون (موسيٰ جي اچڻ کان) اڳيئي کين چئي چڪو هو ته "منهنجي قوم وارؤ! توهان هن جي ڪري ته فتني ۾ پئجي ويا آهيو، توهان جو رب ته رحمان آهي، تنهنڪري توهان منهنجي پيروي ڪريو ۽ منهنجي ڳالهه مڃو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ چيو هو انهن کي هارون (موسيٰ جي اچڻ کان) اڳ، اي منهنجي قوم! (ان گابي جي ڪري) فتني ۾ پئجي ويا آهيو ۽ بيشڪ توهان جو رب ته رحمٰن آهي، سو توهان منهنجي پيروي ڪريو ۽ منهنجي ڳالهه مڃو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھارون ( $ ) ته ھن کان اڳ کين گهڻو ئي سمجهائي چڪو ھو ته اي منھنجي قوم! بيشڪ توھان ھن گابي جي ذريعي هڪ وڏي آزمائش ۾ ڦاسي چڪا آھيو. بيشڪ توھان جو اصل پالڻھار ته اللھ تعالى آھي، تنھن ڪري منھنجي پيروي ڪريو ۽ منھنجي ڳالھ مڃو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا لَن نَبرَحَ عَلَيهِ عٰكِفينَ حَتّىٰ يَرجِعَ إِلَينا موسىٰ (آيت : 91) |
چيائون ته (اسين ايسين) مٿس مجاور رھنداسون جيسين مُوسىٰ اسان ڏانھن موٽي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن جواب ڏنو ته، جيستائين حضرت موسيٰ موٽي نه اچي تيستائين اسان ان (گابي) جي پوڄا تي ڄميا رهنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو ته اسين هميشه (گابي جي) پوڄا تي قائم رهنداسين ايستائين جو موسيٰ اسان ڏانهن واپس اچي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيو ته اسين ان جي پوڄا تي ڄميا رهنداسون جيستائين اسان وٽ موسى موٽي اچي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته هميشہ رهنداسون ان تي مجاور ٿي تانجو موٽي اسان ڏانهن موسى .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته اسين ان تي ڄميا رهنداسون جيستائين اسان وٽ موسيٰ موٽي اچي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اسان ان تي (مُجاور بڻجي) ڄميا ويٺا رهنداسين جيستائين اسان ڏانهن موسى موٽي اچي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَسِين آهيون هِن تي، مُجاوِر مُدام، تان موٽي مُوسٰى ڄام، ۽ اَچي اَسان جي پار ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اسين ته هن تي تيسين مجاور رهنداسون جيسين اسان وٽ موسيٰ موٽي اچي“ (_) موسيٰ چيو ته ”اي هارون! تو جڏهن هنن کي گمراهه ٿيندي ڏٺو ته، تڏهن منهنجي پٺيان لڳڻ کان ڪهڙيءَ ڳالهه روڪيئي؟ ڇا تو منهنجي چوڻ جي ابتڙ ڪيو؟“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر انهن کيس چئي ڇڏيو ته "اسان ته ان سان ڳنڍجڻ کان تيستائين بس ڪري نه ويهنداسون جيستائين موسيٰ اسان وٽ موٽي نه اچي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر انهن چيو، اسان ته ان جي پوڄا ڪنداسين جيتر موٽي نه اچي اسان وٽ موسيٰ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن چيو ته اسان موسى جي اچڻ تائين ته ھن گابي جي پوڄا تان ھٿ نه کڻنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ يٰهٰرونُ ما مَنَعَكَ إِذ رَأَيتَهُم ضَلّوا (آيت : 92) |
(مُوسىٰ اچي) چيو ته اي ھارون توکي ڪنھن جھليو جڏھن کين گمراھ ٿيندو ڏٺئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ (موٽي اچڻ تي) چيو ته اي هارون جڏهن تو ڏٺو ته هي ماڻهو گمراهه ٿي ويا آهن، تڏهن ڪهڙي ڳالهه ٿي جو تو کين نه روڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ چيو اي هارون توکي ڪهڙي ڳالهه منع ڪيو جڏهن تو ڏٺو پئي ته اهي گمراه ٿي رهيا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (موسى، هارون کي) چيو اي هارون تو جڏهن هنن کي ڏٺو هو ته گمراھ ٿي پيا آهن، ته تو کي ڪنهن روڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته: اي هارون ڪنهن روڪيو توکي جڏهن ڏٺو ته انهن کي ته گمراھ ٿيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته اي هارون! توکي ڪهڙيءَ ڳالهه روڪيو جڏهن تو انهن کي گمراهه ٿيندو ڏٺو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”اي هارون تو کي ڪهڙي ڳالهه روڪيو جڏهن تو انهن کي ڏٺو ته گمراهه ٿي رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هارُون! ڏِٺئـِي جِنهن حال، ته هُو وِرسيا واٽ کان، توکي ڪِنهن جَھليوو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (موسيٰ چيو) ته ”اي هارون! تو جڏهن هنن کي گمراهه ٿيندي ڏٺو (ته، تڏهن) (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ (قوم کي ڇنڊ ڪڍڻ کان پوءِ هارون ڏانهن مڙيو ۽) چوڻ لڳس: "هارون، تو جڏهن ڏٺو ته گمراهه ٿا ٿين ته توکي ڪنهن جهليو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ (قوم کي ڇينڀڻ کان پوءِ هارون کي چيو) اي هارون! تو کين منع ڇو نه ڪيو جڏهن ڏٺو ته اهي گمراهه پيا ٿين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ھاڻي موسى $ ) چيو ته اي ھارون! جڏھن تون پنھنجي اکين سان کين گمراهه ٿيندي ڏٺو پئي ته توکي ڪھڙي شيءِ انهن کي روڪڻ کان منع ڪيو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلّا تَتَّبِعَنِ أَفَعَصَيتَ أَمرى (آيت : 93) |
ته منھنجي پٺيان نه لڳين، منھنجي حُڪم جي نافرماني ڪيئي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڳالهه کان جو منهنجي پيروي ڦٽي ڪيائون؟ توکي اها ڳالهه وڻي ڇا ته منهنجي حڪم کان ٻاهر وڃين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته تون منهنجي پويان اچين ها، ڇا پوءِ تو منهنجو حڪم نه مڃو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) منهنجي پيروي (جهاد) ڪرڻ کان. ته ڇا تو منهنجي حڪم جي نافرماني ڪئي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته منهنجي پٺيان نه لڳين ڇا پوءِ بي فرماني ڪيئي امر منهنجي جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو تو منهنجي تابعداري نه ڪئي ڇا پوءِ تو (ڄاڻي ٻجهي) منهنجي حڪم جي نافرماني ڪئي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جو تو منهنجي تابعداري نه ڪئي؟ ڇا تو منهنجي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته نه چَلئـِين مُنهنجِي چال، ڇا تون نيڪ نهال!، ڦِرئـِين سَندمِ فرمان کان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منهنجي پٺيان لڳڻ کان ڪهڙيءَ ڳالهه روڪيئي؟ ڇا تو منهنجي چوڻ جي ابتڙ ڪيو؟“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته منهنجي طريقي تي عمل نه ڪر؟ ڇا تون منهنجي حڪم جي به ابتڙ ڪيو؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪهڙي شيءِ تنهنجو هٿ جهليو، ڇا تو منهنجي حڪم کي پُٺ ڏني؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون منھنجي پويان ڇونه ھليو آئين؟ ڇا تو (ڄاڻي واڻي) منھنجي حڪم جي نافرماني ڪئي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ يَبنَؤُمَّ لا تَأخُذ بِلِحيَتى وَلا بِرَأسى إِنّى خَشيتُ أَن تَقولَ فَرَّقتَ بَينَ بَنى إِسرٰءيلَ وَلَم تَرقُب قَولى (آيت : 94) |
(ھارون) چيو ته اي ادا نڪي مون کي ڏاڙھيءَ کان وٺ ۽ نڪي منھنجي مٿي کان، آءٌ (ھن ڳالھ کان) ڊنس ته متان چوين ته يعقوب جي اولاد جي وچ ۾ جدائي وڌءِ ۽ منھنجي چوڻ جو انتظار نه ڪيئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هارون چيو ته، اي منهنجا پيارا ڀاءُ! منهنجي ڏاڙهي ۽ مٿي جي وارن کي نه ڇڪ، (مان هنن سان سختي فقط هن ڪري نه ڪئي جو) مان ڊنس ته متان تون چوين ته تو بني اسرائيلن ۾ تفرقو (جدائي) وجهي ڇڏي ۽ منهنجي حڪم لاءِ نه ترسئين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هارون چيو اي منهنجا سڳا ڀاءُ تون منهنجي ڏاڙهي مان ۽ مٿي مان نه وٺ، بيشڪ مون کي خوف ٿيو ته (متان) تون مون کي چوين ته تو بني اسرائيل ۾ تفرقو وڌو آهي ۽ تو منهنجي ڳالهه جو انتظار نه ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هارون چيو به ته او منهنجي ماءُ ڄايا ڀاءُ! منهنجي ڏاڙهيءَ کي نه جهل ۽ نه منهنجي مٿي (جي وارن) کي. آءُ (هن ڳالھ کان) ڊنس ته متان تون چوين ته تو بني اسرائيلن ۾ ڦوٽ وڌي ۽ منهنجي ڳالھ جو ڪو خيال نه رکيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اي پٽ ماءُ منهنجي جا! نه وٺ تون ڏاڙهيءَ منهنجي مان ۽ نه مٿي (جي وارن) منهنجي کي بلاشڪ مون ڊپ ڪيو مون هيءُ ته چوين تون ته جدائي وڌي تو بني اسرائيل ۾ ۽ نه انتظار ڪيو تو فيصلي منهنجي جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هارون چيو ته منهنجي ماءُ جا پٽ! منهنجي ڏاڙهيءَ کي نه جهل ۽ نه منهنجي مٿي (جي وارن) کي. بيشڪ آءُ ڊنس ته متان تون چوين ته تو بني اسرائيلن ۾ جدائي وڌي ۽ منهنجي ڳالهه کي تو ياد نه رکيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (هارون) چيو: ”اي منهنجي ماءُ جا پُٽ! تون منهنجي ڏاڙهي نه پڪڙ ۽ نه منهنجي مٿي (جي وارن) کي پڪڙ. بلاشڪ مون کي خدشو ٿي پيو ته متان تون (اچي) چوين ته تو بني اسرائيل جي وچ ۾ فرقه بندي ڪئي ۽ تو منهنجي ڳالهه جي نگهداشت نه ڪئي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، نه پَڪڙِينمِ مادرِي!، ڏاڙِهي ۽ مَٿي جا وار، آئون ڊِنسِ اِن ڳالھ کان، ته ٻولئـِين تون ٻِيهار، ته اِسرائـِيل جي اولاد کي، ڇو ڇِنِي ڪَئـِي ڌار؟ ۽ نه ڪَڍيئـِي اِنتظار، مِيان! مُنهنجِي ڳالھ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”منهنجا مائتا ڀاءُ! نڪي مون کي ڏاڙهيءَ کان وٺ، نڪي مٿي کان، آءُ ڊنس ته متان تون چوين ته بني اسرائيل ۾ ڦوٽ وڌيئه ۽ منهنجي ڳالهه جو خيال نه ڪيئه.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هارون وراڻي ڏنس: "اي امڙ جا پٽ، منهنجي ڏاڙهيءَ کان نه وٺ ۽ مٿي جا وار نه پٽ، مونکي اهو ڀؤ هو ته تون نه اچي چوين ته تو بني اسرائيل ۾ ڏڦيڙ وجهي ڇڏيو ۽ منهنجي چوڻ جو به خيال نه ڪيئي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هارون چيو، اي منهنجي امڙ جا پٽ! نه جهل منهنجي ڏاڙهي ۽ نه منهنجي مٿي جا وار پَٽ، مون کي خوف هو ان ڳالهه جو ته تون اچي چوندين ته تو ڦوٽ وجهي ڇڏي بني اسرائيل ۾، ۽ ڪوبه تو لحاظ نه ڪيو منهنجي ڳالهه جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ھارون $ ) چيو ته اي منھنجا ڀاءُ! منھنجي بيعزتي نه ڪر ۽ نه ئي منھنجي مٿي جي وارن کي ڇڪ. مون کي ته خود اھو ڀؤ ھو ته تون مون کي ئي چوندين ته توئي بني اسرائيل جي وچ ۾ ڦيٽارو وڌو آھي ۽ منھنجي ڳالھ جو لحاظ نه رکيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَما خَطبُكَ يٰسٰمِرِىُّ (آيت : 95) |
(موسى) چيو ته اي سامري تنھنجو ڇا حال آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تڏهن حضرت موسيٰ (سامريءَ کي) چيو ته، اي سامري هي تنهنجو ڪهڙو حال ٿيو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ چيو اي سامري تو اهو ڪم ڪيئن ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تڏهن سامريءَ کي) فرمايائين ته او سامري! تنهنجو مطلب ڇا آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين پوءِ ڪهڙو آهي بيان تنهنجو اي سامري! .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته پوءِ اي سامري تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”اي سامري (ٻڌاءِ) تنهنجو معاملو ڇا آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، تُنهنجِي ڪِهڙِي ڳالھ، صَحِي سڻايمِ سامِرِي! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”سامري! توکي ڇا چوڻو آهي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چيو: "۽ سامري تنهنجو ڇا معاملو آهي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ چيو، تنهنجو ڇا معاملو آهي اي سامري؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (موسى $) چيو ته اي سامري! تنھنجو ڪهڙو مقصد ھو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ بَصُرتُ بِما لَم يَبصُروا بِهِ فَقَبَضتُ قَبضَةً مِن أَثَرِ الرَّسولِ فَنَبَذتُها وَكَذٰلِكَ سَوَّلَت لى نَفسى (آيت : 96) |
چيائين ته اُھا (شيء) ڏٺم جا (ماڻھن) نه ڏٺي پوءِ اُن موڪيل جي پيرن جي (مٽيءَ جي) ھڪ مُٺ ڀريم پوءِ اُھا (گابي جي بوتي ۾) وڌم ۽ اھڙي طرح مُنھنجي نفس (اُھو) مون لاءِ سينگاريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن چيو ته، مان اها ڳالهه ڏٺي جا ٻين ڪانه ڏٺي (يعني منهنجي سمجهه وڌيڪ آهي) تنهن ڪري (الله جي) رسول جي پيروي ڪرڻ ۾ مون به ڪجهه حصو ورتو، پر پوءِ ڇڏي ڏنم (ڇا ڪيان) منهنجي نفس مونکي انهيءَ ڳالهه تي آندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سامري چيو مون اهو ڏٺو جيڪو ماڻهن نه ڏٺو، پوءِ مون جبريل جي گھوڙي جي سنبن جي مٽيءَ مان هڪ مٺ ڀري کنئي، پوءِ اها مٽي مون (گابي ۾) وڌي، ۽ منهنجي نفس مون لاءِ اهو ڪم سينگاريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هن جواب ۾) چيو،مون کي اها شيءِ ڏکائي ڏني جا ٻين کي نه سجهي (جبرائيل گهوڙي تي وڃي رهيو هو) ته مون هڪ مٺ (مٽيءَ جي) کڻي ورتي. پوءِ مون (گابي جي قالب ۾) وڌي ته اهو ائين رنڀڻ لڳو ۽ ان وقت ته مون کي منهنجي نفس (اها ڳالھ) چڱي ڪري ڏيکاري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته ڏٺو مون اهو جيڪو انهن نه ڏٺو پوءِ ڀري ورتي مون مٺ مٽيءَ جي پيرن نشان موڪليل جي مان پوءِ وڌي مون اها ۽ اهڙي طرح سينگاريو مون لاءِ نفس منهنجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائين ته مون (تنهنجي اثر ۽ علم مان) اهو ڪجهه ڏٺو جو انهن نه ڏٺو. پوءِ مون رسول (موسيٰ) جي (اُن) اثر مان ڪجهه ورتو، پوءِ ان کي (گابي جي بوتي تي) اڇلايم. ۽ اهڙي طرح منهنجي نفس مون کي (اها ڳالهه) چٽي ڪري ڏيکاري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”مون اُها شيءِ ڏٺي جا انهن نه ڏٺي پوءِ مون موڪليل (ملائڪ) جي نقشِ قدم مان هڪ مُٺِ (مِٽي جي) ورتي پوءِ مون اُها ان (گابي جي مجسمي) ۾ وڌي ۽ ان طرح منهنجي نفس مون کي (اِها ڳالهه) سُٺي ڪري ڏيکاري“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي ڏِٺمِ جنهن کي، هُنن نَه ڏٺو، قُدرت جو ڪمال، پوءِ کِيانتي جي کِيہ مان، ڀَرينَمِ مُٺ بَحال، پوءِ سَٽيومِينسِ صُورت ۾، مون لئي اِن مِثال، مُنهنجو خام خيال، سَندمِ جِئَ، سِينگاريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”مون اهو ڏٺو، جو ٻين نه ڏٺو، پوءِ مون رسول جي پيرن جي نشان مان ڪجهه حصو هٿ ڪيو ۽ پوءِ ان کي وجهي ڏنم ۽ اهڙيءَ طرح منهنجي نفس مون کي سمجهايو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن جواب ڏنو: "مان اها شيءِ ڏٺي جا انهن ماڻهن کي نظر نه آئي، سو مان رسول جي پيرن جي نشان تان هڪ مٺ ڀري کنيم ۽ اها کڻي وڌم ۽ اها ڳالهه منهنجي اندر واري مون کان ڪرائي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن جواب ڏنو، مون اها شيءِ ڏٺي جيڪا انهن ماڻهن کي نظر نه آئي، پوءِ مون مُٺ کنئي پيرن جي نشان (مٽيءَ جي) رسول جي ۽ ان کي ٺاهي ورتو ۽ اهو ئي مون کي ڪجهه سمجهايو منهنجي نفس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چيائين ته: مون ھڪ اھڙي شيءِ ڏٺي جيڪا ٻين کي نظر نه پئي آئي، سو مان رسول سڳوري جي قدمن جي نشان تان مُٺ ڀري ھن گابي تي ھاريم (ته ان ۾ رنڀڻ جو آواز پيدا ٿيو) ۽ منھنجي دل اھڙي طرح ئي مون لا(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَاذهَب فَإِنَّ لَكَ فِى الحَيوٰةِ أَن تَقولَ لا مِساسَ وَإِنَّ لَكَ مَوعِدًا لَن تُخلَفَهُ وَانظُر إِلىٰ إِلٰهِكَ الَّذى ظَلتَ عَلَيهِ عاكِفًا لَنُحَرِّقَنَّهُ ثُمَّ لَنَنسِفَنَّهُ فِى اليَمِّ نَسفًا (آيت : 97) |
(موسى) چيو ته وڃ بيشڪ توکي حياتيءَ ۾ (ھيءَ سزا) آھي ته چوندو رھندين ته نه ڇُھو، ۽ تولاءِ بيشڪ (ٻيو به) انجام آھي جنھن جي توسان ابتڙائي نه ڪبي، ۽ پنھنجي معبود ڏانھن نھار جنھن تي تون مجاور ٿي ويٺو ھُئين، ته اُن کي ساڙينداسون وري اُن (جي ڪيريءَ) کي درياءَ ۾ کنڊائڻ وانگر کنڊائينداسين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ فرمايو ته، جيڪڏهن ائين آهي ته نڪري هليو وڃ. زندگيءَ ۾ تنهنجي لاءِ هيئن ٿيڻو آهي جو تو چوندين ته مان اڇوت آهيان. (يعني ماڻهو توکي ويجهي اچڻ به نه ڏيندا.) ۽ (آخرت ۾ تنهنجي لاءِ عذاب جو) هڪ واعدو آهي جو ڪڏهن به ٽرڻ وارو ناهي ۽ ڏس ته تنهنجي (ٺاهيل) معبود جو هاڻي ڪهڙو ٿو حال ٿئي، جنهن جي پوڄا ڪرڻ تي ڄمي بيٺو هئين. اسان ان (سوني گابي) کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏينداسين ۽ اها خاڪ سمنڊ ۾ اڇلائي لوڙهي ڇڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ فرمايو پوءِ تون نڪري وڃ، پوءِ بيشڪ تو لاءِ سزا هي آهي ته تون اسان کي ويجھو نه ٿيءُ ۽ بيشڪ تنهنجي (عذاب لاءِ) وقت مقرر آهي جنهن جي خلاف ورزي نه ڪئي ويندي ۽ تون پنهنجي معبود (گابي) کي ڏس جنهن جي تون هميشه عبادت ڪندو هئين. قسم سان اسين ان کي ضرور ساڙينداسين ان کان پوءِ کيس ٽڪرا ٽڪرا ڪري درياءَ ۾ ٻوڙينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى چيو ته وڃ (پري ٿي) تنهنجي لاءِ (هن فاني دنيا) جي زندگي ۾ ته (هيءَ سزا آهي) جو تون چوندو رهندين ته مون کي هٿ نه لايو نه ته بخار چڙهي ويندو) ۽ (آخرت ۾ به) پڪ تنهنجي لاءِ (عذاب جو) وعدو آهي جو تو تان ٽري نه سگهندو. ۽ پوءِ تون پنهنجي معبود (گابي) ڏي (ته) ڏس جنهن تي تون ڄميو رهيو هئين. اسين ان کي ضرور ساڙينداسون وري ان (رک) کي درياءَ ۾ اڏائي ڇڏينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين پوءِ وڃ پوءِ بلاشڪ تو لاءِ حياتيءَ ۾ هيءَ سزا آهي جو چوين تون ته ناهي هٿ لڳائڻ ۽ بيشڪ تنهنجي لاءِ انجام آهي جو هرگز نه مخالفت ڪيو ويندين ان جي ۽ ڏس تون طرف معبود پنهنجي جو رهيو هئين تون ان تي مجاور البته ضرور ساڙينداسون اسين ان کي ان کان پوءِ البته ضرور کنڊائينداسون ان کي درياءَ ۾ کنڊائڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته پوءِ تون وڃ پوءِ بيشڪ تو لاءِ حياتيءَ ۾ هيءَ (سزا) آهي جو تون چوندو رهندين ته مون کي هٿ نه لايو. ۽ بيشڪ تو لاءِ (ٻيو به) هڪ انجام آهي جو توتان ٽري نه سگهندو. ۽ تون پنهنجي معبود (گابي) ڏي ڏس جنهن تي تون ڄميو رهين (پوڄيو ٿي). اسين ان کي ضرور ساڙينداسون وري ان (رک) کي دريا ۾ اڏائي پکيڙينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى ) چيو: ”پوءِ تون (نڪري) وڃ! پوءِ بلاشڪ تو لاءِ عمر ڀر (سزا) آهي جو تون (هرڪنهن کي) چوندين ته مون کي هٿ نه لايو. (ڇو ته ڪنهن جي هٿ لائڻ سان کيس ۽ ان کي بخار چڙهي ويندو هيو) ۽ بيشڪ تنهنجي لاءِ هڪ (عذاب جو) وعدو آهي جو تو تان ٽري نه سگهندو. تون پنهنجي معبود (گابي) ڏانهن ڏس جنهن تي تون (مُجاور ٿي) ڄمي ويٺو هئين اسان ان کي ضرور ساڙينداسين پوءِ ان کي ذرا ذرا ڪري سمنڊ ۾ وهائي ڇڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، وَڃ، سَڄِي ڄَمار ۾، چَونديْن مَ ڇُهو مُون، ۽ جِنهن ٽاڻيان، نه ٽرِين تون، سو واجِب توسان واعِدو. پوءِ تُنهنجو ديکه ڌَڻِي، تون مُجاوِر جِنهن مَٿي، صفا ساڙِينداسون اُن کي، پوءِ ڪنداسونِس پَڻِي، پوءِ اُن جِي خاڪ کڻِي، داخِل ڪنداسون دَرياء ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هاڻي وڃ! تولاءِ هن حياتيءَ ۾ ائين آهي، جو چوندو رهندين“ هٿ نه لڳايو“ ۽ تو لاءِ هڪڙو وعدو آهي، جو نه ٽرندو ۽ هاڻي تنهنجي هن هٿرادو ڌڻيءَ کي ڏس، جنهن تي تون ڄميو ويٺو هئين، اسين کيس ساڙينداسون، پوءِ کيس درياءَ ۾ لوڙهينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چيس: "چڱو وڃ هليو هاڻي، ساري زندگي ائين ئي چوندو رهندين ته مون کي هٿ نه لائجو ۽ تو لاءِ حساب ڪتاب جو هڪڙو وقت مقرر ٿيل آهي، جيڪو تون هرگز نه ٽاري سگهندين ۽ ڏس پنهنجي انهيءَ معبود کي، جنهن تي تون ڄميو بيٺو هئين، هاڻي اسان ان کي باهه ۾ وجهنداسون ۽ پرزا پرزا ڪري درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ چيس، چڱو وڃ هتان، هاڻي سڄي ساري حياتي اهو ئي پڪاريندو وتندين ته نه ڇهجو مون کي، ۽ بيشڪ تنهنجي پڇا ڳاڇا جو هڪڙو وقت مقرر آهي، ۽ اهو توتان هرگز نه ٽرندو ۽ پنهنجي هن خدا ڏي نهار، جنهن تيتون ريجهيو ويٺو هئين، هاڻي اسان ان کي ساڙينداسين ذرو ذرو ڪري ۽ دريا ۾ وهائي ڇڏينداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) چيس ته ھليو وڃ (ھتان) تنھنجي ھي سزا آھي ته تون زندگي ڀر ماڻهن کي چوندو رھندين ته ”مون کي ھٿ نه لڳايو“ ۽ (آخرت ۾ به) تنھنجي لاءِ عذاب جو وعدو آھي جيڪو توکان ڪڏھن به نه ٽرندو. ۽ ھاڻي پنھنجي معبود کي ڏس جنھن جي سامهون تون پوڄا لاءِ پلٿيون ھڻي ويھي رهيو هئين، اسان ان کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏينداسين پوءِ ھن جي خاڪ چڱي طرح سمنڊ ۾ لوڙھي ڇڏينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما إِلٰهُكُمُ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَسِعَ كُلَّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 98) |
اوھان جو معبود الله ئي آھي انھيءَ کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق ڪونھي، سڀڪا شيء سندس علم ۾ سمائي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهنجو معبود ته فقط الله ئي آهي. هن کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. اهوئي آهي جو هر شيء تي پنهنجي علم سان ڇانيل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جومعبود اهو الله آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي ۽ الله جو علم هر شيءِ کي احاطو ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان جو معبود اهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. سڀ ڪا شيءِ سندس علم ۾ گهيريل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) معبود اوهان جو صرف الله آهي اهو جو ناهي ڪو سچو معبود سواءِ ان جي ڪشادو آهي هر شيءِ کان علم ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان جو معبود اهوئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي. سڀ ڪاشيءِ سندس علم ۾ سمايل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان جو معبود صرف اُهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. ان جو علم سڀ شين تي حاوي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچو سائـِين اَهنجو، آهي سو اَلله، جِنهن ڌاران، دائـِم ناھِ ڪو، ڌڻِي ۽ درگاہ، هر شئ کي هَرگاہ، پورٖي پِئو، پَرُوڙ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان جو سچو ڌڻي فقط اهو الله آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ڪونهي، هن هر چيز کي علم سان گهيري ڇڏيو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي انسانؤ! توهان جو معبود ته بس هڪڙو ئي آهي الله، جنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. سندس علم ۾ هر شيءِ اچي وڃي ٿي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (انسانو!) بيشڪ توهان جو معبود ته بس الله ئي آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي، وسيع آهي هر ڪنهن شيءِ تي سندس علم(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ توھان جو اصل معبود اللھ تعالى ئي آھي ان کان سواءِ ٻيو ڪير به معبود ناھي. ھن کي ھر شيءِ جو علم آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذٰلِكَ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ ما قَد سَبَقَ وَقَد ءاتَينٰكَ مِن لَدُنّا ذِكرًا (آيت : 99) |
(اي پيغمبر) اھڙي طرح جيڪي گذري ويا تن جي خبرن مان توتي بيان ڪريون ٿا، ۽ پاڻ وٽان توکي نصيحت (يعني قرآن) ڏنوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اهڙيءَ طرح اسان گذري ويل واقعن مان (ڪن خاص واقعن جون) خبرون توکي ٻڌايون ٿا ۽ بيشڪ اسان پاڻ وٽان توکي نصيحت جو وڏو سرمايو (يعني قرآن) عطا فرمايو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهڙي طرح اسين توهان تي اڳيون ڳالهيون بيان ڪريون ٿا. ۽ بيشڪ اسان رسولِ عربي کي پاڻ وٽان قرآن ڪريم عطا ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي پيغمبر) اهڙيءَ طرح اسان تو کي گزريل واقعات ٻڌايون ٿا ۽ بيشڪ اسان تو کي پنهنجي بارگاھ مان ذڪر (قرآن) عطا ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهڙيءَ طرح بيان ٿا ڪيون توتي خبرن انهن جي مان جيڪي تحقيق اڳ ۾ گذري ويا ۽ تحقيق ڏني اسان توکي پاڻ وٽان نصيحت (قرآن) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) اهڙي طرح جيڪي گذري ويو تنهن جون ڪجهه خبرون توکي ٻڌايون ٿا. ۽ بيشڪ اسان توکي پاڻ وٽان ڪتاب ڏنو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) اهڙي طرح اسان تو کي ان (قومن) جون خبرون ڏيون ٿا جي گذري ويون. بلاشڪ اسان تو کي پاڻ وٽان ذڪر (يعني نصيحت نامو) ڏنو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِنپَر توتي اُن جو، ٿا کوليون خُوب بَيان، جيڪي مَنجھ جَھان، اَ ڳي اَوهان کان، گُذريا. ۽ پَڪ ڏِنو سُونَئـِي، پاڻ وَٽان، نَصِحيت نِبار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين انهي طرح توکي گذريل ڳالهين جون خبرون ڏيون ٿا ۽ بيشڪ اسان توکي پاڻ وٽان هڪ نصيحت نامو به ڏنو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اهڙي طرح اسان اڳ ٿي گذريل واقعن جون خبرون توکي ٻڌايون ٿا ۽ اسان خاص پاڻ وٽان توکي هڪڙو ذڪر (قرآن) عطا ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) اهڙيءَ طرح ٻڌايون ٿا توکي اسان گذريل حالتن جون خبرون، ۽ اسان خاص توکي ڏنو آهي پاڻ وٽان ”ذڪر“ (نصيحت جو سبق)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) اھڙيءَ طرح اسان توھان کي گذريل واقعا ٻڌايون ٿا ۽ اسان توھان کي خاص ذڪر (يعني قرآن به) عطا ڪيو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن أَعرَضَ عَنهُ فَإِنَّهُ يَحمِلُ يَومَ القِيٰمَةِ وِزرًا (آيت : 100) |
جيڪو کانئس مُنھن موڙيندو سو قيامت جي ڏينھن (گناھن جو) بار کڻندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو ان کان منهن ڦيرائيندو سو يقيناً قيامت جي ڏينهن (هڪ وڏي گناهه جو) بار کڻندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو ماڻهو ان کان انڪار ڪندو پوءِ بيشڪ قيامت جي ڏينهن اهو پنهنجو بار پاڻ کڻندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ان کان منهن ڦيريو سو قيامت جي ڏينهن پڪ (پنهنجي برن ڪرتوتن جو) بار کڻندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن منهن موڙيو ان کان پوءِ تحقيق اهو کڻندو قيامت جي ڏينهن بار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي ان کان منهن موڙيندا سي قيامت جي ڏينهن (گناهن جو) ڳرو بار کڻندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو ان کان مُنهن موڙيندو پوءِ بيشڪ اُهو قيامت واري ڏينهن (گناهن جو) ڳرو بار کڻندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن مُنهن موڙيو اُن ڪنان، سو کَڻندو لَڏ لاچار، ڏاڍي ڏينهن قيام جي؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ان کان منهن موڙيو، اهو بيشڪ قيامت ڏينهن ڳرو بار کڻندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو به ان کان منهن موڙيندو، اهو قيامت جي ڏينهن گناهه جو ڏاڍو ڳرو بار کڻندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو به منهن موڙيندو ان کان، سو سخت گناهه جو بار کڻندو قيامت جي ڏينهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هاڻي جيڪو هن ذڪر (۽ قرآن) کان منھن موڙيندو ته بيشڪ ھو قيامت جي ڏينھن (گناھن جو) ڳرو بار کڻندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خٰلِدينَ فيهِ وَساءَ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ حِملًا (آيت : 101) |
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ قيامت جي ڏينھن انھن کي بار کڻڻ بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو هميشه انهيءَ حالت ۾ رهندو. ڪهڙو نه خراب بار آهي جو هو قيامت جي ڏينهن پنهنجي مٿان رکندا!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ان ۾ هميشه هوندا، ۽ قيامت جي ڏينهن اهو بار انهن لاءِ خراب هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان حال ۾ هميشه رهندو ۽ اهو ڪهڙو نه بڇڙو بار آهي جو قيامت جي ڏينهن اهي ماڻهو کنيو وتندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هميشہ رهندا ان ۾ ۽ برو آهي انهن جي لاءِ قيامت جي ڏينهن بار کڻڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ۾ پيا رهندا ۽ اهو بار انهن لاءِ قيامت جي ڏينهن بڇڙو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اهڙا ماڻهو) ان (عذاب) ۾ هميشه رهندا. ۽ انهن لاءِ قيامت واري ڏينهن ڏاڍو بُرو بار هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَنجھسِ سَڀ ڄمار، ۽ بُڇڙو تَن لئي بار، مَهندان مَحشر وار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ۾ هميشه هوندا ۽ انهن لاءِ قيامت ڏينهن اهو بڇڙو بار هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهڙا سڀئي ماڻهو سدائين پيا انهيءَ ۾ لوڙيندا ۽ قيامت جي ڏينهن انهن لاءِ (انهيءَ گناهه جو بار) ڏاڍو بڇڙو ثابت ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙا سڀ ماڻهو گرفتار هوندا ان جي وبال ۾ ۽ تڪليف ڏيندڙ هوندو ڏينهن قيامت جي ان ڏوهه جو بار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙي قسم جا سڀ ماڻهو سدائين بار کڻڻ واري پريشاني ۾ رھندا ۽ قيامت جي ڏينھن انهن کي اھو بار کڻڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ وَنَحشُرُ المُجرِمينَ يَومَئِذٍ زُرقًا (آيت : 102) |
جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ اُن ڏينھن ڏوھارين کي جھرو ڪري اُٿارينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن جڏهن توتاري وڄائي ويندي اسان گهنگارن کي گڏ ڪري آڻينداسين ۽ هنن جون اکيون دهشت کان بي نور ٿي وينديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن ڏينهن صُور ڦوڪي ويندي ۽ قيامت جي ڏينهن اسين مجرمن کي گڏ ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو ويندو ۽ اسين ان ڏينهن گنهگارن کي (سندن) اکيون ٽيليون (انڌيون) ڪري (پنهنجي سامهون) گڏ ڪنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ ۽ اٿارينداسون ڏوهارين کي جَهرو (اکين کان) ان ڏينهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن صُور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ ان ڏينهن ڏوهارين کي هن حالت ۾ گڏ ڪنداسون جو انهن جون اکيون کيريون هونديون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن صُور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي ان ڏينهن اسان ڏوهارين کي ائين گڏ ڪنداسين جو انهن جون اکيون (شديد غم سبب) نيريون هونديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏِينهن ڏَنڊ ۾ ڦوڪبو، ۽ گُنهِي ڪنداسون گَڏ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪبو ۽ ان ڏينهن ڏوهارين کي کيرين اکين سان گڏ ڪنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏينهن جنهن ڏينهن جو صور ڦوڪيو ويندو ۽ اسان ڏوهارين کي انهيءَ حالت ۾ ميڙي گڏ ڪنداسون جو انهن جون اکيون (دهشت ۽ اُڃ ۾) ڏرا ڏئي ويون هونديون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن جڏهن ته صور ڦوڪيو ويندو ۽ اسان ڏوهارين کي ورائي آڻينداسين (جو سندن اکيون ان دهشت ڪري) ڦاٽل هونديون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته ان ڏينھن اسان ڏوھارين کي دَوڏا نڪتل اکين سان حاضر ڪنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَتَخٰفَتونَ بَينَهُم إِن لَبِثتُم إِلّا عَشرًا (آيت : 103) |
(تنھن ڏينھن) پاڻ ۾ سُ پُس ڪندا ته اوھين (دُنيا ۾) رڳو ڏھاڪو ڏينھن رھيؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو پاڻ ۾ ڪن سن ۾ هڪٻئي کان پڇندا ته، اسان (موت واري گهڙي ۽ هن گهڙيءَ جي وچ ۾) ڏهاڪو ڏينهن به مس رهيا هونداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سندن اکيون نيريون هونديون (۽ اهي) پاڻ ۾ آهستي آهستي چوندا نه ٽڪيا توهان مگر ٿورو وقت(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي هوريان هوريان چوندا هوندا ته (دنيا يا قبر ۾) اسين ماڻهو (وڌ ۾ وڌ) ته رڳو ڏھ ڏينهن رهيا هونداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) آهستي ڳالهائيندا پاڻ ۾ ته نه رهيئو اوهان مگر ڏھ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي هوريان چوندا ته اوهين (دنيا ۾ ) ڏهاڪو کن رهيا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پاڻ ۾ هڪ ٻئي ۾ آهستي آهستي چوندا ته: ”توهان (دنيا ۾) ڏهاڪو کن ڏهاڙا رهيا هوندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڳُجھو ڳالهائنِ پاڻ ۾، تِنهن ڏينهن، ڏوڏن شيرا ڏَڏَ، هُت نه هُئاسُون هَڏ، مگر ڏَهاڪو ڏِينهنڙا. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو پاڻ ۾ آهستي ڳالهيون ڪندا هوندا ته اوهين دنيا ۾ ڪي ڏهاڪو ڏينهن رهيا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پاڻ ۾ آهستي آهستي چوندا ته "دنيا ۾ ته توهان ڪي ڏهه ڏينهن به مس گذاريا هوندا". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي سُس پس ڪندي پاڻ ۾ چوندا ته، دنيا ۾ مشڪل سان گذريا هوندا ڪي ڏهه ڏينهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي سڀ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي آھستي آھستي چوندا ته توھان دنيا ۾ ڪو ڏھاڪو ڏينھن مَس رھيا ھوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ إِذ يَقولُ أَمثَلُهُم طَريقَةً إِن لَبِثتُم إِلّا يَومًا (آيت : 104) |
جيڪي چوندا سو اسين چڱو ڄاڻندڙ آھيون اُن مھل منجھائن پوري رستي وارو چوندو ته ھڪ ڏينھن کانسواءِ نه رھيا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ماڻهو (انهيءَ ڏينهن) جيڪي ڳالهيون ڪندا سي اسان اڳيئي ڄاڻون ٿا. انهن مان جيڪو سڀني مان وڌيڪ هوشيار هوندو سو چوندو ته نه، اسان گهڻي ۾ گهڻو هڪ ڏينهن (انهيءَ برزخ جي حالت ۾) رهيا هونداسين، (يعني جيئن ننڊ ۾ خبر نٿي پوي ته ڪيترو وقت گذري ويو، تيئن برزخ جي مدي جي خبر به ڪانه پوندي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسين ان کي وڌيڪ ڄاڻون ٿا جيڪو ڪجھه اهي چون ٿا جڏهن انهن مان انهن جو وڏو چوندو ته نه ٽڪيا توهان مگر هڪ ڏينهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي اهي چوندا تنهن کي اسين خوب ڄاڻون ٿا ته انهن ۾ جو سڀ کان هوشيار هوندو چوندو اوهين ته بس (وڌ ۾ وڌ) رڳو هڪ ڏينهن رهيا آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيون اهو جيڪو چون ٿا جڏهن چوندو وڌيڪ انهن مان رستي جي لحاظ سان ته نه رهيئو اوهان مگر هڪ ڏينهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي اهي چوندا تنهن کي اسين خوب ڄاڻون ٿا جڏهن انهن مان صحيح رستي وارو چوندو ته اوهين رڳو هڪ ڏينهن رهيا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا جيڪي اُهي ڳالهيون ڪندا، جڏهن ته انهن مان هڪ محطاط اندازي لڳائڻ وارو ماڻهو چوندو ته : ”توهان (دنيا ۾) رڳو هڪ ڏينهن ئي رهيا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسِين واقِف اُن ڪنان، جا ڳُجِهي ڪَن ٿا ڳالھ، سِڌي سَنواِٽي اُنهن مان، چيو اِهڙِي چال، ڀُلجو ڪِين بَحال، هُت هُئا، ڏِينهن هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين خوب ڄاڻون ٿا جيڪي هو چوندا، جڏهن منجهانئن سڀ کان سٺيءَ راهه وارو چوندو ته ”اوهين ته فقط هڪ ڏينهن رهيا هئا!“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان کي چڱيءَ طرح معلوم آهي ته هو ڇا پيا چوندا هوندا (اسان کي اها به خبر آهي ته) ان وقت انهن مان جيڪو اندازي لڳائڻ ۾ مڙني کان وڌيڪ صحيح هوندو، اهو چوندو ته نه! توهان جي دنيا واري زندگي ته فقط هڪڙي ڏينهن جي زندگي هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان کي ته معلوم آهي ته اهي ڇا چئي رهيا آهن جڏهن ان وقت چوندو محتاط اندازو لڳائڻ وارو ته نه! توهان جي دنيا واري حياتي ته بس هڪ ڏينهن جي هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي ڳالهائڻ جي اسان کي سڀ خبر آھي وري انهن مان ڪو سياڻو ۽ ڏاھو ماڻهو چوندو ته توھان دنيا ۾ رڳو ھڪ ڏينھن ئي رهيا هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الجِبالِ فَقُل يَنسِفُها رَبّى نَسفًا (آيت : 105) |
۽ (اي پيغمبر) جبلن بابت توکان پُڇن ٿا چؤ ته منھنجو پالڻھار اُنھن کي اُڏائي کنڊائيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي ماڻهو جبلن متعلق سوال پڇن ٿا (ته انهن جو ڪهڙو حال ٿيندو) تون چئو ته، منهنجو پروردگار انهن کي (ذرا ذرا ڪري) بلڪل اڏائي ڇڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان کان اهي جبلن بابت سوال پڇن ٿا، پوءِ توهان فرمايو ته انهن کي منهنجو رب ٽڪرا ٽڪرا ڪري اُڏائي ڇڏيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي پيغمبر) تو کان جبلن جو پڇن ٿا (ته قيامت جي ڏينهن اهي ڪئين هوندا؟) سو تون فرمائين ته انهن کي منهنجو پروردگار ذرا ذرا ڪري اڏائيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پڇن ٿا توکان جبلن جو پوءِ فرماءِ ته اڏائي پکيڙيندو انهن کي رب منهنجو اڏائڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) توکان جبلن جو پڇن ٿا سو تو چو ته انهن کي منهنجو پاليندڙ اڏائيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو کان ماڻهو جبلن جي باري ۾ پڇن ٿا؟ (ان ڏينهن اهي ڪاڏي ويندا) سو چؤ ته منهنجو پروردگار انهن کي پُرزا پُرزا ڪري اُڏاري ڇڏيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توکان پُڇن پَهڻنِ جو، ته هُوندِن ڪِهرو حال، چئو هَڻِي، ڌَڻِي مُنهنجو، ڪَندنِ پَڻِي پَئـِمال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکان جبلن بابت پڇن ٿا، سو تون چوين ته ”منهنجو رب انهن کي بلڪل اڏائي ڇڏيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي ﷺ) توکان پڇن ٿا ته ان ڏينهن ڀلا هي جبل ڪيڏانهن هليا ويندا؟ ٻڌائين ته منهنجو رب انهن کي ڌوڙ بڻائي اڏائي ڇڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ماڻهو توکان پڇن ٿا ته آخر هي جبل ڪيڏانهن ويندا؟ پوءِ تون چؤ ته منهنجو رب انهن کي دز ڪري اڏاري ڇڏيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ھي ماڻهو توکان جبلن جي باري ۾ سوال ڪن ٿا. تون چؤ ته منھنجو پالڻھار (قيامت جي ڏينهن) انهن کي صفا اٽو ڪري اڏاري ڇڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَيَذَرُها قاعًا صَفصَفًا (آيت : 106) |
پوءِ اُن ھنڌ کي صاف پٽ ڪري ڇڏيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ انهن کي اهڙو ڪري ڇڏيندو جهڙو سنئون سڌو ميدان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ زمين کي هموار (پَٽُ) ڪري ڇڏيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ زمين کي سنئون ميدان ڪري ڇڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڇڏيندو انهن کي ميدان برابر ٿيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ زمين کي سنئون ميدان ڪري ڇڏيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ زمين کي بلڪل صاف سڌو ميدان ڪري ڇڏيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اولہ، اوڀر وِچ ۾، ڪَندنِ بَر بَحال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پوءِ کين هڪ سڌو سنئون ميدان ڪري ڇڏيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ زمين کي اهڙو لسو ميدان بڻائي ڇڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) زمين کي بلڪل هموار ڪري ڇڏيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ زمين کي صفا سڌو لَس ميدان ڪري ڇڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا تَرىٰ فيها عِوَجًا وَلا أَمتًا (آيت : 107) |
منجھس نڪي ھيٺاھين ۽ نڪي مٿاھين ڏسندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪٿي به اوهان نڪي ڏنگائي ڦڏائي ڏسندؤ، نڪي ڪا هيٺاهين مٿاهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان ان ۾ هيٺائين ۽ مٿائين نه ڏسندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نه ان ۾ هيٺائين ڏسندين نه مٿاهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ڏسندين ان ۾ هيٺاهين ۽ نه مٿاهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نه ان ۾ هيٺائين ڏسندين ۽ نه مٿاهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ۾ نه ته تون ڪو موڙ ڏسندين نه هيٺ مٿاهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مارِيل پَٽ مِثال، ڏِسندِين نَه لاڙھ ، نَه چاڙھ ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ۾ تون نه ڪا ڏنگائي ڏسندين نه مٿانهپ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جو ان ۾ توکي ڪابه هيٺاهين يا مٿاهين نظر نه ايندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه ڏسندين تون ان ۾ ڪابه هيٺاهين يا ڪابه مٿاهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ تون اُن ۾ ڪابه ھيٺ مٿانھين نه ڏسندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَئِذٍ يَتَّبِعونَ الدّاعِىَ لا عِوَجَ لَهُ وَخَشَعَتِ الأَصواتُ لِلرَّحمٰنِ فَلا تَسمَعُ إِلّا هَمسًا (آيت : 108) |
اُن ڏينھن سڏيندڙ جي پوئتان لڳندا جنھن کي ڪا ڏنگائي نه ھوندي، ۽ سڀ آواز الله لاءِ جھڪا ٿيندا پوءِ ڀُڻڪ کانسواءِ ڪُجھ نه ٻڌندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن سڀ ماڻهو سڏيندڙ جي پوئتان هلندا (۽) هن کان کسڪي نه سگهندا، ۽ رحمان خدا جي جلال جي اڳيان سڀني جا آواز بيهي خاموش ٿي ويندا. ڪوبه آواز ڪونه ٻڌندو، سواءِ (هلڻ ۾) پيرن جي آواز جي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي قيامت جي ڏينهن پڪاريندڙ جي پويان هلندا ۽ کين انڪار ڪرڻ جي طاقت نه هوندي، ۽ رحمان جي دربار ۾ سڀ آواز آهستي ٿي ويندا پوءِ نه ٻڌندا توهان مگر ڀُڻڪي کي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن ماڻهو هڪ سڏيندڙ (اسرافيل جي آواز) پٺيان هلندا. ان (هلڻ) ۾ ڪا به ڏنگائي نه هوندي (بلڪل سڌا نوان هلندا) ۽ وڏي مهربان (الله جي دهشت) کان آواز دٻجي ويندا پوءِ تون ڀڻ ڀڻ کان سواءِ ڪجھ نه ٻڌيندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن پويان لڳندا سڏيندڙ جي ناهي ڪا ڏنگائي ان جي لاءِ ۽ جهڪا ٿيندا آواز رحمان جي لاءِ پوءِ نه ٻڌندين مگر ڀڻڪو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن سڏيندڙ جي پٺيان هلندا. ان (هلڻ) ۾ ڪابه ڏنگائي نه هوندي. ۽ وڏي مهربان (الله جي دهشت) کان آواز دٻجي ويندا پوءِ تون ڀُڻ ڀُڻ کان سواءِ بالڪل نه ٻڌندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن ماڻهو سڏڻ واري جي پٺيان هلندا ان (هلڻ) ۾ ڪا ڏنگائي نه هوندي، ۽ رحمان جي جلال سبب سڀ آواز جِهيڻا ٿي ويندا پوءِ سواءِ ڀُڻ ڀُڻ جي ٻيو ڪو آواز نه ٻڌندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن هَلَنِ، ڪوٺارِي پُٺيان، وِنگ نَه، تنهن سان وار، ۽ آواز سَڀ الله لَئي، ٿِيندا نَرم نِبار، ٻُڌندِين ڪِين ٻِيهار، ڀُڻڪي ۽ ڀُونڀاٽ ري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن سڀئي بنا ڪنهن ڏنگائي جي سڏيندڙ جي پٺيان ايندا ۽ سڀ آواز الله لاءِ جهڪا ٿي ويندا ۽ تون ڀڻڪ بنا ٻيو ڪجهه نه ٻڌندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان ڏينهن سڀئي سڏيندڙ جي سڏ تي سنوان سڌا هليا ايندا، بنا ڪنهن ڏنگائيءَ جي ۽ آوازَ رحمان جي آڏو جهڪا ٿي ويندا، سواءِ هڪ ڀڻ ڀڻ جي ٻيو ڪجهه به نه ٻڌندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن سڀ ماڻهو پڪاريندڙ جي پڪار تي سڌا هليا ايندا، ڪوبه ٿورڙي ڪا آڪڙ نه ڏيکاريندو ۽ سمورا آواز رحمٰن جي آڏو دٻجي ويندا هڪ ڀڻڪ کان سواءِ ڪجهه به نه ٻڌندين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن خاص سڏيندڙ جي پويان سڀ ماڻهو قطار ٺاھي ھلندا رھندا انهن ۾ ڪنھن به قسم جي ڦِڏائي نه ھوندي ۽ سڀني جا آواز اللھ تعالى جي دھشت کان دٻيل ھوندا پوءِ تون انهن جي رڳو ڀُڻڪ کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نه ٻڌي سگهندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَئِذٍ لا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَرَضِىَ لَهُ قَولًا (آيت : 109) |
جنھن کي الله موڪل ڏني ۽ اُن جي چوڻ کان راضي ٿيو تنھن کانسواءِ اُن ڏينھن ڪا سفارش فائدو نه ڏيندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن سفارشون ڪم ڪونه اينديون، سواءِ هن جي جو ڪنهن کي رحمان خدا (سفارش ڪرڻ جي) اجازت ڏئي ۽ هن جي زبان جو کُلڻ پسند ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قيامت جي ڏينهن ڪنهن جي سفارش فائدو نه ڏيندي مگر جنهنکي الله تعالى شفاعت جي اجازت ڏني ۽ الله تعالى ان جي ڳالهه پسند فرمائي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن ڪنهن جي سفارش فائدو نه ڏيندي مگر جنهن کي وڏي مهربان (الله) اجازت ڏني هوندي ۽ ان جي ڳالھ کي پسند ڪيو هوندائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن نه نفعو ڏيندي شفاعت مگر ان کي جو موڪل ڏيندو ان لاءِ رحمان ۽ راضي ٿيندو ان جي ڪلام کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن ڪا سفارش فائدو نه ڏيندي مگر ان کي جنهن لاءِ وڏي مهربان (الله) اجازت ڏني هوندي ۽ ان جي ڳالهه کي پسند ڪيو هوندائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن ڪا سفارش فائدو نه ڏيندي سواءِ ان ماڻهو جي (سفارش جي) جنهن کي رحمان اجازت ڏني هجي. ۽ جنهن جي ڳالهه کان اُهو راضي ٿيو هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن ڏِينهن نه ڏِيندي فائدو، پارت ڪنهِين پَر، مگر موڪل جنهن کي، ڏئي پاڪ ڌڻِي پَرور، پڻ راضِي ٿِيو رَهبر، جِنهن جي قول، ڪلام کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن شفاعت ڪو فائدو نه ڏيندي، سواءِ ان جي، جنهن کي الله اجازت ڏني ۽ سندس ڳالهائڻ پسند ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏينهن ڪائي سفارش ڪم نه ڏيندي، باقي جي رحمان ڪنهن کي اجازت ڏئي ۽ ان جي ڳالهه ٻڌڻ پسند ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن ڪابه ڪارگر نه ٿيندي سفارش سواءِ ان جي ته اجازت جنهن کي ملي رحمٰن جي ۽ هو راضي هجي ان جي ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن اللھ تعالى جي راضپي ۽ ان جي اجازت کان سواءِ ڪنھن جي به سفارش ڪم نه ايندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِهِ عِلمًا (آيت : 110) |
جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي ۽ (ماڻھو) کيس علم ڪري نه ويڙھيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهن جي اڳيان آهي ۽ جيڪي هنن جي پٺيان گذري چڪو، تنهن سڀ جو علم الله کي آهي، پر انسان پنهنجي علم سا ان کي پروڙي نٿو سگهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجھه انهن جي اڳيان آهي ۽ جيڪو ڪجھه پويان آهي ۽ انهن جو علم ان کي احاطو نٿو ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو ڪجھ انهن ماڻهن جي اڳيان ۽ جيڪي سندن پٺيان آهي (مطلب ته سڀ ڪجھ) هو ڄاڻي ٿو ۽ سندن علم الله کي گهيري نٿو سگهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڄاڻي ٿو ان کي جيڪو اڳيان انهن جي آهي ۽ جيڪو پويان انهن جي آهي ۽ نه ٿا گهيراءُ ڪري سگهن ان جو علم جي لحاظ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پٺيان آهي تنهن کي ڄاڻي ٿو. ۽ انهن جو علم الله جو گهيرو نٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي انهن (ماڻهن) جي اڳيان آهي ۽ جو انهن جي پٺيان آهي ۽ اُهي (پنهنجي) علم سان ان (جي علم) جو احاطو ڪري نه ٿا سگهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اڳيان، پويان اُنهن جي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، ۽ ٻِين کي ٻِيهار، ڪو پُورو پَتو نه اُن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو سندن اڳيئن خواهه پوئين احوال کي ڄاڻي ٿو، مگر هن کي سندن علم گهيري نٿو سگهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو ته ماڻهن جو سڀ اڳيون پويون حال ڄاڻي ٿو ۽ ٻين کي ته ڪا پوري ڄاڻ ڪانهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو ته ڄاڻي ٿو سڀني (انسانن جو) اڳيون يا ڪه پويون حال احوال، ۽ ٻين کي ته ان جو ڪوبه ناهي علم(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪو مخلوق جي سامهون آھي ۽ جيڪو مخلوق کان ڳجهو آھي. مخلوق مان ڪير به سندس علم جي سمجهه حاصل نٿو ڪري سگهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعَنَتِ الوُجوهُ لِلحَىِّ القَيّومِ وَقَد خابَ مَن حَمَلَ ظُلمًا (آيت : 111) |
۽ سڀ مُنھن سدائين جيئري بيھڪ ڏيندڙ لاءِ عاجزي ڪندڙ آھن، ۽ جنھن ظلم (جو بار) کَنيو سو ڇيئي وارو ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سڀني ماڻهن جا منهن انهيءَ هميشه جيئري ۽ قائم رهندڙ خدا جي اڳيان جهڪي پوندا. جنهن ظلم جو بار پاڻ تي وڌو هوندو سو نامراد ۽ ناڪامياب ۽ تباهه ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ سڀني جا چهرا حَيُّ الۡقَيُّوۡمَ جي اڳيان جھڪندا، ۽ تحقيق ظالم نقصان ۾ پيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (قيامت ۾) ساري خدائي جا) منهن. زنده پائنده خدا جي اڳيان عاجزي ڪندڙ هوندا. ۽ جنهن شخص ظلم جو بار (پنهنجي سر تي) کنيو اهو پڪ مراد کي نه پهتو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ عاجزي ڪندا چهرا جيئري، قائم ڪندڙ جي لاءِ ۽ تحقيق خراب ٿيو اهو جو کنيائين ظلم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سڀ مُنهن (ماڻهو) ان جيئري ۽ هميشه قائم رهندڙ (الله) اڳيان عاجزي ڪندڙ ٿيندا ۽ بيشڪ جنهن ظلم جو بار کنيو سو مراد کي نه پهتو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چهرا ان هميشه زنده قائم رهڻ واري (الله) جي حضور ۾ جُهڪي ويندا. بيشڪ اُهو نامراد ٿيندو جنهن ظلم جو بار کنيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُنهن سَڀ مِلها ڳَڙا، تِنهن جا ڪِم هيڪڙي هارِ، جو سلامت جِيئرو، قائـِم برقرار، ۽ هر گز کاڌئـِين هارِ، جِنهن ڪُلهي ڪَلُور چارِهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سڀ منهن ان اڳيان جهڪيل هوندا جو سدائين جيئرو ۽ سڀني کي قائم رکندڙ آهي ۽ جيڪو ظلم کڻي آيو، سو نقصان ۾ رهندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماڻهن جا منهن انهيءَ حي ۽ قيوم جي آڏو جهڪيل هوندا، بڇڙا ٿيا انهيءَ جا ڀاڳ، جنهن ڪنهن ظلم جي گناهه جو بار کنيو هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جهڪي ويندا ماڻهن جا سِر انهيءَ حيّ ۽ قيوم جي اڳيان، ۽ نامراد هوندو اهو جيڪو بار کنيل هوندو ڪنهن ظلم جي گناهه جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينهن ماڻهن جا مٿا ھميشه زنده رھندڙ ۽ ھميشه قائم رھندڙ ھستي جي اڳيان جهڪجي ويندا ۽ نامراد شخص اھو ھوندو جنھن جي مٿان ظلم جو بار سٿيل ھوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا يَخافُ ظُلمًا وَلا هَضمًا (آيت : 112) |
۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندو ۽ اُھو مؤمن (به) ھوندو سو نڪي ظلم کان ۽ نڪي نقصان کان ڊڄندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جنهن چڱا عمل ڪيا هوندا ۽ مؤمن به هوندو تنهن جي لاءِ ڪوبه انديشو نه هوندو، نڪي ساڻس بي انصافي ٿيندي، نڪي سندس حق ماريو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو سهڻا عمل ڪري ٿو ۽ اهو مؤمن آهي پوءِ اهو ظلم ۽ نقصان جو خوف نه ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن سٺا سٺا ڪم ڪيا ۽ اهو ايمان وارو به هوندو ته ان کي نه ڪنهن قسم جي بي انصافي جو ڊپ هوندو ۽ نه ڪنهن نقصان جو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو ڪري ٿو نيڪ اعمال ۽ اهو ايمان وارو آهي پوءِ نه خوف ڪندو ڪنهن ظلم جو ۽ نه ڪنهن حق تلف ٿيڻ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو ڪجهه چڱا ڪم ڪندو ۽ اهو ايمان وارو هوندو سو نه ڪي ظلم کان ۽ نڪي ڪنهن حق تلفيءَ کان ڊڄندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جو شخص چڱا عمل ڪري ۽ اُهو ايمان وارو به آهي ته ان کي نه ڪنهن ظلم جو خوف هوندو ۽ نه حق تلفيءَ جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو چڱا ڪم ڪندو، ٿِي مُؤمِن مُسلمان، سَندو ظُلم، زِيان، سو ڀَو ڀانئـٖي ڪونه ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن چڱا ڪم ڪيا ۽ اهو مؤمن به هوندو، ان کي نڪو ظلم جو ڊپ هوندو، نه گهٽتائين جو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڪنهن به ظلم يا حق مارجڻ جو ڪوبه خطرو ان ماڻهوءَ لاءِ نه هوندو، جيڪو نيڪ عمل ڪري ۽ مؤمن به هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو شخص عمل ڪندو سٺا ۽ اهو مؤمن هوندو ته اهڙي شخص جي لاءِ ظلم ۽ حق تلفي جو خطرو نه هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو ماڻهو ايمان سان گڏ نيڪ عمل کڻي ايندو ان کي ڪنھن به قسم جي ناانصافي ۽ نقصان جو ڪو خوف نه ھوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا وَصَرَّفنا فيهِ مِنَ الوَعيدِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ أَو يُحدِثُ لَهُم ذِكرًا (آيت : 113) |
۽ اھڙي طرح اِھو عربي قرآن لاٿوسون ۽ منجھس عذاب جو انجام طرحين طرحين بيان ڪيوسون ته مانَ اُھي ڊڄن يا (اُھو) اُنھن لاءِ نصيحت پيدا ڪري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان هن (نصيحت جي سرمائي) کي عربي قرآن جي صورت ۾ نازل ڪيو آهي ۽ مختلف طريقن سان ان ۾ (انڪار ۽ بدعمليءَ جي) بدلي جي خبر ڏئي ڇڏي آهي ته، ماڻهو (گمراهيءَ کان) بچن يا نصيحت وٺڻ جي روشني هنن ۾ ظاهر ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهڙي طرح اسان قرآن ڪريم کي عربيءَ ۾ نازل فرمايو ۽ اسان قرآن ڪريم ۾ مختلف عذابن جو بيان ڪيو، ته من اهي ڊڄن ۽ قرآن ڪريم انهن لاءِ نصيحت پيدا ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهڙي طرح اسان عربي ٻوليءَ ۾ قرآن لاٿو آهي ۽ ان ۾ طرح طرح جون ڊيڄارڻ جون ڳالهيون بيان ڪيون اٿئون ته من اهي پرهيزگار ٿين يا انهن (جي دلين) ۾ يا انهن ۾ سمجھ پيدا ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهڙي طرح نازل ڪيوسون ان کي قرآن عربي ۽ طرحين طرحين بيان ڪيوسون ان ۾ عذاب جو وعدو تانته اهي پرهيزگار بنجن يا پيدا ڪري انهن جي لاءِ نصيحت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙي طرح اسان عربيءَ ٻوليءَ ۾ قرآن لاٿو آهي ۽ ان ۾ طرح طرح جون ڊيڄارڻ جون ڳالهيون بيان ڪيون اٿئون مَنَ اهي پرهيزگار ٿين يا انهن (جي دلين) ۾ (هي قرآن) سمجهه پيدا ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح اسان ان کي عربي قرآن بنائي نازل ڪيو آهي ۽ اسان ان ۾ ڊيڄارڻ جون ڳالهيون بار بار بيان ڪيون آهن ته جيئن پرهيزگار بنجن يا انهن (جي دلين ۾) سوچ سمجهه پيدا ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اِنپَر اُتاريوسون اُن کي، عَربئَ ۾ قُرآن، ۽ دُهرايون سُون ڌَمڪِيون، اُنهئ منجھ عيان، ته جانَ بَچائـِن مانَ! يانَئـِين نَصِحيت، ڏٖينِ ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهڙيءَ طرح عربي قرآن لاٿو سون ۽ ان ۾ طرح طرح جي ڊيڄارڻ جي ڳالهه بيان ڪئي سون ته من اهي ڊڄن، يا اهو هنن لاءِ ڪا نصيحت پيدا ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! اهڙيءَ طرح اسان هن قرآن کي عربي ٻوليءَ ۾ نازل ڪيو آهي ۽ ان ۾ نموني نموني جون ڊيڄارڻ جون ڳالهيون آهن ته مَن ڪو اهي پرهيزگار ٿين يا ان وسيلي ڪا سمجهه ڌارين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) اهڙيءَ طرح اسان نازل ڪيو آهي قرآن عربي ۾ ۽ ان ۾ طرحين طرحين سان تنبيهون ڪيون آهن ته من اهي ماڻهو ڏنگي هلت کان بچن يا انهن ۾ هوش جا آثار ان سانگي سان پيدا ٿين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙي طرح اسان قرآن شريف کي عربي ٻولي ۾ نازل ڪيو آھي ۽ ان ۾ ڪيترائي اڳواٽ چِتاءَ بيان ڪيل آھن ته جيئن هي ماڻهو پرھيزگاري وارو رستو اختيار ڪن يا ھنن جي دلين ۾ ڪا سمجهه پيدا ٿئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ وَلا تَعجَل بِالقُرءانِ مِن قَبلِ أَن يُقضىٰ إِلَيكَ وَحيُهُ وَقُل رَبِّ زِدنى عِلمًا (آيت : 114) |
پوءِ الله سچو بادشاھ مٿاھون آھي، ۽ قرآن (جي پڙھڻ) ۾ اُن کان اڳ جو توڏانھن ان جو لھڻ پورو ڪجي تڪڙ نه ڪر، ۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار منھنجو علم وڌاءَ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هر طرح جي بلندي الله ئي جي لاءِ آهي، اهوئي حقيقي بادشاهه آهي ۽ (اي پيغمبر!) جيستائين قرآن جو وحي توتي پورو ٿي وڃي، تنهن کان اڳي تون ان لاءِ تڪڙ نه ڪر، تنهنجي صدا هميشه هيءَ هئڻ گهرجي ته اي منهنجا پروردگار! منهنجو علم اڃا به وڌاءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ الله تعالى تمام بلند آهي (۽ اهو ئي) سچو بادشاهه آهي، ۽ قرآن ڪريم جي مڪمل وحي نازل ٿيڻ کان اڳ توهان تڪڙ سان قرآن ڪريم جي تلاوت نه ڪريو، توهان عرض ڪريو ته اي منهنجا رب منهنجي علم ۾ مزيد اضافو ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (ٻنهين جهانن جو) سچو حاڪم خدا برتر ۽ اعلى آهي. ۽ (اي پيغمبر) قرآن (جي پڙهڻ) ۾ جلدي نه ڪر هن کان اڳ جو تو ڏي ان جي وحي پوري پهچائي وڃي، ۽ چئو ته اي منهنجا پالڻهار! منهنجو علم اڃا به زياده ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ مٿاهون آهي الله، بادشاھ سچو ۽ نه تڪڙ ڪر قرآن (پڙهڻ) ۾ ان کان اڳ جو پورو ڪيو وڃي تو ڏانهن ان جو وحي ڪرڻ ۽ چؤ ته اي رب منهنجا وڌاءِ مون کي علم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله بلند آهي جو برحق بادشاهه آهي. ۽ (اي پيغمبر !) قرآن (جي ياد ڪرڻ) لاءِ جلدي نه ڪر هن کان اڳي جو توڏي ان جي وحي پوري پهچائي وڃي. ۽ چو ته اي منهنجا پاليندڙ! منهنجو علم زياده ڪر! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله بلند شان وارو آهي اُهو حقيقي بادشاهه آهي. ۽ تون قرآن (پڙهڻ) ۾ جلدي نه ڪر ان کان اڳ جو ان جي وحي تو تي پوري طرح لهي وڃي، ۽ چؤ ته: ”اي منهنجا پروردگار! مون کي علم ۾ اڃا وڌاءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَعلىٰ شان اَلله جو، جو مالِڪَ سَچو مُدام، پوءِ ڪَر نه تَڪڙ قُرآن ۾، اِنهيان اڳ اِمام، تان پُورو پُهچايو وَڃئ، وَحِي سَندسِ وَريا، ۽ چَئو عِلم ڪر اِنعامِ، سانيم! مُون کي سَرس تون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ وڏي درجي وارو آهي الله سچو بادشاهه، ۽ جيستائين توتي وحي پوري ٿئي ان کان اڳ قرآن ۾ تڪڙ نه ڪر ۽ چئو ته ”اي منهنجا رب! منهنجو علم وڌاءِ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ مٿي ۽ مٿانهون ته الله آهي، سچو پچو بادشاهه ۽ (اي پيغمبر) ڏس قرآن پڙهڻ ۾ اُٻهرائي نه ڪندو ڪر، جيستائين توڏانهن ٿيندڙ ان جو وحي پورو نه ٿئي ۽ دعا گهرندو ڪر ته اي منهنجا رب! منهنجو علم اڃان به وڌاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بس مٿاهون آهي الله حقيقي حاڪم حق وارو، ۽ ڪابه تڪڙ نه ڪر قرآن پڙهڻ ۾، جيستائين جو مڪمل نه ٿئي توتي وحي ۽ دعا ڪر ته اي منهنجا رب! مون کي وڌيڪ علم عطا ڪر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى ئي بلند مرتبي وارو حقيقي بادشاهه آھي. ۽ (اي نبيﷺ!) وحي جا لفظ مڪمل ٿيڻ تائين قرآن شريف کي پڙھڻ ۾ تڪڙ نه ڪر ۽ دعا گهرندو رهه ته ”اي منھنجا پالڻھار! مون کي اڃا وڌيڪ علم عطا فرماءِ.“ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد عَهِدنا إِلىٰ ءادَمَ مِن قَبلُ فَنَسِىَ وَلَم نَجِد لَهُ عَزمًا (آيت : 115) |
۽ بيشڪ آدم کي اڳ حُڪم ڪيوھوسون پوءِ وساريائين ۽ سندس ڪا پڪي نيت نه لڌي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان آدم کي اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ۽ عهد وٺي ڇڏيو هو، پر هن کان ويسر ٿي ويئي، ۽ اسان (نافرمانيءَ جو) ارادو يا قصد هن ۾ ڪونه ڏٺو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان آدم کان ان کان اڳ ۾ هڪ وعدو ورتو هو پوءِ اُن انهي وعدي کي وساري ڇڏيو ۽ اسان ان ۾ ارادي جي پختگي نه ڏٺي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان آدم کان اڳ ۾ ئي عهدو وٺي ڇڏيو هو (ته هن وڻ جي ويجهو نه وڃج) ته آدم ان (ڳالھ) کي وساري ڇڏيو ۽ اسان ان جو ارادو پڪو نه ڏٺو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق حڪم ڏنوسون آدم کي اڳ ۾ پوءِ وساريائين ۽ نه لڌي سون ان جي ڪا پڪي نيت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان هن کان اڳ ؛دم کي تاڪيد ڪيو هو پوءِ هو ڀلجي ويو ۽ اسان ان جو ارادو پڪو نه ڏٺو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان ان کان (گهڻو) اڳ آدم کي تاڪيدي حڪم ڪيو هيو سو اُهو وساري ويٺو اسان ان جو (بي فرماني جو) ڪو به پُختو ارادو نه ڏٺو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان آدم کان، اَ ڳي، وَرتو عَهْد اَنجام، پوءِ وِساريون وَريام، ۽ پَڪائـِي نه پاتِيسُون اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان هن کان اڳ آدم کي حڪم ڏنو پر هن وساريو ۽ اسان سندس ڪا پڪي نيت ڪانه ڏٺي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن کان اڳ آدم کي هڪڙو حڪم ڏنو هو، مگر هو وساري ويٺو ۽ اسان منجهس ڪو پڪو ارادو نه ڏٺو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان هڪ حڪم ڏنو هو آدم کي هن کان اڳي پر هو وساري ويٺو ۽ اسان ان جي لاءِ منجهس ارادو پڪو نه ڏٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان ان کان اڳ آدم ($) کي به حڪم ڏنو ھو پر ھن کان اھو حڪم وسري ويو ۽ اسان کيس (انساني سرشتي جي حساب سان) مضبوط ارادي وارو ماڻهو نه ڏٺو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ (آيت : 116) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ سڀني سجدو ڪيو، ۽ اُن انڪار ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ ڳالهه ياد رکو ته اسان فرشتن کي حڪم ڏنو هو ته آدم جي اڳيان جهڪي وڃو، سڀ جهڪي پيا. پر ابليس نه جهڪيو. هن انڪار ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ياد ڪريو جنهن وقت اسان ملائڪن کي چيو ته توهان آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کان سواءِ سڀني سجدو ڪيو، ابليس انڪار ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو ته انهن سجدو ڪيو، مگر شيطان انڪار ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيوسون ملائڪن کي ته سجدو ڪيو آدم کي پوءِ سجدو ڪيائون مگر شيطان انڪار ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ انهن سجدو ڪيو سواءِ شيطان جي. ان (شيطان) انڪار ڪيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اُهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته اوهان آدم کي سجدو ڪيو سو انهن سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. ان انڪار ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن چيوسون مَلڪن کي، ته نايو آدم سِر، مِڙِئي نَميا، مَگر، اِبلِيس اِنڪارِي ٿيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته ”آدم لاءِ سجدو ڪريو“ تڏهن سڀني گڏجي سجدو ڪيو، سواءِ ابليس جي، هن انڪار ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪر اهو وقت، جڏهن اسان فرشتن کي چيو هو ته آدم کي سجدو ڪريو ته اهي سڀئي ته سجدي ۾ هليا ويا، پر هڪڙي ابليس انڪار ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪر اهو وقت جڏهن اسان فرشتن کي چيو ته آدمؑ کي سجدو ڪريو ته انهن سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي، انڪار ڪري ويٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏھن اسان ملائڪن کي آدم کي سجدي ڪرڻ جو چيو ته سڀني سجدو ڪيو پر ابليس سجدو نه ڪيو بلڪ ھن سجدي ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقُلنا يٰـٔادَمُ إِنَّ هٰذا عَدُوٌّ لَكَ وَلِزَوجِكَ فَلا يُخرِجَنَّكُما مِنَ الجَنَّةِ فَتَشقىٰ (آيت : 117) |
پوءِ چيوسون ته اي آدم ھيءُ تنھنجو ۽ تنھنجي زال جو ويري آھي متان اوھان کي بھشت مان ڪڍي ته ڏکيا ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن تي اسان چيو ته، اي آدم (ڏس) هيءُ (ابليس) تنهنجو ۽ تنهنجي زال جو دشمن آهي. ائين نه ٿئي جو هو اوهان کي (برغلائي) جنت مان ڪڍي ڇڏي، ۽ اوهان ڏکن ۽ تڪليفن ۾ پئجي وڃو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان چيو اي آدم ! بيشڪ هيءُ تنهنجو ۽ تنهنجي بيبي جو دشمن آهي، پوءِ اهو توهان کي بهشت مان نه ڪڍي، پوءِ توهان تڪليف ۾ پوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اسان (آدم کي) فرمايو: اي آدم! پڪ هي تنهنجو ۽ تنهنجيءَ زال جو دشمن آهي سو، هو اوهان ٻنهي کي متان جنت مان ڪڍي، نه ته (دنيا جي) تڪليف ۾ ڦاسي پوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چيوسون ته اي آدم! بلاشڪ هيءُ دشمن آهي تنهنجو ۽ تنهنجي زال جو پوءِ هرگز نه ڪڍي اوهان ٻنهي کي بهشت مان پوءِ تڪليف ۾ پئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان چيو ته اي آدم! بيشڪ هي تنهنجو ۽ تنهنجي زال جو دشمن آهي سو هو اوهان ٻنهين کي متان جنت مان ڪڍي، نه ته تڪليف ۾ پوندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان چيو ته: ” اي آدم بيشڪ هي تنهنجو ۽ تنهنجي زال جو دشمن آهي سو اُهو متان اوهان ٻنهين کي جنت مان نه ڪڍي ڇڏي پوءِ توهان تڪليف ۾ پئجي ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آدم عُدو آهي هِي، تو ۽ تُنهنجِي زال، پوءِ بِلڪُل آن کي، بهشت مان، ڪڍي سون نه ڪُلال، پوءِ بُرا ٿِيَنئـِي حال، پَسِين ڏُ ک ۽ ڏاکڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ چيوسون ته ”اي آدم! بيشڪ هي تو ۽ تنهنجي زال جو دشمن آهي، پوءِمتان اوهان کي جنت مان ڪڍي ۽ اوهين تڪليف ۾ پئو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهن تي اسان آدم کي چيو ته "ڏس، اهو تنهنجو ۽ تنهنجي زال جو دشمن اٿيئي، سو متان اهو توهان کي جنت مان نه ڪڍائي ڇڏي ۽ تون مصيبت ۾ پئجي وڃين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان تي اسان چيو، اي آدم! ڏس بيشڪ هي دشمن آهي تنهنجو ۽ تنهنجي زال جو، ائين نه ٿئي جو هي توهان کي ڪڍرائي بهشت مان ۽ توهان مصيبت ۾ پئجي وڃو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان آدم کي چيو ته ھو (شيطان) تنھنجو ۽ تنھنجي گهر واريءَ جو دشمن آھي. ايئن نه ٿئي ته ھو توھان ٻنهي کي جنت مان ڪڍرائي ڇڏي. پوءِ توھان وڏي تڪليف ۾ اچي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ لَكَ أَلّا تَجوعَ فيها وَلا تَعرىٰ (آيت : 118) |
بيشڪ تولاءِ (ھي آھي ته) منجھس نڪي بُک لڳندءِ نڪي اُگھاڙو ٿيندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان جي لاءِ هاڻي (هن جنت ۾) اهڙي زندگي آهي جو ان ۾ نڪي بکايل ٿا رهو، نڪي اگهاڙا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توکي بهشت ۾ نه بک لڳندي ۽ نه ڪپڙي جي ضرورت پوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ تو لاءِ (جنت ۾) هي ڳالھ آهي جو تون ان ۾ نه بکيو ٿيندين ۽ نه اگهاڙو ٿيندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ تولاءِ هي آهي ته نه بک محسوس ڪندين ان ۾ ۽ نه اگهاڙو ٿيندين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ تولاءِ (جنت ۾ ) هيءَ ڳالهه آهي جو تون ان ۾ نه بکيو ٿيندين ۽ نه اگهاڙو ٿيندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تو لاءِ ان (بهشت) ۾ هي آهي جو نه تو کي بک لڳندي ۽ نه بي لباس ٿيندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تولئي بُک نه اُن ۾، نَه رَهندِين اُگھاڙو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ توکي منجهس نڪي بک لڳندي نه اگهاڙو ٿيندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اُتي (جنت ۾) ته توکي اهي سک آهن جو نڪي بکيو ۽ انگ اگهاڙو ٿو رهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هتي توکي آسائشون حاصل آهن جو بکيو ۽ اگهاڙو نه آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تون ھتي جنت ۾ نه بکيو رھندين ۽ نه ئي ڪڏھن اگهاڙو ٿيندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنَّكَ لا تَظمَؤُا۟ فيها وَلا تَضحىٰ (آيت : 119) |
۽ تون منجھس نڪي اُڃو ٿيندين ۽ نڪي اُس لڳندءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نڪا توهان جي لاءِ اڃ جي تڪليف آهي، نڪي اُس جي، (جيڪڏهن هن جنت مان نڪرندؤ ته وڏين تڪيلفن هيٺ اچي ويندؤ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توکي بهشت ۾ نه اڃ لڳندي ۽ نه اُس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اتي هي مزو به آهي جو) تو کي ان ۾ نه اڃ لگندي ۽ نه اس لڳندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ تون نه اڃ وارو ٿيندين ان ۾ نه گرمي محسوس ڪندين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اتي) هيءَ ڳالهه به آهي جو توکي ان ۾ نه اُڃ لڳندي ۽ نه اُس لڳندءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي ته تو کي ان ۾ نه اُڃَ لڳندي ۽ نه اُس ستائيندي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نَه اُڃ ۽ نه ڪاڙهو، لَحظٖي لَهندِين اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نڪي ان ۾ اڃ لڳندءِ نڪي اس.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نه وري ڪا اُڃ ۽ اُس توکي ستائي ٿي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه توکي اُڃ لڳندي نه وري اتي توکي اُس ستائيندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نه ئي توکي جنت ۾ اڃ لڳندي ۽ نه اُس توکي تپائيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَوَسوَسَ إِلَيهِ الشَّيطٰنُ قالَ يٰـٔادَمُ هَل أَدُلُّكَ عَلىٰ شَجَرَةِ الخُلدِ وَمُلكٍ لا يَبلىٰ (آيت : 120) |
پوءِ کيس شيطان ڌوڪو ڏنو چيائين ته اي آدم سدائين رھڻ جي وڻ جو ۽ سدائين رھڻ واري بادشاھيءَ جو توکي ڏَس ڏيان؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر پوءِ شيطان آدم کي وسوسي ۾ وڌو. هن چيو ته، اي آدم! مان توکي دائمي (زندگي) واري درخت جو نشان ڏسيان؟ ۽ اهڙي بادشاهيءَ جو جا ڪڏهن به زوال هيٺ نه اچي؟ (يعني توکي اهڙي وڻ وٽ وٺي وڃان جنهن جي ميوو کائڻ سان اوهان هميشه زنده رهندؤ ۽ هميشه بادشاهي ماڻيندؤ.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ کيس شيطان وسوسو وڌو، شيطان چيو اي آدم ! ڇا آئون توکي ان هميشه جي وڻ جو ڏس نه ڏيان ۽ ان بادشاهي جو ڏس نه ڏيان جنهنکي فنا نه هجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته شيطان سندن دل ۾ وسوسو وڌو (۽) چيائين ته اي آدم! ڇا آءُ تو کي هميشه (جيئري) رکڻ واري وڻ، زبون نه ٿيڻ واري بادشاهي جو ڏس ڏيان؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ وسوسو وڌائين ان ڏانهن شيطان چيائين اي آدم! ڇا ڏس ڏيان توکي وڻ هيمشگيءَ واري جو ۽ ملڪ جو جيڪو نه ٿو ختم ٿئي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کي شيطان وسوسو وڌو. چيائين ته اي آدم! ڇا آءُ توکي هميشه جيئري رکڻ واري وڻ ۽ زبون نه ٿيڻ واري بادشاهيءَ جو ڏس ڏيان؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ شيطان ان کي هڪ خيال ڏنو چيائين: ” اي آدم ڇا تو کي اهو وڻ ٻڌايان جنهن سان هميشه واري زندگي ۽ لازوال بادشاهي حاصل ٿئي ٿي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن کي ڏِنو اِبلِيس پوءِ، دوکو ڪو دلگير، چي، آدم ! آئون وَڻ ڏَسئـِين، سَدا مُند سُڌِير، ٻيو پڻ مُلڪ مَلِير، جو پُرين پُڙاڻو نَه ٿِئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ شيطان کيس برغلايو، چيائين ”آدم! آءُ توکي اهڙو وڻ ڏسيان جو سدائين رهي ۽ اهڙي بادشاهي، جا ڪڏهن به هيڻي نه ٿئي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر شيطان هن کي ورّغلائي وڌو، چيائينس: "اي آدم ڇا توکي مان ڏس ڏيان اهڙي وڻ جو، جنهن وسيلي هميشه واري زندگي ۽ نه ختم ٿيندڙ بادشاهي حاصل ٿيندي آهي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر ورغلايو انهن کي شيطان، چوڻ لڳو، اي آدم! توکي ڏَس ڏيان اهڙي وڻ جو جنهن سان سدائين رهڻ واري حياتي ۽ لازوال سلطنت ملي ٿي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ شيطان کيس وسوسي ۾ وجهي ڇڏيو. چيائين ته اي آدم! ڇا مان توکي ھميشه زندهه رکڻ واري وڻ ۽ ھميشه رھڻ واري بادشاھي جو ڏس ڏيان؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَكَلا مِنها فَبَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَعَصىٰ ءادَمُ رَبَّهُ فَغَوىٰ (آيت : 121) |
پوءِ منجھانئس ٻنھي کاڌو تنھنڪري انھن کي سندين اوگھڙ پڌري ٿي ۽ بھشت (جي وڻ) جا پن پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ آدم پنھنجي پالڻھار کان نافرمان ٿيو تنھنڪري ڀُلو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن تي ٻنهي (آدم ۽ سندس گهرواريءَ) انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو ۽ ٻنهي جي اوگهڙ هنن جي نظر ۾ ظاهر ٿي پئي. تڏهن سندن حالت اهڙي ٿي جو باغ جا پن ڇنڻ لڳا ۽ انهن سان پنهنجو بدن ڍڪڻ لڳا. مطلب ته آدم پنهنجي پروردگار جي چوڻ تي نه هليو، تنهن ڪري (جنت جي زندگيءَ مان) بي راهه ٿي ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ٻنهي انهي وڻ مان کاڌو پوءِ سندن اوگھڙ ظاهر ٿيڻ لڳي ۽ اهي پنهنجي جسم تي بهشتي پن (پردي لاءِ) چنبڙائڻ لڳا، ۽ آدم کان پنهنجي رب جي حڪم ۾ لغزش ٿي پوءِ پنهنجي مطلوب تي نه پهتو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ انهن ٻنهي (زال مڙس) ان مان ڪجھ کاڌو ته ٻنهي کي سندن اگهاڙ نظر آئي. ۽ ٻئي پاڻ تي جنت جي (وڻن جا) پن ويڙهڻ لڳا ۽ آدم پنهن جي پروردگار جي نافرماني ڪئي تنهن ڪري ناڪام ٿيو (راھ ثواب کان بي راھ ٿيو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ کاڌائون ان مان پوءِ ظاهر ٿيو انهن ٻنهي لاءِ اگهڙون انهن جون ۽ شروع ٿيا جو ڍڪين پيا پنهنجي مٿان پنن جنت جي مان ۽ حڪم ڌيان ۾ نه رکيو آدم رب پنهنجي جو پوءِ ناڪام رهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن ٻنهين ان مان کاڌو پوءِ ٻنهين کي سندن اوگهڙ نظر آئي. ۽ ٻئي پاڻ تي جنت جا پن ويڙهڻ لڳا. ۽ آدم پنهنجي پاليندڙ جي نافرماني ڪئي پوءِ گمراهه ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ٻنهين ان مان کاڌو پوءِ ٻنهين تي سندن شرمگاهون ظاهر ٿي پيون (يعني بي لباس ڪيا ويا) ۽ پنهنجو پاڻ تي جنت (جي وڻن) جا پن ويڙهڻ لڳا. ۽ آدم پنهنجي پالڻهار جي فرمان جي خلاف ڪيو سو اُهو ڀلجي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ کاڌو ٻِنهِين اُن منجھان، پوءِ کُليون اُ گھاڙون تن، پوءِ باغ مَنجھارا پَن، پيا ڍَڪِين پاڻ تي. پوءِ آدم اَمر ڌَڻيَسِ جو، ڪيو پُرزا ۽ پَڻِي، وِرسيو پوءِ، وسندِي کان؛(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ان مان کاڌائون، ته هنن لاءِ سندن اوگهڙ ظاهر ٿي پيئي ۽ پاڻ مٿان جنت جا پن ڍڪڻ لڳا ۽ آدم سندس رب جي نافرماني ڪئي ان ڪري ڀلجي پيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ ٻنهي (زال مڙس) انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو، پوءِ هڪدم ٻنهي جون اوگهڙيون هڪ ٻئي جي آڏو کلي پيون ۽ لڳا پاڻ کي جنت جي پنن سان ڍڪڻ. آدم پنهنجي رب جي بي فرماني ڪئي ۽ سڌيءَ واٽ کان ٿـڙي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخرڪار ٻئي (زال مڙس) ان وڻ جو ميوو کائي ويٺا، نتيجو اهو نڪتو جو هڪدم سندن اوگهڙون هڪ ٻئي جي آڏو ظاهر ٿي پيون ۽ ٻئي ڍڪڻ لڳا پاڻ کي جنت جي (وڻن جي) پنن سان، آدم پنهنجي رب جي سڌي واٽ کان ٿڙي ويو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخرڪار انهن ٻنهي اُن وڻ جو ميوو کائي ورتو ته ھڪ ٻئي جي اڳيان ٻنهي جي جسماني اگهڙ ظاھر ٿي پئي پوءِ ته ويھي ان اگهڙ کي جنت جي وڻن جي پنن سان ڍڪڻ لڳا. اھڙي طرح آدم پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪري سڌي رستي تان هٽي ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ اجتَبٰهُ رَبُّهُ فَتابَ عَلَيهِ وَهَدىٰ (آيت : 122) |
وري سندس پالڻھار کيس سڳورو ڪيو پوءِ مٿس ٻاجھ سان موٽيو ۽ (کيس) سڌي رستي لاتائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر پوءِ سندس پروردگار کيس چونڊيو (۽ مٿس مهربان ٿيو)، هن ڏانهن (پنهنجي رحمت جي) موٽ ڪيائين ۽ هن لاءِ (زندگي ۽ عمل جي) راهه کولي ڇڏيائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ الله تعالى کيس برگزيده بنايو پوءِ الله تعالى سندس توبه قبول ڪئي ۽ هدايت ڏني(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهن کان پوءِ ان کي سندس پالڻهار پسند ڪيو پوءِ سندس توبه قبول ڪيائين ۽ سندس هدايت ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کان پوءِ برگزيدو بنايائين ان کي پوءِ توبہ قبول ڪرڻ سان متوجہ ٿيو ان ڏانهن رب ان جو ۽ هدايت ڪيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري ان کي سندس پاليندڙ پسند ڪيو پوءِ مٿس مهرباني ڪيائين ۽ (ان کي) رستو ڏيکاريائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وري کيس سندس پروردگار (خلافتِ ارضي لاءِ) چونڊيو پوءِ مٿس رحمت سان رجوع ٿيو ۽ هدايت ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وِرسيو پوءِ، وسندِي کان؛ وري به ڌوئسِ ڌڻِي، کَميو کِـيَسِ کَڻِي، ۽ وارئـِين وَهِين واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ وري کيس سندس رب سڳورو ڪيو، مٿس ٻاجهه سان موٽيو ۽ سنئين واٽ لڳايائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري سندس رب کيس چونڊي ورتو ۽ سندس توبه قبول ڪيائين ۽ کيس هدايت عطا ڪيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري سندس پالڻهار کيس عزت بخشي ۽ سندس توبهه قبول ڪري کيس هدايت بخشي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اللھ تعالى مٿس نوازش ڪري سندس توبہ قبول فرمائي ۽ سڌو رستو ڏيکاريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ اهبِطا مِنها جَميعًا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَنِ اتَّبَعَ هُداىَ فَلا يَضِلُّ وَلا يَشقىٰ (آيت : 123) |
چيائين ته منجھانئس ٻئي گڏ لھي وڃو اوھان مان ڪي ڪن جا ويري ٿيندا، پوءِ جڏھن اوھان وٽ منھنجي ھدايت اچي، تڏھن جنھن منھنجي ھدايت جي تابعداري ڪئي سو گمراھ نه ٿيندو ۽ نڪي ڏکيو ٿيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جيئن ته) الله تعاليٰ حڪم ڏنو ته توهان ٻئي گڏ هتان نڪري وڃو. توهان مان هڪڙا ٻين جا دشمن ٿيندا (اوهان جي لاءِ هاڻي ٻئي قسم جي زندگيءَ جي راهه کلندي) پوءِ جيڪڏهن مون وٽان اوهان ڏي (يعني اوهان جي نسل ڏي) ڪو هدايت جو پيغام اچي ته، (هن باري ۾ منهنجو قانون ياد رکو ته) جيڪو به منهنجي هدايت تي هلندو سو نڪي گمراهه ٿيندو، نڪي تڪليفن ۾ پوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو توهان سڀئي بهشت مان هيٺ لهو، توهان هڪ ٻئي جا دشمن آهيو، پر پوءِ جڏهن توهان وٽ منهنجي طرفان هدايت اچي. پوءِ جنهن ماڻهو منهنجي هدايت جي تابعداري ڪئي پوءِ اهو گمراه ۽ بدبخت نه ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (خدا) فرمايو ته اوهين ٻئي بهشت مان هيٺ وڃي، اوهان مان هڪڙا ٻين جا دشمن ٿيندا. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي منهنجي طرفان ڪا رهنمائي پهچي ته (ان جي پيروي ڪجو) ڇو ته جو شخص منهنجيءَ هدايت تي هلندو سو نه گمراھ ٿيندو ۽ نه تڪليف ۾ پوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته لهي وڃو ان مان مڙئي بعضي اوهان مان بعض جا دشمن آهن پوءِ جيڪڏهن اچي اوهان وٽ مون وٽان هدايت پوءِ جيڪو تابع ٿيو هدايت منهنجيءَ جو پوءِ نه گمراھ ٿيندو ۽ نه بدبخت ٿيندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائين ته جنت مان ٻئي گڏجي (هيٺ) لهي وڃو اوهان مان هڪڙا ٻين جا دشمن ٿيندا. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي منهنجي طرفان ڪا رهنمائي پهچي ته پوءِ جيڪو منهنجي رهنمائيءَ جي تابعداري ڪندو سو نه گمراهه ٿيندو ۽ نه تڪليف ۾ پوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) فرمايو: ”اوهان سڀ هتان هيٺ هليا وڃو، اوهان مان هڪڙا ٻين جا دشمن ٿيندا. پوءِ جڏهن اوهان وٽ منهنجي طرفان رهنمائي پهچي، پوءِ جيڪو ماڻهو منهنجي هدايت جي پيروي ڪندو ته نه (دنيا ۾) گمراهه ٿيندو ۽ نه (آخرت ۾) بدنصيب ٿيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، اُتو سُون، ته اُترو، هيڪاندا هِن وير، پوءِ اِيندِي اَوهان کي مُون ڪنان، سُونهپ سَنِئين سير، پوءِ مُنهنجي پَتِي پار تي، پاتا جِنهِين پير، ته نَه ڀُليو سو ڀَلير، ۽ نَه ڏِسندو ڏُک ڏاکڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هن مان سڀ لهي وڃو، اوهان مان هڪڙا ٻين جا دشمن هوندا_ پوءِ جڏهن به اوهان وٽ مون وٽان هدايت اچي، تڏهن جيڪو هدايت جي پيروي ڪندو، سو نڪي گمراهه ٿيندو نڪي بدبخت. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ فرمايائين: "توهان ٻئي (ٽولا ــ يعني انسان ۽ شيطان) هتان لهي وڃو، توهان هڪٻئي جا دشمن ٿي رهندؤ. پوءِ جيڪڏهن مون وٽان ڪا هدايت اچي وڃيوَ ته جيڪو به منهنجي انهيءَ هدايت جي پيروي ڪندو، اهو نڪي ڀٽڪندو ۽ نه بدبختيءَ جو منهن ڏسندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو (سندن رب) توهان ٻئي ڌريون (آدم ۽ شيطان) هتان لهي وڃو، توهان هڪ ٻئي جا ويري رهندؤ، هاڻي جيڪڏهن توهان وٽ پهچي منهنجي طرفان ڪابه هدايت، پوءِ جيڪو ان جي پيروي ڪندو سو گمراهه نه ٿيندو ۽ نه بدبختي ۾ پوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى فرمايو ته توھان ٻئي (يعني ابليس ۽ آدم) ھتان ھيٺ لھي وڃو. توھان ٻئي ھڪ ٻئي جا دشمن آهيو. (هاڻي) جڏھن توھان وٽ منھنجي طرفان ڪا ھدايت پھچي ته پوءِ جيڪو منھنجي ھدايت جي پيروي ڪندو ته اھو ڪڏھن به گمراهه نه ٿيندو ۽ نه ئي بدبخت ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن أَعرَضَ عَن ذِكرى فَإِنَّ لَهُ مَعيشَةً ضَنكًا وَنَحشُرُهُ يَومَ القِيٰمَةِ أَعمىٰ (آيت : 124) |
۽ جيڪي منھنجي ياد ڪرڻ کان منھن موڙيندو تنھن لاءِ بيشڪ حياتي اھنجي ٿيندي ۽ قيامت جي ڏينھن کيس انڌو ڪري اٿارينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو منهنجي يادگيري ۽ منهنجي نصيحت کان منهن موڙيندو تنهن جي زندگي تنگي (۽ ڏکن) ۾ گذرندي ۽ قيامت جي ڏينهن به کيس انڌو ڪري اٿارينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن ماڻهو منهنجي قرآن ڪريم کان مُنهن موڙيو پوءِ بيشڪ ان جو روزگار تنگ ٿي پوندو ۽ اسين ان کي قيامت جي ڏينهن انڌو ڪري اٿارينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪو مون کي ياد ڪرڻ کان منهن موڙيندو تنهن لاءِ بيشڪ گزران آهي ۽ ان کي قيامت جي ڏينهن انڌو (ڪري) اٿارينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن منهن موڙيو ذڪر منهنجي کان پوءِ بيشڪ ان جي لاءِ حياتي تنگ هوندي ۽ اٿارينداسون ان کي قيامت جي ڏينهن انڌو ڪري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو مون کي ياد ڪرڻ کان منهن موڙيندو تنهن لاءِ بيشڪ تنگ گذران آهي ۽ ان کي قيامت جي ڏينهن انڌو ڪري آڻينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ماڻهو منهنجي ذڪر کان مُنهن موڙيندو ته پوءِ بلاشڪ ان لاءِ گذران تنگ ڪيو ويندو ۽ قيامت واري ڏينهن اسان ان کي انڌو ڪري اٿارينداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُنهنجي هِدايت حَق ڪنان، مُنهن موڙيو جِنهن مَلنگ، پوءِ تِنهنجو تَمام تَنگ، گُذرگُوندر گاڏئون. ۽ اَنڌو اُٿارِينداسون اُن کي، مَهندان مَحشر وار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو منهنجي نصيحت کان منهن موڙيندو، ان لاءِ حياتي به تنگ هوندي ۽ ان کي قيامت ڏينهن به انڌو ڪري اٿارينداسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪو منهنجي ذڪر (نصيحت) کان منهن موڙيندو، ان جي دنيا واري زندگي ڏاڍي ڏکي گذرندي ۽ قيامت جي ڏينهن اسان کيس انڌو ڪري اٿارينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو منهن موڙيندو منهنجي ذڪر (نصيحت کان)، ان جي لاءِ اَهنجي رهندي دنيا جي حياتي پر قيامت جي ڏينهن کيس اٿارينداسين انڌو ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو منھنجي ياد کان منھن موڙيندو ته ان لاءِ دنيا جي زندگي ڏاڍي ڏکي ٿي ويندي ۽ قيامت جي ڏينھن کيس انڌو ڪري اٿارينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبِّ لِمَ حَشَرتَنى أَعمىٰ وَقَد كُنتُ بَصيرًا (آيت : 125) |
چوندو اي منھنجا پالڻھار مون کي انڌو ڪري ڇو اُٿاريئي ۽ بيشڪ (اڳي) سڄو ھوس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو چوندو ته، اي منهنجا پروردگار! تو مون کي انڌو ڪري ڇو اٿاريو آهي؟ مان ته تمام چڱو ڏسندڙ هوس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو چوندو اي منهنجا رب تو مون کي انڌو ڪري ڇو اٿاريو حالانڪ آئون (دنيا ۾) ڏسندڙ هوس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو عرض ڪندو ته اي منهنجا پروردگار تو مون کي انڌو ڪري ڇو اٿاريو؟ (دنيا ۾ ته) اکين وارو هوس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندو اي منهنجا رب! ڇو اٿاريو تو مون کي انڌو ڪري ۽ تحقيق هوس مان ڏسندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو چوندو ته اي منهنجا پاليندڙ! تو مون کي انڌو ڪري ڇو آندو هوڏانهن (اڳي ته) آءُ اکين وارو هوس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چوندو: ”اي منهنجا پالڻهار! تو مون کي انڌو ڇو اٿاريو آهي؟ حالانڪه (دنيا ۾) آءٌ ڏسندڙ هيس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَنڌو اُٿارينمِ ڪِيئن؟ سانيمِ! رَبَّ، سَتّار، ۽ هوس آئون هَموار، ڏاڍو ڏِسندر ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوندو ”يارب! مون کي انڌو ڪري ڇو اٿاريو اٿيئي، آءُ ته سڄو هوس؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو چوندو: "منهنجا پالڻهار! مونکي ڇو انڌو ڪري اٿاريو اٿئي! دنيا ۾ ته مان سڄو هوس؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو چوندو، اي پالڻهار! دنيا ۾ ته آئون اکين وارو هئس پر هتي مون کي ڇو انڌو ڪري اٿاريو آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ھو چوندو ته اي منھنجا پالڻھار! تو مون کي انڌو ڪري ڇو اٿاريو آهي؟ مان ته دنيا ۾ ڏسندو ھوس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ كَذٰلِكَ أَتَتكَ ءايٰتُنا فَنَسيتَها وَكَذٰلِكَ اليَومَ تُنسىٰ (آيت : 126) |
(الله) چوندو ته ائين آھي تو وٽ اسان جو آيتون آيون پوءِ کين وساريئي، ۽ اھڙي طرح اڄ وساربين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ارشاد ٿيندو ته، ها، ائين ئي ٿيڻو هو. (ڇو ته) اسان جون نشانيون تنهنجي اڳيان اچي بيٺيون، پر تو انهن کي وساري ڇڏيو. سو ساڳيءَ طرح توکي به اڄ وساريو ويو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمائيندو اهڙي طرح تو وٽ منهن جون آيتون آيون، پوءِ تو ان کي وساري ڇڏيو، ۽ اهڙي طرح اڄ ڏينهن توکي وساريو ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله فرمائيندو ته اهڙيءَ طرح ئي (هئڻ گهرجي ڇو ته) اسان جون آيتون به ته تو وٽ آيون هيون ته تو انهن کي وساري ڇڏيو. ۽ اهڙي طرح اڄ تو کي وساريو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمائيندو اهڙي طرح آيون تو وٽ آيتون اسان جون پوءِ وساريو تو انهن کي ۽ اهڙي طرح اڄ وساريو ويندين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمائيندو ته اهڙيءَ طرح اسان جون آيتون تو وٽ آيون پوءِ تو انهن کي ڀلائي ڇڏيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله فرمائيندو: ”ائين ئي ٿيو (جو دنيا ۾) تو وٽ اسان جون آيتون آيون پوءِ تو انهن کي وساري ڇڏيو ۽ اهڙي طرح اڄ تون به وساريو ويندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اِنپر اَسان جون آيئـِي، نِيشانيون نِروار، سي وِساريئـِي ويسلا!، ٻُوٽي اَ کيون ٻِيهار، ۽ اَڄ ڄيري مَنجھ ڄَمار، وِيندِين، تِيئن وِساريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوندو ”ائين توڏي اسان جون آيتون ٿي آيون ۽ تو کين ٿي وساريو ۽ ائين اڄ توکي به وساربو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله فرمائيندو: "جيئن اسان جون آيتون تو وٽ آيون ته تو انهن کي وساري ڇڏيو هو، تيئن اڄ توکي به وساريو پيو وڃي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله فرمائيندو، اهڙيءَ طرح تو وٽ پهتيون هيون اسان جون آيتون ته تو اهي وساريون هيون، ساڳيءَ طرح اڄ تون به وساريو پيو وڃين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى چوندس ته جيئن تو وٽ دنيا ۾ اسان جون آيتون آيون ھيون ۽ تون انهن کي وساري ڇڏيو ھو، اھڙي طرح اڄ توکي وساريو وڃي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذٰلِكَ نَجزى مَن أَسرَفَ وَلَم يُؤمِن بِـٔايٰتِ رَبِّهِ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَدُّ وَأَبقىٰ (آيت : 127) |
۽ اھڙي طرح انھي کي سزا ڏينداسون جيڪو حد کان لنگھيو ۽ پنھنجي پالڻھار جي نشانين کي نه مڃيائين، ۽ آخرت جو عذاب ڏاڍو سخت ۽ سدائين رھندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو ته) ساڳيءَ طرح جيڪو به (سرڪشيءَ ۾) حد کان ٻاهر نڪري ٿو وڃي ۽ پنهنجي پروردگار جي نشانين تي يقين نٿو رکي، تنهن کي اسان اهڙيءَ طرح (سندس حالت جو) بدلو ڏيون ٿا، ۽ آخرت جو عذاب ته گهڻو وڌيڪ سخت آهي ۽ گهڻي دير تائين رهڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهڙي طرح اسين جزا ڏيون ٿا ان ماڻهو کي جيڪو حد کان وڌيو ۽ الله تعالى جي آيتن تي ايمان نه آندائين، ۽ پر آخرت جو عذاب وڌيڪ سخت ۽ وڌيڪ بقا وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪو (حد کان) ٽپيو ۽ پنهنجي پالڻهار جي آيتن تي ايمان نه آندو تنهن کي اهڙو ئي بدلو ڏبو. پڻ آخرت جو عذاب ته پڪ تمام سخت ۽ گهڻو وقت رهڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهڙو بدلو ڏينداسون ان کي جيڪو حد کان لنگهيو ۽ نه ايمان آندائين پنهنجي رب جي آيتن تي ۽ البته آخرت وارو عذاب گهڻو سخت ۽ گهڻو باقي رهندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙيءَ طرح اڄ توکي وساريو ويندو. ۽ اهڙيءَ طرح اسين ان کي بدلو ڏيون ٿا جيڪو حد کان لنگهيو ۽ پنهنجي پاليندڙ جي ڳالهين تي ايمان نه آندائين ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب زياده سخت ۽ گهڻو رهڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح اسان ان شخص کي بدلو ڏيون ٿا جيڪو حد کان لنگهيو ۽ پنهنجي پالڻهار جي آيتن تي ايمان نه آندائين. ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب زور سخت ۽ گهڻو وقت رهڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن اَجايا ڪَم ڪيا، تِنهن سان پاريون اِنهِئَ پَر، ۽ پَنهنجي پَرور پاڪ جي، ٿيا نِشانِيان نابر، پڻ اَهکو عُمر ڀَر، عذاب آخِرت جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ائين ان کي سزا ڏينداسون جو حد کان لنگهندو ۽ سندس رب جي آيتن کي نه مڃيندو ۽ آخرت جو عذاب تمام سخت ۽ بقادار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙي نموني جو بدلو اسان حد کان لنگهڻ واري ۽ پنهنجي رب جي آيتن کي نه مڃڻ واري کي (دنيا ۾) ڏيندا آهيون ۽ آخرت جو عذاب ته اڃان به سخت ۽ سدائين رهندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيءَ طرح ان حد کان لنگهندڙ کي ۽ نه مڃيندڙ پنهنجي رب جي آيتن کي (دنيا ۾) بدلو ڏيندا آهيون ۽ عذاب آخرت جو ته وڌيڪ سخت ۽ باقي رهندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اھڙي طرح جيڪو ماڻهو حد کان لنگهيو ۽ پنھنجي پالڻھار جي آيتن تي ايمان نه آندو ته اسان کيس دنيا ۾ ئي بدلو ڏئي ڇڏيندا آهيون ۽ آخرت جو عذاب ته ڏاڍو سخت ۽ ھميشه وارو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 128) |
(ھن ڳالھ) کين سڌو رستو نه ڏيکاريو ڇا ته کانئن اڳ ڪيترائي جُڳ ناس ڪياسون جن جائن ۾ گھمندا آھن؟ بيشڪ اُن ۾ ڌيان وارن لاءِ نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هنن ماڻهن کي هن ڳالهه مان به هدايت (۽ نصيحت) نٿي ملي ته کانئن اڳي آيل قومن جا ڪيترائي دور گذري چڪا آهن، جن کي اسان (گناهن جي بدلي ۾) تباهه ڪري ڇڏيو. هي ماڻهو انهن جي (ڊٺل) شهرن ۽ آبادين ۾ گهمن ڦرن ٿا (انهن جا کنڊر هنن جي اکين اڳيان آهن ته به افسوس! جو عبرت نٿا وٺن) جيڪي ماڻهو سمجهه وارا آهن تن جي لاءِ هن ئي ڳالهه ۾ (نصيحت ۽ عبرت جون) گهڻيون ئي نشانيون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ انهن کي اهو سبق نه مليو ته انهن کان اڳ ۾ ڪيتريون اڳيون امتون اسان هلاڪ ڪيون اهي انهن جي گھرن م هلن ٿا، بيشڪ انهي ۾ عقلمندن لاءِ نشاني آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا! (هنن مڪي وارن کي) ان (خدا) نه ٻڌايو هو ته اسان انهن کان اڳ ڪيترن ئي ماڻهن کي برباد ڪيو جن جي گهرن ۾ اهي ماڻهو گهمن ڦرن ٿا. ان ۾ شڪ نه آهي ته عقل وارن جي لاءِ هن ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ نه هدايت ڏني انهن کي (هن ڳالھ ته) ڪيتريون هلاڪ ڪيوسين اڳ انهن کان قومون هلن پيا جاين انهن جي ۾ بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن دانشمندن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا انهن جي هن ڳالهه به رهنمائي نه ڪئي ته اسان انهن کان اڳ ڪيتريون جماعتون برباد ڪيون هوڏانهن اهي انهن (برباد ڪيلن) جي جاين ۾ گهمن ٿا. بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ نشانيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن جي هن ڳالهه به رهنمائي نه ڪئي ته اسان انهن کان اڳ ڪيترين ئي امتن کي برباد ڪري چڪا آهيون جن جي رهائش گاهن ۾ (هاڻي) اُهي هَلن گهمن ٿا. بيشڪ ان ۾ عقلمندن لاءِ (گهڻيون) نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا ؟ هِن هِدايت، تَن نه ٿئي، ته ڪَئـِين جُڳن جا جُڳ، ماري ڇَڏيا سون مُورهِين، اُنهن ڪنان اَڳ، جُھولن سَندنِ جاين ۾، جِت جَا بَجا جَڳ مَڳ، آيتون اَلڳ، اُن ۾ عاقِلن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، کين انهن مان به هدايت نٿي ملي، جو کانئن اڳ ڪيترائي جڳ ناس ڪياسون؟ هنن جي ٺڪا ڻن ۾ پاڻ پيا هلن! بيشڪ سمجهه وارن لاءِ انهي ۾نشانيون آهن!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڀلا انهن ماڻهن کي (تاريخ جي ڏنل ان سبق مان) ڪا هدايت نه ملي آهي ڇا ته کانئن اڳ ڪيترين ئي قومن کي اسان برباد ڪري چڪا آهيون، جن جي (ويران ٿيل) ڳوٺن ۾ اڄڪلهه اهي گهمندا ڦرندا وتن ٿا؟ حقيقت ۾ انهيءَ ۾ عقل وارن لاءِ گهڻيون ئي نشانيون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇا ڪابه هدايت کين نه ملي (تاريخ مان) ته هلاڪ ڪيو هوسين کانئن پهرين به ڪيئي قومون جن جي برباد ٿيل وستين ۾ اڄ به اهي گهمن ڦرن پيا؟ حقيقت ۾ ڪيئي نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي صحيح عقل رکن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن ماڻهن کي ھن ڳالھ مان ڪابه ھدايت نٿي ملي ته اسان انهن کان پھريائين ڪيترن شھرن کي تباهه ڪري ڇڏيو آھي؟ ھي ماڻهو انهن شھرن مان لنگهن به ٿا. بيشڪ ان ۾ عقل کان ڪم وٺندڙن لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَكانَ لِزامًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى (آيت : 129) |
۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حُڪم آڳاٽو نه ٿئي ھا ۽ (پڻ) مدت مقرر ٿيل نه ھجي ھا ته ضرور (عذاب) لازم ٿئي ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها جو اڳ ئي تنهنجو پروردگار (هن باري ۾) هڪڙي ڳالهه مقرر ڪري ڇڏي ها (يعني هڪڙو قانون مهلت جو نه ٺهرائي ڇڏي ها) ته هن ئي گهڙيءَ ۾ انهن تي (گناهن جو) الزام لڳي وڃي ها، ۽ اهو (عذاب ۽ سزا جو) مقرر وقت هڪدم ظهور ۾ اچي ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان جي رب جي ڳالهه اڳ ۾ ٿيل نه هجي ها ۽ (عذاب جو) وقت مقرر نه هجي ها ته ضرور انهن کي عذاب چنبڙي پوي ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جي طرفان اڳ ۾ ئي هڪ انجام ۽ (عذاب جو) هڪ مقرر ڪيل وقت نه هجي ها ته (سندن حرڪتن ڪري) يڪدم عذاب جو اچڻ لازمي ڳالھ هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن نه ٿيل هجي ها فيصلو جيڪو اڳ ۾ ٿي ويو رب تنهنجي کان ته البته هجي ها لازم ۽ مدو مقرر ٿيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن هڪ ڳالهه جا تنهنجي پاليندڙ جي طرفان مقرر ٿي چڪي آهي نه هجي ها ۽ (اهڙيءَ طرح) هڪ مقرر ڪيل مدت نه هجي ته جيڪر عذاب (ان ئي وقت) لازم ٿي وڃي ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن تنهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ڳالهه جا مقرر ٿي چڪي آهي سا نه هجي ها ۽ مهلت جو هڪ مقرر ڪيل وقت نه هجي ها ته (انهن تي عذاب لهڻ هاڻي ئي) لازم ٿي پوي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تُنهن جي آگِيا، اَ ڳ ڀَرو، جي قلم نَه وهيو ڪَر، پڻ مُدت مُقرر، ته لاشڪ لاڳُو ٿِي وِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن تنهنجي رب کان آڳاٽو حڪم ۽ وقت مقرر ٿيل نه هجي ها ته جيڪر ضرو عذاب اچي ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن تنهنجي رب جي پاران هڪڙي ڳالهه اڳواٽ ئي طئي ٿيل نه هجي ها ۽ مهلت جو وقت مقرر ڪيل نه هجي ها ته انهن جو ضرور فيصلو ٿي وڃي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي ڪجهه به طئي ٿيل نه هجي اڳواٽ تنهنجي رب جي طرفان ۽ مهلت جي مدت به مقرر ٿيلنه هجي ته ضرور سندن فيصلو ٿي وڃي ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جي طرفان پھريائين طئي ٿيل نه ھجي ھا ۽ ھڪ وقت مقرر نه ڪيو وڃي ھا ته انهن جي مٿان عذاب جو اچڻ (ھينئر ئي) لازم ٿي وڃي ھا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ غُروبِها وَمِن ءانائِ الَّيلِ فَسَبِّح وَأَطرافَ النَّهارِ لَعَلَّكَ تَرضىٰ (آيت : 130) |
پوءِ جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ ان جي لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان گڏ بيان ڪر، ۽ رات جي (پھرين) گھڙين ۾ ۽ ڪجھ گھڙيون ڏينھن جون پاڪائي بيان ڪر ته مانَ تون راضي ٿئين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڪري (توکي گهرجي ته) جيڪي جيڪي ڳالهيون اهي (گنهگار) چون ٿا تن تي صبر ڪر ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ۾ لڳو رهه، صبح جو سج نڪرڻ کان اڳي، شام جو سج لهڻ کان اڳي، ۽ رات جي گهڙين ۾ به ثنا ڪندو رهه ۽ ٻيپهريءَ جي لڳ ڀڳ به. ممڪن آهي ته تون بلڪل جلد (نتيجن جي ظهور کان) خوش ٿي ويندين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان انهن جي ڳالهين تي صبر ڪريو ۽ توهان پنهنجي رب جي تسبيح ۽ حمد بيان ڪريو سج اڀرڻ کان اڳ ۾ ۽ سج لهڻ کان اڳ ۾، ۽ رات جي ڪجھه حصي ۾ پوءِ توهان تسبيح پڙهو ڏينهن جي ٻنهي ڪنارن ۾ يقيناً توهان جو رب توهان کان راضي ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (اي رسول) جيڪي اهي ڪافر بڪن ٿا تنهن تي تون صبر ڪر ۽ پنهنجي پالڻهار جي حمد ۽ ثنا سان گڏ تسبيح، سج نڪرڻ کان اڳ ۽ ان جي لهڻ کان اڳ بيان ڪندو رھ. ۽ ڪجھ رات جون گهڙيون به پاڪائي بيان ڪر ۽ ڏينهن جي طرفن ۾ به، ته تون خوش رهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ صبر ڪر ان تي جيڪو چون ٿا ۽ تسبيح پڙھ پنهنجي رب جي حمد سان اڳي سج اڀرڻ کان ۽ اڳي ان جي لهڻ کان ۽ گهڙيِن رات جي ۾ پوءِ تسبيح پڙھ ۽ طرفن ڏينهن جي ۾ تانته تون راضي ٿين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر) هي جيڪي چون ٿا تنهن تي تون صبر ڪر ۽ پنهنجي پاليندڙ جي پاڪائي سندس ساراهه سان گڏ سج اڀرڻ کان اڳ ۽ ان جي لهڻ کان اڳ بيان ڪندو رهه. ۽ ڪجهه رات جون گهڙيون به پاڪائي بيان ڪر ۽ ڏينهن جي طرفن ۾ به ته مَنَ تون خوش رهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ صبر ڪر ان تي جيڪي چون ٿا ۽ پنهنجي پالڻهار جي ساراهه سان گڏ سندس تسبيح پڙهه سج اڀرڻ کان اڳ (يعني نمازِ فجر ۾) ۽ ان جي لهڻ کان اڳ (يعني ٽپهري نماز ۾) ۽ رات جي پهرين گهڙين ۾ (يعني مغرب ۽ عشاء ۾) به تسبيح ڪر ۽ ڏينهن جي ڪنارن تي به ته جيئن تون خوش رهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سُخن سامَهان جي چَون سي سَهِي وڃ سَردار، ۽ تُنهنجي سائـِينءَ جي ساراہ سان، ڳائج ڳُڻ نِبار، اَ ڳي اُڀري سِج ڪَنان، پڻ اَ ڳي اُلهڻ وار، ۽ پَهر، پَل رات جا، پڻ طرف ڏِينهن تَڪرار، پاڪ ئـِي پاڪ پُڪار، ته راضِي رهَندِين تون گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون سندن چوڻ تي پيو صبر ڪر ۽ سج اڀرڻ کان اڳ خواهه لهڻ کان اڳ پنهنجي رب جي واکاڻ سان سندس پاڪائي بيان ڪندو رهه ۽ رات جي گهڙين ۽ ڏينهن جي گهڙين ۾ به پاڪائي چئو، ته من تون خوش ٿئين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري اي نبي! جيڪي ڳالهيون اهي ماڻهو پيا ٿا ڪن، انهن تي صبر ڪر ۽ پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪر، سج اڀرڻ کان اڳ ۽ لهڻ کان اڳ ۽ رات جي پهرن ۾ به تسبيح ڪر ۽ ڏينهن جي ڇيڙن تي به، ته مــَـنَ تون راضي رهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي نبي! صبر ڪر انهن ماڻهن جي ڳالهين تي، جيڪي هو ٺاهين ٿا ۽ حمد ۽ ثنا سان پنهنجي رب جي پاڪائي بيان ڪر اڳي سج نڪرڻ کان ۽ ان جي لهڻ کان به اڳي، ۽ هي ته رات جي وقتن ۾ به پاڪائي بيان ڪندو رهه ۽ ڏينهن جي ڪنارن تي به، ته شايد تون راضي ٿي وڃين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) انهن جي ڳالهين تي صبر ڪر ۽ پنھنجي پالڻھار جي سج نڪرڻ ۽ غروب ٿيڻ کان پھريائين تعريف سان گڏ پاڪائي بيان ڪر ۽ رات ۽ ڏينھن جي وقت به پاڪائي بيان ڪر، ايئن ڪرڻ سان تون پاڻ ئي خوش ٿي ويندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم زَهرَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا لِنَفتِنَهُم فيهِ وَرِزقُ رَبِّكَ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 131) |
۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي اکين کي انھن ڏانھن نه کول جنھن سان منجھائن (ڪافرن جي) ٽولين کي دنيا جي حياتي جي سينگار سان ھن لاءِ آسودو ڪيوسون ته منجھس کين پرکيون، ۽ تنھنجي پالڻھار جو رزق ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي جو اسان مختلف قسمن جي ماڻهن کي دنيوي زندگيءَ جون آرائشون سينگار ۽ رونقون ڏنيون آهن تن تي سندن اکيون ڌيان نه ڏين (۽ ڪو خيال نه ڪر) اهي سڀ انهيءَ لاءِ آهن جو اسان هنن (گنهگارن) کي آزمائش ۾ وڌو آهي ۽ جيڪا تنهنجي پروردگار جي بخشيل روزي آهي سا ئي (تنهنجي لاءِ) بهتر آهي ۽ (نتيجن جي لحاظ کان) باقي رهڻ واري (يعني جٽادار) آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (اي مخاطب) تون نه ڏس ان ملڪيت ۽ سينگار کي جيڪو اسان ڪافرن جي ٽولن کي دنيا جي زندگيءَ ۾ ڏنو آهي، ان لاءِ ته اسين انهن کي انهيءَ ۾ آزمايون، ۽ توهان جي رب جو رزق تمام بهتر ۽ هميشه بقا وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) جو ان مان ڪجھ ماڻهن کي دنيا جي هن فاني حياتيءَ جي زينت سان نهال ڪيو آهي سو هن لاءِ ته اسين انهن جو ان ۾ امتحان ڪريون، تون پنهنجون نظرون اوڏانهن نه وڌائي. پڻ (ان کان) تنهنجي پروردگار جي روزي (آخرت جو ثواب) گهڻو چڱو ۽ وڌيڪ رهڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هرگز نه کولي رک اکيون پنهنجون ان ڏانهن جو نفعو ڏنوسون ان سان ٽولين کي انهن مان سينگار دنيا واريءَ حياتيءَ جو تانته آزمايون انهن کي ان ۾ ۽ تنهنجي رب جو رزق ڀلو ۽ وڌيڪ باقي رهڻ وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تون پنهنجيون ٻئي اکيون کڻي ان شيءِ ڏي يعني دنيا جي حياتيءَ جي رونق ڏي ڪڏهن به نه نهار، جنهن سان اسان انهن مان ڪيترين جماعتن کي فائدو پهچايو هن لاءِ ته اسين انهن جو اُن ۾ اِمتحان ڪريون. هونءَ ئي تنهنجي پاليندڙ جو (ڏنل) رزق گهڻو چڱو ۽ وڌيڪ رهڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجون ٻئي اکيون کڻي هرگز به انهن شين ڏانهن نه نهار جن سان اسان انهن مان مختلف ماڻهن کي دنيا جي آرائش ۽ زيبائش جو فائدو پهچايو آهي. هن لاءِ جو انهن ۾ کين آزمايون. ۽ تنهنجي پالڻهار جي عطا بهتر ۽ باقي رهڻ واري آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اکيون تُنهنجيون اُن ڏي، ڍوليا! ڪِيمِ ڊگھار، جيڪِي وَرسايو سونِ وَنِيَنِ ۾، سو صُورت جو سيگار، تان آزِمايون اُنهن کي، اِنهئَ پَر پَر وار، ۽ بِهتر بَقادار، رِزق تُنهنجي ربَّ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پنهجين اکين کي انهي دنيا جي سينگار ڏانهن نه ڦيراءِ جيڪي اسان هنن (ڪافرن) جي ڪن ٽولن کي آزمائش خاطر ڏنو آهي ۽ تنهنجي رب جو رزق سٺو ۽ بقادار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ تون نهار ئي نه دنيا جي انهيءَ رونق ڏانهن، جنهن سان اسان انهن مان ڪن ماڻهن کي نوازيو آهي. اهو ته اسان انهن کي آزمائش ۾ وجهڻ لاءِ ڏنو آهي ۽ تنهنجي رب جو ڏنل حلال رزق ئي سڀ کان ڀلو ۽ سدائين رهڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان شيءِ ڏي ٻئي اکيون کڻي تون ڪڏهن نه نهار (دنيا جي شان ڏي) جنهن سان اسان انهن مان ڪيترين جماعتن کي فائدو پهچايو دنيا جي حياتي ۾، ان لاءِ ته اسين انهن جو امتحان وٺون ۽ تنهنجي پاليندڙ جو ڏنل رزق گهڻو سٺو ۽ وڌيڪ رهڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) تون دنيا وارن کي اسان جي طرفان ڏنل سامان ڏي اک کڻي به نه نھار. اسان ان سامان ذريعي انهن مان ڪيترن ئي ٽولن کي پرکڻ لاءِ دنيا جي شان و شوڪت سان نوازيو آھي ۽ تنھنجي پالڻھار جو (ڏنل حلال) رزق ئي بھتر ۽ ھميشه رھڻ وارو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأمُر أَهلَكَ بِالصَّلوٰةِ وَاصطَبِر عَلَيها لا نَسـَٔلُكَ رِزقًا نَحنُ نَرزُقُكَ وَالعٰقِبَةُ لِلتَّقوىٰ (آيت : 132) |
۽ پنھنجي گھر وارن کي نمازجو حڪم ڪر ۽ مٿس صبر ڪر (يعني قائم رھ) توکان رزق نه گھرندا آھيون، اسين توکي رزق ڏيندا آھيون، ۽ چڱي عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پنهنجي گهر وارن کي به نماز جو حڪم ڏي، ۽ ان (ڪم) تي مضبوطيءَ سان ڄميو رهه ۽ ثابت قدم رهه. اسان توکان رزق ڪونه ٿا گهرون (تون ئي اسان وٽ رزق جو سائل آهي.) اسان رزق بخشڻ وارا آهيون، ۽ (چڱي) پڇاڙي تقويٰ جي لاءِ آهي. (يعني آخر تقويٰ وارا ئي ڪامياب ٿيندا ۽ سڀ نعمتون ماڻيندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان پنهنجي گھر وارن کي نماز جو حڪم ڪريو ۽ توهان ان تي هميشگي ڪريو اسين توهان کان رزق نٿا گھرون، اسين توهان سڀني کي رزق ڏيون ٿا، ۽ سهڻي پڇاڙي آهي پرهيزگارن لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون پنهنجي گهر وارن کي نماز جو حڪم ڪر ۽ تون پاڻ به ان جو پابند رھ. اسين تو کان رزق ته نٿا گهرون (پر) رزق تو کي ڏيون ٿا. ۽ پڇاڙي ته پرهيزگارِيءَ جي چڱي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ حڪم ڪر اهل پنهنجي کي نماز جو ۽ قائم رهه ان تي نه ٿا گهرون اسين توکان رزق اسين رزق ڏيون ٿا توکي ۽ چڱي پڇاڙي تقوى (وارن) لاءِ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تون پنهنجي گهر وارن کي نماز جو حڪم ڪر ۽ ان تي قائم رهه. اسين توکان رزق نه ٿا گهرون (پر) رزق توکي اسين ڏيون ٿا. ۽ پڇاڙيءَ پرهيزگاريءَ جي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون پنهنجي گهروارن کي نماز جو حڪم ڪر ۽ پاڻ به ان تي پابند رهه. اسان تو کان رزق نه ٿا گهرون. (بلڪه) اسان تو کي رزق ڏيون ٿا. ۽ (چڱي) پڇاري پرهيزگاري لاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نَبِي ڪر نِماز جو، اَمر تُنهنجي آل، پاڻ به اُن جي پَڙهڻ تي، قائـِم رَھ ڪَمال! توکي تُنهنجي قُوت جو، ڪريون ڪِين سُوال، روزِي، روز توکي، بَخشيون اَسِين بَحال، ۽ لاشڪ آهي لال!، پَڇاڙِي پَرهيز جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پنهنجي گهر وارن کي نماز جو حڪم ڪر ۽ پاڻ به ان تي قائم رهه، اسين توکان رزق ڪو نه ٿا گهرون، تو کي به رزق ڏيون ٿا_ ۽ چڱي پڇاڙي نيڪن جي ئي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي ڪٽنب وارن کي نماز جي تلقين ڪر ۽ پاڻ به ان تي قائم رهه، اسان توکان ڪو رزق نٿا گهرون، اسان ته پاڻ توکي رزق ٿا ڏيون ۽ چڱي پڇاڙي آهي ئي پرهيزگاريءَ جي لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تلقين ڪر پنهنجي اهل عيال کي نماز جي ۽ پاڻ به پابند رهه انهيءَ جو، اسان توکان نٿا گهرون ڪو رزق، اسان ئي ته توکي رزق ڏئي رهيا آهيون ۽ عاقبت جي ڀلائي تقويٰ ۾ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجي گهر وارن کي نماز جو تاڪيد ڪندو رهه ۽ پاڻ به ان جو پابند رهه اسان توکان رزق نٿا گهرون بلڪه اسان ئي توکي رزق ڏيون ٿا ۽ پرھيزگارن جي ئي پڇاڙي چڱي آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا لَولا يَأتينا بِـٔايَةٍ مِن رَبِّهِ أَوَلَم تَأتِهِم بَيِّنَةُ ما فِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 133) |
۽ چون ٿا ته اسان وٽ پنھنجي پالڻھار جي ڪا نشاني ڇونه آڻيندو آھي؟ جيڪي پھرين صحيفن ۾ آھي تنھن جي نشاني وٽن نه آئي آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي ماڻهو چون ٿا ته ڇو هن (يعني حضرت محمدﷺ) پنهنجي پروردگار وٽان ڪا نشاني پاڻ سان ڪانه آندي آهي. پر ڇا هنن وٽ روشن دليل ڪونه پهچي چڪا آهن جي اڳوڻن (خدائي) ڪتابن ۾ موجود آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي چون ٿا ته اهو (محمد ڪريم) انهن لاءِ پنهنجي رب جي طرفان ڪا نشاني آڻي، ڇا انهن وٽ پهرين آسماني ڪتابن ۾ نشانيون نه آيون؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مڪي وارا) چوندا پنهنجي پروردگار جي طرفان اسان ڏي ڪو معجزو (اسان جي مرضي وارو) ڇو نٿو آڻين؟ ته ڇا جيڪي (پيشنگويون پهرين ڪتابن (توريت، انجيل) ۾ آيون آهن (سي به) انهن وٽ ڪين پهتيون آهن؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ڇو نه ٿو آڻي اسان وٽ نشاني رب پنهنجي وٽان ڇا نه آيو انهن وٽ روشن دليل ان جو جيڪو صحيفن پهرين ۾ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته هو (اهو پيغمبر) اسان وٽ پنهنجي پاليندڙ جي طرفان ڪا نشاني ڇو نه ٿو آڻي؟ ڇا جيڪي پهرين ڪتابن ۾ آهي تنهن مان ظاهر نشاني وٽن نه آئي آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ڪافر) چون ٿا ته: ”هي (رسول) اسان ڏانهن پنهنجي پالڻهار کان ڪا نشاني (معجزو) ڇونه ٿو آڻي“؟ ڇا جيڪي پهرين ڪتابن ۾ آهي تنهن مان ظاهر نشاني (قرآن) وٽن نه آيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڇو نه سَندسِ سائـِين جا، آڻِينون اُهڃاڻ؟ ڇا پَهريَنِ پَنَن ۾ پاڻ، ڪِ اُوٺا نه آيا اُنهن کي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ٿا چون ته اسان وٽ سندن رب جي ڪا نشاني ڇو نٿو آڻي؟ ڇا اڳين ڪتابن مان وٽن ڪا نشاني ڪا نه آئي آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي چون ٿا ته هيءُ شخص پنهنجي رب وٽان ڪا نشاني (معجزو) ڇو نه ٿو آڻي؟ ڇا وٽن اها شيءِ نه آئي آهي، جا اڳين ڪتابن ۾ لکيل ڳالهين کي چٽيءَ طرح بيان ڪندڙ آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي چون ٿا ته هي شخص ڪابه نشاني (معجزو) پنهنجي رب جي طرفان ڇو نٿو آڻي؟ ۽ ڇا انهن وٽ پڌرو بيان اڳين صحيفن جي تعليم جو نه آيو آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي چون ٿا ته ھي شخص اسان وٽ پنھنجي پالڻھار جي طرفان ڪا نشاني ڇو نٿو آڻي؟ ڇا انهن وٽ ھي نشانيون نه پھتيون آھن جيڪي اڳ آيل ڪتابن (۽ صحيفن) ۾ موجود آھن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو أَنّا أَهلَكنٰهُم بِعَذابٍ مِن قَبلِهِ لَقالوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ مِن قَبلِ أَن نَذِلَّ وَنَخزىٰ (آيت : 134) |
۽ جيڪڏھن اسين کين ھن (پيغمبر موڪلڻ) کان اڳ عذاب سان ناس ڪريون ھا ته ضرور چون ھا ته اي اسانجا پالڻھار اسان ڏانھن پيغمبر ڇونه موڪليئي ته پنھنجي ذليل ٿيڻ ۽ خوار ھجڻ کان اڳ تنھنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اسان هنن کي هن کان اڳي (يعني قرآن مجيد جي نازل ٿيڻ کان اڳي) عذاب نازل ڪري تباهه ڪري ڇڏيون ها ته، ضرور چون ها ته اي اسان جا پروردگار اسان جو عذاب جي اچڻ سان ذليل ۽ خوار ٿيون، تنهن کان اڳي هڪڙو پيغمبر ڇو نه موڪليئي ته اسان تنهنجي آيتن جي پيروي ڪريون ها ۽ تباهه نه ٿيون ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن تحقيق اسان انهن کي رسول جي اچڻ کان اڳ ۾ عذاب ۾ هلاڪ ڪريون ها. چون ها اي اسان جا رب تو اسان ڏانهن ڇو نه ڪو رسول موڪليو پوءِ اسين تنهنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ها ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان پهرئين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اسين انهن کي رسول (موڪلڻ) کان اڳ ڪنهن عذاب سان برباد ڪريون ها ته اي اسان جا پروردگار! تو اسان ڏي ڇا لاءِ ڪو رسول نه موڪيلو ته اسين ذليل ٿيڻ ۽ خوار ٿيڻ کان اڳي تنهنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن تحقيق اسان هلاڪ ڪيون ها انهن کي عذاب سان ان کان اڳي ته البته چون ها اي اسان جا پالڻهار! ڇو نه موڪليو تو اسان ڏانهن رسول پوءِ تابعداري ڪيون ها آيتن تنهنجين جي ان کان اڳي جو ذليل ٿيون ها ۽ خوار ٿيون ها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اسين انهن کي رسول (موڪلڻ) کان اڳ ڪنهن عذاب سان برباد ڪريون ها ته چون ها ته اي اسان جا پاليندڙ! تو اسان ڏي ڇا لاءِ ڪو رسول نه موڪليو ته اسين ذليل ٿيڻ ۽ خوار ٿيڻ کان اڳي تنهنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ها؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسان انهن کي رسول (موڪلڻ) کان اڳ عذاب ذريعي هلاڪ ڪيون ها ته اُهي چون ها: ”اي اسان جا پروردگار! تو اسان تي ڪو رسول ڇو نه موڪليو ته ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان اڳ اسان تنهنجي آيتن جي پيروي ڪيون ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي اُجاڙياسون اُنهيان اَ ڳي، اُنهن کي مَنجھ آزار، ته چيائون اِنهِئَ چال سان، ته سانيمِ، رَبَّ، سَتار!، ڇو نه اَسان ڏي موڪليَئـِي، ڪو مُرسل مَڻيادار، ته ٿياسون تُنهنجي حُڪمن جا، تَهدِل تابِعدار، اڳي اِنهيان وار، ته خَراب ۽ خُوار ٿِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن اسين کين ان کان اڳ عذاب سان چٽ ڪريون ها ته جيڪر ضرور چون ها ته ”اي اسان جا رب تو اسان ڏي ڪو رسول ڇو نٿي موڪليو؟ جو جيڪر اسين ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان اڳ تنهنجي آيتن کي مڃيون ها.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن اسان هن جي اچڻ کان اڳ کين ڪنهن عذاب سان برباد ڪيون ها ته وري اهي ئي چون ها ته اي اسان جا رب! تو اسان ڏانهن ڪو رسول ڇونه موڪليو هو ته ذليل خوار ٿيڻ کان اڳواٽ ئي اسان تنهنجي آيتن جي پيروي ڪريون ها؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي اسان کين ڪنهن عذاب سان هلاڪ ڪريون ها ان جي اچڻ کان اڳي، ته پوءِ اهي ئي چون ها ته اي اسان جا رب! تو اسان وٽ ڪوبه ڇو نه موڪليو رسول، ته اسان پيروي ڪريون ها تنهنجي آيتن جي ان کان اڳي ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏھن اسان کين بنا رسول موڪلڻ جي عذاب ڏئي برباد ڪريون ھا ته ھي چون ھا ته اي اسان جا پالڻھار! تو اسان ڏي رسول سڳورو ڇونه موڪليو ته جيئن اسان ان جي پيروي ڪريون ھا ۽ ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان بچي وڃون ھا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل كُلٌّ مُتَرَبِّصٌ فَتَرَبَّصوا فَسَتَعلَمونَ مَن أَصحٰبُ الصِّرٰطِ السَّوِىِّ وَمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 135) |
(اي پيغمبر) چؤ ته سڀڪو منتظر آھي پوءِ (اوھين به) منتظر رھو، پوءِ سگھوئي ڄاڻندو ته سڌي واٽ وارا ڪير آھن ۽ ھدايت وارو ڪير ٿيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته، هتي هرهڪ جي لاءِ (ايندڙ وقت جو) انتظار ڪرڻو آهي، پوءِ توهان به انتظار ڪيو. تمام جلد توهان کي معلوم ٿي ويندو ته ڪير سڌيءَ واٽ تي آهي، ۽ ڪير ٿو منزل تي پهچي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان فرمايو سڀئي انتظار ڪندڙ آهن پوءِ توهان به انتظار ڪريو ۽ توهان کي جلد معلوم ٿيندو ته سنئين رستي تي ڪير آهن ۽ هدايت تي ڪير آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته هر هڪ (پنهنجي نتيجي جو) منتظر آهي ته اوهين به انتظار ڪريو. پوءِ اوهين ڄاڻندو ته سڌي رستي وارا ڪير آهن ۽ ڪنهن سڌو رستو لڌو آهي (۽ گمراھ ڪير آهي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته هر شخص انتظار ڪندڙ آهي پوءِ انتظار ڪيو اوهان به پوءِ جلد ڄاڻندؤ ته ڪير آهي صاحب واٽ سڌيءَ جو ۽ ڪير هدايت وارو ٿيو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! انهن کي) چو ته هر هڪ انتظار ڪندڙ آهي پوءِ اوهين به انتظار ڪريو. پوءِ اوهين ڄاڻندو ته سڌي رستي وارا ڪير آهن ۽ ڪنهن سڌو رستو لڌو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”هر هڪ انتظار ڪندڙ آهي پوءِ اوهان به انتظار ڪيو، پوءِ اوهان جلد ئي ڄاڻي وٺندؤ ته ڪير سڌي رستي وارا آهن ۽ ڪير هدايت يافته آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو، مِڙئـِي اِنتظار ۾، پوءِ ڪَڍو اِنتظار، پوءِ سِگھوئـِي سَمجھندا، ته ڪِهڙو برقرار، سَنِئين واٽ سُوار، پڻ هَليو هِدايت تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته سڀئي پيا انتظار ڪن، سو اوهين به انتظار ڪريو_ سگهو ئي خبر پوندوَ ته ڪير سنئين واٽ وارو آهي ۽ ڪير هدايت وارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته هر ڪو پيو ٿو انتظار ڪري ته ڇا ٿيندو، سو توهان به انتظار ڪريو، سگهوئي توهان کي خبر پئجي ويندي ته ڪير سڌيءَ واٽ تي هلڻ وارا آهن ۽ ڪنهن کي هدايت نصيب ٿي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! انهن کي چؤ، هرڪو پڄاڻيءَ جي انتظار ۾ آهي سو هاڻي انتظار ڪريو، جلد ئي توهان کي معلوم ٿي ويندو ته ڪير سڌي راهه تي هلڻ وارا آهن ۽ ڪير هدايت وارا آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) چؤ ته ھرھڪ انتظار ۾ آھي سو توھان به انتظار ڪريو پوءِ جلد ئي توھان کي خبر پئجي ويندي ته سڌي رستي وارا ڪير آھن ۽ ڪنھن کي ھدايت ملي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |