توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الم (آيت : 1) |
الٓمٓ(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الف لام ميم(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الۗمّۗ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الم(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الف لام ميم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الٓـمّٓ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الف لام ميم (هي حروف مقطعات آهن، هنن جي اصل معنيٰ ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ بهتر ڄاڻن ٿا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الٓمّٓ جِي، پرور کي پَروڙ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الف، لام، ميم (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ال۬مّ۬ (الف ــ لام ــ ميم) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الف، لام، ميم(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الف - لام- ميم (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ الكِتٰبُ لا رَيبَ فيهِ هُدًى لِلمُتَّقينَ (آيت : 2) |
ھيءُ ڪتاب، جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي، اُنھن خدا ترسن کي سِڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هيءُ (خدائي) ڪتاب آهي ان ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي. خدا کان ڊڄندڙن پرهيزگارن لاءِ (سعادت جي) راه کولي ڏيکاريندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هي اهو ڪتاب آهي جنهن ۾ ڪا به شڪ جي جاءِ ناهي، انهيءَ ۾ هدايت آهي پرهيزگارن لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهو ئي (خدا جو) ڪتاب آهي (جنهن جي اوهان کي خبر آهي) هن ۾ (ڪنهن قسم جي) شڪ ۽ گمان جي جاءِ نه آهي. هي پرهيزگارن جو رهنما آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هيءُ (شان وارو) ڪتاب ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي (هي) هدايت آهي پرهيزگارن لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هي ڪتاب آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي. (هيءَ) رهنمائي آهي پرهيزگارن لاءِ، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (هيءُ) اهو ڪتاب آهي جو ڪو شڪ نه آهي.. ان ۾ .. هدايت آهي پرهيزگارن لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ليک اهوئي لوڪ ۾، منجھس شڪ نه مور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي ڪتاب، جنهن ۾ ڪو به شڪ نه آهي، انهن خدا کان ڊڄندڙن کي رستو ڏيکاريندڙ آهي (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هيءُ الله جو ڪتاب آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، هدايت آهي انهن پرهيزگار ماڻهن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ھي اللہ جو ڪتاب آھي جنھن ۾ ڪوبہ شڪ نہ آھي، ھدايت آھي پرھيزگار ماڻھن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (الله تعالى جو) ڪتاب آهي (جنھن ڪري) هن ۾ڪو (به) شڪ نه آهي (هي ڪتاب) انهن پرهيزگارن لاءِ هدايت (جو ذريعو) آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يُؤمِنونَ بِالغَيبِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
جيڪي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻيندا آھن ۽ نماز پڙھندا آھن ۽ کين جيڪي رزق ڏنوسين تنھن مان خرچيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي غيب (جي حقيقتن) تي ايمان رکن ٿا ۽ نماز تي محڪم رهن ٿا. ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي ان کي (نيڪي جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو ايمان آڻن ٿا غيب تي ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪي ڪجهه اسان انهن کي ڏنو آهي انهيءَ مان خرچ ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي غيب تي ايمان آڻين ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي ايمان آڻين ٿا غيب تي ۽ صحيح ادا ڪن ٿا نماز ۽ ان مان جو روزي ڏني اسان انهن کي خرچ ڪندا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻين ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا، ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آهي تنهن مان خرچ ڪن ٿا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي (پرهيزگار) ماڻهو جيڪي ڳُجهه تي ايمان آڻن ٿا ۽ نماز قائم رکن ٿا ۽ جيڪي اسان کين رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪارڻ ڪِرياتن جي، هدايت حضور، جي پر پٺ مڃين، ۽ پوريون پڙهن نمازون نور، ۽ تنهن زر مان ڏينِ ضرور، جو ڏات ڏنوسون انهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻين ٿا. نماز کي قائم ڪن ٿا ۽ جيڪو رزق کين ڏنو اٿؤن، تنهن مان (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي غيب تي ايمان آڻن ٿا، نماز قائم ڪن ٿا، جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي، انهيءَ مان خرچ ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي غيب تي ايمان آڻن ٿا، ۽ قائم ڪن ٿا نماز، ۽ جيڪو رزق اسان انھن کي ڏنو آھي ان مان خرچ ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي غيب (يعني اڻ ڏٺي ۽ اڻ سمجهي) تي ايمان آڻين ٿا، نماز قائم ڪن ٿا ۽ کين جيڪو رزق اسان ڏنو آهي ان مان (ان جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَبِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
۽ اُھي (اي پيغمبر) جيڪو (قرآن) تو ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ (ٻـين پيغمبرن تي) لاٿو ويو تنھن کي مڃيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي يقين رکندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي توتي نازل ٿيل وحي تي ايمان آڻين ٿا ۽ پڻ انهن تي جي توکان اڳي (ٻين رسولن تي) نازل ٿيا ۽ ان سان گڏ آخرت جي زندگي جو به دل ۾ يقين رکن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُهي ماڻهو ايمان آڻن ٿا قرآن ڪريم تي ۽ انهن مقدس ڪتابن تي جيڪي اڳ ۾ نازل ڪيا ويا، ۽ آخرت تي اهي يقين رکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي تو تي (اي رسول) نازل ڪيو ويو آهي ۽ پڻ تو کان اڳ نازل ڪيو ويو آهي ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ اهي ئي آخرت جو به يقين رکن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪي ايمان آڻين ٿا ان تي جو (اي حبيب!) نازل ڪيو ويو آهي اوهان تي ۽ ان تي جو نازل ڪيو ويو آهي اوهان کان اڳ ۾ ۽ آخرت تي اهي يقين رکن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي ان تي يمان آڻين ٿا جيڪي توڏي (اي رسول) لاٿو ويو آهي ۽ جيڪي توکان اڳ لاٿو ويو آهي ۽ اُهي آخرت تي يقين رکن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ايمان آڻن ٿا ان (قرآن ) تي جيڪو تو تي نازل ڪيو ويو آهي ۽ ان (ڪلامِ الاهي) تي جيڪو توکان اڳ نازل ڪيو ويو هيو ۽ اهي آخرت تي يقين رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي مِڙئي مڃينِ، جو توئي اُتاريوسون، ڪِ تُوهان اڳ، پڪ رکن پر لوڪ جِي، جو اڃا اڳي جَڳ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهو، جيڪو توڏانهن لاٿو ويو آهي ۽ توکان اڳ ۾ لاٿو ويو آهي ان کي مڃين ٿا. اهي ايندڙ حياتيءَ تي يقين رکن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪو ڪتاب توتي نازل ڪيو ويو آهي (يعني قرآن) ۽ جيڪي ڪتابَ توکان اڳ ۾ نازل ڪيا ويا هئا، انهن سڀني تي ايمان آڻن ٿا ۽ آخرت تي يقين رکن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اھي ماڻھون ايمان آڻن ٿا جيڪو نازل ڪيو اسان توتي (قرآن) ۽ جيڪي نازل ڪيا توکان اڳ (ڪتاب) ۽ آخرت تي اھي يقين رکن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو ڪتاب توهان جي مٿان نازل ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي ڪتاب اڳ نازل ڪيا ويا هئا. (پرهيزگار ماڻهو) انهن سڀني تي ايمان آڻين ٿا ۽ قيامت جي ڏينھن تي يقين رکن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
اِھي ئي (انھيءَ) سڌي واٽ تي آھن جا سندن پالڻھار کان (ڏسيل) آھي ۽ اِھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً اهي ئي ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي (ڏيکاريل) رستي تي (هلندڙ) آهن، ۽ اهي ئي (دنيا ۽ آخرت جي) ڪاميابي ۽ نعمتون ماڻيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو پنهنجي رب جي طرفان هدايت تي آهن. ۽ اهي ئي ڪامياب آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ان هدايت تي آهن جا سندن پالڻهار جي طرفان آهي ۽ اهي ئي ڪامياب آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي ئي هدايت تي آهن پنهنجي رب جي (توفيق سان) ۽ اهي ئي (ٻنهي جهانن ۾) ڪامياب آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي ان هدايت تي آهن جا سندن پاليندڙ جي طرفان آهي. ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ئي پنهنجي پالڻهار جي طرفان هدايت تي آهن، ۽ اهي ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اهي سندن سائين کان، مٿي سئين دڳ، ۽ اهي سوڀون سوين لڳ، ماڻڻ وارا مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ئي پنهنجي رب وٽان آيل هدايت تي آهن، ۽ اُهي ئي ڪامياب ٿيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙا ماڻهو پنهنجي رب جي طرفان سڌي رستي تي آهن ۽ اهي ئي ڇوٽڪارو ماڻڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙا ماڻهو پنهنجي رب جي طرفان سڌي رستي تي آهن، ۽ اهي ئي ماڻهو فلاح حاصل ڪرڻ وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙا ئي ماڻهو پنھنجي رَبَّ جي طرفان (ٻڌايل) سڌي رستي تي آهن ۽ اهي ئي ڪاميابي حاصل ڪندڙ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا سَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
بيشڪ جن انڪار ڪيو تن تي (اي پيغمبر!) تنھنجو کين ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين (سو) ھڪجھڙو آھي اِھي ايمان نه آڻيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر اهي ماڻهو جي (ڄاڻي ٻجهي بغض يا خود غرضي سببان حقيقتن کان) انڪار ٿا ڪن ته پوءِ تون انهن کي (حق کان انڪار ڪرڻ جي برن نتيجن کان) ڊيڄارين ۽ خبردار ڪرين يا نه ڪرين، هو هرگز ڪين مڃيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو برابر آهي انهن لاءِ توهان انهن کي ڊيڄاريو يا نه ڊيڄاريو اهي ايمان نه آڻيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ تنهنجو انهن کي ڊيڄارڻ يا نه ڊيڄارڻ هڪ جهڙو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اهي شخص جو ڪفر ڪيائون برابر آهي انهن لاءِ تون انهن کي ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين (اهي) نه ايمان آڻيندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ تنهنجو انهن کي ڊيڄارڻ يا نه ڊيڄارڻ هڪ جهڙو آهي. اهي ايمان نه آڻيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جي ڪفر (اختيار) ڪري چُڪا انهن لاءِ هڪ جهڙو آهي جو تون انهن کي ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين، اُهي ايمان ڪونه آڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڦريا کون فرمان، ساڳي آهي اُنهن مٿي، ته ڏيـينِ، توڻي نه ڏيينِ، ڪو خوف اُنهن کي خان! نه آڻيندا ايمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ (جن مٿين ڳالهين کان) انڪار ڪيو، تن لاءِ تنهنجو ڊيڄارڻ يا نه ڊيڄارڻ هڪ جهڙو آهي، اُهي ايمان نه آڻيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن (انهن ڳالهين جي مڃڻ کان) انڪار ڪيو، انهن لاءِ ته مڙيئي برابر آهي جو تون کين خبردار ڪرين يا کڻي نه به ڪرين، اهي مڃڻ وارا ئي ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن (انهن ڳالهين کي) مڃڻ کان انڪار ڪيو، انهن لاءِ برابر آهي ته تون انهن کي خبردار ڪرين يا نه ڪرين، بهرحال اهي مڃڻ وارا نه آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن (مٿيون ڳالهيون) مڃڻ کان انڪار ڪيوآهي، انهن لاءِ ڳالهه برابر آهي ته تون کين ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين (بھرحال) اهي (ڪڏهن به) ايمان نه آڻيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خَتَمَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَعَلىٰ سَمعِهِم وَعَلىٰ أَبصٰرِهِم غِشٰوَةٌ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 7) |
الله سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مُھر ھنئي آھي، ۽ سندن اکين تي ڇَوڙُ (چڙھيل) آھي ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن جي دلين ۽ ڪنن تي الله تعاليٰ مهر هڻي ڇڏي آهي (هو نه سمجهندا نه ٻڌندا) ۽ هنن جي اکين تي پردا چڙهي ويا آهن. انهن لاءِ سخت عذاب (تيار ڪيل) آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى انهن جي دلين تي ۽ ڪنن تي مُهر لڳائي آهي ۽ انهن جي اکين تي پردا آهن. ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مهر (نشاني) هنئي آهي ته اهي ايمان نه آڻيندا ۽ سندن اکين تي پردو (پيل) آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مہر هنئي الله انهن جي دلين تي ۽ انهن جي ڪنن تي ۽ انهن جي اکين تي پردو آهي ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مهر هنئي آهي. ۽ سندن اکين تي پردو آهي. ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله مُهر هنئي آهي انهن جي دلين تي ۽ انهن جي ڪنن تي، ۽ انهن جي اکين تي پردا (پيل) آهن ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِيل سندن، سِيل ڪيا، هَئين مُهر منان. ۽ اٿن ڪنن ۽ اکين تي، پردا ڪي پنهان، ۽ ڀنڀٽ بي گمان، آهي وڏو ڪو اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله سندن دلين تي ۽ ڪنن تي مهر هنئي آهي ۽ سندن اکين تي پردا آهن ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله انهن جي دلين ۽ انهن جي ڪنن تي مهر لڳائي ڇڏي آهي ۽ انهن جي اکين تي پردو پئجي ويو آهي ۽ اهي سخت سزا جي لائق آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله انهن جي دلين ۽ ڪنن تي مهر لڳائي ڇڏي آهي، ۽ انهن جي اکين تي پردو چڙهي ويو آهي، اهي قابل آهن عذاب سخت جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڇوته انڪار سبب) الله تعالى سندن دلين ۽ ڪنن تي مھر هڻي ڇڏي آهي، سندن اکين تي پردو پيل آهي ۽ (اَڳتي وري) انهن ماڻهن لاءِ وڏو عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِاليَومِ الءاخِرِ وَما هُم بِمُؤمِنينَ (آيت : 8) |
۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن ته الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيوسين ۽ حقيقت ۾ اُھي مؤمن نه آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جي چون ٿا ته اسان الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکون ٿا، مگر سچ پچ هو مومن ناهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪي ماڻهو اهي آهن جيڪي چون ٿا ايمان آندو اسان الله تعالى تي ۽ قيامت تي ۽ اهي ايمان وارا نه آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جي (زبان سان ته) چون ٿا ته اسان خدا تي ۽ ڏينهن قيامت تي ايمان آندو آهي هوڏانهن اهي ايمان وارا نه آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بعضي ماڻهو اهي آهن جو چون ٿا ته ايمان آندو اسان الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ نه آهن اهي ايمان وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جي چون ٿا ته اسان الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو هوڏانهن اهي ايمان وارا نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ماڻهن مان ڪي چون ٿا: ”اسان ايمان آندو الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي“، حالانڪه اُهي ايمان آڻڻ وارا نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪي ماڻهون چون، ته مڃيون سون صاحب رب ستار، پڻ آخر، اُهکي وار، ۽ اُهي مؤمن ناهنِ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جي چون ٿا ته ”الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندوسون“ مگر اهي ايمان نه ٿا رکن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي چون ٿا ته اسان الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو آهي، پر حقيقت ۾ اهي مؤمن نه آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي چون ٿا اسان ايمان آندو آهي الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي، پر حقيقت ۾ اهي مؤمن ناهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن مان ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي چون ٿا ته اسان الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان آندو آهي، پر هو ايمان آڻيندڙن مان ئي نه آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَالَّذينَ ءامَنوا وَما يَخدَعونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 9) |
الله ۽ مومنن کي دلبو ڏيندا آھن، ۽ حالانڪ پاڻ کان سواءِ (ٻئي ڪنھن کي) دلبو نه ڏيندا آھن ۽ نه سمجھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي الله کي ۽ ايمان وارن کي ڌوڪو ڏيڻ ٿا چاهين پر حقيقتاً هو پاڻ ئي ڌوڪي ۾ آهن، اگرچه (ناداني ۽ هٺ سببان ڏسن ۽ سمجهن نٿا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اٽڪل ڪن ٿا الله تعالى ۽ مؤمنن سان ۽ نٿا اٽڪل ڪن حقيقت ۾ مگر پنهنجن نفسن سان ۽ نٿا سمجهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي خدا ۽ ايمان وارن کي ڌوڪو ڏين ٿا. در اصل اهي پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي ڌوڪو نٿا ڏين ۽ اهي (ان ڳالھ کي) نٿا سمجهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٺڳڻ ٿا گهرن الله کي ۽ مؤمنن کي ۽ (حقيقت ۾) نه ٿا ٺڳي ڪن مگر پنهنجي پاڻ سان ۽ نه ٿا سمجهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله کي ۽ ايمان وارن کي ڌوڪو ڏين ٿا. حقيقت ۾ اهي پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي ڌوڪو نه ٿا ڏين ۽ اهي (ان ڳالهه) کي نه ٿا سمجهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي دوکو ڏيڻ چاهن ٿا الله کي ۽ انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ پر (اصل ۾) اهي پنهنجو پاڻ کي ئي دوکو ڏين ٿا ۽ اهي (ان ڳالهه جي) سمجھه ئي نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌوڪو ڏينِ ڌڻئ کي ۽ ٻيو آندو جن ايمان، ۽ نه ٺڳـينِ، مگر پاڻ کي، ٻِي ڪُپت هلندينِ ڪانه، ۽ نـتيجو نڌان، مورک نه سمجھن مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اُهي الله کي ۽ مومنن کي دوکو ڏين ٿا، مگر درحقيقت رڳو پاڻ کي دوکو ٿا ڏين ۽ کين خبر به نه ٿي پوي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي دوکيبازي ٿا ڪن الله سان ۽ انهن ماڻهن سان جن ايمان آندو آهي ، پر حقيقت ۾ اهي پنهنجو پاڻ کي ئي دوکو ڏين ٿا ۽ انهن کي ان ڳالهه جو شعور ئي ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ڌوڪو ڪري رهيا آهن الله ۽ ايمان آڻڻ وارن سان، پر اصل ۾ اهي ڌوڪو پاڻ سان پيا ڪن ۽ کين سمجهه ڪانهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو (ظاهر ۾) الله تعالى ۽ مؤمنن کي ڌوڪو ڏئي رهيا آهن. حقيقت ۾ هو پنھنجو پاڻ کي (ئي) ڌوڪو ڏئي رهيا آهن پر هو پاڻ کي ڌوڪي ۾ نٿا سمجهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فى قُلوبِهِم مَرَضٌ فَزادَهُمُ اللَّهُ مَرَضًا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 10) |
سندن دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي پوءِ الله سندين بيماري وڌائي، ۽ انھيءَ ڪري جو (ھو) ڪُوڙ ڳالھائيندا آھن انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن جي دلين ۾ (ڪفر جو) مرض آهي، پوءِ خدا هنن جي مرض کي وڌائي ٿو ۽ هنن تي سخت عذاب ڪيو ويندو ڇو ته هو ڪوڙ ٿا ڳالهائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جي دلين ۾ مرض آهي، پوءِ الله تعالى انهن جي بيماري کي وڌايو ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب انهيءَ ڪري آهي جو اهي ڪوڙ ڳالهائن ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سندن دلين ۾ (ڪوڙ ڳالهائڻ جي) بيماري آهي پوءِ خدا انهن جي بيماري وڌائي. ۽ انهن لاءِ هن ڪري دردناڪ عذاب آهي جو (اهي) سدائين ڪوڙ ڳالهائيندڙ رهيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن جي دلين ۾ بيماري آهي پوءِ وڌائي الله انهن جي بيماري ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ان جي ڪري جو ڪوڙ ڳالهائيندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سندن دلين ۾ (ڪوڙ جي) بيماري آهي پوءِ الله انهن جي بيماري وڌائي ۽ انهن لاءِ هن ڪري دردناڪ عذاب آهي جو هميشه ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جي دلين ۾ بيماري آهي، پوءِ الله به انهن کي بيماريءَ ۾ وڌائي ڇڏيو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي، هن ڪري جو اهي ڪوڙ چوندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) روڳ جن جي رڳن ۾، پوءِروڳ وَڌاينِ رب، ڪن ڪوڙ،تنهن سبب، اُنهن لئي، سخت عذاب ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن دلين ۾ بيماري آهي، پوءِ الله انهن جي بيماريءَ کي وڌايو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي، جو هو ڪوڙ ڳالهائيندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جي دلين ۾ هڪڙي بيماري آهي، جنهن کي الله اڃان به وڌائي ڇڏيو آهي ۽ جيڪو ڪوڙ هو هڻن ٿا ان جي بدلي ۾ انهن لاءِ دردناڪ سزا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي دلين ۾ بيماري آهي جنهن کي الله اڃا به وڌائي ڇڏيو، ۽ انهن لاءِ سزا آهي دردناڪ جيڪي به اهي ڪوڙ ڳالهائن ٿا ان جي بدلي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي دلين ۾ (ڪوڙ ڳالهائڻ جي) بيماري آهي، الله تعالى سندن ان بيماريءَ کي اڃا به وڌائي ڇڏيو ۽ جيڪو هو ڪوڙ ڳالهائن ٿا ان جي نتيجي ۾ الله تعالى کين تڪليف ڏيندڙ عذاب رکيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا قيلَ لَهُم لا تُفسِدوا فِى الأَرضِ قالوا إِنَّما نَحنُ مُصلِحونَ (آيت : 11) |
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته مُلڪ ۾ فساد نه وجھو، چوندا آھن ته اسين سڌاريندڙ ئي آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن انهن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ بگاڙو ۽ فسادن مچايو (بدعمليون نه ڪيو) تڏهن هو چون ٿا ته اسان ڪم سنوارڻ وارا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت چيو وڃي ٿو انهن کي ته زمين ۾ فساد نه ڪريو چون ٿا اسين ته امن پسند آهيون.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ وڳوڙ نه وجهو ته چون ٿا اسين سڌارو ڪندڙ ئي آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته نه فساد ڪيو زمين ۾ ته چون ٿا ته اسين ئي ته اصلاح ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ فساد نه وجهو، چون ٿا اسين ته سڌارو ڪندڙ ئي آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن به کين چيو ويو ته زمين ۾ فساد برپا نه ڪيو ته چيائون: ”اسان ته صرف اصلاح ڪرڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چئجينِ جڏهن ته، زمين ۾، وجھو ڪين وڳوڙ، چي، اسين ته صفا صلح جا، طالب آهيون توڙ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن کين چئجي ٿو ته ”ملڪ ۾ فساد نه پکيڙيو،“ ته چون ٿا ”اسين ته رڳو سڌارو ڪندڙ آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن به کين چيو ويو ته زمين ۾ فساد برپا نه ڪريو ته انهن اهوئي چيو ته اسان ته سڌارو آڻيندڙ آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن به انهن کي چيو ويو ته فساد برپا نه ڪريو زمين ۾ ته انهن اهو ئي چيو ته ”اسان ته اصلاح ڪندڙ آهيون.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن به انهن (ڌوڪو ڏيندڙن) کي چيو وڃي ٿو ته زمين ۾ فساد نه پکيڙيو ته (جواب ۾) هميشه اهو چوندا آهن ته اسان ته سڌارو آڻيندڙ آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلا إِنَّهُم هُمُ المُفسِدونَ وَلٰكِن لا يَشعُرونَ (آيت : 12) |
خبردار! اِھي پاڻ فسادي آھن پر نه سمجھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ياد رکو ته اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي خرابيون پکيڙين ٿا، اگرچه (ناداني سببان) ڏسن ۽ سمجهن نٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! بيشڪ اِهي ئي فساد ڪندڙ آهن پر نٿا سمجهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هوشيار رهو! اهي ئي فسادي آهن پر (اهي ان راز کي) نٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خبردار بيشڪ اهي ئي فساد ڪندڙ آهن ۽ پر نه ٿا سمجهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هوشيار رهو ! اهي ئي فسادي آهن پر نه ٿا سمجهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) خبردار! بلاشڪ اِهي ئي فسادي آهن ۽ پر اهي سمجھه نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سمجھ، سيئي ڦيٽوڙ، پر نه پڙوينِ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) خبردار! اهي ئي پاڻ فسادي آهن پر انهن کي خبر نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) خبردار، حقيقت ۾ اهي ئي ماڻهو فسادي آهن پر انهن کي ڪو شعور ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) خبردار! بيشڪ اهي ئي فسادي آهن پر انهن کي ڪو به شعور ڪونهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) خبردار! اهي ئي فساد پکيڙيندڙ آهن پر کين ان ڳالهه جي سمجهه نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا كَما ءامَنَ النّاسُ قالوا أَنُؤمِنُ كَما ءامَنَ السُّفَهاءُ أَلا إِنَّهُم هُمُ السُّفَهاءُ وَلٰكِن لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جھڙي طرح ٻـين ماڻھن ايمان آندو آھي (تھڙي طرح اوھين به) ايمان آڻيو (تڏھن) چوندا آھن ته جئن بي سمجھن ايمان آندو آھي تئن ايمان آڻيون ڇا؟ خبردار، اُھي ئي بي سمجھ آھن پر نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن انهن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته جيئن ٻين ماڻهن ايمان آندو آهي تيئن توهان به ايمان آڻيو، تڏهن هو چون ٿا ته ڇا اسان به اهڙيءَ طرح ايمان آڻيون، جهڙيءَ طرح هنن بيوقوفن ايمان آندو آهي؟ ياد رکو ته هو پاڻ بيوقوف آهن مگر (ناداني ۽ هٺ سببان) اها ڳالهه نه ٿا ڄاڻن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت چيو وڃي ٿو انهن کي ته ايمان آڻيو توهان جيئنڪِ ايمان آندو مؤمنن چون ٿا ڇا ايمان آڻيون اسان جيئنڪ ايمان آندو بي سمجهن، خبردار ! بيشڪ اِهي اهي بي وقوف آهن پر نٿا ڄاڻن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ايمان آڻيو جيئن (ٻين) ماڻهن ايمان آندو آهي ته چون ٿاته ڇا اسين ائين ئي ايمان آڻيون جيئن ٻين بيوقوفن ايمان آندو آهي؟ هوشيار رهو! اهي ئي بيوقوف آهن پر نٿا سمجهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته ايمان آڻيو جيئن ايمان آندو (ٻين) ماڻهن ته چون ٿا ته ڇا ايمان آڻيون اسين جيئن ايمان آندو بيوقوفن؟ خبردار تحقيق اهي ئي بيوقوف آهن ۽ پر نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ايمان آڻيو جيئن (ٻين) ماڻهن ايمان آندو آهي چون ٿا ته ڇا اسين ايمان آڻيون جيئن بيوقوفن ايمان آندو آهي؟ هوشيار رهو اهي ئي بيوقوف آهن پر نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن به کين چيو ويو ته ايمان آڻيو جيئن (ٻين) ماڻهن ايمان آندو آهي ته چيائون: ”ڇا اسان ائين ايمان آڻيون جيئن بي وقوفن ايمان آندو آهي“؟ خبردار بلاشڪ اهي ئي بي وقوف آهن ۽ پر اهي نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چئجينِ جڏهن ته، مڃيو، جيئن ماڻهن مڃيو مور، چي، اسين مڃيون ڪيئن اُنهن جيئن، جي ڀورا بي شعور، پاڳل اِهي پروڙ، سچ پچ، سوچينِ ڪين ڪي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن ايئن چئجين ٿو ته ”اوهين به ايئن ايمان آڻيو، جيئن ٻين ماڻهن آندو آهي“ ته چون ٿا ته ڇا اسين به ايئن ايمان آڻيون جيئن بيوقوفن آندو آهي؟ خبردار! اهي پاڻ بيوقوف آهن، پر نه ٿا ڄاڻن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن به انهن کي چيو ويو ته جيئن ٻين ماڻهن ايمان آندو آهي، تيئن توهان به ايمان آڻيو ته انهن اهوئي جواب ڏنو ته ڇا اسان به بيوقوفن وانگر ايمان آڻيون؟ خبردار! حقيقت ۾ ته اهي پاڻ بيوقوف آهن، مگر اهي نٿا ڄاڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن انهن کي چيو ويو ته ايمان آڻيو، جئن ٻين ماڻهن ايمان آندو آهي، ته انهن اهو ئي جواب ڏنو ته، ”ڇا اسان بيوقوفن وانگر ايمان آڻيون؟“ خبردار! حقيقت ۾ اهي پاڻ بيوقوف آهن، پر اهي سمجهن نٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن انهن کي چيو ويو ته توهان به ايمان آڻيو جيئن ٻين ماڻهن ايمان آندو آهي ته (سدائين) اهو جواب ڏنو آهي ته ڇا اسين به بيوقوفن وانگر ايمان آڻيون؟ خبردار! (حقيقت اها آهي ته) اهي خود بيوقوف ماڻهو آهن پر کين ان شيءِ جي ڄاڻ نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا إِلىٰ شَيٰطينِهِم قالوا إِنّا مَعَكُم إِنَّما نَحنُ مُستَهزِءونَ (آيت : 14) |
۽ جڏھن مؤمنن کي ملندا آھن (تڏھن) چوندا آھن ته اسان ايمان آندو آھي، ۽ جڏھن پنھنجن شيطانن (سردارن) کي ھيڪلو ملندا آھن (تڏھن) چوندا آھن ته اسين (پر ۾) اوھان سان آھيون اسين (مؤمنن سان) رڳو چٿر ڪندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن هي ماڻهو انهن ماڻهن سان ملن ٿا جن (حق جي دعوت تي) ايمان آندو آهي تڏهن چون ٿا ته اسان به ايمان آندوآهي، پر جڏهن پنهنجي شيطانن سان اڪيلا ويهن ٿا، تڏهن چون ٿا ته اسان توهان سان شامل آهيون ۽ اسان (هنن وٽ پاڻ کي مومن سڏائي ساڻن) مسخري ٿا ڪريون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت مؤمنن سان ملن ٿا چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي ۽ جڏهن اڪيلا ٿي پنهنجن ڪافرن ڏانهن وڃن ٿا، انهن کي چون ٿا اسين اوهان سان گڏ آهيون اسين ته فقط چَٿَر ڪندڙ آهيون.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن (اهي منافق) ايمان وارن سان ملن ٿا ته کين چون ٿا ته اسان ايمان آندو ۽ جڏهن (وري) پنهنجي شيطانن (سردارن) سان اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا ته بيشڪ اسين اوهان ساڻ آهيون. اسين رڳو (مسلمانن سان) کل مسخري ڪندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ملن ٿا ايمان وارن سان ته چون ٿا اسان ايمان آندو آهي ۽ جڏهن اڪيلا ٿين ٿا پنهنجن شيطانن وٽ ته چون ٿا ته تحقيق اسين اوهان سان گڏ آهيون اسين صرف (انهن تي) چٿر ڪندڙ آهيون.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن ايمان وارن سان ملن ٿا چون ٿا ته اسان ايمان آندو. ۽ جڏهن پنهنجن شيطانن (سردارن) سان اڪيلا ٿين ٿا چون ٿا ته بيشڪ اسين اوهان سان آهيون. اسين رڳو (مسلمانن سان) مسخري ڪريون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اهي (منافق) ايمان وارن سان ملن ٿا ته چون ٿا: ”اسان ايمان آندو آهي“ ۽ جڏهن اهي پنهنجي شيطانن سان اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا: ”بيشڪ اسان ته اوهان سان گڏ آهيون اسان رُڳو (مسلمانن سان) ٺٺول ڪرڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن گَڏيا اُنهن کي، آندو جن ايمان، چي، آيا سون ايمان ۾، آهيون مُسلمان، ۽ جڏهن سَندنِ شيطانن سان، مِليا خُلاصا خان، چي، اسِين اوهان سان آهيون، ميڙِهي مهربان، آهيون اَسان، تن عيان، ٺلهيون ڪندڙ ٺٺوليون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن مومنن کي ملن ٿا ته چون ٿا ”اسان ايمان آندو“ ۽ جڏهين پنهنجي شيطانن سردارن کي اڪيلائي ۾ ملن ٿا ته چون ٿا ته ”اسين اوهان سان آهيون، اسان ته رڳو کل ڪئي ٿي“. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن اهي ايمان وارن سان ملن ٿا ته چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي ۽ جڏهن اڪيلائيءَ ۾ پنهنجن شيطانن سان ملن ٿا ته چون ٿا ته اصل ۾ ته اسين توهان سان ئي آهيون ۽ انهن ماڻهن سان رڳو مسخري ٿا ڪريون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ايمان وارن سان ملن ٿا ته چون ٿا، اسان ايمان آندو آهي، ۽ جڏهن اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي شيطانن سان ملن ٿا، ته چون ٿا، اسان اصل ۾ توهان سان آهيون، بيشڪ اسان هنن ماڻهن سان رڳو مذاق پيا ڪريون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (وري) جڏهن اهي خود ايمان وارن سان ملن ٿا ته انهن کي چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي پر جڏهن اڪيلائيءَ ۾ پنھنجي شيطان صفت سردارن سان ملن ٿا ته انهن کي چون ٿا ته حقيقت ۾ اسان توهان سان گڏ آهيون ايمان وارن سان ته اسان رڳو ڀوڳ ڪريون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ يَستَهزِئُ بِهِم وَيَمُدُّهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 15) |
الله ساڻن چٿر ڪندو آھي ۽ انھن کي پنھنجي سرڪشي ۾ ڊيگھ ڏيندو آھي جو عقل جا انڌا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حقيقتاً) خود هنن سان مسخري ٿي رهي آهي جو الله تعاليٰ کين ڊگهو رسو ڏنو آهي جنهن ڪري پنهنجي سرڪشيءَ ۾ انڌا ٿي هيڏي هوڏي ڀٽڪي رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى، مذاق جي جزا ڏئي ٿو انهن کي ۽ ڊيگهه ڏي ٿو انهن کي سندن سرڪشيءَ ۾ جو اهي حيران رهن ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهي ڇا کل مسخري ڪندا) خدا (خود) انهن سان کلون ڪري ٿو ۽ انهن کي سندن سرڪشي ۾ ڍر ڏئي ٿو ۽ حالت هي آهي ته اهي عقل جا انڌا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله چٿر جي سزا ڏيندو انهن کي ۽ ڍر ٿو ڏئي انهن کي پنهنجي سرڪشيءِ ۾ ڀٽڪندا ٿا رهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله انهن سان مسخري ڪري ٿو ۽ انهن کي سندن سرڪشيءَ ۾ ڍَرَ ڏئي ٿو ۽ حالت هيءَ آهي ته اهي عقل جا انڌا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله انهن کي ٺٺول جي سزا ڏئي ٿو ۽ انهن کي مُهلت ڏئي ٿو اهي پنهنجي سرڪشي ۾ (انڌن وانگر) ڀٽڪي رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏاتر سِگھو ڏينِ، ڀوڳ اُنهِئ کِل ڀوڳ جو، ۽ اِن لـئي ڇَيڪ ڇَڏينِ، پِيا منجھن، سندن مُنجھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله مٿن کل ڪندو آهي ۽ کين سندن سرڪشيءَ ۾ ڍر ڏيندو آهي ته ڀٽڪندا رهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ٿو انهن سان چرچو ڪري ۽ پيو ٿو انهن کي ڊگهو رسو ڏئي ۽ اهي پنهنجي سرڪشيءَ ۾ وتن ٿا انڌن وانگر ڀٽڪندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله ساڻن مذاق پيو ڪري، اهو کين ڊگهو رسو پيو ڏئي، ۽ اهي پنهنجي سرڪشيءَ ۾ انڌن وانگر ڀٽڪندا وتن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حالانڪه الله تعالى (ٿوري وقت لاءِ نعمتون ڏئي ڪري) انهن سان دل لڳي ڪري رهيو آهي ۽ هو کين ڊگهو رسو ڏئي رهيو آهي (جنھن جي نتيجي ۾) هو پنھنجي سرڪشيءَ ۾ انڌن ماڻهن وانگر ٺوڪرون کائيندا وتن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ فَما رَبِحَت تِجٰرَتُهُم وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 16) |
اِھي اُھي آھن جن ھدايت جي بدران گمراھي ڳڌي، پوءِ سندن واپار کين فائدو نه ڏنو ۽ نڪي اُھي ھدايت وارا ٿيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقين ڪريو ته اهي ئي ماڻهو آهن جن هدايت وڪڻي گمراهي خريد ڪئي آهي. پر نڪي هنن جو سودو فائديمند نڪتو آهي نه ڪي هدايت تي قائم رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن هدايت جي عيوض گمراهي خريد ڪئي، پوءِ نه ڪامياب ٿيو واپار انهن جو ۽ نه ئي کين واپار ڪرڻ آيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهي آهن جن هدايت جي بدلي گمراهي خريد ڪئي. پوءِ نڪي سندن واپار فائدو ڏنو ۽ نڪي انهن هدايت ئي حاصل ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي ئي آهن جن خريد ڪئي گمراهي هدايت جي بدلي پوءِ نه نفعي واري ٿي انهن جي تجارت ۽ نه هئا هدايت وارا ٿيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اِهي اُهي آهن جن هدايت جي بدلي گمراهي خريد ڪئي. پوءِ نڪي سندن واپار کين فائدو ڏنو ۽ نڪي اهي رستو لهندڙ ٿيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي اهي ماڻهو آهن جن هدايت جي عيوض گمراهي خريد ڪئي، پوءِ انهن جو سودو نفعي وارو نه ٿيو ۽ نه اُهي هدايت وارا ٿيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن سوديو، سُونهپ تي، مونجھاري جو مال، پوءِ سَندنِ سودي، سُود ڪو، بخشيَنِ ڪِين بحال، ۽ ڪينهن، سي ڪُلال، روڻـا وَهِين واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ئي شخص آهن، جن هدايت جي بدلي ۾ گمراهي خريد ڪئي، پوءِ سندن اهو واپار فائدي وارو نه ٿيو ۽ هو هدايت قبول ڪرڻ وارو ئي نه هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ئي ماڻهو آهن جن هدايت جي بدلي گمراهي خريد ڪري ورتي آهي پر اهو سودو انهن لاءِ لاڀائتو نه ٿيو ۽ اهي ته سڌيءَ واٽ تي آهن ئي ڪونه (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي ماڻهو آهن جن گمراهي خريد ڪئي آهي هدايت جي بدلي ۾، پر اهو سودو انهن لاءِ فائدي وارو ناهي، ۽ هي هرگز سڌي رستي تي ناهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙي ڪردار جي ماڻهن ئي هدايت جي بدلي ۾ گمراهي خريد ڪري ورتي آهي پر اهو سودو کين ڪو به فائدو نه پھچائيندو، ڇو ته اهي ماڻهو سڌي رستي تي آهن ئي ڪونه. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَثَلُهُم كَمَثَلِ الَّذِى استَوقَدَ نارًا فَلَمّا أَضاءَت ما حَولَهُ ذَهَبَ اللَّهُ بِنورِهِم وَتَرَكَهُم فى ظُلُمٰتٍ لا يُبصِرونَ (آيت : 17) |
سندن مثال انھيءَ جي مثال جھڙو آھي جنھن باھ ٻاري، پوءِ جنھن مھل باھ پنھنجي آس پاس کي روشن ڪيو (تنھن مھل) الله سندن سوجھرو اجھايو ۽ کين اونداھيءَ ۾ ڇڏي ڏنائين جو نه ڏسن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن ماڻهن جو مثال اهڙو آهي جهڙو هڪڙي ماڻهو (رات جي اونداهيءَ ۾ واٽ ڀلجي) باهه ٻاري، پر جڏهن (باهه جي شعلن سان) آسپاس روشني ٿي ويئي تڏهن الله تعاليٰ اها باهه وسائي ڇڏي ۽ روشني هلي ويئي ۽ هنن کي اهڙي اوندهه ۾ ڦٽو ڪيائين جو ڪجهه به ڏسي نه سگهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جو مثال ان ماڻهو وانگر آهي جنهن باه کي ٻاريو، پوءِ جڏهن آس پاس روشني ٿي، الله تعالى انهيءَ روشني کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي اونداهين ۾ ڇڏيائين جو ڪجهه نٿا ڏسن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سندن مثال ان جي مثال جهڙو آهي، جنهن (رات جي وقت مجمع ۾) باھ ٻاري پوءِ جڏهن باھ ان جي آس پاس کي روشن ڪيو ته خدا سندن روشني کي گم ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي اونداهين ۾ ڇڏيائين جو نٿا ڏسن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن جو مثال ان شخص وانگر آهي جنهن باهه ٻاري پوءِ جڏهن روشن ڪيائين انهن جي آس پاس کي ته کسيو الله انهن جي نور کي ۽ ڇڏيائين انهن کي انڌيرن ۾ نه ٿا ڏسن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سندن مثال ان جي مثال جهڙو آهي جنهن باهه ٻاري. پوءِ جڏهن باهه ان جي آس پاس کي روشن ڪيو ته الله سندن روشنيءَ کي گم ڪري ڇڏيو. ۽ انهن کي اونداهين ۾ ڇڏيائين، جو نه ٿا ڏسن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جو مثال ان ماڻهو وانگر آهي جنهن باهِه ٻارِي، پوءِ جڏهن انهيءَ (باهه)انهن جي آس پاس کي چمڪائي ڇڏيو ته الله انهن جي روشني کسي ورتي ۽ انهن کي اونداهين ۾ (ائين) ڇڏي ڏنائين جو ڪجهه نه ٿا ڏسن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حال اُنهن جو، اُن جِيئن، ته ٻارئـِين باه ٻيهار، پوءِ چِمڪِي جڏهن چوڌار، ته سائـِين نِيَنِ سوجھرو. ۽ ڇڏينِ اُونداهين ۾، ڪجھ ڪِين ڏِسنِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن مثال ان شخص وانگر آهي، جنهن باهه ٻاري، پوءِ جڏهن باهه سندس چوڌاري روشني ڪئي، ته الله سندن نور کسي ورتو ۽ کين اونداهين ۾ ڇڏي ڏنائين، جو نٿا ڏسي سگهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جو مثال ائين آهي، جيئن ڪنهن ماڻهوءَ باهه ٻاري ۽ جڏهن انهيءَ ڀرپاسي کي روشن ڪري ڇڏيو ته الله انهن جي اکين جي ديد کسي ورتي ۽ انهن کي اهڙيءَ حالت ۾ ڇڏي ڏنائين، جو اونداهين ۾ کين ڪجهه به نظر نٿو اچي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هنن جو مثال ائين آهي جئن ڪنهن ماڻهو باهه ٻاري، ۽ جڏهن ان سڄو ماحول روشن ڪيو ته کسي ورتو الله سندن نور ۽ کين اهڙي ته حالت ۾ ڇڏيو جو انڌيري ۾ کين ڪجهه نظر نٿو اچي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جو مثال ايئن آهي جيئن ڪنھن شخص باهه ٻاري هجي، پوءِ باهه چؤطرف روشني پکيڙي ته اهڙي وقت الله تعالى انهن جي اکين جي ڏسڻ جي صلاحيت (يعني نظر) کسي ورتي ۽ انهن کي اهڙي حالت ۾ ڇڏي ڏنائين جو کين اونداهين ۾ ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 18) |
(اُھي) ٻوڙا، گونگا، انڌا آھن پوءِ اُھي نه موٽندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ٻوڙا گونگا ۽ انڌا ٿي پيا، تنهن ڪري هو (منافقي ۽ ڪفر جي اونده مان) موٽي نٿا سگهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهي) ٻوڙا گونگا انڌا آهن پوءِ اهي نه موٽندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهي) ٻوڙا آهن، گونگا آهن (۽) انڌا آهن پوءِ اهي باز نه ايندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٻوڙا آهن، گونگا آهن، انڌا آهن پوءِ اهي نٿا موٽن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهي) ٻوڙا آهن گونگا آهن انڌا آهن پوءِ اهي باز نه ايندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ٻوڙا آهن، گونگا آهن، انڌا آهن پوءِ اُهي (حق ڏانهن) نه ٿا موٽن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻوڙا ٻُڌن ڪِينڪِي، گـنگا ڪِين ڪُڇنِ، اَنڌا کان اکينِ، پوءِ ڪِيئن وَرنِ، سي واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ٻوڙا آهن، گونگا آهن انڌا آهن، تنهن ڪري (هدايت ڏانهن) نه ايندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ٻوڙا آهن، گونگا آهن، انڌا آهن، اهي هاڻي واپس نه ورندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ٻوڙا آهن، گونگا آهن، انڌا آهن، اهي هاڻي نه موٽندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ظاهري حواس هوندي به) هي ماڻهو ٻوڙا، گونگا ۽ انڌا آهن. اهي هدايت واري رستي ڏانھن موٽندا ئي ڪونه. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو كَصَيِّبٍ مِنَ السَّماءِ فيهِ ظُلُمٰتٌ وَرَعدٌ وَبَرقٌ يَجعَلونَ أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم مِنَ الصَّوٰعِقِ حَذَرَ المَوتِ وَاللَّهُ مُحيطٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 19) |
يا (سندن مثال اُنھي) آسماني برسات (وارن) جھڙو آھي جنھن ۾ اونداھيون ۽ گوڙ ۽ وڄ ھجي، اُھي پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪنن ۾، ڪڙڪن کان موت جي ڀَو ڪري وجھن، ۽ الله ڪافرن کي گھيرو ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا وري انهن ماڻهن جو مثال آسمان ۾ برسات سان ڀريل ڪڪر وانگر آهي جنهن سان گڏ اونداهيءَ جا تهه، گجگوڙ ۽ کوڻ جا تجلا هوندا آهن. اهي منافق (ان وقت برسات جي رحمت کان خوش ٿيڻ جي بدلي) ڪڪرن جي گجگوڙ کان موت جو ڊپ سمجهي دهلجي وڃن ٿا ۽ ڪنن ۾ آڱريون وجهن ٿا پر الله تعاليٰ ته (هر حال ۾) ڪافرن کي گهيرو ڪيون بيٺو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا مِينهن جي مثال جيڪو آسمان مان وسي ٿو انهيءَ ۾ اونداهي ۽ گوڙ ۽ وڄ آهي، اهي پنهنجون آڱريون ڪڙڪن کان پنهنجي ڪنن ۾ وجهن ٿا، موت جي خوف کان، ۽ الله تعالى ڪافرن کي گرفت ڪندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا (انهن جو مثال) آسمان جي مينهن جو آهي جنهن ۾ اونداهيون ۽ ڳوڙ ۽ وڄ هجي. اهي گجگوڙ جي ڪري موت جي خوف کان پنهنجون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وجهن ٿا ۽ خدا ڪافرن کي (چوڌاري) گهيرو ڪندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا زور سان وسندڙ مينهن وانگر آسمان (جي ڪڪر) مان انهيءَ ۾ اونداهيون آهن ۽ گوڙ ۽ وڄ ۽ وجهن ٿا آڱريون پنهنجون پنهنجن ڪنن ۾ سببان ڪڙڪن جي موت جي ڊپ کان ۽ الله گهيرو ڪندڙ آهي ڪافرن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا (انهن جو مثال) آسمان جي مينهن جو آهي جنهن ۾ اونداهيون ۽ گوڙ ۽ وڄ هجي. اهي ڪڙڪن جي ڪري موت جي ڊپ کان پنهنجيون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وجهن ٿا. ۽ الله ڪافرن کي گهيرو ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا (انهن جو مثال) آسمان کان وسندڙ مينهن (۾ ڦاٿل ماڻهن) وانگر آهي، جنهن ۾ اونداهيون ۽ گجگوڙ ۽ وِڄُ آهي، ته اهي ڪڙڪاٽ جي سبب موت جي ڊپ کان پنهنجون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ ڏين ٿا. ۽ الله ڪافرن کي گهيرو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا اُڀ کان، مثال مِينهن جي، جنھن ۾ وِڄ، ڪڙڪو، ڪار، ڪَنن سَندنِ ۾ آڱريون، ڪَن پئا ڪڙڪي هار، خاص مرڻ جي خوف کان؛ ۽ صاحب رب ستار، چوڪِي آھ چوڌار، ڪُوڙن ڪافرن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا آسمان جي ان سخت مينهن وانگر آهي، جنهن ۾ اونداهيون، گوڙ ۽ وڄ هجي اهي سندن آڱريون ڪڙڪي جي ڪري موت جي ڀؤ کان سندن ڪنن ۾ وجهن، مگر ڪافر الله جي گهيري هيٺ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري انهن جو مثال کڻي هيئن سمجهو ته آسمان مان ڏاڍو مينهن پيو پوي، جنهن ۾ اوندهه انڌوڪار ۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ به آهي. اهي وڄ جا ڪڙڪا ٻڌي پنهنجي ساهه جي خوف کان ڪنن ۾ آڱريون ٿا وجهن ۽ الله انهن حق جي منڪرن کي چؤڌاري گهيرو ڪري ورتو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا وري سندن مثال هيئن سمجهو ته، آسمان مان زبردست مينهن وسي پيو ۽ ان سان گڏ گگهه اونده، گجگوڙ ۽ کنوڻ به آهي، اهي کنوڻ جا ڪڙڪاٽ ٻڌي ساهه جي خوف کان ڪنن ۾ آڱريون وجهن ٿا، ۽ الله انهن حق جي منڪرن کي گهيري ورتو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا وري انهن جو مثال ايئن سمجهو ته جيئن آسمان مان زوردار برسات وسي رهي آهي، ان ۾ ڪارونڀار (يعني ڪڪرن جي گهاٽي ڪاراڻ)، گجگوڙ۽ کنوڻ به هجي ته اهي ماڻهو کنوڻ جا ڪڙڪاٽ ٻڌي موت جي ڊپ کان پنھنجي ڪنن ۾ آڱريون وجهن ٿا (ته جيئن آواز ٻڌڻ ۾ نه اچي ۽ ڪو ڊپ به نه ٿئي) پر الله تعالى انهن حَقَّ جي انڪارين کي سخت گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي (هو ڪيترو بچڻ جي ڪوشش ڪندا؟). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَكادُ البَرقُ يَخطَفُ أَبصٰرَهُم كُلَّما أَضاءَ لَهُم مَشَوا فيهِ وَإِذا أَظلَمَ عَلَيهِم قاموا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَذَهَبَ بِسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
وڄ سندن اکين (جي سوجھري کي) اُمالڪ کسڻ تي ھُجي، جڏھن انھن لاءِ چمڪي ته منجھس ھلن ٿا، ۽ جڏھن مٿن اوندھ ڪري تڏھن بيھي رھن ٿا، ۽ جيڪڏھن الله گھري ته سندن اکيون ۽ سندن ڪن ضرور وڃائي ڇڏي، بيشڪ الله سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بجليءَ جي چمڪ ذري گهٽ هنن جي بينائي (يعني ڏسڻ جي طاقت) ڪڍي وٺي ٿي. جڏهن جڏهن اها چمڪ هنن کي روشني ڏئي ٿي تڏهن هو اڳتي هلن ٿا ۽ جڏهن وري اوندهه ٿي وڃي ٿي تڏهن بيهي ٿا رهن جيڪڏهن خدا چاهي ها ته سندن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي طاقت کسي وٺي ها. بيشڪ الله تعاليٰ کي هر شيءِ تي قدرت آهي ۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ويجهي ٿئي ٿي وڄ جو سندن نگاهن کي ختم ڪري، جڏهن ڪجهه روشني ٿئي ٿي ته انهيءَ ۾ پنڌ ڪن ٿا، ۽ جڏهن اونداهي ٿئي ٿي ته بيهن ٿا، ۽ جيڪڏهن الله تعالى گهري ته سندن ڪن ۽ اکيون ختم ڪري ڇڏي، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وڄ سندن نگاھ کي کسڻ تي آهي. جڏهن به انهن تي چمڪي ٿي ته ان جي (روشني ) ۾ هلڻ لڳن ٿا ۽ جڏهن (وري) مٿن اوندھ ٿئي ٿي ته (گهٻرائجي) بيهي رهن ٿا ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته سندن ڪن ۽ اکيون وڃائي ڇڏين ها. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شيءَءَ تي قدرت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويجهي آهي کنوڻ جو جهڙپي اکين انهن جي کي - جڏهن جو روشني ڪيائين انهن جي لاءِ ته پنڌ ڪيائون ان (جي روشنيءَ) ۾ ۽ جنهن وقت اونداھ ڪيائين انهن تي ته بيهي رهيا ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته کسي وٺي ها انهن جي ڪنن ۽ انهن جي اکين کي بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وڄ انهن جي اکين کي کسڻ تي آهي. جڏهن به انهن تي چمڪي ٿي ته ان ۾ هلڻ لڳن ٿا. ۽ جڏهن مٿن اوندهه ٿئي ٿي ته بيهي رهن ٿا. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته سندن ڪن ۽ اکيون وڃائي ڇڏي ها. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ڄڻڪ) اجهو ٿي وِڄُ انهن جون اکيون کسي وٺي. جڏهن انهن لاءِ چمڪي ٿي ته ان (جي روشني) ۾ هلڻ لڳن ٿا، ۽ جڏهن انهن تي اونداهُه ڪري ٿي ته بيهي رهن ٿا. ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته انهن جا ڪَنَ ۽ اکيون کسي وٺي ها. بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وِڄ اکيون اُنهن جون، جھٽي، ڏيِئي جَھلڪار، چَليا سَندسِ چِمڪار تي، وَرِي جھڙي وار، ۽ اُڀا جڏهن اُونداھ ٿي؛ گُھريو هُوند غفار، ڪن ۽ اکيون اُنهن جون، نيائـِين نبار، صاحب ربُّ، ستار، قادر، هرڪم ڪارتي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وڄ هنن جي اکين جي روشني کسڻ تي آهي، اڃا ڪجهه روشني ڪري ٿي، ته هو ان ۾ هلن ٿا. ۽ مٿن اوندهه ڪري ٿي، ته بيهي رهن ٿا، جيڪڏهن الله گهري، ته سندن ٻڌڻ ۽ اکين جي روشني کسي وٺي. بيشڪ الله هر ڪنهن ڪم تي وس وارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) کنوڻ جي چمڪاٽن جي ڪري انهن جي اهڙي حالت آهي ڄڻڪه اجهو ٿي اها سٽ ڏيئي سندن ديد کسي وٺي. جڏهن ڪجهه روشني کين محسوس ٿـئي ٿي ته ان ۾ ٿورڙو هلي وٺن ٿا ۽ جڏهن مٿن اونداهي ٿي وڃي ٿي ته بيهي رهن ٿا ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته سندن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ صفا کسي وٺي ها، بيشڪ الله سڀ شيءِ تي وس وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تجلين سان سندن حالت اها آهي ڄڻ اجها ٿي بجلي سندن نور (اکين جو) کسي وٺي، جڏهن روشني ڏسن ٿا ته اڳتي وڌن ٿا ۽ جڏهن انڌارو ٿئي ٿو ته بيهي رهن ٿا، ۽ گهري ها الله ته سندن سرلاڻ ۽ نظر مرڳو ئي کسي وٺي ها، بيشڪ الله سڀني شين تي قادر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وڄ جي چمڪاٽن جي ڪري هو اهو به محسوس ڪن ٿا ته اجهو کنوڻ لَمڪو ڏئي سندن اکين جي نظر کسي نه وٺي، پوءِ هو جڏهن ٿوري روشني محسوس ڪن ٿا ته ٿورو هلي وٺن ٿا، وري جڏهن اونداهه ٿي وڃي ٿي ته اتي جو اتي بيهجي ويندا آهن، الله تعالى جيڪڏهن گهري ها ته سندن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي صلاحيت کي (هميشه لاءِ) کسي وٺي ها، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي وس وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اعبُدوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم وَالَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 21) |
اي ماڻھؤ پنھنجي انھيءَ پالڻھار جي عبادت ڪريو جنھن اوھان کي ۽ جي اوھان کان اڳ هُئا تن کي پيدا ڪيوته مانَ اوھين ڊڄو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي انسانؤ! پنهنجي پالڻهار جي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪيو، جنهن اوهان کي خلقيو ۽ انهن کي خلقيو جيڪي اوهان کان اڳي ٿي گذريا آهن. (انڪري مهربان، رحيم، پالڻهار خالق جي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪيو) ته من گناهن کان بچي نيڪيءَ جي راهه وٺو. (۽ دنيا ۽ آخرت جون نعمتون ماڻيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي انسانو پنهنجي رب جي عبادت ڪريو اهو رب جنهن توهان کي ۽ توهان کان اڳين کي پيدا فرمايو انهي اميد ۾ جو توهان ۾ خدا ترسي پيدا ٿئي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي انسانو! پنهنجي پالڻهار جي بندگي ڪريو. جنهن اوهان کي ۽ انهن کي جيڪي اوهان کان اڳ هئا پيدا ڪيو آهي. من اوهين پرهيزگار ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي انسانو! عبادت ڪيو پنهنجي رب جي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي ۽ انهن کي جو اوهان کان اڳ هئا تانته اوهان تقوى وارا ٿيو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي انسانو ! پنهنجي پاليندڙ جي بندگي ڪريو جنهن اوهان کي ۽ انهن کي جي اوهان کان اڳ هئا پيدا ڪيو آهي مَنَ اوهين پرهيزگار ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي انسانو! پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪيو، جنهن اوهان کي پيدا ڪيو ۽ انهن کي به (پيدا ڪيائين) جيڪي اوهان کان اڳ هئا، تان ته توهان پرهيزگار ٿي وڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي ماڻهئا! پوڄيو مورهين، پنهنجو پالڻهار، جنهن اوهان کي، ڪِ اڳ اوهان کان، جوڙيا سڀ جنسار، اِنهئَ اميد آسري، ته ڏرو ڀر ڏاتار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي انسانو! پنهنجي رب جي بندگي ڪريو، ته من اوهين بچو، جنهن اوهان کي ۽ اوهان کان اڳين کي پيدا ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي انسانؤ! ٻانهپ اختيار ڪريو پنهنجي ان رب جي، جيڪو توهان جو به ۽ توهان کان اڳي ٿي گذريل ماڻهن، سڀني جو خالق آهي، ته مــَـنَ ڪو ائين توهان جو بچاءُ ٿئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي انسانو! بندگي اختيار ڪريو رب جي، جيڪو مڙني ماڻهن جو خالق آهي، جيڪي توهان ۽ توهان کان اڳي گذريا آهن، توهان جي بچڻ جي صورت ان ۾ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي انسانو! عبادت اختيار ڪريو پنھنجي ان رَبَّ جي جنھن توهان ۽ توهان کان اڳ گذريل ماڻهن کي پيدا ڪيو ته جيئن عبادت جي ڪري توهان پرهيزگار (انسان) ٿي وڃو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ فِرٰشًا وَالسَّماءَ بِناءً وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم فَلا تَجعَلوا لِلَّهِ أَندادًا وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 22) |
جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ آسمان کي ڇت، ۽ (مينھن جو) پاڻي آسمان کان وسايائين پوءِ اُن سان (ھر جنس جي) ميون منجھان اوھان لاءِ روزي پيدا ڪيائين، پوءِ اوھين ڄاڻ ھوندي الله سان ڪنھن کي شريڪ نه ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهيءَ پالڻهار جي ٻانهپ ڪيو). جنهن اوهانجي لاءِ زمين کي فرش وانگر وڇايو، ۽ آسمان کي ڇت وانگر بلند ڪيو، ۽ جو آسمان مان مينهن وسائي ٿو، جنهن جي وسيلي طرحين طرحين جا ميوا توهانجي کائڻ لاءِ اڀاري ٿو. پوءِ (سندس خالقيت، ربوبيت ۽ رحمت ڏسي ڪري) ائين نه ڪيو جو الله سان ٻين هستين کي به شريڪ ڪريو (۽ انهن کي پوڄيو) جڏهن ته توهان ڄاڻو به ٿا (ته خالق ۽ رب فقط، هڪ الله آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو رب جنهن توهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ۽ آسمان کي ڇت بنايو، ۽ آسمان مان مِينهن نازل فرمايو پوءِ پيدا فرمايو انهيءَ مان ميون کي رزق ڪري اوهان لاءِ، پوءِ سوچي سمجهي الله تعالى سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪريو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ۽ آسمان کي ڇت ڪيو ۽ آسمان مان پاڻي لاٿائين پوءِ ان مان ميوا ڪڍيائين اوهان جي کائڻ لاءِ پوءِ اوهين ڄاڻي واڻي (ٻين کي) خدا جي برابر نه ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن بنايو اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪري ۽ آسمان کي ڇت ۽ لاٿائين آسمان مان پاڻيءَ کي پوءِ ڪڍيائين ان سان ڪجھ ميوا اوهان جي لاءِ رزق ڪري، پوءِ نه ڪيو الله جي لاءِ شريڪ ۽ اوهان ڄاڻو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪيو ۽ آسمان کي ڇت ۽ آسمان مان پاڻي وسايائين پوءِ ان سان ميوا ڪڍيائين اوهان جي کاڌي لاءِ. پوءِ ! اوهان ڄاڻي واڻي (ٻين کي) الله جي برابر نه ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بنايو ۽ آسمان کي ڇت بنايو ۽ آسمان مان پاڻي نازل ڪيائين پوءِ ان جي ذريعي اوهان جي کاڌي لاءِ ميوا پيدا ڪيائين، پوءِ اوهان الله لاءِ شريڪ نه بنايو، حالانڪه توهان ڄاڻو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀون بنائـِي بسترو، جنهن آگي اوهان هار، ۽ اُڀ کي ڇت ۽ اڀ ڪنان، نازل ڪيائين نار، پوءِ ڪڍيائين اَهنجي قُوت لئي، جنهن سان، ميوا مٺا، موچار، پوءِ هرگز نه ٺاهيو هٿ گھڙيا، جھالُ و ڪاڻ جبار، جنهن حال ۾ هوشيار، اوهين پروڙيو پاڻ پئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ۽ آسمان کي ڇت بڻايو ۽ آسمان مان پاڻي وسايائين، پوءِ اوهان جي رزق لاءِ ان مان ميوا پيدا ڪيائين. ان ڄاڻ هوندي الله جو شريڪ ته نه ٺهرايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي ته آهي، جنهن توهان لاءِ زمين جو فرش وڇايو ۽ آسمان کي ڇت بڻايو ۽ مٿان پاڻي وسايو، پوءِ ان سان هر قسم جي پيداوار اُپائي توهان لاءِ رزق مهيا ڪيو، پوءِ جڏهن توهان ڄاڻو به ٿا ته پوءِ ٻين کي الله جو مــَـٽُ نه بڻايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي آهي جنهن توهان لاءِ زمين جو فرش ۽ آسمان جي ڇت بڻائي، ۽ وسايو آسمان مان پاڻي، ان وسيلي سان هر طرح جي پئداوار آڻي توهان لاءِ رزق تيار ڪيو، ڪنهن کي به الله جي برابر نه بڻايو اهو سڀڪجهه ڄاڻڻ کان پوءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (توهان جو رَبُّ اهو ئي ته آهي) جنھن توهان جي لاءِ ڌرتيءَ کي رهڻ جي قابل ۽ آسمان کي ڇَت بنايو، ۽ آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ ان پاڻيءَ جي ذريعي توهان جي کاڌي لاءِ هر قسم جا ميوا پيدا ڪيائين. اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ کان پوءِ ته توهان الله تعالى سان ڪنھن کي شريڪ نه ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن كُنتُم فى رَيبٍ مِمّا نَزَّلنا عَلىٰ عَبدِنا فَأتوا بِسورَةٍ مِن مِثلِهِ وَادعوا شُهَداءَكُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 23) |
۽ پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) تي جيڪو (قرآن) لاٿوسون تنھن کان جيڪڏھن اوھين شڪ ۾ آھيوته جھڙيس ڪائي سُورة بڻائي آڻيو، ۽ الله کان سواءِ پنھنجا مددگار (به) سڏيو جيڪڏھن سچا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن توهان کي هن وحي جي سچائيءَ ۾ شڪ آهي جو اسان پنهنجي ٻانهي (حضرت محمد صلي الله عليه وسلم) تي نازل ڪيو آهي ته (ان جو فيصلو آسان آهي، توهان به انسان آهيو، وڌيڪ نه) هڪڙي سورة انهن سورتن جهڙي ٺاهي کڻي اچو. ۽ الله کان سواءِ جن کي توهان حمايتي سمجهيو آهي انهن سڀني کي به مدد لاءِ سڏي اچو جيڪڏهن توهان پنهنجي خيال کي سچو ٿا سمجهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اوهان کي ڪو شڪ آهي جيڪي ڪجهه اسان پنهنجي حبيب جي مٿان نازل فرمايو آهي پوءِ پيش ڪريو ڪا به سورت قرآن جي مثال، ۽ الله تعالى کانسواءِ پنهنجا سڀئي مددگار سڏيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اوهين شڪ ۾ آهيو ان (ڪلام) جي ڪري جيڪو اسان پنهنجي عبد (محمد) تي لاٿو آهي ته ان جهڙي ڪا سورت آڻيو ۽ خدا کانسواءِ پنهنجا شاهد به سڏيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن آهيو اوهان شڪ ۾ ان جي باري ۾ جو نازل ڪيو اسان پنهنجي ٻانهي تي ته پوءِ آڻيو هڪ سورت ان جهڙِي يا (ان جهڙَي کان) ۽ سڏيو مددگارن پنهنجن کي الله کان سواءِ جيڪڏهن آهيو سچا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اوهين شڪ ۾ آهيو ان (ڪلام) جي ڪري جيڪو اسان پنهنجي ٻانهي (محمدﷺ) تي لاٿو آهي ته ان جهڙي ڪا سورت آڻيو ۽ الله کان سواءِ پنهنجا مددگار سڏيو. جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اوهان (ان ڪلام) بابت شڪ ۾ آهيو، جيڪو اسان پنهنجي ٻانهي تي نازل ڪيو آهي ته پوءِ ان جهڙي ڪا هڪ سورة (ٺاهي) آڻيو. ۽ (ان لاءِ) الله کان سواءِ (ڀلي) پنهنجي مددگارن کي (به) سڏيو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي اوهين آهيو اِن ڪنان، شڪ شبهي جو شڪار، پوءِ آڻيو ڪا اِن جھڙِي، جو اسان اتاريو، پنهنجي ٻانهين سرِ ٻيهار، ۽ سڀ سڏيو، ڌڻئ ڌار، جي سچا سخن ۾ آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهان کي ان ڪتاب بابت شڪ آهي، جو اسان پنهنجي بندي تي لاٿو آهي، ته جيڪڏهن ان ۾ سچا آهيو، ته ان جهڙي هڪ سورت ٺاهي آڻيو، ۽ ڀل الله کانسواءِ پنهنجي سڀني مددگارن کي به سڏي وٺو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن توهان کي ان ڳالهه ۾ شڪ آهي ته اهو ڪتاب جيڪو اسان پنهنجي ٻانهي تي لاٿو آهي اهو اسان جو آهي يا نه؟ ته انهيءَ جهڙي هڪڙي ئي سورة ته ٺاهي اچو، پنهنجن سڀني مددگارن کي ڀل سڏي وٺو، هڪڙي الله کي ڇڏي باقي جنهن جي وڻيوَ مدد وٺو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته ائين ڪري ڏيکاريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي توهان کي انهيءَ ڳالهه ۾ شڪ آهي ته هي نازل ڪيل (ڪتاب) پنهنجي بندي تي اهو اسان جو آهي يا نه، ته ان جهڙي هڪ سورة آڻيو، پنهنجن مڙني مددگارن کي سڏيو، هڪ الله کي ڇڏي باقي جنهن کان چاهيو مدد وٺو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن توهان کي هن ڪتاب (يعني قرآن مجيد) جي باري ۾ ڪو شڪ آهي جيڪو اسان پنھنجي ٻانهي (محمد ﷺ) تي لاٿو آهي ته پوءِ ڀلا ان جھڙي ڪا به هڪ سُورة ٺاهي ڏيکاريو ۽ ان ڪوشش ۾ الله تعالى کان سواءِ اوهان ٻين سڀني حمايتين کي به پاڻ سان ملايو، جيڪڏهن توهان واقعي سچاآهيو ته (سڀ ملي ڪري) اهو ڪم ڪري ڏيکاريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن لَم تَفعَلوا وَلَن تَفعَلوا فَاتَّقُوا النّارَ الَّتى وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 24) |
پوءِ جيڪڏھن نه ڪندؤ، ۽ ڪري به ڪڏھن نه سگھندؤ، ته انھيءَ باھ کان ڊڄو جنھن جو ٻل ماڻھو ۽ پھڻ آھن، اُھا نه مڃيندڙن لاءِ تيار ڪئي وئي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪڏهن اوهان ائين نه ڪري سگهو (هڪڙي به اهڙي سوره نه ٺاهي سگهو.) يقيناً ۽ هرگز ٺاهي به ڪين سگهندؤ ته انهي باهه جي عذاب کان ڊڄو جنهن ۾ انسان ۽ پٿر ٻاريا ويندا، جا باهه حق جي منڪرن لاءِ تيار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن ڪا سورت پيش ڪري نٿا سگهو ۽ هرگز نه ڪري سگهندا پوءِ انهيءَ باه کان ڊڄو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر (بت) هوندا، اها باه ڪافرن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن اوهان (ائين) نه ڪيو ۽ ڪڏهن به ڪري نه سگهندو ته (پوءِ) ان باھ کان پاڻ بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن. جا ڪافرن لاءِ تيار ڪيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن نه ڪندؤ ۽ اصل ڪري به نه سگهندؤ ته پوءِ ڊڄو ان باھ کان جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن تيار ڪئي وئي آهي ڪافرن لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن اوهان نه ڪيو ۽ ڪري به ڪڏهن نه سگهندو ته ان باهه کان بچو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن. اها ڪافرن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اگر اوهان (ائين) ڪري نه سگهو ۽ اوهان (ائين) ڪري ئي نه سگهندؤ ته پوءِ ڊڄو (جهنم جِي) اُن باهه کان جنهن جو ٻارڻ ماڻهو (يعني ڪفار) ۽ پٿر (يعني انهن جا بت) آهن جيڪا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي نه ڪيان ، نه ڪري سگھندا، ڪڏهن اِهو ڪم ڪار، پوءِ، بچو تنهين باھ کان، ٻارڻ جنهن ٻيهار، ماڻهون، پٿر مورهين، سو دوزخ دهشتدار، توڙان ٿيو تيار، ڪارڻ قوم ڪافرين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن اوهان ايئن نه ڪيو ۽ ايئن ڪري به نه سگهندؤ، ته ان باهه کان بچو، جنهن جو ٻل انسان ۽ پٿر آهن، ۽ اها حق کان انڪار ڪندڙن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ۽ پڪ ئي پڪ ڪڏهن به نه ڪري سگهندؤ! ته پوءِ ڊڄو انهيءَ باهه کان جنهن جو ٻارڻ بڻبا ماڻهو ۽ پٿر، جيڪا تيار ڪئي وئي آهي، حق جي منڪرن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ۽ يقينًا ڪڏهن به ڪري نه سگهندؤ، ته پوءِ ڊڄو انهيءَ باهه کان جنهن جو ٻارڻ ٿيندا انسان ۽ پٿر، جيڪا تيار ڪيل آهي حق جي منڪرن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جيڪڏهن توهان (قرآن جھڙي ڪا سورة) نه ٺاهي سگهيا ۽ (سچي ڳالهه اها ئي آهي ته) توهان هرگز ٺاهي به نه سگهندا. ته پوءِ ان باهه کان ڊڄو جنھن کي ا نسانن ۽ پٿر سان ٻاريو ويندو،جيڪا حَقَّ جي انڪارين لاءِ ئي تيار ڪئي وئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ كُلَّما رُزِقوا مِنها مِن ثَمَرَةٍ رِزقًا قالوا هٰذَا الَّذى رُزِقنا مِن قَبلُ وَأُتوا بِهِ مُتَشٰبِهًا وَلَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَهُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 25) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي ھيءَ خوشخبري ڏي ته انھن لاءِ بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، جڏھن اُن مان ڪو به ميوو کاڄ لاءِ ڏنو پيو ويندن (تنھن مھل) پيا چوندا ته ھيءُ (ميوو) اُھو آھي جو اڳ اسان کي ڏنو ويو ھو ۽ اُھو (شڪل ۾) ھڪ جھڙو (پيو) ڏبن، ۽ انھن لاءِ منجھس پاڪ زالون آھن ۽ اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر) جن ماڻهن (انڪار جي بدران) ايمان آندو ۽ ڪم به چڱا ڪيائون تن لاءِ (باهه جي بدران دائمي خوشين جي) باغن جي خوشخبري آهي، جن باغن ۾ نهرون وهي رهيون آهن. جڏهن جڏهن انهن باغن جا ميوا کين کارايا ويندا (يعني بهشتي نعمتن مان ڪابه نعمت ماڻيندا) تڏهن چئي ڏيندا ته هي اهائي نعمت آهي جا اڳئي اسان کي ڏني ويئي هئي. ان کانسواءِ هنن کي نيڪ ۽ پاڪ بيبيون ملنديون ۽ هو هميشه ان راحت ۽ نعمتن واري باغ ۾ رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ خوشخبري ڏيو انهن کي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا بيشڪ انهن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، جڏهن به انهن کي انهن باغن مان ڪو ميوو ڏنو ويندو تڏهن چوندا هي اهو ميوو آهي جيڪو هن کان اڳ ۾ اسان کي مليو، اهو ميوو شڪل ۾ هڪجهڙو هوندو، ۽ انهن لاءِ بهشت ۾ پاڪ بيبيون هونديون، ۽ اهي انهي ۾ هميشہ رهندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن کي (اي حبيب) خوشخبري ٻڌاءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا (چڱا) ڪم ڪيائون تن لاءِ باغ آهن جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا. جڏهن انهن مان ڪو ميوو کين کائڻ لاءِ ڏنو ويندو ته چوندا هي ته اهو ئي آهي جيڪو اڳي (دنيا ۾) اسان کي ڏنو ويو هو.(ڇو ته) کين اهو (ميوو شڪل ۾) اهڙو ئي ڏنو ويندو ۽ انهن لاءِ انهن (باغن) ۾ پاڪ (پاڪيزيون) زالون آهن ۽ اهي انهن ۾ هميشه رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ خوشبري ڏي انهن کي جوا ايمان آندائون ۽ ڪيائون سهڻا عمل ته يقين سان انهن لاءِ بهشت آهي وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون جڏهن به کارايا ويندا انهن مان ڪو ميوو رزق ڪري ته چوندا ته هيءُ ئي ته آهن جو کارايا وياسين اڳ ۾ ۽ ڏنا ويندا اهو هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ، ۽ انهن لاءِ انهن ۾ پاڪ زالون هونديون ۽ اهي انهن ۾ هميشہ رهندڙ آهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن کي خوشخبري ٻڌاءِ جن ايمان آندو ۽ چڳا ڪم ڪيا ته انهن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. جڏهن به انهن مان ڪو ميوو انهن کي کائڻ لاءِ ڏنو ويندو ته چوندا هيءَ اهو آهي جيڪو اڳي اسان کي ڏنو ويو هو. ۽ انهن کي اهو (ميوو شڪل ۾ ) هڪ ٻئي جهڙو ڏنو ويندو. ۽ انهن لاءِ انهن ۾ پاڪ زالون آهن ۽ اهي انهن ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي نبي) مبارڪ ڏي انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون ته بيشڪ انهن لاءِ (جنت جا) باغ آهن، جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون. جڏهن به انهن باغن جي ميون مان انهن کي کائڻ لاءِ ميوو ڏنو ويندو ته (صورت ڏسي) چوندا ته هي ته اُهو (ساڳيو) آهي جيڪو اسان کي اڳ ڏنو ويو هيو، حالانڪه اهي (صرف) انهيءَ (ميوي) سان (صورت ۾) ملندڙ جُلندڙ ڏنا ويندا ۽ انهن لاءِ ان (جنت) ۾ پاڪيزه گهرواريون هونديون ۽ اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏي مبارڪ، جن مڃيو، پڻ چڱا ڪيؤن ڪم ڪار، اڳـتي تي آهن اُنهن لئي، بهشت، باغ بهار، جن هيٺان، هلن ناليون، وڻندڙ منجھ وڻڪار، جڏهن به منجھس ميون مان، ڪو ملينِ مزي هار، چي، مهند مليو سون جھڙو، هِي اُنهي جي آچار، الله، نه لڄي اُن ۾، ته ڏي ڪو به مثال، مڇر، ڪِ پوءِ مٿڀرو؛ پوءِ مڃِي، جن مقال، پوءِ صحيح سمجھن ڳالھ، ته هِي صفاسچ، سائين ڪنان. ۽ اُن ۾ آهن، اُنهن لـئي، ڪي ناريون نيڪ نبار، ۽ سدا سڀ ڄمار، اهي ساڪن ، اُن سکن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي مبارڪ ڏي، ته انهن لاءِ بهشت آهن، جن هيٺان نهرون وهن ٿيون، جڏهن به انهن کي انهن مان ميوو کائڻ لاءِ ڏنو ويندو، ته چوندا ”هي ته اهو آهي، جو اڳ به اسان کي ڏنو ويو هو“ ۽ اهو ساڳيءَ شڪل جو ڏنو ويندن. انهن لاءِ اتي پاڪ زالون هونديون ۽ اهي انهيءَ ۾ هميشه رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو هن ڪتاب تي ايمان آڻين ۽ (ان موجب) پنهنجا عمل ٺيڪ ڪن، انهن کي خوشخبري ڏيئي ڇڏ ته انهن لاءِ اهڙا باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون، انهن باغن جا ميوا شڪل ۾ دنيا جي ميون جهڙا لڳندا. جڏهن به ڪو ميوو کين کائڻ لاءِ ڏنو ويندو ته هو چوندا ته اهڙائي ميوا ته هن کان اڳ دنيا ۾ به اسانکي ڏنا ويندا هئا. انهن لاءِ اتي پاڪ زالون هونديون ۽ هو اتي هميشه رهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اي پيغمبرؐ، خوشخبري ڏي انهن (ماڻهن) کي، جيڪي ايمان آڻين (هن ڪتاب تي) ۽ سٺا ڪم ڪن، انهن لاءِ اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون، انهن باغن جا ميوا شڪل ۾ دنيا جي ميون جهڙا هوندا. جڏهن ڪو ميوو کين ڏنو ويندو ته چوندا، اهڙا ئي ميوا ان کان اڳ دنيا ۾ اسان کي ڏنا ويا هئا. ۽ انهن لاءِ اتي پاڪ زالون هونديون ۽ اهي هميشھ اتي رهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ايمان آڻيندڙن ۽ نيڪ ڪم ڪندڙن کي اهڙي جَنَّتَ جي خوشخبري ٻڌايو جنھن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نَھرُون وهنديون، انهن ايمان آڻيندڙن کي جڏهن ان جَنَّتَ جا ميوا کائڻ لاءِ ڏنا ويندا ته ميون کي ڏسي هو چوندا ته (مار!) اهڙا ئي ميوا ته اسان کي (دنيا ۾ به) ڏنا ويا هئا، ڇو ته هي ميوا شڪل صورت ۾ بلڪل هڪجھڙا ئي هوندا ، انهن جي لاءِ پاڪيزه (ڪردار واريون) گهر واريون هونديون ۽ اهي سڀئي هميشه لاءِ جَنَّتَ ۾ رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ لا يَستَحيۦ أَن يَضرِبَ مَثَلًا ما بَعوضَةً فَما فَوقَها فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا فَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَيَقولونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا يُضِلُّ بِهِ كَثيرًا وَيَهدى بِهِ كَثيرًا وَما يُضِلُّ بِهِ إِلَّا الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
لله مڇر ۽ اُن کان وڌيڪ جي مثال ڏيڻ کان حياء ئي نه ڪندوآھي، پوءِ جن ايمان آندو آھي سي (پڪ) ڄاڻندا آھن ته اُھو سندن پالڻھار وٽان (آيل) سچ آھي، ۽ جن انڪار ڪيو سي چوندا آھن ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي؟ (الله) ان مثال (ڏيڻ) سببان گھڻن کي ڀلائيندو آھي ۽ ان سببان گھڻن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي، اُن سان اھڙن بي دينن کانسواءِ (ٻي ڪنھين کي) نه ڀلائيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ (انسانن کي سندن فهم مطابق سمجهاڻيون ڏيڻ لاءِ) تمام خسيس شين جهڙوڪ مڇر يا ان کان به وڌيڪ خسيس شين جو مثال ڏيڻ کان به نٿو پاسو ڪري، پوءِ ايمان وارا (غور ۽ فڪر ڪري) ڄاڻي وٺن ٿا ته بيشڪ هي اسان جي پالڻهار وٽان حق (سچي، دائمي حقيقت) آيل آهي، پر حق جا منڪر چوندا ته ڀلا اهڙن مثالن ڏيڻ ۾ الله جو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو. گهڻائي انسان انهن (مثالن) جي ڪري گمراهي ۾ پوندا ۽ گهڻن ئي تي سعادت جي راهه کُلي پوندي (خدا جو قانون آهي ته) هو فقط انهن کي گمراهه ٿو ڪري جيڪي (هدايت جون حدون ڀڃي) فاسق ٿي ويا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى نٿو ڇڏي مڇر ۽ انهن کان وڌيڪ جي مثال سمجهائڻ کان پر مؤمن ڄاڻن ٿا ته بيشڪ اهو سندن رب جي طرفان حق آهي، پر ڪافر چون ٿا ته انهيءَ مثال مان الله تعالى جو ڪهڙو مقصد آهي، الله تعالى انهي مثال سان گمراه ڪري ٿو گهڻن کي ۽ هدايت به گهڻن کي ڏئي ٿو، ۽ انهي مثال مان ته فقط ڪافر گمراه ٿين ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ خدا ڪنهن به مثال بيان ڪرڻ کان شرم نٿو ڪري (پوءِ اهو مثال) مڇر جو هجي يا ان کان به مٿي (هجي). پوءِ جن ايمان آندو سي ڄاڻن ٿا بيشڪ اهو (مثال) سچو آهي جيڪو سندن پالڻهار وٽان (آيل) آهي ۽ جن ڪفر ڪيو سي چون ٿا ته خدا هن مثال سان ڇا ارادو ڪيو آهي ان (مثال) سان (خدا) گهڻن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏي ٿو ۽ ان سان گهڻن کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو ۽ ان سان بدڪار کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي گمراهيءَ ۾ نٿو ڇڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله نه ٿو حيا ڪري (هن ڳالھ کان) جو هڻي مثال ڪري مڇر کي پوءِ جيڪو ان کان مٿي آهي (حقارت ۾) پوءِ جن ايمان آندو اهي (پڪيءَ طرح) ڄاڻن ٿا ته بيشڪ اهو (مثال) حق آهي انهن جي رب جي طرفان ۽ پر ڪافر پوءِ چون ٿا ته ڇا ارادو فرمايو الله هن مثال (جي ذڪر ڪرڻ) سان گمراھ ڪري ٿو ان سان گهڻن کي ۽ هدايت ڪري ٿو ان سان گهڻن کي ۽ نه ٿو گمراھ ڪري ان سان مگر فاسقن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله ڪنهن به مثال بيان ڪرڻ کان شرم نه ٿو ڪري مڇر جو هجي يا ان کان به مٿي. پوءِ جن ايمان آندو سي ڄاڻن ٿا ته بيشڪ اهو (مثال) سچ آهي جو سندن پاليندڙ وٽان (آيل) آهي ۽ جن ڪفر ڪيو سي چون ٿا ته الله هن مثال سان ڇا ارادو ڪيو آهي؟ ان سان گهڻن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ ان سان گهڻن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو ۽ ان سان بدڪارن کان سواءِ ٻي ڪنهن کي گمراه نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله (سمجهائڻ لاءِ) مثال ڏيڻ ۾ ڪو به حياءُ نه ٿو ڪري پوءِ مڇر جو هجي يا (ذلت ۾ ) ان کان به وڌيڪ هجي. پوءِ اهي ماڻهو جن ايمان آندو سي ڄاڻن ٿا ته اهو انهن جي پالڻهار پاران حق آهي ۽ پر جن ڪفر ڪيو سي چون ٿا ته: ”هن مثال (ڏيڻ ) مان الله ڇا ٿو چاهي“؟ (حقيقت هي آهي ته) ان (مثال)سان گهڻن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ گهڻن کي ان ذريعي هدايت ڏئي ٿو. ۽ اُن سان گمراهي ۾ نه ٿو وجھي مگر نافرمان ماڻهن کي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر ڦريا، جي فرمان کان، تن چيو اهڙي چال، الله ارادو ڇا ڪيو، منجھان اِن مثال؟ منجھائي، ۽ سمجھائي گھڻا، نالي مِٺو تنهن نال، ڀُلائي نه بحال، تنهن سان تَو اين بنا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله مڇر يا ان کان گهٽ شيءِ جي مثال بيان ڪرڻ کان نه ٿو شرمائي. پوءِ جيڪي حق قبوليندڙ آهن، سي ڄاڻن ٿا ته اهو سچ پچ سندن رب وٽان آيل آهي ۽ جيڪي مڃڻ وارا نه آهن، سي چوڻ لڳن ٿا ته ”هنن مثالن ڏيڻ مان الله جو ڪهڙو ارادو آهي؟“ الله ان (مثال) سان گهڻن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ گهڻن کي هدايت ڪري ٿو، مگر گمراهه فقط انهن بدڪارن کي ٿو ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ الله انهيءَ کان ڪوبه حجاب نٿو ڪري جو مڇر يا ان کان به خسيس شيءِ جو مثال ڏئي، جيڪي ماڻهو حق جي ڳالهه قبول ڪرڻ وارا آهن، اهي انهن مثالن کي ڏسي ڄاڻي وٺن ٿا ته اهو حق آهي، جيڪو سندن رب طرفان آيو آهي ۽ جيڪي مڃيندڙ نه آهن، اهي انهن کي ٻڌي چون ٿا ته اهڙن مثالن سان الله جو ڪهڙو ڪم؟ ان نموني ۾ الله ساڳيءَ ڳالهه سان گهڻن کي گمراهيءَ ۾ ٿو وجهي ته گهڻن کي سنئين واٽ ٿو ڏيکاري ۽ ان وسيلي گمراهيءَ ۾ هو انهن کي ئي وجهندو آهي، جيڪي فاسق هوندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله انهيءَ کان ڪڏهن به نٿو شرمائي ته ڪنهن شيءِ جو مثال ڏئي مڇر يا ان کان گهٽ، جيڪي ماڻهو حق ڳالهه قبولڻ وارا آهن، اهي اهڙن مثالن کي ڏسي سمجهن ٿا ته اهو حق سندن رب جي طرفان ئي آهي، ۽ جيڪي انڪار ڪرڻ وارا آهن، اهي ٻڌي چون ٿا ته، الله جو ارادو ڪهڙو آهي آخر انهن مثالن ڏيڻ سان! ان طرح الله ڪيترن کي گمراهي ۾ مبتلا هڪ ڳالهه سان ۽ ڪيترن کي هدايت ڪري ٿو. ۽ گمراهي ۾ انهن کي آڻي ٿو جيڪي فاسق آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى ان ڳالهه کان نٿو ڪيٻائي ته هو مڇر يا ان کان به ڪنھن ننڍڙي شيءِ جو دليل مثال خاطر ڏي، ايمان آڻيندڙ ته ننڍن ننڍن مثالن مان حقيقت سمجهي ويندا آهن ته واقعي اها ئي سچي ڳالهه آهي جيڪا سندن رَبَّ جي طرف کان پيش ڪئي وئي آهي، باقي رهيا انڪاري ته اهي (مثالن کي هلڪو سمجهي) چوندا آهن ته (سمجهه ۾ نٿو اچي ته) اهڙن مثالن ڏيڻ مان الله تعالى جي ڪھڙي حڪمت آهي؟ (حقيقت هيءَ آهي ته) الله تعالى اهڙن مثالن ذريعي گهڻن ئي ماڻهن کي گمراهه ڪندو آهي (جيڪي انهن مثالن جي حڪمت کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪندا آهن) ۽ وري ٻئي طرف اهڙن مثالن جي (حڪمت سمجهڻ) ڪري گهڻن ماڻهن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي ۽ هو رڳو نافرمان ماڻهن کي ئي گمراهه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 27) |
جيڪي الله جو انجام ان جي پڪي ڪرڻ کانپوءِ ڀڃندا آھن، ۽ الله جن ڪمن جي ڳنڍڻ جو حڪم ڪيو آھي تن کي ڇنندا آھن ۽ مُلڪ ۾ فساد وجھندا آھن، اُھي ئي ڇيئي وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فاسق اهي آهن جيڪي الله جي حڪمن جي تابعداري جو عهد اقرار ڪري پوءِ ان عهد کي ٽوڙين ٿا، ۽ جن لاڳاپن ڳنڍڻ جو حڪم خدا ڏنو آهي تنکي ختم ڪري ٿا ڇڏين، ۽ (پنهنجي بدعملي ۽ هٺ سان) ملڪ ۾ فساد مچائي ٿا ڏين. اهي ئي نقصان ۽ مصيبتن ۽ بربادي ۾ ڪرندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي الله تعالى جي وعدي کي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ٽوڙين ٿا ۽ ڪَٽن ٿا انهيءَ کي جنهن لاءِ الله تعالى ڳنڍڻ جو حڪم فرمايو ۽ اهي زمين ۾ فساد ڪن ٿا، اِهي اهي نقصان وارا آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو جيڪي خدا جي عهد و پيمان کي مضبوط ٿيڻ کان پوءِ ڀڃي ڇڏين ٿا ۽ جن (تعلقات) جو خدا حڪم ڏنو آهي، ان کي ٽوڙي ڇڏين ٿا ۽ زمين ۾ وڳوڙ ڪن پيا سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي ڀڃن ٿا وعدي الله جي کي ان جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ۽ ڪٽين ٿا ان کي جو امر ڪيو الله ان جي لاءِ ته ڳنڍيو وڃي ۽ فساد ٿا ڪن زمين ۾ اهي ئي نقصان وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي الله جي انجام کي ان جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ڀڃن ٿا ۽ ان کي ڇنن ٿا جنهن جي ڳنڍڻ جو الله حڪم ڪيو آهي ۽ زمين ۾ فساد ڪن ٿا. اهي ئي نقصان پائڻ وارا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي الله جي معاهدي کي پڪو ڪرڻ کان پوءِ ٽوڙن ٿا ۽ ڇنن ٿا (انهن ڳانڍاپن کي) جن جي ڳنڍڻ جو الله حڪم ڏنو آهي ۽ زمين ۾ فساد مچائن ٿا،اُهي ئي نقصان وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي، جي الله ساڻ، ڀڃن ٻول، ٻَڌڻ پُئان، ۽ ٽوڙينِ، جنهن جي ٽُـڳڻ جو، چينِ پرور پاڻ، ۽ ڀون ۾ بگيڙينِ ڀاڻ، اهي مور وڃائيندڙ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي الله سان ڪيل انجام کي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ڀڃندا آهن ۽ انهن لاڳاپن کي ڇنندا آهن، جن جي ڳنڍڻ جو الله حڪم ڏنو آهي ۽ زمين ۾ فساد ڪندا آهن. اهي ئي شخص نقصان پائيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اهي) الله جي عهد کي مضبوطيءَ سان ڳنڍڻ کان پوءِ ٽوڙي ٿا ڇڏين ۽ الله جنهن کي ڳنڍڻ جو حڪم ڏنو آهي، تنهن کي ڇني ٿا ڇڏين ۽ زمين ۾ فساد ٿا برپا ڪن، حقيقت ۾ اهي ئي ماڻهو ٽوٽي ۾ پوندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو ٽوڙين ٿا الله جي عهد کي مضبوط جهلڻ کان پوءِ، ۽ ان کي ڇنن ٿا الله جنهن جي جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي، ۽ زمين ۾ فساد برپا ڪن ٿا، حقيقت ۾ اهي ماڻهو نقصان کڻڻ وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انهن نافرمان ماڻهن جو هي ڪم آهي ته) اهي الله تعالى سان ڪيل پڪي انجام کي ٽوڙي ڇڏيندا آهن، ۽ جن تعلقات کي الله تعالى وڌائڻ يعني قائم رکڻ جو حڪم فرمايو آهي هي انهن کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن ۽ زمين ۾ فساد پکيڙيندا آهن، اهي ئي ماڻهو نقصان وارا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَيفَ تَكفُرونَ بِاللَّهِ وَكُنتُم أَموٰتًا فَأَحيٰكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 28) |
اوھين ھن ھوندي به الله کي ڪھڙي طرح نه ٿا مڃيو؟ جو بي ساھا ھُيؤ پوءِ اوھان کي جيئرو ڪيائين، وري اوھان کي ماريندو، وري اوھان کي جياريندو ۽ وري ڏانھس موٽايا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي انسانو!) اوهان ڪهڙي طرح الله (۽ ان جي عبادت) کان انڪار ڪري ٿا سگهو (ڏسو نٿا ته) ڪڏهن توهان موجود ئي ڪونه هئو، هن توهان کي زندگي ڏني، پوءِ توهان کي ماريندو ۽ وري زندگي ڏيندو ۽ آخر سندس حضور ڏانهن موٽندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان ڪهڙيءَ طرح الله تعالى جو انڪار ڪريو ٿا حالانڪ توهان مئل هئا پوءِ زنده ڪيائين اوهان کي انهيءَ کان پوءِ موت ڏيندو انهيءَ کان پوءِ جيئرو ڪندو توهان کي انهيءَ کانپوءِ الله ڏانهن موٽايا ويندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڪهڙي سبب خدا کي نٿا مڃو! اوڏانهن اوهين بيجان هيوءَ! پوءِ اوهان کي جان ڏنائين وري اوهان کي ماري ٿو پوءِ اوهان کي (ٻيو ڀيرو قيامت ۾) جياريندو (۽) وري ان ڏي اوهان کي موٽايو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪهڙيءَ طرح انڪار ٿا ڪيو الله جو حالانڪ اوهان مئل هئا پوءِ جيئرو ڪيائين اوهان کي ان کان پوءِ ماريندو اوهان کي ان کان پوءِ جيئاريندو اوهان کي ان کان پوءِ ان ڏانهن موٽايا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪيئن الله کي نه ٿا مڃيو هوڏانهن اوهين بي جان هيو پوءِ اوهان کي جان ڏنائين وري اوهان کي ماري ٿو پوءِ اوهان کي جياريندو. وري ان ڏي اوهان کي موٽايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان الله جو انڪار ڪيئن ٿا ڪيو! حالانڪه توهان بي جان هيؤ پوءِ توهان کي جياريائين، پوءِ توهان کي ماريندو، وري جياريندو، وري اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندئو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪهڙئَ طرح ڪريو، الله کان انڪار، ۽ هئا مئل مورهين، پوءِ جياريان جبار، موٽي ماري، جياري وري، قدرت ساڻ ڪلتار، آخر اُنهئَ پار، اوهين مڙئي موٽائبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين الله جو ڪيئن ٿا انڪار ڪريو؟ جو اوهين بي جان هئا، پوءِ هن اوهان کي حياتي ڏني، پوءِ اوهان کي ماريندو. وري جياريندو. وري اوهين ڏانهس موٽائبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان الله سان ڪيئن ٿا ڪفر ڪريو؟ حالانڪه توهان بنا حياتيءَ جي هيؤ، هن توهان کي حياتي عطا ڪئي، پوءِ اهوئي توهان جو ساهه ڪڍندو، وري اهوئي توهان کي ٻيهر جيئاريندو ۽ پوءِ ڏانهس ئي توهان کي موٽي هلڻو آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان ڪفر جي راهه الله سان ڪيئن ٿا اختيار ڪريو جڏهن بي جان هئا ته هن حياتي ڏني، پوءِ اهو ئي جان وٺندو، وري حياتي ڏيندو وري انهيءَ ڏي ئي موٽي وڃڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي انڪار ڪندڙؤ!) توهان ڪھڙي بنياد تي الله تعالى جي توحيد جا انڪاري آهيو؟ حالانڪه توهان ته بالڪل بي جان هئا پوءِ هن ئي توهان کي زندگي عطا ڪئي، وري توهان کي ماريندو پوءِ (وري) جياريندو، پوءِ توهان(اصل مُعاملي لاءِ) الله تعالى ڏانھن موٽايا ويندا. (توهان کي اهي ڳالهيون ڇو نٿيون سمجهه ۾ اچن؟) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى خَلَقَ لَكُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ فَسَوّىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 29) |
اُھو (الله) آھي جنھن توھان (جي فائدي) لاءِ جيڪي مڙيئي (شيون) زمين ۾ آھن سي پيدا ڪيون، وري آسمان ڏانھن متوجه ٿيو پوءِ اُنھن کي ست آسمان ڪري برابر بيھاريائين، ۽ اُھو (الله) سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڏسو) هن ئي (پروردگار) اوهان جي لاءِ زمين جون سڀ شيون پيدا ڪيون آهن (ته انهن کي پنهنجي فائدي لاءِ ڪم آڻيو) پڻ الله تعاليٰ آسمان ڏي متوجه ٿيو ۽ ست آسمان درست ڪيائين (انهن کي حسن ۽ نظام ڏنائين ۽ انهن مان طرحين طرحين جا فائدا اوهان کي ملن ٿا) ۽ هو هر شيءِ جو علم رکي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى پيدا فرمائي اوهان لاءِ هر شيءِ جيڪا زمين ۾ آهي، انهيءَ کانپوءِ ارادو فرمايو آسمانن ڏانهن پوءِ ست آسمان برابر ڪري بيهاريائين، ۽ الله تعالى سڀ شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو آهي جنهن، جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀ اوهان جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو. وري آسمان ڏي متوجه ٿيو پوءِ انهن کي برابر ڪري ست آسمان جوڙيائين ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءَ کي ڄاڻيندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ئي (الله) آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان لاءِ جيڪو زمين ۾ آهي سڀ - ان کان پوءِ متوجھ ٿيو آسمان ڏانهن پوءِ ٺيڪ ٺيڪ ٺاهيائين انهن کي ست آسمان ڪري ۽ اهو هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اُهو آهي جنهن جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو سڀ اوهان لاءِ پيدا ڪيو. وري آسمان ڏي توجه ڪيائين، پوءِ انهن کي برابر ڪري ست آسمان بنايائين ۽ هو سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻيندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي آهي جنهن زمين جي هر شيءِ اوهان لاءِ پيدا ڪئي، پوءِ (ڪائنات جي ) مَــٿِين حصن ڏانهن متوجهه ٿيو ته پوءِ انهن کي برابر ڪري ست آسمان بنايائين. ۽ اُهو هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو الله، آهي سو، جنهن جوڙيا اوهان هار، جيڪي سڀ زمين ۾، جوڙون ۽ جنسار، توجَّہۡ طرف اڀ جي، ڏِنو پوءِ ڏاتار، تہ تي، تہ تيار ڪيا، ساري سَت ستار، ۽ سائين سمجھدار، حقيقت هر ٽول جِي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ئي اوهان لاءِ اهو سڀ پيدا ڪيو، جو زمين ۾ آهي، پوءِ مٿي ڌيان ڏنائين ته انهن کي پورا ست آسمان بڻايائين، هو هر هڪ شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي ته آهي، جنهن توهان لاءِ زمين جون سموريون شيون پيدا ڪيون آهن، پوءِ مٿي ڌيان ڏنائين ۽ ست آسمان کڙا ڪري ڇڏيائين ۽ هن کي هر شيءِ جو علم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي ته آهي جنهن پيدا ڪيو آهي توهان جي لاءِ زمين ۾ سڀ ڪجهه، پوءِ مٿي توجهه ڪيو آسمان ڏانهن ۽ ست آسمان جوڙيائين، ۽ اهو ئي هر شيءِ جو علم رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اها الله تعالى جي ذات ئي ته آهي جنھن زمين جون سموريون شيون توهان جي لاءِ پيدا ڪيون پوءِ (زمين جي معاملن کي درست رکڻ لاءِ) هڪ نظام ٺاهيو ۽ انهيءَ نظام تحت ستن آسمانن (جي ترتيب) کي مضبوط ڪيو، اهوئي ته هر شيءِ جي هيئت کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى جاعِلٌ فِى الأَرضِ خَليفَةً قالوا أَتَجعَلُ فيها مَن يُفسِدُ فيها وَيَسفِكُ الدِّماءَ وَنَحنُ نُسَبِّحُ بِحَمدِكَ وَنُقَدِّسُ لَكَ قالَ إِنّى أَعلَمُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 30) |
۽ (اي پيغمبر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته آءٌ زمين ۾ ھڪ نائب مُقرر ڪرڻ وارو آھيان، (تڏھن) چيائون ته ڇا منجھس اھڙي کي ٿو پيدا ڪرين جو منجھس فساد ڪندو ۽ (ناحق) رت ھاريندو، ۽ اسين تنھنجي ساراہ سان (تنھنجي) پاڪائي واکاڻيون ٿا ۽ توکي پاڪ ڪري مڃيون ٿا، فرمايائين ته جيڪي آءٌ ڄاڻندو آھيان سو توھان نٿا ڄاڻو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر هن حقيقت تي غور ڪر ته) جڏهن تنهنجي پالڻهار فرشتن کي چيو ته مان زمين تي هڪ خليفو پيدا ڪرڻ وارو آهيان. تڏهن فرشتن عرض ڪيو ته ڇا اهڙي هستي پيدا ڪري رهيو آهين جا زمين تي فساد مچائي ۽ خونريزي ڪري. حالانڪ اسان تنهنجي حمد ۽ ثنا ڪندي تنهنجي پاڪائي ۽ قدوسيءَ جو اقرار ٿا ڪريون. الله تعاليٰ فرمايو ته جيڪا حقيقت مان ڄاڻان ٿو تنهن جي خبر توهانکي ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ياد ڪر تون اي حبيب ! جنهن وقت توهان جي رب ملائڪن کي فرمايو بيشڪ آئون زمين ۾ پنهنجو نائب پيدا ڪندڙ آهيان، عرض ڪيائون ڇا تون انهيءَ کي پيدا ڪرين ٿو جيڪو زمين ۾ فساد ۽ خونريزي ڪري، ۽ اسين تنهنجي تسبيح، تعريف ۽ پاڪائي بيان ڪريون ٿا. الله تعالى فرمايو بيشڪ آئون ڄاڻان ٿو جيڪو اوهان نٿا ڄاڻو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول! اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن تنهنجي پالڻهار ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آءُ زمين ۾ هڪ نائب بڻائڻ وارو آهيان انهن چيو ته ڇا، تون ان ۾ ان کي پيدا ڪندين جو ان ۾ وڳوڙ ڪندو ۽ رت وهائيندو، هوڏانهن (اسان جو وڌيڪ حق آهي ڇو ته) اسين تنهنجي حمد سان تنهنجي تسبيح ڪندا آهيون ۽ تنهنجي پاڪائيءَ جو اقرار ڪريون ٿا. خدا فرمايو: بيشڪ جيڪي آءُ ڄاڻيان ٿو (سو) اوهين نٿا ڄاڻيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن فرمايو تنهنجي رب ملائڪن کي ته بيشڪ مان مقرر ڪندڙ آهيان زمين ۾ هڪ خليفو چيائون ڇا مقرر ٿو ڪرين ان ۾ ان کي جو فساد ڪندو ان ۾ ۽ وهائيندو رتن کي؟ ۽ اسين تسبيح ٿا پڙهون تنهنجي حمد سان ۽ پاڪائي بيان ٿا ڪيون تنهنجي لاءِ فرمايائين: بيشڪ مان ڄاڻان ٿو جيڪي اوهان نه ٿا ڄاڻو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پاليندڙ ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آءُ زمين ۾ هڪ نائب پيدا ڪرڻ وارو آهيان. انهن چيو ته ڇا تون ان ۾ ان کي پيدا ڪندين جو ان ۾ فساد ڪندو ۽ رت وهائيندو. ۽ اسين تنهنجي تعريف سان تنهنجي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ۽ تنهنجي پاڪائيءَ جو اقرار ڪريون ٿا. الله فرمايو ته جيڪي اوهين نه ٿا ڄاڻو سو آءُ ڄاڻان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن تنهنجي رب ملائڪن کي چيو :”بيشڪ آءُ زمين ۾ هڪ نائب بنائڻ وارو آهيان“. چيائون: ”ڇا ان (زمين) ۾ ان کي (نائب) بنائيندين! جيڪو ان ۾ فساد برپا ڪندو، ۽ رت هاريندو، حالانڪه اسان توکي ساراهيندي تنهنجي تسبيح پڙهون ٿا ۽ تنهنجي پاڪيزگي بيان ڪيون ٿا“. فرمايائين: ”بيشڪ جيڪي آءُ ڄاڻان ٿو سو اوهان نه ٿا ڄاڻو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مالڪ تُنهنجي، ملڪن کي ، جڏهن چيو اهڙي چال، ته ڀون ۾ بنائيندڙ آهيان، ڪو نائب نيڪ نهال، چي، منجهس مقرر ڪيئن ڪرين، جو بگيڙيس بحال، ۽ خون منجھس خان وهائي، ڪندو ڪوس قِتال، ۽ اسين پڪ توکي، پاڪ چئون، تنهجِي نيڪي ڳائڻ نال، ساريون، ساراهيون، تنهنجا ڪم ڪمال، چي، آئون، جاڄاڻـا ڳالھ، اوهين نه ڄاڻو اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ) ۽ ياد ڪر، جڏهن تنهنجي رب ملائڪن کي چيو ته ”آءٌ“ زمين ۾ هڪ نائب بڻائڻ وارو آهيان“، چوڻ لڳا ”ڇا! تون منجهس ڪنهن اهڙي کي مقرر ڪندين، جو ان ۾ خرابي ڪري ۽ خون وهائي؟ اسين ساراهه سان تنهنجي پاڪائي ۽ بزرگي بيان ڪري رهيا آهيون،“ چيائين: آءٌ اهو سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿو جو اوهين نٿا ڄاڻو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (ڪجهه انهيءَ وقت جو تصور ڪر) جڏهن تنهنجي رب فرشتن کي پئي چيو ته "مان زمين ۾ هڪڙو خليفو بنائڻ وارو آهيان." انهن عرض ڪيو: "ڇا تون زمين ۾ ڪنهن اهڙي کي مقرر ڪرڻ وارو آهين، جيڪو ان جي انتظام ۾ خلل وجهندو ۽ رتوڇاڻ ڪندو، تنهنجي حمد ۽ ثنا سان گڏ تسبيح ۽ تو لاءِ پاڪائي ته اسان بيان ڪريون پيا". فرمايائين: "جيڪي مان ڄاڻان ٿو سو توهان نٿا ڄاڻو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ٿورو ان وقت جو تصور ڪر، جڏهن تنهنجي رب ملائڪن کي چيو ته، ”آئون زمين ۾ هڪ خليفو بنائڻ وارو آهيان.“ انهن عرض ڪيو، ”ڇا ڪنهن اهڙي کي مقرر ڪيو ويندو جيڪو ان جو نظام ئي بگاڙيندو ۽ خونريزي ڪندو؟ اسين تنهنجي حمد ۽ ثنا سان گڏ تسبيح ۽ پاڪائي ته بيان ڪريون پيا“، فرمايو، ”آءٌ ڄاڻان ٿو، توهين ڪجهه ڀي نٿا ڄاڻو.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي انسان! تون پنهنجي قبول ڪيل ذميداريءَ کي ياد ڪر) جڏهن تنھنجي رَبَّ ملائڪن کي چيو ته مان زمين ۾ هڪ خليفو (يعني نائب) مقرَّر ڪرڻ وارو آهيان (ان تي حيرت وچان) سڀني ملائڪن چيو ته ڇا تون زمين ۾ اهڙو خليفو مقرَّر ڪرڻ وارو آهين جيڪو ان ۾ فساد ڦھلائيندو ۽ هڪ ٻئي جو رَتُ وهائيندو؟ اسان تنھنجي ساراهه سان گڏ تمام سھڻي طريقي سان تسبيح بيان ڪرڻ لاءِ ڪافي آهيون (ان تي) الله تعالى چيو ته جيڪو ڪجهه مان ڄاڻان ٿو ان کي توهان سمجهي ئي نٿا سگهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعَلَّمَ ءادَمَ الأَسماءَ كُلَّها ثُمَّ عَرَضَهُم عَلَى المَلٰئِكَةِ فَقالَ أَنبِـٔونى بِأَسماءِ هٰؤُلاءِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 31) |
۽ (الله) آدم کي سڀني شين جا نالا سيکاريا وري اُھي شيون ملائڪن جي آڏو ڪيائين پوءِ فرمايائين ته جيڪڏھن سچا آھيو ته ھنن جا نالا ڏسيوم.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جڏهن آدم پيدا ٿيو) تڏهن الله تعاليٰ کيس سڀني شين جا نالا ۽ حقيقتون سيکاريون، پوءِ اهي شيون ملائڪن جي اڳيان پيش ڪري حڪم ڪيائين ته جيڪڏهن اوهان سچ تي آهيو ته هنن جا نالا ۽ حقيقتون ته ٻڌايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى، (حضرت) آدم کي سڀني شين جا نالا سيکاريا پوءِ سڀ شيون ملائڪن کي پيش ڪري فرمايو توهان مون کي ٻڌايو انهن شين جا نالا جيڪڏهن توهان سچا آهيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (آدم جي حقيقت ظاهر ڪرڻ لاءِ) آدم کي سڀ نالا سيکاريا پوءِ انهن (انسانن) کي (جن جا نالا سيکاريل هئا) ملائڪن جي سامهون آندائين پوءِ (خدا) فرمايو ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته مو کي انهن (انسانن) جا نالا ٻڌايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سيکاريائين آدم کي نالا سڀئي ان کان پوءِ پيش ڪيائين انهن کي ملائڪن جي اڳيان پوءِ فرمايائين ته خبر ڏيو مون کي نالن هنن شين جي جي جيڪڏهن آهيو سچا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آدم کي سڀ نالا سيکاريائين پوءِ انهن کي ملائڪن جي سامهون آندائين پوءِ فرمايائين ته انهن جا نالا مون کي ٻڌايو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ان کان پوءِ) آدم کي سڀ (شين جا) نالا سيکاريائين پوءِ انهن (شين) کي ملائڪن تي پيش ڪيائين پوءِ فرمايائين: ”مون کي هنن شين جا نالا ٻڌايو اگر اوهان سچا آهيو“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نالا سڀ آدم کي، سيکاريا ستار، موٽي ڪيائين ملڪن تي، اُنهن کي اظهار، نالا ٻڌايومِ هِنن جا، جي آهيو صفا سچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آدم کي سڀئي نالا سيکاريائين، پوءِ انهن کي ملائڪن جي اڳيان رکيائين ۽ چيائين ته ”جيڪڏهن اوهين پنهنجي ڳالهه ۾ سچا آهيو ته هنن جا نالا ٻڌايو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ الله، آدم کي سڀني شين جا نالا سيکاريا، پوءِ انهن کي فرشتن جي آڏو پيش ڪيائين ۽ فرمايائين: "جيڪڏهن توهان جو خيال صحيح آهي (ته ڪنهن خليفي مقرر ڪرڻ سان انتظام ۾ خلل پوندو) ته پوءِ ڀلا انهن شين جا نالا ٻڌايو"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ الله آدم کي سڀني شين جا نالا سيکاريا ۽ ملائڪن جي آڏو پيش ڪيو ۽ فرمايو، ”(خليفي مقرر ڪرڻ سان نظام بگڙي ويندو) ته ٿورو هنن شين جا نالا ته ٻڌايو جي توهان سچا آهيو“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان کان پوءِ) الله تعالى آدم(ؑ) کي (ڪائنات جي) سڀني شين جا نالا سيکاريا (يعني انهن سڀني شين جي سڃاڻپ ڪرائي) ۽ ملائڪن کي چيو ته جيڪڏهن توهان جو چوڻ صحيح آهي ته پوءِ مون کي انهن شين جي باري ۾ ٻڌايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا سُبحٰنَكَ لا عِلمَ لَنا إِلّا ما عَلَّمتَنا إِنَّكَ أَنتَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 32) |
چيائون ته تون پاڪ آھين جيڪي اسان کي ڄاڻايو اٿيئي تنھن کانسواءِ اسان کي (ٻي) ڪا خبر نه آھي، بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فرشتن عرض ڪيو ته اي خدا سڀ پاڪايون ۽ وڏايون تنهنجي لاءِ آهن. اسان ته فقط ايترو ڄاڻون ٿا جيترو تو اسان کي سيکاريو آهي. تون ئي آهين جو علم ۽ حڪمت ۾ ڪامل آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) عرض ڪيائون تون پاڪ آهين اسان وٽ علم ناهي مگر جيترو تو اسان کي سيکاريو، بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن (عاجزيءَ سان) عرض ڪيو ته (تون هر عيب کان) پاڪ آهين. جيڪي تو اسان کي سيکاريو تنهن کان سواءِ اسان کي ڪا خبر نه آهي بيشڪ تو ئي سڀ ڪجھ ڄاڻيندڙ (۽) مصلحتن کي سڃاڻڻ وارو آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عرض ڪيائون ته پاڪائي آهي تنهنجي ناهي ڪو علم اسان کي مگر جيڪي تو سيکاريو اسان کي بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ حڪمت وار آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته تون پاڪ آهين، جيڪي تو اسان کي سيکاريو تنهن کان سواءِ اسان کي ڪا خبر نه آهي. بيشڪ تون ئي (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ملائڪن )چيو: ”تون پاڪ ذات آهين، اسان وٽ ڪو علم ناهي سواءِ ان جي جيڪو تو اسان کي سيکاريو. بيشڪ تون ئي ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پڪ آهين پاڪ تون، اسان سُڌ، نه سماچار، نه ڄاڻون، مگر ڄاڻـائيِي، جيترو جبّار، تون صحي سمجھدار، حڪمتي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ته ”تون پاڪ آهين- اسان فقط اهو ٿا ڄاڻون، جيڪي تو سيکاريو، بيشڪ تون ئي سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن عرض ڪيو: "اوڻاين کان پاڪ ته تنهنجي ئي ذات آهي، اسان کي ته بس ايترو ئي علم آهي، جيترو تو اسان کي ڏنو آهي، حقيقت ۾ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ، (داناءُ ۽) حڪمت جو صاحب توکان سواءِ ٻيو ڪوبه نه آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هنن عرض ڪيو، ”نقص کان پاڪ تنهنجي ذات، اسان اها ڄاڻ رکون ٿا جيڪا تو عطا ڪئي، حقيقت ۾ هر شيءِ جي ڄاڻ تو کان سواءِ ٻيو ڪير نٿو ڄاڻي.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (حقيقت ۾ انهن شين جو ملائڪن جي فطرت سان ڪو تعلق ئي نه هو) ان تي ملائڪن چيو ته (اي اسان جا پالڻھار!) تنھنجي ذات پاڪ آهي اسان کي ڪو به علم نه آهي سواءِ ايترو جيترو تو اسان کي سيکاريو آهي. بيشڪ تون وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ يٰـٔادَمُ أَنبِئهُم بِأَسمائِهِم فَلَمّا أَنبَأَهُم بِأَسمائِهِم قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ غَيبَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَأَعلَمُ ما تُبدونَ وَما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 33) |
(الله) چيو ته اي آدم انھن جا نالا کين ڏس، پوءِ جڏھن کين انھن جا نالا ڏسيائين (تڏھن الله) چيو ته اوھان کي نه چيو ھوم ڇا ته آءٌ آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھيان ۽ جيڪي پڌرو ڪيو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا سو به ڄاڻندو آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جڏهن فرشتا عاجز ٿيا) تڏهن الله تعاليٰ فرمايو ته اي آدم تون هنن حقيقتن جو بيان ڪر. جڏهن آدم ٻڌائي ويو تڏهن الله تعاليٰ فرمايو ته، ڇا مون توهان کي چيو ڪين هو ته مان زمين ۽ آسمانن جا سڀ ڳجهه ڄاڻان ٿو ۽ جيڪي توهان ظاهر ڪيو ٿا سو به ڄاڻان ٿو ۽ جيڪي لڪايو ٿا سو به ڄاڻان ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو اي آدم ! تون ٻڌاءِ انهن کي سڀني شين جا نالا، پوءِ جڏهن آدم سڀني شين جا نالا ٻُڌايا، الله فرمايو ڇا مون اوهان کي نه چيو هو ته بيشڪ آئون ڄاڻان ٿو غيب آسمانن جو ۽ زمينن جو ۽ ڄاڻان ٿو جيڪي توهان ظاهر ۽ ڳجهه ۾ ڪريو ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا (آدم کي) فرمايو ته انهن کي انهن (انسانن) جا نالا ٻڌاءِ! پوءِ جڏهن آدم، انهن کي (انسانن) جا نالا ٻڌايا تڏهن خدا فرمايو: ڇا! مون اوهان کي نه چيو هو ته آءُ آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻان ٿو. ۽ جيڪي اوهين ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي اوهين پيا لڪايو سو به ڄاڻان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين: اي آدم خبر ڪر انهن کي نالن انهن (شين جي) جي پوءِ جڏهن خبر ڪيائين انهن کي نالن انهن جي جي ته فرمايائين: ڇا مون اوهان کي چيو نه هو ته بيشڪ مان ئي ڄاڻان ٿو ڳجھ آسمانن ۽ زمينن جا ۽ ڄاڻان ٿو جيڪي ظاهر ٿا ڪيو ۽ جيڪي لڪايو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته اي آدم ! انهن کي انهن جا نالا ٻڌاءِ ! پوءِ جڏهن ان انهن کي انهن جا نالا ٻڌايا تڏهن فرمايائين ته ڇا مون اوهان کي نه چيو ته آءُ آسمانن ۽ زمين جو ڳجهه ڄاڻان ٿو. ۽ جيڪي اوهان ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي اوهين پيا لڪايو سو به ڄاڻان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) فرمايو: ”اي آدم! تون انهن کي انهن (شين) جا نالا ٻڌاءِ“. پوءِ جڏهن اُن کين انهن (شين) جا نالا ٻڌايا ته (الله) فرمايو ته: ”ڇا مون اوهان کي نه چيو هيو ته بيشڪ آءُ آسمانن ۽ زمين جاڳُجھه ڄاڻان ٿو ۽ (اهو به) ڄاڻان ٿو جيڪي اوهان ظاهر ڪيو ٿا ۽ جيڪي اوهان لڪايو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آدم چو انهن کي، نالا تن نبار، پوءِ جڏهن ٻڌائين، انهن کي نالا تن نروار، چي، آن کي نه چئمِ، ته اڀ ۽ ڀون جا، ٻُجھان منجھ، ٻهار، پڻ ٻُجھان، سو ٻيهار، جو چئو، ڪِ رکوس چت ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي آدم! تون هنن کي انهن جا نالا ٻڌاءِ!“ پوءِ جڏهن هن کين انهن جا نالا ٻڌايا ته چيائين ”مون اوهان کي نه چيو هو، ته آءٌ آسمانن ۽ زمين جي ڳجهه کي ڄاڻان ٿو؟ ۽ جيڪي اوهين ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا ان کي به ڄاڻان ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ الله، آدم کي چيو: "تون کين انهن شين جا نالا ٻڌاءِ ". جڏهن هــُـن کين انهن سڀني شين جا نالا ٻڌايا ته الله فرمايو، "مان توهان کي چيو نه هو ته مان آسمانن ۽ زمين جون اهي سموريون حقيقتون ڄاڻان ٿو جيڪي توهان کان لڪل آهن، جيڪي توهان ظاهر ڪريو ٿا اهو به مون کي معلوم آهي ۽ جيڪي توهان لڪايو ٿا اهو به مان ڄاڻان ٿو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله فرمايو، ”اي آدم، تون هنن کي انهن جا نالا ٻڌاءِ“، جڏهن هن انهن کي اهي سڀ نالا ٻڌايا، ته الله فرمايو، ”مون توهان کي چيو نه هو ته آءٌ سڀ حقيقتون ڄاڻان ٿو جيڪي توهان کان لڪل آهن آسمانن ۽ زمين جون، توهان جيڪي ظاهر ڪريو ٿا اهو به معلوم اٿم ۽ جيڪي لڪايو ٿا ان کان به واقف آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ) الله تعالى چيو ته: اي آدم! ملائڪن کي انهن شين جي باري ۾تون ٻڌاءِ، جڏهن هن ملائڪن کي شين جي باري ۾ ٻڌايو ته الله تعالى ملائڪن کي چيو ته ڇا مون توهان کي اڳ ۾ ئي نه چيو هو ته مون کي ئي آسمانن ۽ زمين جي لڪيل حقيقتن جو علم آهي ۽ مان هر اها شيءِ ڄاڻان ٿو جيڪا توهان ظاهر ڪريو ٿا يا جنهن کي ڳجهو رکو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ وَاستَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 34) |
۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو تڏھن شيطان ڌاران (ٻـين) سجدو ڪيو، ھن انڪار ڪيو ۽ ھٺ ڪيائين ۽ ڪافرن مان ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اسان ملائڪن کي حڪم ڪيو ته آدم جي اڳيان نوڙو. هو جهڪيا ۽ ابليس نه جهڪيو هن نه مڃيو ۽ تڪبر ڪيائين ۽ منڪرن منجهان ٿي پيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ياد ڪريو توهان اي حبيب ! جنهن وقت اسان حڪم فرمايو ملائڪن کي ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ سڀني سجدو ڪيو مگر ابليس انڪار ڪيو، ۽ تڪبر ڪيو ۽ ڪافرن مان ٿيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو. پوءِ انهن سجدو ڪيو سواءِ شيطان جي، ان انڪار ڪيو ۽ وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) جنهن وقت چيوسون ملائڪن کي ته سجدو ڪيو آدم کي پوءِ سجدو ڪيائون سواءِ شيطان جي – انڪار ڪيائين ۽ تڪبر ڪيائين ۽ هو ڪافرن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪيو پوءِ سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. اُنَ انڪار ڪيو ۽ وڏائي ڪيائين ۽ (اهو انڪار سبب) ڪافرن مان ٿي پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن فرمايوسون فرشتن کي، جُھڪو آدم پار، پوءِ جُھڪيا مِڙوئيِ، مگر ابليس ڪيو انڪار، ۽ پئو تڪبّر ۾ تڪرار، ۽ هئو اصلي، اِنڪارين مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪر، جڏهن تنهنجي ڌڻيءَ ملائڪن کي چيو ته ”آدم کي سجدو ڪريو،“ ته ابليس کانسواءِ سڀني سجدو ڪيو، هن انڪار ڪيو، هٺ ڪيائين ۽ نافرمانن ۾ شامل ٿي ويو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن اسان ملائڪن کي حڪم ڏنو ته آدم جي آڏو جهڪي پئو ته سڀئي جهڪي ويا مگر ابليس (شيطان) انڪار ڪيو، هو پنهنجي وڏائيءَ ۽ هــَـٺ ۾ پئجي ويو ۽ بي فرمانن ۾ شامل ٿي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن اسان ملائڪن کي حڪم ڏنو ته آدم جي آڏو جهڪي پئو ته سڀ جهڪي پيا سواءِ ابليس جي، هو هٺ ۽ وڏائيءَ ۾ پئجي بي فرمانن ۾ شامل ٿي ويو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن اسان ملائڪن کي حڪم ڪيو ته آدم کي سجدو ڪريو (ته فوراً) سڀني سجدو ڪيو پر ابليس انڪار سان گڏ تَڪبُّر ڪيو.اهڙي طرح هو نافرمانن ۾ شامل ٿي ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقُلنا يٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ وَكُلا مِنها رَغَدًا حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 35) |
۽ چيوسون ته اي آدم تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ ٽڪو ۽ جتان وڻيوَ تتان مزي سان کائو، ۽ ھن وڻ کي ويجھا نه وڃجو نه ته ظالمن (جي شمار) مان ٿيندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسان آدم کي چيو ته تون ۽ تنهنجي زال ٻئي جنت ۾ رهو ۽ ان مان جيئن ۽ جيڪي وڻيو سوکائو ۽ پيئو پر هن وڻ جي ويجهو به نه لنگهجو. (جيڪڏهن ويجهو لنگهندو ته) انهن ظالمن مان ٿيندو جي حدون لتاڙي ٿا وڃن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان فرمايو اي آدم ! تون ۽ تنهنجي بيبي بهشت ۾ رهو ۽ مزي سان کائو بهشت مان جتان اوهان کي پسند اچي ۽ توهان ٻئي ويجها نه ٿيو هن وڻ کي، نه ته حد کان وڌندڙن مان ٿي پوندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان فرمايو ته اي آدم! تون ۽ تنهنجي زال جنت ۾ رهو ۽ ان مان جتان اوهان کي وڻي اتان مزي سان کائو (۽ پيئو) پر هن وڻ جي ويجها نه وڃجو! نه ته پوءِ پنهنجي پاڻ ئي نقصان ڪندوءَ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو اسان ته اي آدم! رھه تون ۽ تنهنجي زال بهشت ۾ ۽ کائو ان مان ڪشاديءَ طرح جتي به گهرو ۽ نه ويجها وڃو هن وڻ کي پوءِ ٿي پئو ظالمن مان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن سجدو ڪيو سواءِ شيطان جي. ان انڪار ڪيو ۽ وڏائي ڪئي. ۽ ڪافرن مان ٿيو. ۽ اسان چيو ته اي آدم ! تون ۽ تنهنجي زال جنت ۾ رهو ۽ ان مان جتان اوهان کي وڻي اتان مزي سان کائو ۽ هن وڻ کي ويجها نه ٿيو نه ته ظالمن مان ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان چيو:”اي آدم! تون ۽ تنهنجي زال (حواء) بهشت ۾ رهو ۽ ٻئي ان مان مزي سان کائو جتان به چاهيو ۽ هن وڻ جي ويجها نه وڃجو نه ته توهان حد کان وڌڻ وارن مان ٿي پوندئو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ فرمائيوسون فضل سان، ته آدم! ڪر آرام، پڻ بيبي تُنهنجي باغ ۾، پڻ تازا تر تمام، واپرايو، وَڻي تِـتان، ميوا منجھس مدام، ۽ ويجها هِن وڻ هيڪڙي، وڃجانه وريام!، پوءِ نِسورا ناڪام، هوندا هاڃيڪارن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان آدم کي حڪم ڏنو ته ”تون ۽ تنهنجي زال جنت ۾ رهو ۽ جتان به وڻيو، مزي سان کائو، پر هن وڻ کي ويجها به نه وڃو، نه ته ظالم ليکيا ويندؤ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اسان آدم کي چيو ته "تون ۽ تنهنجي زال ٻئي جنت ۾ رهو ۽ هتي مزي سان جيڪي به وڻيوَ سو کائو پر هن وڻ ڏي نه وڃجو، نه ته ظالمن مان ليکيا ويندؤ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پوءِ اسان آدم کي چيو ته، ”تون ۽ تنهنجي زال رهو جنت ۾ ۽ جيڪي چاهيو مزي سان کائو، پر هن وڻ جي ويجهو نه وڃجؤ، نه ته ڳڻيا ويندؤ ظالمن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان آدم کي چيو ته تون ۽ تنهنجي گهر واري ٻئي جَنَّتَ ۾ رهو ۽ جَنَّتَ مان جتان به مرضي وڻي اتان وڃي مزي سان شيون کائو، پر ڀلجي به هن وڻ جي ويجها نه وڃجو، نه ته توهان (به) ظالمن ۾ شامل ٿي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَزَلَّهُمَا الشَّيطٰنُ عَنها فَأَخرَجَهُما مِمّا كانا فيهِ وَقُلنَا اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 36) |
پوءِ شيطان اُتاھون انھن کي ٿيڙيو پوءِ جنھن (مزي) ۾ ھئا تنھن مان کين (ٻاھر) ڪڍيائين، ۽ چيوسون ته (بھشت مان) نڪري ھيٺ ٿيو اوھين ھڪ ٻئي جا ويري آھيو، ۽ اوھان لاءِ ڪنھن وقت تائين زمين ۾ رھڪ جو ھنڌ ۽ (گذران جو) سامان (ٺھرايل) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا ٿيو جوشيطان هنن ۾ وسوسا وجهي هنن جا قدم ترڪائي ڇڏيا (يعني هو ان وڻ کي ويجها ويا ۽ ان جو ميوو چکيائون) ۽ نتيجو هي ٿيو جو بهشتي نعمتن ۽ خوشين واري حالت مان نڪري ويا. پوءِ اسان به (سندن نافرماني سبب) کين حڪم ڪيو ته هيٺ لهو ۽ هتان نڪري وڃو. توهان ۾ هڪڙا ٻين جا دشمن آهن. هاڻي توهان کي زمين تي رهڻو آهي ۽ ڪنهن خاص وقت تائين ان مان فائدو وٺڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ شيطان انهن کي جنت مان لغزش ڏني ۽ جتي رهندا هئا انهيءَ مان ٻاهر ڪڍيائين، اسان فرمايو هيٺ لهو توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان دشمن ٿيندا، ۽ توهان لاءِ زمين ۾ ڪنهن وقت تائين رهڻ ۽ گذران آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ شيطان انهن کي هتان ٿيڙيو، پوءِ جنهن (عيش ۽ راحت) ۾ اهي ٻئي هئا تنهن مان انهن کي ڪڍيائين ۽ چيو ته هيٺ لهي وڃو اوهين هڪٻئي جا دشمن ٿيندوءَ. ۽ هڪ مدت تائين زمين ۾ اوهان لاءِ ٺڪاڻو ۽ گذران جو سامان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ترڪايائين انهن ٻنهي کي شيطان ان (بهشت) مان ۽ ڪڍيائين انهن ٻنهي کي ان مان ۽ چيوسون ته لهو (بهشت مان) بعض اوهان جو دشمن آهي بعض لاءِ ۽ اوهان لاءِ زمين ۾ رهڻ جي جاءِ ۽ سامان آهي مقرر وقت تائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ شيطان انهن ٻنهي کي اُتان ٿيڙيو، پوءِ جنهن (نعمت) ۾ اُهي ٻئي هئا تنهن مان انهن کي ڪڍيائين. ۽ اسان چيو ته هيٺ لهي وڃو اوهين هڪ ٻئي جا دشمن ٿيندؤ ۽ هڪ وقت تائين زمين ۾ اوهان لاءِ ٺڪاڻو ۽ گذران جو سامان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ شيطان انهن ٻنهين کي ان (وڻ بابت اسان جي حڪم جي پيروي) کان هٽائي وڌو. پوءِ انهن ٻنهين کي ان (جنت) مان ڪڍيائين جنهن ۾ هئا ۽ اسان حڪم ڏنو ته: ”هيٺ لهي وڃو اوهان هڪ ٻئي جا دشمن رهندؤ ۽ اوهان لاءِ زمين ۾ هڪ مقرر وقت تائين رهڻ جي جاءِ ۽ نفعو وٺڻ (مقرر ڪيو ويو) آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ شامتي شيطان، اچي ٿيڙيو اُنهن کي، پوءِ ڪڍيئينِ، جتي قراريا، منجھان تنهن مڪان، پوءِ اُتوسون ته، اترو، ڀـيـڙا بي گمان، هونداِ هيڪ ٻئن جا، اوهين عَدُو عيان، ۽ اُتيئي اوهان لئي، آهنِ آستان، ٻئا سمر ۽ سامان، ڪو زمانو زمين تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ شيطان انهن کي اتان ٿيڙيو ۽ کين ان مزي مان ڪڍيائين جنهن ۾ هو هئا. اسان حڪم ڏنو ته ”هتان هليا وڃو. اوهين هڪ ٻئي جا دشمن آهيو ۽ اوهان کي زمين ۾ هڪ خاص وقت تائين رهڻو آهي ۽ گذر ڪرڻو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ شيطان انهن ٻنهي کي انهيءَ (وڻ) ڏي ريهي اسان جي حڪم (جي تابعداريءَ) کان ٿيـڙي ڇڏيو ۽ کين انهيءَ (حالت) مان ڪڍرائي ڇڏيو جنهن ۾ هو هئا. اسان حڪم ڏنو: "هاڻي توهان سڀئي هتان لهي وڃو، توهان هڪ ٻئي جا دشمن آهيو ۽ توهان کي هڪ مقرر وقت تائين زمين ۾ رهڻو ۽ زندگي گذارڻي آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر ان وڻ جي رغبت ڏئي شيطان کين اسان جي حڪم جي پيروي کان موڙيو ۽ ان حالت مان ڪڍرايو جنهن ۾ هئا ۽ اسان حڪم ڏنو ته، ”سڀ هتان لهي وڃو، توهين هڪ ٻئي جا دشمن آهيو، ۽ توهان کي زمين تي هڪ خاص مدت تائين رهڻو ۽ گذر بسر ڪرڻو آهي“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخرڪار شيطان ٻنهي کي منع ڪيل وڻ جي ويجهو وڃڻ لاءِ تيار ڪري ئي ورتو (۽ هو وڃڻ لاءِ راضي ٿي ويا. ايئن شيطان ٻنهي کي اسان جي پيرويءَ کان ڌوڪو ڏئي هٽائي ڇڏيو) ۽ جنھن سڪون واري جاءِ ۾ هو هئا، کين اتان ڪڍرائي ڇڏيو، پوءِ اسان سڀني کي حڪم (ڏيڻ جو فيصلو) ڪيو ته (هاڻي) توهان سڀ (آدم، سندس گهرواري ۽ شيطان پنھنجي جنس يعني جِنن جي برادري سميت) هيٺ (زمين تي) هليا وڃو، هاڻي توهان هڪٻئي جا دشمن آهيو (اهو ٻڌي ڇڏيو ته) هاڻي توهان سڀني کي هڪ خاص مقرَّر وقت تائين زمين ۾ رهي زندگي گذارڻي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَتَلَقّىٰ ءادَمُ مِن رَبِّهِ كَلِمٰتٍ فَتابَ عَلَيهِ إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 37) |
پوءِ آدم پنھنجي پالڻھار وٽان ڪي لفظ سکيا پوءِ (الله) سندس توبه قبول ڪئي، بيشڪ اُھو ئي توبه قبوليندڙ مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ آدم پنهنجي پالڻهار وٽان روحاني تعليم ملڻ سان ڪجهه چڱا ڪلما (چڱيون دعائون وغيره) سکيون (جن جي وسيلي) پوءِ الله تعاليٰ هن جي توبهه قبول ڪئي. بيشڪ هو بار بار توبهه قبول ڪندڙ ۽ بي انتها رحمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ سکيو آدم پنهنجي رب کان ڪجهه ڪلما پوءِ الله تعالى توبه قبول ڪئي بيشڪ اهو ئي توبه قبول ڪندڙ ٻاجهارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ آدم پنهنجي پالڻهار کان (معافيءَ گهرڻ جا) ڪي ڪلمات سکيا، پوءِ خدا (انهن جي مهابي) مٿس مهرباني ڪري سندس توبه قبول ڪئي. بيشڪ اهو ئي وڏو معاف ڪندڙ (۽) نهايت رحم ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ سکيو آدم پنهنجي رب کان ٻٽي ڪلما پوءِ توبہ قبول ڪيائين ان جي بيشڪ اهو ئي گهڻي توبہ قبول ڪندڙ مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ آدم پنهنجي پروردگار کان ڪي ڳالهيون سکي ورتيون پوءِ الله مٿس مهرباني ڪئي. بيشڪ اهو ئي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ آدم پنهنجي پالڻهار کان (کيس راضي ڪرڻ جا) ڪي ڪلما سکي ورتا پوءِ الله سندس توبه قبول ڪئي. بيشڪ اُهو وڏو توبه قبول ڪندڙ، ٻاجھارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آدم استغفارڪيا، جي سکيو سندس، سائين ڪنان، پوءِ مرهين کيس ميار، اومرهيندڙ ۽ مهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ آدم سندس رب کان ڪي جملا سکيو، تڏهن هن توبه قبول ڪيس، بيشڪ اهوئي وڏو توبه قبول ڪرڻ ۽ رحم وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تڏهن آدم پنهنجي رب کان ڪي جملا سکي توبــهه ڪئي، جنهن کي سندس رب قبول ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان وقت آدم پنهنجي رب کان ڪجهه ڪلما سکي توبهه ڪئي، جيڪا سندس رب قبول ڪئي، بيشڪ هو وڏو معاف ڪندڙ رحم وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ آدم (ؑ غلطيءَ جو احساس ڪندي) الله تعالى جي طرفان دُعائيه ڪلمن کي سکي توبہ ڪئي، هن سندس توبہ کي قبول فرمايو، بيشڪ الله تعالى ئي توبہ قبول ڪندڙ ۽ وڏورحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُلنَا اهبِطوا مِنها جَميعًا فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَن تَبِعَ هُداىَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 38) |
چيوسين ته منجھانئس سڀ لھي ھيٺ وڃو، پوءِ جڏھن مون وٽان اوھان وٽ ڪا ھدايت اچي تڏھن جيڪي منھنجي ھدايت تي ھلندا تن کي ڪو ڀؤ ڪونھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان حڪم ڪيو ته هاڻ توهان سڀ (بني آدم) هتان نڪري وڃو ۽ (ياد رکو ته) جڏهن اسان جي طرفان توهان لاءِ حق جي راهه کولي وڃي ته پوءِ (توهان جي لاءِ ٻه واٽون آهن) پوءِ جيڪو ڏنل هدايت تي هلندو تنهن لاءِ نڪو هوندو خوف نڪو غم.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان فرمايو توهان سڀئي جنت مان هيٺ لهو، پوءِ جڏهن توهان وٽ منهنجي طرفان هدايت اچي پوءِ جنهن ماڻهو منهنجي هدايت کي مڃو پوءِ انهن تي ڪو ڊپ ناهي ۽ نه اهي ڏکوئبا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان چيو ته ان (جنت) مان سڀئي هيٺ لهي وڃو. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي منهنجي طرفان ڪا رهنمائي پهچي ته پوءِ جيڪي منهنجي رهنمائي جي تابعداري ڪندا تن تي ڪو به ڊپ نه آهي ۽ نڪي اهي غمگين ئي ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايو اسان ته لهو ان (جنت مان) سڀ جا سڀ.وءِ جڏهن ايندي اوهان وٽ منهنجي طرفان هدايت پوءِ جنهن تابعداري ڪئي منهنجي هدايت جي پوءِ نه آهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي ڏکوئبا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسان چيو ته ان مان سڀئي هيٺ لهي وڃو. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي منهنجي طرفان ڪا رهنمائي پهچي ته پوءِ جيڪي منهنجي رهنمائيءَ جي تابعداري ڪندا تن تي ڪو به ڊپ نه آهي ۽ نه ڪي اهي غمگين ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان چيو ته: ”اوهان سڀ ان (جنت) کان لهي وڃو، پوءِ جڏهن اوهان وٽ منهنجي طرفان ڪا هدايت پهچي پوءِ جنهن به منهنجي ان هدايت جي پيروي ڪئي پوءِ نه ته انهن تي ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکارا ٿيندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُتوسون، ته اوترو اِتان، هيڪاندا هيڪار، پر پوءِ هدايتون منهنجون، اينديون اوهان پار، پوءِ ٿـئو سندمِ سُونهپ جو، جو تهدل تابعدار، پوءِ تن کي، نه ڀوُ ڀلڪار، ۽ نه ڳڻتي کينِ، ڪنهن ڳالھ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان چيو ته ”سڀ هتان هليا وڃو. پوءِ جڏهن مون وٽان اوهان وٽ ڪا هدايت پهچي، ته جيڪي منهنجي هدايت جي پيروي ڪندا، تن کي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اهي ڪو غم ئي کائيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان چيو ته: "توهان سڀئي هتان لهي وڃو، پوءِ جي منهنجي طرفان ڪا هدايت توهان وٽ پهچي ته جيڪي ماڻهو منهنجي انهيءَ هدايت جي پيروي ڪندا انهن لاءِ ڪنهن به خوف ۽ رنج جي ڪا ڳالهه نه هوندي.(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان چيو، ”توهين هتان لهي وڃو، پوءِ منهنجي طرفان ڪابه هدايت توهان وٽ اچي، ته جيڪي ماڻهو منهنجي ان هدايت جي پيروي ڪندا ته انهن لاءِ ڪوبه خوف ۽ ڪنهن به رنج جو موقعو نه هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي باقاعده) اسان حڪم جاري ڪيو ته توهان سڀ جا سڀ هتان نڪري زمين تي هليا وڃو، زمين تي منھنجي طرفان توهان کي ڪا هدايت يا حڪم پھچي ته جنهن ان جي پيروي ڪئي ته ان لاءِ ڪنھن به قسم جو خوف ۽ ڪا به ڳڻتي نه هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 39) |
۽ جن نه مڃيو ۽ اسانجي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو سي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪي انڪار ڪندا ۽ اسان جي نشانين کي ڪوڙو سمجهندا اهي دوزخي جماعت مان هوندا ۽ هميشه عذاب ۾ رهڻ وارا هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهيو اهي دوزخي آهن، اهي انهي دوزخ ۾ هميشه رهندڙ آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (هي به ياد رکو ته) جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي دوزخي آهن ۽ سدائين ان ۾ پيا رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن نه مڃيو ۽ ڪوڙو ڄاتائون اسان جي آيتن کي، اهي جهنمي آهن، اهي ان ۾ هميشہ رهڻ وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن نه مڃيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي دوزخي آهن. اهي ان ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيائون ته اُهي جهنمي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڦريا ۽ ڪوڙا ڪوٺيون، اسان جا اُهڃاڻ، اُهي ڄاڃي ڄيري ڄاڻ، هونِ هميشه اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي انڪار ڪندا ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪندا، اهي ئي دوزخي آهن ۽ اهي ان ۾ هميشه رهندا.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندا ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانئيندا، اهي باهه ۾ پوڻ وارا ماڻهو آهن، جتي هو هميشه رهندا. (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندا ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو بنائيندا، اهي باهه ۾ پوندا، جتي هو هميشھ رهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن هاڻي ڪنھن ان هدايت يا حڪم جو انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ته اهڙا ماڻهو هميشه لاءِ باهه ۾ داخل ٿيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَوفوا بِعَهدى أوفِ بِعَهدِكُم وَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 40) |
اي يعقوب جي اولاد اُھو منھنجو ڳڻ ياد ڪريو جيڪو مون توھان تي ڪيو ۽ منھنجو انجام پاڙيو ته آءٌ (به) اوھان جو انجام پاڙيان ۽ رڳو مون کان ڊپ رکو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي بني اسرائيل! منهنجي اها نعمت ياد ڪيو جا مون اوهان تي ڪئي. (اوهان کي دنيا ۾ سرفراز ڪيو) ۽ جيڪو عهد مون سان ڪيو هُيُوَ (ته تنهنجي هدايتن ۽ حڪمن تي عمل ڪنداسين) سو پاڙيو ته مان به توهان سان ڪيل عهد پاڙيان (اوهان کي ڪاميابي ۽ نعمتون ڏيان) ۽ فقط مون کان ڊڄو (ڇو ته مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اولاد يعقوب جا (بني اسرائيل وارا) توهان ياد ڪريو منهنجن نعمتن کي جيڪي مون توهان جي مٿان ڪيون ۽ منهنجي وعدي کي پورو ڪريو ته آئون به توهان جي وعدي کي پورو ڪندس ۽ خاص مون کان خوف ڪريو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي بني اسرائيلو! منهنجن انهن احسانن کي ياد ڪريو جي اوهان تي اڳ ڪيا اٿم ۽ مون سان (ڪيل) عهد اقرار (ايمان وارو) پاڙيو ته آءُ به اوهان سان انجام (ثواب جو) پورو ڪريان ۽ مون کان ئي ڊڄو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي يعقوب جا ٻچا ياد ڪيو منهنجي اها نعمت جا مون اوهان تي ڪئي ۽ پورو ڪيو مون سان ڪيل انجام ته پورو ڪيان مان اوهان سان انجام ۽ خاص مون کان پوءِ ڊڄو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي بني اسرائيلو ! منهنجي ان نعمت کي ياد ڪريو جنهن جو مون اوهان تي انعام ڪيو. ۽ منهنجو انجام پاڙيو ته آءُ اوهان سان انجام پاڙيان. ۽ مون کان ئي ڊڄو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي اسرائيل (يعني يعقوب ؑ) جا اولاد! منهنجي ان نعمت کي ياد ڪيو جا مون اوهان مٿان ڪئي ۽ اوهان منهنجي معاهدي کي پورو ڪيو ته آءُ اوهان جي معاهدي کي پورو ڪندس ۽ خاص مون کان ڊڄو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهان اي اسرائيليو! منهنجاسُک، ساريو، مون، جي ڪيا اوهان سان، وَر وَر وڙ واريو، ۽ آءٌ اوهان سان واعدا پاريان، جي اوهين پاريو، پوءِ دل ۾، ڊپ ڌاريو، هميشه، مون هيڪ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي يعقوب جا پوٽؤ (يهوديو!) منهنجي ان نعمت کي ياد ڪريو جا مون اوهان تي ڪئي. مون سان ڪيل انجام کي پاڙيو ته آءٌ اوهان سان ڪيل انجام کي پاڙيان ۽ مون کان ئي ڊڄندا رهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي بني اسرائيلؤ! ڪو ته ڌيان ڌريو منهنجي اُنهيءَ نعمت ڏي، جيڪا مون توهان کي عطا ڪئي هئي. مون سان ڪيل پنهنجو وعدو توهان پاڙيو ته توهان سان ڪيل پنهنجو وعدو مان پاڙيان ۽ مون کان ئي ڊڄندا ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي بني اسرائيل! ٿورو خيال ڪريو منهنجي انهيءَ نعمت جو، جيڪا مون توهان کي عطا ڪئي هئي، مون سان توهانجو عهد هو ان کي پورو ڪريو ته توهان سان پنهنجو عهد آءٌ پورو ڪريان، ۽ مون کان ڊڄو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي بني اسرائيل! منھنجي ان نعمت کي ياد ڪريو جيڪا مون توهان کي عطا ڪئي هئي ۽ مون سان ڪيل وعدي کي پُورو ڪريو ته مان به توهان سان پنهنجي ڪيل وعدي کي پُورو ڪندس ۽ فقط مون کان ئي ڊڄندا ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَءامِنوا بِما أَنزَلتُ مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم وَلا تَكونوا أَوَّلَ كافِرٍ بِهِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَإِيّٰىَ فَاتَّقونِ (آيت : 41) |
۽ (اي بني اسرائيل) جيڪو اوھان وٽ آھي (يعني توريت) تنھن کي سچو ڪندڙ جيڪو (قرآن ﷴ ﷺ تي) لاٿم تنھنکي مڃيو ۽ ان جا پھريان منڪر نه ٿيو، ۽ منھنجي آيتن کي (دنيا جي) ٿوري ملھ سان نه وڪڻو، ۽ رڳو مون کا ڊڄو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ان (قرآن) تي ايمان آڻيو جو مون نازل ڪيو آهي ۽ جو انهيءَ ڪلام (توراة) جي تصديق ٿو ڪري جو توهان وٽ موجود آهي. (توهان کي ته سڀني کان اڳي قرآن تي ايمان آڻڻ گهرجي ائين نه ٿئي جو اٽلندو) سڀني کان اول توهان ئي (ان جي سچائي قبول ڪرڻ کان) انڪار ڪيو. متان منهنجون آيتون خسيس قيمت تي (دنيائي خسيس فائدن لاءِ) وڪڻي ڇڏيو. (توهان کي گهرجي ته) فقط منهنجي فرمانبرداري ڪيو ۽ مون کان ئي ڊڄو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ايمان آڻيو توهان قرآن ڪريم تي جيڪو توهان جي ڪتابن جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ توهان پَهِرِيَنِ انڪار ڪندڙن مان نه ٿيو ۽ منهنجن آيتن کي ٿوري مُلهه تي نه وڪڻو ۽ توهان خاص مون کان ڊڄو،(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو (قرآن) مون نازل ڪيو آهي اهو هن ڪتاب (توريت) جي (به) تصديق ڪري ٿو جيڪو اوهان وٽ آهي ۽ اوهين سڀ کان پهريان هن (قرآن) جا انڪاري نه ٿيو ۽ منهنجي آيتن جي بدلي ۾ قليل قيمت (دنيا جو فائدو) نه وٺو ۽ مون کان ئي ڊڄو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ايمان آڻيو (ان ڪتاب) تي جو نازل ڪيو مون سچو ڪندڙ آهي ان (ڪتاب کي) جو اوهان سان گڏ آهي ۽ نه ٿيو پهريان ڪفر ڪندڙ ان جا ۽ نه خريد ڪيو منهنجي آيتن جي عوض ملھ ٿورو ۽ خاص مون کان ڊڄو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان (ڪتاب) تي ايمان آڻيو جنهن کي مون اوهان وٽ موجود (ڪتاب) جي تصديق ڪندڙ ڪري لاٿو. ۽ ان جا پهريان انڪار ڪندڙ نه ٿيو ۽ منهنجي آيتن جي بدلي ۾ ٿورو ملهه نه وٺو ۽ مون کان ئي ڊڄو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ايمان آڻيو ان تي جيڪو مون نازل ڪيو آهي، جيڪو ان جي تصديق ڪندڙ آهي جيڪو اوهان وٽ (اڳ موجود) آهي ۽ ان جا پهريان منڪر نه ٿيو. ۽ منهنجي آيتن جي عيوض ٿورو مُلهه نه حاصل ڪيو. ۽ خاص مون کان ڊڄندا رهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مڃيو هرگـز حق ڪري، جي اُتاريمِ اُهڃاڻ، صحي ڪندڙ اُن کي، جيڪي اڳي، اوهان ساڻ، ۽ ڦريل نه ٿيو اُن کان، پريندي اوهين پاڻ، ۽ مٽيو نه ٿوري ملھ مٿي، منهنجاحڪم هاڻ، پوءِ ڪڍو نه ٻئي جي ڪاڻ، مون هڪ کان، مُڙو مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو ڪتاب مون لاٿو آهي ان تي ايمان آڻيو، جو اوهان وٽ آيل ڪتاب کي سچو ڪندڙ آهي ۽ سڀ کان اڳ ان جو انڪار نه ڪريو، منهنجي آيتن کي ٿوري قيمت ۾ نه وڪڻو ۽ مون کان ئي ڊڄو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مون جيڪو ڪتاب موڪليو آهي، ان تي ايمان آڻيو. اهو انهيءَ ڪتاب جي تائيد ۾ آهي، جيڪو توهان وٽ اڳيئي موجود هو، تنهنڪري سڀ کان پهريائين توهان ئي ان جا منڪر نه بڻجي وڃو. ٿورڙي قيمت تي منهنجي آيتن کي نه وڪڻي ڇڏيو ۽ منهنجي غضب کان بچو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ايمان آڻيو ان ڪتاب تي جيڪو نازل ڪيو، هي ان جي تائيد ۾ آهي جيڪو توهان وٽ موجود هو، تنهنڪري سڀ کان پهرين توهان ان جا منڪر نه بڻجو ۽ نه ٿورڙي قيمت تي منهنجي آيتن کي وڪڻو ۽ بچو منهنجي غضب کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ايمان آڻيو هن ڪتاب (يعني قرآن مَجيد) تي جيڪو مون (محمد ﷺ تي) لاٿو آهي، هي ڪتاب ان ڪتاب جي سچائي جي تائيد ڪندڙ آهي جيڪو توهان وٽ اڳ (تورات جي صورت ۾) آيل آهي، (گهٽ ۾ گهٽ) توهان ماڻهو ته پھريائين وڌي ڪري هن (قرآن) جو انڪار نه ڪريو ۽ منھنجي آيتن کي ٿوري قيمت تي نه وڪڻو ۽ مون کان ئي ڊڄو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَلبِسُوا الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمُوا الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 42) |
۽ سچ کي ڪوڙ سان نه ملايو ۽ نڪي اوھين ڄاڻ ھوندي به سچ لڪايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سچ کي ڪوڙسان ڍڪي يا ملائي نه ڇڏيو، نڪي سچ کي لڪايو جڏهن ته توهان ڄاڻوبه ٿا (ته حقيقت ڇا آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان حق کي باطل سان نه ملايو ۽ سوچي سمجهي حق کي نه لڪايو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سچ کي ڪوڙ سان نه ملايو ۽ نڪي سچ کي ڄاڻي واڻي لڪايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ملايو سچ کي ڪوڙ سان ۽ نه لڪايو سچ ۽ اوهان ڄاڻو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سچ کي ڪوڙ سان نه ملايو ۽ نڪي سچ کي ڄاڻي واڻي لڪايو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ سچ کي ڪوڙ سان نه ملايو ۽ ڄاڻي واڻي حق کي نه لڪايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هرگـز نه حق لڪايو، ڪنهن ڪوڙِئَ فتوا ساڻ، ۽ ڪيئن ڇپايو هاڻ، جڏهن پئا، پاڻ پروڙيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) حق کي باطل سان نه ملايو ۽ ڄاڻ هوندي حق کي نه لڪايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ باطل جو رنگ چاڙهي حق کي شڪ ۾ نه وجهو، نڪي ڄاڻي واڻي حق کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه حق کي شڪ ۾ وجهو باطل جو ڪوڙو رنگ ڏئي ۽ ڄاڻي واڻي حق کي لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڪوڙ جو رنگ ڏئي سچ کي شڪ وارو نه بنايو ۽ نه ڄاڻي واڻي سچ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَاركَعوا مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ رڪوع ڪندڙن سان گڏجي رڪوع ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ادا ڪيو ۽ الله جي حضور ۾ جهڪڻ وارن سان گڏ توهان به نياز جو سر جهڪايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ادا ڪريو ۽ جماعت سان نماز ادا ڪريو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيندا رهو ۽ جيڪي (اسان جي اڳيان) عبادت لاءِ جهڪندڙ آهن تن سان گڏ اوهين به جهڪندا ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيو زڪواة ۽ رڪوع ڪيو رڪوع ڪندڙن سان گڏ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪواة ڏيو. ۽ رڪوع ڪندڙن سان گڏجي رڪوع ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيندا رهو ۽ رڪوع ڪندڙن سان گڏ رڪوع ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قائم ڪريو نماز کي، پوري وقت پاڻ، ۽ ڏيو ڏُ کيَنِ ڏاڻ، ۽ جھڪو ڀيڙو، جھڪندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نماز قائم ڪريو، زڪوات ڏيو ۽ منهنجي اڳيان جهڪندڙ سان گڏ جهڪو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نماز قائم ڪريو، زڪواة ادا ڪريو ۽ جيڪي ماڻهو منهنجي آڏو جهڪن ٿا، انهن سان گڏجي توهان به جهڪندا ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ قائم ڪريو نماز ۽ زڪواة ڏيو ۽ جيڪي ماڻهو منهنجي اڳيان جهڪن ٿا توهان به انهن سان گڏ جهڪو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ نماز قائم ڪريو، زڪوات ادا ڪريو ۽ رڪوع ڪرڻ وارن سان گڏ توهان به رڪوع ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَتَأمُرونَ النّاسَ بِالبِرِّ وَتَنسَونَ أَنفُسَكُم وَأَنتُم تَتلونَ الكِتٰبَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 44) |
ماڻھن کي چڱائيءَ جو حڪم ڪريو ٿا ۽ پاڻ کي وساريو ٿا؟ ھن ھوندي به جو توھين ڪتاب پڙھو ٿا، پوءِ ڇو نه ٿا سمجھو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا توهان ٻين ماڻهن کي ته نيڪيءَ جو حڪم ڏيو ٿا، پر پاڻ کي وساري ٿا ڇڏيو (ته توهانجي عملن جو ڪهڙو حال آهي) حالانڪ خدا جو ڪتاب (توراة) پڙهندا رهو ٿا. ڇا (اهڙي صاف ڳالهه به) توهان سمجهي نٿا سگهو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان ماڻهن کي چڱن ڪمن جو چئو ٿا ۽ پنهنجي وجود کي وساري ڇڏيوَ حالانڪ توهان قرآن پڙهو ٿا. ڇا پوءِ نٿا سمجهو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين ٻين کي ته چڱائي ڏسيو ٿا پر پنهنجي خبر نٿا لهو. هوڏانهن اوهين خدا جو ڪتاب پڙهندا رهو ٿا. ته ڇا! اوهين (ايترو به) نٿا ڄاڻو! (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا امر ٿا ڪيو ماڻهن کي نيڪي جو ۽ وساريو ٿا پنهنجن سرن کي حالانڪ اوهان ڪتاب پڙهو ٿا ڇا پوءِ نه ٿا ڄاڻو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اوهين ماڻهن کي چڳائي جو حڪم ڪريو ٿا ۽ پاڻ کي وساريو ٿا هوڏانهن اوهين ڪتاب پڙهو ٿا. ڇا پوءِ اوهين عقل کان ڪم نٿا وٺو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اوهان (ٻين) ماڻهن کي نيڪي جو حڪم ڪيو ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي وساري ڇڏيو ٿا (يعني خود عمل نه ٿا ڪيو) حالانڪه توهان ڪتاب (به) پڙهو ٿا، ڇا پوءِ به عقل کان ڪم نه ٿا وٺو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇاماڻهن چڱي مت ڏيو، ۽ وِچان وساريو پاڻ؟ ۽ جڏهن ڪتاب، قِرئت ساڻ، پڙهو ته، ڇو نه پروڙيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين ماڻهن کي ته نيڪي ڪرڻ جو حڪم ڏيو ٿا، پر پاڻ کي وساريو ٿا؟ ۽ خدائي ڪتاب به پڙهو ٿا. ڇا ان کي نه ٿا سمجهو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توهان ٻين کي نيڪيءَ واري واٽ وٺڻ لاءِ چئو ٿا پر پنهنجو پاڻ کي وساري ٿا ڇڏيو؟ حالانڪه توهان ڪتاب جي تلاوت به ڪريو ٿا، ڇا توهان عقل کان اصلي ڪم نٿا وٺو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان ٻين ماڻهن کي ته نيڪيءَ جي راهه اختيار ڪرڻ لاءِ چئو ٿا، پر پاڻ کي وساريو ٿا! ۽ جڏهن ته توهان ڪتاب جي تلاوت ڪريو ٿا، ڇا عقل کان بلڪل ڪم نٿا وٺو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان ٻين ماڻهن کي ته نيڪي ڪرڻ جو حڪم ڪريو ٿا پر پنھنجو پاڻ کي وساري ڇڏيو ٿا. (حالانڪه) توهان ڪتاب جي تلاوت به ڪندا رهو ٿا پوءِ به توهان کي سمجهه ۾ ڳالهه نه ٿي اچي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاستَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ وَإِنَّها لَكَبيرَةٌ إِلّا عَلَى الخٰشِعينَ (آيت : 45) |
۽ صبر ۽ نماز سان مدد وٺو، ۽ اُھا انھن آزي ڪندڙن کانسواءِ ٻـين کي ضرور ڏکي (لڳندي) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) صبر) ۽ نماز جي وسيلي (پنهنجي سڌاري ۾) مدد وٺو، پرنماز (آرام طلب ماڻهو لاءِ) ڏاڍي ڏکي آهي، نه انهن لاءِ جيڪي الله جي حضور ۾ نماڻا ۽ جهڪيل آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مدد وٺو توهان صبر ۽ نماز کان ۽ بيشڪ نماز ڏکي آهي مگر انهن تي جيڪي نوڙت ڪندڙ آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ صبر (روزن) ۽ نماز کان مدد وٺو ۽ جيتوڻيڪ نماز ڳري ته آهي پر انهن نئڙت ڪندڙن تي (نه) (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مدد وٺو صبر ۽ نماز سان ۽ بيشڪ اها البته ڏکي آهي مگر آزي ڪندڙن تي.ڏکي ناهي) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ صبر ۽ نماز کان مدد وٺو. ۽ بيشڪ اها ڳري آهي مگر عاجزي ڪندڙن تي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مدد وٺو (الله کان) صبر ۽ نماز سان. ۽ بيشڪ اها (نماز ماڻهن مٿان) ڳري آهي سواءِ عاجزي ڪرڻ وارن جي. (انهن تي ڳري نه آهي).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سوڀون گھرو، صبرساڻ، پڻ نِمازن نال، ۽ ڳري اها ڳالھ، ڌاران نياز، ڌاريندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) صبر ۽ نماز جي مدد وٺو، بيشڪ اها نماز، انهن فرمانبردار بندن کانسواءِ، ٻين تي ڳوري آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ صبر ۽ نماز کان مدد وٺو. بيشڪ نماز ڏاڍو اوکو ڪم آهي پر انهن فرمانبردار بندن لاءِ ڏکي ناهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) صبر ۽ نماز کان مدد وٺو، ۽ بيشڪ نماز سخت مشڪل ڪم آهي پر اها فرمانبردارن لاءِ مشڪل نه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) صبر ۽ نماز جي وسيلي الله تعالى کان مدد گُهرندا ڪريو. اهو ڪم اٿو ڏاڍو ڏکيو پر الله تعالى جو خوف رکندڙن لاءِ اهو ڪم انتهائي آسان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَأَنَّهُم إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 46) |
جيڪي پڪ ڀائيندا آھن ته اُھي پنھنجي پالڻھار کي ملڻ وارا آھن ۽ اُھي ڏانھس موٽڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي سمجهن ٿا ته کين پنهنجي پروردگار سان ملڻو آهي ۽ آخر سندس حضور ڏانهن موٽڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن کي يقين آهي ته بيشڪ اُهي پنهنجي رب سان ملندا ۽ بيشڪ اُهي انهي طرف موٽندڙ آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته اهي پنهنجي پالڻهار جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندا ۽ اهي ضرور تنهن ڏي موٽڻ وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي يقين ٿا رکن ته بيشڪ اهي ملڻ وارا آهن پنهنجي پالڻهار سان ۽ بيشڪ اهي ان ڏانهن موٽڻ وارا آهن. ع (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي خيال ڪن ٿا ته اهي پنهنجي پاليندڙ سان ملڻ وارا آهن ۽ اهي ان ڏي ئي موٽڻ وارا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي يقين رکن ٿا ته اُهي پنهنجي پالڻهار جي روبرو ٿيڻ وارا آهن ۽ بيشڪ اُهي ان ڏانهن موٽڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڀانئنِ، ته سندن سائينءَ سان، اُهي ملڻا آهن مور، پڻ هلڻا منجھ حضور، آخر آهنِ اُن ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي سمجهن ٿا ته نيٺ انهن کي پنهنجي رب سان ملڻو آهي ۽ کين ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي سمجهن ٿا ته نيٺ انهن کي پنهنجي رب سان ملڻو ۽ ڏانهس ئي موٽي هلڻو آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي سمجهن ٿا ته نيٺ انهن کي پنهنجي رب سان ملڻو آهي ۽ ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇاڪاڻ جو هي ماڻهو سمجهندا آهن ته نيٺ اسان کي پنھنجي رَبَّ سان ملڻو آهي ۽ ان ڏانھن ئي موٽي هلڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 47) |
اي بني اسرائيلو اُھو منھنجو ڳڻ ياد ڪريو جيڪو مون اوھان تي ڪيو ۽ مون اوھان کي جھان (وارن) تي سڳورو ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي بني سرائيل! منهنجون نعمتون ياد ڪيو جن سان مون اوهانکي سرفراز ڪيو ۽ دنيا جي قومن تي اوهان کي فضيلت ڏنم.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اولاد يعقوب جا ياد ڪريو توهان منهنجي نعمت کي جيڪا مون اوهان تي ڪئي ۽ بيشڪ مون بهتر ڪيو اوهان کي انهي زماني وارن کان.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي بني اسرائيلو! منهنجن انهن نعمتن کي ياد ڪريو جيڪي مون اوهان کي اڳ عطا ڪيون ۽ هي (به ته سوچو) ته اسان اوهان کي ساري جهان جي ماڻهن کان وڌائي ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي بني اسرائيلو! ياد ڪيو منهنجي اها نعمت جيڪا مون اوهان تي انعام ڪئي هئي ۽ بيشڪ ڀلو ڪيو هو مون اوهان کي (ان وقت جي) جهانن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي بني اسرائيلو ! منهنجي ان نعمت کي ياد ڪريو جنهن جو مون اوهان تي انعام ڪيو ۽ مون اوهان کي قومن تي فضيلت ڏني. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي يعقوب جا اولاد! منهنجي ان نعمت کي ياد ڪيو جا مون اوهان تي انعام ڪئي ۽ بيشڪ مون اوهان کي (تنهن وقت ۾) جهانن تي فضيلت ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساريو اي اسرائيليو! سندمِ ڀلايون ڀال، جي ڪيمِ پنهنجي ڪرم سان، توڙان توهان نال، پڻ اُتم ڪيم اقبال، اَهنجو عالمن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اي يهوديو! منهنجي ان نعمت کي ياد ڪريو، جا مون اوهان تي ڪئي ۽ انهيءَ کي به ته مون اوهان کي دنيا جي سڀني قومن کان ڀلارو ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي بني اسرائيلؤ! ياد ڪريو منهنجيءَ ان نعمت کي جنهن سان مون توهان کي نوازيو هو ۽ انهيءَ ڳالهه کي به ته مان توهان کي دنيا جي سمورين قومن تي فضيلت عطا ڪئي هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي بني اسرائيل! ياد ڪريو منهنجي انهيءَ نعمت کي، جنهن سان مون توهان کي نوازيو هو ۽ انهيءَ ڳالهه کي به ته مون توهان کي دنيا جي مڙني قومن تي فضيلت ڏني هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي بني اسرائيل! منھنجي ان نعمت کي ياد ڪريو، جيڪا مون توهان کي عطا ڪئي هئي (ان سان گڏ) مون توهان کي پوري دنيا ۾ ٻين تي فضيلت به ڏني هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها شَفٰعَةٌ وَلا يُؤخَذُ مِنها عَدلٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 48) |
۽ اُنھيءَ ڏينھن کان ڊڄو جنھن ۾ ڪو (به) ڪنھين کان ڪجھ به ٽاري نه سگھندو ۽ نڪي کانئس ڪا پارت قبول ڪبي ۽ نڪي کانئس ڪو عِوض وٺبو نڪي کين مدد ڏبي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ ڏينهن جي عذاب کان ڊڄو جنهن ڏينهن ڪوبه انسان ٻئي جي ڪم نه اچي سگهندو. (دنيا ۾ ڪيل بڇڙن ڪمن جي نتيجن کان ڪوبه بچائي ڪونه سگهندو) نڪي ڪنهن جي سفارش قبول پوندي، نڪي ڪنهن به قسم جو عيوضو وٺي ڇڏي ڏنو ويندو، نڪي ڪٿان به ڪنهن طرح جي مدد ملندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ خوف ڪريو توهان انهيءَ ڏينهن کان جڏهن ڪو مؤمن، ڪافر کي فائدو نه ڏئي سگهندو ۽ نه ڪافر لاءِ ڪا سفارش قبول ڪئي ويندي ۽ نه قبول ڪيو ويندو کانئس ڪو عيوض ۽ نه ئي کين مدد ڏني ويندي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو شخص، ڪنهن کي ڪجھ به ڪم نه ايندو ۽ نه ڪنهن جي شفاعت قبول ٿيندي ۽ نه ان کان ڪو بدلو ورتو ويندو ۽ نه انهن کي ڪا مدد پهچندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جو نه بدلو ڏيندو ڪو نفس ڪنهن نفس جو ڪجھ به ۽ نه قبول ڪئي ويندي ان جي لاءِ سفارش ۽ نه ورتو ويندو ان کان ڪو عوض ۽ نه اهي مدد ڪيا ويندا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو شخص ڪنهن کي ڪجهه به ڪم نه ايندو ۽ ان جي طرفان نه ڪا سفارش قبول ڪئي ويندي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڊڄو ان ڏينهن کان (جنهن ۾) ڪو شخص ڪنهن شخص جي پاران ڪنهن شيءِ جو بدلو ڏئي نه سگهندو ۽ نه ان کان ڪا سفارش قبول ڪئي ويندي ۽ نه ان کان (جان بخشي لاءِ ڪو) عيوض ورتو ويندو ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏورتنهين ڏينهن کان، جڏهن پاڙبو، نه ڪري پار، هڪ جان، ٻي جان جو، پڻ ڪارون نه ان کان ڪار، ۽ نه وٺبس بدلو بار، نه ورندونِ ڪو به واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن کان ڊڄو، جڏهن ڪو به شخص ذري جيترو به ڪنهن جي ڪم نه ايندو ۽ نه ڪنهن کان ڪا پارت ئي قبول ڪبي، نڪي ڪنهن کان ڪو عيوض قبول ڪبو، نه کين ڪا مدد ئي ملي سگهندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن ڪوبه ڪنهن جي ڪم نه اچي سگهندو، نه ڪنهن کان ڪا سفارش قبول ڪئي ويندي ۽ نه ڪو ڪنهن کان عيوضو وٺي ڇڏي ڏنو ويندو ۽ نه ڏوهارين کي ڪٿان ڪا مدد ملي سگهندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڊڄو انهيءَ ڏينهن کان جڏهن ڪير به ڪنهن کي ذري برابر ڪم نه ايندو. ۽ نه ڪنهن جي طرفان سفارش قبول ٿيندي، ۽ نه ڪنهن کي فديو وٺي ڇڏيو ويندو ۽ نه ڏوهارين کي ڪٿان مدد ملي سگهندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڊڄو ان ڏينھن کان جنھن ڏينھن ڪو به ڪنھن جي ذرو به ڪم نه ايندو، نه ئي ڪنھن جي (نامناسب) سفارش قبول ڪئي ويندي، نه ئي ڪنھن کان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪو عيوضو ورتو ويندو ۽ نه ئي ڏوهارين کي ڪٿان ڪا مدد ملي سگهندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ نَجَّينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 49) |
۽ (ھي ڳڻ به ياد ڪريو) ته جڏھن اوھان کي فرعون جي ماڻھن کان ڇڏايوسون جي اوھان کي ڏاڍو ايذاءُ چکائيندا ھئا، جو اوھان جا پُٽ ڪھندا ھئا ۽ اوھان جون ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا ھئا، ۽ اُن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي پرک ھُئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن مون اوهان کي فرعون جي خاندان کان جنهن اوهانکي نهايت سخت عذابن ۽ ظلمن ۾ پيڙي ڇڏيو هو، ڇوٽڪارو ڏنو. اهي اوهان جي پٽن کي بي رحميءَ سان ڪهندا هئا. (ته اوهان جو نسل ختم ٿئي) ۽ اوهان جي نياڻين کي جيئرو ڇڏيندا هئا (ته مصري ماڻهن جون ٻانهيون ٿي رهن) ۽ في الحقيقت هن حال ۾ اوهان جي پالڻهار جي طرف کان اوهان لاءِ وڏي آزمائش هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ياد ڪريو توهان جڏهن اسان اوهان کي فرعون جي ماڻهن کان ڇوٽڪارو ڏنو جيڪي اوهان تي ڏکوئيندڙ عذاب ڪندا هئا توهان جي پُٽن کي ڪُهندا هئا ۽ نياڻين کي زنده ڇڏيندا هئا، ۽ انهيءَ ۾ اوهان لاءِ اوهان جي رب جي طرفان وڏي آزمائش هئي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کي (اوهان جي وڏن کي) فرعون جي ماڻهن (جي چنبي) کان بچايو، جي اوهان کي تمام وڏا ڏک ڏئي ستائيندا هئا.اوهان جي پٽن کي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي ڌيئرن کي (پنهنجي خدمت لاءِ) جيئرو ڇڏيندا هئا ۽ ان ۾ اوهان جي پالڻهار جي طرفان (صبر جو) وڏو امتحان هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن ڇڏايوسون اوهان کي فرعونين کان جو چکائيندا هئا اوهان کي بري قسم جو عذاب، ڪٺائون ٿي اوهان جي پٽن کي ۽ جيئرو ڇڏيائون ٿي اوهان جي عورتن (ڌيئرن) کي ۽ ان ۾ وڏي آزمائش هئي اوهان جي رب جي طرفان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه ان کان ڪو بدلو ورتو ويندو ۽ نه انهن کي ڪا مدد پهچندي. ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کي فرعون جي ماڻهن کان بچايو. هو اوهان کي بڇڙو عذاب پهچائيندا هئا. اوهان جي پٽن کي ڪُهندا هئا ۽ اوهان جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندا هئا. ۽ ان ۾ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان وڏو امتحان هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان اوهان کي قومِ فرعون (جي غلامي) کان ڇوٽڪارو ڏنو جي اوهان کي تمام سخت اذيت ڏيندا هئا، جو توهان جي پُٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ توهان جي نياڻين کي زنده ڇڏيندا هئا. ۽ ان ۾ توهان جي پالڻهار پاران تمام وڏي آزمائش هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ فرعون جي فِرق کان، جڏهن ڇڏائيسِينِئان جان، ڍوئينِ اوهان تي بار پئا، بُڇڙا بي گمان، ڪُهَن ڪنور اوهان جا، جوينِ ڏينيان جِيدان، ۽ اِن ۾ وڏو امتحان، اوهان لئي، الله کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪريو، جڏهن اسان اوهان کي فرعونين کان ڇوٽڪارو ڏنو، جن اوهان کي سخت عذاب ڏنو ٿي، جيڪي اوهان جي پٽن کي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي زالن کي جيئرو رهڻ ڏيندا هئا ۽ ان ۾ اوهان جي رب کان وڏي آزمائش ٿي رهي هئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو اهو وقت جڏهن اسان توهان کي فرعونين جي غلاميءَ کان ڇڏائي آزاد ڪيو. انهن توهان کي سخت عذاب ۾ وجهي ڇڏيو هو. توهان جي پٽن کي ڪهي ڇڏيندا هئا ۽ توهان جون ڇوڪريون جيئريون ڇڏي ڏيندا هئا ۽ ان ڳالهه ۾ توهان جي رب جي پاران توهان جي وڏي آزمائش هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪريو اهو وقت جڏهن اسان توهان کي فرعونين کان ڇوٽڪارو ڏنو، انهن توهان کي عذاب ۾ مبتلا رکيو هو، توهان جي پٽن کي ڪٺو ٿي ۽ زنده رکيو ٿي توهان جي ڌيئرن کي، ۽ انهيءَ حالت ۾ توهان لاءِ پنهنجي رب طرفان آزمائش هئي وڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (تاريخ جا ورق کولي ڏسو) جڏهن اسان توهان کي فرعوني حڪومتن جي غلاميءَ کان نجات ڏياري، جن توهان کي سخت عذاب ۾ جڪڙي ڇڏيو هو، توهان جي پُٽن کي (نسل ختم ڪرڻ لاءِ) ذبح ڪندا هئا، ۽ اوهان جي نياڻين کي جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا (ته جيئن توهان جي طاقت کي ختم ڪيو وڃي) ۽ اهي حالتون توهان جي رَبَّ جي طرف کان وڏي آزمائش واريون هيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ فَرَقنا بِكُمُ البَحرَ فَأَنجَينٰكُم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 50) |
۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن اوھان لاءِ سمنڊ کي چيريوسون پوءِ اوھان کي (ٻڏڻ کان) بچايوسون ۽ فرعون جي ماڻھن کي ٻوڙيوسون ۽ اوھين ڏسندا رھيؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ اهو وقت ياد ڪيو) جڏهن (توهان مصر ملڪ مان نڪتؤ ۽ فرعون لشڪر سميت اوهان کي پڪڙڻ لاءِ پوئتان آيو) اسان سمنڊ جو پاڻي هيڏي هوڏي ڪري ڇڏيو ۽ اوهان وچئون لنگهي ويو، مگر فرعون کي لشڪر سميت غرق ڪري ڇڏيوسين ۽ توهان پاڻ ڏٺو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اسان توهان لاءِ درياء کي چيريو پوءِ توهان کي بچايوسين ۽ توهان جي سامهون فرعون جي قوم کي ٻوڙيوسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان جي لاءِ سمنڊ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو پوءِ اسان اوهان کي ته نجات ڏني ۽ اوهان جي ڏسندي ئي فرعون جي ماڻهن کي ٻوڙي ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جنهن وقت چيريو اسان اوهان جي لاءِ سمنڊ پوءِ ڇڏايوسون اوهان کي ۽ ٻوڙيوسون فرعونين کي ۽ اوهان ڏسو پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان جي ڪري سمنڊ کي چيريو ۽ پوءِ اوهان کي بچايوسون ۽ فرعون جي ماڻهن کي ٻوڙيوسون ۽ اوهين ڏسي رهيا هئا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اسان اوهان جي (گذرڻ) لاءِ سمنڊ کي چيريو پوءِ اسان اوهان کي نجات ڏني ۽ اوهان جي نظرن جي سامهون اسان قومِ فرعون کي ٻوڙي ڇڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اسان، اوهان سڀني وچان، وِير ڇنِي جنهن وار، اوهان کي اُڪاريو سون، صحِي سلامت پار، ۽ فرعون جي فوج کي، ٻوڙيون سون منجھ ٻار، ۽ ڪنڌِئَ ڀر ڪنار، پئا پاڻ ڏسو پڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪريو، جڏهن اسان اوهان لاءِ درياءَ کي چيري، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ فرعونين کي اوهان جي اکين اڳيان ٻوڙيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو اهو وقت جڏهن اسان سمنڊ کي چيري توهان لاءِ رستو بڻايو، پوءِ ان مان توهان کي صحيح سلامت اُڪاري پار ڪيوسين ۽ وري اتي ئي توهان جي اکين آڏو فرعونين کي ٻوڙي ڇڏيوسين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪريو اهو وقت جڏهن اسان سمنڊ کي چيري توهان لاءِ رستو بڻايو، توهان کي خيريت سان گذاريو ۽ فرعونين کي غرق ڪيو توهان جي اکين آڏو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (تاريخ جو اهو ورق به ياد ڪريو) جڏهن اسان سمنڊ کي چيري توهان جي لاءِ (مصر مان) نڪرڻ جو رستو ٺاهيو هو (توهان آرام سان سمنڊ پار ڪري ويا) پر توهان پنھنجي اکين سان ڏٺو ته فرعوني سلطنت جي حڪمران طبقي کي اسان ٻوڙي ڇڏيو سين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ وٰعَدنا موسىٰ أَربَعينَ لَيلَةً ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 51) |
۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن موسىٰ کي چاليھن راتين جو انجام ڏنوسون وري ان (جي وڃڻ) کانپوءِ گابي کي (خدا ڪري) ورتؤ ۽ اوھين ظلم ڪندڙ ھيؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ اهو واقعو به ياد ڪيو جو) جڏهن (سينائي اپٻيٽ ۾) حضرت موسيٰ سان اسان چاليهه راتين جو واعدو ڪيو هو. (اوهان کان جدا ٿي طور جبل ڏي هليو ويو ته) اوهان هن جي وڃڻ بعد سندس پرپٺ (مصرين وانگر) گابي جي پوڄا شروع ڪري ڏني ۽ اهو وڏو ظلم ڪري ڇڏيوَ (جو حق جي راهه کان هٽي ويؤ.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اسان، موسى کان چاليهن راتين جو وعدو ورتو سندس وڃڻ کان پوءِ توهان گابي جي پوڄا ڪئي ۽ توهان ظالم هئا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان موسى جي چاليهن راتين جو واعدو ڪيو هو ۽ اوهان ماڻهن سندن وڃڻ کان پوءِ هڪ گابي کي (پوڄڻ لاءِ خدا) بنايو. هوڏانهن اوهين پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري رهيا آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن وعدو ڪيو اسان موسى سان چاليهه راتين جو ان کان پوءِ بنايو اوهان گابي کي (معبود) ۽ اوهان (ان وقت) ظلم ڪندڙ هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان موسيٰ کي چاليهن راتين جو واعدو ڏنو پوءِ اوهان ان (جي وڃڻ) کان پوءِ گابي کي (خدا) ٺاهيو. ۽ اوهين ظالم هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان موسى سان چاليهه راتين جو وعدو ڪيو پوءِ اوهان ان جي پويان گابي (کي معبود ڪري ) ورتو . ۽ توهان زيادتي ڪندڙ هيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چاليھ راتيون ربّ ڪيون، جڏهن موسٰى سان مقرر، وَڇڙِي کي ورتان وري، اُن کانپوءِ اَبتر!، صفا ستمگر آهيو اوهين، اُن حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪريو، جڏهن موسيٰ کي چاليهن راتين جو واعدو ڏنوسون، پوءِ توهان هن پويان گابي کي سائين بڻايو ۽ اوهين وڏو گناهه ڪري رهيا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو جڏهن اسان موسيٰ کي چاليهن راتين جي ٻولي ڪري گهرايو ته سندس پٺيان توهان گابي کي پنهنجو معبود بڻايو، انهيءَ وقت توهان ليڪو لنگهي بيٺا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪريو جڏهن اسان موسيٰ کي چاليهه ڏينهن راتين جي وعدي تي گهرايو ته سندس پويان توهان گابي کي پنهنجو معبود بڻايو، ان وقت توهان سخت زيادتي ڪئي هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (تاريخ جو اهو ورق به اٿلائي ڏسو) جڏهن اسان موسى (ؑ) کي چاليھن راتين لاءِ (خاص طور تي) پاڻ وٽ گهرايوسين (ته جيئن فرعونين جي ختم ٿيڻ کان پوءِ نئين صورتحال ۾ کيس آئنده جو پروگرام ڏجي ته وري توهان جو بگل ڦري ويو ۽) توهان سندس پٺيان گابي جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪري ڏني، اها توهان جي وڏي زيادتي هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ عَفَونا عَنكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 52) |
وري اُن کان پوءِ اوھان کان ٽارو ڪيوسون ته مان اوھين شڪرانو ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر تڏهن به اسان (پنهنجي رحمت سان) هن (وڏي غلطي ۽ گناهه) بعد به اوهان کي معاف ڪيو ته من الله جي بخشائشن جو قدر ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان معاف ڪيو اوهان کي انهيءَ کان پوءِ ته مَنَ توهان شڪرانو مڃو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهن کان پوءِ به اسان اوهان کي معاف ڪيو ته من اوهين احسان مڃيو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ معاف ڪيوسون اوهان کي ان (ظلم) کان پوءِ به تانته شڪر ڪيو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان ان کان پوءِ (به) اوهان کي معاف ڪيو. مَنَ اوهين احسان مڃيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ان کان پوءِ (به ) توهان کي معافي ڏني تان ته توهان شڪر گذار ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ان کان، پوءِ اوهان کي، ڪئي سون معاف ميار، اِن آسري آڌار، ته ڳايو ڳُڻ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان کان پوءِ به اسان اوهان کي معاف ڪيو، ته شايد اوهين شڪر گذار بڻجو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر تڏهن به اسان توهان کي معاف ڪري ڇڏيو ته مــَـنَ هاڻي ڪو توهان شڪرگذار بڻجي وڃو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر ان تي به اسان توهان کي معاف ڪيو ته شايد هاڻي توهان شڪرگذار بڻجو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان پوءِ به) اسان توهان کي معاف ڪيو ته جيئن توهان (وري سوچي) شڪرگذاريءَ جو رستو وٺو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَالفُرقانَ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 53) |
۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن موسىٰ کي ڪتاب ۽ (سچ ۽ ڪوڙجي وچ ۾) سنڌو وجھندڙ ڏنوسين ته مان اوھين ھدايت وارا ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهو واقعو به ياد ڪيو جو) اسان (چاليهه راتين جو واعدو پورو ڪيو) ۽ موسيٰ کي ڪتاب (تورات) ۽ فرقان (حق ۽ باطل ۾ فرق ڪرڻ واري قوت يا نشانيون ۽ معجزا) عطا فرمايا، انهيءَ لاءِ ته توهان تي (سعادت ۽ فلاح جي) راهه کلي پوي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اسان موسى کي تورارت حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪندڙ ڏنو ته مَنَ توهان هدايت وارا ٿيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان موسى کي ڪتاب (توريت) ڏنو ۽ (حق ۽ باطل کان) جدا ڪندڙ (سمجھ) ڏني ته من اوهين سنئين واٽ تي هلو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جنهن وقت ڏنو اسان موسى کي ڪتاب ۽ (حق ۽ باطل) ۾ فرق ڪندڙ تانته اوهان هدايت وارا ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان موسيٰ کي ڪتاب ۽ (حق کي باطل کان) جدا ڪندڙ (سمجهه) ڏنو ته مَنَ اوهين سڌي رستي تي هلو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان موسى کي ڪتاب ڏنو ۽ (حق کي باطل کان) جدا ڪندڙ (معجزو) ڏنو تان ته توهان هدايت وارا ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏنوسون موسٰى مير کي، قلم بند ڪتاب، ۽ بيان هر ڪنهن باب، ته وَرو مانَ واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪريو، جو اسان موسيٰ کي ڪتاب ۽ پرک ڏنا، ته من اوهين سنئين واٽ لهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو ته (انهيءَ وقت جڏهن توهان اهو ظلم ڪري رهيا هئا) اسان موسيٰ کي ڪتاب ۽ فرقان (حق ۽ ناحق کي پرکڻ واري ڪسوٽي) عطا ڪيو ته جيئن توهان ان جي وسيلي سڌو رستو لهي سگهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ياد ڪريو(ٺيڪ ان وقت جڏهن توهان اهو ظلم ڪيو) اسان موسيٰ کي ڪتاب ۽ فرقان عطا ڪيو جيئن توهان سڌي راهه لهندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (تاريخ جا ورق کوليندا هلو، هيڏانھن توهان جون زيادتيون هيون ته) هوڏانھن وري اسان موسى (ؑ) کي ڪتاب ۽ فرقان (يعني سچ ۽ ڪوڙ ۾ پرک ڪرڻ جو علم) ڏنو ته جيئن (ان ڪتاب ۽ پرک جي ذريعي) توهان سڌو رستو اختيار ڪري سگهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِنَّكُم ظَلَمتُم أَنفُسَكُم بِاتِّخاذِكُمُ العِجلَ فَتوبوا إِلىٰ بارِئِكُم فَاقتُلوا أَنفُسَكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم عِندَ بارِئِكُم فَتابَ عَلَيكُم إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 54) |
۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم اوھان گابي کي خُدا ڪري وٺڻ سببان پاڻ تي ظلم ڪيو آھي تنھنڪري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽو ۽ پاڻ کي ڪُھو، اھو اوھان لاءِ توھان جي پيدا ڪندڙ وٽ چڱو آھي، پوءِ اوھان تي ٻاجھ ڪيائين، بيشڪ اُھو ئي معافي ڏيندڙ مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (وري اهو وقت به ياد رکو) جڏهن حضرت موسيٰ (تورات سان طور جبل کان موٽي آيو ۽ اوهان کي گابي جي پرستش ۾ گرفتار ڏٺائين). اوهان کي چيائين ته، اي منهنجي قوم افسوس اوهان گابي جي پوڄا ڪرڻ سان پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو آهي. هاڻي پنهنجي خالق ڏانهن رجوع ٿيو ۽ (گابي جي پوڄا جي بدلي ۾) پنهنجي جانين کي قتل ڪيو. انهيءَ ۾ اوهان جي خالق وٽ اوهان جي لاءِ بهتري آهي، پوءِ اوهان جي توبهه الله تعاليٰ قبول ڪئي. بيشڪ هو بار بار توبهه قبول ڪندڙ ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو اي منهنجي قوم! بيشڪ اوهان گابي جي عبادت ڪري پنهنجي نفسن تي ظلم ڪيو آهي پوءِ توهان پنهنجي پالڻهار طرف توبہ ڪريو پوءِ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي قتل ڪريو، اهو بهتر آهي توهان لاءِ توهان جي پالڻهار وٽ، پوءِ الله تعالى توهان جي توبہ قبول ڪئي، بيشڪ اهو ئي توبہ قبوليندڙ ٻاجهارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم! بيشڪ اوهان گابي کي (خدا) بڻائي پاڻ تي تمام وڏو ظلم ڪيو ته هاڻي (ان کان سواءِ ٻيو چارو نه آهي جو) اوهين پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ توبه ڪريو ۽ (اها هن ريت ته) پنهنجي ماڻهن کي ڪهي ڇڏيو. اها ڳالھ اوهان لاءِ اوهان جي پيدا ڪندڙ وٽ گهڻي چڱي آهي. پوءِ جڏهن اوهان ائين ڪيو ته خدا اوهان جي توبه قبول ڪئي. بيشڪ اهو وڏو معاف ڪندڙ (۽) نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن چيو موسى پنهنجي قوم کي ته اي منهنجي قوم وارا! بيشڪ اوهان ظلم ڪيو آهي پنهنجي پاڻ تي سببان وٺڻ اوهان جي گابي کي (خدا ڪري) پوءِ توبہ ڪيو پنهنجي پيدا ڪندڙ ڏانهن پوءِ ڪهو پنهنجي پاڻ کي اهو ڀلو آهي اوهان لاءِ اوهان جي پيدا ڪندڙ وٽ پوءِ اوهان جي توبہ قبول ڪيائين بيشڪ اهو ئي توبہ قبول ڪندڙ، مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم ! بيشڪ اوهان گابي کي ٺاهڻ جي ڪري پاڻ تي ظلم ڪيو، پوءِ پنهنجي پيدا ڪندڙ ڏي موٽو، پوءِ پاڻ کي ڪهو. اهو اوهان لاءِ اوهان جي پيدا ڪندڙ وٽ گهڻّو چڱو آهي. پوءِ ان اوهان تي مهرباني ڪئي. بيشڪ اهو ئي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته: ”اي منهنجي قوم! بيشڪ توهان گابي کي معبود بنائي پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪيو آهي ته پوءِ پنهنجي خلقڻهار طرف توبه ڪيو، پوءِ هڪ ٻئي کي قتل ڪيو. اهو (عمل) اوهان (جي توبه ) لاءِ اوهان جي خالق وٽ ڀلو آهي“. پوءِ توهان جي توبه قبول ڪيائين. بيشڪ اُهو وڏو توبه قبول ڪندڙ ٻاجھارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ موسٰى سندس ميڙ کي، جڏهن چيو اهڙي چال، ته قوم! پاڻهين پاڻ سان، جاڙُون ڪيان جال، هڪ گابڙي گگدام کي، پنهنجي پوڄڻ نال، پوءِ وِهلو ورو پنهنجي، بارِي ڏانهن بحال، پاڻهين پنهنجا پاڻ ۾، ڪريو ڪوس قِتال، آگي وٽ اوهان لئي، هِئَ بلڪل بهتر ڳالھ، پوءِ موٽيو اوهان تي، مِهر سان، سوئي جل جلال، سو موٽندڙ متعال، مِڙنيان مهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ياد ڪريو، جڏهن موسيٰ سندس قوم کي چيو، ”اي منهنجي قوم! اوهان گابي کي سائين بڻائي، پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو آهي، تنهن ڪري پنهنجي خالق وٽ توبه ڪريو ۽ پنهنجين جانين کي قتل ڪريو- اها ڳالهه اوهان لاءِ اوهان جي خالق وٽ بهتر آهي. پوءِ هن اوهان جي توبه قبول ڪئي. بيشڪ اهوئي توبه قبول ڪرڻ وارو نهايت رحم وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو جڏهن موسيٰ (اها نعمت کڻي واپس آيو ته ان) پنهنجي قوم کي چيو ته، "اي قوم وارؤ! توهان گابي کي معبود بڻائي پنهنجي مٿان وڏو ظلم ڪيو آهي، تنهنڪري توهان پنهنجي خالق جي بارگاهه ۾ توبهه ڪريو ۽ پنهنجي جانين کي قتل ڪريو، انهيءَ ۾ توهان جي خالق وٽ توهان لاءِ ڀلائي آهي". ان وقت توهان جي خالق توهان جي توبهه قبول ڪئي جو هو ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ياد ڪريو! جڏهن موسيٰ ان نعمت سان موٽيو ته قوم کي چيو، ”اي منهنجي قوم! گابي کي معبود بڻائي توهان پاڻ تي ظلم ڪيو آهي تنهن ڪري پنهنجي خالق جي حضور ۾ توبهه ڪريو ۽ ختم ڪريو پنهنجي جانين کي، ان ۾ توهان جي خالق وٽ توهان لاءِ بهتري آهي. توهان جي خالق توهان جي توبهه قبول فرمائي، اهو وڏو معاف ڪندڙ رحم وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن موسى (ؑ واپس آيو ته) پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم! (هي مان ڇا ڏسي رهيو آهيان؟) توهان ماڻهن گابي کي معبود بڻائي پنھنجو پاڻ تي وڏو ظلم ڪيو آهي،تنهنڪري هاڻي توهان لاءِ بھتر اهو آهي ته پنھنجي حقيقي رَبَّ جي بارگاهه ۾ توبہ ڪريو ۽(ان بري ڪم ۾ ملوث ماڻهو ) پنھنجو پاڻ کي قتل ڪن، توهان جي پالڻهار جي طرف کان توهان لاءِ اهو ئي عمل بهتر آهي. (توهان توبہ ڪئي) الله تعاليٰ توهان جي توبہ کي قبول فرمايو. بيشڪ اهو ئي وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ نَرَى اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتكُمُ الصّٰعِقَةُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 55) |
۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن اوھان چيو ته اي موسىٰ جيستائين الله چٽو (نه) ڏسنداسون تيستائين توکي ڪڏھن به نه مڃينداسون پوءِ اوھان تي وڄ اچي ڪڙڪي ۽ اوھين ڏسندا رھيؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اها ڳالهه به ياد ڪيو جو) توهان چيو ته، اي موسيٰ اسان ڪڏهن به توتي يقين نه رکنداسين، جيستائين الله کي ظاهر ظهورهنن اکين سان ڏسون، پوءِ (اوهان جي انهيءَ گمراهيءَ جي دليريءَ جو نتيجو هي ٿيو جو) توهان کي بجلي ۽ گجگوڙ وڪوڙي ويئي ۽ توهان نهاري رهيا هيؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن توهان موسى کي چيو اسين هرگز توتي ايمان نه آڻيداسين جيسين الله کي اسان ظاهر ظهور نه ڏسون پوءِ اوهان کي تيز آواز واري باه ورتو ۽ توهان ڏسي رهيا هئا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اوهان (جي وڏن) چيو هئو ته اي موسى! اسين ڪڏهن به تو کي نه مڃينداسون جيستائين خدا کي ظاهر بظاهر نه ڏسنداسون. پوءِ اوهان کي وڄ پڪڙيو ۽ اوهين تڪيندا رهجي ويا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن چيو اوهان ته اي موسى هرگز نه ايمان آڻينداسون توتي تانجو ڏسون الله کي ظاهر ظهور پوءِ پڪڙيو اوهان کي وڄ ۽ اوهان ڏسي رهيا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اوهان چيو ته اي موسيٰ اسين ڪڏهن به توکي نه مڃينداسون جيستائين الله کي ظاهر نه ڏسون پوءِ اوهان کي وڄ ورتو ۽ اوهين ڏسي رهيا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو)جڏهن اوهان چيو ته: ”اي موسى اسان توتي هرگز ايمان نه آڻينداسين جيستائين ظاهر ظهور الله کي نه ڏسون“. پوءِ اوهان کي وِڄُ پڪڙيو ۽ توهان ڏسي رهيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مهتر موسٰى! تو مٿي، نه آڻيون اعتبار، تان اسين ڏسون الله کي، اکين سان اِظهار، پوءِ قابو ڪڙ ڪي پڪڙيان، پئا نِرتًا ڪريو نهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪريو، جڏهن موسيٰ کي چيوَ ته ”جيسين الله کي چٽو نه ڏسنداسون، تيستائين توکي هرگز نه مڃيندا سون!“ تڏهن اوهان جي ڏسندي وڄ! اچي ڪڙڪيوَ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو جڏهن توهان موسيٰ کي چيو ته، "اسان تنهنجي چوڻ تي ڪڏهن به پــَـتِ نه ڪنداسون جيستائين پنهنجي اکين سان الله کي (توسان ڳالهائيندي) نه ڏسون". انهيءَ وقت توهان جي ڏسندي ڏسندي هڪڙي زبردست ڌڌڪي توهان کي پڪڙيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪريو جڏهن توهان موسيٰ کي چيو هو، ”اسين تنهنجي چوڻ تي يقين نه ڪنداسين، جيستائين پنهنجي اکين سان الله کي توسان ڳالهائيندي نه ڏسون، ان وقت ڏسندي ئي هڪ وڄ اچي توهان کي ورتو توهين بي جان ٿي ڪِري پيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (توهان پنھنجن ٽاڻن ماڻن کي ياد ڪريو) جڏهن توهان موسى (ؑ) کي چيو ته اسان تنھنجي چوڻ تي ڪڏهن به يقين نه ڪنداسين، جيستائين اسان پنھنجي سامهون الله تعالى کي چڱيءَ طرح (تو سان ڳالهائيندي) نه ڏسون، پوءِ اوچتو کنوڻ توهان تي ڪڙڪي پئي ۽ اهو منظر توهان پنھنجي اکين سان ڏسي رهيا هئا (کنوڻ جي ڪڙڪڻ ڪري توهان سڀ مري چڪا هئا). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ بَعَثنٰكُم مِن بَعدِ مَوتِكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 56) |
وري اوھان جي مرڻ کان پوءِ اوھان کي جيئرو ڪيوسون ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسان توهان کي اوهان جي موت بعد وري اٿاري کڙو ڪيو ته جيئن خدا جي نعمتن جي قدر شناسي ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان توهان کي زنده ڪيو مرڻ کانپوءِ ته مَن توهان شڪرانو مڃو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري اسان اوهان کي اوهان جي مرڻ کان پوءِ جياري اٿاريو ته من اوهين احسان مڃيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ (زندهه ڪري) اٿاريوسون اوهان کي اوهان جي مرڻ کان پوءِ تانته اوهان شڪر گذار بنجو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري اسان اوهان کي اوهان جي مرڻ کان پوءِ اٿاريو. مَنَ اوهين احسان مڃيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان اوهان جي مرڻ کان بعد اوهان کي وري جياريو ته جيئن اوهان شڪر ادا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽي اَهنجي موت پُوان، اُٿاريوسون ٻِيهار، اِهو اِنهئَ هار، ته ڳايون ڳُڻ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته به مرڻ پڄاڻا اوهان کي جياريوسون، ته جيئن اوهين شڪر گذار ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان بي ساها ٿي ڪري پيؤ پر پوءِ اسان توهان کي جيئاري کڙو ڪيو ته مــَـنَ ان احسان کانپوءِ توهان شڪرگذار ٿيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اٿاريوسين توهان کي جيئرو ڪري، ته من هن احسان کان پوءِ شڪرگذار بڻجو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ به) اسان توهان کي موت ڏيڻ کان پوءِ وري ٻيهر جيئرو ڪري اٿاريو ته مَنَ توهان شڪرگذار ٻانها ٿي رهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَظَلَّلنا عَلَيكُمُ الغَمامَ وَأَنزَلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 57) |
۽ اوھان تي ڪڪر جي ڇانوَ ڪئي سون ۽ اوھان تي مَنّ ۽ سلوىٰ لاٿاسون، ته جيڪي اوھان کي سٺين شين مان رزق ڏنوسين سو کائو، ۽ اسان تي (ڪي) ظلم نه ڪيائون پر پاڻ تي ظلم ڪندا ھئا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (سينا جي رڻ پٽ ۾ جتي سخت اس هئي ۽ نه هو پاڻي نه پوک اتي) اسان اوهان تي ڪڪرن جي ڇانو ڪئي ۽ اوهان جي لاءِ من ۽ سلويٰ جي غذا نازل ڪئي سون ۽ چيوسون ته جيڪي پاڪ شيون اسان توهان جي کائڻ لاءِ عطا ڪيون آهن سي مزي سان کائو. (تڏهن به هنن بي شڪري ۽ بد عملي ڪئي). هنن (پنهنجي بي شڪري ۽ بدعمليءَ سان) اسان کي نقصان ڪونه پهچايو، پر پنهنجو ئي نقصان ڪندا رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان توهان تي ڪڪر جو سايو فرمايو ۽ توهان جي مٿان مَن ۽ سلوى (بهشتي طعام) نازل فرمايو، کائو توهان پاڪ شيون جيڪي اسان توهان کي رزق ڪري ڏنيون، ۽ اسان ظلم نه ڪيو بلڪ پنهنجن نفسن تي انهن پاڻ ظلم ڪيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان اوهان تي ڪڪر جي ڇانوَ ڪئي ۽ اوهان تي من ۽ سلوى لاٿوسون (۽ اوهان کي چيو سون ته) جيڪي نفيس شيون اسان اوهان کي ڏنيون آهن سي (مزي سان) کائو. ۽ انهن ماڻهن اسان جو ته ڪجھ به نه بگاڙيو پر پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇانوَ ڪئي اسان اوهان تي ڪڪرن جي ۽ لاٿوسون اوهان تي منّ ۽ سلويٰ کائو اوهان پاڪ شين مان جيڪي اوهان کي رزق ڪري ڏنيون اٿئون ۽ نه ظلم ڪيائون اسان تي ۽ پر پنهنجن سرن تي پاڻ ٿي ظلم ڪيائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان اوهان تي ڪڪر جي ڇانو ڪئي ۽ اوهان تي مَن ۽ سلويٰ لاٿو سون (۽ اوهان کي چيوسون ته) جيڪي سٺيون شيون اسان اوهان کي ڏنيون آهن سي کائو. ۽ انهن اسان تي ظلم نه ڪيو پر اُهي پاڻ تي ظلم ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان اوهان مٿان ڪڪر جو سايو ڪيو ۽ اسان اوهان تي مَن ۽ سلوى (جنتي کاڌو) لاٿو ته اسان جي عطا ڪيل پاڪيزه شين مان کائو.۽ انهن اسان جو ڪو نقصان ڪو نه ڪيو ۽ پر پنهنجو ئي پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪياسون آن تي ڪرم سان، ڇانيون ميگھ ملهار، لاٿاسون آن تي، لطف سان، مَنَّ سَلوٰى مزيدار، جو طعام ڏنوسون، تنهن منجھان کائو خوش گوار، ۽ اسان تي نه ڪيون آزار، پر پاڻهين ڏکويون پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان تي ڪڪرن جي ڇانوَ ڪئي سون، اوهان کي من ۽ سلويٰ جو کاڌو موڪليوسون. (چيوسون) ”کائو ان پاڪ رزق مان، جو اوهان کي ڏنو اٿئون.“ پوءِ هنن اسان تي ظلم نه ڪيو بلڪ پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان توهان تي ڪـَـڪـَـرن جي ڇانوَ ڪئي. من ۽ سلويٰ جو کاڌو توهان لاءِ مهيا ڪيو ۽ توهان کي چيو ته جيڪي پاڪ شيون اسان توهان کي ڏنيون آهن، اهي کائو پر توهان جي وڏن جيڪي ڪجهه ڪيو هو، اهو اسان تي ظلم نه هو، پر انهن پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان توهان تي ڪڪرن جو پاڇو ڪيو، ۽ عطا ڪئي (نازل ڪئي) غذا مَن ۽ سلوا جي، ۽ توهان کي چيو ته جيڪي پاڪ شيون ڏنيون آهن اهي کائو (توهان جي وڏن جيڪي ڪيو) اهو اسان تي ظلم نه هو، پر انهن پاڻ تي ظلم ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان توهان تي (رڻ پٽ ۾ نٽھڻ اُسَ جي تپش کان بچڻ لاءِ) ڪڪرن جي مسلسل ڇانو ڪندا رهياسين ۽ برپٽ ۾ (بغير محنت جي) مَنّ ۽ سَلوى ڏنوسين (۽چيو ويو ته) جيڪو اسان اوهان کي پاڪ رزق عطا ڪيو آهي، ان مان (خوب) کائو. (اي بني اسرائيل !) توهان جي وڏڙن اسان تي ظلم نه ڪيو هو، حقيقت ۾ (بي بنياد ڳالهين ۾ اچي ڪري) انهن خود پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قُلنَا ادخُلوا هٰذِهِ القَريَةَ فَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم رَغَدًا وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقولوا حِطَّةٌ نَغفِر لَكُم خَطٰيٰكُم وَسَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 58) |
۽ جڏھن چيوسون ته ھِن ڳوٺ ۾ گھِڙو پوءِ منجھانئس جتان وڻيوَ تتان مزي سان کائو ۽ دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي لنگھو ۽ چئو ته اسان جا ڏوھ بخش ته اوھان جون مدايون اوھان کي بخشيون، ۽ چڱائي ڪندڙن کي سگھو وڌائينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ياد رکو ته اسان توهان کي حڪم ڪيو ته هن سامهون واري شهر ۾ (فتح ڪري) گهڙي پئو ۽ جيئن وڻيو تيئن مزي سان کائو پيئو ۽ خوش زندگي گذاريو، پر دروازي کان اندر گهڙڻ وقت الله جي حضور ۾ جهڪي وڃو ۽ (توبهه ۽ استغفار جو لفظ حطته حطته چوندا هلجو ته (اي خدا اسان کي گناهن کان پاڪ ڪر، جيڪڏهن ائين ڪندؤ ته) اسان توهان جون خطائون معاف ڪري ڇڏينداسين ۽ (پنهنجي قانون مطابق) نيڪ عمل انسانن جي عملن ۾ برڪت ڏينداسين ۽ انهن جي اجر ۾ واڌارو ڪنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اسان ان کي فرمايو توهان هن ڳوٺ ۾ داخل ٿيو ۽ مزي سان کائو انهيءَ ڳوٺ مان جتان اوهان کي پسند اچي ۽ دروازي ۾ سجدو ڪري داخل ٿيو ۽ توهان چئو ته اسان جا گناه بخش ٿين اسين توهان جا گناه بخش ڪنداسين ۽ نيڪوڪارن کي زياده ثواب ڏينداسين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان چيو ته هن ڳوٺ (اريجا) ۾ داخل ٿيو پوءِ ان مان جتان اوهان کي وڻي اتان مزي سان کائو (۽ پيئو) ۽ دروازي کان سجدا ڪندا ۽ زبان سان حطه (معافي) چوندا اچو ته اسين اوهان کي اوهان جون غلطيون معاف ڪنداسون ۽ نيڪي ڪندڙن کي (ثواب) وڌيڪ ڏينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن فرمايوسون ته داخل ٿيو هن ڳوٺ ۾ پوءِ کائو ان مان جتي به گهرو ڪشادو ۽ داخل ٿيو دروازي کان سجدا ڪندڙ ۽ چئو ته (اسان جا گناھ) ڪيراءِ ته بخش ڪيون اوهان کي اوهان جا گناھ ۽ سگهو ئي وڌائينداسون نيڪن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان چيو ته هن ڳوٺ ۾ داخل ٿيو. پوءِ ان مان جتان اوهان کي وڻي اتان مزي سان کائو ۽ دروازي کان سجدو ڪندي داخل ٿيو ۽ چئو ته معافي گهرون ٿا ته اسين اوهان کي اوهان جون غلطيون معاف ڪنداسون ۽ نيڪي ڪندڙن کي زياده ڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو)جڏهن اسان چيو ته: ”هن ڳوٺ ۾ داخل ٿيو، پوءِ ان مان جتان چاهيو مزي سان کائو ۽ دروازي مان سجدو ڪندي داخل ٿيو ۽ چؤ حِطَّةٌ (اي رب) اسان جا گناهه معاف ٿين ته اسان اوهان جي خطائن کي بخشي ڇڏينداسين. ۽ نيڪوڪارن کي جلد ئي وڌائينداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ٻوليون سونِ ٻاجھ سان، ته گھِڙو منجھ هِن گام، پوءِ واپرايو وڻي تـتـِان، ۽ داخل ٿيو درمان، تابعدار تمام، چئو“بخشش”، ته بخشيونِيان، خطا، خرابيون خام، ۽ جلدِي ڪنداسون جام، ڀَلن سان ڀلايون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن اسان کين چيو ته ”هن ڳوٺ منجهه وڃو، پوءِ جتان وڻيوَ اتان مزي سان کائو“ ۽ ڳوٺ جي دروازي مان سجدو ڪندي گهڙو ۽ ”حطته“ (ڏوهه بخش) چوندا وڃو ته اوهان جا ڏوهه بخشينداسون ۽ نيڪن کي وڌيڪ ڀلائي ڏينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري ياد ڪريو جڏهن اسان چيو هو ته، "هن ڳوٺ ۾ جيڪو توهان جي سامهون آهي، داخل ٿي وڃو. ان جي پيداوار جيئن وڻيوَ مزي سان کائو پر ڳوٺ جي دروازي ۾ سجدو ڪندي داخل ٿجو ۽ چوندا وڃجو: "حطـة حطة"، اسان توهان جون خطائون معاف ڪري ڇڏينداسون ۽ نيڪ عملن وارن کي اڃان به وڌيڪ فضل ۽ ڪرم سان نوازينداسون“ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري ياد ڪريو جڏهن اسان چيو هو ته ”داخل ٿي وڃو سامهون واري وستيءَ ۾، ان جي پئداوار جيئن وڻيوَ تيئن کائو ۽ وستيءَ جي دروازي مان سجدا ڪندي داخل ٿيو ۽ ورجائيندا وڃو ”حطة حطة“ (ڏوهه بخش) اسان توهان جي خطائن کي معاف ڪنداسين، ۽ نيڪوڪارن تي فضل وڪرم ڪنداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (وري تاريخ جا پَنا اٿلايو) جڏهن اسان (توهان جي وڏڙن کي) چيو هو ته هن ڳوٺڙي ۾ داخل ٿي وڃو ۽ اتي هر شيءِ مزي سان کائو پر ياد رکو ته جڏهن ڳوٺ جي دروازي مان داخل ٿيو ته (شڪر جو) سجدو ڪجو ۽ زبان تي ”حِطَّةٌ“”حِطَّةٌ“لفظ جو ورد ڪندي داخل ٿجو، ان جي ذريعي اسان توهان جي خطائن کي معاف ڪنداسين ۽ اڳتي وري نيڪ عمل جي صورت ۾ وڌيڪ مھرباني ڪنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَنزَلنا عَلَى الَّذينَ ظَلَموا رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 59) |
پوءِ ظالمن جيڪي کين چيو ويو تنھن ڳالھ کي مٽائي ٻيو چيو پوءِ اُنھن ظالمن تي سندن بڇڙي ھجڻ سببان آسمان کان عذاب لاٿوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر پوءِ ڇا ٿيو جو اوهان مان انهن ماڻهن، جن جي راهه ظلم ۽ شرارت جي راهه هئي، تن خدا جي ٻڌايل ڳالهه بدلائي ٻي ڳالهه ڪئي (عاجزي ۽ بندگي جي بدران غفلت، هٺ ۽ وڏائيءَ ۾ پئجي ويا) نتيجو هيءُ نڪتو جو اسان ظالمن تي آسمان مان عذاب نازل ڪيو هن ڪري جو هو بي فرماني ڪندا رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ظالمن انهيءَ ڳالهه کي مَٽائي ڇڏيو ٻِي ڳالهه سان جيڪا انهن کي چئي وئي پوءِ ظالمن جي مٿان اسان آسمان مان عذاب لاٿو سندن بي فرماني سببان.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جا ڳالھ کين چئي وئي هئي تنهن کي ترڪ ڪري شريرن وري ٻئي ڳالھ بدلائي شروع ڪئي. پوءِ اسان انهن تي جن اها شرارت ڪئي هئي، تن تي سندن بدڪاريءَ سبب آسماني آفت نازل ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ مٽايو ظالمن جيڪي کين چوڻو هو ان کان سواءِ (چيائون) جو انهن کي چيو ويو هو پوءِ لاٿو اسان ظالمن تي عذاب آسمان کان ان جي ڪري جو بڇڙائي ٿي ڪيائون . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪا ڳالهه انهن کي چئي وئي هئي تنهن کان سواءِ ظالمن ٻي ڳالهه بدلائي چئي. پوءِ انهن ظالمن تي اسان آسمانن مان عذاب لاٿو هن ڪري جو اهي نافرماني ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جن ماڻهن ظلم ڪيو تن ان قول کي جيڪو کين چيو ويو هو هڪ ٻئي ڪلمي سان بدلائي ڇڏيو. پوءِ اسان (انهن) ماڻهن تي جن ظلم ڪيو هيو آسمان کان هڪ آفت لاٿي، انڪري جو اُهي نافرماني ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جاڙون جن ڪيون، تن ٻولِي، ٻِي ڪا ڳالھ، تنهن ڳالھ سوا، جا اُنهن کي، ويئيِ چئيِ چٽِي چال، پوءِ اڀ کان اُتاريوسون، اُنهن تي، وڏو ڪو وبال، جن، جاڙون ڪيون جال، ڇو ته، حڪم ڀڃن هرحال ۾. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کين چيل ڳالهه کي ظالمن بدلائي ٻيو ڪيو. آخر اسان انهن ظالمن تي سندن نافرمانين ڪري آسمان مان عذاب نازل ڪيو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جيڪا ڳالهه چيل هين ظالمن ان کي مٽائي بنهه ٻيءَ طرح ڪري ڇڏيو. نيٺ اسان ظلم ڪندڙن تي آسمان کان عذاب نازل ڪيو. اها هئي سزا انهن بي فرمانين جي جيڪي هو ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جا ڳالهه کين چئي وئي هئي، ظالمن ان کي بدلائي ٻيو ڪجهه ڪري ڇڏيو، آخرڪار اسان نازل ڪيو انهن ظالمن تي آسمان تان هڪ عذاب، اها سزا هئي انهن نافرمانين جي، جيڪي هو ڪندا رهيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پر افسوس) جو انهن ظالمن اسان جي ٻڌايل لفظن کي بدلائي ٻيو ڪجهه چوڻ شروع ڪيو، پوءِ اسان (به) انهن تي آسمان مان عذاب نازل ڪيو ، اهو عذاب سندن ئي نافرمانين جي ڪري هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذِ استَسقىٰ موسىٰ لِقَومِهِ فَقُلنَا اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانفَجَرَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم كُلوا وَاشرَبوا مِن رِزقِ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 60) |
۽ (ياد ڪر ته) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم لاءِ پاڻي گھريو تڏھن چيوسون ته پنھنجي لٺ پھڻ کي ھڻ، پوءِ منجھانئس ٻارھن واھيون ڦاٽي نڪتيون، سڀڪنھن ماڻھو بيشڪ پنھنجو تڙ سُڃاتو، (چيوسون ته) الله جي رزق مان کائو پيو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙ نه وجھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهو واقعو به ياد ڪيو) جڏهن حضرت موسيٰ پنهنجي قوم لاءِ پاڻي جي واسطي دعا گهري تڏهن اسان کيس حڪم ڪيو ته پنهنجي لٺ سان پهاڙ جي ڇپ کي ڌڪ هڻ حضرت موسيٰ حڪم جي تعميل ڪئي) ته ان ڇپ منجهان ٻارهن چشما ڦٽي نڪتا ۽ سڀني قبيلن ( جيڪي 12 قبيلا هئا) پنهنجو پنهنجو پاڻي کڻڻ جو هنڌ معلوم ڪري ورتو. (ان وقت اوهان کي چيو ويو ته) الله تعاليٰ جي رزق مان کائو ۽ پيئو ۽ زمين تي جهڳڙا فساد نه ڪريو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن موسى پاڻيءَ جي طلب ڪئي پنهنجي قوم لاءِ اسان فرمايو پنهنجي لٺ کي پٿر تي هڻ، پوءِ نڪتا ٻارهن (12) چشما انهي پٿر مان، سڀني ماڻهن پنهنجي پاڻي پيڻ جي جاءِ سُڃاتي، کائو ۽ پيئو توهان الله جي رزق مان ۽ زمين ۾ فسادي ٿي نه ڦِرو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم لاءِ پاڻي گهريو هو. پوءِ اسان فرمايو ته تون پنهنجي لٺ پٿر تي هڻ! (ته لٺ هڻڻ سان ئي) ان مان ٻارنهن چشما ڦٽي نڪتا (۽) سڀ ڪنهن قبيلي پنهنجو پنهنجو گهاٽ چڱيءَ طرح سڃاتو (۽ اسان عام اجازت ڏئي ڇڏي ته) خدا جي ڏنل روزيءَ مان کائو پيئو ۽ ملڪ ۾ وڳوڙ وجهندا نه گهمو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن پاڻي گهريو موسى (عليہ السلام) پنهنجي قوم لاءِ پوءِ چيو سون ته هڻ تون پنهنجي لٺ پٿر کي پوءِ وهيا ان مان ٻارهن چشما تحقيق سڃاتو سڀني ماڻهن پنهنجي پيئڻ جي جاءِ کي کائو ۽ پيئو الله جي رزق مان ۽ نه پکڙجو زمين ۾ فساد ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم لاءِ پاڻي گهريو پوءِ اسان چيو ته تون پنهنجي لٺ پٿر تي هڻ. پوءِ ان مان ٻارهن چشما ڦٽي نڪتا. سڀ ڪنهن قبيلي پنهنجي پاڻي ڀرڻ جي جاءِ سڃاتي. (اسان چيو ته) الله جي رزق مان کائو ۽ پيئو ۽ ملڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جنهن وقت موسى پنهنجي قوم لاءِ پاڻي جي طلب ڪئي ته اسان چيو: ”پنهنجي لٺ پٿر تي هڻ“. پوءِ ان مان ٻارهن چشما وهي پيا. هر قبيلي پنهنجي پاڻي پيئڻ جي جاءِ سُڃاڻِي ورتي. (اسان چيو) الله جي ڏنل رزق مان کائو ۽ پيئو ۽ زمين ۾ فساد نه پکيڙيندا وتو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ موسٰى سندس ميڙ لئي، جَر گھريو، جنهن وار، پوءِ چيوسون ته، پهڻ کي، پنهنجِي، هَڻ تون لٺ هيڪار، پوءِ ڌَڪ سان، اُڌميا ان منجھان، ٻارهن تلاءَ تار، هر پاڙي ڄاتو، پنهنجو، تلاءُ ڌارو ڌار، پـيئو رب جي رزق مان، ۽ کائو خوش گوار، ۽ وَلاريو نه ولهار، ڦيٽاڙي، فساد سان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪريو، جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم لاءِ پاڻي جي دعا گهري، اسان چيو ته ”پنهنجي لٺ کي پٿر تي هڻ!“ پوءِ ان مان ٻارهن چشما ڦٽي نڪتا، هر هڪ پاڙي پنهنجي پيئڻ جي جاءِ معلوم ڪئي. الله جي ڏنل رزق مان کائو ۽ پيئو پر ملڪ ۾ فساد نه پکيڙيندا رهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم لاءِ پاڻيءَ واسطي دعا گهري ته اسان (کيس) چيو ته فلاڻيءَ ٽڪريءَ تي پنهنجي لٺ هڻ، اهڙيءَ ريت ان مان ٻارنهن چشما وهي نڪتا ۽ هر قبيلي سڃاڻي ورتو ته ڪهڙي جاءِ سندس پاڻي وٺڻ جي آهي (ان وقت اها هدايت ڪئي وئي هئي ته) الله جو ڏنل رزق کائو پيئو ۽ زمين ۾ فساد نه پکيڙيندا وتو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ياد ڪريو! جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم لاءِ پاڻي جي دعا گهري، ته اسان چيو، پنهنجي لٺ هڻ فلاڻي ٽڪر تي، پوءِ ڦاٽي نڪتا ان مان ٻارهن چشما (ظاهر ظهور)، بيشڪ هر قبيلي ڄاڻي ورتو ته سندن لاءِ پاڻي کڻڻ جي ڪهڙي جڳهه آهي، (ان وقت اها هدايت ڪيل هئي ته) کائو پيئو الله جو ڏنل رزق ۽ پکيڙيو نه زمين ۾ ڪوبه فساد(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (وري هي به ياد ڪريو) جڏهن موسى (ؑ) پنھنجي قوم لاءِ پاڻيءَ جي دعا گهري، اسان چيو ته “پنھنجي لَٺِ ٽڪريءَ تي هڻ” پوءِ ان مان پاڻيءَ جا ٻارنهن چشما وهي هليا، لشڪر ۾ شامل هر قبيلي پنھنجي لاءِ پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ هڪ چشمو کنيو (۽ کين هدايت ڪئي وئي ته) الله تعالى طرفان ڏنل روزي آرام ۽ سڪون سان کائو ۽ پيئو پر زمين ۾ فساد نه پکيڙيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نَصبِرَ عَلىٰ طَعامٍ وٰحِدٍ فَادعُ لَنا رَبَّكَ يُخرِج لَنا مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ مِن بَقلِها وَقِثّائِها وَفومِها وَعَدَسِها وَبَصَلِها قالَ أَتَستَبدِلونَ الَّذى هُوَ أَدنىٰ بِالَّذى هُوَ خَيرٌ اهبِطوا مِصرًا فَإِنَّ لَكُم ما سَأَلتُم وَضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ وَالمَسكَنَةُ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ الحَقِّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 61) |
۽ جڏھن چيوَ ته اي موسىٰ ھڪ طعام تي ڪڏھن به صبر نه ڪنداسون تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ (دُعا) گھر ته زمين جيڪو پنھنجو ساڳ ۽ پنھنجا بادرنگ ۽ پنھنجي ڪڻڪ ۽ پنھنجي مُھري ۽ پنھنجا بصر ڄمائيندي آھي سي اسان لاءِ پيدا ڪري، چيائين ته جيڪي چڱيون آھن سي سادين سان ڇو ٿا مٽايو؟ (جي نٿا رھو ته) ڪنھن شھر ۾ لھي وڃو ۽ پوءِ جيڪي گھرو ٿا سو سڀ اوھان لاءِ (اُتي موجود) آھي، خواري ۽ محتاجي مٿن ھنئي وئي ۽ الله جي ڏمر ھيٺ وريا، ھِيءُ ھن ڪري آھي جو اُنھن الله جي حڪمن کي نه ٿي مڃيو ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪُٺائون، اھو ڪم بي فرمانيءَ سببان ٿي ڪيائون ۽ حد کان لنگھندڙ ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) توهان حضرت موسيٰ کي چيو ته، اي موسيٰ اسان رڳو هڪ ئي طعام کائڻ تي صبر نٿا ڪري سگهون. تنهن ڪري پنهنجي پروردگار کان دعا گهر ته اسان جي لاءِ اهي سڀ شيون پيدا ڪري جي زمين مان اڀرنديون آهن، سبزي، ڀاڄيون، ڪڻڪ، دال، بصر، ٿوم وغيره (جي مصر ۾ سڀئي کائيندا هئا). حضرت موسيٰ فرمايو ته، ڇا خير ۽ برڪت واري شيء جي بدران خسيس شيءِ ٿا گهرو. چڱو هتان نڪرو، وٺو شهر جي راهه. اتي اهي سڀ شيون اوهان کي ملنديون جي شوق سان گهريون اٿو. بهرحال هنن تي خواري ۽ نامراديءَ جي مار پئي ۽ خدا جي غضب جا لائق ٿيا. اهي مصيبتون (خواري نامرادي ۽ خدا جو غضب) مٿن ان ڪري ڪڙڪيون جو هو خدا جي آيتن (نشانين) کان انڪار ڪندا هئا ۽ سندس نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا. اها (گمراهي ۽ شرارت هنن ۾ انهيءَ ڪري هئي جو فرمانبرداريءَ بدران) هنن ۾ سرڪشي ۽ بغاوت گهر ڪري ويئي هئي ۽ سڀ حدون لتاڙي شتر بي مهار ٿي پيا هئا. (نتيجو ٿيو، ذلت ۽ خدا جو غضب).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن توهان چيو اي موسى اسين هرگز هڪ طعام تي صبر نه ڪنداسين پوءِ تون دُعا گُهر اسان لاءِ پنهنجي رب کان ته پيدا ڪري اسان لاءِ جيڪي شيون زمين ۾ ٿين ٿيون ڪجهه ساڳ ۽ بادرنگ (کيرا) ۽ ڪڻڪ ۽ مسور ۽ بصر. موسى فرمايو ڇا الله تعالى کان گهٽ شين کي سٺي شين جي بدلي ۾ گهرو ٿا، توهان ڪنهن به شهر ۾ هيٺ لهو پوءِ بيشڪ جيڪو اوهان گهريو آهي سو توهان کي ملندو ۽ انهن لاءِ مقرر ڪئي وئي خواري ۽ مسڪيني، ۽ الله تعالى جي ناراضپي جا لائق ٿيا، انهيءَ سبب جي ڪري جو اهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا، اهو بدلو هو انهن جي نافرمانين ۽ حد کان وڌڻ جو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اوهان (جي وڏن) چيو ته اي موسى! اسين ڪڏهن به هڪ (قسم جي) کاڌي تي صبر نه ڪنداسون. پوءِ تون اسان لاءِ پنهنجي پروردگار کان دعا گهر ته جي ڀاڄيون زمين اڳائي ٿي جيئن ته ونگا، ساڳ، ڀاڄي ۽ کڻڪ ۽ دال (مهري) ۽ بصر ۽ ٿوم تنهن مان اسان لاءِ پيدا ڪري، موسى چين ته اوهين اهڙيءَ شيءِ کي جا هر طرح چڱي آهي گهٽ شيءِ سان بدلائڻ گهرو ٿا ته (چڱو) ڪنهن شهر ۾ لهي پئو! پوءِ بيشڪ جيڪي اوهان گهريو آهي (اتي موجود) آهي. ۽ انهن تي خواري ۽ محتاجي وڌي وئي ۽ اهي خدا جي ڏمر ۾ موٽيا. اهو هن ڪري جو اهي خدا جي آيتن کي نه مڃيندا هئا ۽ نبين کي ناحق ڪهندا هئا. ۽ (هن ڪري به ته) اهي نافرماني ۽ سرڪشي ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن اوهان چيو ته اي موسى هرگز نه صبر ڪنداسون هڪ طعام تي پوءِ دعا گهر اسان لاءِ پنهنجي رب کان ته ڪڍي اسان لاءِ ان مان اهي شيون جون ڄمائي ٿي زمين ان جي (ڀاڄيءَ) سبزيءَ ۽ ريڀڙيءَ (بادرنگ) ۽ ڪڻڪ ۽ مهري دال ۽ بصرن مان فرمايائين ته ڇا مٽائي ٿا وٺو ان کي جو اها گهٽ آهي ان جي بدلي ۾ جو اها ڀلي آهي.هي وڃو ڪنهن شهر ۾ پوءِ بيشڪ اوهان لاءِ (اتي موجود) آهي جيڪي گهريُوَ ۽ هنئي وئي انهن تي ذلت ۽ مسڪيني ۽ وريا الله جي ڏمر هيٺان اهو ان جي ڪري جو بيشڪ انهن نه ٿي مڃيو آيتن الله جي کي ۽ شهيد ٿي ڪيائون نبين کي ناحق اهو ان سببان جو بي فرماني ڪندا ۽ حد کان لنگهندا هئا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اوهان چيو ته اي موسيٰ ! اسين ڪڏهن به هڪ کاڌي تي صبر نه ڪنداسون پوءِ تون اسان لاءِ پنهنجي پاليندڙ کان دعا گهر ته زمين جيڪا پنهنجي ڀاڄي ۽ پنهنجا ونگا ۽ پنهنجي ڪڻڪ ۽ پنهنجي دال ۽ پنهنجا بصر اڳائي ٿي تنهن مان اسان لاءِ ڪڍي. موسيٰ چيو ته جيڪا شيءِ گهٽ آهي تنهن کي اوهين ان جي بدلي ۾ گهرو ٿا ڇا جيڪا گهڻو چڱي آهي. ڪنهن شهر ۾ لهي پئو. پوءِ بيشڪ جيڪي اوهان گهريو آهي سو اوهان لاءِ (اتي) آهي ۽ انهن تي خواري ۽ بيحسي وڌي وئي. ۽ اهي الله جي غضب ۾ موٽيا. اهو هن ڪري جو اُهي الله جي آيتن کي نه مڃيندا هئا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا. اهو سندن نافرماني ڪرڻ جي ڪري آهي ۽ (هن لاءِ ته) اهي حد کان لنگهندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو)جڏهن توهان چيو ته: ”اي موسى اسان هڪ کاڌي (مَن ۽ سَلوى) تي صبر نه ٿا ڪري سگهون، سو تون پنهنجي پالڻهار کان دعا گهر ته اسان لاءِ زمين مان ڄمندڙ شين مان ساڳ ۽ ونگا ۽ ڪڻڪ ۽ مهري دال ۽ بصر پيدا ڪري“. (موسى) چيو: ”ڇا اوهان گهٽ شيءِ کي ڀلي شيءِ جي بدلي گهرو ٿا؟ (ته پوءِ) ڪنهن شهر ۾ لهي وڃو ته پوءِ بيشڪ اوهان لاءِ اهو ڪجهه (ميسر) هوندو جيڪي گهرو ٿا“. ۽ انهن تي ذلت ۽ مسڪيني مَڙِهي وئي ۽ الله جو ڏمر وِهائي موٽيا. اهو هن ڪري ٿيو جو اِهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا. اهو هن ڪري (به) ٿيو جو اهي بي فرماني ڪندا هئا ۽ حد کان وڌي ويندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن موسٰى مير کي، چيان اهڙي چال، ته هرگز هڪ طعام تي، صبر نه سَهون ڪي سال، پوءِ اسان ڪارڻ ڪر تون، سائين کي سوال، جو پُڙن ۾ پيدا ڪري، ڀاڄيون ڀون بحال، واڱڻ، ٿوم، دال، پڻ بهتر بصر اُن جو. چيو، ڇا مورک! مور، مَ مَٽيو گھرو جو گھٽ گھڻو، کاڄ، بدران کاڄ جي، جو زياده ضرور! لَهو مصر ملڪ ۾، ته مڱيان جو مغرور! ڀاڄيون، سي ڀرپور، آهن آل اوهان لئي. ۽ غلامي ۽ غريـبيءَ جِي، مُهر لڳينِ مور، ڏمر ۾ ڏاتارجي، وٺجِي وِيا وهلور، اِهو ڇو ته، انڪار ڪيؤن، حڪمن کان حضور، ناحق پيا نبـين کي، ڪُهن بي قصور، اِها سزا اِن ڪري، جو ڪيؤن فِسق، فجور، ۽ پئا ڀڃن بي شعور، حدون هادِئَ پاڪ جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ياد ڪريو جڏهن اوهان چيو ”اي موسي! اسين هرگز هڪ قسم جي کاڌي تي صبر نه ڪنداسون تنهنڪري پنهنجي رب کان دعا گهر ته اسان کي زمين جون اڀاڙيل شيون ڏئي. جيئن ڀاڄي، بادرنگ (کيرا)، ڪڻڪ، مهري جي دال ۽ بصر.“ چيائين ”ڇا، بهتر شين جي بدلي ۾ گهٽ درجي جون شيون وٺڻ گهرو ٿا؟ تڏهين ڪنهن شهر ۾ هليا وڃو. پوءِ جيڪي گهرندؤ سو اوهان کي ملندو“ ۽ مٿن ذلت ۽ محتاجي وڌي ويئي ۽ الله جي غضب هيٺ اچي ويا، ڇاڪاڻ ته هو الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا، ۽ نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا، اهو هن ڪري جو هو نافرمان هئا ۽ حد کان لنگهي ويندا هئا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو جڏهن توهان چيو ته، "اي موسيٰ! اسان هڪڙي ئي قسم جي کاڌي تي ٽڪاءُ نٿا ڪري سگهون، پنهنجي رب کي ٻاڏاءِ ته اسان لاءِ زمين مان پيدا ٿيل ساڳ، سائي ڀاڄي، ڪڻڪ، ٿوم، دال ۽ بصر جهڙيون شيون پيدا ڪري". ته موسيٰ چين: "ڇا ڀلين شين جي بدلي ادنيٰ شيون وٺڻ ٿا گهرو؟ چڱو ته پوءِ ڪنهن شهر ۾ وڃي رهو، جيڪي گهرو ٿا، اتيئي ملندوَ". نيٺ ڳالهه اتي وڃي پهتي جو مٿن ذلت ۽ خواري ۽ ڏتـڙيل حالت ۽ سڃائي مڙهجي وئي ۽ هو الله جي غضب جي وَر چڙهي ويا. اهو ان ڳالهه جو نتيجو هو جو هو الله جي آيتن کان انڪار (ڪفر) ڪرڻ لڳا هئا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪرڻ لڳا هئا، اهو نتيجو هو سندن نافرمانين جو ۽ انهيءَ ڳالهه جو ته هو شريعت جي حدن کان نڪرندا رهندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪريو جڏهن توهان چيو هو ته، اي موسيٰ! اسين هڪ ئي قسم جي کاڌي تي صبر ڪري نٿا سگهون، دعا گهر اسان جي لاءِ پنهنجي رب کان ته پئدا ڪري زمين جي پئداوار ساڳ ڀاڄي، بادرنگ، ڪڻڪ، ٿوم، دال ۽ بصر“ ته موسيٰ چيو، ”ڇا توهان سٺي شيءِ جي بدلي گهٽ درجي جون شيون وٺڻ چاهيو ٿا! چڱو ته پوءِ ڪنهن شهري آبادي ۾ وڃي رهو، جيڪي ڪجهه چاهيو ٿا اتي ملندو.“ نيٺ نوبت اتي وڃي پهتي جو ذلت، خواري، پستي ۽ بدحالي انهن تي حاوي ٿي ۽ اهي الله جي غضب ۾ گهيرجي ويا، هي انجو ئي نتيجو هو جو اهي ڪفر ڪرڻ لڳا الله جي آيتن جو ۽ قتل ڪرڻ لڳا پيغمبرن کي بنا ڪنهن حساب جي، هي نتيجو هو سندن نافرمانين جو ۽ انهيءَ ڳالهه جو، ته اهي شرعي حدن کان نڪري ويندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو به ياد ڪريو!) جڏهن توهان چيو ته اي مُوسى! روز روز ساڳيو ئي کاڌو کائڻ ڪري اسان جي دل ڀرجي وئي آهي تون الله تعالى کان دعا گهر ته هو، اسان جي لاءِ زمين مان نڪرندڙ سبزيون (مثلاً) سائي ڀاڄي، کِيرا، ٿومَ، ڪڻڪ، دال ۽ بصر وغيره پيدا ڪري. موسى (ؑ)چيو ته (اها ته وڏي ڳالهه آهي) جو توهان ڀلي شيءِ کي ڇڏي گهٽ درجي واري شيءِ وٺڻ گهرو ٿا، (ٺيڪ آ) هاڻي اوهان ڪنھن شھرِي آباديءَ ۾ وڃي رهو، جيڪو گهرو ٿا سو توهان کي سڀ ڪجهه اتي ئي ملي ويندو.(نعمتن جي بار بار ناشڪري جي ڪري) انهن جي مٿان ذلَّت ۽ محتاجي مُسلَّط ڪئي وئي ۽ هو الله تعالى جي غضب هيٺ اچي ويا، اهو ان لاءِ ته الله تعالى جي آيتن جو انڪار ، نبين سڳورن جو ناحق قتل، هر وقت الله تعالى جي حڪم جي نافرماني ۽ شرعي حدن کي بار بار ٽوڙڻ جو نتيجو آخرڪار اهو ئي ذلَّت ۽ محتاجيءَ جي صورت ۾ نڪرڻو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالنَّصٰرىٰ وَالصّٰبِـٔينَ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62) |
مؤمنن ۽ يھودين ۽ نصارن ۽ صابين منجھان جن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي، ۽ کين نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ جن ماڻهن (حضرت محمد صلي الله عليه وسلم) تي ايمان آندو آهي ۽ اهي جي يهودي آهن، اهي جي نصارا آهن يا صابي آهن (ڪير به هجن ۽ ڪهڙي به جماعت ۾ هجن) پر جنهن به خدا تي، آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا تنهن کي (پنهنجي ايمان ۽ چڱن ڪمن جو) اجر پنهنجي پروردگاروٽان ملندو. اهڙن ماڻهن لاءِ ڪنهن به طرح جو نه خوف هوندو ۽ نه وري ڪنهن به قسم جي غمگيني.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ يهودي ۽ نصارى ۽ تارن کي پوڄيندڙن مان جن ايمان آندو الله تي ۽ قيامت تي ۽ سٺا ڪم ڪيا، پوءِ انهن لاءِ ثواب آهي سندن رب وٽ ۽ ناهي خوف انهن تي ۽ نه اهي ڏکوئبا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ مسلمانن ۽ يهودين ۽ نصارن ۽ صابي (لامذهبن) مان جن خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا تن لاءِ سندن اجورو۽ ثواب سندن خدا وٽ آهي ۽ نه انهن تي (قيامت ۾) ڪو ڊپ آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي شخص جن ايمان آندو ۽ اهي جو يهودي ٿيا ۽ نصارى ۽ صابئي جنهن به ايمان آندو الله تي ۽ قيامت تي ۽ ڪيائين چڱا ڪم پوءِ انهن لاءِ انهن جو اجر آهي انهن جي رب وٽ ۽ نه آهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي مسلمان ٿيا ۽ جيڪي يهودي ٿيا ۽ عيسائي ۽ صابي، جن به (انهن مان) الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو. ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سندن اجر سندن پاليندڙ وٽ آهي ۽ نه انهن تي ڪو ڊپ آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جن ماڻهن (نبيءِ عربيءَ تي) ايمان آندو ۽ جيڪي يهودي ٿيا ۽ نصارن ۽ صابين مان جنهن به الله تي ايمان آندو ۽ قيامت واري ڏينهن تي (به ايمان آندو) ۽ چڱا عمل ڪيائين ته پوءِ انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ ان جو اجر آهي ۽ نه انهن تي ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکارا ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيا، جي ايمان ۾، يا ٿيا يهودي ذات، عِيسائي، ڪِ اسيرِي، جن کي، تارن جي تات، جنهن مالڪ مڃيو، پڻ آخر ڏينهن عرصات، ۽ چڱا ڪيائون ڪمڙا، ته ڏاتر سندن وٽ ڏات، اُنهن لئي اجران جا، سوکڙيون سوغات، ۽ نه مٿن ڀئو ڪنهن بات، ۽ نه ڳڻتي کين، ڪنهن ڳالھ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن شخص به الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، پوءِ هو مؤمن هجي يا يهودي سڏائي، عيسائي هجي يا صابي، ته بيشڪ انهن لاءِ سندن رب وٽ اجر آهي، اهڙن شخصن کي نه ڪو ڊپ هوندو ۽ نه اهي غم کائيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڪ ڄاڻو ته نبي عربيءَ کي مڃڻ وارا هجن يا يهودي، عيسائي هجن يا صابي، جيڪو به الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪندو، ان جو اجر سندس رب وٽ آهي ۽ ان لاءِ ڪنهن به خوف توڙي ڏک جي ڪابه ڳالهه ڪانهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يقين ڄاڻو ته نبي عربي کي مڃڻ وارا هجن يا يهودي يا عيسائي يا صابئي، جيڪو به ايمان آڻيندو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ۽ نيڪ عمل ڪندو، ان جو سٺو بدلو (اجر) سندس رب وٽ آهي، ۽ ان جي لاءِ نه خوف هوندو ۽ نه وري ڪو رنج جو موقعو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو، چاهي هو يھودي هجن، عيسائي هجن يا صابي، جيڪي به الله تعالى ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻيندا ۽ نيڪ عمل ڪندا، ته اهڙن ماڻهن جو اجر سندن رَبَّ وٽ آهي ۽ انهن جي لاءِ ڪنھن به قسم جو خوف ۽ ڪا به ڳڻتي نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 63) |
۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسين ۽ اوھان جي مٿان (جبل) طور کي کڙو ڪيوسون، (تڏھن چيوسون ته) جيڪو (توريت) اوھانکي ڏنوسون سوگھو وٺو ۽ جيڪي منجھس آھي سو ياد ڪريو مانَ اوھين ڊڄو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهو وقت به ياد ڪيو) جڏهن اسان توهان کان عهد ورتو هو ۽ ان وقت طور جبل جون چوٽيون اوهان جي مٿان بلند ڪيون ويون هيون. (۽ توهان کي چيو ويو هو ته) جيڪو ڪتاب توهان کي ڏنو ويو آهي ان تي مضبوطيءَ سان قائم رهو ۽ جيڪي ان ڪتاب ۾ بيان ڪيل آهي ان کي هميشه ياد ڪندا رهو انهيءَ لاءِ ته من خدا جي نافرمانيءَ کان بچو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اسان توهان کان پڪو وعدو ورتو ۽ توهان تي طورِ سينا بلند ڪيو، وٺو جيڪي اسان توهان کي ڏنو آهي طاقت سان ۽ ياد ڪريو جيڪو اُن ۾ آهي انهي اميد سان ته توهان ۾ خدا ترسي پيدا ٿئي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کان (توريت تي عمل ڪرڻ جو) انجام ورتو ۽ اوهان جي مٿان (جبل) طور کنيوسون (۽ ارشاد ڪيوسون ته) جو توريت اسان اوهان کي ڏنو آهي تنهن کي مضبوط وٺو ۽ جيڪي ان ۾ آهي تنهن کي ياد ڪريو (ته) من اوهين پرهيزگار ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن ورتوسون اوهان کان پڪو وعدو ۽ کنيوسون اوهان جي مٿان طور (جبل) ته وٺو جيڪي ڏنوسون اوهان کي مضبوطيءَ سان ۽ ياد ڪيو جيڪو ان ۾ (حڪم) آهي اميد ته پرهيزگار ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کان انجام ورتو ۽ اوهان جي مٿان (جبل) طور کنيوسون. (۽ اسان چيوته) جيڪو (ڪتاب) اوهان کي ڏنوسون تنهنکي مضبوط وٺو ۽ جيڪي ان ۾ آهي تنهنکي ياد رکو مَنَ اوهين پرهيزگار ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اسان اوهان کان پڪو انجام ورتو ۽ اسان (ان مهل) اوهان مٿان طور جبل کي کڙو ڪيو ته: ”جيڪو (ڪتاب تورات) اسان اوهان کي ڏنو آهي ان کي مضبوطيءَ سان وٺو ۽ جيڪي ان ۾ آهي ان کي ياد ڪيو تان ته توهان پرهيزگار ٿي وڃو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ورتوسون واعِدو، مقرّر اوهان جو مُور، ۽ اُٺايوسون اوهان مٿان، جبرو جبل طُور، ته اسان اوهان کي، جو ڏِنو، حُڪم منجھان حُضور، پَڪڙِيوسِ پوري زور سان، ڪريو ياد ضرور، مَنجھسِ، جو مَذڪور، تان پاڻ بَچايو، باه کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ياد ڪريو، جڏهن اسان اوهان تي طور جبل کي بلند ڪري، اوهان کان اقرار ورتو ته ”جيڪي اوهان کي ڏنوسون، سو مضبوط جهليو ۽ ان ۾ جيڪي حڪم آهن، تن کي ياد رکو، ته من اوهين بچو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو اهو وقت جڏهن اسان طور کي توهان تي کڙو ڪري توهان کان پڪو وعدو ورتو هو ۽ چيو هو ته، "جيڪو ڪتاب اسان توهان کي ڏيئي رهيا آهيون ان کي قابو ڪري جهلجو ۽ جيڪي حڪم ۽ هدايتون ان ۾ ڄاڻايل آهن انهن کي ياد رکجو، ائين ئي اميد ڪري سگهجي ٿي ته توهان تقويٰ واري هلت هلندؤ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪريو جڏهن ورتو هو پڪو وعدو اسان طور کي توهان جي مٿان اُڀو ڪري ۽ چيو هو ته، ”مضبوطيءَ سان سنڀالجو جيڪو اسان توهان کي عطا ڪيو (ڪتاب) ۽ ان ۾ جو ڪجهه ان تي عمل ڪجؤ، اميد ته سڌي راهه تي رهندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن اسان طُور جبل کي، توهان جي مٿان بيھاريوسين ۽ توهان کان وعدو ورتو ۽ حڪم ڏنو ته جيڪو ڪتاب اسان توهان کي ڏيون ٿا، ان تي مضبوطيءَ سان قائم رهو ۽ ان ۾ جيڪي به حڪم ڏنل آهن، تن کي ياد ڪريو (مضبوطيءَ سان قائم رهڻ ۽ حڪمن کي ياد ڪرڻ سان ئي) اوهان پرهيزگار انسان بنجي سگهو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ تَوَلَّيتُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَكُنتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 64) |
وري اُن کانپوءِ اوھين ڦريؤ، پوءِ جڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ٿئي ھا ته اوھين ضرور ڇيئي وارن مان ٿيو ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر وري به اوهان پنهنجي عهد کان ڦري ويو، پوءِ جيڪڏهن الله تعاليٰ اوهان تي پنهنجو فضل ۽ رحمت نه ڪري ها ته (اوهان جي بدعملين سبب) اوهان هڪدم تباهه ٿي وڃو ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ کان پوءِ توهان ڦري ويا، پوءِ جيڪڏهن الله جي مهرباني ۽ رحمت توهان تي نه هجي ها ته توهان نقصان وارن مان ٿيو ها.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اوهين تنهن کان پوءِ (پنهنجي انجام کان) ڦري ويو. پر جڏهن اوهان تي خدا جو فضل ۽ مهرباني نه ٿئي ها ته ضرور اوهين نقصان وارن مان ٿيو ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ڦري ويئو ان وعدي کان پوءِ جيڪڏهن نه هجي ها الله جو فضل اوهان تي ۽ ان جي رحمت ته البته هجو ها اوهان ٽوٽي وارن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري اوهان ان کان پوءِ ڦري ويو. پوءِ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس مهرباني اوهان تي نه ٿئي ها ته ضرور اوهين نقصان وارن مان ٿيو ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان (انجام ڏيڻ) کان بعد اوهان ڦِري ويا، پوءِ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ ان جي رحمت اوهان تي نه هجي ها ته توهان ضرور تباهه ٿيندڙن مان هجو ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِنهيان پوءِ اوهان ورِي، پانهِين ڏني پيمال!، ۽ رحمت ربّ جي، هوند نه هئيِ، پڻ آن تي، ڀلي جو ڀال، ته مڙوئيِ موڙِي مَال، هئا، هاريندڙن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اوهين ان کان پوءِ به ڦري ويا، جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس رحمت اوهان تي نه هجي ها ته هوند تباهه ٿي وڃو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر پوءِ توهان پنهنجي وعدي کان ڦري ويؤ. ان هوندي به الله جي فضل ۽ سندس رحمت توهان کي ڇڏي نه ڏنو، نه ته توهان ته ڪڏهوڪو تباهه ٿي وڃو ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر ان عهد (وعدي) تان توهان ڦري ويا ان هوندي به الله جي فضل ۽ توهان تي ٿيندڙ رحمت توهان جو ساٿ نه ڇڏيو، نه ته ڪڏهن جا تباهه ٿي چڪا هجو ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ توهان ان وعدي کان ڦري ويا (جنھن جي ڪري توهان کي وڏو نقصان پھچي ها) پر الله تعالى وري به اوهان جي مٿان وڏو فضل ۽ وڏو رحم ڪيو (جو توهان نقصان کان بچي ويا) نه ته اوهان نقصان وارا ٿي وڃو ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد عَلِمتُمُ الَّذينَ اعتَدَوا مِنكُم فِى السَّبتِ فَقُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 65) |
۽ انھن کي بيشڪ ڄاتو اٿو جي اوھان مان ڇنڇر بابت حد کان لنگھيا پوءِ کين چيوسين ته خوار ڀولڙا ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً اوهان کي معلوم آهي ته اوهان منجهان جيڪي سبت (يعني موڪل ۽ عبادت جي پاڪ ڏينهن) بابت (خدا جي حڪمن جي) حدن کان لنگهي ويا تن کي اسان چيو ته ذليل ۽ خوار باندرن جهڙا ٿي پئو. (انسانن وٽان ڌڪار ۽ نفرت سان تڙي ڪڍيا ويندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان ڄاڻو ٿا انهن ماڻهن کي جن توهان مان ڇنڇر ڏينهن زيادتي ڪئي (شڪار ڪيو) پوءِ اسان انهن کي فرمايو ته (ماڻهن مان) ڦِري تڙيل ڀولڙا ٿي پئو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن جي حالت کان اوهين با خبر آهيو ته انهن ڇنڇر (جي ڏينهن) ۾ زيادتي ڪئي ته اسان کين فرمايو ته ذليل ڀولڙا ٿيو (۽ اهي ٿي پيا).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بلاشڪ ڄاڻي ورتو اوهان انهن کي جو حد کان لنگهيا اوهان مان ڇنڇر جي ڏينهن (جي باري) ۾ پوءِ چيوسون انهن کي ته ٿي پئو باندر نقصان ۾ پوندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اوهان انهن کي ڄاتو جن اوهان مان ڇنڇر (جي ڏينهن) ۾ زيادتي ڪئي. پوءِ اسان انهن کي چيو ته ذليل ڀولڙا ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي يهوديو!) توهان انهن ماڻهن کي چڱي طرح ڄاڻو ٿا توهان مان جن ڇنڇر (جي احڪامن) ۾ ڀڃڪڙي ڪئي هئي پوءِ اسان کين چيو ته توهان تڙيل ڀولڙا ٿي پئو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ معلوم ڪيان مذڪور، اوهان منجھان اُنهن جو، جن ڇنڇر ۾ شڪارجِي، منع ٽوڙِي مُور، پوءِ ڪَهيوسونِ، قهر ڪنان، ڪارڻ تنهن قُصور، ته بَنو بي شعور!، بي زبان، ڀولڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان کي انهن جي به خبر آهي جي اوهان منجهان ڇنڇر بابت حد کان اڪري ويا. جڏهن اسان حڪم ڪين ته ”ذليل باندر ٿي وڃو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ توهان کي پنهنجي قوم جي انهن ماڻهن جو قصو ته معلوم آهي جن "سبت" وارو قانون ڀڳو هو، اسان انهن کي چيو ته باندر بڻجي وڃو ۽ ائين ٿي رهو جو هر طرف کان توهان تي پئي ڦٽڪار وسي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري توهان کي قصو معلوم آهي پنهنجي قوم جي ماڻهن جو جن ڇنڇر جو قانون ٽوڙيو هو، اسان کين چيو ته باندر بڻجي وڃو، ۽ اهڙيءَ حالت ۾ توهان تي لعنت ۽ ڦٽڪار پوي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کي انهن ماڻهن جي انجام جي ته خبر آهي، جيڪي اوهان مان ڇنڇر جي ڏينھن بابت نافذ ڪيل قانون کي ٽوڙيندي حد کان لنگهي ويا ته (عذاب جو مزو چکائڻ لاءِ) اسان کين حڪم ڏنو ته توهان ذليل باندر ٿي وڃو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَجَعَلنٰها نَكٰلًا لِما بَينَ يَدَيها وَما خَلفَها وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 66) |
پوءِ اُن (قصّه) کي اُن ڳوٺ جي آس پاس وارن ۽ اُنھن جي پوين لاءِ عبرت ۽ خُدا ترسن لاءِ نصيحت ڪئي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ٿيو به ائين) پوءِ اسان انهيءَ حالت کي انهن سڀني لاءِ جن جي اڳ اها حالت ٿي ۽ پڻ پوين لاءِ عبرت جو سبق بنايو ۽ متقين جي لاءِ ان ۾ نصيحت ۽ دانائي رکي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان انهي واقعي کي انهي ڳوٺ جي آس پاس وارن ۽ پوين لاءِ عبرت ۽ خدا ترسن لاءِ نصيحت فرمائي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ان (واقعي) کي انهن (قومن) لاءِ عبرت بنايو جيڪي اتي هئا ۽ جيڪي ان کان پوءِ ايندا رهيا ۽ پرهيزگارن لاءِ (پڻ) نصيحت ڪئي سون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بنايوسون ان (واقعي) کي عبرت انهن جي اڳين لاءِ ۽ پوين لاءِ نصيحت ڪري پرهيزگارن لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان ان (واقعي) کي انهن (قومن) لاءِ عبرت ڪيو جيڪي اتي هئا. ۽ جيڪي ان کان پوءِ ايندا رهيا ۽ پرهيزگارن لاءِ نصيحت ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ان (سزا) کي ان دؤر وارن ۽ پوين لاءِ عبرت بنايو ۽ پرهيزگارن لاءِ نصيحت بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اسان ڪيو، اُنهن کي، نشاني نروار، جيڪي اڳيان اُنهن جي، پُڻ اُنهن کان پوينِ هار، ۽ نصحيت نبار، ڪارڻ ڪِري ڪندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان ان واقعي کي اڳين ۽ پوين لاءِ عبرت بڻايو ۽ خدا ترسن لاءِ نصيحت. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح اسان انهن سان ڪيل واقعي کي ان زماني جي ماڻهن توڙي ايندڙ نسلن لاءِ عبرت ۽ ڊڄندڙن لاءِ نصيحت بڻائي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ بڻايوسين انهن جي اهڙيءَ حالت کي ان دور ۽ آئينده جي نسلن لاءِ عبرت ۽ خوف رکڻ وارن لاءِ نصيحت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙيءَ طرح اسان حَدَّ کان لنگهندڙن جي انجام کي، ان دؤر جي ماڻهن ۽ بعد ۾ ايندڙ نسلن لاءِ عبرت جو واقعو ۽ پرهيزگار ماڻهن لاءِ نصيحت بنايو سين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تَذبَحوا بَقَرَةً قالوا أَتَتَّخِذُنا هُزُوًا قالَ أَعوذُ بِاللَّهِ أَن أَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 67) |
۽ جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته الله اوھان کي ڳـئون ڪُھڻ جو حڪم ڪري ٿو، (تڏھن) چيائون ته تون اسان سان چٿر ڪرڻ لڳين ٿو ڇا؟ (موسىٰ) چيو ته آءٌ الله کان جاھلن مان ھجڻ جي پناہ گُھران ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهو معاملو به ياد ڪريو جو) حضرت موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته، خدا جو حڪم آهي ته هڪڙوڍور ذبح ڪيو (هو عمل ڪرڻ بدران اجايا سوال ۽ عذر بهانا ڪرڻ لڳا) چوڻ لڳا ته تون اسان سان چرچا ٿو ڪرين؟ حضرت موسيٰ فرمايو ته، اعوذبالله (خدا پناه ڏئي) انهيءَ کان جو (خدا جي حڪمن بابت مسخري ڪري) پاڻ کي جاهل ۽ بيوقوف بنايان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن موسى پنهنجي قوم کي فرمايو ته بيشڪ الله تعالى اوهان کي ڍڳِي ڪُهڻ جو حڪم فرمائي ٿو، چيائون ڇا تون اسان سان مذاق ڪرين ٿو، موسى فرمايو آئون الله کان جاهلن مان هجڻ جي پناه گهُران ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم کي چيو ته بيشڪ خدا اوهان کي هڪ ڍڳيءَ جي ڪهڻ جو تاڪيدي حڪم ڪري ٿو. انهن چيو ته ڇا! تون اسان سان مسخري ڪرين ٿو؟ موسى چين ته آءُ خدا کان جاهلن مان ٿيڻ کان پناھ گهران ٿو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪريو) جڏهن چيو موسى پنهنجي قوم کي ته بيشڪ الله امر ٿو ڪري اوهان کي ته ڪهو ڳئون چيائون ڇا اسان سان چٿر ٿو ڪرين؟ چيو (موسى) پناھ ٿو وٺان الله جي هن ڳالھ کان جو هجان جاهلن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته بيشڪ الله اوهان کي هڪ ڍڳيءَ جي ڪهڻ جو حڪم ڪري ٿو. انهن چيو ته ڇا تون اسان سان مسخري ڪرين ٿو. موسيٰ چيو ته آءُ الله کان جاهلن مان ٿيڻ کان پناه گهران ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته: ”بيشڪ الله اوهان کي حڪم ڏئي ٿو ته اوهان هڪ ڍڳي ذبح ڪيو“. چيائون: ”ڇا تون اسان سان مذاق ٿوڪرين“؟ (موسى) چيو: ”الله جي پناهه ٿو گهران جو آءُ جاهلن مان ٿيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَهيو پنهنجي قوم کي، جڏهن موسٰى مهربان، ته الله اوهان کي ٿو ڪري، فضل سان فرمان، ته آڻي ڳـئون ڪا، ڳوٺ مان، ڪُهِي ڪريو قربان، چي، متان اسان کي مسخري، ٿو کِل بنائين خان! چي، رکيمِ ربَّ رحمان، هن کان، ته ڀُوڪن مان بنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪريو، جڏهن موسيٰ سندس قوم کي چيو ته ”الله اوهان کي ڳئون ڪهڻ جو حڪم ڏئي ٿو-“ چوڻ لڳا ته ”ڇا تون اسان سان مسخري ٿو ڪرين؟“ چيائين: ”مون کي شل الله جاهل ٿيڻ کان بچائي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري اهو واقعو ياد ڪريو جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو هو ته "الله توهان کي هڪڙي ڳئون ڪهڻ جو حڪم ٿو ڏئي". چوڻ لڳا: "ڇا تون اسان سان چرچا ٿو ڪرين؟" موسيٰ چين: "مان ان ڳالهه کان الله جي پناهه ٿو گهران جو جاهلن واريون ڳالهيون ڪريان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري اهو واقعو به ياد ڪريو، جڏهن چيو موسيٰ پنهنجي قوم کي ته، ”بيشڪ الله توهان کي حڪم ٿو ڏئي ته هڪ ڳئون ذبح ڪريو“، چوڻ لڳا، ”ڇا تون اسان سان مذاق پيو ڪرين؟“ هن (موسيٰ) چيو، ”آءٌ الله کان پناهه ٿو گهران جو جاهلن واريون ڳالهيون ڪريان“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (اهو واقعو به ياد ڪريو) جڏهن موسى (ؑ) پنھنجي قوم کي چيو ته الله تعالى توهان کي ڳئون ذبح ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو (هي حڪم ان ڪري ڏنو ويو هو جو انهن جي اندر گابي جي پوڄا جا رهيل کُھيل جراثيم موجود هئا) ان تي هو (جھَالت ۾ اچي) چوڻ لڳا، (اي موسى!) ڇو ٿو اسان سان ڀوڳ ڪرين؟ موسى (ؑ)چيو ته مان الله تعالى کان، جاهلن وانگر ڳالهيون ڪرڻ کان پناهه گهران ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا فارِضٌ وَلا بِكرٌ عَوانٌ بَينَ ذٰلِكَ فَافعَلوا ما تُؤمَرونَ (آيت : 68) |
چيائون ته اسان لاءِ پنھنجي پالڻھار کان دُعا گھر ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته اُھا (ڳـئون) ڪھڙي (قسم جي) آھي، (موسىٰ) چيو ته الله چوي ٿو ته اُھا ڳـئون نڪي پوڙھي ۽ نڪي جوان آھي، اِنھي وچ ۾ وچٿري آھي، پوءِ جيڪي اوھان کي حڪم ڏنو ويو سو ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن چيو ته، ڀلا پنهنجي پروردگار کي اسان جي پاران عرض ڪر ته کولي ٻڌائي ته ڪهڙي قسم جو ڍور ذبح ڪيون. حضرت موسيٰ چيو ته، خدا جو حڪم آهي ته اهو ڍور نڪي ڪراڙو هجي، نڪي ٻچڙو هجي. درميان عمر وارو هجي، هاڻي ته ڀلا حڪم جي تعميل ڪيو. (پر هنن ٻيو سوال کڙو ڪيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) چيائون تون دعا گهر پنهنجي رب کان ته ڍڳِي جون صفتون اسان لاءِ بيان ڪري، فرمايو موسى الله تعالى فرمائي ٿو بيشڪ اها ڍڳِي نه پوڙهي هجي ۽ نه جوان، وچٿري ڄمار ۾ هجي، پوءِ توهان کي جيڪو چيو ويو آهي سو ڪريو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيو ته (چڱو) تون اسان لاءِ پنهنجي پالڻهار کان دعا گهر ته اسان تي ظاهر ڪري ته اها (ڊڳي) ڪهڙي هجي؟ موسى چين ته بيشڪ خدا فرمائي ٿو ته اها ڊڳي نه پوڙهي هجي ۽ نه گابي بلڪه وچ ٿري هجي. مطلب ته جيڪو اوهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته دعا گهر اسان لاءِ پنهنجي رب کان ته بيان ڪري اسان لاءِ ته اها (ڪهڙي قسم) جي آهي چيائين بيشڪ اهو فرمائي ٿو ته بيشڪ اها ڳئون نه پوڙهي ۽ نه ننڍي، وچٿري آهي ان وچ ۾ پوءِ ڪري ڏيکاريو اهو جو حڪم ٿا ڪيا وڃو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته تون اسان لاءِ پنهنجي پاليندڙ کان دعا گُهر ته اسان تي ظاهر ڪري ته اها (ڍڳي) ڪهڙي آهي. موسيٰ چيو ته بيشڪ الله فرمائي ٿو ته اها هڪ ڍڳي آهي جا نه پوڙهي ۽ نه گابي آهي (بلڪ) وچٿري آهي انهن (ٻنهين) جي وچ ۾ . پوءِ جيڪو اوهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”پنهنجي پالڻهار کان اسان لاءِ دعا گهر ته اسان کي چِٽو ٻڌائي ته اها ڳئون ڪهڙي هجي“؟ چيائين اهو فرمائي ٿو ته: ”اها نه ته ڪراڙِي هجي نه گهٽ عمر. بلڪه وڇٿري عمر جي هجي“. پوءِ ائين ڪيو جيئن اوهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، تنهنجي پرور پاڪ کي، ٻاڏائي ٻيهار، ته کولي اسان تي خوب طرح، ڇا پاڻ، ڪهڙا پار؟ چي، نه هڏهين وڏِي، نه وَهڙِي ۽ وچولي ڄمار، پوءِ ڪريو اِها ڪار، جنهن جو امر اوهان کي ڪجي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”پنهنجي رب کان سوال ڪر، ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته اها ڪهڙِي قسم جي آهي“؟ چيائين ”هو چوي ٿو ته اها ڳئون نه پوڙهي هجي، نه وهڙي، وچٿري هجي، هاڻ حڪم ڪيل ڪم ڪريو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چيائون: "چڱو پنهنجي رب کي ٻاڏاءِ ته هو اسان کي انهيءَ ڳئونءَ جو ڪجهه تفصيل ٻڌائي"، موسيٰ چين: "الله جو چوڻ آهي ته اها اهڙي ڳئون هئڻ گهرجي، جيڪا نه ڪراڙي هجي ۽ نڪي جوان، پر وچولي عمر جي هجي، تنهنڪري جيئن توهان کي حڪم ڪيو پيو وڃي ان تي عمل ڪريو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيائون، ”چڱو، پنهنجي رب کي عرض ڪر ته هو اسان کي ان بابت کولي ٻڌائي“، هن (موسيٰ) چيو، ”اهو (الله جو) حڪم ٿيو آهي ته اها (ڳئون) نه پوڙهي هجي ۽ نه ننڍي (گابي)، پر وچ واري (جوان) عمر جي هجي، بس جيڪو حڪم ڏنل آهي ان تي عمل ڪريو“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چوڻ لڳا ته (چڱو ڀلا) ان ڳئونءَ جي باري ۾، پنھنجي رَبَّ کان پڇي ٻڌاءِ ته اها ڪھڙي هجي موسى (ؑ) چيو ته الله تعالى فرمائي ٿوته اها ڳئون نه ته ڪراڙي هجي ۽ نه ننڍي گابي هجي، بلڪه وچٿري عمر جي هجي، بھرحال جيڪو حڪم ڏنو وڃي ٿو ان تي (فوراً) عمل ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما لَونُها قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ صَفراءُ فاقِعٌ لَونُها تَسُرُّ النّٰظِرينَ (آيت : 69) |
چيائون ته پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ دُعا گُھرته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته ان جو رنگ ڪھڙو آھي، (موسىٰ) چيو ته الله چوي ٿو ته اُھا ڳـئون ھيڊي ڪڪڙي آھي سندس رنگ ڳوڙھو ھيڊو آھي ڏسندڙن کي سُرھائي ڏيندي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) چوڻ لڳا ته، وري پنهنجي پرودگار کي اسان جي لاءِ عرض ڪر ته، کولي ٻڌائي ته ان جو رنگ ڪهڙو هجي. حضرت موسيٰ چيو ته، الله تعاليٰ ٻڌائي ٿو ته ان جو رنگ پيلو هجي، خوب گهرو پيلو، جو ڏسندڙن جي دل خوش ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) چيائون پنهنجي رب کان دعا گهر ته اسان کي ٻڌائي ته ڍڳِي جو رنگ ڪهڙو آهي؟ موسى چيو الله تعالى فرمائي ٿو بيشڪ اها ڍڳي هيڊي رنگ جي آهي، رنگ سندس صاف هيڊو آهي جو ڏسندڙن کي پسند اچي ٿي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي چوڻ لڳا ته (واھ!) تون پنهنجي رب کان اها دعا گهر ته اسان کي ٻڌائي ته نيٺ ان جو رنگ ڪهڙو هجي؟ موسى چين ته بيشڪ خدا فرمائي ٿو ته اها ڳوڙهي هيڊي رنگ جي هجي جا ڏسندڙن کي وڻي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته دعا گهر اسان لاءِ پنهنجي رب کان ته بيان ڪري اسان لاءِ ته ان جو رنگ ڪهڙو آهي؟ چيائين بيشڪ اهو فرمائي ٿو ته بيشڪ اها ڳئون هيڊي ڪڪڙي آهي ڳوڙهو هيڊو رنگ آهي ان جو خوش ٿو ڪري ڏسندڙن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته تون اسان لاءِ پنهنجي پاليندڙ کان دعا گهر ته اسان تي ظاهر ڪري ته ان جو رنگ ڪهڙو آهي. موسيٰ چيو ته بيشڪ الله فرمائي ٿو ته اها هيڊي ڍڳي آهي، ان جو رنگ ڳوڙهو هيڊو آهي ڏسندڙن کي وڻي ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اسان لاءِ پنهنجي پروردگار کان دعا گهر ته پڌرو ڪري ٻڌائي ته ان جو رنگ ڪهڙو هجي“؟ چيائين اهو فرمائي ٿو ته: ”اُها ڦڪي رنگ جي ڍڳي هجي ان جو رنگ ڳُوڙهو هجي جو ڏسندڙن کي وڻي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پنهنجي پرور پاڪ کي، ٻاڏائي ٻيهار، ته کولي اسان تي خوب طرح، ڇا اُن جو رنگ پار، چي چوي، ته هيڊي حد تي، ڳوڙهو رنگ اَپار، متارِي موچار، ڏاڍِي وڻٖي ڏِسندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”پنهنجي رب کان سوال گهر ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته ان جو رنگ ڪهڙو هجي؟“ چيائين ”الله چوي ٿو، ته ان ڳئون جو رنگ اهڙو ڳوڙهو هيڊو هجي، جو ڏسندڙن کي وڻي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري چوڻ لڳا ته، "پنهنجي رب کان اهو به پڇي ٻڌاءِ ته ان جو رنگ ڪهڙو هجي". موسيٰ چيو: "هو فرمائي ٿو ته هيڊي رنگ جي ڳئون هجي، جنهن جو رنگ اهڙو چٽو هجي جو ڏسڻ وارن کي موهي وجهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو وري چوڻ لڳا، ”تون پنهنجي رب کان پڇي ڏي ته ان جو رنگ ڪهڙو هجي؟“ هن (موسيٰ) چيو ته ”اها ڳئون هيڊي رنگ جي هجي، اهو رنگ اهڙو ته گهرو هجي جو ڏسڻ وارن کي موهي وجهي“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چوڻ لڳا اي موسى! اسان کي پنھنجي رَبَّ کان وڌيڪ پڇي ٻڌاءِ، ته ان جو رنگ ڪھڙو هجي؟ موسى (ؑ) چيو ته الله تعالى فرمائي ٿو، ته اها گَھرِي ڪڪڙي (يعني ڦڪي) رنگ جي هجي ته جيئن ڏسندڙن کي ان جو رنگ وڻي وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ إِنَّ البَقَرَ تَشٰبَهَ عَلَينا وَإِنّا إِن شاءَ اللَّهُ لَمُهتَدونَ (آيت : 70) |
چيائون ته پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ دُعا گھر ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته اُھا (ڳـئون) ڪھڙي (پارين) آھي ڇوته ڳـئون اسان وٽ (پاڻ جھڙين ۾) گڏيل آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھريو ته اسين ضرور لھنداسين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مونجهارو پيدا ڪرڻ لاءِ) وري چوڻ لڳا ته پنهنجي رب کي وري به اسان جي پاران استدعا ڪر ته وڌيڪ کولي ٻڌائي ته ڪهڙي قسم جو ڍور قربان ڪجي؟ ڇو ته اسان جي لاءِ ڍور مڙيئي ڍورن جهڙا آهن. (تنهن ڪري وڌيڪ تفصيل جي ضرورت آهي). انشاءَ الله اسان پوءِ ضرور سمجهي وٺنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) چيائون پنهنجي رب کان تون دعا گهر ته ڍڳِي جي چٽائي بيان فرمائي، بيشڪ ڍڳيءَ جي سڃاڻپ ۾ اسان منجهيل آهيون ۽ جيڪڏهن الله گهريو ته اسين ضرور سڃاڻينداسين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن چوڻ لڳا پنهنجي خدا کان دعا گهري اسان کي اهو ته ٻڌائي ته ان جا ٻيا پارپتا ڪهڙا آهن؟ ڇو ته ڳائو مال اسان وٽ هڪ ٻئي جهڙو آهي ۽ بيشڪ جيڪڏهن خدا گهريو ته اسين پتو ڪڍي وٺنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون دعا گهر اسان لاءِ پنهنجي رب کان ته چٽائي ڪري اسان لاءِ ته اها ڪهڙي (پارين) آهي بيشڪ ڳئون هڪ ٻئي سان مشابهه آهن اسان وٽ ۽ بيشڪ اسين جيڪڏهن گهريو الله ته هدايت وارا آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته تون اسان لاءِ پنهنجي پاليندڙ کان دعا گهر ته اسان تي ظاهر ڪري ته ڪهڙي پارين آهي ڇو ته ڳائو مال اسان وٽ هڪ ٻئي جهڙو آهي ۽ بيشڪ اسين جيڪڏهن الله گهريو ته پتو ڪڍي وٺنداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (وري)چيائون:”پنهنجي رب کان اسان لاءِ سوال ڪر ته اسان کي صاف ٻڌائي ته اها ڍڳي ڪهڙي هجي؟ بيشڪ ان ڍڳي بابت اسان مُنجهي پيا آهيون. ۽ بيشڪ اسان الله گهريو ته ضرور هدايت وارا ٿي وينداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پنهنجي پرور پاڪ کي، ٻاڏائي ٻيهار، ته اِها آهي ڪهڙي؟ کولي اسان هار، ته ڳـئون ، ڳـئن جھڙيون، پئي سونِ، نه پتو پار، ۽ جي گھريو هوند غفار، ته سُتَڙ پونداسون صَحِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”پنهنجي رب کان سوال ڪر، ته هو اسان کي کولي ٻڌائي ته اها ڪهڙي هجي؟ ڇو ته اسان لاءِ اهڙي ڳئون جو سڃاپڻ مشڪل ٿي پيو آهي ۽ الله گهريو ته اسين ڳولهي لهنداسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري چوڻ لڳا: "پنهنجي رب کان چٽو ڪري پڇي ٻڌاءِ ته ڪهڙي ڳئون گهربل آهي، اسان کي ان جي سڃاڻڻ ۾ مونجهارو ٿي پيو آهي، الله گهريو ته اسان ان جو پتو لهي وٺنداسون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري چيائون ”پنهنجي رب کان واضح پڇي ٻڌاءِ ته، اها ڪهڙي ڳئون آهي، اسان ته اها مقرر ڪرڻ ۾ مُنجهي پيا آهيون، ۽ بيشڪ الله چاهيو ته اسان اها ڳولي وٺنداسين“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري انهن موسى (ؑ) کي چيو ته پنھنجي رَبَّ کان وضاحت سان پڇي ٻڌاءِ، ته آخرڪار اها ڳئون ڪھڙي قسم جي هجڻ گُهرجي، هتي اسان شڪ ۾ آهيون ۽ سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪھڙي ڳئون ذبح ڪريون، جيڪڏهن الله تعالى چاهيو ته اسان کي، ان جي باري ۾ معلومات ملي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا ذَلولٌ تُثيرُ الأَرضَ وَلا تَسقِى الحَرثَ مُسَلَّمَةٌ لا شِيَةَ فيها قالُوا الـٰٔنَ جِئتَ بِالحَقِّ فَذَبَحوها وَما كادوا يَفعَلونَ (آيت : 71) |
(موسىٰ) چيو ته الله چوي ٿو ته اُھا اھڙي ڳـئون آھي (جو) نڪي وھو آھي جو ھر کيڙي ۽ نڪي پوک پياري، اڻ وڍ آھي منجھس ڪو دٻڪ ڪونھي، چيائون ته ھاڻي تو پورو پار آندو، پوءِ اُن کي ڪُٺائون ۽ (انھي ڪم) ڪرڻ تي نه ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن تي حضرت موسيٰ چيو ته، الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته، اهڙو ڍور هجي جو نه ڪڏهن هر ۾ جوٽيل هجي ۽ نه نار ۾ وهايل هجي. پوري طرح صحيح سالم هجي، داغ ۽ عيب کان صاف ۽ پاڪ هجي. پوءِ (عاجز ٿي) چيائون ته هاڻي پوري پوري ڳالهه ٻڌايئي. نيٺ اهو ڍور ذبح ڪيائون، پر ائين ڪرڻ تي هنن جي دل نه ٿي وري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرمايو موسى الله تعالى فرمائي ٿو ته بيشڪ اها ڍڳي آهي جنهن کان نه خدمت ورتي وڃي ٿي ۽ نه زمين کيڙي ٿي ۽ نه ڪي آبادي کي پياري ٿي بي عيب آهي (۽) ڪوبه داٻ نه اٿس، چيائون هينئر تو اسان کي صحيح ڳالهه ٻڌائي، پوءِ ان ڍڳيءَ کي ڪُٺائون ۽ ذبح ڪرڻ جو ارادو نٿي رکيائون.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى چين ته بيشڪ خدا فرمائي ٿو ته اها ڊڳي (اهڙي) هجي جا وهو نه هجي جو زمين کي کيڙي ۽ نڪي پوک کي پاڻي پياريندي هجي، (عيبن کان) سلامت ۽ ان ۾ ڪو داغ نه هجي. انهن چيو ته هاڻي تون پوري ڳالھ آندي آهي. پوءِ ان کي حلال ڪيائون، هوڏانهن انهن ۾ اها اميد نه هئي ته ڪو ائين ڪندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته بيشڪ اهو فرمائي ٿو ته بلا شبہ اها ڳئون نه وهو آهي جو زمين کيڙي ۽ نه پوک کي پياري صحيح سالم آهي نه آهي ڪو عيب ان ۾ چيائون ته هاڻي تو صحيح ڳالھ آندي آهي.وءِ ان کي ڪٺائون ۽ (بظاهر) ڪرڻ وارا نه هئا. ع (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته بيشڪ الله فرمائي ٿو ته اها هڪ ڍڳي آهي جا وَهُو نه آهي جو زمين کيڙي ۽ نڪي پوک کي پاڻي پياري ٿي. (عيبن کان)سلامت آهي. ان ۾ ڪو داغ نه آهي. انهن چيو ته هاڻ تو پوري ڳالهه آندي آهي. پوءِ ان کي ڪٺائون ۽ اهي ڪم ڪرڻ وارا نه هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسيٰ) چيو اهو (رب) فرمائي ٿو ته: ”اها هڪ ڍڳي آهي جنهن کان نه زمين کيڙڻ ۽ نه پوک کي پاڻي پيارڻ جي محنت ورتي وڃي ٿي، بلڪل تندرست آهي جنهن ۾ ڪو داغ به نه آهي“. چيائون: ”هاڻي ٺيڪ ڳالهه ڪئي اٿئي“. پوءِ ان کي ڪُٺائون حالانڪه نه ٿي لڳو جو ائين ڪندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، چوي، ته ڳـئون اُها، نه هَر وَهُو هيڪار، نه ڪي کيڙي کيٽ کي، نه وهي هُرلو نار، سدا سلامت سوهڻي، نه منجھس تک لغار، چي، هاڻي آئين حق تي ، پوءِ تنهين کي تڪرار، سِير وِڌئون تنهن وار، ۽ ڪرڻو نه هونِ ڪم اِهو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هو چوي ٿو ته اها اهڙي ڳئون هجي، جا نه ڪم ۾ رڌل هجي ۽ نه هر کيڙيندي هجي، نه ٻني کي پاڻي پياريندڙ هجي، چڱي ڀلي بي داغ هجي، “ چيائون ”هاڻ تو ٺيڪ ڏسيو آهي.“ پوءِ ايئن ڪرڻ تي دل نه هين ته به ان کي ڪٺائون.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ جواب ڏنن ته "الله چوي ٿو ته اها اهڙي ڳئون آهي جيڪا ڪم ۾ وهايل نه آهي، نڪي زمين ٿي کيڙي ۽ نه پاڻي ٿي ڪڍي، صحيح سالم ۽ هر قسم جي داغ کان آجي آهي". اهو ٻڌي چيائون ته "ها، هاڻي تو ٺيڪ پتو ڏنو آهي". پوءِ ان کي ڪٺائون، نه ته هو ته ائين ڪرڻ وارا نه ٿي لڳا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن (موسيٰ) چيو، ”الله فرمائي ٿو ته اها ڳئون اهڙي آهي جنهن کان خدمت نٿي ورتي وڃي، نه هر ڏئي ٿي زمين کيڙڻ لاءِ، نه نار وهي پاڻي ڪڍي ٿي، اها صحيح سالم بي داغ آهي“. ان تي هو پڪاري اٿيا، ”ها، هاڻي تو صحيح ٻڌايو آهي“، پوءِ انهن ان کي ذبح ڪيو، نه ته اهي ائين ڪرڻ وارا نه هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى (ؑ) چيو ته بيشڪ الله تعالى فرمائي ٿو ته اها اهڙي ڳئون آهي جنهن کي توهان ڪڏهن ٻنيءَ جي ڪم، هر يا کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ نار (يعني ائٽ) ۾ استعمال نه ڪيو هجي. اها سھڻي هجي ۽ ان ۾ ڪو به نُقص نه هجي. (هاڻي هو اها ڳئون ذبح ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا). چيائون ته اي موسى! هاڻي تو ان جي باري ۾ صحيح حڪم آندو آهي، پوءِ مس وڃي انهن اها ڳئون ذبح ڪئي. حقيقت ۾ انهن جي دل ڳئون ذبح ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هُئي (ڇاڪاڻ جو انهن جي دلين ۾ گابي جي محبَّت ويٺل هئي ۽ الله تعالى کين سندن ئي هٿان سندن معبود گابي کي ذبح ڪرايو). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قَتَلتُم نَفسًا فَادّٰرَءتُم فيها وَاللَّهُ مُخرِجٌ ما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 72) |
۽ جڏھن ھڪ شخص کي ڪُٺوَ تڏھن ان (جي ماريندڙ) بابت تڪرار ڪيوَ، ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو سو الله پڌرو ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ياد رکو ته، توهان هڪڙو ماڻهو قتل ڪيو، پوءِ ان متعلق پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي تي ڏوهه ڌرڻ لڳو. پر جيڪا ڳالهه توهان لڪائڻ پئي گهري سا الله تعاليٰ ضرور ظاهر ڪرڻ وارو هو (۽ انهيءَ عظيم گناه لاءِ سزا ڏيڻ وارو هو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن توهان هڪ انسان کي قتل ڪيو پوءِ هڪ ٻئي تي الزام هنيو، ۽ الله ظاهر ڪندڙ آهي جيڪو توهان لڪايو ٿي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اوهان (جي وڏن) هڪ ماڻهوءَ کي ڪٺو هو. پوءِ ان (جي قتل) بابت وڙهي ڪري (هڪ ٻئي کي قاتل ٿي سڏيو) ۽ جيڪي اوهان لڪايو ٿي تنهن کي خدا پڌرو ڪندڙ هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ڪٺو اوهان هڪ شخص کي پوءِ تڪرار ڪَيُوَ ان (جي ماريندڙن جي باري) ۾ ۽ الله پڌرو ڪندڙ آهي جيڪو اوهان لڪايو ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اوهان هڪ شخص کي قتل ڪيو پوءِ ان (جي قتل) بابت جهڳڙو ڪيو. ۽ جيڪي اوهان لڪايو ٿي تنهن کي الله پڌرو ڪندڙ هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو اهو واقعو)جڏهن توهان هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو، پوءِ توهان ان ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا ۽ الله ظاهر ڪرڻ وارو هيو جنهن کي اوهان لڪايو پئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ماڻهون ماريان، پوءِ تنهن ۾، ڪيان تڪرار، ۽ خُدا اُنهي خون کي، ڪڍِي ڪندڙ ٻهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ياد ڪريو، جڏهن اوهان هڪ شخص ماريو، پوءِ ان بابت جهيڙو ٿي ڪيؤ، الله کي ته اهو ظاهر ڪرڻو هو، جيڪي اوهان لڪايو ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان کي ياد آهي اهو واقعو جڏهن توهان هڪڙي ماڻهوءَ جو خون ڪيو هو، پوءِ وري ان بابت جهيڙو ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي تي قتل جو الزام هڻڻ لڳا ۽ الله فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته جيڪي ڪجهه لڪايو ٿا، انهيءَ کي کولي پڌرو ڪندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان کي ياد آهي، جڏهن توهان جان ورتي هڪ شخص جي ۽ پوءِ جهڳڙو ڪري هڪ ٻئي تي الزام لڳايو، الله چاهيو ته اهو ظاهر ڪري جيڪي لڪايو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (فسادي ذهن جي تاريخ جا پَنا اٿلايو) جڏهن توهان هڪ ماڻهوءَ کي قتل ڪيو هو. پوءِ توهان پاڻ ۾ وڙهي پيا (۽ هڪ ٻئي تي ان قتل جو الزام لڳائي رهيا هئا)، ان حقيقت کي توهان لڪائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر الله تعالى (هر) حقيقت کي کولي ظاهر ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقُلنَا اضرِبوهُ بِبَعضِها كَذٰلِكَ يُحىِ اللَّهُ المَوتىٰ وَيُريكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 73) |
پوءِ چيوسين ته سندس (گوشت جو) ڪُجھ ڀاڱو اُن (مئل) کي ھڻو، اھڙي طرح الله مئلن کي جياريندو آھي ۽ اوھان کي پنھنجيون نشانيون ڏيکاريندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ٿيو به ائين) اسان حڪم ڏنو ته هن شخص تي (جيڪو سچ پچ خوني هو) خون ٿيل جي گوشت مان ڪجهه ٽڪرو هڻو. (جڏهن ائين ڪيو ويو تڏهن حقيقت معلوم ٿي وئي خوني لڀي ويو) الله تعاليٰ اهڙيءَ طرح مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ اوهان کي پنهنجون (قدرت ۽ حڪمت جون) نشانيون ڏيکاري ٿو، انهيءَ لاءِ ته سمجهه ۽ عقل ڪم آڻيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان فرمايو مُئل انسان کي ڍڳيءَ جو ڪجهه حصو لڳايو اهڙيءَ طرح الله مئلن کي زنده ڪري ٿو ۽ توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکارو ٿو ته مَن سمجهو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو اسان فرمايو ته: ان ڊڳيءَ جو ڪو به ٽڪر کڻي هن (لاش) تي هڻو. اهڙيءَ طرح خدا مئلن کي جيرو ڪري ٿو ۽ اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو (ته) من اوهين عقل کان ڪم وٺو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چيوسون ته هڻو ان (مئل کي) ان جي (گوشت جو) ڪجھ حصو، اهڙيءَ طرح جيئرو ڪندو آهي الله مئلن کي ۽ ڏيکاريندو آهي اوهان کي پنهنجون نشانيون ته من اوهان سمجهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان چيو ته اُن (قتل ڪيل) کي هن (ڍڳي) جي هڪ ٽڪري سان ماريو. اهڙي طرح الله مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ اوهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاري ٿو مَنَ اوهين عقل کان ڪم وٺو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان چيو ته ان (ڳئون) جو ڪجهه ٽڪرو ان (ميت) کي هڻو. اهڙي طرح الله مُردن کي جياري ٿو ۽ اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو ته جيئن اوهان عقل کان ڪم وٺو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته اُن جا عضوا، اُن سان ، هڪدم هڻو هيڪار، مئا اِنپر مورهين، ٿو جياري جبار، ۽ آن کي پنهنجون آيتون، ٿو ڏيکاري ڏاتار، ته قادر جا ڪم ڪار، پسي مانَ پروڙيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تڏهن چيوسون ته ”هن مان ڪجهه هڻوس.“ ايئن ئي الله مئلن کي جياري ٿو ۽ اوهان کي پنهنجيون نشانيون ٿو ڏيکاري، ته من اوهين پروڙيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان وقت اسان حڪم ڏنو ته قتل ٿيل جي لاش کي ان (ڳئونءَ) جي ڪنهن حـصي (گوشت ٽڪر) سان ڌڪ هڻو، ڏسو! اهڙيءَ ريت الله مئلن کي جيئاريندو آهي ۽ توهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاري ٿو ته مــَـنَ توهان سمجهه ڌاريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان حڪم ڏنو ته لاش جي حصن کي هڪ ٻئي سان لڳايو، الله اهڙيءَ طرح مئلن کي زنده ڪري ٿو ۽ توهان کي ڏيکاري ٿو پنهنجون نشانيون من توهان عقل کان ڪم وٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ(اصل قاتل کي ظاهر ڪرڻ لاءِ) اسان کين چيو ته قتل ٿيل جي لاش جي ڪنھن به حصي تي، ان ذبح ڪيل ڳئونءَ جي گوشت جو ٽُڪرو هڻو، گوشت جو ٽڪرو لڳڻ سان ئي اهو ماڻهو زندهه ٿي پنھنجي قاتل جو نالو ٻڌائيندو. اهڙي طريقي سان الله تعالى مئلن کي جيئرو ڪندو آهي ۽ توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاريندو آهي ته جيئن عقل کان ڪم وٺو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ قَسَت قُلوبُكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَهِىَ كَالحِجارَةِ أَو أَشَدُّ قَسوَةً وَإِنَّ مِنَ الحِجارَةِ لَما يَتَفَجَّرُ مِنهُ الأَنهٰرُ وَإِنَّ مِنها لَما يَشَّقَّقُ فَيَخرُجُ مِنهُ الماءُ وَإِنَّ مِنها لَما يَهبِطُ مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 74) |
وري ان کانپوءِ اوھان جون دليون ڏاڍيون ٿيون پوءِ پھڻ وانگر بلڪ ڏاڍيون سخت آھن، ۽ پھڻن مان ڪي اھڙا (به) آھن جو منجھائن واھيون ڦاٽي نڪرنديون آھن، ۽ منجھائن ڪو ڦاٽندو آھي پوءِ منجھانئس پاڻي نڪرندو آھي، ۽ منجھائس ڪو الله جي ڀؤ کان ڪرندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بيخبر نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان جون دليون (بار بار گناهن ۽ نافرمانين ڪرڻ سبب) سخت ٿي پيون، اهڙيون سخت جهڙو پٿر. نه نه، اڃا به وڌيڪ سخت. ڇو ته پٿرن ۾ اهڙا پٿر به آهن جن مان نهرون وهي هلن ٿيون. ڪي وري اهڙيون ڇپون آهن جي ڦاٽي ٻه ٽڪر ٿين پيون ته انهن منجهان پاڻي نڪري ٿو پوي. ڪي ته وري اهڙيون به آهن جي خدا جي خوف کان ڏڪي ڪري پون ٿيون. (پر افسوس اوهان جي دلين تي جن جي اڳيان پٿر جي سختي ڪجهه به نه آهي.) ياد رکو ته الله تعاليٰ اوهان جي عملن به نسبت غافل ناهي (هو اوهان جا عمل ڄاڻي ٿو ۽ اوهان کي سخت عذاب ڏيندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ توهان جون دليون سخت ٿيون پوءِ اهي پٿرن وانگر بلڪ ان کان به زياده سخت آهن، ۽ بيشڪ ڪي پٿر اهڙا آهن جن مان نهرون وَهن ٿيون، ۽ بيشڪ ڪي پٿر اهڙا آهن جيڪي ڦاٽي پَون ٿا. پوءِ انهن مان پاڻي نڪري ٿو، ۽ بيشڪ ڪي پٿر الله تعالى جي خوف کان ڪِري پون ٿا. ۽ الله توهان جي عملن کان بي خبر ناهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري اوهان جون دليلون ان کان پوءِ سخت ٿيون جو اهي پٿر جهڙيون يا (ان کان به) وڌيڪ ڏاڍيون ۽ بيشڪ پٿرن (ڏونگرن) مان ڪي اهڙا (به ته) آهن جن مان نهرون ڦاٽي نڪرن ٿيون ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي ڦاٽن ٿا ۽ انهن مان پاڻي نڪري ٿو ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به (پهاڙ) آهن جي خدا جي خوف کان (ڇپن جي صورت ۾) هيٺ ڪري پون ٿا. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا غافل نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وري سخت ٿيون دليون اوهان جون ان کان پوءِ.وءِ پٿرن وانگر آهن بلڪ اڃان به گهڻو سخت ۽ بيشڪ پٿرن مان البته اهڙا (پٿر به) آهن جو وهن ٿيون انهن مان نهرون ۽ بيشڪ انهن مان البته اهي (پٿر به) آهن جو ڦاٽن ٿا پوءِ نڪري ٿو انهن مان پاڻي ۽ بيشڪ انهن مان البته اهي (پٿر به) آهن جو ڪرن ٿا الله جي خوف کان ۽ نه آهي الله بي خبر ان کان جو ڪيو ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري اوهانجون دليون ان (واقعي) کان پوءِ سخت ٿيون جو اهي پٿر جهڙيون يا (ان کان به) زياده سخت آهن. ۽ بيشڪ پٿرن مان اهڙا (به) آهن جن مان نهرون ڦاٽي نڪرن ٿيون. ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي ڦاٽن ٿا پوءِ انهن مان پاڻي نڪري ٿو ۽ بيشڪ انهن مان اهڙا به آهن جي الله جي ڊپ کان هيٺ ڪري پون ٿا ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان کان بعد اوهان جون دليون سخت ٿي ويون پوءِ اُهي پٿرن وانگر آهن يا اڃا به وڌيڪ سخت. ۽ بيشڪ پٿرن مان ڪي اهڙا به آهن جن مان چشما ڦُٽي نِڪرن ٿا. ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي جڏهن ڦاٽي پون ٿا ته انهن مان پاڻي نڪري پوي ٿو. ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي الله جي خوف کان (لرزندي) هيٺ ڪِري پون ٿا. ۽ الله اوهان جي عملن کان بي خبر نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِنهيان پوءِ، اوهان جا، ٿيا قلب، وري ڪٺور، ڏاڍا ڏونگر طَور، يا اِنهيان ئـِي اڳرا ۽ پڪ وَهن پهڻ منجھان، ڌوڪيو دريا لال، ۽ ڪي ڦاٽنِ، وَهَن تن مان، چشمان چڱي چال، ۽ ڪي ڪِرن تن مان ، خوف کان، خالق ذولجلال، ۽ جھڙي چلو چال ، واحد نه تنهن کان، ويسلو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر ان کان پوءِ به اوهان جون دليون سخت ٿي وييون، جو ڄڻ ته هو پٿر آهن، بلڪ ان کان به سخت ڇو ته پٿرن مان ته ڪن مان نديون ڦٽنديون آهن منجهائن ڪي ڦاٽي پوندا آهن ۽ منجهائن پاڻي نڪرندو آهي ۽ منجهائن ڪي الله جي ڊپ کان ڪري پوندا آهن. ياد رکو ته الله اوهان جي ڪمن کان بي خبر نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر پوءِ اهڙيون نشانيون ڏسڻ کان بعد به توهان جون دليون سخت ٿي ويون، پٿرن جهڙيون سخت يا سختيءَ ۾ انهن کان به اڃان ڪجهه وڌيڪ، ڇو جو پٿرن مان ڪو اهڙو به هوندو آهي، جنهن مان چشما ڦاٽي نڪرندا آهن ۽ ڪو ڦاٽي پوندو آهي ۽ ان مان پاڻي نڪري ايندو آهي ۽ ڪو وري الله جي خوف کان ڪنبي ڪري پوندو آهي، الله توهان جي ڪرتوتن کان بي خبر نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر توهان جون دليون سخت ٿي ويون، اهڙيون نشانيون ڏسڻ کان پوءِ به پٿرن وانگر سخت، پر سختيءَ ۾ انهن کان به وڌيڪ، ڇاڪاڻ ته ڪي پٿر اهڙا به هوندا آهن جن مان چشما وهي نڪرن ٿا، ۽ بيشڪ ڪو وري ڦاٽي پوي ٿو پوءِ ان مان پاڻي نڪري اچي ٿو، ۽ ڪو وري ڪِري پوي ٿو خدا جي خوف کان، الله توهان جي ڪرتوتن کان بي خبر نه آهي جيڪي توهان ڪريو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (بار بار نافرمانين سبب) توهان جون دليون پٿر کان به وڌيڪ سخت ٿي ويون، پٿرن مان به ڪي اهڙا هوندا آهن، جن مان نَھرون وهي نڪرنديون آهن، ڪن پٿرن مان ڦاٽڻ سبب پاڻي وهي ايندو آهي ۽ ڪي پٿر وري الله تعالى جي خوف کان ڏڪي ڪري پوندا آهن. توهان جيڪي به ڪم ڪريو ٿا، بيشڪ الله تعالى انهن کان بي خبر نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَتَطمَعونَ أَن يُؤمِنوا لَكُم وَقَد كانَ فَريقٌ مِنهُم يَسمَعونَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ يُحَرِّفونَهُ مِن بَعدِ ما عَقَلوهُ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
(اي مسلمانؤ! اوھين يھودين ۾) پاڻ لاءِ فرمانبردار ھجڻ جو ھِن ھوندي به اڃان آسرو رکو ٿا ڇا؟ جو بيشڪ منجھائن ھڪ ٽولي اِھڙي آھي جو الله جو ڪلام ٻڌندا آھن وري ان جي سمجھڻ کان پوءِ اُھي ڄاڻ ھوندي ان کي مٽائيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي مؤمنو!) اوهان اميد رکو ٿا ڇا ته (هي مديني جا يهودي) اوهان جي ڳالهه مڃي (حضرت محمد صلي الله عليه وسلم تي) ايمان آڻيندا؟ ۽ حالت هيءَ آهي جو هنن مان ڪي الله جو ڪلام ٻڌندا به آهن ۽ ان جو مطلب به سمجهندا آهن، پر تڏهن به ڄاڻي ٻجهي ان جي لفظن ۾ مٽ سٽ ڪري مطلب ئي ڦيرائي ڇڏيندا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان کي اميد آهي ته يهودي توهان تي يقين ڪندا ۽ بيشڪ يهودين ۾ هڪ ٽولو اهو آهي. جيڪو ڪلام الله ٻڌي ۽ سمجهي پوءِ ڦيرائي ڇڏن ٿا حالانڪ اهي پاڻ ڄاڻندا هئا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانوء!) ڇا پوءِ اوهين (انهن ۾) اها اميد رکو ٿا ته اهي اوهان وانگر ايمان آڻيندا؟ هوڏانهن انهن مان هڪ جماعت (اڳين ۾) اهڙي هئي جيڪي خدا جو ڪلام ٻڌي چڱيءَ طرح سمجهڻ کان پوءِ (به) ڄاڻي واڻي ڦيرائيندي هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا (اي مسلمانو! اوهان يهودين ۾) اميد ٿا رکو ته ايمان آڻيندا اوهان جي چوڻ تي ۽ تحقيق آهي جماعت هڪ انهن مان ٻڌن ٿا الله جي ڪلام کي ان کان پوءِ ڦيرائن ٿا ان کي ان کان پوءِ جو سمجهيائون ان کي ۽ اهي ڄاڻن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي مسلمانو !) ڇا پوءِ اوهين (انهن ۾ ) اها طمع رکو ٿا ته اهي اوهان جو چوڻ مڃين ۽ هوڏانهن انهن مان هڪ جماعت الله جو ڪلام ٻڌندي هئي وري اهي ان کي سمجهڻ کان پوءِ ڄاڻي واڻي ڦيريندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي مسلمانو!) ڇا اڃا به اوهان اها اميد رکو ٿا ته اهي (يهودي) اوهان جي ڳالهه مڃن جڏهن ته انهن مان هڪ ٽولو اهڙو به آهي جيڪي الله جو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ پوءِ ڄاڻي ٻُجھي ان کي بدلائي ڇڏن ٿا حالانڪه اُهي ڄاڻن به ٿا. (ته اهي غلط ڪري رهيا آهن)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اوهين ڪيئن اميد رکو، ته آن کي، مڃيندا مور، ۽ هوڏانهن، ته آهي اُنهن منجھان ، وڳر ڪو وهڳور، سڻن ڪلام ڪريم جو، پوءِ بدلينس بي شعور، جنهن بعدپين اُنِ جي، پوري رِيت پرور، ۽ جڏهن غلطي کي غرقور، پئا پروڙينِ پاڻهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (مسلمانو!) ڇا اوهين اميد ٿا رکو ته هو اوهان جي چوڻ تي مومن ٿيندا، هن هوندي، جو منجهائن هڪ ٽولو اهو هو، جو الله جي ڪلام کي ٻڌندو هو ۽ ان کي سمجهڻ کانپوءِ به ان کي ڄاڻي ٻجهي ڦيرائي ڇڏيندو هو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي مسلمانؤ! ڇا هاڻي اهڙن ماڻهن کان توهان کي اها اميد آهي ته توهان جي دعوت تي ايمان آڻيندا، حالانڪه انهن مان هڪڙي ٽولي جي ريت ته اها رهي آهي ته الله جو ڪلام ٻڌائون ۽ پوءِ چڱيءَ طرح سوچي سمجهي ڄاڻي واڻي ان ۾ تحريف (ڦيرڦار) ڪيائون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي مسلمانؤ! ڇا اڃا به اميد رکو ٿا انهن ماڻهن ۾ته اهي توهان جي دعوت تي ايمان آڻيندا! جڏهن ته انهن ۾ اهڙو ٽولو به آهي جنهن الله جو ڪلام ٻڌو ۽ ان ۾ ڦيرڦار ڪئي خوب سوچڻ سمجهڻ بعد(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي ايمان وارؤ!) توهان يھودين مان اها اميد رکو ٿا ته (توهان جي سمجهائڻ سان) هو ايمان آڻيندا (ٿي ئي نٿو سگهي) انهن مان هڪ اهڙو ٽولو آهي، جيڪو الله تعالى جي ڪلام کي ٻڌي، ان جو مطلب ۽ مقصد خوب سمجهي ٿو، پر پوءِ به هو ڄاڻي واڻي ان ۾ تبديليون ڪندو رهي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلا بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ قالوا أَتُحَدِّثونَهُم بِما فَتَحَ اللَّهُ عَلَيكُم لِيُحاجّوكُم بِهِ عِندَ رَبِّكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 76) |
۽ جڏھن مؤمنن کي ملندا آھن تڏھن چوندا آھن ته مڃيوسين، ۽ جڏھن ھڪ ٻئي کي ھيڪلو ملندا آھن (تڏھن پاڻ ۾) چوندا آھن ته جيڪي الله اوھان تي کوليو آھي تنھن جي ڳالھ ساڻن ڇو ڪندا آھيو ته اِن سببان اوھان جي پالڻھار وٽ اوھان تي حجت وٺندا رھن، اوھين ڇونه سمجھندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏسو هنن جا حال جڏهن هو ايمان وارن سان ملن ٿا تڏهن چون ٿا ته اسان به ايمان آندو آهي، پر جڏهن اڪيلا پاڻ ۾ ڳالهيون ڪن ٿا تڏهن چون ٿا ته توهان کي خدا جيڪو (تورات) جو علم ڏنو آهي سو هنن (مسلمانن) کي ڇو ٿا ٻڌايو؟ ڇا انهيءَ لاءِ ٿا ٻڌايو ته هو اوهان جي خلاف اوهان جي پروردگار وٽ دليل وٺن؟ (يعني تورات مان ئي توهان جي خلاف دليل پيدا ڪن) ڇا اهڙي ظاهر ڳالهه به نٿا سمجهو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي جڏهن مؤمنن سان ملن ٿا، چون ٿا ته اسان ايمان آندو، ۽ جڏهن اهي (يهودي) پاڻ ۾ ملن ٿا چون ٿا، ڇا خبر ڏيو ٿا مؤمنن کي رسولِ عربيءَ جي نشانين جي انهيءَ لاءِ ته توهان سان پنهنجي رب وٽ حجت ڪن، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجهو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن ايمان وارن سان ملن ٿا ته چون ٿا: اسان ايمان آندو ۽ جڏهن (وري) اهي هڪٻئي سان اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا ته اوهين انهن مسلمانن کي اهو ڪجھ ٻڌايو ٿا ڇا! جيڪي الله اوهان تي (توريت ۾) ظاهر ڪيو آهي. ته (سڀاڻي) ان سان اوهان جي پالڻهار وٽ اوهان تي حجت قائم ڪن، ڇا پوءِ اوهين عقل کان ڪم نٿا وٺو؟!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ملن ٿا انهن کي جو ايمان آندائون ته چون ٿا ته ايمان آندوسون ۽ جڏهن اڪيلائي ۾ ملندو آ بعض انهن جو بعض سان ته چوندا آهن ڇا ڳالهيون ٿا ڪيو انهن سان جيڪي کوليون آهن الله اوهان جي مٿان تانته دليل قائم ڪن اوهان تي ان سان اوهان جي رب وٽ پوءِ نه ٿا سمجهو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن ايمان وارن کي ملن ٿا ته چون ٿا ته اسان ايمان آندو ۽جڏهن اهي هڪ ٻئي سان اڪيلا ٿين ٿا. ته چون ٿا ته اوهين انهن کي اهو ڪجهه ٻڌايو ٿا ڇا جيڪي الله اوهان تي کوليو آهي ته ان سان اوهان جي پاليندڙ وٽ اوهان تي حجت قائم ڪن ڇا پوءِ اوهين عقل کان ڪم نه ٿا وٺو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن مؤمنن سان مِلن ٿا ته چون ٿا: ”اسان ايمان آندو آهي“ ۽ جڏهن اهي هڪ ٻئي ۾ اڪيلا ٿين ٿا ته چون ٿا: ”جيڪي (شانِ محمدي ﷺ) الله اوهان تي ظاهر ڪيو آهي سو انهن (مسلمانن) کي ڇو ٿا چئي ٻڌايو؟هن لاءِ ته ان جي ذريعي توهان جي پالڻهار وٽ توهان تي حجت قائم ڪن! ڇا پوءِ به اوهان عقل کان ڪم نه ٿا وٺو“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) "۽ جنهن مهل مِليا اُنهن کي، جن آندو اعتبار، چي مڃيوسون مورهين؛ ۽ وري جھڙي وار، ڪي اُنهن جا، ڪِن سان، ٿيا خلاصا خوار، چي(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو جڏهن مومنن کي ملن ٿا ته چون ٿا اسان به ايمان آندو پرجڏهن هڪ ٻئي سان اڪيلائي ۾ ملن ٿا ته چون ٿا ته ”ڇا، اوهين انهن کي اهي ڳالهيون ٻڌايو ٿا جي الله اوهان تي کوليون آهن ته هو توهان تي اوهان جي رب وٽ حجت پيش ڪن. اهو به نٿا پروڙيو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (محمد رسول الله تي) ايمان آڻيندڙن سان ملن ٿا ته چون ٿا ته اسان به ان کي مڃيون ٿا ۽ جڏهن پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان خلاصا ٿي ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا ته چون ٿا ته سمجهه ڇڏي وئي اٿوَ ڇا؟ انهن سان اهي ڳالهيون اوريو ٿا، جيڪي الله توهان تي کولي ڇڏيون آهن ته جيئن توهان جي رب وٽ توهان جي مقابلي ۾ انهن کي حجت طور پيش ڪن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن (محمد رسول الله تي) ايمان آڻڻ وارن سان ملن ٿا، ته چون ٿا، اسان به ان کي مڃون ٿا، پر جڏهن پاڻ ۾ ملن ٿا ته چون ٿا، ”ڇا بيوقوف ٿي ويا آهيو؟ انهن ماڻهن کي اهي ڳالهيون ٻڌايو ٿا جيڪي الله توهان تي ظاهر ڪيون آهن جيئن اهي حجت طور پيش ڪن؟ توهان جي رب آڏو، ڇا بيوقوف ٿيا آهيو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن (اهڙا بدڪردار) ماڻهو ايمان وارن سان ملن ٿا، ته چون ٿا اسان به (توهان جي نبيءَ تي) ايمان آندو آهي، پر جڏهن پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائيندا آهن، ته چوندا آهن ته اوهان مسلمانن کي هي ڳالهيون ڇو ٿا ٻڌايو، جيڪي الله تعالى توهان کي خاص طور (تورات ذريعي) ٻڌايون آهن؟ توهان کي ايتري ڳالهه به سمجهه ۾ نه ٿي اچي، ته مسلمان الله تعالى وٽ هي ڳالهيون توهان جي خلاف دليل طور پيش ڪندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلا يَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 77) |
نه ڄاڻندا آھن ڇا ته جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن سو الله ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (افسوس هنن جي حال تي) ايترو به نه ٿا ڄاڻن ته (معاملو انسانن سان ناهي پر الله سان آهي) ۽ الله ته سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي هو لڪائين ٿا سو به ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا سو به ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اُهي نٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله تعالى ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه لڪائن ٿا ۽ ظاهر ڪن ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته جيڪي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اهي نه ٿا ڄاڻن ته جيڪي لڪائين ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا تنهن کي الله ڄاڻي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اهي (ايترو به) نه ٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪو اِهي لِڪائن ٿا ۽ جيڪو ظاهر ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا هنڊايون نه هِي؟، ته الله جلّ جلاله، سمجھي سڀ صحِي، جيڪي ڪن ڳجھو، يا پڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، کين اها خبر نه آهي، ته جيڪي به هو لڪائين ٿا يا پڌرو ڪن ٿا سو الله ته ڄاڻي ٿو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا ڀلا اهي نٿا ڄاڻن ته جيڪو ڪجهه اهي لڪائن ٿا ۽ جيڪو ڪجهه ظاهر ڪن ٿا الله کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته الله سڀني ڳالهين جو علم رکي ٿو جيڪي اهي لڪائن ٿا، ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي يهودي ايترو به نٿا سمجهن ته الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو، چاهي هو لڪائين يا ظاهر ڪندا رهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِنهُم أُمِّيّونَ لا يَعلَمونَ الكِتٰبَ إِلّا أَمانِىَّ وَإِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 78) |
۽ منجھائن ڪي اڻ پڙھيا آھن جي ڪوڙن خيالن کانسواءِ ڪتاب کي نه ڄاڻندا آھن ۽ اُھي رڳو اٽڪل ھلندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن يهودين ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي اڻ پڙهيل آهن ۽ پنهنجي ڪتاب تورات بابت سواءِ پنهنجي خواهشن ۽ اميدن جي ٻيو ڪجهه نٿا ڄاڻن ۽ رڳو پنهنجن وهمن ۽ گمانن سان ڀرپور آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن مان ڪي اڻ پڙهيل آهن جيڪي ڪتاب کي نٿا ڄاڻن مگر زباني پڙهڻ کي ۽ اهي ته فقط گمان ڪن ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن مان ڪي اڻ پڙهيل آهن جي خدا جي ڪتاب کي سواءِ پنهنجن خواهشن جي ٻيو نٿا سمجهن ۽ رڳو وهمي آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن مان ڪي اڻ پڙهيل آهن جيڪي نه ٿا ڄاڻن ڪتاب کي سواءِ اميدن جي ۽ نه آهن اهي مگر گمان ڪن ٿا .النصف(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن مان ڪي اڻ پڙهيل آهن جي سواءِ خواهشن جي ڪتاب نه ٿا ڄاڻن ۽ اهي رڳو گمان ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن (يهودين) ۾ ڪي اڻ پڙهيا آهن جي ڪتاب (تورات) جو علم نه ٿا رکن سواءِ سَڌُن (يعني زباني پڙهڻ) جي ۽ اهي رڳو وهم و گمان ۾ پيل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪي اڻپڙھ آهن اُنهن منجھان، لکيو نه ڄاڻن ڄٽ، مگر مُلن جا وَٽ، ۽ نه وَهن، مگر وَهمن پٺيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ منجهن ڪي اڻ پڙهيل به آهن، جي ڪتاب جو علم ته نه ٿا رکن، رڳو سڌون پيا ڪن ۽ فقط وهم ۽ گمان تي هلن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن مان هڪڙو ٻيو ٽولو وري اڻ پڙهيلن جو آهي، جن کي ڪتاب جو علم ته ڪونهي، رڳو پنهنجي اجاين ســَـڌن ۽ اميدن کي کنيو ويٺا آهن ۽ پيا ٿا خالي انومان ڪڍن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن ۾ ٻيو ٽولو جاهلن جو آهي جيڪي ڪتاب جو علم نٿا رکن، بس پنهنجي بي بنياد اميدن کي کنيو ويٺا آهن، فقط وهم ۽ گمان تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن ۾ هڪ ٻيو ٽولو اڻ پڙهيلن جو آهي، جن کي ڪتاب جو علم ته بلڪل نه آهي، هو رڳو پنھنجي ڄٽڪين سوچن، وهمن ۽ گمانن جي بنياد تي، الله تعالى جي شريعت کي هلائڻ چاهين ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَوَيلٌ لِلَّذينَ يَكتُبونَ الكِتٰبَ بِأَيديهِم ثُمَّ يَقولونَ هٰذا مِن عِندِ اللَّهِ لِيَشتَروا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَوَيلٌ لَهُم مِمّا كَتَبَت أَيديهِم وَوَيلٌ لَهُم مِمّا يَكسِبونَ (آيت : 79) |
پوءِ اُنھن لاءِ خرابي آھي جيڪي پنھنجو ھٿراڌو ڪتاب لکندا آھن، موٽي (ماڻھن کي) چوندا آھن ته ھيءُ الله وٽان (آيو) آھي ھِن لاءِ ته ان سان (دنيا جو) ٿورو ملھ وٺن، پوءِ جيڪي سندن ھٿن لکيو تنھن سببان انھن لاءِ خرابي آھي ۽ جيڪي ڪمائيندا آھن تنھن سببان (پڻ) انھن لاءِ خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ويل آهي انهن لاءِ جيڪي پنهنجي لاءِ هٿن سان ڪتاب ٺاهي چون ٿا ته هي خدا وٽان آهي (يعني اهي خدا جا حڪم آهن، حالانڪ پنهنجي مطلبن ۽ فائدن لاءِ ڪوڙيون ڳالهيون ٿا ان ۾ لکن) اهو انهيءَ لاءِ ڪن ٿا ته ان جي وسيلي دنيائي فائدن جي خسيس قيمت تي دين کي وڪڻي ڇڏين. پوءِ افسوس آهي انهيءَ تي جيڪي سندن هٿ لکن ٿا، افسوس آهي انهن تي جيڪي هو اهڙيءَ طرح ڪمائن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ عذاب آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ڪتاب کي پنهنجن هٿن سان لکي پوءِ چون ٿا هي الله تعالى جي طرفان آهي، انهيءَ لاءِ ته ان جي عيوض ٿورو مال وٺن، پوءِ عذاب آهي انهن لاءِ جيڪي انهن جي هٿن لکيو ۽ عذاب آهي انهن لاءِ جيڪي ڪجهه ڪيائون.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ انهن لاءِ خرابي آهي جيڪي پنهنجي هٿن سان ڪتاب لکي ۽ چون ٿا ته هي خدا وٽان آهي، هن لاءِ ته هن جي بدلي معمولي ملھ (دنيا جو فائدو) وٺن. پوءِ پنهنجي طرفان لکڻ ڪري انهن لاءِ خرابي آهي ۽ جيڪي اهي ڪمائن ٿا تنهن ڪري به انهن لاءِ خرابي آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ هلاڪت آهي انهن لاءِ جو لکندا آهن ڪتاب پنهنجن هٿن سان ان کان پوءِ چون ٿا ته هيءُ (لکيل) الله وٽان آهي تانته حاصل ڪن ان سان ملھ ٿورو پوءِ هلاڪت آهي انهن لاءِ سببان ان جي جو لکيو آ هٿن انهن جي ۽ هلاڪت آهي انهن لاءِ سببان ان (مال) جي جو ڪمائن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن لاءِ خرابي آهي جيڪي پنهنجن هٿن سان ڪتاب لکن ٿا. پوءِ چون ٿا ته هيءَ الله وٽان آهي، هن لاءِ ته ان جي بدلي ٿورو ملهه وٺن. پوءِ پنهنجي هٿن سان لکڻ ڪري انهن لاءِ خرابي آهي ۽ جيڪي اهي ڪمائين ٿا تنهن ڪري به انهن لاءِ خرابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ بربادي آهي انهن لاءِ جيڪي پنهنجي هٿن سان ڪتاب لکن ٿا، پوءِ (ماڻهن کي) چون ٿا ته: ”هي الله وٽان آهي“. هن لاءِ ته ان جي عيوض ٿورو ملهه ڪمائي وٺن. پوءِ انهن لاءِ بربادي آهي انهن جي هٿن جي لکئي جي سبب ۽ انهن لاءِ بربادي آهي ان (مُلهه)جي عيوض جيڪو اُهي ڪمائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن لئي ارمان!، جي لکن ليک هٿن سان، موٽي چونِ، منهن سان، هِي فائق کان فرمان، تنهن موجب ملھ ٿورو، مُلان ڪمائينِ مان، حيف اُنهن لئي، هٿ سندن، جي لکيا باب بيان، گنگھر سندن گذران، جو ڪمائينِ ڪوڙ سان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اهڙن لاءِ ويل آهي، جي پنهنجن هٿن سان ڪتاب لکي، وري چون ٿا ته ”هي الله وٽان آهي،“ هن لاءِ ته ايئن ڪري ڪجهه پئسا ڪمائين! پوءِ سندن هٿن جي لکڻ سبب به انهن لاءِ ويل آهي ۽ سندن ڪمائي سبب به هنن لاءِ ويل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ تباهي ۽ بربادي آهي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي پنهنجن هٿن سان شريعت جو لکيو لکن ٿا، پوءِ ماڻهن کي چون ٿا ته اهو الله وٽان آيو آهي تانته ان جي بدلي ڪو ٿورڙو فائدو حاصل ڪري وٺن، سندن هٿن جو اهو لکيو به انهن لاءِ تباهيءَ جو ڪارڻ آهي ۽ سندن اها ڪمائي به انهن لاءِ برباديءَ جو سبب بڻبي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هلاڪت ۽ تباهي آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي پنهنجي هٿن سان شريعت جا ڪتاب لکن ٿا پوءِ ماڻهن کي چون ٿا ته هي الله جي طرفان آيل آهي، جيئن ان جي بدلي ۾ ٿورو فائدو حاصل ڪن. هلاڪت جو سبب آهي سندن هٿن سان هي لکت به سندن تباهيءَ جو سامان آهي ۽ انهن جي اها سموري ڪمائي به(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن ٺڳ ماڻهن لاءِ تباهي ۽ بربادي آهي، جيڪي شريعت جا حڪم پنھنجي هٿ سان لکن ٿا پر ماڻهن کي چون ٿاته هي الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل آهن ته جيئن هو ٺڳيءَ سان ڪجهه معاوضو ڪمائي دنيا جو فائدو حاصل ڪن. (ياد رکو!) سندن هٿ واري ڪوڙي لکت ۽ ان جي ذريعي ڪمايل رقم، هڪ ڏينھن ضرور تباھيءَ جو سبب بڻجندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودَةً قُل أَتَّخَذتُم عِندَ اللَّهِ عَهدًا فَلَن يُخلِفَ اللَّهُ عَهدَهُ أَم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 80) |
۽ چون ٿا ته باھ ڳڻيلن ڏينھن کان سواءِ اسان کي ڪڏھن نه ڇھندي. اي (پيغمبرکين) چئو ته الله وٽان اھڙو انجام ورتو اٿوَ ڇا؟ ته الله پنھنجي انجام کي ڪڏھن نه ڦيريندو يا الله تي اڻ ڄاتو (ڪوڙ) ڳالھائيندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي يهودي چون ٿا ته جهنم جي باه اسان کي ڪڏهن به نه ڇهندي (ڇو ته اسان ئي خدا جي پياري نجات يافته قوم آهيون) جيڪڏهن کڻي باهه ۾ پئون به ته به ٿورن ڳڻيل ڏينهن لاءِ (پوءِ جنت ۾ داخل ٿينداسين، اي پيغمبر! انهن ماڻهن ڪي) چئو ته اها ڳالهه جا چئو ٿا سا (ٻن حالتن کان خالي ناهي يا ته) توهان خدا کان عهد لکائي ورتو، هاڻي ڪو عهد جي خلاف وڃي نه سگهندو يا ته خدا جي باري ۾ اهڙي ڳالهه چئو ٿا جنهن لاءِ توهان کي ڪجهه به علم ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ چيائون اسان کي هرگز باه نه لڳندي مگر ٿورا ڏينهن، اي حبيب ! توهان انهن کي فرمايو ڇا توهان الله وٽان وعدو ورتو آهي، پوءِ هرگز الله تعالى پنهنجي وعدي کي نه ڦيرائيندو ڇا الله جي لاءِ اها ڳالهه چئو ٿا جنهن جي توهان کي خبر نه آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چيائون ته اسان کي ڳڻيلن ڏينهن کان وڌيڪ باھ ڪين ڇهندي. (اي رسول ص کين) چئو ته ڇا! اوهان خدا کان ڪو انجام (اقرار) ورتو آهي جو اهو پنهنجي واعدي کان ڪڏهن به نه ڦرندو؟ يا ته خدا لاءِ اهو ڪجھ چئو ٿا جو نٿا ڄاڻو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته اصل نه ڇهندي اسان کي باھ سواءِ ڏينهن ڳڻيلن جي فرماءِ ته ڇا ورتو آهي اوهان الله کان ڪو وعدو؟ پوءِ اصل نه مخالفت ڪندو الله پنهنجي وعدي جي يا چئو ٿا الله تي جيڪي نه ٿا ڄاڻو.ڪوڙ ٿا هڻو) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته ڳڻيلن ڏينهن کان سواءِ اسان کي باهه نه ڇهندي. (اي پيغمبر ! کين) چئو ته ڇا اوهان الله وٽان ڪو انجام ورتو آهي جو الله پنهنجي انجام جي ڪڏهن به برخلاف نه ڪندو يا ته الله تي اهو ڪجهه چئو ٿا جو نه ٿا ڄاڻو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (يهودي هي به) چون ٿا ته: ”اسان کي (جهنم جي) باهه نه ڇُهندي سواءِ ڳاڻيٽي جي چند ڏينهن جي“. چؤ ته: ”ڇا اوهان الله کان (اهڙو ڪو) معاهدو وٺي ڇڏيو آهي؟ جو الله ان معاهدي جي خلاف نه ڪندو يا اوهان الله تي (اهڙو) بهتان ٻڌو ٿا جو توهان پاڻ به نه ٿا ڄاڻو“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڇُهي نه آڳ اسان کي، ڏينهن مقرر، مگر، چئو ڪِ ورتان واحد کان، اهڙو ٻول ٻيهر؟جنهن کي، ڀڃندو ڪين ڪي، پرور ڪهين پر، يا جنهن جِي، نه آن کي ڪَر، سي ٻَڌو، ڪوڙ ڪريم تي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو چون ٿا ته ”اسين دوزخ ۾ ڪن ٿورن ڏينهن کان وڌيڪ هرگز نه پونداسون،“ انهن کان پڇ ته ”ڇا، اوهان الله کان اهڙو انجام ورتو آهي، جو الله پنهنجي انجام کان نه ڦرندو، يا اوهين الله بابت اهو پيا چئو، جنهن جي ڪا خبر ڪا نه اٿوَ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي چون ٿا ته دوزخ جي باهه ته اسان کي ڪڏهن به نه ڇهندي، نه ته به کڻي ڪن ڳاڻ ڳڻين ڏينهن جي سزا ملي ته ملي. پڇين ته توهان الله کان ڪو وعدو وٺي ڇڏيو آهي ڇا، جو اهو ان جي ابتـڙ نه ڪندو؟ يا وري ڳالهه اها آهي ته الله جي کاتي ۾ اهڙيون ڳالهيون ٿا وجهو، جن بابت توهان کي ڪا خبر ئي ڪانهي ته الله انهن جو ذمو کنيو آهي يا نه؟(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هو چون ٿا ته دوزخ جي باهه اسان کي هرگز ڇهڻ واري ناهي، ها جي سزا ملي وڃي ته ڪجهه ڏينهن لاءِ. انهن کان پڇو توهان الله کان ڪوبه اهڙو عهد ورتو آهي جنهن جي خلاف ورزي هو ڪري نه سگهندو! يا اهڙيون ڳالهيون الله جي ذمي ڪريو ٿا جن جو توهان کي علم ڪونهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ وري هو چون ٿا ته جَھنَّم جي باهه، اسان جي هرگز ويجهو نه ايندي، جي آئي ته به، ٻه ٽي ڏينهن کان وڌيڪ نه. انهن کان پُڇو ته ڇا توهان الله تعالى سان (لڪ ڇپ ۾) ڪو معاهدو ڪري ورتو آهي ؟ جو هو ان جي خلاف ورزي نه ڪندو، يا وري اوهان الله تعالى جي باري ۾ اهڙي ڳالهه ڪريون ٿا، جنھن جي خود توهان کي به خبر نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَلىٰ مَن كَسَبَ سَيِّئَةً وَأَحٰطَت بِهِ خَطيـَٔتُهُ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 81) |
ھائو جن مدائي ڪمائي ۽ سندن بڇڙائي کين ويڙھي وئي سي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هرگز نه، (جنت ڪنهن خاص گروه جي ميراث ناهي) خدا جو قانون ته هي آهي ته جن به ماڻهن پنهنجي بدعملين سان برائي ڪمائي ۽ سندن گناهن هن کي گهيري ورتو سي دوزخي آهن ۽ هميشه دوزخ ۾ رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ها انهيءَ ماڻهو جنهن گناه ڪيا ۽ سندس گناه گهڻا ٿيا پوءِ اهي جهنمي آهن، اهي انهيءَ ۾ هميشه رهندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هاءُ سچ آهي ته جن بڇڙائي ڪمائي ۽ کين سندن بڇڙائي وڪوڙي وئي سي ئي ته دوزخي آهن ۽ اهي ئي ان ۾ سدائين پيا هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هائو جن ڪئي برائي ۽ ويڙهي وئي انهن کي انهن جي برائي پوءِ اهي دوزخي آهن اهي ان ۾ هميشہ رهڻ وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ائين نه آهي جن بڇڙائي ڪمائي ۽ انهن کي سندن بڇڙائي ويڙهي ويئي ته اهي دوزخي آهن. اهي ان ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هائو (واقعي) جنهن برائي ڪمائي ۽ ان جي گناهن ان کي گهيري ورتو ته اُهي (ئي) دوزخي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هائو، جنهن گمراه، ڪوئـِي بڇڙو ڪم ڪيو، پوءِ سندس گناه گھيريو، اُهي ڀاتي سندا باھ، هُوِن هميشاه، موڳا اُنهي ماڳ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هائو، جيڪو گناهه ڪندو ۽ هو گناهن ۾ ويڙهجي وڃي، ته اهڙا شخص برابر دوزخي آهن ۽ اهي ان ۾ هميشه رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا توهان کي دوزخ جي باهه ڇونه ڇهندي؟ جيڪو به بــَـدي ڪمائيندو ۽ پنهنجي خطائن ۾ وڪوڙيل هوندو، اهڙا شخص دوزخي آهن ۽ اهي دوزخ ۾ هميشه رهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر توهان کي دوزخ جي باهه ڇو نه ڇهندي؟ ۽ جيڪي به برائي ڪندا ۽ پنهنجي ڏوهن جي چڪر ۾ رهندا، پوءِ اهي دوزخي آهن ۽ هميشھ ان ۾ رهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هي فيصلو ٿِيل آهي ته) جيڪو ماڻهو بري عمل جي پويان لڳندو رهيو، ته اهو برو عمل سندس ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو. اهڙا ئي بري ڪردار وارا ماڻهو جَھنَّمِي آهن ، جنهن ۾ هو هميشه رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 82) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن به ماڻهن (سچو) ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا، اهي جنتي جماعت ۾ هوندا ۽ هميشه جنت ۾ رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا اهي جنتي آهن، اهي انهي جنت ۾ هميشہ رهندڙ آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي ئي جنتي آهن ۽ ان ۾ هميشه هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون چڱا ڪم اهي جنتي آهن اهي ان ۾ هميشہ رهڻ وارا آهن . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڳا ڪم ڪيا سي ئي جنتي آهن. اهي ان ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون اهي جنتي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آندو جن ايمان، ۽ چڱا ڪيائون ڪمڙا، اُهي جنّت جا جوان، هونِ هميشه اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، اهي بهشتي آهن ان ۾ هميشه رهندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ نيڪ عمل ڪندا اهي ئي جنتي آهن ۽ جنت ۾ اهي هميشه رهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن شخصن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اهي جنتي آهن، ۽ هميشھ ان ۾ رهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ها! باقي جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اهڙا نيڪ ڪردار وارا ماڻهو جَنَّتِي آهن ، جنهن ۾ هو هميشه رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ لا تَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسانًا وَذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَقولوا لِلنّاسِ حُسنًا وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ ثُمَّ تَوَلَّيتُم إِلّا قَليلًا مِنكُم وَأَنتُم مُعرِضونَ (آيت : 83) |
۽ جڏھن بني اسرائيلن کان انجام ورتوسين ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، ۽ ماءُ پيءُ ۽ مِٽن ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن سان چڱائي ڪريو ۽ ماڻھن سان مِٺو ڳالھايو ۽ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو، وري اوھان منجھان ٿورن کانسواءِ (سڀ) ڦِري ويؤ ۽ اوھين منھن موڙيندا ھيؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (وري اهو وقت ياد ڪيو) جڏهن اسان بني اسرائيلن کان عهد ورتو هو ته الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪندؤ، ماءُ پيءُ سان احسان (چڱايون) ڪندؤ ۽ پڻ مائٽن يتيمن ۽ مسڪينن سان نيڪيون ۽ مددگاريون ڪندؤ، سڀني انسانن سان تمام سهڻي نموني گفتگو ڪندؤ ۽ نمازقائم ڪندؤ ۽ زڪوات ادا ڪندؤ (ايمان ۽ عمل اهوئي آهي) پر توهان انهيءَ عهد تي قائم نه رهيو ۽ سواءِ ڪن ٿورن جي، ابتڙ چال هليو ۽ (سچ هي آهي ته) توهان هدايت کان قطعي منهن موڙي ڇڏيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اسان بني اسرائيل کان وعدو ورتو ته الله تعالى کانسواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريو، ۽ پيءُ ماءُ سان ۽ مائٽن سان ۽ يتيمن سان ۽ مسڪينن سان احسان ڪريو ۽ ماڻهن سان سهڻو ڳالهايو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ادا ڪريو، انهيءَ کان پوءِ توهان ڦري ويا مگر ٿورڙا توهان مان ۽ توهان مُنهن موڙيندڙ هئا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان (توهان جي وڏن) بني اسرائيلن کان انجام ورتو هيو ته خدا کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪريو پڻ مائٽن ۽ يتيمن ۽ محتاجن (سان به) نيڪ سلوڪ ڪريو ۽ ماڻهن سان چڱي طرح (نرميءَ) سان ڳالهايو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو، پوءِ اوهان مان ٿورن کانسواءِ (سڀ) ڦري ويا. ۽ اوهين آهيو به انجام اقرار کان منهن موڙيندڙ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن ورتو اسان پڪو وعدو بني اسرائيل کان ته نه بندگي ڪندؤ ڪنهن جي الله کان سواءِ ۽ ڀلائي ڪندؤ ماءُ پيءُ سان ۽ مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن سان ۽ ڳالهايو ماڻهن سان سهڻي نموني ۽ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيو زڪواة ان کان پوءِ ڦري ويئو مگر ٿورا اوهان مان ۽ اوهان منهن موڙيندڙ آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان بني اسرائيلن کان انجام ورتو ته الله کان سواءِ (ٻئي ڪنهن جي) عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪريو ۽ مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن (سان به) ۽ ماڻهن کي چڱي ڳالهه چئو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو. وري اوهان مان ٿورن کان سواءِ ٻيا (سڀ) ڦري ويا. ۽ اوهين آهيو (به) منهن موڙيندڙ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان بني اسرائيل (يعني يعقوب جي اولاد) کان پڪو انجام ورتو هيو ته الله کان سواءِ ڪنهن جي پوڄا نه ڪجو ۽ پيءُ ماءُ سان احسان ڪجو ۽ رشتيدارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن سان (ڀلائي ڪجو) ۽ سڀ ماڻهن سان سهڻو ڳالهائجو ۽ نماز قائم رکجو ۽ زڪواة ڏيندا رهجو. پوءِ اوهان (ان انجام تان) ڦِرِي ويئو سواءِ اوهان مان ٿورڙن ماڻهن جي ۽ اوهان (اڄ تائين حق کان) مُنهن موڙيندڙ آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اسرائيل جي اولاد کان، وعدو ورتو سون، جنهن وار، ته ٻي جِي ٻانهپ، ڪيم ڪجا، هيڪ ڌڻي کان ڌار، ۽ ماءُ پيءُ سان موچارئـِي، پڻ سڳن سارسنڀار، ۽ يارِي يتيمن سان، ۽ اَڀرن کي آڌار، ۽ چڱي چئو ماڻهين، پڻ نيت ساڻ نبار، ۽ نماز پڙهو، زڪوٰة ڏيو؛ پوءِ ٻاهر ٿيا ٻيهار، اوهان مان امر ڪنان، ڪن ٿورن سڳورن ڌار، ۽ حڪمن کان هيڪار، اوهين انڪاري آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪريو، جڏهن اسان يهودين کان پڪو انجام ورتو ته ”الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪجو ۽ ماءُ، پيءُ خواهه عزيزن، يتيمن ۽ مسڪينن سان چڱي طرح هلجو ۽ ماڻهن کي چڱائي چوندا رهو. نماز قائم رکو ۽ زڪوات ڏيندا رهو. تڏهن به اوهان مان ڪن ٿورن کانسواءِ ٻيا ڦري ويا ۽ اوهين آهيو ئي منهن موڙيندڙ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو، اسرائيل جي اولاد کان اسان پڪو وعدو ورتو هو ته الله کانسواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪجو، ماءُ پيءُ سان، مٽن مائٽن سان، يتيمن ۽ مسڪينن سان سهڻو سلوڪ ڪجو، ماڻهن کي ڀلي ڳالهه چئجو، نماز قائم ڪجو ۽ زڪواة ادا ڪجو. مگر ٿورڙن ماڻهن کانسواءِ توهان سڀئي انهيءَ وعدي کان ڦري ويئو ۽ هاڻي تائين ڦريل آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ياد ڪريو) جڏهن اسان پڪو وعدو ورتو هو اسرائيل جي اولاد کان ته نه ڪنداڪنهن جي به عبادت سواءِ الله جي، ۽ والدين سان احسان ڪندا، ۽ رشتيدارن سان، ۽ يتيمن ۽ مسڪينن سان به نيڪ ورتاءُ ڪندا ۽ ماڻهن سان به حسن سلوڪ ڪندا ۽ نماز قائم ڪندا ۽ زڪواة ڏيندا، پر توهان سڀ انهيءَ عهد تان ڦري ويا ٿورن کان سواءِ ۽ اڃا تائين ڦريل آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن اسان بني اسرائيل کان پڪو وعدو ورتو، ته توهان صرف الله تعالى جي عبادت ڪندا، ماءُ پيءُ، مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن سان سھڻو سلوڪ ڪندا ۽ سڀني ماڻهن سان سھڻي طريقي سان ڳالهائيندا، نماز قائم ڪندا ۽ زڪوات ادا ڪندا ته ان ڳالهه تي ٿورن ماڻهن کانسواءِ باقي سڀ جا سڀ، ان وعدي تان ڦري ويا (توهان جي عملن مان اڃا به اهو ظاهر آهي) ته توهان اڳتي به ڦريل ئي رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم لا تَسفِكونَ دِماءَكُم وَلا تُخرِجونَ أَنفُسَكُم مِن دِيٰرِكُم ثُمَّ أَقرَرتُم وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 84) |
۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسون ته پنھنجا خون نه ڪندؤ ۽ نڪي پنھنجي قوم کي پنھنجن ديسن مان لڏائيندؤ پوءِ باسيوَ ۽ (ان جا) اوھين گواھ آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (وري هي به ياد ڪيو ته) اسان توهان کان عهد ورتو هو ته هڪ ٻئي جو خون نه وهائيندؤ ۽ نه پنهنجي ماڻهن کي ملڪ نيڪالي ڏيندؤ. توهان اهو اقرار ڏنو هو ۽ توهان هاڻي به اها ڳالهه قبول ڪيو ٿا (ته توهان برابر اهو عهد اقرار ڪيو هو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اسان توهان کان وعدو ورتو ته پاڻ ۾ خونريزي نه ڪريو ۽ پنهنجن کي پنهنجن ڳوٺن مان نه ڪڍو پوءِ توهان اقرار ڪيو ۽ توهان پاڻ شاهد هئا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان (جي وڏن) کان انجام ورتو هو ته پاڻ ۾ خونريزي نه ڪجو ۽ پنهنجن کي (شهر مان) دربدر نه ڪجو ته توهان (جي وڏن) اقرار ڪيو هو ۽ اوهان به اهڙي شاهدي ڏيو ٿا (ته برابر آهي) (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن ورتوسون اوهان کان پڪو وعدو ته نه هاريندؤ پنهنجن رتن کي ۽ نه ڪڍندؤ پنهنجن سرن کي پنهنجن گهرن مان پوءِ اقرار ڪَيُوَ ۽ اوهان شاهدي ڏيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کان انجام ورتو ته پنهنجا رت نه وهائيندو ۽ نڪي پاڻ کي پنهنجن گهرن مان ڪڍندئو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو)جڏهن اسان اوهان کان پڪو انجام ورتو هيو ته توهان هڪ ٻئي جو رت نه هاريندؤ ۽ پنهنجي ماڻهن کي گهرن کان (بي گهر ڪري) نه ڪڍندئو پوءِ اوهان ان (ڳالهه) جو اقرار به ڪيو ۽ اوهان خود ان جي شاهدي (به) ڏيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ورتوسون واعدو، مقرر اوهان جو مور، ته رت پنهنجن جا پاڻهين، نه واهيندا وهلور، ۽ نه ڪندنِ، ڪنهن جو طرف وٺِي ، ديس پنهنجي کان دور، پوءِ مِڙئي ڪيان منظور، ۽ سامهون بيٺا ساک ڏيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪريو، جڏهن اسان اوهان کان پڪو انجام ورتو ته ”اوهين خونريزي نه ڪجو ۽ هڪ ٻئي کي ملڪ مان نه ڪڍجو،“ پوءِ اوهين شاهد آهيو ته اوهان اهو قبول ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري ياد ڪريو، اسان توهان کان وعدو ورتو هو ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي جو رت نه وهائجو ۽ نڪي هڪ ٻئي کي گهرن کان بيدخل ڪجو، توهان ان ڳالهه جو اقرار ڪيو هو، توهان پاڻ انهيءَ ڳالهه جا شاهد آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري ياد ڪريو، اسان توهان کان پڪو عهد ورتو هو، ته نه وهائيندؤ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جو خون ۽ نه هڪ ٻئي کي گهرن کان بي گهر ڪندؤ، توهان ان جو اقرار به ڪيو هو ۽ خود ان تي شاهد به آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن اسان توهان کان پڪو وعدو ورتو هو، ته اوهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي ناحق قتل نه ڪندا ۽ نه هڪ ٻئي کي گهرن مان ڪڍي بي گهر ڪندا، توهان ان وعدي کي پورو ڪرڻ جو اقرار به ڪيو هو، ان وعدي جا توهان (اڃا به) شاهد آهيو.(۽ اهو وعدو اڄ به توهان کي چڱيءَ طرح ياد آهي) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ أَنتُم هٰؤُلاءِ تَقتُلونَ أَنفُسَكُم وَتُخرِجونَ فَريقًا مِنكُم مِن دِيٰرِهِم تَظٰهَرونَ عَلَيهِم بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَإِن يَأتوكُم أُسٰرىٰ تُفٰدوهُم وَهُوَ مُحَرَّمٌ عَلَيكُم إِخراجُهُم أَفَتُؤمِنونَ بِبَعضِ الكِتٰبِ وَتَكفُرونَ بِبَعضٍ فَما جَزاءُ مَن يَفعَلُ ذٰلِكَ مِنكُم إِلّا خِزىٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ القِيٰمَةِ يُرَدّونَ إِلىٰ أَشَدِّ العَذابِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 85) |
(تنھن کان) پوءِ اوھين اھڙا ٿيا آھيو جو پنھنجي قوم کي ڪُھو ٿا ۽ پنھنجي قوم مان ھڪ ٽوليءَ تي ايذاء ۽ ڏاڍ ڪرڻ لاءِ (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي مدد ڏئي کين سندن ديس مان لڏايو ٿا، ۽ جيڪڏھن (ڪي) باندي ٿي اوھان وٽ ايندا آھن ته چَٽي ڀري کين ڇڏائيندا آھيو ھن ھوندي جو اُھو سندن لوڌڻ اوھان تي حرام ٿيل آھي، پوءِ ڇاکون ڪي (حڪم) ڪتاب (توريت) جا مڃيندا آھيو ۽ ڪي نه مڃيندا آھيو؟ پوءِ اوھان مان جيڪو اھڙو ڪم ڪري تنھن جي سزا دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ کانسواءِ ڪانه آھي، ۽ قيامت جي ڏينھن سخت عذاب ڏانھن ورايا ويندا، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر وري ڏسو ته سهي ته اوهان اهي ئي ساڳيا (جن عهد اقرار ڏنو، هاڻي ان عهد اقرار جي خلاف) هڪ ٻئي کي قتل ٿا ڪيو ۽ هڪڙي ڌر وارا ظلم ۽ گنهگاري جي ڪم لاءِ ٻڌي ۽ مددگاري ڪري ٻيءَ ڌر وارن مان ڪن کي پنهنجي وطن مان نيڪالي ٿا ڏيو. پر وري جڏهن اهي ئي جلا وطن ڪيل ماڻهو (دشمن جي هٿ چڙهي) قيدي ٿي توهان وٽ اچن ٿا ته توهان فديه (عيوضو) ڏيئي انهن کي ڇڏايو ٿا (۽ چئو ٿا ته اسان جي شريعت موجب ائين ڪرڻ ضروري آهي) حالانڪ (جيڪڏهن شريعت تي هلڻ جو اوهان کي اونو آهي ته شريعت موجب) اوهان لاءِ هيءَ ڳالهه به حرام هئي جو اوهان هنن کي جلاوطن ڪيو. (ڇا پنهنجي مطلبن حاصل ڪرڻ لاءِ) ڪتاب جي ڪن ڀاڱن تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ڪن ڀاڱن کان انڪار ٿا ڪيو. پوءِ ٻڌايو ته اوهان مان جن جا افعال اهي آهن تن کي انهن بدافعالن جي بدلي ۾ هن کان سواءِ ٻيو ڇا حاصل ٿي سگهندوته دنيا ۾ ذلت ۽ خواري ٿئين ۽ قيامت جي ڏينهن سخت ۾ سخت عذاب ملين ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ اوهان جي عملن کان غافل ناهي (هو ضرور عملن جي جزا ڏيندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان پنهنجن کي قتل ڪيو ۽ توهان مان هڪ ٽولي پنهنجن کي سندن گهرن مان ڪڍيو ۽ توهان هڪ ٻئي جي مدد ڪئي گناه ۽ زيادتي تي، ۽ جيڪڏهن اهي توهان وٽ قيدي ٿي اچن ٿا ته کائُن چَٽِي ڀرايو ٿا ۽ توهان تي انهن جو ڪڍڻ حرام هو، ڇا پوءِ ڪن حُڪمن کي مڃو ٿا ۽ ڪن حڪمن جو انڪار ڪريو ٿا، پوءِ ناهي جزا جيڪو اوهان مان ايئن ڪري ٿو مگر خواري، دنيا جي حياتي ۾، ۽ قيامت جي ڏينهن سخت عذاب ڏانهن موٽايا ويندا، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان بيخبر نه آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اوهين اهي آهيو جو پاڻ ۾ خونريزي ڪريو ٿا ۽ پنهنجن مان هڪ جماعت جو ناحق ۽ ڏاڍ سان حمايتي ٿي ٻيءَ (جماعت) کي شهر مان ڪڍي دربدر ڪريو ٿا ۽ (وڏي ڳالھ ته) جيڪڏهن اهي ماڻهو قيدي ٿي اوهان وٽ (مدد گهرڻ) اچن ٿا ته ڀونگو ڏيئي کين ڇڏايو ٿا، هوڏانهن انهن کي (سندن گهرن مان) ڪڍڻ ئي اوهان تي حرام ڪيل هو. ته پوءِ ڇا اوهين (خدا جي ڪتاب مان ڪجھ ڳالهين تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ڪن کي نٿا مڃو؟! پوءِ جيڪو اوهان مان ائين ڪندو تنهن جي سزا ان کانسواءِ ٻئي نه آهي جو دنيا جي حياتيءَ ۾ ته خواري ۽ (نيٺ) قيامت جي ڏينهن انهن کي تمام سخت عذاب ڏي موٽايو ويندو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا غافل نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ اوهان ئي اهي آهيو جيڪي پنهنجن کي قتل ڪيو ٿا ۽ ٻاهر ڪڍو ٿا هڪ جماعت کي پاڻ مان انهن جي گهرن مان.دد ڪيو ٿا انهن جي مٿان گناھ ۽ ظلم سان ۽ جيڪڏهن اچن ٿا اوهان وٽ قيدي بنجي ته فديو ڏئي ڇڏايو ٿا انهن کي حالانڪ اهو حرام ڪيل آهي اوهان تي انهن جو ڪڍڻ ڇا پوءِ مڃيو ٿا بعض ڪتاب کي ۽ نه ٿا مڃيو بعض کي؟ پوءِ ناهي جزا ان جي جو ڪري ٿو ائين اوهان مان سواءِ خواريءَ جي دنيا جي حياتيءَ ۾ ۽ قيامت جي ڏينهن موٽايا ويندا سخت عذاب ڏانهن ۽ نه آهي الله بي خبر ان کان جو ڪندا آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهان (ان موجب هلڻ جو) اقرار ڪيو ۽ اوهين (هاڻ به ان جي) شاهدي ڏيو ٿا. وري اوهين اهي آهيو جو پاڻ کي قتل ڪريو ٿا ۽ پاڻ مان ڪنهن جماعت کي سندن گهرن مان ڪڍو ٿا (۽) انهن تي (ظلم ڪرڻ ۾ ) گناهه ۽ زيادتي ڪرڻ سان هڪ ٻئي جي مدد ڪريو ٿا ۽ جيڪڏهن اهي قيدي ٿي اوهان وٽ اچن ٿا ته عوض ڏيئي کين ڇڏايو ٿا هوڏانهن انهن کي (سندن گهرن مان) ڪڍڻ اوهان تي حرام آهي. ڇا پوءِ ڪجهه ڪتاب تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ڪجهه (ڪتاب) کي نه ٿا مڃيو. پوءِ جيڪو اوهان مان اهو ڪم ڪري ٿو تنهن جي سزا دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ کان سواءِ ٻي ڪهڙي آهي. ۽ قيامت جي ڏينهن انهن کي سخت عذاب ڏي موٽايو ويندو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اوهان اُهي ئي ته آهيو جي پنهنجن کي قتل ڪيو ٿا ۽ پنهنجن مان هڪ ٽولي کي گهرن مان ڪڍو ٿا، ڏوهه ۽ ڏاڍ سان انهن تي چڙهائي ڪيو ٿا. ۽ جيڪڏهن اوهان وٽ قيد ٿي اچن ٿا ته انهن جو فديو ڏئي ڇڏايو ٿا حالانڪه انهن کي (وطن کان) ڪڍڻ توهان تي حرام ڪيو ويو هيو. ڇا پوءِ اوهان ڪتاب جي ڪجهه حصن کي مڃو ٿا ۽ ڪجهه حصن جو انڪار ڪيو ٿا؟ ته پوءِ اوهان مان جيڪو ائين ڪري ان جي ڇا سزا ٿي سگهي ٿي؟ سواءِ هن جي جو (ان لاءِ) دنيا جي زندگي ۾ ذلت هجي ۽ قيامت واري ڏينهن زور سخت عذاب ڏانهن موٽايا وڃن. ۽ الله بي خبر نه آهي انهن عملن کان جيڪي اوهان ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پاڙي مان پنهنجي، پئا ڪن کي، ماريو مور، ۽ ڪا ٻارِي پنهنجي، ٻاهر ڪريو، ديس سندن کان دور، مٿن مدد مغرور!، ڏيو پئا، ڏوه ۽ گناھ سان. ۽ جي اچن اوهان وٽ، قيد ٿِي، ته بدلو ڏيو بدنام! ڪڍڻ اوهان تي، انهن جو، هوڏانهن آھِ حرام، پوءِ مڃيو ڪجھ ڪتاب مان؛ ۽ ڪجھ ڪتاب جا احڪام، مورک نه مڃيو مورهين؛ پوءِ ان لئي، نه ٻي انعام، جيڪو اوهان مان، ائين ڪندو، مگر آھِ مدام، لاڪسِ جُٺ جھان ۾ ۽ ڪاهِبُنِ ڏينهن قيام، وري سزا سخت ڏي؛ ۽ جي ڪريو ڪم تمام، آگو رب علام، ويل نه اُن کان، ويسلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري به اوهين ئي آهيو، جو پنهنجي قوم کي قتل ڪريو ٿا، پاڻ مان هڪ ٽولي کي سندن ملڪ مان ٻاهر ڪڍو ٿا ۽ انهن جي مقابلي ۾ ظلم ۽ زيادتي سان مدد ڪريو ٿا. وري جي هو قيدي ٿي اچنوَ ٿا ته ڏنڊ ڀري کين ڇڏايو ٿا، پر اوهان تي ته هنن جو گهرن مان ڪڍڻ به حرام هو! ڇا، اوهين ڪتاب مان ڪجهه مڃيو ٿا ۽ ڪجهه نٿا مڃيو؟ پوءِ جيڪو اوهان مان اهڙو ڪم ڪري، ان لاءِ انهيءَ کانسواءِ ٻي ڪهڙي سزا ٿي سگهي ٿي، جو دنيا جي حياتيءَ ۾ خواري، ۽ قيامت ڏينهن اهڙن کي سخت عذاب ڏانهن ڌڪيو ويندو. جيڪي ڪم اوهين ڪريو ٿا، الله انهن کان غافل نه آهي. )) اهي ئي شخص آهن، جن آخرت جي بدلي دنيا جي حياتي کي ورتو، تنهن ڪري نڪي مٿن عذاب گهٽائبو، نڪا مدد ملندين.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر اڄ اهي ئي توهان آهيو جو پنهنجي برادريءَ وارن کي قتل ٿا ڪريو ۽ انهن مان ڪن ماڻهن کي بي گهر ٿا ڪري ڇڏيو، ظلم ۽ ڏاڍ سان انهن جي برخلاف ٻــَـڌي ٿا ڪريو ۽ جڏهن هو جنگ ۾ پڪڙجي توهان وٽ اچن ٿا ته انهن کي ڇڏائڻ لاءِ هڪ ٻئي کي تاوان ٿا ڏيو، جڏهن ته کين سندن گهرن مان ڪڍڻ ئي توهان تي حرام ڪيل هو. ته ڇا توهان ڪتاب جي ڪنهن حـصي تي ايمان ٿا آڻيو ۽ ڪنهن حـصي کان انڪار ٿا ڪريو؟ پوءِ توهان مان جيڪي ماڻهو ائين ڪن انهن جي سزا انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪهڙي آهي ته دنيا جي زندگيءَ ۾ ذليل ۽ خوار ٿي رهن ۽ آخرت ۾ تمام سخت عذاب ڏانهن لاڙيا وڃن؟ الله انهن حرڪتن کان اڻ واقف نه آهي، جيڪي توهان ڪري رهيا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر اڄ توهان اهي ئي آهيو جو پنهنجن ڀائرن کي قتل ڪريو ٿا ۽ برادريءَ جي ڪجهه ماڻهن کي بي گهر ڪريو ٿا. انهن جي خلاف ظلم ۽ زيادتيءَ سان ٽولا به ٺاهيو ٿا، ۽ جهيڙي ۾ پڪڙجي توهان وٽ اچن ٿا، ته کين ڇڏڻ لاءِ فديي (ڀُنگ) جي ڏي وٺ ڪريو ٿا، جڏهن ته انهن کي گهرن مان ڪڍڻ توهان تي حرام هو، ته ڇا ايمان آڻيو ٿا ڪتاب جي هڪ حصي تي ۽ ٻئي سان ڪفر ڪريو ٿا! ته پوءِ توهان مان جيڪي ائين ڪندا، انهن جي سزا ان کان سواءِ ڇا ٿي سگهي ٿي ته ذليل ۽ خوار ٿي رهن دنيا جي حياتيءَ ۾، ۽ آخرت ۾ ڦيرايا وڃن سخت ترين عذاب ڏانهن، الله توهان جي انهن حرڪتن کان بي خبر ناهي جيڪي ڪريو پيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اوهان پنھنجي ڪيل وعدي کي آڏو رکي ڏسو) پوءِ توهان اهي ته آهيو، جو پنھنجي ڀائرن کي قتل ڪريو ٿا ، هڪ ٻئي کي گهرن مان ڪڍي بي گهر به ڪريو ٿا، مظلومن تي اڃا به وڌيڪ ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ لاءِ، پاڻ ۾ ٻڌي ڪري رٿابندي به ڪريو ٿا ۽ جڏهن هو اوهان جي دشمنن جي هٿ اچي وڃن ٿا ته اوهان انهن کي فديو ڏيئي ڇڏرايو ٿا ۽ انهن کي فديو ڏيئي ڇڏرائڻ شريعت مطابق ضروري به سمجهو ٿا، حالانڪ انهن (ويچارن) کي پنھنجي گهرن مان ڪڍڻ ئي اصل ۾ اوهان تي حرام هو. (ڳالهه صاف ظاهر آهي) ته توهان ڪتاب جي ڪجهه حصي تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ڪجهه حصي جو انڪار ڪريو ٿا. اوهان مان جيڪي ايئن ڪن ٿا، تن جي سزا ان کانسواءِ ٻئي ڪهڙي هجي جو اهڙي ڪردار وارا ماڻهو دنيا جي زندگيءَ ۾ ذليل ۽ خوار ٿين ۽ آخرت ۾ وري سخت عذاب لاءِ آندا وڃن. (يھوديو!) جيڪي چالاڪيون توهان ڪريو ٿا، تن کان الله تعالى هڪ لمحو به بي خبر نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 86) |
اِھي اُھي آھن جن آخرت جي بدران دنيا جي حياتي ڳڌي، پوءِ کانئن عذاب ھلڪو نه ڪيو ويندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ئي ماڻهو آهن جن آخرت جي زندگي ڏيئي (پاڻ کي برباد ڪري) هن دنيا جي (ذلت جي) زندگي خريد ڪئي آهي هنن جي عذاب ۾ ڪجهه به گهٽتائي نه ڪئي ويندي ۽ نه هنن کي ڪا مدد ملندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن آخرت جي عيوض دنيا جي حياتي خريد ڪئي، پوءِ انهن جي مٿان نه عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهي آهن جن دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي عيوض ورتو پوءِ نه انهن کان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي ڪا مدد پهچندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي ئي شخص آهن جن خريد ڪيو حياتيءَ دنيا واريءَ کي عوض آخرت جي پوءِ نه هلڪو ڪيو ويندو انهن تان عذاب ۽ نه اهي مدد ڪيا ويندا . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي اُهي آهن جن دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي بدلي ۾ ورتو پوءِ نه انهن کان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي ڪا مدد پهچندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن آخرت وڪڻي ان جي عيوض دنيا جي زندگي خريد ڪئي پوءِ انهن تان نه ته عذاب هلڪو ڪيو ويندو نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن، وڪڻِي آخرت، ورتي حياتي هِي، پوءِ گھڻو ڪين گھٽائبو، اُنهن تان ساڙ صحِي، ۽ ايندو ڪونه ڪِهِي، ڪو وانگي، سندن واهرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ئي شخص آهن، جن آخرت جي بدلي دنيا جي حياتي کي ورتو، تنهن ڪري نڪي مٿن عذاب گهٽائبو، نڪا مدد ملندين.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي اهي ماڻهو آهن، جن آخرت وڪڻي دنيا جي زندگي خريد ڪئي آهي، تنهنڪري نڪي سندن سزا ۾ ڪا هلڪائي ٿيندي ۽ نه انهن کي ڪا مدد ملي سگهندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي ماڻهو آهن، جن آخرت وڪڻي دنيا جي حياتي خريد ڪئي آهي، ان ڪري نه انهن جي عذاب ۾ ڪمي ايندي ۽ نه انهن کي ڪا مدد ملندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اهي ئي ماڻهو آهن، جن (دنيا داريءَ جي نشي ۾ اچي) آخرت جي مقابلي ۾ دنيا جي زندگي خريد ڪئي آهي، تنھن ڪري سندن عذاب ۾ ڪنھن به قسم جي گهٽتائي نه ڪئي ويندي ۽ نه ئي کين ڪٿان ڪا مدد ملي سگهندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَقَفَّينا مِن بَعدِهِ بِالرُّسُلِ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ أَفَكُلَّما جاءَكُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُكُمُ استَكبَرتُم فَفَريقًا كَذَّبتُم وَفَريقًا تَقتُلونَ (آيت : 87) |
۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون ۽ اُن کان پوءِ (ٻيا) پيغمبر ھڪ ٻئي پٺيان موڪلياسون، ۽ عيسىٰ پٽ مريم کي پڌرا مُعجزا ڏناسون ۽ کين پاڪ روح سان مدد ڏني سون، پوءِ جڏھن به ڪنھن پيغمبر اوھان وٽ اُھي حُڪم آندا ٿي جن کي اوھان جي دلين نٿي گھريو تڏھن اوھان (ان جي مڃڻ کان) وڏائي ڪئي، پوءِ (پيغمبرن جي) ھڪ ٽولي کي ڪُوڙو ڄاتوَ، ۽ ٻئي کي ڪُٺَوَ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً اسان حضرت موسيٰ کي ڪتاب (تورات) ڏنو. حضرت موسيٰ کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان رسول موڪلياسين ۽ حضرت عيسيٰ ابن مريم کي (سندن پيغمبري جي سچائي ۽ ثبوت جون) چٽيون نشانيون ڏنيوسين ۽ روح القدس (حضرت جبرائيل يا پاڪ وحي) جي کيس تائيد ڏني سين، پر توهان جي هميشه اهائي عادت رهندي ڇا جو جڏهن ڪوبه رسول توهان وٽ اهڙا حڪم کڻي اچي جي توهان جي نفساني خواهشن جي خلاف هجن تڏهن تڏهن توهان تڪبر ڪيو، ڪن کي ڪوڙو ڪوٺيو ته ڪن کي قتل ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان موسى کي تورات ڏنو ۽ انهيءَ کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان رسول موڪلياسين ۽ اسان عيسى پٽ مريم کي چٽيون نشانيون ڏنيون ۽ جبريل سان ان جي مدد ڪئي سين ته ڇا پوءِ جڏهن توهان وٽ ڪو پيغمبر اهي حڪم کڻي اچي ٿو جيڪي اوهان کي پسند نه آهن، توهان تڪبر ڪريو ٿا پوءِ توهان ڪن پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو ۽ ڪيترن کي شهيد ڪيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان موسى کي ڪتاب (توريت) ڏنو ۽ ان کان پوءِ ( هڪ ٻئي) پٺيان رسول موڪلياسون. ۽ مريم جي پٽ عيسى کي ظاهر نشانيون ڏنيون ۽ ان کي پاڪ روح سان طاقت ڏني سون. ڇا پوءِ جڏهن به ڪنهن رسول اوهان وٽ اوهان جي نفساني خواهش جي خلاف ڪو به حڪم آندو ته اوهان وڏائي ڪئي ۽ اوهان ڪن پيغمبرن کي ته ڪوڙو ڪيو ۽ ڪن کي ڪهي ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ ڏنو سون موسى کي ڪتاب ۽ هڪ ٻئي جي پويان موڪلياسون ان کان پوءِ رسول ۽ ڏناسون عيسى بن مريم کي چٽا دليل ۽ تائيد ڪئي سون ان جي جبريل سان ڇا پوءِ جڏهن به آندو اوهان وٽ رسول اهڙو حڪم جو نه ٿا پسند ڪن نفس اوهان جا ته وڏائي ڪَيَوَ پوءِ هڪ ٽولي کي ڪوڙو چَيُوَ ۽ ٻئي ٽولي کي شهيد ڪَيُوَ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو ۽ ان کان پوءِ (هڪ ٻئي) پٺيان رسول موڪلياسون. ۽ اسان مريم جي پٽ عيسيٰ کي ظاهر نشانيون ڏنيون ۽ ان کي پاڪ روح سان طاقت ڏني سون. ڇا پوءِ جڏهن به ڪنهن رسول اوهان وٽ اهو ڪجهه آندو جنهن کي اوهان جا نفس پسند نه ٿا ڪن ته اوهان وڏائي ڪئي پوءِ هڪ جماعت کي اوهان ڪوڙو ڪيو ۽ هڪ جماعت کي قتل ڪيوَ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بي شڪ اسان موسى کي ڪتاب (تورات) ڏنو ۽ ان کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان رسول موڪليا ۽ اسان عيسى پُٽ مريم کي پڌريون نشانيون ڏنيون ۽ اسان پاڪ روح جي ذريعي ان جي مدد ڪئي. ته ڇا (ائين نه ٿيو جو) جڏهن به ڪو رسول اوهان وٽ اِهي (احڪام) کڻي آيو جن کي اوهان جي نفسن پسند نه ڪيو ته توهان وڏائي ڪئي، پوءِ اوهان هڪڙن کي ڪوڙو چيو ۽ هڪڙن کي قتل ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تورات ڏنوسون توڙ کان، موسٰى کي، مهتر، لاياسون قطار ڪري، پٺيانسِ پيغمبر، ۽ عجائب عيٰسى، مريم جي کي، بخشياسون بهتر، ٻئو ڏنوسونِس ٻَر، ان کي، پاڪ رُوح سان. پوءِ ڇا؟ پيغمبر، جڏهن به، اوهان وٽ آئيو، ته جا گُـھرن، نه جِئَ اوهان جا، کڻي ساخبر، ته لڳا پڏائڻ پاڻ کي، ڪيان طبل تڪبر، پوءِ ڪنهن ٻارِئَ کي ٻوليان ، جوٺو ساڻ جبر، ۽ ڪي مُرسل معتبر، مفت ماريَو منڪرو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو، ان کانپوءِ هڪ ٻئي پٺيان رسول موڪلياسون ۽ مريم جي پٽ عيسيٰ کي معجزا ڏناسون ۽ پاڪ روح سان سندس مدد ڪئي سون. ڇا (ايئن ناهي) جو جڏهن ڪو رسول اوهان جي مرضي جي ابتڙ ڪو ڪم وٺي ٿي آيو) ۽ ته اوهان هٺ ٿي ڪيو؟ جو منجهائن هڪڙن کي ته ڪوڙو ڪيوَ ۽ ٻين کي قتل ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو هو، ساندهه پئي هڪ ٻئي پٺيان رسول موڪلياسين، پوءِ وري عيسيٰ پٽ مريم جي کي پڌريون نشانيون ڏئي موڪليو ۽ پاڪ روح سان سندس مدد ڪئي، پوءِ اها توهان جي ڪهڙي ريت آهي جو جڏهن به ڪو رسول توهان جي پنهنجن خواهشن جي ابتـڙ ڪا شيءِ کڻي توهان وٽ آيو ته توهان سندس مقابلي ۾ سرڪشي ڪئي، ڪنهن کي ڪوڙو سڏيوَ ته ڪنهن کي ماري ڇڏيوَ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ عطا ڪيوسين موسيٰ کي ڪتاب ۽ ان بعد هڪ ٻئي پٺيان رسول موڪليا ۽ آخرڪار عيسيٰ پٽ مريم کي موڪليو روشن نشانين سان ۽ پاڪ روح سان سندس مدد ڪئي، پوءِ توهان جو هي ڪهڙو ڍنگ آهي جو جڏهن به ڪو رسول توهان جي نفس خلاف ڪا شيءِ کڻي توهان وٽ آيو ته سندس مقابلي ۾ سرڪشي ڪئي، ڪنهن کي ڪوڙو چيو ڪنهن کي قتل ڪيو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان موسى (ؑ) کي ڪتاب ڏنو ۽ ان کان پوءِ لڳاتار هڪ ٻئي پٺيان (پنھنجا) رسول موڪليا، ايستائين جو عيسى پٽ مريم کي (ڪجهه) معجزا ڏئي موڪليو ۽ پاڪ روح (جبرائيل) جي ذريعي سندس هٿ مضبوط ڪيا، (پوءِ توهان جي اها ڪھڙي رَوش آهي) جو جڏهن به ڪو رسول سڳورو، الله تعالى جو پيغام کڻي اچي ٿو ته اوهان (هڪدم) وڏائي ڪندي چئو ٿا ته هي حڪم اسان جي مزاج وٽان نه آهي، پوءِ انهن مان ڪن رسولن کي توهان ڪوڙو ڪيو ۽ ڪن کي قتل به ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا قُلوبُنا غُلفٌ بَل لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَقَليلًا ما يُؤمِنونَ (آيت : 88) |
۽ چون ٿا ته اسان جون دليون ڍڪيل آھن، (نه) بلڪ الله سندن ڪفر سببان مٿن لعنت ڪئي آھي پوءِ ٿورا ايمان آڻيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي ماڻهو چون ٿا ته اسان جي دلين تي غلاف (پردو) چڙهيل آهي (ڪا نئين ڳالهه اسان جي دلين تائين ڪين پهچندي اها اعتقاد جي پڪائي ناهي، پر حق کان انڪار ڪرڻ جي تعصب جي لعنت آهي). سو الله تعاليٰ سندن انڪار سبب مٿن لعنت وڌي آهي. تنهن ڪري هو بلڪل نٿا مڃن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ چيائون اسان جي دلين مٿان پردا آهن، بلڪِ الله تعالى انهن تي لعنت ڪئي ڪفر جي سببان، پوءِ انهن مان ٿورا ايمان آڻيندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) چوڻ لڳا ته اسان جون دليون ڍڪيل آهن، پر خدا مٿن سندن ڪفر ڪري لعنت ڪئي آهي پوءِ ٿورائي اهي ماڻهو ايمان آڻيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته اسان جون دليون ڍڪيل آهن.لڪ لعنت ڪئي انهن تي الله سببان ڪفر انهن جي پوءِ ٿورا ايمان آڻين ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته اسان جون دليون ڍڪيل آهن. پر الله انهن تي سندن ڪفر جي ڪري لعنت ڪئي آهي پوءِ ٿورو ايمان آڻيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (يهودين) چيو ته: ”اسان جون دليون محفوظ آهن“. بلڪه (حقيقت هي آهي ته) انهن جي ڪفر سبب الله انهن تي لعنت ڪئي پوءِ ٿورڙا آهن جيڪي ايمان آڻن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چي، ڪٽر قلب اسان جا، بلڪ ڪفر سندنِ ڪاڻِ، ڌڻي ڌڪارينِ پاڻ، پوءِ وِرسيل وِسهن ٿورڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (يهودي) ٿا چون ته ”اسان جون دليون پردن ۾ (سلامت آهن“ بلڪ الله سندن ڪفر سبب ئي مٿن ڦٽڪار وڌي آهي جو ڪي ٿورا ايمان آڻيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چون ٿا، اسان جون دليون ڏاڍيون محفوظ آهن. نه نه ! اصل ڳالهه اها آهي ته مٿن الله لعنت ڪئي آهي، انهن جي ڪفر جي ڪري، تنهنڪري هو ٿوروئي ٿا ايمان آڻين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چون ٿا، اسان جون دليون محفوظ آهن، بلڪل نه، ڦٽڪار آهي الله جي طرفان انهن جي ڪفر جي ڪري، جنهن ڪري ٿورا ئي ايمان آڻين ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يھودي چون ٿا ته اسان جي دلين تي حق جو پردو چڙهيل آهي، جنھن ڪري توهان جون ڳالهيون اسان کي سمجهه ۾ نٿيون اچن، حالانڪه اهو حق جو پردو نه آهي، بلڪه الله تعالى جي لعنت جو پردو آهي، جيڪو سندن دلين تي الله تعالى جي حڪمن جي انڪار سبب چڙهيل آهي، تنھن ڪري انهن مان ڪي ٿورا ماڻهو ئي ايمان آڻيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا جاءَهُم كِتٰبٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم وَكانوا مِن قَبلُ يَستَفتِحونَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا فَلَمّا جاءَهُم ما عَرَفوا كَفَروا بِهِ فَلَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 89) |
۽ جڏھن الله وٽان ڪتاب (قرآن) انھي (توريت) جو سچو ڪندڙ آين جيڪو وٽن آھي ۽ (ھن کان) اڳ ڪافرن تي سوڀ جون (دعائون) گھرندا ھئا، پوءِ جڏھن وٽن آيو جنھن کي سڃاتائون تڏھن ان جو انڪار ڪيائون، پوءِ ڪافرن تي الله جي لعنت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيئن ته جڏهن الله تعاليٰ وٽان هنن وٽ ڪتاب (قرآن) آيو، جنهن انهن جي ڪتاب (تورات) کي سچو ٺهرايو جو وٽن اڳ ۾ ئي موجود هو تڏهن (تورات ۾ حضرت محمد ۽ قرآن مجيد جي پيشنگوئي هوندي به) اگرچه اڳي ان جي وسيلي ڪافرن تي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ دعائون گهرندا هئا، تڏهن به جڏهن اهو (قرآن مجيد) نازل ٿيو ۽ ان کي سڃاتائون به ته پوءِ به (تڪبر سبب) ان جا منڪر ٿيا، پوءِ اهي ماڻهو جي ڄاڻي ٻجهي حق کان انڪار ڪن تن تي الله تعاليٰ جي لعنت آهي (يعني اهڙن تي فلاح ۽ سعادت جي واٽ ڪڏهن به نه ٿي کلي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن انهن وٽ الله جي طرفان قرآن شريف آيو جيڪو تورات جي تصديق ڪندڙ آهي، ۽ ان کان اڳ پاڻ سڳورن جي وسيلي سان، ڪافرن تي فتح جي دعا گهرندا هئا، پوءِ جڏهن پاڻ سڳورا تشريف فرما ٿيا ۽کين سڃاڻي انڪار ڪيائون، پوءِ الله تعالى جي لعنت آهي انڪار ڪندڙن تي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن وٽ خدا جي طرفان ڪتاب (قرآن) آيو جو ان (ڪتاب توريت) کي سچو چوندڙ آهي جيڪو انهن وٽ آهي هوڏانهن ان کان اڳ ۾ ڪافرن تي فتح چاهيندا هئا. سو جڏهن انهن وٽ اهو ڪجھ آيو جنهن کي سڃاتائون (به) تڏهن (به) ان جو انڪار ڪيائون پوءِ (حق کان) انڪار ڪندڙن تي خدا جي لعنت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن آيو انهن وٽ ڪتاب الله وٽان جيڪو تصديق ڪندڙ آهي ان (ڪتاب) جي جو انهن سان گڏ آهي ۽ ان کان اڳ فتح گهرندا هئا ڪافرن تي پوءِ جڏهن تشريف فرما ٿيو انهن وٽ اهو (رسول) جو سڃاتائون ته انڪار ڪيائون ان جو پوءِ الله جي لعنت آهي ڪافرن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن انهن وٽ الله جي طرفان ڪتاب (قرآن) آيو جو اُن (ڪتاب توريت) کي سچو چوندڙ آهي جيڪو انهن وٽ آهي هوڏانهن هن کان اڳ ڪافرن تي فتح گهرندا هئا. سو جڏهن انهن وٽ اهو ڪجهه آيو جنهن کي سڃاتائون (به) ته (به) ان جو انڪار ڪيائون پوءِ ڪافرن تي الله جي ڦٽڪار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن وٽ الله وٽان هڪ ڪتاب (قرآن) آيو جيڪو ان ڪتاب (تورات) جي تصديق ڪندڙ آهي جو وٽن آهي حالانڪه ان کان اڳ ڪافرن تي (صاحبِ قرآن جي وسيلي سان) فتح جي طلب ڪندا هئا، پوءِ جڏهن انهن وٽ آيو جنهن کي سُڃاتائون (پوءِ به) ان سان ڪفر ڪيائون ته پوءِ ڪافرن مٿان الله جي لعنت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيڻَنِ ڪتاب آيو، جڏهن صاحب کان، ستار، صحِي ڪندڙ ساڻنِ، جي نياپا نبار، ۽ اڳ اميدون فتح جون، هئا رکندا سڀ ڄمار، اُنهن تي، جن انڪارڪيو؛ پوءِ آيو جڏهن اُنهن پار، صحي سڃاتـئون جنهن کي، پوءِ اُن کان ڪيؤن انڪار، پوءِ ڌڻي جِي ڌِڪار، آهي انڪارينِ مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن انهن وٽ الله کان اهڙو ڪتاب آيو جو سندن ڪتاب کي سچو ڪندڙ هو ۽ ان کان اڳ ته پاڻ به ڪافرن تي فتح جون دعائون گهرندا هئا، پر جڏهن وٽن اهو آيو جو سڃاتائون به، ته وري ان کان ڪافر ٿيا، تنهن ڪري ڪافرن تي الله جي طرفان ڦٽڪار آهي (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هاڻي جو هڪڙو ڪتاب الله جي پار کان وٽن آيو آهي، ان سان سندن ڪهڙو سلوڪ آهي؟ توڻي جو اهو انهيءَ ڪتاب جي تصديق ڪندڙ آهي، جيڪو وٽن اڳيئي موجود هو ۽ ان هوندي به جو ان جي اچڻ کان اڳ ۾ هو پاڻ ڪافرن جي مقابلي ۾ فتح ۽ نصرت جون دعائون گهرندا هئا، پر جڏهن اها شيءِ وٽن اچي وئي جنهن کي سڃاتائون به سهي، ته به ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون. الله جي لعنت هجي انهن منڪرن تي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هاڻي جو انهن وٽ هڪ ڪتاب آيو آهي الله جي طرفان، اهو تصديق ڪري ٿو ان جي جيڪو اڳي ئي انهن وٽ موجود هو، باوجود ان جي آمد کان پهرين اهي ڪافرن جي مقابلي ۾ فتح ۽ نصرت جون دعائون گهرندا هئا، پر جڏهن اها شيءِ آئي، جنهن کي هنن سڃاتو به، پر مڃڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ لعنت آهي الله جي اهڙن منڪرن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن انهن وٽ الله تعالى جي طرفان هي ڪتاب (قرآن مجيد) آيو، جيڪو هنن وٽ پھريان کان موجود ڪتاب (تورات) جي تائيد ڪري ٿو، ان قرآن جي انتظار ۾ ته هي ماڻهو الله تعالى کان ڪافرن جي مقابلي ۾، فتح حاصل ٿيڻ جون دُعائون گهرندا رهندا هئا. پوءِ جڏهن سندن اڳيان قرآن شريف اچي ويو ته ان کي چڱيءَ طرح سڃاتو به ۽ چيو (ته اسان واقعي هن ڪتاب جي انتظار ۾ هئاسين) پر پوءِ به ان کي مڃڻ کان (صفا) انڪار ڪري ڇڏيو، تنھنڪري اهڙن انڪار ڪرڻ وارن تي الله تعالى جي لعنت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بِئسَمَا اشتَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم أَن يَكفُروا بِما أَنزَلَ اللَّهُ بَغيًا أَن يُنَزِّلَ اللَّهُ مِن فَضلِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ فَباءو بِغَضَبٍ عَلىٰ غَضَبٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 90) |
اُھو بڇڙو (سودو) آھي جنھن ۾ پاڻ ڏئي جيڪي الله (ﷴ ﷺ تي) لاٿو آھي تنھن جو نه مڃڻ ھن (ڳالھ) جي ساڙ ڪري ڳڌائون ته الله پنھنجي ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي تنھن تي پنھنجي ٻاجھ سان ڪتاب لاھيندو آھي، پوءِ (الله جي) ڏمر تي ڏمر ھيٺ وريا، ۽ ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (افسوس هنن جي بدبختيءَ تي!) ڪهڙي نه خسيس قيمت تي هنن پنهنجا روح يعني پاڻ کي وڪڻي ڇڏيو آهي جو الله تعاليٰ جي نازل ڪيل سچائي کان انڪار ٿا ڪن سو به رڳو حسد جي ڪري جو الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان پنهنجي بندن مان جيڪو وڻيس ٿو تنهن تي پنهنجو وحي نازل ڪري ٿو. (پوءِ اڳين بدعملين ۽ هنن نئين انڪار سبب) غضب مٿان غضب هنن تي ڪڙڪيو. (خدا جو قانون آهي ته) حق کان انڪار ڪرڻ وارن لاءِ هميشه خوار خراب ڪندڙ عذاب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪهڙي نه خراب قيمت تي پنهنجين جانن جو سودو ڪيائون جو قرآن شريف جو انڪار ڪيائون، انهيءَ ڪاوڙ مان جو الله پنهنجي مهربانيءَ سان جنهن بندي تي چاهي وَحِي موڪلي ٿو، پوءِ ڪاوڙ جي مٿان ڪاوڙ جا لائق ٿيا، ۽ ڪافرن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو بڇڙو (ملھ) آهي جنهن جي بدلي ۾ پنهنجا نفس وڪيا اٿن (جيئن ته) جيڪي خدا نازل ڪيو آهي تنهن کي هن ضد جي ڪري نٿا مڃن جو خدا پنهنجي فضل سان پنهنجن عبدن (بندن) مان جنهن تي وڻيس (ڪتاب) نازل ڪري ٿو، پوءِ اهي (خدا جي) غضب هيٺ موٽيا ۽ ڪافرن لاءِ (تمام) خوار ڪندڙ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بڇڙو آهي اهو (سودو) جو وڪڻيائون ان سان پنهنجي پاڻ کي ان جي ڪري جو انڪار ٿا ڪن ان جو جيڪي لاٿو الله.ن ساڙ جي ڪري جو لاهي ٿو الله (ڪتاب) پنهنجي ٻاجھ سان، جنهن تي گهري، پنهنجن ٻانهن مان.وءِ موٽيا ڏمر هيٺان ۽ ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو بڇڙو (ملهه) آهي جنهنجي بدلي ۾ پنهنجا نفس وڪيا اٿن (جيئن ته) جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن کي هن ضد ڪري نٿا مڃين جو الله پنهنجي فضل سان پنهنجن ٻانهن مان جنهن تي وڻيس (ڪتاب) نازل ڪري ٿو. پوءِ اهي (الله جي) ڪاوڙ جي مٿان ڪاوڙ هيٺ موٽيا ۽ ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اها ڏاڍي بري شيءِ آهي جنهن جي بدلي انهن پنهنجي جانين جو سودو ڪيو جو ان (ڪلام ) جو انڪار ڪيائون جيڪو الله نازل ڪيو آهي (رڳو ان) حسد ۾ جو اللهُ پنهنجي فضلَ سان پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي چاهي (ڪتاب) نازل ڪري ٿو، پوءِ ڏمر مٿان ڏمر وِهايائون ۽ ڪافرن لاءِ خواري وارو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بلڪل بڇڙو سو ٿيو، پاڻ وڪيون جنهن ساڻ، ته ڦِرن فرمودن کان، جي پرورلاٿا پاڻ!، ته ڀلي سندس ڀال سان، ڪوه اُتاريا اُھڃاڻ، جنهن کي گُھري، سندس گولن مان، اُتي اُن اڳواڻ؟پوءِ ڏمر مٿان، ڏمر ۾، ورتائون وَٿاڻ، ۽ قيد ڪفارن ڪاڻ، جُٺ جھڙو آھِ، جنجال ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو پاڻ سان بڇڙو سودو ڪيو اٿن، جو الله جي موڪليل کي حسد سبب نه مڃيائون، جو هن پنهنجن بندن مان جنهن تي وڻيس، ان تي پنهنجي مهرباني سان ڪتاب لاٿو، تنهن ڪري ڏمر مٿان ڏمر ڪمايائون ۽ ڪافرن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪهڙو نه بڇڙو وسيلو آهي، جنهن سان ٿا هو پنهنجي نفس لاءِ دلجاءِ حاصل ڪن، جو جيڪا هدايت الله نازل ڪئي آهي ان کي قبول ڪرڻ کان فقط انهيءَ هــَـٺَ جي ڪري ٿا انڪار ڪن ته الله پنهنجي فضل (وحي ۽ نبوت) سان پنهنجي جنهن به ٻانهي کي پاڻ گهريائين ته کڻي نوازيائين، تنهنڪري اهي ڏمر مٿان ڏمر جا حقدار ٿي پيا آهن ۽ اهڙن ڪافرن لاءِ ڏاڍي ذليل ڪندڙ سزا مقرر ٿيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪهڙو نه برو ذريعو آهي، جنهن سان هي پنهنجي نفس جي تسلي حاصل ڪن ٿا، ته جيڪا هدايت الله نازل ڪئي آهي ان کي قبول ڪرڻ کان فقط انهيءَ ضد جي بنا تي انڪار ڪن پيا ته الله پنهنجي فضل (وحي ۽ رسالت) سان پنهنجي جنهن بندي کي پاڻ چاهيو نوازيائين، تنهن ڪري هاڻي هي غضب مٿان غضب جي لائق ٿي ويا، ته اهڙن ڪافرن لاءِ سخت ذلت واري سزا آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جو (هي انڪار) انتھائي بيڪار سودو آهي (جيڪو انهن پنھنجي دلين کي سڪون ڏيڻ لاءِ ڪيو آهي). هي ماڻهو الله تعالى جي نازل ڪيل قرآن جو انڪار رڳو ساڙ جي ڪري ڪن ٿا (انهن جو ساڙ اهو آهي ته هي رسول ۽ ڪتاب ته اسان جي قوم، بني اسرائيل ۾ اچڻ کپي ها) پر اهو اختيار ته الله تعالى جو آهي ته پنھنجي مھربانيءَ سان هو جنھن ٻانهي کي چاهي رسول بنائي ۽ کيس ڪتاب عطا ڪري. هاڻي ته هي الله تعالى جي ڏمر جا مستحق ٿي چڪا آهن ۽ اهڙن ئي حق جي انڪار ڪرڻ وارن لاءِ ذليل ڪندڙ عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا بِما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا نُؤمِنُ بِما أُنزِلَ عَلَينا وَيَكفُرونَ بِما وَراءَهُ وَهُوَ الحَقُّ مُصَدِّقًا لِما مَعَهُم قُل فَلِمَ تَقتُلونَ أَنبِياءَ اللَّهِ مِن قَبلُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 91) |
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪو (قرآن) الله لاٿو تنھن کي مڃيو تڏھن چون ٿا ته جيڪو (توريت) اسان تي لٿل آھي تنھن کي مڃيندا آھيون ۽ جيڪي ان کانسواءِ آھي تنھن کي نه مڃيندا آھن، ۽ (حقيقت ڪري) اھو (قرآن) سچو آھي جيڪو (توريت) وٽن آھي تنھنجو سچو ڪندڙ (به) آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن (توريت جا) مڃيندڙ آھيو ته الله جي پيغمبرن کي ڇو ڪُٺوَ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏه کين چيو وڃي ٿو ته جيڪي خدا نازل ڪيو آهي تنهن تي ايمان آڻيو، تڏهن چون ٿا ته اسان فقط انهيءَ تي ايمان آڻينداسين جو اسان تي نازل ٿيو آهي. ان کان سواءِ جو ڪجهه آهي، تنهن کان هنن کي انڪار آهي، اگرچه اهو خدا جو سچو ڪلام آهي ۽ خود سندن ڪتاب جي تصديق ٿو ڪري. اي منهنجا پيغمبر! تون انهن کي چئو ته (جيڪڏهن توهان فقط تورات کي مڃڻ ٿا چاهيو ته پوءِ انهن نبين کي ڇو نه ٿا مڃيو جن تورات تي عمل ڪرڻ لاءِ توهان کي سمجهايو) ڇو اٽلندو توهان الله جي نبين کي قتل ڪيو؟ جيڪڏهن توهان سچ پچ مؤمن هئو، (يعني توهان کي خود تورات تي به ايمان ۽ عمل ڪونه هو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته الله جي قرآن تي ايمان آڻيو، چون ٿا اسان تورات تي ايمان آڻيون ٿا ۽ قرآن شريف جو انڪار ڪن ٿا، ۽ اهو حق آهي ۽ تورات جي تصديق ڪندڙ، توهان فرمايو پوءِ ڇو توهان اڳين رسولن کي شهيد ڪيو جيڪڏهن توهان کي پنهنجي ڪتاب تي ايمان آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته جيڪي (قرآن) خدا نازل ڪيو آهي تنهن تي ايمان آڻيو. ته چون ٿا ته جيڪي اسان تي (توريت) ۾ نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي (ته) ايمان آڻيو ٿا پر جو ان جي پٺيان (قرآن) آيو آهي تنهن جو انڪار ڪن ٿا، هوڏانهن اهو (قرآن) سچ آهي (۽) جيڪي انهن وٽ (توريت) آهي. تنهن کي به سچو چوندڙ آهي. (اي رسول! کين) چئو ته پوءِ! اوهان (جي وڏن) هن کان اڳ خدا جي پيغمبرن کي ڇو ڪٺو جڏهن اوهين ايمان وارا آهيو؟.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته ايمان آڻيو ان (قرآن) تي جو لاٿو آهي الله.ه چون ٿا ته ايمان آڻيون ٿا ان تي جو لاٿو ويو اسان تي (توراة) ۽ نه ٿا مڃين ان کي جو ان کان سواءِ آهي حالانڪ اهو حق آهي سچو ڪندڙ آهي ان کي جو انهن سان گڏ آهي.رماء پوءِ ڇو شهيد ڪَيُوَ الله جي نبين کي اڳ ۾ جيڪڏهن اوهان مڃيندڙ آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن تي ايمان آڻيو چون ٿا ته جيڪي اسان تي نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي ايمان آڻيون ٿا ۽ جيڪي ان جي پٺيان آهي تنهن جو انڪار ڪن ٿا هوڏانهن اهو (به) سچ آهي، جيڪو انهن وٽ (توريت) آهي تنهن کي سچو چوندڙ آهي. (اي پيغمبر ! کين) چئو ته پوءِ اوهان هن کان اڳ الله جي نبين کي ڇو قتل ڪيو. جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن کي چيو ويو ته جيڪو (قرآن) الله نازل ڪيو ان تي ايمان آڻيو چيائون: ”جيڪو اسان تي نازل ڪيو ويو آهي اسان (صرف) ان تي ايمان آڻيون ٿا“ ۽ ان کان سواءِ (ٻين ڪتابن جو) انڪار ڪن ٿا، حالانڪه اهو (قرآن) حق آهي جو ان (ڪتاب) جي تصديق ڪري ٿو جيڪو وٽن آهي. تون انهن کان پڇ ته: ”پوءِ هن کان اڳ اوهان ڇو نبين کي قتل ڪندا رهيا آهيو؟ جيڪڏهن اوهان (ان ڪتاب کي) مڃندڙ آهيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن چئجينِ، ته مڃيو مور، الله، جو اُتاريو، چي، اسان تي، جو اُتريو، مڃيون، سو مذڪور، ۽ ٻي کان، جو ٻاهر اُن کان، ڦِرنِ ساڻ فُتور، هوڏانهن، ته آهي اِهو، ظاهر حق ضرور، صحي ڪندڙ ساڻن، جو ڌاران ئي دستور، چئو، تڏهن پوءِ ڪنهن طرح، نبي سڳورا نور، ڪُهو بي قصور، جي وسهڻ وارا آهيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن کين چئجي ٿو ته ”جيڪي الله لاٿو آهي ان کي مڃيو“ ته چون ٿا ته ”اسين ان کي ئي مڃيون ٿا، جو اسان تي لٿو آهي“ ۽ ان کانسواءِ ٻين کي نٿا مڃين. پر قرآن ته پاڻ به سچو آهي ۽ جيڪي وٽن آهي ان کي به سچو ڪندڙ آهي. چؤ ته ”ڀلا جي سچ پچ مڃيو ٿا ته هن کان اڳ الله جي نبين کي ڇو قتل ڪندا رهيؤ؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته جيڪو به الله نازل ڪيو آهي، ان تي ايمان آڻيو ته چون ٿا ته، "اسان ته ان تي ئي ايمان آڻيون ٿا، جيڪو اسان وٽ (بني اسرائيل ۾) نازل ٿيو آهي". ان کان ٻاهر جيڪي به آهي ان کي مڃڻ کان هو انڪار ٿا ڪن، توڻي جو اهو حق آهي ۽ انهيءَ تعليم جي جيڪا وٽن اڳي ئي موجود هئي تصديق ۽ تائيد ٿو ڪري. چڱو ڀلا چوين ته جيڪڏهن توهان جو انهيءَ تعليم تي ئي ايمان آهي، جيڪا توهان وٽ آئي هئي ته اوهان هن کان اڳ الله جي انهن نبين کي (جيڪي بني اسرائيل ۾ پيدا ٿيا هئا) ڇو قتل ڪندا هيؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ايمان آڻيو جيڪو ڪجهه الله نازل ڪيو آهي ان تي، ته هو چون ٿا،”اسان ته فقط ان شيءِ تي ايمان آڻيون ٿا جيڪا اسان (بني اسرائيل) ۾ آيون آهن“، ان کان ٻاهر جيڪي آيو آهي ان جي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي پر اهو حق آهي ۽ ان جي تصديق ڪندڙ آهي جيڪو اڳي موجود هو. کين چئو، پوءِ قتل ڇو ڪيو الله جي انهن نبين کي، جيڪي بني اسرائيل مان هئا اگر مؤمن آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته (ڇڏيو ساڙ کي)، اچو ايمان آڻيو هن ڪتاب تي، جيڪو الله تعالى هينئر نازل ڪيو آهي، ته وري (رڏي ڪري) چون ٿا ته اسان صرف ان تي ايمان آڻيون ٿا جيڪو اسان جي قوم ڏي ڪتاب تورات موڪليو ويو هو. بعد ۾ ايندڙ ڪنھن به شيءِ کي نٿا مڃون، حالانڪه هي نازل ٿيندڙ ڪتاب (قرآن مجيد) سچو آهي ۽ انهن وٽ موجود ڪتاب جي تائيد ڪري ٿو. (اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته جيڪڏهن توهين واقعي تورات جا مڃيندڙ آهيو، ته تورات جي موجودگيءَ ۾ توهان پنهنجن نبين سڳورن کي ڇو قتل ڪندا رهيا؟ (حالانڪه هو سڀ اوهان جي قوم مان آيل هئا). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد جاءَكُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 92) |
بيشڪ مُوسىٰ اوھان وٽ چٽا معجزا آندا وري کانئس پوءِ گابي کي (خدا ڪري) ورتوَ ۽ اوھين ظالم آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان جا مثال ٻڌو) اوهان وٽ حضرت موسيٰ سچائي جي روشن دليلن سان آيو، پوءِ توهان هن جي پرپٺ گابو ٺاهي ان جي پوڄا ڪرڻ لڳو ۽ ائين ڪرڻ سان توهان وڏو ظلم ڪري ڇڏيو، (۽ حق کان هٽي ويئو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان وٽ موسى چٽين آيتن سان آيو پوءِ انهيءَ کان پوءِ توهان گابي جي پوڄا ڪئي ۽ توهان ظالم هئا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ موسى اوهان وٽ ظاهر نشانيون آنديون وري اوهان ان کان پوءِ (پوڄڻ لاءِ) اوهان گابو بڻايو ۽ اوهين پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري رهيا آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ آيو اوهان وٽ موسى چٽين نشانين سان ان کان پوءِ به ورتُوَ گابي کي پوڄا جو لائق ڪري ۽ اوهان ظالم آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ موسيٰ اوهان وٽ ظاهر نشانيون آنديون. وري اوهان ان کان پوءِ گابو بنايو. ۽ اوهين ظالم هئو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (حقيقت هي آهي ته) بيشڪ موسى اوهان وٽ چِٽيون نشانيون آنديون پوءِ ان کان بعد اوهان گابي کي (معبود ڪري ) ورتو ۽ اوهان ته آهيو ئي جفا ڪار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ موسٰى، معجزن سان آئيان، پوءِاوهان اُن پڃاڻ، پڪڙيو گابو پاڻ، ۽ اوهين ظالم زبر آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ موسيٰ اوهان وٽ معجزن سان آيو هو، پوءِ به اوهان ان کان پوءِ گابي کي سائين بنايو ۽ اوهين حد کان وڌڻ وارا ٿيا آهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان وٽ موسيٰ ڪهڙيون نه چٽيون نشانيون آنديون پوءِ به توهان اهڙا ظالم هيؤ جو سندس پٺي ڏيندي ئي گابي کي معبود بڻائي ورتو(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان وٽ موسيٰ ڪهڙين ڪهڙين روشن نشانين سان آيو پر ان جي پٺ ڏيندي ئي گابي جي پوڄا شروع ڪري ڏني توهان اهڙا ته ظالم هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ موسى (ؑ) توهان وٽ، ڪيڏا نه چٽا معجزا ۽ دليل کڻي آيو پوءِ به توهان ظالمن جو ڪردار اهو ئي هو، جو هو الله تعالى سان خصوصي ملاقات لاءِ، طُور جبل ڏي ويو ته توهان فوراً گابي جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪري ڏني. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاسمَعوا قالوا سَمِعنا وَعَصَينا وَأُشرِبوا فى قُلوبِهِمُ العِجلَ بِكُفرِهِم قُل بِئسَما يَأمُرُكُم بِهِ إيمٰنُكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 93) |
۽ جڏھن اوھان کان انجام ورتوسون ۽ اوھان جي مٿان طُور (جبل) کڙو ڪيوسون، (چيوسون ته) جيڪو اوھان کي ڏنوسون (يعني توريت) سو سوگھو وٺو ۽ ٻڌو، تڏھن چيائون ته ٻڌوسون ۽ نه مڃيوسون، ۽ انھن جي دلين ۾ سندن ڪفر سببان گابي جي پريت وڌي وئي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان جو ايمان اوھان کي جنھن شيءِ جو حڪم ڪندو آھي سا بڇڙي آھي جيڪڏھن اوھين (توريت) جا مڃيندڙ آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهو واقعو به ياد ڪيو) جڏهن اسان توهان کان عهد ورتو. ان وقت طور جبل جون چوٽيون اوهان جي مٿان بلند ڪيون ويون هيون ته جيڪو ڪتاب توهان کي ڏنو ويو آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جهليو ۽ ان تي عمل ڪيو. توهان (زبان سان ته) چيو ته ٻڌوسين، پر (دل سان چيو ته) نٿا مڃيون. پوءِ ڇا ٿيوجو اوهان جي ڪفر سبب اوهان جي دلين ۾ گابي جي پوڄا اثر ڪري ويئي. اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي چئو ته جيڪڏهن توهان جو ايمان اهو آهي ته ڪهڙي نه برائي آهي، اها جو توهان جو (ڪوڙو) ايمان اوهان کي ڏَسي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ياد ڪريو جڏهن اسان توهان کان پڪو وعدو ورتو ۽ توهان تي طورسينا بلند ڪيوسين، وٺو توهان جيڪو اسان توهان کي ڏنو آهي طاقت سان ۽ ٻُڌو، چيائون اسان ٻڌوسين ۽ نه مڃيوسين، ۽ ڪفر ڪرڻ جي ڪري توهان جي دلين ۾ گابي جي محبت هئي، توهان فرمايو ڪهڙو نه خراب حڪم ڪري ٿو توهان کي ايمان توهان جو جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان (جي وڏن) کان انجام ورتو ۽ اوهان (جي وڏن) مٿان طور (جبل) کي کڙو ڪيوسين (۽ چيوسون ته) جيڪي اسان اوهان کي (توريت) ڏنو آهي سو مضبوط وٺو ۽ ٻڌو. انهن چيو ته اسان ٻڌو ته (سهي پر) مڃينداسون نه. سندن بي ايماني سبب (ڄڻ ته) انهن جي دلين ۾ گابي جي الفت (جي سرڪي) پياري وئي (اي رسول! کين) چئو ته جيڪڏهن اوهين ايمان دار هيو ته اوهان کي اوهان جو اهو ايمان ڪهڙو (نه) بڇڙو حڪم ڪري ٿو؟.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ورتوسون پڪو وعدو اوهان کان ۽ کنيوسون اوهان جي مٿان طور (چيوسون ته) وٺو جيڪو (ڪتاب) ڏنوسون اوهان کي مضبوطيءَ سان ۽ ٻڌو.يائون ته ٻڌسون ۽ نه مڃيوسون ۽ پياريا ويا پنهنجين دلين ۾ گابي (جي محبت) سببان ڪفر سندن جي فرماءِ ته برو آهي اهو جو امر ٿو ڪري اوهان کي ان لاءِ ايمان اوهان جو جيڪڏهن آهيو مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کان انجام ورتو ۽ اوهان جي مٿان (جبل) طور کي کڙو ڪيوسون. (۽ چيوسون ته) جيڪي اسان اوهان کي ڏنو آهي سو مضبوط وٺو ۽ ٻڌو. انهن چيو ته اسان ٻڌو ۽ اسان نه مڃيو. ۽ انهن جي دلين ۾ سندن ڪفر جي ڪري گابي جي محبت پياري (وِڌي) ويئي. (کين) چئو ته اهو بڇڙو آهي جنهنجو اوهان کي اوهان جو ايمان حڪم ڪري ٿو جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو)جڏهن اسان اوهان کان پڪو عهد ورتو ۽ (ان وقت) اسان اوهان مٿان طُور (جبل) کي (هڻڻ لاءِ) کنيو هيو ۽ (حڪم ڪيوسين ته) جيڪي اسان اوهان کي ڏنو آهي سو مضبوطيءَ سان وٺو ۽ (اسان جا احڪام) ٻڌو. (اوهان جي وڏن) چيو اسان ٻڌو ۽ نه مڃيوسين ۽ انهن جي ڪفر سبب انهن جي دلين ۾ گابي جي محبت پَـــرٽِــي وئي. چؤ ته ڪيڏي بري (ڳالهه) آهي جيڪا اوهان کي اوهان جو ايمان امر ڪري ٿو، اگر اوهان (واقعي به) ايمان وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ورتوسون واعدو، مُقرّر اوهان کان مور، ۽ اُٺايوسون اوهان مٿان، جَبرو جبل طور، جو ڏنو سُونِيان، سو وٺو، زور ساڻ ضرور، ۽ سڻو؛ چي، سئوسون ۽ ڀڳو سون حڪم حضور، ۽ اُنهن جا اُٻهرائئَ سان، مَن رتا ويا مور، ڪارڻ ڪُفر قصور، ڦرڻ سندنِ، فرمان کان.چئو بڇرو سو بيان، جنهن جو امر، اوهان کي ڪري، اوهان جو ايمان، جي وسهڻ وارا آهيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪريو جڏهن اوهان مٿان طور جبل کي بيهاري اوهان کان پڪو انجام ورتوسون ته جيڪي اوهان کي ڏنوسون ان تي پڪا ٿي رهو ۽ خيال ڏيئي ٻڌو. چيائون ”اسان ٻڌو“ ۽ دل ۾ چيائون ته ”نه مڃيوسون“ جو سندن ڪفر سبب دلين ۾ گابو رچي ويو هو. چؤ ته جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو ته اوهان جو ايمان اوهان کي، بڇڙو ڏس ٿو ڏئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڪجهه انهيءَ عهد اقرار کي ته ياد ڪريو جيڪو طور (جبل) کي توهان جي مٿان کڙو ڪري اسان توهان کان ورتو هو، اسان تاڪيد ڪيو هو ته جيڪي هدايتون اسين ڏيون پيا، انهن جي ضرور پوئواري ڪجو ۽ ڌيان سان ٻڌجو، توهان جي وڏن چيو هو ته، "اسان ٻڌوسين پر مڃينداسون ڪونه"، ۽ سندن باطل پرستيءَ جي اها حالت هئي جو گابو سندن دلين ۾ گهر ڪيو ويٺو هو. چوين ته جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو ته اهو ايمان ڏاڍو عجيب آهي جيڪو اهڙين خراب ڳالهين جو توهان کي حڪم ٿو ڏئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ وري ياد ڪريو ان پڪي عهد کي، جيڪو اسان طور کي توهان جي مٿان اڀو ڪري ورتو هو، تاڪيد ڪيو ته سختيءَ سان پابندي ڪريو جيڪي هدايتون اسان ڏيون پيا انهن کي ٻڌو ڪن لڳائي، توهان جي وڏن چيو، ”اسان ٻڌو پر مڃينداسين نه“سندن باطل پرستيءَ جو حال هي هو ته، سندن دلين ۾ گابو ويٺل هو، چوين! (اي نبي) هي عجيب ايمان آهي جيڪو اهڙين برين حرڪتن جو توهان کي حڪم ڏئي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن اسان توهان جي مٿان طُور جبل کي بيھاري وعدو ورتوسين ۽ توهان کي تاڪيد ڪيوسين، ته اسان جيڪي حڪم توهان کي ڏيون ٿا، انهن کي ڪن لڳائي ٻڌو ۽ انهن جي سختيءَ سان پابندي ڪجو ته اوهان جي وڏڙن چيو ته اسان ڪنن سان ٻڌوسين، پر ان کي دل سان ڪڏهن به نه مڃينداسين، ان انڪار جو سبب اهو ئي هو جو سندن دلين ۾، گابي جي محبت ويٺل هئي. (اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته توهان جو ايمان (يعني ضمير) اوهان کي جنھن شيءِ جو حڪم ڪري ٿو سا ته انتھائي بري شيءِ آهي، حالانڪه توهان (تورات تي) ايمان آڻيندڙ به آهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل إِن كانَت لَكُمُ الدّارُ الءاخِرَةُ عِندَ اللَّهِ خالِصَةً مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 94) |
(اي پيغمبرکين) چؤ ته جيڪڏھن آخرت جو گَھرُ الله وٽ ٻـين ماڻھن کان سواءِ خلاصو اوھان لاءِ آھي ته جيڪڏھن (پنھنجي چوڻ ۾) سچا آھيو ته موت گھرو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! انهن يهودين کي) چئو ته جيڪڏهن آخرت جو گهر (بهشت) خدا وٽان خالص طور توهان جي لاءِ آهي، نه ٻين لاءِ (جيئن توهان دعويٰ ڪيو ٿا) ته پوءِ جيڪڏهن انهيءَ دعويٰ ۾ سچا آهيو ته موت لاءِ خواهش رکو (دنيا جا پوڄاري ڇو ٿيا آهيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو جيڪڏهن توهان لاءِ آخرت جو گهر الله تعالى وٽ خاص آهي ٻين ماڻهن کان علاوه، پوءِ توهان مرڻ جي سڌ ڪريو جيڪڏهن توهان سچا آهيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته جيڪڏهن آخرت جو گهر (بهشت) خدا وٽ ٻين ماڻهن کانسواءِ اوهان لاءِ خاص آهي ته (ڀلا) موت جي خواهش (ته) ڪريو (ته جيئن جلد جنت ۾ وڃو) جيڪڏهن اوهين سچا آهيو؟.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ جيڪڏهن آهي اوهان لاءِ آخرت وارو گهر الله وٽ خاص ٻين ماڻهن کان سواءِ پوءِ سَڌ ڪيو مرڻ جي جيڪڏهن آهيو سچا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (کين) چئو ته جيڪڏهن آخرت جو گهر الله وٽ ٻين ماڻهن کان سواءِ اوهان لاءِ خاص آهي ته موت جي خواهش ڪريو. جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ جيڪڏهن (واقعي) الله وٽ آخرت جو گهر ٻين سڀ انسانن کي ڇڏي صرف اوهان لاءِ ئي مخصوص آهي ته پوءِ توهان کي گُھرجي ته موت جي تمنا ڪيو جي اوهان سچا آهيو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، ته اوهان لئي آخرت، جي رڳو وِچان راڄ، مقرر آهي مورهين، ڏاتار وٽ ڏاڄَ، ته موت گھرو محتاج!، جي صفا سچ تي آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چؤ ته جيڪڏهن الله وٽ بهشت ٻين ماڻهن کان سواءِ خاص اوهان لاءِ آهي، ته جيڪڏهن سچا آهيو ته موت جي گهر ڪري ڏيکاريو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته جيڪڏهن سچ پچ الله وٽ آخرت وارو گهر ٻين سڀني ماڻهن کي ڇڏي رڳو توهان جي لاءِ ئي مخصوص ٿيل آهي ته پوءِ ته توهان کي گهرجي ته موت جي تمنا ڪريو، جيڪڏهن توهان پنهنجي انهيءَ خيال ۾ سچا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) کين چئو، جي واقعي الله وٽ آخرت جو گهر مڙني انسانن کي ڇڏي فقط توهان جي لاءِ مخصوص آهي، ته پوءِ توهان کي گهرجي ته (سڀ کان پهرين) موت جي تمنا ڪريو، جي توهان پنهنجي خيال ۾ سچا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته جيڪڏهن توهان پنهنجي ڳالهه ۾ سچا آهيو ته الله تعالى وٽ آخرت جو گهر (يعني جنت) صرف اوهان جي لاءِ آهي ته پوءِ جلدي مرڻ جي تمنا ڪريو (توهان کي معلوم ٿي ويندو ته جنت ڪهڙن ماڻهن لاءِ آهي؟). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَن يَتَمَنَّوهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 95) |
۽ جيڪي ڪرتوت سندن ھٿن اڳي موڪليا آھن تن سببان اُن (موت) کي ڪڏھن به نه گھرندا، ۽ الله ظالمن کي (چڱي طرح) ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر هو هرگز موت جي تمنا نه رکندا ڇو ته هنن جي هٿن گهڻن ئي گناهن جو سمر اڳواٽ موڪلي ڏنو آهي (سزا کان ڊڄن ٿا، پر مؤمن جيڪي چڱا عمل ڪن ٿا سي موت کان ڪونه ٿا ڊڄن) الله تعاليٰ ظلم ڪرڻ واري کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ هرگز (ڪڏهن به) ان جي آرزو نه ڪندا، پنهنجي بدعملن جي ڪري ۽ الله تعالى ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ڪڏهن به ان جي خواهش نه ڪندا. انهن (ڪرتوتن) جي ڪري جن کي هنن پنهنجو پاڻ اڳي موڪليو آهي. (هرگز موت جي آرزو نه ڪندا) ۽ خدا ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هر گز نه سڌ ڪندا ان جي هميشہ سببان ان جي جو اڳي ڪري موڪليو آهي هٿن انهن جي ۽ الله ڄاڻندڙ آهي ظالمن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي ڪڏهن به ان جي خواهش نه ڪندا، انهن (ڪرتوتن) جي ڪري جن کي سندن هٿن اڳي موڪليو آهي ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان (موت) جي تمنا ته اصل ڪونه ڪندا انهن گناهن جي سبب جيڪي اڳ ڪري چڪا آهن ۽ الله ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مدامِي ، سي مدعي، مرڻ نه گُھرندا مور، جو سندن هٿن سَنباهيو، ڪارڻ تنهن قصور، ۽ ظُلمينِ کان ضرور، خدا خبردار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر هو سندن ڪيتن سبب ڪڏهن به موت جي گهر نه ڪندا ۽ الله ظالمن کي خوب ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڪ ڄاڻو ته اِهي ڪڏهن به ان جي تمنا نه ڪندا، ڇو جو پنهنجي هٿن سان جيڪو ڪمائي اڳتي موڪليو اٿن، ان جي تقاضا اها آهي (ته هو اوڏانهن هلڻ جي تمنا نه ڪن) الله انهن ظالمن جي حالت کان چڱيءَ طرح واقف آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يقين ڪريو ته اهي ڪڏهن به ان جي تمنا نه ڪندا، ڇوته پنهنجي هٿن سان جا ڪمائي موڪلي آهي، الله انهن ظالمن جي حال کان واقف آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو ڪڏهن به جلدي مرڻ جي تمنا نه ڪندا، ان ڪري جو سندن عمل ئي خراب آهن. (خراب عملن جي ڪري هي ماڻهو اهڙي تمنا ڪري به نٿا سگهن) الله تعالى اهڙن ظالمن کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَتَجِدَنَّهُم أَحرَصَ النّاسِ عَلىٰ حَيوٰةٍ وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا يَوَدُّ أَحَدُهُم لَو يُعَمَّرُ أَلفَ سَنَةٍ وَما هُوَ بِمُزَحزِحِهِ مِنَ العَذابِ أَن يُعَمَّرَ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 96) |
۽ (اي پيغمبر) انھن (يھودين) کي جيئڻ تي ماڻھن ۽ مشرڪن کان وڌيڪ حرص وارو لھندين، منجھائن ھر ڪو گھرندو آھي ته جيڪر ھزار ورہيه جياريو وڃي ھا، ۽ اھو (ايڏو جيئڻ) کيس عذاب کان پري ڪرڻ وارو نه آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نه رڳو ايترو پر توهان ڏسندؤ ته وڏي حياتيءَ لاءِ حرص هنن کي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ آهي. مشرڪن کان به وڌيڪ حرص اٿن. هنن مان هرهڪ چاهي ٿو ته شال هڪ هزار سال جيئرو هجان پر ڊگهي حياتي هنن کي آخرت جي عذاب کان ڪونه ڇڏائيندي. جيڪي هو ڪن ٿا سو الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان انهن کي، حياتي لاءِ وڌيڪ پسند ڪندڙ ڏسندا ۽ مشرڪن مان هڪ ٽولي کي تمنا آهي ته ڪاش جيڪڏهن انهن کي هزار سال زندگي ملي، سندن گهڻو جيئڻ کين عذاب کان پري رکي نه سگهندو، ۽ الله تعالى سندن عملن کي ڏسندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) تون انهن کي (ئي دنيوي) زندگي جو سڀ کان وڌيڪ حرص وارو لهندين. ۽ مشرڪن مان به هر هڪ شخص چاهي ٿو ته جيڪر! کيس هزار ورهين جيتري ڊگهي عمر ڏني وڃي، هوڏانهن جيڪڏهن ايتري عمر ڏني به وڃي ته به اها (خدا جي) عذاب کان ڇڏائيندي ته ڪين! ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا سو خدا ڏسندڙ (پسندڙ) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته ضرور لهندين انهن کي وڌيڪ حرص ڪندڙ ماڻهن مان (دنيا جي) حياتيءَ لاءِ ۽ انهن کان به وڌيڪ جو شرڪ ڪيائون پسند ٿو ڪري هر هڪ انهن مان ته عمر ڏنو وڃي هزار سال ۽ نه آهي اهو ڇڏائيندڙ ان کي عذاب کان هيءَ (ڳالھ) جو (وڏي) عمر ڏنو وڃي ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ تون ٻين ماڻهن ۽ مشرڪن کان انهن کي حياتيءَ تي وڌيڪ حرص وارو لهندين. انهن مان هرهڪ خواهش ڪري ٿو ته ان کي هزار ورهن جي ڊگهي عمر ڏني وڃي هوڏانهن ڊگهي عمر ملڻ ان کي عذاب کان پري ڪندڙ نه آهي. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا سو الله ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون پڪ سان انهن کي سڀ ماڻهن کان وڌيڪ جيئڻ جي هوس ۾ مبتلا لهندين . ۽ (ايستائين جو) مشرڪن کان به وڌيڪ، انهن مان هڪ چاهي ٿو ته هائو جي ان کي هڪ هزار سال جي عمر ملي پوي! حالانڪه اها ان کي عذاب کان بچائڻ واري ناهي توڙي ان کي ايتري عمر ملي به وڃي. ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي عمل ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هٻڇِي حياتئَ تي، ڏسندينِ، ماڻهن ۾ مور، پڻ جن جاٽون جوڙيون، تن کان به زور ضرور، اُنهن مان، هر هيڪڙو، مڱي ٿو مغرور، ته جيرو هجي جھان ۾، هزار ورهن وهلور، ۽ جيئي سو جيڪر کڻي، ته به درد نه ڪندس دُور، ۽ پسندڙ پاڪ حضور، جيڪي ڪن جھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون هنن کي ٻين ماڻهن خواهه مشرڪن کان به وڌيڪ جيئڻ لاءِ لالچي ڏسندين، منجهائڻ هر ڪو ايئن ٿو چاهي ته جيڪر هزار ورهيه جيئي، پر جي ايترو جيئي ته به اهو جيئڻ مٿانئس عذاب نه ٽاري سگهندو ۽ جيڪي هو ڪن ٿا سو الله خوب ڏسي ٿو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کين سڀني کان وڌيڪ جيئڻ جو حريص ڏسندؤ، ايتريقدر جو هو ان ڳالهه ۾ مشرڪن کان به سرس آهن. انهن مان هرهڪ اهو ٿو چاهي ته جيڪر هزار سال جيئي، جيتوڻيڪ ڊگهي عمر کيس عذاب کان ته پري نٿي ڪري سگهي، جيڪي ڪجهه هو ڪن پيا، الله ته ان کي ڏسي پــَـسي رهيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تون انهن کي ڏسندين سڀني ماڻهن کان وڌيڪ جيئڻ جو حريص ۽ اهي ماڻهو وڌيڪ اڳتي وڌيل آهن مشرڪن کان به. انهن مان هر شخص چاهي ٿو ته هو جيئي هڪ هزار سال، جڏهن ته ڊگهي عمر انهن کي عذاب کان پري نٿي اڇلي سگهي، الله ته انهن کي ڏسي پيو جهڙا هنن جا عمل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) توهان انهن (يھودين) کي مشرڪن کان به وڌيڪ دنيا ۾ زندهه رهڻ جو خواهشمند ڏسندا، انهن مان هر هڪ جي وڏي خواهش هوندي آهي، ته ڪاش! هو هڪ هزار سالن تائين زندهه رهي. اها ڊگهي عمر کين عذاب کان ته نه بچائي سگهندي، توڙي جو کين ڏني به وڃي. الله تعالى ته سندن ڪرتوتن کي ڏسي رهيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل مَن كانَ عَدُوًّا لِجِبريلَ فَإِنَّهُ نَزَّلَهُ عَلىٰ قَلبِكَ بِإِذنِ اللَّهِ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 97) |
(اي پيغمبرکين) چئو ته جيڪو جبرائيل جو ويري ٿيندو (سو الله جو ويري آھي) ڇوته جبرائيل قرآن کي الله جي حڪم سان تنھنجي دل تي لاٿو آھي جيڪي کانئس اڳي آھي تنھن کي سچو ڪندڙ آھي ۽ مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) چئو ته جيڪو (مَلَڪ) جبريل سان دشمني رکي ٿو انهيءَ ڪري جو هو الله جي حڪم سان تنهنجي قلب تي وحي نازل ڪري ٿو ۽ اهو وحي تصديق ڪري ٿو انهيءَ وحي جي جو اڳي نازل ٿيو آهي ۽ مؤمنن جي لاءِ حق جي راه کوليندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو جيڪو جبريل جو دشمن آهي پوءِ تحقيق انهي توهان جي دل مبارڪ تي الله جي حڪم سان قرآن شريف لاٿو. جيڪو اڳين ڪتابن جي تصديق ڪندڙ ۽ هدايت ۽ مبارڪ آهي مؤمنن لاءِ.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته جيڪو (به) جبرائيل جو دشمن آهي (تنهن جو خدا دشمن آهي) ڇو ته ان تنهنجيءَ دل تي خدا جي حڪم سان قرآن لاٿو آهي ۽ اهو انهن ڪتابن کي به سچو چوندڙ آهي ۽ ايمان وارن لاءِ رهبري ۽ خوشخبري آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته جيڪو دشمن آهي جبريل جو (ان کي ڄاڻڻ گهرجي ته) بيشڪ ان لاٿو آهي ان (قرآن) کي اوهان جي دل (مبارڪ) تي الله جي حڪم سان تصديق ڪندڙ آهي انهن (ڪتابن جي) جيڪي ان کان اڳ ۾ لٿل آهن. هدايت ۽ خوشخبري آهي ايمان وارن لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (کين) چئو ته جيڪو جبريل جو دشمن آهي (سو الله جو دشمن آهي) ڇو ته ان تنهنجي دل تي الله جي حڪم سان قرآن لاٿو آهي جيڪو ان جي اڳيان (توريت) آهي تنهن کي سچو چوندڙ آهي ۽ ايمان وارن لاءِ رهبري ۽ خوش خبري آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ جيڪو جبريل جو دشمن آهي (سو پنهنجي جان جو دشمن آهي) ڇو ته بيشڪ انهيءَ ته ان (قرآن) کي تنهنجي دل تي الله جي حڪم سان لاٿو آهي، جيڪو اڳين (ڪتابن) جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ هدايت ۽ خوشخبري آهي ايمان وارن لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، جبرائيل جو بدخواه، ڪو آهي ته، اُن اتاريو، هِي، تنهنجي هنيـين مٿي، اِذن ساڻ اللهَ، صحِي ڪندڙ اُن کي، جو اُن جي اڳيان آھِ، ۽ صحي سونھپ راه، پڻ مبارڪ مؤمنين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو جبرئيل جو دشمن آهي، ان کي چؤ ته ان ئي قرآن کي تنهنجي دل تي الله جي حڪم سان لاٿو آهي، جو پاڻ کان اڳين ڪتابن کي سچو ڪري ٿو ۽ اهو مومنن لاءِ هدايت ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن کي چؤ ته جيڪو به جبرائيل جو دشمن ٿيندو ان کي ڄاڻڻ گهرجي ته جبرائيل ته الله جي ئي حڪم سان اهو قرآن تنهنجي دل تي نازل ڪيو آهي، جيڪو اڳ آيل ڪتابن جي تصديق ۽ تائيد ٿو ڪري ۽ ايمان آڻيندڙن لاءِ هدايت ۽ ڪاميابيءَ جي خوشخبري ٿي آيو آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کي چؤ (اي نبي!)، ته جيڪو جبريل سان دشمني رکي ٿو ته بيشڪ اهو نازل ڪري ٿو قرآن تنهنجي دل تي الله جي حڪم سان، اهو اڳي آيل ڪتابن جي تصديق ۽ تائيد ڪري ٿو ۽ هدايت ۽ خوشخبري آهي ايمان وارن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ! انهن يھودين کي) چؤ ته جيڪو به (حضرت) جبرائيل (ؑ) کي دشمن سمجهي ٿو (ان کي دماغ ۾ اها ڳالهه ويھارڻ کپي ته)، ان ته الله تعالى جي حڪم سان توهان جي دل تي هن قرآن کي نازل ڪيو آهي جيڪو پھريائين آيل ڪتابن جي تائيد ڪري ٿو، هاڻي صرف اهو ئي ڪتاب آهي جيڪو ايمان آڻيندڙ کي ھدايت جو رستو ۽ خوشخبري ٻڌائي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن كانَ عَدُوًّا لِلَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَرُسُلِهِ وَجِبريلَ وَميكىٰلَ فَإِنَّ اللَّهَ عَدُوٌّ لِلكٰفِرينَ (آيت : 98) |
جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس پيغمبرن ۽ جبرائيل ۽ ميڪائيل جو ويري بڻبو ته بيشڪ الله (به اھڙن) ڪافرن جو ويري آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ) جيڪو الله جو ۽ ملائڪن جو ۽ رسولن جو ۽ جبريل ۽ ميڪائيل جو دشمن آهي (يعني وحي جي سلسلي جو مخالف آهي) ته پوءِ الله تعاليٰ به اهڙن حق جي منڪرن جو دوست ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو شخص الله تعالى ۽ ان جي ملائڪن ۽ رسولن ۽ جبريل ۽ ميڪائيل جو مخالف آهي، پوءِ تحقيق الله تعالى عذاب ڏيندڙ آهي ڪافرن کي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪو خدا ۽ سندس ملائڪن ۽ ان جي رسولن ۽ جبريل ۽ ميڪائيل جو دشمن ٿيندو ته بيشڪ خدا (به اهڙن) ڪافرن جو دشمن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو دشمن آهي الله جو ۽ ان جي ملائڪن جو ۽ ان جي رسولن جو ۽ جبريل ۽ ميڪال جو پوءِ بيشڪ الله دشمن آهي ڪافرن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس رسولن ۽ جبريل ۽ ميڪائيل جو دشمن ٿيندو ته بيشڪ الله (به اهڙن) ڪافرن جو دشمن آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو ماڻهو الله جو دشمن آهي ۽ ان جي ملائڪن جو ۽ ان جي رسولن جو ۽ جبريل ۽ ميڪائيل جو ته پوءِ بيشڪ الله (به انهن) ڪافرن جو دشمن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪو عدو الله ، سندس ملڪن ۽ مرسلن جو، ۽ جبرائيل، ميڪائيل جو، ويري آھِ وِڻـاھ، ته پرور پاتشاھ، عدو انڪارين جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو شخص الله ۽ سندن ملائڪن، سندس رسولن، جبرئيل ۽ ميڪائيل جو دشمن آهي، ته الله به ڪافرن جو دشمن آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (جيڪڏهن جبرائيل سان سندن دشمنيءَ جو سبب اهو آهي ته ٻڌائي ڇڏين ته) جيڪي به الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس رسولن ۽ جبرائيل ۽ ميڪائيل جا دشمن آهن ته الله انهن ڪافرن جو دشمن آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (جي جبريل سان دشمنيءَ جو سبب اهو آهي ته کين چؤ) جيڪي دشمن الله ۽ ان جي فرشتن ۽ ان جي رسولن ۽ جبريل ۽ ميڪائيل جا آهن ته الله انهن ڪافرن جو دشمن آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (باقي رهي جبرائيل سان دشمني، ته پوءِ ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو ته) جيڪو به الله تعالى، سندس ملائڪن، ان جي رسولن، جبرائيل ۽ ميڪائيل (ؓ) سان دشمني ڪندو، ته بيشڪ الله تعالى به انهن ڪافرن جو دشمن آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَما يَكفُرُ بِها إِلَّا الفٰسِقونَ (آيت : 99) |
۽ (اي پيغمبر) بي شڪ تو ڏانھن صاف آيتون موڪليون سون، ۽ بي دينن کانسواءِ ڪوبه اُن جو منڪر نه ٿيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اسان توتي سچائي جا روشن دليل نازل ڪيا آهن ۽ انهن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي، سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي سچائي ۽ نيڪ عملن کي ڇڏي) گمراه ٿي ويا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان توهان تي اي حبيب ! چٽيون آيتون نازل فرمايون، ۽ انڪار نٿا ڪن انهيءَ جو مگر بي دين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان تو ڏي ظاهر نشانيون نازل ڪيون ۽ انهن جو بدڪارن کانسواءِ ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق نازل ڪيون سون اوهان ڏي روشن نشانيون ۽ نه ٿا انڪار ڪن انهن جو مگر بي فرمان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان تو ڏي ظاهر ڳالهيون نازل ڪيون آهن. ۽ انهن جو بدڪارن کان سواءِ ڪو انڪار نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ البته بيشڪ اسان تو ڏانهن روشن آيتون لاٿيون آهن، ان جو نافرمانن کان سواءِ ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توڏي اسان اُتاريون، نيشانيون نروار، ۽ اُن کان، نه ڪن انڪار، مگر ڏوهارِي ڏيھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان توڏانهن پڌريون آيتون موڪليون آهن، مگر بڇڙا ماڻهو ئي ان جو انڪار ڪندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان توڏانهن اهڙيون آيتون نازل ڪيون آهن، جيڪي حق کي خوب پڌرو ڪرڻ واريون آهن ۽ انهن جي پيرويءَ کان رڳو اهي ماڻهو ٿا انڪار ڪن، جيڪي فاسق آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان توتي اهڙيون آيتون نازل ڪيون آهن جيڪي سراسر حق آهن، انهن جو انڪار ڪندڙ فقط فاسق ماڻهو ئي آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان توهان ڏانھن اهڙيون صاف ۽ پڌريون آيتون موڪليون آهن، سو انهن پڌرين آيتن جو انڪار ته رڳو نافرمان ماڻهو ئي ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَكُلَّما عٰهَدوا عَهدًا نَبَذَهُ فَريقٌ مِنهُم بَل أَكثَرُهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 100) |
جڏھن به ڪو انجام ٻڌائون ٿي ته ان کي ڇو منجھائن ھڪ ٽوليءَ ڀڳو ٿي، بلڪ منجھائن گھڻا ايمان نه آڻيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن به هنن يهودين (حق جي تابعداري جو ڪو) عهد ڪيو تڏهن انهن مان ڪنهن نه ڪنهن ٽوليءَ انهيءَ عهد کي اڇلائي ڦٽو ڪيو، حقيقت هيءَ آهي ته هنن مان گهڻا اهڙا آهن جن جون دليون ايمان کان خالي آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا جڏهن اهي ڪو وعدو ڪن ٿا انهن مان هڪ جماعت وعدو ٽوڙي ٿي، پر گهڻا انهن مان تورات کي نٿا مڃن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (انهن جي اها حالت آهي جو) جڏهن به ڪو اقرار ڪيائون ته انهن مان هڪ ٽولي (اهو انجام) ٽوڙي ڇڏيو، بلڪه انهن مان گهڻا ايمان به نٿا رکن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا (اهو نه آهي ته انهن) جڏهن به پڪو وعدو ڪيو ته ڀڳو ان (وعدي) کي هڪ جماعت انهن مان.لڪ گهڻا انهن مان ته ايمان به نه ٿا آڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا جڏهن به ڪو انجام ٻڌائون ته انهن مان هڪ جماعت ان کي اڇلائي ڇڏيو. بلڪ انهن مان گهڻا (توريت تي به) ايمان نه ٿا رکن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڇا هميشه ائين نه ٿيندو رهيو آهي جو جڏهن به انهن ڪو معاهدو ڪيو ته انهن مان هڪ ٽولي ان کي ٽوڙي ڇڏيو. بلڪه انهن مان گهڻا ته ايمان ئي نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا جڏهن تڏهن ، اُنهن وري، ڪيا قول قرار، ته اڇلايسِ اُنهن منجھان، ٻارِي ڪنهن بيهار، بلڪ گھڻا بدڪار، تن مان، نه مڃينِ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا ائين نه آهي ته جڏهن به انهن ڪو انجام ڪيو، انهن مان هڪ ٽولي ان کي ڦٽو ڪري ڇڏيو؟ بلڪ انهن مان گهڻا ايمان نٿا آڻين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا هميشه ائين نه ٿيندو رهيو آهي جو جڏهن به انهن ڪو عهد ڪيو ته انهن مان ڪنهن نه ڪنهن ٽولي انهيءَ کي ضرور اڇلائي ڇڏيو بلڪه حقيقت ۾ انهن ۾ گهڻائي انهن جي آهي جيڪي سچيءَ دل سان ايمان نٿا آڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هميشھ ائين نه ٿيو آهي ته انهن ڪو عهد ڪيو ته ڪنهن نه ڪنهن ٽولي ان کي نظرانداز ڪيو، پر اڪثر اهڙا به آهن جيڪي ايمان نٿا آڻين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (شروع کان وٺي اڄ تائين) انهن يهودين جڏهن به ڪو وعدو ڪيو آهي، ته انهن نافرمان ماڻهن مان ئي هڪ ٽولي ان وعدي کي ٽوڙي ڇڏيو، حقيقت هي آهي ته انهن مان گهڻا ماڻهو وعدي کي دِل سان مڃيندا ئي نه آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا جاءَهُم رَسولٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم نَبَذَ فَريقٌ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ كِتٰبَ اللَّهِ وَراءَ ظُهورِهِم كَأَنَّهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
۽ جڏھن پيغمبر (مُحمّدﷺ) انھي (يعني توريت) جو سچو ڪندڙ جيڪو وٽن آھي الله وٽان آين (تڏھن) جن کي ڪتاب (توريت) ڏنو ويو تن مان ھڪ ٽوليءَ الله جي ڪتاب کي پنھنجن پُٺين پويان اُڇليو ڄڻڪ اُھي ڄاڻندا ئي نه آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن هنن وٽ الله وٽان هڪڙو رسول انهيءَ ڪتاب (تورات) جي تصديق ڪندي آيو جو وٽن اڳ ۾ موجود هو تڏهن انهن يهودين جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو، تن مان هڪ ٽولي انهيءَ الله جي ڪتاب (تورات) کي پنهنجي پٺئين پاسي اڇلائي ڇڏيو. ڄڻ ته ان کي سڃاڻيندا به نه هئا. (حضرت عيسيٰ ۽ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي نه مڃڻ تورات کي نه مڃڻ جي برابر هو، ڇو ته تورات ۾ ٻنهي جي سچائيءَ جون پيشنگويون آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن انهن وٽ اسان جي طرفان رسول ڪريم آيو جيڪو سندن ڪتاب جي تصديق ڪري ٿو ته انڪار ڪيو هڪ ٽولي اهلِ ڪتاب وارن مان، قرآن شريف جي حڪمن کي نه مڃو گوياڪ بيشڪ اهي نٿا ڄاڻن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن وٽ خدا جي طرف کان رسول (محمد) آيو جو، جيڪي وٽن آهي تنهن کي سچو چوندڙ آهي تڏهن به اهل ڪتاب مان هڪ جماعت خدا جي ڪتاب (توريت) کي پنهنجي پٽن پٺيان اڇلائي ڇڏيو، ڄڻ ته اهي نٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن آيو انهن وٽ رسول، الله جي طرفان جيڪو تصديق ڪندڙ آهي ان (ڪتاب) جي جو انهن سان گڏ آهي ته اڇلايو هڪ جماعت اهل ڪتاب مان الله جي ڪتاب کي پنهنجين پٺين جي پويان ڄڻ ته اهي ڄاڻن ئي ڪونه ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن انهن وٽ الله وٽان رسول (محمدصه) آيو جو جيڪي وٽن آهي تنهن کي سچو چوندڙ آهي تڏهن اهل ڪتاب مان هڪ جماعت الله جي ڪتاب (تورات) کي پنهنجي پٺين پٺيان اڇلائي ڇڏيو ڄڻ ته اهي نٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن وٽ الله وٽان رسول (محمد ڪريم ﷺ ) آيو جيڪو ان جي تصديق ڪندڙ آهي جيڪو (ڪتاب تورات) انهن وٽ آهي ته ڪتاب وارن مان هڪ جماعت الله جي ڪتاب کي پنهنجي پُٺِيُن پويان اڇلائي ڇڏيو، ڄڻڪ اهي ڄاڻن ئي نه ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آينِ، جڏهن اللهَ وٽان، مُرسل مهربان، صحي ڪندڙ ساڻن، جي ڀيڙا باب بيان، تڏهين تورات، جن مڃيو، تن مان، ڪوفِر قو بي فرمان، پنهنجي پُٺن پٺيان، صحيفو سُبحان، اُڇلايؤن عيان، ڪَر اُهي، ڄاڻن ئـِي ڪونه ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن به انهن وٽ الله وٽان ڪو رسول آيو، جو وٽن آيل ڪتاب کي سچي ڪرڻ وارو هو، ته انهن ڪتاب ڏنل ماڻهن مان هڪ ٽولي الله جي ڪتاب کي پنهنجي پٺيان اڇلائي ڦٽو ڪيو، ڄڻ ته اهو ڄاڻن ئي نٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن به وٽن الله وٽان ڪو رسول انهيءَ ڪتاب جي تصديق ۽ تائيد ڪندڙ بڻجي آيو، جيڪو وٽن اڳيئي موجود هو ته انهن اهل ڪتاب مان هڪڙي ٽولي الله جي ڪتاب کي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو، ڄڻڪ هو ڪجهه ڄاڻن ئي نه پيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن انهن وٽ الله جي طرفان ڪو رسول آيو، ان ڪتاب جي تصديق ڪندو جيڪو انهن وٽ اڳي ئي موجود هو، ته انهن اهل ڪتاب مان هڪ ٽولي الله جي ڪتاب کي اهڙيءَ طرح پٺيءَ پويان اڇليو ڄڻ ته اهي ڪجهه ڄاڻن ئي نٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن انهن (يھودين) وٽ الله تعالى جي طرفان موڪليل رسول، وٽن موجود ڪتاب تورات جي تصديق ڪندي آيو ته انهن مان ئي هڪڙي ٽولي، الله تعالى جي ڪتاب کي پٺيءَ پويان ايئن اڇلائي ڇڏيو، ڄڻ ته هو (ان تورات کي) سڃاڻن ئي ڪونه ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتَّبَعوا ما تَتلُوا الشَّيٰطينُ عَلىٰ مُلكِ سُلَيمٰنَ وَما كَفَرَ سُلَيمٰنُ وَلٰكِنَّ الشَّيٰطينَ كَفَروا يُعَلِّمونَ النّاسَ السِّحرَ وَما أُنزِلَ عَلَى المَلَكَينِ بِبابِلَ هٰروتَ وَمٰروتَ وَما يُعَلِّمانِ مِن أَحَدٍ حَتّىٰ يَقولا إِنَّما نَحنُ فِتنَةٌ فَلا تَكفُر فَيَتَعَلَّمونَ مِنهُما ما يُفَرِّقونَ بِهِ بَينَ المَرءِ وَزَوجِهِ وَما هُم بِضارّينَ بِهِ مِن أَحَدٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَتَعَلَّمونَ ما يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَلَقَد عَلِموا لَمَنِ اشتَرىٰهُ ما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ وَلَبِئسَ ما شَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 102) |
۽ اُھي (يھودي توريت جي پيروي ڇڏي) اھڙن (باطل علمن) جي پٺيان لڳا جيڪي سليمان جي واري ۾ شيطان پڙھندا ھوا، ۽ سليمان (جادو ڪرڻ جو) ڪفر نه ڪيو پر شيطانن ڪفر ڪيو جو ماڻھن کي جادو سيکاريندا ھوا، ۽ پڻ (جادوءَ کي اسماء الٰهيه ساڻ بيجا استعمال ڪرڻ جي پٺيان پيا) جيڪي (اسماء الٰهيه جا اسرار) ٻن ملائڪن ھاروت ۽ ماروت تي بابل (شھر) ۾ نازل ٿيا ھئا، ۽ اُھي ٻئي (انھن سڳورن علمن مان) ڪجھ به ايسين ڪنھن ھڪڙي کي نه سيکاريندا ھوا جيسين (ھي) چوندا ھئا ته اسين رڳو پرکه آھيون تنھنڪري (انکي بيجا ڪم ۾ آڻي) ڪافر نه بڻج (جو ناجائز ڪمن لاءِ اسماءِ الٰهي ڪم آڻڻ ڪفر آھي) پوءِ کانئن اُھو سکندا هُئا جنھن سان مڙس ۽ سندس زال جي وچ ۾ ڦيٽو وجھندا هُئا، ۽ اُھي اُن سان ڪنھين ھڪڙي کي الله جي حڪم ڌاران ڏکوئيندڙ نه هُئا، جيڪا کين ڏکوئيندي ۽ فائدو نه ڏيندي سا سکندا هُئا، ۽ بيشڪ ڄاتائون ٿي ته جنھن اُھا ڳڌي تنھن کي آخرت ۾ ڪو نصيب نه آھي، ۽ جنھن سان پاڻ کي وڪيائون سا ضرور بڇڙي آھي، جيڪر ڄاڻن ھا (ته پاڻ پلين ھا).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو ان (جادوءَ) جي پٺيان لڳي پيا جو حضرت سليمان (عليه السلام) جي بادشاهيءَ جي زماني ۾ شيطان (يعني شرير ماڻهو) پڙهندا هئا، پر حضرت سليمان ڪڏهن به اهو ڪفر جو ڪم نه ڪيو (جادو نه سيکاريو) مگر انهن ئي شيطانن جو ڪفر هئو جو ماڻهن کي جادوگريءَ سيکاريندا هئا، نڪي اهو جادو بابل ۾ هاروت ۽ ماروت مَلڪن تي نازل ٿيو هو. حقيقت هيءَ آهي ته جيڪي به هو سيکاريندا هئا سو هيئن چوڻ کان سواءِ نه سيکاريندا هئا ته يقيناً اسان اوهان جي لاءِ فتنو (آزماش) آهيون. پوءِ توهان ڪفر جو ڪم نه ڪيو، پر تنهن هوندي به ماڻهو شيطانن کان اهڙا ڪم سکندا هئا جن جي وسيلي مڙس ۽ زال جي وچ ۾ جدائي وجهڻ گهرندا هئا پر هو ڪنهن به انسان کي نقصان پهچائي ڪونه سگهندا هئا، پر خدا جي حڪم سان هونئن ئي ڪنهن کي نقصان پهچڻو هوندو ته پوءِ ته پهچندو. ۽ اهي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون سکن ٿا جي هنن کي نقصان ٿيون پهچائين نه فائدو. هنن کي خبر به آهي ته جيڪو به (پنهنجو دين ايمان وڪڻي) جادوگري خريد ڪندو تنهن کي آخرت جي ڀلاين مان ڪجهه به نه ملندو. ڪهڙي نه خراب شيءِ جي واسطي هنن پنهنجون جانيون وڪڻي ڇڏيون. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جيڪڏهن هو اها حقيقت ڄاڻن ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهيءَ جي پويان ويا جيڪو شيطان پڙهندا هئا سليمان جي دورِ حڪومت ۾، ۽ نه جادو ڪيو سليمان پر شيطانن ڪفر ڪيو (يعنى) ماڻهن کي جادو سيکاريو، ۽ جيڪو بابل شهر ۾ ٻن ملائڪن هاروت ۽ ماروت تي الهام ٿيو، ۽ اهي ٻئي ڪنهن کي ڪجهه به نه سيکاريندا هئا جيستائين نه چوندا هئا ته اسين امتحان ۾ آهيون، پوءِ تون ته ڪفر نه ڪر، پوءِ انهن کان سکندا هئا اهو علم جيڪو زال ۽ مڙس جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪري، ۽ انهيءَ علم مان ڪنهن کي به الله جي اجازت کان سواءِ نقصان پهچائي نٿي سگهيا ۽ اهو علم سکيا ٿي جيڪو انهن کي نقصان ڏي ۽ ڪوبه فائدو نه ڏي، ۽ بيشڪ ضرور انهن معلوم ڪيو ته جيڪو اهو واپار ڪندو انهيءَ لاءِ آخرت ۾ ڪوبه حصو ناهي، ۽ البته خراب شيءِ هئي جيڪا انهن خريد ڪئي، ڪاش جيڪڏهن اهي ڄاڻن ها.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ان منتر (باطل علم) جي پٺيان لڳا جنهن کي سليمان جي بادشاهيءَ ۾ شيطان پڙهندا هئا ۽ سليمان ڪفر نه ڪيو پر شيطانن ڪفر ڪيو (جو) ماڻهن کي جادو سيکاريائون ٿي ۽ (ان علم جي پٺيان لڳا) جو ٻن فرشتن هاروت ۽ ماروت تي بابل ۾ لاٿو ويو ۽ اهي ٻئي ڪنهن کي (تيسين اهو علم) نه سيکاريندا هئا جيسين ان کي نه چوندا هئا ته اسين رڳو آزمائش (جو ذريعو) آهيون ۽ تون (هن علم کي بيجا طور ڪم آڻي) ڪفر نه ڪر! پوءِ انهن ٻنهي مان (جادو ۽ ان علم مان) اهو ڪجھ سکن ٿا جنهن سان مڙس ۽ ان جي زال جي وچ ۾ جدائي وجهن ٿا، هوڏانهن اهي ان سان خدا جي حڪم کانسواءِ ڪنهن کي به نقصان رسائي نٿا سگهن ۽ اهو ڪجھ سکن ٿا جيڪو انهن کي نقصان پهچائي ٿو ۽ انهن کي فائدو نٿو پهچائي ۽ بيشڪ انهن ڄاتو ته جنهن ان کي خريد ڪيو تنهن لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي ۽ بيشڪ اهو بڇڙو (بدلو) آهي جنهن سان پاڻ کي وڪيو اٿن، جيڪڏهن (اها ڳالھ) ڄاڻن ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پيروي ڪرڻ لڳا ان جي جو پڙهيو ٿي شيطانن (حضرت) سليمان جي بادشاهيءَ جي وقت ۾ حالانڪ سليمان ته ڪو به ڪفر نه ڪيو هو بلڪ شيطانن ئي ڪفر ڪيو جو سيکاريندا هئا ماڻهن کي جادو ۽ اهو به جو نازل ڪيو ويو ٻن ملائڪن تي بابل (شهر) ۾ (انهن جا نالا) هاروت ۽ ماروت هئا ۽ نه ٿي پڙهايائون ڪنهن هڪ کي تان جو چيائون ٿي ته تحقيق اسين آزمائش آهيون پوءِ تون ته ڪفر نه ڪر (ان جي باوجود) پوءِ سکندا هئا انهن ٻنهي کان اهو (جادو) جو جدائي وجهندا هئا ان سان مڙس ۽ ان جي زال ۾ ۽ ناهن اهي نقصان ڏيندڙ ان سان ڪنهن هڪ کي الله جي اذن کان سواءِ سکن ٿا اها (شيءِ) جو نقصان ڏئي انهن کي ۽ نه ٿي نفعو ڏئي سگهي انهن کي ۽ البته چڱيءَ طرح ڄاتو هئائون ته البته جو شخص به خريد ڪندو ان (علم) کي ته ناهي ان لاءِ آخرت ۾ ڪو ڀاڱو (الله جي) رحمت مان ۽ البته بڇڙي آهي اها (شيءِ) جو وڪڻيائون ان جي بدلي ۾ جانيون پنهنجيون جيڪڏهن ڄاڻن ها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي ان (باطل علم) جي پٺيان لڳا جنهن کي سليمان جي بادشاهيءَ ۾ شيطان پڙهندا هئا. ۽ سليمان ڪفر نه ڪيو پر شيطانن ڪفر ڪيو ماڻهن کي جادو سيکاريائون ٿي. ۽ (ان علم جي پٺيان لڳا) جو ٻن ملڪن هاروت ۽ ماروت تي بابل ۾ لاٿو ويو. ۽ اهي ٻئي ڪنهن کي (تيسين اهو علم) نه سيکاريندا هئا جيستائين ان کي نه چوندا هئا ته اسين رڳو آزمائش آهيون پوءِ تون (هن علم کي بيجا طرح ڪم آڻي) ڪفر نه ڪر. پوءِ انهن ٻنهي مان (يعني جادو ۽ ان علم مان) اهو ڪجهه سکن ٿا جنهن سان مڙس ۽ سندس زال جي وچ ۾ جدائي وجهن ٿا، هوڏانهن اهي ان (جادوءَ ۽ علم) سان الله جي حڪم کان سواءِ ڪنهن کي به نقصان پهچائيندڙ نه آهن ۽ اهو ڪجهه سکن ٿا جو انهن کي نقصان پهچائي ٿو ۽ انهن کي فائدو نه ٿو پهچائي ۽ بيشڪ انهن ڄاتو ته جنهن ان کي خريد ڪيو تنهن لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي. ۽ بيشڪ اهو بڇڙو (بدلو) آهي جنهن سان پاڻ کي وڪيو اٿن جيڪڏهن ڄاڻن ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پٺيان لڳا ان (جادوءَ) جي جيڪو سليمان جي دؤرِ حڪومت ۾ شيطان پڙهندا هئا ۽ سليمان ته ڪفر ڪو نه ڪيو هيو بلڪه ڪفر ته شيطانن ڪيو جيڪي ماڻهن کي جادو سيکاريندا هئا ۽ ان (جادو جي پويان لڳي پيا) جيڪو بابل جي شهر ۾ ٻن ملائڪن هاروت ۽ ماروت تي لاٿو ويو هيو. ۽ اهي ٻئي (ملائڪ) ڪنهن کي ڪجهه نه سيکاريندا هئا ايستائين جو چوندا هئا ته اسان ته صرف آزمائش آهيون سو اوهان (ان تي ويساهه رکي) ڪفر نه ڪيو. ان هوندي به اُهي (يهودي) انهن کان اهڙا (ٽوڻا ڦيڻا) سکندا هئا جن سان زال ۽ مڙس جي وچ ۾ جدائي وجهن. حالانڪه اُهي ان جي ذريعي ڪنهن کي ڪو نقصان نه ٿي پهچائي سگهيا، سواءِ الله جي اذن جي. ۽ اُهي شيون سکن ٿا جيڪي انهن کي نقصان ڏين ۽ نفعو نه ڏين ۽ بيشڪ اهو به ڄاتائون ته جيڪو ان (جادو) جو خريدارٿيو ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي، ۽ بري شيءِ آهي جنهن جي عيوض پنهنجي جانين جو سودو ڪيائون هائو جي (ان جي اصليت) ڄاڻن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تن ٽوڻـن ڦيڻن جا، تابع ٿيا تعبان، سليمان جِي صاحبئ ۾، جي پڙهندا هئا شيطان، ۽ ڪفر نه سليمان ڪيو، پر جن ڀوت بيگمان، جادو منجھ جھان، هئا، مَنڊ سيکاريندا ماڻهين. ۽ نڪي اُتاريوسون، ٻن مَلڪن مٿي مور، هاروت ۽ ماروت تي، بابل ۾ مشهور، نه ڪنهن کي سيکاريندا، سي هئا، تان ظاهر چون ضرور، ته اسين فِتنو ۽ فتور، پوءِ ڦر نه تون، فرمان کان. پوءِ به سکن پيا، اُنهن ڪنان، سي جھاڙون جادوگر، جن سان، وجھن گوڙ گھر ۾، ڇِنن ونِي، سندس کان ور، ۽ هرگـز نه ڏينِ ڪنهن هيڪ کي، سي ضرر ذري ڀر، مُقرّر مگر، اِذن ساڻ الله جي. ۽ سوئي پيا، ساڌِين سي، جنهن مان، ضرر کين ضرور، ۽ تن مورکن کي مور، ڪسرڪسيرو ڪا نه ڏي. ۽ پتو هونِ پاڻ، ته جنهن خلل، سو خريد ڪيو، حِصّو آخرت ۾، ڪونهي انهئَ ڪاڻ. ۽ بلڪل بچڙو، سو ٿيو، پاڻ وڪيؤن، جنهن ساڻ، هوند هچارا هاڻ، صحي سوچينِ ڳالھ کي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ته ان جي پيروي ڪئي، جيڪي شيطانن سليمان جي بادشاهي وقت پڙهيو ٿي ۽ سليمان اهو ڪفر جو ڪم نه ڪيو هو، پر شيطان ئي ماڻهن کي جادو سيکارڻ سان ڪفر جو ڪم ڪندا هئا ۽ نڪي بابل ۾ ٻن ملائڪن هاروت ۽ ماروت تي ئي لاٿو ويو هو ۽ اهي ماڻهن کي ايئن چوڻ کان سواءِ به نه سيکاريندا هئا، ته ”اسين آزمائش آهيون، ان ڪري ڪفر جو ڪم نه ڪريو.“ ته به هو انهن کان اهو سکندا هئا، جنهن سان مڙس زال جي وچ ۾ ڦيٽاڙو وجهي سگهن. پر هو ان سان الله جي حڪم کان سواءِ ڪنهن کي به نقصان نه ڏئي سگهندا هئا ۽ جيڪي سکندا ها، سو کين نقصان ڏيندو هو پر فائدو نه. هنن ڄاتو ٿي ته جيڪو انهيءَ کي وٺندو، ان لاءِ آخرت ۾ ڪو فائدو ناهي. بيشڪ اُها چيز بڇڙي آهي جنهن لاءِ پاڻ کي وڪيائون، جيڪڏهن ڄاڻن ته.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ لڳا انهن شين جي پيروي ڪرڻ جيڪي شيطان، سليمان جي بادشاهيءَ جي حوالي سان پيش ڪندا هئا، حالانڪه سليمان ته ڪڏهن به ڪفر نه ڪيو هو. ڪفر ته انهن شيطانن ڪيو هو جيڪي ماڻهن کي جادو سيکاريندا هئا. هو ڪڍ لڳا انهيءَ شيءِ جي جيڪا بابل ۾ ٻن فرشتن هاروت ۽ ماروت تي نازل ڪئي وئي هئي، حالانڪ اهي (ملائڪ) جڏهن به ڪنهن کي اهو سيکاريندا هئا ته اڳ ۾ کولي چتاءُ ڏيندا هئس ته اسان ته فقط هڪڙي آزمائش آهيون، تون ڪفر ۾ نه پؤ. تڏهن به اهي ماڻهو انهن کان اها شيءِ سکندا هئا، جنهن جي وسيلي مڙس ۽ زال جي وچ ۾ جدائي وجهن. نه ته هو الله جي حڪم کانسواءِ انهيءَ سان ڪنهن کي به ڪو نقصان پهچائي نٿي سگهيا، تنهن هوندي به اهي اهڙيون ڳالهيون سکندا هئا جيڪي خود انهن لاءِ فائديمند نه پر نقصانڪار هيون. ۽ انهن اهو به پئي ڄاتو ته جنهن اها شيءِ خريد ڪئي ان لاءِ آخرت ۾ ڪوبه ڀاڱو ناهي. ڪهڙو نه بڇڙو سامان هو جنهن جي عيوض انهن پنهنجو پاڻ کي وڪڻي ڇڏيو، جيڪر ته معلوم هجين ها! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ لڳا پيروي ڪرڻ انهن شين جي جيڪي شيطان سليمان جي سلطنت جو نالو وٺي پيش ڪندا هئا. جڏهن ته سليمان ڪڏهن به ڪفر نه ڪيو، ڪفر ڪندڙ ته اهي شيطان هئا جيڪي ماڻهن کي جادوگري جي تعليم ڏيندا هئا، اهي پويان پيا ان شيءِ جي، جيڪا بابل جي ٻن فرشتن هاروت ۽ ماروت تي نازل ڪئي وئي. ۽ جڏهن ته انهن (فرشتن) ڪنهن کي به اها تعليم ڏني ٿي ته صاف چيو ٿي ته، ”ڏس! اسان فقط هڪ آزمائش آهيون، تون ڪفر ۾ مبتلا نه ٿي“ پوءِ به ماڻهن انهن کان اها شيءِ سکي ٿي، جنهن سان جدائي وجهن مڙس ۽ زال جي وچ ۾، ظاهر آهي ته الله جي حڪم بنا اهي انهيءَ ذريعي سان ڪنهن کي به نقصان پهچائي نه ٿي سگهيا، پر ان جي باوجود اهي اهڙيون شيون سکندا هئا جيڪي سندن لاءِ فائديمند نه هيون، ۽ کين خوب معلوم هو ته جيڪو انهيءَ شيءِ جو خريدار بڻيو، ان جي لاءِ آخرت ۾ ڪوبه حصو ناهي، ڪيترو نه برو سامان هو جنهن جي عيوض انهن پاڻ کي وڪڻي ڇڏيو، افسوس! کين معلوم هجي ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (يھودي اصل ڪتاب کي ڇڏي) انهن شين جي پيروي ڪرڻ لڳا، جيڪي حضرت سليمان (ؑ) جي بادشاهيءَ ۾ شيطان پڙهندا هئا، حالانڪه سليمان (ؑ) ڪڏهن به ڪفر وارو ڪم نه ڪيو، ڪفر وارا ڪم ته شيطان ڪندا هئا، جيڪي ماڻهن کي جادوءَ جو فن سيکاريندا هئا ۽ هو ماڻهو ان شيءِ جي پويان لڳي ويا، جيڪا بابل ۾ ٻن فرشتن هاروت ۽ ماروت تي نازل ڪئي وئي هئي. حالانڪه هي فرشتا جڏهن به ڪنھن کي، ان شيءِ جو علم سيکاريندا هئا ته کين (اڳ ۾) سختيءَ سان ٻڌائيندا هئا، ته اسان (توهان جي لاءِ) آزمائش طور موڪليا ويا آهيون، سو توهان ڪفر وارو ڪم نه ڪريو، پر پوءِ به هي ماڻهو انهن فرشتن کان اهڙو علم سکندا هئا، جنھن سان زال ۽ مـڙس جـي وچ ۾ جدائي پئجي ويندي هئي. حقيقت هي آهي ته الله تعالى جي حڪم کان سواءِ، هو ڪنھن کي به ڪو نقصان نه پيا پھچائي سگهن، تنھن هوندي به هو اهو علم سکندا رهندا هئا، جنھن جي سکڻ ۾ ڪوبه فائدو نه هو، بلڪه الٽو انهن لاءِ نقصانڪار هو ۽ هو خود به سمجهندا هئا، ته جنھن به اهو علم سکيو ته قيامت واري ڏينهن ان جي لاءِ ڪا به ڀلائي نه آهي. جيڪڏهن هو ٿورڙي به ڊگهي نظر ڪن ها ته پنهنجو پاڻ کي ڦاسائي خساري وارو سودو ڪڏهن به نه ڪن ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو أَنَّهُم ءامَنوا وَاتَّقَوا لَمَثوبَةٌ مِن عِندِ اللَّهِ خَيرٌ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 103) |
۽ جيڪڏھن اُھي (يھودي) ايمان آڻين ھا ۽ پرھيزگار بڻجن ھا ته الله وٽان ضرور چڱو بدلو (ملين ھا)، جيڪڏھن ڄاڻن ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن اهي ماڻهو (خدا جي حڪمن تي) ايمان آڻين ها ۽ نافرماني کان بچن ها ته هنن کي الله وٽان بهتر اجر ملي ها. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جيڪڏهن هو اها حقيقت ڄاڻن ها!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن بيشڪ اهي ايمان آڻن ها ۽ شرڪ کان بچن ها ته انهن لاءِ الله وٽ ثواب هجي ها، ڪاش جيڪڏهن اهي ڄاڻن ها.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اهي ايمان آڻين ها ۽ (جادو ۽ ٻين ڏوهن کان پاڻ بچائي) پرهيزگار ٿين ها ته خدا جي بارگاھ مان جيڪو کين ثواب ملي ها سو ان (ڳالھ) کان گهڻو سٺو هجي ها، ڪاش! اهي ماڻهو (ايترو ته) ڄاڻن ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن بيشڪ اهي ايمان آڻن ها ۽ پرهيزگار ٿين ها ته (ان جو) ثواب الله وٽان گهڻو ڀلو آهي جيڪڏهن ڄاڻندا هجن ها . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اهي ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگار ٿين ها ته الله وٽان چڳو بدلو هو جيڪڏهن ڄاڻن ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اُهي ايمان آڻن ها ۽ ڊڄن ها ته الله وٽان ثواب انهن لاءِ بهتر هيو. هائو جي (اصل حقيقت) ڄاڻن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هوندو مڃيائون مورهين ۽ چڱي رکيائون چال، ته ڀلو، ڀلي وٽ ڀال، هوندرکن ڪو حوصلو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن اهي ايمان آڻين ۽ دينداري ڪن، ته الله وٽان جيڪو ثواب ملي ها، سو گهڻو چڱو هو، جيڪر ڄاڻن ته. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن هو ايمان ۽ تقويٰ اختيار ڪن ها ته الله وٽان ان جو جيڪو بدلو ملين ها اهو انهن لاءِ وڌيڪ ڀلو هو، ڪاش! انهن کي ڄاڻ هجي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي هو ايمان ۽ تقويٰ اختيار ڪن ها، ته ان جو بدلو الله وٽ سهڻو ملي ها، ڪاش انهن کي معلوم هجي ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن هو ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگار ٿي وڃن ها، ته کين خود خبر پئجي وڃي ها ته ان ايمان جو جيڪو بدلو الله تعالى وٽ آهي، اهو ان بيڪار علم سکڻ کان ڪيڏو نه بھتر هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقولوا رٰعِنا وَقولُوا انظُرنا وَاسمَعوا وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
اي ايمان وارؤ (پيغمبر کي عرض ڪرڻ مھل) راعِنا (جو لفظ) نه چئو ۽ اُنظرنا (جو لفظ) چئو ۽ (اھو حڪم دل سان) ٻڌو، ۽ ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ايمان وارؤ! راعنا (اسان ڏي ڌيان ڏي) جو لفظ ڪم نه آڻيو (جڏهن پيغمبر صلي الله عليه وسلم جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪائڻ چاهيو، ڇو ته اهو لفظ ٻه معنائون ٿو رکي) پر انظرنا (اسان ڏي ڌيان ڪر) چئو ۽ (پوءِ جيڪي پاڻ سڳورا فرمائين سو) خيال سان ٻڌو. اهڙن حق جي منڪرن کي ته دردناڪ عذاب ملڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! رسولِ عربي کي رَاعِنَا جي لفظ سان عرض نه ڪريو بلڪ اُنظُرنا جي لفظ سان عرض ڪريو ۽ چڱي طرح ٻڌو، ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! (رسول کي عرض ڪرڻ وقت) راعنا (اسان جي رعايت ڪر) نه چوندا ڪريو پر انظرنا (اسان ڏي توجه جي نظر فرمايو) چوندا ڪريو ۽ (دل سان) ٻڌندا رهو ۽ انڪار ڪندڙن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! (نبي پاڪ سان ڳالهائڻ وقت) نه چئو راعنا بلڪ چئو (انظرنا) نظر فرمايو اسان تي ۽ (غور سان) ٻڌو ۽ ڪافرن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارو (رسول کي عرض ڪرڻ وقت) رَاعِنا نه چئو ۽ اُنظُرنَا چئو ۽ اوهين ٻڌو ! ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! (نبي سان مخاطب ٿيندي) رَاعِنَا نه چؤ ۽ اُنْظُرْنَا (اسان تي نظرِ ڪرم ڪيو) چؤ ۽ (سندن فرمانَ غور سان) ٻڌو ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن مڃيو!، سي مَ چئو، ته اي اسان جا ڌرار!، ۽ چئو نِهار اَسان ڏي، يا نبي!، ٻُڌو ڳالھ ٻيهار، ۽ آهي اِنڪارين هار، سورن ڀريو ساڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي ايمان وارؤ! ”راعنا“ نه چئو ۽ ”انظرنا“ چئو ۽ ڪن ڏئي ٻڌو ۽ ڪافرن لاءِ ته درناڪ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! راعنا نه چوندا ڪريو بلڪه اُنظرنا چوندا ڪريو ۽ ڌيان ڏئي ڳالهه ٻڌو، اهي ڪافر ته دردناڪ عذاب جا حقدار آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! نه چوندا ڪريو ’راعنا‘ پر چوندا ڪريو’اُنظرنا‘، ۽ ڳالهه توجهه سان ٻڌو، ۽ هي ڪافر ته مستحق آهن دردناڪ عذاب جا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! نبي سڳوري سان گفتگو ڪرڻ لاءِ”رَاعِنَا“ نه چوندا ڪريو، بلڪه ”اُنۡظُرۡنَا“ چوندا ڪريو ۽ نبي سڳوري جي ڳالهه کي انتھائي غور سان ٻڌندا ڪريو، ڪافرن لاءِ ته اسان انتھائي تڪليف ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَلَا المُشرِكينَ أَن يُنَزَّلَ عَلَيكُم مِن خَيرٍ مِن رَبِّكُم وَاللَّهُ يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 105) |
نڪي ڪو ڪتاب وارن ڪافرن مان ۽ نڪي ڪو مشرڪن مان اوھان جي پالڻھار کان اوھان تي ڪنھن چڱائيءَ جو لھڻ گھرندو آھي، ۽ الله پنھنجي ٻاجھ سان جنھن کي وڻيس تنھن کي چونڊيندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهل ڪتاب مان جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي ۽ پڻ عرب ملڪ جا مشرڪ نٿا چاهين ته تنهنجي رب وٽان توتي خير ۽ برڪت (يعني وحي) نازل ٿئي. پر الله ته جنهن کي چاهي تنهن کي پنهنجي رحمت لاءِ چونڊي کڻي ٿو ۽ الله وڏي فضل ۽ ڪرم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ڪافر آهن اهلِ ڪتاب مان يا مشرڪن مان اهي نٿا چاهين ته رسولِ عربي تي سندس رب جي طرفان ڪو انعام نازل ٿئي، ۽ الله تعالى خاص ڪري ٿو رحمت پنهنجيءَ سان جنهنکي گُهري، ۽ الله تعالى وڏو مهربان آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) جيڪي اهل ڪتاب وارن مان ڪافر ٿيا اهي ۽ مشرڪ پسند نٿا ڪن ته اوهان تي اوهان جي پالڻهار وٽان ڪا ڀلائي (وحي جي) لاٿي وڃي، خدا هوڏانهن پنهنجي رحمت سان جنهن کي گهري خاص ڪري چونڊي ٿو ۽ خدا وڏي فضل ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿا پسند ڪن ڪافر اهل ڪتاب وارن مان ۽ نه مشرڪ هن ڳالھ کي جو لاٿي وڃي اوهان تي ڪا ڀلائي اوهان جي رب جي طرفان ۽ الله خاص ٿو ڪري پنهنجيءَ رحمت سان جنهن کي گهري ۽ الله وڏي فضل ڪرڻ وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي اهل ڪتاب مان ڪافر ٿيا سي ۽ مُشرڪ پسند نه ٿا ڪن ته اوهان تي اوهان جي پاليندڙ وٽان ڪا ڀلائي لاٿي وڃي. هوڏانهن الله پنهنجي رحمت سان جنهن کي گهري تنهن کي خاص ڪري (چونڊي) ٿو. ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نه اُهي ماڻهو جيڪي ڪتاب وارن مان ڪافر آهن ۽ نه مشرڪ هن ڳالهه کي پسند ٿا ڪن جو توهان جي رب وٽان توهان تي ڪو خير نازل ٿئي. ۽ الله پنهنجي رحمت سان جنهن کي چاهي ٿو خاص ڪري ڇڏي ٿو. ۽ الله وڏي فضل فرمائڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن ڪتابين، ڪفر ڪيو، تن وڻي نه اِي وائيِ، نه مشرڪن کي مورهين، جي جاٽون ڪن جائـِي، ته اُتري اُنهن جي ربّ کان، ڪا آن تي ڀلائي، ڌڻي ته وڻيس، تنهن تي، ٻاجھ ڪري ڪائـِي، ۽ ڌڻي ڌُريان ئي، والي وڏِئَ ٻاجھ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪتاب وارن مان جن ڪفر ڪيو ۽ جيڪي شرڪ ڪندڙ آهن، تن کي نٿو وڻي، ته اوهان تي پنهنجي رب جي ڀلائي اچي. پر الله جنهن کي گهري، ان کي پنهنجي رحمت لاءِ خاص ڪري ٿو ۽ الله وڏيءَ ڀلائي وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو جن حق جي دعوت کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، پوءِ کڻي اهل ڪتاب مان هجن يا مشرڪ انهن کي اها ڳالهه پسند نه آهي ته توهان جي رب وٽان توهان تي ڪا ڀلائي نازل ٿئي پر الله جنهن کي گهري ٿو پنهنجي رحمت لاءِ چونڊي وٺي ٿو ۽ هو ڏاڍو فضل ڪرڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو جن حق جي دعوت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، ڀلي اهل ڪتاب مان هجن يا مشرڪ هجن، هرگز اهو پسند نٿا ڪن ته توتي ڪا ڀلائي نازل ٿئي تنهنجي رب جي طرفان، پر الله ان کي پنهنجي رحمت لاءِ چونڊي ٿو جنهن کي چاهي ٿو ۽ الله تمام وڏو فضل ڪرڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يھودين، عيسائين ۽ مشرڪن مان جن به، حق جي دعوت کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، اهي سڀ (ساڙ سڙيا) ڪڏهن به اهو پسند نه ڪندا آهن، ته توهان جو رَبُّ توهان جي مٿان ڪا مهرباني ڪري، اها ته ان جي ئي مرضي آهي، ته هو جنھن جي مٿان چاهي پنهنجي رحمت نازل ڪري، الله تعالى ته تمام وڏي مھرباني ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما نَنسَخ مِن ءايَةٍ أَو نُنسِها نَأتِ بِخَيرٍ مِنها أَو مِثلِها أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 106) |
(اي پيغمبر) جي ڪا آيت منسوخ ڪندا آھيون يا (تنھنجي دل تان) اُھا وسارائيندا آھيون ته انھي کان چڱي يا جھڙيس آڻيندا آھيون. نه ڄاڻندو آھين ڇا ته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان وحين مان ڪوبه وحي بدلايون يا وسارائي ٿا ڇڏيون ته ان کان بهتر يا ان جهڙو نازل ڪيون ٿا. ڇا توهان نٿا ڄاڻوته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن اسين ڪا آيت منسوخ ڪريون ٿا يا دلين تان ميٽيون ٿا ته ان کان بهتر يا ان جهڙي آيت آڻيون ٿا، ڇا نٿو ڄاڻين تون (اي ٻڌندڙ) بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) جا آيت اسين منسوخ ڪريون ٿا يا (ذهن تا) وسارائي ڇڏيون ٿا ته ان کان بهتر يا ان جهڙي (ٻي نشاني) آڻيون ٿا. ڇا تون نٿو ڄاڻين ته بيشڪ خدا هر ڳالھ تي قادر آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪا آيت اسان منسوخ ٿا ڪيون يا اها وسارائي ٿا ڇڏيون ته آڻيون ٿا ان کان ڀلي يا ان جهڙي ڇا اوهان نه ڄاتو ته بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جا آيت اسين منسوخ ڪريون ٿا يا وسارائي ڇڏيون ٿا ته ان کان بهتر يا ان جهڙي (ٻي آيت) آڻيون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان جڏهن ڪنهن آيت کي منسوخ ڪيون ٿا يا وسارايون ٿا ته ان کان بهتر يا ان جهڙي آڻيون ٿا، ڇا تو کي خبر نه آهي ته الله هر شيءِ مٿان سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حڪم نه مَٽيون مور ڪو، نه وسارايان سو، آڻيون ڀلو اُن کان، يا اُن جھڙو جو، ڇا نه ڄاتو تو، ته الله قادر ڪل مٿي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين پنهنجي حڪمن مان جيڪي به بدلايون ٿا يا وسارايون ٿا ته ان کان سٺو يا ان جهڙو ٻيو آڻيون ٿا. ڇا، تون نه ٿو ڄاڻين ته الله هر هڪ لاءِ وس وارو آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان پنهنجي ڪنهن به آيت کي منسوخ ڪريون ٿا يا وسارائي ڇڏيون ٿا ته ان جي جاءِ تي ان کان وڌيڪ ڀلي آڻيون ٿا يا گهٽ ۾ گهٽ اهڙي ئي، ڇا توکي معلوم نه آهي ته الله کي هر شيءِ جي طاقت آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان منسوخ ڪريون ٿا پنهنجي جنهن آيت کي يا وساريون ٿا، ان جي جاءِ تي بهتر آڻيون ٿا يا ان جهڙي، ڇا توهان ڄاڻو نٿا ته الله هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن به آيت کي اسان منسوخ يا فراموش ڪريون ٿا، ته ان جي جاءِ تي ان کان به بھتر يا ان جھڙي ٻي ڪا آيت آڻيندا آهيون، توهان کي اها ڳالهه سمجهڻ کپي ته بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي وس وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 107) |
(اي پيغمبر) نه ڄاڻندو آھين ڇا ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو واھرو آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان نٿا ڄاڻو ته زمين ۽ آسمانن جي بادشاهت فقط الله تعاليٰ جي آهي ۽ هن کان سواءِ ڪوبه ڪونهي جو توهان جو دوست ۽ مددگار ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا نٿو ڄاڻين تون بيشڪ الله تعالى لاءِ ملڪ آهي آسمانن جو ۽ زمين جو ۽ ناهي توهان جو (اي مؤمنو) الله کان سواءِ ڪو حمايتي ۽ مددگار.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا تو کي خبر نه آهي ته آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي خدا جي (لاءِ ئي) آهي ۽ اوهان جو خدا کانسواءِ نڪو سرپرست (ئي) آهي ۽ نه ئي مددگار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڄاتو تو نه بيشڪ الله جي لاءِ ئي آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي ۽ نه آهي اوهان لاءِ الله کان سواءِ ڪو ساٿي ۽ نه ڪو مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) ڇا تو نه ڄاتو ته الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. ڇا تو نه ڄاتو ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي ۽ اوهان جو الله کان سواءِ نه ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت الله لاءِ آهي ۽ الله کان سواءِ توهان لاءِ نه ڪو دوست آهي نه مددگار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تو نه ڄاتو ڇا؟، ته الله جَلَّ جَلَالہ، مڙئـِي ملڪ اُن جو، اُڀ، ڀون جا بجا، ۽ اهنجو اُن سوا، نه والي، نڪو واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تون نه ٿو ڄاڻين ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله لاءِ ئي آهي؟ ۽ الله کان سواءِ اوهان لاءِ ڪو به ولي ۽ مددگار ناهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توکي ڄاڻ ناهي ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي ئي آهي ۽ ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه توهان جي سارسنڀال لهڻ وارو ۽ توهان جي مدد ڪرڻ وارو ڪونهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان کي معلوم ناهي ته بيشڪ الله لاءِ ئي زمين ۽ آسمان جي حڪومت آهي، ۽ انهيءَ کان سواءِ ڪوبه توهان جي سنڀال ڪندڙ ۽ توهان جي مدد ڪرڻ وارو نه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان اها ڳالهه نٿا سمجهو ته زمين ۽ آسمانن جي حڪمراني صرف الله تعالى جي آهي. ان الله کان سواءِ اوهان جو ڪوبه دوست نه آهي جيڪو توهان جي مدد ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم تُريدونَ أَن تَسـَٔلوا رَسولَكُم كَما سُئِلَ موسىٰ مِن قَبلُ وَمَن يَتَبَدَّلِ الكُفرَ بِالإيمٰنِ فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 108) |
(اي مسلمانؤ) اوھين پنھنجي پيغمبر کان ايئن سوال ڪرڻ ڇو ٿا گھرو جيئن اڳ (يھودين) موسىٰ کان پڇيو ھو؟ ۽ جيڪو ايمان کي ڪفر سان مٽائيندو سو بيشڪ سِڌيءَ واٽ کان ڀُلو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا توهان چاهيو ٿا ته پنهنجي رسول کان به ايئن اجايا سوال پڇو جيئن اڳي حضرت موسيٰ کان يهودين پڇيا هئا. (ياد رکو ته) جيڪو به ايمان جي نعمت حاصل ڪري وري ان جي بدلي ڪفر اختيار ڪندو سو يقيناً سڌي واٽ کان ڀلجي گمراهه ٿي ويندو (ڪاميابيءَ جي منزل ڪونه پهچندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهو چاهيو ٿا ته پنهنجي رسولِ عربي کان سوال ڪريو جيئنڪ توهان کان اڳ موسى کان سوال ڪيو ويو ۽ اهو ماڻهو جيڪو ايمان کي ڪفر سان مَٽائي ٿو پوءِ بيشڪ اهو سنئين رستي تان هٽي ويو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانوءَ) ڇا اوهين به پنهنجي رسول کان ائين ئي (بي ڍنگا) سوال ڪرڻ گهرو ٿا جيئن هن کان اڳ موسى کان اجايا سوال ڪيا ويا هوڏانهن جنهن ڪفر کي ايمان جي بدلي اختيار ڪيو تنهن بيشڪ سڌو رستو وڃايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ارادو ٿا ڪيو ته سوال ڪيو پنهنجي رسول کان جيئن سوال ڪيو ويو موسى کان اڳ ۾ ۽ جيڪو مٽائي وٺي ٿو ڪفر عوض ايمان جي پوءِ تحقيق گمراهه ٿيو اهو سڌيءَ واٽ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا اوهين پنهنجي رسول کان (ائين) سوال ڪرڻ گهرو ٿا ڇا جيئن هن کان اڳ موسيٰ کان سوال ڪيو ويو. هوڏانهن جيڪو ڪفر کي ايمان جي بدلي وٺندو تنهن بيشڪ سڌو رستو وڃايو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي مسلمانو!) ڇا اوهان پنهنجي رسول کان اهڙا سوال ڪرڻ گهرو ٿا؟ جيئن اڳ موسى کان سوال ڪيا ويا هئا. ۽ جيڪو ايمان جي بدلي ڪفر حاصل ڪري ته پڪ سان اهو سڌي واٽ کان ڀٽڪي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا گھرو ٿا؟، ته سوال، ڪريو، پنهنجي پاڪ نبئ کي، مُهند مُوسٰى کي ڪيون، سوال جنهن مثال، ۽ ايمان کي، انڪار سان، جو بدليندو بحال، موڙهو، سو مَتوال، صحِي سنئين واٽ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا اوهان جو به ارادو آهي ته پنهنجي رسول کان ايئن ئي سوال ڪريو، جيئن هن کان اڳ موسيٰ کان ڪيا ويا هئا؟ ۽ جيڪو ايمان بدران ڪفر وٺندو، سو برابر سنئين واٽ کان ڀلجي ويو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڇا توهان پنهنجي رسول کان اهڙا سوال ۽ مطالبا ڪرڻ ٿا چاهيو جهڙا هن کان اڳ موسيٰ کان ڪيا ويا هئا، حالانڪه جنهن ماڻهوءَ ايمان واري روش کي ڪفر واري روش سان بدلايو، اهو سنئينءَ واٽ کان ٿــڙي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇا توهان اهڙي قسم جا سوال پنهنجي رسول کان ڪرڻ گهرو ٿا جيئن موسيٰؑ کان ڪيا ويا هئا هن کان پهرين؟ ۽ جڏهن ته جنهن به شخص ايمان جي حالت کي ڪفر سان بدلايو، ڀٽڪي ويو آهي اهو سڌي راهه کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي يھوديو!) ڇا توهان به پنھنجي هن رسول (ﷺ) کان، ايئن فضول سوال ڪرڻ چاهيو ٿا جيئن ان کان اڳ (حضرت) موسى (ؑ) کان ڪيا ويا هئا، صاف ٻڌي ڇڏيو ته جنھن به ماڻهوءَ ايمان وارو رستو ڇڏي ڪفر وارو رستو ورتو ته هو پڌري گمراهيءَ واري رستي تي هليو ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَدَّ كَثيرٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يَرُدّونَكُم مِن بَعدِ إيمٰنِكُم كُفّارًا حَسَدًا مِن عِندِ أَنفُسِهِم مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الحَقُّ فَاعفوا وَاصفَحوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 109) |
ڪتاب وارن مان گھڻا گھرندا آھن ته جيڪر اوھان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ به اوھان کي ساڙ سببان جو سندين دلين ۾ آھي کين جو حق پڌرو ٿي چڪو آھي ان کانپوءِ به موٽائي ڪافر ڪن، پوءِ ايسين ٽري وڃو ۽ مُڙي وڃو جيسين الله پنھنجو حڪم موڪلي، ڇو ته الله سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ياد رکو ته) اهل ڪتاب مان هڪ وڏو تعداد چاهي ٿو ته اوهان کي ايمان مان ڪڍي، وري ڪفر ۾ موٽائين ۽ اگرچه حق هنن لاءِ ظاهر ٿي پيو آهي ته به حسد کان ايئن ڪرڻ ٿا گهرن. پوءِ (بي فائده بحثن کي ڇڏي) معافي ۽ درگذر جو رستو وٺو، جيستائين ڪه الله تعاليٰ جو فيصلو ظاهر ٿي وڃي، (يعني حق جي فتح ٿيندي ته ثابت ٿي ويندو ته هو باطل تي آهن) بيشڪ الله تعاليٰ هر شيء تي قادر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهلِ ڪتاب وارن مان گهڻا ارادو ڪن ٿا ته ڪاش اُهي توهان کي ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر جي طرف موٽائن، پنهنجي دلين جي حسد کان انهيءَ کانپوءِ جڏهن حق انهن تي چڱيءَ طرح ظاهر ٿي چڪو آهي، پوءِ توهان معاف ڪريو ۽ درگذر ڪريو ايستائين جو الله تعالى پنهنجو حڪم نازل فرمائي، بيشڪ الله تعالى هرشيءِ تي قادر آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانوء) اهل ڪتاب مان گهڻا گهر ڪن ٿا ته اوهان جي ايمان آڻڻ کانپوءِ اوهان کي وري ڪافر بڻائين پنهنجي حسد جي ڪري، هن کانپوءِ به جو مٿن حق ظاهر ٿي چڪو. پوءِ تيستائين انهن کي معاف ڪريو ۽ مڙي وڃو جيستائين خدا پنهنجو (ڪو ٻيو) حڪم موڪلي. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن ڳالھ تي قدرت کندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) دل سان گهرن ٿا گهڻا اهل ڪتاب وارن مان ته موٽائن اوهان کي اوهانجي ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ڪري.اهو سڀ ڪجھ) حسد ڪرڻ جي ڪري انهن جي دلين مان ان کان پوءِ جو ظاهر ٿيو انهن لاءِ حق پوءِ معاف ڪيو ۽ درگذر فرمايو تانجو آڻي الله (انهن جي باري ۾) پنهنجو حڪم.يشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهل ڪتاب مان گهڻا خواهش ڪن ٿا ته اوهان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ اوهان کي وري ڪافر بنائين، پنهنجي دلي حسد جي ڪري هن کان پوءِ به جو مٿن حق ظاهر ٿي چڪو. پوءِ تيستائين انهن کي معاف ڪريو ۽ مڙي وڃو جيستائين الله پنهنجو حڪم آڻي. بيشڪ الله سڀڪنهن شئي تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) گهڻن ڪتاب وارن جي اها خواهش آهي ته اوهان جي ايمان آڻڻ بعد اوهان کي ڪفر ڏانهن موٽائن، پنهنجي اندر واري ساڙ سببان ان کان پوءِ به جو حق انهن تي پڌرو ٿي چڪو آهي، پوءِ اوهان معاف ڪيو ۽ درگذر ڪيو ايستائين جو الله پنهنجو حڪم آڻي، بيشڪ الله هر شيءِ مٿان سگهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ گھڻا اهل ڪتاب مان، گُھرن بي گمان، ته اوهان کي، ايمان پُئان، ڦيرينِ ڪنان فرمان، سندن سينن جي ساڙ کان، ڪن اوهان کي ڪُفران، صفا سچ سندن لئي، جنهن بعد ٿيو بيان، پوءِ مَرهيو ۽ مهر ڪريو، آڻي تان عيان، پنهنجو حڪم حنان؛ الله قادر، ڪل مَٿي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪتاب وارن مان گهڻا گهرن ٿا، ته پنهنجي اندر جي ساڙ ڪري، حق جي پڌري ٿيڻ هوندي به، اوهان جي ايمان آڻڻ کانپوءِ، اوهان کي ڦيرائي ڪافر ڪن. پر هنن کي معاف ڪريو ۽ ڇڏي ڏيو، جيسين الله پنهنجو فيصلو ظاهر ڪري، بيشڪ الله کي هر هڪ ڳالهه جي سگهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهل ڪتاب مان گهڻا ماڻهو چاهن ٿا ته ڪنهن نموني توهان کي ايمان کان ڦيرائي وري ڪفر ڏانهن موٽائين توڻي جو حق مٿن پڌرو ٿي چڪو آهي پر پنهنجي اندر جي حسد ڪري توهان بابت انهن جي اها خواهش آهي. موٽ ۾ توهان معاف ڪرڻ ۽ درگذر ڪري ڇڏڻ کان ڪم وٺو، تانجو الله پاڻ ئي پنهنجو فيصلو لاڳو ڪري ڇڏي، بيشڪ الله کي هر ڳالهه جي طاقت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چاهين ٿا اهل ڪتاب مان اڪثر ماڻهو ته ڪنهن طرح سان توهان کي ايمان کان ڦيرائي وري ڪفر ڏي موٽائي آڻين، (جيتوڻيڪ حق انهن تي واضح ٿي چڪو آهي) پر پنهنجي حاسد نفس جي ڪري، توهان جي لاءِ سندن اها خواهش آهي، ان جي جواب ۾ توهان معاف ڪرڻ کان ڪم وٺو، ايستائين جو الله پاڻ ئي پنهنجو فيصلو نافذ ڪري، مطمئن رهو، بيشڪ الله هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يھودين ۽ عيسائين مان ڪيترا ئي حق کي چڱيءَ طرح سڃاڻڻ کان پوءِ به دلي ساڙ جي ڪري، اهو چاهين ٿا ته هو توهان کي ايمان آڻڻ کانپوءِ ڪفر واري رستي ڏانھن ڦيرائي وٺي اچن. اي ايمان وارؤ! توهان انهن (ساڙيلن) جي سوچ کي، ايستائين نظرانداز ڪريو ۽ کين معاف ڪريو، جيستائين الله تعالى انهن لاءِ ٻيو ڪو حڪم جاري ڪري (توهان اطمينان سان ويھو) بيشڪ هر شيءِ الله تعالى جي قبضي ۽ قدرت ۾ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 110) |
۽ (اي مسلمانؤ) نماز پڙھو ۽ زڪوٰت ڏيو، ۽ جيڪا چڱائي پاڻ لاءِ اڳي موڪليندؤ سا الله وٽ لھندؤ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن کي الله ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ڏيو (ياد رکو ته) جيڪا به چڱاين جي موڙي پنهنجي لاءِ گڏ ڪيو ٿا ان جو چڱو نتيجو الله تعاليٰ وٽ ڏسندؤ، (يعني ايندڙ وقت ۾ انهن جا فائدا ظاهر ٿيندا) جيڪي جيڪي اوهان ڪيو ٿا سو الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ادا ڪريو، ۽ پنهنجي لاءِ جيڪي ڀلائي اڳتي موڪليندا اها الله تعالى وٽ موجود لهندا، بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نماز پڙهندا رهو ۽ زڪوات ڏيندا رهو. ۽ جا ڀلائي پنهنجي لاءِ اڳيان موڪليندو سا خدا وٽ لهندو. بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڏسندڙ (پسندڙ) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيندا رهو زڪواة ۽ جيڪي اڳتي موڪليندؤ پنهنجي لاءِ چڱائي ته لهندؤ اها الله وٽ.يشڪ الله جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو. ۽ جا به ڀلائي پنهنجي لاءِ اڳي موڪليندو سا الله وٽ لهندو. بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيندا رهو ۽ اوهان جيڪا نيڪي پنهنجي لاءِ اڳتي موڪليو ٿا ان کي الله وٽ لهندؤ. بيشڪ الله اوهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نماز پڙهو ۽ زڪواة ڏيو، ۽ هڪدم پنهنجي هار،سمر اڳ سَنباهِيو، ته بهتر برقرار، ڏسندا، سو ڏاتار وٽ؛ ڪريو، جي ڪم ڪار، ته صاحب ربُّ ستار، آهي ڏسندڙ اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ جيڪا به ڀلائي پاڻ لاءِ (سمر طور) اڳتي موڪليندؤ، تنهن کي الله وٽ لهندؤ ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نماز قائم ڪريو ۽ زڪواة ادا ڪريو، توهان پنهنجي عاقبت لاءِ جيڪا ڪمائي ڪري اڳتي موڪليندؤ، الله وٽ ان کي لهندؤ، جيڪو ڪجهه به توهان ڪريو ٿا، الله اهو سڀ ڏسي پــَـسي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪواة ڏيو پنهنجي عاقبت لاءِ جيڪا به ڀلائي ڪمائي پنهنجي لاءِ اڳتي موڪليندؤ، ان کي بخوبي الله وٽ موجود ڏسندؤ، جو ڪجهه توهان ڪريو ٿا، بيشڪ الله ان کان بخوبي آگاه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ادا ڪندا رهو ۽ جيڪا به ڀلائي توهان اڳتي قيامت لاءِ گڏ ڪندا، ته اها ڀلائي توهان الله تعالى وٽ (ضرور) موجود ڏسندا، اوهان جيڪو ڪم ڪريو ٿا بيشڪ الله تعالى ان کي چڱيءَ طرح (سمجهي ۽) ڏسي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا لَن يَدخُلَ الجَنَّةَ إِلّا مَن كانَ هودًا أَو نَصٰرىٰ تِلكَ أَمانِيُّهُم قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 111) |
۽ (يھودي ۽ نصارىٰ) چون ٿا ته يھودين ۽ نصارن کانسواءِ بھشت ۾ ڪوئي نه گھڙندو. اِھي سندن سڌون آھن. (اي پيغمبر کين) چئو ته جيڪڏھن سچا آھيو ته پنھنجو ڪو دليل آڻيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يهودي چون ٿا ته جنت ۾ ڪوبه ماڻهو نه گهڙندو، جيستائين يهودي نه ٿيندو. ساڳيءَ طرح عيسائي به چون ته جنت ۾ ڪوبه نه ويندو جيستائين عيسائي نه ٿيندو. (اي منهنجا پيغمبر) اهي هنن جون اجايون خواهشون ۽ اميدون آهن، تون کين چئو ته جيڪڏهن اوهان جو خيال سچو آهي ته اها دعويٰ دليلن سان ثابت ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهلِ ڪتاب وارن چيو هرگز جنت ۾ داخل نه ٿيندا مگر يهودي يا نصارى، اهي سندن ذاتي سڌون آهن، اي حبيب ! توهان فرمايو پنهنجا دليل آڻيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (يهودي) چون ٿا ته يهودين (کانسواءِ) ۽ (نصارى چون ٿا ته) نصارن کانسواءِ ڪو به جنت ۾ داخل نه ٿيندو. اهي انهن جا خيالي پلاءُ آهن. (کين) چئو ته ڀلا جيڪڏهن اوهان (ان ڳالھ ۾) سچا آهيو ته پنهنجي (اهڙي ڪا) ثابتي (ته) آڻيو!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چوڻ لڳا ته اصل نه داخل ٿيندا بهشت ۾ مگر جيڪي يهودي هوندا يا نصارى اهي انهن جون سڌون آهن فرماء ته آڻيو پنهنجو دليل جيڪڏهن آهيو سچا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽چيائون ته يهودي يا عيسائي کان سواءِ ڪو به جنت ۾ داخل نه ٿيندو. اهي سندن خواهشون آهن (کين) چو ته پنهنجي ثابتي آڻيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اهلِ ڪتاب) چيو ته: ”يهودين ۽ نصارن کان سواءِ ڪو به بهشت ۾ داخل نه ٿيندو“. اهي انهن جون (اجايون ) سَڌُون آهن، چؤ ته: ”اگر اوهان سچا آهيو ته دليل آڻيو“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چيائون اهڙي چال، ته بلڪل نه گھڙندو بهشت ۾، هوندو، مگر يهود جو، يا نصارو نِهال، چئو، اِهي اوهان جون ڳالهيون، خالي خام خيال، پنهنجي حُجت هرحال، سچا آهيو، ته آڻيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو ”چون ٿا ته جنت ۾ فقط اهو داخل ٿيندو. جيڪو يهودي يا عيسائي هوندو!“ اهي سندن سڌون آهن. چؤ ته ”جيڪڏهن سچا آهيو، ته پنهنجا دليل آڻيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چون ٿا ته ڪوبه شخص جنت ۾ نه ويندو جيستائين اهو يا ته يهودي هجي يا (عيسائين جي خيال مطابق) عيسائي هجي، اهي انهن جون ســَـڌون آهن. چوين ته پنهنجو دليل پيش ڪريو جيڪڏهن توهان پنهنجي دعويٰ ۾ سچا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن جو چوڻ آهي ته ڪوبه شخص جنت ۾ نه ويندو، جيستائين اهو يهودي نه هوندو يا (عيسائين جي خيال ۾) عيسائي نه هوندو، اهي سندن اميدون آهن، انهن کي چؤ ته پنهنجا دليل آڻيو، جيڪڏهن توهين پنهنجي دعويٰ ۾ سچا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يھودي چون ٿا ته جَنَّتَ ۾ رڳو يھودي داخل ٿيندا ۽ وري عيسائي چون ٿا ته جَنَّتَ ته رڳو عيسائين جي آهي، هي سڀ ماڻهو رڳو پنھنجي دلين جا ارمان ڪڍن پيا، انهن کي چؤ جيڪڏهن توهان پنھنجي دعوائن ۾ سچا آهيو ته پوءِ دليل پيش ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَلىٰ مَن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَلَهُ أَجرُهُ عِندَ رَبِّهِ وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 112) |
ھائو، جنھن پنھنجو مُنھن الله لاءِ نواڙيو ۽ اُھو ڀلارو ھوندو تنھن لاءِ سندس پالڻھار وٽ سندس اجر آھي، ۽ نڪي کين ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ائين ناهي ته جنت فقط هڪ خاص گروه کي ملندي) جنهن به خدا جي اڳيان سر جهڪايو ۽ چڱايون ڪيائين تنهن کي پنهنجي پروردگار وٽان ضرور اجر ملندو. هن کي نڪو ڪو خوف رهندو ۽ نه غمگيني.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ها! جنهن شخص پنهنجي چهري کي الله لاءِ خاص ڪيو ۽ اهو نيڪوڪار آهي پوءِ سندس ثواب سندس رب وٽ آهي، ۽ نه آهي خوف انهن تي ۽ نه اهي ڏکوئبا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ائين نه آهي پر جنهن پنهنجو رخ خدا جي تابع ڪيو ۽ اهو چڱا ڪم ڪندڙ هجي تنهن لاءِ سندس پالڻهار وٽ ان جو اجر آهي ۽ انهن تي ڪو ڊپ آهي ۽ نه ئي اهي غمگين ئي ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هائو جنهن به جهڪايو پنهنجو پاڻ الله جي لاءِ ۽ اهو نيڪو ڪار آهي پوءِ ان لاءِ ان جو اجر آهي ان جي رب وٽ ۽ نه آهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ائين نه آهي بلڪ جنهن پنهنجو منهن الله جي تابع ڪيو ۽ اهو چڱا ڪم ڪندڙ هجي تنهن لاءِ سندس پاليندڙ وٽ سندس اجر آهي ۽ نه انهن تي ڪو ڊپ آهي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هائو جنهن پنهنجو چهرو الله لاءِ جهڪايو ۽ اهو نيڪي ڪندڙ آهي ته پوءِ ان جو اجر ان جي پالڻهار وٽ آهي ۽ انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکارا ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هائو، جنهن جُھڪائـِيو، منهن پنهنجو، مالڪ پار، ۽ اُهو هجي، ڀال ڀلائڻو، ته سائينيس وٽ، ستار، پوءِ اُن لئي آهي، اُن جو، پورو پورهيو پار، ۽ مَٿنِ، نه ڀئو ڀُلڪار، نه ڳڻتِي ڪنهن ڳالھ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هائو، جيڪو الله اڳيان پنهنجو ڪنڌ جهڪائيندو ۽ هو نيڪ به هوندو، ان لاءِ سندس ڌڻيءَ وٽ اجر آهي، نه انهن کي خوف ٿيندو ۽ نه اهي غم کائيندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ نه توهان جي ڪا خصوصيت آهي ۽ نه ڪنهن ٻئي جي. سچي ڳالهه اها آهي ته جنهن به پنهنجي هستيءَ کي الله جي اطاعت ۾ ڏئي ڇڏيو ۽ عملي طرح سهڻي هلت هليو، ان لاءِ سندس رب وٽ سندس اجر آهي ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ ڪنهن به خوف يا غم جو ڪو سوال ئي ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اها ڪنهن جي به خصوصيت ناهي) حق هي آهي ته جيڪو به الله جي اطاعت ڪندو ۽ نيڪ رهندو، ته ان لاءِ رب وٽ اجر آهي، اهڙن ماڻهن لاءِ ڪوبه خوف نه آهي ۽ نه ڪنهن رنج جو موقعو هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڪنهن جي چوڻ يا دعوى ڪرڻ سان، خصوصيت ظاهر نه ٿيندي آهي اصل ڳالهه هي آهي ته) جنھن به ماڻهوءَ پنهنجو پاڻ کي، الله تعالى جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ نيڪ ڪردار ادا ڪندو رهيو ته ان لاءِ ان جو اجر ان جي پالڻھار وٽ آهي (يعني اهڙي ماڻهوءَ کي الله تعالى وٽ خصوصيت حاصل آهي) ۽ اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪنھن به قسم جو ڪو خوف ۽ ڪابه ڳڻتي نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَتِ اليَهودُ لَيسَتِ النَّصٰرىٰ عَلىٰ شَيءٍ وَقالَتِ النَّصٰرىٰ لَيسَتِ اليَهودُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُم يَتلونَ الكِتٰبَ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ مِثلَ قَولِهِم فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 113) |
۽ يھودي چون ٿا ته نصارىٰ ڪنھن دين تي نه آھن، ۽ نصارىٰ چون ٿا ته يھودي ڪنھن دين تي نه آھن ۽ (حقيقت ڪري) اُھي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) پڙھندا آھن، اھڙي طرح جيڪي نه ڄاڻندا آھن سي (به) سندن چوڻ جھڙو چوندا آھن. پر الله قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت جھڳڙو ڪندا آھن تنھن جو نبيرو ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يهودي چون ٿا ته عيسائين جو دين ڪجهه به نه آهي ۽ عيسائي چون ٿا ته يهودين وٽ رکيو ڇا آهي. حالانڪ هو ساڳيو ئي ڪتاب پڙهندڙ آهن (۽ اصل دين ٻنهي جو ساڳيو آهي) ساڳي ئي ڳالهه اهي به ڪندا آهن جن ڪي (الاهي ڪتابن جو) علم ڪونهي، (يعني عرب جا مشرڪ ائين ئي چوندا آهن ته رڳو اسان جو طريقو سچو آهي،) پر قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ هنن جي وچ ۾ جج ٿيندو ۽ جن ڳالهين ۾ اختلاف رکن ٿا تن جو فيصلو ڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ يهودين چيو نصارى ڪجهه ناهن، ۽ نصارن چيو يهودي ڪجهه ناهن، حالانڪ اهي ڪتاب پڙهن ٿا، اهڙيءَ طرح جاهل انهن جهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا، پوءِ الله تعالى قيامت جي ڏينهن انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪندو جن ڳالهين ۾ اختلاف ڪندا هئا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ يهودين چيو ته عيسائين جو مذهب ڪجھ (ٺيڪ) نه آهي ۽ عيسائي چون ٿا ته يهودين جو مذهب ڪجھ (ٺيڪ) نه آهي. توڙي جو اهي ٻئي جماعتون (رات ڏينهن) خدا جو ڪتاب (به) پڙهندا رهن ٿا. اهڙي طرح (عرب جا مشرڪ) جي ڪجھ نٿا ڄاڻن تن به اهڙي ڳالھ چئي. پوءِ جنهن ڳالھ ۾ اهي جهڳڙو پيا ڪن تنهن جو فيصلو قيامت جي ڏينهن سندن وچ ۾ الله ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چون ٿا يهودي ته ناهن نصارى ڪنهن شيءِ (دين) تي ۽ چون ٿا نصارى ته ناهن يهودي ڪنهن شيءِ (دين) تي حالانڪ اهي (سڀ) پڙهن ٿا ڪتاب اهڙيءَ طرح چيو انهن شخصن جو نه ٿا ڄاڻن مثل چوڻ انهن جي پوءِ الله فيصلو ڪندو انهن ۾ قيامت جي ڏينهن جن ڳالهين ۾ اختلاف ڪندا رهن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ يهودين چيو ته عيسائي ڪنهن به رستي تي نه آهن ۽ عيسائين چيو ته يهودي ڪنهن به رستي تي نه آهن. هوڏانهن اهي ڪتاب پڙهن ٿا. اهڙيءَ طرح جيڪي نه ٿا ڄاڻن، تن (به) انهن جهڙي ڳالهه چئي. پوءِ جنهن ڳالهه ۾ اهي جهڳڙو پيا ڪن تنهن جو قيامت جي ڏينهن سندن وچ ۾ الله فيصلو ڪندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ يهودين چيو ته: ”نصارى ڪنهن راهه تي نه آهن“ ۽ نصارن چيو ته: ”يهودي ڪنهن راهه تي نه آهن“، حالانڪه اُهي ڪتاب پڙهن ٿا. اهڙي طرح اڻ پڙهين به انهن جهڙي ڳالهه چئي، پوءِ الله انهن جي وچ ۾ قيامت واري ڏينهن (خود) فيصلو ڪندو، جنهن ڳالهه ۾ اختلاف ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَهيو قوم يهود، ته نصارا، نه ڪنهن ڳالھ تي، نصارن چيو، ته نه ڪنهن ڳالھ مٿي، يهودِي بيهود، ۽ هوڏانهن پِڙهنِ، پاڪ ڪتاب کي، مُقرّر موجود، جي نه سمجھنِ سود، ائين ٻوليئون، تن جي، ٻول جيئن. پوءِ الله ڪندو انصاف، تن وچ، ڏينهن قيام جي، جنهن ۾ اختلاف، ڪندا آهن، پاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يهودي چون ٿا ته ”عيسائين وٽ ڪجهه به نه آهي“ ۽ عيسائي چون ٿا ته يهودي ڪنهن به دين تي ناهن ۽ هو ڪتاب به پڙهن ٿا. اهڙيءَ طرح جيڪي خدائي علم نٿا رکن، سي به سندن جئن چون ٿا. پر الله قيامت ڏينهن انهن جي وچ ۾ انهن ڳالهين جو فيصلو ڪندو، جن ۾ هو جهڳڙو ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يهودي چون ٿا ته عيسائين وٽ ڪجهه به ڪونهي، عيسائي چون ٿا ته يهودين وٽ ڪجهه به ناهي، حالانڪه ٻئي ڪتاب پڙهن ٿا ۽ اهڙيون دعوائون انهن ماڻهن جون به آهن جن وٽ ڪتاب جو علم ڪونهي، اهي اختلاف جن ۾ اهي ماڻهو پيل آهن، انهن جو فيصلو الله قيامت جي ڏينهن ڪري ڇڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ يهودي چون ٿا ته عيسائين وٽ ڪجهه نه آهي، ۽ عيسائي چون ٿا ته يهودين وٽ ڪجهه نه آهي، جڏهن ته اهي ٻئي ڪتاب پڙهن ٿا، ۽ اهڙي قسم جي دعويٰ انهن ماڻهن وٽ به آهي جن وٽ ڪتاب جو علم ناهي، انهن جو فيصلو الله ڪندو قيامت جي ڏينهن، اهي اختلاف جن ۾ اهي ماڻهو مبتلا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يھودي چون ٿا ته عيسائين وٽ ڪجهه به نه آهي ۽ عيسائي چون ٿا ته يھودين وٽ ڪجهه به نه آهي، (حالانڪه ٻئي اهل ڪِتاب آهن) ٻئي (تورات ۽ انجيل) جي تلاوت ڪندڙ آهن، اهڙي طرح وري مشرڪ چوندا آهن، ته انهن ٻنهي وٽ ڪجهه به نه آهي، حالانڪه انهن مشر ڪن وٽ ته ڪوبه علم (يعني ڪتاب ئي) نه آهي، (بهرحال) الله تعالى قيامت واري ڏينھن، انهن سڀني جي وچ ۾ موجود اختلافن جو فيصلو ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن مَنَعَ مَسٰجِدَ اللَّهِ أَن يُذكَرَ فيهَا اسمُهُ وَسَعىٰ فى خَرابِها أُولٰئِكَ ما كانَ لَهُم أَن يَدخُلوها إِلّا خائِفينَ لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 114) |
۽ ڪير اُن کان وڌيڪ ظالم آھي جنھن الله جي مسجدين کي منجھس سندس نالي جي ياد ڪرڻ کان جھليو ۽ انھن (مسجدين) جي ڦٽائڻ ۾ ڪوشش ڪيائين؟ اھڙن کي انھن (مسجدين) ۾ ڊڄندڙ ٿي گھڙڻ ڌاران (ٻئي طرح گھڙڻ) نه جڳائيندو آھي، انھن لاءِ دُنيا ۾ خواري آھي ۽ انھن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏسو ته انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿو ٿي سگهي جو الله تعاليٰ جي عبادتگاهن ۾ سندس نالو ياد ڪرڻ کان ٻين کي روڪي ٿو، بلڪه ٻين جا عبادتگاهه ڊاهڻ گهري ٿو. يقيناً هو انهيءَ جا لائق ئي ناهن ته عبادت گاهن ۾ رڳو اندر وڃن، پر تڏهن وڃن جڏهن خدا جو خوف دل ۾ رکن. مٿي بيان ڪيل ظالمن لاءِ هن دنيا ۾ به خواري آهي ته آخرت ۾ به تمام سخت عذاب ملندن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جيڪو الله جي مسجدن کان روڪي جو انهن ۾ الله جو ذڪر ٿئي ۽ انهن جي ويراني جي ڪوشش ڪري انهن کي مناسب نه آهي جو مسجدن ۾ وڃن مگر خوف سان، انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪير ان کان وڌيڪ ظالم آهي جنهن الله جي مسجدن ۾ سندس نالي جي ياد ڪرڻ کان (ماڻهن کي) روڪيو ۽ انهن جي برباد ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪئي. انهن کي مناسب نه آهي ته انهن ۾ داخل ٿين مگر ڊڄندڙ ٿي اهڙن ماڻهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ تمام وڏو عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪير وڌيڪ ظالم آهي ان کان جو روڪي ٿو الله جي مسجدن کان جو ذڪر ڪيو وڃي انهن ۾ ان جو نالو ۽ ڪوشش ڪري ٿو انهن جي ويران ڪرڻ ۾.هو نه آهي مناسب انهن لاءِ ته داخل ٿين انهن (مسجدن) ۾ مگر ڊڄندي ڊڄندي انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ به وڏو عذاب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪير ان کان وڌيڪ ظالم آهي جنهن الله جي مسجدن ۾ سندس نالي جي ياد ڪرڻ کان روڪيو ۽ انهن جي ڦٽائڻ ۾ ڪوشش ڪئي. انهن کي مناسب نه آهي ته انهن ۾ داخل ٿين مگر ڊڄندڙ ٿي. انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آهي.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان کان وڏو ظالم ڪير هوندو جيڪو الله جي مسجدن کان روڪي! جو انهن ۾ سندس نالي جو ذڪر ڪيو وڃي ۽ انهن کي ويران ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. انهن کي ڪو حق ناهي جو مسجدن ۾ داخل ٿين (ها) مگر ڊڄندي ڊڄندي. انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ تمام وڏو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي ڪير ان کان، جبر جفا ڪار؟جنهن منع مسجد کان ڪِئي، سندي ربّ ستار، ته اُن ۾ نام الله جو، وٺ جي ويرو تار، ۽ ڪوشش ڪئي، اُن جي خرابي جِي خوار؛ اُهي نه گھڙن اُن ۾، سوا سو نڪي دار، جُٺ جا، هِن جھان ۾، اُنهن تي انبار، ۽ منجھ آخرت آزار، وڏو آهي اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي، جو الله جي گهر ۾ الله جي نالي ياد ڪرڻ کان منع ڪري ۽ ان کي ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪري؟ اهڙن کي ته خوف کان سواءِ ان ۾ داخل ٿيڻ جو حق به نه آهي. انهن لاءِ دنيا ۾ ته خواري آهي پر انهن لاءِ آخرت ۾ به وڏو عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله جي عبادت وارين جاين ۾ سندس نالي جي ذڪر کان روڪي ۽ انهن کي ويران بنائڻ جي ڪڍ هجي؟ اهڙا ماڻهو انهيءَ لائق آهن، جو انهن عبادت جي جاين ۾ پير ئي نه پائين ۽ جي کڻي اوڏانهن وڃن به ته ڪنبندا وڃن، انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ آخرت ۾ وڏو عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان شخص کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو جيڪو منع ڪري ٿو الله جي عبادت گاهن ۾ سندس نالي وٺڻ کان ۽ انهن کي ويران ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اهڙا ماڻهو انهيءَ قابل آهن ته اهي انهن عبادت گاهن ۾ داخل ئي نه ٿين، جي وڃن به ته ڊڄندا وڃن، انهن جي لاءِ ته دنيا ۾ خواري آهي ئي پر آخرت ۾ ته سخت ترين عذابِ عظيم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڀلا ان شخص کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو، جيڪو الله تعالى جي مسجدن ۾ سندس نالي وٺڻ کان روڪي؟ اهڙي طرح هو الله تعالى جي گهر کي غير آباد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي، حالانڪه انهن ماڻهن کي گهربو هو ته هو دل ۾ الله تعالى جو خوف رکي پوءِ مسجد ۾ قدم رکن، اهڙن ماڻهن لاءِ دنيا ۾ خواري ۽ قيامت واري ڏينھُن وڏو عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ فَأَينَما تُوَلّوا فَثَمَّ وَجهُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 115) |
۽ اوڀر ۽ اولھ الله جو آھي، پوءِ جاڏي پنھنجي مھاڙ کي ڦيرايو تاڏي الله جي سامھانئي آھي، ڇو ته الله (مھرباني ۾) ڪشادگي وارو ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مشرق توڙي مغرب يعني ساري دنيا الله جي ئي آهي. پوءِ ڪاڏي به منهن ڦيرايو ته اوڏانهن الله تعاليٰ حاضر ناظر) آهي. بيشڪ الله تعاليٰ هر هنڌ آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اوڀر ۽ اولهه الله تعالى جا آهن، پوءِ توهان جيڏانهن مُنهن ڪندا اُتي مون کي لهندا، بيشڪ الله گهڻي رحمت وارو خبردار آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ڀلا جي مسجد کان روڪيو ته ڇا! ڇو ته ساري زمين) خدا جي ئي آهي اوڀر (هجي يا) اولھ، پوءِ جتي به (قبلي ڏي) منهن ڪندو اوڏانهن الله آهي. بيشڪ خدا اطاعت ڪرڻ ۾ ڪشادو (۽ سڀ ڪجھ) ڄاڻيندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله جو آهي اوڀر ۽ اولھ پوءِ جيڏانهن به منهن ڪندؤ پوءِ اتي آهي ذات الله جي بيشڪ الله ڪشادي رحمت وارو گهڻو ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اڀرندو ۽ الهندو الله جو ئي آهي. پوءِ جيڏانهن منهن ڦيريندؤ تيڏانهن الله جو منهن آهي. ڇو ته الله (ڏيڻ ۾ ) ڪشادو (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوڀر ۽ اولهه (سڀ) الله جا آهن، پوءِ اوهان جيڏانهن به مُنهن ڪيو اوڏانهن الله متوجهه آهي (هر طرف اهو ئي جلوه گر آهي)، بيشڪ الله وڏي ڪشادگي وارو ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اولہ ۽ اوڀر جون، سڀ ڏِسيون، لئي ڏاتار، پوءِ جيڏانهن به منهن موڙيو، اُهو پرور جو پار، سمجھندڙ ستار، والي سڀ وِلايتن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوڀر ۽ اولهه الله جائي آهن، پوءِ جيڏانهن به منهن ڪندؤ ته الله اوهانجي سامهون آهي. بيشڪ الله گهڻيءَ سگهه وارو ۽ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اوڀر توڙي اولهه سڀئي الله جا آهن، جيڏانهن به توهان منهن ڪندؤ، اوڏانهن ئي الله جي ذات آهي. الله وڏي ڪشادگيءَ وارو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله جي لاءِ ئي اوڀر ۽ اولهه (مشرق ۽ مغرب) آهن، پوءِ جنهن طرف به توهان رخ ڪندؤ، الله جو اهو ئي رخ آهي. بيشڪ الله وڏي وسعت رکندڙ ۽ سڀڪجهه ڄاڻندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اوڀر ۽ اولهه ٻئي طرف الله تعالى جا ئي آهن، توهان جنھن به طرف منھن ڪندا ان طرف الله تعالى حاضر ۽ ناظر آهي، بي شڪ الله تعالى وڏي ڪشادگيءَ وارو ۽ هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 116) |
۽ (ڪافر) چون ٿا ته الله پنھنجي لاءِ اولاد ورتو آھي. (نه) اھو پاڪ آھي، بلڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس (مِلڪ) آھي، مڙيئي سندس فرمانبردار آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو ته سهي عيسائي) چون ٿا ته الله تعاليٰ پٽ (عيسيٰ) ڄڻيو. حالانڪ. الله تعاليٰ اهڙين ڳالهين کان پاڪ آهي. (هن کي پٽن جي ڪهڙي ضرورت آهي جڏهن ته) زمين ۽ آسمانن ۾ جو ڪجهه آهي سو سندس قانون ۽ حڪم جا تابعدار آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ چيائون الله تعالى پنهنجي لاءِ اولاد رکيو آهي، اهو پاڪ آهي، بلڪ ان جي ملڪيت آهي جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ يا زمين ۾ آهي سڀئي انهيءَ جا فرمانبردار آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ يهودي چوڻ لڳا ته خدا کي اولاد آهي حالانڪه اهو (انهيءَ جهنجهٽ کان) پاڪ آهي بلڪه جو ڪجھ زمين ۽ آسمانن ۾ آهي سڀ سندس (ئي) آهي ۽ سڀ سندس (قهري قانون جا) پابند آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چون ٿا ته ورتو الله (پنهنجي لاءِ) اولاد، پاڪائي آهي ان جي (ان ڳالھ کان) بلڪ ان جو ئي آهي جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ زمين ۾ سڀ ان جا فرمانبردار آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته الله (پنهنجي لاءِ) اولاد ورتو آهي. هو (ان کان) پاڪ آهي بلڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سندس آهي. سڀ ئي سندس فرمانبردار آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چيائون الله پنهنجو اولاد بنايو آهي، اُهو ان (اولاد کان)پاڪ آهي. بلڪه جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي اُهو ان جي مِلڪ آهي. سڀ ان جا تابعدار آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي ڌڻي پٽڙو ڌاريو؛ هُو پڪ پٽ کان پاڪ، بلڪ بلڪل اُن جا، جيڪي اندر ڀُون، افلاڪ، سڀ اُنهئ جِي اِملاڪ، سڀ تابع تِنهنجا، توڙکان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چون ٿا ته ”الله پٽ بڻايو آهي“ پر هو پاڪ آهي. جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو سڀ سندس آهي، سڀ سندس تابعدار آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چون ٿا ته الله ڪنهن کي پــُـٽ بڻايو آهي، الله پاڪ آهي انهن ڳالهين کان. حقيقت ۾ آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه به آهي، سندس ملڪيت آهي، سڀئي سندس حڪم جا بندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هو چون ٿا ته بڻايو آهي الله ڪنهن کي پٽ، الله ته پاڪ آهي انهن ڳالهين کان، اصل حقيقت ۾ آسمانن ۽ زمين ۾ ساري موجودات سندس ملڪيت ۽ سندس حڪم ۾ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهي (يھودي ۽ عيسائي) چون ٿا ته الله تعالى پنھنجي لاءِ (ڪنھن کي) پُٽ بڻايو آهي، الله تعالى جي ذات (اهڙن رشتن کان) پاڪ آهي (ان کي اولاد جي ڪھڙي ضرورت آهي؟)، آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي، اهو سڀ ان جو ئي ته آهي ۽ ساري مخلوق ان جي حڪم جي فرمانبردار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 117) |
آسمانن ۽ زمين جو ٺاھيندڙ آھي، ۽ جڏھن ڪوئي ڪم ڪندو آھي تڏھن رڳو چوندو آھي ته ٿيء ته ٿي پوندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (هي به خيال ڪيو) ته الله تعاليٰ ته زمين ۽ آسمانن جو ٺاهيندڙ آهي. جڏهن هو ڪنهن به ڪم جو فيصلو ڪري وٺي ٿو تڏهن (مددگارن ۽ وسيلن کان سواءِ ئي) هو فقط حڪم ڪري ٿو ته ٿي پئو ته پوءِ ائين ٿي (هي شيون ۽ جانور) ظهور ۾ اچي وڃن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى پيدا ڪندڙ آهي آسمان ۽ زمين جو ۽ جڏهن ڪنهن ڳالهه جو حڪم فرمائي ٿو ته ان کي چوي ٿو ٿيءُ ته فوراً ٿي پوي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو ئي آسمان ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ جڏهن ڪنهن ڪم جو فيصلو ڪري ٿو ته ان کي رڳو چوي ٿو ته ”ٿيءُ!“ ته اهو (خود بخود) ٿي پوي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نئين نموني ٺاهيندڙ آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ جنهن وقت ارادو ٿو ڪري ڪنهن ڪم جو ته پوءِ (صرف ايترو) ٿو چوي ان کي ته ”ٿي پؤ“ ته ٿي ٿو پوي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. ۽ جڏهن ڪنهن ڪم جو فيصلو ڪري ٿو ته ان کي رڳو چوي ٿو ته ٿيءُ ! ته اهو ٿي پوي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو آسمانن ۽ زمينن کي وجود ڏيڻ وارو آهي. ۽ اهو جنهن وقت ڪنهن شيءِ (جي خلقڻ) جو فيصلو ڪري ٿو ته ان کي چوي ٿو ”ٿي پؤ“ ته ٿي پوي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پهرين پيدا پاڻ ڪندڙ، زمين، آسمان، ۽ جنهن گھڙِي، گھڙي ٿوڪ ڪو، جوڙڻ منجھ جھان، ته فرمائيس فرمان، “ٿِي”، ته پوءِ ٿي پوي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو آسمانن ۽ زمين کي ڪينَ مان پيدا ڪندڙ آهي ۽ جڏهن ڪنهن ڳالهه جو فيصلو ڪري ٿو. ته رڳو ان کي چئي ٿو ”ٿي پئو“ ته اها ٿي پوي ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو آسمانن ۽ زمين جو نئين سـر جوڙيندڙ آهي ۽ جيڪا ڳالهه هو طيءِ ڪري ٿو، ان لاءِ بس اهو حڪم ٿو ڪري ته "ٿي پؤ" ۽ اها ٿي پوي ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو خالق آهي آسمانن ۽ زمين جو، ۽ جنهن ڳالهه جو به هو فيصلو ڪري ٿو، حڪم ڏئي ٿو، پوءِ بيشڪ هو چوي ٿو ته ”ٿي پؤ“ ۽ اها ٿي پوندي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ اهو ئي آهي، هو جنھن شيءِ کي ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ٿوته ان کي حڪم ڏيندو آهي ته “ٿِيءُ” ته اها شيءِ “ٿي پوندي” آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ لَولا يُكَلِّمُنَا اللَّهُ أَو تَأتينا ءايَةٌ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِثلَ قَولِهِم تَشٰبَهَت قُلوبُهُم قَد بَيَّنَّا الءايٰتِ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 118) |
۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن سي چوندا آھن ته الله اسان سان ڇو نه ڳالھائيندو آھي يا ڪا نشاني اسان وٽ ڇو نه ايندي آھي؟ اھڙي طرح جيڪي کانئن اڳ هُئا تن سندن چوڻ وانگر چيو، سندن دليون ھڪ جھڙيون آھن، بيشڪ انھيءَ قوم لاءِ نشانيون بيان ڪيون اٿئون جيڪي ويساھ رکندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو (خدائي ڪتابن جو) علم نٿا رکن سي چون ٿا ته الله تعاليٰ ڇو نه ٿو اسان سان سنئون سڌو ڳالهائي يا ڪا نشاني (معجزو) موڪلي؟ اهي به هوبهو اهائي (بيهودي) ڳالهه ٿا ڪن جيڪا هنن کان اڳيان ڪندا هئا. (مذهب جي باري ۾) اڳين ۽ پوين جون دليون هڪ جهڙيون پئي رهيون آهن، سچ هي آهي ته اسان گهڻيون ئي نشانيون ظاهر ڪري ڇڏيون آهن، پر اهي نشانيون انهن لاءِ ڪافي آهن، جيڪي مڃڻ وارا آهن (نه انهن لاءِ جي هرو ڀرو انڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن جيئن مصري ماڻهن ظاهر ظهور معجزا ڏٺا ته به حضرت موسيٰ کي نه مڃيائون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اڻ پڙهيل چون ٿا الله تعالى اسان سان ڇو نٿو ڳالهائي يا اسان کي ڪا نشاني ڏي، انهن کان اڳ وارن ماڻهن به اهڙي ئي ڳالهه ڪئي اِنهن جهڙي گفتگو، هِنن ۽ اُنهن جون دليون هڪ جهڙيون آهن، بيشڪ اسان بيان ڪيون آهن نشانيون انهن لاءِ جيڪي يقين رکن ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جي (مشرڪ) نٿا ڄاڻن سي چون ٿا ته الله اسان سان (پاڻ) ڇو نٿو ڳالهائي يا اسان وٽ ڪا نشاني ڇو نٿي اچي؟. اهڙي طرح جيڪي (ماڻهون) انهن کان اڳ هئا تن به انهن جهڙي ڳالھ چئي. سندن دليون هڪجهڙيون آهن. جي ماڻهو يقن رکن ٿا انهن کي ته اسان پنهنجون کليل نشانيون ڏيکاريون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو انهن شخصن جو ڪجھ به نه ٿا ڄاڻن ته ڇو نه ٿو ڳالهائي اسان سان الله يا ڇو نه ٿي اچي اسان وٽ ڪا نشاني.ن طرح چيو هو انهن جو گذريا انهن کان اڳ ۽ انهن جي ڳالھ وانگر.لن جلن ٿيون دليون انهن جون تحقيق اسان بيان ڪيون آهن نشانيون ان قوم لاءِ جو يقين ٿا رکن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي نٿا ڄاڻن تن چيو ته الله اسان سان ڇو نه ٿو ڳالهائي. يا اسان وٽ ڪا نشاني ڇو نه ٿي اچي. اهڙي طرح جيڪي انهن کان اڳ هئا تن به انهن جهڙي ڳالهه چئي. سندن دليون هڪ جهڙيون آهن. بيشڪ اسان انهن ماڻهن لاءِ نشانيون بيان ڪيون آهن جيڪي يقين رکن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بي علم ماڻهو چون ٿا ته: ”الله اسان سان (سڌو سنئون) ڇو نه ٿو ڳالهائي! يا اسان وٽ ڪا نشاني ڇو نه ٿي اچي“ انهن کان اڳين به اهڙي ڳالهه چئي هئي. انهن جون دليون هڪ جهڙيون آهن. بيشڪ اسان يقين وارن لاءِ نشانيون پڌريون ڪري ڇڏيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڪجھ نه ٻُجھن، تن ٻوليو، ته ٻولي اسان ساڻ، الله جَل جلالهٗ ، يا آڻينيون اُهڃاڻ، اِيئن ٻوليون، تن جي ٻول جيئن، جي اِنهيان اڳ اَڄاڻ، ٿيا گمان گاڏهان، هِنيا تن جا هاڻ، کولياسون پنهنجا خوب طرح، ثابتيون سُھڃاڻ، اُنهئ قوم ڪاڻ، يڪدل رکن ، يقين جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بي علم چون ٿا ته ”الله اسان سان ڇو نٿو ڳالهائي؟“ يا ”اسان وٽ ڪا نشاني ڇو نه ٿو آڻي؟“ جيڪي کانئن اڳ هئا، تن به سندن چوڻ وانگر ٿي چيو. سندن دليون هڪ جهڙيون آهن. اسان ته يقين وارن لاءِ نشانيون پڌريون ڪيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نادان چون ٿا ته الله پاڻ اسان سان ڇو نٿو ڳالهائي يا ڪا نشاني اسان وٽ ڇو نه ٿي اچي؟ اهڙيون ئي ڳالهيون انهن کان اڳ ٿي گذريل ماڻهو به ڪندا هئا، انهن سڀني (اڳين پوين گمراهن) جون سوچون هڪ جهڙيون آهن. يقين ڪندڙن لاءِ ته اسان نشانيون کولي پڌريون ڪري چڪا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چون ٿا نادان ته اسان سان پاڻ ڇو نٿو ڳالهائي الله يا ڇو نٿي اچي ڪا نشاني اسان وٽ؟ اهڙيون ئي ڳالهيون ان کان اڳ وارا ماڻهو به ڪندا هئا، انهن سڀني (گمراهن) جون ذهنيتون هڪ جهڙيون آهن. اسان صاف نشانيون نمايان ڪري چڪا آهيون يقين ڪندڙن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ناسمجهه ماڻهو چون ٿا ته ”الله تعالى اسان سان (سامهون اچي) ڇو نٿو ڳالهائي، يا اسان وٽ سنئون سڌو ڪا نشاني ڇو نٿي اچي؟ اهڙيون ڳالهيون ان کان پھريائين وارا ماڻهو به ڪندا هئا. حقيقت ۾ انهن سڀني ناسمجهه ماڻهن جي ذهني سوچ هڪجھڙي ئي آهي، يقين ڪرڻ وارن لاءِ ته اسان صاف صاف نشانيون ظاهر ڪري چڪا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا أَرسَلنٰكَ بِالحَقِّ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلا تُسـَٔلُ عَن أَصحٰبِ الجَحيمِ (آيت : 119) |
(اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي سچ سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو ۽ (تون) دوزخين بابت نه پڇبين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي پيغمبر! اسان توکي حق ۽ هدايت جي راه ڏيکارڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي (چڱن عملن جي برڪتن جي) خوشخبري ٻڌائين ۽ حق کان انڪار جي بدلي ۾ عذابن به نسبت) خبردار ڪرين. پوءِ جيڪي ماڻهو (انڪار ۽ بدعملن جي ڪري) دوزخي ٿيندا تن به نسبت توتي جوابداري ڪانهي (تنهنجو ڪم آهي فقط حق جو پيغام پهچائڻ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان توهان کي حق سان موڪليو آهي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ۽ توهان کان اي حبيب ! دوزخين بابت ڪو سوال نه ڪيو ويندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) بيشڪ اسان تو کي سچو دين ڏئي، خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. ۽ تو کان دوزخين بابت نه پڇيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان موڪليو توکي حق سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري ۽ نه پڇا ڪيو ويندين تون جهنم وارن جي باري ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول) بيشڪ اسان توکي حق ڏيئي خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. ۽ توکان دوزخين بابت نه پڇيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان (اي نبي!) تو کي حق سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي موڪليو آهي ۽ دوزخين بابت تو کان ڪو نه پڇيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُڪوسونِ ئـِي، سچ ساڻ، کِيانتو ۽ خابرُو، ۽ پڇبـين نه، پيغمبر! پاڻ، بابت ڀاتينِ باه جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان توکي حق سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي ۽ توکان دوزخ وارن جي پڇا نه ٿيندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهيءَ کان وڌيڪ نشاني ٻي ڪهڙي ٿيندي جو) اسان توکي حق جي علم ساڻ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بڻائي موڪليو آهي. هاڻي جيڪي ماڻهو جهنم سان لاڳاپو ڳنڍي چڪا آهن، انهن لاءِ نڪي تون ذميوار آهين ۽ نه ئي توکان ڪو پڇاڻو ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان توکي حق جي علم سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي، هاڻي جن ماڻهن جهنم سان رشتو جوڙيو، تن لاءِ تون جوابده ناهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) بيشڪ اسان توهان کي حق جو علم ڏئي موڪليو آهي، ته (جيئن) ماڻهن کي جَنَّتَ جي خوشخبري ٻڌايو ۽ جَھنَّم جي باهه کان ڊيڄاريندا رهو، ان ذميواري کان پوءِ توهان کان سوال نه ڪيو ويندو، ته هي ماڻهو جَھنَّم ۾ ڇو ويا (ظاهر آهي ته هو ڄاڻي واڻي حق جي راهه کان منھن موڙيندا رهيا). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَن تَرضىٰ عَنكَ اليَهودُ وَلَا النَّصٰرىٰ حَتّىٰ تَتَّبِعَ مِلَّتَهُم قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَ الَّذى جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 120) |
۽ (اي پيغمبر) يھودي ايسين توکان ڪڏھن راضي نه ٿيندا ۽ نڪي نصارىٰ جيسين تون سندن دين جي تابعداري ڪرين، (کين) چؤ ته الله جي ھدايت اھا (اسلام) جي ھدايت آھي، ۽ (اي پيغمبر) تو وٽ جو علم آيو آھي تنھن کان پوءِ به جيڪڏھن (تون) سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين ته تو لاءِ الله وٽان نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو واھرو ٿيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڇا به ڪرين) اهي يهودي ۽ عيسائي توکان راضي ڪڏهن به نه ٿيندا جيستائين تون هنن جي (هٿرادو ٺاهيل) جماعت جي پيروي ڪرين، هنن کي چئو ته هدايت جي راهه ته اها آهي جا الله تعاليٰ ڏَسي آهي ۽ ياد رک ته جيڪڏهن تو هنن جي خواهشن جي پيروي ڪئي اگرچه تو وٽ اڳئي سچو حقيقي علم اچي چڪو آهي ته پوءِ الله تعاليٰ جي دوستي ۽ مددگاري توکي حاصل نه ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کان يهودي ۽ نصارى هرگز راضي نه ٿيندا جيستائين توهان انهن جي دين جي تابعداري نه ڪندا، توهان چئو بيشڪ الله جي هدايت ئي هدايت آهي ۽ (اي ٻڌندڙ) جيڪڏهن تو انهن جي خواهش جي تابعداري ڪئي علم اچڻ کان پوءِ ته الله تعالى کان توکي ڪوبه بچائڻ وارو ۽ مددگار نه هوندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!)تو کان يهودي ڪڏهن به راضي نه ٿيندا ۽ نڪي عيسائي، جيستائين تون سندن (باطل) دين جي تابعداري نه ڪندين. (کين) چئو ته بس! الله جي هدايت ته (سچي) هدايت آهي ۽ جيڪڏهن تون هن کان پوءِ به جو تو کي علم (قرآن) پهتو، سندن خواهشن جي تابعداري ڪندين ته تو کي خدا (جي غضب) کان بچاءُ وارو نڪو تنهنجو سرپرست ۽ نڪو مددگار ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هرگز راضي نه ٿيندا توکان يهودي ۽ نصارى تانجو تابعداري ڪرين انهن جي دين جي.رماءِ ته بيشڪ الله جو ڏسيل رستو اهو ئي سڌو رستو آهي ۽ جيڪڏهن (بفرض محال) تابعداري ڪندين.نهن جي خواهش جي ان کان پوءِ جو آيو اوهان وٽ علم ته (پوءِ) نه آهي الله (جي پڪڙ) کان ڪو بچائيندڙ ۽ نه ڪو مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ توکان يهودي ڪڏهن به راضي نه ٿيندا ۽ نڪي عيسائي جيستائين تون سندن دين جي تابعداري نه ڪندين. (کين) چئو ته الله جي رهنمائي ئي هدايت آهي. ۽ جيڪڏهن تون هن کان پوءِ به جو توکي علم پهتو سندن خواهشن جي تابعداري ڪندين ته الله کان (ڇڏائڻ لاءِ) تنهنجو نه ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ يهودي ۽ نصارى تو کان اصل راضي نه ٿيندا جيستائين تون انهن جي مذهب جي پيروي اختيار نه ڪرين. چؤ ته: ”بيشڪ الله جي (عطا ڪيل) هدايت ئي (حقيقي) هدايت آهي“. ۽ جيڪڏهن (اي مخاطب) تو انهن جي خواهشن جي پيروي ڪئي، ان کان پوءِ جو تو وٽ (الله وٽان) علم اچي ويو آهي ته تو لاءِ الله کان بچائڻ وارو نه ڪو دوست هوندو ۽ نه ڪو مددگار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ يهود، نه نصارا توسان، رسول!، ٿين رَس، تان موٽِي سندنِ مذهب ۾، اچين تون اَوس، چئو، ڏَس اِهوئَي بس، جو آھِ، ڏَس ڏاتارجو. ۽ جي سندن سَڌن پٺيان، پوءِ لڳ، ٿـئين تون پاڻ، جنهن بعد پَيئيِ، سُڌ صحِي، ڪونهي پوءِ، تو ڪاڻ، ۽ جي سندن سَڌن پٺيان، پوءِ لڳ، ٿـئين تون پاڻ، جنهن بعد پَيئيِ، سُڌ صحِي، ڪونهي پوءِ، تو ڪاڻ، صاحب کان، سُڄاڻ، نه والي، نڪو واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) توکان يهودي ۽ عيسائي تيستائين راضي نه ٿيندا، جيسين تون سندن دين تي نه هلندي، چؤ ته بيشڪ الله جو ڏيکاريل رستو ئي سڌو رستو آهي.“ پر جيڪڏهن تون پاڻ وٽ علم اچڻ کان پوءِ به سندن خيالن تي هلندين، ته الله وٽان تو لاءِ نه ڪو حمايت ڪرڻ وارو هوندو ۽ نه مددگار. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يهودي ۽ عيسائي توکان ڪنهن به صورت ۾ راضي نه ٿيندا، جيستائين تون سندن طريقي تي نه هلين. صاف طرح چئي ڇڏ ته رستو فقط اهوئي آهي، جيڪو الله ڏسيو آهي، نه ته جي انهيءَ علم کان پوءِ به جيڪو تو وٽ اچي چڪو آهي، تو انهن جي مرضي رکي ته پوءِ الله جي پڪڙ کان بچائڻ وارو ڪوبه واهرو ۽ مددگار تنهنجي لاءِ نه آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ راضي ڪونه ٿيندا يهودي ۽ عيسائي توکان ڪڏهن به، جيستائين تون انهن جي طريقي تي هلڻ نه لڳين، صاف چئي ڏي ته رستو بس اهو ئي آهي جيڪو الله ٻڌايو آهي، نه ته انهيءَ علم کان پوءِ جيڪو تو وٽ اچي چڪو آهي تو انهن جي خواهشن جي پيروي ڪئي، ته بچائڻ وارو الله جي پڪڙ کان ڪوبه دوست ۽ مددگار تنهنجي لاءِ نه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) يھودي ۽ نصارى توکان ڪڏهن به راضي نه ٿيندا، جيستائين تون انهن جي دين جي طريقي تي نه هلندين، کين (صاف) ٻڌائي ڇڏ ته سڌو رستو رڳو اهو ئي آهي، جيڪو الله تعالى مقرَّر ڪيو آهي، پر جيڪڏهن تون الله تعالى جي مقرَّر ڪيل رستي کي سمجهندي به هُنن جي خواهشن جي پيرويءَ جو سوچيندين ته توکي ڪير به الله تعالى جي پڪڙ کان بچائڻ وارو دوست ۽ مددگار نه ملي سگهندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَتلونَهُ حَقَّ تِلاوَتِهِ أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 121) |
جن کي ڪتاب ڏنوسون سي ان کي اھڙي طرح پڙھندا آھن جھڙو سندس پڙھڻ جو حق آھي، اھي ان کي مڃيندا آھن، ۽ جيڪي اُن کي نه مڃيندا سي ئي ڇيئي وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن کي (خدائي) ڪتاب ڏنو ويو آهي ان کي (اخلاص سان ۽ غور ۽ فڪر ڪري حقيقت پروڙڻ لاءِ) ائين پڙهن ٿا جيئن ان کي پڙهڻ گهرجي. اهي پوءِ ضرور ان تي ايمان آڻيندا، پر جيڪڏهن ڪو (سڌي راهه وٺڻ کان) انڪار ڪندو ته پوءِ انهن ئي لاءِ تباهي ۽ نامرادي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي اُهي انهيءَ جو حق ادا ڪري پڙهن ٿا، اُهي ئي انهيءَ تي ايمان رکن ٿا، ۽ جيڪي انهيءَ جو انڪار ڪندڙ آهن پوءِ اهي ئي ڇيهي وارا آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن کي اسان ڪتاب (قرآن مجيد) ڏنو آهي، اهي ان کي (غور ۽ فڪر سان) اهڙو پڙهن ٿا جهڙو هن کي پڙهڻ جو حق آهي. اهي الله جي هدايت تي ايمان آڻن ٿا ۽ جيڪي ان جو انڪار ڪندا سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي شخص جو ڏنو اسان انهن کي ڪتاب تلاوت ٿا ڪن ان جي حق تلاوت ڪرڻ ان جي جو.هي ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ جيڪي انڪار ٿا ڪن ان جو پوءِ اهي ئي نقصان ۾ آهن .ع (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن کي اسان ڪتاب (تورات) ڏنو آهي (۽) هي ان کي اهڙو پڙهن ٿا جهڙو ان جي پڙهڻ جو حق آهي سي الله جي هدايت تي ايمان آڻين ٿا. ۽ جيڪي ان جو انڪار ڪندا سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي سي ان کي ائين پڙهن ٿا، جيئن ان جي پڙهڻ جو حق آهي، اُهي ان تي ويساهه رکن ٿا ۽ جيڪي ان جو انڪار ڪن ته اُهي ئي نقصان لهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن ڏنوسونِ ڪتاب، اُهي پڙهنس، حق پڙهڻ جو، اُهي مڃينس مورهين، صحِي برصواب، ۽ خانو تن خراب، جن انهئَ کان، اِنڪارڪيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي تن مان جيڪي کيس پڙهڻ جيئن پڙهن ٿا سي ئي ٿا مڃين ۽ جيڪي ان جو انڪار ڪندا، سي ئي نقصان پائيندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي، اهي ان کي ائين ٿا پڙهن جيئن پڙهڻ جو حق آهي ۽ اهي ان (قرآن) تي سچي دل سان ايمان آڻن ٿا ۽ جيڪي ان سان ڪفر واري روش اختيار ڪندا اهي ئي ٽوٽي ۾ پوڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي، اهي ان کي ائين پڙهن ٿا جيئن حق آهي ان کي پڙهڻ جو، اهي هن (قرآن) تي سچيءَ دل سان ايمان آڻين ٿا ۽ ڪفر جو رويو جيڪي اختيار ڪندا، اهي اصل ۾ نقصان کڻڻ وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انهن مان سنجيده ماڻهو اهي آهن) جن کي اسان ڪتاب ڏنوسين، هو ڪتاب جي اهڙي انداز سان تلاوت ڪن ٿا جو واقعي تلاوت جو حق ادا ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ ڪتاب ۾ ٻڌايل حڪمن کي دل سان مڃيندا به آهن، پر ڪتاب جا انڪار ڪندڙ ئي نقصان ۾ پوڻ وارا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 122) |
اي بني اسرائيلؤ اُھي مُنھنجا ڳُڻ ياد ڪريو جيڪي مون اوھان تي ڪيا ۽ مون جھان (وارن) تي اوھان کي سڳورو ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي بني اسرائيلو! منهنجون اهي نعمتون ياد ڪيو جي مون اوهان تي ڪيون ۽ مون اوهان کي سڄي دنيا ۾ ممتاز ۽ سرفراز ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اولاد يعقوب جا توهان منهنجن نعمتن کي ياد ڪريو جيڪي مون توهان تي ڪيون ۽ بيشڪ مون توهان کي ڀلو ڪيو اُن زماني وارن کان.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي بني اسرائيلو! منهنجي اها نعمت ياد ڪريو جيڪا مون اوهان تي ڪئي ۽ مون اوهان کي ساري جهان تي فضليت ڏني.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي بني اسرائيلو! ياد ڪيو منهنجي اها نعمت جا مون اوهان تي ڪئي ۽ (خاص ڪري هيءَ جو) بيشڪ مون ڀلو ڪيو اوهان کي (ان وقت جي) سڀني جهانن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي بني اسرائيلو ! منهنجي اها نعمت ياد ڪريو جيڪا مون اوهان تي ڪئي. ۽ مون اوهان کي قومن تي فضيلت ڏني. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي يعقوب جا اولاد! منهنجي نعمت کي ياد ڪيو جا مون اوهان مٿان انعام ڪئي ۽ بيشڪ مون اوهان کي (ان دؤر جي) قومن مٿان فضيلت ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساريو اي اسرائيليو!، مُنهنجي نعمت اوهان نال، اوهان سان اوّل کان، جيڪي ڀَلايمِ ڀال، ۽ اُتم ڪيو اقبال، اوهان جو، عالمن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي يهوديو! منهنجي ان نعمت کي ياد ڪريو، جا مون اوهان تي ڪئي ۽ مون اوهان کي دنيا جي ماڻهن کان ڀلارو ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي بني اسرائيلؤ! ياد ڪريو منهنجي اها نعمت، جنهن سان مون توهان کي نوازيو هو ۽ اهو به ته مون توهان کي دنيا جي سڀني قومن تي فضيلت عطا ڪئي هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي بني اسرائيل! ياد ڪريو منهنجي اها نعمت، جنهن سان مون توهان کي نوازيو هو ۽ هي ته مون توهان کي دنيا جي سڀني قومن تي فضيلت ڏني هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي بني اسرائيل! منھنجي ان نعمت کي ياد ڪريو، جيڪا مون توهان کي عطا ڪئي،بيشڪ مون توهان کي سڄي جھان وارن تي فضيلت به ڏني هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها عَدلٌ وَلا تَنفَعُها شَفٰعَةٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 123) |
۽ انھيءَ ڏينھن کا ڊڄو جنھن ۾ ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کان ڪجھ به نه ٽاري سگھندو ۽ نڪي کانئس ڪو بدلو قبول ڪبو ۽ نڪي کيس ڪا پارت نفعو ڏيندي ۽ نڪي کين مدد ڏبي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڊڄو انهيءَ ڏينهن کان جنهن ڏينهن ڪوبه انسان ڪنهن ٻئي انسان کي ڪم نه ايندو (نڪي پنهنجي ڪنهن پيشوا جو نالو وٺي عذاب کان ڇٽي وڃبو) نه ڪنهن طرح جو عيوضو قبول پوندو (يعني فديو ڏئي جان ڪوبه ڇڏائي سگهي) نه ڪنهن جي ڪوشش ۽ سفارش فائدو ڏيندي ۽ نه گنهگارن کي ڪٿان به مدد ملندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڊڄو انهيءَ ڏينهن کان جو ڪو مؤمن ڪافر کي ڪو فائدو نه ڏئي سگهندو ۽ نه قبول ڪيو ويندو کانئس ڪو عيوض ۽ نه نفعو ڏيندس سفارش ۽ نه ئي کين مدد ڏني ويندي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو شخص ڪنهن کي ڪجھ به ڪم نه ايندو ۽ نه ان کان بدلو قبول ڪيو ويندو ۽ نه ان کي ڪا شفاعت فائدو پهچائيندي ۽ نه انهن کي ڪا مدد ملندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جو نه بدلو ڏيندو ڪو شخص ڪنهن شخص جي پاران ڪجھ به ۽ نه قبول ڪيو ويندو ان کان مالي تاوان ۽ نه نفعو ڏيندي ان کي سفارش ۽ نه اهي مدد ڪيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو شخص ڪنهن کي ڪجهه به ڪم نه ايندو ۽ نه ان کان ڪو بدلو قبول ڪيو ويندو. ۽ نه ان کي ڪا سفارش فائدو پهچائيندي ۽ نه انهن کي ڪا مدد پهچندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو شخص به ڪنهن شخص جي پاران ڪنهن شيءِ جو بدلو نه ڏئي سگھندو ۽ نه ان جي پاران ڪو عيوضُ قبوليو ويندو نه ان کي (بغير اذن الاهي) ڪنهن جي شفاعت نفعو ڏيندي ۽ نه اُهي مدد ڏنا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وِجھلو ڪنان تنهن وار، جڏهن هڪ، نه ٻئي جو پار ڪبو، ۽ نه بدلو وٺبس بار ڪو، ۽ نه پارت ڪهين پار، ۽ نه هوندو اُنهن هار، اُهکي ۾ آڌارڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو، جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي کي ذري جيترو به ڪم نه ايندو، نڪي ان کان بدلو قبول ڪبو، نڪي ان کي شفاعت ئي فائدو ڏيندي ۽ نه ڪي کين مدد ملندي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڊڄو انهيءَ ڏينهن کان جڏهن ڪوبه ڪنهن جي ڪم نه ايندو، نه ڪنهن کان ڪو عيوضو ورتو ويندو ۽ نڪي ڪا سفارش ئي ڪنهن کي ڪو فائدو پهچائيندي ۽ نه ڏوهارين کي ڪٿان ڪا مدد ملي سگهندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڊڄو انهيءَ ڏينهن کان جڏهن ڪير ڪنهن کي ذري برابر ڪم نه ايندو، نه ڪنهن کان فديو قبول ڪيو ويندو، ۽ ڪابه سفارش ڪنهن کي ڪم نه ايندي. ۽ نه ڏوهارين کي ڪٿان ڪا مدد ملي سگهندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڊڄو ان ڏينھن کان جنھن ڏينھن ڪو به، ڪنھن جي ذري جيترو به ڪم نه ايندو، نه ڪنھن کان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪو عيوضو ورتو ويندو، نه ڪنھن جي سفارش قبول ڪئي ويندي ۽ نه ئي انهن (ڏوهارين) کي ڪٿان ڪا مدد ملي سگهندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذِ ابتَلىٰ إِبرٰهۦمَ رَبُّهُ بِكَلِمٰتٍ فَأَتَمَّهُنَّ قالَ إِنّى جاعِلُكَ لِلنّاسِ إِمامًا قالَ وَمِن ذُرِّيَّتى قالَ لا يَنالُ عَهدِى الظّٰلِمينَ (آيت : 124) |
۽ جڏھن ابراھيمؑ کي سندس پالڻھار ڪن ڳالھين سان پرکيو پوءِ اُھي پوريون ڪيائين، ۽ (الله) فرمايو ته آءٌ توکي ماڻھن لاءِ امام مُقرّر ڪرڻ وارو آھيان، (تڏھن ابراھيم) چيو ته منھنجي اولاد مان به (امام ڪندين؟ الله) فرمايو ته ظالمن کي اھو منھنجو انجام نه پھچندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اها ڳالهه ياد رکو ته) جڏهن حضرت ابراهيم کي سندس پروردگار ڪن ڳالهين ۾ آزمايو تڏهن هو آزمائش ۾ پورو نڪتو. پوءِ الله تعاليٰ کيس فرمايو ته مان توکي ماڻهن لاءِ امام بنائڻ وارو آهيان (يعني ماڻهو تنهنجي پيروي ڪندا) تڏهن حضرت ابراهيم عرض ڪيو ته منهنجي اولاد تي به اهڙو فضل ٿئي. الله تعاليٰ جواب ۾ فرمايو ته هائو، پر جيڪي ظالم ۽ گنهگار ٿيندا تن سان منهنجو عهد لاڳو نه ٿيندو (رڳو نسل ۽ خاندانائي ڪجهه به فائدو نٿي ڏئي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن ابراهيم کي پنهنج رب ڪن ڳالهين کان آزمايو پوءِ پاڻ اُهي پوريون ڪيائين، الله تعالى فرمايو آئون توکي ماڻهن جو اڳواڻ ڪندس. عرض ڪيائين ۽ منهنجي اولاد مان، الله تعالى فرمايو نٿو پهچي منهنجو وعدو ظالمن کي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول! بني اسرائيل کي اهو وقت به ياد ڏياريو ته) جڏهن ابراهيم کي سندس پالڻهار ڪن ڳالهين ۾ آزمايو پوءِ ان انهن کي پورو ڪيو تڏهن الله فرمايو ته آءُ تو کي ماڻهن جو پيشوا ڪريان ٿو. چيائين ته منهنجي اولاد مان به (پيشوا ڪندين؟!) فرمايائين ته (هاءُ! پر) منهنجي هن ”عهد“ تي ظالمن مان ڪو به فائز نه ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن آزمايو ابراهيم کي ان جي رب ٻٽن فرمانن سان پوءِ پورو ڪيائين انهن کي فرمايو (الله) ته بيشڪ مان ڪندڙ آهيان توکي ماڻهن جي لاءِ اڳواڻ.رض ڪيائين ۽ منهنجي اولاد مان به فرمايو (الله) ته نه پهچندو وعدو منهنجو ظالمن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن ابراهيم کي سندس پاليندڙ ڪن ڳالهين ۾ آزمايو پوءِ اُن انهن کي پورو ڪيو. تڏهن الله فرمايو ته آءُ توکي ماڻهن جو پيشوا ڪريان ٿو. چيائين ته منهنجي اولاد مان به (پيشوا ڪندين) فرمايائين ته منهنجو (اهو) انجام ظالمن کي نه پهچندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اهو واقعو ياد ڪر) جڏهن ابراهيم کي سندس پالڻهار ڪن ڳالهين ۾ آزمايو ته انهن (سڀني) کي پورو ڪيائين. (رب) فرمايو: ”آءُ تو کي ماڻهن جي لاءِ اڳواڻ بنائڻ وارو آهيان“. چيائين: ”(ڇا) منهنجي اولاد مان به“؟ (رب) فرمايو: ”منهنجو عهد ظالمن کي نه ٿو پهچي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آزمايو ابراهيم کي، جڏهن، سندس رب ستار، ڪِن ڳالهين ۾، پوءِ پارئين، ته ٻوليائين ٻيهار، ته توکي ڪندڙ آهيان، ماڻهن لئي مهندار، ۽ چي، سندم خاندان مان چي، منهنجو قول قرار، حاصل نه ٿـئي هيڪار، عام آزاريندڙن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ياد ڪر جڏهن ابراهيم کي سندس ڌڻي ڪن ڳالهين ۾ آزمايو ته هن انهن کي پورو ڪيو، چيائين ”بيشڪ آءٌ توکي ماڻهن جو اڳواڻ ڪندسن.“ چيائين ”منهنجي اولاد مان؟“ چيائين ”“ظالمن لاءِ منهنجو اهو انجام ناهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو جڏهن ابراهيم کي سندس رب ڪن ڳالهين ۾ آزمايو ۽ هو انهن سڀني تي پورو لٿو ته چيائينس: "مان توکي سڀني ماڻهن جو امام بنائڻ وارو آهيان". ابراهيم عرض ڪيو: "ڇا منهنجي اولاد سان به اهوئي وعدو آهي" جواب ڏنائين ته "منهنجو وعدو ظالمن سان لاڳو نه ٿيندو"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ياد ڪريو جڏهن آزمايو ابراهيم کي سندس رب ڪجهه ڳالهين ۾ ۽ هو سڀني ۾ پورو آيو. ته چيو ويو: ”آءٌ توکي سڀني ماڻهن جو اڳواڻ بڻائيندس.“ هن چيو: ”۽ ڇا اهو منهنجي اولاد سان به وعدو آهي؟“ جواب ڏنو ويو، ”منهنجو عهد ظالمن متعلق نه آهي.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن ابراهيم (ؑ) کي سندس رَبَّ ڪن ڳالهين ۾ آزمايو ته هو انهن سڀني ڳالهين تي پورو لٿو، (انهيءَ ڪاميابيءَ جي عيوض) الله تعالى کيس فرمايو (اي ابراهيم!) مان توکي سڀني ماڻهن جو (هميشه لاءِ) امام مقرَّر ڪريان ٿو، (حضرت) ابراهيم (ؑ انتھائي خوشيءَ واري انداز ۾) چيو ته ڇا منھنجي اولاد کي به (اها امامت نصيب ٿيندي)؟ تنھن تي الله تعالى فرمايو (ته توهان جي نيڪ اولاد سان ته اهو وعدو آهي پر) جيڪو اولاد، ظلم جي ڪمن ۾ پوندو، تنھن سان اهو وعدو هرگز نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ جَعَلنَا البَيتَ مَثابَةً لِلنّاسِ وَأَمنًا وَاتَّخِذوا مِن مَقامِ إِبرٰهۦمَ مُصَلًّى وَعَهِدنا إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ أَن طَهِّرا بَيتِىَ لِلطّائِفينَ وَالعٰكِفينَ وَالرُّكَّعِ السُّجودِ (آيت : 125) |
۽ جڏھن بيت الله کي ماڻھن جي موٽڻ جو ماڳ ۽ امن جو ھنڌ مقرر ڪيوسون، ۽ (ھن امت کي حُڪم ڪيوسون) ته مقام ابراھيم کي (به) نماز پڙھڻ جي جاءِ ڪري وٺو، ۽ ابراھيم ۽ اسمٰعيل کي وصيّت ڪئي سون ته منھنجي گھر کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف وارن ۽ رڪوع ( ۽ ) سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رکو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ وري ڏسو ته اسان هن گهر (ڪعبي) کي ماڻهن جي اچڻ جو مرڪز ۽ امن امان جي جاءِ ڪئي ۽ حڪم ڏنوسين ته حضرت ابراهيم جي بيهڻ واري جاءِ کي (هميشه جي واسطي) نماز پڙهڻ جي جاءِ بنايو وڃي ۽ اسان حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل کي حڪم ڪيو ته هن منهنجي گهر کي طواف ڪرڻ وارن لاءِ، عبادت لاءِ منجهن رهڻ وارن لاءِ ۽ رڪوع ۽ سجدو ڪرڻ وارن لاءِ پاڪ رکو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! ياد ڪريو جڏهن اسان ڪعبي شريف کي ماڻهن لاءِ ثواب جي جاءِ ۽ امن جي جاءِ ڪئي، ۽ ابراهيم جي بيهڻ جي جاءِ کي جاءِ نماز بنايو ۽ اسان تاڪيد سان حڪم فرمايو ابراهيم ۽ اسماعيل کي ته بيت الله کي طواف ڪندڙن، اعتڪاف ڪندڙن ۽ نماز پڙهندڙن لاءِ پاڪ رکو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! انهن کي اهو وقت به ياد ڏياريو ته) جڏهن اسان ڪعبي کي ماڻهن جي ثواب ۽ پناھ جي جڳھ ڪيو ۽ (حڪم ڪيو ته) ابراهيم جي (هن) جڳھ کي نماز جي جاءِ بڻايو. ۽ ابراهيم ۽ اسماعيل کان (اهو) عهد ۽ اقرار ورتو ته: منهنجي (هن) گهر کي طواف ۽ اعتڪاف ۽ رڪوع ۽ سجدو ڪندڙن لاءِ پاڪيزھ رکو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن بنايو اسان (هن) گهر کي مرڪز ماڻهن لاءِ ۽ امن جي جاءِ ۽ (ماڻهن کي حڪم ڪيوسون ته) وٺو مقام ابراهيم کي نماز جي جاءِ ۽ تاڪيد ڪيوسون ابراهيم ۽ اسماعيل کي ته پاڪ صاف رکو منهنجو گهر طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف ۾ وهندڙن ۽ رڪوع سجدي ڪندڙن لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اها ڳالهه تڏهن ٿي) جڏهن اسان بيت الله کي ماڻهن جي گڏ ٿيڻ ۽ امن جي جاءِ ڪيو. ۽ اوهين ابراهيم جي بيهڻ جي جاءِ کي نماز جي جاءِ بنايو. ۽ ابراهيم ۽ اسماعيل ڏي حڪم موڪليوسون ته منهنجي گهر کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف ڪندڙن ۽ رڪوع ۽ سجدو ڪندڙن لاءِ پاڪ ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان هن گهر (بيت الله) کي ماڻهن لاءِ (عبادت واسطي) موٽڻ جي جاءِ ۽ امن وارو بنايو ۽ (حڪم ڏنو ته) ابراهيم جي بيهڻ واري جاءِ کي نماز جو هنڌ بنائي وٺو. ۽ اسان ابراهيم ۽ اسماعيل کي تاڪيد ڪيو ته منهنجي گهر کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف ڪندڙن ۽ رڪوع، سجدن ڪرڻ وارن لاءِ پاڪ بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ڪيوسون ڪعبو، ماڻهن لئي، اَمن، آستان، ۽ مصلىٰ جو مڪان، ڪريو مَقام، ابراهيم کي. ۽ جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل کان، ورتو اسان انجام، ته منهنجو گھر پاڪ رکو، طوافين لئي تمام، مُجاورن مدام، پڻ نمندڙ، نمازين لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن اسان ڪعبي کي ماڻهن لاءِ گڏ ٿيڻ ۽ امن واري جاءِ بڻايو ته ”ابراهيم جي بيهڻ واري جاءِ کي نماز جي جاءِ بڻايو،“ ۽ اسان ابراهيم ۽ اسماعيل کي حڪم ڏنو ته ”منهنجي گهر کي چوڌاري ڦرندڙن ۽ ويهي عبادت ڪندڙن ۽ رڪوع ۽ سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رکو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو به ياد ڪريو ته اسان انهيءَ گهر (ڪعبي) کي ماڻهن لاءِ مرڪز ۽ امن واري جاءِ ڪيو هو ۽ ماڻهن کي حڪم ڏنو هو ته ابراهيم جنهن جاءِ تي عبادت لاءِ بيهندو آهي، انهيءَ جاءِ کي هميشه لاءِ نماز پڙهڻ جي جاءِ بڻائي ڇڏيو ۽ ابراهيم ۽ اسماعيل کي تاڪيد ڪيو هئوسين ته منهنجي انهيءَ گهر کي طواف ۽ اعتڪاف ۽ رڪوع ۽ سجدو ڪرڻ وارن لاءِ پاڪ رکجو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي ته اسان هن گهر (ڪعبي) کي ماڻهن جي لاءِ مرڪز ۽ امن جي جڳهه قرار ڏنو هو. ۽ حڪم ڏنو هو ته ابراهيم جتي عبادت لاءِ بيهي ٿو، ان کي مستقل نماز جي جڳهه بڻايو. ۽ تاڪيد ڪيو هو ابراهيم ۽ اسماعيل کي ته منهنجي هن گهر کي پاڪ رکو طواف ۽ اعتڪاف ۽ رڪوع ۽ سجدي ڪندڙن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان شروع کان وٺي، هن ڪعبة الله کي ماڻهن جي لاءِ( گڏجڻ جو) مرڪز مقرَّر ڪيو آهي،جنهن ۾ حاضر ٿيندڙن جي حفاظت ۽ امن سان رهڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي ۽ ماڻهن کي حڪم ڏنو آهي ته ابراهيم (ؑ) جنهن جڳهه تي الله تعالى جي عبادت لاءِ بيهندو هو، ان کي توهان (به) هميشه لاءِ نماز جي جاءِ مقرَّر ڪريو، اسان ابراهيم ۽ اسماعيل (ؐ) کي اهو به تاڪيد ڪيو هو ته منھنجي گهر (ڪعبة الله) کي طواف، اعتڪاف ۽ نماز پڙهندڙن لاءِ ۽ پاڪ ۽ صاف رکو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ اجعَل هٰذا بَلَدًا ءامِنًا وَارزُق أَهلَهُ مِنَ الثَّمَرٰتِ مَن ءامَنَ مِنهُم بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ قالَ وَمَن كَفَرَ فَأُمَتِّعُهُ قَليلًا ثُمَّ أَضطَرُّهُ إِلىٰ عَذابِ النّارِ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 126) |
۽ جڏھن ابراھيم چيو ته اي منھنجا پالڻھار ھن شھر (مڪي) کي امن جو ھنڌ ڪر ۽ سندس رھندڙن مان انھن کي ميون جي روزي ڏي جيڪي منجھائن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃين، (تڏھن الله) فرمايو ته جنھن نه مڃيو (تنھن کي به) پوءِ اُن کي (حياتيءَ جا) ٿورڙا ڏينھن آسودو ڪندس وري کيس باھ جي عذاب ڏانھن بيوس ڪندس، ۽ اُھا بُڇڙي جاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پوءِ ڇا ٿيو جو حضرت ابراهيم دعا گهري ته اي منهنجا رب تون هن شهر کي امن امان وارو شهر ڪر ۽ ان جي ماڻهن مان جيڪي الله ۾ ۽ آخرت جي ڏينهن ۾ سچو ايمان رکن تن جي گذران لاءِ هر طرح جا ميوا وغيره عطا ڪر. تنهن تي خدا جو حڪم آيو ته هائو، پر جيڪو ڪفر ڪندو تنهن کي به ڪجهه وقت ته رزق جو فائدو ڏينداسين پر جلد کيس باهه جي عذاب ڏانهن گهلينداسين اهو (دوزخ جو) هنڌ ڪهڙو نه مصيبت وارو هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن ابراهيم عرض ڪيو اي منهنجا رب هن شهر کي امن وارو ڪر ۽ ان ۾ رهندڙن کي قِسمين قِسمين ميوا کاراءِ جيڪي انهن مان الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان آڻن، الله تعالى فرمايو ۽ جنهن ڪفر ڪيو ان کي ٿورو وقت خوشحال ڪندس ان کان پوءِ جهنم جي عذاب ڏانهن مجبور ڪندس ۽ اها تمام خراب جاءِ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول! اهو وقت به ياد ڏيارين ته) جڏهن ابراهيم دعا گهري ته اي منهنجا پالڻهار! هن (شهر) کي پناھ ۽ امن جو شهر بڻاءِ، ان ۾ رهڻ وارن مان جو، خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻي، ان کي طرح طرح جا ميوا کائڻ لاءِ عطا ڪر. خدا فرمايو (چڱو! پر) جو ڪفر ڪندو ته ان کي به ٿورو (عرصو) فائدو وٺڻ ڏيو. پوءِ ان کي (آخرت ۾) مجبور ڪري دوزخ ڏانهن گهليو ويندو. ۽ اها موٽڻ واري جاءِ (تمام) بڇڙي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن دعا گهري ابراهيم ته اي منهنجا رب ڪر تون هن (شهر کي) امن وارو شهر ۽ روزي ڏي ان ۾ رهندڙن کي طرح طرح جا ميوا (يعني) ان کي جو ايمان آڻي انهن مان الله تي ۽ ڏينهن قيامت تي.رمايائين ۽ جنهن ڪفر ڪيو پوءِ فائدو وٺڻ ڏيندس ان کي ٿورو وقت ان کان پوءِ مجبور ڪندس ان کي باھ جي عذاب ڏانهن ۽ گهڻي خراب جاءِ آهي اها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اها ڳالهه تڏهن ٿي) جڏهن ابراهيم چيو ته اي منهنجا پاليندڙ ! هن کي امن امان جو شهر ڪر ۽ ان جي رهاڪن کي ميون مان روزي ڏي جيڪو انهن مان الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻي. الله فرمايو ۽ جيڪو ڪفر ڪندو ته ان کي به ٿورو (وقت) فائدو پهچائيندس. وري ان کي باهه جي عذاب ڏي بيوس ڪندس ۽ اها موٽي وڃڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن ابراهيم چيو ته: ”اي پالڻهار هن کي امن وارو شهر بناءِ ۽ اتان جي رهواسين کي قسمان قسمين جا ميوا روزي بنائي ڏي (يعني) انهن مان تن کي جن الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان آندو“. (الله) فرمايو: ”۽ جنهن ڪفر ڪيو ته ان کي (به دنيا جي) ٿوري زندگي جي مدت لاءِ فائدو ڏيندس پوءِ ان کي دوزخ جي عذاب ڏانهن مجبور ڪندس ۽ اها نهايت بري موٽڻ جي جاءِ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُتو ابراهيم جڏهن، ته سانيم ربَّ سبحان! ڪر هِن سڳوري شهر کي، اَمن آستان، ۽ ڏي سندس ساڪنن کي، ميوا مهربان!، مڃيو، جنهن منجھانِ ، الله ۽ آخر ڏينهن کي. چي، جو منڪر ٿيو مور، ته وَٽَ وٺائيندوسينس ٿورڙي، باه واري بند ڏي، موٽِي ڪندوسينس مجبور، ۽ بُڇڙو ٿيو ڀرپور، موٽڻ وارو، ماڳ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن ابراهيم چيو ”اي منهنجا ڌڻي! تون هن شهر کي امن جي جاءِ بڻاءِ ۽ ان جي رهندڙن کي، جي انهن مان الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻين، ميوي جو رزق ڏي.“ چيائين: جيڪو ڪفر ڪندو، ان کي به ٿورا ڏينهن فائدو ڏيندس، پوءِ ان کي دوزخ جي عذاب ڏي لاچار ڪندس ۽ اها رهڻ جي بڇڙي جاءِ آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اها ڳالهه به ته، ابراهيم دعا گهري ته "اي منهنجا رب! هن شهر کي امن وارو شهر بڻائجانءِ ۽ ان جي رهاڪن مان جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃين انهن کي هر قسم جي ميون وارو رزق ڏجانءِ". جواب ۾ سندس رب فرمايو ته " ۽ جيڪو نه مڃيندو، دنيا جي ٿورڙن ڏينهن واريءَ زندگيءَ جو سامان ته مان ان کي به ڏيندس پر پوءِ کيس جهنم جي عذاب ڏانهن گــِـهلي پهچائيندس ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو ماڳ آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي ته ابراهيم دعا ڪئي ته ”اي منهنجا رب! هن شهر کي امن جو شهر بناءِ، ۽ ان جي باشندن کي هر قسم جي ميون جو رزق عطا ڪر، جيڪي الله ۽ آخرت کي مڃين.“ (ان جي جواب ۾) رب فرمايو، ”۽ جيڪو نه مڃيندو ته دنيا جي محدود زندگيءَ جو سامان ته ان کي ڏيندس، آخرڪار اهو جهنم جو عذاب ڏسندو. “ ۽ اهو بدترين ٺڪاڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ابراهيم (ؑ)جڏهن هي دعا گهري ته “اي منھنجا رَبَّ! هن مڪي شهر کي (هميشه لاءِ) امن وارو شھر بڻاءِ ۽ هن شھر ۾ رهندڙ الله تعاليٰ ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻيندڙن کي رزق جي صورت ۾ هر قسم جا ميوا ڏئي”، ان تي الله تعالى (ابراهيم (ؑ جي خاص سوچ کي عام سوچ ۾ بدلائي) فرمايو ته اي ابراهيم! رزق ته مان انهن ماڻهن کي به ڏيندس، جيڪي انڪار ڪندڙ هوندا، اهڙا ماڻهو ڀلي هن مختصر حياتيءَ ۾ الله تعالى جون نعمتون استعمال ڪري وٺن پر آخرڪار انهن کي انتھائي بدترين جاءِ جَھنَّم ڏانھن گھلي وٺي ويندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ يَرفَعُ إِبرٰهۦمُ القَواعِدَ مِنَ البَيتِ وَإِسمٰعيلُ رَبَّنا تَقَبَّل مِنّا إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 127) |
۽ جڏھن ابراھيم ۽ اسمٰعيل بيت (الله) جا بنياد اوساريندا هُئا (تڏھن چوندا هُئا ته) اي اسان جا پالڻھار (ھيءُ پورھيو) اسان کان قبول ڪر، ڇوته تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي عظيم واقعو به ياد رکو جو حضرت ابراهيم خدا جي گهر جي پيڙهه وجهي رهيو هو ۽ سندس پٽ حضرت اسماعيل به ساڻس شريڪ هو، (پٿر کڻندي هو دعا گهري رهيا هئا) اي پروردگار! اسان جي هيءَ خدمت ۽ عمل قبول پوي. بيشڪ تون دعائن جو ٻڌندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! ياد فرمايو جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل بيت الله جي بنيادن کي بُلند ڪيو ته عرض ڪيائون اي اسان جا رب قبول ڪر تون اسان کان بيشڪ تون ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي حبيب! اهو وقت به ياد ڏيارين ته) جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل بيت الله جا بنياد مٿي کڻندا هئا (هيءَ دعا گهرندي ته) اي اسان جا پالڻهار! اسان جي هي (خدمت) قبول فرماءِ! بيشڪ تون ئي (دعا جو) ٻڌندڙ (۽ نيت جو) ڄاڻيندڙ آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن کنيا ٿي ابراهيم بنياد بيت الله جا ۽ اسماعيل (۽ دعا ٿي گهريائون ته) اي اسان جا رب! قبول ڪر اسان کان بيشڪ تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اها ڳالهه تڏهن ٿي) جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل بيت الله جا بنياد مٿي کڻندا هئا (هيءُ دُعا گهرندي ته) اي اسان جا پاليندڙ اسان کان قبول ڪر ! بيشڪ تون ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل بيت الله جا بنياد پئي بلند ڪيا (ته دعا گهري رهيا هئا) ”اي اسان جا پالڻهار! تون اسان کان هي (خدمت) قبول ڪر، بيشڪ تون ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ابراهيم اُٺايا جڏهن، گھر جا پايا پاڻ، ۽ اسماعيل، ته آگا! اسان کان ڪر، قبول ڪرم ساڻ، سڻندڙ ۽ سڄاڻ، تون مولا! آهين مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ياد ڪر، جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل ڪعبي جي بنياد کي اوساريو ٿي ته ”اي اسان جا ڌڻي! تون اسان کان قبول ڪر، بيشڪ تون سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهين.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ياد ڪريو، جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل انهيءَ گهر جون ڀتيون کڻي رهيا هئا ته دعا گهرندا ٿي رهيا ته "اي اسان جا رب! اسان کان هيءَ خدمت قبول ڪر، تون هر ڪنهن جي ٻڌندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪريو، جڏهن ابراهيمؑ ان گهر جون ڀتيون کڻي رهيا هئا ۽ اسماعيل، ته دعا ڪندا ٿي ويا ”اي اسان جا رب! اسان جي هي خدمت قبول فرماءِ، تون سڀني کي ٻڌندڙ ۽ سڀڪجهه ڄاڻندڙ آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو شروعاتي دؤر به ياد ڪريو) جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل (ؐ) ڪعبة الله جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ۽ ان جا بنياد مٿي ڪرڻ وقت، دُعا گهري ته يا الله! اسان جي هن خدمت کي قبول فرماءِ، بيشڪ تون ئي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبَّنا وَاجعَلنا مُسلِمَينِ لَكَ وَمِن ذُرِّيَّتِنا أُمَّةً مُسلِمَةً لَكَ وَأَرِنا مَناسِكَنا وَتُب عَلَينا إِنَّكَ أَنتَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 128) |
۽ اسان جا پالڻھار اسان کي پنھنجو فرمانبردار ڪر ۽ اسان جي اولاد مان (به) ھڪ ٽوليءَ کي پنھنجو فرمانبردار ڪر، ۽ اسان کي اسان جي حج جا ارڪان سيکار ۽ اسان جون (خطائون) معاف ڪر، ڇو ته تون ئي وڏو معاف ڪندڙ مھربان آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي اسان جا پروردگار اسان ٻنهي کي سچو مسلم (تنهنجي حڪمن جو فرمانبردار) ڪر ۽ اسان جي اولاد مان به اهڙي امت پيدا ڪر جا تنهنجي حڪمن جي فرمابردار هجي. اي خدا اسان کي اسان جي عبادت جا طريقا سيکار ۽ اسان جا قصور معاف ڪر. بيشڪ تون ئي وري وري معاف ڪندڙ ۽ بي انتها رحم واروآهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي رب اسان جا اسان ٻنهي کي پنهنجو مخلص بناءِ ۽ اسان جي اولاد مان هڪ جماعت کي فرمانبردار ڪر، ۽ اسان کي عبادت جا قاعدا ڏيکار ۽ اسان تي پنهنجي رحمت سان موٽ، بيشڪ تون نهايت توبہ قبوليندڙ مهربان آهين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽) اي اسان جا پالڻهار! اسان ٻنهي کي پنهنجو تابعدار ڪر. ۽ اسان جي اولاد مان به هڪ جماعت اهڙي ئي تابعدار ڪر ۽ اسان کي، اسان جي حج جون جايون ڏيکار ۽ اسان جي توبه قبول ڪر. بيشڪ تون ئي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اسان جا رب! ۽ ڪر تون اسان کي فرمانبردار پنهنجو ۽ اسان جي اولاد مان جماعت فرمانبردار تنهنجي ۽ ڏيکار (سيکار) ان کي اسان جي عبادت (ڪرڻ) جا طريقا ۽ توجهه ڪر اسان تي بيشڪ تون ئي گهڻي توبہ قبول ڪندڙ گهڻو رحم ڪندڙ آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي اسان جا پاليندڙ ! ۽ اسان ٻنهي کي پنهنجو تابعدار ڪر. ۽ اسان جي اولاد مان به پنهنجي هڪ تابعدار جماعت ڪر ۽ اسان کي اسان جي حج جا طريقا ڏيکار ۽ اسان تي مهرباني ڪر. بيشڪ تون ئي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي اسان جا رب! اسان ٻنهين کي پنهنجو فرمانبردار ڪر ۽ اسان جي اولاد مان به تنهنجي فرمانبردار امت پيدا ڪر ۽ اسان کي اسان جي عبادت جا قائدا (حج جا احڪام) ٻڌاءِ ۽ اسان تي (رحمت سان) متوجهه ٿيءُ، بيشڪ تون وڏو توبه قبوليندڙ، ٻاجهارو آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سانيم! ڪر اسان کي، تُنهنجو تابعدار، پڻ اسان جي اولاد مان، اُمّت ايماندار، ۽ پنهنجِي پوڄا هنڌ، اسان ڏيکاريين ڏاتار!، ۽ موٽ اسان تي مِهر سان، مرهين هر ميار، تون وَرندڙ ويرو تار، مِڙنيان مهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي اسان جا پالڻهار! اسان کي پنهنجو فرمانبردار بڻاءِ، اسان جي اولاد ۾ به تنهنجي هڪ فرمانبردار جماعت هجي، اسان کي حج جا طريقا ڏس ۽ اسان کي معاف ڪر. بيشڪ تون ئي توبهه قبول ڪندڙ مهربان آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي رب ! اسان ٻنهي کي پنهنجو مسلم (حڪمن جو تابع) بڻاءِ، اسان جي نسل مان اهڙي قوم اٿارجانءِ جيڪا تنهنجي حڪمن جي تابعدار هجي، اسان کي پنهنجي عبادت جا طريقا ٻڌاءِ ۽ اسان جون خطائون بخش، تون ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهين(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي اسان جا رب! اسان ٻنهي کي پنهنجو مسلم (فرمانبردار) بناءِ ۽ اسان جي نسل مان هڪ اهڙي قوم پيدا ڪر، جيڪا تنهنجي مسلم (مطيع) هجي، اسان کي طريقا ٻڌاءِ پنهنجي عبادت جا، ۽ اسان جي ڪوتاهين کي نظرانداز ڪر، بيشڪ تون سڀني کي ٻڌندڙ رحم ڪندڙ آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا الله! اسان ٻنهي کي پنهنجو فرمانبردار بڻاءِ ۽ اسان جي نسل مان هڪ اهڙي جماعت پيدا فرماءِ، جيڪا تنھنجي سھڻي نموني ۾ فرمانبرداري ڪندڙ هجي، اسان کي پنھنجي عبادت جا طور طريقا به ٻڌاءِ ۽ اسان جي (ننڍين وڏين) خطائن کي معاف فرماءِ. بيشڪ تون ئي وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبَّنا وَابعَث فيهِم رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِكَ وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُزَكّيهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 129) |
۽ اي اسان جا پالڻھار منجھانئن ھڪ پيغمبر منجھن موڪل جو تنھنجون آيتون مٿن پڙھي ۽ کين ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ۽ کين سڌاري، ڇو ته تون ئي غالب حڪمت وارو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اي اسان جا پروردگار (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) جيڪي ماڻهو (مڪي ۾ اسماعيل جو اولاد) پيدا ٿيندا تن ڏانهن انهن ئي منجهان هڪڙو رسول موڪلجانءِ جو تنهنجون آيتون ماڻهن کي پڙهي ٻڌائي. الله جو ڪتاب ۽ عقل ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون سيکاري ۽ (پنهنجي تربيت ۽ صحبت سان) هنن جون دليون پاڪ ڪري ڇڏي. اي پروردگار! بيشڪ تون ئي آهين جو وڏي شان ۽ قدرت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اسان جا رب انهن ۾ رسول (ڪريم) موڪل انهن مان جيڪو انهن کي قرآن ڪريم پڙهائي ۽ انهن کي قرآن ۽ شرعي احڪام سيکاري ۽ انهن کي پاڪ ڪري، بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آهين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽) اي اسان جا پالڻهار! انهن ۾، انهن مان ئي هڪ رسول موڪل جو کين تنهنجون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ انهن کي ( آسماني) ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ۽ انهن جي (نفس) کي پاڪ ڪري، بيشڪ تون ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اسان جا رب! موڪل انهن ۾ شان وارو رسول انهن مان ته پڙهي انهن جي اڳيان تنهنجون آيتون ۽ پڙهائي انهن کي ڪتاب ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون ۽ پاڪ صاف ڪري انهن کي بيشڪ تون ئي زبردست غالب وڏي حڪمت وارو آهين. ع (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي اسان جا پاليندڙ ! ۽ انهن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪل جو کين تنهنجيون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ انهن کي ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ۽ کين پاڪ ڪري. بيشڪ تون ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي اسان جا پالڻهار! انهن ۾ انهن مان ئي هڪ (عظمت وارو) رسول موڪل جيڪو انهن تي تنهنجون آيتون تلاوت ڪري انهن کي ڪتاب سيکاري ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي ۽ انهن کي پاڪيزه بنائي. بيشڪ تون غالب، حڪمت وارو آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موڪل ربّ ! مَنهنجانِ ڪو، تن ۾ نبي نواب، تن تي، پڙهي تُنهنجون، حُجتون هر باب، ۽ سيکارينِ ڪتاب، پڻ صحي سمجھ صواب، ۽ اُجاري اُنهن کي، هر خصلت، کان خراب، پڪ تون پاڪ جناب، سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي اسان جا ڌڻي! تون هنن ۾ منجهائن هڪ رسول موڪل، جو کين تنهنجون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ انهن کي ڪتاب ۽ ڏاهپ سيکاري ۽ انهن کي پاڪ ڪري، بيشڪ تون ئي تمام زبردست ڏاهپ وارو آهين.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي رب! انهن ماڻهن ۾ خود انهن مان هڪڙو رسول اٿارجانءِ، جيڪو کين تنهنجون آيتون ٻڌائي، انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي ۽ سندن زندگيون سنواري، تون ڏاڍو سگهارو ۽ حڪمت وارو آهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اي اسان جا رب! ۽ انهن ماڻهن ۾ خود انهن جي قوم مان هڪ رسول کي آڻ، جيڪو انهن کي تنهنجون آيتون ٻڌائي، انهن کي تعليم ڏئي ڪتاب ۽ حڪمت جي ۽ انهن جون زندگيون سنواري. بيشڪ تون وڏو غالب ۽ حڪمت وارو آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا الله! اسان جي ايندڙ نسل ۾ اهڙو رسول موڪلجانءِ، جيڪو ماڻهن کي تنھنجون پاڪ آيتون تلاوت ڪري ٻڌائي، ڪتاب ۽ حڪمت ذريعي تعليم ڏئي ۽ سندن زندگين کي سنواري ڇڏي. بيشڪ تون ئي زبردست حڪمت وارو آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَرغَبُ عَن مِلَّةِ إِبرٰهۦمَ إِلّا مَن سَفِهَ نَفسَهُ وَلَقَدِ اصطَفَينٰهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 130) |
۽ جنھن پاڻ کي بي سمجھ ڪيو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪير ابراھيم جي دين کان مُڙندو، ۽ بيشڪ کيس دنيا ۾ چونڊيو سون، ۽ اُھو آخرت ۾ ضرور ڀلارن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حضرت ابراهيم جو طريقو اهو هو جو بيان ڪيو ويو) پوءِ ڪير حضرت ابراهيم جي اهڙي سهڻي دين کان ڦري ويندو؟ سواءِ انهيءَ جي جنهن پاڻ کي جاهل ۽ ڀوڪ بنائي ڇڏيو آهي ۽ بيشڪ اسان حضرت ابراهيم کي دنيا ۾ به چونڊي ممتاز ڪيو ۽ آخرت ۾ به هو صالحن جي جماعت ۾ هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ابراهيم جي دين کان ڪير منهن موڙي مگر جنهن پنهنجي دل کي بيوقوف بنايو، ۽ بيشڪ اسان انهيءَ کي دنيا ۾ پسند ڪيو ۽ بيشڪ اهو آخرت ۾ يقيناً صالحن مان آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪير ابرهيم جي ملت (دين) کان ڦرندو، ان کان سواءِ جنهن پاڻ کي بيوقوف بڻايو ۽ اسان کيس دنيا ۾ چونڊيوسين ۽ هو آخرت ۾ به چڱن مان ئي ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪير منهن موڙيندو دين ابراهيم جي کان سواءِ ان جي جو بيوقوف بنايائين پنهنجي پاڻ کي ۽ بيشڪ برگزيدو ڪيو سون ان کي دنيا ۾ ۽ بيشڪ اهو آخرت ۾ به صالحن مان هوندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪير ابراهيم جي دين کان ڦرندو ان کان سواءِ جنهن پاڻ کي بيوقوف بنايو. ۽ بيشڪ اسان ان کي دنيا ۾ چونڊيو. ۽ بيشڪ هو آخرت ۾ چڱن مان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ابراهيم جي دين کان ڪير ٿو مُنهن موڙي (سگهي) سواءِ ان جي جيڪو پنهنجي نفس جي بي وقوفي ۾ مبتلا آهي. ۽ بيشڪ اسان ان کي دنيا ۾ منتخب فرمايو هيو ۽ بيشڪ اهو آخرت ۾ به نيڪو ڪارن مان هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ابراهيم جي دين کان، مُڙي ڪين مگر، جيڪو پنهنجي جان کان، بنيو بي خبر، ۽ ڌُئوسونس دنيا۾، پڻ آهي اُهو انور، ۽ آخرت اَندر، صالحن جي، ساٿ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ابراهيم جي دين کان ان کان سواءِ ٻيو ڪير ڦرندو، جنهن پنهنجو پاڻ کي بيوقوف بڻايو؟ ۽ بيشڪ اسان ان کي دنيا ۾ چونڊيو ۽ آخرت ۾ ته هو نيڪن مان ئي هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي اهو ڪير آهي، جيڪو ابراهيم جي طريقي کان ٿو نفرت ڪري؟ جنهن پنهنجو پاڻ کي بي سمجهيءَ ۽ جهالت ۾ وڌو هوندو، انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪير ٿو اها حرڪت ڪري سگهي؟ ابراهيم ته اهو شخص هو جنهن کي اسان دنيا ۾ پنهنجي ڪم لاءِ چونڊي ورتو هو ۽ آخرت ۾ هو صالحن مان ليکيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هاڻي ڪير آهي جيڪو نفرت ڪري ابراهيمؑ جي طريقي سان؟ سواءِ ان جي جنهن پاڻ کي بيوقوفي ۽ جهالت ۾ وڌو هجي. ان کان سواءِ ٻيو ڪير اها حرڪت ڪندو؟ ابراهيمؑ ته اهو آهي جنهن کي دنيا ۾ اسان پنهنجي ڪم لاءِ چونڊيو ۽ آخرت ۾ اهو صالحن ۾ هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ابراهيمؑ جو ڪردار توهان ٻڌو). هاڻي ڪھڙو ماڻهو هوندو جيڪو ان جي ٻڌايل طريقي کان نفرت ڪندو؟ ظاهر آهي ته اهو ئي ماڻهو ان جي ڪردار کان نفرت ڪندو، جيڪو غيرسنجيده ۽ ناسمجهه هوندو. ابراهيم(ؑ) ته اهو شخص آهي، جنھن جي آزمائش ڪري اسان کيس پورِي دنيا ۾ پنھنجي ڪم لاءِ چونڊيو هو. بيشڪ هو قيامت واري ڏينھن نيڪوڪار ماڻهن ۾ شامل هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ قالَ لَهُ رَبُّهُ أَسلِم قالَ أَسلَمتُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 131) |
جڏھن کيس سندس پالڻھار چيو ته منھنجا حڪم مڃ (تڏھن) چيائين ته جھان جي پالڻھار جا (سڀ) حڪم مڃيم.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏسو جڏهن حضرت ابراهيم جي پرودگار کيس حڪم ڪيو ته منهنجي اڳيان سر جهڪائي پورو پورو فرمابردار ٿي وڃ. تڏهن حضرت ابراهيم هڪدم چئي ڏنو ته مون سڀني جهانن جي پالڻهار اڳيان پنهنجو سر جهڪايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن ابراهيم کي سندس رب فرمايو منهنجي فرمانبرداري ڪر چيائين فرمانبرداري ڪئي مون رب جهانن واري جي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن ان کي سندس پالڻهار فرمايو ته اسلام قبول ڪر! عرض ڪيائين ته مون ساري جهان جي پالڻهار تي ايمان آندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن چيو ان کي ان جي رب ته ڪنڌ جهڪاءِ عرض ڪيائين ته ڪنڌ جهڪايم جهانن جي رب لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن ان کي سندس پاليندڙ چيو ته تابعدار ٿي. چيائين ته مون جهانن جي پاليندڙ جي تابعداري قبول ڪئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن وقت کيس سندس پالڻهار چيو ته: ”(مون اڳيان) گردن جهڪاءِ“ ! ته چيائين: ”مون جهانن جي پروردگار واسطي ڪنڌ جهڪايو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آ کيس جڏهن اُن جي ، پرور پاڪ حضور، ته مَڃ، چي، مَڃيمِ مور، پالڻهار پر ٿڻيـين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪر! جڏهن سندس ڌڻيءَ چيس ”تابعدار ٿيءُ“ چيائين ”آءٌ جهانن جي پالڻهار جو تابعدار آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ته اهڙو هو جو جڏهن سندس رب کيس چيو: "مسلم ٿي وڃ"، ته امالڪ ئي چيائين ته "مان ساري جڳ جي مالڪ جو "مسلم" بڻجي ويس" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان جو حال هي هو جڏهن سندس رب کيس چيو، ”مسلم ٿي“ ته فورًا چيائين، ”آءٌ مسلم ٿيس مالڪ ڪائنات جو“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (سندس هميشه اها خوبي هئي ته) اسان جڏهن به کيس چيو ته تون فرمانبردار ٿي، ته هو فوراً جواب ۾ چوندو هو: “مان ڪائنات جي پالڻھار جو فرمانبردار ٿي ويس”. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَوَصّىٰ بِها إِبرٰهۦمُ بَنيهِ وَيَعقوبُ يٰبَنِىَّ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ لَكُمُ الدّينَ فَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 132) |
۽ ابراھيم ۽ يعقوب پنھنجي پٽن کي ان ڳالھ جي وصيت ڪئي، ته اي اسانجا اولاد (ھن) دين کي الله اوھان لاءِ چونڊيو آھي پوءِ اوھين مسلمان ھجڻ کانسواءِ نه مرجو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت ابراهيم ۽ سندس پوٽي حضرت يعقوب پنهنجي اولاد کي اهائي ساڳي وصيت ڪئي (ته الله جي اڳيان سر جهڪائي سندس حڪمن جي فرمانبرداري ڪيو) ته انهن فرمايو ته اي منهنجا فرزندو! الله تعاليٰ توهان جي لاءِ هيءُ سچو دين (اسلام) پسند فرمايو آهي، پوءِ خبردار متان اسلامي فرمانبرداري جي حالت ۾ اچڻ کان اڳ ئي مري وڃو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهيءَ دين جي وصيت ڪئي ابراهيم پنهنجن پٽن ۽ يعقوب کي ته اي منهنجا پُٽ بيشڪ الله تعالى توهان لاءِ دين کي پسند ڪيو آهي پوءِ هرگز نه مرو توهان مگر مسلمان ٿي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان طريقي جي ابراهيم پنهنجي اولاد کي وصيت ڪئي ۽ يعقوب (به) ته اي منهنجي اولاد! الله اوهان لاءِ اهو ئي دين (اسلام) چونڊيو آهي، پوءِ اوهان نه مرو مگر مسلمان ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وصيت ڪئي هئي ان (دين) جي ابراهيم پنهنجن پٽن کي ۽ يعقوب اي منهنجا پٽ! بيشڪ الله پسند ڪيو اوهان لاءِ (هن) دين کي پوءِ هرگز نه مرجو اوهان مگر ان هال ۾ جو اوهان مسلمان آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ابراهيم ان جي پنهنجن پُٽن کي وصيت ڪئي ۽ يعقوب به ته اي منهنجي اولاد ! بيشڪ الله اوهان لاءِ (هيءُ) دين چونڊيو آهي. پوءِ اوهين نه مرو مگر تابعدار ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان (دين تي ثابت رهڻ) جي ابراهيم ۽ يعقوب پنهنجي پُــٽن کي وصيت ڪئي هئي ته: ”اي منهنجا ٻچڙا! بيشڪ الله اوهان لاءِ دين (اسلام) کي پسند ڪيو آهي. سو توهان نه مرجو مگر مسلمان رَهَندَي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ابراهيم سندس اولاد کي، ڪئـِي اِها تَلقين، پڻ يعقوب کي، ته اي ٻچا! ڌئو ڌڻي، اوهان لئي دين، پوءِ مرو مورهين ڪِين، مگر مسلمان ٿِي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ابراهيم خواهه يعقوب پنهنجي پٽن کي اهائي وصيت ڪري ويا ”اي منهنجا پٽئو! بيشڪ الله اوهان لاءِ دين کي چونڊيو آهي، سو اوهين مسلمان هجڻ بنا هرگز نه مرجو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ طريقي تي هلڻ جي هدايت هن پنهنجي اولاد کي به ڪئي هئي ۽ انهيءَ جي وصيت يعقوب پڻ پنهنجي اولاد کي ڪري ويو هو. هن چيو هونِ ته "منهنجا ٻچڙؤ! الله توهان لاءِ هيءُ ئي دين پسند ڪيو آهي تنهنڪري مرڻ گهڙيءَ تائين مسلم ٿي رهجو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان طريقي تي هلڻ جي هدايت ابراهيمؑ پنهنجي اولاد کي ڪئي هئي ۽ اها وصيت يعقوبؑ پنهنجي اولاد کي ڪئي، هن چيو هو ته، ”ٻچڙؤ! الله توهان جي لاءِ اهو ئي دين پسند ڪيو آهي، تنهن ڪري مرڻ گهڙيءَ تائين ”مسلم“ ئي رهجؤ“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ابراهيم (ؑ) اهڙي طريقي جي هدايت پنھنجي اولاد کي به ڪئي هئي. بعد ۾ سندس اولاد مان، يعقوب (ؑ) به اهڙي هدايت ڪئي هئي.هن ته پنهنجي اولاد کي اهو به چيو هو ته: اي منھنجا پٽڙؤ! بيشڪ الله تعالى توهان جي لاءِ اهو ئي دين پسند فرمايو آهي(جنھن جي باري ۾ مان توهان کي، ڄاڻ ڏئي چڪو آهيان) تنھن ڪري مرڻ گهڙيءَ تائين الله تعالى جا فرمانبردار ٿي رهجو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ حَضَرَ يَعقوبَ المَوتُ إِذ قالَ لِبَنيهِ ما تَعبُدونَ مِن بَعدى قالوا نَعبُدُ إِلٰهَكَ وَإِلٰهَ ءابائِكَ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِلٰهًا وٰحِدًا وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 133) |
(اي ڪتاب وارؤ) اوھين تڏھن حاضر ھيؤ ڇا؟ جڏھن يعقوب کي موت ويجھو ٿيو جڏھن پنھنجن پٽن کي چيائين ته مون کان پوءِ ڪنھن جي عبادت ڪندؤ؟ (تڏھن) چيائون ته تنھنجي خُدا ۽ تنھنجي پيءُ ڏاڏي ابراھيم ۽ اسمٰعيل ۽ اسحٰق جي خدا جي جو اڪيلو خدا آھي عبادت ڪنداسون، ۽ اسين سندس حڪم مڃيندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا توهان انهيءَ وقت حاضر هئو، جڏهن موت اچي حضرت يعقوب جي مٿان بيٺو؟ انهيءَ مهل حضرت يعقوب پنهنجي پٽن کان پڇيو ته مون کان پوءِ ڪنهن جي عبادت ڪندؤ؟ هنن جواب ڏنو ته اسان انهيءَ هڪ خدا جي عبادت ڪنداسين جنهن جي تو ڪئي آهي ۽ تنهنجي وڏن حضرت ابراهيم، حضرت اسماعيل ۽ حضرت اسحاق ڪئي آهي ۽ اسان به انهيءَ خدا جا فرمانبردار ٻانها آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ توهان جا وڏا موجود هئا يعقوب جي وصال وقت جڏهن يعقوب پنهنجي پٽن کي فرمايو توهان مون کان پوءِ ڪنهن جي عبادت ڪندا، چيائون اسين عبادت ڪنداسين ان جي جيڪو توهان جو ۽ توهان جي پيءُ ڏاڏي ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق جو اڪيلو رب آهي، ۽ اسين الله کي مڃيندڙ آهيون.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي بني اسرائيلو!) ڀلا اوهان حاضر هئا ڇا! جنهن وقت يعقوب جي سامهون موت آيو، جڏهن پنهنجن پٽن کي چيائين ته مون کان پوءِ ڪنهن جي عبادت ڪندو؟ انهن چيو ته اسين، تنهنجي پيءُ ڏاڏي ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق جي معبود اڪيلي خدا جي عبادت ڪنداسون ۽ اسين سندس تابعدار آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا اوهان حاضر هيئو جنهن وقت آيو يعقوب (عليہ الصلواة والسلام) وٽ موت جنهن وقت چيائين (پڇيائين) پنهنجن پٽن کان ته ڪنهن جي عبادت ڪندؤ مون کان پوءِ ؟ چيائون عبادت ڪنداسون تنهني (سچي) معبود ۽ تنهنجي پيئرن ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق جي (سچي) معبود جي جيڪو هڪ (سچو ۽ حق وارو) معبود آهي ۽ اسين ان جي لاءِ ڪنڌ جهڪائيندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي بني اسرائيلو!) ڀلا اوهين حاضر هئا ڇا جنهن وقت يعقوب جي سامهون موت آيو. جنهن وقت پنهنجن پُٽن کي چيائين ته مون کان پوءِ ڪهڙي شيءِ جي عبادت ڪندؤ؟ انهن چيو ته اسين تنهنجي الله ۽ تنهنجي پيءُ ڏاڏي ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق جي الله جي، جو اڪيلو الله آهي عبادت ڪنداسون. ۽ اسين سندس تابعدار آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا توهان (ان وقت) حاضر هيا؟ جڏهن يعقوب کي موت ويجھو آيو؟ جڏهن پنهنجي پٽن کان پڇيائين ته: ”مون کان پوءِ اوهان ڪنهن جي عبادت ڪندؤ“؟ چيائون: ”اسان تنهنجي معبود جي پوڄا ڪنداسين ۽ تنهنجي اباڻن ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق جي معبود، هڪ معبود جي (پوڄا ڪنداسين) ۽ اسان ان جي لاءِ گردن جھڪائيندڙ آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ هُئا اوهين اُن وار، بيٺل شاهد روبرو، موت جڏهن يعقوب تي، حاضر ٿيو هيڪار، پنهنجي پٽن سان ٿي ڪئي، جڏهن پويـين پهر پچار، ته ڪنهن کي پوڄيندا مون پُوان؟ چي پوڄينداسون پالڻهار، تو ۽ تنهنجي اَبن جو، ابراهيم اَبرار، ۽ اسماعيل، اسحاق جو، هڪ ڌڻي، هڪ دربار، ۽ تِنهن جا تابعدار، هونداسون، هرڳالھ ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا اوهين موجود هئا، جڏهن يعقوب وٽ موت آيو؟ جڏهن سندس پٽن کان پڇيائين ته ”مون کان پوءِ ڪنهنجي عبادت ڪندؤ؟“ چيائون ”تنهنجي سائينءَ جي عبادت ڪنداسون ۽ تنهنجي وڏن ابراهيم، اسماعيل ۽ اسحاق جي سائينءَ جي، جو هڪ ئي سائين آهي ۽ اسين سڀ ان جا تابعدار آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڇا توهان ان وقت اتي هئا، جڏهن يعقوب پئي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو؟ هن مرڻ ويل پنهنجن پٽن کان پڇيو: "پٽڙؤ! مون کانپوءِ توهان ڪنهن جي ٻانهپ ڪندؤ؟" انهن سڀني جواب ڏنو: "اسان انهيءَ هڪڙي الله جي ٻانهپ ڪنداسين جنهن کي تو ۽ تنهنجي وڏن ابراهيم، اسماعيل ۽ اسحاق، الله ڪري مڃيو آهي ۽ اسين انهيءَ جا ئي مسلم آهيون"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇا توهان ان وقت موجود هئا، جڏهن يعقوبؑ هن دنيا مان وڃي رهيو هو؟ هن مرڻ وقت پٽن کان پڇيو ”ٻچڙؤ! مون کان پوءِ توهان ڪنهن جي بندگي ڪندؤ؟ سڀني جواب ڏنو، ”ان خدا جي بندگي ڪنداسين جنهن کي تو ۽ تنهنجي بزرگن ابراهيمؑ ۽ اسماعيلؑ ۽ اسحاقؑ خدا کي اڪيلو مڃيو آهي، ۽ اسان انهيءَ جا مسلم آهيون.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي يھوديو ۽ عيسائيو!) ڇا توهان ان وقت موجود هئا جڏهن يعقوب (ؑ)وفات وقت آخري گهڙين ۾ اطمينان خاطر پنهنجي پٽن کان پڇيو، ته منھنجا پٽڙؤ! مون کان پوءِ توهان ڪنھن جي عبادت ڪندا؟ (پٽن هڪ آواز ٿي) جواب ڏنو ته اسان ان هڪ الله جي عبادت ڪنداسين، جنھن کي توهان ۽ توهان جي بزرگن ابراهيم، اسماعيل ۽ اسحاق (ؓ) هميشه هڪ معبود ڪري مڃيو آهي ۽ اسان به ان هڪ الله جا فرمانبردار آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 134) |
اھا ٽولي بيشڪ گذري وئي، جيڪي انھن ڪمايو سو انھن لاءِ آھي ۽ جيڪي اوھان ڪمايو سو اوھان لاءِ آھي ۽ جيڪي (اُھي) ڪندا تنھن بابت اوھين نه پڇبؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (بهرحال) اها هڪڙي قوم هئي جا گذر ڪري ويئي، انهن کي اهوئي پلئه پوندو جيڪي هنن عملن سان ڪمايو ۽ اوهان کي به اهو ئي پلئه پوندو جيڪي توهان پنهنجي عملن سان ڪمائيندؤ، توهان کان اهو ڪين پڇيو ويندو ته هنن ڪهڙا عمل ڪيا. (نڪي توهان هنن جي ڪمن لاءِ جوابدار آهيو، نڪي هو اوهان جي ڪمن لاءِ نڪي هڪ ٻئي کي قيامت ڏينهن ڇڏائي سگهندؤ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها هڪ امت هئي جيڪا گذري چڪي، انهن لاءِ اهو آهي جيڪو عمل ڪيائون ۽ توهان لاءِ جيڪو توهان عمل ڪريو ٿا ۽ انهن جي عملن بابت توهان کان نه پڇو ويندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها هڪ جماعت هئي جا گذري وئي. جيڪي انهن ڪمايو سو انهن لاءِ آهي ۽ جيڪو اوهان ڪمايو سو اوهان لاءِ آهي ۽ جيڪي اهي ڪندا هئا تنهن جو اوهان کان نه پڇيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اها جماعت هئي جو تحقيق گذري ان لاءِ اهو آهي جو انهن ڪمايو ۽ اوهان لاءِ اهو آهي جو اوهان ڪمايو ۽ نه پڇا ڪياويندؤ ان (عمل) جي باري ۾ جو (انهن) ڪيا ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها هڪ جماعت هئي جا گذري ويئي. جيڪي انهن ڪمايو سو انهن لاءِ آهي. ۽ جيڪي اوهان ڪمايو سو اوهان لاءِ آهي ۽ جيڪي اهي ڪندا هئا تنهن جو اوهان کان نه پڇيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُها (هڪ) امت هئي جا گذري وئي، انهن لاءِ اهو آهي جيڪو انهن ڪمايو ۽ اوهان لاءِ اهو آهي جيڪو اوهان ڪمايو ۽ جيڪي اُهي عمل ڪندا هئا انهن جو اوهان کان پڇاڻو نه ٿيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُها اُمت اڳڀري، ڪَهِي ويئي ڪالھ، اُن لئي آهن اُن جا، ميڙيؤن جيڪي مال، ۽ اوهان جيڪي ڪم ڪَيا، سي اوهان لئي اعمال، ۽ اوهان کان نه سوال؟، هو، جي ڪندا هئا ڪَمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها هڪ جماعت هئي جا گذري چڪي، هنن جي ڪمائي هنن لاءِ آهي ۽ اوهان جي اوهان لاءِ، اوهان کان هنن جي ڪمن جي پڇا نه ٿيندي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ڪي ماڻهو هئا جيڪي ٿي گذريا، جيڪو انهن ڪمايو سو انهن لاءِ آهي ۽ جيڪو توهان ڪمائيندؤ سو توهان لاءِ آهي. توهان کان نه پڇيو ويندو ته اهي ڇا ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ڪجهه ماڻهو هئا جيڪي گذري ويا، جيڪو انهن ڪجهه ڪمايو، اهو انهن لاءِ، ۽ جيڪو توهين ڪمائيندؤ اهو توهان لاءِ. توهان کان اهو نه پڇيو ويندو ته هو ڇا ڪندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (الله اڪبر) اها هڪ بهترين اُمَّت هئي، جيڪا پنهنجو وقت پورو ڪري رخصت ٿي وئي. جيڪو ڪِردار انهن ادا ڪيو، اهو انهن جي ئي نصيب ۾ رهندو ۽ جيڪو ڪردار توهان ادا ڪندا ان جا ذميدار توهان ئي هوندا، اڳ گذريل اُمَّت جي عملن جي باري ۾ توهان کان نه پڇيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا كونوا هودًا أَو نَصٰرىٰ تَهتَدوا قُل بَل مِلَّةَ إِبرٰهۦمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 135) |
۽ (ڪتاب وارا مسلمانن کي) چون ٿا ته يھودي يا نصارىٰ ٿيو ته ھدايت وارا ٿيندؤ. (اي پيغمبر کين) چؤ ته اسين ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جا تابعدار آھيون، ۽ اُھو مشرڪن مان نه ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يهودين چيو ته يهودي ٿيو، هدايت وارا ٿيندؤ، پر (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته (گروه بندي ۾ ڇا رکيو آهي، اها عالمگير سچائي اختيار ڪيو جا سڀني نبين سيکاري) حضرت ابراهيم جي راه اختيار ڪيو. هو الله تعاليٰ جو سچو ۽ مخلص فرمانبردار ٻانهو هو، شرڪ ڪرڻ وارن منجهان نه هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهلِ ڪتاب چون ٿا ته يهودي يا نصارى ٿيو ته هدايت تي ٿيندا، اي حبيب ! توهان فرمايو اسين ابراهيم جي دينِ حق جا تابعدار آهيون، ۽ ابراهيم مشرڪن مان نه هو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (يهودي ۽ عيسائي، مسلمانن کي) چون ٿا ته يهودي يا عيسائي ٿيو ته هدايت وارا ٿيندو (اي رسول! کين) چئو ته (ائين نه) بلڪه اسين ابراهيم جي طريقي تي آهيون، جو باطل کان پاسو ڪري هلندو هو ۽ مشرڪن مان نه هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چون ٿا ته ٿي پئو يهودي يا عيسائي ته هدايت وارا بنجندؤ.رماءِ ته بلڪ ابراهيم جي دين (جا تابعدار ٿيو) جيڪو حق تي هلندڙ باطل کان منهن موڙيندڙ هو ۽ نه هو مشرڪن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته يهودي يا عيسائي ٿيو ته هدايت وارا ٿيندؤ. (اي رسول ! کين) چؤ ته (ائين نه) بلڪ ابراهيم جي دين جي (تابعداري ڪريو) جو هڪ طرفو (باطل مذهبن کان بلڪل بيزار) هو ۽ مشرڪن مان نه هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اهلِ ڪتاب) چيو ته: ”يهودي يا نصارا ٿي وڃو ته هدايت وارا ٿيندؤ“. (اي نبي!) تون چؤ ”اسان ته ابراهيم جي دين تي آهيون جو هر باطل کان جدا، صرف الله ڏانهن متوجهه هيو. ۽ اهو مُشرڪن مان نه هيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چي، يهودِي، ڪِ نصارا ٿيو، ته هُجو هدايت نال، چئو، ابراهيم اَٽل جو، بلڪ دين بحال، نه هو سو نِهال، پَرجي، پُوڄارين مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چون ٿا ته ”يهودي يا عيسائي ٿيو ته هدايت پائيندؤ.“ چؤ نه بلڪ هڪ ڏي مهاڙ ڪندڙ ابراهيم جو رستو، جو الله سان ٻين کي ڀائيوار نه بنائيندو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يهودي چون ٿا ته يهودي ٿيو ته سڌي واٽ لهندؤ. عيسائي چون ٿا ته عيسائي بڻجو ته هدايت ملندؤ. چوين ته "نه، پر ٻيا سڀ در ڇڏي ابراهيم وارو طريقو (اختيار ڪريو) ۽ ابراهيم مشرڪن مان نه هو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (يهودي) چون ٿا، يهودي ٿيندؤ ته سڌي راهه ملندي، عيسائي چون ٿا ته، عيسائي ٿيو ته هدايت ملندي، چؤ انهن کي، ”نه، پر سڀني کي ڇڏي ابراهيمؑ جو طريقو اختيار ڪريو ۽ اهو نه هو مشرڪن مان“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اُهي (يھودي ۽ عيسائي غرور واري انداز ۾) چون ٿا ته يھودي ٿيو يا عيسائي ٿيوته پوءِ توهان کي سڌو رستو ملندو. اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته سڌو رستو ته ابراهيم (ؑ) جي مِلَّت جو آهي جيڪو توحيد جو عقيدو رکندڙ هو ۽ هو ڪڏهن به مشر ڪن منجهان نه هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قولوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَما أوتِىَ النَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 136) |
(کين) چئو ته الله کي مڃيو اٿئون ۽ (پڻ) جيڪو (قرآن) اسان ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي (صحيفا) ابراھيم ۽ اسمٰعيل ۽ اسحٰق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ڏانھن لاٿا ويا آھن ۽ جيڪي موسىٰ ۽ عيسىٰ کي ڏنو ويو ۽ جيڪي ٻـين پيغمبرن کي سندن پالڻھار کان ڏنو ويو، تنھن (سڀ کي مڃيون ٿا) منجھائن ڪنھن ھڪ جي وچ ۾ وِٿي نه ٿا ڀانيون، ۽ اسين اُن (ھڪ الله) کي مڃيندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي مسلمانو) توهان چئو ته اسان ته الله تي ايمان آندو آهي ۽ قرآن مجيد تي ايمان آندو آهي جو اسان تي نازل ٿيو آهي ۽ انهيءَ سچي تعليم تي ايمان آندو آهي جا حضرت ابراهيم، حضرت اسماعيل، حضرت اسحاق حضرت يعقوب ۽ سندس اولاد تي نازل ٿي. اسان انهن ڪتابن تي به ايمان آندو آهي جي حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ تي نازل ٿيا ۽ انهن سڀني هدايتن تي ايمان آندو آهي، جي ٻين نبين کي سندن پروردگار وٽان مليون. اسان انهن نبين مان ڪنهن به هڪڙي کي جدا نه ٿا ڪيون (جو ان کي نه مڃون ۽ ٻين کي مڃيون. سڀني جي هدايت هڪ ئي هئي ۽ انهيءَ موجب) اسان فقط هڪ خدا جا فرمانبردار ٻانها آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان فرمايو اسان الله تي ايمان آندو ۽ جيڪو اسان جي طرف نازل ڪيو ويو ۽ جيڪو ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ ان جي اولاد جي طرف نازل ڪيو ويو ۽ جيڪو ڏنو ويو موسى ۽ عيسى کي ۽ جيڪو ڏنو ويو ٻين نبين کي سندن رب جي طرفان، اسين انهن مان ڪنهن تي ايمان آڻڻ ۾ فرق نٿا ڪريون، ۽ اسين الله کي مڃيندڙ آهيون.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي مسلمانو! هي) چئو ته اسان خدا تي ايمان آندو آهي ۽ ان تي به جيڪي اسان ڏي لاٿو ويو آهي (قرآن) ۽ جيڪي (صحيفه) ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي اولاد تي نازل ٿيا (انهن تي) ۽ جيڪي (ڪتاب) موسى ۽ عيسى کي ڏنا ويا ۽ جو ڪجھ (ٻين) نبين کي سندن پالڻهار جي طرفان ڏنو ويو ۽ اسين خدا جا فرمانبردار آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چئو ته ايمان آندوسون الله ۽ ان تي جيڪو نازل ڪيو ويو آهي اسان ڏي ۽ ان تي جيڪو نازل ڪيو ويو ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ ان جي اولاد ڏانهن ۽ جيڪي ڏنو ويو موسى ۽ عيسى ۽ جيڪي ڏنا ويا (ٻيا) انبياء (سڳورا) پنهنجي رب جي طرفان نه ٿا فرق ڪيون انهن ۾ (ايمان آڻڻ جي لحاظ سان) ۽ اسين ان لاءِ فرمانبردار آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهين چئو ته اسان الله تي ايمان آندو ۽ (ان تي به) جيڪي اسان ڏي لاٿو ويو ۽ جيڪي ابراهيم ۽ اسمٰعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ڏي لاٿو ويو ۽ (ان تي به) جو ڪجهه موسيٰ ۽ عيسيٰ کي ڏنو ويو ۽ جو ڪجهه نبين کي سندن پاليندڙ جي طرفان ڏنو ويو. اسين انهن مان ڪنهن هڪ جي وچ ۾ فرق نه ٿا ڪريون ۽ اسين سندس تابعدار آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي مسلمانو!) چؤ ته: ”اسان الله تي ايمان آندو ۽ (ان تي) جيڪو اسان طرف نازل ڪيو ويو آهي ۽ (ان تي) جيڪو ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ انهن جي اولاد تي نازل ڪيو ويو هيو ۽ (انهن ڪتابن تي به) جيڪي موسى ۽ عيسى کي ڏنا ويا ۽ جي ٻين نبين کي سندن رب جي طرفان ڏنا ويا، اسان انهن مان ڪنهن هڪ ۾ به (ايمان آڻڻ ۾) فرق نه ٿا ڪيون ۽ اسان ان (رب)جا فرمانبردار آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيئون، آندوسون ايمان، الله تي، پُڻ اُن تي، جي اسان ڏي اُتريا، فائق جا فرمان، پڻ اُتريا ابراهيم تي، اسماعيل عاليشان، اسحاق، يعقوب تي، پڻ پوٽاپهلوان، ۽ مُوسٰى، عيسٰى کي، جي مِليا، دانا ڪنان دان، پڻ مِليو جيڪي مُرسلين، سائيَنِ کان، سبحان، اسين اُنهن مان، ڪنهن وِچ، وجھون وِڇوٽِي ڪانه، ۽ اُنهئَ هڪ جا، هر زمان ، توڙان تابع اۤهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”چؤ ته اسان الله کي مڃيو ۽ ان کي به، جيڪي اسان ڏانهن لاٿو ويو ۽ جيڪي ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ ان جي اولاد ڏانهن لاٿو ويو، جيڪي موسيٰ ۽ عيسيٰ کي ڏنو ويو ۽ جيڪي نبين کي پنهنجي رب کان ڏنو ويو اسين انهن ۾ ڪو فرق نٿا ڪريون ۽ اسين ان جا ئي تابعدار آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مسلمانؤ! چئو ته "اسان ايمان آندو الله تي ۽ ان هدايت تي جيڪا اسان ڏانهن نازل ٿي آهي ۽ جيڪا ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ڏانهن نازل ٿي هئي ۽ جيڪا موسيٰ ۽ عيسيٰ ۽ ٻين سمورن نبين کي سندن رب پاران ڏني وئي هئي، اسان انهن جي وچ ۾ ڪوبه فرق ڪونه ٿا ڪريون ۽ اسان الله جا مسلم آهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مسلمانؤ! چئو ته، ”اسان ايمان آندو الله تي ۽ انهيءَ هدايت تي جيڪا اسان ڏانهن نازل ٿي آهي جيڪا ابراهيمؑ ۽ اسماعيلؑ ۽ اسحاقؑ ۽ يعقوبؑ ۽ اولاد يعقوب تي نازل ٿي. ۽ جيڪا موسيٰؑ ۽ عيسيٰؑ ۽ ٻين مڙني پيغمبرن کي ڏني وئي هئي رب جي طرفان، اسين ڪوبه فرق نٿا ڪريون انهن جي وچ ۾. ۽ اسين الله جا مسلم آهيون“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي مسلمانو! انهن کي چئو ته اسان الله تعالى ۽ ان جي طرفان موڪليل هدايت واري رستي تي ايمان آندوسين ۽ هر ان شيءِ تي (اکيون ٻوٽي) ايمان آندوسين جيڪا ابراهيم، اسماعيل، اسحاق ۽ يعقوب (ؓ) ۽ ان جي اولاد تي نازل ڪئي وئي هئي. ان کان علاوه موسى، عيسى ۽ ٻين نبِين سڳورن کي سندن پالڻھار جي طرفان جيڪو ڪجهه به موڪليو ويو هو، انهن سڀني تي اسان ايمان آندوسين ۽ انهن جي ڏنل تعليم ۾ ڪنھن به قسم جو فرق نٿا ڪريون، (ڇاڪاڻ جو) اسان رڳو الله تعالى جا ئي فرمانبردار آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن ءامَنوا بِمِثلِ ما ءامَنتُم بِهِ فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما هُم فى شِقاقٍ فَسَيَكفيكَهُمُ اللَّهُ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 137) |
پوءِ جيڪڏھن الله کي اوھان جي مڃڻ جھڙو مڃين ته بيشڪ ھدايت وارا ٿيندا، ۽ جيڪڏھن ڦرندا ته اُھي ڦيٽي ۾ ئي پوندا، پوءِ الله توکي انھن (جي شر) کان ڪافي ٿيندو، ۽ اھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪڏهن هي ماڻهو اهڙيءَ طرح ايمان آڻين جهڙيءَ طرح اوهان ايمان آندو آهي ته پوءِ (جهڳڙو ختم). هنن هدايت جي واٽ ورتي، پر جيڪڏهن هو منهن موڙي هٽي وڃن ته پوءِ سمجهو ته هو ضد ڪري مخالف پارٽي ٿا ٺاهين. پر (پنهنجي ڪم ۾ لڳو رهه) الله تعاليٰ جي مدد توکي هنن جي مخالفتن جي مقابلي ۾ بلڪل ڪافي ٿيندي ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن اهي توهان وانگر ايمان آڻن پوءِ بيشڪ هدايت وارا ٿيا، ۽ جيڪڏهن منهن ڦيرايائون پوءِ اهي ضد ۾ آهن، اي حبيب ! انهن جي مقابلي ۾ الله توهان لاءِ ڪافي آهي ۽ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن انهن ايمان آندو جيئن اوهان ان تي ايمان آندو آهي ته بيشڪ اهي هدايت وارا ٿيا. ۽ جيڪڏهن ڦريا ته انهن کي رڳو (اوهان سان) ضد آهي. پوءِ (اي رسول!) انهن (جي شر) کان بچائڻ ڪاڻ تنهنجي لاءِ خدا ڪافي آهي. ۽ اهو (سڀ جو حال) چڱيءَ طرح ڄاڻي (۽) ٻڌي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن ايمان آڻين ان وانگر جو ايمان آندو اوهان ان تي پوءِ بلاشڪ هدايت وارا ٿيا ۽ جيڪڏهن منهن ڦيرائين پوءِ بيشڪ اهي مخالفت ۾ آهن پوءِ جلد ڪافي ٿيندو توکي انهن (جي هر شر) کان الله ۽ اهو (سڀ ڪجھ ) ٻڌندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن انهن ايمان آندو جيئن اوهان ان تي ايمان آندو ته بيشڪ اهي هدايت وارا ٿيا. ۽ جيڪڏهن ڦريا ته انهن کي رڳو (اوهان سان) ضد آهي. پوءِ الله تنهنجي طرفان انهن لاءِ ڪافي ٿيندو. ۽ هو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن اُهي به (ائين) ايمان آڻن جيئن اوهان ايمان آندو آهي ته پوءِ اُهي پڪ سان هدايت وارا ٿي ويندا. ۽ جي اُهي منهن موڙيندا ته پوءِ اُهي ضد تي آهن. پوءِ سگھوئي الله تولاءِ انهن (جي شر) کان (بچائڻ لاءِ) ڪافي ٿيندو ۽ اهو ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جن مڃيئون، جيئن مڃيانسَ، ته ورتـئون گھاڙُو گَس، جي ڦريا، ته وڏي وِڳوڙ ۾، آهن اُهي اَوس، پوءِ اُنهن کان، الله تولئي بس، ۽ سو سڻندڙ ۽ سُڄاڻ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن انهن به ايئن مڃيو جيئن اوهان مڃيو، ته بيشڪ سنئين راهه ورتائون، پر جي منهن موڙين ته پوءِ اهي رڳو ضد ۾ آهن، پوءِ انهن کي الله تنهنجي پاران بس آهي، هو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جيڪڏهن اهي ان طرح ايمان آڻين جيئن توهان آندو آهي ته پوءِ هدايت تي آهن، نه ته جيڪڏهن ان کان منهن ٿا موڙين ته پوءِ ته ظاهر آهي ته اهي وڏي ڏڦيڙ ۾ پئجي ويا آهن، تنهنڪري دلجاءِ ڪر ته انهن جي پڄڻ واسطي الله تو لاءِ ڪافي آهي ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جيڪڏهن هو ساڳيءَ طرح ايمان آڻين، جهڙيءَ طرح توهان آندو آهي ته هدايت تي آهن. پر جي منهن ڦيرين ته ظاهر آهي اهي ضد ۾ اچي ويا آهن. تنهن ڪري اطمينان رکو ته الله سندن مقابلي ۾ توهان لاءِ ڪافي آهي، اهو ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن ڪو به اهڙي طريقي سان ايمان آڻڻ جي دعوى ڪري، جيئن توهان مؤمنن ايمان آڻڻ جي شروعات ڪئي آهي پوءِ ته ٻيا ماڻهو هدايت حاصل ڪري سگهندا، پر جيڪڏهن تڪبُّر ۾ اچي اهي منھن ڦيريندا ته هو سنئون سڌو اسان جا مخالف آهن. (اي ايمان وارؤ! انهن جي مخالفت جي پرواهه نه ڪريو، اطمينان رکو ته) الله تعالى انهن جي مقابلي ۾ توهان جي لاءِ هر طرح سان ڪافي آهي، بيشڪ هو هر شيءِ کي ٻڌندڙ ۽ خبر رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
صِبغَةَ اللَّهِ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ صِبغَةً وَنَحنُ لَهُ عٰبِدونَ (آيت : 138) |
الله (پنھنجي دين جي رنگ سان) اسان کي رنڱيو آھي، ۽ رڱڻ ۾ الله کان وڌيڪ چڱو ڪير آھي؟ ۽ اسين سندس عبادت ڪندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو آهي الله تعاليٰ جو رنگ ڏيڻ ۽ الله تعاليٰ کان بهتر رنگ ڏيڻ وارو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ ۽ اسان سندس ئي ٻانهپ ڪرڻ وارا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى اسان کي دين سان رڱيو آهي ۽ رنگ ڏيڻ ۾ الله تعالى کان ڪير بهتر آهي ۽ اسان الله تعالى جي عبادت ڪندڙ آهيون.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو! هن کي چئو ته الله پنهنجي دين جي رنگ سان) اسان کي رنڱيو آهي ۽ رنڱڻ ۾ الله کان وڌيڪ چڱو ڪير آهي ۽ اسين سندس ئي عبادت ڪندڙ آهيون. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (اسان تي) الله جو رنگ آهي ۽ ڪير وڌيڪ سهڻو آهي الله کان رنگ ڏيڻ ۾ اسين ان جي عبادت ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (الله پنهنجي دين جي رنگ سان) اسان کي رنڱيو آهي. ۽ رنڱڻ ۾ الله کان وڌيڪ چڱو ڪير آهي ۽ اسين سندس ئي عبادت ڪندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اسين) الله جي رنگ (۾ رنگجي وياسين) ۽ ڪنهن جو رنگ الله جي رنگ کان ڀلو آهي؟ ۽ اسان ان جا عبادتگذار آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رڱ ڌڻي جو، ۽ رڱڻ ۾، سُهڻو سائين کان ڪير؟ ۽ سيوا وير سوير، اُن جِي ڪندڙ آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چؤ ته اسان کي) ”الله جو رنگ آهي ۽ ڪير الله کان رڱڻ ۾ بهتر آهي؟ ۽ اسين ان جائي تابعدار آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چؤ! الله وارو رنگ اختيار ڪريو. ڀلا سندس رنگ کان ڀلو ٻئي ڪنهن جو رنگ هوندو؟ ۽ اسان سندس ئي عبادت ڪندڙ آهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ الله جو رنگ اختيار ڪريو، ان جي رنگ کان بهتر ڪنهن جو رنگ هوندو، ۽ اسين سندس بندگي ڪرڻ وارا آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (مؤمنن جي دعوى آهي ته اسان) الله تعالى جي رنگ (يعني طريقي) کي اختيار ڪيوسين، ته پوءِ الله تعالى جي طريقي کان وڌيڪ طريقو ٻيو ڪنهن جو سهڻو آهي؟ اسان ته رڳو ان جي ئي عبادت ڪندڙ آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل أَتُحاجّونَنا فِى اللَّهِ وَهُوَ رَبُّنا وَرَبُّكُم وَلَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم وَنَحنُ لَهُ مُخلِصونَ (آيت : 139) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله (جي دين) بابت اسان سان تڪرار ڪريو ٿا ڇا؟ ۽ (حقيقت ڪري) اُھو اسانجو پالڻھار ۽ اوھانجو پالڻھار آھي، ۽ اسان لاءِ اسانجا ڪم ۽ اوھان لاءِ اوھان جا ڪرتوت آھن، ۽ سندس نِلا ٻانھا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر) تون انهن ماڻهن کي چئي ڏئي ته (اسان جي راهه ته خدا پرستي جي راهه آهي) پوءِ ڇا توهان خدا جي باري ۾ اسان سان جهڳڙو ٿا ڪيو؟ (يعني خدا پرستي جي ئي خلاف آهيو ڇا؟) حالانڪ اسان جو ۽ اوهان جو پروردگار اهوئي آهي. اسان جي لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ اوهان جي لاءِ اوهان جا عمل! اسان ته فقط انهيءَ جي بندگي سچائي ۽ اخلاص سان ڪندڙ آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو ڇا الله جي باري ۾ اختلاف ڪريو ٿا ۽ الله توهان ۽ اسان جو رب آهي، اسان لاءِ ۽ اسان جا عمل ۽ توهان جا عمل توهان لاءِ، ۽ اسين الله کي مڃيندڙ آهيون.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) کين چئو ته ڇا اوهين اسان سان الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪيو ٿا، هوڏانهن هو اسان جو به پاليندڙ ۽ اوهان جو به پاليندڙ آهي ۽ اسان لاءِ اسان جا ڪم آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪم آهن ۽ اسان (پاڻ کي) ان لاءِ خالص ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته ڇا بحث ٿا ڪيو اسان سان الله (جي باري) ۾ ۽ اهو رب اسان جو آهي ۽ رب اوهان جو آهي ۽ اسان لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا عمل ۽ اسين ان لاءِ اخلاص سان عبادت ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (کين) چئو ته ڇا اوهين اسان سان الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪريو ٿا هوڏانهن هو اسان جو به پاليندڙ ۽ اوهان جو به پاليندڙ آهي ۽ اسان لاءِ اسان جا ڪم آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪم آهن ۽ اسان (پاڻ کي) ان لاءِ خالص ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) چؤ: ”ڇا اوهان اسان سان الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪيو ٿا؟حالانڪه اهو اسان جو پالڻهار آهي ۽ اوهان جو به پالڻهار آهي ۽ اسان لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا عمل آهن ۽ اسان خالص ان جا ئي بنجي چڪا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، ڇا اوهين الله ۾، ٿا حجتون ڇِڪيو هاڻ؟ ۽ اسان ۽ اوهان جو، اُهو پرور آهي پاڻ، عمل اوهان جا، اوهان لئي ۽ اسان جا اسان ڪاڻ، ۽ سَڄائـِي سُڄاڻ!، اسين اُن جا آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چؤ ”ڇا؟ اوهين مون سان الله بابت ٿا جهڳڙو ڪريو! هو ته اسان جو به ڌڻي آهي ۽ اوهان جو به، اسان جا عمل اسان لاءِ آهن ۽ اوهان جا اوهان لاءِ ۽ اسين فقط ان جا بندا آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين: ڇا توهان الله بابت اسان سان تڪرار ڪريو ٿا، حالانڪه اُهوئي اسان جو به رب آهي ۽ توهان جو به رب. اسان جا عمل اسان لاءِ آهن توهان جا عمل توهان لاءِ ۽ اسان ته الله جي لاءِ ئي پنهنجي عبادت کي خالص ڪري چڪا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! انهن کي چؤ، ڇا توهان الله جي باري ۾ اسان سان جهڳڙو ڪريو ٿا، جڏهن ته اهو اسان جو رب آهي توهان جو به، اسان جا عمل اسان لاءِ ۽ توهان جا عمل توهان لاءِ، ۽ اسان الله لاءِ بندگي خالص ڪري چڪا آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) کين چؤ ته ڇا توهان اسان سان الله تعالى جي ڏسيل طريقي تي جهڳڙو ڪريو ٿا؟ حالانڪه هو اسان ۽ توهان سڀني جو پالڻھار آهي، اسان جا عمل اسان لاءِ آهن ۽ توهان جا عمل توهان لاءِ آهن. اسان ته پنهنجي پالڻهار جي بندگي انتھائي خلوص سان ڪريون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم تَقولونَ إِنَّ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطَ كانوا هودًا أَو نَصٰرىٰ قُل ءَأَنتُم أَعلَمُ أَمِ اللَّهُ وَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَتَمَ شَهٰدَةً عِندَهُ مِنَ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 140) |
يا چئو ٿا ته ابراھيم ۽ اسمٰعيل ۽ اسحٰق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جو اولاد يھودي يا نصارىٰ هُئا. (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين وڌيڪ ڄاڻندڙ آھيو يا الله (وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي)؟ ۽ جيڪو اھڙي شاھدي لڪائي جا الله وٽان وٽس ھجي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بيخبر نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا توهان هيئن ٿا چئو ڇا ته حضرت ابراهيم، حضرت اسماعيل، حضرت اسحاق، حضرت يعقوب ۽ حضرت يعقوب جو اولاد يهودي ۽ نصراني هئا؟ اي پيغمبر تون هنن کان پڇ ته توهان وڌيڪ. ڄاڻڻ وارا آهيو يا الله؟ (جيڪڏهن الله تعاليٰ وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ته سندس شاهدي اوهان جي خلاف اوهان جي ڪتاب ۾ موجود آهي) پوءِ ڪير وڌيڪ ظالم آهي انهيءَ کان جو خدا جي شاهدي لڪائي؟ ۽ الله تعاليٰ اوهان جي عملن کان هرگز غافل ناهي. (هو ضرور اوهان کي تباه ڪندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ توهان چئو ٿا ته ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ انجو اولاد يهودي يا نصارى هئا. اي حبيب ! توهان فرمايو توهان کي علم زياده آهي يا الله کي، ۽ انهي کان وڌيڪ ڪير ظالم آهي جنهن وٽ الله تعالى جي طرفان شاهدي هجي ۽ ان کي لِڪائي ۽ الله توهان جي عملن کان بي خبر ناهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين چئو ٿا ته ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد يهودي ۽ عيسائي هئا. (کين) چئو ته ڇا اوهين زيادھ ڄاڻيندڙ آهيو يا الله؟ ۽ ڪير ان کان وڌيڪ ظالم آهي جنهن شاهدي لڪائي جيڪا ان وٽ الله جي طرفان (ته اهي يهودي نه هئا) آهي ۽ جيڪي اوهان ڪريو ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا اوهان چئو ٿا ته بيشڪ ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحق ۽ يعقوب ۽ ان جا پٽ هئا يهودي يا عيسائي فرماءِ ته ڇا اوهان وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيو يا الله ۽ ڪير آهي وڌيڪ ظالم ان کان جو لڪائي ٿو شاهدي (جيڪا) ان وٽ آهي الله جي طرفان ۽ نه آهي الله غافل ان کان جو ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا اوهين چئو ٿا ڇا ته ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد يهودي ۽ عيسائي هئا. (کين) چئو ته ڇا اوهين زياده ڄاڻندڙ آهيو يا الله ؟ ۽ ڪير ان کان وڌيڪ ظالم آهي جنهن شاهدي لڪائي جيڪا ان وٽ الله جي طرفان آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي اهلِ ڪتاب!) ڇا توهان چؤ ٿا ته: ”ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ انهن جو اولاد يهودي يا نصارا هئا“؟ چؤ ته: ”ڇا اوهان وڌيڪ ڄاڻو ٿا يا الله“؟ ۽ ان کان وڏو ظالم ڪير آهي جو حق جي شاهدي کي لڪائي جا ان وٽ الله وٽان (ڪتاب ۾) موجود آهي ۽ الله توهان جي عملن کان بي خبر نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟چئو، ته ابراهيم خود، ۽ اسماعيل عاليشان، اسحاق ۽ يعقوب نبي، پڻ پوٽا پهلوان، ته سي سڀ يهودي هئا، يا نِسورا نَصران؛ چئو، اوهين اڳرا علم ۾، يا مالڪ مهربان؟ ۽ ڪير قرارو اُن ڪنان، ظالم منجھ زمان؟ وَٽسِ، لِڪائي لوڪ کان، جا ثابتي کان سبحان؛ ۽ جيڪِي ڪن ڪفران، والي، نه تنهن کان ويسلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا؟ اوهين چئو ٿا ته ”ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ ان جو اولاد يهودي يا عيسائي هئا؟“ چؤ ته ”ڇا اوهان کي وڌيڪ خبر آهي، يا الله کي؟ ان کان ڪير وڌيڪ ظالم آهي، جو پاڻ وٽ الله کان آيل شاهديءَ کي لڪائي ٿو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، الله ان کان بي خبر نه آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري توهان جو چوڻ اهو آهي ڇا ته "ابراهيم! اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ يعقوب جو اولاد سڀئي يهودي هئا يا نصاريٰ؟" چوين: توهان وڌيڪ ڄاڻو ٿا يا الله؟ انهيءَ ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جنهن جي ذمي الله پاران هڪ شاهدي هجي ۽ هو ان کي لڪائي ڇڏي؟ توهان جي ڪرتوتن کان الله بي خبر ته نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا وري توهان جو چوڻ هي آهي ته، ابراهيمؑ ۽ اسماعيلؑ ۽ اسحاقؑ ۽ يعقوبؑ ۽ اولادِ يعقوب، سڀ جا سڀ يهودي هئا يا نصراني هئا، توهان (انهن کي) چئو توهين وڌيڪ ٿا ڄاڻو يا الله. ان شخص کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جنهن جي ذمي هڪ شاهدي هجي الله جي طرفان، ۽ اهو ان کي لڪائي. الله غافل ته ناهي توهان جي حرڪتن کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي يهوديو!) توهان ماڻهن جي اها ڪھڙي دعوى آهي ته ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب (ؓ) ۽ ان جو اولاد سڀ جا سڀ يھودي يا عيسائي هئا. (اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته توهان وڌيڪ ڄاڻو ٿا يا الله تعالى؟ ڀلا ان شخص کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو جنھن جي اها ذميداري آهي ته هو الله تعالى جي ڪائنات کي ڏسي ان جي حق ۾ گواهي ڏئي. پر هي ماڻهو پنهنجي اکين ڏٺي گواهيءَ کي لڪائي ٿو، (ڪا ڳالهه نه آهي) الله تعالى توهان جي ڪنهن به عمل کان بيخبر نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 141) |
اِھا ٽولي بيشڪ گذري وئي، جيڪي ڪمايائون سو انھن لاءِ آھي ۽ جيڪي اوھان ڪمايو سو اوھان لاءِ آھي، ۽ جيڪي اُھي ڪندا هُئا تنھن بابت (اوھين) نه پڇيا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اها به هڪ امت هئي جا گذري چڪي جن لاءِ اهوئي هو جو هنن پنهنجي عملن سان ڪمايو ۽ توهان جي لاءِ اهوئي هوندو جو اوهان پنهنجي عملن سان ڪمائيندؤ. توهان کان هُنن بابت پڇاڻو ڪونه ٿيندو ته هنن جا عمل ڪهڙا هئا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها امت بيشڪ گذري، انهن لاءِ اُهي سهڻا عمل هوندا جيڪي انهن ڪيا ۽ توهان لاءِ اهي عمل آهن جيڪي توهان ڪريو ٿا، ۽ توهان کان انهن جي عملن بابت نه پڇيو ويندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي اُهي ماڻهو هئا جي گذري ويا، جيڪي انهن ڪيو سو انهن لاءِ آهي ۽ جيڪي اوهان ڪيو سو اوهان لاءِ ۽ جيڪي اهي ڪندا هئا تنهن جو اوهان کان نه پڇيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اها هڪ امت هئي جيڪا گذري ان لاءِ اهو آهي جو ڪمايائين ۽ اوهان لاءِ اهو آهي جيڪو ڪمايُوَ ۽ نه پڇا ڪيا ويندئو ان جي باري ۾ جو ڪيائون ٿي . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها هڪ جماعت هئي جا گذري ويئي جيڪي انهن ڪيو سو انهن لاءِ آهي ۽ جيڪي اوهان ڪيو سو اوهان لاءِ آهي ۽جيڪي اهي ڪندا هئا تنهن جو اوهان کان نه پڇيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُها هڪ جماعت هئي جا گذري چڪي جو انهن ڪمايو سو انهن لاءِ آهي ۽ جو اوهان ڪمايو سو اوهان لاءِ هوندو ۽ توهان کان انهن جي عملن بابت ڪو نه پڇيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُها اُمّت اَ ڳـڀرِي، وِيئي وَڄائي وارو، جيڪِي ڪيون جھان ۾، سو سندن لئي سارو؛ ۽ جيڪي اوهان ڪمائيو، اُهو اوهان وارو، ۽ اوهان تي نه بارو، جيڪي ڪيون تن، ڪمن جو. سِگھو مورک، ماڻهون مان، چوندا اِهڙي چال، ته ڦريُنِ، ڪِنهن فِى الْحَالِ، هئا مَهند جنهن مُهاڙ تي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها هڪ جماعت هئي جا گذري چڪي، انهن جي ڪمائي انهن لاءِ آهي ۽ اوهان جي اوهان لاءِ، ۽ جيڪي ڪم هو ڪندا هئا، تن بابت اوهان کي پڇا ڪا نه ٿيندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ڪي ماڻهو هئا جيڪي ٿي گذريا، انهن جي ڪمائي انهن لاءِ هئي ۽ توهان جي ڪمائي توهان لاءِ آهي. توهان کان انهن جي عملن بابت ڪوبه پڇاڻو نه ٿيندو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ڪي ماڻهو هئا جيڪي گذري ويا انهن جي ڪمائي انهن لاءِ هئي ۽ توهان جي ڪمائي توهان جي لاءِ. ۽ توهان کان انهن جي عملن متعلق پڇاڻو نه ٿيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (الله اَڪبر) اهو (به) هڪ گروهه هو جيڪو اڳ ٿي گذريو آهي، ان جو ڪردار ان لاءِ ۽ توهان جو ڪردار توهان لاءِ آهي، انهن جي عملن جي باري ۾ اوهان کان ڪنھن به قسم جو پڇاڻو نه ٿيندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَيَقولُ السُّفَهاءُ مِنَ النّاسِ ما وَلّىٰهُم عَن قِبلَتِهِمُ الَّتى كانوا عَلَيها قُل لِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 142) |
ماڻھن منجھان ڪي بي سمجھ سگھو چوندا ته اُنھن (يعني مسلمانن) کي سندن اُھو قبلو جنھن ڏي (نماز پڙھندا) ھئا تنھن کان ڪھڙيءَ ڳالھ ڦيرايوَ؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوڀر ۽ اولھ الله جو آھي، جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سِڌيءَ واٽ ڏانھن دڳ ڏيکاريندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بي سمجهه ماڻهو چوندا ته ڪهڙي ڳالهه جي ڪري مسلمان جنهن طرف منهن ڪري نماز پڙهندا هئا سو ڦيرائي ٻئي طرف منهن ٿا ڪن. (اي پيغمبر) چئو ته، مشرق ۽ مغرب (سڀ طرف) الله ئي جي لاءِ آهن. (هو ڪنهن خاص جاءِ تي محدود ناهي) هو جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي سڌي واٽ کولي ڏيکاري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بي عقل ماڻهو جلدي چوندا ته مسلمانن کي پنهنجي قبلي کان ڪنهن ڦيرايو آهي جنهن تي اهي هئا. اي حبيب ! توهان فرمايو اوڀر ۽ اولهه الله جو آهي، جنهنکي گهُري سنئين رستي تي هلائي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيوقوف ماڻهو چوندا آهن ته ڪهڙي ڳالھ انهن (مسلمانن) کي سندن ان قبلي (بيت المقدس) کان ڦيريو جنهن تي اهي (اڳ) هئا؟ (اي رسول!) تون انهن کي چئو ته اڀرندو ۽ اولهندو (سڀ) الله جو آهي. جنهن کي گهري تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سگهوئي چوندا بيوقوف ماڻهو ته ڪهڙيءَ شيءِ ڦيرايو انهن کي سندن قبلي کان جنهن تي هئا (هن کان اول) فرماءِ ته الله جو ئي آهي اوڀر ۽ اولھ، هدايت ٿو ڪري جنهن کي گهري سڌي واٽ ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيوقوف ماڻهو چوندا ته ڪهڙي شئي انهن (مسلمانن) کي سندن ان قبلي (بيت المقدس) کان ڦيريو جنهن تي اهي (اڳ) هئا؟ چئو ته اڀرندو ۽ الهندو (سڀ) الله جو آهي. جنهن کي گهري تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هاڻي بي وقوف ماڻهو چوندا ته: ”انهن (مسلمانن) کي پنهنجي قبلي (بيت المقدس) کان ڪنهن ڦيرايو؟ جنهن تي اڳ (نماز پڙهندا) هئا“. چؤ ته: ”اوڀر ۽ اولهه الله لاءِ آهي. اُهو جنهن کي چاهي ٿو سڌي رستي تي هلائي ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، اوڀر ۽ اولھ جون، سڀ ڏِسيون، لئي ڏاتار، سُهائئي ستار، وڻيس تنهن کي، واٽ سَنئين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هاڻي نادان ماڻهو چوندا، ته ”ڪهڙي ڳالهه مسلمانن کي سندن انهيءَ قبلي کان ڦيرايو، جنهن تي هئا؟“ ۽ چؤ ته ”اوڀر ۽ اولهه الله جا ئي آهن، جنهن کي وڻيس تنهن کي سنئين واٽ جو رستو ڏيکاري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نادان پڪ سان چوندا ته انهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو اڳي جنهن قبلي ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهندا هئا تنهن کان ڦري ويا؟ اي نبي! چوين ته اوڀر توڙي اولهه سڀئي الله جا آهن، الله جنهن کي گهري ٿو، سنئين واٽ ڏَسي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ضرور چوندا نادان ماڻهن مان، ڪهڙي ڳالهه ڦيرايو (مسلمانن کي نماز پڙهڻ کان) سندن قبلي کان اهي جيڪي هئا پهرين ان (قبلي) تي، اي نبي! انهن کي چئو: ”مشرق ۽ مغرب (اوڀر ۽ اولهه) سڀ الله جا آهن، الله جنهن کي گهري ٿو سڌي راهه ڏيکاري ٿو.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نا سمجهه ماڻهو توهان کي ضرور چوندا، ته مسلمانن کي ڇا ٿي ويو آهي جو اڳي جنھن قبلي (يعني بيت المقدس) ڏانھن منھن ڪري نماز پڙهندا هئا، ان کي هڪدم ڇڏي پنھنجو قبلو (بيت الله ڏانهن) ڦيرائي ڇڏيو آهي. (اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته اوڀر ۽ اولهه (سڀئي) الله تعالى جا آهن، (حڪم جي تابعداريءَ جي ڪري ئي) الله تعالى جنھن کي چاهيندو آهي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنٰكُم أُمَّةً وَسَطًا لِتَكونوا شُهَداءَ عَلَى النّاسِ وَيَكونَ الرَّسولُ عَلَيكُم شَهيدًا وَما جَعَلنَا القِبلَةَ الَّتى كُنتَ عَلَيها إِلّا لِنَعلَمَ مَن يَتَّبِعُ الرَّسولَ مِمَّن يَنقَلِبُ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَإِن كانَت لَكَبيرَةً إِلّا عَلَى الَّذينَ هَدَى اللَّهُ وَما كانَ اللَّهُ لِيُضيعَ إيمٰنَكُم إِنَّ اللَّهَ بِالنّاسِ لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 143) |
۽ (جھڙي طرح اوھان جو قبلو ڀلو ڪيوسين) اھڙيءَ طرح اوھان کي ڀلي ٽولي ڪئي سون ته ماڻھن تي شاھد ھجو ۽ پيغمبر (ﷴ ﷺ) اوھان تي شاھد ھجي، ۽ (اي پيغمبر) جنھن (طرف) تي (اڳي) ھئين تنھن کي قبلو مقرر نه ڪيو ھو سون مگر ھن لاءِ ته جيڪو پيغمبر جي پٺيان لڳي تنھن کي اُنھيءَ کان نکيڙيون جيڪو پنھنجين کڙين (ڀر پوءِ) تي ڦري، ۽ بيشڪ (اِھو) جن کي الله ھدايت ڪئي تن کان سواءِ (ٻـين) تي ضرور ڏکيو آھي، ۽ الله جو شان اھڙو نه آھي جو اوھان جي ايمان کي وڃائي، ڇو ته الله ماڻھن سان ضرور شفقت ڪندڙ مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي مسلمانو! جهڙيءَ طرح بيت المقدس جي بدران ڪعبته الله کي قبلو بنايو ويو آهي تهڙي طرح) اسان توهان کي سڀني کان وڌيڪ نيڪ امت ڪيو آهي،. انهيءَ لاءِ ته توهان سڄي دنيا جي انسانن کي سچي دين جي شاهدي ڏيڻ وارا ٿيو ۽ اوهان کي هيستائين بيت المقدس جي قبلي تي قائم رکيو ويو هو سو فقط هن لاءِ ته هن موقعي تي معلوم ٿي وڃي ته ڪهڙا ماڻهو رسول ڪريم جي تابعداري ۾ پڪا آهن ۽ ڪهڙا پٺئين پير ڦرڻ وارا آهن ۽ (سچ هي آهي ته) جن کي الله تعاليٰ هدايت ڪئي آهي تن کان سوا۽ ٻين لاءِ هي معاملو سخت آزمائش وارو هو، پوءِ يقين ڪيو ته الله تعاليٰ توهان جو پڪو ايمان ضايع نه ڪندو (اوهان کي وڏو اجر ڏيندو) بيشڪ الله تعاليٰ سراسر شفقت ۽ رحمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ حقيقت ۾ اسان توهان کي سڀني امتن کان ڀلو ڪيو ته توهان ماڻهن تي شاهد هجو ۽ رسول ڪريم توهان تي شاهد هجي، ۽ نه مقرر ڪيو اسان قبلي کي جنهن تي اي حبيب ! توهان هئا مگر اسان کي ڏسڻو هو ته ڪير رسولِ عربيءَ جي پيروي ڪري ٿو ۽ ڪير بي فرماني ڪري ٿو، ۽ بيشڪ اها ڳالهه ڏُکي هئي مگر انهن تي جن کي الله تعالى هدايت ڏني ۽ الله تعالى جو شان ناهي جو توهان جي ايمان کي وڃائي، بيشڪ الله تعالى ماڻهن تي نهايت مهربان ٻاجهارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان اوهان کي عادل بڻايو ته جيئن اوهين ماڻهن تي شاهد ٿيو. ۽ رسول (وري) توهان تي شاهد ٿئي ۽ اي رسول! جنهن قبلي (بيت المقدس) جي طرف تون اڳ (سجدو ڪندو) هئين، تنهن کي اسان رڳو هن لاءِ (مقرر) ڪيو هو ته جيئن اسين ڄاڻيون ته ڪير رسول جو پوئلڳ ٿئي ٿو ۽ ڪير (ان کان) پنهنجن کڙين ڀر ڦري وڃي ٿو. ۽ بيشڪ اها ڳالھ (هيڏانهن هوڏانهن منهن ڪرڻ) جن کي الله هدايت ڪئي آهي تن کان سواءِ (ٻين لاءِ) وڏي آهي ۽ الله اهڙو نه آهي جو اوهان جي ايمان (نماز، جا بيت المقدس ڏي منهن ڪري پڙهي اٿو) کي ضايع ڪري! بيشڪ الله ماڻهن تي گهڻي شفقت ڪندڙ (۽) نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهڙيءَ طرح بنايوسون اوهان کي امت درمياني تانته هجو شاهد ماڻهن تي ۽ هجي (هيءُ) رسول اوهان تي شاهد. نه (مقرر) ڪيو اسان قبلي کي جو هئين تون (هن وقت تائين) ان تي مگر تانته ڄاڻون (ظاهر ۾) ته ڪير ٿو پيروي ڪري رسول جي (۽) ڪير ٿو موٽي پنهنجن کڙين تي ۽ بلاشبہ اها (ڳالھ) وڏي آهي مگر انهن تي جو هدايت ڪئي (انهن کي) الله. نه آهي الله (جو هي شان) جو ضايع ڪري ايمان اوهان جي کي.يشڪ الله ماڻهن سان گهڻو ٻاجهارو، رحم ڪندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان اوهان کي ڀلي جماعت ڪيو ته اوهين ماڻهن تي شاهد ٿيو ۽ رسول اوهان تي شاهد ٿئي. ۽ جنهن قبلي (بيت المقدس) تي (اي پيغمبر) تون هئين تنهن کي اسان رڳو هن لاءِ (مقرر) ڪيو ته جيئن اسين ڄاڻون ته ڪير رسول جو پوئلڳ ٿئي ٿو ۽ ڪير (ان کان) پنهنجين کڙين ڀر ڦري وڃي ٿو. ۽ يشڪ اها ڳالهه جن کي الله هدايت ڪئي تن کان سواءِ (ٻين تي) وڏي آهي. ۽ الله اوهان جي ايمان کي ضايع نه ٿو ڪري. بيشڪ الله ماڻهن تي گهڻي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح اسان اوهان کي وچولي (۽ بهترين) امت بنايو آهي ته جيئن توهان ماڻهن تي شاهد ٿيو ۽ رسولِ (ڪريم) اوهان تي شاهد ٿئي. ۽ (اي نبي!) تون جنهن قبلي تي پهريان هئين اسان ان کي صرف هن لاءِ مقرر ڪيو هيو ته اسان (پرکا وٺي) پڌرو ڪيون ته ڪير رسول (ﷺ) جي پيروي ڪري ٿو (۽) ڪير اُبتي پيرِ ڦِري ٿو. ۽ بيشڪ اها (قبلي مَٽِجَڻَ واري) ڳالهه ضرور ڳَـــرِي هئي مگر انهن تي (ڳري نه هئي) جن کي الله هدايت ڪئي. ۽ الله جو شان ناهي جو اوهان جا ايمان ضايع ڪري. بيشڪ الله ماڻهن سان ضرور وڏو مهربان ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيوسون اُمّت وِچٿري، اوهان کي اِن پر، تان هُجو شاهد شرع جا، ماڻهن تي مقرر، پڻ آن تي پيغبمر، شاهد، شاهِي شاھ هجي. ۽ مُهاڙ نه ڦيريسون مورهين، هُئين مٿي، جنهن مَٿير! مگر ته ڄاڻون، مُرسل جي، ڪَڍ لڳي ٿو ڪير؟ اُنهن کان، ته پاتئين پير، پيو کسڪي، کُڙينِ ڀر پانهنجي. ۽ هُئي، سا ڳالھ ڳري، مگر مٿي تن مُؤمنين، ڪِئي ڪرم سان، جن جِي، ربّ پاڪ رهبري، ۽ الله ايمان اوهانجو ضايع نه ڪري ذرِي؛ واحد واه! ورِي، پڻ ماڻهن مٿي، مِهرڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙيءَ طرح اسان اوهان کي وچٿري امت بڻايو ته اوهين ماڻهن تي شاهد ٿيو ۽ رسول اوهان تي شاهد ٿئي، ۽ جنهن قبلي تي تون هئين، تنهن کي رڳو هن پرک لاءِ مقرر ڪيو هو سون، ته ڪير، رسول جي پيروي ڪري ٿو ۽ ڪير پوئين پير ڦري ٿو؟ جيتوڻيڪ اها ڳالهه ڳوري هئي، مگر انهن تي نه، جنهن کي الله رستو ڏيکاريو ۽ الله اهڙو نه آهي جو اوهانجي ايمانن کي چٽ ڪري، بيشڪ الله ماڻهن تي تمام مهربان رحم ڪرڻ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهڙيءَ ريت اسان توهان مسلمانن کي هڪ "امت وسط" (وچ واري امت) بنايو آهي ته جيئن توهان دنيا جي ماڻهن تي شاهد ٿيو ۽ رسول توهان تي شاهد ٿئي. اڳي جيڏانهن تون منهن ڪندو هئين ان کي ته اسان رڳو اهو ڏسڻ لاءِ قبلو مقرر ڪيو هو ته ڪير ٿو رسول جي پيروي ڪري ۽ ڪير ٿو پويان پير ڪري وڃي. اها ڳالهه هئي ته ڏاڍي ڏکي پر انهن ماڻهن لاءِ ذرو به ڏکي ثابت نه ٿي جيڪي الله جي هدايت پرايل هئا. الله توهان جي انهيءَ ايمان کي ڪڏهن به نه وڃائيندو، پڪ ڄاڻو ته هو ماڻهن جي حق ۾ ڏاڍو شفيق نهايت مهربان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان توهان (مسلمانن) کي بڻايو آهي هڪ ”امت وسط“، جيئن توهان شاهد هجو دنيا جي ماڻهن تي ۽ رسول هجي توهان تي شاهد. پهرين جنهن طرف توهان رُخ ڪندا هئا، ان کي ته اسان صرف هي ڏسڻ لاءِ (قبلو) مقرر ڪيو ته ڪير آهي جيڪو رسول جي پيروي ڪري ٿو ۽ ڪير واپس ڦري وڃي ٿو. هي معاملو هو ته ڏاڍو سخت، پر انهن ماڻهن لاءِ ڪجهه به سخت ثابت نه ٿيو جيڪي الله جي هدايت مان فيضياب هئا. الله هرگز ضايع نه ڪندو توهان جي ان ايمان کي، بيشڪ اهو ماڻهن جي حق ۾ تمام شفيق ۽ رحيم آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙيءَ طرح اسان توهان کي هڪ وچٿري اُمَّت بنايو آهي (توهان نه ته نبي سڳوري سان جهڳڙو ڪريو ٿا ۽ نه ئي نبي سڳوري جي شان کي الله تعالى جي شان کان وڌايو ٿا، اهو ڪم ته اهل ڪتاب يھودين ۽ عيسائين جو هو، جنهن ڪري هو وچٿري اُمَّتَ جي درجي تي پورا نه لٿا) جيئن توهان مسلمان اهل ڪتاب سميت سڀني ماڻھن تي (نااهليءَ جي) گواهي ڏيو۽ وري رسول (ﷺ) توهان جي مٿان (اهل هجڻ جي) گواهي ڏئي . بيت المقدس کي اسان هيترو عرصو ان لاءِ قبلو مقرر ڪيو هوته جيئن توهان جي ايمان جي پرک ڪري ڏسون ته ڪير رسول (ﷺ) جي سچي نيت سان پيروي ڪري ٿو ۽ ڪير تعصب ۽ ساڙ جي ڪري پويان پيرَ ڪري ٿو؟ بيت المُقدَّس کي قبلي ٺاهڻ وارو حڪم ته هڪ وڏي آزمائش هئي (عربن جي وطن پرستي ۽ قوم پرستيءَ جي باوجود) الله تعالى جي مھرباني ۽ ان جي طرفان عطا ڪيل هدايت يافته ماڻهن لاءِ ته اها ڪا وڏي ڳالهه نه هئي. الله تعالى توهان جي ايمان کي (انتھائي خلوص جي ڪري) هرگز ضايع نه ڪندو. بيشڪ الله تعالى پنهنجن فرمانبردارن سانانتھائي پيار ۽ رحمدليءَ سان پيش ايندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قَد نَرىٰ تَقَلُّبَ وَجهِكَ فِى السَّماءِ فَلَنُوَلِّيَنَّكَ قِبلَةً تَرضىٰها فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ وَإِنَّ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 144) |
(اي پيغمبر) آسمان ڏانھن تنھنجو منھن (ھرھر) ڦيرائڻ بيشڪ ڏسون ٿا، پوءِ جنھن قبلي کي پسند ڪرين ٿو (اوڏانھن) توکي ضرور ڦيرائينداسين، پوءِ (اي پيغمبر) پنھنجي مُنھن کي تعظيم واريءَ مسجد ڏانھن ڦيراءِ، ۽ (اي مسلمانؤ) اوھين جتي ھجو تتي پنھنجا منھن اوڏانھن ڦيرايو، ۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو آھي سي ضرور ڄاڻن ٿا ته اِھو (ڦيرائڻ) سندن پالڻھار وٽان بلڪل سچ آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کان الله بي خبر نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اسان ڏسي رهيا آهيون ته تنهنجو منهن مبارڪ بار بار آسمان جي طرف کڄي رهيو آهي (يعني توکي شوق آهي ته قبلي متعلق ڪو حڪم اچي) سو اسان تمام جلد تنهنجو منهن اهڙي قبلي ڏي ڪنداسين جنهن ۾ تون خوش ٿيندين. هاڻي تون پنهنجو منهن مسجد الحرام (ڪعبت الله) ڏانهن ڦيراءِ ۽ جتي به تون ۽ تنهنجا اصحاب هجن اتي ڪعبت الله ڏي منهن ڪري نماز پڙهو ۽ جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي (يعني يهودي ۽ نصاريٰ) سي پڪ سان ڄاڻن ٿا ته بلاشڪ هي (قبلي جو ڦيرائجڻ) حق آهي جو سندن پروردگار وٽان آيو آهي (ڇو ته سندن ڪتابن ۾ اها پيشنگوئي ڪيل آهي) الله تعاليٰ سندن عملن جي باري ۾ هرگز غافل ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان ڏسي رهيا آهيون آسمان طرف توهان جي منهن مبارڪ ڦيرائڻ کي پوءِ ضرور اسين توهان کي ان قبلي طرف ڦيرائينداسين جيڪو توهان کي پسند اچي پوءِ پنهنجي منهن مبارڪ کي بيت الله ڏانهن ڦيرايو، ۽ (اي مسلمانو) توهان جتي به هجو پنهنجي منهن کي انهي طرف ڦيرايو، ۽ بيشڪ اهلِ ڪتاب يقيناً ڄاڻن ٿا ته بيشڪ هي سندن رب جي طرفان حق آهي، ۽ الله تعالى سندن عملن کان بي خبر ناهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! قبلو بدلجڻ لاءِ) بيشڪ تنهنجو (وري وري) آسمان ڏانهن نهارڻ (کي) ڏسون ٿا. پوءِ اسين تو کي ان قبلي ڏي ڦيرينداسون جنهن کي تون (وڌيڪ) پسند ڪرين ٿو (چڱو ڀلا! نماز ۾ ئي) تون پنهنجو منهن مسجد محترم (ڪعبه) ڏي ڦير ۽ (اي مسلمانو) توهان جتي به هجو ته پنهنجا منهن (نماز ۾) ان ڏي ڪندا ڪيو ۽ بيشڪ جن کي ڪتاب (توريت وغيره) ڏنو ويو آهي سي ڄاڻن ٿا اهو (حڪم) سندن پاليندڙ وٽان آهي ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کان خدا غافل نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ ڏسون پيا بار بار منهن ڦيرائڻ تنهنجي کي آسمان ڏانهن پوءِ ضرور ڦيرائينداسون توکي ان قبلي ڏانهن جو راضي ٿيندين ان کان پوءِ ڦيراءِ پنهنجي منهن کي مسجد حرام ڏانهن ۽ جتي به هجو پوءِ ڦيرايو پنهنجن منهن کي ان طرف ۽ بيشڪ اهي جو ڏنا ويا ڪتاب البته ڄاڻن ٿا ته بيشڪ اهو حق آهي انهن جي رب جي طرفان. نه آهي الله غافل انهن ڪمن کان جو ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسين تنهنجي منهن جو آسمان ڏي ڦرڻ ڏسون ٿا. پوءِ اسين توکي ان قبلي ڏي ڦيرينداسون جنهن کي تون پسند ڪرين ٿو. پوءِ تون پنهنجا منهن مسجد حرام ڏي ڦير. ۽ جتي به اوهين هجو ته پنهنجو منهن ان ڏي ڦيريو. ۽ بيشڪ جن کي ڪتاب ڏنو ويو سي ڄاڻن ٿا ته اهو (حڪم) سندن پاليندڙ وٽان حق آهي. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) بيشڪ اسان تنهنجي مُنهن (مبارڪ) جو آسمان ڏانهن (بار بار)کڄڻُ ڏسي رهيا آهيون، سو اسان ضرور تو کي ان قبلي طرف ڦيرينداسين جنهن کي تون پسند ڪرين ٿو. سو پنهنجو منهن (مبارڪ هاڻي ئي) عزت واري مسجد ڏانهن ڦيراءِ. ۽ (اي مسلمانو) اوهان جتي به هجو پنهنجا چهرا ان ڏانهن ڦيرايو. ۽ بيشڪ اُهي ماڻهو جن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي سي پڪ ڄاڻن ٿا ته اهو (قبلي جي تبديلي جو حڪم) انهن جي پالڻهار پاران حق آهي. ۽ الله ان کان بي خبر نه آهي جيڪي اهي عمل ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏسون پيا، تُنهنجو اُڀ ڏي مُنهن ڦيرڻ مِير!، پوءِ، تنهنجو قبلو سو ڪريون، جو وڻي توکي وير!، پوءِ منع وارِي مسجد ڏي، ڪر پنهنجو مُنهن مُنير!، ۽ اُن جي پار امير!، جنهن ماڳ هُجو منهن ڦيريو. ۽ ڪتاب ڪرم ٿيو جن تي، سمجھن، سي سَچار، ته سندن صاحب پاڪ کان، هي آهن حق اظهار، ۽ جيڪي ڪن ڪم ڪار، والِي تن، نه وسيلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اي نبي!) اسين تنهنجي منهن کي آسمان ڏانهن ڦيرائيندي ڏسون ٿا. تنهن ڪري اسين ضرور توکي وڻندڙ قبلي ڏانهن ڦيرائينداسون، هاڻي پنهنجو منهن ڪعبي ڏانهن ئي ڦيراءِ ۽ جتي به هجو ته پنهنجا منهن ان ڏانهن ئي ڦيرايو ۽ بيشڪ اڳين ڪتابن وارا ڄاڻن ٿا ته سندن رب وٽان اهو ئي حق آهي ۽ الله سندن ڪم کان بي خبر ناهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اهو تنهنجو هـَـرَ هــَـرَ آسمان ڏانهن منهن ڪرڻ اسان ڏسون پيا، چڱو ڀلا اسان توکي انهيءَ قبلي ڏانهن ٿا موڙيون، جنهن کي تون پسند ٿو ڪرين، سو مسجد حرام ڏانهن منهن ڪري ڇڏ، هاڻي اوهان جتي به هجو اوڏانهن ئي منهن ڪري نماز پڙهندا ڪريو. اهي ماڻهو جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو، ڄاڻن ٿا ته (قبلي مٽائڻ جو) اهو حڪم سندن رب وٽان آهي ۽ برحق آهي. پر تنهن هوندي به جيڪو ڪن پيا، الله ان کان اڻ ڄاڻ نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) هي تنهنجي منهن جو وري وري اسان ڏسي رهيا آهيون آسمان ڏانهن کڄڻ. چڱو، اسين انهيءَ قبلي طرف توکي ڦيريون ٿا، جنهن کي تون پسند ڪرين ٿو. مسجد حرام طرف رُخ ڦيري ڇڏ، ۽ هاڻي توهان جتي به هجو، ان جي طرف منهن ڪري نماز پڙهندا ڪريو، ۽ هي ماڻهو جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو، چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته، (قبلي جي ڦرڻ جو) هي حڪم سندن رب جي طرفان آهي ۽ برحق آهي، پر ان جي باوجود جو ڪجهه ڪري رهيا آهن، الله ان کان غافل نه آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قبلي مٽائڻ کان اڳ، اسان توکي هر هر آسمان ڏانھن منھن ڪندي (بيت الله کي قبلي بڻائڻ جي دعا گهرندي) ڏٺو، چڱو! هاڻي توکي ان قبلي (بيت الله) ڏانھن منھن ڪرڻ جي اجازت ڏيون ٿا، جنھن کي تون پسند ڪرين ٿو. (بس هاڻي کان ئي) پنھنجو منھن بيت الله ڏانھن ڦيري ڇڏ، سڀئي ايمان آڻيندڙ جتي به هجن، آئنده هو بيت الله ڏانھن منھن ڪري نماز پڙهن. اهل ڪتاب (يھودي ۽ عيسائي) چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته الله تعالى جي حڪم سان هي صحيح فيصلو ٿيو آهي، پر تنھن هوندي به الله تعالى سندن (دلين ۾) لڪيل حرڪتن کان بيخبر نه آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَئِن أَتَيتَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ بِكُلِّ ءايَةٍ ما تَبِعوا قِبلَتَكَ وَما أَنتَ بِتابِعٍ قِبلَتَهُم وَما بَعضُهُم بِتابِعٍ قِبلَةَ بَعضٍ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ إِنَّكَ إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 145) |
۽ (قسم آھي) ته جن کي ڪتاب ڏنو ويو آھي تن وٽ جيڪڏھن (تون) سڀ دليل آڻين ته (به) تنھنجي قبلي جي تابعداري نه ڪندا، ۽ نڪي تون سندن قبلي جي تابعداري ڪندڙ آھين، ۽ نڪي اُنھن مان ڪي ڪن جي قبلي جي تابعداري ڪندڙ آھن، ۽ (قسم آھي) ته ان کانپوءِ جو تو وٽ علم آيو جيڪڏھن سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين ته تون اُن مھل ظالمن مان آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن تون اهل ڪتاب وارن اڳيان سڀ نشانيون ۽ سهڻا دليل پيش ڪرين ته به هو هرگز تنهنجي قبلي جي پيروي نه ڪندا، نڪي تون هنن جي قبلي جي پيروي ڪندين. هو ته (اڳئي اهڙا ڇڙوڇڙ ٿيل آهن جو) پاڻ ۾ ئي ڪنهن هڪڙي قبلي تي متفق ناهن. (ياد رکو ته) جيڪڏهن اوهان هنن جي خواهشن جي پيروي ڪندؤ، جڏهن ته توهان وٽ سچو علم ۽ هدايت اچي چڪي آهي ته پوءِ توهان يقيناً نافرماني ڪندڙن منجهان ٿي پوندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن توهان سڀئي نشانيون به اهلِ ڪتاب وارن وٽ آڻيندا ته به توهان جي ڪعبي کي نه مڃيندا، ۽ توهان انهن جي قبلي جي تابعداري نه ڪريو، ۽ اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي قبلي کي نٿا مڃن، ۽ جيڪڏهن (اي ٻڌندڙ) تون انهن جي خواهش تي هلين معلومات حاصل هجڻ کان پوءِ به، ته بيشڪ تون انهي وقت ظالمن مان هوندين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن تون اهل ڪتاب وٽ سڀ نشانيون به آڻيندي ته به اهي تنهنجي قبلي کي نه مڃيندا ۽ نه تون سندن قبلي کي مڃڻ وارو آهين ۽ خود اهل ڪتاب به هڪڙا ٻين جي قبلي کي نٿا مڃن! ۽ جيڪڏهن تون علم (قرآن) اچڻ کان پوءِ به سندن خواهشن تي هلندين ته بيشڪ تون نافرمانن مان ٿيندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن آڻيندؤ اهل ڪتاب وٽ هر دليل ته به نه تابعداري ڪندا قبلي اوهان جي جي ۽ نه آهيو اوهان تابع انهن جي قبلي جا ۽ نه اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي قبلي جا تابعدار آهن ۽ البته جيڪڏهن (بفرضِ محال) تابعداري ڪئي اوهان انهن جي سڌن جي ان کان پوءِ جو آيو اوهان وٽ علم ته بيشڪ اوهان ان وقت ظالمن مان (ڳڻيل) ٿيندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن تون اهل ڪتاب وٽ سڀ نشانيون آڻيندين ته به اهي تنهنجي قبلي جي تابعداري نه ڪندا ۽ نه تون سندن قبلي جي تابعداري ڪندڙ آهين ۽ نه انهن مان هڪڙا ٻين جي قبلي جي تابعداري ڪندڙ آهن. ۽ جيڪڏهن تون سندن خواهشن جي تابعداري ڪندين هن کان پوءِ به جو تو وٽ علم آيو ته بيشڪ تون ان وقت ظالمن مان ٿيندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي تون ڪتاب وارن وٽ هر نشاني آڻين ته به اُهي تنهنجي قبلي جي پيروي ڪونه ڪندا ۽ نه ئي تون انهن جي قبلي جي پيروي ڪرڻ وارو آهين ۽ نه ئي اُهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي قبلي جي پيروي ڪندڙ آهن. ۽ اگر (بفرضِ محال) تو وٽ علم اچڻ بعد به تو انهن جي سَڌُن جي پيروي ڪئي ته بيشڪ ان وقت تون (پنهنجي جان سان) زيادتي ڪرڻ وارن مان ٿي پوندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪتاب ڪرم ٿيو، جن تي، جي آڻيينِ، سڀ اُهڃاڻ، ته ڪڏهن نه، تُنهنجي قبلي جا، پوئلڳ ٿيندا، پاڻ، ۽ نه تون سُرت سُڄاڻ!، تابع تن جي طرف جو. ۽ اهي ڪي، نه ڪِن جي قبلي کي، مڃڻ وارا مور، سندن سَڌن پٺيان، جي هلندين تون حضور! جنهن بعد، آيئـِي علم مان، پوري ريت پرور، ته ظُلمينِ مان ضرور، هوندين، اُنهي حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن تون ڪتاب وارن وٽ سڀ نشانيون آڻين، ته به هو تنهنجي قبلي کي نه مڃيندا. نه تون ئي سندن قبلي کي مڃڻ وارو آهين، نڪي هو هڪٻئي جي قبلي کي مڃڻ وارا آهن ۽ جيڪڏهن تون پاڻ وٽ علم اچڻ کانپوءِ سندن خواهشن جي پيروي ڪندين، ته تڏهن تون بي انصافن مان ٿيندين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون انهن اهل ڪتاب وٽ جيڪا به نشاني آڻين، ٿي ئي نٿو سگهي جو اهي تو واري قبلي جي ڪڍ لڳن ۽ نه وري تو لاءِ ئي اهو ممڪن آهي ته سندن قبلي جي ڪڍ لڳين ۽ انهن مان ڪوبه ٽولو ڪنهن ٻئي جي قبلي جي ڪڍ لڳڻ وارو نه آهي ۽ جيڪڏهن تون انهيءَ علم کان پوءِ به جيڪو تو وٽ اچي چڪو آهي، سندن خواهشن جي پيروي ڪندين ته پوءِ تون بيشڪ ظالمن مان ليکيو ويندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تون انهن وٽ چاهي ڪابه نشاني کڻي اچين اهلِ ڪتاب، ممڪن ئي ناهي ته اهي تنهنجي قبلي جي پيروي ڪن ۽ نه تو لاءِ هي ممڪن آهي ته انهن جي قبلي جي پيروي ڪرين، ۽ انهن مان ڪوبه ٽولو پيروي ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي، ٻئي جي قبلي جي ۽ جيڪڏهن تو انهن جي خواهشن جي پيروي ڪئي، هن علم کان پوءِ جيڪو تو وٽ اچي چڪو آهي، ته يقينًا توهان جو شمار ظالمن ۾ هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان يھودين ۽ عيسائين کي ڪيتريون به آيتون ٻڌايو يا دليل ڏيو، پر هو(دلي ساڙ ۽ بغض جي ڪري) ڪڏهن به توهان جي قبلي کي ڪونه مڃيندا، (توهان آزمائش مان نڪري پارس بنجي ويا آهيو سو) توهان پراڻي قبلي ڏانھن ڪڏهن به منھن نه ڪندا، (يھودي ۽ عيسائي خود هڪ ٻئي جي قبلي تي مُتفق نه آهن) سو هو هڪ ٻئي جي قبلي جي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. (اي نبي ﷺ!) الله تعالى جو هي نئون حڪم اچڻ کان پوءِ، تون انهن يھودين ۽ عيسائين جي ڪنھن به ڳالهه ۾ نه اچج، نه ته توهان جو شمار به ناانصافي ڪندڙن ۾ ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُم وَإِنَّ فَريقًا مِنهُم لَيَكتُمونَ الحَقَّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 146) |
جن کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون سي اُن (قبلي جي ڦير) کي اِئين سڃاڻندا آھن جئن پنھنجن پٽن کي سڃاڻندا آھن، ۽ منجھانئن ڪا ٽولي ڄاڻ ھوندي بيشڪ سچ کي لڪائيندي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي (يعني تورات ۽ انجيل جا عالم) سي اسلام جي پيغمبر کي اهڙوئي چڱيءَ طرح سڃاڻن ٿا جهڙو پنهنجي اولاد کي سڃاڻن ٿا. (يعني) هنن کي پڪ آهي ته اهوئي آخري رسول آهي، انهن متعلق سندن مقدس ڪتابن ۾ اهڃاڻ ڏنل آهن) تنهن هوندي به هنن ۾ هڪ ٽولي اهڙي آهي جا ڄاڻي ٻجهي به حق کي لڪائي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي اُهي جن کي اسان ڪتاب ڏنو، رسولِ عربيءَ کي ايئن سڃاڻن ٿا جيئن پيءُ پٽن کي سڃاڻي ٿو، ۽ بيشڪ انهن مان هڪ گروه سمجهڻ جي باوجود حق کي لڪائن ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن کي اسان ڪتاب (توريت وغيره) ڏنو، آهي (رسول کي) اهڙو سڃاڻن ٿا جهڙو ٻين پٽن کي سڃاڻن ٿا ۽ بيشڪ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي حق کي لڪائن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي شخص جو ڏنو اسان انهن کي ڪتاب سڃاڻن ٿا ان کي جيئن سڃاڻن ٿا پنهنجن پٽن کي ۽ بلاشڪ هڪ جماعت انهن مان البته لڪائن ٿا حق ۽ اهي ڄاڻن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن کي اسان ڪتاب ڏنوسي ان کي اهڙو سڃاڻن ٿا جهڙو پنهنجن پٽن کي سڃاڻن ٿا. ۽ بيشڪ انهن مان هڪ جماعت ڄاڻي واڻي حق کي لڪائي ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ماڻهو جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي اُهي هن (نبي ڪريم ﷺ) کي ائين سڃاڻن ٿا جيئن پنهنجي پُٽن کي سُڃاڻن ٿا.۽ بيشڪ انهن مان هڪ ٽولو اهڙو به آهي جيڪي ڄاڻي واڻي حق کي لڪائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪتاب ڪرم ٿيو جن تي، سي سڃاڻنسِ صحي، سڃاڻن، جنهن صورت سان، پنهنجا پٽ پَهِي، ۽ ڪي ساٿِي تن مان، سچ تي، پردو وِجھن پَهي، ۽ اُهي سمجھن پيا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي، سي انهيءَ کي ائين سڃاڻن ٿا، جيئن پنهنجي پٽن کي سڃاڻن، ۽ بيشڪ انهن مان هڪ فرقو حق کي ڄاڻ هوندي به لڪائي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي اهي انهيءَ جاءِ کي (جنهن کي قبلو بنايو ويو آهي) ائين ٿا سڃاڻن جيئن پنهنجي اولاد کي ٿا سڃاڻن، پر انهن مان هڪ ٽولو ڄاڻي واڻي حق کي لڪائي رهيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي اهي هن جڳهه کي (جنهن کي قبلو بڻايو آهي) ائين سڃاڻن ٿا، جيئن پنهنجي اولاد کي، پر حقيقت ۾ انهن مان هڪ ٽولو حق کي لڪائي رهيو آهي ڄاڻي واڻي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اهل ڪتاب حق جي ڳالهين کي ايئن سڃاڻن ٿا، جيئن هو پنھنجي اولاد کي سڃاڻيندا آهن پر پوءِ به انهن مان هڪ ٽولو اهڙو آهي، جيڪو ڄاڻي واڻي حق کي لڪائيندو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 147) |
اِھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچ آھي تنھنڪري تون شڪ وارن مان بنھ نه ٿيءُ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقين ڪيو ته (هي قبلي ڦيرائڻ وارو حڪم) اوهان جي پروردگار جي طرف کان حق جو امر آهي. پوءِ متان شڪ آڻڻ وارن منجهان ٿيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اي ٻڌندڙ) حق تنهنجي رب جي طرفان آهي، پوءِ تون هرگز شڪ ڪندڙن مان نه ٿيءُ.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) قبلي کي بدلائڻ تنهنجي پالڻهار طرفان حق آهي. پوءِ (ائين نه ٿئي جو) تون شڪ ڪرڻ وارن مان ٿئين!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هيءُ حق آهي تنهنجي رب جي طرفان پوءِ هرگز نه هج تون شڪ ڪندڙن مان . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (هيءُ) حق آهي تنهنجي پاليندڙ وٽان پوءِ تون شڪ ڪندڙن مان نه ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي مخاطب!) هي (قطعي) حق آهي تنهنجي پالڻهار جي طرفان ته پوءِ تون شڪ ڪندڙن مان نه ٿيءُ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته سائين کان، واجب حق، وحِي، پوءِ جي گمان ۾ گُنَهِي، تون توڙ نه ٿي، تن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) حق اهو ئي آهي جو تنهنجو رب چوي، تنهنڪري تون شڪ ڪندڙ نه ٿيءُ.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو بلڪل حق آهي تنهنجي رب وٽان، تنهنڪري ان بابت تون ڪنهن به شڪ ۾ نه پئجانءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي بلڪل حق جي سچي ڳالهه آهي تنهنجي رب طرفان تنهن ڪري تون ان متعلق هرگز شڪ ۾ نه پؤ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حق اهو آهي جيڪو تنھنجي پالڻھار جي طرف کان آيل هجي. (اي نبي ﷺ) اوهان ڪڏهن به شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿجو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِكُلٍّ وِجهَةٌ هُوَ مُوَلّيها فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ أَينَ ما تَكونوا يَأتِ بِكُمُ اللَّهُ جَميعًا إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 148) |
۽ سڀ ڪنھن لاءِ (ڪو) ھڪڙو قبلو آھي جنھن ڏانھن اُھو مھاڙ ڪندو آھي پوءِ چڱاين ڏانھن اڳرائي ڪريو، جتي ھوندؤ (اُتان) الله اُوھان کي گڏ ڪري آڻيندو، ڇوته الله سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سڀ ڪنهن جماعت جي لاءِ هڪ طرف آهي جاڏي هو (عبادت جي وقت) پنهنجو منهن ڪن ٿا. (انهي ۾ حق ۽ باطل جو معيار رکيل ڪونهي. اصلي مقصد آهي نيڪ عملي) سو توهان نيڪين ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪيو، جتي به توهان هوندؤ تِتَان الله تعاليٰ اوهان سڀني کي هڪ هنڌ آڻيندو. بيشڪ الله تعاليٰ هر شيء تي قادر آهي ۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ هر انسان جو قبلو آهي جو اهو ان طرف منهن ڪري ٿو پوءِ چڱاين ۾ اڳرائي ڪريو، توهان جتي به هوندا الله تعالى توهان کي گڏ ڪري آڻيندو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سڀ ڪنهن لاءِ هڪ ئي پاسو (قبلو) آهي جنهن ڏي (نماز ۾) منهن ڪندڙ آهن. پوءِ اوهين (اي مسلمانو! ان جهڳڙي کي ڇڏي ڏيو) چڱاين ڏي هڪٻئي کان اڳتي وڌو. جتي به هوندو ته (اتان) الله اوهان سڀني کي (پاڻ ڏي) آڻيندو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءَ تي قدرت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سڀ ڪنهن جي لاءِ هڪ طرف آهي جو اهو ان ڏانهن منهن ڪندڙ آهي پوءِ اڳرائي ڪيو نيڪين ۾ ڪٿي به هوندؤ ته آڻيندو اوهان کي الله گڏ ڪري.يشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سڀڪنهن لاءِ هڪ پاسو (قبلو) آهي جنهن ڏي هو منهن ڪندڙ آهي. پوءِ چڱائين ڏي هڪ ٻئي کان اڳ وڌو. جتي به هوندؤ ته (اتان) الله اوهان سڀني کي (گڏ ڪري) آڻيندو. بيشڪ الله سڀڪنهن شي تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هر هڪ لاءِ هڪ رُخُ آهي جيڏانهن اهو مُڙي ٿو پوءِ نيڪين ۾ اڳرائي ڪيو. اوهان جتي به هجو الله اوهان سڀني کي گڏ ڪندو. بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هر مُهڙ، پاڻ سو، مقرر ڪندڙ مور، پوءِ چڱا! چڱاين ڏي، پُوريو پهرين پور؛ آڻِيندان، جِتي به هجو، هيڪاندو حضور؛ غالب، ربّ غفور، قادر، ڪل ڪم ڪار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر هڪ لاءِ قبلو آهي جنهن ڏانهن منهن ڪري ٿو، پوءِ نيڪين ۾ هڪ ٻئي کان وڌو. جتي به هوندؤ الله اوهان سڀني کي گڏ ڪندو. بيشڪ الله سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هرهڪ لاءِ هڪڙو رخ آهي، جنهن ڏانهن هو لڙندو آهي، سو توهان ڀلاين ڏانهن اڳ اڳرا ٿيو، جتي به توهان هوندؤ الله توهان کي هٿ ڪري وٺندو، سندس قدرت کان ڪابه شيءِ ٻاهر نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هرهڪ لاءِ هڪڙو رخ آهي، جنهن طرف هو مڙي ٿو. بس توهين ڀلائين طرف اڳرائي ڪريو، جتي به توهان هوندا، الله سڀني کي گڏ ڪري آڻيندو. بيشڪ ان جي قدرت کان ڪابه شيءِ ٻاهر نه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هر ڪنھن جي لاءِ هڪ طرف مقرر هوندو آهي، جيڏانھن هو منھن ڪندو آهي (اصل ۾ نيڪي منھن ڪرڻ ۾ نه، بلڪه الله تعالى جي حڪم مڃڻ ۾ هوندي آهي، تنھنڪري توهان جتي به حڪم ٻڌو ته هڪدم ان تي عمل ڪريو) نيڪين ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا ڪريو، اهڙيءَ طرح (مرڻ کانپوءِ) توهان جتي به موجود هوندا، الله تعالى ان جڳھه تان اوهان کي قيامت واري ڏينھن هڪ هنڌ گڏ ڪندو. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي وس وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَإِنَّهُ لَلحَقُّ مِن رَبِّكَ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 149) |
۽ (اي پيغمبر) جتان (به) نڪرين ته پنھنجو منھن تعظيم واريءَ مسجد ڏانھن ڦيراءِ، ۽ بيشڪ اِھو (ڦيرائڻ) تنھنجي پالڻھار وٽان بلڪل سچ آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) توهان ڪٿان به نڪرو ۽ ڪٿي به هجو ته (نماز ۾) پنهنجو منهن ڪعبي جي طرف ڪيو ۽ يقين ڪيو ته هيءُ حڪم اوهان جي پروردگار وٽان حق جو امر آهي ۽ يقين سان ڄاڻو ته الله تعاليٰ اوهان جي جي عملن کان غافل هرگز ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي حبيب ! جتان به توهان (سفر ۾) نڪرو ته پنهنجو منهن مبارڪ بيت الله جي طرف ڪريو ۽ بيشڪ اهو يقيناً توهان جي رب جي طرفان حق آهي، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان بيخبر ناهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جتي به تون وڃين ته پنهنجي منهن کي مسجد حرام (ڪعبه) ڏي ڦير!۽ بيشڪ اهو تنهنجي پالڻهار جي طرفان حق آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جتان به نڪرين ته پوءِ پنهنجو منهن مسجد حرام جي طرف ڦيراءِ ۽ بيشڪ اهو حق آهي تنهنجي رب جي طرفان ۽ نه آهي الله غافل ان کان جو ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جتي به تون وڃين ته پنهنجي منهن کي مسجد حرام ڏي ڦير ! ۽ بيشڪ اهو تنهنجي پاليندڙ جي طرفان حق آهي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان الله غافل نه آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون جتان (سفر تي) نڪرين ته (نماز جي وقت) پنهنجو چهرو مسجد الحرام ڏانهن ڦيراءِ. ۽ بيشڪ اهو ئي تنهنجي پالڻهار پاران حق آهي ۽ الله اوهان جي عملن کان بي خبر نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جِتي به نِکتين يا نبي!، ڪر، مُنهن، مَسجدپاڪ پار،۽ اِهو تُنهنجي آگي کان، آهي حق اِظهار، ۽ جڪي ڪريو ڪم ڪار، والي تن کان نه وسيلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تون جيڏانهن نڪرين، ته پنهنجو منهن ڪعبي ڏي ڦيراءِ، اهو بيشڪ تنهنجي رب جي طرفان حق آهي ۽ الله اوهان جي ڪمن کان بي خبر نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جتان به تون لنگهندو هجين اتان ئي پنهنجو منهن (نماز مهل) مسجد حرام ڏانهن ڪري ڇڏ، ڇو ته اهو تنهنجي رب جو بلڪل برحق فيصلو آهي ۽ الله توهان جي عملن کان بي خبر نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تنهنجو گذر جتان به ٿئي، پنهنجو رُخ (نماز جي وقت) ڦيريندو ڪر مسجد حرام طرف، ڇاڪاڻ ته تنهنجي رب جو فيصلو بلڪل برحق آهي. ۽ الله توهان ماڻهن جي عملن کان بي خبر نه آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (زمين جي) جنھن به جڳھه تان توهان لنگهو، ته نماز ۾ پنھنجو منھن هميشه ڪعبة الله ڏانھن ڪندا ڪريو. اهو توهان جي رَبَّ جو صحيح ۽ برحق فيصلو آهي. الله تعالى توهان جي عملن کان ذري جيترو به بي خبر ناهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَيكُم حُجَّةٌ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونى وَلِأُتِمَّ نِعمَتى عَلَيكُم وَلَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 150) |
۽ جتان (به) نڪرين ته پنھنجو منھن تعظيم واريءَ مسجد ڏانھن ڦيراءِ، ۽ جتي ھجو (تتي) پنھنجا منھن ان ڏانھن ڦيرايو (ھن لاءِ) ته منجھانئن جن ظلم ڪيو تن کان سواءِ ٻـين ماڻھن کي اوھان تي ڪا حجت نه رھي، پوءِ کانئن نه ڊڄو، ۽ (ھن لاءِ) ته (آءٌ) پنھنجي نعمت اوھان تي پوري ڪريان ۽ مانَ اوھين ھدايت وارا ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏسو توهان ڪٿان به نڪرو ۽ ڪٿي به هجو ته (نماز ۾) پنهنجو منهن ڪعبي جي طرف ڪيو ۽ (اي مسلمانو توهان ڪٿي به هجو ته نماز ۾) پنهنجو منهن ڪعبي جي طرف ڦيرايو. (قبلي جي مقرري تي هيترو تاڪيد جو ڪيو ويو آهي سو) انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي اوهان جي خلاف ڪوبه دليل نه رهي (۽ سڀني کي هيءَ حقيقت چٽيءَ طرح معلوم ٿي وڃي ته حضرت ابراهيم جو عبادتگاه توهان جي لاءِ قبلو مقرر ٿي ويو) پر انهن ماڻهن جيڪي ظالم آهن سي ته ڪنهن به حالت ۾ مخالفت ڪندا. پوءِ انهن کان بلڪل نه ڊڄو، فقط مون کان ڊڄو ۽ اهو (حڪم قبلي وارو) هن لاءِ پڻ ڏنو ويو آهي ته مان (الله تعاليٰ) اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪيان ۽ پڻ انهيءَ لاءِ ته توهان سڌيءَ راهه تي هلو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي حبيب ! جتان به توهان (سفر۾) نڪرو ته پنهنجو منهن مبارڪ بيت الله جي طرف ڪريو، ۽ اي مسلمانو توهان جتي به رهندڙ هجو پنهنجن مُنهَن کي بيت الله ڏانهن ڪريو، انهيءَ لاءِ ته ماڻهن جي ڪابه حجت توهان تي نه رهي، مگر اُهي ماڻهو جيڪي انهن مان ظالم آهن، پوءِ توهان انهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو، انهيءَ لاءِ جو آئون توهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪريان ۽ بيشڪ توهان هدايت وارا ٿيندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اي رسول! تون جتي به وڃين ته پنهنجي منهن کي (نماز ۾) مسجد حرام ڏي ڦير! ۽ (اي مسلمانو) توهان (به) جتي هجو ته (نماز ۾) پنهجا منهن ان ڏي ڦيريو! وري (حڪم ڏيڻ جو هي به فائدو آهي) ته جيئن ماڻهن جو اوهان تي ڪو الزام نه اچي، مگر انهن مان جي ماڻهو ناحق ضد ڪن ٿا ته اهي ضرور الزام رکندا. پوءِ اوهين انهن کان نه ڊڄو ۽ ان لاءِ به ته آءُ پنهنجي نعمت اوهان تي پوري ڪريان ته جيئن توهان کي هدايت ٿئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جتان به نڪرين ته پوءِ ڦيراءِ پنهنجو منهن مسجد حرام جي طرف ۽ جتي به هجو پوءِ ڦيرايو پنهنجن منهن کي ان جي طرف تان ته نه هجي ماڻهن لاءِ اوهان تي ڪا حجت مگر جن ظلم ڪيو انهن مان پوءِ نه ڊڄو انهن کان ۽ ڊڄو مون کان ۽ تان ته پوري ڪيان پنهنجي نعمت اوهان تي ۽ تان ته اوهان هدايت وارا ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جتي به تون وڃين ته پنهنجي منهن کي مسجد حرام ڏي ڦير ! ۽ جتي به هجو ته پنهنجا منهن ان ڏي ڦيريو هن لاءِ ته ماڻهن جو اوهان تي ڪو الزام نه اچي، انهن (جي الزام) کان سواءِ جن انهن مان ظلم ڪيو. پوءِ اوهين انهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو ۽ هن لاءِ ته آءُ پنهنجي نعمت اوهان تي پوري ڪريان ۽ مَنَ اوهين سڌي رستي تي هلو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون جتان (سفر تي) نڪرين ته (نماز جي وقت) پنهنجو چهرو مسجد الحرام ڏينهن ڦيراءِ. ۽ (اي مسلمانو!) اوهان جتي به هجو پنهنجا چهرا ان ڏانهن ڦيرايو تان ته ماڻهن کي توهان تي اعتراض جي گنجائش نه رهي، سواءِ انهن مان تن ماڻهن جي جن ظلم ڪيو، پوءِ اوهان انهن کان (هرگز) نه ڊڄو ۽ مون کان (ئي) ڊڄو ۽ هي ان لاءِ ته آءُ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪيان ۽ هن لاءِ ته جيئن اوهان هدايت وارا ٿي وڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جتي به نڪتين يا نبي!، ڪر، مُنهن مَسجد پاڪ پار، منهن موڙيو، تنهين پار ڏي، جتي هجو جونجھار!، تان حجت، نه اوهان تي هجي، مورهين ماڻهن هار، مگر جاڙون جن ڪيون، تن منجھان تڪرار، پوءِ ڪنبو نه، اُنهن کان، ۽ مون ڪنان ڪنبو برقرار، تان اوهان تي، آءُ ڪريان، نعمت سندمِ، نِبار، ۽ اِن آسري آڌار، مانَ مارڳ ماڻيو!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون جيڏانهن به نڪرين ته پنهنجو منهن ڪعبي ڏانهن ڦيراءِ! جتي به هجو، ته پنهنجا منهن انهيءَ ڏانهن ڦيرايو. ان لاءِ، ته ماڻهن کي اوهان تي ڪا حجت نه رهي. مگر جيڪي انهن مان بي انصاف آهن تن کان نه ڊڄو، پر مون کان ڊڄو ۽ هن لاءِ ته اوهان تي پنهنجي سڀ نعمت ڪريان ۽ من اوهين سڌي واٽ لهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جتان به تون لنگهندو هجين، پنهنجو منهن مسجد حرام ڏانهن ئي ڦيري ڇڏ ۽ جتي به توهان هجو اوڏانهن ئي منهن ڪري نماز پڙهندا ڪريو ته جيئن ماڻهن کي توهان جي خلاف ڪوبه دليل نه ملي، باقي ظالمن جو وات ته بند ٿيڻو ناهي، تنهنڪري انهن کان نه ڊڄو بلڪه مون کان ڊڄو ته جيئن مان توهان تي پنهنجي نعمت مڪمل ڪري ڇڏيان. ۽ ان لاءِ به ته مــَـنَ ائين ڪو توهان هدايت پرايو. (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جتان به توهان جو گذر ٿئي، (نماز جي وقت) پنهنجو رُخ ڦيريندا ڪريو مسجد حرام طرف، ۽ جتي به توهان هجو انهيءَ ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهو، جيئن ماڻهن کي توهان جي خلاف ڪابه حجت نه ملي. ها، انهن مان جيڪي ظالم آهن، انهن کان توهان نه ڊڄو پر مون کان ڊڄو، ۽ اهو ان لاءِ ته آئون پنهنجي نعمت پوري ڪريان توهان تي ۽ ان اميد تي ته منهنجي ان حڪم جي پيروي مان فلاح پائيندؤ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (وري هڪ ڀيرو ٻيھر ٻڌي ڇڏيو ته) زمين جي جنھن به جڳهه تان توهان لنگهو، ته نماز ۾ پنھنجو منھن هميشه ڪعبة الله جي طرف ڪندا ڪريو ۽ جتي به رهائش اختيار ڪريو، اتي به ڪعبة الله ڏانھن منھن ڪري نماز پڙهندا ڪريو (ته جيئن پوري دنيا ۾ هڪجھڙائي پيدا ٿئي ۽ مخالفن کي ڪنھن به علائقي مان، ان عمل خلاف ڪو دليل نه ملي سگهي)، پر ظالم ماڻهو ته ضرور پنھنجي دل جو ساڙ، ڪنھن نه ڪنھن طرح ظاهر ڪندا رهندا، سو تون انهن کان بالڪل نه ڊڄ، ڊڄڻ جو حق مون کان آهي، مان ئي توهان جي مٿان پنھنجي نعمت پوري ڪندس (ياد رکو ته) مون کان ڊڄڻ جي ڪري ئِي، توهان کي سڌو رستو ملي سگهندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَما أَرسَلنا فيكُم رَسولًا مِنكُم يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِنا وَيُزَكّيكُم وَيُعَلِّمُكُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُعَلِّمُكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 151) |
جھڙيءَ طرح اوھان تي نعمت پوري ڪئي سون (تھڙيءَ طرح) اوھان منجھان پيغمبر اوھان ۾ موڪليوسون جو اسان جون آيتون اوھان تي پڙھندڙ آھي ۽ اوھان کي پاڪ ڪندو آھي ۽ اوھان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاريندو آھي ۽ جيڪي نه ڄاڻندا ھيؤ سو (پڻ) اوھان کي سيکاريندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيئن (مون اڳئي اوهان تي وڏي نعمت ڪئي آهي جو) اوهان مان هڪڙي کي اوهان ڏانهن رسول ڪري موڪليو اٿم. هو اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو، اوهان جي دلين کي صاف ۽ پاڪ ڪري ٿو، اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت ٿو سيکاري ۽ اهي ڳالهيون سيکاري ٿو جي توهان اڳي بلڪل ڪونه ڄاڻندا هئو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيئنڪ اسان توهان ۾ رسولِ عربي توهان مان موڪليو اهو توهان تي اسان جون آيتون پڙهي ٿو ۽ توهان کي پاڪ ڪري ٿو ۽ توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو ۽ توهان کي اُهو سڀڪجهه سيکاري ٿو جيڪو توهان نه ڄاڻندا هئا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو! هي احسان به ائين آهي) جيئن اسان اوهان ۾، اوهان مان هڪ رسول موڪليو، جو اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ اوهان جي نفسن کي پاڪ ڪري ٿو ۽ اوهان کي ڪتاب (قرآن) ۽ عقل جون ڳالهيون سيکاري ٿو ۽ اوهان کي اهو ڪجھ سيکاري ٿو جو اوهين (اڳ) نه ڄاڻندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيئن موڪليوسون اوهان ۾ رسول اوهان مان پڙهي ٿو اوهان جي اڳيان آيتون اسان جون ۽ پاڪ ٿو ڪري اوهان کي ۽ پڙهائي ٿو اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ پڙهائي ٿو اوهان کي اهي ڳالهيون جو اوهان نه ڄاڻندا هئا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيئن اسان اوهان ۾ اوهان مان هڪ رسول موڪليو جو اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ اوهان کي پاڪ ڪري ٿو ۽ اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو ۽ اوهان کي اهو ڪجهه سيکاري ٿو جو اوهين نه ڄاڻندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جهڙي طرح اسان اوهان ۾ خود اوهان مان هڪ رسول موڪليو آهي جيڪو اوهان تي اسان جون آيتون تلاوت ڪري ٿو ۽ اوهان کي پاڪ ڪري ٿو ۽ اوهان کي ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ٿو ۽ اوهان کي (اُهي ڳجها ڳُوڙها راز) سيکاري ٿو جيڪي اوهان نه ڄاڻندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيئن ته، اوهان ۾ اوهان مان، مرسل مڪوسون مور، ته پڙهي اسان جون پَڌريون، آن تي، نشانيون نور، ۽ پڪ اوهان کي پاڪ ڪري، ڪنان فِسق، فجور، ۽ سيکارِينِيان ڪتاب، پڻ پورِي ريت پرور، ۽ مَنْهد، نه جو مذڪور، ڄاڻو، سوڄاڻائـِينِيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيئن اوهان ۾ اوهان مان ئي هڪ رسول موڪليوسون، جو اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو، اوهان کي پاڪ ڪري ٿو، اوهان کي ڪتاب ۽ ڏاهپ سيکاري ٿو ۽ اوهان کي اهي ڳالهيون سيکاري ٿو جي اوهين نه ڄاڻندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيئن جو اسان توهان ۾ خود توهان مان ئي هڪڙو رسول موڪليو، جيڪو توهان کي اسان جون آيتون ٻڌائي ٿو، توهان جي زندگين کي سنواري ٿو، توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي ٿو ۽ توهان کي اهي ڳالهيون سيکاري ٿو، جيڪي توهان نه ڄاڻندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن اسان موڪليو توهان منجهان ئي رسول، جيڪو توهان کي اسان جون آيتون ٻڌائي ٿو ۽ توهان جون زندگيون سنواري ٿو، توهان کي تعليم ڏئي ٿو ڪتاب ۽ حڪمت جي ۽ توهان کي اهي ڳالهيون سيکاري ٿو، جيڪي توهان نه ڄاڻندا هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (مون توهان کي هي به نعمت عطا ڪئي جو) توهان مان ئي هڪ رسول مقرر ڪيو، جيڪو توهان کي منهنجون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو، توهان جي زندگين کي سڌاري سنواري ٿو ۽ پاڻ عمل ڪري توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو ۽ هو توهان کي اهڙيون ته (بلند اخلاق واريون) ڳالهيون سيکاري ٿو، جيڪي توهان صفا نه ڄاڻندا هئا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاذكُرونى أَذكُركُم وَاشكُروا لى وَلا تَكفُرونِ (آيت : 152) |
تنھنڪري مون کي ياد ڪريو ته آءٌ اوھان کي ياد ڪريان ۽ منھن جو شڪر ڪريو ۽ منھن جي بي شڪري نه ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڪري مون کي هر وقت ياد ڪندا رهو (۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا رهو) مان به توهان کي نه وساريندس (اوهان کي اجر ۽ ڪاميابي ڏيندس) ۽ منهنجي نعمتن جو (عملاً) قدر ڪريو ۽ بي شڪر نه ٿجو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان مون کي ياد ڪريو آئون توهان کي ياد ڪندس ۽ توهان منهنجو شڪرانو مڃو ۽ منهنجي ناشڪراني نه ڪريو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ مون کي ياد ڪريو ته آءُ به اوهان جو ذڪر خير ڪندس ۽ منهنجو شڪريو ڪندا رهو ۽ ناشڪري نه ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ مون کي ياد ڪيو ته مان اوهان کي ياد ڪيان ۽ منهنجو شڪر ڪيو ۽ منهجي بي شڪري نه ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ مون کي ياد ڪريو ته آءُ اوهان کي ياد ڪريان ۽ منهنجو احسان مڃيو ۽ منهنجي ناشڪري نه ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سو اوهان مون کي ياد ڪيو ته آءُ اوهان کي ياد ڪيان ۽ منهنجو شڪر ادا ڪيو ۽ منهنجي ناشڪري نه ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ساريومِ، ته آن کي ساريان، حاضر هر ڪنهن حال، پُڻ ڳايو، مُنهنجِي ڳالھ، ۽ مُنهنجا وڙ، نه وساريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تڏهن مون کي ياد ڪريو، ته آءٌ اوهانکي ياد ڪندس، ۽ منهنجي نعمتن جو قدر ڪريو ۽ بيقدري نه ڪريو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري توهان مون کي ياد ڪندا ڪريو ته مان به توهان کي ياد رکندس ۽ منهنجو شڪر ادا ڪريو، ناشڪري نه ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تنهن ڪري توهان مون کي ياد رکو، آءٌ توهان کي ياد رکندس ۽ منهنجو شڪر ادا ڪريو ۽ نه نعمت جي ناشڪري.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنھنڪري توهان مون کي ياد ڪريو ( منھنجي ياد کي هميشه اوليت ڏيندا ڪريو ته ) مان توهان کي ياد ڪندس (۽ توهان جي مٿان پنهنجون نعمتون نازل ڪندو رهندس ۽ نعمتن کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ) هميشه شڪرگذاريءَ وارو رستو وٺو، ناشڪريءَ وارو رستو ڪڏهن به اختيار نه ڪجو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 153) |
اي مؤمنؤ صبر ۽ نماز سان مدد وٺو، ڇوته الله صابرن سان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارؤ! صبر ۽ نماز جي وسيلي (ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ) مدد وٺو ۽ يقين ڪريو ته الله تعاليٰ صبر ڪرڻ وارن سان آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي ايمان وارؤ! توهان نماز ۽ صبر کان مدد وٺو، بيشڪ الله تعالى صبر ڪندڙن سان گڏ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! (مصيبت جي وقت) صبر ۽ نماز جي ذريعي (خدا جي) مدد گهرو، بيشڪ خدا صبر وارن سان ئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارا! مدد جي طلب ڪيو صبر ۽ نماز (جي ذريعي) سان بيشڪ الله صبر ڪندڙن سان گڏ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارو ! صبر ۽ نماز سان مدد وٺو. بيشڪ الله صبر وارن سان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! (الله کان) مدد وٺو صبر ۽ نماز سان. بيشڪ الله صبر وارن سان گڏ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن مڃيو! سي مدد وٺو، ساڻ صبر ۽ نماز، بارِي بي نياز، ساٿِي سَندو، صابرين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! صبر ۽ نماز جي مدد وٺو. بيشڪ الله صبر ڪرڻ وارن جو همراهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! صبر ۽ نماز کان مدد وٺندا ڪريو، الله صبر ڪندڙن جو ساڻي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! مدد وٺو صبر ۽ نماز کان، الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! (هر معاملي ۾) صبر ۽ نماز جي ذريعي مون کان، مدد گهرندا ڪريو، بيشڪ الله تعالى صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَقولوا لِمَن يُقتَلُ فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتٌ بَل أَحياءٌ وَلٰكِن لا تَشعُرونَ (آيت : 154) |
۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ ڪُسن تن کي مئل نه چئو، بلڪ (اُھي) جيئرا آھن پر اوھين نه ٿا پروڙيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو الله جي راهه ۾ قتل ٿين ٿا تن به نسبت ائين نه چئو ته هو مري ويا آهن، نه نه هو زنده آهن، پر توهان هنن جي زندگي ڏسي ۽ سمجهي نٿا سگهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو الله جي راه ۾ شهيد ٿين ٿا انهن کي مئل نه چئو، بلڪ اهي جيئرا آهن پر توهان (انهن جي زندگي کي) نٿا سمجهو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جي ماڻهو خدا جي راھ ۾ ماريا وڃن ٿا تن کي مئل نه چئو، بلڪه (اهي) جيئرا آهن پر اوهين (ان ڳالھ کي) نٿا ڄاڻو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه چئو انهن جي لاءِ جو ڪٺا ٿا وڃن الله جي واٽ ۾ (ته اهي) مئل آهن بلڪ جيئرا آهن ۽ پر اوهان نه ٿا سمجهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي الله جي رستي ۾ ماريا وڃن ٿا تن کي مئل نه چئو بلڪ (اهي) جيئرا آهن پر اوهين نه ٿا سمجهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ قتل ڪيا وڃن ته انهن کي نه چئو ته: ”مُردا آهن“. بلڪه (حقيقت ۾) اُهي زنده آهن ۽ پر اوهان (انهن جي زندگي جي) سمجھه نه ٿا رکو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سي مُئا، نه ڪوٺيو مور، جي ڪُٺاربَّ جي راھ ۾، زِنده، هُو ضرور، پير اوهين پَروڙيون ڪين ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي الله جي راهه ۾ مارجن ٿا، انهن کي مئل نه چئو، بلڪ اهي جيئرا آهن، مگر اوهان کي خبر نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي ماڻهو الله جي واٽ ۾ مارجي وڃن انهن کي مئل نه سڏيو، اهڙا ماڻهو ته حقيقت ۾ جيئرا آهن پر توهان کي انهن جي حياتيءَ جي سمجهه نٿي پوي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي ماڻهو ماريا وڃن الله جي راهه ۾، انهن کي نه چئو مئل، پر اهي جيئرا آهن، پر توهان کي انهن جي زندگين جو شعور ڪونهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو الله تعالى جي راهه ۾ شھيد ٿي وڃن، ته کين ڪڏهن به مئل نه چئو بلڪ هو جيئرا آهن پر سندن زندهه رهڻ واري ڪيفيت کي توهان سمجهي ئي نٿا سگهو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَنَبلُوَنَّكُم بِشَيءٍ مِنَ الخَوفِ وَالجوعِ وَنَقصٍ مِنَ الأَموٰلِ وَالأَنفُسِ وَالثَّمَرٰتِ وَبَشِّرِ الصّٰبِرينَ (آيت : 155) |
۽ اوھان کي ڀوَ ۽ بک ۽ مالن جي ۽ جندن جي ۽ ميون جي گھٽتائيءَ مان ڪنھن شيء سان ضرور پرکينداسون، ۽ (اي پيغمبر) اُنھن صابرن کي خُوشخبري ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ ياد رکو ته) توهان کي ضرور خطرن ۽ خوفن ۽ بک جي تڪليفن جان ۽ مال ملڪيت جي نقصانن ۽ فصلن جي تباهي سان آزمائينداسين، پوءِ جيڪي ماڻهو صبر ۽ ثابت قدمي اختيار ڪندا انهن کي (فتح ۽ ڪامرانيءَ جي) بشارت (خوشخبري) ڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسين ضرور آزمائينداسين توهان کي خوف ۽ بک سان ۽ مالن ۽ حياتيءَ جي ڪمي ۽ ميون جي گهٽتائي سان ۽ صبر ڪندڙن کي خوشخبري پهچايو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسين اوهان کي ڪجھ ڊپ ۽ بک ۽ مالن ۽ جانين ۽ ميون جي نقصان سان آزمائينداسون. ۽ (اي رسول) اهڙي صبر ڪرڻ وارنکي خو شخبري ٻڌاءِ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته ضرور آزمائينداسون اوهان کي ڪنهن هڪ شيءِ سان، خوف سان ۽ بک سان ۽ مالن ۽ سرن ۽ ميون جي گهٽائڻ سان ۽ بشارت ڏي صبر ڪندڙن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اوهان کي ڪجهه ڊپ ۽ بک ۽ مالن ۽ جانين ۽ ميون جي نقصان سان آزمائينداسون. ۽ صبر وارن کي خوش خبري ٻڌاءِ، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ضرور اسان اوهان کي آزمائينداسين ڪجھه شين سان (يعني) ڪجھه خوف ۽ بک ۽ ڪجهه مالن ۽ جانين ۽ پوکن جي نقصان سان ۽ (اي نبي) صبر وارن کي مبارڪ ڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَٺنداسون ڀَـؤ، ۽ بک سان، آن کان امتحان، ۽ کيٽ کري ۾، کوٽ سان، منجھ مال، جسم، جان، ۽ مُبارڪ مهربان!، پوءِ صحِي ڏي تون، سَهندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان کي ڪجهه قدر خوف، بک ۽ مالن، جانين ۽ فصلن جي گهٽتائي سان ضرور آزمائينداسون ۽ انهن صبر ڪندڙن کي خوشخبري ڏئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان ضرور توهان کي خوف خطرن، بک، مال ۽ جان جي نقصانن ۽ اُپت جي گهٽتائيءَ ۾ وجهي توهان جي آزمائش لهنداسين، انهن حالتن ۾ جيڪي ماڻهو صبر ڪن انهن کي خوشخبري ڏئي ڇڏ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ضرور آزمائش وٺنداسين توهان کي خوف ۽ خطرن، فاقه ڪشيءَ (بک) ۽ جان ۽ مال جي نقصان ۽ آمدنين جي گهاٽي ۾ مبتلا ڪري، اهڙين حالتن ۾ جيڪي صبر ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان توهان کي (سڌي رستي تي رکڻ لاءِ) ضرور آزمائيندا رهنداسين (آزمائشون هن طرح جون هونديون جو) ڪڏهن توهان جي دلين ۾ گهٻراهٽ ۽ خوف پيدا ڪيو ويندو، ڪڏهن توهان کي کاڌي پيتي جي شيءِ نه ملڻ ڪري بُکون ڪاٽڻيون پونديون، ڪڏهن مال ۽ جان جو نقصان ٿيندو ۽ ڪڏهن زمين جي اُپت ۾ گهٽتائي ٿيندي، پر انهن سڀني ڳالهين تي صبر ڪرڻ وارن کي (جَنَّتَ جي) خوشخبري ٻڌايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ قالوا إِنّا لِلَّهِ وَإِنّا إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 156) |
جن کي جڏھن ڪا اوکائي پھچي ٿي (تڏھن) چون ٿا ته اسين الله جا (ٻانھا) آھيون ۽ اسين ان ڏانھن موٽندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (صبر ڪندڙ) اُهي آهن جيڪي جڏهن ڪا مصيبت مٿن اچي ڪڙڪي ٿي ته (بي قرار ٿيڻ جي بدران الله کي ياد ڪري پاڻ ۾ وڏي قوت پيدا ڪن ٿا ۽ روحاني جذبي سان) چون ٿا ته اسان ۽ اسان جو سڀ ڪجهه الله جي لاءِ آهي ۽ اسان کي آخر ڏانهنس ئي موٽڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جيڪڏهن انهن کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته چون ٿا بيشڪ اسين الله جا آهيون ۽ ان ڏانهن موٽايا وينداسين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن کي جڏهن ڪا تڪليف پهچي ٿي، چون ٿا ته بيشڪ اسين، الله جا آهيون ۽ بيشڪ اسين ان ڏي ئي موٽنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جو جنهن وقت پهچي ٿي انهن کي ڪا مصيبت ته چون ٿا بيشڪ اسان (صرف) الله جا آهيون ۽ بيشڪ اسان ان ڏانهن موٽندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن کي جڏهن ڪا تڪليف پهچي ٿي ته چون ٿا ته بيشڪ اسين الله جا آهيون ۽ بيشڪ اسين ان ڏي ئي موٽنداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي (صابر) جن تي جڏهن ڪا مصيبت پهچي ٿي ته چون ٿا: ”بيشڪ اسان الله جي مِلڪ آهيون ۽ بيشڪ اسان ان ڏانهن موٽڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن کي، جڏهن ڏک رسيو، ته چيائون هِي حرف، ته اسين آهيون الله جا، سِپاهي صِرف، ۽ آخر اُن طرف، اسين هرگز هلڻا آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن تي جڏهن ڪا مصيبت اچي ٿي ته چون ٿا ته ”اسين الله جا ئي آهيون ۽ ان ڏانهن ئي موٽنداسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن ڪا مصيبت اچين ته چون ته "اسان ته الله جا ئي آهيون ۽ ڏانهس ئي موٽي هلڻ وارا آهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ڪا مصيبت اچين ِته چون: ”اسين الله جا آهيون ۽ الله ڏانهن ئي موٽي وڃڻو آهي.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (صبر ڪرڻ وارن جي هي نشاني آهي ته ) جڏهن به انهن جي مٿان ڪا پريشاني ايندي آهي، ته هو هڪدم برحق ڳالهه چوندا آهن ته ”اسان الله تعالى جا ئي آهيون ۽ بيشڪ اسان کي ان ڏانھن ئي موٽڻو آهي.“ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ عَلَيهِم صَلَوٰتٌ مِن رَبِّهِم وَرَحمَةٌ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُهتَدونَ (آيت : 157) |
اُنھن تي سندن پالڻھار وٽان مھربانيون ۽ ٻاجھ آھي، ۽ اِھي ئي سڌيءَ واٽ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً اهڙن ئي ماڻهن تي سندن پروردگار جو لطف ۽ ڪرم آهي ۽ مٿن رب جي رحمت ٿي وسي ۽ اهي ئي ڪاميابيءَ جي راهه تي آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن تي سندن رب جي طرفان برڪتون ۽ رحمتون آهن، ۽ اهي ئي هدايت وارا آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن تي سندن پالڻهار طرفان مهربانيون ۽ رحمت آهي ۽ اهي ئي هدايت يافته آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي انهن تي مهربانيون آهن انهن جي رب جي طرفان ۽ رحمت آهي ۽ اهي ئي هدايت وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن تي سندن پاليندڙ جي طرفان مهربانيون ۽ رحمت آهي ۽ اهي ئي واٽ لهندڙ آهن. بيشڪ صفا ۽ مروه (جبل) الله جي نشانين مان آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ماڻهو آهن جن تي انهن جي پالڻهار پاران عنايتون ۽ رحمت آهي ۽ اهي ئي هدايت وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي، سي آهن، جن تي، ڏاتيون سندن ڏاتار، ٻِي پڻ ٻاجھ ٻيهار، ۽ آهن سنواٽا، سي صحِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙن تي ئي سندن رب جون عنايتون ۽ مهرباني آهي ۽ اهي ئي سڌيءَ واٽ تي آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته مٿن سندن رب وٽان وڏيون نوازشون ٿينديون ۽ مٿن رحمت وسندي ۽ اهڙائي ماڻهو سنئينءَ واٽ تي هلندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کي خوشخبري ڏيو، کين سندن رب جي طرفان وڏيون عنايتون هونديون، ۽ سندس رحمت جو پاڇو هوندو ۽ اهڙا ئي ماڻهو سڌي راهه تي آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اهي ماڻهو آهن جن جي مٿان پنھنجي رَبَّ جي مھرباني ۽ رحمت وسندي رهي ٿي ۽ ان مھربانيءَ جي ڪري هو سڌي راهه تي ڄميا بيٺا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الصَّفا وَالمَروَةَ مِن شَعائِرِ اللَّهِ فَمَن حَجَّ البَيتَ أَوِ اعتَمَرَ فَلا جُناحَ عَلَيهِ أَن يَطَّوَّفَ بِهِما وَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَإِنَّ اللَّهَ شاكِرٌ عَليمٌ (آيت : 158) |
صفا ۽ مروہ (جبل) الله (جي عبادت) جي نشانين مان آھن، پوءِ جيڪو بيت الله جو حج ڪري يا عمرو بجاءِ آڻي تنھن کي ٻنھي جي طواف ڪرڻ ۾ گناھ نه آھي، ۽ جيڪو وڌيڪ چڱائي ڪندو (تنھن جي الله قبول ڪندو) ڇو ته الله قبول ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ صفا ۽ مروه (جون ٽڪريون) الله تعاليٰ جي (حڪمت ۽ رحمت جون) نشانيون آهن، پوءِ جيڪو شخص حج يا عمري جي نيت سان اتي وڃي ۽ ڪعبت الله جو طواف ڪري ته ڪا گناهه جي ڳالهه ڪانهي، جيڪڏهن انهن ٻنهي (ٽڪرين) جي وچ ۾ ڦيرا ڏئي. جيڪڏهن ڪوبه شخص (دل جي خوشيءَ سان) نيڪي جو ڪو ڪم ڪري ٿو ته الله تعاليٰ ان جو قدر ڪرڻ وارو (اجر ڏيڻ وارو) آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ (جبل) صفا ۽ مروه الله جي نشانين مان آهن پوءِ جنهن شخص حج يا عمرو ڪيو پوءِ انهن تي گناه ناهي جو انهن ٻنهي (جبلن) جو چڪر هڻي ۽ جيڪو شخص چڱو ڪم ڪري ٿو، پوءِ بيشڪ الله تعالى ثواب ڏيندڙ خبردار آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ صفا ۽ مروه (جبل) خدا جي نشانين مان آهن. پوءِ جيڪو بيت الله جو حج يا عمرو ڪري ته انهن ٻنهين جي طواف ڪرڻ ۾ ڪو گناھ نه آهي (بلڪه ثواب آهي) ۽ جيڪو پنهنجي خوشيءَ سان نيڪ ڪم ڪري ته پوءِ خدا به قدردان ۽ واقفڪار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ صفا ۽ مروه الله جي نشانين مان آهن پوءِ جيڪو حج ڪري بيت جو يا عمرو ڪري پوءِ نه آهي گناھ ان تي جو چڪر هڻي انهن جي وچ ۾ ۽ جنهن خوشيءَ سان وڌايو چڱائيءَ کي پوءِ بيشڪ الله قدردان، گهڻو ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪو بيت الله جو حج يا عمرو ڪري ته ان تي انهن ٻنهين جي طواف ڪرڻ ۾ ڪو گناه نه آهي ۽ جيڪو به پنهنجي خوشيءَ سان ڀلائي ڪندو ته بيشڪ الله قدردان ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ صفا ۽ مروه (مڪي جون ٻئي پهاڙيون) الله جي نشانين مان آهن، پوءِ جيڪو ماڻهو بيت الله جو حج ڪري يا عمرو ادا ڪري ته ان تي ڪو گناهه نه آهي جو انهن ٻنهين جي وچ ۾ (سعي جا) چڪر لڳائي. ۽ جيڪو ماڻهو نفلي نيڪي ڪري ٿو ته پوءِ بيشڪ الله (وڏو) قدردان، ڄاڻــــڻـــــهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صفا، مروو صاحب جي، نيشانيان نِروار، پوءِ، جو هليو، ڀلي بيت لئي، ڪِ ڪيو عمرو اختيار، پوءِ ڪيائين، طواف تن جو، ته بلڪل نه مٿس بار، ۽ جنهن خير جي خيال سان، پڙهيو نفل نِبار، ته صاحب سمجھدار، پڻ ڳـُڻ موک آهي، مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ صفا ۽ مروه الله جي نشانين مان آهن، پوءِ جيڪو ڪعبي جو حج يا عمرو ڪري، تنهن کي انهن ٻنهي جي طواف ڪرڻ ۾ ڪو گناهه نه آهي ۽ جيڪو خوشيءَ سان ڪا نيڪي ڪندو ته الله ان جو قدر ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ صفا ۽ مروه الله جي نشانين منجهان آهن، تنهنڪري جيڪو ماڻهو بيت الله جو حج يا عمرو ڪري ان لاءِ ڪابه گناهه جي ڳالهه ناهي جو هو انهن ٻنهي ٽڪرين جي وچ ۾ سعي ڪري ۽ جيڪو پنهنجي خوشيءَ سان ڪوبه ڀلائيءَ جو ڪم ڪندو ته الله کي ان جي ڄاڻ آهي ۽ هو ان جو قدر ڪرڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يقينًا صفا ۽ مروه الله جي نشانين مان آهن، تنهن ڪري جيڪو شخص بيت الله جو حج يا عمرو ڪري، ان لاءِ ڪابه گناهه جي ڳالهه ناهي ته اهو انهن ٻنهي ٽڪرين جي وچ ۾ ڊوڙي ته جيڪو رضا ۽ خوشيءَ سان ڪو خير جو ڪم ڪندو ته الله کي ان جو علم آهي ۽ اهو سندس قدر ڪندو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ صَفا ۽ مَروَه ٽڪريون، الله تعالى جي خاص نشانين مان آهن، تنھنڪري جيڪو حَجُّ ۽ عمرو ڪندڙ، انهن ٻنهي ٽڪرين جي وچ ۾ طواف (۽ سعي) ڪندو ته (اهو عمل ثواب وارو آهي) ان ۾ گناهه جي ڪابه ڳالهه نه آهي. نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ واري ڪم کان الله تعالى خوب واقف آهي ۽ هو ڀلائيءَ جي ڪمن جو وڏو قدردان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالهُدىٰ مِن بَعدِ ما بَيَّنّٰهُ لِلنّاسِ فِى الكِتٰبِ أُولٰئِكَ يَلعَنُهُمُ اللَّهُ وَيَلعَنُهُمُ اللّٰعِنونَ (آيت : 159) |
جيڪي پڌريون ڳالھيون ۽ ھدايتون لاٿيون اٿئون تن کي جيڪي (ماڻھو) اُن کانپوءِ جي اُنھن کي ماڻھن لاءِ ڪتاب (توريت) ۾ ظاھر ڪيوسون، لڪائيندا آھن تن تي الله لعنت ڪندو آھي ۽ لعنت ڪندڙ (به) انھن تي لعنت ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو (ڪنهن نقصان يا تڪليف جي خوف کان يا ڪنهن لالچ سبب) اسان جي نازل ڪيل سچائي جي روشن دليلن ۽ هدايتن کي لڪائين ٿا جيتوڻيڪ اسان انهن کي انسانن لاءِ ڪتاب ۾ چڱي طرح بيان ڪيو آهي تن تي يقيناً الله تعاليٰ لعنت ڪري ٿو (اهي رحمت کان محروم رهجي وڃن ٿا) ۽ لعنت ڪرڻ وارا به هنن تي لعنت ٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي اسان جي دليلن ۽ هدايت کي لِڪائن ٿا انهيءَ کان پوءِ جو ماڻهن لاءِ اسان قرآن ۾ بيان ڪيو آهي، انهن تي الله جي لعنت آهي ۽ لعنت ڪن ٿا لعنت ڪندڙ.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان جيڪي پڌريون ڳالهيون ۽ هدايت نازل ڪئي تن کي جيڪي لڪائن ٿا، هن کان پوءِ به جو اسان انهن ماڻهن لاءِ ڪتاب ۾ صاف بيان ڪيو آهي، تن تي الله لعنت ڪري ٿو ۽ لعنت ڪندڙ به انهن تي لعنت ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي شخص جو لڪائن ٿا اهي ڳالهيون جو لاٿيون اسان روشن دليلن ۽ هدايت مان ان کان پوءِ جو بيان ڪيوسون انهن کي ماڻهن جي لاءِ ڪتاب ۾ اهي ئي اهي آهن جو لعنت ٿو ڪري انهن تي الله ۽ لعنت ٿا ڪن انهن تي لعنت ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسان جيڪي پڌريون ڳالهيون ۽ هدايت نازل ڪئي تن کي جيڪي لڪائين ٿا، هن کان پوءِ به جو اسان انهن کي ماڻهن لاءِ ڪتاب ۾ بيان ڪيو آهي تن تي الله لعنت ڪري ٿو ۽ لعنت ڪندڙ به انهن تي لعنت ڪن ٿا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جيڪي ماڻهو لِڪائن ٿا انهن چِٽِيُن نشانيُن ۽ هدايت کي جي اسان نازل ڪيون آهن، ان کان پوءِ جو اسان ان کي ڪتاب ۾ ماڻهن لاءِ پڌرو (به) ڪري ڇڏيو آهي (ته) اهي اهڙا ماڻهو آهن جن تي الله لعنت ڪري ٿو ۽ لعنت ڪرڻ وارا به انهن تي لعنت ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي لڪائنِ لوڪ کان، جي اُتارياسون عيان، حڪم ۽ هدايتون، جنهن بعد ڪياسون بيان، ماڻهن ڪاڻ، ڪتاب ۾؛ تن تي ڌڻي دَيَّان، ڪري لعنت لَعان، ۽ لعنت ڏيندڙ لعنتون. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص اسان جا لاٿل چٽا حڪم ۽ هدايتون، ماڻهن لاءِ ڪتاب ۾ ظاهر ٿيڻ کان پوءِ به لڪائين ٿا انهن تي الله ۽ لعنت ڪندڙ لعنت ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو اسان جي نازل ڪيل چٽي تعليم ۽ هدايتن کي لڪائن ٿا، حالانڪه اسان انهن کي سڀني انسانن جي هدايت خاطر پنهنجي ڪتاب ۾ کولي بيان ڪري چڪا آهيون، پڪ ڄاڻو ته الله به انهن تي لعنت ٿو ڪري ۽ سڀئي لعنت ڪندڙ به مٿن لعنت ٿا ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي شخص اسان جي نازل ڪيل روشن تعليم ۽ هدايت کي لڪائن ٿا، جڏهن ته اسان انهن کي سڀني انسانن جي رهنمائي لاءِ پنهنجي ڪتاب ۾ بيان ڪيو آهي، يقين ڄاڻو ته الله به انهن تي لعنت ڪري ٿو ۽ سڀئي لعنت ڪرڻ وارا به لعنت ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪي ماڻهو آزمائش تي صبر ڪرڻ بجاءِ (دنياوي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ) اسان جي طرفان موڪليل تعليمات ۽ روشن هدايت کي لڪائين ٿا، حالانڪه اسان انهن ڳالهين کي هڪ هڪ ڪري پنھنجي ڪتاب ۾واضح طريقي سان بيان ڪري چڪا آهيون. اهڙن ماڻھن تي الله تعالى لعنت ڪري ٿو ۽ هر فرمانبردار مخلوق به انهن تي لعنت ڪري ٿي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَبَيَّنوا فَأُولٰئِكَ أَتوبُ عَلَيهِم وَأَنَا التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 160) |
پر جن توبه ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون ۽ بيان ڪيائون تن تي (ٻاجھ سان) موٽندس، ۽ آءٌ ڏاڍو ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪي ماڻهو گناهن کان توبهه ڪن ٿا ۽ پاڻ کي سڌارين ٿا ۽ (حق لڪائڻ بدران) حق کي ظاهر ڪن ٿا ته پوءِ مان سندس توبهه قبول ڪيان ٿو. بلاشبه مان توبهه قبول ڪندڙ ۽ رحم وارو آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر اهي ماڻهو جيڪي توبه تائب ٿيا ۽ چڱا ڪم ڪيائون ۽ ظاهر ڪيائون پوءِ آئون انهن جي توبه قبول ڪندس، ۽ آئون توبه قبول ڪندڙ ٻاجهارو آهيان.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جن ماڻهن (حق لڪائڻ کان) توبه ڪئي ۽ پنهنجي خرابيءَ کي سڌاريو ۽ (جو ڪجھ خدا جي ڪتاب ۾ آهي) کولي (صاف صاف) بيان ڪيو تنهن جي آءُ توبه قبول ڪريان ٿو ۽ آءُ ته گهڻي مهرباني ڪندڙ ۽ توبه قبول ڪرڻ وارو آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر اهي شخص جو توبہ ڪيائون ۽ پاڻ سڌاريائون ۽ بيان ڪيائون پوءِ اهي توبہ قبول ٿو ڪيان انهن جي ۽ مان توبہ قبول ڪندڙ آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جن توبه ڪئي ۽ (پنهنجي ڪم کي) سڌاريو ۽ بيان ڪيو تن تي آءُ مهرباني ڪندس ۽ آءُ گهڻو مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ انهن ماڻهن جي جن توبه ڪئي ۽ (پنهنجو) اصلاح ڪيائون ۽ )حق کي( ظاهر ڪيائون ته پوءِ اهي ماڻهو آهن جن جي آءُ توبه قبول ڪندس ۽ آءُ وڏو توبه قبول ڪندڙ ٻاجهارو آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽيا جي، مگر، صحِي سُڌاريون پاڻ کي، ۽ کوليون سچيون ثابتيون، پوءِ ترت وَران، تن سر، ۽ آئون وَر وَر ڪندڙ وَر، مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جن توبهه ڪئي، پاڻ سڌاريائون ۽ ظاهر ڪيائون، ته آءٌ اهڙن جي توبهه قبول ڪريان ٿو ۽ آءٌ ئي معاف ڪندڙ مهربان آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جيڪي انهيءَ هلت کان مڙي ويندا ۽ پنهنجي چال سڌاريندا ۽ جيڪو لڪائيندا هئا، ان کي کولي بيان ڪندا، انهن کي مان بخشي ڇڏيندس ۽ مان ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) البته انهيءَ هلت کان جيڪي رڪجي توبه ڪن ۽ پنهنجي اصلاح ڪن ۽ اهو بيان ڪرڻ لڳن جو ڪجهه لڪائيندا هئا ته انهن کي معاف ڪندس ۽ آءٌ درگذر ڪندڙ ۽ رحم وارو آهيان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سواءِ انهن ماڻھن جي جيڪي پنھنجي ان عمل کان بيزار ٿي توبہ ڪن ٿا ۽ پنھنجي اندر سڌارو آڻين ٿا ۽ (حق ڳالهه کي لڪائڻ بجاءِ) ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ تيار رهن ٿا ته مان به کين معاف ڪندس ۽ مان ئي معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ عَلَيهِم لَعنَةُ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 161) |
جن ڪفر ڪيو ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا تن تي الله ۽ ملائڪن ۽ مڙني ماڻھن جي لعنت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جن ماڻهن حق کان انڪار ڪيو ۽ ڪفر جي حالت ۾ مري ويا (۽ سڌرڻ جو وجهه وڃائي ڇڏيائون) انهن تي الله تعاليٰ جي، ملائڪن جي ۽ انسانن جي، سڀني جي لعنت پئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ مُئا انهيءَ حال ۾ جو اهي ڪافر هئا انهن تي الله تعالى ملائڪن ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ ڪافر ٿي مئا تن تي الله ۽ ملائڪن ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ڪفر اختيار ڪيو ۽ مئا ان حال ۾ جو اهي ڪافر هئا اهي انهن تي لعنت آهي الله جي ۽ ملائڪن جي ۽ سڀني ماڻهن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ اهي ڪافر ٿي مئا تن تي الله ۽ ملائڪن ۽ ماڻهن سڀني جي لعنت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن ڪفر (اختيار) ڪيو ۽ ڪفر جي حال ۾ مري ويا ته اهي ماڻهو آهن جن تي الله جي لعنت آهي ۽ ملائڪن جي ۽ سڀ ماڻهن جي (لعنت آهي).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڦِريا، جي فرمان کان، مُئا ٿِي مُنڪر، لعنت لاشريڪ جِي، تن سِر سر بسر، مَلڪن جِي مُقرّر، پڻ سندِني مِڙني ماڻهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جيڪي ڪافر ٿيا ۽ ڪفر ۾ ئي مري ويا، اهڙن تي الله ۽ ملائڪن ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ ڪفر جي ئي حالت ۾ دم ڏنائون، انهن تي الله ۽ ملائڪن ۽ سڀني انسانن جي لعنت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر جي هلت اختيار ڪئي ۽ ڪفر جي حالت ۾ ئي جان ڏني انهن تي الله ۽ فرشتن ۽ مڙني انسانن جي لعنت آهي (انهيءَ لعنت واري حالت ۾)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جن ماڻھن آخر تائين ڪفر ڪيو ۽ ڪفر جي ئي حالت ۾ مري ويا، ته انهن تي الله تعالى جي لعنت آهي ۽ ملائڪن، انسانن ۽ سڄي مخلوق جي به انهن تي لعنت آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 162) |
اُن لعنت ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، کانئن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ نڪي کين مھلت ڏبي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هميشه لعنت جي حالت ۾ رهندا، نڪي هنن جي عذاب ۾ هلڪائي ڪئي ويندي، نڪي کين مهلت ملندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اُهي) هميشہ لعنت ۾ رهندا، نه انهن تان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي مهلت ڏني ويندي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هميشه ان لعنت ۾ پيا رهندا. نه انهن تان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي (عذاب کان) مهلت ئي ڏني ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هميشہ رهندا ان ۾ نه هلڪو ڪيو ويندو انهن تان عذاب ۽ نه اهي مهلت ڏنا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان (لعنت) ۾ پيا رهندا. نه انهن تان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي مهلت ڏني ويندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اهي) هميشه ان (لعنت) ۾ رهندا ۽ نه انهن تان عذاب هلڪو ڪيو ويندو نه انهن کي مُهلت ڏني ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هونِ هميشه اُن ۾، ۽ انهن تان آزار، هَلڪو نه ڪِبو هيڪار، ۽ نه ملندينِ، مدد مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ۾ هميشه رهندا، نه انهن کان عذاب هلڪو ڪبو، نڪي کين مهلت ملندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ لعنتي حالت ۾ هو هميشه پيل هوندا، نه سندن سزا ۾ ڪا هلڪائي ٿيندي ۽ نه وري انهن کي ڪا ٻي مهلت ئي ملندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي هميشه اتي رهندا، نه انهن جي سزا ۾ ڪمي ايندي ۽ نه انهن کي ڪا ٻي مهلت ئي ڏني ويندي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (مرڻ کان پوءِ به) هو هميشه لعنت واري زندگيءَ ۾ رهندا ۽ انهن جي عذاب ۾ ڪنھن به قسم جي گهٽتائي نه ڪئي ويندي ۽ کين مھلت ڏيڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 163) |
۽ اوھان جو خدا اڪيلو خدا آھي، ان کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، (اُھو) ٻاجھارو مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) اوهان جو معبود هڪ ئي معبود آهي، هن جي ذات کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي جنهن جي عبادت ڪري سگهجي ۽ هو ڏاڍو مهربان ۽ وڏي رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جو معبود الله هڪ آهي، ناهي ڪو عبادت جي لائق مگر اهو مهربان ٻاجهارو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان جو معبود هڪ الله ئي آهي. ان کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. جو وڏو مهربان نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ معبود اوهان جو هڪ معبود آهي ان کان سواءِ ڪو به عبادت جو لائق نه آهي اهو وڏو مهربان هميشہ رحم ڪندڙ آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان جو معبود هڪ الله آهي. ان کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي جو وڏو مهربان نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان جو معبود،”هڪ معبود“ آهي. ڪو به عبادت جي لائق نه آهي سواءِ ان جي، اهو وڏو مهربان، ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڌڻي اوهان جو، هيڪ ڌڻي، ٻئون ڌڻي نه، اِنهيان ڌار، سڀ ڏيهَن جو ڏاتار، مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان جو سائين هڪڙو ئي سائين آهي، ان ڌاران ٻيو ڪو به سائين نه آهي، هو وڏو مهربان نهايت رحم وارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جو معبود ته اهو آهي جيڪو اڪيلو ئي معبود آهي، انهيءَ رحمان ۽ رحيم کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان جو خدا هڪ ئي خدا آهي، ان رحمان ۽ رحيم کان سواءِ ڪو ٻيو خدا نه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جو معبود ته بس هڪڙو ئي (اڪيلو) معبود آهي، الله بيحد مھربان ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي جنهن کانسواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق ناهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَالفُلكِ الَّتى تَجرى فِى البَحرِ بِما يَنفَعُ النّاسَ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن ماءٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَتَصريفِ الرِّيٰحِ وَالسَّحابِ المُسَخَّرِ بَينَ السَّماءِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 164) |
آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ ( ۾)، ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير ( ۾)، ۽ ٻيڙيون جي اُنھيءَ (سامان) سان جو ماڻھن کي نفعو ڏيندو آھي درياءَ ۾ ترنديون آھن تن ( ۾)، ۽ جيڪي آسمان کان (مينھن جو) پاڻي الله وسايو پوءِ اُن سان زمين کي ان جي وسامڻ کانپوءِ آباد ڪيائين تنھن ( ۾)، ۽ اُن (زمين) ۾ سڀ جنس جا جانور پکيڙيائين تنھن ( ۾)، ۽ ھوائن جي گھلڻ ( ۾)، ۽ آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ نوايلن ڪڪرن ۾، سمجھ واريءَ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً زمين ۽ آسمان جي حيرت انگيز خلقت ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۾، جهازن ۾ جيڪي انسان جي نفع وارين شين سان سمنڊ ۾ هلن ٿا ۽ برسات ۾، جا الله تعاليٰ آسمان مان نازل ڪري ٿو جنهن جي برڪت سان مئل ڌرتي کي جيئرو ڪري ٿو ڇڏي (يعني زمين سرسبز ٿئي ٿي) ڳالهه ۾ ته زمين تي هر قسم جي جانورن کي پکيڙي ٿو ڇڏي ۽ هوائن کي هيڏي هوڏي ڦيرائڻ ۾ ۽ ڪڪرن ۾ جي زمين ۽ آسمان جي وچ تي (مقرر حدن اندر) حڪم هيٺ ٻڌل رهن ٿا، (انهن سڀني ۾) انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل هلائين ٿا (الله تعاليٰ جي هستي ۽ هيڪڙائي ۽ سندس رحمت جي قانونن جون) وڏيون نشانيون موجود آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ آسمانن ۽ زمينن جي پيدائش ۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۽ ٻيڙي جيڪا درياء ۾ ماڻهن جي فائدي لاءِ هلي ٿي ۽ اهو جيڪي الله تعالى آسمانن مان پاڻي نازل ڪري غيرآباد زمين کي آباد ڪيو ۽ زمين ۾ هر قسم جا جانور پکيڙيا ۽ هوائن جو ڦِرڻ ۽ ڪڪر جيڪي آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ فرمانبردار آهن، انهن سڀني ۾ عقلمندن لاءِ ضرور نشانيون آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ ٻيڙين (۽ جهازن) ۾ جي ماڻهن جي فائدي جو سامان (واپار وغيره) سان دريا ۾ هلن ٿيون ۽ جيڪي پاڻي الله آسمان مان لاٿو آهي، ان سان مئل (خشڪ ۽ بيڪار) زمين کي جياريو اٿس ۽ ان ۾ هر قسم جا جانور به پکيڙيا اٿس (تنهن ۾) ۽ هوائن جي بدلجڻ ۾ ۽ ڪڪرن ۾ جيڪي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ڪم تي لڳايل آهن. (انهن سڀني ڳالهين ۾) سمجھ وارن جي لاءِ (تمام وڏيون) نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي ڦير ڦار ۾ ۽ ٻيڙين ۾ جيڪي هلن ٿيون سمنڊ ۾ جيڪي نفعو ٿيون پهچائن ماڻهن کي جيڪي لاٿو الله آسمان مان (مينهن جو) پاڻي پوءِ آباد ڪيائين ان سان زمين کي ان جي برباد ٿيڻ کان پوءِ ۽ پکيڙيائين ان ۾ هر قسم جا جانور ۽ هوائن جي ڦيرائڻ ۾ ۽ ڪڪرن ۾ جيڪي مطيع ڪيل آهن آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ البته نشانيون آهن ان قوم لاءِ جيڪي عقل رکن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ ٻيڙين ۾ جي ان (سامان) سان درياءَ ۾ هلن ٿيون جو، ماڻهن کي فائدو پهچائي ٿو ۽ جيڪو پاڻي الله آسمان مان لاٿو آهي پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياريو اٿس ۽ ان ۾ سڀ جانور پکيڙيا اٿس (تنهن ۾ ) ۽ هوائن جي بدلجڻ ۾ ۽ ڪڪرن ۾ جيڪي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ڪم ۾ لڳايل آهن سمجهه واري قوم لاءِ نشانيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي مٽجڻ ۾، ۽ انهن ٻيڙين ۾ جيڪي سمنڊن ۾ ماڻهن جي نفعي جي سامان سميت هلن ٿيون ۽ ان (مينهن جي) پاڻي ۾ جيڪو الله آسمان کان لاهي ٿو، جنهن سان زمين کي مرده ٿي وڃڻ بعد زنده ڪري ٿو، ۽ ان (زمين ۾) هر قسم جي جانورن کي پکيڙي ٿو ۽ هوائن جا رخ مٽائڻ ۾ ۽ ڪڪر ۾ جيڪو آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ (الله جي حڪم جو) پائبند آهي (انهن سڀني ڳالهين ۾) عقل وارن لاءِ ضرور نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اصل اڀ ۽ زمين جي، جوڙڻ منجھ جنسار، ۽ ڦيرڻ ۾، ڏينهن رات جي، ۽ ٻيڙا هلن منجھ ٻار، جو ماڻهن ڏي مورهين، وَٽو منجھ واپار، ۽ جو الله، آب اُڀ ڪنان، نازل ڪيو نِبار، پوءِ ساڻِس سَر ساوا ڪيا، سوڪسِ بعد، ستار پڻ پکيڙيائين اُن ۾، چُرندڙ سڀ چوڌار ۽ وارڻ واء وَٺي جا، پڻ ڪڪر ڪارونڀار اُڀ ۽ ڀون وچ، سندس امرجا، تهدل تابعدار، نشانيون نروار، جي سمجھن، تنهين سات لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ، رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ، سمنڊ ۾ ماڻهن جي فائدي جون شيون کڻي هلندڙ ٻيڙين ۽ الله جيڪو آسمان مان پاڻي لاهي ٿو ۽ ان سان مئل زمين کي جيئاري ٿو ۽ ان ۾ سڀ قسم جا جانور پکيڙي ٿو، ۽ هوائن جي بدلجڻ ۽ آسمان ۽ زمين وچ ۾ نوايل ڪڪرن، انهن سڀني ۾ عقلمندن لاءِ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهيءَ حقيقت کي سمجهڻ لاءِ جيڪڏهن ڪا نشاني يا علامت گهربل آهي ته) جيڪي ماڻهو عقل کان ڪم وٺن ٿا انهن لاءِ آسمانن ۽ زمين جي اڏاوت ۾، رات ڏينهن جي هڪ ٻئي پويان ايندي رهڻ ۾ ۽ انهن ٻيڙين ۾ جيڪي ماڻهن جي فائدي جون شيون کنيو دريائن ۽ سمنڊن ۾ هلن چلن ٿيون، مينهن جي انهيءَ پاڻيءَ ۾ جنهن کي الله مٿان وسائي ٿو، پوءِ وري ان جي وسيلي مئل زمين کي جيئاري ٿو ۽ پنهنجي انهيءَ انتظام ذريعي زمين ۾ هر قسم جي ساهواري مخلوق پکيڙي ٿو، هوائن جي ڦرڻ گهرڻ ۾ ۽ انهن ڪڪرن ۾ جيڪي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ حڪم جا تابع بنائي رکيا ويا آهن، بيشمار نشانيون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ان حقيقت کي ڄاڻڻ لاءِ جيڪا نشاني گهرجي ته) جيڪي ماڻهو عقل کان ڪم وٺن ٿا، انهن لاءِ آسمانن ۽ زمين جي بناوت ۾، رات ۽ ڏينهن جي لاڳيتو هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۾ انهن ٻيڙين ۾ جي سمنڊن ۾ هلنديون رهن ٿيون جيڪي انسانن جي فائدي جون شيون کنيو، ۽ بارش جي ان پاڻيءَ ۾ جنهن کي الله مٿان وسائي ٿو، پوءِ ان وسيلي زنده ڪري ٿو مئل زمين کي ۽ پنهنجي انهيءَ انتظام سان زمين ۾ هر قسم جي جاندار مخلوق کي پکيڙي ٿو، هوائن جي گردش ۾ ۽ انهن ڪڪرن ۾ جيڪي آسمان جي وچ ۾ تابع بڻائي رکيا ويا آهن، ۽ زمين بيشمار نشانيون آهن عقل رکڻ وارن جي لاءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ، رات ۽ ڏينھن ۾ هڪجھڙائي نه هجڻ ۾، انهن ٻيڙن (۽ جهازن) ۾، جيڪي ماڻھن جي ضرورت جون شيون کڻي سمنڊ ۾ هلندا رهن ٿا، الله تعالى جي طرفان آسمان مان اهڙو پاڻي نازل ڪرڻ ۾، جنھن سان غيرآباد زمين فوراً آباد ٿي وڃي ٿي ۽ (وري ان زمين جي آباد ٿيڻ سان ئي) جاندار مخلوق جي ڦھلجڻ ۾، هوائن جي تبديل ٿيڻ ۾۽ ڪڪرن جي باقاعده آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ گردش ڪندي رهڻ ۾، سوچڻ ۽ سمجهڻ وارن لاءِ گهڻيون ئي نشانيون آهن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَتَّخِذُ مِن دونِ اللَّهِ أَندادًا يُحِبّونَهُم كَحُبِّ اللَّهِ وَالَّذينَ ءامَنوا أَشَدُّ حُبًّا لِلَّهِ وَلَو يَرَى الَّذينَ ظَلَموا إِذ يَرَونَ العَذابَ أَنَّ القُوَّةَ لِلَّهِ جَميعًا وَأَنَّ اللَّهَ شَديدُ العَذابِ (آيت : 165) |
۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي الله کانسواءِ (ٻـين کي) الله جھڙو ڪري وٺندا آھن الله جي پيار وانگر پيارو رکندا اٿن، ۽ جن ايمان آندو سي الله جي دوستيءَ ۾ ڏاڍا زور آھن، ۽ جن ظلم ڪيو سي جيڪڏھن (ھن ڳالھ کي ھاڻي) سمجھن ته جنھن مھل (قيامت جي ڏينھن) عذاب ڏسندا ( ۽ سمجھندا) ته سموري سگھ الله کي آھي ۽ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي (ته جيڪر ڏاڍا پشيمان ٿين).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪي انسان اهڙا به آهن جيڪي خدا سان ٻين هستين کي شريڪ ۽ ڀائيوار ڪن ٿا ۽ انهن سان اهڙي محبت رکن ٿا جهڙي فقط الله سان رکڻ گهرجي، پر اهي جيڪي الله تي ايمان رکن ٿا تن جي دلين ۾ الله جي حب سڀني کان زياده آهي. جا ڳالهه ظالم انهيءَ وقت سمجهندا ۽ محسوس ڪندا جنهن وقت عذاب هنن جي اڳيان اچي ويندو (سا ڳالهه هن وقت محسوس ڪن ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي. انهيءَ ڏينهن هو چڱي طرح ڏسندا ته) بلاشبه هر قسم جي قوت فقط الله کي آهي ۽ (حق جي قانونن ڀڃڻ وارن لاءِ) الله تعاليٰ جو عذاب تمام سخت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪجهه ماڻهو الله کان سواءِ ٻيا معبود وٺن ٿا جو انهن کي الله تعالى وانگر پسند ڪن ٿا، ۽ مؤمنن کي الله کان زياده ڪنهن سان محبت ناهي، ۽ جيڪڏهن ظالم اهو وقت ڏسن ها جڏهن عذاب انهن جي اکين اڳيان ايندو، ڇو ته سڀ طاقت الله کي آهي، انهي لاءِ جو الله جو عذاب تمام سخت آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ماڻهن ۾ اهي به آهن جي، خدا کان سواءِ (ٻين کي به) سندس برابر بڻائن ٿا (۽) جهڙي محبت خدا سان ڪرڻ گهرجي تهڙي انهن سان رکن ٿا. ۽ جي ماڻهو ايمان دار آهن اهي انهن کان گهڻو وڌيڪ الله سان الفت رکن ٿا، ۽ جيڪر ظالمن کي هن وقت اها ڳالھ سجهي ها! جا ڳالھ انهن کي عذاب ڏسڻ کان پوءِ سجهندي ته (واقعي) هر طرح جي طاقت خدا کي ئي آهي، پڻ هي ته بيشڪ خدا جو عذاب سخت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بعضي ماڻهو اهي آهن جو وٺن ٿا الله کان سواءِ (ٻين کي) شريڪ ڪري محبت ٿا رکن انهن سان الله جي محبت جهڙي ۽ جن ايمان آندو وڌيڪ محبت وارا آهن الله جي لاءِ ۽ جيڪڏهن (هاڻي ئي) سمجهن ها ظلم (جيڪو اڳتي هلي سمجهندا) جنهن وقت ڏسندا عذاب ته بيشڪ سڀ طاقتون الله جون آهن ۽ بيشڪ الله سخت آهي عذاب ڪرڻ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ماڻهن مان اهي به آهن جي الله کان سواءِ (ٻين کي) سندس برابر ڪري وٺن ٿا، انهن سان الله جي محبت جهڙي محبت رکن ٿا ۽ جن ايمان آندو سي الله جي محبت ۾ زياده سخت آهن. ۽ جيڪڏهن ظالم ان وقت کي ڏسن جڏهن عذاب ڏسندا ته (يقين ڪندا) ته بيشڪ ساري قوت الله کي آهي. ۽ بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي الله جي غيرن کي الله جو همسر ڪري وٺن ٿا. انهن سان الله جي محبت جهڙي محبت رکن ٿا. ۽ اهي ماڻهو جن ايمان آندو سي الله سان محبت ۾ زور پُختا هوندا آهن ۽ جيڪڏهن اُهي ظالم (اڄ ئي) ان وقت کي ڏسن جڏهن عذاب کي سامهون ڏسندا ته پڪ (سمجهندا ته) سڀ طاقتن جو مالڪ الله آهي ۽ بيشڪ الله سزا ڏيڻ ۾ زور سخت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُقرّر ڪن، ماڻهن مان، ڪي جَھالُون کان جبار، پرورجي، پريت جِھو، تن سان ڪن پيار، ۽ جن آندو اعتبار، سي سِڪن، سائينءَ کي گھڻو. ۽ هوند! سمجھن حال سو، ڪيا، جن ڪَلور، جڏهن ڏسن عذاب کي، پوي کِينِ پرور، ته آهي هڪ اللهَ کي، سڀئي زور ضرور، ۽ مولاسائين مور، سزا ڏين ۾، سخت گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جي الله ڌاران ٻين کي سندس شريڪ بڻائين ٿا، جو انهن سان الله جهڙي محبت رکن ٿا، پر ايمان وارا ته الله جي ئي محبت ۾ وڌيڪ پختا آهن، جيڪڏهن اهي ظالم اهو هينئر ئي سمجهن، جڏهن عذاب کي ڏسي سمجهندا، ته سموري قوت الله کي ئي آهي ۽ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي، (ته ڪهڙو نه چڱو). (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (پر الله جي هيڪڙائيءَ کي ثابت ڪرڻ وارين انهن پڌرين نشانين جي هوندي) ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي الله کان سواءِ ٻين کي ٿا ان جو شريڪ بڻائن ۽ ساڻن اهڙي ٿا محبت ڪن جهڙي محبت الله سان هئڻ گهرجي، حالانڪه ايمان وارا ماڻهو ته سڀ کان وڌيڪ الله کي ٿا محبوب رکن. جيڪر ته جيڪا ڳالهه عذاب کي آڏو ڏسي کين سمجهه ۾ ايندي سا اڄ ئي انهن ظالمن کي سمجهه ۾ اچي ته سڀئي طاقتون ۽ سڀئي اختيار الله جي ئي هٿ آهن ۽ اها ڳالهه به ته الله سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو سخت آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي الله کان سواءِ ٻين کي سندس مد مقابل بنائن ٿا ۽ انهن سان اهڙي محبت ڪن ٿا، جيتري الله سان ڪرڻ گهرجي جڏهن ته ايمان رکڻ وارا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ الله کي محبوب رکن ٿا! عذاب کي سامهون ڏسي اهي ظالم جيڪا ڳالهه سندن ذهن ۾ اچڻ واري آهي کين سمجهه ۾ اچي اها اڄ ئي ته بيشڪ سڀ طاقتون ۽ اختيار الله جي قبضي ۾ آهن بيشڪ الله تمام سخت آهي سزا ڏيڻ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (مٿيون سڀ ڳالهيون ڏسي وائسيِ به) ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي الله تعالى کان سواءِ ٻين کي شريڪ ڪن ٿا ۽ انهن سان اهڙي محبت رکن ٿا، جيڪا حقيقت ۾ الله تعالى سان محبت رکڻ جو حق آهي، حالانڪه ايمان وارن جي ته ڪيفيت اها هُوندِي آهي، جو هو الله تعالى سان سڀني کان وڌيڪ محبت رکندا آهن. ظلم(يعني شرڪ ) ڪرڻ وارن کي جيڪا ڳالهه روبرو عذاب ڏسڻ کان پوءِ دماغ ۾ ويھندي، ڪاش! (اها جيڪڏهن اڄ دماغ ۾ ويھجي وڃي ته) انهن کي خبر پئجي ويندي ته واقعي هر شيءِ تي طاقت ۽ اختيار صرف الله تعالى جو ئي آهي ۽ الله تعالى ئي واقعي سخت عذاب ڏيندو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ تَبَرَّأَ الَّذينَ اتُّبِعوا مِنَ الَّذينَ اتَّبَعوا وَرَأَوُا العَذابَ وَتَقَطَّعَت بِهِمُ الأَسبابُ (آيت : 166) |
جنھن مھل اڳواڻ پٺيان لڳندڙن کان بيزار ٿيندا ۽ عذاب کي ڏسندا ۽ سندن (سڀ) لاڳاپا ڇڄندا،(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ياد رکو ته، (ڪوڙا ليڊر ۽ پيشوا) جن جي پيروي ڪئي ويئي هئي، پنهنجهي پيروي ڪندڙن کان بيزاري ظاهر ڪندا (يعني چوندا ته اسان جو هنن سان ڪوبه واسطو ڪونهي) ڇو ته هو پنهنجي اکين سان عذاب ڏسندا ۽ هنن جا هڪ ٻئي سان لاڳاپا ۽ وسيلا ٽٽي ويندا (ڪوبه ڪنهن جي مدد يا فڪر نه ڪندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن بيزار هوندا اڳواڻ پنهنجن پيروي ڪندڙن کان ۽ عذاب ڏسندا ۽ سندن پاڻ ۾ تعلقات ڪٽجي ويندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو وقت ڪهڙو نه سخت هوندو) جنهن وقت پيشوا ماڻهو پنهنجي پيروي ڪندڙن کان بيزار ٿيندا ۽ اکين سان عذاب کي ڏسندا ۽ سندن لاڳاپا ٽٽي ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن وقت بيزار ٿيندا اهي شخص جو تابعداري ڪيا ويا انهن کان جو سندن تابعدار ٿيا ۽ ڏسندا عذاب کي ۽ ٽٽي ويندا انهن جا تعلقات .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن وقت اڳواڻ تابعدارن کان بيزار ٿيندا ۽ عذاب ڏسندا ۽ سندن (سڀ) لاڳاپا وڍجي ويندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن بيزار ٿيندا (اڳواڻ) جن جي پيروي ڪئي وئي سي پنهنجي پيروڪارن کان ۽ (سڀ) عذابِ الاهي ڏسندا ۽ انهن جا سڀ سبب ٽٽي پوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن، تابع ٿيا جن جا، سي ڀڄِي ٿيا بيزار، اُنهن کان، جي تن جا هئا، تهدِل تابعدار، ۽ سُوٺائون سزا کي، اکين سان آزار، ۽ وڍجِي وئا تنهن وار، لڳ لاڳاپا اُنهن جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اڳواڻ پنهنجي پوئلڳن کان بيزار ٿيندا ۽ عذاب کي ڏسندا۽ سندن سڀ لاڳاپا ڇڄي ويندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن هو سزا ڏيندو ته ان وقت حالت اها هوندي جو اهي اڳواڻ ۽ رهنما جن جي دنيا ۾ پوئلڳي ڪئي ويندي هئي، پنهنجن پوئلڳن کان بيزاريءَ جو اعلان ڪندا، پر سزا ضرور لهندا ۽ سندن سڀ وسيلا وڙا ٽٽي ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن هو سزا ڏيندو ته اهي ئي اڳواڻ جن جي دنيا ۾ ۾ پيروي ڪئي وئي هئي، پنهنجي پيروڪارن کان لاتعلقي جو اظهار ڪندا، پر سزا ڀوڳڻي ئي پوندن ۽ سندن لاڳاپا ڪٽجي ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن عذاب ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، ته هي هٿرادو اڳواڻ جن جي دنيا ۾ الله تعاليٰ کي ڇڏي اطاعت ڪئي ويندي هئي، پنھنجي مڃيندڙن کان لا تعلقيءَ جو اعلان ڪندي، بيزاري ظاهر ڪندا (سزا ته کين ضرور ملندي) پر سندن سڀئي لاڳاپا به (هميشه لاءِ) ختم ٿي ويندا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ الَّذينَ اتَّبَعوا لَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَتَبَرَّأَ مِنهُم كَما تَبَرَّءوا مِنّا كَذٰلِكَ يُريهِمُ اللَّهُ أَعمٰلَهُم حَسَرٰتٍ عَلَيهِم وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنَ النّارِ (آيت : 167) |
۽ (تنھن مھل) پٺيءَ لڳندڙ چوندا ته جيڪر اسان کي (وري دنيا ۾) موٽڻو ھجي ھا ته کانئن ائين بيزار ٿيون ھا جئن اسان کان بيزار ٿيا آھن، اھڙي طرح الله سندن ڪرتوتن کي مٿن پشيمانيون بڻائي ڏيکاريندو، ۽ اُھي باھ مان نڪرڻ وارا نه آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اهي ماڻهو جن (ڪوڙن پيشوائن جي) پيروي ڪئي هئي، سي پڪاريندا ته، هاءِ اسان کي هڪ دفعو وري دنيا ۾ موٽايو وڃي ته اسان هنن (ڪوڙن پيشوائن) کان اهڙي طرح بيزاري ظاهر ڪيون جهڙيءَ طرح هو هاڻي اسان کان بيزاري ظاهر ڪري رهيا آهن. ڏسو اهڙي طرح الله تعاليٰ هنن کي سندن عمل ڏيکاريندو جو هو حسرت ۽ ارمان ۾ غلطان ٿي ويندا. هو انهيءَ باهه مان ڪڏهن به ٻاهر نه نڪرندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پيروي ڪندڙ چوندا ڪاش جيڪڏهن اسين دنيا ۾ موٽايا وڃون ها ته اسين انهن سان ٽوڙيون ها جيئن انهن اسان سان ٽوڙيو اهڙيءَ طرح الله ڏيکاريندو انهن جا عمل انهن تي حسرت ڪري، ۽ اهي دوزخ مان نڪرڻ وارا ناهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن جا تابعدار چوندا ته (افسوس) جيڪر اسان کي وري دنيا ۾ موٽڻو هجي ها ته انهن کان اهڙو بيزار ٿيون ها جهڙو (عين وقت تي) اهي اسان کان بيزار ٿيا آهن. اهڙي طرح الله انهن کي سندن عمل مٿين پشيمانيون ڪري ڏيکاريندو. ۽ پوءِ ڀلا اهي ڪئين دوزخ مان نڪري سگهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چوندا تابعداري ڪرڻ وارا ته جيڪڏهن اسان لاءِ هڪ ڀيرو موٽڻ هجي ها ته پوءِ بيزار ٿيون ها انهن کان جيئن بيزار ٿيا اسان کان.هڙيءَ طرح ڏيکاريندو انهن کي الله عمل انهن جا پشيمانيون ڪري انهن تي ۽ نه آهن نڪرندڙ باھ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (انهن جا) تابعدار چوندا ته جيڪر اسان کي (وري دنيا ۾ ) موٽڻو هجي ها ته انهن کان اهڙو بيزار ٿيون جهڙو اهي اسان کان بيزار ٿيا آهن. اهڙيءَ طرح الله انهن کي سندن عمل مٿن پيشيمانيون ڪري ڏيکاريندو ۽ اهي باهه مان نڪرڻ وارا نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پيروڪار چوندا ته: ”هائو جي اسان کي (دنيا ۾) موٽڻ هجي ها ته اسان به انهن کان ائين بيزار ٿيون ها جيئن (اهي اڄ) اسان کان بيزار ٿيا آهن“. ائين الله انهن کي سندن اعمال مٿن حسرت بنائي ڏيکاريندو، ۽ اُهي (هر صورت) جهنم مان نڪري نه سگهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چيائون اهڙي چال، جن ورتي واٽ وڏن جِي، جي هجي اسان لئي، هڪ دفعو، ڳوٺ ورڻ جِي ڳَالھ، ته اسين به ڀَڄِي اُنهن کان، بيزار ٿيون بحال، جيئن اسان کان اڄ ڪالھ، ڀَڄِي هو بيزارٿيا، اِنپر ڏيکاريو اُنهن کي، ڪوجھا سندنِ ڪم ڪار، اُٺائڻ، ڪارڻ اُنهن تي، اَرمانن انبار، ۽ ٻارڻ کان ٻَهار، هُو نپٽ نه آهن نِڪرڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهيءَ وقت پوئلڳ چوندا ته ”جيڪر اسين دنيا ۾ موٽي سگهون ها، ته هوند اسين به کانئن ائين بيزار ٿيون ها، جيئن هو اسان کان ٿيا آهن!“ ايئن الله کين سندن عمل پشيمانيءَ جهڙا ڪري ڏيکاريندو، پر هو دوزخ جي باهه مان نه نڪري سگهندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهي ماڻهو جيڪي دنيا ۾ سندن ڪڍ لڳل هوندا هئا چوندا: ”جيڪر ته اسان کي وري هڪڙو موقعو ملي ها ته جيئن هو اڄ اسان کان ٿا بيزاري ظاهر ڪن، اسان به انهن کان ائين بيزار ٿي ڏيکاريون ها.“ اهڙيءَ ريت الله انهن جا اهي عمل جيڪي هو دنيا ۾ ڪندا هئا سندن آڏو آڻيندو جو افسوس ۽ پشيمانيءَ جا ڳوڙها ڳاڙيندا رهندا، پر باهه مان نڪرڻ جي ڪا واٽ نه لهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ماڻهو جيڪي دنيا ۾ انهن جي پيروي ڪندا هئا، چوندا”ڪاش! اسان کي هڪڙو موقعو ملي ها، ته جيئن اڄ هي اسان کان بيزاري ظاهر ڪن ٿا، اسين به کانئن بيزاري ڏيکاريون ها.“ اهڙيءَ طرح الله انهن ماڻهن جا اهي اعمال جيڪي هي ڪري رهيا آهن، سندن آڏو آڻيندو جو اهي حسرتن ۽ پشيمانين مان هٿ هڻندا پر باهه مان نڪرڻ جي راهه نه ملندن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري جڏهن اُهي (مڃيندڙ) تمنا ڪنداته ڪاش! اسان کي هڪ ڀيرو دنيا ۾ وڃڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته اسان انهن کان اهڙا ته بيزار ٿي رهنداسين جھڙيءَ طرح هي اڄ اسان کان بيزار آهن. الله تعالى انهن جا عمل (جيڪي هو دنيا ۾ ڪندا هئا) سندن سامهون اهڙيءَ طرح آڻيندوجو هو انهن کي ڏسي پشيمانيءَ وچان هَٿَ مليندا ۽ کين باهه مان نڪرڻ جو ڪو به رستو نظر نه ايندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا النّاسُ كُلوا مِمّا فِى الأَرضِ حَلٰلًا طَيِّبًا وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 168) |
اي ماڻھؤ جيڪي شيون زمين ۾ آھن تن مان پاڪ حلال کائو، ۽ شيطان جي وکن تي نه ھلو، ڇوته اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي انسانؤ! زمين تي جيڪي به حلال ۽ پاڪ شيون موجود آهن سي بيشڪ شوق سان کائو (پاڻ تي اجايون رڪاوٽون وجهڻ شيطاني وسوسا آهن) توهان شيطان جي نقش قدم تي نه هلو، هو اوهان جو کليو کلايو دشمن آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي انسانو! کائو جيڪو ڪجهه زمين ۾ حلال پاڪ آهي ۽ شيطان جي نقشِ قدم تي نه هلو، بيشڪ اهو توهان جو ظاهر دشمن آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي انسانو! جيڪي شيون زمين ۾ آهن تن مان حلال ۽ پاڪ شيون (مزي سان) کائو ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو، بيشڪ اهو اوهان جو ظاهر دشمن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي انسانو! کائو ان مان جو زمين ۾ آهي حلال پاڪ ۽ نه تابعداري ڪيو شيطان جي وکن جي.يشڪ اهو اوهان جو کليو دشمن آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ماڻهو ! جيڪي شيون زمين ۾ آهن تن مان حلال پاڪ کائو. ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو. بيشڪ اهو اوهان جو ظاهر دشمن آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي انسانو! زمين (جي شين ) مان جي حلال ۽ پاڪ آهن سي کائو ۽ شيطان جي وِکُن جي تابعداري نه ڪيو. بيشڪ اُهو اوهان جو چِٽو دشمن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ماڻهئا! کائو مور، مال حلال، ملڪ مان، ۽ هلو نه، شقي شيطان جي، وکِن تي وَهلور!، ظاهر آهي ضرور، دشمن اوهان جو، ڌُرڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي انسانو! زمين جي حلال ۽ پاڪ شين مان کائو. ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو، ڇو ته هو اوهان جو پڌرو دشمن آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي انسانؤ! زمين ۾ جيڪي حلال ۽ پاڪ شيون آهن، اهي کائو ۽ شيطان جي ٻڌايل واٽن تي نه هلو، هو ته توهان جو کليو کلايو دشمن آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! زمين ۾ جيڪي حلال ۽ پاڪ شيون آهن، اهي کائو ۽ نه هلو شيطان جي ٻڌايل راهن تي، اهو توهان جو يقينًا پڌرو دشمن آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي انسانو! زمين ۾ موجود حلال ۽ پاڪ شيون کائو ۽ شيطان جي ٻڌايل رستي تي نه هلو، بيشڪ هو توهان جو پڌرو دشمن آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما يَأمُرُكُم بِالسّوءِ وَالفَحشاءِ وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 169) |
(شيطان) رڳو اوھان کي بڇڙائيءَ ۽ بي حيائيءَ جو حڪم ڪري ٿو ۽ ھيءُ ته جيڪي ڳالھيون نه ڄاڻندا آھيو سي الله جي نسبت ۾ چئو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) شيطان اوهان کي براين ۽ بيشرميءَ جي ڳالهين جو حڪم ڏيندو ۽ (پڻ هيءَ تعليم ڏيندو ته) الله جي طرف اهڙيون ڪوڙيون ڳالهيون منسوب ڪيو جن متعلق حقيقت ۾ اوهان کي علم ئي ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو توهان کي بڇڙائي ۽ بيحيائيءَ جو چوي ٿو ۽ الله تعالى تي اها ڳالهه مڙهيو ٿا، جنهن جي توهان کي خبر ناهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ياد رکو ته) اهو رڳو اوهان کي بڇڙائي ۽ بي حيائي جو حڪم ڪري ٿو ۽ هن ڳالھ جو به ته الله تي اها ٺاھ ٺاهيو جيڪي اوهان نه ٿا ڄاڻو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق امر ٿو ڪري اوهان کي برائيءَ ۽ بي حيائيءَ جو ۽ هن ڳالھ جو ته بهتان هڻو الله تي جيڪو اوهان نه ٿا ڄاڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو رڳو اوهان کي بڇڙائي ۽ بي حيائي جو حڪم ڪري ٿو. ۽ هن ڳالهه جو به ته الله تي اهي ٺاهه ٺاهيو جيڪي اوهين نه ٿا ڄاڻو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ته رڳو اوهان کي برائي ۽ بي حيائي جو حڪم ڪري ٿو ۽ هي (به) ته الله بابت اهو چؤ جنهن جو اوهان وٽ علم ئي نه هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حڪم ڏِينِيان هُوڙ، اوڳائـِي ۽ اُ گهاڙ جو، ۽ ڪريو ربّ تي ڪوڙ، جنهن جو پتو نه، اوهان پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اوهان کي رڳو بڇڙن ۽ بيحيائيءَ جي ڪمن جو حڪم ڏئي ٿو ۽ الله بابت اهي ڳالهيون چورائي ٿو، جن کي اوهين نه ٿا ڄاڻو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کي برائيءَ ۽ بيحيائيءَ جو حڪم ڏيندو آهي ۽ اهو سيکاريندو آهي ته توهان الله لاءِ اهي ڳالهيون چئو جن جي توهان کي ڪائي ڄاڻ ڪونهي (ته اهي الله چيون آهن) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يقينًا اهو توهان کي حڪم ڏئي ٿو برائيءَ جو ۽ فحاشيءَ جو ۽ اهو سيکاري ٿو ته توهان الله لاءِ اهي ڳالهيون چئو، جن جو توهان کي علم ناهي(ته اهي الله فرمايون آهن).(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان ڪري ئي ) هو توهان کي برائيءَ ۽ بيحيائيءَ جا ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو ۽ توهان کي ان ڳالهه تي راضي ڪري ٿو، ته توهان الله تعالى جي باري ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ڪري ويھو، جنھن جو توهان کي ڪو به علم نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما أَلفَينا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعقِلونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 170) |
۽ جڏھن کين چئجي ٿو ته جيڪي الله لاٿو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چون ٿا ته (نه) بلڪ جنھن تي پنھنجن پئن ڏاڏن کي ڏٺوسون تنھن جي پٺيان لڳنداسون، جيتوڻيڪ سندن ابا ڏاڏا ڪجھ به نه ڄاڻندا هُئا ۽ نڪي سڌيءَ واٽ تي هُئا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن هنن ماڻهن کي چئجي ٿو ته جيڪا هدايت الله تعاليٰ فرمائي آهي تنهن جي پيروي ڪريو تڏهن هو چون ٿا ته، نه نه اسان ته انهيءَ طريقي تي هلندسين جنهن تي پنهنجي وڏن کي هلندي ڏٺوسين. (انهن کان پڇو ته) جيڪڏهن اوهان جا وڏا عقل ۽ هدايت کان محروم رهيا هجن ته توهان به عقل ۽ هدايت کان انڪار ڪندؤ ڇا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته قرآن جي تابعداري ڪريو، چون ٿا اسين انهيءَ تي هلنداسين جنهن تي پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي کي ڏٺوسون، ڇا جيڪڏهن وڏا انهن جا جاهل بي دين آهن (ته هي) هدايت وارا نه ٿيندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن جي تابعداري ڪريو! تڏهن چون ٿا ته (نه!) بلڪه اسين ان جي تابعداري ڪنداسون جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو. جيتوڻيڪ سندن پيءَ ڏاڏا ڪجھ به سمجھ نه رکندا هجن ۽ نه سڌي رستي تي هلندا رهيا هجن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته تابعداري ڪيو ان جي جو نازل ڪيو الله ته چون ٿا ته (نه) بلڪ تابعداري ڪنداسين ان جي جو لڌوسون ان تي پنهنجن ابن ڏاڏن کي.يتوڻيڪ هجن پيئر ڏاڏا انهن جا جو نه ٿا سمجهن ڪا شيءِ ۽ نه ٿا هدايت وارا ٿين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن جي تابعداري ڪريو تڏهن چون ٿا ته (نه) بلڪ اسين ان جي تابعداري ڪنداسون جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو. ڇا (اهي ائين ڪندا) جيتوڻيڪ سندن ابا ڏاڏا ڪجهه به نه سمجهندا هئا ۽ نڪي رستي تي هلندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن (ڪافرن) کي چيو وڃي ٿو ته جو الله نازل ڪيو آهي ان جي پيروي ڪيوته چون ٿا: ”بلڪه اسان ته ان (طريقي) تي هلنداسين جنهن تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ڏٺو“. توڙي جو انهن جا ابا ڏاڏا نه ڪو عقل رکندا هئا ۽ نه سڌي واٽ تي هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن چئجينِ، ته چلو اُن تي، جو مالڪ لاٿو مور، چي، اسين هلنداسون اُٽلندو، مَٿي تنهن مذڪور، جنهن تي، پاتاسون پِيءَ پنهنجا؛ توڻي پڻنِ کي نه پرور، ۽ نه حاصل منجھان حُضور، ڪا هئي، هدايت انهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن کين چئجي ٿو ته ”الله جي موڪليل حڪمن جي پيروي ڪريو!“ ته چون ٿا ته ”بلڪ اسين ته انهن ڪمن جي پيروي ڪنداسون، جن تي پنهنجي ابن ڏاڏن کي هلندڙ ڏٺوسون،“ پوءِ کڻي سندن ابا ڏاڏا ڪجهه به نه سمجهندا هئا ۽ نڪي سنئين واٽ تي هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن چئجين ٿو ته الله جيڪي حڪم نازل ڪيا آهن، انهن جي پيروي ڪريو، تڏهن چون ٿا ته اسان ته انهيءَ طريقي جي ئي پيروي ڪنداسين، جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو آهي، ڇا پوءِ کڻي سندن ابن ڏاڏن عقل کان ڪو ڪم ئي نه ورتو هجي ۽ نڪي سنئين واٽ لڌي هجي، تڏهن به اهي سندن پيروي ڪندا رهندا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته، الله جيڪي حڪم نازل ڪيا آهن، انهن جي پيروي ڪريو، ته جواب ڏين ٿا اسان اها پيروي ڪنداسين، جنهن تي اسان ابن ڏاڏن کي ڏٺو. پوءِ ڀلي سندن ابن ڏاڏن عقل کان ڪم نه ورتو هجي ۽ سڌي راهه حاصل نه ڪئي هجي، پوءِ به ان تي هلندا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن ماڻھن کي جڏهن سمجهايو وڃي ٿو، ته توهان الله تعالى جي نازل ڪيل حڪمن جي پيروي ڪريو ته هو فوراً جواب ڏيندا آهن ته اسان ته پنھنجي ابن ڏاڏن واري طريقن جي پيروي ڪنداسين. ڇا ڀلا انهن جا ابا ڏاڏا جيڪڏهن غلط طريقي جي پيروي ڪندا رهيا ۽ عقل کان ڪم نه ورتو ۽ سڌي راهه اختيار نه ڪئي هجي ته به هي انهن جي پيروي ڪرڻ تي (هروڀرو) ضد ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَثَلُ الَّذينَ كَفَروا كَمَثَلِ الَّذى يَنعِقُ بِما لا يَسمَعُ إِلّا دُعاءً وَنِداءً صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 171) |
۽ ڪافرن (کي سڏيندڙ) جو مثال اُن ماڻھوءَ جي مثال وانگر آھي جو اھڙِيءَ شي کي واڪو ڪري ٻڌائي جا سڏ ۽ ڪوڪ کانسواءِ (ڪجھ) نه ٻڌي. (ڪافر) ٻوڙا، گونگا، انڌا آھن تنھنڪري اُھي (ڪجھ به) نه ٿا سمجھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن حق کان انڪار ڪيو آهي انهن جو مثال اهڙو آهي (يعني انهن کي انڌي تقليد جي بجاءِ عقل ۽ هدايت جي دعوت ڏيڻ اهڙو آهي) جهڙو هڪڙو ڌنار ڍورن ڍڳن جي اڳيان رڙيون ۽ واڪا ڪري جي رڙيون ڍور بلڪل ڪونه ٿا سمجهن، سواءِ انهيءَ آواز جي جيڪو هنن کي سڏڻ لاءِ ڪم آڻبو آهي. اهي ڪافر ٻوڙا گونگا ۽ انڌا ٿي ويا آهن تنهن ڪري هو عقل نه هلائيندا نه ڪي ڪجهه سمجهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪافرن جو مثال انهيءَ جهڙو آهي جيڪو پڪاري ٿو اهڙي کي جيڪو رڙين ۽ دانهُن کان سواءِ ڪجهه به نه ٻڌي، (ڪافر) ٻوڙا، گونگا، انڌا آهن پوءِ اهي نٿا سمجهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪافرن (کي نصيحت ڪرڻ) جو مثال ان (جانور) جي مثال جهڙو آهي، جو ان کي رڙ ڪري سڏي ٿو ته ڪوڪ (جي آواز) کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نه ٻڌي (۽ نه سمجهي)، (اهي ماڻهو) ٻوڙا، گونگا ۽ انڌا آهن پوءِ اهي نه سمجهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مثال انهن جو جو ڪفر ڪيائون انهن وانگر آهي جو دانهون ٿو ڪري ان جي پويان جو نه ٿو ٻڌي مگر سڏ ۽ آواز ٻوڙا، گونگا انڌا آهن پوءِ اهي نه ٿا سمجهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافرن (کي نصيحت ڪرڻ) جو مثال ان ماڻهوءَ جي مثال جهڙو آهي جو ان کي رڙ ڪري سڏي ٿو جو سڏ ۽ ڪوڪ (جي آواز) کان سواءِ (ٻيو ڪجهه) نه ٻُڌي (نه سمجهي). (ڪافر) ٻوڙا گونگا انڌا آهن پوءِ اهي نه سمجهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ڪافرن (کي هدايت ڏانهن سڏڻ) جو مثال ان (ڌنار) وانگر آهي جيڪو اهڙي (جانور) کي سڏي جيڪو رڙ ۽ واڪي بنا ٻڌي ئي نه ٿو. اُهي ٻوڙا، گونگا، انڌا آهن پوءِ اُهي نه ٿا سمجهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڦريا، اُهي اُن جِيئن، جو تنهن کي، ڪري تنوار، جو ڪجھ نه ٻُڌي، ڪُوڪ سوا، پڻ ڌاران دانهَنْ، ڌرار، ٻوڙاٻِن ڪنن کان، گُنگا منجھ گفتار، نابِينا نِبار،پوءِ صفا سمجھن ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪافرن جو مثال ان وانگر آهي، جو اهڙي کي پڪاري، جيڪو سڏ ۽ دانهن کانسواءِ ڪجهه به نه ٻڌي. هو ٻوڙا گونگا ۽ انڌا آهن، تنهن ڪري ڪجهه به نه ٿا سمجهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ماڻهن جن الله جي ڏسيل طريقن تي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، انهن جو مثال ائين آهي جيئن ڌنار جانورن کي هڪلون ڏيندو آهي ۽ اهي انهن هڪلن ۽ واڪن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ٻڌندا آهن، اهي ٻوڙا آهن، گونگا آهن، انڌا آهن، تنهنڪري ڪابه ڳالهه سندن سمجهه ۾ اچي ئي نٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن خدا جي ٻڌايل طريقي تي هلڻ کان انڪار ڪيو آهي، انهن جي حالت بلڪل اهڙي آهي جيئن ڌنار مال کي سڏيندو آهي ۽ اهي ڪوڪرين ۽ ٻچڪارين کان سواءِ ڪجهه نٿا سمجهن، اهي ٻوڙا، گونگا، انڌا آهن، ان ڪري ئي انهن کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻھن ڪفر (يعني الله تعالى جي حڪمن جو انڪار) ڪيو آهي، انهن جو مثال ان (ڌنار) وانگر آهي جيڪو جانورن کي هڪل ڪري سڏي ٿو، جانور (ويچارا) ان جي صرف هڪل ئي ٻڌندا آهن، ٻيو ڪجهه نه سمجهندا آهن، تنهنڪري جانورن وانگر هي به ٻوڙا، گونگا ۽ انڌا آهن. ڇاڪاڻ جو هي عقل کان ڪم نٿا وٺن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَاشكُروا لِلَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 172) |
اي مؤمنؤ جيڪا اوھان کي روزي ڏني سون تنھن مان سٺيون شيون کائو ۽ جيڪڏھن اوھين نلو الله جي عبادت ڪندڙ آھيو ته سندس شڪرانو ادا ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مؤمنو! جيڪڏهن توهان فقط الله جي ٻانهپ ڪرڻ وارا آهيو (۽ ڄاڻو ٿا ته حلال ۽ حرام به نسبت سندس ئي حڪمن تي هلڻو آهي) ته پوءِ اهي سڀ پاڪ شيون کائو جي الله تعاليٰ اوهان جي کائڻ لاءِ پيدا ڪيون آهن ۽ جيڪڏهن توهان فقط خدا جي عبادت ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ (توهان ان جي ڏنل نعمتن کي چڱيءَ طرح ڪم آڻي) سچي شڪر گذاري ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي ايمان وارؤ! اسان جون ڏنل پاڪ شيون کائو ۽ الله تعالى جو شڪر بجا آڻيو جيڪڏهن توهان خاص انهيءَ جي عبادت ڪريو ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جيڪي ڪجھ اسان اوهان کي ڏنو آهي انهن مان پاڪ صاف شيون (مزي سان) کائو ۽ خدا جو شڪر ڪريو، جيڪڏهن اوهين سندس ئي عبادت ڪريو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! کائو ان پاڪ (شين) مان جو رزق ڏنو سون اوهان کي ۽ شڪر ڪيو الله جو جيڪڏهن خاص ان جي عبادت ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارو ! جيڪي پاڪ شيون اسان اوهان کي روزي ڏنيون آهن سي کائو. ۽ الله جو شڪر ڪريو جيڪڏهن اوهين سندس ئي عبادت ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ!انهن پاڪيزه (شين) مان کائو جيڪي اسان اوهان کي رزق ڪري ڏنيون آهن ۽ الله جو شڪر ادا ڪيو اگر اوهان صرف ان جي ئي عبادت ڪيو ٿا!!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آندو جن ايمان!، آن کي ڏسون، اُن منجھان، کائو چڱو ، ۽ ڳايو، آگي جا اِحسان، جي، ٻي جِي ڪريو ٿا ڪانه، سيوا، سَوا اُن جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! انهن پاڪ شين مان کائو، جي اوهان کي ڏنيون اٿئون ۽ جيڪڏهن اوهين خاص الله جي بندگي ڪريو ٿا ته سندن شڪر ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان واقعي الله جي ئي ٻانهپ ڪندڙ آهيو ته جيڪي پاڪ شيون اسان توهان کي ڏنيون آهن، انهن کي مزي سان کائو ۽ الله جو شڪر ادا ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، جي توهان الله جي بندگي ڪرڻ وارا آهيو، ته جيڪي پاڪ شيون اسان توهان کي بخشيون آهن، اهي کائو ۽ الله جو شڪر ادا ڪريو خاص ان جي عبادت ڪريو ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله تعالى جا تابعدار آهيو، ته اسان جيڪي پاڪ شيون توهان کي رزق طور ڏنيون آهن سي مزي سان کائو، ۽ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندا رهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ بِهِ لِغَيرِ اللَّهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 173) |
اوھان تي رڳو مُئل ۽ رَت ۽ سُوئر جو ماس ۽ جنھن شي تي الله کانسواءِ ٻئي جو نالو پڪارجي سا حرام ڪيائين، پوءِ جيڪو نڪي بي فرماني ڪندڙ ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿي لاچار ٿئي ( ۽ کائي) تنھن تي گناہ نه آھي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اوهان لاءِ حرام ڪيل شيون فقط هي آهن، مردار جانور، جانورن جو رت، سوئر جو گوشت ۽ اهو جانور جو الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي هستيءَ جي نالي وٺڻ سان ذبح ڪيو ويو هجي، پر لاچاري حالت ۾ (جڏهن حلال شيون نه ملي سگهن) ڪو کائي ته مٿس گناهه ڪونهي، بشرطيڪ شريعت جي حڪمن کان باغي ٿيڻ جي نيت نه هجيس ۽ انهيءَ انداز کان زياده نه کائي جيترو حياتي بچائڻ لاءِ ضروري هجي. بيشڪ الله تعاليٰ خطائون معاف ڪندڙ ۽ رحمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى حرام ڪيائين توهان لاءِ مُردار ۽ رت ۽ سُوَرَ جو گوشت ۽ اُهي حلال جانور جن تي ڪُهڻ وقت غير الله جو نالو ورتو ويو پوءِ جيڪو مجبور ٿيو، نه مرضيءَ سان کائيندڙ ۽ نه ضرورت کان زياده کائيندڙ پوءِ ناهي گناه انهيءَ تي، بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان تي الله رڳو مئل (جانور) ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ جنهن تي الله کان سواءِ ٻئي جو نالو ورتو وڃي سو حرام ڪيو اٿس، پوءِ جيڪو لاچار ٿئي پر نافرماني ڪندڙ نه هجي ۽ نه ڪي حد مان لگهندڙ هجي ۽ انهن مان ڪا شيءَ کائي ته ان تي ڪو گناھ نه آهي. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اوهان تي (صرف) حرام ڪيائين مئل ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ اهو جانور جو ڪهڻ وقت بلند آواز سان ورتو ويو ان تي الله کان سواءِ ٻيو نالو.وءِ جيڪو مجبور ڪيو وڃي نه سرڪشي ڪندڙ ۽ نه حد کان لنگهندڙ ته پوءِ نه آهي ڪو گناھ ان تي.يشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان تي رڳو مئل (جانور) ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ جنهن تي الله کان سواءِ ٻئي جو نالو ورتو وڃي سو حرام ڪيو اٿس.پوءِ جيڪو لاچار ٿئي پر نافرماني ڪندڙ نه هجي ۽ نه ڪي حد کان لنگهندڙ هجي ته ان تي ڪو گناهه نه آهي. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان اوهان تي صرف مُردار ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ئي حرام ڪيا آهن ۽ اهو جانور (به) جنهن تي ذبح جي وقت غير الله جو نالو وتو ويو هجي، پر جو سخت مجبور ٿي پوي، نه بي فرماني ڪندڙ هجي، نه حد کان وڌندڙ هجي ته پوءِ ان تي ڪو گناهه ناهي بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) منع نه آن کي مورهين، مگر جا مُردار، رت سِير ۽ ماس سُوئر جو، پڻ جا ڌڻئ کان ڌار، ڪُٺِي، يا ڪُوٺِي وِيئي، ٻِئي ڪنهن لاءِ ٻِيهار، پوءِ جو لنگھڻ لاچار ٿيو، نه مُفت خور خوار، ۽ نه هلندڙ ٻاهر حڪم کان، پوءِ مٿسِ نه مُور ميار، بارِي بخشڻهار، مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن اوهان تي رڳو مردار، رت، سوئر جو گوشت ۽ ان (جانور) کي حرام ڪيو آهي، جنهن تي الله ڌاران ٻئي ڪنهن جو نالو مشهور ڪجي، پر جيڪو نافرماني ۽ حد اڪرڻ ڌاران لاچار ٿئي، ته مٿس گناهه ناهي، بيشڪ الله بخشڻهار ۽ نهايت مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي طرفان ته رڳو اها روڪ آهي ته مردار نه کائو، رت ۽ سوئر جي گوشت کائڻ کان پاسو ڪريو ۽ اهڙي ڪابه شيءِ نه کائو، جنهن تي الله کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو ورتو ويو هجي پر جيڪڏهن ڪو شخص سخت لاچار ٿئي ۽ انهن مان ڪجهه کائي وٺي پر ائين جو هــُـن جو نڪي قانون ڀڃڻ جو ارادو هجي ۽ نه وري ضرورت جي حد کان ٽپي وڃي ته ان تي ڪو گناهه ڪونهي. الله بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله جي طرفان توهان تي جي ڪا پابندي آهي ته مردار نه کائو ۽ خون ۽ سوئر جي گوشت کان پرهيز ڪريو ۽ ڪابه اهڙي شيءِ نه کائو جنهن تي الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو ورتل هجي. ها، جيڪو شخص مجبور هجي ۽ اهو انهن مان ڪجهه کائي بنا قانون شڪنيءَ جي ارادي سان ته تن تي گناهه ناهي، الله بخشيندڙ رحم ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى توهان لاءِ هنن شين کي کائڻ حرام قرار ڏنو آهي: مئل جانور- رَت- سوئر جو گوشت ۽ هر اها شيءِ، جنھن تي الله تعالى کان سواءِ ڪنھن ٻئي جو نالو ورتو وڃي، پر جيڪڏهن ڪو مجبوريءَ ۾ جان بچائڻ خاطر، انهن شين مان ڪجهه کائي وٺي، سندس الله تعالى جي قانون کي ٽوڙڻ جي نيت نه هجي ۽ نه ئي حد کان وڌيڪ کائي ته پوءِ ان جي کيس اجازت آهي ۽ ان ڳالهه ۾ مٿس ڪوبه گناهه نه آهي. الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ الكِتٰبِ وَيَشتَرونَ بِهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ ما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم إِلَّا النّارَ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 174) |
الله ڪتاب مان جيڪي لاٿو سو جيڪي ماڻھو لڪائيندا آھن ۽ اُن جي بدلي ٿورو ملھ وٺندا آھن اِھي پنھنجن پيٽن ۾ باھ کانسواءِ نه کائيندا آھن ۽ الله ساڻن قيامت جي ڏينھن نه ڳالھائيندو ۽ نڪي کين سنواريندو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو انهن حڪمن کي لڪائين ٿا جي الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ۾ نازل ڪيا آهن ۽ انهيءَ (حق کي لڪائڻ) جي عيوض ۾ دنيا جا خسيس فائدا خريد ٿا ڪن اهي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ باهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿا وجهن. قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ انهن سان ڳالهائيندو به ڪين، نڪي هنن کي گناهن کان آجو ڪندو ۽ هنن کي سخت عذاب ۾ وڌو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي لڪائن ٿا الله تعالى جي نازل ڪيل ڪتاب کي ۽ انهيءَ جي عيوض ٿورو ملهه وٺن ٿا، اهي نٿا کائن پنهنجي پيٽن ۾ مگر باه ۽ الله تعالى انهن سان قيامت جي ڏينهن نه ڳالهائيندو ۽ نه پاڪ ڪندو انهن کي، ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جي ماڻهو انهن ڳالهين کي لڪائن ٿا جيڪي خدا ڪتاب ۾ نازل ڪيون آهن ۽ ان جي عيوض معمولي قيمت (دنيا جو فائدو) وٺن ٿا، سي پنهنجي پيٽن ۾ رڳي باھ کائين ٿا ۽ الله انهن سان قيامت جي ڏينهن ڳالهائيندو ته نه! ۽ نه وري انهن کي (گناهن کان) پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي شخص جو لڪائين ٿا اهو جو نازل ڪيو الله ڪتاب مان ۽ خريد ڪن ٿا ان جي عوض ملھ ٿورو اهي نه ٿا کائن پنهنجن پيٽن ۾ مگر باھ ۽ نه ڳالهائيندو انهن سان الله (تعالى) قيامت جي ڏينهن ۽ نه پاڪ ڪندو انهن کي ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو ڪتاب الله نازل ڪيو آهي تنهن کي جيڪي لڪائين ٿا ۽ ان جي بدلي ٿوري قيمت وٺن ٿا سي پنهنجن پيٽن ۾ رڳي باهه کائين ٿا ۽ الله انهن سان قيامت جي ڏينهن نه ڳالهائيندو ۽ نه انهن کي پاڪ ڪندو. ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي الله جي نازل ڪيل ڪتاب مان (آيتون) لڪائن ٿا ۽ انهن جي عيوض ۾ ٿورڙو مُلهه وٺن ٿا ته اُهي پنهنجي پيٽن ۾ (جهنم جِي) باهه ئي کائن ٿا. ۽ قيامت واري ڏينهن الله انهن سان نه ڳالهائيندو ۽ نه انهن کي پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي لِڪائـنِ ليک مان، جو اُتاريو الله، ۽ مَٿسِ وٺنِ مُلھ ٿورڙو؛ کِين بدن، سندن ۾ باه، ۽ نه ڪُڇائـٖينِ قيام ڏينهن، بارِي بادشاه، ۽ نه نيڪِي ڪَندنِ نيباه، ۽ اُنهن لئي، سزا سخت ڳرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي الله جي موڪليل ڪتاب مان ڪجهه لڪائيندا ۽ ان جي بدلي ڪجهه ملهه وٺندا آهن، اهي رڳو دوزخ جي باهه ئي سندن پيٽ ۾ ٿا وجهن ۽ الله قيامت ڏينهن انهن سان نه ڳالهائيندو، نڪي انهن کي پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سچي ڳالهه اها آهي ته جيڪي ماڻهو انهن حڪمن کي لڪائن ٿا، جيڪي الله پنهنجي ڪتاب ۾ نازل ڪيا آهن ۽ ٿورڙن دنيوي فائدن خاطر انهن کان ڪنڌ ڪڍائن ٿا، اهي دراصل پنهنجن پيٽن ۾ رڳو باهه ٿا وجهن، قيامت جي ڏهاڙي الله انهن سان اصل ئي نه ڳالهائيندو ۽ نڪي انهن کي پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ ته دردناڪ سزا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حق هي آهي ته جيڪي ماڻهو اهي حڪمن لڪائن ٿا، جيڪي الله پنهنجي ڪتاب ۾ نازل ڪيا آهن، ۽ دنيا جي ٿورڙن فائدن تي قربان ڪن ٿا، حقيقت ۾ اهي ماڻهو کائي ڀري رهيا آهن پنهنجا پيٽ باهه سان، انهن سان هرگز نه ڳالهائيندو الله قيامت جي ڏينهن ۽ نه انهن کي پاڪ ڪندو، ۽ انهن لاءِ دردناڪ سزا آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ (يھودي) جيڪي الله تعالى جي ڪتاب ۾ نازل ٿيل حڪمن کي لڪائيندا آهن ۽ دنيا جي چند ٽَڪن جي عيوض وڪڻندا آهن، حقيقت ۾ هو پنھنجي پيٽن ۾ جھنم جي باهه ڀريندا آهن، قيامت واري ڏينھن الله تعالى اهڙن ماڻھن سان ڳالهائڻ به پسند نه ڪندو ۽ کين پاڪ ڪرڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، بلڪ انهن جي لاءِ هڪ وڏو تڪليف ڏيندڙ عذاب تيار آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ وَالعَذابَ بِالمَغفِرَةِ فَما أَصبَرَهُم عَلَى النّارِ (آيت : 175) |
اِھي (اُھي) آھن جن ھدايت جي بدران گمراھي ۽ بخشش جي بدران عذاب ڳڌو، پوءِ عجب آھي ته کين (دوزخ جي) باہ تي ڪھڙيءَ (ڳالھ) صبر ڪرايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ئي ماڻهو آهن جن هدايت وڪڻي گمراهي خريد ڪئي ۽ خدائي بخشش جي بدلي ۾ عذاب خريد ڪيو. ڪهڙو نه عجيب آهي (جو باهه ۾ ٽپي پوڻ جي دليري ٿا ڏيکارين) جو عذاب سهڻ جو حوصلو ٿا سنڀارين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن هدايت جي عيوض گمراهي ۽ مغفرت جي عيوض عذاب خريد ڪيو، پوءِ اهي ماڻهو باه تي ڪيئن صبر ڪندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو اهي آهن جن هدايت جي عوض گمراهي خريد ڪئي ۽ (خدا جي) بخشش جي بدلي عذاب. پوءِ اهي ماڻهو دوزخ جي باھ کي ڪئين سهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اِهي اُهي (بدنصيب) آهن جو خريد ڪيائون گمراهي عوض هدايت جي ۽ عذاب عوض بخشش جي پوءِ ڪنهن صبر ڪندڙ بنايو انهن کي باھ تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي اُهي آهن جن گمراهيءَ کي هدايت سان ۽ عذاب کي معافيءَ سان خريد ڪيو. پوءِ اهي باهه تي ڪهڙا نه صبر ڪندڙ آهن ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي اُهي ماڻهو آهن جن هدايت جي بدلي گمراهي خريد ڪئي ۽ معافيءَ جي عيوض عذاب وِهايو. پوءِ ڪهڙي شيءِ انهن کي جهنم جي باهه تي صبر ڪرڻ وارو بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هدايت جِي هَڙ ڏيئي، وَرتئون مُونجھاڙو، ۽ بدران بخشش ڀال جي، سُوٿِيائون ساڙو، پوءِ اُهو ڪُڄاڙو؟، جنهن صبر سيکاريَنِ، باھ تي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن شخصن هدايت جي بدلي ۾ گمراهي ۽ بخشش جي عيوض عذاب کي خريد ڪيو. انهن کي دوزخ جي باهه لاءِ ڪيترو نه ٽڪاءُ آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اِهي اُهي ماڻهو آهن، جن هدايت جي عيوض گمراهي خريد ڪئي ۽ بخشش جي بدلي عذاب خريد ڪيو، ڪهڙو نه عجيب حوصلو اٿن جو جهنم جو عذاب ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿيا بيٺا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي ماڻهو آهن جن هدايت جي بدلي گمراهي خريد ڪئي ۽ مغفرت جي بدلي عذاب ورتائون، ڇا عجيب آهي سندن حوصلو جو عذاب سهڻ لاءِ تيار آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن ماڻھن ئي هدايت حاصل ڪرڻ جي بدلي، گمراهي خريد ڪئي آهي ۽ وري بخشش جي مقابلي ۾ عذاب گهري ورتو آهي. وڏي عجيب ڳالهه آهي ته هنن ماڻھن جھنم جي باهه برداشت ڪرڻ لاءِ هيڏو سارو صبر اختيار ڪيو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ نَزَّلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فِى الكِتٰبِ لَفى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 176) |
اِھو ھِن ڪري (آھي) جو الله سچ سان ڪتاب (توريت) لاٿو، ۽ جن ڪتاب بابت تڪرار ڪيو سي ضرور وڏي ڦيٽي ۾ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو هن ڪري ٿيو جو الله تعاليٰ ڪتاب (تورات) سچائي سان نازل ڪيو هو (جڏهن وحي ٿو اچي تڏهن پنهنجن وهمن ۽ گمانن تي هلڻ جي ضرورت ئي ڪانهي، پر هي اهل ڪتاب اختلافن ۾ پئجي ويا) بيشڪ پوءِ جن ماڻهن الله جي حڪمن بابت مختلف واٽون ڪڍيون سي تفرقه بازي ۽ اختلافن ۾ گمراهه ٿي ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو انهيءَ لاءِ جو الله تعالى ڪتاب مقدس کي حق تي نازل فرمايو، ۽ جيڪي ماڻهو ڪتاب حق ۾ اختلاف ڪن ٿا اُهي يقيناً وڏي اختلاف ۾ آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو هن ڪري جو خدا جو برحق ڪتاب نازل ڪيو ۽ جن ڪتاب ۾ ڦير گهير ڪئي، تن کي بيشڪ وڏو ضد آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان سببان جو بيشڪ الله نازل ڪيو ڪتاب حق سان ۽ بيشڪ جن اختلاف ڪيو ڪتاب ۾ البته اختلاف پرانهين ۾ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها هن ڪري جو الله سچ سان ڪتاب نازل ڪيو. ۽ جن ڪتاب ۾ اختلاف ڪيو، تن کي بيشڪ وڏو ضد آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو هن ڪري جو الله ته ڪتاب حق سان نازل ڪيو هيو ۽ پر بيشڪ اُهي ماڻهو جن ڪتاب ۾ اختلاف ڪيو سي پڪ سان بدبختيءَ ۾ (حق کان) پري پئجي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِن سبب، ته سچ تي، ليک اُهو، پروڙ لاٿو پاڻ، پوءِ ڪَن پاڪ ڪتاب ۾، جي اَجائـِي ڇِڪتان، آهن اُهي اَڄاڻ، ڪنهن ڀُل ڏٖيهائـِي ڏُور ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو هن ڪري، جو الله سچو ڪتاب موڪليو ۽ جن ڪتاب بابت اختلاف ڪيو، اهي ضد ۾ تمام پري وڃي پيا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو سڀ ڪجهه انڪري ٿيو جو جيتوڻيڪ الله ته بلڪل حق مطابق ڪتاب نازل ڪيو هو پر جن ماڻهن ڪتاب ۾ اختلاف پيدا ڪيا، اهي پنهنجن جهڳڙن ۾ حق کان گهڻو پري هليا ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي سڀ انهيءَ ڪري ٿيو ته الله ته ٺيڪ ٺيڪ حق جي مطابق ڪتاب نازل ڪيو هو، پر جن ماڻهن ڪتاب ۾ اختلاف ڪڍيا ته پنهنجن ئي جهيڙن ۾ حق کان گهڻو پري نڪري ويا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى ته ڪتاب (تورات) کي، بلڪل حق ۽ سچ ڪري نازل ڪيو. هي (يھودي) هروڀرو ان ۾ اختلاف پيدا ڪري، پنھنجي فرقي بازين ۾ مست ٿي حق ۽ سچ کان گهڻو پري ٿي ويا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَيسَ البِرَّ أَن تُوَلّوا وُجوهَكُم قِبَلَ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَلٰكِنَّ البِرَّ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالكِتٰبِ وَالنَّبِيّۦنَ وَءاتَى المالَ عَلىٰ حُبِّهِ ذَوِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَالسّائِلينَ وَفِى الرِّقابِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَالموفونَ بِعَهدِهِم إِذا عٰهَدوا وَالصّٰبِرينَ فِى البَأساءِ وَالضَّرّاءِ وَحينَ البَأسِ أُولٰئِكَ الَّذينَ صَدَقوا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 177) |
اوڀر ۽ اولھ ڏانھن اوھان جو پنھنجن مُنھَن کي ڦيرائڻ ڪا چڱائي نه آھي پر (اصل) چڱائي (ان لاءِ) آھي جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن ۽ ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ پيغمبرن کي مڃيو، ۽ جنھن (ماڻھوءَ پنھنجو) مال اُن جي پيار ھوندي (به) مٽيءَ وارن ۽ ڇورن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ ٻانھَن جي گردنين (آجي ڪرڻ) ۾ ڏنو، ۽ نماز پڙھيائين ۽ زڪوٰة ڏنائين، ۽ (اُھي ماڻھو جي) جڏھن انجام ڪندا آھن تڏھن پنھنجو انجام پاڙيندا آھن، ۽ سڃائيءَ ۽ اوکائيءَ ۾ ۽ جنگ مھل صبر ڪرڻ وارا آھن، اِھي سچا آھن، ۽ اِھي ئي پرھيزگار آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نيڪي ۽ بزرگي انهيءَ ۾ ناهي ته توهان (نماز جي وقت) منهنجو منهن مغرب يا مشرق ڏي ٿا ڦيرايو (يا اهڙيون ظاهري رسمون بجا ٿا آڻيو) پر سچ پچ نيڪ ماڻهو اهي آهن جيڪي الله تي، آخرت جي ڏينهن تي، فرشتن تي، خدائي ڪتابن تي ۽ خدا جي سڀني نبين تي پورو ايمان رکن ٿا، خدا جي محبت وچان پنهنجو مال مائٽن، يتيمن، مسڪينن، مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ڏين ٿا ۽ غلامن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ خرچ ڪن ٿا، نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا، جڏهن ڪو عهد اقرار ڪن ٿا ته اهو پورو ڪن ٿا، تنگي ۽ مصيبت جي حالت ۾ يا خوف ۽ هراس جي وقت ۾ صبر ڪرڻ وارا (۽ پنهنجي فرض اداين ۾ ثابت قدم) ٿين ٿا. بيشڪ اهي ئي ماڻهو نيڪيءَ جي راه ۾ سچا آهن ۽ اهي ئي متقي آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اوڀر ۽ اولهه جي طرف (نماز ۾) منهن ڪرڻ توهان جي ڪا نيڪي ناهي ۽ ها حقيقت ۾ نيڪي الله تعالى تي ايمان آڻڻ آهي ۽ قيامت تي ۽ ملائڪن تي ۽ ڪتاب تي ۽ نبين تي، ۽ مال خرچ ڪري الله جي محبت ۾ پنهنجن مائٽن تي ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوال ڪندڙن تي ۽ ٻانهن کي آزاد ڪرائڻ تي ۽ نماز کي قائم ڪري ۽ زڪوات ادا ڪري، ۽ پنهنجا وعدا پورا ڪندڙ جڏهن وعدو ڪن ٿا، ۽ مصيبت ۽ سختي ۽ جهاد ۾ صبر ڪندڙ، اِهي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي وعدي کي سچو ڪيو ۽ اُهي ئي پرهيزگار آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نيڪي رڳو اها ٿوڙئي آهي جو فقط پنهنجا منهن (نماز ۾) اوڀر يا اولھ ڏانهن ڪريو! پر نيڪ اهو آهي جنهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن ۽ ملائڪن ۽ (خدا جي) ڪتابن ۽ نبين تي ايمان آندو ۽ (الله جي) الفت ۾ پنهنجو مال غريبن ۽ يتيمن ۽ محتاجن ۽ پرديسين ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ (غلامي وغيره جي) قيد کان ڇڏائڻ ۾ ڏي ۽ نماز قائم ڪري ۽ زڪوات ڏيندo رهي ۽ پنهنجي انجام کي پاڙيندڙ. جڏهن اهي انجام ڪن ٿا ۽ سختي ۽ تڪليف ۾ ۽ جنگ جي وقت ثابت قدم رهيا. اهي ماڻهو اهي آهن جي (ايماني دعوى ۾) سچا نڪتا ۽ اهي ئي پرهيزگار آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه آهي نيڪي (صرف هيءَ) جو ڦيرايو پنهنجن منهن کي اوڀر طرف ۽ اولھ طرف ۽ پر نيڪيءَ وارو اهو آهي جو ايمان آڻي الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ ملائڪن تي ۽ ڪتاب تي ۽ نبين تي ۽ ڏئي مال ان (الله تعالى) جي محبت ۾ قرابت وارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ ٻانهن جي آزاد ڪرڻ ۾ ۽ قائم ڪري نماز ۽ ڏئي زڪواة ۽ وفا ڪندڙ آهن پنهنجي وعدي کي جنهن وقت وعدو ڪيائون ۽ صبر ڪندڙ مصيبت ۾ ۽ سختيءَ ۾ ۽ جنگ جي وقت اهي ئي اهي آهن جن سچائي ڪئي ۽ اهي ئي پرهيزگار آهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو ڀلائي نه آهي ته اوهين پنهنجا منهن اڀرندي ۽ الهندي ڏي ڦيريو، پر ڀلائي وارو اهو آهي جنهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن ۽ ملائڪن ۽ ڪتاب ۽ نبين تي ايمان آندو، ۽ الله سان محبت ڪري ان قرابت وارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ گردنن (آزاد ڪرائڻ) ۾ مال ڏنو، ۽ نماز قائم ڪئي ۽ زڪوات ڏني، ۽ پنهنجي انجام کي پاڙيندڙ جڏهن اهي انجام ڪن ٿا. ۽ سختيءَ ۽ تڪليف ۾ ۽ جنگ جي وقت صبر ڪندڙ. اهي ئي سچا آهن ۽ اهي ئي پرهيزگار آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نيڪي صرف اها ناهي جو پنهنجا منهن اوڀر يا اولهه ڏانهن ڦيرايو بلڪه اصل نيڪي هي آهي ته ڪو ماڻهو الله تي ۽ قيامت واري ڏينهن ۽ ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ نبين تي ايمان آڻي ۽ الله جي محبت ۾ (پنهنجو) مال مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سائلن ۽ (غلامن جي) ڪنڌن (کي آزاد ڪرڻ) ۾ خرچ ڪري ۽ نماز قائم رکي ۽ زڪواة ڏيندو رهي ۽ (اهي سچا آهن جي) وعدو ڪن ته پورو ڪندڙ هجن ۽ سختي ۽ مصيبت ۽ جنگ (جهاد) جي وقت صبر ڪرڻ وارا هجن، اهي سچا ماڻهو آهن ۽ اهي ئي پرهيزگار آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نيڪِي نه اِي، ته منهن ڦيريو، اوڀر، اولھ ڀر، پر نيڪِي آهِ نبار اِي، ته جنهن مڃيو مقرر، الله ۽ آخر ڏينهن کي، ۽ مَلڪ مُعتبر، پڻ پاڪ پيغمبر، ۽ ڪتابن کي، ڪوڏ مان. ۽ بَخْشِيائين سندس ڀائرين، محبت سندس ۾ مال، ڇورن ڇِنن ٻارڙن ۽ مسڪين، مسافر نال، ڳِچيان ڳٽ ڪڍڻ ۾، بندن جي بحال، پڻ سُئائين سُوال، سار لڌائين سائـِلين. ۽ پڙهِيو نمازون پوريون ۽ ڏِنئين زڪواتون زر، ۽ پنهنجا ٻول، ٻوليون، جڏهن، پاريندڙ منجھ پر، سُک ۽ ڏُ ک ۽ جنگ جھاد ۾، سَهندڙ سختيون سِر، اُهي سچ تي سر بسر، ۽ اُهي پورا پرهيز ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نيڪي اها نه آهي، جو اوهين پنهنجا منهن اوڀر ۽ اولهه ڏي ڦيريو، مگر وڏي نيڪي ان جي آهي، جنهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن، ملائڪن، ڪتابن ۽ نبين تي ايمان آندو ۽ سندس محبت ۾ عزيزن، يتيمن، محتاجن، مسافرن، سوال ڪندڙن ۽ غلامن جي آزاد ڪرڻ ۾ پنهنجو مال خرچ ڪيو ۽ نماز کي قائم رکيو ۽ زڪوات ڏني ۽ اهڙا ماڻهو جڏهن ڪو انجام ڪن، ته ان کي پورو ڪن، اهي سختي ۽ تڪليف ۽ لڙائي جي وقت ۾ صبر ڪن، اهي ئي ماڻهو سچا آهن ۽ اهي ئي نيڪ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيڪي اها ناهي ته توهان پنهنجا منهن اوڀر ڏانهن ڪريو يا اولهه ڏانهن، پر نيڪي اها آهي ته ماڻهو الله کي ۽ قيامت جي ڏينهن کي ۽ ملائڪن کي ۽ الله جي نازل ڪيل ڪتاب ۽ سندس نبين کي سچيءَ دل سان مڃي ۽ الله جي محبت ۾ پنهنجو دل گهريو مال عزيزن ۽ يتيمن تي، مسڪينن ۽ مسافرن تي، مدد لاءِ هٿ ڊگهيريندڙن تي ۽ ٻانهن کي آزاد ڪرائڻ تي خرچ ڪري، نماز قائم ڪري، زڪواة ادا ڪري ۽ نيڪ ته اهي ماڻهو آهن، جيڪي ڪو وعدو ڪن ته اهو پاڙين ۽ تنگيءَ ۽ مصيبت جي وقت ۽ حق ۽ باطل جي لڙائي وقت ثابت قدم رهن، اهي ئي آهن سچا ماڻهو ۽ اهي ئي آهن متقي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نيڪي اها ناهي ته توهان پنهنجا منهن ڪريو طرف مشرق جي يا مغرب جي، پر نيڪي اها آهي ته ماڻهو مڃي الله کي ۽ آخرت جي ڏينهن کي ۽ ملائڪن کي ۽ الله جي نازل ڪيل ڪتاب ۽ پيغمبرن کي ۽ الله جي محبت ۾ پنهنجو پسنديده مال رشتيدارن ۽ يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن تي، مدد جي لاءِ هٿ وڌائيندڙن ۽ غلامن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ خريد ڪري، ۽ نماز قائم ڪري ۽ زڪوٰة ڏئي، ۽ نيڪ اهي ماڻهو آهن جو جڏهن انجام ڪن ته ان کي پورو ڪن، ۽ صبر ڪن مصيبت جي وقت ۾ حق ۽ باطل جي جنگ ۾، اهي ئي ماڻهو سچا آهن، ۽ اهي ئي ماڻهو متقي آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان ماڻهو اوڀر ۽ اولهه طرف منھن ڪري نماز پڙهڻ کي اصل نيڪي سمجهو ٿا حالانڪه اصل نيڪيءَ جا بنياد ته هي آهن ته ماڻهو الله تعالى، قيامت جي ڏينهن، ملائڪن، ڪتاب ۽ سڀني نبين سڳورن تي دل سان ايمان آڻي، الله تعالى جي محبت خاطر پنھنجو پيارو مال، مائٽن، يتيمن، مسڪينن، مسافرن، مدد لاءِ هٿ ڊگهو ڪندڙن ۽ غلامن کي آزاد ڪرڻ تي خوب خرچ ڪري، نماز قائِم ڪري، زڪوات ادا ڪري ۽ ڪنھن سان وعدو ڪري ته اهو نڀائي، سخت حالات، سڃائي، مصيبت جي وقت ۽ جنگ جي وقت صبر سان انهن شين کي منھن ڏيندو رهي ته اهڙا ماڻهو ئي سچائيءَ جي رستي تي آهن ۽ اهي ئي پرهيزگار ماڻهو آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ القِصاصُ فِى القَتلَى الحُرُّ بِالحُرِّ وَالعَبدُ بِالعَبدِ وَالأُنثىٰ بِالأُنثىٰ فَمَن عُفِىَ لَهُ مِن أَخيهِ شَيءٌ فَاتِّباعٌ بِالمَعروفِ وَأَداءٌ إِلَيهِ بِإِحسٰنٍ ذٰلِكَ تَخفيفٌ مِن رَبِّكُم وَرَحمَةٌ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 178) |
اي مؤمنؤ خون ٿيلن بابت اوھان تي بدلي وٺڻ ۾ برابري لازم ڪئي ويئي، (جئن ته) آجي جي عيوض آجو ٻانھي جي عيوض ٻانھو ۽ زال جي عيوض زال آھي، پوءِ جنھن کي سندس ڀاءُ جي طرفان ڪجھ ڇڏيو وڃي ته پوءِ (خون بھا وٺڻ ۾) چڱيءَ ريت سان (ان جي) پويان پوڻ گھرجي ۽ ان (وارث) ڏانھن (خون جي بھا) چڱيءَ ريت سان پھچائڻ گھرجي، اِھو (حڪم) اوھان جي پالڻھار وٽان ھلڪائي ۽ ٻاجھ آھي، پوءِ جيڪو ھن (حڪم) کانپوءِ حد کان لنگھندو تنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مؤمنو! قتل جي حالت ۾ اوهان کي قصاص (يعني بدلي وٺڻ جو) حڪم ڏنو وڃي ٿو (پر انسان سڀ برابر آهن) جيڪڏهن آزاد ماڻهو ڪنهن آزاد ماڻهو کي قتل ڪيو آهي ته ان جي بدلي ۾ اهوئي قتل ڪيو وڃي (ائين نه ته مقتول وڏي پوزيشن وارو ماڻهو هجي يا وڏي خاندان ۽ نسل جو هجي ته ان جي عيوض ۾ ٻه ماڻهو قتل ڪيا وڃن، جيئن اڳي عربن جو دستور هو) جيڪڏهن غلام قاتل آهي ته غلام ئي قتل ڪيو ويندو (ائين نه ته مقتول آزاد هجي ته بدلي ۾ وري ٻه غلام قتل ڪيا وڃن) ۽ عورت قاتل هجي ته عورت ئي قتل ڪئي ويندي پوءِ جيڪڏهن قاتل کي مقتول جو وارث ڀاءُ معافي ڏئي (۽ خون بها وٺڻ تي راضي ٿئي) ته پوءِ قاتل کي ڇڏي سگهجي ٿو. ان حالت ۾ وارث انصاف طور مناسب خون بها گهري ۽ قاتل سهڻي نموني سان ڏئي (جيئن صلح ۽ ڀائپي قائم رهي) هي (جو عدل ۽ مساوات جو اصول قائم ڪيو ويو آهي ۽ معافي ۽ خون بها جائز ٺهرائي ويئي آهي سو) توهان جي پالڻهار وٽان (اڳوڻن سخت قانونن جي) هلڪائي آهي ۽ وڏي رحمت آهي، هاڻي هن کان پوءِ جيڪو زيادتي ڪندو تنهن کي سخت عذاب ملندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! توهان تي مقتولن جي عيوض خون جو بدلو وٺڻ فرض آهي، آزاد جي عيوض آزاد ۽ ٻانهي جي عيوض ٻانهو ۽ عورت جي عيوض عورت، پوءِ جنهن لاءِ سندس ڀاءُ جي طرفان معافي ڏني وڃي پوءِ چڱائيءَ سان معاملو پورو ڪري ۽ مال چڱائي سان ادا ڪري، اها توهان جي رب جي طرفان نرمي ۽ رحمت آهي، انهيءَ کان پوءِ جيڪو زيادتي ڪري پوءِ انهيءَ لاءِ درد ناڪ عذاب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جي ماڻهو (ناحق) ماريا وڃن، انهن جي عيوض اوهان کي جان جي بدلي جان وٺڻ جو حڪم ڏنو ٿو وڃي، آزاد جي عوض آزاد ۽ غلام جي بدلي غلام، عورت جي بدلي عورت. پوءِ جنهن (قاتل)کي سندن (مومن) ڀاءُ جي طرفان ڪجھ معاف ڪيو وڃي ته پوءِ دستور جي موافق (خون جي بها) چڱي نموني سان ادا ڪرڻ گهرجي. اها اوهان جي پالڻهار جي طرفان آساني ۽ مهرباني آهي. پوءِ جيڪو ان کان بعد زيادتي ڪندو تنهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! فرض ڪيو ويو اوهان تي قصاص (ناحق) قتل ڪيلن ۾.زاد عوض آزاد جي ۽ ٻانهو عوض ٻانهي جي ۽ عورت عوض عورت جي.وءِ جنهن کي معاف ڪيو وڃي ان جي ڀاءُ جي طرفان ڪا شيءِ پوءِ (ان جي طلب لاءِ) پٺيان لڳڻ آهي نيڪيءَ سان ۽ (خون بها) ادا ڪرڻ آهي ان کي احسان سان.ها هلڪائي آهي اوهان جي رب جي طرفان ۽ رحمت آهي.وءِ جنهن زيادتي ڪئي ان کان بعد پوءِ ان لاءِ دردناڪ عذاب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارو ! اوهان تي خون ٿيلن (جي باري) ۾ برابري ڪرڻ لازم ڪئي ويئي آهي. آزاد کي آزاد سان ۽ ٻانهين کي ٻانهين سان ۽ زال کي زال سان. پوءِ جنهن کي سندس ڀاءُ جي طرفان ڪجهه معاف ڪيو وڃي ته پوءِ دستور جي موافق تابعداري ڪرڻي آهي ۽ ان جي طرف (خون جي بها) چڱي نموني سان ادا ڪرڻي آهي. اها اوهان جي پاليندڙ جي طرفان هلڪائي ۽ مهرباني آهي. پوءِ جيڪو ان کان پوءِ زيادتي ڪندو تنهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! اوهان تي (ناحق) قتل ٿي وِيلن جي خون جو بدلو وٺڻ فرض ڪيو ويو آهي. آزاد جي بدلي آزاد ۽ ٻانهي جي بدلي ٻانهو ۽ عورت جي بدلي عورت. پوءِ اگر ڪنهن (قاتل)کي ان جو ڀاءُ (يعني مقتول جو وارثُ، خون بها مان) ڪا شيءِ معاف ڪري ته (مقتول جو وارث) خون بها دستور شرعي مطابق طلب ڪري ۽ (قاتل کي گھرجي) چڱائي سان ادا ڪري. اها توهان جي پالڻهار پاران رعايت ۽ رحمت آهي، سو ان کان بعد اگر ڪو زيادتي ڪري ته پوءِ ان لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مؤمن ! آن تي مُقرر ٿيو، قصاص قتل ۾، آجو، آجي، سامهون ۽ گولو، گولي ڀَر، ۽ عورت، بدلو عورت جو، پوءِ جنهن کي، ڀاڻسِ ڀر، مِلي معافِي مِهر سان، پوءِ پارڻ چڱيءَ پر، ۽ ادائـِي احسان سان، ڀلائـِي بهتر، اِي رِعايت اَهنجي ربَّ کان ۽ رحمت ٻاجھ ٻيهر، تِنهن پڄاڻان پوءِ ورِي، جنهن پاتو پير ٻَهر، آهي اُنهِيء آهر، سُورن ڀريو ساڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! ماريلن بابت اوهان تي بدلو وٺڻ فرض ڪيو ويو آهي ته آزاد بدران آزاد جو، ٻانهي بدران ٻانهي جو، زال بدران زال جو، پر جنهن کي سندس ڀاءُ وٽان معاف ٿئي، ته پوءِ رواج موجب ڏنڊ مقرر ڪجي ۽ انهيءَ کي چڱيءَ طرح ادا ڪجي، اها اوهان جي رب کان سولائي ۽ مهرباني آهي. پوءِ جيڪو ان کان پوءِ اڳرائي ڪندو ته ان لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! توهان لاءِ قتل جي معاملن ۾ قصاص جو حڪم لکيو ويو آهي، آزاد قتل ڪيو هجي ته ان آزاد کان ئي بدلو ورتو ويندو، غلام قتل ڪيو هجي ته اهو غلام ئي قتل ڪيو وڃي ۽ ڪا عورت ڏوهاري هجي ته کانئس ئي قصاص ورتو وڃي. پر جي ڪنهن قاتل سان سندس ڀاءُ ڪا نرمي ڪرڻ لاءِ تيار هجي ته معروف طريقي مطابق خون بها مقرر ڪئي وڃي ۽ قاتل تي حق آهي ته ڀلي نموني ۾ خون بها ادا ڪري. اها توهان لاءِ الله پاران هلڪائي ۽ رحمت آهي، ان هوندي به جي ڪو حد کان ٽپي وڃي ته پوءِ ان لاءِ ڏاڍي سورن ڀري سزا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، توهان جي لاءِ قتل جي مقدمن جو قصاص لاءِ حڪم لکيو ويو آهي، آزاد ماڻهو قتل ڪيو هجي ته آزاد کان بدلو ٿيندو، غلام قتل ڪيو هوندو ته غلام جو ئي قتل ٿيندو، ۽ عورت قتل ڪيو هوندو ته ان عورت کان ئي بدلو ورتو ويندو، پر جي ڪنهن قاتل سان ان جو ڀاءُ نرمي ڪري ته ڄاتل (معروف) طريقي مطابق خون بها جو فيصلو ٿئي ۽ قاتل صحيح طريقي سان خون بها ادا ڪري، هي ڪمي توهان جي رب طرفان آهي ۽ رحمت آهي. ان تي به جيڪو زيادتي ڪري ٿو ته پوءِ ان جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان تي قصاص (يعني قتل جو بدلو وٺڻ) فرض ڪيو ويو آهي. (هاڻي) جيڪو به قتل ڪندو ته بدلي ۾ کيس به قتل ڪيو ويندو، آزاد ماڻهوءَ جي مقابلي ۾ آزاد ماڻهو کي، غلام جي مقابلي ۾ غلام کي، عورت جي مقابلي ۾ عورت کي. پر جيڪڏهن قتل ٿي ويل جا ڀائر يا وارث قاتل کي معاف ڪرڻ چاهين ته (پوءِ ويھي دِيَّتَ يعني خون بھا جو معاملو طئي ڪري وٺو) گهرڻ وارو مناسب طريقي سان گهري ۽ قاتل تي فرض آهي ته هو به سھڻي طريقي سان دِيَّتَ ادا ڪري، توهان جي پالڻھار جي طرف کان اهو معاملو توهان لاءِ آساني ۽ رحمت طور ٺاهيو ويو آهي، پوءِ جيڪڏهن قاتل معاوضي ڏيڻ ۾ هيراڦيري ڪري يا قتل ٿيندڙ جا وارث ان کانپوءِ بدلووٺڻ جي ڪوشش ڪن، ته (ڪَنَ کولي ٻڌو ته) اهڙن ماڻھن لاءِ تڪليف وارو عذاب آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَكُم فِى القِصاصِ حَيوٰةٌ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 179) |
اي ڌيان وارؤ اوھان لاءِ قصاص (وٺڻ) ۾ حياتي آھي ته مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي سمجهه وارو! قصاص واري حڪم ۾ اوهان جي لاءِ زندگي آهي (ڇو ته جيڪڏهن قاتل کي ڇڏي ڏبو ته خونريزيون گهڻيون ٿينديون) هي حڪم انهيءَ لاءِ آهي ته توهان پاڻ تي ضابطو رکو ۽ پرهيز ڪرڻ سکو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان لاءِ خون جي عيوض وٺڻ ۾ زندگي آهي اي عقلمندو! انهيءَ لاءِ جو توهان پرهيز ڪريو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي عقل وارو!قصاص (جا قانون مقرر ڪرڻ) ۾ توهان جي زندگي آهي (پڻ انهيءَ لاءِ جاري ڪيل آهن) ته جيئن توهان (خونريزيءَ کان) پرهيز ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اوهان جي لاءِ قصاص ۾ حياتي آهي.ي عقلمندؤ! تانته اوهان (قتل ڪرڻ کان) بچو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اي عقل وارو ! اوهان لاءِ (ان) برابري ڪرڻ ۾ حياتي آهي. مَنَ اوهين پرهيزگار ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان لاءِ قصاص (يعني خون جو بدلو وٺڻ) ۾ جياپو آهي. اي عقل وارؤ تان ته توهان (خونريزي کان) بچو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اوهان ڪاڻ قصاصَ ۾ ، حياتِي هوشيار!، اِن آسري آڌار، ته پُرجهِي، پاڻ بچايو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اي عقل وارؤ! اوهان لاءِ بدلو وٺڻ حياتي آهي، ته اوهين بڇڙاين کان بچو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) عقل ۽ سوچ وارؤ ! توهان لاءِ قصاص ۾ زندگي آهي، اميد ته توهان انهيءَ قانون جي ڀڃڪڙيءَ کان پاسو ڪندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (حقيقت ۾) توهان جي لاءِ عقل ۽ سمجهه رکڻ وارؤ! قصاص (بدلي) ۾ زندگي آهي، اميد ته ان قانون جي خلاف ورزي کان پاسو ڪندؤ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي عقل ۽ سوچ رکڻ وارؤ! قصاص ۾ ته توهان جي زندگي جي بقا آهي، اهڙي طريقي سان ئي توهان آئنده خُونريزيءَ کان بچي سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُتِبَ عَلَيكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ إِن تَرَكَ خَيرًا الوَصِيَّةُ لِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 180) |
جڏھن اوھان مان (ڪنھن) ھڪ کي موت ويجھو ٿئي (اُھو) جيڪڏھن (ڪُجھ) مال ڇڏي ته تڏھن اوھان تي ماءُ پيءُ ۽ مِٽن لاءِ چڱائيءَ سان وصيّت ڪرڻ لازم ڪئي ويئي، اِھو پرھيزگارن تي لازم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي حڪم به توهان کي ڏجي ٿو ته جڏهن ڪنهن ماڻهو کي موت اچي ويجهو پوي ۽ مال متاع ڇڏي وڃڻ وارو هجي ته کيس گهرجي ته پهنجي ماءُ پيءُ ۽ مائٽن لاءِ انصاف واري وصيت ڪري. متقي ماڻهن تي حق آهي ته ائين ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان تي فرض ڪيو ويو جڏهن توهان مان ڪو قريبِ موت ٿئي ٿو جيڪڏهن ملڪيت ڇڏي ٿو، ته وصيت ڪري پيءُ ماءُ لاءِ ۽ ويجهن مائٽن لاءِ انصاف واري. اها (وصيت) پرهيزگارن تي حق آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) اوهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته جڏهن اوهان مان ڪنهن جي سامهون موت اچي، بشرطيڪه اهو ڪجھ مال ڇڏڻ وارو هجي ته ماءُ پيءُ ۽ قرابتدارن لاءِ چڱي وصيت ڪري، جي ماڻهون خدا کان ڊڄن ٿا انهن تي اهو حق آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرض ڪئي وئي اوهان تي جنهن وقت اچي هڪڙي وٽ اوهان مان موت جيڪڏهن ڇڏي ٿو وڃي ڪجھ مال، وصيت ڪرڻ.يءُ ماءُ لاءِ ۽ ويجهن مائٽن لاءِ انصاف سان.ق آهي پرهيزگارن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن اوهان مان ڪنهن وٽ موت حاضر ٿئي ۽ اهو ڪجهه مال ڇڏي وڃي ته اوهان (مان اُن) تي دستور جي موافق ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن لاءِ وصيت ڪرڻ لازم ڪئي ويئي آهي (ائين ڪرڻ) پرهيزگارن تي لازم آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان مٿان فرض ڪيو ويو آهي جو جڏهن توهان مان ڪنهن جي مٿان موت اچي پهچي ته جيڪڏهن مال ڇڏيو اٿس ته ماءُ پيءُ ۽ رشتيدارن بابت سٺي طريقي سان وصيت ڪري اهو پرهيزگارن تي لازم آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُقرر ڪيو ويو مورهين، اوهان تي آخر، موت اوهان مان، ڪنهن مَٿي، جڏهن حاضر ٿيو هيڪر، وصيّت والدين لئي، جي ڇڏئين، سازسمر، پڻ وصيّت وهنوار سان، عزيزن آهر، ثابت سربسر، موچارن تي مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اوهان مان ڪو مرڻ کي ويجهو ٿئي، ته مال ڇڏڻ واري صورت ۾ پيءُ ماءُ ۽ مائٽن لاءِ وصيت ڪرڻ اوهان تي فرض آهي ۽ اهو نيڪن تي حق آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان تي فرض ڪيو ويو آهي ته توهان مان جڏهن ڪو مرڻ لڳي ۽ پويان مال ملڪيت ڇڏي ويندو هجي ته ماءُ پيءُ ۽ عزيزن لاءِ مڃيل طريقي مطابق وصيت ڪري وڃي، اهو حق آهي متقين تي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان تي فرض ڪيو ويو آهي جڏهن ته توهان ۾ ڪنهن جي موت جو وقت اچي ۽ اهو پويان مال ڇڏي رهيو هجي، ته وصيت ڪري والدين ۽ رشتي دارن لاءِ ڄاتل (معروف) طريقي سان، اهو حق آهي پرهيزگار ماڻهن تي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جي مٿان وصيت ڪرڻ فرض قرار ڏني وئي آهي، جيڪو به مالدار ماڻهو مرڻ جي ويجهو ٿئي، کيس گهرجي ته هو پنھنجي والدين ۽ مٽن مائٽن لاءِ واضح طريقي سان وصيت ڪري وڃي، اها پرهيزگار ماڻھن جي خاص ذميداري آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمَن بَدَّلَهُ بَعدَما سَمِعَهُ فَإِنَّما إِثمُهُ عَلَى الَّذينَ يُبَدِّلونَهُ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 181) |
پوءِ جيڪو اُن (وصيّت) کي اُن جي ٻڌڻ کانپوءِ ڦيرائيندو ته اُن (ڦيرائڻ) جو گُناہ اُن جي ڦيرائيندڙن کانسواءِ ٻـين تي نه آھي، ڇوته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪو ماڻهو وصيت ٻڌڻ بعد ان ۾ ڦيرڦار ڪري ته پوءِ گناهه انهيءَ تي آهي جيڪو اهڙي ڦيرڦار ڪري. (وصيت تي ان جو اثر ڪونه پوندو وصيت جيئن اصل ڪيل هئي، ان جي تعميل ائين ڪرڻي آهي) بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪو وصيت ٻُڌي مَٽائي ڇڏي انهيءَ جو گناه مٽائيندڙ تي آهي، بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪو ان (وصيت) کي ٻڌڻ کان بعد بدلائيندو ته ان جو گناھ رڳو انهن تي آهي جيڪي انهن کي بدلائيندا. بيشڪ خدا سڀ ڪجھ ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جنهن مٽايو ان (وصيت) کي ان کان پوءِ جو ٻڌائين ان کي پوءِ گناھ ان جو انهن تي آهي جو مٽائن ٿا ان کي.يشڪ الله گهڻو ٻڌندڙ سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪو ان (وصيت) کي ان جي ٻڌڻ کانپوءِ بدلائيندو ته ان جو گناه رڳو انهن تي آهي جيڪي ان کي بدلائيندا. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جنهن ان (وصيت) کي ٻڌڻ بعد بدلايو ته ان جو گناهه صرف انهن تي آهي جيڪي ان کي بدلائن ٿا. بيشڪ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جنهن بدليَسِ، بعد تنهن، ته ٻُڌائينسِ ٻِيهار، پوءِ اُن جو آهي، اُن مٿي، جي بدلائــِينَسِ، بار، سُڻندڙ ربُّ ستار، سمجھندڙ، سڀ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو ان کي ٻڌڻ کانپوءِ بدلائيندو، ته ان جو گناهه بدلڻ وارن تي ئي آهي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جنهن وصيت ٻڌي ۽ پوءِ ان کي بدلائي ڇڏيو ته ان جو گناهه انهن بدلائڻ وارن تي آهي. الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جن ان کي بدلائي ڇڏيو وصيت کي ٻڌي، پوءِ ته ان جو گناهه انهن بدلائڻ وارن تي هوندو. بيشڪ الله سڀ ڪجهه ٻڌي ڄاڻي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مرڻ کان پوءِ ان جي ڪيل وصيت ۾ جيڪو به شاهدڪا تبديلي ڪندو ته اهو گناهه ان شاهد تي هوندوجيڪو وصيت ۾ ڦيرڦار ڪندو. بيشڪ الله تعالى سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمَن خافَ مِن موصٍ جَنَفًا أَو إِثمًا فَأَصلَحَ بَينَهُم فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 182) |
پوءِ جيڪو وصيّت ڪندڙ جي طرفداري يا گناہ ڄاڻي سو انھن (وصيّت ڪيل ۽ وارثن) جي وچ ۾ پرچاءُ ڪري ته مٿس گناہ نه آھي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪڏهن وصيت ڪرڻ واري کان پاسخاطري يا گناهه جو انديشو هجي ته پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو (وصيت ڪندڙ کي سمجهائي يا وارثن کي سمجهائي) انهن ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏي ته ائين ڪرڻ ۾ هن تي ڏوهه ڪونهي. بيشڪ الله تعاليٰ غلطيون بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جنهن خوف ڪيو ته وصيت ڪندڙ ناانصافي يا گناه ڪيو پوءِ صلح ڪرايائين انهن جي وچ ۾ پوءِ انهيءَ تي ڪوبه گناه ناهي، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ مهربان آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (هاءُ البت) جو شخص وصيت ڪرڻ واري جي بيجا طرفداري يا بي انصافيءَ جو خوف رکندو هجي ۽ انهن وارثن ۾ صلح ڪرائي ڇڏي ته مٿس ڪو گناھ نه آهي. بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جنهن خوف ڪيو وصيت ڪندڙ کان طرفداريءَ يا گناھ جو پوءِ صلح ڪرايائين انهن ۾ ته نه آهي ڪو گناھ ان تي بيشڪ الله بخشيندڙ، مهربان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪو وصيت ڪندڙ جي طرفداري يا گناهه کان ڊڄي پوءِ انهن جي وچ ۾ صلح ڪرائي ته مٿس ڪو گناهه نه آهي. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جنهن کي انديشو آهي ته وصيت ڪندڙ پاران (ڪنهن جي) طرفداري يا (ڪنهن سان ) زيادتي ڪئي وئي آهي ته پوءِ انهن (وارثن) جي وچ ۾ صلح ڪرائي ته ان تي ڪو گناهه ناهي. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀوءِ ڀانتو، بخشيندڙ ڪنان، جنهن، ڪنهن کي ڪسر يا ڪس، پوءِ پاپ، نه تنهن تي، پاڻ ۾، جنهن ڪيا راضي رس، اَلله آهي بس، مرهيندڙ ۽ مهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جيڪو وصيت ڪرڻ واري کان طرفداري يا گناهه جو ڀؤ رکندو هجي، ۽ انهن ۾ ٺاهه ڪرائي، ته ان تي گناهه نه آهي، بيشڪ الله وڏو بخشڻهار نهايت مهربان آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جنهن کي اهو انديشو هجي ته وصيت ڪندڙ اڻڄاڻائيءَ ۾ يا ڄاڻي واڻي حق ماريو آهي ۽ پوءِ معاملي سان لاڳاپو رکندڙن جي وچ ۾ هو اصلاح پيدا ڪري ته مٿس ڪوبه گناهه ڪونهي، الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) البته جنهن کي انديشو هجي ته وصيت ڪندڙ بنا ارادي يا ڄاڻي واڻي حق تلفي ڪئي آهي ۽ وري معاملي سان تعلق رکڻ وارن جي وچ ۾ اصلاح ڪري ته ان تي گناهه ناهي، الله بخشڻ وارو رحم ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ها جيڪڏهن شاهد هي سمجهي ٿوته وصيت ڪرڻ واري ڀلجي يا ڄاڻي واڻي زيادتي ڪئي آهيته پوءِ جن ماڻھن جي باري ۾ وصيت ڪئي وئي آهي، انهن کي هڪ هنڌ ويھاري معاملي کي صلح صفائيءَ سان نبيري ته ان (تبديلي) تي ڪوبه گناهه نه آهي، بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ الصِّيامُ كَما كُتِبَ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 183) |
اي مؤمنؤ جئن اوھان کان اڳين تي (روزا) فرض ڪيا ويا ھئا تئن اوھان تي (به) روزا فرض ڪيا ويا آھن ته مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مؤمنو! جهڙيءَ طرح اڳين ماڻهن تي روزا فرض ڪيا ويا هئا، تهڙيءَ طرح اوهان تي به فرض ڪيا ويا آهن، انهيءَ لاءِ ته توهان پاڻ تي ضابطو رکڻ ۽ براين کان بچڻ سکو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا، جيئنڪ توهان کان اڳين ماڻهن تي فرض ڪيا ويا انهي لاءِ جو توهان ۾ پرهيزگاري پيدا ٿئي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! روزا رکڻ جيئن اوهان کان اڳين تي فرض ڪيل هئا ائين توهان تي به فرض ڪيل آهن ته جيئن (اهڙي اطاعت سبب) اوهان ڪيترن ئي گناهن کان بچو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارا! فرض ڪيا ويا اوهان تي روزا (رکڻ) جيئن فرض ڪيا ويا اوهان کان اڳين تي تانته اوهان پرهيزگار ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارو ! اوهان تي روزو رکڻ لازم ڪيو ويو آهي جيئن اوهان کان اڳين تي لازم ڪيو ويو هو. مَنَ اوهين پرهيزگار ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! اوهان تي روزا (ائين) فرض ڪيا ويا آهن جيئن اوهان کان اڳين تي فرض ڪيا ويا هئا تان ته توهان پرهيزگار ٿي وڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي مڃيو، جن مذڪور!، واجب اوهان تي وار ٿيو، جيئن مَهندِينِ مٿي مور، ڪارڻ اِي، ته ڪِري ڪريو وار. (روزا)(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي ايمان وارؤ! اوهان تي به ايئن روزا فرض ڪيل آهن، جيئن اوهان کان اڳين تي فرض ڪيل هئا، ته اوهين بڇڙاين کان بچو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي مومنؤ! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا جيئن توهان کان اڳين امتن تي فرض ڪيا ويا هئا، ان لاءِ ته مــَـنَ توهان ۾ تقويٰ پيدا ٿئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، توهان تي روزا فرض ڪيا ويا، جهڙيءَ طرح فرض ڪيا ويا هئا توهان کان اڳ وارن نبين جي پيروڪارن تي. اميد آهي ته توهان ۾ پرهيزگاري پيدا ٿيندي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن، جهڙي طرح اوهان کان اڳ گذريل اُمَّتن تي فرض ڪيا ويا هئا ته جيئن (روزي رکڻ جي ڪري) توهان جي اندر پرهيزگاري پيدا ٿئي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَيّامًا مَعدودٰتٍ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ وَعَلَى الَّذينَ يُطيقونَهُ فِديَةٌ طَعامُ مِسكينٍ فَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَهُوَ خَيرٌ لَهُ وَأَن تَصوموا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 184) |
(روزا) ڳڻيل ڏينھن آھن، پوءِ اوھان مان جيڪو بيمار (ھجي) يا مسافريءَ تي ھجي (تنھن تي) ٻـين ڏينھن مان ڳڻي رکڻ (لازم) آھي، ۽ جن کي (مسڪين جي کاڌي ڏيڻ جي) سگھ آھي تن تي ھڪ مسڪين جو کاڌو فديه (يعني فطرانو ڏيڻ) لازم آھي، پوءِ جيڪو چڱائي وڌيڪ ڪندو تنھن لاءِ اُھا ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن عِلم وارا آھيو (ته اوھين سمجھي چڪا ھوندؤ) اوھان جو روزو رکڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڳڻيل ڏينهن (روزا رکڻا آهن، گهڻا ڪونه آهن) جيڪڏهن اوهان مان ڪو بيمار هجي ۽ سفر ۾ هجي ته ٻين ڏينهن ۾ (رمضان جا) باقي روزا رکي عدد پورو ڪري ۽ جيڪي ماڻهو روزي جي تڪليف بلڪل برداشت ڪري نه سگهن (مثلاً نهايت پوڙها ماڻهو يا دائم المريض) اُهي روزي جي بدران هڪ مسڪين کي ماني کارائين، پر جيڪڏهن ڪو پنهنجي خوشيءَ سان وڌيڪ مسڪينن کي کارائن ته هن جو اجر وڌيڪ ٿيندو پر جيڪڏهن سمجهي ٿو ته پوءِ سمجهي وٺو ته روزو رکڻ اوهان جي لاءِ بهتر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مقرر ڏينهن، پوءِ اهو ماڻهو جيڪو توهان مان مريض يا مسافر آهي پوءِ اوترا روزا ٻين ڏينهن ۾ رکي، ۽ جيڪي ماڻهو روزي جي طاقت نٿا رکن پوءِ روزي جي عيوض هڪ مسڪين کي کارائين، پوءِ جيڪو نيڪي زياده ڪندو انهيءَ لاءِ بهتر آهي، ۽ روزو رکڻ توهان لاءِ تمام بهتر آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهي به هميشه نه پر) ڳڻيل ڏينهن آهن. تنهن هوندي به (روزن جي ڏينهن ۾) جيڪو اوهان مان بيمار يا مسافريءَ تي هجي ته انهن ڏينهن مان (جيترا قضا ٿيل هجن) ڳڻي رکي ۽ انهن تي جيڪي (تڪليف سان) روزا رکي ته سگهندا هجن (پر نه رکن ته هڪ روزيءَ جي) فديه ۾ هڪ مسڪين جو کاڌو کارائڻ لازم آهي. ۽ جيڪو خوشيءَ سان (وڌيڪ) ڀلائي ڪري ٿو اهو ان لاءِ چڱو آهي. جيڪڏهن اوهان سمجهدار آهيو ته (ياد رکو! ته فديه کان) روزو رکڻ اوهان لاءِ (بهرحال) چڱو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڏينهن ڳڻيل پوءِ جيڪو اوهان مان بيمار هجي يا سفر ۾ ته پوءِ اوترو ڳاڻاٽو آهي ٻين ڏينهن مان ۽ انهن تي جو مشڪل سان طاقت ٿا رکن فديو آهي هڪ مسڪين جو کاڌو.وءِ جنهن خوشيءَ سان وڌائي نيڪي ته پوءِ اهو ان لاءِ ڀلو آهي ۽ روزا رکو ته ڀلو آهي اوهان لاءِ جيڪڏهن ڄاڻو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (روزا) ڳڻيل ڏينهن آهن. پوءِ جيڪو اوهان مان بيمار يا مسافريءَ تي هجي ته (ان کي) ٻين ڏينهن مان (اوترا روزا) ڳڻي رکڻا آهن. ۽ فديه (يعني) هڪ مسڪين جو کاڌو (ڏيڻ) انهن تي (لازم) آهي جيڪي ان جي طاقت رکن ٿا. پوءِ جيڪو خوشيءَ سان (وڌيڪ) ڀلائي ڪري ته اهو ان لاءِ چڱو آهي. ۽ روزو رکڻ اوهان لاءِ چڱو آهي جيڪڏهن ڄاڻو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ڳاڻيٽي جا ڏينهن آهن. پوءِ اگر اوهان مان ڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي ته ٻين ڏينهن (جي روزن سان) ڳاڻيٽو پورو ڪري. ۽ جيڪي (مسڪين کي کاڌي ڏيڻ جي) سگھه رکن ٿا اهي هڪ مسڪين جو کاڌو فديو ڏين. پوءِ جيڪو خوشيءَ سان وڌيڪ نيڪي ڪري ته اهو ان لاءِ بهتر آهي ۽ جي روزو رکو ته توهان لاءِ (سڀ کان) بهتر آهي جي توهان سمجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏينهن مقرر مور، پوءِ جو اوهان مان اَ گھو ٿيو، يا سانگ سُڌاريو ڏُور، پوءِ ٻِيا ڏينهن، ڏينهَنْ مان. ۽ جي صِحي نه سگھنِس، اُنهن مٿي، بدلو قُوْت ڪَنگال، پوءِ جنهن کڻِي، خير ڪيو، ته لاڪسِ ڀلو بحال، جي روزا رکندا، ته آهِ سو، آن لئي نيڪ نهال، جي حقيقت حال، صحِي سمجھندا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ڳڻيل ڏينهن آهن، پوءِ جيڪو اوهان مان بيمار هجي، يا سفر ۾ هجي، ته ٻين ڏينهن مان اوترائي ڏينهن، ۽ جنهن کي ان جي طاقت آهي ته هڪ مسڪين جو کاڌو ڏئي. جيڪو خوشيءَ سان وڌيڪ نيڪي ڪري، ته ان لاءِ چڱو آهي ۽ جي روزو رکو، ته اهو اوهان لاءِ بهتر آهي، جيڪڏهن سمجهه رکو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪن مقرر ڪيل ڏينهن جا روزا آهن، جيڪڏهن توهان مان ڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي ته ٻين ڏينهن ۾ اوترن ڏينهن جو انگ پورو ڪري ڇڏي ۽ جيڪي ماڻهو روزا رکڻ جي طاقت هوندي (به نه رکن) ته اهي فديو (ڏنڊ) ڏين. هڪ روزي جو فديو هڪ مسڪين کي کاڌو کارائڻ آهي ۽ جيڪو پنهنجي رضا خوشيءَ سان وڌيڪ نيڪي ڪندو ته اهو ان لاءِ وڌيڪ ڀلو آهي، پر (ياد رکو ته) توهان لاءِ وڌيڪ سٺو اهو آهي ته توهان روزا رکو جيڪڏهن توهان کي سمجهه (عقل) آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪجهه مقرر ڏينهن جا (روزا) آهن. جيڪڏهن توهان مان ڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي، ته ٻين ڏينهن ۾ ايترو ئي تعداد پورو ڪري ۽ جيڪي ماڻهو (روزي) رکڻ جي طاقت رکن ٿا (۽ نه رکن) ته اهي فديو ڏين، هڪ (روزي) جو فديو هڪ مسڪين کي کاڌو کارائڻ ۽ جيڪو خوشيءَ سان وڌيڪ ڀلائي ڪري، ته اهو ان لاءِ بهتر آهي. پر جيڪڏهن توهان بهتر سمجهو، ته اهو توهان جي حق ۾ آهي جي توهان علم رکو ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (روزي رکڻ لاءِ) چند ڏينھن مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن توهان مان ڪو بيمار هجي، يا سفر ۾ هجي ته پوءِ (روزو نه رکڻ جي کيس اجازت آهي. پوءِ هو جيترا ڏينهن روزا ڇڏي ٿو) اوترا ئي ڏينھن بعد ۾ ڳڻي پورا رکي ته جيئن روزن جو تعداد پورو ٿئي پر جيڪي ماڻهو روزو رکڻ جي طاقت جي باوجود روزا نٿا رکڻ چاهين ته اهڙا ماڻهو فديي طور هڪ روزي جو کاڌو هڪ مسڪين کي کارائين پر جيڪڏهن هو اڃا وڌيڪ مھرباني ڪن ته اها ڀلائي سندن لاءِ ئي بھتر آهي. پر جيڪڏهن توهان روزي رکڻ جي ثواب کي سمجهوته پوءِ روزا رکڻ ئي توهان لاءِ بھتر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
شَهرُ رَمَضانَ الَّذى أُنزِلَ فيهِ القُرءانُ هُدًى لِلنّاسِ وَبَيِّنٰتٍ مِنَ الهُدىٰ وَالفُرقانِ فَمَن شَهِدَ مِنكُمُ الشَّهرَ فَليَصُمهُ وَمَن كانَ مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ يُريدُ اللَّهُ بِكُمُ اليُسرَ وَلا يُريدُ بِكُمُ العُسرَ وَلِتُكمِلُوا العِدَّةَ وَلِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلىٰ ما هَدىٰكُم وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 185) |
رمضان جو مھينو اھڙو (ڀلو) آھي جنھن ۾ قرآن لاٿو ويو جو ماڻھن لاءِ سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي ۽ (اُن ۾) ھدايت ڪرڻ ۽ (سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾) سَنڌي وجھڻ جون چٽيون ڳالھيون آھن،پوءِ اوھان مان جيڪو اُنھيءَ مھيني ۾ (گھر ۾) حاضر ھجي تنھن کي اُن ۾ روزو رکڻ گهرجي، ۽ جيڪو بيمار ھُجي يا سفر تي (ھُجي) تنھن کي ٻـين ڏينھن مان (اوترو) ڳاڻاٽو (لازم) آھي. الله اوھان تي آساني ڪرڻ گھرندو آھي ۽ اوھان تي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه گھرندو آھي، ۽ (گھرندو آھي) ته اوھين ڳَڻ پوري ڪريو ۽ جيڪا اوھان کي ھدايت ڪيائين تنھن تي الله کي وڏائيندا رھو ۽ مانَ اوھين شُڪرانو ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو رمضان جو مهينو اهو آهي جنهن ۾ قرآن مجيد نازل ڪيو ويو. ان ۾ ماڻهن لاءِ هدايت جي واٽ ڏيکاريل آهي. هدايت جا روشن دليل ڏنل آهن، حق ۽ باطل الڳ الڳ ڪري ڏيکاريل آهن، پوءِ اوهان مان جيڪو به هن مبارڪ مهيني ۾ حاضر هجي اهو روزا رکي، ڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي ته پوءِ رمضان بعد ٻين ڏينهن ۾ باقي روزا رکي عدد پورو ڪري. الله تعاليٰ توهان جي واسطي آساني ٿو چاهي نه ڪه تڪليف (روزن قضا ڪرڻ جو حڪم انهيءَ لاءِ ڏنو ويو آهي ته) روزن جو عدد پورو ڪري پوري برڪت حاصل ڪيو، الله تعاليٰ جا توهان کي سنئين واٽ ڏيکاري آهي، تنهن تي سندس وڏائي ۽ شان بيان ڪيو ۽ پڻ (سندس نعمتون چڱيءَ طرح ڪم آڻي) ان جي شڪر گذاري ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رمضان شريف جي مهيني ۾ قرآن شريف نازل ڪيو ويو جيڪو ماڻهن لاءِ هدايت ۽ رهنمائي آهي ۽ فيصلي جا روشن دليل، پوءِ توهان مان جيڪو انهي مهيني ۾ حاضر ٿئي پوءِ ضرور روزا رکي ۽ جيڪو مريض آهي يا مسافر آهي پوءِ اوترا روزا ٻين ڏينهن ۾ رکي، الله تعالى اوهان تي آساني چاهي ٿو ۽ توهان تي تڪليف نٿو چاهي، انهيءَ لاءِ جو توهان ڳڻپ پوري ڪريو ۽ الله جي وڏائي بيان ڪريو جو توهان کي هدايت ڏنائين انهيءَ لاءِ جو توهان شڪرگذار رهو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) رمضان جو مهينو اهو آهي جنهن ۾ قرآن لاٿو ويو، جو ماڻهن جو رهنما آهي ۽ ان ۾ سڌي رستي لهڻ ۽ (حق ۽ باطل کي) جدا ڪرڻ جون پڌريون ڳالهيون آهن. (مسلمانو!) پوءِ اوهان مان جيڪو پنهنجي جاءِ تي هجي، ان کي گهرجي ته روزا رکي. ۽ جيڪو بيمار يا سفر ۾ هجي ته (ان کي) ٻين ڏينهن مان (اوترا روزا) ڳڻي رکڻا آهن. الله اوهان تي آساني ڪرڻ گهري ٿو ۽ اوهان تي سختي ڪرڻ نٿو گهري ۽ هن لاءِ ته ڳاڻيٽو پورو ڪريو ۽ هن لاءِ ته جيڪا اوهان کي هدايت ڪئي اٿس تنهن تي الله جي وڏائي بيان ڪريو ته جيئن اوهين شڪر گذار بڻجو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رمضان جو مهينو اهو آهي جو نازل ڪيو ويو ان ۾ قرآن (ان حال ۾ جو) هدايت ڪندڙ آهي ماڻهن جي لاءِ ۽ روشن دليل هدايت جا ۽ (حق ۽ ناحق ۾) فرق ڪرڻ جا پوءِ جيڪي لهي اوهان مان هن مهيني کي ته پوءِ ڀلي روزا رکي ان ۾ ۽ جيڪو آهي بيمار يا سفر ۾ ته پوءِ اهو ڳڻيل ٻيا ڏينهن (روزا رکي) ارادو ٿو ڪري الله اوهان سان آسانيءَ جو ۽ نه ٿو ارادو ڪري اوهان سان ڏکيائيءَ جو ۽ تانته پورو ڪيو ڳاڻاٽو ۽ تانته الله جي وڏائي بيان ڪيو ان (نعمت) تي جو هدايت ڪيائين اوهان کي ۽ تانته شڪر ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) رمضان جو مهينو اهو آهي جنهن ۾ قرآن لاٿو ويو جو ماڻهن لاءِ رهنمائي آهي ۽ رستي لهڻ ۽ (حق ۽ باطل کي) جدا ڪرڻ جون (ان ۾ ) پڌريون ڳالهيون آهن. پوءِ اوهان مان جنهن کي (هي) مهينو ملي سو ان جا روزا رکي. ۽ جيڪو (اوهان مان) بيمار يا مسافريءَ تي هجي ته (ان کي) ٻين ڏينهن مان (اوترا روزا) ڳڻي رکڻا آهن. الله اوهان تي آساني ڪرڻ گهري ٿو ۽ اوهان تي سختي ڪرڻ نه ٿو گهري ۽ هن لاءِ ته ڳاڻيٽو پورو ڪريو ۽ هن لاءِ ته جيڪا اوهان کي هدايت ڪئي اٿس تنهن تي الله جي وڏائي بيان ڪريو. ۽ مَنَ اوهين شڪر ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) رمضان جو مهينو (اُهو آهي) جنهن ۾ قرآن لاٿو ويو. جيڪو ماڻهن لاءِ هدايت آهي ۽ هدايت ۽ (حق ۽ ناحق ۾) فرق ڪرڻ واريون چٽيون نشانيون آهي، پوءِ توهان مان جيڪو هن مهيني کي لهي ته ان جا روزا رکي. ۽ جو بيمار هجي يا سفر تي هجي ته ٻين ڏينهن (جي روزن) سان ڳاڻيٽو پورو ڪري. الله اوهان سان آساني چاهي ٿو ۽ اوهان سان اهنجائي نه ٿو چاهي ۽ هن لاءِ ته اوهان ڳاڻيٽو پورو ڪيو ۽ هن لاءِ ته ان جيڪا اوهان کي هدايت عطا ڪئي آهي ان تي الله جي وڏائي بيان ڪيو ۽ ان لاءِ ته توهان شڪر گذار ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مهينو سو رمضان جو، جنهن ۾ لَٿو قرآن، صحِي سُونهپ ماڻهئين، پڻ سُونهپ سندا بيان، ۽ فرق ڪندڙ فُرقان، صفائـِي سچ، ۽ ڪوڙ جي. پوءِ جو پنهنجِي پَهر ۾، رسيو منجھ رمضان، پوءِ مر ته روزو، سو رکي؛ ۽ جو آهِ اگھو انسان، يا مسافر، مِهمان، ته ٻيا ڏينهن، ڏينهَنْ مان. الله اوهان ڪاڻ گُھري، سَنهج، سُهوليتون، نه گھري، تنگي، تڪليف ڪا، الله اوهان ساڻ، ڏينهن، ڏينهَنِ سامهان، پورا ڪريو پاڻ، جيئن ڏَسَيئـِين، تيئن ڏاتار جِي، واکاڻيون وَڏاڻ، ۽ ساريو مانَ سُڄاڻ!، اُن جاڳُڻ ۽ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) رمضان جو مهينو اهو آهي، جنهن ۾ قرآن نازل ٿيو، جو انسان لاءِ رهنما، سچائي جي روشن دليلن وارو ۽ کرو کوٽو جدا ڪندڙ آهي. جيڪو اوهان مان اهو مهينو ڏسي، ته ان کي روزا رکڻ گهرجن ۽ جيڪو اوهان مان بيمار يا مسافريءَ تي هجي، ته ٻين ڏينهن مان اوترا. الله اوهان لاءِ سولائي ڪرڻ گهري ٿو، ڏکيائي ڪرڻ نه ٿو گهري ۽ هن لاءِ ڳاڻيٽو پورو ڪريو ۽ الله جي واٽ ڏيکارڻ سبب سندس وڏائي بيان ڪريو ته اوهين شڪرگذار ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رمضان اهو مهينو آهي جنهن ۾ قرآن نازل ٿيو، جيڪو انسانن لاءِ هدايت آهي ۽ اهڙين چٽين ڳالهين وارو آهي، جيڪي سڌو رستو ڏيکاريندڙ ۽ حق ۽ باطل جو فرق ظاهر ڪندڙ آهن، تنهنڪري جنهن کي اهو مهينو هٿ اچي ته ان تي لازم آهي ته سڄو مهينو روزا رکي ۽ جيڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي ته ٻين ڏينهن ۾ روزن جو انگ پورو ڪري ڇڏي، الله ته توهان لاءِ آساني ٿو ڪرڻ چاهي، ۽ اوهان تي سختي ڪرڻ نه ٿو گهري، تنهنڪري اهو ان ڪري ٿو ٻڌايو وڃيوَ ته جيئن توهان روزن جو تعداد پورو ڪري سگهو ۽ جنهن هدايت سان الله توهان کي نوازيو آهي، انهيءَ جي ملڻ تي الله جي وڏائي بيان ڪريو ۽ سندس شڪرانا ادا ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مهينو رمضان جو اهو آهي جنهن ۾ نازل ڪيو ويو قرآن جيڪو ماڻهن لاءِ سراسر هدايت ۽ اهڙي واضح تعليمات تي ٻڌل آهي جو حق ۽ باطل جو فرق ظاهر ڪندڙ آهي. پوءِ جيڪو شخص هي مهينو ڏسي، اهو لازمي طور (پوري مهيني جا) روزا رکي، ۽ جيڪو مريض هجي يا هجي سفر تي ته اهو ٻين ڏينهن ۾ تعداد کي پورو ڪري، گهري ٿو الله توهان سان نرمي رکڻ، سختي نٿو چاهي، تنهنڪري هي طريقو ٻڌايو پيو وڃي جيئن توهان (روزن جو) تعداد پورو ڪريو ۽ الله توهان کي جنهن هدايت سان نوازيو آهي، ان تي سندس وڏائي بيان ڪريو ۽ شڪرڪر ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) رمضان اهو مھينو آهي جنھن ۾ قرآن (مجيد) نازل ڪيو ويو، جيڪو سڀني انسانن لاءِ هدايت (جو ذريعو) آهي ان ۾ انتھائي چٽيءَ طرح سان حق ۽ ڪوڙ جي فرق کي کولي بيان ڪيو ويو آهي. سو توهان مان جنھن کي به رمضان جو مھينو نصيب ٿئي ته مٿس فرض آهي ته هو پورو مھينو روزا رکي. ها جيڪڏهن ڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي، ته پوءِ کيس روزو نه رکڻ جي اجازت آهي. پوءِ هو جيترا روزا ڇڏي ٿو ته اوترا ئي روزا بعد ۾ ڳڻي رکي. الله تعالى توهان تي نرمي ڪرڻ گهري ٿو، تڪليف ڏيڻ نٿو چاهي ته جيئن توهان آرام سان روزن جو تعداد پورو ڪري سگهو. اهڙي مھرباني ڪرڻ تي الله تعالى جي وڏائي بيان ڪريو ته جيئن شڪرگذار ٻانها ٿي سگهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا سَأَلَكَ عِبادى عَنّى فَإِنّى قَريبٌ أُجيبُ دَعوَةَ الدّاعِ إِذا دَعانِ فَليَستَجيبوا لى وَليُؤمِنوا بى لَعَلَّهُم يَرشُدونَ (آيت : 186) |
۽ (اي پيغمبر) جڏھن مُنھنجا ٻانھا توکان مُنھنجي پُڇا ڪن (تڏھن چؤ) ته آءٌ ويجھو آھيان، جڏھن (ڪو) مُون کي سڏي ٿو تڏھن سڏيندڙ جو سڏ ورنايان ٿو تنھنڪري مُنھنجو حُڪم قبول ڪرڻ گھرجين ۽ مون تي ايمان آڻڻ گھرجين ته مانَ اُھي سُڌرن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر) جڏهن منهنجو ڪو ٻانهو تو کان منهنجي به نسبت پڇي (ته ڪهڙيءَ طرح مون وٽ پهچي سگهي ٿو) ته تون کيس ٻڌاءِ ته مان ته کيس ويجهڙو آهيان، هو جڏهن مونکي سڏي ٿو تڏهن هن جو سڏ ٻڌان ٿو ۽ قبول ڪيان ٿو، پوءِ (جيڪڏهن هو سچ پچ منهنجي طلب رکن ٿا ته) کين گهرجي ته منهنجي سڏ جو جواب ڏين ۽ مون تي ايمان رکن انهيءَ لاءِ ته سنئين واٽ تي هلي ڪاميابي حاصل ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي حبيب ! جڏهن توهان کان منهنجا ٻانها منهنجي لاءِ پڇن ٿا ته توهان فرمايو آءٌ ويجهو آهيان دُعا قبول ڪريان ٿو پڪاريندڙ جي جڏهن مون کي پڪاري ٿو پوءِ منهنجا احڪام مڃن ۽ مون تي ايمان آڻن ته بيشڪ اهي هدايت وارا ٿيندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) جڏهن تو کان منهنجا بندا منهنجي پڇا ڪن ٿا (چئو ته) بيشڪ آءُ انهن وٽ ئي آهيان. ۽ جڏهن مون کان ڪا به دعا گهرندا آهيو ته آءُ سڀ ڪنهن دعا گهرندڙ جي دعا (ٻڌندو آهيان ۽ جي مناسب هوندي ته) قبول ڪندو آهيان. پوءِ گهرجين ته منهنجو حڪم مڃين ۽ مون تي ايمان آڻين ته جيئن سڌي رستي تي اچن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن وقت پڇن توکان منهنجا ٻانها منهنجي (متعلق) پوءِ بيشڪ مان ويجهو آهيان قبول ڪندو آهيان دعا گهرندڙ جي دعا جنهن وقت مون کان گهرندو آهي پوءِ ڀلي ته قبول ڪن منهنجو حڪم ڀلي ته ايمان آڻين مون تي تانته اهي هدايت وارا ٿين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن توکان منهنجا ٻانهان منهنجي پڇا ڪن ته (چئو ته) بيشڪ آءُ ويجهو آهيان. سڏيندڙ جي سڏ جو جواب ڏيان ٿو جنهن وقت هو مون کي سڏي ٿو. پوءِ منهنجو حڪم قبول ڪن ۽ مون تي ايمان آڻين ته مَنَ رستو لهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي نبي!) جڏهن منهنجا ٻانها منهنجي باري ۾ تو کان پڇن (ته انهن کي ٻڌاءِ) ته بيشڪ آءُ تمام ويجهو آهيان. سڏيندڙ جو سڏ قبول ڪيان ٿو جڏهن مون کي سڏي ٿو، پوءِ گهرجي ته منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ مون تي يقين رکن ته جيئن اُهي سڌي واٽ لهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن پُڇئـِي، سندمِ پڄاريَنِ، مُنهنجِي حقيت حال، چئو، آئون اوهان کي اوڏڙو، قُرب ساڻ ڪمال، سُڻان سوال، ڪَرٖيمِ جڏهن، سائل ڪو سوال، پوءِ هِي به حڪم مُنهنجو، بيشڪ ڪن بحال، مون کي مڃينِ مورهين، ٻِئا ڇڏي خام خيال، ته لاشڪ لهندا لال، مارڳ، ملڪ ملير جو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن مهنجا بندا توکان مون بابت بڇن، ته (چئو) آئون ويجهو آهيان، جڏهن به ڪو مون کي سڏي ٿو ته آءٌ سندس سڏ جو جواب ڏيان ٿو، انهن کي به گهرجي ته منهنجا حڪم مڃين ۽ مون تي يقين رکن ته من سنئين واٽ تي اچن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! جڏهن منهنجا ٻانها توکان مون بابت پڇن ته ٻڌائين ته مان انهن کي ويجهڙو ئي آهيان، سڏيندڙ جڏهن مون کي سڏي ٿو ته مان سندس سڏ ٻڌان ۽ ورنايان ٿو، تنهنڪري کين گهرجي ته منهنجي سڏ تي لبيڪ چون ۽ مون تي ايمان آڻين (اها ڳالهه ٻڌائين) ته مــَـن هو سنئين واٽ لهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) مون متعلق پڇن منهنجا بندا جي توکان ته انهن کي ٻڌاءِ ته آءٌ سندن ويجهو آهيان، پڪارڻ وارو جڏهن مون کي پڪاري ٿو، آءٌ سندن پڪار ٻڌان ۽ جواب ڏيان ٿو. ان ڪري اهي منهنجي دعوت تي لبيڪ چون ۽ مون تي ايمان آڻين ته شايد سڌي راهه ماڻي وٺن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) جڏهن منھنجا ٻانها توهان کان منھنجي باري ۾ پڇن ته کين ٻڌاءِ ته مان انهن جي بالڪل ويجهو آهيان، سڏڻ وارو جڏهن مون کي سڏي ٿو ته مان سندس پڪار کي ٻڌان ٿو ۽ جواب به ڏيان ٿو، تنهنڪري کيس گهرجي ته هو منھنجو حڪم مڃي، مون تي ئي ايمان آڻي( ۽ منھنجي حڪمن تي هلڻ جي حامي ڀري). انهيءَ طريقي سان ئي هو سڌو رستو لھي سگهندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُحِلَّ لَكُم لَيلَةَ الصِّيامِ الرَّفَثُ إِلىٰ نِسائِكُم هُنَّ لِباسٌ لَكُم وَأَنتُم لِباسٌ لَهُنَّ عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم كُنتُم تَختانونَ أَنفُسَكُم فَتابَ عَلَيكُم وَعَفا عَنكُم فَالـٰٔنَ بٰشِروهُنَّ وَابتَغوا ما كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَكُلوا وَاشرَبوا حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكُمُ الخَيطُ الأَبيَضُ مِنَ الخَيطِ الأَسوَدِ مِنَ الفَجرِ ثُمَّ أَتِمُّوا الصِّيامَ إِلَى الَّيلِ وَلا تُبٰشِروهُنَّ وَأَنتُم عٰكِفونَ فِى المَسٰجِدِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَقرَبوها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 187) |
روزي جي رات ۾ اوھان لاءِ پنھنجين زالن سان صُحبت ڪرڻ حلال ڪئي ويئي، (جو) اُھي اوھان جو ڍڪ آھن ۽ اوھين اُنھن جو ڍڪ آھيو. الله ڄاتو ته اوھين پاڻ سان خيانت ڪندا ھيؤ پوءِ اوھان تي (ٻاجھ سان) موٽيو ۽ اوھان کي معاف ڪيائين، پوءِ ھاڻي ساڻن صُحبت ڪريو ۽ الله اوھان لاءِ جيڪي (اولاد) لکيو آھي تنھن جي طلب ڪريو ۽ (ايستائين) کائو ۽ پيئو جيستائين ڪاري ڌاڳي کان باکه جو اڇو ڌاڳو اوھان لاءِ پڌرو ٿئي، پوءِ روزو رات توڻي پورو ڪريو، ۽ جنھن حالت ۾ اوھين مسجدين ۾ اعتڪاف وارا ھجو ته اُنھن (زالن) سان صُحبت نه ڪريو. اِھي الله جون حدون آھن پوءِ اُنھن کي ويجھا نه وڃو، اھڙيءَ طرح الله ماڻھن لاءِ پنھنجا حُڪم پڌرا ڪندو آھي ته مانَ اُھي پرھيزگاري ڪن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان جي لاءِ حلال آهي ته روزن جي ڏينهن ۾ رات جي وقت ڀلي پنهنجي عورتن سان همبستر ٿيو. هو اوهان جي لاءِ لباس آهن ۽ اوهان هنن جي لاءِ (يعني اوهان جي زندگي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي ۽ هڪ ٻئي لاءِ سينگار ۽ حفاظت آهيو) الله تعاليٰ کي معلوم آهي ته توهان (رات جو زالن سان همبستر ٿيڻ کي ناجائز سمجهي به لڪ ڇپ ۾ اهو ڪم ڪري) پنهنجي ضمير سان خيانت ڪري رهيا آهيو، پوءِ الله تعاليٰ توهان جي توبهه قبول ڪئي ۽ اوهان جي خطا معاف ڪئي، هاڻي بيشڪ پنهنجي زالن سان رات جي وقت همبستر ٿيو ۽ جيڪي الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ جائز ٺهرايو آهي سو طلب ڪيو ۽ ماڻيو ۽ (رات جي وقت) بيشڪ کائو پيئو جيستائين صبح جي سفيد ڌار رات جي ڪاري ڌار کان نڪري نروار ٿئي (يعني پرڀات ٿي، تنهن کان اڳي کائڻ پيئڻ بند ڪيو) پوءِ (پره ڦٽيءَ کان وٺي) رات تائين يعني سج لهڻ تائين روزو پورو ڪيو. پر جيڪڏهن توهان مسجدن ۾ اعتڪاف ڪري رهيا آهيو ته پوءِ (رات جو به) پنهنجي زالن سان همبستر نه ٿيو. اهي الله جون ٺهرايل حدون آهن، تنهن ڪري (انهن حدن کان ٻاهر وڃڻ لاءِ حدن کي رڳو ويجهو به نه وڃو. الله تعاليٰ اهڙيءَ طرح پنهنجون هدايتون چٽيون ڪري ٻڌائي ٿو، انهيءَ لاءِ ته ماڻهو خدا جي نافرمانيءَ کان بچن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) روزن جي راتين ۾ پنهنجين عورتن ڏانهن وڃڻ توهان لاءِ حلال آهي، اهي توهان جو لباس آهن ۽ توهان انهن جا لباس آهيو، الله تعالى معلوم ڪيو ته توهان پنهنجن نفسن کي خيانت ۾ وجهندا هئا پوءِ توهان جي توبہ قبول ڪري توهان کي معاف ڪيائين، پوءِ هينئر انهن سان صحبت ڪريو ۽ طلب ڪريو جيڪو الله توهان جي نصيب ۾ لکيو آهي، ۽ توهان کائو ۽ پيئو ايستائين جو توهان لاءِ ظاهر ٿئي رات جي اونداهي مان روشني صبح صادق جي، پوءِ رات اچڻ تائين روزو پورو ڪريو، ۽ عورتن کي هٿ نه لايو جڏهن توهان اعتڪاف ۾ مسجدن ۾ ويهو، اهي الله تعالى جون حدون آهن پوءِ انهن جي ويجهو نه وڃو، اهڙيءَ طرح الله تعالى بيان ڪري ٿو پنهنجن نشانين کي انهيءَ لاءِ جو انهن ۾ پرهيزگاري ٿئي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) روزي جي رات ۾ پنهنجين زالن سان ملڻ اوهان لاءِ حلال ڪيو ويو آهي. اهي اوهان جي پوشاڪ آهن ۽ اوهين انهن جو اوڇڻ آهيو خدا ڏٺو ته اوهان (گناھ ڪري) پنهنجو نقصان ڪندا هئا (جو لڪي لڪي اوهين پنهنجين زالن سان مباشرت ڪندا هئا) ته ان اوهان جي توبه قبول ڪئي ۽ اوهان کي معاف ڪيو. سو هاڻي انهن سان ڀلي ملو ۽ (اولاد لاءِ) جيڪي خدا توهان لاءِ (تقدير ۾) لکيو آهي، تنهن جي طلب ڪريو ۽ ايستائين کائو ۽ پيئو جيستائين صبح جو اڇو ڌاڳو، ڪاري ڌاڳي (اوڀر طرف) کان اوهان لاءِ ظاهر ٿئي. وري رات تائين روزي کي پورو ڪريو. ۽ (هائو) جڏهن توهان مسجد ۾ اعتڪاف ڪرڻ ويهو ته (رات جو به) انهن (زالن) سان صحبت نه ڪريو. اهي الله جون حدون آهن پوءِ انهن جي ويجهو نه ٿيو. اهڙي طرح خدا، ماڻهن لاءِ پنهنجون آيتون (حڪم) بيان ڪري ٿو ته من اهي پرهيزگار ٿين ( نافرمانيءَ کان بچن).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حلال ڪئي وئي اوهان لاءِ روزي جي رات ۾ صحبت ڪرڻ پنهنجين زالن سان اهي ڍڪ آهن اوهان لاءِ ۽ اوهان ڍڪ آهيو انهن لاءِ.اتو الله ته بيشڪ اوهان خيانت ۾ ٿي وڌو پنهنجي پاڻ کي پوءِ (ٻاجھ سان) موٽيو اوهان تي ۽ معاف ڪيائين اوهان کي پوءِ هاڻي صحبت ڪيو انهن سان ۽ طلب ڪيو جيڪي لکيو الله اوهان جي لاءِ ۽ کائو ۽ پيئو تان جو ظاهر ٿئي اوهان لاءِ (باک ڦٽڻ وارو) اڇو ڌاڳو ڪاري ڌاڳي کان فجر جي وقت ان کان پوءِ پورو ڪيو روزو رات تائين ۽ نه صحبت ڪيو انهن سان ان حال ۾ جو اوهان ڏهي ۾ ويٺل آهيو مسجدن ۾ اهي حدون آهن الله جون پوءِ انهن کي ويجها ئي نه وڃو.هڙيءَ طرح بيان ٿو ڪري الله پنهنجون آيتون ماڻهن لاءِ من اهي تقوى وارا ٿين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) روزي جي رات ۾ پنهنجين زالن سان ملڻ اوهان لاءِ حلال ڪيو ويو آهي. اهي اوهان جي پوشاڪ آهن ۽ اوهين انهن جي پوشاڪ آهيو. الله ڄاتو ته اوهين پاڻ سان خيانت ڪندا هيو، پوءِ اوهان تي مهرباني ڪيائين ۽ اوهان کي معاف ڪيائين. سو هاڻي انهن سان ملندا رهو. ۽ جيڪي الله اوهان لاءِ لکيو تنهن جي طلب ڪريو. ۽ (ايستائين) کائو ۽ پيئو جيستائين صبح جو اڇو ڌاڳو ڪاري ڌاڳي کان اوهان لاءِ ظاهر ٿئي. وري رات تائين روزي کي پورو ڪريو. ۽ انهن (زالن) سان هن حالت ۾ صحبت نه ڪريو جو اوهين مسجدن ۾ اعتڪاف ڪندڙ هجو. اهي الله جون حدون آهن پوءِ انهن جي ويجهو نه ٿيو. اهڙيءَ طرح الله ماڻهن لاءِ پنهنجون آيتون (حڪم) بيان ڪري ٿو ته مَنَ اهي پرهيزگار ٿين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) روزن جي راتين ۾ پنهنجي گهر وارين وٽ وڃڻ اوهان لاءِ حلال ڪيو ويو آهي. اُهي اوهان جولباس آهن ۽ اوهان انهن جو لباس آهيو. الله ڄاتو ته اوهان پنهنجي پاڻ سان خيانت پئي ڪئي، سو اوهان کي معاف ڪيائين ۽ اوهان کان درگذر ڪيائين. پوءِ هاڻي (روزن جي راتين ۾) ڀلي انهن سان صحبت ڪيو ۽ جو (لطف ۽ اولاد) الله اوهان لاءِ لکيو آهي سو طلب ڪيو ۽ کائيندا پيئندا رهو جيستائين صبح جو سفيد ڌاڳو (رات جي) ڪاري ڌاڳي کان (جدا ٿي )پڌرو ٿي وڃي. پوءِ روزو رات تائين پورو ڪيو ۽ گهروارين سان صحبت نه ڪيو جڏهن توهان مسجدن ۾ اعتڪاف ۾ هجو. اهي الله جون حدون آهن پوءِ انهن جي (ڀڃڻ جي) ويجهو نه وڃو. اهڙي طرح الله پنهنجون نشانيون ماڻهن لاءِ پڌريون ڪري ٿو تان ته اُهي پرهيزگار ٿين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) روزي رات رَواٿِيان، اَهنجي وَنِين سان وهنوار، هُو ڍَڪ اوهان جو، ڍوليا!، اوهين سندنِ ڍَڪ ڍار، چورِي، چراند اَهنجِي، ڄاتِي ڄاڻـڻهار، پوءِ بخشيان بخشڻهار، ۽ معافِي ڏِنيان مورهين. پوءِ هٿ لايونِ هاڻ، ته الله اوهان لئي، جو لکيو، گُھرو پٽ پيداڪرڻ، ۽ کائو ۽ پيو پاڻ، تان اَڇو سَڳو، ڪاري ڪنان، صبح مان سڄاڻ!، اَڇري اوهان ڪاڻ، پوءِ رکو روزو رات سين. ۽ نه مِلو مسجدن ۾، ۽ جڏهن هُجو ڏَهيٖ ساڻ، اِهي حدون الله جون، پوءِ سوڙها نه پئونِ سڄاڻ!، اِن پر اوهان لئي، آيتون، پنهنجون کولي پاڻ، مولا ماڻهن ڪاڻ، ته ڪن ڪا، ڪِرِي ڪَمن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) روزي وارين راتين ۾ پنهنجي زالن سان صحبت ڪرڻ جي اوهان کي موڪل آهي، اهي اوهان جو ڍڪ آهن ۽ اوهين انهن جو ڍڪ آهيو. الله کي خبر آهي ته اوهان پنهنجو نقصان ڪيو ٿي، سو اوهان کي معاف ڪيائين ۽ ڇڏي ڏنائين، هاڻي ڀلي ساڻن صحبت ڪريو ۽ جيڪي الله اوهان لاءِ لکيو آهي، سو طلبيو ۽ کائو ۽ پيئو. ايتري تائين جو اوهان کي رات جو سُنڌو صبح جي سُنڌي کان پڌرو نظر اچي، پوءِ رات تائين روزو پورو ڪريو ۽ مسجدن ۾ ڏهي ڪڍڻ وقت زالن سان صحبت نه ڪريو. اهي الله جون حدون آهن، سو انهن جي ويجهو نه وڃو. اهڙيءَ طرح الله پنهنجي حڪم کي ماڻهن لاءِ کولي بيان ڪري ٿو ته اهي بڇڙاين کان بچن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان لاءِ روزن جي راتين ۾ پنهنجي زالن وٽ وڃڻ حلال ڪيو ويو آهي، هو توهان لاءِ لباس آهن ۽ توهان هنن لاءِ لباس آهيو. الله کي معلوم ٿيو ته توهان لڪ چوريءَ پاڻ سان پئي خيانت ڪئي پر هن توهان جو ڏوهه معاف ڪيو ۽ توهان کان ٽارو ڪيو، هاڻي توهان پنهنجي زالن سان ڀلي صحبت ڪريو ۽ جيڪو لطف، الله توهان لاءِ جائز ڪيو آهي سو حاصل ڪريو ۽ پڻ راتين جو کائو پيئو، ايستائين جو توهان کي رات جي اوندهه واري ليڪي کان باک ڦٽڻ وارو ليڪو پڌرو ٿي نظر اچي، پوءِ اهي ڳالهيون جــَـهلي رات تائين پنهنجو روزو پورو ڪريو ۽ جڏهن توهان مسجدن ۾ اعتڪاف ۾ ويٺل هجو ته زالن سان صحبت نه ڪريو. اهي الله جون بيهاريل حدون آهن جن جي ويجهو به نه وڃجو، اهڙيءَ ريت الله پنهنجا حڪم ماڻهن کي کولي کولي ٿو ٻڌائي ته مـَـنَ هو غلط نموني ۾ هلڻ کان بچن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حلال ڪيو ويو آهي توهان لاءِ روزن ۾ راتين جو پنهنجي زالن وٽ وڃڻ هو توهان جي لاءِ لباس آهن ۽ توهان انهن جي لاءِ لباس آهيو. معلوم ٿي ويو الله کي ته توهان ماڻهو ماٺ ميٺ ۾ خيانت ڪري رهيا هئا پنهنجي پاڻ سان، پر هن توهان جو قصور معاف ڪري ڇڏيو ۽ توهان کي درگذر فرمايو. هاڻي توهان پنهنجي زالن سان رات گذاري سگهو ٿا ۽ جيڪو لطف الله جائز ڪيو آهي توهان جي لاءِ، اهو حاصل ڪريو ۽ راتين جو کائو ۽ پيئو، ايستائين جو نظر اچي وڃي توهان کي صبح جي سفيد ڌاري نمايان طور تي رات جي ڪاري ڌاري کان. پوءِ هي سڀ ڪم ڇڏي پنهنجو روزو پورو ڪريو رات تائين. ۽ پنهنجي زالن سان صحبت نه ڪريو جڏهن توهان اعتڪاف ۾ هجو مسجد ۾، هي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن انهن جي ويجهو نه وڃو، اهڙيءَ طرح الله پنهنجا حڪم چٽيءَ طرح بيان ڪري ٿو ماڻهن لاءِ، اميد ته اهي غلط روين کان بچندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان لاءِ رمضان (شريف) جي راتين ۾، پنھنجي گهر وارين سان اڪيلائيءَ ۾ ملڻ واري عمل کي جائز قرار ڏنو ويو آهي. هو توهان جي پرده پوشي ڪندڙ آهن ۽ توهان به سندن پرده پوشي ڪندڙ آهيو. الله تعالى کي سموري خبر آهي ته (هن کان پهريائين) توهان لڪي لڪي منع ڪيل ڪم ڪندا هئا. (ٺيڪ آ) هاڻي هن توهان جي پوين خطائن کي درگذر ڪري توهان کي معاف ڪيو، هاڻي توهان کي اجازت آهي ته ڀلي رمضان جي راتين ۾، پنھنجي گهر وارين سان ملي الله تعالى جي طرفان رکيل لذت وٺو ۽ رات جو خوب کائو ۽ پيئو، ايستائين جو صبح جي باک ظاهر ٿئي (پوءِ اهي سڀ ڪم ڇڏي) روزي کي مڪمل ڪريو، ايستائين جو سج چڱيءَ طرح لھي وڃي (وري ٻي ڳالهه به سمجهي وٺو ته) رمضان شريف جي راتين ۾، جڏهن توهان اعتڪاف جي حالت ۾، مسجدن ۾ هجو ته پوءِ پنھنجي گهر وارين سان (اعتڪاف مان نڪري)اڪيلائيءَ ۾ ڪڏهن به نه ملجو، هي الله تعالى جون مقرر ڪيل حدون آهن سو انهن جي ويجهو به نه وڃجو. الله تعالى اهڙيءَ طرح ماڻھن لاءِ پنهنجون آيتون بيان ڪندو آهي ته جيئن هو پرهيزگار ٿي وڃن يعني غلط ڪمن کان بچي سگهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ وَتُدلوا بِها إِلَى الحُكّامِ لِتَأكُلوا فَريقًا مِن أَموٰلِ النّاسِ بِالإِثمِ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 188) |
۽ اوھين پنھنجا مال پاڻ ۾ ناحق سان نه کائو ۽ اُن (مال) کي حاڪمن ڏانھن ھن لاءِ (وڍيءَ طور) نه پھچايو ته ماڻھن جي مال مان ڪجھ (ڀاڱو) ڏوھ سان کائو ھن ھوندي به جو اوھين ڄاڻندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هڪ ٻئي جو مال ناجائز طريقن سان نه کائو، نڪي مال ۽ دولت کي حاڪمن جي دلين تائين پهچڻ جو وسيلو بنايو (رشوت رسائي نه ڏيو) انهيءَ لاءِ ته ٻين جي مال مان ڪجهه حصو ناحق طور کائي وڃو اگرچه ڄاڻو به ٿا (ته اهو وڏو ظلم آهي رشوت ڏيڻ ۽ پرائو حق کائڻ ڪبيرا گناه آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مال ناحق نه کائو ۽ نه فيصلي ڪندڙن وٽ انهيءَ جو فيصلو کڻي وڃو انهيءَ لاءِ جو ماڻهن جو ڪجهه مال ناجائز طريقي سان کائو حالانڪ توهان ڄاڻو ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جو مال ناحق نه کائو ۽ نه ان کي حاڪمن تائين (رشوت طور) پهچايو ته جيئن ماڻهن جي مالن مان ڪو حصو ناحق هٿ ڪري ڄاڻي واڻي کائي وڃو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه کائو مال هڪ ٻئي جا پاڻ ۾ باطل (طريقي) سان ۽ نه رسائي حاصل ڪيو انهن سان حاڪمن ڏانهن تانته کائو حصو مالن ماڻهن جي مان گناھ سان حالانڪه اوهان ڄاڻو ٿا (ته اهو حرام آهي) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجا مال پاڻ ۾ ناحق سان نه کائو. ۽ نه انهن کي حاڪمن تائين (رشوت طور) پهچايو ته ماڻهن جي مالن مان ڪو حصو ظلم ڪري ڄاڻي واڻي کائي وڃو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مال ناحق طريقي سان نه کائو ۽ نه مال کي (ناجائز طريقي سان) حاڪمن وٽ پهچايو هن لاءِ جو ماڻهن جي مال جو ڪجهه حصو اوهان به ناجائز طريقي سان کائي سگهو حالانڪه (اها ڳالهه) اوهان ڄاڻو ( به) ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪوڙي ڦڏي سان، پاڻ ۾، نه کائو ماڻهنِ مال، ۽ اُن تي عملدارن ۾، پُڪاريو پيمال!، ته کائو ماڻهن جي، مال مان، ڀاڱو ڪو بحال، ڪوڙ نِسورٖي نال، ۽ حق ڄاڻو پئا، جنهن حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هڪ ٻئي جا مال ناجائز نمونن ۾ نه کائو ۽ انهن کي حاڪمن وٽ انهي لاءِ نه پهچايو ته ڄاڻي ٻجهي ظلم سان ماڻهن جي مال مان ڪو حصو کائو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مال ناجائز طرح نه کائيندا ڪريو ۽ نڪي حاڪمن وٽ انهن کي ان مقصد خاطر پيش ڪريو تانته توهان کي ٻين جي مال مان ڪو حصو ڄاڻي واڻي ظلم سان کائڻ جو موقعو ملي وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه کائو توهان ماڻهو هڪ ٻئي جو مال ناجائز طريقي سان ۽ نه وري حاڪمن جي آڏو انهيءَ غرض سان پيش ڪريو جيئن توهان کي ٻين جي مال مان ڪو حصو ظالماڻي طريقي سان کائڻ جو موقعو ملي جڏهن ته توهان اهو ڄاڻو به ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان ماڻهو هڪ ٻئي جا مال غلط طريقي سان نه ڦٻايو ۽ نه ئي (ڪنهن کي ڌمڪائي يا) ڄاڻي واڻي سندن مال کي، حاڪمن وٽ پيش ڪرڻ لاءِ کڻي وڃوته جيئن توهان کي به ان مال مان ڪجهه حصو پتي رشوت طور کائڻ جو موقعو ملي وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَهِلَّةِ قُل هِىَ مَوٰقيتُ لِلنّاسِ وَالحَجِّ وَلَيسَ البِرُّ بِأَن تَأتُوا البُيوتَ مِن ظُهورِها وَلٰكِنَّ البِرَّ مَنِ اتَّقىٰ وَأتُوا البُيوتَ مِن أَبوٰبِها وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 189) |
(اي پيغمبر) توکان چنڊن (يعني مھينن) بابت پڇن ٿا، چؤ ته اِھي ماڻھن ۽ حج لاءِ وقت مُقرر ٿيل آھن، ۽ چڱائي (ھن ۾) نه آھي ته (احرام جي حالت ۾) گھرن ۾ سندن پٺين پاسن کان اچو پر (اصل) چڱائي (اُنھيءَ لاءِ) آھي جيڪو (الله کان) ڊڄي، ۽ گھرن ۾ سندن درن کان اچو، ۽ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھين ڇٽو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي پيغمبر! ماڻهو توکان پهرين تاريخ جي چنڊ بابت سوال ڪن ٿا، کين ٻڌاءِ ته اهڙا چنڊ ماڻهن جي لاءِ وقت جو حساب آهن ۽ پڻ حج جي مهيني جي مقرري ان سان ٿئي ٿي ۽ (باقي ماڻهن جا وهم ۽ سنسا ۽ رسمون اجايون آهن) هي ڪا نيڪي جي ڳالهه ناهي ته پنهنجي گهرن ۾ (دروازا ڇڏي) پٺئين پاسي کان داخل ٿجي (جيئن عرب ڪندا هئا) نيڪي ته هن ۾ آهي ته خدا جو خوف رکي گناهن کان پرهيز ڪجي. تنهن ڪري (وهم سنسا ڇڏي) پنهنجي گهرن ۾ دروازي کان گهڙو ۽ خدا کان ڊڄي گناهن کان پري ڀڄو ته من ڪامياب ٿيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان کان (نئين) چنڊ لاءِ سوال ڪن ٿا، توهان فرمايو اِهي وقت جون نشانيون آهن ماڻهن ۽ حج لاء،ِ ۽ ناهي نيڪي جو توهان پنهنجن گهرن ۾ پوئين طرف کان اچو، ها! نيڪي ته خوفِ خدا آهي، ۽ گهرن ۾ دروازن کان داخل ٿيو، ۽ الله تعالى کان خوف ڪريو بيشڪ توهان ڪامياب ٿيندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تو کان چنڊ بابت پڇن ٿا (ته ڇو گهٽجي ۽ وڌي ٿو) (کين) چئو ته ان مان ماڻهن جي (دنياوي ڳالهين) ۽ حج جا وقت معلوم ٿين ٿا. ۽ اها چڱائي نه آهي ته اوهين گهرن ۾ پٺيان ڪوٺن (کڏن) کان (ٽپي) اچو. پر ڀلو (ماڻهو) اهو آهي جيڪو پرهيزگار ٿيو. ۽ گهرن ۾ (اچڻ وقت) گهرن جي دروازن کان اچو ۽ خدا کان ڊڄندا رهو ته من مراد کي پهچو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڇن ٿا توکان (اڀرندڙ) چنڊن جي باري ۾ فرماءِ ته اهي وقت سڃاڻڻ جون نشانيون آهن ماڻهن جي لاءِ ۽ حج جي لاءِ ۽ (هيءَ ڪا) نيڪي نه آهي جو اچو (پنهنجن) گهرن ۾ انهن جي پوين پاسن کان ۽ پر نيڪي ان جي آهي جو تقوى اختيار ڪيائين ۽ اچو گهرن ۾ انهن جي دروازن کان ۽ ڊڄو الله کان (ان اميد تي) ته ڪامياب ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تو کان چنڊن جو پڇن ٿا (کين) چئو ته اهي ماڻهن ۽ حج لاءِ مقرر ٿيل وقت آهن. ۽ هي ڀلائي نه آهن ته اوهين گهرن ۾ (احرام جي حالت ۾ ) گهرن جي پٺين پاسن کان اچو. پر ڀلو (ماڻهو) اهو آهي جيڪو پرهيزگار ٿيو. ۽ گهرن ۾ گهرن جي دروازن کان اچو. ۽ الله کان ڊڄو ته مَنَ اوهين ڪامياب ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) ماڻهو توکان نَوَن چنڊن بابت پڇن ٿا؟چؤ ته اهي ماڻهن لاءِ ۽ حج (جي مهيني جي تعين) لاءِ وقت جون نشانيون آهن. ۽ اها نيڪي ناهي جو گهرن ۾ انهن جي پٺيان کان اچو ۽ پر نيڪي هي آهي جيڪو پرهيزگاري اختيار ڪري ۽ گهرن ۾ انهن جي دروازن کان ئي اچو ۽ الله کان ڊڄندا رهو جيئن اوهان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُڇنِئي پهرين چندن جو، چئو، ماڻهن ۽ حج هار، مقرر هِي موقعا؛ نيڪِي نه اِي نبار، ته اچو گھرن کي، اُنهن پٺيان، پر نيڪِي هِي نِروار، ته ڪئـِي ڪِري جنهن ڪم ڪار ۾، ۽ آيو عقلدار، گھرن ۾ سندن درن کان، ادب سين اظهار، ۽ ڪنبو ڀر قهار، ته سدائين سوَلا ٿِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکان چنڊن بابت پڇن ٿا، چئو ته اهي ماڻهن لاءِ مقرر وقتن ۽ حج لاءِ آهن. ۽ گهرن ۾ پٺئين طرف کان اچڻ نيڪي نه آهي. بلڪ نيڪي ان جي آهي، جو الله کان ڊڄي، گهرن ۾ سندن دروازن مان گهڙو ۽ الله کان ڊڄندا رهو، ته ڪامياب ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ماڻهو توکان چنڊ جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ بابت پڇا ڪن ٿا، چؤ ته اهي ماڻهن لاءِ تاريخون مقرر ڪرڻ جون ۽ حج جون علامتون آهن ۽ اهو پڻ ٻڌائين ته اهو ڪو نيڪيءَ وارو ڪم ناهي ته توهان پنهنجن گهرن ۾ پٺئين پاسي کان داخل ٿيو، نيڪي ته اصل ۾ اها آهي ته ماڻهو الله جي ناراضپي کان بچي، تنهنڪري توهان پنهنجن گهرن ۾ دروازي مان ايندا ڪريو، باقي الله کان ڊڄندا ڪريو ته مــَـنَ توهان کي فلاح نصيب ٿئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! چنڊ جي گهٽ وڌ ٿيڻ ۽ صورتن بابت پڇن ٿا. چوين ”اهي ماڻهن جي لاءِ تاريخن مقرر ڪرڻ ۽ حج جون نشانيون آهن.“ کين چئو ته ”اها نيڪي ناهي جو توهان پنهنجي گهرن ۾ پوئين طرف کان داخل ٿيو ٿا، پر نيڪي اها آهي ته ماڻهو الله جي ناراضگي کان بچي، پنهنجي گهرن ۾ توهان دروازن کان ئي ايندا ڪريو، ۽ الله کان ڊڄندا رهو، شايد توهان کي فلاح نصيب ٿئي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) توهان کان ماڻهو چنڊ (جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ واري صورتحال) بابت پڇا ڪن ٿا، کين ٻڌايو ته (اها صورتحال) ماڻھن جي لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ ۽ انهن تاريخن جي ذريعي حَجَّ جا ڏينھن مقرر ڪرڻ لاءِ آهي، انهن کي اهو به ٻڌايو ته (حَجَّ جي ڏينھن ۾) توهان پنھنجي گهرن ۾ پويان کان داخل ٿيندا آهيو ته اهو ڪو نيڪيءَ جو ڪم نه آهي. نيڪيءَ جو ڪم هي آهي جنھن ۾ ماڻهو الله تعالى جي ناراضپي کان بچي. تنهنڪري توهان پنھنجي گهرن ۾ اڳين دروازن کان داخل ٿيندا ڪريو. هميشه الله تعالى کان ڊڄندا رهو. ان ڊڄڻ جي ڪري ئي توهان کي ڪاميابي حاصل ٿيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يُقٰتِلونَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 190) |
جيڪي اوھان سان وڙھن تن سان الله جي واٽ ۾ وڙھو ۽ حد کان نه لنگھو، ڇوته الله حد کان لنگھندڙن کي پيارو نه رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو توهان سان اڳرائي ڪري لڙائي ڪن تن سان الله جي راهه ۾ بهادريءَ سان وڙهو، پر ڪنهن به طرح ضرورت جي حد کان ٻاهر نه وڃجو. الله تعاليٰ انهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي حدن کان ٻاهر ٿا وڃن (خود لڙائي جي حالت ۾ به دوکي بازي، بي رحمي، ڦرلٽ ٻارن ۽ زالن کي قتل ڪرڻ وغيره وغيره حرام آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى جي واٽ ۾ جهاد ڪريو انهن سان جيڪي توهان سان وڙهن ٿا ۽ حد کان نه وڌو، بيشڪ الله تعالى حد کان وڌندڙن کي پسند نٿو ڪري.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا جي راھ ۾ انهن سان جنگ ڪريو جيڪي اوهان سان جنگ ڪن ٿا. ۽ زيادتي نه ڪريو. بيشڪ خدا زيادتي ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنگ ڪيو الله جي واٽ ۾ انهن سان جو جنگ ٿا ڪن اوهان سان ۽ نه زيادتي ڪيو.يشڪ الله نه ٿو محبت رکي زيادتي ڪندڙن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله جي رستي ۾ انهن سان جنگ ڪريو جيڪي اوهان سان جنگ ڪن ٿا. ۽ زيادتي نه ڪريو. بيشڪ الله زيادتي ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جي واٽ ۾ انهن سان جنگ ڪيو جيڪي اوهان سان جنگ ڪن ٿا ۽ (پر) حد کان نه لنگهو. بيشڪ الله حد کان لنگهڻ وارن کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تن سان، ربّ جي راه ۾، لَڙو اوهين لاچار، جي لڙن اوهان سين، لوڪ مان، ۽ وڃو وِک نه ٻَهار، پرور ڏي، نه پِيار، لِيڪو، لانگھائن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله جي واٽ ۾ انهن سان وڙهو، جي اوهان سان وڙهن ٿا ۽ اڳرائي نه ڪريو. بيشڪ الله اڳرائي ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان الله جي راهه ۾ انهن ماڻهن سان جنگ ڪريو، جيڪي توهان سان وڙهن ٿا پر حد کان نه وڌندا ڪريو، الله حد کان وڌندڙن کي پسند نه ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان وڙهو الله جي راهه ۾ انهن ماڻهن سان جيڪي توهان سان وڙهن ٿا پر زيادتي نه ڪريو. بيشڪ الله زيادتي ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي توهان کي اجازت ڏني وڃي ٿي ته) الله تعالى جي راهه ۾ انهن ماڻھن سان وڙهو، جيڪي توهان سان وڙهن ٿا، پر توهان انهن سان زيادتي نه ڪجو، ڇو ته الله تعالى ڪڏهن به زيادتي ڪرڻ وارن کي پسند نه ڪندو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأَخرِجوهُم مِن حَيثُ أَخرَجوكُم وَالفِتنَةُ أَشَدُّ مِنَ القَتلِ وَلا تُقٰتِلوهُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ حَتّىٰ يُقٰتِلوكُم فيهِ فَإِن قٰتَلوكُم فَاقتُلوهُم كَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 191) |
۽ جتي لَھونِ اتي ڪُھونِ ۽ جتان اوھان کي لوڌيائون اُتان لوڌيونِ ۽ فتنو (يعني شرڪ) ويڙھ کان ڏاڍو (بڇڙو) آھي، ۽ اوھين تعظيم واريءَ مسجد وٽ (ايسين) نه وڙھونِ جيسين منجھس اوھان سان (نه) وڙھن. پوءِ جيڪڏھن اوھان سان وڙھن ته اُنھن کي ماريو، ڪافرن جي سزا اِئين آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مڪي وارن جنگ جو اعلان ڪيو آهي، توهان به جنگ جو اعلان ڪيو) ۽ جتي به کين ڏسو اتي کين قتل ڪيو ۽ جنهن جاءِ تان هنن اوهان کي تڙي ڪڍيو آهي اتان هنن کي به وڙهي ڪڍي ڇڏيو ۽ فتنو فساد خوريزيءَ کان به وڌيڪ خراب آهي. (ڪعبت الله ۾ وڙهڻ عربن ۾ اڳي به ناجائز هو) هو پاڻ توهان سان ڪعبت الله جي حدن ۾ نه وڙهن تيستائين توهان به اتي هنن سان نه وڙهو. پوءِ جيڪڏهن هو پاڻ لڙائي ڪن ته پوءِ توهان به بيشڪ لڙائي ڪيو، حق جي منڪرن لاءِ سندن ظلم جو بدلو اهوئي هئڻ گهرجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪافرن کي جتي مِلن قتل ڪريو ۽ انهن کي ٻاهر ڪڍو جتان توهان کي ٻاهر ڪڍيو هئائون ۽ فساد ته قتل کان به سخت آهي، ۽ توهان انهن کي قتل نه ڪريو مسجدِ حرام ۾ تان جو توهان سان وڙهن انهيءَ ۾، پوءِ جيڪڏهن توهان سان وڙهن پوءِ انهن کي قتل ڪريو اها سزا آهي ڪافرن جي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن (مشرڪن) کي قتل ڪريو جتي به کين لهو. ۽ انهن کي (اتان مڪي مان لوڌي) ڪڍو، جتان اوهان کي ڪڍيو اٿن ۽ فتنو (شرڪ) خونريزيءَ کان به وڌيڪ خراب آهي. ۽ انهن سان مسجد حرام وٽ تيستائين جنگ نه ڪريو جيستائين اوهان سان اتي جنگ نه ڪن. پوءِ جيڪڏهن اوهان سان جنگ ڪن ته انهن کي قتل ڪريو. ڪافرن جي اها ئي سزا آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قتل ڪيو انهن کي جتي به لهو انهن کي ۽ ڪڍو انهن کي اتاهين جو ڪڍيائون اوهان کي ۽ فتنو اٿارڻ زور سخت آهي قتل ڪرڻ کان ۽ نه جنگ ڪيو انهن سان مسجد حرام وٽ تانجو جنگ ڪن اوهان سان ان ۾ پوءِ جيڪڏهن جنگ ڪن اوهان سان ته پوءِ قتل ڪيو انهن کي اهڙيءَ طرح آهي سزا ڪافرن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن کي قتل ڪريو جتي به کين لهو. ۽ انهن کي (اتان لوڌي) ڪڍو جتان اوهان کي ڪڍيو اٿن (يعني مڪي مان). ۽ فتنو (يعني شرڪ جو غلبو) قتل کان زياده سخت آهي. ۽ انهن سان مسجد حرام وٽ (تيستائين) جنگ نه ڪريو جيستائين اوهان سان اتي جنگ نه ڪن. پوءِ جيڪڏهن اوهان سان جنگ ڪن ته انهن کي قتل ڪريو. ڪافرن جي سزا اهڙي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (جنگ دوران) انهن کي جتي به لهو قتل ڪيو ۽ انهن کي اتان ٻاهر ڪڍو جتان انهن اوهان کي ڪڍيو هيو، ۽ فتنو قتل کان به سخت (ڏوهه) آهي ۽ مسجد الحرام وٽ انهن سان جنگ نه ڪيو جيستائين اُهي ان ۾ اوهان سان جنگ نه ڪن. پوءِ اگر اهي اوهان سان جنگ ڪن ته اوهان به انهن سان جنگ ڪيو. اهڙي طرح ڪافرن جي سزا آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ لَڙو ساڻنِ لال!، جتي لَهونِ لوڪ ۾، ۽ ڪَڍونِ، جتان ڪَلورسين، ڪڍيون اوهان کي ڪالھ، ۽ ٻيڻِي سخت ٻِچاپَڙي، ڪنان ڪوس قِتال، ۽ منع وارِي مسجد وٽ، نه ڪريو جنگ جِدال، تان اڳ ۾ اوهان نال، جوٽينِ جنگ اُن ۾. جوٽيو ساڻنِ جنگ، جي جنگ اوهان سين جوٽيون؛ بدلو بيدينن جو، آهي اِهڙٖي رنگ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کي قتل ڪيو، جتي به کين لهو ۽ انهن کي اتان ڪڍو، جتان اوهان کي ڪڍيو اٿن. ۽ فتنو قتل کان به سخت آهي. انهن سان ڪعبي وٽ نه وڙهو، جيسين هو اوهان سان اتي نه وڙهن. پر جي اوهان سان وڙهن، ته ڀل ساڻن وڙهو. اهائي سزا آهي ڪافرن جي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن سان جنگ ڪريو جتي به توهان جو انهن سان مــُـهاڏو اٽڪي ۽ انهن کي اتان ڪڍو جتان انهن توهان کي ڪڍيو هو، ڇوجو توڻي جو قتل ڪرڻ برو آهي پر فتنو انهيءَ کان به وڌيڪ برو آهي. ۽ مسجد حرام (ڪعبي) جي ويجهو جيستائين هو توهان سان نه وڙهن توهان به نه وڙهونِ پر جيڪڏهن هو اتي وڙهڻ کان نه مڙن ته پوءِ توهان به ڀلي کين ماريو، جو اهڙن ڪافرن لاءِ جوڳي سزا اهائي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن سان وڙهو، جتي به توهان جو انهن سان مقابلو ٿئي، ۽ انهن کي ڪڍو، جتان به انهن توهان کي ڪڍيو هو، انهيءَ لاءِ ته قتل جي برو آهي ته فتنو وڌيڪ برو آهي قتل کان ۽ نه وڙهو مسجد حرام جي ويجهو جيستائين اهي توهان سان نه وڙهن، پر اهي جي اتي به وڙهن ته پوءِ توهان به انهن کي ماريو، ته اها ئي سزا آهي اهڙن ڪافرن لاءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جتي به ڪافر توهان سان مقابلي لاءِ اچن ته انهن سان وڙهو ۽ انهن کي (مڪي جي) سرزمين تان تڙي ڪڍو، جتان توهان کي انهن نيڪالي ڏني هئي، ڇاڪاڻ جو فساد ڦھلائڻ، قتل ڪرڻ کان به وڏو گناهه آهي (مؤمنو! هڪ ڳالهه ياد رکندا ته) مسجد حرام ۾ وڙهڻ لاءِ توهان ڪڏهن به اڳرائي نه ڪجو جيڪڏهن مشرڪ مسجد حرام ۾ پاڻ لڙائي شروع ڪن، ته پوءِ توهان کي اجازت آهي ته اتي ئي انهن سان وڙهو، الله تعالى ڪافرن کي اهڙي طريقي سان سزا ڏيندو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 192) |
۽ جيڪڏھن بس ڪن (ته اوھين به بس ڪريو ڇو) ته الله بخشڻھار مھربا ن آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪڏهن هو وڙهڻ بند ڪن (ته توهان به بند ڪيو، ڇو ته) بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن روڪجي پَوَنِ پوءِ بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ مهربان آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن بس ڪن ته الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن بس ڪن (ته اوهين به بس ڪيو) پوءِ بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن بس ڪن ته الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن اهي رُڪجي وڃن ته پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي ڪيون دَنگي کان، دنگ، ته رب مرهيندڙ، مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جي پاڻ روڪجن، ته بيشڪ الله بخشڻهار ۽ نهايت مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جي هو مڙي وڃن ته پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جي اهي رڪجي وڃن، ته ڄاڻي وٺو ته الله معاف ڪندڙ رحم وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جيڪڏهن هو (اڳرائي ڪرڻ کان) رڪجي وڃن (۽ ايمان قبول ڪرڻ جو سوچين) ته بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَلا عُدوٰنَ إِلّا عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 193) |
۽ ايستائين اُنھن سان وڙھو جيستائين فتنو (يعني شرڪ) نه رھي ۽ خاص الله جو دين ٿئي، پوءِ جيڪڏھن بس ڪن ته ظالمن کانسواءِ ڪنھين تي وڌيڪ ھلت ڪرڻ نه جڳائي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن ماڻهن سان ايستائين لڙائي ڪندا رهو جيستائين فتنو بند ٿي وڃي (۽ ظلم ۽ مذهبي دشمني قائم ختم رهي) ۽ دين فقط الله جي لاءِ هجي، پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو لڙائيءَ کان باز اچن (ته پوءِ توهان به باز اچو ڇو ته) فقط ظالمن سان ئي مقابلو ڪرڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن سان جنگ ڪريو ايستائين جو ڪو شرڪ نه رهي ۽ هجي خالص دين الله جو، پوءِ جيڪڏهن روڪجي پون ته زيادتي ناهي مگر ظالمن تي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن سان ايستائين جنگ ڪريو جو فتنو (شرڪ باقي) نه رهي ۽ الله جو ئي حڪم (دين اسلام) رهي. پوءِ جيڪڏهن بس ڪن ته ظالمن کانسواءِ ٻئي تي زيادتي ڪرڻ چڱو نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنگ ڪيو انهن سان تانجو نه رهي فتنو ۽ هجي دين (خالص) الله جي لاءِ پوءِ جيڪڏهن بس ڪن ته پوءِ نه آهي زيادتي مگر ظالمن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن سان ايستائين جنگ ڪريو جو فتنو (يعني شرڪ) نه رهي ۽ الله جو ئي حڪم رهي. پوءِ جيڪڏهن بس ڪن ته ظالمن کان سواءِ ٻئي تي زيادتي ڪرڻي نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن سان جنگ ڪندا رهو ايستائين جو ڪو فتنو (باقي) نه رهي ۽ دين (يعني نظامِ زندگي) الله لاءِ ٿي وڃي. پوءِ جي رڪجي وڃن ته ظالمن کان سواءِ ڪنهن تي زيادتي (ڪرڻي) ناهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قتل ڪريونِ، تان نه رهي، ڪِٿي فِتنو، ڦير، رهي دين ڌڻئَ جو، پوءِ جي، جَھليائون پير، ته وڌيڪ ڪونهي وير، سَوا ڏيھ، ڏکوئيندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن سان ايتري قدر وڙهو، جو ڪو به فتنو باقي نه رهي ۽ الله جو ئي حڪم باقي رهي. جيڪڏهن هو پاڻ کي روڪين، ته پوءِ ظالمن ڌاران ٻئي ڪنهن تي اڳرائي نه ٿئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان انهن سان ايستائين وڙهندا رهو جو فتنو نه رهي ۽ دين الله لاءِ ئي ٿي وڃي، پوءِ جيڪڏهن هو باز اچن ته سمجهي ڇڏيو ته ظالمن کانسواءِ ٻئي ڪنهن تي به هٿ کڻڻ جائز نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان انهن سان وڙهندا رهو ايستائين جو فتنو باقي نه رهي، ۽ دين ٿي وڃي (فقط) الله جي لاءِ. پوءِ جڏهن اهي مڙي وڃن ته سمجهي ڇڏيو ته هٿ نه کنيو ويندو ظالمن کان سواءِ ڪنهن تي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پر جي هو ايمان آڻڻ جو نٿا سوچين ته) پوءِ جيستائين فساد ۽ فسادي ماڻهو ختم نه ٿين ۽ سڄو نظام الله تعالى جي مڃڻ وارن جي قبضي ۾ نٿو اچي وڃي، تيستائين انهن سان لڙائي جاري رکو. پر جيڪڏهن هي ماڻهو فساد ۽ ظلم کان هٿ کڻن ٿا ته پوءِ انهن سان لڙائي ختم آهي. باقي ظالمن سان مقابلو جاري رهندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الشَّهرُ الحَرامُ بِالشَّهرِ الحَرامِ وَالحُرُمٰتُ قِصاصٌ فَمَنِ اعتَدىٰ عَلَيكُم فَاعتَدوا عَلَيهِ بِمِثلِ مَا اعتَدىٰ عَلَيكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 194) |
تعظيم وارو مھينو تعظيم واري مھيني جي بدلي آھي ۽ تعظيمون (ھڪ ٻئي جون) آڙ پاڙ آھن، پوءِ جيڪو اوھان تي وڌيڪ ھلت ڪري تنھن تي اوتري وڌيڪ ھلت ڪريو جيتري اوھان تي وڌيڪ ھلت ڪيائين، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله پرھيزگارن ساڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن ڪافر مقرر مهينن (مثلاً ذوالحج ۽ محرم) جي حرمت ڪري لڙائي نه ڪن ته توهان به نه ڪيو، پر جيڪڏهن لڙائي ڪن ته مجبوراً توهان کي به ڪرڻي آهي، ساڳيءَ طرح ٻين بين الاقوامي قانونن ۾ به جهڙي روش مخالف ڌر اختيار ڪري تهڙي توهان کي به ڪرڻي پوندي، پوءِ جيڪڏهن اوهان جي خلاف ڪو زيادتي ڪري ته اوتري قدر توهان به انهيءَ معاملي ۾ ڪيو ۽ هر حال ۾ خدا کان ڊڄي پاڻ تي ضابطو رکو ۽ پڪ ڄاڻو ته الله تعاليٰ انهن سان آهي، جي سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ پرهيزگار آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) معزز مهينا معزز مهينن جي عيوض ۽ ادب وارين شين ۾ بدلو آهي پوءِ جيڪو توهان تي زيادتي ڪري توهان به اوتري زيادتي ڪريو جيتري ان ڪئي، ۽ الله تعالى کان ڊڄو ۽ توهان يقين ڪريو بيشڪ الله تعالى پرهيزگارن سان گڏ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) عزت وارو مهينو عزت واري مهيني جي برابر آهي. (۽ مهيني جي ٻئي ڪا خصوصيت نه آهي) سڀ عزت واريون شيون هڪ ٻئي جي برابر آهن. پوءِ جيڪو اوهان تي زيادتي ڪري ته اوهين به ان تي زيادتي ڪريو جيتري اوهان تي زيادتي ڪئي اٿس ۽ الله کان ڊڄو ۽ چڱيءَ طرح ڄاڻو ته خدا پرهيزگارن جو ساٿي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عزت وارو مهينو بدلو آ عزت واري مهيني جو ۽ عزتون بدلو آهن پوءِ جنهن زيادتي ڪئي اوهان تي پوءِ زيادتي ڪيو ان تي اهڙي زيادتي تي جو ڪيائين اوهان تي ۽ ڊڄو الله کان ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله پرهيز گارن سان گڏ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) عزت وارو مهينو عزت واري مهيني جي بدلي آهي. ۽ تعظيمون هڪ ٻئي جي بدلي ۾ آهن. پوءِ جيڪو اوهان تي زيادتي ڪري ته اوهين به ان تي زيادتي ڪريو جيتري اوهان تي زيادتي ڪئي اٿس ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله پرهيزگارن سان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) عزت واري مهيني جي بدلي عزت وارو مهينو آهي ۽ ٻيون عزت واريون شيون هڪ ٻئي جو بدل آهن. پوءِ جيڪو اوهان مٿان زيادتي ڪري اوهان به ان جيتري ان تي زيادتي ڪيو، ۽ الله کان ڊڄندا رهو ۽ پڪ ڄاڻو ته الله پرهيزگارن سان گڏ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاڪ مهينو، پاڪ سان، منعون، منعن پار، پوءِ، جو اوهان ڏي وَڌيو، ته وڌو مٿسِ، تنهن وار، جيئن وَڌيو، اوهان تي، تيئن وڌو، ۽ ڏرو ڀر ڏاتار، سمجھو، ته ربُّ ستار، ساٿِي سِيل رکندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) عزت وارا ئي مهينا عزت وارن مهينن جو بدلو آهن ۽ عزت ۾ به ادلو بدلو آهي جيڪو اوهان تي اڳرائي ڪري، ته اوهين به ان تي ايتري اڳرائي ڪريو، جيتري اوهان تي ڪيائين. الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو، ته الله نيڪن جو مددگار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حرام مهيني جو عيوض حرام مهينو ئي آهي ۽ سڀني حرمتن جو خيال برابريءَ جي بنياد تي رکيو ويندو، تنهنڪري جيڪو توهان تي هٿ کڻي ته توهان به اوترو ئي مٿس هٿ کڻو، پر الله کان ڊڄندا رهو ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته الله جو ساٿ انهن سان آهي، جيڪي حدون ٽوڙڻ کان پاسو ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حرمت واري مهيني جو بدلو حرمت وارو مهينو آهي ۽ سڀني حرمتن جو لحاظ برابريءَ سان ٿيندو، تنهنڪري جيڪو هٿ کڻي توهان تي ته پوءِ توهان به اهڙيءَ طرح انهن تي هٿ کڻو جيئن انهن توهان تي کنيو آهي، البته الله کان ڊڄندا رهو ۽ هي سمجهي ڇڏيو ته الله انهن ماڻهن سان آهي جيڪي سندس حدن کي ڀڃڻ کان پرهيز ڪن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) عِزَّت واري مھيني جو بدلو، عزت وارو مھينو آهي ۽ سڀني عزتن ۽ عظمتن جو لحاظ برابريءَ جي بنياد تي ڪيو ويندو.هاڻي جيڪڏهن ڪير (عزت وارن مھينن ۾) اڳرائي ڪندو، ته توهان مؤمنن کي به انهيءَ مهيني ۾ مقابلي ڪرڻ جي اجازت آهي، توهان کي وري به الله تعالى کان ڊڄڻو آهي.اهو سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ الله تعالى پرهيزگارن سان گڏ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا تُلقوا بِأَيديكُم إِلَى التَّهلُكَةِ وَأَحسِنوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 195) |
۽ الله جي واٽ ۾ خرچيو ۽ (پاڻ کي) پنھنجي ھٿن سان ھلاڪت ۾ نه وجھو، ۽ چڱائي ڪريو، ڇوته الله چڱائي ڪندڙن کي دوست رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله تعاليٰ جي راهه ۾ پنهنجو مال خرچ ڪيو. (ائين نه ٿئي جو جهاد لاءِ پئسا وغيره نه ڏيڻ سان) پنهنجي هٿن سان پاڻ کي پاڻ برباد ڪري ڇڏيو. (يعني دشمن غالب پوندو ته اوهان جو مال ملڪيت بلڪ اوهان جون جانيون به چٽ ٿي وينديون) ۽ هميشه چڱايون ڪندا رهو. بيشڪ الله تعاليٰ انهن سان حب ٿو رکي جيڪي چڱايون ٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى جي واٽ ۾ خرچ ڪريو ۽ پنهنجن هٿن کي هلاڪت ۾ نه وجهو، ۽ توهان نيڪي ڪريو، بيشڪ الله تعالى نيڪوڪارن کي پسند ڪري ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا جي راھ ۾ خرچ ڪريو ۽ پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجهو ۽ نيڪي ڪريو. بيشڪ خدا نيڪي ڪندڙن کي دوست رکي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ خرچ ڪيو الله جي واٽ ۾ ۽ نه اڇلايو پاڻ کي هلاڪت ۾ ۽ احسان ڪيو.يشڪ الله محبت ٿو رکي ڀلائي ڪندڙن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله جي رستي ۾ خرچ ڪريو. ۽ پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجهو. ۽ نيڪي ڪريو. بيشڪ الله نيڪي ڪندڙن کي دوست رکي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جي راهه ۾ خرچ ڪيو ۽ پنهنجي هٿن سان پنهنجو پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجھو .. ۽ نيڪي ڪيو.. بيشڪ الله نيڪوڪارن سان محبت رکي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ خرچيو ربَّ جي راه ۾، ۽ پنهنجي هٿن کي پاڻ، هرگز هلاڪِي ڏي، اُڇليو ڪِين اَڄاڻ!، ۽ ڪريو نيڪِي؛ ۽ نيڪن ساڻ، پرور ڳنڍي پريتڻون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله جي واٽ ۾ خرچ ڪريو ۽ پنهنجي هٿن سان پاڻ کي مصيبت ۾ نه وجهو. نيڪي ڪريو، بيشڪ الله نيڪي ڪندڙن کي پسند ڪري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي راهه ۾ خرچ ڪريو ۽ پنهنجي هٿن سان پاڻ کي تباهيءَ ۾ نه وجهو، احسان وارو طريقو اختيار ڪريو جو الله محسنن کي پسند ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ خرچ ڪريو راهه خدا ۾، ۽ پنهنجي هٿن سان پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجهو، احسان ڪرڻ اختيار ڪريو، ڇاڪاڻ ته الله احسان ڪندڙن کي پسند ڪري ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪندا رهو ۽ پنھنجو پاڻ کي پنھنجي هٿن سان تباهيءَ ڏانھن نه وٺي وڃو ۽ نيڪيءَ جا ڪم ڪندا رهو، بيشڪ الله تعالى نيڪوڪارن کي پسند ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَتِمُّوا الحَجَّ وَالعُمرَةَ لِلَّهِ فَإِن أُحصِرتُم فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَدىِ وَلا تَحلِقوا رُءوسَكُم حَتّىٰ يَبلُغَ الهَدىُ مَحِلَّهُ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو بِهِ أَذًى مِن رَأسِهِ فَفِديَةٌ مِن صِيامٍ أَو صَدَقَةٍ أَو نُسُكٍ فَإِذا أَمِنتُم فَمَن تَمَتَّعَ بِالعُمرَةِ إِلَى الحَجِّ فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَدىِ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ فِى الحَجِّ وَسَبعَةٍ إِذا رَجَعتُم تِلكَ عَشَرَةٌ كامِلَةٌ ذٰلِكَ لِمَن لَم يَكُن أَهلُهُ حاضِرِى المَسجِدِ الحَرامِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 196) |
۽ حج ۽ عُمرو الله (جي راضپي) لاءِ پورو ڪريو، پوءِ جيڪڏھن روڪيا وڃو ته جا قرباني آسانيءَ سان لڀي (سا لازم آھي)، ۽ پنھنجا مٿا تيسين نه ڪوڙايو جيسين قرباني پنھنجيءَ جاءِ تي (نه) پھچي. پوءِ اوھان مان جيڪو بيمار ھجي يا سندس مٿي ۾ اھنج ھجي (ته جي وقت کان اڳيئي ئي ڪوڙايائين) ته روزا يا خيرات يا قرباني عوض ڏيڻ (لازم) آھي، پوءِ جڏھن بي ڀَوَا ٿيو تڏھن جيڪو فائدو وٺي (يعني) عمري کي حج سان (گڏي) سو جا قرباني آسانيءَ سان لڀي (سا ڪري). پوءِ جيڪو (قرباني) نه لھي (تنھن تي) حج (جي ڏينھن) ۾ ٽي ڏينھن روزا لازم آھن ۽ ست تڏھن جڏھن (سفرکان) موٽو، اِھي پورا ڏھ (روزا) آھن، اِھو (حُڪم) اُنھيءَ لاءِ آھي جنھنجو ڪٽنب تعظيم واريءَ مسجد جي ويجھو رھندڙ نه ھجي، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله ڏاڍو عذاب ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن حج ۽ عمري جي نيت ڪيو ته ان کي پورو ڪيو پر جيڪڏهن واٽ تي گهيرجي وڃو يعني (لڙائي يا ڪنهن ٻئي سبب کان روڪجي پئو) ته پوءِ هڪڙو جانور قربان ڪيو، جهڙو ملي سگهي ۽ تيستائين وار نه ڪٽايو (حج بعد احرام لاهڻ وقت وار ڪٽائبا آهن) جيستائين قرباني جو جانور پنهنجي جاءِ تي نه پهچي. جيڪڏهن ڪو شخص بيمار هجي يا مٿي ۾ ڪو ايذاءُ هجيس ته وارن ڪٽائڻ جي بدلي ۾ روزا رکي يا صدقو ڏئي يا جانور جي قرباني ڪري. پوءِ جڏهن امن امان جي حالت قائم ٿئي ۽ ڪو شخص چاهي ته عمرو ۽ حج ملائي ٻنهي جو ثواب هڪ ئي سفر سان حاصل ڪري ته انهيءَ لاءِ به جانور جي قرباني ڪرڻي آهي، جهڙو جانور ملي سگهي پر جيڪڏهن ڪو جانور هٿ ڪري نه سگهي ته پوءِ حج جي ڏينهن ۾ ٽي روزا رکي ۽ ست روزا گهر پهچڻ بعد. اهي پورا ڏهه روزا ٿيا. (پر ياد رکو ته) هي حڪم (عمري ۽ حج ملائڻ وارو) انهيءَ لاءِ آهي جنهن جو گهر ٻار مڪي ۾ نه هجي ۽ ياد رکو ته هر حال ۾ الله کان ڊڄي چڱا ڪم ڪيو ۽ يقين ڪيو ته (نافرماني ڪرڻ وارن لاءِ) الله تعاليٰ جي سزا سخت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ حج ۽ عمري کي خاص الله لاءِ پورو ڪريو، پوءِ جيڪڏهن توهان روڪجي پئو پوءِ قرباني موڪليو جيڪا مُيَسِرِ ٿئي، ۽ پنهنجن مٿن کي نه ڪوڙايو جيستائين قرباني پنهنجي جاءِ تي نه پهچي پوءِ توهان مان جيڪو بيمار هجي يا مٿي ۾ ڪا تڪليف اٿس ته ان جي عيوض روزو رکي يا خيرات يا قرباني ڪري پوءِ جيڪڏهن توهان امن ۾ ٿيو، پوءِ جنهن ماڻهو حج ۽ عمرو گڏ ڪيو انهيءَ تي قرباني آهي آسانيءَ سان، پوءِ جيڪو قرباني نه ڪري سگهي پوءِ ٽي روزا حج جي ڏينهن ۾ ۽ ست روزا پنهنجي گهر ۾ رکي. اهي پورا ڏهه ٿيا، اهو حُڪم انهي لاءِ آهي جيڪو مڪي شريف ۾ رهندڙ نه هجي. ۽ توهان الله کان ڊڄو ۽ يقين ڪريو بيشڪ الله تعالى سخت عذاب ڪندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ فقط خدا جي راضپي واسطي ئي حج ۽ عمره کي پورو ڪريو. پوءِ جيڪڏهن اوهين (بيماري وغيره سبب) لاچار ٿيو ته پوءِ جهڙي قرباني آسانيءَ سان ملي (سا اوهان تي لازم آهي) ۽ پنهنجا مٿا تيستائين نه ڪوڙايو جيستائين قرباني پنهنجي جاءِ تي (نه) پهچي. پوءِ اوهان مان جيڪو بيمار هجي يا ان جي مٿي ۾ تڪليف هجي ته (کيس ان جي) بدلي ۾ روزا يا خيرات يا قرباني ڏيڻ (لازم) آهي. پوءِ جڏهن بي خوف ٿيو ته پوءِ جيڪو عمره کي حج سان ملائي فائدو وٺي ته جا قرباني آسانيءَ سان ملي (سا ان تي لازم آهي) ۽ جنهن کي قرباني نه ملي ته حج (جي ڏينهن) ۾ ٽي ڏينهن روزا (رکي) ۽ ست (روزا) جڏهن اوهين (گهر) موٽي اچو. اهي پورا ڏھ روزا آهن. اهو حڪم ان لاءِ آهي جنهن جي گهر جا ڀاتي مسجد حرام جي ويجهو رهندڙ نه هجن. ۽ خدا کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته خدا جي سزا سخت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پورو ڪيو حج ۽ عمرو الله جي لاءِ.وءِ جيڪڏهن گهيري ۾ آندا وڃو پوءِ جيڪو آسان ٿيو قربانيءَ جي جانورن مان ۽ نه ڪوڙيو پنهنجا مٿا تانجو پهچي قربانيءَ جو جانور پنهنجيءَ جاءِ تي.وءِ جيڪو هجي اوهان مان بيمار يا ڪجھ تڪليف آهي ان جي مٿي ۾ ته پوءِ فديو ڏيڻ آهي روزن سان يا خيرات سان يا قربانيءَ سان پوءِ جڏهن امن وارا ٿيو ته پوءِ جيڪو فائدو وٺي عمري جو حج سان (گڏي) پوءِ جيڪا آسان ٿئي قرباني (اها ڏئي) پوءِ جيڪو (قرباني) نه لهي ته پوءِ ٽي روزا حج جي ڏينهن ۾ ۽ ست روزا جڏهن (حج کان) موٽو (ته رکو) اهي ڏھ (روزا) پورا آهن اهو (حڪم) ان لاءِ آهي جو نه آهي اهل ان جو رهندڙ عزت واري مسجد جي ويجهو. ڊڄو الله کان ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله سخت آهي سزا ڏيڻ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ حج ۽ عمرو الله جي (راضپي) واسطي پورو ڪريو. پوءِ جيڪڏهن روڪيا وڃو ته جا قرباني آسانيءَ سان ملي (سا اوهان تي لازم آهي) ۽ پنهنجا مٿا نه ڪوڙايو جيستائين قرباني پنهنجي جاءِ تي (نه) پهچي پوءِ جيڪو اوهان مان بيمار هجي يا ان جي مٿي ۾ تڪليف هجي ته (ان تي ان جي) بدلي ۾ روزا يا خيرات يا قرباني ڏيڻ (لازم) آهي. پوءِ جڏهن بي ڊپا ٿيو ته پوءِ جيڪو عمري کي حج سان ملائي فائدو وٺي ته جا قرباني آسانيءَ سان ملي (سا ان تي لازم آهي). پوءِ جيڪو (قرباني) نه لهي ته حج (جي ڏينهن) ۾ ٽي ڏينهن روزا (رکي) ۽ ست (روزا) جڏهن اوهين (گهر) موٽي اچو. اهي پورا ڏهه (روزا) آهن. اهو (حڪم) ان لاءِ آهي جنهن جي گهر جا ڀاتي مسجد حرام جي ويجهو رهندڙ نه هجن ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله جي سزا سخت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ حج ۽ عمرو الله خاطر مڪمل ڪيو. پر جي اوهان (رستي) ۾ روڪيا وڃو ته قرباني (موڪليو) جيڪا ميسر ٿي سگهي. ۽ پنهنجا مٿا تيسين نه ڪوڙايو جيسين قرباني (جو جانور) پنهنجي جاءِ تي پهچي نه وڃي. پوءِ اوهان مان ڪو بيمار هجي يا ان جي مٿي ۾ ڪا تڪليف هجي (۽ اڳ ۾ ئي مٿو ڪوڙائي) ته بدلي ۾ روزا رکي يا خيرات ڏئي يا قرباني ڪري. پوءِ جڏهن اوهان امن وارا ٿيو ته پوءِ جيڪو عمري کي حج سان ملائڻ جو فائدو وٺي ته جيڪا قرباني ملي سگهي (ڪري) پر جنهن کي اهو ميسر نه هجي ته ٽن ڏينهن جا روزا حج دوران رکي ۽ ست جڏهن واپس موٽو. اهي ڏهه (روزا) پورا ٿيا. اها (رعايت) ان لاءِ آهي جنهن جا گهر وارا مسجد الحرام (يعني شهرِ مڪه ۾) نه هجن ۽ الله کان ڊڄندا رهو ۽ ڄاڻي وٺو ته بيشڪ الله سخت عذاب ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پورو حج ۽ عُمرو ڪريو، صاحب لڳ سبحان، پوءِ جي، روڪيا راه ۾، ته اوهان کي آسان، جيڪي لڳو، جوک مان ڪريو سو قربان، ۽ تان مَڃتارَسي مڪان،، مَٿا نه ڪُوڙايو مورهين. پوءِ جي، اوهان مان، ڪو اگھو، ياسِر ۾، ڪنهن گند غير، پوءِ بدلو روزو، ۽ خير، ياقرباني ڪا قرب مان. پوءِ جڏهن اوهين آرامِيا، امن سان اَمان، پوءِ جنهن عمرو، حج سان ڪيو، ڀيڙو بيگمان، ته لڳيس، جو آسان، سو ڪري، قربانين مان. پوءِ جنهن پاتِي ڪانه، ته ٽي روزا، حج ڏينهن ۾، ۽ ست روزا، جڏهن رسيا، خاني پنهنجي خان!، آهِن اِهي عيان، پورا ڏھ ڏينهڙا. حڪم اِهو اُن هار، ته حاضر نه، حرم اُن جا، منع وارِي مسجد وٽ؛ ۽ ڪنبو ڀر قهار، ڄاڻو، ته ڄاڻـڻهار، آهِ سزا ڏيڻ ۾، سخت گھڻو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) حج عمرو الله لاءِ پورو ڪريو، پر جيڪڏهن اوهين روڪجي پئو، ته پوءِ جيڪا قرباني سولائيءَ سان ڪري سگهو. جيسين قرباني پنهنجي جاءِ تي نه پهچي، تيسين مٿو نه ڪوڙايو. جيڪو اوهان مان بيمار هجي يا سندس مٿي ۾ تڪليف هجي، ته پوءِ روزي يا خيرات يا قربانيءَ جو بدلو ڏئي. پوءِ جڏهن بي فڪر ٿيو، تڏهن جيڪو عمري کي حج سان ملائڻ جو فائدو وٺي، ان کي جيڪا قرباني پڄي سگهي ڪري، جنهن کي نه ملي ته حج جي ڏينهن ۾ ٽي ڏينهن روزا رکي، ۽ جڏهن موٽو، تڏهن ست ڏينهن ٻيا به. اهي ٿيا پورا ڏهه. اهو حڪم ان لاءِ آهي، جنهن جي گهر وارا ڪعبي وٽ نه رهندا هجن. الله کان ڊڄندا رهو ۽ ڄاڻو ته بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي رضا خاطر جڏهن حج ۽ عمري جي نيت ڪيو ته ان کي پورو ڪيو ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڦاسي پئو (روڪيا وڃو) ته جيڪا به قرباني هٿ اچي سگهيوَ سا الله آڏو پيش ڪريو، ۽ پنهنجا مــَـٿا نه ڪوڙايو جيستائين جو قرباني پنهنجي جاءِ تي وڃي نه پهچي، پر جيڪو ماڻهو بيمار هجي يا جنهن جي مٿي ۾ ڪا تڪليف هجي ۽ ان ڪري مٿو ڪوڙائي ته کيس گهرجي ته فديي طور روزا رکي يا خيرات ڪري يا قرباني ڪري، پوءِ جڏهن توهان کي امن نصيب ٿئي (۽ توهان حج کان اڳ ۾ مڪي پهچي وڃو) ته جيڪو شخص توهان مان حج جو زمانو اچڻ تائين عمري جو فائدو حاصل ڪري ته اهو حيثيت آهر قرباني ڪري ۽ جيڪڏهن قرباني نه ڪري سگهي ته ٽي روزا حج جي زماني ۾ ۽ ست گهر پهچي رکي، اهڙيءَ ريت ڏهه روزا پورا ڪري، اها رعايت انهن ماڻهن لاءِ آهي، جن جا گهرگهاٽ مسجد حرام (ڪعبي) جي ويجهو نه هجن. الله جي انهن حڪمن جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪريو ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته الله سخت سزا ڏيندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن حج ۽ عمري جي نيت ڪريو ته ان کي پورو ڪريو الله جي راضپي لاءِ، جي ڪٿي گهيرجي وڃو ته جيڪا قرباني ميسر ٿئي الله جي حضور ۾ پيش ڪريو، ۽ نه ڪوڙايو پنهنجا مٿا جيستائين قرباني پنهنجي جاءِ تي نه پهچي، پر جيڪو شخص توهان ۾ مريض هجي يا ڪا تڪليف هجيس مٿي ۾ ۽ انهيءَ جي ڪري پنهنجو مٿو ڪوڙائي ته اهو فديي طور روزا رکي، صدقو ڏئي يا قرباني ڪري، پوءِ جي توهان کي امن ملي وڃي (۽حج کان اڳي مڪي پهچو) ته جو شخص حج جي زماني اچڻ تائين عمري جو فائدو کڻي اهو طاقت آهر قرباني ڏئي ۽ جي قرباني نه ملي ته ٽي روزا حج جي زماني ۾ ۽ ست روزا گهر پهچي رکي، اهڙيءَ طرح پورا ڏهه روزا رکي. هيءَ رعايت انهن ماڻهن لاءِ آهي جن جو گهر گهاٽ مسجد حرام ويجهو نه هجي، ۽ الله جي حڪمن جي خلاف ورزي کان بچو ۽ ڄاڻي وٺو ته بيشڪ الله سخت سزا ڏيڻ وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن توهان الله تعالى جي رضا لاءِ، حَجُّ ۽ عمرو ادا ڪرڻ جي نيت ڪريو، ته ان کي پورو به ڪريو، ها جيڪڏهن رستي ۾ دشمن جي گهيري ۾ اچي وڃو، ته پوءِ توهان قربانيءَ جو جانور (ڪنهن به ذريعي سان) مڪي پهچايو ۽ تيستائين پنھنجا مٿا نه ڪوڙايو، جيستائين قربانيءَ جو جانور پنھنجي (ڏسيل) جاءِ تي نه پھچي پر جيڪو شخص بيمار آهي يا ڪنھن کي مٿي ۾ سخت تڪليف آهي ته اهو ڀلي (اڳ ۾) مٿو ڪوڙائي سگهي ٿو پر ان جي بدلي ۾ کيس ٽي روزا يا ڇَھَن مسڪينن کي کاڌو کارائڻ يا ڪو جانور قربان ڪرڻو پوندو، پوءِ جڏهن توهان کي امن نصيب ٿئي، ته جيڪو حَجَّ کان پھريائين عمرو ادا ڪرڻ گهري ته ادا ڪري سگهي ٿو پر پوءِ به کيس قرباني ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن قرباني ڪرڻ جي سهوليت حاصل ناهي ته ڏهه روزا رکي، ٽي روزا حَجَّ جي ڏينھن ۾ ۽ ست روزا جڏهن واپس گهر اچي ته پوءِ رکي، اها رعايت مسجد حرام (يعني مڪي پاڪ) کان پري رهندڙن جي لاءِ آهي. هر حال ۾ الله تعالى جي حڪمن جي خلاف ورزيءَ کان بچو. توهان کي اهو معلوم هئڻ کپي ته الله تعالى حڪم جي خلاف ورزيءَ تي سخت سزا به ڏيندڙ آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الحَجُّ أَشهُرٌ مَعلومٰتٌ فَمَن فَرَضَ فيهِنَّ الحَجَّ فَلا رَفَثَ وَلا فُسوقَ وَلا جِدالَ فِى الحَجِّ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ يَعلَمهُ اللَّهُ وَتَزَوَّدوا فَإِنَّ خَيرَ الزّادِ التَّقوىٰ وَاتَّقونِ يٰأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 197) |
حج (جو وقت) معلوم مھينا آھن، پوءِ جنھن منجھن (احرام ٻڌڻ سان پاڻتي) حج فرض ڪيو ته حج ۾ نه جماع جائز آھي ۽ نه گار ۽ نه جھيڙو، ۽ جيڪا چڱائي ڪريو ٿا تنھن کي الله ڄاڻندڙ آھي، ۽ سَمر کڻو ڇو ته ڀلو سَمر پرھيزگاري آھي، ۽ ڌيان وارؤ مون کان ڊڄو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حج جا مهينا سڀ ڪنهن کي معلوم آهن، پوءِ جنهن ماڻهو انهن مهينن ۾ حج ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪيو ته پوءِ (حج جي حالت ۾ اچي چڪو) نڪي عورتن ڏانهن رغبت ڪري نڪي ڪو گناه جو ڪم ڪري، نڪي جهيڙو جنگ ڪري ۽ ياد رکو ته جيڪي به چڱايون توهان ڪيو ٿا سي الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ۽ توهان (حج لاءِ) سمر کڻندا ڪريو، پر سڀ کان چڱو سمر آهي تقويٰ (يعني سمر ۽ گهربل سامان ته کڻڻ گهرجي پر پرهيزگاري جهڙي ٻي ڳالهه ئي ڪانهي) تنهن ڪري اي سمجهه وارؤ! هر حال ۾ خدا کان ڊڄي گناهن کان پرهيزگاري ڪندا رهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) حج جا مهينا مشهور آهن، پوءِ جنهن ماڻهو انهن ۾ حج جي نيت ڪئي ته فحش گفتگو نه ڪري ۽ گناه ۽ جهيڙو (حج ۾) نه ڪري، ۽ جيڪا توهان چڱائي ڪندا الله تعالى انهيءَ کي ڄاڻي ٿو، ۽ سفر جو سامان پاڻ سان گڏ کڻو پوءِ بيشڪ سڀ کان بهتر ثمر خوفِ خدا آهي، ۽ خاص مون کان ڊڄو اي عقلمندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) حج جا مهينا ته (هاڻي سڀ کي) معلوم آهن (شوال ذيقعد ۽ ذي الحج) پوءِ جو شخص انهن مهينن ۾ پاڻ تي حج لازم ڪري ٿو ته (احرام کان، حج جي آخر تائين) نه زال وٽ وڃي نه ڪي گناھ ڪري ۽ نه جهڳڙو ڪري. ۽ جيڪا ڀلائي ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو ۽ (رستي لاءِ) پاڻ سان ثمر کڻو بيشڪ ڀلو ثمر پرهيزگاري آهي. ۽ اي عقل مندو! مون کان ڊڄو!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حج (جو وقت) معلوم مهينا آهن پوءِ جنهن نيت ڪئي انهن ۾ حج جي پوءِ نه آهي بي حيائيءَ جي ڳالھ ۽ نه بي فرماني ۽ نه آهي جهيڙو ڪرڻ حج ۾ ۽ جيڪو ڪيو ٿا چڱو ڪم، ڄاڻي ٿو ان کي الله. سمر کڻو پوءِ بيشڪ ڀلو سمر پرهيزگاري آهي. ڊڄو مون کان اي عقل وارؤ! .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) حج (جو وقت) معلوم مهينا آهن. پوءِ انهن (مهينن) ۾ جنهن پاڻ تي حج لازم ڪيو (يعني حج جو احرام ٻڌو) ته حج ۾ زالن سان ملڻ (جائز) نه آهي ۽ نڪي گناهه ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ ۽ جيڪا ڀلائي ڪريو ٿا تنهن کي الله ڄاڻي ٿو. ۽ پاڻ سان سمر کڻو بيشڪ ڀلو سمر پرهيزگاري آهي. ۽ اي عقل مندو ! مون کان ڊڄو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حج جا ڄَاتَلَ سُڃاتل مهينا آهن. پوءِ جنهن انهن ۾ (نيت ڪري پاڻ تي) حج فرض ڪيو ته حج (جي ڏينهن) ۾ نه زالن سان صحبت آهي نه ڪا بدعملي آهي نه ڪو جهيڙو جڳهڙو. ۽ جيڪا نيڪي اوهان ڪيو ٿا الله ان کي ڄاڻي ٿو ۽ سفر جو سامان ٺاهيو پوءِ بيشڪ ڀلو سامانِ سفر پرهيزگاري آهي. ۽ (خاص) مون کان ڊڄو اي عقل وارئو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حج، مقرر ماھَ، پوءِ، جو هليو حج لئي اُن ۾، پوءِ نه صحبت صاحبان، نه ڪو غرض گناه، نه هرگز جھڳڙو، حج ۾؛ ۽ آگو آهي آگاه، جيڪي ڪريو اُن کان، ۽ کڻو خرچ راه، خاصو خرچ واٽ جو، پرهيز ۽ پناه، ۽ اي عقل جا آگاه!، ڏَرو مون، ڏاتار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) حج جا مهينا عام طرح معلوم آهن، جنهن تي انهن مهينن ۾ حج ڪرڻ لازم ٿئي، ته حج ۾ عورتن ڏانهن لاڙو رکڻ ۽ ڪو گناهه ۽ جهڳڙو ڪرڻ نه گهرجي ۽ جيڪا نيڪي ڪندؤ، تنهن کي الله ڄاڻي ٿو ۽ پاڻ سان سمر کڻو، بيشڪ چڱو سمر (سوال کان) بچڻ آهي ۽ اي عقلمندؤ! مونکان ڊڄندا رهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حج جا مهينا سڀني کي معلوم آهن، جيڪو ماڻهو انهن مقرر ڪيل مهينن ۾ حج جي نيت ڪري ته ان کي گهرجي ته حج واري عرصي ۾ ڪوبه شهوت وارو ڪم، ڪوبه نافرمانيءَ وارو ڪم، ڪوبه جهيڙو جهٽو نه ڪري ۽ جيڪو به نيڪ ڪم توهان ڪندؤ اهو الله جي ڄاڻ ۾ هوندو. حج جي سفر لاءِ ثمر ساڻ کڻو ۽ سڀ کان ڀلو ثمر ته پرهيزگاري آهي. تنهنڪري اي سياڻپ وارؤ! نافرمانيءَ کان پاڻ بچايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حج جا مهينا سڀني کي معلوم آهن. جيڪو شخص انهن مقرر مهينن ۾ حج جي نيت ڪري ان کي خبردار رهڻ گهرجي ته ان کان ڪوبه شهوتي ڪم نه ٿئي حج جي زماني ۾، ڪا بدعملي، ڪا لڙائي ۽ جهڳڙي جي ڳالهه ظاهر نه ٿئي،۽ جيڪو نيڪ ڪم توهان ڪندؤ، اهو الله جي علم ۾ هوندو. حج جي سفر لاءِ (رستي جو سامان ساڻ کڻو) سڀ کان بهتر ثمر ته پرهيزگاري آهي اي عقل وارؤ!(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حَجَّ جا مقرر مھينا سڀني کي معلوم آهن، جيڪو شخص انهن مقرر مھينن ۾ حَجَّ جي نيت ڪري ته حَجَّ دوران مٿس فرض آهي ته هو نفساني خواهشن، گناهه جي ڪمن ۽ جهيڙي جهڳڙي کان پاسو ڪري ۽ جيڪو شخص نيڪيءَ جا ڪم ڪندو ته الله تعالى کي سندس نيڪيءَ جي ڪمن جي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي، حَجَّ جي سفر ۾ توهان سامان به گڏ کڻي وڃي سگهو ٿا، پر (ٻڌي ڇڏيو ته) هن سفر ۾ پرهيزگاري ۽ اخلاقيات کان وڌيڪ ڪو به سامان نه آهي. اي عقلمند حاجيو! منھنجي انهن نافرمانين (يعني نفساني خواهشن، گناهه جي ڪمن ۽ پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ) کان بچندا رهو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم فَإِذا أَفَضتُم مِن عَرَفٰتٍ فَاذكُرُوا اللَّهَ عِندَ المَشعَرِ الحَرامِ وَاذكُروهُ كَما هَدىٰكُم وَإِن كُنتُم مِن قَبلِهِ لَمِنَ الضّالّينَ (آيت : 198) |
(حج ۾) پنھنجي پالڻھار کان روزيءَ گھرڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، پوءِ جڏھن عَرفات کان موٽو تڏھن مَشۡعَرالۡحَرام (يعني مزدلفہ) وٽ الله کي ياد ڪريو، ۽ جئن اوھان کي سڌو رستو ڏيکاريائين تئن اوھين (به) کيس ياد ڪريو، ۽ بيشڪ اُن کان اڳ (اوھين) اڻڄاڻن مان ھيؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن توهان (حج جي موقعي تي) پنهنجي پالڻهار جي فضل (واپار، ڌنڌي دولت ڪمائڻ وغيره) جي تلاش به ڪريو ته انهيءَ ۾ به توهان جي لاءِ ڪو گناه ڪونهي، پوءِ جڏهن عرفات جي ٽڪري ۽ ميدان کان وڏي هجوم ۾ موٽو تڏهن پاڪ يادگار (يعني مزدلفه) ۾ ڪجهه وقت رهي الله جو ذڪر ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح ذڪر ڪيو جهڙيءَ طرح توهان کي الله تعاليٰ هدايت ڪئي آهي، ياد رکو ته هن کان اڳ اوهان به انهن ماڻهن منجهان هئو جيڪي راهه ڀلجي ويا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ناهي توهان تي ڪو گناه جو پنهنجي رب جو فضل طلب ڪريو، پوءِ توهان جڏهن عرفات کان موٽو ته مزدلفہ ۾ الله کي ياد ڪريو، ۽ الله جو ذڪر ڪريو انهي لاءِ جو توهان کي هدايت ڏنائين ۽ بيشڪ توهان هن کان اڳ يقيناً گمراهن مان هئا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان ۾ ڪو ڏوھ نه آهي جو (حج سان گڏ) اوهان پنهنجي پالڻهار جي فضل (واپار جي فائدي) جي خواهش ڪريو. پوءِ جڏهن عرفات کان موٽو ته مشعر الحرام وٽ خدا جو ذڪر ڪريو ۽ جيئن اوهان کي رستو ڏيکاريو اٿس (تئين) ان کي ياد ڪريو ۽ بيشڪ هن کان اڳي اوهان گمراهن مان هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي اوهان تي ڪو گناھ جو طلب ڪيو فضل پنهنجي رب کان پوءِ جڏهن موٽو عرفات کان ته پوءِ ياد ڪيو الله کي مشعر حرام (مزدلفہ) وٽ ۽ ياد ڪيو ان کي جيئن هدايت ڪيائين اوهان کي جيتوڻيڪ هُيئو ان کان اڳ ۾ گمراهن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (حج ۾ ) پنهنجي پاليندڙ کان روزي گهرڻ ۾ اوهان تي ڪو گناهه نه آهي. پوءِ جڏهن عرفات کان موٽو ته مشعرالحرام وٽ الله کي ياد ڪريو. ۽ جيئن اوهان کي رستو ڏيکاريو اٿس (تيئن) ان کي ياد ڪريو ۽ بيشڪ هن کان اڳي اوهان گمراهن مان هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اوهان تي ڪو ڏوهه ناهي جو (دورانِ حج ڪاروبار ذريعي) پنهنجي پالڻهار جو فضل (يعني حلال روزي) تلاش ڪيو. پوءِ جڏهن اوهان عرفات کان واپس ورو ته پوءِ مشعر الحرام (يعني مزدلفه) وٽ الله جو ذڪر ڪيو ۽ ان جو ذڪر ائين ڪيو جيئن ان اوهان کي هدايت ڏني.توڙي جو اڳ اوهان گمراهن مان هيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه گناه اوهان تي، جي گھرو، ڏاتار وٽان ڏات، پوءِ ساراهيون سبحان کي، جڏهن اُٿليا، کان عرفات، مُزدلفي مڪان وٽ؛ پڻ ڪريو تِنهن جِي تات، آن کي سبق سيکاريو، پڪ جيئن، پاڪ ذات، ۽ ڀُليَل منجھ بات، توڻي اڳي هئا، اِن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پنهنجي رب جي فضل طلبڻ ۾ اوهان تي ڪو گناهه نه آهي. جڏهن عرفات کان موٽو، ته الله کي مشعرالحرام وٽ ياد ڪريو ۽ جيئن اوهان کي سيکاريائين، تيئن ياد ڪريوس، جيتوڻيڪ اوهين انهيءَ کان اڳ اڻ واقف هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن حج سان گڏوگڏ توهان پنهنجي رب جو فضل به هٿ ڪندا وڃو ته ان ۾ ڪو ڀولو نه آهي. پوءِ جڏهن عرفات کان روانا ٿيو ته مشعر حرام (مزدلفه) وٽ ترسي الله کي ياد ڪريو ۽ ائين ياد ڪريو جيئن هن توهان کي هدايت ڏني آهي، نه ته ان کان اڳ ۾ ته توهان گمراهن مان هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ۾ ڪوبه حرج ناهي ته گڏوگڏ توهين تلاش ڪندا وڃو فضل پنهنجي رب جو، پوءِ جڏهن هلو عرفات کان ته ياد ڪريو الله کي مشعر الحرام (مزدلفه) وٽ ترسي، ۽ اهڙيءَ طرح ياد ڪريو جيئن هدايت ڪيل آهي، توهان ماڻهو ته انهيءَ کان اڳي ڀليل هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حَجَّ جي سفر دوران رزق جي ڳولها ڪرڻ ۾ توهان لاءِ ڪو گناهه نه آهي (توهان ڀلي واپار وغيره ڪري سگهو ٿا) پوءِ جڏهن اوهان حَجَّ جي ڏينھن عرفات جي ميدان کان واپس موٽو، ته (رات مُزدَلِفَہ ۾ رهي) مَشعَر حرام وٽ الله تعالى جو ويھي ذڪر ڪريو، پر ذڪر اهو ئي ڪرڻو آهي جنهن جو طريقو توهان کي ٻڌايو ويو آهي. ورنه پھريان توهان کي ذڪر ڪرڻ جو طريقو معلوم نه هو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ أَفيضوا مِن حَيثُ أَفاضَ النّاسُ وَاستَغفِرُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 199) |
پوءِ (اوھين) اُتان (عرفات کان) موٽو جتان عام ماڻھو موٽن ٿا ۽ الله کان بخشش گھرو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اوهان (مڪي جا ماڻهو) به انهيءَ جاء تي وڃي پوءِ موٽو جتان ٻيا ماڻهو انبوهه ڪري موٽن ٿا ۽ الله کان پنهنجي گناهن جي بخشش گهرو. بيشڪ الله تعاليٰ معاف ڪرڻ وارو ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهي کان پوءِ توهان موٽو جتان ماڻهو موٽن ٿا ۽ الله تعالى کان معافي وٺو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجهارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري اتان موٽيو جتان عام ماڻهون موٽن ٿا پر الله کان معافي گهرو. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ موٽو جتان موٽيا ماڻهو ۽ مغفرت گهرو الله کان.يشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري اتان موٽو جتان عام ماڻهو موٽن ٿا. ۽ الله کان معافي گهرو. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اتان واپس موٽو جتان عام ماڻهو موٽن ٿا ۽ الله کان بخشش گهرو. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽِي اُٿلو، اُٿليا، ٻئاماڻهون جتان مور؛ ۽ گھرو پرور پاڪ کان، بخششون ڀرپور؛ هرگز پاڪ حضور، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جتان ماڻهو موٽن ٿا، اوهين به اتان موٽو. الله کان بخشش گهرو. بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جتان سڀئي ماڻهو موٽن اتان توهان به موٽي پئو ۽ الله کان معافي گهرو، بيشڪ هو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جتان سڀ ماڻهو موٽيا آهن توهان به اتان ئي موٽ کائو ۽ الله کان معافي گهرو، يقينًا اهو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي مڪي جا رهاڪو! اوهان جو عرفات جي بجاءِ مُزدَلِفَہ کان واپس اچڻ صحيح نه آهي بلڪه) توهان به عرفات جي ميدان تي وڃي اتان واپس موٽوجتان ٻيا (حاجي) موٽندا آهن، الله تعالى کان گناهن جي بخشش گهرندا رهو. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا قَضَيتُم مَنٰسِكَكُم فَاذكُرُوا اللَّهَ كَذِكرِكُم ءاباءَكُم أَو أَشَدَّ ذِكرًا فَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ رَبَّنا ءاتِنا فِى الدُّنيا وَما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ (آيت : 200) |
پوءِ جڏھن پنھنجي حج جا اَرڪان پُورا ڪريو تڏھن (مِنىٰ ۾) اوھين پنھنجن اَبن ڏاڏن جي ياد ڪرڻ وانگر بلڪ (اُن کان وڌيڪ) گھڻي قدر الله کي ياد ڪريو. پوءِ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن ته اسان جا پالڻھار اسان کي دنيا ۾ (ئي چڱائي) ڏي تن کي آخرت ۾ (ڪا) چڱائي نصيب نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن حج جا سڀ ارڪان پورا ڪري رهو تڏهن الله تعاليٰ جو ذڪر ڪيو جهڙيءَ طرح اڳي پنهجي ابن ڏاڏن جو شان بيان ڪندا هئو، بلڪ ان کان گهڻو وڌيڪ الله تعاليٰ جي پاڪائي ۽ صفتن جو بيان ڪيو (حج جي ارڪانن جو اصل مقصد اهوئي آهي) پوءِ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جي چون ٿا ته اي اسان جا پروردگار! اسان کي دنيا ۾ ئي (چڱائي) ڏي. انهن کي آخرت جي چڱائي مان ڪو حصو نه ملندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن توهان حج جا ڪم پورا ڪيا ته ياد ڪريو الله کي جيئن توهان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ياد ڪندا هئا، بلڪ ان کان به زياده، پوءِ ڪي ماڻهو چون ٿا اي اسان جا رب اسان کي دنيا ڏي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ ڪو ڀاڱو ڪونهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن اوهين پنهنجي حج جا ارڪان پورا ڪريو ته تڏهن الله جو ذڪر ڪريو. پنهنجن ابن ڏاڏن کي ياد ڪرڻ وانگر يا ان کان به زياده ياد ڪريو ۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا به آهن جي چون ٿا ته اسان جا پاليندڙ (جو ڏيڻو اٿي سو) دنيا ۾ ئي ڏي، هوڏانهن پوءِ آخرت ۾ اهڙن لاءِ ڪو به حصو نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن پورا ڪيو حج جا احڪام ته پوءِ ياد ڪيو الله کي مثل ياد ڪرڻ اوهان جي پيئرن پنهنجن کي يا وڌيڪ ياد ڪرڻ.وءِ بعضي ماڻهو اهي آهن جو چون ٿا ته اي اسان جا رب! اسان کي (صرف) دنيا ۾ ڏي ۽ ناهي ان لاءِ آخرت ۾ ڪو ڀاڱو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن اوهين پنهنجي حج جا ارڪان پورا ڪريو تڏهن الله کي ياد ڪريو. پنهنجن ابن ڏاڏن کي ياد ڪرڻ وانگر يا ان کان به زياده ياد ڪريو پوءِ ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي جو چوي ٿو ته اي اسان جا پاليندڙ ! اسان کي دنيا ۾ ڏي ۽ ان لاءِ آخرت ۾ ڪو به حصو نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن اوهان پنهنجي حج جا احڪام پورا ڪري چڪا ته (منى ۾) الله جو ذڪر ڪيو جيئن پنهنجي ابن ڏاڏن جو ذڪر ڪندا هُيَئو يا ان کان به زياده (ذوق سان) ذڪر ڪيو. پوءِ ماڻهن مان ڪو چوي ٿو: ”اي اسان جا پالڻهار اسان کي دنيا ۾ ئي ڏئي ڇڏ“. ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن پنهنجا حڪم پوراڪَيان، پوءِ ساريو ربّ ستار، سارڻ اَهنجو اَبن کي، اُنهئ جي آچار، يا پاڻان پِرت پچار، اڳرِي گھڻو اُن ڪنان. ڪي ماڻهن مان مورهين، چونِ اهڙي چال، ته ڌڻيم! دُنيا ۾ ڏيئون، ڪو موچارو مال، ۽ ڪونهي ڀاڳ بحال، اُن لئي آخرت ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن حج جون رسمون پوريون ڪري وٺو ته الله کي ائين ياد ڪريو، جيئن پنهنجن وڏن کي ياد ڪريو ٿا. يا ان کان به وڌيڪ ياد ڪريو. ڪي ماڻهو چون ٿا ته ”اي اسان جا رب! اسان کي دنيا ۾ ڏي“ ۽ آخرت ۾ انهن لاءِ حصو نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن حج جا ارڪان پورا ڪري ڇڏيو ته پوءِ جيئن اڳي توهان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ياد ڪندا هيؤ، تيئن هاڻي الله کي ياد ڪريو، بلڪه اڃان به وڌيڪ (پر الله جي ياد ڪندڙن ۾ به گهڻو فرق آهي) انهن مان ڪو اهڙو آهي جيڪو چوي ٿو ته اي اسان جا رب ! اسان کي دنيا ۾ ئي سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏ، اهڙي ماڻهوءَ لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن توهان حج جا رڪن ادا ڪري وٺو ته الله جو ذڪر ڪريو جيئن پنهنجي ابن ڏاڏن جو ڪندا هئا پر ان کان به وڌيڪ ذڪر (ان کي ياد ڪندڙ ماڻهن ۾ به فرق آهي) انهن ۾ ڪو چوي ٿو، ”اي اسان جا رب! اسان کي دنيا ۾ ئي سڀڪجهه ڏي“ اهڙي ماڻهو لاءِ آخرت ۾ ڪوبه حصو نه آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن حَجَّ جا رڪن پورا ٿي وڃن ته توهان الله تعالى کي خوب ياد ڪريو، جيئن اوهان پهريان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ويھي ياد ڪندا هئا بلڪه الله تعاليٰ جو ذڪر اڃا به وڌيڪ بيان ڪريو. ماڻھن مان (ڪجهه دنيادار ذهن جا ماڻهو آهن جو هو) الله تعالى کان هي دعا گهرندا آهن ته “اي اسان جا رَبَّ! اسان کي هن دنيا ۾ سڀ ڪجهه عطا فرماءِ،” پوءِ اهڙن ماڻھن جو آخرت ۾ ڪو به حصو نه آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِنهُم مَن يَقولُ رَبَّنا ءاتِنا فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ حَسَنَةً وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 201) |
۽ منجھائن ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي دنيا ۾ (به) چڱائي ۽ آخرت ۾ (به) چڱائي ڏي ۽ اسان کي باھ جي عذاب کان بچاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر ڪي اهڙ به آهن جي چو ٿا ته اي اسان جا پروردگار! اسان کي دنيا ۾ به چڱائي ڏي ۽ آخرت ۾ به چڱائي ڏي ۽ دوزخ جي عذاب کان بچائي وٺجانءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مؤمن چون ٿا اي اسان جا رب اسان کي دنيا ۾ نيڪي ڏي ۽ آخرت ۾ بهشت عطا ڪر ۽ اسان کي جهنم جي باه کان پناه ۾ رک.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي چون ٿا ته: اي اسان جا پالڻهار! اسان کي دنيا ۾ نعمت ڏي ۽ آخرت ۾ ثواب ڏي ۽ اسان کي دوزخ جي باھ کان بچاءِ!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن (ماڻهن) مان اهي به آهن جو چون ٿا ته اي اسان جا رب ڏي اسان کي دنيا ۾ ڀلائي ۽ آخرت ۾ ڀلائي ۽ بچاءِ اسان کي عذاب باھ جي کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن مان ڪو اهڙو به آهي جو چوي ٿو ته اي اسان جا پاليندڙ ! اسان کي دنيا ۾ نعمت ڏي ۽ آخرت ۾ به نعمت ڏي ۽ اسان کي باهه جي عذاب کان بچاءِ ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن مان ڪو چوي ٿو ته : ”اي اسان جا پالڻهار! اسان کي دنيا ۾ به نيڪي عطا ڪر ۽ آخرت ۾ به نيڪي عطا ڪر ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪي چون، ته دُنيا ۾ ڌڻيم!، نيڪي ڏِج نبار، پڻ اسان کي آخرت ۾، نيڪِي نصيب ڪار، ۽ بچائينيون باه کان؛(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن مان ڪي چون ٿا ”اي اسانجا رب! اسان کي دنيا ۾ به چڱائي ڏي، آخرت ۾ به چڱائي ڏي ۽ دوزخ جي عذاب کان بچاءِ!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڪو چوي ٿو ته اي اسان جا رب! اسان کي دنيا ۾ به ڀلائي ڏي ۽ آخرت ۾ به ڀلائي ڏي ۽ باهه جي عذاب کان اسان کي بچاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪير چوي ٿو ته ”اي اسان جا رب! اسان کي دنيا ۾ به ڀلائي ڏي ۽ آخرت ۾ ڀي سهڻو نوازجانءِ، ۽ باهه جي عذاب کان بچائجانءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن مان ڪجهه ماڻهو اهڙا ته ايمان وارا آهن، جو هو الله تعالى کان دعا گهرندا آهن ته “اي اسان جا پالڻھار! اسان کي هن دنيا ۾ به ڀلائي عطا ڪر ۽ آخرت ۾ به ڀلائي عطا ڪر ۽ اسان کي باهه جي عذاب کان بچاءِ.”(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ لَهُم نَصيبٌ مِمّا كَسَبوا وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 202) |
اُھي ماڻھو جيڪي ڪمايائون تنھن مان کين نصيب آھي، ۽ الله سگھو حساب ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (يقين ڪيو ته) اهڙن ئي ماڻهن کي سندن چڱن عملن مطابق دنيا ۽ آخرت جي سعادت مان حصو ملندو ۽ الله تعاليٰ عملن جي حساب جانچڻ ۾ بلڪل تکو آهي (هر انسان کي هن جي عملن موافق جلد نتيجا ڏيڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن مؤمنن کي چڱن عملن جي ڪري بهتر ثواب ملندو، ۽ الله تعالى جلد حساب ڪندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن لاءِ پنهنجي ڪمائي مان حصو (آرام) آهي ۽ خدا تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي انهن لاءِ ڀاڱو آهي ان مان جو ڪمايائون ۽ الله تڪڙو حساب ڪندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن لاءِ پنهنجي ڪمائيءَ مان حصو آهي. ۽ الله جي طرفان جلد حساب ٿيڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ماڻهو آهن جن لاءِ انهن جي ڪمائي مان (ٻنهين جهانن ۾) حصو آهي ۽ الله تڪڙو حساب ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن ڪيا،جي ڪم ڪار، مقرر تنهن مان مورهين، حِصو تنين هار؛۽ تڪڙو آھِ تڪرار،هادِي حرف حساب۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن جيڪي ڪمايو آهي، سوئي سندس حصو آهي، الله جلد حساب وٺڻ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙا ماڻهو پنهنجي ڪمائيءَ آهر (ٻنهي هنڌ) حـصو لهندا ۽ الله کي حساب وٺڻ ۾ ڪابه دير نه ٿي لڳي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙا ماڻهو پنهنجي ڪمائي مطابق (ٻنهي جاين تي) فيض ماڻيندا ۽ الله کي دير نه ٿي لڳي حساب چڪائڻ ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙي سوچ رکڻ وارا ماڻهو (ٻنهي جڳھن تي پنھنجي عملن مطابق) ڀلائي حاصل ڪندا ڇوته الله تعالى هر ڪنھن سان سندن نيتن مطابق جلد حساب ڪندو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاذكُرُوا اللَّهَ فى أَيّامٍ مَعدودٰتٍ فَمَن تَعَجَّلَ فى يَومَينِ فَلا إِثمَ عَلَيهِ وَمَن تَأَخَّرَ فَلا إِثمَ عَلَيهِ لِمَنِ اتَّقىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّكُم إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 203) |
۽ ڳڻيلن ڏينھن (مِنىٰ وارن) ۾ الله کي ياد ڪريو، پوءِ جيڪو ٻن ڏينھن ۾ تڪڙو نڪري تنھن تي گناھ ڪونھي، ۽ جيڪو دير ڪري تنھن تي (به) گناھ نه آھي (اھو حُڪم) اُن لاءِ آھي جيڪو پرھيزگاري ڪري، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته اوھين ڏانھس گڏ ڪيا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حج جي ڳڻيل ڏينهن (ايام تشريق 10، 11، 12، 13 ذوالحج) ۾ الله جي ذڪر ۾ لڳا رهو پر جيڪڏهن ڪو (موٽڻ ۾ تڪڙ ڪري ۽) ٻن ڏينهن ۾ روانو ٿي وڃي ته مٿس گناه ڪونهي، جيڪڏهن ڪو وڌيڪ ڏينهن رهي ته به مٿس گناه ڪونهي اها (جلدي يا دير جي) اجازت انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ آهي جو تقوي! وارو آهي. (اصل مقصد تقويٰ آهي) تنهن ڪري هر حال ۾ خدا جو خوف دل ۾ رکي پرهيزگاري ڪريو ۽ ياد رکو ته يقيناً اوهان کي (ڪنهن ڏينهن مرڻو) ۽ خدا جي حضور ۾ گڏ ٿيڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى کي حج جي ڏينهن ۾ گهڻو ياد ڪريو پوءِ جيڪو (قربانيءَ جي ڏينهن کان پوءِ) مِنى مان تڪڙ ڪري ٻن ڏينهن ۾ موٽيو ته ان تي گناه ناهي، ۽ جيڪو رهي پيو ان تي به گناه ناهي، انهي لاءِ جنهن ۾ خوفِ خدا آهي، ۽ توهان الله تعالى کان خوف ڪريو ۽ يقين ڪريو ته توهان سڀئي الله تعالى ڏانهن موٽايا ويندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا کي (منى وارن) ڳڻيلن ڏينهن ۾ ياد ڪريو پوءِ جيڪو ٻن ڏينهن ۾ جلدي ڪري (موٽي) ته ان تي ڪو گناھ نه آهي ۽ جيڪو (ٽئين ڏينهن تائين) رهي ته ان تي به ڪو گناھ نه آهي. (هي رعايت) ان لاءِ آهي جيڪو پرهيزگار هجي ۽ الله کان ڊڄندا رهو ۽ پڪ ڄاڻو ته (هڪ ڏينهن) اوهان سڀئي ان ڏي قبرن مان اٿاريا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ياد ڪيو الله کي ڏينهن ڳڻيلن ۾ پوءِ جنهن جلدي ڪئي ٻن ڏينهن ۾ پوءِ نه آهي ڪو گناھ ان تي ۽ جنهن دير ڪئي (رهي پيو) پوءِ ناهي ڪو گناھ ان تي ان جي لاءِ جو ڊڄندو رهيو ۽ ڊڄو الله کان ۽ يقين ڄاڻو تحقيق اوهان ان ڏانهن اٿاريا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله کي (منيٰ وارن) ڳڻيلن ڏينهن ۾ ياد ڪريو. پوءِ جيڪو ٻين ڏينهن ۾ جلدي ڪري (موٽي) ته ان تي ڪو گناهه نه آهي ۽ جيڪو پٺتي رهي ته ان تي به ڪو گناهه نه آهي (هي حڪم) ان لاءِ آهي جيڪو پرهيزگار ٿيو ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته اوهان کي ان ڏي گڏ ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله کي ياد ڪيو (حج وارن) ڳاڻيٽي جي ڏينهن ۾. پوءِ جيڪو (منى کان موٽڻ ۾) ٻن ڏينهن ۾ جلدي ڪري ته ان تي ڪو گناهه ناهي ۽ جيڪو (ٽئين ڏينهن تائين) تاخير ڪري ته ان تي (به) ڪو گناهه ناهي هي ان لاءِ آهي جيڪو تقوى اختيار ڪري. ۽ الله کان ڊڄو ۽ پڪ ڄاڻو ته بلاشڪ اوهان اُن وٽ گڏ ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مقرر ڏينهَن ۾ مورهين، ساريو ربُّ، ستار، پوءِ ڏوه نه تنهن، ٻن ڏينهن ۾، جنهن تڪڙ ڪِئي تڪرار، ۽ جنهن دير ڪئـِي خير سان، ته به برسر نه مٿس بار، تنهن ڪارڻ، ڪِري جنهن ڪِئي؛ ۽ ڪنبو ڀر قهار، ۽ سمجھو، ته سندس پار، اوهين مِڙوئـِي ميڙبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله کي (منا ۾) ڳڻيل ڏينهن ۾ ياد ڪريو، پوءِ جيڪو الله کان ڊڄي، سو جيڪڏهن ٻن ڏينهن ۾ جلدي ڪري، ته به مٿس گناهه ناهي ۽جي دير ڪري ته به مٿس ڪو گناهه ڪونهي. ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته اوهين ان وٽ گڏ ڪيا ويندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ڪي ڳاڻ ڳڻيا ڏينهن آهن، جيڪي توهان کي الله کي ياد ۾ گذارڻ کپن، پوءِ جيڪو تڪڙ ڪري ٻن ڏينهن ۾ ئي واپس ٿيو ته ڪو گناهه ڪونهي ۽ جيڪو ڪجهه وقت رهي واپس وريو ته به ڪو گناهه ناهي، پر شرط اهو آهي ته اهي ڏينهن تقويٰ سان گذاريا وڃن. الله جي نافرمانيءَ کان پاڻ بچايو ۽ چڱيءَ طرح ڄاڻي ڇڏيو ته هڪڙي ڏينهن سندس حضور ۾ هلي حاضر ٿيڻو اٿوَ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله کي ياد ڪرڻ۾ توهان کي گذارڻ کپن هي ڳڻپ جا ڪجهه ڏينهن، پوءِ جيڪڏهن ڪير جلدي ڪري ٻن ڏينهن ۾ ئي واپس اچي ويو ته ان ۾ به حرج ناهي، ۽ ڪير وڌيڪ ترسي موٽيو ته به حرج ناهي، شرط انهيءَ سان ته اهي ڏينهن هن تقويٰ سان گذاريا، الله جي نافرماني کان بچو ۽ ياد رکو ته هڪ ڏينهن سندس حضور ۾ توهان پيش ٿيندؤ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ڪجهه ڏينھن (منى ۾) ترسي الله تعالى جو خوب ذڪر ڪريو، پر جيڪڏهن ڪو تڪڙ ڪري ٻن ڏينھن ۾ واپس ٿيو (يعني ۽ ذوالحَج جو) يا جيڪڏهن ڪير وڌيڪ به رهيو (يعني ذوالحَج تائين) ته ان تي ڪو گناهه نه آهي، شرط هي آهي ته اتي رهڻ وقت پرهيزگاري اختيار ڪندو رهي، الله تعالى کان ڊڄو ۽ اهو سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ توهان سڀني کي هڪ ڏينھن الله تعالى جي آڏو پيش ٿيڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُعجِبُكَ قَولُهُ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيُشهِدُ اللَّهَ عَلىٰ ما فى قَلبِهِ وَهُوَ أَلَدُّ الخِصامِ (آيت : 204) |
۽ ماڻھن مان ڪو (اِھڙو) آھي جو سندس ڳالھائڻ دنيا جي حياتيءَ ۾ توکي عجب ۾ وجھندو آھي ۽ جيڪي سندس دل ۾ آھي تنھن تي الله کي شاھد ڪندو آھي ھن ھوندي به جو اُھو وڏو جھيڙاگر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪي ماڻهو اهڙا آهن جن جي گفتگو دنيائي زندگي بابت اوهان کي ڏاڍي وڻي ٿي ۽ اهي ماڻهو پنهنجي دل جي پاڪائيءَ تي الله تعاليٰ کي شاهد ڪن ٿا (يعني خدا جو قسم ٿا کڻن) پر حقيقت ۾ هو دشمني ۾ تمام سخت آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪن ماڻهن جو ڳالهائڻ زندگي ۾ توهان کي عجب ۾ وجهي ٿو ۽ پنهنجي دل جي سچائي تي الله تعالى کي شاهد بنائي ٿو، حالانڪ اهو وڏو فسادي آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اي رسول! ڪي ماڻهو (منافقن مان اهڙا به آهن جي) جن جون (من موهيندڙ) ڳالهيون (هن فاني) دنيا جي حياتيءَ ۾ تو کي ڏاڍيون سٺيون ٿيون لڳن. ۽ اهي پنهنجي دلي محبت بابت خدا کي شاهد مقرر ڪن ٿا، هوڏانهن اهو (توهان جي) دشمنن ۾ سخت جهڳڙالو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ماڻهن مان ڪو (اهڙو) آهي جو وڻي ٿو توکي ڳالهائڻ ان جو دنيا جي حياتيءَ ۾ ۽ شاهد ٿو ڪري الله کي ان تي جو ان جي دل ۾ آهي ۽ اهو سخت جهيڙاڪار آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو آهي جنهنجي دنيا جي حياتي (جي ڪمن) ۾ گفتار توکي پسند اچي ٿي ۽ جيڪي سندس دل ۾ آهي تنهن تي الله کي شاهد ڪري ٿو هوڏانهن اهو سخت جهڳڙالو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي جنهن جو ڳالهائڻ دنيا جي زندگي ۾ تو کي سٺو لڳي ٿو ۽ جيڪي سندس دل ۾ آهي ان تي الله کي شاهد بنائي ٿو حالانڪ اهو وڏو جهيڙاڪ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهن منجھان، ڪن جِي، توکي وڻي تنوار، هِن جياپي جھٽ پٽ ۾، ۽ ڏي اُن جِي ساک ستار، جيڪي من ۾، تنهن مڪار، اُهو سخت خُصومت، خار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪو ماڻهو اهڙو به آهي، جنهن جون ڳالهيون توکي هن دنيا جي زندگيءَ بابت پسند اچن ٿيون ۽ جيڪي سندس دل ۾ آهي، ان تي الله کي پيو شاهد ڪري. پر هو (اصل ۾) سخت جهڳڙالو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انسانن مان ڪو اهڙو آهي، جنهن جون ڳالهيون دنيا واري زندگيءَ ۾ توکي ڏاڍيون ڀليون ٿيون لڳن ۽ هو پنهنجي نيڪ نيتي تي الله کي شاهد ٿو ڪري پر هو اصل ۾ حق جو بڇڙي ۾ بڇڙو دشمن آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪو ته انسانن ۾ اهڙو به آهي جنهن جون ڳالهيون توهان کي دنيا جي زندگيءَ ۾ ڀليون معلوم ٿين ٿيون ۽ پنهنجي نيڪ نيتي تي هو شاهد بڻائي ٿو الله کي وري وري ، پر حقيقت ۾ هو حق جو بدترين دشمن آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ماڻھن مان ڪو ته اهڙو آهي، جنھن جي ڳالهائڻ جو انداز توهان کي وڏي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو آهي ۽ هو پنھنجي نيڪ نيتيءَ تي الله تعالى کي گواهه بڻائي پيش ڪندو آهي، پر حقيقت ۾ هو حق ڳالهه جو وڏو مخالف هوندو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا تَوَلّىٰ سَعىٰ فِى الأَرضِ لِيُفسِدَ فيها وَيُهلِكَ الحَرثَ وَالنَّسلَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الفَسادَ (آيت : 205) |
۽ جڏھن توکان موٽندو آھي تڏھن ملڪ ۾ ھن لاءِ ڪوشش ڪندو آھي ته منجھس فساد وجھي ۽ پوک ۽ نسل ناس ڪري، ۽ الله فساد کي پسند نه ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن هنن کي حڪومت ٿي ملي تڏهن ملڪ ۾ اهڙيون ڪوششون ڪن ٿا جن ان سان ملڪ ۾ فساد ۽ خربيون پيدا ڪن ۽ پوکن ۽ ٻي پيدائش کي ۽ نسل کي برباد ڪري ڇڏين، پر الله تعاليٰ نٿو پسند ڪري ته آبادي ۽ زندگي جي بدران ويراني ۽ تباهي ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن توهان وٽان وڃي ٿو ته زمين ۾ فساد وجهي ٿو ۽ پوک ۽ جانور هلاڪ ڪري ٿو، ۽ الله تعالى فساد کي پسند نٿو ڪري.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اهو حاڪم ٿيو ته زمين ۾ (اها) ڪوشش ڪندو ته ان ۾ فساد وجهي ۽ پوک ۽ نسل کي تباھ ڪري. ۽ الله فساد کي پسند نٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن وقت موٽي ٿو (اوهان وٽان) ته ڪوشش ٿو ڪري زمين ۾ تانته فساد وجهي ان ۾ ۽ هلاڪ ڪري پوک ۽ نسل کي. الله نه ٿو پسند ڪري فساد ڪرڻ کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهو جڏهن حاڪم ٿيندو ته زمين ۾ (اها) ڪوشش ڪندو ته ان ۾ فساد وجهي. ۽ پوک ۽ نسل کي تباهه ڪري. ۽ الله فساد کي پسند نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن (تو کان) موٽي ٿو ته زمين ۾ فساد وجهڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪري ٿو ۽ پوک ۽ نسل تباهه ڪري ٿو. ۽ الله فساد کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَريو جڏهن، ته زمين ۾ ڊوڙيو آس پاس، ته ڦٽائيس، ۽ فصل کي، پڻ نسل ڪري ناس؛ ۽ پرور نه ڪري پاس، ڦيٽاري، فساد کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن تو وٽان موٽي ٿو، ته زمين ۾ فساد ڪرڻ لاءِ ڊوڙندو رهي ٿو، پوکون ۽ نسل چٽ ڪري ٿو. ۽ الله فساد کي پسند نٿو ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن کيس ڪو اقتدار ملي ٿو ته زمين ۾ سندس سموري جاکوڙ ان لاءِ ٿئي ٿي ته فساد پکيڙي، پوکن کي ناس ڪري، انساني نسل کي تباهه ڪري، حالانڪه الله ته (جنهن کي پئي شاهد ڪيائين) فساد کي ڪنهن به صورت ۾ پسند نه ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن کيس اقتدار ملي ٿو ته زمين تي سندس ڊوڙ ڊڪ ان لاءِ آهي ته فساد پکيڙي، پوکن کي برباد ڪري، نسل انساني تباهه ڪري، جڏهن ته الله (کيس شاهد بڻايو) فساد کي پسند نٿو ڪري.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن هو توهان کان واپس موٽي ويندو آهي، ته زمين ۾ فساد پکيڙڻ، ماڻھن جي فصلن کي تباهه ڪرڻ ۽ انساني نسل کي بلڪل ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويندو آهي. حالانڪه الله تعالى ته فساد کي پسند ئي نه ڪنـدو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا قيلَ لَهُ اتَّقِ اللَّهَ أَخَذَتهُ العِزَّةُ بِالإِثمِ فَحَسبُهُ جَهَنَّمُ وَلَبِئسَ المِهادُ (آيت : 206) |
۽ جڏھن اُن کي چئبو آھي ته الله کان ڊڄ تڏھن وڏائي کيس گناہ تي آڪڙائيندي آھي پوءِ کيس (سزا) دوزخ بس آھي، ۽ اُھو ضرور بڇڙو ھنڌ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن اهڙن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته خدا کان ڊڄو (۽ ظلم ۽ فساد ڇڏي ڏيو) تڏهن هنن جو هٺ ۽ تڪبر هنن کي وڌيڪ گناهن ۽ ظلمن لاءِ آماده ڪري ٿو. (هو ڪڏهن به باز نه ايندا هنن کي فقط جهنم ئي ڪافي ٿيندو، اهو هنڌ ڪهڙو نه خراب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن انهي کي چيو وڃي ٿو ته الله تعالى کان ڊڄ تڏهن وڏائي کيس گناه تي همٿائي ٿي انهي لاءِ جهنم ڪافي آهي ۽ تمام خراب جاءِ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن کيس چئجي ٿو ته خدا کان ڊڄ! ته ان کان (سندس) مغروري گناھ ڪرائيندي، پوءِ اهڙي (بدبخت) لاءِ دوزخ بس آهي. ۽ اها تمام بڇڙي جاءِ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن وقت چيو ٿو وڃي ان کي ته ڊڄ الله کان ته آڪڙ ڪرائيندي آهي ان کي وڏائي گناھ ڪرڻ تي پوءِ ڪافي آهي ان لاءِ جهنم ۽ ضرور اهو بڇڙو هنڌ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن کيس چيو ويندو ته الله کان ڊڄ ته ان کان (سندس) مغروري گناهه ڪرائيندي پوءِ ان لاءِ دوزخ بس آهي. ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن ان کي چيو وڃي ته الله کان ڊڄ (فتنا انگيزي نه ڪر) ته ان کي غرورُ گناهه تي اڀاري ٿو پوءِ ان لاءِ جهنم ڪافي آهي. ۽ اهو نهايت برو ٽِڪاڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن چئجي اُن کي، ته ڪنب ڪنان قهار، ته ڪيسِ عزت اُن جِي، منجھ گُنه گرفتار، پوءِ هاوِي بس، تنهن هار، ۽ بلڪل بڇڙو بسترو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن چئجيس ٿو ته الله کان ڊڄ! ته ان کي آڪڙ گناهه تي آڀاري ٿي، سو ان لاءِ دوزخ بس آهي ۽ بيشڪ اهو بڇڙو ٺڪاڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن کيس چئجي ٿو ته الله کان ڊڄ ته پنهنجي وقار جو خيال کيس گناهه تي کــُـپائي ٿو ڇڏي، اهڙي شخص لاءِ ته جهنم ئي ٺيڪ آهي ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن کيس چيو وڃي ٿو ته الله کان ڊڄ ته سندس وقار کيس ڄميل رکي ٿو گناهه تي. اهڙي شخص لاءِ ته بس جهنم ئي ڪافي آهي ۽ اهو آهي تمام برو ٺڪاڻو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن کيـس چيو ويندو آهي، ته الله تعالى کان ڊڄ (تون ته تمام سٺيون ڳالهيون ڪندو هئين) ته ويتر سندس وڏ ماڻهپ کيس وڌيڪ گناهه تي اڀاريندي آهي، اهڙي شخص لاءِ ته جھنم ئي صحيح آهي ۽ اها هڪ بدترين جاءِ آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشرى نَفسَهُ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 207) |
ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪڻندو آھي، ۽ الله ٻانھن تي مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن جي ابتڙ ڪي ماڻهو وري اهڙا به آهن جي الله تعاليٰ جي راضپي جي طلب ۾ پنهنجون جانيون به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن، الله تعاليٰ بيشڪ اهڙن ٻانهن تي ڏاڍو شفيق ۽ مهربان آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪي خوش قسمت ماڻهو اهي آهن جيڪي الله جي رضامندي لاءِ جان جي بازي لڳائن ٿا، ۽ الله پنهنجن ٻانهن تي نهايت مهربان آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انسانن مان (خدا جا عبد) ڪي اهڙا به آهن جو خدا جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان (به) وڪڻي ڇڏين ٿا ۽ خدا اهڙن عبدن تي تمام گهڻو مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ماڻهن مان ڪو (اهڙو آهي) جو وڪڻي ٿو پنهنجو پاڻ الله جي رضا طلب ڪرڻ لاءِ ۽ الله ٻاجھ ڪندڙ آهي ٻانهن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو آهي جو پنهنجي جان کي الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ وڪڻي ٿو. ۽ الله ٻانهن تي وڏو مهربان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ماڻهن مان ڪو (وري) اهڙو به آهي جيڪو الله کي راضي ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان به وڪڻي ڇڏي ٿو. ۽ الله ٻانهن مٿان وڏي مهرباني ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهن منجھان، ڪِن پاڻ وڪيو، ربَّ جِي رضا ڪاڻ، ۽ بي شڪ بندن ساڻ، مالڪ مهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ٻيو اهڙو به ماڻهو آهي، جو پنهنجي جان کي الله جي رضا طلب ڪرڻ لاءِ وڪڻي ٿو، ۽ الله ٻانهن تي نهايت مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻئي پاسي انسانن مان ئي ڪو اهڙو به آهي، جيڪو الله جي رضا ماڻڻ خاطر پنهنجي جان به قربان ٿو ڪري ڇڏي ۽ الله اهڙن بندن تي ڏاڍو مهربان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٻئي طرف انسانن مان ئي ڪو اهڙو به آهي جيڪو پنهنجي جان به کپائي ٿو الله جي رضا لاءِ، ۽ الله بندن تي وڏو مهربان آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (وري ٻئي طرف) ماڻھن مان وري ڪو اهڙي ته سٺي ڪردار جو هوندو آهي، جو هو الله تعالى جي محبت ۾ پنھنجي جان جي بازي لڳائي ڇڏيندو آهي. اهڙن ٻانهن تي ته الله تعالى وڌيڪ مھربان آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا ادخُلوا فِى السِّلمِ كافَّةً وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 208) |
اي ايمان وارؤ پورا اسلام ۾ داخل ٿيو، ۽ شيطان جي وِکن تي نه ھلو، ڇوته اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارؤ! (اعتقاد ۽ عمل جي سڀني ڳالهين ۾) پوريءَ طرح (نه رڳو نالي طور) مسلمان (فرمانبردار) ٿيو ۽ خبردار متان شيطاني وسوسن جي پيروي ڪريو. شيطان ته اوهان جو ظاهر ظهور دشمن آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! اسلام ۾ پوري طرح داخل ٿيو، ۽ شيطان جي نقشِ قدم تي نه هلو، بيشڪ اهو توهان جو ظاهر دشمن آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! اوهين سڀئي (گڏجي) اسلام ۾ (چڱيءَ طرح) داخل ٿي وڃو ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو! بيشڪ اوهان جو اهو ظاهر بظاهر دشمن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ – داخل ٿيو اسلام ۾ پورا پورا ۽ نه تابعداري ڪيو شيطان جي وکن جي بيشڪ اهو اوهان جو کليو دشمن آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارو ! اوهين سڀئي (گڏجي) اسلام ۾ داخل ٿيو. ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو ! بيشڪ اهو اوهان جو ظاهر دشمن آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! اسلام ۾ پوري طرح داخل ٿي وڃو ۽ شيطان جي وکن جي تابعداري نه ڪيو. (ڇو ته) بيشڪ اُهو اوهان جو کليو دشمن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي مڃيو، جن مُور! سي اچو، سڀ اسلام ۾، ۽ نه هَلو شقِي شيطان جي، وِکن پٺيان وهلور! ظاهر آهي ضرور، سو عدو، اوهان جو اَصل کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! اسلام ۾ پوريءَ طرح داخل ٿي وڃو ۽ شيطان جي پٺيان نه لڳو، بيشڪ اهو اوهان جو چٽو دشمن آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! توهان سڄا سارا ئي (پوريءَ طرح) اسلام ۾ داخل ٿي وڃو ۽ شيطان جي ڪڍ نه لڳو، هو توهان جو کليو کلايو دشمن آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، توهان پوري جا پورا اسلام ۾ داخل ٿيو ۽ پيروي نه ڪريو شيطان جي، ڇاڪاڻ ته اهو توهان جو دشمن آهي پڌرو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! دين اسلام ۾ پوريءَ طرح داخل ٿي وڃو ۽ شيطان جي ڪنھن به طريقي جي پيروي نه ڪريو. بيشڪ هو توهان جو پڌرو دشمن آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن زَلَلتُم مِن بَعدِ ما جاءَتكُمُ البَيِّنٰتُ فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 209) |
پوءِ جيڪڏھن اوھين ان کانپوءِ جو اوھان وٽ چٽا دليل آيا (اِسلام کان) ٿڙندؤ ته ڄاڻو ته الله غالِب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مؤمنو! توهان وٽ هدايت جا چٽا دليل اچي چڪا آهن، پوءِ به جي توهان حق جي راهه کان لڏي ويندؤ ته ياد رکو (سزا جي قانون کان ڪونه بچي سگهندؤ) الله تعاليٰ وڏي طاقت وارو سڀني تي غالب ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان جيڪڏهن لغزش کائو ٿا صاف دليل اچڻ کان پوءِ به پوءِ يقين ڪريو تحقيق الله تعالى غالب حڪمت وارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن، هن کان پوءِ جو، اوهان کي ظاهر ڳالهيون پهتيون آهن، ٿڙندوء ته چڱيءَ طرح ياد رکو ته خدا هر طرح غالب ۽ تدبير وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن ترڪي پئو ان کان پوءِ جو آيا اوهان وٽ روشن دليل پوءِ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله غالب، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن هن کان پوءِ به جو اوهان کي ظاهر ڳالهيون پهتيون آهن اوهين ٿڙندؤ ته ڄاڻو ته بيشڪ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جي چِٽا دليل اچڻ کان پوءِ به ٿِڙَندئو ته پڪ ڄاڻو الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جي ٿِڙڪيا، تنهن پُئان، ته آيانِيان اُهڃاڻ، پوءِ سمجھو، ته ربُّ سُڄاڻ، آھِ سٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهين چٽن حڪمن جي پهچڻ بعد به ٿڙندؤ، ته سمجهي ڇڏيو ته الله غالب ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي چٽيون هدايتون توهان وٽ اچي ويون آهن، انهن جي ملڻ کانپوءِ جي توهان ٿڙندؤ ته سمجهي ڇڏيو ته الله سڀني تي غالب ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي صاف چٽيون هدايتون توهان وٽ اچي چڪيون آهن، اهي حاصل ڪرڻ بعد به توهان ٿڙي ويا، ته پوءِ ڄاڻي ڇڏيو ته الله سڀ تي غالب، حڪيم ۽ داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) صاف صاف دليلن کان پوءِ به جيڪڏهن توهان گمراهه ٿي وڃو، ته اهو سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن يَأتِيَهُمُ اللَّهُ فى ظُلَلٍ مِنَ الغَمامِ وَالمَلٰئِكَةُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 210) |
(ڪافر) ھن کان سواءِ انتظار نه ڪندا آھن ته الله (جو عذاب) جُھڙ جي پاڇن ۾ وٽن اچي ۽ ملائڪ (به) ۽ ڪم فيصل ڪيو وڃي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم موٽايا ويندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هي (منڪر) ڇاجي لاءِ ترسيا ويٺا آهن؟ ڇا انهيءَ لاءِ ته خود خدا ڪڪرن جي چبوترن ۾ وٽن لهي اچي ۽ ملائڪ به (صفون ٻڌي سندس چوڌاري بيٺا هجن) ۽ اهڙيءَ طرح جيڪو فيصلو ٿيڻو هجي سو ٿي وڃي. (پر ائين نه ڪڏهن ٿيو آهي نه ٿي سگهي ٿو اهڙو انتظار نه رکن. الله تعاليٰ پنهنجي ئي رٿن موجب کين سيکت ڏيندو) سڀني ڪمن جو سرشتو الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نٿا انتظار ڪن مگر اِهو جو انهن وٽ الله جو عذاب اچي سائي دار ڪڪر ۾ يا ملائڪ عذاب کڻي اچن ۽ انهن جو ڪم پورو ڪيو وڃي ۽ الله تعالى ڏانهن سڀني ڪمن جو موٽڻ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا! اهي ماڻهو هن ڳالھ جا منتظر آهن ته الله جو عذاب وٽن ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ اچي ۽ (عذاب جا) ملائڪ به ۽ سڀ جهڳڙا ختم ٿين. هوڏانهن (آخر) سڀ ڪم خدا ڏي ئي موٽايا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿا انتظار ڪن مگر هن ڳالھ جو ته اچي انهن وٽ الله (جو عذاب) ڪڪرن جي پاڇن ۾ ۽ ملائڪ ۽ فيصلو ڪيو وڃي معاملو ۽ الله ڏانهن ٿا موٽايا وڃن معاملا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي هن کان سواءِ (ڪو) انتظار نه ٿا ڪن ته الله وٽن ڪڪِرن جي ڇانو ۾ اچي ۽ ملائڪ به. ۽ ڪم پورو ڪيو وڃي. ۽ سڀ ڪم الله ڏي ئي موٽايا وڃن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ته صرف ان ڳالهه جو انتظار ٿا ڪن ته ڪڪرن جي ڇانوَ مان الله (جو عذاب) اچي ۽ ملائڪ (لهن) ۽ حڪم جو فيصلو ٿي وڃي ۽ سڀ ڪم الله ڏانهن موٽايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڪڍنِ انتظار، مگر اچي اُنهن کي، مَلهارين ۽ مَلڪن جي، قادر منجھ قطار، ۽ ٿيو نبيرو نِبار؛ ۽ سڀ موٽن، ڪم ڪريم ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو انهيءَ جو ئي انتظار ڪن ٿا ته الله ۽ سندس فرشتا ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ اچن ۽ قصو فيصل ٿي وڃي؟ مگر سڀ ڪم الله ڏانهن ئي موٽندڙ آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهن سڀني نصيحتن ۽ هدايتن کان پوءِ ماڻهو نه سڌريا ته) پوءِ ڀلا هو انهيءَ ڳالهه جي انتظار ۾ آهن ڇا ته الله ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ ۽ ملائڪن جون قطارون ساڻ کنيو اچي اڳيان بيهي ۽ فيصلو چڪتو ڪيو وڃي؟ نيٺ وڃي سڀ معاملا پيش ته الله جي آڏو ئي ٿيڻا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (انهن هدايتن بعد به ماڻهو سڌا نه ٿين ته پوءِ) ڇا اهي منتظر آهن ته الله ڪڪرن جي پاڇي ۾ ملائڪن کي ساڻ ڪري سامهون اچي ۽ فيصلو ئي ڪيو وڃي؟ آخرڪار سمورا معاملا پيش ته الله جي ئي حضور ۾ ٿيڻ وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ايترو سمجهائڻ کان پوءِ به هي ماڻهو، ڪھڙي انتظار ۾ آهن) ڇا انهيءَ انتظار ۾ آهن ته الله تعالى انهن وٽ ڪڪرن جي ڇانو ۾ اچي ظاهر ٿئي ۽ سندس گڏ ملائڪ به صفون ٻڌي بيٺل هجن ۽ (انهن جي سامهون الله تعالى جي طرف کان) عدالت لڳائي فيصلو ڪيو وڃي (قيامت جو ڇا جو انتظار) . کين ياد رکڻ گهرجي ته اڳي پوءِ سڀ معاملاالله تعالى وٽ ئي پيش ٿيڻا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَل بَنى إِسرٰءيلَ كَم ءاتَينٰهُم مِن ءايَةٍ بَيِّنَةٍ وَمَن يُبَدِّل نِعمَةَ اللَّهِ مِن بَعدِ ما جاءَتهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 211) |
(اي پيغمبر) بني اِسرائيلن کان پُڇا ڪر ته کين ڪيتريون چٽيون نشانيون ڏنيون سين، ۽ جيڪي الله جي نعمت کي پاڻ وٽ اچڻ کانپوءِ مٽائيندو ته بيشڪ الله سخت عذاب ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بني اسرائيلن کان پڇو ته اسان هنن کي (سچائي جون ڪيتريون نه) چٽيون نشانيون ڏنيون هيون ۽ جيڪڏهن ڪوئي (هنن وانگر) خدا جي ڏنل نعمت (صحيح هدايتن) کي مٽائي (باطل ۽ برائي جي واٽ) وٺي ٿو ته پوءِ خدا جو جزا ۽ سزا وارو قانون به سزا ڏيڻ ۾ تمام سخت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بني اسرائيل وارن کان پڇو اسان ڪيترا صاف دليل ان کي ڏنا، ۽ جيڪو شخص الله تعالى جي ڏنل نعمتن کي مَٽائي ٿو پوءِ بيشڪ الله تعالى جو عذاب سخت آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) بني اسرائيل کان پڇ ته اسان انهن کي ڪهڙيون نه ظاهر نشانيون ڏنيون. ۽ جڏهن ڪنهن شخص وٽ خدا جي نعمت (ڪتاب) آڻي، ان کان پوءِ به ان کي بدلائي ته بيشڪ الله جي سزا سخت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڇ بني اسرائيل کان ته ڪيترا ڏناسون انهن کي دليل روشن ۽ جيڪو مٽائي ٿو الله جي نعمت ان کان پوءِ جو آئي ان وٽ پوءِ بيشڪ الله ڏاڍو عذاب (ڏيندڙ) آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بني اسرائيلن کان پڇ ته اسان انهن کي ڪيتريون ظاهر نشانيون ڏنيون. ۽ جيڪو الله جي نعمت کي بدلائيندو هن کان پوءِ به جو اها ان کي پهتي ته بيشڪ الله جي سزا سخت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بني اسرائيلن کان پڇ ته اسان انهن کي ڪيتريون کُليون نشانيون ڏنيون. ۽ جيڪو الله جي نعمت کي وٽس اچڻ کان پوءِ مٽائي ڇڏي ته پوءِ بيشڪ الله سخت عذاب ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِسرائيل جي اولاد کان، پُچ تون پاڻ پچار، ته آيون اوهان کي، ڪيتريون نِشانيون نِروار، ۽ الله جي انعَام کي، جنهن بدلايو بدڪار، جنهن بعد، ڀلائي اُن کي، حاصل ٿِئـِي هيڪار، پوءِ صاحب ربُّ، ستار، سزا ڏيڻ ۾ سخت گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يهودين کان پڇ، ته ”اسان کين ڪيتريون چٽيون نشانيون ڏنيون؟“ جيڪو الله جي نعمتن کي وٽس اچڻ کانپوءِ ۽ بدلائيندو ته بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بني اسرائيل کان پــُـڇ ته ڪهڙيون نه پڌريون نشانيون اسان کين ڏيکاريون (۽ اهو به کانئن پڇ ته) الله جي نعمت ملڻ کان پوءِ جيڪا قوم انهيءَ کي بدبختيءَ سان بدلائي ڇڏي ٿي، ان کي الله ڪهڙي نه سخت سزا ٿو ڏئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بني اسرائيل کان پڇو، ڪهڙيون ڪهڙيون کليل نشانيون اسان کين ڏيکاريون آهن (۽ هي به انهن کان پڇو) الله جون نعمتون حاصل ڪرڻ کان پوءِ جيڪا قوم انهن کي بدبختي سان بدلي ٿي پوءِ ان کي الله ڪهڙي سخت سزا ڏئي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) بني اسرائيل کان پڇي وٺو ته اسان کين ڪيتريون ئي پڌريون نشانيون ڏيکاريون آهن. هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص الله تعالى جي نعمتن کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ به انهن جي ناشڪري ڪري ته الله تعالى اهڙي شخص کي سخت عذاب ڏيندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
زُيِّنَ لِلَّذينَ كَفَرُوا الحَيوٰةُ الدُّنيا وَيَسخَرونَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ اتَّقَوا فَوقَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 212) |
ڪافرن لاءِ دُنيا جي حياتي سينگاري ويئي ۽ مؤمنن سان ٺـٺوليون ڪندا آھن، ۽ جيڪي پرھيزگار آھن سي قيامت جي ڏينھن اُنھن (ڪافرن) جي مٿئون ھوندا، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪافرن کي هن دنيا جي (عيش عشرت واري) زندگي تمام سهڻي ۽ وڻندڙ ٿي لڳي. هو ايمان وارن جي (هاڻوڪي مسڪينائي جي حالت ڏسي) مسخري ٿا ڪن، پر اهي پرهيزگار مسڪين قيامت جي ڏينهن هنن (ڪافرن) جي ڀيٽ ۾ وڏي مرتبي وارا هوندا. (حق جا منڪر ايترو به نٿا ڄاڻن ته اهي مسڪين خدا جي فضل سان سڀاڻي مالدار ٿي سگهن ٿا) الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي بي حساب گهڻو رزق ڏئي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪافرن جي نظرن ۾ دنيا جي زندگي سهڻي ڪئي وئي آهي ۽ مسڪيني جي ڪري مسلمانن تي کلن ٿا ۽ مؤمن انهن کان قيامت جي ڏينهن مٿي هوندا ۽ الله تعالى جنهنکي گهري بي حساب روزي ڏئي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو انهن لاءِ دنيا جي (فاني) زندگي تمام سٺي ڪري ڏيکاري ويئي آهي ۽ اهي ايمان وارن تان مسخريون ٿا ڪن. مگر جيڪي پرهيزگار ٿيا اهي قيامت جي ڏينهن انهن کان گهڻو مٿي هوندا ۽ خدا جنهن کي گهري تنهن کي بي حساب روزي عطا فرمائي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سينگاري وئي ڪافرن جي لاءِ حياتي دنيا جي ۽ چٿر ٿا ڪن انهن تان جو ايمان آندائون ۽ جيڪي پرهيزگار ٿيا انهن کان مٿي هوندا قيامت جي ڏينهن ۽ الله رزق ٿو ڏئي جنهن کي گهري حساب کان سواءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) دنيا جي حياتي ڪافرن کي وڻندڙ ڪري ڏيکاري ويئي آهي ۽ اهي ايمان وارن تان مسخريون ٿا ڪن. ۽ جيڪي پرهيزگار ٿياسي قيامت جي ڏينهن انهن کان مٿي هوندا ۽ الله جنهن کي گهري تنهن کي بيشمار روزي ڏئي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪافرن لاءِ دنيا واري زندگي سينگاري وئي آهي ۽ اُهي مؤمنن سان مسخريون ڪن ٿا. ۽ پرهيزگار قيامت واري ڏينهن انهن کان مٿي (عالي مقام) هوندا ۽ الله جنهن کي چاهي اڻ ڳڻي روزي ڏئي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي، جن انڪار ڪيو، تن ڪُفارن ڪاڻ، صفا سينگارِي ويئـِي، هئَ ننڍي حياتِي هاڻ، ۽ جن مڃيو، تن تان مسخريون، ڪن ٿا اڄ اَڄاڻ، ۽ تن کان مٿاهان، محشر ماڳ ۾، جِن پرهيز ڪئي پاڻ، ۽ سَمر ڏيس سُڄاڻ، وڻيس تنهن کي، ڳَڻ ڳوت ري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪافرن لاءِ دنيا جي حياتيءَ کي سهڻو ڪيل آهي، هو ايمان وارن تي ٺٺوليون ڪن ٿا. مگر جيڪي نيڪ آهن، سي قيامت ڏينهن مٿن کلندا. الله جنهن کي وڻيس، تنهن کي بي حساب رزق ڏئي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن ڪفر وارو رستو اختيار ڪيو، انهن لاءِ دنيا واري زندگي ڏسڻ ۾ ڏاڍي سهڻي بڻائي وئي، اهڙا ماڻهو ايمان وارن تي ٺٺوليون ٿا ڪن پر قيامت جي ڏينهن پرهيزگار ماڻهو ئي سندن مقابلي ۾ مٿانهان هوندا. باقي دنيا جو رزق ته الله جنهن کي گهري بنا حساب ڏئي ڇڏي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ماڻهن راهه اختيار ڪئي ڪفر جي، انهن لاءِ دنيا جي زندگي محبوب ۽ وڻندڙ بڻائي وئي آهي اهڙا ماڻهو ايمان جي راهه اختيار ڪندڙن جو مذاق اڏائن ٿا، پر قيامت جي ڏينهن پرهيزگار ماڻهو سندن مقابلي ۾ اعليٰ مقام تي هوندا. الله (دنيا جو رزق، جنهن کي چاهي) بي حساب ڏئي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪافرن لاءِ دنيا جي زندگي کي سينگاريو ويو آهي، هو مسلمانن تي ٽوڪون ڪندا آهن، پر حقيقت هي آهي ته قيامت جي ڏينھن مسلمان سندن مقابلي ۾ وڏن درجن تي ويٺل هوندا. الله تعالى جنھن کي گهري دنيا جي روزي بغير حساب جي ڏئي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كانَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً فَبَعَثَ اللَّهُ النَّبِيّۦنَ مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَأَنزَلَ مَعَهُمُ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِيَحكُمَ بَينَ النّاسِ فيمَا اختَلَفوا فيهِ وَمَا اختَلَفَ فيهِ إِلَّا الَّذينَ أوتوهُ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ بَغيًا بَينَهُم فَهَدَى اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا لِمَا اختَلَفوا فيهِ مِنَ الحَقِّ بِإِذنِهِ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 213) |
سڀ ماڻھو ھڪ ٽولي هُئا، پوءِ (ڦري اِختلاف ۾ پيا تنھنڪري) الله پيغمبرن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو، ۽ ساڻن سچ سان ڪتاب ھن لاءِ لاٿائين ته (اُھو ڪتاب) ماڻھن جي وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت جھڳڙو ڪندا آھن (تنھن بابت) نبيرو ڪري، ۽ اُنھيءَ بابت (ٻئي ڪنھن به) تڪرار نه ڪيو پر جن کي اُھو (ڪتاب) ڏنو ويو تن پڌرن حڪمن اچڻ کانپوءِ پاڻ ۾ ساڙ پيل سببان (تڪرار ڪيو)، پوءِ الله اُھا سچي ڳالھ جنھن بابت جھڳڙو ڪيائون تنھن ڏانھن پنھنجي حُڪم سان مؤمنن کي سڌو رستو ڏيکاريو، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) شروعات ۾ سڀ انسان هڪ ئي قوم هئا. (پر پوءِ پاڻ ۾ ضد ۽ اختلاف ڪري جدا جدا ٽوليون ٺاهيائون) تنهن ڪري الله تعاليٰ (هڪ ٻئي پٺيان) نبي موڪليا جيڪي کين (ايمان ۽ عمل جي برڪتن جي) خوشخبري ڏيندا هئا ۽ (انڪار ۽ بدعملن جي نتيجن کان) خبردار ڪندا هئا ۽ پڻ انهن سان گڏ هن حق جي واٽ ڏيکاريندڙ ڪتاب نازل ڪيا، انهيءَ لاءِ ته جن ڳالهين ۾ هو اختلاف ڪرڻ لڳا هئا تن به نسبت فيصلو ڏئي (۽ سڀني کي حق جي راهه تي اتحاد ۾ آڻي) ۽ انهن ماڻهن جو هڪ ٻئي کان اختلاف ڪيو، (ڪو) سو انهيءَ ڪري ته نه هو هدايت ۽ حقيقت کان بي خبر هئا. الله جي هدايت جا چٽا حڪم هنن جي اڳيان هئا، پر تڏهن به رڳو هڪ ٻئي سان ضد ۽ دشمني جي ڪري اختلاف ڪرڻ لڳا هئا. آخرڪار الله تعاليٰ (پنهنجي فضل واري حڪم سان) ايمان وارن کي (يعني حضرت جن جي امت کي) ها حق جي واٽ ڏيکاري جنهن به نسبت اڳين قومن ۾ اختلاف پئجي ويا هئا (۽ هڪ ٻئي کي ڪوڙو ۽ غلط سمجهندا هئا) بيشڪ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي دين جي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سڀئي ماڻهو هڪڙي دين تي هئا (پوءِ اختلاف ڪيائون) پوءِ الله نبين کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو، ۽ انهن تي سچا ڪتاب نازل فرمايا انهي لاءِ جو ماڻهن ۾ فيصلو ڪن حق جو جن ڳالهين ۾ انهن اختلاف ٿي ڪيو ۽ ڪتاب ۾ ٻئي ڪنهن اختلاف نه ڪيو مگر جن کي آسماني ڪتاب مليو اهو به ان کان پوءِ جڏهن وٽن صاف دليل آيا پاڻ ۾ سرڪشي جي ڪري، پوءِ الله مؤمنن کي پنهنجي حڪم سان حق جي ڳالهه ڏيکاري جنهن ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا، ۽ الله تعالى جنهنکي چاهي سنئين رستي تي هلائي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (شروع ۾ سڀ) ماڻو هڪ ئي دين تي هئا. پوءِ (پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا ته) خدا (نجات سان) خوشخبري ڏيڻ وارا ۽ (عذاب کان) ڊيڄارڻ وارا نبي موڪليا ۽ انهن نبين سان گڏ برحق ڪتاب به نازل ڪيو ته جيئن (اهو ڪتاب) ماڻهن ۾ جنهن ڳالھ بابت انهن جهڳڙو ڪيو هجي ته فيصلو ڪري ۽ پوءِ (افسوس ته اهو آهي جو) ان حڪم سان اختلاف به انهن ئي ڪيو جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو! (پڻ اهو به) ان کان پوءِ جڏهن الله جا صاف صاف حڪم انهن وٽ آيا ۽ (وري) اهي به پنهنجي شرارت سان! تڏهن خدا پنهنجي خاص مهرباني سان ايماندارن کي اها راھ ڏيکاري جنهن ۾ انهن ماڻهن اختلاف وجهي ڇڏيو هو ۽ خدا جنهن کي گهري تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (شروعات ۾) ماڻهو هڪ (ئي) جماعت هئا.وءِ موڪليو الله نبين کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري ۽ لاٿائين انهن سان ڪتاب کي حق سان تانته فيصلو ڪري ماڻهن ۾ ان ڳالهين جو، جو اختلاف ڪيائون انهن ۾ ۽ نه اختلاف ڪيو ان ۾ مگر انهن جو ڏنا ويا اهي (ڪتاب) ان کان پوءِ جو آيا انهن وٽ روشن دليل.ببان حسد ڪرڻ جي پاڻ ۾ پوءِ هدايت ڪئي الله انهن کي جو ايمان آندائون ان جي لاءِ جو اختلاف ڪيائون ان ۾ پنهنجي توفيق سان ۽ الله هدايت ٿو ڪري جنهن کي گهري سڌي واٽ ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (سڀ) ماڻهو هڪ جماعت هئا. پوءِ الله نبين کي خوش خبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو ۽ انهن سان سچو ڪتاب لاٿائين ته جيئن (اهو ڪتاب) ماڻهن ۾ جنهن ڳالهه بابت انهن جهڳڙو ڪيو فيصلو ڪري. ۽ ان ۾ هڪ ٻئي سان حسد جي ڪري رڳو انهن اختلاف ڪيو جن کي اهو ڏنو ويو، هن کان پوءِ به جو وٽن ظاهر ڳالهيون آيون. پوءِ جنهن سچي ڳالهه ۾ اختلاف ڪيائون تنهن ڏي الله پنهنجي حڪم سان ايمان وارن کي رستو ڏيکاريو. ۽ الله جنهن کي گهري تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ماڻهو سڀ هڪ دين تي هئا. (جڏهن اختلاف ۾ پيا ته) پوءِ الله نبين کي موڪليو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي ۽ انهن سان گڏ حق وارو ڪتاب لاٿائين تان ته ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪن ان ڳالهين جو جن ۾ اختلاف ڪيائون ۽ ان (ڪتاب) ۾ اختلاف به صرف انهن ماڻهن ئي وڌو جن کي اهو (ڪتاب) ڏنو ويو هيو هن کان پوءِ جو انهن وٽ پڌرا حڪم (به) اچي چڪا (اختلاف به) هڪ ٻئي ۾ حسد سبب (وڌائون) پوءِ الله ايمان وارن کي حق ڳالهه پنهنجي حڪم سان سمجهائي جنهن ۾ اختلاف ڪري رهيا هئا. ۽ الله جنهن کي چاهي سڌي واٽ جي هدايت ڏئي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اصل سڀ انسان، هئا اُمت هيڪڙي، پوءِ مالڪ مرسل موڪليا، کِيرون ڏيندڙ خان، ۽ ڄاڻوئـِي ڄيري سندا!؛ پڻ سَٻاجھي سبحان، لاٿا ڪتاب ڪرم سان، تن ڀيڙا بيگمان، تان ماڻهن وچ ۾ مورهين، کولينِ خوب بيان، ناحق نِت نادان، ڪن جھيڙا، جَھڳڙا، جن ۾. ۽ بلڪل نه بِگڙيا اُن ۾، مگر سي مَغرور، جن کي، آيو سو، اُن پٺيان، ته مِلينِ نشانيون نور، هِڪ ٻئي سان هوڏ ڪري؛ پوءِ مَڃيو، جن مذڪور، سَچ سُهائين اُن ۾، جنهن ۾ وِڙهيا ٿي وهلور، سندس مَنظورِي، مهرسان؛ ۽ جنهن کي، گُھري ربّ غفور، ته مالڪ ڏسيس مور، سَنئين وَهين واٽڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سڀ ماڻهو هڪ دين تي هئا. پوءِ الله نبين کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو ۽ انهن سان سچي ڪتاب کي موڪليائين، ته ماڻهن ۾ انهن ڳالهين جو فيصلو ڪري، جن بابت نٿا ٺهن. ته ان ڪتاب بابت ان ڪتاب وارن ئي هڪ ٻئي جي حسد سببان صاف حڪمن پهچڻ کان پوءِ اختلاف ڪيو، پوءِ الله پنهنجي حڪم سان ايمان وارن کي ان سچيءَ ڳالهه جي واٽ ڏيکاري، جنهن ۾ هنن اختلاف ڪيو ٿي. ۽ الله جنهن کي وڻيس، تنهن کي سنئين واٽ ڏيکاريندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منڍ ۾ سڀئي ماڻهو هڪڙي ئي طريقي تي هئا (پوءِ اها ڳالهه نه رهي ۽ اختلاف پئجي ويا) ته وري الله نبي موڪليا، جيڪي سڌي واٽ هلڻ تي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڏِنگي هلت جي نتيجن کان ڊيڄارڻ وارا هئا ۽ ساڻن حق وارو ڪتاب نازل ڪيائين ته جيئن حق بابت ماڻهن ۾ جيڪي اختلاف پيدا ٿي پيا هئا، انهن جو فيصلو ڪري ڇڏي (۽ انهن اختلافن پيدا ٿيڻ جو سبب اهو نه هو ته منڍ ۾ ماڻهن کي حق ڏسيو نه ويو هو) اختلاف ته انهن ماڻهن ڪيا جن کي حق جو علم ڏنو ويو هو، انهن چٽيون هدايتون ملڻ کانپوءِ فقط ان ڪري حق کي ڇڏي ٻيا رستا ڪڍيا جو هنن هڪ ٻئي سان ڏاڍائي ڪرڻ پئي گهري. پوءِ جن ماڻهن نبين تي ايمان آندو انهن کي الله پنهنجي حڪم سان اهوئي حق وارو رستو ڏسيو، جنهن ۾ ماڻهن اختلاف پيدا ڪيا هئا، الله جنهن کي گهري ٿو سڌو رستو ڏيکاري ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) شروع ۾ سڀ ماڻهو هڪ ئي طريقي تي هئا (پوءِ اها حالت بدلي ۽ اختلاف ظاهر ٿيا) تڏهن الله بشارت ڏيندڙ نبي موڪليا ۽ غلط راهه هلندڙن کي ڊيڄاريندڙ، ۽ ان سان گڏ ڪتاب نازل ڪيو، سچو حق سان، ته جيئن حق جي باري ۾ ماڻهن ۾ جيڪي اختلاف ٿيا هئا، انهن جو فيصلو ڪري (اختلافن پيدا ٿيڻ جو سبب اهو نه هو ته حق ماڻهن کي ٻڌايو نه ويو هو، نه) اختلاف انهن ماڻهن ڪيو جن کي حق جو علم ڏنو ويو هو (پاڻ ۾ ضد جي ڪري)، انهن روشن هدايت ملڻ کان پوءِ حق کي ڇڏي ٻيا مختلف طريقا ڪڍيا جو اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان زيادتي ڪرڻ گهرن پيا، الله پنهنجي حڪم سان ان حق جو رستو ڏيکاريو، جنهن ۾ ماڻهن اختلاف ڪيو، الله جنهن کي چاهي سڌي راهه ڏيکاري ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڪو دؤر هو جو) سڀ ماڻهو هڪ اُمَّتَ جي صورت ۾ زندگي گذاريندا هئا (پوءِ منجهن اختلاف پيدا ٿي پيا)، اختلافن جي نبيري لاءِ سڌي رستي تي هلندڙن کي خوشخبري ۽ غلط رستي تي هلندڙن کي عذاب کان خبردار ڪرڻ لاءِ، الله تعالى نبي سڳورا موڪليا. انهن سان گڏ سچو ڪتاب به نازل ڪيو ته جيئن ماڻھن جي اختلافن کي، ڪتاب جي ذريعي حل ڪن. حقيقت هي آهي ته انهن جا اختلاف جھالت جي ڪري نه هئا، بلڪ حق ۽ سچ جون سڀ ڳالهيون کين چڱي طرح معلوم هيون، رڳو هڪ ٻئي تي زيادتي ڪرڻ جي نيت سان ئي اهي اختلاف پيدا ڪيا ويا هئا. پوءِ جن ماڻھن نبين تي ايمان آندو الله تعالى انهن کي پنھنجي حڪم سان اهو ئي حق جو رستو ڏيکاريو جنھن جي باري ۾ هو اختلاف ڪندا هئا. بيشڪ الله تعالى جنھن لاءِ مناسب سمجهندو آهي کيس حق جو رستو ڏيکاريندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَأتِكُم مَثَلُ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم مَسَّتهُمُ البَأساءُ وَالضَّرّاءُ وَزُلزِلوا حَتّىٰ يَقولَ الرَّسولُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ مَتىٰ نَصرُ اللَّهِ أَلا إِنَّ نَصرَ اللَّهِ قَريبٌ (آيت : 214) |
(اي مسلمانؤ اوھين) ھن ھوندي به بھشت ۾ گھڙڻ جو گمان ڪندا آھيو ڇا؟جو اڃان اوھان کي اُنھن جي حالت نه آئي آھي جيڪي اوھان کان اڳ گذريا، جن کي سڃائي ۽ ڏُک پُھتو ۽ ايستائين لوڌيا ويا جيستائين پيغمبر ۽ جي مؤمن ساڻس هُئا (تن دُعا گُھري) چيو ٿي ته الله جي مدد ڪڏھن پھچندي؟ (چيو وين ته) ھوشيار رھو ته الله جي مدد ويجھي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي مسلمانو!) ڇا توهان ائين سمجهيو آهي ته (رڳو زباني طرح ايمان جي دعويٰ ڪري) توهان جنت ۾ داخل ٿي ويندؤ! حالانڪ اڃا ته توهان انهن آزمائش مان نه لنگهيا آهيو جي اڳين ماڻهن کي پيش آيون ۽ وڏن مشڪلاتن ۽ هراسن ۾ هنن جون دليون دهلجي ويون. تان جو الله جي رسول ۽ ايمان وارن پڪاريو ته اي الله سائين! تنهنجي مدد ڪڏهن پهچندي. (جواب آيو ته) دل نه لوڙهيو بيشڪ خدا جي مدد ويجهي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان سمجهو ٿا ته بهشت ۾ داخل ٿي ويندا، ۽ اڃان توهان تي اڳين امتن جهڙا مثال نه آيا آهن، انهن کي پهتي مسڪيني ۽ بيماري ايستائين جو پريشان ڪيا ويا تان جو رسول ڪريم ۽ جيڪي مؤمن ساڻن گڏ هئا. انهن چيو الله جي مدد ڪڏهن ايندي خبردار ! بيشڪ الله جي مدد ويجهي آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا اوهان کي هي خيال آهي ڇا ته اوهين جنت ۾ داخل ٿيندوء! هوڏانهن اوهان تي انهن جهڙي حالت پيش نه آئي آهي جيڪي اوهان کان اڳ گذري ويا، جو انهن کي طرح طرح جي تڪليف (فاقه ڪشيءَ، محتاجي) ۽ بيماريءَ ورتو. پڻ اهي زلزلي ۾ ايتري قدر لوڏيا ويا جو آخر (عاجز ٿي) رسول ۽ ايمان وارا، جي ان (نبي) سان گڏ هئا، چوڻ لڳا (ڏسجي ته) خدا جي مدد ڪڏهن ايندي؟ ڏسو! (گهٻرايو نه) خدا جي مدد پڪ ويجهي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا اهو خيال ٿا ڪيو ته (ائين) داخل ٿيندؤ بهشت ۾ ۽ اڃا نه آئي آهي اوهان وٽ حالت انهن واري جو گذريا اوهان کان اڳ ۾ پهتي انهن کي سختي ۽ ڏک ۽ لوڏيا ويا تان جو چوڻ لڳو (ان وقت جو) رسول ۽ جن ايمان آندو ان سان گڏ ته ڪڏهن ايندي مدد الله جي.بردار، بيشڪ الله جي مدد ويجهي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا اوهان کي هي خيال آهي ڇا ته اوهين جنت ۾ داخل ٿيندو هوڏانهن اوهان تي انهن جهڙي حالت نه آئي آهي جيڪي اوهان کان اڳي گذري ويا. انهن کي سختي ۽ تڪليف پهتي ۽ کين ايتري قدر لوڏيو ويو جو رسول ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو تن ٿي چيو ته الله جي مدد ڪڏهن ايندي؟ هوشيار رهو ! بيشڪ الله جي مدد ويجهي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اوهان ان گمان ۾ آهيو ته (ائين بنا پرکا جي) جنت ۾ داخل ٿي ويندا؟ حالانڪه اوهان تي ته اوهان کان اڳين جهڙي (حالت) اڃا نه آئي آهي. جو انهن کي سختيون ۽ تڪليفون پهتيون ۽ دُونڌَاڙيا ويا. ايستائين جو (خود) رسول ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو چيائون ”الله جي مدد ڪڏهن ايندي“؟ خبردار! بيشڪ الله جي مدد ويجهي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇاڪيان خام خيال؟، ته گِھڙندا باغ بهشت ۾، اَڃا آن کان، جي اڳ گذريا، آيان نه اُنهن جو حال، بک ۽ ڏک رَسيا تن کي، پڻ لوڏياويا لال، تان مُرسل، ڪِ جن مڃيو، سي چون اِهڙي چال، ته ڪٿي مدد الله جِي، صحِي ڳالھ سنڀال، ته سندِي جل جلال، واهر آهي، ويجھڙي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اوهين ايئن ڀانيو ٿا ته جنت ۾ داخل ٿيندؤ ۽ اوهان کي اڳين ماڻهن واريون حالتون پيش نه آيون آهن؟ انهن کي سختي ۽ تڪليف پهتي ۽ ايتري قدر ڌوڻيا ويا، جو رسول ۽ ساڻس گڏ مومن چئي اُٿيا، ته ”الله جي مدد ڪٿي آهي؟“ ٻڌو! ”الله جي مدد ويجهي آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڀلا توهان اهو سمجهيو آهي ڇا ته ائين ئي وڃي جنت ۾ داخل ٿيندؤ، حالانڪه اڃان توهان تي اهو سڀ ڪجهه وهيو واپريو ئي نه آهي، جيڪو توهان کان اڳ ۾ ايمان آڻڻ وارن تي ٿي گذريو هو؟ انهن ته ڏاڍيون سختيون ســَـٺيون، مٿن مصيبتون آيون، ڌوڏيا ويا، ايستائين جو وقت جو رسول ۽ سندس ساٿي ايمان وارا رڙ ڪري اٿيا ته الله جي مدد ڪڏهن ايندي! (تڏهن انهن کي دلجاءِ ڏني ويئي ته) ها ها! الله جي مدد ويجهي اٿوَ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇا توهان ماڻهن هي سمجهي ڇڏيو آهي ته توهان کي جنت ۾ ائين داخلا ملي ويندي، جڏهن ته توهان تي اهو گذريو ئي ناهي جيڪو توهان کان اڳي ايمان آڻيندڙن تي گذريو آهي، انهن تي سختيون ٿيون ۽ مصيبتون آيون، ڏڪائي ماريا ويا، ايستائين جو پڪاري اٿيا وقت جو رسول ۽ سندس ساٿي جن ايمان آندو، ته الله جي مدد ڪڏهن ايندي (کين تسلي ڏني وئي ته) ها، الله جي مدد ويجهي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان اهو سمجهيو آهي ته بس ! اوهان جنت ۾ آرام سان داخل ٿي ويندا حالانڪه توهان جي مٿان ته اڃا اهي حالات آيا ئي نه آهن، جيڪي توهان کان اڳ وارن ماڻهن تي گذري چڪا آهن. انهن (ويچارن) تي اهڙيون سختيون، تڪليفون ۽ مصيبتون آيون ۽ کين اهڙو ته جهنجهوڙيو ويو جو رسول سڳورو ۽ ايمان آڻيندڙ، سڀ رڙ ڪري چوڻ لڳا، ته الله تعالى جي مدد ڪڏهن ايندي؟ (ان وقت الله تعالى کين فرمايو، ته گهٻرايو نه) الله تعالى جي مدد اچي پھتي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَسـَٔلونَكَ ماذا يُنفِقونَ قُل ما أَنفَقتُم مِن خَيرٍ فَلِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 215) |
(اي پيغمبر) توکان پڇن ٿا ته (اُھي) ڇا خرچين؟ (کين) چؤ ته جيڪو مال خرچي سو ماءُ پيءُ ۽ مائٽن ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مسافرن کي (ڏيڻ) جڳائي، ۽ جيڪا چڱائي ڪندؤ (سا لھندؤ) ڇوته الله اُنکي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر) توکان ماڻهو پڇن ٿا ته ڪهڙي خيرات ڪن ۽ ڪهڙيءَ طرح ڪن. انهن کي چئو ته، جيڪي توهان پنهنجي مال مان بچائي سگهو سو خدا جي راهه ۾ خرچ ڪيو. ان لاءِ حقدار آهن ماءِ پيءِ، مٽ مائٽ، يتيم مسڪين ۽ مسافر ۽ ياد رکو ته جيڪا به چڱائي توهان ڪيو ٿا سا الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو (۽ ان جو اجر ڏئي ٿو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان کان پڇن ٿا ڇا خرچ ڪن، توهان فرمايو جيڪو مال نيڪيءَ ۾ خرچ ڪريو اهو ماءُ پيءُ ۽ ويجهن رشتيدارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن جي لاءِ آهي، ۽ توهان جيڪو چڱو ڪم ڪريو ٿا، پوءِ بيشڪ الله تعالى انهيءَ کي ڄاڻي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي رسول ماڻهو تو کان پڇن ٿا ته (خدا جي راھ ۾) ڇا ڏيون! (کين) چئو ته اوهان پنهنجي پاڪ ڪمائيءَ مان جو ڪجھ خرچ ڪيو ته اهو اوهان جي ماءُ پيءُ ۽ قريبن ۽ يتيمن ۽ محتاجن ۽ پرديسين جو حق آهي. ۽ جيڪا به ڀلائي ڪندوء تنهن کي خدا ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڇا ٿا ڪن توکان ته ڇا خرچ ڪن.رماءِ ته جيڪي خرچ ڪيو (پنهنجي) مال مان اهو پيءُ ماءُ ۽ ويجهن مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافر لاءِ. جيڪا به ڪندؤ نيڪي پوءِ بيشڪ الله اها ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) توکان پڇن ٿا ته ڇا خرچ ڪريون؟. (کين) چئو ته جيڪو مال خرچ ڪريو سو ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آهي ۽ جيڪا ڀلائي ڪندو تنهن کي الله ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توکان پڇن ٿا ته (الله جي راهه ۾)ڇا خرچ ڪن؟چؤ ته اوهان مال مان جو ڪجهه خرچ ڪيو ٿا ان جا حقدار ماءُ پيءُ ۽ ويجها عزيزَ ۽ يتيمَ ۽ مسڪينَ ۽ مسافرَ آهن. ۽ اوهان جا به نيڪي ڪيو ٿا ته بيشڪ الله ان کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڇنِئي پيغمبر! ته ڇا خرچينِ، خداخاطر؟چئو، جيڪي خرچيان خير ۾، پوءِ ٻن اَبن آهر، پنهنجنِ، ۽ ڇِنن ڇورن جِي، واجبِي واهر، ۽ مسافر، مسڪين لئي، جو ڏيو لڳ ڏاتر، ته سمجھندڙ ساتِر، خوب طرح، اُن خير کي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) توکان پڇن ٿا ته ”ڇا خيرات ڪن؟“ چؤ ته ”جيڪي به خيرات ڪريو، سا پيءُ ماءُ، مٽن مائٽن، يتيمن، محتاجن ۽ مسافرن لاءِ آهي. ۽ اوهان جيڪا به ڀلائي ڪندؤ، تنهن کي الله خوب ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توکان پڇن ٿا ته ڇا خرچ ڪن؟ ٻڌائين ته جيڪو به مال توهان خرچ ڪريو، پنهنجي ماءُ پيءُ تي، مٽن مائٽن تي، يتيمن ۽ مسڪينن تي ۽ مسافرن تي خرچ ڪريو ۽ جيڪا به ڀلائي توهان ڪندؤ الله ان کان باخبر هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ماڻهو (توکان) پڇن ٿا ته ڇا خرچ ڪريون؟ جواب ڏي ته جيڪو مال به توهان خرچ ڪريو اهو پنهنجي والدين تي، رشتي دارن تي، يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن تي خرچ ڪريو، ۽ جيڪا به ڀلائي توهان ڪندؤ، الله ان کان باخبر هوندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) توهان کان ماڻهو سوال ڪن ٿا، ته الله تعالى جي راهه ۾ ڇا خرچ ڪريون، انهن کي چؤ ته توهان جيڪو به مال خرچ ڪرڻ گهرو ٿا، اهو پنھنجي ماءُ پيءُ، مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن تي خرچ ڪريو، ڀلائيءَ جي ارادي سان جيڪو به خرچ ڪندا، ته بيشڪ الله تعالى کي ان جي خوب خبر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُتِبَ عَلَيكُمُ القِتالُ وَهُوَ كُرهٌ لَكُم وَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَعَسىٰ أَن تُحِبّوا شَيـًٔا وَهُوَ شَرٌّ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 216) |
(اي مؤمنؤ) اوھان تي (ڪافرن سان) ويڙھ ڪرڻ فرض ڪئي ويئي آھي ۽ اُھا اوھان کي ناخوش لڳندي آھي، ۽ شايد (اوھين) ڪنھن شي کي ناخوش ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھا اوھان لاءِ ڀلي ھُجي، ۽ شايد ڪنھن شي کي پيارو رکو ۽ اُھا اوھان لاءِ بڇڙي ھجي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان کي لڙائيءَ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اهو توهان کي نٿو وڻي، پر ممڪن آهي ته جيڪا شيء توهان کي ناپسند آهي سا توهان جي لاءِ فائدي واري هجي ۽ جيڪا توهان پسند ٿا ڪيو سا توهان جي لاءِ نقصانڪار هجي. الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو، پر توهان نٿا ڄاڻو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان تي جهاد فرض ڪيو ويو آهي ۽ اهو توهان کي ناپسند آهي، ۽ قريب آهي جو توهان کي ڪا شيءِ بُري لڳي ۽ اها توهان لاءِ بهتر هجي ۽ قريب آهي جو توهان کي ڪا شيءِ وڻي ۽ اها توهان لاءِ خراب هجي ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ توهان نٿا ڄاڻو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) توهان تي جهاد فرض ڪيو ويو آهي ۽ اها ڳالھ اوهان کي ڳوري ٿي لڳي. ۽ شايد اوهان ڪنهن شيءَ (جهاد) کي پسند نه ڪريو ۽ اها اوهان لاءِ چڱي هجي. ۽ شايد ڪنهن شيءَ کي اوهان پسند ڪريو ۽ (در اصل) اها، توهان لاءِ بڇڙي هجي! ۽ خدا ته چڱي طرح ڄاڻي ٿو، پر اوهين نٿا ڄاڻو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرض ڪيو ويو اوهان تي جهاد ۽ اهو ناپسند آهي اوهان کي ۽ ٿي سگهي ٿو جو نه پسند ڪيو اوهان ڪا شيءِ ۽ اها ڀلي آهي اوهان لاءِ ۽ ٿي سگهي ٿو جو پسند ڪيو ڪا شيءِ ۽ اها بڇڙي آهي اوهان لاءِ ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنگ ڪرڻ اوهان تي لازم ڪئي وئي آهي ۽ اها اوهان کي بڇڙي ٿي لڳي ۽ شايد اوهين ڪنهن شئي کي ناپسند ڪريو ۽ اها اوهان لاءِ چڱي هجي. ۽ شايد اوهين ڪنهن شئي کي پسند ڪريو ۽ اها اوهان لاءِ بڇڙي هجي. هوڏانهن الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نه ٿا ڄاڻو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اوهان مٿان قتال (الله جي راهه ۾ جهاد) فرض ڪيو ويو حالانڪه اُهو اوهان کي ڏکيو لڳي ٿو. ممڪن آهي اوهان ڪنهن شيءِ کي ناپسند ڪندا هجو ۽ اها اوهان جي حق ۾ ڀلي هجي ۽ ممڪن آهي اوهان ڪنهن شيءِ کي پسند ڪندا هجو ۽ اها اوهان لاءِ بري هجي. ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لَڙڻ اوهان تي، لِکيو ويو، ۽ اُهو ڪَراهت اوهان ڪر، ۽ بُرو هوندڀانيو، جو آن لئي ڀلو بهتر، ۽ چڱي ڀانيو چِيز سا، جا اوهان لئي اَبتر، ۽ سائين سر بسر، ڄاڻي، نه ڄاڻو، ڪُجھ اوهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان تي لڙائي فرض ڪئي ويئي آهي، پر اها اوهان کي نه ٿي وڻي پر، شايد اوهان کي ڪا ڳالهه نه وڻندي هجي، مگر اها اوهان لاءِ بهتر هجي ۽ شايد اوهان کي ڪا ڳالهه وڻندي هجي مگر اها اوهان لاءِ بڇڙي هجي. اهو الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نٿا ڄاڻو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کي جنگ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ اها توهان کي ناپسند آهي، ٿي سگهي ٿو ته ڪا ڳالهه توهان کي ناپسند هجي ۽ اهائي توهان لاءِ ڀلي هجي ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪا شيءِ توهان کي پسند هجي ۽ اهائي توهان لاءِ بــُـري هجي، الله ڄاڻي ٿو ۽ توهان نٿا ڄاڻو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان کي جنگ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ اهو توهان کي اڻوڻندڙ آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته جيڪا شيءِ توهان کي نٿي وڻي اها ئي توهان لاءِ بهتر هجي، ۽ ٿي سگهي ٿو ڪا شيءِ توهان کي پسند هجي، ۽ اها ئي توهان لاءِ بُري هجي، ۽ الله (سڀڪجهه) ڄاڻي ٿو پر توهان نٿا ڄاڻو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي باقاعده) توهان کي جنگ ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ٿو ۽ هي (حڪم) اوهان کي ٿورو ڏکيو لڳي ٿو پر ٿي سگهي ٿو ته جنھن شيءِ کي توهان بھتر نه سمجهو، اها اوهان جي لاءِ بھتر ئي هجي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو، ته جنھن شيءِ کي توهان بھتر سمجهو، اها اوهان جي لاءِ خراب هجي. اها سڀ خبر الله تعالى کي آهي، پر توهان کي اها ڳالهه (في الحال) سمجهه ۾ نه ايندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الشَّهرِ الحَرامِ قِتالٍ فيهِ قُل قِتالٌ فيهِ كَبيرٌ وَصَدٌّ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَكُفرٌ بِهِ وَالمَسجِدِ الحَرامِ وَإِخراجُ أَهلِهِ مِنهُ أَكبَرُ عِندَ اللَّهِ وَالفِتنَةُ أَكبَرُ مِنَ القَتلِ وَلا يَزالونَ يُقٰتِلونَكُم حَتّىٰ يَرُدّوكُم عَن دينِكُم إِنِ استَطٰعوا وَمَن يَرتَدِد مِنكُم عَن دينِهِ فَيَمُت وَهُوَ كافِرٌ فَأُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 217) |
(اي پيغمبر) توکان تعظيم وارن مھينن ۾ وڙھڻ بابت پُڇن ٿا، چؤ ته مَنجھن ويڙھ ڪرڻ وَڏو گناھ آھي، ۽ الله جي واٽ کان جھلڻ ۽ الله کي نه مڃڻ ۽ تعظيم واريءَ مسجد کان روڪڻ، ۽ سندس رھڻ وارن کي منجھائنس لوڌڻ الله وٽ (اُن کان) تمام وڏو گناھ آھي، ۽ فتنو (يعني شرڪ) خون ڪرڻ کان بلڪل وڏو ڏوھ آھي. ۽ (ڪافر) جيڪڏھن پڄي سگھندا ته اوھان سان ايستائين سدائين پيا وڙھندا جيستائين اوھان کي اوھان جي دين (اسلام) کان ڦيرائين، ۽ اوھان مان جيڪي پنھنجي دين کان ڦرندا پوءِ اُھي ڪافر ٿي مرندا تن جي ڪئي ڪمائي دُنيا ۽ آخرت ۾ ڪُٽ ٿي ويئي، ۽ اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي پيغمبر! توکان ماڻهو پڇن ٿا ته حرمت واري مهيني ۾ لڙائي ڪرڻ به نسبت حڪم ڪيئن آهي، هنن کي چئو ته، ان ۾ لڙائي ڪرڻ وڏي برائي آهي. پر انسانن کي الله جي راهه کان روڪڻ حق کان انڪار ڪرڻ، ڪعبت الله ۾ وڃڻ کان (ڪنهن فرد يا ٽولي کي) منع ڪرڻ ۽ پڻ مڪي جي مسلمانن کي مڪي مان تڙي ڪڍڻ الله وٽ سڀني گناهن کان وڏو گناهه آهي ۽ فتنو (يعني ظلم ۽ فساد خصوصاً مذهبي تعصب کان ڪيل ظلم) قتل ۽ خونريزيءَ کان به وڌيڪ خراب آهي ۽ (ياد رکو) ته هي ماڻهو توهان سان لڙائي ڪندا رهندا جيستائين (جيڪڏهن ٿي سگهي) توهان کي توهان جي دين کان ڦيرائي ڇڏين، پر توهان مان جيڪو شخص پنهنجي دين کان ڦري ويندو ۽ ڪفر جي حالت ۾ مري ويندو ته پوءِ ياد رکو ته هن جو شمار انهن ماڻهن ۾ ٿيندو جن جا عمل دنيا خواهه آخرت ۾ ضايع ٿي ويا. اهڙا ماڻهو دوزخي آهن ۽ هميشه دوزخ جي عذاب ۾ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان کان اي حبيب ! معزز مهينن ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ سوال ڪن ٿا، توهان فرمايو انهن ۾ وڙهڻ وڌيڪ گناه آهي ۽ الله جي رستي کان روڪڻ ۽ انهيءَ تي ايمان نه آڻڻ ۽ مسجدِ حرام کان روڪڻ ۽ انهيءَ ۾ رهندڙن کي ٻاهر ڪڍڻ الله تعالى وٽ اُن کان وڏو گناه آهي ۽ شرڪ قتل کان وڏو گناه آهي ۽ اهي هميشہ توهان سان وڙهندا رهندا ايستائين جو توهان کي پنهنجي دين کان ڦيرائن جيڪڏهن پهچي سگهن ۽ توهان مان جيڪو پنهنجي دين کان ڦرندو پوءِ ڪافر ٿي مري ٿو ته انهيءَ جا چڱا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ باطل ٿي ويندا، ۽ اهي دوزخي آهن، ۽ انهيءَ ۾ اهي هميشہ رهندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! تو کان) تعظيم واري مهيني ۾ جنگ بابت پڇن ٿا. (کين) چئو ته ان ۾ جنگ ڪرڻ وڏو گناھ آهي. (۽ هي به ياد رکو ته) خدا جي راھ کان روڪڻ ۽ الله جو انڪار ڪرڻ ۽ مسجد حرام کان روڪڻ ۽ ان جي رهڻ وارن کي ان مان ڪڍڻ، خدا وٽ (ان کان به) وڏو گناھ آهي. ۽ فتنو برپا ڪرڻ خون خرابه کان (به) تمام وڏو آهي. ۽ جيڪڏهن پڄي سگهندا ته اهي اوهان سان تيستائين هميشه جنگ ڪندا رهندا جيستائين اوهان کي پنهنجي دين (اسلام) کان ڦيرين ۽ جيڪي اوهان مان پنهنجي دين کان ڦرندا ۽ ڪافر ٿي مرندا تنهن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿي ويندا ۽ اهي ئي ماڻهو جهنمي آهن (۽) اهي ان ۾ هميشه پيا رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڇن ٿا توکان عزت واري مهيني جو (يعني) ان ۾ جنگ ڪرڻ جو فرماءِ ته ان ۾ جنگ ڪرڻ هي وڏو گناھ آهي ۽ روڪڻ الله جي واٽ کان ۽ ان تي ايمان نه آڻڻ ۽ عزت واري مسجد کان (روڪڻ) ۽ ڪڍڻ ان جي رهاڪن کي ان مان وڏو گناھ آهي الله وٽ ۽ فتنو، قتل کان به تمام وڏو گناھ آهي ۽ هميشہ لڙندا رهندا اوهان سان تانجو ڦيرائن اوهان کي اوهان جي دين کان جيڪڏهن ڪري سگهن. جيڪو ڦرندو اوهان مان پنهنجي دين کان پوءِ مري ان حال ۾ جو اهو ڪافر آهي.وءِ چٽ ٿيا عمل انهن جا دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ اهي جهنمي آهن اهي ان ۾ هميشہ رهندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) توکان تعظيم واري مهيني ۾ جنگ ڪرڻ بابت پڇن ٿا. (کين) چئو ته ان ۾ جنگ ڪرڻ وڏو (گناهه) آهي. ۽ الله جي رستي کان روڪڻ ۽ ان جو انڪار ڪرڻ ۽ مسجد حرام کان روڪڻ ۽ ان جي رهڻ وارن کي ان مان ڪڍڻ الله وٽ (ان کان به) تمام وڏو گناهه آهي. ۽ فتنو قتل کان زياده وڏو آهي. ۽ جيڪڏهن اهي پڄي سگهندا ته اهي اوهان سان تيستائين هميشه جنگ ڪندا رهندا جيستائين اوهان کي پنهنجي دين (اسلام) کان نه ڦيرين. ۽ جيڪي اوهان مان پنهنجي دين کان ڦرندا ۽ ڪافر ٿي مرندا تن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿي يندا. ۽ اهي دوزخي آهن. اهي ان ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توکان عزت واري مهيني ۾ جنگ (جوحڪم) پڇن ٿا. چؤ ته ان ۾ جنگ وڏو ڏوهه آهي. ۽ الله جي راهه کان روڪڻ ۽ ان سان ڪفر ڪرڻ ۽ مسجدِ حرام کان روڪڻ ۽ اتان جي رهواسين کي ان مان ڪڍڻ الله وٽ (ان کان به ) وڏا گناهه آهن. ۽ فتنه انگيزي قتل کان به وڏي آهي. جي طاقت هجينِ ته توهان کي توهان جي دين کان ڦيرائڻ تائين توهان سان وڙهندا رهن. ۽ اوهان مان جيڪو پنهنجي دين کان ڦري ۽ ڪافر ٿي مري وڃي ته اهڙن ماڻهن جا دنيا ۽ آخرت ۾ عمل چٽ ٿي ويا ۽ اهي جهنمي آهن اهي ان ۾ هميشه رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُڇنِئي مهيني پاڪ کان، مَنجھس ڪوس، قِتال، چئو، جنگ جھيڙو اُن ۾ وڏو آهي وبال، ۽ روڪڻ ربَّ جي راھ کان، پڻ نافرماني، تنهن نال، ۽ منع وارِي مسجد کان، ۽ بارِئَ وٽ بحال، وڏي، ويٺل اُن مان، لوڌي ڪڍڻ لال! ۽ ٻِتُوْڙ، ٻائيتال، ويتر وڏو، ويڙھ کان. ۽ سدا اوهان کي سامهون، ڪندا ٻئا قِتال، تان ڦيرينيان دين کان، جي هُنينِ وس ۾ ڳالھ، ۽ پوءِ آن مان، پنهنجي دين کان، ڦِرندو جو ڦيريال، پوءِ مرندو اُهو، اُن حال ۾، ڪافر ٿي ڪلال، پوءِ هِن ۽ هُن جھان ۾، پورهياتن پيمال، ۽ اُهي ڀاتي باھِ بحال، اُهي هونِ هميشه اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) توکان عزت واري مهيني ۾ لڙائي بابت بڇن ٿا، چؤ ته ”ان ۾ لڙائي ڪرڻ وڏو گناهه آهي، پر الله جي واٽ کان روڪڻ، ان کي نه مڃڻ، ڪعبي کان روڪڻ، ان جي ماڻهن کي ان مان ڪڍڻ، الله وٽ ان کان به وڏو گناهه آهي، فتنو قتل کان به وڏو آهي. اهي اوهان سان هميشه وڙهندا رهندا، جيسين هو اوهان کي پنهنجي دين کان هٽائي سگهن. ۽ جيڪو اوهان مان پنهنجي دين کان هٽندو ۽ ڪفر جي حالت ۾ مرندو، ته اهڙن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ چٽ ٿي ويندا. اهي دوزخي آهن ان ۾ هميشه رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماڻهو توکان پڇن ٿا ته عزت واري مهيني ۾ جنگ ڪرڻ ڪيئن آهي؟ چوين ته ان ۾ جنگ ڪرڻ ڏاڍي خراب ڳالهه آهي. پر الله جي راهه کان ماڻهن کي روڪڻ ۽ الله سان ڪفر ڪرڻ ۽ مسجد حرام (ڪعبي) ۾ وڃڻ کان روڪڻ ۽ حرم ۾ رهندڙن کي اتان ڪڍي ڇڏڻ الله وٽ انهيءَ کان به وڌيڪ بڇڙي ڳالهه آهي ۽ فتنو خونريزيءَ کان به وڌيڪ خراب آهي، هو ته توهان سان وڙهندا ئي رهندا. ايستائين جو جيڪڏهن سندن وس پــُـڄي ته توهان کي انهيءَ دين کان ئي ڦيرائي ڇڏين (۽ اها ڳالهه سمجهي ڇڏيو ته) توهان مان جيڪو به پنهنجي دين کان ڦرندو ۽ ڪافر ٿي مرندو ته اهڙن جا عمل دنيا توڙي آخرت ۾ چٽ ٿي ويندا. اهڙا سڀئي ماڻهو دوزخي آهن ۽ هو سدائين دوزخ ۾ رهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ماڻهو پڇن ٿا ته حرمت واري مهيني ۾ لڙڻ ڪيئن آهي؟ چؤ (اي رسول)، ان ۾ وڙهڻ (لڙڻ) تمام برو آهي، پر روڪڻ خدا جي راهه کان ۽ الله سان ڪفر ڪرڻ ۽ حرمت واري مسجد جو رستو خدا پرستن تي روڪڻ ۽ حرم ۾ رهڻ وارن کي اتان ڪڍڻ وڌيڪ برو ڪم آهي الله وٽ. ۽ فتنو خونريزي کان وڌيڪ سخت (برو) آهي، هو ته توهان سان لڙندا ئي رهندا ايستائين جو، جي انهن جو وس هلي ته توهان کي توهان جي دين کان ئي ڦيري ڇڏين (اهو خوب سمجهي ڇڏيو ته) جيڪو به توهان مان ڦرندو دين کان ۽ جان ڏيندو ڪفر جي حالت ۾ ته ان جا عمل ضايع ٿي ويندا دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾، ۽ اهڙا سڀ ماڻهو دوزخي آهن ۽ هميشه جهنم ۾ ئي رهندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ماڻهو توهان کان عزت وارن مھينن جي باري ۾ پڇا ڪن ٿا، ته انهن مھينن ۾ جنگ ڪرڻ ڪيئن آهي؟ کين ٻڌايو ته عزت وارن مھينن ۾ جنگ ڪرڻ تمام وڏو ڏوهه آهي. وري ان کان وڌيڪ ته ڏوهه ماڻھن کي الله تعالى جي رستي کان روڪڻ آهي، ڪفر ڪرڻ، ايمان وارن لاءِ ڪعبة الله جا دروازا بند ڪرڻ ۽ مڪي شھر جي رهواسين کي اتان ڪڍي ڇڏڻ آهي. (هي سڀ فساد ڦھلائڻ وارا ڪم آهن) تنھنڪري فساد قتل کان به وڏو گناهه آهي، هي (ڪافر) ته توهان سان ايستائين وڙهڻ جو سوچين ٿا جيستائين سندن وس پڄي ته اوهان کي دين اسلام کان ڦيرائي پنهنجي پراڻي دين ڏي وٺي وڃن. (تنهنڪري ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو ته) جيڪڏهن اوهان مان ڪير به انهن کان ڊڄي، دين اسلام کان ڦري ڪفر جي حالت ۾ مري ويو ته دنيا ۽ آخرت ۾ سندن سڀ عمل چَٽُ ٿي ويا. اهڙا سڀئي ماڻهو دوزخي آهن، اهي هميشه ان ۾ رهندا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ أُولٰئِكَ يَرجونَ رَحمَتَ اللَّهِ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 218) |
جن ايمان آندو ۽ جن الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيو ۽ جھاد ڪيو سي الله جي ٻاجھ جا اميدوار آھن، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جن ماڻهن ايمان آندو (۽ ثابت قدم رهيا) ۽ پنهنجو پيارو وطن (دين خاطر) ڇڏيو ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو. اهي بيشڪ الله جي رحمت ۾ (سچي) اميد رکن ٿا ۽ الله به اهڙن لاءِ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ الله تعالى جي واٽ ۾ هجرت ۽ جهاد ڪئي، اهي ماڻهو الله تعالى جي رحمت ۾ اميدوار آهن ۽ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجهارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ خدا جي راھ ۾ هجرت ڪئي ۽ جهاد ڪيو، اهي ئي ماڻهو الله جي رحمت جا اميدوار آهن ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ جن هجرت ڪئي ۽ جهاد ڪيو الله جي واٽ ۾ اهي اميد ٿا رکن الله جي رحمت ۾ ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ جن وطن ڇڏيو ۽ الله جي رستي ۾ جنگ ڪئي، سي الله جي رحمت ۾ اُميد رکن ٿا. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ جن ماڻهن وطن ڇڏيو ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيائون ته اُهي ئي الله جي رحمت جا اميدوار آهن. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آندوجن ايمان، پڻ سانگ سُڌاريا سپرين، ۽ لَڙيا ربَّ جي راه ۾، مانجھي منجھ ميدان، اُهي رکن آسرا، رحمت ۾ رحمان، ۽ سَٻاجھو سُبحان، مرهيندڙ، مِهرڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ جن الله جي راهه ۾ وطن ڇڏيو ۽ الله جي راهه ۾ هر ڪا ڪوشش ڪئي، سي ئي الله جي رحمت جي اميد رکن ٿا ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان جي ابتـڙ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ جن الله جي راهه ۾ پنهنجو گهر ٻار ڇڏيو ۽ جهاد ڪيائون، اهي الله جي رحمت جا صحيح اميدوار آهن ۽ الله انهن جي خطائن کي معاف ڪرڻ وارو ۽ کين پنهنجي رحمت سان نوازڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ان جي ابتڙ) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ جن پنهنجا گهر ٻار ڇڏيا الله جي راهه ۾ ۽ جهاد ڪيو، اهي الله جي رحمت جا حقدار آهن ۽ الله سندن ڪوتاهين کي معاف ڪندڙ رحم ڪرڻ وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻھن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ الله تعالى جي راهه ۾ جھاد ڪيو، اهي ئي ماڻهو الله تعالى جي رحمت جا سچا پچا اميدوار آهن. الله تعالى اهڙن ئي ماڻھن جي خطائن کي معاف ڪندڙ ۽ مٿن وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الخَمرِ وَالمَيسِرِ قُل فيهِما إِثمٌ كَبيرٌ وَمَنٰفِعُ لِلنّاسِ وَإِثمُهُما أَكبَرُ مِن نَفعِهِما وَيَسـَٔلونَكَ ماذا يُنفِقونَ قُلِ العَفوَ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَتَفَكَّرونَ (آيت : 219) |
(اي پيغمبر) توکان شراب ۽ جؤا بابت پڇن ٿا، چؤ ته اُنھن ۾ وڏو گناھ ۽ ماڻھن لاءِ (ڪجھ) فائدا آھن، ۽ سندن فائدي کان اُنھن جو گناھ تمام وڏو آھي. ۽ (پڻ) توکان پڇن ٿا ته (اُھي) ڇا خرچين، چؤ ته (گھرج کان) وڌيڪ (خرچيو) اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ آيتون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين ڌيان رکو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ڪي ماڻهو توکان شراب ۽ جوا بابت سوال پڇن ٿا. هنن کي چئو ته انهن ٻنهي شين ۾ نقصان تمام وڏو آهي ۽ انسان لاءِ فائدا به آهن پر انهن جو نقصان انهن جي فائدن کان گهڻو وڏو آهي ۽ توکان پڇن ٿا ته حق جي راهه ۾ ڇا خرچ ڪيون؟. انهن ڪي چئو ته جيڪي توهان جي ضرورتن کان وڌيڪ هجي سوخرچ ڪيو، ڏسو ته ڪيئن الله تعاليٰ پنهنجون نشانيون ۽ هدايتون چٽيون ڪري ٿو ٻڌائي. انهيءَ لاءِ ته دنيا ۽ آخرت جي مسئلن ۽ مصلحتن جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان کان شراب ۽ جُوا بابت سوال ڪن ٿا، توهان فرمايو انهن ٻنهي ۾ وڏو گناه آهي ۽ ماڻهن لاءِ ڪجهه دنيا جا فائدا به آهن، ۽ انهن جي نفعن کان انهن جو گناه تمام وڏو آهي، ۽ اي حبيب ! توهان کان سوال ڪن ٿا ڇا خرچ ڪن، توهان فرمايو جيڪو ضرورت کان وڌيڪ هجي خرچ ڪريو اهڙي طرح الله تعالى توهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو انهيءَ لاءِ جو توهان دنيا ۽ آخرت جا ڪم سوچي سمجهي ڪريو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تو کان شراب ۽ جوا بابت پڇن ٿا (کين) چئو ته انهن ٻنهين ۾ وڏو گناھ آهي ۽ ماڻهن لاءِ (ڪجھ) فائدو به آهي. ۽ انهن ٻنهين جو گناھ هنن جي فائدي کان گهڻو وڏو آهي. ۽ تو کان پڇن ٿا ته خدا جي راھ ۾ ڇا خرچ ڪريون؟ (کين) چئو ته پنهنجي ضرورت کان بچيل (خرچيو) اهڙي طرح الله اوهان لاءِ آيتون بيان ٿو ڪري (ته) من اوهين خيال ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڇن ٿا توکان شراب ۽ جوا جي باري ۾ فرماءِ ته انهن ٻنهي ۾ گناهه وڏو ۽ نفعا آهن ماڻهن لاءِ ۽ گناھ انهن ٻنهي جو وڏو آهي انهن جي نفعي کان ۽ پڇن ٿا تو کان ته ڇا خرچ ڪن؟ فرماءِ ته گهرج کان وڌيڪ اهڙيءَ طرح بيان ٿو ڪري الله اوهان لاءِ آيتون تانته اوهان فڪر ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) توکان شراب ۽ جوئا جو پڇن ٿا (کين) چئو ته انهن ٻنهين ۾ وڏو گناهه آهي ۽ ماڻهن لاءِ (ڪجهه) فائدا به آهن. ۽ انهن ٻنهين جو گناهه سندن فائدي کان گهڻو وڏو آهي. ۽ توکان پڇن ٿا ته ڇا خرچ ڪن؟ (کين) چئو ته پنهنجي ضرورت کان بچيل (خرچ ڪيو) اهڙي طرح الله اوهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تو کان شراب ۽ جُوا بابت پڇن ٿا؟ چؤ ته: ”انهن ٻنهين ۾ وڏو گناهه آهي ۽ ماڻهن لاءِ (ڪجهه دنياوي) فائدا (به) آهن. پر انهن جو گناهه انهن جي نفعي کان وڏو آهي“. ۽ توکان هي به پڇن ٿا ته ڇا خرچ ڪن؟ چؤ ته: ”جيڪو ضرورت کان واڌو هجي (خرچ ڪن)“اهڙي طرح الله توهان لاءِ کولي کولي احڪام بيان ڪري ٿو تان ته توهان غور فڪر ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جوا ۽ شراب جِي، توکان، پُڇن ڳالھ، چئو، ججھو جوکو ٻنهي ۾، ۽ ڪي نفعا، ماڻهن نال، ۽ بَڙو آهي بحال، نقصان، سندن نفعي کان. ۽ توکان پُڇنِ ڳالھ، ته ڇاخرچينِ خير ۾؟ چئو، بچت، بيان ٿو ڪري، مالڪ اِن مثال، اوهان ڪارڻ آيتون، نشانيون نهال، ته صحِي(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) توکان شراب ۽ جوا بابت پڇن ٿا، چؤ ته ”انهن ٻنهي ۾ وڏو گناهه آهي، ماڻهن لاءِ فائدا به آهن پر سندن گناهه فائدي کان وڏو آهي“ ۽ توکان پڇن ٿا ته ”ڇا خيرات ڪن“؟ چؤ ته ”جيڪي بچت هجيوَ“ اهڙيءَ طرح الله پنهنجي حڪمن کي بيان ڪري ٿو ته اوهين فڪر ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توکان پڇن ٿا ته شراب ۽ جوا بابت ڪهڙو حڪم آهي؟ ٻڌائين ته انهن ٻنهي ۾ وڏي خرابي آهي، جيتوڻيڪ انهن ۾ ماڻهن لاءِ ڪي فائدا به آهن، پر انهن جو گناهه انهن جي فائدي کان تمام وڌيڪ آهي، توکان پڇن ٿا ته الله جي واٽ ۾ ڇا خرچ ڪن؟ ٻڌائين ته جيڪي به توهان جي ضرورت کان وڌيڪ هجي. اهڙيءَ ريت الله توهان لاءِ کولي کولي حڪم بيان ڪري ٿو ته مـَـنَ توهان ڪو فڪر ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پڇن ٿا ”شراب ۽ جوئا لاءِ ڇا حڪم آهي؟“ چؤ! (اي نبي) انهن ٻنهي شين ۾ وڏي خرابي آهي، جيتوڻيڪ انهن ۾ ماڻهن لاءِ فائدو به آهي، پر انهن جو گناهه فائدن کان وڌيڪ آهي. ۽ پڇن ٿا توکان اسان الله جي راهه ۾ ڇا خرچ ڪريون؟ چؤ: جيڪي ضرورت کان وڌيڪ هجي. اهڙيءَ طرح حڪم بيان فرمائي ٿو الله توهان جي لاءِ صاف صاف، شايد توهان وڌيڪ فڪر ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) هي ماڻهو توهان کان شراب ۽ جوا جي باري ۾ پڇا ڪن ٿا، کين چؤ ته انهن ٻنهي ڪمن ۾ وڏو گناهه آهي. ظاهري طرح ڪجهه فائدا به نظر ايندا، پر تنھن هوندي به انهن ۾ گناهه وڌيڪ ۽ فائدا ٿورڙا آهن.وري توهان کان پڇن ٿا ته الله تعالى جي راهه ۾ اسان ڪيترو خرچ ڪريون؟ کين چوين ته، جيڪو توهان جي اصل ضرورتن جي پورائي کان پوءِ بچي پوي، اهو الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪريو. الله تعالى اهڙي طرح اوهان جي لاءِ آيتون بيان ڪري ٿوته جيئن توهان سوچڻ تي مجبور ٿيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ اليَتٰمىٰ قُل إِصلاحٌ لَهُم خَيرٌ وَإِن تُخالِطوهُم فَإِخوٰنُكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ المُفسِدَ مِنَ المُصلِحِ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَعنَتَكُم إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 220) |
دنيا ۽ آخرت (جي ڪمن) ۾، ۽ (اي پيغمبر) توکان يتيمن بابت پڇن ٿا، چؤ ته اُنھن لاءِ سڌار ڀلي آھي، جيڪڏھن کين (کاڌي پيتي ۾ پاڻ سان) گڏيو ته اوھان جا ڀائر آھن، ۽ الله بگاڙيندڙ کي سڌاريندڙ کان ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته اوھان کي سختيءَ ۾ وجھي ھا، ڇوته الله غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ماڻهو توکان يتيمن متعلق سوال ڪن ٿا. انهن کي چئو ته، جنهن ڳالهه ۾ هنن سڌارو ۽ فائدو هجي اها ئي بهتر آهي، ۽ جيڪڏهن توهان هنن سان گڏ رهو ۽ پنهنجي گهر ۾ شامل ڪري ڇڏيو ته بهرحال هو اوهان جا ڀائر آهن. الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ته ڪير سڌاري ڪرڻ وارو آهي ۽ ڪير بگاڙو ۽ خرابي ڪرڻ وارو آهي. (توهان جي نيت چڱي آهي ته يتيمن جي مال سنڀالڻ کان نه نٽايو) جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته (يتيمن جي نازڪ معاملي ۾) اوهان کي تڪليف ۾ وجهي ها (يعني سخت پابندين وارا حڪم ڏئي ها) بيشڪ الله تعاليٰ وڏي طاقت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي حبيب ! توهان کان يتيمن جا احڪام پڇن ٿا، توهان فرمايو انهن جو اصلاح بهتر آهي، ۽ جيڪڏهن انهن کي پاڻ سان مِلايو ته اهي توهان جا ڀائر آهن، ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو فسادي کي نيڪوڪارن مان، ۽ جيڪڏهن الله تعالى گهري ته توهان کي تڪليف ۾ وجهي، بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) دنيا ۽ آخرت (جي ڪمن) ۾ ۽ تو کان يتيمن بابت پڇن ٿا. (کين) چئو ته انهن لاءِ سڌارو ڪرڻ چڱو آهي ۽ جيڪڏهن انهن سان گڏجي رهندوءَ ته (ڪجھ حرج نه آهي) آخر اهي به ته توهان جا ڀائر آهن ۽ خدا فساديءَ کي خير خواھ کان (الڳ چڱي طرح) ڄاڻي ٿو ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته اوهان کي مصيبت ۾ وجهي ها. بيشڪ خدا زبردست حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) دنيا ۾ ۽ آخرت ۾ ۽ پڇن ٿا توکان يتيمن (جي باري) ۾.رماءِ ته انهن جي لاءِ ڀلائي ڪرڻ ڀلي آهي ۽ جيڪڏهن گڏ رکندؤنِ ته ڀائر آهن اوهان جا ۽ الله ڄاڻي ٿو فساد ڪندڙ کي ڀلائي ڪندڙ کان ۽ جيڪڏهن گهري ها الله ته تڪيلف ڏئي ها اوهان کي بيشڪ الله غالب، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مَنَ اوهين خيال ڪريو دنيا ۽ آخرت (جي ڪمن) ۾ . ۽ توکان يتيمن بابت پڇن ٿا. (کين) چئو ته انهن لاءِ سڌارو ڪرڻ چڱو آهي. ۽ جيڪڏهن انهن سان گڏ ٿيندؤ ته اهي اوهان جا ڀائر آهن. ۽ الله بگاڙيندڙ ۽ سڌاريندڙ کي (جدا جدا) ڄاڻي ٿو. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته اوهان کي سختيءَ ۾ وجهي ها. بيشڪ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) دنيا ۽ آخرت (جي ڳالهين) ۾ (غور ڪيو). ۽ تو کان يتيمن جي (مسائل) بابت پڇن ٿا چؤ ته انهن جا ڪم سڌارڻ چڱو ڪم آهي ۽ جيڪڏهن (خرچ پکي ۾) انهن کي پاڻ سان ملايو ته اوهان جا ڀائر آهن. ۽ الله ڄاڻي ٿو ته اصلاح ڪرڻ واري بجاءِ فسادي ڪير آهي؟ ۽ جي الله چاهي ها ته اوهان کي سختي ۾ وجهي ها. بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سوچيو ڳالھ، هِن ۽ هُنْ جھان جِي. ۽ ڇورن ڇنن ٻارن جِي، توکان پُڇن ڳالھ، چئو، سُڌاريو سندن، خاصو آهي خيال، جي ڀيڙا ڪريونِ، ته بحال، آهن ڀاءُ اوهان جا. ۽ بدخواھ کي، خير خواه کان، ڄاڻي ڄاڻڻ هار، ۽ ڌڻي وڻي ته ڌار جو، برسِر رکنِيان بار، خدا خبردار، پڻ حڪمتِي، هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) دنيا ۽ آخرت جي ڳالهين بابت ۽ توکان يتيمن بابت پڇن ٿا. چؤ ته ”انهن کي سڌارڻ بهتر آهي ۽ انهن کي جي پاڻ سان ملايو ته ڀائر اٿو!“ الله کي ڦٽائيندڙ ۽ سڌاريندڙ جي پوري خبر آهي، جي الله گهري ته اوهان کي تڪليف ۾ وجهي ها. بيشڪ الله زبردست ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) دنيا توڙي آخرت ٻنهي جو، توکان پڇن ٿا ته، يتيمن سان ڪيئن هلجي؟ چوين ته جنهن ۾ انهن جي ڀلائي هجي ائين ئي ڪرڻ ڀلو آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجو ۽ انهن جو خرچ پکو ۽ رهڻ ڪـَـهڻ گڏيل رکو ته ان ۾ ڪوبه حرج ڪونهي جو هو آخر توهان جا ڀائر ئي ته آهن، برائي ڪندڙ ۽ ڀلائي ڪندڙ ٻنهي کي الله چڱي طرح سڃاڻي ٿو. الله جي گهري ها ته ان معاملي ۾ توهان تي سختي ڪري ها، پر هو وڏي طاقت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) دنيا ۾ ۽ آخرت جي لاءِ. ۽ پڇن ٿا يتيمن سان ڇا معاملو ڪجي؟ چؤ: (اي رسول) جنهن معاملي ۾ ڀلائي هجي انهن لاءِ اهو اختيار ڪجي. پنهنجو خرچ انهن سان ملائي رکو ته به اهي توهان جا ڀائر آهن الله تي حال روشن آهي برائي ڪندڙن ۽ ڀلائي ڪرڻ وارن جو، ۽ هن معاملي ۾ الله گهري ها ته توهان تي سختي ڪري ها، پر اهو اختيار وارو هئڻ سان گڏ حڪمت وارو به آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هميشه دنيا ۽ آخرت جو فڪر ڪندا رهو، (اي نبي ﷺ!) وري توهان کان يتيمن جي باري ۾ پڇن ٿا، کين چؤ ته يتيمن جي ڀلائيءَ لاءِ جيڪو به توهان مناسب سمجهو، ان تي عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهان انهن کي گڏيل ڪٽنب طور پنھنجي گهر ۾ رهايو ته هو توهان جا ڀائر ته آهن، سو اهڙي طريقي سان رهائڻ ۾توهان تي ڪو گناهه نه آهي. الله تعالى کي سڄي خبر آهي، ته اڳتي هلي ڪير صلح سان رهڻ وارو ۽ ڪير فسادي ثابت ٿيندو؟ ۽ الله تعالى جيڪڏهن گهري ها ته هو توهان تي سختي ڪري ها (يعني اوهان جي مٿان يتيمن جي مال کي جدا ڪرڻ جي پابندي وجهي ها) بيشڪ هو زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَنكِحُوا المُشرِكٰتِ حَتّىٰ يُؤمِنَّ وَلَأَمَةٌ مُؤمِنَةٌ خَيرٌ مِن مُشرِكَةٍ وَلَو أَعجَبَتكُم وَلا تُنكِحُوا المُشرِكينَ حَتّىٰ يُؤمِنوا وَلَعَبدٌ مُؤمِنٌ خَيرٌ مِن مُشرِكٍ وَلَو أَعجَبَكُم أُولٰئِكَ يَدعونَ إِلَى النّارِ وَاللَّهُ يَدعوا إِلَى الجَنَّةِ وَالمَغفِرَةِ بِإِذنِهِ وَيُبَيِّنُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 221) |
۽ (اي مسلمانؤ ايستائين) مشرڪياڻين کي نه پرڻيو جيستائين ايمان آڻين، ۽ بيشڪ مؤمنياڻي ٻانھي مشرڪياڻيءَ کان ڀلي آھي جيتوڻيڪ اوھان کي (مشرڪياڻي) زيادہ وڻي، ۽ اوھين (ايسين) مشرڪن کي نه پرڻايو جيسين ايمان آڻين، ۽ بيشڪ مؤمن ٻانھو مُشرڪ کان ڀلو آھي جيتوڻيڪ اوھان کي (مشرڪ) زيادہ وڻي، اِھي (مُشرڪ) باھ ڏانھن سڏيندا آھن، ۽ الله پنھنجي ارادي مُوجب بھشت ۽ بخشش ڏانھن سڏيندو آھي، ۽ پنھنجون آيتون ماڻھن لاءِ بيان ڪندو آھي ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مشرڪ عورتن سان جيستائين هو مسلمان نه ٿين نڪاح نه ڪيو. هڪ مشرڪ عورت اوهان کي ظاهري طرح ڪيترو به وڻي ته به مؤمن عورت هن کان گهڻو بهتر آهي. ساڳئيءَ طرح مشرڪ مرد جيستائين ايمان نه آڻي کيس مؤمن عورت نڪاح ۾ نه ڏني وڃي. يقيناً خدا جو مؤمن ٻانهو هڪ مشرڪ مرد کان بهتر آهي، اگرچه اهو مشرڪ ظاهر ۾ اوهان کي پسند اچي. اهي مشرڪ اوهان کي (پنهنجي دين کان ڦيرائڻ چاهين ٿا) ۽ دوزخ جي طرف سڏين ٿا ۽ الله تعاليٰ پنهنجي حڪم سان اوهان کي (حق جو دين سيکاري) جنت ۾ مغفرت جي طرف سڏي رهيو آهي. (اهڙيءَ طرح) الله تعاليٰ ماڻهن جي رهنمائيءَ لاءِ پنهنجون نشانيون ۽ هدايتون چٽيون ڪري ٿو ٻڌائي ته خبردار ٿين ۽ نصيحت تي عمل ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مشرڪ عورتن سان نڪاح نه ڪريو جيستائين مسلمان نه ٿين ۽ بيشڪ مؤمن ٻانهِي مشرڪ عورت کان ڀلي آهي جيتوڻيڪ اها توهان کي وڻي ۽ مشرڪن جي نڪاح ۾ نه ڏيو جيستائين اهي ايمان نه آڻين، ۽ بيشڪ مؤمن ٻانهو مشرڪ کان بهتر آهي جيتوڻيڪ اهو توهان کي وڻي، اُهي دوزخ لاءِ سڏين ٿا ۽ الله تعالى پنهنجي حڪم سان بهشت ۽ بخشش جي طرف پڪاري ٿو، ۽ پنهنجون آيتون ماڻهن لاءِ بيان فرمائي ٿو ته مَن اُهي نصيحت وٺن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مسلمانو!) مشرڪ زالن سان تيستائين نڪاح نه ڪريو جيستائين ايمان آڻين. ڇو ته مشرڪ عورت، سونهن ۽ سوڀيا ۾ توهان کي ڪيڏي به سٺي لڳي پر وري به ايماندار عورت هن کان ضرور سٺي آهي. ۽ مشرڪ جيستائين ايمان نه آڻين تيستائين پنهنجون عورتون هنن جي نڪاح ۾ نه ڏيو ۽ مشرڪ ڪيترو به ڇو نه توهان کي چڱو لڳي پر تڏهن به مومن بندو هن کان ضرور سٺو آهي. اهي (مشرڪ مرد يا عورت) ماڻهن کي دوزخ ڏي سڏين ٿا ۽ خدا پنهنجي عنايت سان جنت ۽ بخشش جي طرف سڏي ٿو. ۽ پنهنجا حڪم صاف صاف بيان ڪري ٿو ته جيئن من اهي ماڻهو نصيحت حاصل ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه نڪاح ڪيو مشرڪياڻن سان تانجو ايمان آڻين ۽ بيشڪ ٻانهي ايمان واري ڀلي آهي مشرڪياڻيءَ کان جيتوڻيڪ وڻي اوهان کي ۽ نه پرڻايو مشرڪن کي تانجو ايمان آڻين ۽ البته ٻانهو مؤمن ڀلو آهي (آزاد) مشرڪ کان جيتوڻيڪ وڻيو اوهان کي.هي سڏين ٿا باھ ڏانهن ۽ الله سڏي ٿو بهشت ۽ بخشش ڏانهن پنهنجي توفيق سان ۽ بيان ٿو ڪري پنهنجون آيتون ماڻهن لاءِ من اهي نصيحت وٺن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مشرڪ زالن سان (تيستائين) نڪاح نه ڪريو جيستائين ايمان نه آڻين. ۽ بيشڪ ايمان واري ٻانهي مشرڪ زال کان چڱي آهي جيتوڻيڪ اها اوهان کي پسند اچي. ۽ مشرڪن کي شادي نه ڪرايو جيستائين ايمان نه آڻين. ۽ بيشڪ ايمان وارو ٻانهو مشرڪ کان چڱو آهي جيتوڻيڪ اهو اوهان کي پسند اچي. اهي (مشرڪ) باهه ڏي سڏين ٿا. ۽ الله پنهنجي حڪم سان جنت ۽ معافي ڏي سڏي ٿو. ۽ پنهنجيون آيتون ماڻهن لاءِ بيان ڪري ٿو مَنَ اهي ياد رکن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مشرڪ عورتن سان نڪاح نه ڪيو جيستائين ايمان آڻن. بيشڪ مؤمنياڻي ٻانهي مشرڪياڻي (آزاد عورت) کان ڀلي آهي ۽ توڙي جو توهان کي پسند هجي ۽ (مؤمنياڻين) جو نڪاح مشرڪ مردن سان به نه ڪيو جيستائين ايمان آڻن. ۽ مؤمن ٻانهو مشرڪ (آزاد مرد) کان ڀلو آهي توڙي جو توهان کي پسند هجي. اُهي جهنم ڏانهن سڏن ٿا ۽ الله پنهنجي حڪم سان جنت ۽ بخشش ڏانهن سڏي ٿو ۽ پنهنجون نشانيون ماڻهن لاءِ کولي کولي بيان ڪري ٿو ته جيئن اُهي نصيحت حاصل ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه پرڻيون پوڄارڻيون، تان وَرنِ وَحدت پار، ۽ ڀَلِي بُتِ پُوڄ ڪنان، دوڙ ديندار، ۽ صورت منجھ سِينگار، توڻي وڻـِنيان ويترِي. پَرِ پوڄارِي، ڪنهن کي، نه پرڻايو ڪنهن پر، تان مڃي، سو مورهين؛ ۽ آهي ڀَلو بهتر، مؤمن، مشرڪ ذات کان، ۽ توڻِي وَڻنِيان سو ويتر، اُهي ڪوٺينِ آگ ڏي، ۽ ڪوٺي ربَّ رهبر، بهشت ۽ بخشش ڏي، پنهنجي حڪم سان هيڪر، ۽ سندس حڪم هدايتون، کولي خوب خبر، ماڻهن لئي مقرر، تان صحِي سنڀالينِ پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مشرڪياڻين سان نڪاح نه ڪريو، جيسين ايمان نه آڻين، بيشڪ مومن ٻانهي مشرڪ زال کان بهتر آهي کڻي اُها اوهان کي پسند اچي. ۽ مشرڪن سان به نڪاح نه ڪريو جيسين اهي ايمان نه آڻين، بيشڪ مومن ٻانهو مشرڪ کان بهتر آهي. کڻي اهو اوهان کي پسند اچي. اهي اوهان کي دوزخ ڏانهن سڏين ٿا. ۽ الله پنهنجي حڪم سان جنت ۽ بخشش ڏانهن سڏي ٿو ۽ ماڻهن کي پنهنجا حڪم پڌرا ڪري ٻڌائي ٿو، ته اهي نصيحت وٺن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان مشرڪ عورتن سان ڪنهن به صورت ۾ نڪاح نه ڪريو، جيستائين هو ايمان نه آڻين. هڪ مؤمن ٻانهي، (آزاد) مشرڪياڻيءَ کان ڀلي آهي، توڻي جو هوءَ (مشرڪياڻي) توهان کي ڪيڏي به وڻندي هجي ۽ پنهنجي عورتن جا نڪاح مشرڪ مردن سان ڪڏهن به نه ڪجو، جيستائين هو ايمان نه آڻين، هڪ مؤمن غلام، (آزاد) مشرڪ مرد کان ڀلو آهي، کڻي اُهو توهان کي ڏاڍو پسند ڇونه هجي. اِهي ماڻهو توهان کي باهه ڏانهن ٿا سڏين ۽ الله پنهنجي حڪم سان توهان کي جنت ۽ مغفرت ڏانهن ٿو سڏي ۽ هو پنهنجا حڪم چٽيءَ طرح ماڻهن آڏو ٿو بيان ڪري ته مــَـنَ هو سبق پرائن ۽ نصيحت وٺن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان مشرڪ عورتن سان هرگز نڪاح نه ڪجو جيستائين اهي ايمان نه آڻين ۽ هڪ مؤمن ٻانهي مشرڪ زاديءَ کان بهتر آهي جڏهن ته اها توهان کي پسند هجي ۽ (پنهنجي عورتن جا نڪاح) مشرڪن سان نه ڪجؤ جيستائين اهي ايمان نه آڻين. هڪ مؤمن غلام ڀلو آهي مشرڪ زادي کان، ڀلي اهو توهان کي ڏاڍو وڻندو هجي. هي ماڻهو توهان کي باهه ڏي سڏين ٿا ۽ الله توهان کي جنت ڏي سڏي ٿو ۽ مغفرت لاءِ پنهنجي حڪم سان ۽ هو پنهنجا حڪم چٽيءَ طرح بيان ڪري ٿو ماڻهن آڏو، مَن اهي سبق ۽ نصيحت وٺن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان مشرڪ عورتن سان ان وقت تائين نڪاح نه ڪريو، جيستائين هو مسلمان نه ٿين. هڪ مؤمن ٻانهي (يعني غلام عورت) آزاد مشرڪ عورت کان بھتر آهي، ڀلي اها مشرڪ عورت توهان کي ڇو نه وڌيڪ وڻندڙ هجي. اهڙيءَ طرح پنھنجي عورتن جا نڪاح به، مشرڪ مردن سان نه ڪريو، جيستائين هو ايمان نه آڻين. هڪ مؤمن ٻانهو (يعني غلام) آزاد مشرڪ ماڻهوءَ کان بھتر آهي، توڙي جو اهو مشرڪ مرد توهان کي ڇو نه وڌيڪ وڻندو هجي. هي مشرڪ ته شادي کان پوءِ توهان کي باهه ڏانھن وٺي وڃڻ جو سوچيندا آهن، پر الله تعالى اوهان کي پنھنجي حڪم ذريعي جنت ۽ بخشش ڏانھن سڏي ٿو ۽ الله تعالى (خبردار ڪرڻ ۽) نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ ئي ته ماڻھن کي پنھنجون آيتون کولي ٻڌائي ٿو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ المَحيضِ قُل هُوَ أَذًى فَاعتَزِلُوا النِّساءَ فِى المَحيضِ وَلا تَقرَبوهُنَّ حَتّىٰ يَطهُرنَ فَإِذا تَطَهَّرنَ فَأتوهُنَّ مِن حَيثُ أَمَرَكُمُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ التَّوّٰبينَ وَيُحِبُّ المُتَطَهِّرينَ (آيت : 222) |
۽ (اي پيغمبر) توکان حيض (جي حڪم) بابت پُڇن ٿا، چؤ ته اُھا پليتي آھي تنھنڪري زالن کان حيض ۾ پري ٿيو ۽ ايستائين کين ويجھا نه وڃو جيستائين پاڪ ٿين، پوءِ جڏھن بلڪل پاڪ ٿين تڏھن جنھن واٽ کان الله اوھان کي موڪل ڏني آھي (اُنھيءَ کان) اُنھن ڏانھن اچو، ڇوته الله توبه ڪندڙن کي دوست رکندو آھي ۽ (پڻ) پاڪائي ڪندڙن کي دوست رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان عورتن جي حيض (ماهانه ڪپڙا اچڻ) بابت پڇن ٿا، انهن کي ٻڌاءِ ته اهو ايذاءُ جو وقت آهي تنهن ڪري انهن ڏينهن ۾ عورتن سان همبستر نه ٿيو ۽ انهن کان پري رهو جيستائين حيض جي حالت کان پاڪ ۽ صاف ٿين. پوءِ جڏهن صاف ۽ پاڪ ٿين تڏهن ڀل توهان هنن سان اهڙيءَ طرح ميل جول رکو جهڙيءَ طرح الله تعاليٰ حڪم ڪيو آهي (يعني الله تعاليٰ جي فطرتي قانونن موجب عمل ڪيو) بيشڪ الله تعاليٰ انهن کي حب ٿو ڪري جيڪي الله تعاليٰ جي حڪمن ڏي رجوع ٿا ٿين ۽ گناهن کان پناهه ٿا گهرن ۽ انهن کي حب ٿو ڪري جيڪي (ظاهري توڙي باطني) صفائي ۽ پاڪائي رکندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کان حيض جي متعلق سوال ڪن ٿا، توهان فرمايو اها خراب شيءِ آهي، پوءِ حيض جي ڏينهن ۾ عورتن کان جدا رهو، ۽ انهن جي ويجها نه وڃو جيستائين پاڪ نه ٿين، پوءِ جڏهن پاڪ ٿين پوءِ انهن وٽ وڃو جنهن جاءِ تان الله تعالى توهان کي حڪم ڏنو آهي، بيشڪ الله توبہ ڪندڙن ۽ پاڪائي ڪندڙن سان محبت رکي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) تو کان حيض جي باري ۾ پڇن ٿا. (کين) چئو ته اها (گندگي) بيماري آهي، پوءِ حيض جي حالت ۾ زالن کان جدا رهن ۽ اهي جيستائين پاڪ نه ٿين، سندن ويجهو نه وڃن پوءِ جڏهن پاڪ ٿين، تڏهن جتان خدا اوهان کي حڪم ڪيو آهي، اتان انهن ڏي اچو. بيشڪ خدا توبه ڪندڙن ۽ پاڪائي رکندڙن کي دوست رکي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پڇن ٿا توکان حيض جي (باري) ۾ فرماءِ ته اهو گندگي آهي پوءِ پري رهو عورتن کان حيض جي حالت ۾ ۽ نه ويجها وڃو انهن کي تانجو پاڪ ٿين پوءِ جڏهن پاڪ ٿين ته پوءِ اچو انهن ڏانهن اتاهين جو امر ڪيو اوهان کي الله بيشڪ الله محبت ٿو رکي توبہ ڪندڙن سان ۽ محبت ٿو رکي پاڪائي ڪندڙن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ توکان حيض جو پڇن ٿا. (کين) چئو ته اها گندگي آهي، پوءِ حيض جي حالت ۾ زالن کان جدا رهو. ۽ اهي جيستائين پاڪ نه ٿين کين ويجهو نه وڃو. پوءِ جڏهن پاڪ ٿين تڏهن جتان الله اوهان کي حڪم ڪيو آهي اتان انهن ڏي اچو. بيشڪ الله توبه ڪندڙن کي دوست رکي ٿو ۽ پاڪائي ڪندڙن کي (به) دوست رکي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو کان حيض (ماهواري) جو حڪم پڇن ٿا؟ چؤ ته اها تڪليف ده (ناپاڪائي) آهي. سو حيض دوران زالن کان جدا رهو ۽ انهن سان قربت نه ڪيو جيستائين پاڪ ٿين. پوءِ جڏهن اهي خوب پاڪ ٿي وڃن ته پوءِ جنهن راهه کان الله اوهان کي اجازت ڏني آهي انهن وٽ وڃو. بيشڪ الله گهڻي توبه ڪرڻ وارن سان محبت رکي ٿو ۽ گهڻي پاڪائي ڪرڻ وارن سان محبت رکي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پڇنئي گندين جو، چئو ته اِها آهي ميرائي مر، پوءِ گوشو گھر وارين کان، ڪريو گندين ۾ گوهر!، ويجھانه وڃونِ، تان پاڪ ٿين پوتر، پوءِ جڏهن پاڪ پاڻ ٿيون، ته اچونِ ڀلي تنهن ڀر، جتان جل جلالہ، ڪيو اوهان کي امر، پڇتائيندڙ پرورکي، وڻن ٿا ويتر، پڻ پاڪ ڌڻي پرور، پاڪن کي، پيار ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) توکان ماهواريءَ بابت پڇن ٿا، چؤ ته اها گندگي آهي، تنهن ڪري ماهواريءَ ۾ زالن کان پري رهو ۽ کين ويجها نه وڃو، جيسين پاڪ ٿين. پوءِ جڏهن پاڪ ٿين، ته وٽن اتان وڃو، جتان الله حڪم ڏنو اٿوَ، بيشڪ الله توبهه ڪندڙن ۽ صاف رهندڙن کي پسند ڪندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توکان پڇن ٿا ته، حيض (ماهواري) بابت ڇا حڪم آهي؟ چوين ته اها هڪ گند واري حالت آهي، ان ۾ زالن کان پاسي رهو ۽ کين ويجها نه وڃو، جيستائين هو پاڪ صاف نه ٿين، پوءِ جڏهن هو پاڪ ٿي وڃن ته وٽن وڃو، ائين ئي جيئن توهان کي الله حڪم ڏنو آهي. الله انهن ماڻهن کي پسند ڪري ٿو جيڪي بــَـديءَ کان رڪجي وڃن ٿا ۽ پاڪائي اختيار ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پڇن ٿا: حيض جو ڇا حڪم آهي؟ چؤ: اها هڪ گندگيءَ جي حالت آهي، ان ۾ عورتن کان الڳ رهو ۽ انهن جي ويجهو نه وڃو، جيستائين اهي پاڪ صاف نه ٿين. پوءِ جڏهن پاڪ ٿي وڃن ته انهن وٽ وڃو، اهڙيءَ طرح جيئن الله توهان کي حڪم ڏنو آهي، يقينًا الله پسند ڪري ٿو انهن ماڻهن کي جيڪي برائي کان بچن ۽ پاڪيزگي اختيار ڪن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (اي نبي ﷺ!) هي ماڻهو توهان کان حيض جي حالت جي باري ۾ به پڇا ڪن ٿا، کين چؤ ته اها (عورت لاءِ) هڪ گندگي ۽ تڪليف واري حالت آهي. حيض جي حالت ۾ پنھنجي گهر وارين جي ويجهو به نه وڃو، جيستائين هو پاڪ صاف نه ٿين ۽ جڏهن هو پاڪ ٿِين ته پوءِ الله تعالى جي ڏنل حڪم مطابق توهان پنھنجي گهر وارين ڏانهن وڃو. بيشڪ الله تعالى توبہ ڪندڙن، پاڪ ۽ صاف رهڻ وارن کي پسند ڪندو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نِساؤُكُم حَرثٌ لَكُم فَأتوا حَرثَكُم أَنّىٰ شِئتُم وَقَدِّموا لِأَنفُسِكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّكُم مُلٰقوهُ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 223) |
اوھان جو زالون اوھان لاءِ پوک آھن، پوءِ پنھنجيءَ پوک ڏانھن جئن وڻيوَ تئن اچو، ۽ پاڻ لاءِ (چڱا ڪم) اڳي موڪليو، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته اوھين ساڻس ملاقي ٿيندڙ آھيو، ۽ مُؤمنن کي خوشخبري ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اوهان جون عورتون اوهان جي لاءِ پوک وانگر آهن، پوءِ جيئن توهان چاهيو تيئن (فطرت جي تقاضا موجب) ٻنيءَ ۾ پوک پوکيو ۽ پنهنجي لاءِ ايندڙ وقت جو بندوبست به ڪري ڇڏيو (يعني جيڪو اولاد پيدا ٿيندو تنهن لاءِ سامان تيار رکو) ۽ هر حال ۾ خدا جو خوف رکي پرهيزگاري ڪيو ۽ ياد رکو ته توهان کي (هڪ ڏينهن مرڻو آهي) ۽ الله جي حضور ۾ حاضر ٿيڻو آهي ۽ سچو ايمان رکندڙن کي (دائمي سعادت جي) خوشخبري ڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جون عورتون توهان لاءِ پوک آهن، پوءِ پنهنجي پوک ۾ اچو جهڙي طرح توهان کي وڻي ۽ پنهنجي لاءِ چڱائيءَ جو ڪم پهرين ڪريو ۽ الله تعالى کان ڊڄو ۽ يقين ڪريو ته توهان کي انهي سان ملڻو آهي ۽ مؤمنن کي خوشخبري ٻڌايو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان جون زالون (ڄڻ ته) اوهان جي پوک آهن. پوءِ پنهنجي پوک ڏي جتان وڻيو اتان اچن ۽ پنهنجي آئينده جي ڀلائي لاءِ (صالح عمل) موڪليو ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. پڻ هي به ياد رهي ته (هڪ نه هڪ ڏينهن) اوهان کي سندن سامهون وڃڻو آهي. (اي رسول) ايمان وارن کي (نجات) جي خوشخبري ٻڌاءِ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) زالون اوهان جون پوک آهن اوهان جي لاءِ پوءِ اچو پوک پنهنجيءَ ڏانهن جيئن گهرو ۽ اڳتي موڪليو پنهنجن سرن لاءِ (چڱا عمل) ۽ ڊڄو الله کان ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ اوهان ان سان ملاقات ڪندڙ آهيو ۽ خوشخبري ڏي مؤمنن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان جون زالون اوهان جي پوک آهن. پوءِ پنهنجي پوک ڏي جتان وڻيوَ اتان اچو. ۽ پاڻ لاءِ اڳي موڪليو. ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته اوهين ان سان ملڻ وارا آهيو. ۽ ايمان وارن کي خوش خبري ٻڌاءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان جون زالون توهان لاءِ پوک آهن پوءِ پنهنجي پوک تي جيئن وڻيوَ اچو ۽ پنهنجي لاءِ ڪجهه اڳتي موڪليو. ۽ الله کان ڊڄندا رهو۽ ڄاڻو ته يقينًا اوهان کي ان سان ملڻو آهي. ۽ (اي نبي) مؤمنن کي (ڇوٽڪاري جي) خوشخبري ٻڌاءِ!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوک اوهان جون عورتون، آهن اوهان هار، پوءِ اچو پنهنجي پوک کي، پسند ڪيان جنهن پار، ۽ سمر سنباهيو پاڻ لئي ۽ ڏرو ڀر ڏاتار، ۽ سمجھو ته ملندا مورهين، اُن سان آخرڪار، ۽ مُبارڪون موچار، ڏي مڃيندڙن کي مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان جون زالون اوهان جي ٻني آهن، سو پنهنجي ٻنيءَ ۾ جيئن وڻيوَ تيئن اچو ۽ پنهنجي لاءِ اڳ جو توشو ڪريو. الله کان ڊڄندا رهو، ۽ سمجهي ڇڏيو ته اوهين ضرور ان سان ملندؤ ۽ مومنن کي خوشخبري ٻڌاءِ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جون زالون توهان جي پوک آهن، توهان کي جيئن به وڻي ڀلي پنهنجي پوک ۾ وڃو پر پنهنجي آئيندي جي ڳڻ ڪريو ۽ الله جي ناراضپي کان بچو ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته توهان کي هڪ ڏينهن ساڻس ضرور ملڻو آهي ۽ اي نبي! جيڪي تنهنجون هدايتون مڃين، انهن کي (فلاح ۽ سعادت جي) خوشخبري ڏئي ڇڏ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان جون عورتون توهان جون پوکون آهن، جهڙيءَ طرح چاهيو پنهنجي پوک ۾ وڃو، فڪر ڪريو پنهنجي مستقبل جو (۽ الله جي ناراضگيءَ کان بچو) ۽ چڱيءَ طرح ڄاڻي وٺو ته الله سان توهان کي هڪ ڏينهن ملڻو آهي ۽ اي نبي! خوشخبري ڏي مؤمنن کي (ڪاميابي جي).(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جون گهر واريون اوهان جي لاءِ پوک وانگر آهن، سو توهان پنھنجي پوک ۾ جھڙي طريقي سان اچڻ گهرو، اچي سگهو ٿا، پر الله تعالى کان ڊڄندي ۽ پنھنجي آئيندي جو به خيال ڪندي، چڱا ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو (اهو ذهن ۾ ضرور ويھاريو ته) بيشڪ توهان سڀني کي الله تعالى سان ملاقات ڪرڻي آهي. جن ماڻھن ان جا حڪم مڃيا تن کي تون خوشخبري ٻڌاءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَجعَلُوا اللَّهَ عُرضَةً لِأَيمٰنِكُم أَن تَبَرّوا وَتَتَّقوا وَتُصلِحوا بَينَ النّاسِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 224) |
۽ اوھين پنھنجن قسمن لاءِ چڱائي ڪرڻ ۽ پرھيزگاري ڪرڻ ۽ ماڻھن جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ کان (پاسو ڪرڻ واسطي) الله جو اِسم پيش نه ڪريو، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ائين نه ڪيو جو ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ يا ڪو پرهيزگاريءَ جو ڪم ڪرڻ يا ماڻهن جي وچ ۾ صلح ڪرڻ جي خلاف قسم کڻي پوءِ الله جي نالي کي نيڪيءَ جي ڪم کي ڇڏي ڏيڻ لاءِ بهانو بنايو. (يعني پهريائين ته چڱي ڪم جي خلاف قسم کڻو ۽ پوءِ عذر ڏيو ته مان خدا جو قسم کنيو آهي تنهن ڪري هي ڪم ڪونه ڪندس) ياد رکو ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى کي پنهنجي قسمن جي آڙ نه بنايو جو نيڪي ۽ پرهيزگاري ۽ ماڻهن ۾ صلح ڪرائڻ جو قسم کڻو، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مسلمانو!) الله جي نالن کي پنهنجي قسمن لاءِ بهانو نه بنايو ته جيئن (ماڻهن سان) ڀلائي ڪرڻ ۽ پرهيزگاري ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ صلح ڪرائڻ کان بچي وڃو. ۽ الله (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه بنايو الله کي نشان پنهنجن قسمن لاءِ هن طرح جو (نه) نيڪي ڪيو ۽ (نه) تقوى ڪيو ۽ نه صلح ڪرايو ماڻهن ۾ ۽ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله جي نالي کي پنهنجي قسمن لاءِ نشان نه بنايو ته جيئن ڀلائي ڪرڻ ۽ پرهيزگاري ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ صلح ڪرائڻ کان بچي وڃو. ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله (جي نالي) کي پنهنجي اهڙن قَسمن جي لاءِ استعمال نه ڪيو جن جو مقصد نيڪي ۽ پرهيزگاري ۽ ماڻهن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ کان روڪڻ هجي ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌاڙِي ڌڻئَ کي، نه ڪريو، پنهنجن قسمن ڪاڻ، ڀلو ڪريو ۽ ڀلئَ ڀَت، ڪري ڪريو پاڻ، ۽ مَن سڌاريو ماڻهين، ڪڍو وِچانِ ڪاڻ، ۽ سڻندڙ ۽ سڄاڻ، اَللهُ جل جلالہٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله جي نالي کي پنهنجي قسمن کڻڻ لاءِ ڍال نه بڻايو، هن لاءِ ته چڱائي ڪرڻ ۽ دينداريءَ ۽ ماڻهن ۾ صلح ڪرائڻ کان بچي وڃو، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي نالي کي اهڙن قسمن کڻڻ لاءِ استعمال نه ڪريو، جن مان توهان جو مقصد نيڪي ۽ تقويٰ ۽ الله جي بندن جي ڀلائيءَ وارن ڪمن کان پاڻ کي جهلڻ هجي، الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله جو نالو اهڙن قسمن کڻڻ لاءِ استعمال نه ڪريو، جن ۾ مقصد نيڪي ۽ تقويٰ ۽ خدا جي بندن جي ڀلائي جي ڪمن ۾ کين روڪڻو هجي، الله توهان جون سڀ ڳالهيون ٻڌي پيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نيڪيءَ، پرهيزگاريءَ ۽ ماڻھن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ جهڙن ڪمن کان پاسو ڪرڻ لاءِ، الله تعالى جي پاڪ نالي کي قسم طور استعمال نه ڪريو، الله تعالى توهان جي هر ڳالهه ٻڌي به ٿو ۽ ڄاڻي به ٿو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما كَسَبَت قُلوبُكُم وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 225) |
الله اوھان کي اوھان جي اجاين قسمن کڻڻ ۾ نه وٺندو آھي پر اوھان جي دلين جيڪا نيت ڪئي آھي تنھن تي پڪڙيندو آھي، ۽ الله بخشڻھار بُردبار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان جي قسمن مان جيڪي خسيس ۽ بي معنيٰ آهن انهن به نسبت الله تعاليٰ توهان تي سختي ڪانه ڪندو، پر انهن قسمن لاءِ سزا ڏيندو جي سمجهي سوچي دل ۽ دماغ سان برائي لاءِ کنيا ويا آهن (يا جائز ڪمن لاءِ قسم کڻي پوءِ انهن جي خلاف عمل ڪيو آهي) الله تعاليٰ هر حال ۾ بخشيندڙ ۽ تحمل وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى توهان کي نٿو پڪڙي انهن قسمن ۾ جيڪي بنا ارادي جي زبان مان نڪرن ٿا، ها! انهيءَ تي پڪڙ فرمائي ٿو جيڪي ڪم دل سان ڪريو ٿا، ۽ الله تعالى بخشيندڙ بردبار آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) توهان جي اجائي قسم کڻڻ (جو اوهان جي وات مان بي اختيار نڪري) تي پڪڙ ته نه ڪندو، پر انهن قسمن تي اوهان جي ضرور گرفت ڪندو جنهن جو دل سان ارادو ڪيو اٿو. ۽ خدا گهڻو معاف ڪندڙ ۽ بردبار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه پڪڙ ڪندو اوهان کي الله اجاين قسمن اوهان جن ۾. پر پڪڙ ڪندو اوهان کي ان سان جو نيت ۾ ڪيو دلين اوهان جي ۽ الله بخشيندڙ، بردبار آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اوهان کي اوهان جي اجاين قسمن تي پڪڙ نه ٿو ڪري. پر اوهان کي انهيءَ تي پڪڙ ڪري ٿو جنهن جو اوهان جي دلين ارادو ڪيو. ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ بردبار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله اوهان کان بنا ارادي زبان مان نڪتل قسمن جي پڪڙ نه ٿو ڪري ۽ پر انهن (قسمن تي) ضرور پڪڙ ڪندو جن جو توهان جي دلين ارادو ڪيو. ۽ الله بخشڻهار بُردبار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَهنجي سَکڻنِ سونهَنْ، نه جھليندان جبار، پڪ پڪڙيندان اُن ۾، جا ڪئـِي قلبن اَهنجي ڪار، ۽ بارِي بخشڻهار، پڻ مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اوهان کي اجاين قسمن بابت پڪڙ نٿو ڪري، مگر جيڪي دل جي ارادي سان قسم کڻو ٿا، انهن تي پڪڙ ڪري ٿو. ۽ الله بخشڻهار، بردبار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي اجايا قسم توهان بنا سوچ جي کڻندا آهيو انهن تي الله توهان جي پڪڙ نٿو ڪري پر جيڪي قسم توهان سچيءَ دل سان کڻندا آهيو، انهن جو پڇاڻو توهان کان هو ضرور ڪندو. الله بخشڻهار ۽ بردبار آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي بي معنيٰ قسم الله جا بنا ارادي جي کائيندا رهو ٿا، انهن تي پڪڙ نٿو ڪري، پر جيڪي قسم توهان سچيءَ دل سان کڻو ٿا، انهن جو پڇاڻو ضرور ڪندو، ۽ الله وڏو درگذر ڪندڙ بردباد آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى توهان جي اجاين قسمن تي پڪڙ نه ڪندو. پڪڙ انهن قسمن تي ٿيندي جيڪي دل جي ارادي سان کنيا وڃن. الله تعالى وڏو بخشيندڙ ۽ وڏو برداشت ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِلَّذينَ يُؤلونَ مِن نِسائِهِم تَرَبُّصُ أَربَعَةِ أَشهُرٍ فَإِن فاءو فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 226) |
جيڪي پنھنجي زالن (جي صُحبت) کان قسم کڻن تن کي چار مھينا ترسڻو آھي، پوءِ جيڪڏھن (اُنھن ڏانھن اُن وقت ۾) موٽيا ته (ڀلي موٽن) ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو پنهنجي زالن ڏي وڃڻ کان قسم کڻي ٿا ويهن تن لاءِ چئن مهينن جي مهلت آهي. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ مدت جي اندر پنهنجيءَ زال ڏي وڃن ته بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. (اها طلاق نه چئبي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ماڻهو قسم کڻن ٿا ته پنهنجن عورتن ڏانهن نه ويندا، انهن کي چئن مهينن جي مهلت آهي، پوءِ جيڪڏهن ان دوران موٽيا ته بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي (ماڻهو) پنهنجي زالن (وٽ وڃڻ) کان قسم کڻن ٿا تن کي چار مهينا مهلت آهي، پوءِ جيڪڏهن اهي پنهنجي قسم کان (انهيءَ عرصي ۾) باز آيا ته بيشڪ خدا گهڻو معاف ڪندڙ ۽ نهايت رحم واور آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن لاءِ جو قسم ٿا کڻن پنهنجين زالن سان ترسڻ آهي چار مهينا پوءِ جيڪڏهن موٽيا ته پوءِ بيشڪ الله بخشيندڙ، مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي پنهنجي زالن (وٽ وڃڻ) کان قسم ٿا کڻن تن کي چار مهينا انتظار ڪرڻو آهي. پوءِ جيڪڏهن اهي پنهنجي قسم کان ڦريا ته بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ماڻهن لاءِ جي پنهنجي زالن وٽ نه وڃڻ جو قسم کڻي ويهن ٿا چئن مهينن جي مهلت آهي. پوءِ جي (ان مدت ۾) موٽيا ته پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن لئي، ته سندنِ زالن کان، قسم وجھن ڪنهن ڪاڻ، چار مهينا ترسڻو، پوءِ، جي پرتا پاڻ، ته صاحب سُرت سڄاڻ، مرهيندڙ، مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي پنهنجي زالن وٽ وڃڻ کان قسم کائين، انهن کي چار مهينا ترسڻو آهي، پوءِ جي هو ٺهي ويا، ته الله بخشڻهار مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو پنهنجي زالن سان لاڳاپو نه رکڻ جو قسم کڻن ٿا، انهن لاءِ چئن مهينن جي مهلت آهي. جيڪڏهن رجوع ڪيائون ته الله ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحيم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ماڻهو قسم کڻن ٿا پنهنجي عورتن سان تعلق نه رکڻ جو، انهن جي لاءِ چئن مهينن جي مهلت آهي، جيڪڏهن انهن رجوع (موٽ) ڪيو ته الله معاف ڪندڙ رحيم آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻھن پنھنجي گهر وارين سان لاڳاپو نه رکڻ جو قسم کڻي ڇڏيو آهي، هاڻي انهن کي چئن مھينن جي مدت ڏجي ٿي، پوءِ جيڪڏهن هو پنھنجي قسم کي واپس وٺن ته بيشڪ الله تعالى وڏو بخشيندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن عَزَمُوا الطَّلٰقَ فَإِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 227) |
۽ جيڪڏھن طلاق جو پڪو ارادو ڪيائون (ته ڀلي ڪن) ڇوته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪڏهن (ائين نه ٿي سگهي) اهي مرد طلاق جو پڪو ارادو ڪن (ته پوءِ طلاق ٿي چڪي) پر ياد رکو ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (يعني الله تعاليٰ طلاق کي پسند نٿو ڪري).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن ڇڏي ڏيڻ جو پڪو ارادو ڪيو اٿن پوءِ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن طلاق جو قصد ڪيائون ته (به) خدا بيشڪ (سڀ ڪنهن جي) ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن پڪو ارادو ڪيائون طلاق جو پوءِ بيشڪ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن طلاق جو قصد ڪيائون ته بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن طلاق جو پڪو ارادو ڪيائون ته پوءِ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تِهانپوءِ طلاق جو، جي ڪيائون پَھ پڪو، ته سائينءَ تان صدقو، سو سڻندڙ ۽ سُڄاڻ گھڻو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي طلاق جو پڪو ارادو ڪن، ته بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن انهن طلاق ڏيڻ تي ئي سندرو ٻڌو آهي ته ڄاڻي ڇڏيو ته الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن انهن طلاق تي ئي ضد ڪيو آهي ته کين معلوم هجي ته الله سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن هو طلاق ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن ته پوءِ (سمجهي ڇڏين ته) بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالمُطَلَّقٰتُ يَتَرَبَّصنَ بِأَنفُسِهِنَّ ثَلٰثَةَ قُروءٍ وَلا يَحِلُّ لَهُنَّ أَن يَكتُمنَ ما خَلَقَ اللَّهُ فى أَرحامِهِنَّ إِن كُنَّ يُؤمِنَّ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَبُعولَتُهُنَّ أَحَقُّ بِرَدِّهِنَّ فى ذٰلِكَ إِن أَرادوا إِصلٰحًا وَلَهُنَّ مِثلُ الَّذى عَلَيهِنَّ بِالمَعروفِ وَلِلرِّجالِ عَلَيهِنَّ دَرَجَةٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 228) |
۽ طلاق ڏنلون زالون پاڻ کي (ٻئي نڪاح ڪرڻ کان) ٽي حيض جھلين، ۽ جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃينديون آھن ته الله سندن ڳڀيرڻن ۾ جيڪي (ٻار يا حيض) پيدا ڪيو آھي سو کين لڪائڻ روا نه آھي، ۽ اِن (مدت) ۾ سندن مڙس جيڪڏھن سڌارو گھرن ته سندن موٽائڻ جا وڌيڪ حقدار آھن، ۽ جھڙا (مُڙس جا حق) اُنھن (زالن) تي آھن تھڙا اُنھن (زالن) جا (حق مڙسن تي) چڱيءَ ريت سان آھن، مُڙسن کي مٿن وڏو مانُ (يعني حڪومت) آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن عورتن کي سندن مڙسن طلاق ڏني هجي انهن کي ٽن ماهانه حيضن تائين پاڻ کي (ٻئي نڪاح ڪرڻ کان) روڪڻ گهرجي (يعني ٽن مهينن اندر عورت ٻيو نڪاح ڪري نٿي سگهي.) ۽ جيڪڏهن اهي عورتون الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿيون ته هنن لاءِ جائز ناهي ته جا شيءِ الله تعاليٰ هنن جي پيٽ ۾ خلقي آهي سا لڪائي ڇڏين (ڇو ته جيڪڏهن ٻار پيٽ ۾ آهي ته پوءِ عدت تيستائين هلندي جيستائين ٻار ڄمي ممڪن آهي ته ٻار ئي زال مڙس جي ٺهڻ جو سبب بڻجي وڃي) ۽ انهن جي مڙسن کي حق آهي ته جيڪڏهن انهي عدت جي اندر صلح ۽ ٺاهه لاءِ تيار ٿي وڃن ته پوءِ طلاق ڏنل زال کي پنهنجي زال ڪري ڏسن. عورتن کي به مردن تي اهڙائي حق آهن جهڙا مردن کي عورتن تي ته هڪ ٻئي سان چڱي هلت هلن. البت مردن کي عورتن تي هڪڙو درجو وڌيڪ ڏنو ويو آهي. (ڇو ته عورت نازڪ ۽ ضعيف آهي. مرد کيس سنڀالي ۽ حفاظت ڪري ٿو) الله تعاليٰ وڏي شان وارو ۽ حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ طلاق ڏنل عورتون ٽن حيضن تائين پنهنجن نفسن کي روڪين، ۽ انهن لاءِ حلال نه آهي جو لڪائين اهوجيڪو الله تعالى انهن جي پيٽن ۾ پيدا فرمايو آهي، جيڪڏهن اهي الله تعالى ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿيون، ۽ انهن جا مرد وڌيڪ حقدار آهن انهن جي موٽائڻ جي وقت ۾ بشرطيڪ نيڪيءَ جو ارادو رکن ٿا، ۽ عورتن جا مردن تي شريعت مطابق حق آهن جيئن مردن جا عورتن تي، پر مردن کي عورتن تي فضيلت آهي، ۽ الله تعالى غالب حڪمت وارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ طلاق ڏنل زالون پاڻ کي ٽن حيضن تائين ترسائين ۽ انهن کي جائز نه آهي ته جيڪي خدا سندن رحم (پيٽ) ۾ پيدا ڪيو آهي سو لڪائين، جيڪڏهن اهي الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿيون. ۽ ان (مدت) ۾ سندن مڙس انهن جي موٽائڻ جا زياده حقدار آهن، جيڪڏهن اهي سڌاري جو ارادو ڪن ۽ انهن (زالن) جو به (اهڙو) حق آهي جهڙو زالن تي (سندن مڙسن جو) حق آهي دستور موافق. ۽ مڙسن جو مٿن درجو (حڪومت) آهي. ۽ الله زبردست حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ طلاق ڏنلون (زالون) انتظار ڪرائن پاڻ کي.ي حيض ۽ نه ٿو حلال ٿئي انهن لاءِ ته لڪائن جيڪي پيدا ڪيو الله انهن جي ڳڀيرڻن ۾ جيڪڏهن ايمان اٿن الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ سندن مڙس وڌيڪ حقدار آهن سندن موٽائڻ جا ان (مدت) ۾ جيڪڏهن ارادو ٿا ڪن سڌاري جو. انهن (زالن) لاءِ اهڙائي (حق) آهن جهڙا انهن تي (مڙسن جا حق آهن) چڱائيءَ سان ۽ مردن کي انهن تي فضيلت آهي ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ طلاق ڏنل زالون پاڻ کي ٽن حيضن تائين ترسائين. ۽ انهن کي جائز نه آهي ته جيڪي الله سندن ڳڀيرڻين ۾ پيدا ڪيو آهي سو لڪائين. جيڪڏهن اهي الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿيون. ۽ ان (مدت) ۾ سندن مڙس انهن جي موٽائڻ جا زياده حقدار آهن جيڪڏهن اهي سڌاري ڪرڻ جو ارادو ڪن. ۽ انهن (زالن) جو به (اهڙو) حق آهي جهڙو انهن (زالن) تي حق آهي دستور موافق ۽ مڙسن کي مٿن درجو (يعني حڪومت) آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) طلاق يافته عورتون پنهنجو پاڻ کي روڪن ٽن حيضن تائين. ۽ انهن لاءِ حلال ناهي جو ان کي لڪائن جيڪو الله انهن جي پيٽن ۾ پيدا ڪيو آهي اگر اُهي الله تي ۽ قيامت واري ڏينهن تي ايمان رکن ٿيون. ۽ انهن جا مڙس وڌيڪ حقدار آهن جو ان مدت ۾ انهن کي واپس موٽائن جي انهن اصلاح جو ارادو ڪيو آهي. ۽ دستور مطابق عورتن جا به مردن مٿان ائين حق آهن جيئن مردن جا عورتن تي آهن ۽ البته مردن کي عورتن تي فضيلت آهي ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) طلاق واريون ترسنديون، ٽي گنديون بي گمان، نه رَوا تِنين، ته رکن ڳُجھو، جو جوڙِيَنِ، ربَّ منجھ جان، جي آڻينِ ٿِيون اِيمان، الله ۽ آخر ڏينهن تي. ۽ حق سندنِ، حقدار، وڌيڪ سندن وارڻ ۾، جي انهن ۾، سُڌاري، صلح جو، ورتئون لڪو ويچار، ۽ اُنهن لئي به، جھڙو اُنهن مَٿي، ڀلائئَ جو بار، ۽ مرتبو مردن جو، ٻايَنِ تي ٻيهار، ۽ صاحب ربُّ ستار، سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) طلاق ڏنليون پاڻ کي ٽن حيضن تائين انتظار ۾ رکن، ۽ جي آخرت کي مڃين ٿيون ته جيڪو سندن پيٽ ۾ الله خلقيو آهي، سو لڪائڻ جائز نه اٿن. ان مدت ۾ کين موٽائي وٺڻ جا سندن مڙس ئي حقدار آهن، جي اهي سلوڪ جو ارادو رکن ٿا ۽ عورتن جو به مردن تي ايئن حق آهي، جيئن مردن جو مٿن دستور موجب حق آهي، پر مردن کي مٿن درجو مليل آهي ۽ الله زبردست حڪمت وارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن عورتن کي طلاق ڏنل هجي، اهي ٽي حيض اچڻ تائين پاڻ کي جهلي رکن ۽ انهن لاءِ اهو جائز نه آهي ته الله سندن رحمن (ڳڀيرڻين) ۾ جيڪي ڪجهه خلقيو آهي ان کي لڪائن، انهن کي ائين بلڪل نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن انهن جو الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آهي. ۽ سندن مڙس لاڳاپا وري ڳنڍڻ چاهين ته هو انهيءَ عدت جي عرصي ۾ کين وري پنهنجي زال جي حيثيت ۾ موٽائي آڻي سگهن ٿا. عورتن لاءِ به مڃيل طريقي سان اهڙائي حق آهن جهڙا مردن جا حق انهن تي آهن. البت مردن کي مٿن ڪجهه مرتبو حاصل آهي ۽ سڀني تي الله وڏي اقتدر وارو ۽ حڪمت ۽ دانائيءَ وارو موجود آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن عورتن کي طلاق ڏني وئي هجي، اهي ٽي ڀيرا ماهواري جي ڏينهن اچڻ تائين پنهنجو پاڻ کي روڪين، ۽ انهن جي لاءِ جائز نه آهي ته الله انهن جي رحمن (ڳڀيرڻ) ۾ پيدا ڪيو آهي، ان کي لڪائن، انهن کي ائين ڪرڻ نه گهرجي، اهي جي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿيون، ۽ انهن جا مڙس تعلقات ٺيڪ ڪرڻ تي آماده هجن ته اهي انهيءَ عدت جي دوران انهن کي وري پنهنجي زال ڪري رکڻ ۾ واپس وٺڻ جا حقدار آهن، عورتن جي لاءِ پڻ ڄاتل طريقي سان اهڙا ئي حق آهن، جهڙا مردن جا حق انهن تي آهن، البته مردن کي انهن تي درجو حاصل آهي، ۽ الله غالب حڪمت وارو داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) طلاق ڏنل عورتن کي گهرجي ته (ٻيو نڪاح ڪرڻ کان)هو ٽي حيض اچڻ تائين پنھنجو پاڻ کي روڪين. جيڪڏهن هو الله تعالى ۽ قيامت جي ڏينھن تي ايمان رکن ٿيون ته کين پنھنجي پيٽ ۾ جيڪو ڪجهه آهي، ان کي لڪائڻ نه گهرجي، ۽ جيڪڏهن انهن جا مڙس صلح لاءِ آماده ٿين ته هو ان عدت دوران ساڳي نڪاح ۾ کين گهر واريءَ طور رکي سگهن ٿا. (شرط هي آهي ته هڪ يا ٻه طلاقون ڏنل هجن) عورتن کي به اهي حق حاصل آهن، جيڪي ڪنھن مرد کي حاصل آهن. پر مرد کي (بھرحال) هڪ درجو وڌيڪ حاصل آهي (جو هو گهر وارين جو ڪفالت ڪندڙ آهي بيشڪ) الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الطَّلٰقُ مَرَّتانِ فَإِمساكٌ بِمَعروفٍ أَو تَسريحٌ بِإِحسٰنٍ وَلا يَحِلُّ لَكُم أَن تَأخُذوا مِمّا ءاتَيتُموهُنَّ شَيـًٔا إِلّا أَن يَخافا أَلّا يُقيما حُدودَ اللَّهِ فَإِن خِفتُم أَلّا يُقيما حُدودَ اللَّهِ فَلا جُناحَ عَلَيهِما فيمَا افتَدَت بِهِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَعتَدوها وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 229) |
طلاق (رجعي پورا) ٻه ڀيرا آھي، پوءِ چڱيءَ طرح سان جھلڻ يا اِحسان سان ڇڏڻ (لازم) آھي، ۽ جيڪو کين ڏنو اَٿوَ تنھن مان ڪجھ (ورائي) وٺڻ اوھان کي ھن (حالت) کان سواءِ حلال نه آھي جو ٻئي الله جي حدن کي نه پوري ڪرڻ کان ڊڄن، پوءِ جيڪڏھن (اي مسلمانؤ) اوھين ڊڄو ته ٻئي الله جي حدن کي پورو ڪري نه سگھندا ته (زال) جيڪا شي عيوض ۾ ڏئي تنھن (جي ڏيڻ وٺڻ) ۾ ٻنھي تي گناھ نه آھي. اِھي الله جون حدون آھن اُنھن کان لنگھي نه وڃو، ۽ جيڪي الله جي حدن کان لنگھي ويندا سي ئي ظالم آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) طلاق (جنهن کان پوءِ وري رجوع ڪري سگهجي ٿو) ٻه ڀيرا ٿي سگهي ٿي. پوءِ مرد يا ته انصاف ۽ چڱيءَ سلوڪ سان زال کي پاڻ وٽ زال ڪري رکي يا ته (ٽيون ڀيرو طلاق ڏيئي) سهڻي سلوڪ سان هن کان جدا ٿئي ۽ توهان جي لاءِ جائز ناهي ته جيڪي توهان پنهنجي زالن کي (مهر ۽ ٻيون سوکڙيون، زيور، ڪپڙا وغيره) ڏيئي ڇڏيو آهي تنهن مان ڪجهه طلاق ڏيڻ وقت موٽائي وٺو. پر جيڪڏهن ٻنهي کي انديشو ٿئي ته الله جا ٺهرايل حق ۽ واجب ادا ٿي نه سگهندا (ته پوءِ هڪ ٻئي سان انهن ڏنل شين بابت راضي نامون ڪري سگهن ٿا.) پوءِ توهان کي سچ پچ اهڙو انديشو هجي ته الله جا ٺهرايل حق ۽ واجب ادا ٿي نه سگهندا ته پوءِ ٻنهي تي ڪو گناه ناهي، جيڪڏهن زال (پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ) عيوضي ۾ ڪجهه ڇڏي ڏئي. (۽ مڙس اهو وٺي جدا ٿيڻ تي راضي ٿي وڃي) ۽ ياد رکو ته اهي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن پوءِ متان انهن کان ٻاهر قدم کڻو. جيڪو به الله تعاليٰ جي ٺهرايل حدن کان ٻاهر ويندو ته پوءِ اهڙا ئي ماڻهو آهن جي ظلم ڪندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) طلاق ته فقط ٻه دفعا آهي، پوءِ نيڪيءَ سان روڪڻ آهي يا احسان سان ڇڏڻ آهي ۽ توهان کي حلال ناهي جيڪو ڪجهه توهان عورتن کي ڏنو آهي ان مان ڪجهه واپس وٺو مگر جڏهن زال ۽ مڙس کي خوف آهي ته الله جون حدون قائم نه ڪري سگهندا، پوءِ جيڪڏهن توهان کي خوف آهي ته زال مڙس الله تعالى جون حدون قائم نه ڪري سگهندا ته پوءِ انهن تي گناه ناهي جو ڪجهه بدلو ڏيئي طلاق ڏئي، اهي الله تعالى جون حدون آهن پوءِ انهي کان اڳيان نه وڃو، ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي حدن کان وڌي وڃن ٿا پوءِ اهي ئي ظالم آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) طلاق (رجعي، جنهن کان پوءِ رجوع ٿي سگهي ٿي) ٻه ڀيرا ئي آهي، پوءِ يا ته (شريعت جي موافق) چڱي طرح روڪڻ يا ڀلائي سان (ٽيون دفعو) بلڪل ڇڏڻ لازم آهي ۽ جيڪي اوهان انهن (زالن) کي ڏنو آهي تنهن مان ڪجھ موٽائي وٺڻ اوهان کي جائز نه آهي. مگر جو اهي ٻئي (زال مڙس) خدا جي حڪمن کي قائم نه ڪرڻ کان ڊڄن. پوءِ جيڪڏهن اوهين ڊڄو ته اهي ٻئي خدا جا حڪم ادا ڪري نه سگهندا ته پوءِ زال پنهنجي بدلي ۾ جيڪي ڏنو تنهن (جي ڏيڻ وٺڻ) ۾ انهن ٻنهين تي ڪو گناھ نه آهي. اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن پوءِ انهن کان لنگهي نه وڃو. ۽ جيڪي الله جي حدن کان لنگهي ويندا سي ئي ظالم آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) طلاق ٻه ڀيرا آهي پوءِ روڪڻ آهي چڱائيءَ سان يا ڇڏڻ آهي مهربانيءَ سان ۽ نه ٿو حلال ٿئي اوهان لاءِ جو وٺو ان مان جو ڏني اوهان انهن کي ڪا شيءِ مگر جي ڊڄن ٿا ته نه قائم ڪري سگهندا حدون الله جون پوءِ جيڪڏهن ڊڄو ٿا ته نه قائم ڪري سگهندا حدون الله جون پوءِ ناهي گناھ انهن ٻنهي تي ان ۾ جو فديو ڏئي (عورت) ان سان اهي حدون الله جون آهن پوءِ نه اڳتي وڌو انهن کان ۽ جيڪي اڳتي وڌن ٿا حدن الله جي کان پوءِ اهي ئي ظالم آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. طلاق ٻه ڀيرا آهي پوءِ يا ته چڱيءَ ريت روڪڻ يا ڀلائيءَ سان ڇڏڻ (لازم) آهي. ۽ جيڪي اوهان انهن (زالن) کي ڏنو آهي تنهن مان ڪجهه موٽائي وٺڻ اوهان کي جائز نه آهي. مگر جو اهي ٻئي (زال ۽ مڙس) الله جي حڪمن کي قائم نه ڪرڻ کان ڊڄن. پوءِ جيڪڏهن اوهين ڊڄو ته اهي ٻئي الله جا حڪم ادا ڪري نه سگهندا ته پوءِ زال پنهنجي بدلي ۾ جيڪي ڏنو تنهن (جي ڏيڻ وٺڻ) ۾ انهن ٻنهين تي ڪو گناهه نه آهي. اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن پوءِ انهن کان لنگهي نه وڃو. ۽ جيڪي الله جي حدن کان لنگهي ويندا سي ئي ظالم آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) طلاق (رجعي) ٻه ڀيرا آهي پوءِ ڀلائي سان رکڻ يا احسان سان ڇڏي ڏيڻ آهي. ۽ اوهان لاءِ جائز ناهي جو جي شيون انهن کي ڏئي چڪا آهيو انهن مان ڪجهه واپس وٺو، سواءِ هن جي جو ٻنهين کي ڊپ ٿئي جو الله جون حدون قائم رکي نه سگهندا. پوءِ جي اوهان کي ڊپ هجي ته ٻئي الله جي حدن کي قائم رکي نه سگهندا ته (ان حال ۾) انهن ٻنهين تي ڪو گناهه ناهي جو زال ڪجهه بدلو ڏئي پاڻُ آزاد ڪرائي. اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن پوءِ اوهان اُهي نه اورانگهيو . ۽ جيڪو الله جون حدون اورانگهي ته پوءِ اُهي ئي ظالم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) طلاق آهي ٻه دفعا، پوءِ وارڻ سين وهنوار، يا نبيرو نيڪئَ سان ؛ ۽ حلال نه اوهان هار، جو هُن کي ڏِنان هيڪار، ورِي وَٺو ڪجھ، تنهن منجھان. مگر ڀانتئون مورهين، اِهو خوف خطر، ته حدون هادئَ پاڪ جون، نه پاريندا ڪنهن پر، اوهين به ڊِنان، ته الله جي، نه هلندا حڪمن سر، پوءِ ڏوه نه اُنهن تي، ان ۾، ته مِقدار ڪو مقرر، ٻيهر ڏنو ٻَير، بدلو بِدا جي باب ۾. اِهي دنگ ڌڻئَ جا، پوءِ مَٽيو نه، تن کان مور، ڌڻئَ جي دنگن کي، جو مَٽيندو مغرور، ظالم سي ضرور، آزاريندڙ اصلئين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) طلاق ٻن ڀيرن تائين آهي، پوءِ يا ته دستور موجب رکڻو آهي يا چڱيءَ طرح ڇڏي ڏيڻو آهي. ۽ جيڪا مهر اوهان ڏني اٿن، ان مان ڪجهه به وٺڻ روا نه اٿوَ. سواءِ انهيءَ جي، جڏهن ٻئي الله جي حدن کي قائم نه رکي سگهڻ کان ڊڄن پر جيڪڏهن ڊڄو، ته هو الله جون حدون قائم نه رکي سگهندا ته مٿن ڪو گناهه نه آهي ته عورت بدلو ڏئي ڇٽي وڃي. اهي الله جون حدون آهن، تنهن ڪري انهن کان اڳتي نه وڌو ۽ جيڪي الله جي حدن کان اڳتي وڌندا ته اهي ئي ظالم آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) طلاق ٻه ڀيرا آهي پوءِ يا سڌي سنئين نموني ۾ زال کي جهلي ويهارجي يا سهڻي نموني ۾ کيس موڪل ڏيئي ڇڏجي ۽ موڪل ڏيندي وقت توهان لاءِ اهو جائز ناهي ته جيڪو توهان کين ڏئي چڪا آهيو، ان مان ڪجهه موٽائي وٺو. پر اها صورت ان حڪم کان ٻاهر آهي، جو زال ۽ مڙس کي اهو ڊپ هجي ته هو الله جي حدن تي قائم رهي نه سگهندا، پوءِ جيڪڏهن توهان کي ڊپ هجي ته هو ٻئي الله جي حدن تي قائم نه رهي سگهندا ته زال پنهنجي مڙس کي ڪجهه عيوضو ڏئي جان ڇڏائي، ٻنهي جي وچ ۾ ان ڏيڻ وٺڻ ۾ ڪو گناهه ڪونهي، اهي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن، جن کي نه اورانگهيو ۽ جيڪي ماڻهو الله جي حدن کي اورانگهيندا اهي ئي ظالم آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) طلاق ٻه ڀيرا آهي، پوءِ يا ته سڌيءَ طرح عورت کي روڪيو وڃي يا وري چڱي طريقي سان ان کي ڇڏيو وڃي ۽ رخصت ڪرڻ وقت توهان جي لاءِ اهو جائز ناهي ته توهان جو ڪجهه ان کي ڏنو آهي، ان مان ڪجهه واپس وٺو. البته اها صورت الڳ آهي ته زال مڙس کي الله جي حدن تي قائم نه رهي سگهڻ جو انديشو هجي، اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن توهان کي هي خوف هجي ته ٻئي الله جي حدن تي قائم نه رهندا، ته کين هن معاملي ۾ حرج ڪونهي ته عورت مڙس کي ڪجهه معاوضو ڏئي جدا ٿي وڃي، هي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن، انهن کان اڳتي نه وڌو. جيڪي ماڻهو الله جي حدن کان وڌن ٿا، اهي ئي ظالم آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (واپس وٺڻ جي صورت ۾) طلاق جو استعمال رڳو ٻه ڀيرا آهي، پوءِ يا ته گهر واريءَ کي سھڻي طريقي سان پاڻ وٽ رکو، يا چڱيءَ طرح کيس رخصت ڪريو. رخصت ڪرڻ وقت توهان ان کان ڪابه شيءِ واپس نٿا وٺي سگهو، جنهن جي هوءَ مالڪياڻي آهي. (چاهي مَھَرُ ، زيور يا ڪپڙا وغيره ڇو نه هجن). پوءِ جيڪڏهن زال ۽ مڙس کي اهو کٽڪو هجي ته هو ٻئي الله تعالى جي حدن تي قائم نه رهي سگهندا (يعني زال ۽ مڙس جي حيثيت ۾ نڀاءُ نه ٿي سگهندو، ته پوءِ ڳالهيون ٿين ۽ انهن ڳالهين ۾) جيڪڏهن عورت پنھنجي مڙس کي ڪجهه عيوضو ڏئي عليحدگي (يعني خلع) حاصل ڪري، ته ان ۾ ڪو به گناهه نه آهي. هي سڀ حڪم الله تعالى جون مقرر ڪيل حدون آهن سو هاڻي جيڪو به الله تعالى جي حدن کي ٽوڙيندو ته اهي ماڻهو ظالمن ۾ شمار ڪيا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن طَلَّقَها فَلا تَحِلُّ لَهُ مِن بَعدُ حَتّىٰ تَنكِحَ زَوجًا غَيرَهُ فَإِن طَلَّقَها فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يَتَراجَعا إِن ظَنّا أَن يُقيما حُدودَ اللَّهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ يُبَيِّنُها لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 230) |
پوءِ جيڪڏھن اُن کي (ٽين) طلاق (به) ڏنائين ته اُن کانپوءِ (اُھا زال) اُن کي (ايستائين) حلال نه ٿيندي جيستائين (اُھا) ٻيو مُڙس پرڻي، پوءِ جيڪڏھن (اُن به) کيس طلاق ڏني ته جيڪڏھن ٻئي (ڄڻا) الله جي حدن کي قائم رکي سگھڻ (جي پڪ) ڀانئين ٿا ته (تڏھن پاڻ ۾ نڪاح ڪري) موٽن ته ٻنھي تي گناھ نه آھي، ۽ اِھي اَلله جون حدون آھن اُنھن کي اُن قوم لاءِ بيان ڪندو آھي جي ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪڏهن ڪنهن شخص ٽئين طلاق به ڏني ته پوءِ ان کي اها زال جائز ناهي جيستائين ڪنهن ٻئي مرد سان نڪاح نه ڪري پوءِ جيڪڏهن ٻيو مڙس به (پنهنجي خوشيءَ سان) کيس طلاق ڏيئي ڇڏي (۽ اڳيون مڙس ۽ زال پاڻ ۾ راضي ٿي وڃن) ته پوءِ هڪ ٻئي ڏانهن رجوع ٿي سگهن ٿا. ان ۾ انهن لاءِ ڪو گناه ڪونهي بشرطيڪ ٻنهي کي اميد هجي ته الله تعاليٰ جي ٺهرايل حدن تي قائم رهي سگهندا، اهي الله جون ٺهرايل حدون آهن جن کي الله انهن ماڻهن لاءِ چٽيون ڪري ٿو، جيڪي (زندگيءَ جون مصلحتون) ڄاڻن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن ٽَئي طلاقون ڏنائين ته هاڻي اها عورت ان لاءِ حلال ناهي جيستائين ٻئي مڙس سان نڪاح ڪري گڏ نه رهي، پوءِ ٻيو مڙس جيڪڏهن ان کي طلاق ڏئي ته انهن ٻنهي تي گناه ناهي جو پاڻ ۾ ملي وڃن جيڪڏهن يقين اٿن ته الله جون حدون قائم ڪندا، ۽ اهي الله تعالى جون حدون آهن جن کي عقلمندن لاءِ بيان فرمائي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن ان کي (ٽين) طلاق (بائن به) ڏنائين ته ان کان پوءِ اها (زال) ان لاءِ حلال نه ٿيندي جيستائين ڪنهن ٻئي مڙس سان نڪاح نه ڪري. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ به هن کي طلاق ڏني ته انهن ٻنهين تي هن ۾ ڪو گناھ نه آهي، جو وري پاڻ ۾ (نڪاح سان) ملي وڃن. جيڪڏهن اهي ٻئي خيال ڪن ٿا ته الله جي حڪمن کي قائم رکي سگهندا ۽ اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن جن کي سمجهدار ماڻهن لاءِ صاف صاف بيان ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن (ٽين) طلاق ڏنائين ان کي ته پوءِ نه ٿي حلال ٿئي ان لاءِ تانجو نڪاح ڪري (ٻئي) مڙس سان ان کان سواءِ پوءِ جيڪڏهن طلاق ڏنائين ان کي (ٻئي مڙس) پوءِ ناهي گناھ انهن ٻنهي تي جو موٽي (وري نڪاح ڪن) جيڪڏهن خيال ٿا ڪن ته قائم ڪندا حدون الله جون ۽ اهي الله جون حدون آهن بيان ٿو ڪري انهن کي انهن ماڻهن لاءِ جو ڄاڻن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن ان کي (ٽين) طلاق (به) ڏنائين ته ان کان پوءِ اها ان لاءِ حلال نه ٿيندي جيستائين ڪنهن ٻي مڙس سان نڪاح نه ڪري. پوءِ جيڪڏهن هن به ان کي طلاق ڏني ته انهن ٻنهين تي هن ۾ ڪو گناهه نه آهي جو وري پاڻ ۾ (نڪاح سان) ملي وڃن جيڪڏهن اهي ٻئي خيال ڪن ٿا ته الله جي حڪمن کي قائم رکي سگهندا. ۽ اهي الله جون حدون آهن جن کي ان قوم لاءِ بيان ڪري ٿو جيڪي ڄاڻن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن زال کي (ٽئين ڀيري) طلاق ڏنائين ته ان کان پوءِ اها ان تي حلال نه ٿيندي ايستائين جو ان جو نڪاح ڪنهن ٻئي مرد سان ٿئي. پوءِ جي اهو (ٻيو مڙس به) ان کي طلاق ڏئي ڇڏي ته پوءِ ٻنهين (يعني پهريون مڙس ۽ ساڳي زال) تي گناهه ناهي جو (دوباره) هڪ ٻئي ڏانهن موٽن جي سمجهن ٿا ته الله جون حدون قائم رکي سگهندا. ۽ اهي الله جون حدون آهن، جيڪي علم وارن لاءِ پڌريون ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي طلاق ڏنائين، تنهن کي، پوءِ مٿس نه مور مباح، تان وڃِي حَق نڪاح، ڪندِي ٻِي، ڪنهن ڪانڌ سان. پوءِ، جي تنهن طلاق ڏنيس، ته مورنه مَٿنِ ميار، ته ورِي پرڻجن پاڻ ۾، اِن آسري آڌار، ته حدون هادئَ پاڪ جون، ڪندا برقرار؛ ۽ حدون هاديءَ پاڪ جون، آهن اِهي اظهار، ٿو کولينِ خلقڻهار، جي سمجھن، تنهن ساٿ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جي هن (ٽيون ڀيرو) طلاق ڏنيس ته ان کانپوءِ اها ان لاءِ حلال نه آهي جيسين ٻئي سان نڪاح نه ڪري. پوءِ جي اهو به طلاق ڏئيس ته پوءِ اڳئين تي گناهه نه آهي جو وري پاڻ ۾ ملي وڃن جيڪڏهن ڀانئن ٿا، ته الله جون حدون قائم رکي سگهندا. اهي الله جون حدون آهن، جي هو علم ڄاڻن وارن لاءِ بيان ڪري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جيڪڏهن ان کي (ٻه ڀيرا طلاق ڏيڻ کان پوءِ ٽيون ڀيرو به) طلاق ڏيئي ڇڏي ته پوءِ اها عورت ان لاءِ حلال نه رهندي، سواءِ ان جي جو ان جو نڪاح ڪنهن ٻئي شخص سان ٿئي ۽ اهو کيس طلاق ڏئي. پوءِ جيڪڏهن (اڳيون مڙس ۽ اها عورت) ٻئي ائين سمجهن ته الله جي حدن تي قائم رهي سگهندا ته انهن لاءِ هڪ ٻئي ڏانهن موٽي پوڻ (وري نڪاح ڪرڻ) ۾ ڪو گناهه ڪونهي، اهي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن، جن کي هو انهن ماڻهن جي هدايت لاءِ کولي بيان ڪري رهيو آهي، جيڪي (سندس حدن کي ٽوڙڻ جي نتيجي کان) واقف آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (ٻه ڀيرا طلاق ڏيڻ بعد مڙس زال کي ٽيون ڀيرو) طلاق ڏئي ڇڏي ته اها عورت ٻيهر ان لاءِ حلال نه ٿيندي، سواءِ ان جي ته سندس نڪاح ڪنهن ٻئي شخص سان ٿئي ۽ اهو ان کي طلاق ڏئي، پوءِ پهريون مڙس۽ هي عورت ٻئي سمجهن ته الله جي حدن تي قائم رهندا، ته کين هڪ ٻئي ڏانهن موٽڻ ۾ ڪو نقصان نه آهي. هي الله جون حدون آهن هدايت لاءِ، ٽوڙڻ وارا نتيجو ڄاڻن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ٻن طلاقن کان پوءِ جيڪڏهن مڙس، زال کي ٽين طلاق ڏني، ته هاڻي زال کي پاڻ وٽ رکڻ حرام آهي. ها باقي جيڪڏهن عورت عدت ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪنھن ٻئي مرد سان شادي ڪئي، پوءِ اهو مڙس کيس (پنھنجي مرضيءَ سان) طلاق ڏئي، ته پوءِ هوءَ وري پھرين مڙس سان نڪاح ڪري سگهي ٿي. اهو خيال ڪري ته هاڻي هو ٻئي، الله تعالى جي مقرر ڪيل حدن جو چڱيءَ طرح لحاظ رکندا. اهي ئي ته اهي حدون آهن، جيڪي الله تعالى ماڻھن کي سمجهائڻ خاطر بيان ڪري ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَبَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو سَرِّحوهُنَّ بِمَعروفٍ وَلا تُمسِكوهُنَّ ضِرارًا لِتَعتَدوا وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ وَلا تَتَّخِذوا ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم وَما أَنزَلَ عَلَيكُم مِنَ الكِتٰبِ وَالحِكمَةِ يَعِظُكُم بِهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 231) |
۽ جڏھن زالن کي (ٻه ڀيرا) طلاق ڏيو پوءِ اُھي پنھنجي (عدت جي) مدي کي (اچي) پھچڻ لڳن ته (تڏھن يا) اُنھن کي چڱيءَ ريت سان رکو يا اُنھن کي چڱيءَ ريت سان ڇڏيو، ۽ ڏکوئڻ لاءِ کين نه جھليو نه زيادتي ڪريو، ۽ جيڪو ائين ڪندو تنھن بيشڪ پاڻ تي ظلم ڪيو، ۽ الله جي حُڪمن کي ٺـٺوليون ڪري نه وٺو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو ۽ جيڪي اوھان تي ڪتاب ۽ دانائيءَ مان لاٿائين جنھن سان اوھان کي نصيحت ڏيندو آھي (اُھو احسان به ياد ڪريو)، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن توهان پنهنجي زال کي طلاق ڏيو تڏهن يا ته عدت جي اندر هنن کي چڱي طريقي سان پاڻ وٽ زال ڪري رهايو يا ته (آخري طلاق بعد) چڱي طريقي سان هن کي اماڻي ڇڏيو. ائين نه ٿئي جو هنن کي نقصان پهچائڻ لاءِ روڪي رکو ۽ مٿس ظلم ڪيو. (نڪي زال ڪري وهاريو، نڪي وڃڻ ڏيوس جيئن اڳي بت پرست عرب ڪندا هئا) جيڪو ائين ڪندو سو پنهنجو ئي نقصان ڪندو. ائين نه ڪيو جو الله جي حڪمن کي کيل تماشو بنائي ڇڏيو (اڄ نڪاح ڪيو سڀاڻي طلاق ڏني) پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪيو. الله تعاليٰ ڪتاب ۽ حڪمت مان جو ڪجهه نازل ڪيو آهي ۽ جنهن سان اوهان کي چڱيون نصيحتون ڏئي ٿو (سي ڪڏهن نه وسارجو) ۽ الله کان ڊڄو ۽ پڪ ڄاڻو ته بيشڪ الله تعاليٰ کي هر شيءِ جو علم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن توهان عورتن کي طلاق ڏيو پوءِ ان جو وقت پورو ٿيڻ تي پهچي ته انهن کي شريعت مطابق روڪيو يا نيڪيءَ سان ڇڏي ڏيو، ۽ انهن کي تڪليف ڏيڻ لاءِ نه روڪيو جو حد کان وڌو، ۽ جيڪو ايئن ڪري ٿو اُهو پنهنجو ئي نقصان ڪري ٿو، ۽ الله تعالى جي آيتن کي مذاق نه بنايو، ۽ ياد ڪريو الله جي نعمت جيڪا توهان تي آهي ۽ ڪتاب ۽ حڪمت توهان تي انهيءَ لاءِ نازل فرمايائين جو انهيءَ جي ذريعي نصيحت حاصل ڪريو ۽ الله تعالى کان خوف ڪريو ۽ توهان يقين ڪريو بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اوهان زالن کي (ٻه ڀيرا) طلاق ڏني ۽ انهن جي عدت پوري ٿيڻ تي اچي ته (يا ته) دستور موافق کين جهليو يا دستور موافق انهن کي سٺي نموني رخصت ڪريو ۽ انهن کي تڪليف پهچائڻ لاءِ نه روڪيو ته جيئن (وري هنن تي) ڏاڍ ڪرڻ لڳو ۽ جو ائين ڪندو ته ان پاڻ تي ظلم ڪيو. ۽ خدا جي آيتن کي مسخري ڪري نه سمجهو. ۽ پاڻ تي الله جي عنايت ڪيل نعمتن کي ياد ڪريو. ۽ جيڪو ڪتاب ۽ علم اوهان تي نازل ڪيو اٿس جنهن سان اوهان کي نصيحت ڪري ٿو. ۽ خدا کان ڊڄندا رهو ۽ ياد رکو ته خدا هر شيءَ جو ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن طلاق ڏيو عورتن کي پوءِ پورو ڪن مدو پنهنجو پوءِ جهليو انهن کي چڱائيءَ سان يا ڇڏيو انهن کي چڱائيءَ سان ۽ نه جهليو انهن کي نقصان ڏيڻ لاءِ تانته زيادتي ڪيو ۽ جيڪو ڪندو اها (زيادتي) پوءِ بيشڪ ظلم ڪيائين پاڻ تي ۽ نه وٺو آيتن الله جي کي مذاق ڪري ۽ ياد ڪيو الله جي نعمت (جيڪا) اوهان تي آهي ۽ (ياد ڪيو) جيڪو لاٿائين اوهان تي ڪتاب ۽ حڪمت، نصيحت ٿو ڪري اوهان کي ان سان ۽ ڊڄو الله کان ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اوهان زالن کي (ٻه ڀيرا) طلاق ڏني پوءِ اهي پنهنجي (عدت جي) مدي کي ويجهو پهتيون تڏهن (ياته) دستور موافق کين جهليو يا دستور موافق انهن کي ڇڏي ڏيو ۽ انهن کي ڏکوئڻ لاءِ نه جهليو ته جيئن مٿِن زيادتي ڪريو. ۽ جيڪو اهو (ڪم) ڪندو ته ان پاڻ تي ظلم ڪيو. ۽ الله جي آيتن کي مسخري ڪري نه وٺو. ۽ پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو، ۽ جيڪو ڪتاب ۽ علم اوهان تي نازل ڪيو اٿس جنهن سان اوهان کي نصيحت ڪري ٿو (تنهن کي به ياد ڪريو) ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته بيشڪ الله سڀ ڪنهن شئي کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن توهان پنهنجي زالن کي (رجعي) طلاق ڏيو پوءِ پنهنجي عدت کي پهچن ته (هاڻي) کين چڱي نموني سان (زوجيت ۾) رکو يا چڱي نموني سان ڇڏي ڏيو ۽ انهن کي تڪليف ڏيڻ لاءِ روڪي نه رکو. جو (انهن سان) زيادتي ڪندا رهو ۽ جيڪو ائين ڪري ٿو ته ان پنهنجي جان تي ظلم ڪيو. ۽ الله جي آيتن کي ڀوڳ نه بنايو. ۽ الله جي نعمت کي ياد ڪيو جا اوهان تي ڪيائين ۽ جيڪو اوهان تي ڪتاب ۽ حڪمت لاٿائين جن سان توهان کي نصيحت ڪري ٿو. ۽ الله کان ڊڄو ۽ پڪ ڄاڻو ته الله هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن جويون ڇڏيان، پوءِ پُهتيون، پنهنجي کڻ، پوءِ ڳَنديون ساڻ ڳُڻ، يا ڳُڻ سان ڳَنڍيون ڇوڙيون. ۽ نه جوکي لئي، تن جھليو، تان لنگھو حدکان هاڻ، ۽ جو اِيئن ڪندو، تنهن ڪيون، جاڙون سندِس جئَ ساڻ؛ ۽ مُور نه بنايو مَسخرِي، آگي جا اُهڃاڻ، ۽ ساريو سَهنج سُڄان!، اوهان ساڻ، الله جا. پڻ اوهان تي اُتاريو، جو پرور پاڪ ڪتاب، ۽ سمجھ، سمجھائـِينِيان، جنهن سان، بِلاباب، ۽ ڪريو ڪِري ڪريم کان ۽ سمجھو برصواب، پڪ سان پاڪ جناب، سمجھندڙ سڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن عورتن کي طلاق ڏنؤ، پوءِ اهي سندن عدت پوري ڪرڻ تي هجن، ته انهن کي دستور موجب رکو، يا چڱيءَ طرح ڇڏي ڏيو ۽ انهن کي ڏکوئڻ لاءِ حد کان وڌيڪ روڪي نه رکو. جيڪو ايئن ڪندو، سو پنهنجو ئي نقصان ڪندو. الله جي آيتن کي مسخري ڪري نه سمجهو، اوهان تي الله جي ڪيل نعمت ياد ڪريو ۽ جيڪي ڪتاب ۽ حڪمت مان موڪليائين (ان کي به). اوهان کي ان جي نصيحت ڪري ٿو. الله کان ڊڄندا رهو ۽ سمجهي ڇڏيو ته الله هر هڪ ڳالهه کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن توهان زالن کي طلاق ڏيو ٿا ۽ سندن عدت پوري ٿيڻ واري هجي ته پوءِ يا ته ڀلي نموني ۾ کين ويهاريو يا سهڻي نموني ۾ کين ڇڏي ڏيو. ستائڻ خاطر کين نه جهليندا ڪريو جو اها ڏاڍائي ٿيندي ۽ جيڪو ائين ڪندو اهو حقيقت ۾ پاڻ تي ئي ظلم ڪندو. الله جي آيتن کي رؤنشو نه بڻايو ۽ اها ڳالهه نه وساري ڇڏيو ته الله ڪيڏي نه وڏي نعمت سان توهان کي نوازيو آهي. هو توهان کي نصيحت ٿو ڪري ته جيڪو ڪتاب ۽ جيڪا حڪمت هن توهان تي نازل ڪئي آهي انهن جو لحاظ ڪريو، الله کان ڊڄو ۽ چڱيءَ طرح ڄاڻي ڇڏيو ته الله کي هر ڳالهه جي خبر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن توهان عورتن کي طلاق ڏئي ڇڏيو ۽ انهن جي عدت پوري ٿيڻ تي اچي، پوءِ يا ته انهن کي سهڻي طريقي سان روڪيو يا بهتر طور کين رخصت ڪري ڇڏيو، فقط ستائڻ لاءِ انهن کي نه روڪجو ڇو ته اها زيادتي هوندي، ۽ جيڪو ائين ڪندو، ته يقينًا اهو پنهنجو پاڻ تي ئي ظلم ڪندو، ۽ نه بڻايو الله جي آيتن کي تماشو ۽ اهو نه وساريو ته الله ڪهڙي نعمت سان توهان کي نوازيو آهي اهو توهان کي نصيحت ڪري ٿو ته جيڪو ڪتاب ۽ حڪمت توهان تي نازل ڪيل آهي، ان جو احترام ڪريو، الله کان ڊڄو ۽ خبردار رهو ته الله کي هر شيءِ جو علم آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن توهان گهر وارين کي ٻه طلاقون ڏيو، ته پوءِ جڏهن اهي عدت پوري ٿيڻ جي ويجهو پھچن، ته کين يا ته سھڻي طريقي سان پاڻ وٽ رکو، يا کين سھڻي طريقي سان ٽين طلاق ڏئي رخصت ڪري ڇڏيو. باقي تنگ ڪرڻ خاطر، ان کي روڪي رکڻ زيادتي ۾ شمار ٿيندو ۽ جيڪو به ايئن ڪندو سو درحقيقت پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪندو. الله تعالى جي حڪمن کي مذاق نه سمجهو. الله تعالى جي نعمتن کي ياد ڪريو، جيڪي هن توهان تي ڪيون آهن ۽ جيڪو ڪتاب ۽ حڪمت هن توهان ڏانھن نازل ڪئي آهي، ان جي ذريعي اوهان کي نصيحت ڪري ٿو ته الله تعالى کان ڊڄندا رهو. ۽ اهو به سمجهي ڇڏيو ته الله تعالى هر شيءِ کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَبَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَلا تَعضُلوهُنَّ أَن يَنكِحنَ أَزوٰجَهُنَّ إِذا تَرٰضَوا بَينَهُم بِالمَعروفِ ذٰلِكَ يوعَظُ بِهِ مَن كانَ مِنكُم يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكُم أَزكىٰ لَكُم وَأَطهَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 232) |
۽ جڏھن زالن کي طلاق ڏيو پوءِ پنھنجي (عدت جي) مُدّت کي پھچن ته کين پنھنجن مُڙسن سان پرڻجڻ کان نه جھليو جڏھن ته پاڻ ۾ چڱيءَ ريت سان راضي ٿين، اِھو (حُڪم) آھي جيڪو اوھان مان الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃي تنھن کي اُن سان نصيحت ڏجي ٿي، اِھو (حُڪم) اوھان کي صاف ڪندڙ ۽ بلڪل پاڪ ڪندڙ آھي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن اوهان عورتن کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي ۽ هنن پنهنجي عدت پوري ڪئي آهي ته پوءِ جيڪڏهن اهي مناسب طريقي سان ڪنهن سان نڪاح ڪرڻ چاهين، جڏهن ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ راضي آهن، (ته اهڙيءَ صورت ۾) توهان هنن کي هرگز نه روڪيو، توهان منجهان جيڪو به الله ۽ آخرت ۾ ايمان رکي ٿو، تنهن کي هن حڪم جي وسيلي نصيحت ڪئي وڃي ٿي. انهيء ۾ توهان جي لاءِ وڌيڪ برڪت ۽ پاڪائي آهي. الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو پر توهان نٿا ڄاڻو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن توهان عورتن کي طلاق ڏيو پوءِ انهن جي عدت پوري ٿئي ته پوءِ نه روڪيو انهن کي نڪاح ڪرڻ کان سندن مڙسن سان جنهن وقت پاڻ ۾ شريعت مطابق رضامند هجن، اها نصيحت توهان مان انهيءَ لاءِ آهي جيڪو الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان رکي ٿو، اهو توهان لاءِ زياده صاف ۽ بلڪل پاڪ آهي، ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو ۽ توهان نٿا ڄاڻو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اوهان زالن کي طلاق ڏني پوءِ اهي جڏهن پنهنجي (عدت جي) مدت کي پهتيون تڏهن انهن کي سندن (ٻين) مڙسن سان نڪاح ڪرڻ کان نه روڪيو، جنهن وقت اهي پاڻ ۾ شريعت جي مطابق راضي ٿين. اوهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي جيڪو اوهان مان الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو، اهو (ڪم) اوهان لاءِ گهڻو سٺو ۽ زيادھ پاڪ آهي. ۽ (ان جي خوبي) خدا وڌيڪ ڄاڻي ٿو ۽ اوهان (اهڙو) نه ٿا ڄاڻو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن طلاق ڏيو زالن کي پوءِ پورو ڪن مدو پنهنجو پوءِ نه روڪيو انهن کي (هن ڳالھ کان) جو نڪاح ڪن پنهنجن مڙسن سان جڏهن راضي ٿيا پاڻ ۾ چڱائيءَ سان اها نصيحت ڪيو ٿو وڃي ان سان اوهان مان اهو جنهن ايمان آندو الله تي ۽ قيامت تي اهو وڌيڪ صاف آهي اوهان لاءِ ۽ وڌيڪ پاڪ ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اوهان زالن کي طلاق ڏني پوءِ اهي پنهنجي (عدت جي) مدي کي پهتيون. تڏهن انهن کي سندن (ٻين) مڙسن سان نڪاح ڪرڻ کان نه روڪيو، جنهن وقت اهي پاڻ ۾ دستور جي موافق راضي ٿين. اها ان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي جيڪو اوهان مان الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو. اهو (ڪم) اوهان لاءِ گهڻو سٺو ۽ زياده پاڪ آهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نه ٿا ڄاڻو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اوهان زالن کي طلاق ڏني پوءِ پنهنجي مدت پوري ڪيائون ته (اي وارثو)انهن کي پنهنجي (زيرِ تجويز) مڙسن سان نڪاح ڪرڻ کان نه روڪيو جڏهن اُهي پاڻ ۾ (نڪاح ڪرڻ لاءِ) دستور مطابق راضي ٿي وڃن. هي نصيحت ان کي ڪئي وڃي ٿي اوهان مان جيڪو الله تي ۽ قيامت واري ڏينهن تي ايمان رکي ٿو. هي اوهان لاءِ شائسته ۽ پاڪيزه ڳالهه آهي ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن جويون ڇڏيان، پوءِ کُڻ پنهنجي، پُهتيون پاڻ، پوءِ ڏاڻ نه ڏيونِ، هن کان، ته ڪن حق پنهنجا هاڻ، جڏهن ٺهيا پاڻ ۾، نيڪ نموني ساڻ، اِهي اوهان مان، اُن کي، آڇا وڃن اُهڃاڻ، ته ڏاتار مَڃي، ۽ ڏينهن ٻئو، جو اچڻو اِن پُڃاڻ، پاڪ ۽ پوتر گھڻو، اِهو اوهان ڪاڻ، ۽ صاحب سُرت سڄاڻ، ڄاڻي، نه ڄاڻو اوهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اوهان عورتن کي طلاق ڏني ۽ هو پنهنجي عدت پوري ڪن ته انهن کي سندن مڙسن سان نڪاح ڪرڻ کان نه روڪيو، جڏهن هو پاڻ ۾ دستور موجب راضي ٿين. جيڪو اوهان مان الله ۽ قيامت تي يقين رکي ٿو، ان کي ان ڳالهه جي نصيحت ڪئي وڃي ٿي. اها ڳالهه اوهان لاءِ تمام سٺي ۽ وڌيڪ پاڪ آهي ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ توهين نه ٿا ڄاڻو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن توهان پنهنجي زالن کي طلاق ڏني ۽ هنن پنهنجي عدت به پوري ڪئي ته پوءِ ان ۾ ڪابه رنڊڪ نه وجهو ته هو جنهن سان به وڻين نڪاح ڪن، جڏهن هو معروف نموني ۾ هڪ ٻئي جي مرضيءَ سان نڪاح ڪرڻ چاهين. اها توهان کي نصيحت ٿي ڪجي ته ائين ڪڏهن به نه ڪجو، جيڪڏهن توهان الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو آهي. اهوئي توهان لاءِ براين کان پاڪ ۽ پاڪائي پيدا ڪندڙ طريقو آهي، الله ئي ٿو ڄاڻي، توهان نٿا ڄاڻو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن توهان پنهنجي عورتن کي طلاق ڏئي ڇڏيو ۽ اهي پنهنجي عدت پوري ڪن، ته پوءِ انهن کي نه روڪيو ته هو پنهنجي تجويز ڪيل مڙسن سان نڪاح ڪن، جڏهن ته اهي پاڻ ۾ نڪاح ڪرڻ تي راضي آهن ڄاتل طريقي سان، توهان کي نصيحت ٿي ڪجي ته اهڙي حرڪت ڪڏهن نه ڪجؤ اگر توهان ايمان آڻڻ وارا آهيو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي. توهان لاءِ سهڻو ۽ پاڪيزه طريقو اهو آهي ته انهن کان پري رهو، الله ڄاڻي ٿو توهان نٿا ڄاڻو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان پنھنجي گهر وارين کي (رجعي يعني واپس وٺڻ واري نيت سان) طلاق ڏئي چڪا آهيو، پوءِ جيڪڏهن هو عدت پوري ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان ساڳي مڙس سان ٻيھر (يا ڪنھن ٻئي ماڻهوءَ سان) نڪاح ڪرڻ گهرن، ته والدين کي گهرجي ته هو انهن جي نڪاح ۾ رنڊڪ نه وجهن، جڏهن ته هو ٻئي نڪاح ڪرڻ تي راضي به هجن. الله تعالى ۽ قيامت جي ڏينھن تي ايمان رکڻ وارن کي اها نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته توهان لاءِ سھڻو ۽ پاڪيزه طريقو اهو ئي آهي، (ته اهڙي حرڪت کان مڙي وڃو) الله تعالى سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، اوهان کي ڪنھن به معاملي جي اصل حقيقت جي ڪا به خبر نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالوٰلِدٰتُ يُرضِعنَ أَولٰدَهُنَّ حَولَينِ كامِلَينِ لِمَن أَرادَ أَن يُتِمَّ الرَّضاعَةَ وَعَلَى المَولودِ لَهُ رِزقُهُنَّ وَكِسوَتُهُنَّ بِالمَعروفِ لا تُكَلَّفُ نَفسٌ إِلّا وُسعَها لا تُضارَّ وٰلِدَةٌ بِوَلَدِها وَلا مَولودٌ لَهُ بِوَلَدِهِ وَعَلَى الوارِثِ مِثلُ ذٰلِكَ فَإِن أَرادا فِصالًا عَن تَراضٍ مِنهُما وَتَشاوُرٍ فَلا جُناحَ عَلَيهِما وَإِن أَرَدتُم أَن تَستَرضِعوا أَولٰدَكُم فَلا جُناحَ عَلَيكُم إِذا سَلَّمتُم ما ءاتَيتُم بِالمَعروفِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 233) |
۽ مائر پنھنجن ويائن کي پورا ٻه ورھيه ٿڃ پيارين (اِھو حُڪم) اُنھيءَ لاءِ آھي جيڪو ٿڃ پيارڻ جي مُدّت پُوري ڪرڻ گُھري، ۽ اُنھن (مائرن) جي خوراڪ ۽ اُنھن جي پوشاڪ ھليءَ چليءَ وانگر پيءُ تي آھي، ڪنھن کي سندس وس کان وڌيڪ تڪليف نه ٿي ڏجي، ماءُ کي وياءُ سببان تڪليف نه ٿي ڏجي ۽ نڪي پيءُ کي وياءُ سببان (تڪليف ڏجي)، ۽ وارث تي (به) اھڙو ئي (حق) آھي، پوءِ جيڪڏھن ٻئي پنھنجي رضامندي ۽ صَلاح سان (ٻار جي ٿڃ) ڇڏائڻ گھرن ته مٿن گناھ نه آھي، ۽ جيڪڏھن پنھنجي اولاد کي (ٻئي کان) کير پيارڻ گھرو ته جڏھن اوھان ھليءَ چليءَ وانگر (پياريندڙ کي) جيڪي ڏيڻو ڪيو سو پھچايو تڏھن اوھان تي ڪو گناھ نه آھي، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (جيڪڏهن طلاق ڏنل عورت کي ٻار ڄاول هجي) ته ٻار کي پورا ٻه سال ٿڃ پياري، ٻار جي انهيءَ پيءِ تي لازم آهي ته انهيءَ عرصي لاءِ ٻار جي ماءِ کي کاڌو پيتو، لٽو ڪپڙو مناسب طرح ڏئي. ڪنهن به شخص کي سندس وسعت کان وڌيڪ تڪليف ڏيڻي ناهي، نه ماءُ کي سندس ٻچي سببان ڪو نقصان پهچايو وڃي، نه پيءُ کي انهي ٻچي سببان. (پر جيڪڏهن والد فوت ٿي وڃي ته) سندس وارث انهيءَ عورت (جي کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي وغيره) جو اهڙيءَ طرح انتظام رکي جهڙيءَ طرح پيءُ کي مناسب آهي، پر جيڪڏهن ٻئي (پيءُ ۽ ماءُ) پاڻ ۾ راضي ٿي صلاح مصلحت سان ٿڃ (مدت کان اڳي) ڇڏِرائين ته پوءِ مٿن گناه ڪونهي ۽ جيڪڏهن اوهان چاهيو ته پنهنجي ٻچن لاءِ (ڪنهن ٻي عورت جي) ٿڃ جو انتظام ڪيو ته ان ۾ به اوهان تي ڪو گناه ڪونهي، بشرطيڪ جيڪي ماءُ کي ڏيڻو ڪيو هو سو دستور موجب انصاف سان ان جي حوالي ڪيو. (وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته هر حال ۾) الله تعاليٰ جو خوف رکو ۽ يقين ڪيو ته جيڪي به توهان ڪيو ٿا سو بلاشبه الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو پيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مائون پنهنجن ٻارن کي پورا ٻه سال کير پيارين انهي لاءِ جيڪا ماءُ کير جي مدت پوري ڪرڻ گهري ۽ پيءُ تي انهن عورتن جو کارائڻ ۽ ڍڪائڻ آهي شريعت مطابق، ماڻهو کي سندس وس کان وڌيڪ تڪليف نه ڏني وڃي، نٿي تڪليف ڏني وڃي ماءُ ۽ پيءُ کي سندس ٻار بابت، ۽ وارث تي به ساڳيا حق آهن، پوءِ جيڪڏهن ماءُ ۽ پيءُ پاڻ ۾ راضي ٿي مشورو ڪري ٻار جو کير ڇڏائن ته انهن تي ڪوبه گناه ڪونهي ۽ توهان جيڪڏهن ارادو ڪريو داين کان ٻارن کي کير پيارڻ جو ته به توهان تي ڪو گناه ناهي جيڪڏهن توهان انهن کي ڏنو جيڪو ڏيڻو هو شريعت مطابق، ۽ الله تعالى کان ڊڄو ۽ توهان يقين ڪريو بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (طلاق ڏيڻ کان پوءِ) جو ماڻهو پنهنجي ٻار کي پورا ٻه سال ٿڃ پيارن گهرجي ته ان جي ڪري مائرون پنهنجي اولاد کي پورا ٻه سال کير پيارين. ۽ انهن (مائرن) جو کاڌو ۽ ڪپڙو دستور موافق ان (مرد) تي آهي جنهن جو ٻار آهي. ڪنهن کي به سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نٿي ڏني وڃي. نه ماءُ کي پنهنجي ٻار جي ڪري ۽ نه پيءُ کي سندس ٻار جي ڪري نقصان پهچايو وڃي ۽ وارث تي به اهڙو ئي (حق) آهي. پوءِ جيڪڏهن ٻئي پنهنجي رضامندي ۽ صلاح سان (اڳ) ٿڃ ڇڏائڻ گهرن ته مٿن ڪو به گناھ نه آهي ۽ جيڪڏهن اوهين پنهنجي اولاد کي (ڪنهن دائي کان) ٿڃ پيارڻ گهرو ٿا ته اوهان تي ڪو گناھ نه آهي، جڏهن اوهان کي جو ڪجھ دستور موجب ڏيڻو آهي، سو (انهن جي) حوالي ڪيو! ۽ الله کان ڊڄندا رهو ۽ ياد رکو ته توهين جو ڪجھ ڪريو ٿا خدا پڪ ڏسي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مائرون کير پيارين اولاد پنهنجي کي ٻه سال پورا (هيءَ مدت) ان لاءِ آهي جو ارادو ڪري ته پوري ڪري کير (جي مدت) ۽ پيءُ تي انهن جو کاڌو ۽ لباس آهي چڱائي سان نه تڪليف ڏنو ويندو ڪوبه شخص مگر ان جي وسعت موافق نه نقصان ڏني وڃي ماءُ سببان اولاد پنهنجي ۽ نه پيءُ سببان اولاد پنهنجي ۽ وارث تي به ان جهڙي (ذميداري) آهي.وءِ جيڪڏهن ارادو ڪيو ٻنهي کير ڇڏائڻ جو رضامندي ۽ مشوري سان پوءِ ناهي ڪو گناھ انهن ٻنهي تي ۽ جيڪڏهن ارادو ڪيو ته کير پيارايو (دائيءَ کان) پنهنجي اولاد کي ته پوءِ ناهي گناھ اوهان تي جڏهن ادا ڪيو جيڪي ڏيڻو ڪيو هُيُوَ چڱائيءَ سان ۽ ڊڄو الله کان ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مائرون پنهنجي اولاد کي پورا ٻه ورهيه کير پيارين. (هي حڪم) ان لاءِ آهي جيڪو ٿڃ پيارڻ جي مدت پوري ڪرڻ گهري ٿو ۽ انهن (مائرن) جو کاڌو ۽ ڪپڙو دستور جي موافق ان تي آهي جنهن جو ٻار آهي. ڪنهن کي به سندس طاقت کان زياده تڪليف نه ٿي ڏني وڃي، نه ماءُ کي پنهنجي ٻار جي ڪري ۽ نه پيءُ کي سندس ٻار جي ڪري نقصان پهچايو وڃي ۽ وارث تي به اهڙو ئي (حق) آهي. پوءِ جيڪڏهن ٻئي پنهنجي رضامندي ۽ صلاح سان (اڳ) ٿڃ ڇڏائڻ گهرن ته مٿن ڪو به گناهه نه آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين پنهنجي اولاد کي (ڪنهن ٻئي کان) ٿڃ پيارڻ گهرو ته اوهان تي ڪو گناهه نه آهي جڏهن اوهان کي جو ڪجهه دستور موجب ڏيڻو آهي سو (انهن جي) حوالي ڪيوَ. ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مائرون پنهنجي اولادن کي پورا ٻه سال کير پيارن هي (حڪم) ان لاءِ آهي جيڪو کير پيارڻ جي مدت پوري ڪرڻ چاهي ٿو. ۽ جنهن جو ٻار آهي ان تي دستور مطابق انهن (کير پياريندڙ مائرن) جي خوراڪ ۽ پوشاڪ آهي. (مگر) ڪنهن جان کي ان جي سهپ کان مٿي تڪليف نه ڏني وڃي. ماءُ کي سندس ٻار جي ڪري تڪليف نه ڏني وڃي ۽ نه پيءُ کي سندس ٻار جي ڪري، ۽ وارثن مٿان به ائين ئي (حڪم) آهي. پر جي ٻئي (ماءُ ۽ پيءُ) هڪ ٻئي جي رضا ۽ مشوري سان کير ڇڏائڻ چاهن ته پوءِ انهن تي ڪو گناهه نه آهي. ۽ جي اوهان پنهنجي اولاد کي (دائي کان) کير پيارڻ جو ارادو ڪيو ته پوءِ اوهان تي ڪو گناهه نه آهي جڏهن اوهان جو ڪجهه دستور مطابق ڏيندا آهيو سو ڏيو. ۽ الله کان ڊڄندا رهو ۽ ڄاڻو ته جو ڪجهه توهان ڪيو ٿا الله ان کي ڏسڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَمڙ سندنِ اولاد کي، پاڻ پيارينِ کِير، پڪا، پورا ٻه ورهيه، اُن لئي، وڻي جنهن وِير، ته سانڍيو وڃي صَغِير، مدت مقرر کير جي. ۽ جنهن جو ڄاول ٻار، ته موجب راڄاريت جي، اَٽو لَٽو اُنهئَ جو، برسر مٿسِ بار، ڪنهن ٻائـِي، سندس ٻار سان، ڪَس ڏيڻ نه ڪار، نه ٻَڙي، سندس ٻار سان، لوئي ڪبو لاچار، ۽ انهي جي آچار، واجب ورثيدار تي. پوءِ جي وڻيو اُٿوڙڻ اُنهن کي، هڪ ٻئي ۾ ٺهياپاڻ، ۽ صلاح مصلحت ساڻ، ته ڏُوهين مٿي، نه ڏوه ڪو. ۽ جي گھرو، ته سانڍلو کِير تي، اَهنجا ٻچا ٻار، ته ڏوه نه اوهان تي، جڏهن ڏنان، جو باسيان پورهيو پار، موجب رواج راڄ جي؛ ۽ ڏرو ڀر ڏاتار، ۽ سمجھو ته ڪريو جا ڪار، سا ڏسندڙ آھِ، ڏيہ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (طلاق ڏنل) مائون پنهنجن ٻارن کي پورن ٻن سالن تائين ٿڃ پيارين، جيڪو ٿڃ جي مدت پوري ڪرڻ گهري. ٻارن جي پيءُ تي دستور موجب انهن جو کاڌو ۽ ڪپڙو آهي. ڪنهن کي به سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نه ڏني وڃي نه ماءُ کي اولاد جي ڪري تڪليف ڏني وڃي، ۽ نه پيءُ کي سندس ٻچي جي ڪري، ۽ وارث تي به اهڙو ئي حق آهي. ۽ جيڪڏهن هڪٻئي جي راضپي ۽ صلاح سان اڳ ۾ ٿڃ ڇڏائڻ گهرن ته مٿن گناهه نه آهي پر جيڪڏهن پنهنجي اولاد کي ٿڃ پيارڻ چاهيو ۽ اوهين دستور موجب اجورو ڏيو ته پوءِ ڪو گناهه نه آهي. ۽ الله کان ڊڄندا رهو، سمجهي ڇڏيو ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي پيئر چاهيندا هجن ته سندن اولاد ٿـڃ ڌائڻ وارو سمورو عرصو ٿـڃ ڌائي ته مائر پنهنجن ٻارن کي پورا ٻه سال ٿـڃ ڌارائين، انهيءَ صورت ۾ ٻار جي پيءُ کي دستور موجب کين کاڌو پيتو ۽ لٽو ڪپڙو ڏيڻو پوندو، پر ڪنهن تي به سندس وت کان وڌيڪ بار نه وجهڻ کپي. نڪي ماءُ کي ان ڪري تڪليف ۾ وجهو ته ٻار سندس آهي ۽ نه ئي پيءُ کي ان ڪري تنگ ڪبو ته ٻار ان جو آهي. (ٿـڃ ڌارائڻ واريءَ جو) اهو حق (جهڙو ٻار جي پيءُ تي آهي تهڙو ئي) سندس (ٻار جي) وارث تي به آهي، پر جيڪڏهن ڌريون هڪ ٻئي جي رضامندي ۽ صلاح سان ٿـڃ ڇڏائڻ گهرن ته ائين ڪرڻ ۾ به ڪو گناهه ڪونهي ۽ جيڪڏهن توهان جو خيال پنهنجي اولاد کي ڪنهن ڌاريءَ عورت کان ٿـڃ ڌارائڻ جو هجي ته ان ۾ به ڪو حرج ڪونهي، پر شرط اهو آهي ته جيڪو اجورو توهان طيءِ ڪريو اهو دستور موجب ادا ڪريو. الله کان ڊڄو ۽ اها ڳالهه ڄاڻي ڇڏيو ته جيڪي ڪجهه به توهان ڪيو پيا، سو سڀ الله جي نظر ۾ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي پيءَ چاهين ته سندن اولاد کير پيئڻ جي پوري مدت کير پيئندا رهن، ته مائرون پنهنجن ٻارن کي مڪمل ٻن سالن تائين کير پيارين، انهيءَ صورت ۾ ٻار جي پيءَ کي انهن کي کاڌو، ڪپڙو ڏيڻو پوندو ڄاتل طريقي سان، پر ڪنهن تي به سندس وسعت کان وڌيڪ بار نه وجهڻ گهرجي، نه ماءُ کي ان سلسلي ۾ تڪليف ۾ وجهڻ گهرجي ته ٻار ان جو آهي ۽ نه پيءَ کي ان باري ۾ تڪليف ڏجي ته ٻار ان جو آهي. کير پياريندڙ ماءُ جو اهو حق جهڙو ٻار جي پيءُ تي آهي اهڙو ئي ان جي وارث تي به آهي، پر جيڪڏهن ٻئي ڌريون رضامندي ۽ مشوري سان کير ڇڏائڻ چاهين ته ائين ڪرڻ ۾ حرج ناهي، پر توهان جو خيال اولاد کي ڪنهن غير عورت کان کير ڏيارڻ جو هجي ته ان ۾ به حرج ڪونهي، پر شرط ان سان ته ڪجهه معاوضو طئي ڪريو، اهو ڄاتل طريقي سان ادا ڪريو. ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته جيڪي توهان ڪريو ٿا اهو سڀ الله جي نظر ۾ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (زال ۽ مڙس جي جدا ٿيڻ کان پوءِ) ماءُ ۽ پيءُ جي حيثيت ۾، جيڪڏهن هو چاهين ته ماءُ ٻارن کي پورن ٻن سالن تائين کير پياري سگهي ٿي، پر ماءُ جو کائڻ پيئڻ، اَٽي ۽ لٽي جو سمورو خرچ پکو، ٻار جي پيءُ تي هوندو. (پيءُ کان به مناسب حيثيت مطابق خرچ ورتو وڃي) اهڙيءَ طرح نه ماءُ کي ٻار بابت ڪا تڪليف ڏني وڃي ۽ نه پيءُ کي ٻار جي ڪري تنگ ڪيو وڃي، ڇو ته ڪنھن به جان کي ان جي برداشت کان وڌيڪ تڪليف نه ٿي ڏني وڃي. جيڪڏهن ٻار جو پيءُ موجود نه آهي ته ان جا وارث خرچ ڏيڻ جا پابند آهن، پر جيڪڏهن زال مڙس پاڻ ۾ رضا خوشيءَ سان کير ڇڏائڻ گهرن ٿاته ڇڏائي سگهن ٿا، ان ۾ ڪو به گناهه نه آهي. پنھنجي ٻار کي ڌاري عورت جو کير به پياري سگهو ٿا. پر اهي سڀ معاملا شروع کان وٺي آخر تائين باقاعده سھڻي نموني سان طئي ٿيڻ کپن. هر وقت الله تعالى جو خوف رکو، توهان چڱيءَ طرح سمجهي ڇڏيو ته الله تعالى اوهان جي هڪ هڪ عمل کي چڱي طرح ڏسي رهيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يُتَوَفَّونَ مِنكُم وَيَذَرونَ أَزوٰجًا يَتَرَبَّصنَ بِأَنفُسِهِنَّ أَربَعَةَ أَشهُرٍ وَعَشرًا فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما فَعَلنَ فى أَنفُسِهِنَّ بِالمَعروفِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 234) |
۽ اوھان مان جيڪي مرن ۽ زالون ڇڏين ته اُھي (زالون) پاڻ کي چار مھينا ۽ ڏھ ڏينھن ترسائين، پوءِ جڏھن پنھنجيءَ (عدّت جي) مُدّت کي پُھچن تڏھن جيڪي ھليءَ چليءَ وانگر (يعني شرعي نڪاح) پنھنجي حق ۾ ڪن تنھن ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توهان مان ڪي ماڻهو فوت ٿي وڃن ۽ بيوهه زالون ڇڏي وڃن ته انهن بيوهه زالن کي گهرجي ته چار مهينا ۽ ڏهه ڏينهن (وفات جي عدت تائين) پاڻ کي (ٻئي نڪاح کان) روڪي رکن. پوءِ جڏهن اها عدت پوري ڪن تڏهن جيڪي جائز طريقي سان پنهنجي لاءِ ڪن (يعني ٻئي نڪاح جي تياري ڪن) ته ان لاءِ توهان تي ڪو ڏوهه ڪونهي. (يعني انهن کي نڪي ٻئي نڪاح کان منع ڪيو، نڪي وڌيڪ سوڳ ڪرڻ تي مجبور ڪيو) ۽ جيڪي توهان ڪيو ٿا الله تعاليٰ ان جي خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان مان جيڪي فوت ٿين ۽ پنهنجون زالون (بيوه) ڇڏين اهي (عورتون) چار مهينا ۽ ڏهه ڏينهن عدت ۾ ويهن، پوءِ جڏهن انهن جي عدت پوري ٿئي ته انهن تي ڪو به گناه ڪونهي ان معاملي ۾ جيڪو عورتون پنهنجي لاءِ ڪن شريعت مطابق، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان مان جي ماڻهو زالون ڇڏي مرن (تن جون زالون) پاڻ کي (ٻئي نڪاح ڪرڻ کان) چار مهينا ۽ ڏھ ڏينهن ترسائين. پوءِ جڏهن پنهنجي (عدت جي) مدي کي پهچن تڏهين شريعت موافق جو ڪجھ پنهنجي حق ۾ ڪن تنهن ۾ اوهان تي ڪو گناھ نه آهي. ۽ جو ڪجھ توهان ڪريو ٿا خدا ان کان خبردار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪي وفات ڪرايا وڃن اوهان مان ۽ ڇڏين زالون ته انتظار ڪرائين (زالون) پاڻ کي چار مهينا ۽ ڏھ ڏينهن پوءِ جڏهن پهچن پنهنجيءَ (عدت جي) مدت کي پوءِ ناهي گناھ اوهان تي ان ۾ جو ڪيائون پنهنجي حق ۾ چڱائيءَ سان ۽ الله جيڪو به ڪيو ٿا ان جي پوري طرح خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي اوهان مان مرن ۽ زالون ڇڏين (تن جو زالون) پاڻ کي چار مهينا ۽ ڏهه (ڏينهن) ترسائين، پوءِ جڏهن پنهنجيءَ (عدت جي) مدي کي پهچن تڏهن دستور جي موافق جو ڪجهه پنهنجي حق ۾ ڪن تنهن ۾ اوهان تي ڪو گناهه نه آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي توهان مان وفات ڪن ۽ زالون ڇڏي وڃن ته اُهي زالون پاڻ کي چار مهينا ڏهه ڏينهن انتظار ۾ رکن، پوءِ جڏهن پنهنجي عدت پوري ڪن ته (اي وارثو!) اوهان تي ڪو گناهه ناهي جو اُهي پنهنجي باري ۾ دستور مطابق جو به فيصلو ڪن. ۽ اوهان جو ڪجهه ڪيو ٿا الله ان کان خبر وار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَرن جي اوهان منجهان، وَنيون ڇڏي وَر، سي چار مهينا ترسنديون، ڏھ ڏينهن ٻيا ويتر، پوءِ جڏهن، پهتيون پنهنجي کڻ کي، ته ڏوھ نه اوهان سر، جنهن ۾ پنهنجي جان ۾، ڪن نيڪيءَ ساڻ نظر، ۽ جيڪي ڪريو سربسر، آگو آگاه، اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي اوهان مان مري وڃن ۽ سندن زالون ڇڏين ته اهي چار مهينا ڏهه ڏينهن پاڻ کي ترسائين، پوءِ جڏهن عدت پوري ڪن، ته پوءِ جيڪي هو رواج موجب پنهنجي (نڪاح) لاءِ ڪن، ته ان لاءِ اوهان تي ڪو ڏوهه نه آهي ۽ الله اوهان جي سڀني ڪمن کان خبردار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان مان جيڪي وفات ڪري وڃن ۽ سندن پويان سندن زالون جيئريون هجن ته اهي پاڻ کي چار مهينا ڏهه ڏينهن روڪي ڇڏين، پوءِ جڏهن سندن عدت پوري ٿي وڃي ته کين اختيار آهي ته پنهنجي لاءِ معروف طريقي سان جيئن وڻين تيئن ڪن، توهان تي ان بابت ڪا ذميواري ڪانهي. الله توهان سڀني جي عملن کان باخبر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان مان جيڪي ماڻهو مري وڃن، انهن جي پويان جيڪڏهن سندن زالون زنده هجن، ته اهي پاڻ کي چار مهينا ڏهه ڏينهن روڪي رکن، پوءِ جڏهن سندن عدت پوري ٿي وڃي ته انهن کي اختيار آهي، پنهنجي ذات جي باري ۾ جيڪو چاهين اهو ڪن ڄاتل طريقي سان، توهان تي ان جي ڪابه ذميواري ناهي، ۽ الله توهان جي عملن کان باخبر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان مان جيڪي ماڻهو وفات ڪري وڃن ۽ انهن پويان گهر واريون زندهه ڇڏيون آهن ته انهن کي کپي ته هو چار مھينا ۽ ڏهه ڏينھن جي عدت پوري ڪن. جڏهن اها عدت پوري ٿي وڃي ته انهن (بيواهن) کي پنھنجا آئنده جا معاملا مناسب طريقي سان طئي ڪرڻ جو حق حاصل آهي، ان ۾ اوهان تي ڪو گناهه نه آهي. بيشڪ الله تعالى توهان جي سڀني معاملن کان باخبر آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما عَرَّضتُم بِهِ مِن خِطبَةِ النِّساءِ أَو أَكنَنتُم فى أَنفُسِكُم عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم سَتَذكُرونَهُنَّ وَلٰكِن لا تُواعِدوهُنَّ سِرًّا إِلّا أَن تَقولوا قَولًا مَعروفًا وَلا تَعزِموا عُقدَةَ النِّكاحِ حَتّىٰ يَبلُغَ الكِتٰبُ أَجَلَهُ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فى أَنفُسِكُم فَاحذَروهُ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 235) |
۽ زالن جي سڱ ڇڪائڻ بابت (عدت ۾) جيڪي آڇ ڪريو يا دلين ۾ لڪايو تنھن ۾ اوھان تي گناھ نه آھي، الله ڄاتو آھي اوھين اُنھن (زالن) کي سگھو ئي ياد ڪندؤ پر رواجيءَ طرح چئي چوڻ کانسواءِ کين ڳجھو انجام نه ڏيو، ۽ نڪي ايستائين نڪاح جي پڪي نيت ڪريو جيستائين عدت پنھنجيءَ مدت کي پھچي، ۽ ڄاڻو ته جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي تنھنڪري کانئس ڊڄو، ۽ ڄاڻو ته الله بخشڻھار بُردبار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن بيوهه عورتن سان نڪاح ڪرڻ چاهيو تن کي جيڪڏهن اشاري طور پنهنجو ارادو ٻڌايو يا پنهنجي دل ۾ نڪاح جو ارادو لڪائي رکو ته ان ۾ اوهان جي لاءِ گناهه ڪونهي. الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ته ان جو خيال توهان جي دل ۾ ايندو، پر ائين نه ٿئي جو لڪي ڇپي انهن کي (نڪاح جو) وعدو ڏيئي ڇڏيو. پر دستور موجب مناسب ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي ٿي ۽ جيستائين عدت جي مقرر مدت پوري نه ٿئي تيستائين نڪاح جي ڳنڍ ٻڌڻ جو پڪو ارادو نه ڪيو (ڇو ته عدت جي اندر نڪاح جي تياري به جائز ناهي) ۽ يقين ڪيو ته جو ڪجهه اوهان جي دلين ۾ آهي سو الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو. تنهن ڪري سندس خوف رکو ۽ ڄاڻو ته بيشڪ الله تعاليٰ بخشڻ وارو ۽ تحمل وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان تي گناه ناهي انهي ڳالهه ۾ جو پردو رکِي نڪاح جو پيغام عورتن ڏانهن موڪليو يا دلين ۾ لڪايو، الله تعالى ڄاڻي ٿو ته توهان هاڻي انهن جو ذڪر ڪندا، ها! انهن سان خفيه وعدو نه ڪريو مگر شريعت جي قانون مطابق ڳالهايو، ۽ نه انهن سان نڪاح ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪريو جيستائين عدت پنهنجي اندازي کي پهچي، ۽ توهان يقين ڪريو بيشڪ الله تعالى توهان جي دلين جون ڳالهيون ڄاڻي ٿو پوءِ ان کان ڊڄو، ۽ توهان يقين ڪريو بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ بردبار آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان تي هن (ڳالھ) ۾ ڪو گناھ نه آهي، جو (عدت ۾) اشاري سان زالن جي سڱ جي گهر ڪريو يا تنهن جي دلين ۾ لڪائي رکو. خدا کي علم آهي ته اوهين انهن کي ياد ڪندو پر دستور جي موافق ڳالھ ڪرڻ کان سواءِ انهن کي لڪ چپ ۾ (نڪاح جو) وعدو نه ڏيو ۽ نه نڪاح جو پڪو ارادو ڪريو. جيستائين مقرر ڪيل (عدت) پنهنجي پڇاڙي کي نه پهچي ۽ ياد رکو ته جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي تنهن کي خدا پڪ ڄاڻي ٿو. پوءِ ان کان ڊڄندا رهو. ۽ هي سمجهو ته خدا وڏو بخشڻ وارو بردبار آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي گناھ اوهان تي ان ۾ جو اشاري سان چئو پيغام نڪاح جو عورتن سان يا لڪايو پنهنجين دلين ۾ ڄاڻي ٿو الله ته بيشڪ اوهان جلدي ياد ڪندؤ انهن کي ۽ پر نه وعدو وٺجو انهن کان لڪل مگر هيئن جو چئو چوڻ سهڻو ۽ نه پڪو ڪيو معاملو نڪاح جو تانجو پهچي عدت پنهنجيءَ مدت کي ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪو اوهان جي دلين ۾ آهي پوءِ ڊڄو ان کان ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله بخشيندڙ بردبار آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان تي هن (ڳالهه) ۾ ڪو گناهه نه آهي جو (عدت ۾ ) اشاري سان زالن جي سڱ جي گهُر ڪريو. يا پنهنجي دلين ۾ لڪائي رکو. الله ڄاتو ته اوهين انهن کي ياد ڪندو. پر دستور جي موافق ڳالهه ڪرڻ کان سواءِ انهن کي لڪ ڇپ ۾ (نڪاح جو) وعدو نه ڏيو. ۽ نه نڪاح جو پڪو ارادو ڪريو جيستائين مقرر ڪيل (عدت) پنهنجي پڇاڙيءَ کي نه پهچي. ۽ ڄاڻو ته جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي تنهن کي الله ڄاڻي ٿو، پوءِ ان کان ڊڄو. ۽ ڄاڻو ته الله معاف ڪندڙ بردبار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان تي ڪو گناهه ناهي هن ڳالهه ۾ جو (دورانِ عدت) اوهان (بيوه) زالن کي اشاري ۾ نڪاح جو پيغام موڪليو يا اهو (خيال) پنهنجي دلين ۾ لڪايو. الله ڄاڻي ٿو ته اوهان جلد انهن سان ذڪر ڪندؤ ۽ پر انهن سان ڳجهي طرح اهڙو ڪو وعدو نه ڪيو سواءِ هن جي جو دستور مطابق انهن سان ڳالهه ڪيو. ۽ نڪاح جو معاملو پڪو نه ڪيو جيستائين مقرر عدت پنهنجي پڄاڻي تي نه پهچي. ۽ ڄاڻو ته بيشڪ الله اوهان جي دلين جي ڳالهين کي ڄاڻي ٿو پوءِ ان کان ڊڄندا رهو ۽ ڄاڻو ته بيشڪ الله بخشڻهار بردبار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) "۽ ڏوھ نه اوهان تي اُن ۾، جيڪي ظاهر ڪيان ظهور، مڱن مڱڻ، يامَن ۾(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان تي ان لاءِ ڪو ڏوهه نه آهي جو اشاري ۾ انهن زالن کي نڪاح جو پيغام ڏيو، يا اُهو پنهنجي دل ۾ لڪائي رکو. الله کي خبر آهي، ته اوهين جلد انهن سان ذڪر ڪندؤ. مگر ڳجهيءَ طرح انهن کي نڪاح جو وعدو نه ڏئي ڇڏيو، فقط رواج موجب ڪجهه چئو ۽ مقرر وقت پوري ٿيڻ تائين نڪاح جو پڪو ارادو نه ڪريو. ۽ ڄاڻو ته جيڪي اوهان جي دل ۾ آهي، تنهن جي الله کي خبر آهي، تنهنڪري ان کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله بخشڻهار بردبار آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) عدت جي زماني ۾ توهان انهن بيوه عورتن سان شادي ڪرڻ جو ارادو اڻ سڌيءَ طرح ڄاڻايو يا دل ۾ سانڍي رکو، ٻنهي صورتن ۾ ڪوبه گناهه ڪونهي. الله ته ڄاڻي ٿو ته سندن خيال توهان جي دل ۾ ضرور ايندو. پر ڏسجو ڳجهه ڳوهه ۾ پاڻ ۾ ڪوبه واعدو اقرار نه ڪجو، جيڪڏهن ڪا ڳالهه ڪرڻي هجيوَ ته معروف طريقي سان ڪجو. نڪاح واري ڳانڍاپي ڳنڍڻ جو معاملو تيستائين طيءِ نه ڪجو جيستائين عدت پوري نه ٿي وڃي. چڱيءَ طرح ڄاڻي ڇڏيو ته الله توهان جي دلين جا حال به ڄاڻي ٿو، تنهنڪري کانئس ڊڄو ۽ اهو به ڄاڻي ڇڏيو ته الله بردبار آهي. ننڍين ننڍين ڳالهين کي معاف ڪري ڇڏيندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) عدت جي زماني ۾ توهان انهن بيوه عورتن سان مڱڻي جو ارادو اشارن ڪناين ۾ ظاهر ڪريو يا دل ۾ لڪائي رکو، ٻنهي حالتن ۾ ڪوبه حرج ناهي، الله ڄاڻي ٿو ته انهن جو خيال توهان جي دل ۾ نه ايندو، پر ڏسو ڪوبه ڳجهو وعدو نه ڪجؤ ڪابه ڳالهه ڪرڻي آهي ته معروف (ڄاتل) طريقي سان ڪريو ۽ نڪاح ۾ ٻَڌجڻ جو فيصلو ايستائين نه ڪريو، جيستائين عدت پوري نه ٿي وڃي، چڱيءَ طرح ڄاڻو ته الله واقف آهي توهان جي دلين جي حال کان، تنهن ڪري ان کان ڊڄو ۽ اهو به ڄاڻي ڇڏيو ته يقينًا الله وڏو بردبار آهي (ننڍين ڳالهين کي) درگذر ڪندو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) عِدَّتَ واري وقت ۾ بيوه سان نڪاح ڪرڻ لاءِ توهان، ظاهري طرح يا لڪيل طريقي سان سوچيو، ته اهو سوچڻ جائز آهي. الله تعالى کي اها خبر آهي اوهان ضرور (ان بيوه سان اڳي پوءِ) پنھنجي دل جي ڳالهه ڪري وٺندا. پر هڪڙي ڳالهه ياد رکو، ته لڪي لڪي پاڻ ۾ وعدا اقرار نه ڪريو. ڳالهه ڪرڻي آهي ته عام طريقي سان ڪريويعني پنھنجي حقيقي مٽن مائٽن جي ذريعي ڳالهه کي اڳتي وڌايو، نڪاح جو عمل ايستائين نه ڪريو، جيستائين ان جي عدت مڪمل نه ٿئي. الله تعالى توهان جي دلين جي ڳالهه خوب ڄاڻي ٿو. ان کان ئي ڊڄو اهو سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو برداشت ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا جُناحَ عَلَيكُم إِن طَلَّقتُمُ النِّساءَ ما لَم تَمَسّوهُنَّ أَو تَفرِضوا لَهُنَّ فَريضَةً وَمَتِّعوهُنَّ عَلَى الموسِعِ قَدَرُهُ وَعَلَى المُقتِرِ قَدَرُهُ مَتٰعًا بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُحسِنينَ (آيت : 236) |
جيڪڏھن زالن کي (اُنھيءَ وقت) طلاق ڏيو جڏھن اڃا کين ھٿ نه لاتو اَٿوَ يا اُنھن لاءِ ڪابين مُقرر نه ڪيو اَٿوَ ته اوھان تي گناھ ڪونھي، ۽ کين نفعي وٺڻ لاءِ ھليءَ چليءَ وانگر جورو ڏيو، آسودي تي پنھنجي وس آھر ۽ سڃي تي پنھنجي وس آھر آھي، (اِھو ڪم) ڀلارن تي لازم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن (اهڙي حالت پيش اچي جو) توهان عورت کي اڃا هٿ به نه لاتو هجي نڪي اڃا مهر مقرر ڪيو هجي ۽ طلاق ڏيئي ڇڏيو ته توهان تي ڪو گناه ڪونهي، پر ان حالت ۾ (جو مائٽي جون ڳالهيون پڪيون ڪري وري ٽوڙڻ سان عورت کي صدمو يا نقصان پهچي ٿو، تنهنجي عيوض ۾ ضروري آهي ته) عورت کي ڪجهه ڏيو (ايترو ڏيو جيترو حالتن موجب مناسب هجي) شاهوڪار پنهنجي وسعت آهر ڏئي ۽ مسڪين پنهنجي وسعت آهر ڏئي، نيڪ عمل انسانن تي حق آهي ته ائين ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جن عورتن کي توهان هٿ نه لڳايو آهي ۽ انهن لاءِ مهر مقرر ڪيو آهي جيڪڏهن توهان انهن عورتن کي طلاق ڏيڻ چاهيو ٿا ته توهان تي ڪوبه گناه ڪونهي ۽ انهن کي ٽن ڪپڙن وارو وڳو ڏيو، دولتمند پنهنجي طاقت مطابق ۽ غريب پنهنجي طاقت مطابق ڏين شريعت مطابق، ۽ اهو نيڪ ماڻهن تي واجب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اوهان پنهنجي زالن کي هٿ لاتو هجي ۽ نه مهر تي مقرر ڪيو هجيو، ۽ اوهان طلاق ڏني هجي (ته ان به) اوهان تي ڪجھ الزام نه آهي! انهن عورتن سان (دستور موافق) آسودي تي پنهنجي حيثيت موافق آهي ۽ سڃي تي پنهنجي طاقت آهر آهي، دستور جي موافق خرچ ڏيڻو آهي (اهو ڪم) نيڪي ڪندڙن تي لازم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي گناھ اوهان تي جيڪڏهن طلاق ڏيو زالن کي جيستائين نه هٿ لاٿو اٿوَ انهن کي يا نه مقرر ڪَيُوَ انهن لاءِ مهر ۽ خرچ ڏيو انهن کي، وسعت واري تي ان جي اندازي سان ۽ غريب تي ان جي اندازي سان خرچ ڏيڻ چڱي نموني سان آهي نيڪن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان تي ڪو گناهه نه آهي جيڪڏهن اوهان زالن کي (ان وقت) طلاق ڏني جنهن وقت نه ته اوهان اُنهن کي هٿ لڳايو هجي ۽ نه اُنهن لاءِ ڪجهه (مهر) مقرر ڪيو هجيو. ۽ کين ڪجهه ڏيو (جو) آسودي تي پنهنجي طاقت آهر آهي ۽ سُڃي تي پنهنجي طاقت آهر آهي. دستور جي موافق خرچ ڏيڻو آهي (اهو ڪم) نيڪي ڪندڙن تي لازم آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اوهان تي ڪو گناهه نه آهي جي اوهان زالن کي هٿ لائڻ کان اڳ طلاق ڏئي ڇڏي آهي يا انهن لاءِ ڪو مهر مقرر نه ڪيو آهي. انهن کي خرچ پکي لاءِ ڪجھه ڏيو. ڪشادگي واري تي ان جي حيثيت مطابق ۽ تنگدست تي ان جي حيثيت مطابق گذر سفر لاءِ ڪجهه ڏيڻ دستور مطابق آهي. اهو ڀلائي ڪرڻ وارن مٿان حق آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏوه نه اوهان تي، جي ڇڏيان، ٻانهون سي ٻيهار، لَـڳا نه، جن سان لاڳ سندنِ، نه مقرر ڪيان مِقدار، ڏيونِ وَٽو واجبي، سُکيء تي سَگھ هار، پهچ پٽاندر پانهجي، آھِ، بُکـئي تي بار، سُوئـِي نيڪ نِبار، چالو حق چڱن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهين عورتن کي هٿ لڳائڻ ۽ مهر مقرر ڪرڻ کان اڳ ۾ طلاق ڏيو، ته ان لاءِ اوهان تي ڪو گناهه نه آهي ۽ انهن کي ڪجهه خرچ ڏيو، طاقت واري تي ان جي موافق ۽ تنگيءَ واري تي ان جي حال موجب. (اهو) خرچ ڏيڻ دستور موجب آهي. نيڪن تي لازم آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان تي ڪوبه گناهه ڪونهي، جيڪڏهن پنهنجن زالن کي طلاق ڏئي ڇڏيو، هن کان اڳ جو کين هٿ لاتو هجيوَ يا سندن مهر مقرر ٿيو هجي، ان صورت ۾ به کين ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏيڻ گهرجي. آسودو ماڻهو پنهنجي وسعت آهر ۽ غريب ماڻهو پنهنجي وِت آهر معروف طريقي سان ڏئي. اهو حق آهي نيڪ ماڻهن تي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪونهي توهان تي ڪو گناهه جيڪڏهن توهان پنهنجي عورتن کي طلاق ڏيو ان کان پهرين جو انهن کي هٿ لڳائڻ جي نوبت اچي يا مهر مقرر ٿئي. اهڙي صورت ۾ انهن کي ڪجهه ڏيڻ ضرور گهرجي، خوشحال ماڻهو پنهنجي سگهه مطابق ۽ غريب پنهنجي حال سارو معروف (ڄاتل) طريقي سان ڏئي، اهو حق آهي نيڪ ماڻهن تي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اوهان تي ان ڳالهه ۾ ڪو به گناهه نه آهي، ته نڪاح ڪرڻ کان پوءِ پر شاديءَ (يعني صحبت) کان اڳ، جيڪڏهن توهان گهر وارين کي طلاق ڏيئي ڇڏي ۽ مھر مقرر نه ڪيو ويو، ته اهڙي صورت ۾ کين ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ ضروري آهي، خوشحال ماڻهو پنھنجي حيثيت مطابق ۽ غريب ماڻهو پنھنجي وِتَ آهر، سھڻي طريقي سان ادا ڪري. نيڪ ماڻھن تي اهو حق آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن طَلَّقتُموهُنَّ مِن قَبلِ أَن تَمَسّوهُنَّ وَقَد فَرَضتُم لَهُنَّ فَريضَةً فَنِصفُ ما فَرَضتُم إِلّا أَن يَعفونَ أَو يَعفُوَا۟ الَّذى بِيَدِهِ عُقدَةُ النِّكاحِ وَأَن تَعفوا أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَلا تَنسَوُا الفَضلَ بَينَكُم إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 237) |
۽ جيڪڏھن کين ھٿ لائڻ کان اڳ ھن حالت ۾ انھن کي طلاق ڏيو جو ڪابين مُقرّر ڪيو اٿو تنھن جو اَڌ (ڏيڻ لازم آھي) پر جي (زالون) بخشين يا جنھن جي ھٿ ۾ نڪاح جي ڳنڍ آھي (يعني مڙس) سو بخشي (يعني پورو ڏي)، ۽ اوھان جو بخشڻ پرھيزگاريءَ کي ڏاڍو ويجھو آھي، ۽ اوھين پاڻ ۾ نيڪيءَ کي نه وساريو، ڇوته جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪڏهن عورت کي هٿ لڳائڻ کان اڳي طلاق ڏيو ۽ مهر مقر ڪيو هجيو ته انهيءَ حالت ۾ مقرر ڪيل مهر جو اڌ عورت کي ڏيڻ گهرجي، پر ائين ٿي سگهي ٿو ته عورتون پنهنجي خوشيءَ سان معاف ڪري ڇڏين يا مرد جنهن جي هٿ ۾ نڪاح جو رشتو آهي سو پاڻ اڌ رقم باز رکڻ جي بدران سڄو مهر زال کي ڏئي، توهان مرد جيڪڏهن ائين ڪندؤ (يعني اهڙي حالتن ۾ به سڄو مهر ڀري ڏيندؤ) ته اها پرهيزگاري ۽ نيڪ عملي جي ڳالهه آهي، پاڻ ۾ هڪٻئي سان احسان ۽ ڀلائي ڪرڻ ڪڏهن نه وساريو ۽ ياد رکو ته جيڪي جيڪي عمل اوهان ڪيو ٿا سي بيشڪ الله تعاليٰ ڏسي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن عورتن کي توهان هٿ لائڻ کان اڳ ۾ طلاق ڏني ۽ انهن لاءِ ڪجهه مهر مقرر ڪري چڪا هئا هاڻي انهيءَ جو اڌ مهر ڏيڻ توهان تي واجب آهي. ها! جيڪڏهن عورتون پاڻ يا جن جي هٿ ۾ نڪاح جي عقد آهي معاف ڪن، ۽ توهان کي (اي مَردو) زياده ڏيڻ تقوى جي قريب آهي، ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا احسان نه وساريو، بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اوهان انهن کي هٿ لائڻ کان اڳي طلاق ڏني ۽ اوهان انهن لاءِ ڪجھ مهر به مقرر ڪيو اٿو تنهن جو اڌ (ڏيڻو آهي) پر جيڪڏهن اهي (زالون) معاف ڪن يا سندن ولي جنهن جي هٿ ۾ ان جي نڪاح جو اختيار هجي. ۽ جيڪڏهن (سارو مهر) بخش ڪن ته (اها ڳالھ) پرهيزگاري جو زياده ويجهو آهي. ۽ پنهنجي بزرگي کي نه وساريو بيشڪ اوهين جو ڪجھ ڪريو ٿا خدا تنهن کي ڏسندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن طلاق ڏني اوهان انهن کي ان کان اڳي جو هٿ لايو انهن کي ۽ تحقيق مقرر ڪيُوَ انهن لاءِ مهر پوءِ اڌ ان مان جو مقرر ڪيُوَ مگر هي جو (پاڻ) معاف ڪن يا اهو معاف ڪري جنهن جي هٿ ۾ آهي معاملو نڪاح جو ۽ اوهان معاف ڪيو ته وڌيڪ ويجهو آهي پرهيزگاريءَ لاءِ ۽ نه وساريو ڀلائي ڪرڻ کي پاڻ ۾ بيشڪ الله جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اوهان انهن کي هٿ لائڻ کان اڳي طلاق ڏني ۽ اوهان انهن لاءِ ڪجهه مهر به مقرر ڪيو هجي ته پوءِ جيڪو مقرر ڪيو اٿوَ تنهن جو اڌ (ڏيڻو آهي) مگر جي اهي (زالون) معاف ڪن يا اهو معاف ڪري جنهن جي هٿ ۾ نڪاح جي ڳنڍ آهي. ۽ اوهان جو معاف ڪرڻ پرهيزگاريءَ جي زياده ويجهو آهي. ۽ اوهين پاڻ ۾ احسان ڪرڻ کي نه وساريو. بيشڪ الله جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي اوهان انهن (زالن) کي هٿ لائڻ کان اڳ طلاق ڏئي ڇڏي آهي ۽ اوهان انهن لاءِ حق مهر مقرر ڪري چڪا آهيو ته جيڪو مهر مقرر ڪري چڪا آهيو ان جو اڌ ڏيڻ ضروري آهي، سواءِ هن جي جو خود معاف ڪري ڇڏن يا اهو (مڙس) جنهن جي هٿ ۾ نڪاح جي ڳنڍ آهي سو معاف ڪري (يعني اڌ جي بجاءِ زياده يا پورو ڏئي) ۽ (اي مردؤ!) جي توهان معاف ڪيو ته اهو تقوى جي وڌيڪ ويجهو آهي. ۽ هڪ ٻئي ۾ احسان ڪرڻ نه وساريو. بيشڪ الله اوهان جا عمل ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڇڏيونِ، اڳي هن کان، ته صحت ڪريون تن ساڻ، هوڏانهن هُن لئي، ڪري چڪا، مَهر مُقرر پاڻ، پوءِ جيڪا مَهر مقرر ڪيان، پوءِ اُن جو اڌ، اُن ڪاڻ، مگر معافي ڏينِ سي، يا ڇڏي اُهو اڳواڻ، سندو ڏي وٺ ڏاڻ، هُجي جنهن جي هٿ ۾. ۽ جي وڙ ڪريو، ته ويجھڙو تقوٰى کي تڪرار، ۽ هڪ ٻئي وچ، نه وِساريو قدر برقرار، ڪريو جي ڪم ڪار، سي ڏسڻ وارو ڏيھ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهين کين هٿ لڳائڻ کان اڳ ۾ طلاق ڏيو ۽ انهن لاءِ مهر مقرر ڪري چڪا آهيو، ته پوءِ مقرر ڪيل جو اڌ ڏيڻ گهرجي، سواءِ انهي جي، جو هو ڇڏين، يا جنهن جي هٿ ۾ نڪاح جي ڳنڍ آهي، سو ڇڏي، ۽ جي اوهين ڇڏيو، ته اهو نيڪيءَ جهڙو آهي ۽ هڪ ٻئي تي احسان ڪرڻ کي نه وساريو، بيشڪ الله اوهان جي ڪمن کي خوب ڏسي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن توهان هٿ لائڻ کان اڳيئي طلاق ڏئي ڇڏي پر مهر مقرر ٿي چڪو آهي ته پوءِ اڌ مهر ڏيڻو پوندؤ، اها ٻي ڳالهه آهي ته عورت نرمي ڪري (مهر نه وٺي) يا اهو مرد جنهن جي هٿ ۾ نڪاح ڳنڍي رکڻ جو اختيار آهي، نرميءَ کان ڪم وٺي (سڄو مهر ڏيئي ڇڏي) ۽ جي توهان (مرد) نرميءَ کان ڪم وٺندا ته اها ڳالهه تقويٰ سان ڏاڍي ٺهڪي اچي ٿي، پنهنجي معاملن ۾ فياضيءَ کي نه وساريندا ڪريو، توهان جي عملن کي الله ڏسي رهيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن توهان هٿ لڳائڻ کان پهرين طلاق ڏني هجي پر مهر مقرر ڪيو ويو هجي ته اهڙي صورت ۾ اڌ مهر ڏنو ويندو، اها ٻي ڳالهه آهي ته عورت نرمي ڪري (مهر نه وٺي) يا اهو مرد جنهن جي اختيار ۾ نڪاح جو ٻَڌجڻ آهي، نرمي کان ڪم وٺي (پورو مهر ڏي) ۽ توهان (مرد) نرمي ڪريو، ته اها پرهيزگاري وڌيڪ مشابهت رکي ٿي، نه وساريو هڪ ٻئي جي معاملات ۾ فياضي کي، بيشڪ الله توهان جي عملن کي ڏسي رهيو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن نڪاح کان پوءِ ۽ صحبت ڪرڻ کان اڳ، توهان گهر وارين کي طلاق ڏيئي ڇڏي ۽ مَھَرُ مقرر ٿي چڪو هو، ته ان صورت ۾ اوهان اڌ مَھَرُ ڏيڻ جا پابند آهيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي عورتون رضا خوشيءَ سان مهر معاف ڪن، يا اهو مرد جنھن جي هٿ ۾ نڪاح جو اختيار آهي،نرمي اختيار ڪندي پورو مَھر ادا ڪري پر جيڪڏهن توهان درگذر کان ڪم وٺندا، ته اهو عمل پرهيزگاريءَ جي ويجهو آهي، پنھنجو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان نيڪي ڪرڻ کي نه وساريو. بيشڪ جيڪي اوهان عمل ڪريو ٿا تنھن کي الله تعالى خوب ڏسي ٿو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
حٰفِظوا عَلَى الصَّلَوٰتِ وَالصَّلوٰةِ الوُسطىٰ وَقوموا لِلَّهِ قٰنِتينَ (آيت : 238) |
سڀني نمازن تي ۽ (خصوصاً) وچين نماز تي نگھباني ڪريو، ۽ الله لاءِ فرمانبردار ٿي بيھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پنهنجي نمازن جي حفاظت ۾ ڪوشش ڪندا رهو خصوصاً اهڙي نماز جا (ظاهر ۽ باطن ۾) بهترين نماز هجي (ٽپهري يا عصر جي نماز کي به صلوات الوسطي وچئين نماز چئبو آهي) ۽ الله جي حضور ۾ اهڙيءَ طرح نماز ۾ بيهو جو گويا ادب ۽ نياز ۾ مستغرق ٿي ويا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سڀئي نمازون هميشگيءَ سان پنهنجي وقتن تي پڙهو ۽ وچين نماز تاڪيد سان پڙهو ۽ نماز ۾ ادب سان الله تعالى جي حضور ۾ بيهو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي مسلمانو!) توهان سڀني نمازن جي ۽ (خاص ڪري) وچين نماز (صبح يا ظهر يا عصر) جي پابندي ڪيو ۽ خاص خدا جي ئي لاءِ (نماز ۾) قنوت پڙهندڙ ٿي بيهو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حفاظت ڪيو سڀني نمازن جي ۽ (خاص ڪري) وچ واري نماز جي ۽ بيهو الله جي لاءِ عاجزي ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڀني نمازن ۽ وچينءَ نماز تي نگهباني ڪريو. ۽ الله لاءِ فرمان بردار ٿي بيهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سڀ نمازن جي حفاظت ڪيو خاص طرح وچين نماز جي ۽ الله اڳيان فرمانبردار ٿي بيهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نمازون ۽ نماز وچينءَ جِي رکو سارسنڀار، ۽ تهدل تابعدار، اُٿو لَـڳ الله جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سڀني نمازن جو خيال رکو ۽ (خاص ڪري) وچ واريءَ نماز جو ۽ الله جي اڳيان ادب سان بيهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪندا ڪريو، خاص ڪري اهڙيءَ نماز جي جنهن اندر نماز جون سڀ چڱايون موجود هجن. الله جي آڏو ائين بيهندا ڪريو جيئن تابعدار ٻانها بيٺا هوندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪريو خاص انهن نمازن جي، جن اندر سڀ چڱايون هجن، الله آڏو ائين بيهو جيئن فرمانبردار غلام.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نماز جا پابند رهو، خاص طور تي وچين نماز جا، (نماز ۾) الله تعالى جي سامهون انتھائي عاجزي ۽ انڪساريءَ سان بيھندا ڪريو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن خِفتُم فَرِجالًا أَو رُكبانًا فَإِذا أَمِنتُم فَاذكُرُوا اللَّهَ كَما عَلَّمَكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 239) |
پوءِ جيڪڏھن دشمنن کان ڊڄو ته پيادا ٿي يا سوار ٿي (اشارن سان نماز پڙھو)، پوءِ جڏھن بي ڀَوَا ٿيو تڏھن جئن اوھان کي (نماز جا ارڪان) جي نه ڄاڻندا ھيؤ سيکاريائين تئن (سڀني رڪنن جي بجا آوريءَ سان) الله کي ياد ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪڏهن دشمن جو خوف خطرو هجي ته پيادا هجو يا سوار هجو، هلندي جيئن به ٿي سگهي تيئن نماز پڙهي وٺو. پوءِ جيڪڏهن امن امان جي حالت قائم ٿئي ته اهڙيءَ ئي طرح نماز پڙهو. جهڙيءَ طرح توهان کي سيکاري ويئي آهي، جنهن جي اڳي اوهان کي خبر ڪانه هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن توهان کي خوف هجي ته نماز پيادل يا سواري تي پڙهو، پوءِ جڏهن امن وارا ٿيو پوءِ نماز پڙهو توهان جيئن توهان کي الله تعالى سيکاريو جيڪو طريقو توهان نه ڄاڻندڙ هئا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن اوهين (ڪنهن کان) ڊڄو ۽ (پوري نماز نه پڙهي سگهو ته) سوار يا پياده (جيئن ٿي سگهي، پڙهو) پوءِ جڏهن بي ڊپا ٿيو ته الله کي ياد ڪيو جيئن اوهان کي (پنهنجي رسول جي ذريعي) اهو ڪجھ سيکاريو اٿس جنهن کي اوهين نه ڄاڻندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن ڊڄو (دشمن کان) پوءِ پيادا يا سوار پوءِ جڏهن امن وارا ٿيو ته پوءِ ياد ڪيو الله کي جيئن سيکاريائين اوهان کي جيڪي نه ٿي ڄَاتُوَ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن اوهين (ڪنهن کان) ڊڄو ته پيادا ٿي يا سوار ٿي (نماز پڙهو) پوءِ جڏهن بي ڊپا ٿيو ته الله کي ياد ڪريو جيئن اوهان کي اهو ڪجهه سيکاريو اٿس جنهن کي اوهين نه ڄاڻندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن حالتِ خوف ۾ آهيو ته پيادل يا سوار (جيئن به ٿي سگهي نماز ادا ڪيو) وري جڏهن حالتِ امن ۾ اچو ته ان طريقي سان الله کي ياد ڪيو جيئن ان اوهان کي سيکاريو جنهن کي اوهان (اڳ) نه ڄاڻندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي ڀانيان ڀؤ، ته پڙهو پيادا، سوار، پوءِ جڏهن سولا سُکي ٿيا، ته ساريو ربُّ ستار، جنهن جِي نه، هُنيا سُڌسار، جنهن صورت، سو سيکارئين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي ڪو ڊپ هجيو ته پيادل يا سوار ٿي پڙهو. پوءِ جڏهن امن ۾ هجو ته الله کي ايئن ياد ڪريو جيئن اوهان کي اهو سيکاريو اٿس جو اوهين نه ڄاڻيندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جي بدامنيءَ جي حالت هجي ته به، پيادا هجو توڙي سوار، جيئن به ٿي سگهيوَ نماز پڙهندا ڪريو ۽ جڏهن امن مليوَ ته الله کي ان نموني ۾ ياد ڪريو، جيئن هــُـن توهان کي ڏسيو آهي، جنهن کان توهان اڳي اڻ ڄاڻ هيؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ بدامني جي حالت هجي ته پيدل هجو يا سوار، جهڙي طرح به هجو، نماز پڙهو ۽ امن اچي ته ياد ڪريو الله کي ان طريقي سان جيڪو هن توهان کي سيکاريو آهي، جنهن کان توهان پهرين ناواقف هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان کي ڪا خوف واري حالت پيش اچي، چاهي پنڌ هجو يا سواريءَ تي، جنھن به طريقي سان ٿي سگهي، نماز ضرور پڙهندا ڪريو، پوءِ جڏهن امن امان جي صورتحال پيدا ٿي وڃي ته انهيءَ طريقي سان نماز پڙهندا ڪريو، جيڪو اوهان کي سيکاريو ويو آهي ۽ جنھن کان اڳ توهان اڻ واقف هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يُتَوَفَّونَ مِنكُم وَيَذَرونَ أَزوٰجًا وَصِيَّةً لِأَزوٰجِهِم مَتٰعًا إِلَى الحَولِ غَيرَ إِخراجٍ فَإِن خَرَجنَ فَلا جُناحَ عَلَيكُم فى ما فَعَلنَ فى أَنفُسِهِنَّ مِن مَعروفٍ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 240) |
۽ اوھان مان جيڪي مرن ۽ زالون ڇڏين، تن کي ھڪ ورھيه تائين پنھنجين زالن لاءِ (کين) فائدي ڏيڻ ( ۽ ) نه لوڌڻ جي وصيّت ڪرڻ لازم آھي، پوءِ جيڪڏھن (اُھي) نڪرن ته جيڪي پنھنجي حق ۾ (شريعت جي) دستور مُوجب ڪن تنھن ۾ اوھان تي گُناھ نه آھي، ۽ الله غالب حِڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توهان منجهئون جيڪي فوت ٿين ۽ پٺيان بيوهه زالون ڇڏي وڃن ته (مرڻ کان اڳي) وصيت ڪرڻ گهرجين ته هنن کي (ڪم از ڪم) هڪ سال تائين کاڌو پيتو ڪپڙو وغيره ڏنو وڃي ۽ گهر مان نه ڪڍيو وڃي، پر جيڪڏهن پاڻ سال گذرڻ کان اڳي گهر ڇڏي هليون وڃن ۽ (چار مهينا ڏهه ڏينهن عدت گذرڻ بعد) نڪاح وڃي ڪن ته اوهان تي ڏوهه ڪونهي (يعني پوءِ کاڌو پيتو وغيره پهچائڻ جو اوهان تي بار ڪونهي نه ڪي کين روڪي هروڀرو هڪ سال تائين سوڳ ڪرائڻ گهرجي) ياد رکو ته الله تعاليٰ وڏي طاقت ۽ شان وارو۽ حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو توهان مان فوت ٿين ۽ پنهنجين زالن کي ڇڏن، پوءِ ڀلي پنهنجين عورتن لاءِ وصيت ڪن هڪ سال جي خوراڪ جيئن اهي پنهنجن گهرن مان نه نِڪرن پوءِ جيڪڏهن گهرن مان نڪرن ته توهان تي گناه ناهي جيڪي ڪجهه پنهنجي لاءِ شريعت مطابق ڪن، ۽ الله تعالى غالب حڪمت وارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي اوهان مان مرن ۽ زالون ڇڏين سي پنهنجن زالن لاءِ هڪ سال تائين خرچ ڏيڻ جي (گهر مان) ڪڍڻ کان سواءِ (ڀلي) وصيت ڪن. پوءِ جيڪڏهن اهي (نڪاح وغيره) جائز ڳالهين لاءِ نڪرن (۽) جو ڪجھ پنهنجي حق ۾ ڪن ته اوهان تي (ان ۾) ڪو گناھ نه آهي. ۽ خدا هر شيءَ تي غالب ۽ قوت وارو آهي (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪي وفات ڪرايا وڃن اوهان مان ۽ (پوئتي) ڇڏين ٿا زالون وصيت ڪن پنهنجين زالن جي لاءِ خرچ ڏيڻ جي سال تائين سواءِ (گهر مان) ڪڍڻ جي پوءِ جيڪڏهن پاڻهي نڪرن ته پوءِ ناهي گناھ اوهان تي ان ۾ جو پاڻ ڪيائون پنهنجي معاملي ۾ مناست نموني ۽ الله غالب، حڪمت وارو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي اوهان مان مَرَنِ ۽ زالون ڇڏين سي پنهنجين زالن لاءِ هڪ ورهيه تائين خرچ ڏيڻ جي، (گهر مان) ڪڍڻ کان سواءِ، (ڀلي) وصيت ڪن. پوءِ جيڪڏهن اهي نڪرن ته اوهان تي (هن ۾ ) ڪو گناهه نه آهي جو اُهي پنهنجي حق ۾ چڱو ڪم ڪن (يعني شرع جي موافق نڪاح ڪن) ۽ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان مان جيڪي وفات ڪري وڃن ۽ زالون ڇڏي وڃن ته انهن تي لازم آهي ته زالن لاءِ هڪ سال جي خرچ پکي ڏيڻ ۽ گهر مان نه ڪڍڻ جي وصيت ڪري وڃن. پوءِ جي (پنهنجي مرضي سان) نڪرن ته دستور مطابق پنهنجي حق ۾ جيئن ڪن ته اوهان تي ڪو گناهه ناهي. ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي گُذرن اوهان منجھان، ونيون ڇڏي، وَر، وصّيت سندن ونين لئي، وَٽو ورھيه ڀر، بنا ڪڍڻ ڪکن مان، پوءِ جي پاڻهين ٿِينِ ٻَهر، پوءِ پاپ نه اوهان تي اُن ۾، جيڪي ڪن پنهنجي سِر، موجب پدرِي پر، سائين سٻر، سٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي اوهان مان مري وڃن ۽ زالون ڇڏين ته سندن زالن لاءِ هڪ ورهيه تائين گهر مان ڪڍڻ ڌاران خرچ جي وصيت ڪن. پوءِ جي هو پاڻ نڪري وڃن ته جيڪا پاڻ لاءِ ڀلائي واري ڳالهه ڪن، ته ان ۾ اوهان تي ڪو گناهه نه آهي. ۽ الله زبردست حڪمت وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان مان جيڪي وفات ڪرڻ وارا هجن ۽ پويان زالون ڇڏي ويندا هجن، انهن کي گهرجي ته پنهنجي زالن جي حق ۾ اها وصيت ڪري وڃن ته هڪ سال تائين کين خرچ پکو ڏنو وڃي ۽ کين گهر مان نه ڪڍيو وڃي، پوءِ جيڪڏهن پاڻ نڪري وڃن ته پنهنجي لاءِ مڃيل (معروف) طريقي سان هو جيڪو به ڪن ان جي ڪا ذميواري توهان تي نه آهي، الله زبردست آهي، حڪمت وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان مان جيڪي ماڻهو وفات ڪري وڃن ۽ پويان عورتون ڇڏي رهيا هجن، انهن کي گهرجي ته وصيت ڪري وڃن پنهنجي زالن جي حق ۾، هيءَ ته کين هڪ سال تائين کاڌو کارايو ۽ انهن کي گهرن مان نه ڪڍيو وڃي، پوءِ جيڪڏهن اهي پاڻ هليون وڃن ته اهي پنهنجي ذات جي باري ۾ معروف (ڄاتل) طريقي سان جيڪي ڪن، انهن جي ذميواري توهان تي ناهي، الله غالب اقتدار رکڻ وارو حڪيم ۽ داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان مان جيڪي ماڻهو مرڻ جي ويجهو هجن ۽ پويان پنھنجون زالون ڇڏي وڃن ته کين گهرجي ته پنھنجين گهر وارين لاءِ زندگيءَ ۾ خاص وصيت ڪري وڃن ته کين هڪ سال تائين گهر مان نه ڪڍيو وڃي ۽ انهن جي خرچ پکي جو پڻ بندوبست ڪيو وڃي. ها جيڪڏهن هو پنھنجي مرضيءَ سان گهر مان نڪري وڃن ته اهو انهن جو ذاتي معاملو آهي، جنھن کي هو بھتر سمجهن باقي توهان جي مٿان انهن جي ڪا به ذميداري نه آهي. (بيشڪ) الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلمُطَلَّقٰتِ مَتٰعٌ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 241) |
۽ طلاق ڏنلن لاءِ ھليءَ چليءَ وانگر پرھيزگارن تي خرچ لازم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ ياد رکو ته) جن عورتن کي طلاق ڏني ويئي آهي تن کي مناسب طريقن سان فائدو پهچايو. پرهيزگار ٻانهن تي حق آهي ته ائين ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ طلاق ڏنل عورتن لاءِ به شريعت مطابق ماني ٽِڪي ڏيڻي آهي، اهو پرهيزگارن تي واجب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن زالن کي (مهر مقرر ڪرڻ ۽ هٿ لائڻ کان سواءِ) طلاق ڏنل هجي، تن کي دستور موافق خرچ ڏيڻ پرهيزگارن تي لازم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ طلاق ڏنلن لاءِ دستور موجب پرهيزگارن تي خرچ لازم آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ طلاق ڏنل زالن کي دستور جي موافق خرچ ڏيڻ پرهيزگارن تي لازم آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ طلاق ڏنل عورتن کي به مناسب طريقي سان خرچ ڏئي (رخصت ڪرڻ) پرهيزگارن مٿان حق آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ واجب وَهِي وَٽ سان، وَٽو واڍوڙِينِ ڪاڻ، موچارن تي مورهين؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) طلاق ڏنل عورتن کي رواج موجب خرچ ڏيڻو آهي. (اهو) نيڪن تي لازم آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ائين جن عورتن کي طلاق ڏنل هجي، انهن کي به مناسب طرح ڪجهه نه ڪجهه ڏيئي روانو ڪجي، اهو حق آهي متقين تي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيءَ طرح جن عورتن کي طلاق ڏنل هجي، کين مناسب طور ڪجهه ڏئي رخصت ڪجي، اهو حق آهي پرهيزگار ماڻهن تي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن عورتن کي طلاق ڏني وئي هجي، انهن (ويچارين) کي به ڪجهه نه ڪجهه (خرچ پکو) ڏيئي، سھڻي طريقي سان رخصت ڪريو. پرهيزگار ماڻھن تي اهو به حق آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 242) |
اِھڙيءَ طرح الله پنھنجا حُڪم اوھان لاءِ پَڌرا ڪري ٿو ته مانَ اوھين سمجھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ پنهنجون آيتون ۽ حڪم چٽا چٽا ڪري ٿو ٻڌائي، انهيءَ لاءِ ته عقل کان ڪم وٺو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهڙي طرح الله تعالى توهان لاءِ پنهنجون آيتون بيان فرمائي ٿو ته مَن توهان سمجهو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجا حڪم بيان ڪري ٿو (ته) من اوهين سمجهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهڙيءَ طرح الله پنهنجا ڪم اوهان لاءِ پڌرا ڪري ٿو ته من اوهين سمجهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ پنهنجا حڪم بيان ڪري ٿو مَنَ اوهين سمجهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجا احڪام کولي کولي بيان ڪري ٿو تان ته توهان سمجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٿو اِن پر کولي پاڻ، الله، سندس اُهڃاڻ، ته صحِي مانَ سوچيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجا حڪم بيان ڪري ٿو ته اوهين سمجهو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح الله پنهنجا حڪم توهان کي کولي کولي ٻڌائي ٿو ته مــَـنَ توهان عقل ڌاريو(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙيءَ طرح الله پنهنجا حڪم صاف طور ٻڌائي ٿو، اميد ته توهان سمجهي ڪم ڪندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اوهان کي سمجهائڻ خاطر، الله تعالى پنھنجي حڪمن کي اهڙيءَ طرح واضح ڪري ٻڌائي ٿو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم وَهُم أُلوفٌ حَذَرَ المَوتِ فَقالَ لَهُمُ اللَّهُ موتوا ثُمَّ أَحيٰهُم إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 243) |
(اي ڏسندڙ) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا؟ جيڪي پنھنجي ديس مان موت جي ڀؤ کان نڪتا ۽ اُھي (ڪيئي) ھزار هُئا، پوءِ الله اُنھن کي فرمايو ته مرو (ته مري ويا)، وري کين جياريائين، ڇوته الله ماڻھن تي وڏي فضل ڪرڻ وارو آھي پر گھڻا ماڻھو شڪر نه ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ڇا تو انهن ماڻهن جي حالت تي نظر نه ڪئي آهي، جيڪي پنهنجن گهرن مان نڪري ويا ۽ اگرچه هزارن جي تعداد ۾ هئا ته به (ڊڄڻا) موت جي خوف کان ڀڄي هليا ويا. الله جو حڪم آيو ته (موت کان ڀڄي رهيا آهيو ته ڏسو) هاڻي سچ پچ توهان جي لاءِ موت آهي. (ڊڄڻن تي ضرور دشمن غالب پوندو ۽ ڦرلٽ ۽ قتل عام ڪندو) پر الله تعاليٰ (مٿن رحم ڪري) کين زنده ڪيو (يعني منجهن ثابت قدميءَ جو روح ڦوڪيو ۽ هو مقابلو ڪري فتحياب ٿيا) بيشڪ الله تعاليٰ انسانن تي وڏا فضل ڪندڙ آهي، پر افسوس جو گهڻائي انسان الله تعاليٰ جي نعمتن جو قدر نٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! ڇا توهان نه ڏٺو بني اسرائيل جي هڪ گروه کي جيڪي موت جي ڊپ کان پنهنجن گهرن کان نڪتا ۽ اهي هزارين هئا، پوءِ الله تعالى انهن کي فرمايو مري وڃو پوءِ انهن کي زنده فرمايائين، بيشڪ الله تعالى ماڻهن تي احسان ڪندڙ آهي پر گهڻا ماڻهو الله تعالى جو شڪرانو بجا نٿا آڻين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) ڇا! تو، انهن کي نه ڏٺو جيڪي پنهنجي گهرن مان موت جي ڊپ کان ڀڄي نڪتا ۽ اهي هزارين ماڻهو هئا، خدا انهن کي فرمايو ته سڀئي مري وڃو! (۽ اهي مري ويا) وري خدا انهن کي جيئرو ڪيو. بيشڪ الله ماڻهن تي فضل ڪرڻ وارو آهي. پر گهڻا ماڻهو احسان نٿا مڃن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو انهن کي جو نڪتا پنهنجن گهرن مان ۽ اهي هزارين هئا موت جي ڊپ کان پوءِ فرمايو انهن کي الله ته مري پئو ان کان پوءِ جيئرو ڪيائين انهن کي.يشڪ الله ڀلائي ڪرڻ وارو آهي ماڻهن تي ۽ پر گهڻا ماڻهو شڪر نه ٿا ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا تو انهن کي نه ڏٺو جيڪي پنهنجن گهرن مان موت جي ڊپ کان نڪتا ۽ اُهي هزارين هئا. پوءِ الله انهن کي چيو ته مرو ! وري کين جيئرو ڪيائين. بيشڪ الله ماڻهن تي فضل ڪرڻ وارو آهي پر گهڻا ماڻهو احسان نه ٿا مڃين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) ڇا انهن ماڻهن کي نه ڏٺئي! جيڪي پنهنجي گهرن مان موت جي ڊپ کان نڪتا هئا ۽ اهي هزارن (جي تعداد) ۾ هئا. پوءِ الله انهن کي چيو: ”مري پئو“ (ته مري ويا)پوءِ انهن کي جياريائين. بيشڪ الله ماڻهن مٿان فضل فرمائڻ وارو آهي ۽ پر اڪثر ماڻهو (سندس) شڪر نه ٿا ادا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڏٺئي؟ سندن ڏيرن مان، نڪري ٿيا نروار، موت، مرض جي سور کان، اُوهئا ڪئين هزار، پوءِ مرو اُنهي ماڳ تي، ڪَهيو کين قهار، موٽِي تن، مئي پُٺيان، جياريو جبّار، مالڪ مٿي ماڻهئين، وڏي ڀال ڀتار، پر گھڻائي گنوار، نه موکينِ، منجھان ماڻهئين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اوهان انهن ڏي نظر نه ڪئي، جي سندن گهرن مان موت جي ڊپ کان هزارن جي انداز ۾ نڪتا؟ پوءِ الله چين ته مري وڃو. پوءِ وري انهن کي جيئرو ڪيائين. بيشڪ الله ماڻهن تي مهربان آهي، مگر گهڻا ماڻهو شڪر نٿا ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان انهن ماڻهن جي حالت تي به ڪو غور ڪيو آهي، جيڪي موت جي ڊپ کان گهر گهاٽ ڇڏي نڪتا هئا ۽ هزارن ۾ هئا، الله چَيُنِ مري وڃو، پوءِ کين وري جيئرو ڪيائين، حقيقت ۾ الله انسان تي ڏاڍو فضل ڪندڙ آهي، پر گهڻا ماڻهو شڪر نٿا ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تو غور ڪيو انهن ماڻهن جي حال تي، جيڪي موت جي خوف کان پنهنجا گهر ٻار ڇڏي نڪتا هئا ۽ اهي هزارن جي تعداد ۾ هئا، انهن کي فرمايو الله ”مري وڃو.“ پوءِ هن انهن کي ٻيهر زندگي بخشي، حقيقت هيءَ آهي ته الله انسان تي وڏو فضل ڪرڻ وارو آهي. پر اڪثر ماڻهو شڪر ادا نٿا ڪن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ڇا توهان کي انهن هزارين ماڻھن جي حال جي خبر نه آهي، جيڪي موت جي ڀؤ کان پنھنجا گهر ڇڏي ميدانن ڏانھن وٺي ڀڳا، پوءِ الله تعالى کين حڪم ڪيو ته “مري وڃو”(ته هو سڀ مري ويا) پوءِ وري الله تعالى کين ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريو، بيشڪ الله تعالى ماڻھن جي مٿان گهڻيون ئي مھربانيون ڪري ٿو، پر گهڻا ماڻهو ناشڪري ڪندا آهن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 244) |
۽ (اي مُسلمانؤ) الله جي واٽ ۾ (ڪافرن سان) ويڙھ ڪريو ۽ ڄاڻو ته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (جيڪڏهن لڙائي ڪرڻي پوي ته بهادر ٿي) خدا جي راهه ۾ لڙائي ڪريو ۽ يقين ڄاڻو ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان الله تعالى جي واٽ ۾ جهاد ڪريو ۽ توهان يقين ڪريو بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مسلمانو!) خدا جي راھ ۾ جهاد ڪريو ۽ ڄاڻو ته بيشڪ خدا ضرور (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ (۽) ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنگ ڪيو الله جي واٽ ۾ ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله جي رستي ۾ جنگ ڪريو ۽ ڄاڻو ته بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جي راهه ۾ جنگ ڪيو ۽ (پڪ) ڄاڻو ته الله ٻڌندڙ ڄاڻندر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لَڙو ربَّ جي راه ۾، ۽ ڪريو پورِي پڪ، ته باري آهي بيشڪ، سڻندڙ ۽ سُڄاڻ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله جي راهه ۾ وڙهو ۽ ڄاڻو ته الله خوب ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مسلمانؤ، الله جي واٽ ۾ جنگ ڪريو ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته الله ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مسلمانؤ! جنگ ڪريو الله جي راهه ۾، ۽ خوب ڄاڻي ڇڏيو ته بيشڪ الله ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي مسلمانؤ! (موت کان نه ڊڄو) الله تعالى جي راهه ۾ جنگ ڪريو، توهان کي اها چڱيءَ طرح خبر هئڻ کپي ته بيشڪ الله تعالى هر معاملي کي ٻڌي به ٿو ۽ خوب ڄاڻي به ٿو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن ذَا الَّذى يُقرِضُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهُ لَهُ أَضعافًا كَثيرَةً وَاللَّهُ يَقبِضُ وَيَبصُۜطُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 245) |
اُھو ڪير آھي جو الله کي چڱو قرض اُڌارو ڏئي؟ ته (الله) اُن لاءِ گھڻي قدر وڌائي، ۽ (رزق) الله تنگ ڪري ٿو ۽ (الله) ڪشادو ڪري ٿو، ۽ ڏانھنس موٽايا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪير آهي جو الله تعاليٰ کي خوشيءَ سان سهڻو قرض ڏئي جو قرض الله تعاليٰ کيس موٽائي ڏئي (جهاد لاءِ يا ٻيءَ طرح خدا جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ آهي خدا کي سهڻو قرض ڏيڻ، جنهن جي عيوض بي شمار برڪتون ۽ نعمتون حاصل ٿين ٿيون) ۽ (تنگدستيءَ کان نه ڊڄو) الله ئي تنگدستي ۽ ڪشادو رزق ڏيندڙ آهي ۽ آخر ته انهيءَ جي طرف موٽڻو اٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪير آهي جيڪو الله تعالى کي سهڻو قرض ڏئي ته الله تعالى انهي لاءِ ثواب تمام گهڻو فرمائي ۽ الله تعالى رزق گهٽ ڪري ٿو ۽ زياده ڏئي ٿو، ۽ توهان الله تعالى ڏانهن موٽايا ويندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو ڪير آهي جو الله کي قرض حسنه ڏئي ته الله ان لاءِ اهو ڪيئي دفعا وڌائي. ۽ خدا (روزي) تنگ ڪري ٿو ۽ ڪشادي ڪري ٿو ۽ ان ڏي ئي موٽايا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪير آهي جيڪو قرض ڏئي الله کي قرض سهڻو پوءِ ٻيڻو ڪري ڏئي (الله) ان لاءِ ٻيڻايون گهڻيون ۽ الله تنگ ٿو ڪري ۽ ڪشادو ٿو ڪري ۽ ان ڏانهن موٽايا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو ڪير آهي جو الله کي چڱو قرض ڏي ته الله ان لاءِ اهو ٻيڻو ڪري گهڻا ئي دفعا. ۽ الله روزي تنگ ڪري ٿو ۽ ڪشادي ڪري ٿو ۽ ان ڏي ئي موٽايا ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آهي ڪو جو الله کي قرضِ حسنه ڏئي! پوءِ ان کي ڪيئي دفعا ٻيڻو ڪري وڌائي واپس ڏئي. ۽ الله (رزقن ۾) تنگي ڪري ٿو ۽ ڪشادگي ڪري ٿو ۽ اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي ڪير؟ قرض ڏي، صاحب کي سُهڻو، ته ٻيڻو ڏئيس ٻاجھ سان، ٻيڻيان ٻين گھڻو، ۽ جھلي، ڪِ ججھو رزق ڏي، سوهادِي هڪ ڄڻو، ۽ اُن ڏي موٽڻو، آھ ِاوهان مِڙن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آهي ڪو اهڙو، جو الله کي چڱو قرض ڏئي ته هو ان کي ڪئين دفعا وڌائي ڏئي؟ ۽ الله ئي رزق کي تنگ ۽ ڪشادو ڪري ٿو ۽ ان ڏانهن ئي موٽايو ويندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان مان ڪير ٿو الله کي سهڻو قرض ڏئي، تان ته الله ان کي ڪئين ڀيرا وڌائي واپس ڪري، گهٽائڻ به الله جي وس ۾ آهي ته وڌائڻ به ۽ ڏانهس ئي توهان کي موٽي هلڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان مان ڪير آهي جيڪو الله کي سٺو قرض ڏئي، جيئن اهو کيس اهو گهڻي کان گهڻو وڌائي کيس واپس ڪري؟ ۽ الله گهٽائڻ جو اختيار رکي ٿو ۽ وڌائڻ جو به، ۽ ان ڏي توهان کي موٽڻو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪير آهي جيڪو الله تعالى کي سھڻي نيت سان قرض ڏي؟ ته جيئن هو وري توهان کي تمام گهڻو وڌائي موٽائي ڏئي. حقيقت هي آهي ته روزي گهٽائڻ ۽ وڌائڻ الله تعالى جي اختيار ۾ آهي. آخرڪار اوهان سڀني کي ان ڏانھن ئي موٽي هلڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ إِلَى المَلَإِ مِن بَنى إِسرٰءيلَ مِن بَعدِ موسىٰ إِذ قالوا لِنَبِىٍّ لَهُمُ ابعَث لَنا مَلِكًا نُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ قالَ هَل عَسَيتُم إِن كُتِبَ عَلَيكُمُ القِتالُ أَلّا تُقٰتِلوا قالوا وَما لَنا أَلّا نُقٰتِلَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَقَد أُخرِجنا مِن دِيٰرِنا وَأَبنائِنا فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ تَوَلَّوا إِلّا قَليلًا مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 246) |
موسىٰؑ کان پوءِ بني اِسرائيلن جي ٽوليءَ ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جڏھن پنھنجي پيغمبر کي چيائون ته اسان لاءِ ڪو بادشاھ مُقرّر ڪر ته الله جي واٽ ۾ ويڙھ ڪريون، (تڏھن پيغمبر) چيو ته جيڪڏھن اوھان تي ويڙھ لازم ٿي ته اوھين وڙھڻ کي ويجھا نه ويندؤ، چيائون ته اسان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي واٽ ۾ اِنھيءَ ھوندي به نه وڙھنداسون جو (اسين) پنھنجن ديسن ۽ پنھنجن اولادن مان لوڌيا ويا آھيون، پوءِ جڏھن مٿن ويڙھ لازم ڪئي ويئي تڏھن منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ (سڀ) ڦري ويا، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ڇا تو بني اسرائيلن جي سردارن جي انهيءَ واقعي تي غور نه ڪيو جو واقعو حضرت موسيٰ کان پوءِ هنن کي پيش آيو. سردارن پنهنجي وقت جي نبي کي چيو ته، اسان خدا جي راهه ۾ جنگ ڪنداسين (تنهن ڪري) اسان جي لاءِ بادشاه مقرر ڪيو. نبي سڳوري فرمايو ته ممڪن آهي ته جيڪڏهن توهان کي لڙائيءَ جو حڪم ڏنو وڃي ته توهان لڙڻ کان انڪار ڪندؤ. سردارن چيو ته جنهن صورت ۾ اسان پنهنجي گهرن مان تڙيا ويا آهيون ۽ اولاد کان جدا ڪيا ويا آهيون تنهن صورت ۾ ائين ڪيئن ٿي سگهندو جو اسان خدا جي راهه ۾ نه وڙهنداسين پر پوءِ جڏهن لڙائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو تڏهن ڪن ٿورن کان سواءِ سڀني پٺي ڦيرائي، پر الله تعاليٰ بي فرمانن جي (دلين جي کوٽ کان) بي خبر ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! ڇا بني اسرائيل جي هڪ گروه کي موسيٰ کان پوءِ توهان نه ڏٺو، جڏهن پنهنجي نبي کي چيائون اسان لاءِ هڪ بادشاهه مقرر ڪر انهيءَ لاءِ جو اسين جهاد في سبيل الله ڪريون، نبي فرمايو قريب آهي جيڪڏهن جهاد توهان تي فرض ڪئي وئي ته توهان جهاد نه ڪندا، عرض ڪيائون اسان کي ڇا ٿيو آهي جو الله تعالى جي واٽ ۾ جهاد نه ڪنداسين حالانڪ اسان پنهنجي وطن ۽ اولاد کان پري ڪڍيا ويا آهيون، پوءِ جڏهن انهن تي جهاد فرض ڪئي وئي ته ٿورن ماڻهن کان سواءِ ٻيا سڀئي مُنهن ڦيرائي ويا ۽ الله تعالى ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) ڇا موسى! کان پوءِ بني اسرائيلين جي سردارن (جي حالت) تي تو نظر ڪين ڪئي؟ جڏهن انهن پنهنجي نبي (شموئيل) کي چيو ته اسان لاءِ ڪو بادشاھ مقرر ڪريو ته اسين خدا جي راھ ۾ جنگ ڪريون (تڏهن) نبيءَ چيو ته جيڪڏهن اوهان تي جنگ ڪرڻ لازم ڪئي وڃي ته متان اوهان جهاد نه ڪريو. انهن چيو ته اسان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي راھ ۾ جهاد نٿا ڪريون. هوڏانهن اسين پنهنجن گهرن مان ڪڍيا ويا آهيون ۽ پنهنجن ٻارن کان جدا ڪيا ويا آهيون. پوءِ جڏهن مٿن جنگ ڪرڻ لازم ڪئي ويئي تڏهن انهن مان ٿورن کان سواءِ (ٻيا سڀ) ڦري ويا ۽ الله ظالمن کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو ان ٽولي ڏانهن بني اسرائيل مان (جيڪي) موسى (عليہ السلام) کان پوءِ (هئا) جڏهن چيائون پنهنجي نبيءَ کي ته مقرر ڪر اسان لاءِ بادشاھ ته جنگ ڪيون الله جي واٽ ۾ فرمايائين ڇا ويجھا آهيو (هن ڳالھ کي) جيڪڏهن فرض ڪيو وڃي اوهان تي جهاد ته نه جنگ ڪيو چيائون ۽ ڇا آهي اسان کي جو نه جنگ ڪنداسين الله جي واٽ ۾ حالانڪه تحقيق ڪڍيا وياسون پنهنجن گھرن مان ۽ پنهنجن پٽن مان.وءِ جڏهن فرض ڪئي وئي انهن تي جنگ ته ڦري ويا مگر ٿورڙا انهن مان ۽ الله ڄاڻندڙ آهي ظالمن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا موسيٰ کان پوءِ بني اسرائيلن جي جماعت ڏي تو نه ڏٺو؟ جڏهن پنهنجي نبيءَ کي چيائون ته اسان لاءِ ڪو بادشاهه مقرر ڪر ته اسين الله جي رستي ۾ جنگ ڪريون (تڏهن) ان چيو ته جيڪڏهن اوهان تي جنگ ڪرڻ لازم ڪئي وڃي ته متان اوهان جنگ نه ڪريو. انهن چيو ته اسان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي رستي ۾ جنگ نه ڪريون هوڏانهن اسين پنهنجن گهرن مان ڪڍيا ويا آهيون ۽ پنهنجن ٻارن کان جدا ڪيا ويا آهيون. پوءِ جڏهن مٿن جنگ ڪرڻ لازم ڪئي وئي تڏهن انهن مان ٿورن کان سواءِ (ٻيا سڀ) ڦري ويا. ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) ڇا تو بني اسرائيل جي هڪ جماعت کي نه ڏٺو! جيڪي موسى کان پوءِ هيا. جڏهن انهن پنهنجي نبي کي چيو ته: ”اسان لاءِ ڪو بادشاهه مقرر ڪر ته اسان الله جي راهه ۾ جهاد ڪيون“. نبيءَ چيو: ”ڪٿي ائين نه ٿئي جو اوهان تي لڙائي فرض ڪئي وڃي ۽ اوهان نه لڙو“! چيائون: ”اسان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي راهه ۾ نه لڙون! حالانڪه اسان کي اسان جي گهرن مان ڪڍيو ويو ۽ اسان جي ٻچن کان جدا ڪيو ويو آهي“. پوءِ جڏهن انهن تي جهاد فرض ڪيو ويو ته انهن مان ٿورڙن کان سواءِ باقي سڀ ڦري ويا. ۽ الله ظالمن کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇاهِنيئين نه لائيِي لال! ته اسرئيل جي اولاد مان، موسىٰ کان پوءِ، مارڪي ڪيو، سندن نبيءَ کي سوال، ته مقرر اسان مٿان، ڪرڪو بادشاه بحال، ته لڙون ربَّ جي راه ۾، تڏهن چيائين اِن چال، ڇا ائين ته اوهين ناهِيو، ته جڏهن جل جلال، ڪيو حڪم قِتال، ته مرڳو نه لڙندا مورهين؟ چي، ڪيئن نه ربَّ جي راه ۾، ڪنداسون قِتال؛ جڏهن پنهنجي گھرن ۽ پٽن کا، ڪڍياوياسون ڪالھ، پوءِ جڏهن مَٿن جنگ لِکي ويئـِي، ته ڦرِي ويا فى الحال، مگر منجھائُنِ ٿوررا، ڪي نِرمل نيڪ نهال، ۽ بيدادن کان بحال، پورو واقف پاڻ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، موسيٰ کان پوءِ يهودين جي هڪ جماعت ڏي نظر نه ڪيوَ؟ جڏهن انهن نبيءَ کي چيو، ته ”اسان لاءِ ڪو بادشاهه مقرر ڪر، ته اسين الله جي راهه ۾ وڙهون.“ چيائين ”ڇا اوهان ۾ اها اميد آهي، ته جيڪڏهن اوهان کي لڙائي جو حڪم ڏجي ته اوهين وڙهندؤ؟“ چيائون ”اسان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي واٽ ۾ نه وڙهون، جڏهن پنهنجن گهرن ۽ اولاد کان تڙيا ويا آهيون؟“ پوءِ جڏهن کين لڙائي جو حڪم ٿيو، ته ڪن ٿورن کان سواءِ ٻيا سڀ ڦري ويا ۽ الله گنهگارن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ توهان ان معاملي تي به ڪو غور ڪيو آهي، جيڪو موسيٰ کان پوءِ بني اسرائيل جي چڱن مڙسن کي پيش آيو هو؟ انهن پنهنجي نبيءَ کي چيو هو ته اسان لاءِ ڪو بادشاهه مقرر ڪر ته اسان الله جي راهه ۾ جنگ ڪيون. نبيءَ پــُـڇين: ڇا ائين ته نه ٿيندو جو توهان کي لڙائيءَ جو حڪم ڏنو وڃي ته پوءِ توهان لڙو ئي نه! چوڻ لڳا ڀلا ائين ڪيئن ٿيندو جو اسان الله جي واٽ ۾ نه لڙون جڏهن جو اسان کي پنهنجن گهرن مان تـڙي ڪڍيو ويو آهي ۽ اسان جا ٻار ٻچا اسان کان جدا ڪيا ويا آهن. پر پوءِ جڏهن کين جنگ جو حڪم ڏنو ويو ته ٿورڙي تعداد کان سواءِ ٻين سڀني کڻي پٺي ڏني ۽ الله ته انهن مان هرهڪ ظالم کي ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تو (اي نبي!) انهيءَ معاملي تي به غور ڪيو جيڪو بني اسرائيل کي موسيٰ کان پوءِ پيش آيو هو؟ انهن پنهنجي نبي کي چيو: اسان جي لاءِ مقرر ڪر هڪ بادشاهه جيئن اسين الله جي راهه ۾ جنگ ڪريون، نبيءَ پڇيو: ڪٿي ائين ته نه ٿيندو توهان کي لڙائي جو حڪم ڏنو وڃي ۽ پوءِ توهان نه وڙهو؟ انهن چيو: ”ڀلا ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته اسين نه وڙهون الله جي راهه ۾، جڏهن ته اسان کي پنهنجي گهرن مان ڪڍيو ۽ اسان جا ٻار ٻچا اسان کان جدا ڪيا ويا.“ پر جڏهن انهن کي جنگ جو حڪم ڏنو ويو ته باقي سڀ پٺي ڏئي ويا هڪ ٿورڙي تعداد کانسواءِ، ۽ الله انهن مان هڪ هڪ ظالم کي ڄاڻي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ڇا توهان نه ڏٺو ته (حضرت) موسى (ؑ) کان پوءِ (بني اسرائيل جي سردارن، ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو؟) انهن پنھنجي نبي سڳوري کي چيو ته، اسان جي لاءِ هڪ بادشاهه مقرر ڪر، ته جيئن اسان ان جي نگرانيءَ ۾ الله تعالى جي راهه ۾ جنگ وڙهون، نبي سڳوري پڇيو، ته ڇا توهان مان اها اميد رکي سگهجي ٿي ته جيڪڏهن جنگ وڙهڻ جو حڪم ڏنو وڃي ته توهان جنگ وڙهندا؟ سردارن چيو ته اسان کي ڇا ٿيو آهي، جو (حڪم ملڻ کانپوءِ) اسان الله تعالى جي راهه ۾ نه وڙهون؟ حالانڪه اسان کي ته پنھنجي گهرن مان ڪڍيو ويو آهي ۽ اسان جا ٻار ٻچا به اسان کان الڳ ڪيا ويا آهن، اسان ڇو نه جنگ وڙهنداسين. پر جڏهن کين جنگ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويوته ٿورڙن ماڻهن کان سواءِ باقي سڀ پويان پير ڪري ڀڳا. الله تعالى انهن مان هڪ هڪ ظالم کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ لَهُم نَبِيُّهُم إِنَّ اللَّهَ قَد بَعَثَ لَكُم طالوتَ مَلِكًا قالوا أَنّىٰ يَكونُ لَهُ المُلكُ عَلَينا وَنَحنُ أَحَقُّ بِالمُلكِ مِنهُ وَلَم يُؤتَ سَعَةً مِنَ المالِ قالَ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰهُ عَلَيكُم وَزادَهُ بَسطَةً فِى العِلمِ وَالجِسمِ وَاللَّهُ يُؤتى مُلكَهُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 247) |
۽ سندن پيغمبر کين چيو ته الله طالوت کي اوھان لاءِ بادشاہ مُقرّر ڪيو آھي، چيائون ته اُن جي بادشاھي اسان تي ڪئن ٿيندي ھن حالت ۾ جو اسين کانئس بادشاھيءَ جا وڌيڪ حقدار آھيون ۽ مال مان گھڻائي نه ڏني ويئي اٿس. (پيغمبر کين) چيو ته الله اُن کي اوھان تي پسند ڪيو آھي ۽ کيس عِلم ۽ جسم ۾ گھڻو وڌايو اٿس، ۽ الله جنھن کي گھُرندو آھي تنھن کي پنھنجو مُلڪ ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هنن جي نبي سڳوري کين چيو ته، الله تعاليٰ توهان جي لاءِ طالوت کي بادشاه مقرر ڪيو آهي، (ان جي فرمانبرداري ڪيو ۽ جنگ لاءِ تيار ٿيو) هنن چيو ته، ائين ڪيئن ٿيندو جو هن کي اسان تي حڪمراني ملي ڇو جو حڪمراني لاءِ هن کان وڌيڪ ته اسان پاڻ حقدار آهيون. ازان سواءِ هن کي مال ۽ دولت جي ڪشادگي به ڪانهي. نبي سڳوري فرمايو ته، الله تعاليٰ طالوت کي ئي (حڪمرانيءَ جي لياقتن سببان) توهان تي ترجيح ڏيئي چونڊيو آهي ۽ کيس گهڻي علم ۽ وڏي جسماني طاقت عطا ڪئي آهي. الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو (۽ لائق سمجهي ٿو) تنهن کي بادشاهي ڏئي ٿو، بيشڪ الله تعاليٰ وڏي وسعت رکڻ وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن کي انهن جي نبي فرمايو بيشڪ الله تعالى طالوت کي توهان لاءِ بادشاهه مقرر ڪيو آهي، چيائون انهي کي اسان لاءِ الله تعالى بادشاهه ڪيئن مقرر ڪيو آهي حالانڪ اسين انهيءَ کان وڌيڪ بادشاهه ٿيڻ جي لائق آهيون ۽ طالوت ته مسڪين آهي، نبي فرمايو انهيءَ کي الله تعالى توهان مان چونڊيو آهي ۽ انهيءَ کي علم ۽ جسم ۾ توهان کان ڪشادو ڪيو آهي، ۽ الله تعالى جنهنکي پسند ڪري پنهنجو مُلڪ ان کي ڏئي ٿو، ۽ الله تعالى احسان ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن کي سندن نبي چيو ته بيشڪ الله اوهان لاءِ طالوت کي بادشاھ مقرر ڪيو آهي. چوڻ لڳا ته ان جي حڪومت (ڀلا) اسان تي ڪئين ٿي سگهي ٿي؟ هوڏانهن حڪومت جا حقدار ان کان ته اسين وڌيڪ آهيون. ڇو ته کيس ايترو مال (۽ دولت) به ته نه ڏنل آهي. چيائين ته بيشڪ الله ان کي اوهان تي فضيلت ڏني آهي ۽ (مال ۾ نه سهي، پر) علم ۽ جسم (طاقت) ۾ گهڻو وڌايو ويو آهي ۽ الله جنهن کي گهري تنهن کي پنهنجو ملڪ ڏئي ٿو ۽ الله گهڻو ڏيندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو انهن کي انهن جي نبي ته بيشڪ الله تحقيق مقرر ڪيو اوهان لاءِ طالوت کي امير چيائون ته ڪيئن هوندو ان کي حڪومت ڪرڻ (جو حق) اسان تي ۽ اسين وڌيڪ حقدار آهيون حڪومت ڪرڻ جا ان کان ۽ نه ڏنو ويو گھڻائي مال ۾ فرمايائين بيشڪ الله برگزيدو ڪيو ان کي اوهان تي ۽ وڌايائين ان کي گھڻو علم ۽ جسم ۾ ۽ الله ڏئي ٿو ملڪ پنهنجو جنهن کي گھري. الله وسعت وارو ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن کي سندن نبي چيو ته بيشڪ الله اوهان لاءِ طالوت کي بادشاهه مقرر ڪيو آهي. انهن چيو ته ڪيئن ان جي بادشاهي اسان تي ٿيندي ۽ اسين ان کان بادشاهيءَ جا وڌيڪ حقدار آهيون ۽ ان کي مال جي ڪشادگي به نه ڏني ويئي آهي. چيائين ته بيشڪ الله اُن کي اوهان تي پسند ڪيو آهي ۽ کيس علم ۽ جسم ۾ گهڻو وڌايو آهي. ۽ الله جنهن کي گهري تنهن کي پنهنجو ملڪ ڏي ٿو ۽ الله گهڻو ڏيندڙ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کي سندن نبيءَ چيو ته: ”بيشڪ الله اوهان لاءِ طالوت کي بادشاهه مقرر ڪيو آهي“. چوڻ لڳا: ”ان کي وري اسان تي بادشاهي ڪيئن ملي وئي! حالانڪه اسان ان کان وڌيڪ بادشاهي جا حقدار آهيون ۽ ان کي ته مال جي گهڻائي به نه ڏني وئي آهي“. نبيءَ چيو ته: ”بيشڪ الله ان کي چونڊي توهان تي مقرر ڪيو آهي ۽ ان کي علم ۽ جسم ۾ وڌيڪ ڪشادگي ڏني آهي. ۽ الله پنهنجي بادشاهي جنهن کي چاهي عطا ڪري. ۽ الله ڪشادگي وارو علم وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نبيءَ سندن فرمايو، ته سائين ڪيو سالار، توهان تي، طالوت کي، ته ٻوليائون ٻيهار، اُهو اسان مٿان ڪِئين ٿئي، مُلڪ جو مهندار، ۽ مُلڪ جا حقدار، اسين وڌيڪ اُن ڪنان. ۽ مور نه مليس مال مان، مِلڪيت ڪا گھڻي، چي، اوهان مٿي اُن کي، ڌُران ڌُئو ڌڻي، ۽ سَرسِي سُڌ ۽ جسم ۾، خدا ڏِنيس کڻي، ۽ مالڪ پنهنجو ملڪ ڏئي، جو وڃِي کيس وَڻي، ۽ عطا اَڻ ڳڻِي، ڏيندڙ، پڻ ڏاهو ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن نبيءَ چين ته ”بيشڪ الله طالوت کي اوهان جو بادشاهه مقرر ڪيو آهي.“ چوڻ لڳا ته ”هو اسان تي ڪيئن بادشاهت ڪندو، جو اسين حڪومت جا ان کان وڌيڪ حقدار آهيون ۽ هو ته شاهوڪار به نه آهي؟“ نبيءَ چيو ته ”الله ان کي اوهان لاءِ چونڊيو ۽ کيس علم ۽ جسم ۾ وڌايائين ۽ الله جنهن کي وڻيس، تنهن کي سندس ملڪ ڏئي ٿو ۽ الله فضل ڪرڻ وارو سڀ ڪم ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن نبيءَ کين ٻڌايو ته الله طالوت کي توهان لاءِ بادشاهه مقرر ڪيو آهي. اهو ٻڌي چيائون: "اسان تي بادشاهه ٿيڻ جو حقدار اهو ڪيئن ٿيو؟ سندس ڀيٽ ۾ بادشاهيءَ جا وڌيڪ حقدار ته اسان آهيون. هو ته ڪو وڏو دولتمند ماڻهو ناهي". نبيءَ کين چيو ته: "الله توهان جي ڀيٽ ۾ انهيءَ کي ئي چونڊيو آهي ۽ کيس دماغي ۽ جسماني ٻنهي قسمن جون صلاحيتون گهڻيون ڏنيون اٿائين ۽ الله ته پنهنجو ملڪ جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي ٿو، الله ڏاڍيءَ وسعت وارو آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي نبي انهن کي چيو ته، بيشڪ الله توهان جي لاءِ مقرر ڪيو آهي طالوت کي بادشاهه، اهو ٻڌي اهي چوڻ لڳا: اسان تي اهو بادشاهه بنجڻ جو حق ڪيئن ٿو رکي؟ ۽ ان جي مقابلي ۾ بادشاهي جا وڌيڪ حقدار اسين آهيون، اهو ته ڪو وڏو مالدار ماڻهو به ناهي. نبيءَ جواب ڏنو: ”الله توهان جي مقابلي ۾ ان کي مقرر ڪيو آهي ۽ ان کي دماغي ۽ جسماني قسمن جون اهليتون وڌيڪ عطا فرمايون آهن ۽ الله کي اختيار آهي ته پنهنجو ملڪ جنهن کي وڻيس ڏئي،الله وسعت رکي ٿو ۽ سڀڪجهه سندس علم ۾ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سندن نبي سڳوري کين ٻڌايو ته، الله تعالى توهان جي لاءِ طالوت کي بادشاهه مقرر ڪيو آهي، اهو ٻڌي هو چوڻ لڳا ته هو اسان جي مٿان بادشاهه ڪيئن مقرر ٿي سگهي ٿو؟ ان کان وڌيڪ ته اسان (بادشاهت جا) حقدار آهيون، هو غريب ماڻهو آهي. نبي سڳوري فرمايو ته بيشڪ الله تعالى توهان جي مقابلي ۾، ان کي بادشاهه چونڊيو آهي، هو علم ۽ جسماني طاقت جي حساب سان اوهان کان وڌيڪ آهي. اها الله تعالى جي مرضي آهي ته جنھن کي گهري بادشاهت عطا ڪري. الله تعالى وڏي ڪشادگيءَ وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ لَهُم نَبِيُّهُم إِنَّ ءايَةَ مُلكِهِ أَن يَأتِيَكُمُ التّابوتُ فيهِ سَكينَةٌ مِن رَبِّكُم وَبَقِيَّةٌ مِمّا تَرَكَ ءالُ موسىٰ وَءالُ هٰرونَ تَحمِلُهُ المَلٰئِكَةُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 248) |
۽ کين سندن پيغمبر چيو ته اُن جي بادشاھيءَ جي نشاني اوھان وٽ صندوق جو اچڻ آھي جنھن ۾ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ دِل جو آرام ۽ جيڪي مُوسىٰ جي خاندان ۽ ھارون جي خاندان (تبرڪ) ڇڏيو تنھن جي بچت آھي اُن کي مَلائِڪ کڻي ايندا، ڇوته اُن ۾ اوھان لاءِ بي شڪ (وڏي) نشاني آھي جيڪڏھن اوھين مڃيندڙ آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ وري انهن جي نبيءَ سڳوري کين فرمايو ته ڏسو ته هن جي حاڪم ٿيڻ جي (لائقي جي) نشاني هيءَ آهي ته، توهان جو پاڪ تابوت (جو هاڻي دشمنن جي قبضي ۾ آهي) ملائڪ اتان کڻي ايندا. انهيءَ تابوت ۾ توهان جي پروردگار جي طرف کان اوهان جي لاءِ (فتح جي) تسلي آهي ۽ جيڪي حضرت موسيٰ ۽ هارون جو خاندان ڇڏي ويا آهن، ان جو باقي حصو آهي. جيڪڏهن توهان مڃڻ وارا آهيو ته هن ۾ توهان لاءِ وڏي نشاني موجود آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن کي سندن نبي فرمايو بيشڪ ان جي بادشاهي جي نشاني توهان وٽ پيتي مبارڪ جو اچڻ آهي ان ۾ دِلي سُڪون آهي توهان جي رب جي طرفان ۽ متبرڪ شيون جيڪي (حضرت) موسى ۽ هارون جي خاندان ۾ رهيل هيون انهي تبرڪ کي ملائڪ کڻي ايندا، بيشڪ انهيءَ ۾ توهان لاءِ وڏي نشاني آهي، جيڪڏهن توهان مڃيندڙ آهيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن کي سندن نبي چيو ته ان جي بادشاهيءَ جي نشاني هيءَ آهي جو اوهان وٽ صندوق ايندي جنهن ۾ اوهان پنهنجي پالڻهار وٽان هڪ تسڪين قلب ۽ پڻ انهن تبرڪات مان بچيل هونديون جي موسى ۽ هارون جي اولاد، يادگار ڇڏي ويئي آهي ۽ ان صندوق کي ملائڪ کڻي ايندا. جيڪڏهن ايمان وارا آهيو ته بيشڪ ان ۾ توهان لاءِ (پوري) نشاني آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو انهن کي نبيءَ انهن جي ته بيشڪ نشاني ان جي حاڪم ٿيڻ جي هيءَ آهي ته اچي اوهان وٽ صندوق جنهن ۾ سڪون آهي اوهان جي رب وٽان ۽ بچيل شيون آهن.ن مان جو ڇڏيو اولاد موسى جي ۽ اولاد هارون جي کڻي ٿا اچن ان کي ملائڪ بيشڪ ان ۾ البتہ (الله جي) وڏي نشاني آهي اوهان لاءِ جيڪڏهن آهيو مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن کي سندن نبي چيو ته ان جي بادشاهيءَ جي نشاني هيءَ آهي جو اوهان وٽ صندوق ايندي جنهن ۾ اوهان جي پاليندڙ وٽان دل جو آرام هوندو ۽ ان ۾ ڪجهه بچيل شيون هونديون جن کي موسيٰ جي خاندان ۽ هارون جي خاندان ڇڏيو آهي ان کي ملائڪ کڻي ايندا. بيشڪ ان ۾ اوهان لاءِ نشاني آهي جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کي سندن نبيءَ چيو ته: ”بيشڪ ان جي بادشاهت جي نشاني اها آهي جو اوهان وٽ (اها) صندوق ايندي جنهن ۾ اوهان جي پالڻهار پاران سڪونِ قلب آهي ۽ ڪجهه آلِ موسى ۽ آلِ هارون جي تَرڪي مان بچيل (تبرڪات) آهن ان (صندوق) کي ملائڪ کڻي ايندا. اگر اوهين مؤمن آهيو ته ان ۾ اوهان لاءِ وڏي نشاني آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نبي سندن فرمايو، ته اُن جي اڳوانيءَ جا آثار، پيتي اِينديان پڌري، منجھس قلب قرار، پنهنجي پرورپاڪ کان، تسلي تڪرار، پڻ موسٰى ۽ هارون ڇڏيا، جي باقي يادگار، کڻيو ايندا اُن کي، ملائڪ موچار، آھ اوهان لئي اُن ۾، نشاني نروار، اوهين اعتبار، جي آڻڻ وارا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سندن نبيءَ چين ته ”ان جي حڪومت جي نشاني هيءَ آهي، ته اوهان وٽ صندوق ايندي، جنهن ۾ اوهان جي رب کان تسليٰ آهي ۽ اهي بچيل شيون به، جي موسيٰ ۽ هارون جي اولاد ڇڏيون آهن ان کي فرشتا کڻي ايندا، جي اوهين يقين رکو ٿا ته بيشڪ ان ۾ اوهان لاءِ پوري نشاني آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن نبيءَ کين اهو به ٻڌايو ته ”الله جي طرفان ان جي بادشاهه مقرر ٿيڻ جي نشاني اها آهي ته سندس زماني ۾ اها صندوق توهان کي موٽي ملندي، جنهن ۾ توهان جي رب جي طرفان توهان لاءِ دل جي آٿت جو سامان آهي. جنهن ۾ آل موسيٰ ۽ آل هارون جا پويان ڇڏيل تبرڪ آهن، جن کي ملائڪ سنڀاليو جهليو اچن ٿا، جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو ته اها توهان لاءِ تمام وڏي نشاني آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سندن نبي کين ٻڌايو ته الله جي طرفان ان جي بادشاهه مقرر ٿيڻ جي نشاني هيءَ آهي ته سندس زماني ۾ اها صندوق توهان کي واپس ملندي جنهن ۾ توهان جي دلي سڪون جو سامان آهي، ۽ جنهن ۾ آل موسيٰ ۽ آلِ هارن جا ڇڏيل تبرڪات آهن ۽ جن کي هن وقت فرشتا سنڀالي رهيا آهن، بيشڪ ان ۾ توهان لاءِ نشاني آهي جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کي پنھنجي نبي سڳوري اهو به چيو، ته الله تعالى جي طرفان ان بادشاهه جي مقرر ٿيڻ جي هي نشاني ٻڌائي وئي آهي ته سندس دؤر حڪومت ۾ توهان کي اها صندوق واپس ملي ويندي، جنھن ۾ اوهان جي رَبَّ جي طرف کان توهان لاءِ دلي فرحت ۽ آل موسى ۽ آل هارون (ؐ) جا ڇڏيل تبرڪات موجود آهن. ان صندوق کي ان وقت ملائڪ پنھنجي حفاظت ۾ کڻي ايندا. بيشڪ جيڪڏهن توهان ايمان وارا آهيوته اوهان جي لاءِ اها هڪ وڏي نشاني آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا فَصَلَ طالوتُ بِالجُنودِ قالَ إِنَّ اللَّهَ مُبتَليكُم بِنَهَرٍ فَمَن شَرِبَ مِنهُ فَلَيسَ مِنّى وَمَن لَم يَطعَمهُ فَإِنَّهُ مِنّى إِلّا مَنِ اغتَرَفَ غُرفَةً بِيَدِهِ فَشَرِبوا مِنهُ إِلّا قَليلًا مِنهُم فَلَمّا جاوَزَهُ هُوَ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ قالوا لا طاقَةَ لَنَا اليَومَ بِجالوتَ وَجُنودِهِ قالَ الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقُوا اللَّهِ كَم مِن فِئَةٍ قَليلَةٍ غَلَبَت فِئَةً كَثيرَةً بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 249) |
پوءِ جڏھن طالُوت لشڪر سوڌو نڪتو (تڏھن لشڪر کي) چيائين ته الله نديءَ جي پاڻيءَ سان توھان کي پرکيندڙ آھي، پوءِ جيڪو منجھانئس پيئندو سو منھنجو نه آھي، ۽ جيڪو منجھانئس نه چکندو سواءِ ھِن جي جو پنھنجي ھٿ سان لَپ ڀري (پيئي) سو بيشڪ مُنھنجو آھي. پوءِ منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ (سڀني) اُن مان پيتو، پوءِ جنھن مھل اُھو (طالوت) ۽ سندس سنگتي مُؤمن اُن (نديءَ) کان لنگھيا (تنھن مھل پيئندڙن) چيو ته اَڄ اسان کي جالوت ۽ سندس لشڪر سان (وڙھڻ جي) سگھ نه آھي، ( ۽ تنھن مھل) جيڪي پڪو ڀروسو رکندا هُئا ته اُھي الله کي ملندا تن چيو ته ڪيتريون ٿوريون ٽوليون گھڻن ٽولين تي الله جي حُڪم سان غالب ٿي ويون آھن، ۽ الله صابرن ساڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن طالوت لشڪر سان روانو ٿيو تڏهن هن چيو ته واٽ تي (هڪ ندي ايندي ۽) الله تعاليٰ ان نديءَ جي پاڻيءَ سان توهان جي (صبر ۽ فرمانبراريءَ جي) آزمائش وٺندو. ياد رکو ته جنهن به ان نديءَ جو پاڻي پيتو تنهن سان منهنجو واسطو ڪونهي (انهيءَ کي لشڪر مان ڪڍي ڇڏيندس) پر جيڪو اهو پاڻي نه پيئندو سو ئي مون سان اڳتي هلندو، پر جيڪڏهن انهن هڪ ڍڪ پيتو ته فڪر ناهي. پوءِ (جڏهن لشڪر نديءَ وٽ پهتو تڏهن) ڪن ٿورڙن کان سواءِ سڀني پاڻي پيتو، (صبر ۽ فرمانبرداري ۾ پورا نه نڪتا) پوءِ جڏهن طالوت ۽ هن سان گڏ اهي ماڻهو جيڪي سچا ايمان وارا هئا نديءَ کان پار لنگهيا، تڏهن انهن ماڻهن (جن پاڻي پي حڪم جي انحرافي ڪئي هئي) چيو ته اسان کي اها طاقت ناهي ته اڄ جالوت سان (جو فلسطيني لشڪر جو راڪاس جهڙو سردار هو) ۽ سندس لشڪر سان وڙهي سگهون. پر اهي ماڻهو جن سمجهيو ٿي ته (هڪ ڏينهن) الله جي حضور ۾ حاضر رهڻو آهي تن بي ڌڙڪ چئي ڏنو ته (وڏي لشڪر کان ٿا ڊڄو؟) ڪيتريون ئي ننڍيون ٽوليون خدا جي حڪم سان وڏن لشڪرن تي غالب پئجي ويون ۽ الله تعاليٰ هميشه صبر ۽ ثابت قدمي رکڻ وارن جو ساٿي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن طالوت لشڪر وٺي شهر کان ٻاهر نڪتو چيائين بيشڪ الله توهان کي هڪ نهر سان آزمائيندو، پوءِ جنهن انهيءَ جو پاڻي پيتو پوءِ اهو منهنجو ناهي، ۽ جنهن پاڻي نه پيتو پوءِ بيشڪ اهو منهنجو آهي سواءِ ان جي جو هڪ لپ پنهنجي هٿ سان ڀري پيئي، پوءِ ٿورن ماڻهن کان سواءِ ٻين سڀني پاڻي پيتو، پوءِ جڏهن طالوت ۽ ان سان گڏ مسلمان نهر پار ڪري ويا، چيائون اسان کي اڄ جالوت ۽ ان جي لشڪر سان وڙهڻ جي طاقت ناهي، پوءِ انهن چيو جن کي الله تعالى سان ملڻ جو يقين هو، ڪيتريون ئي ٿورڙيون جماعتون وڏين جماعتن تي الله تعالى جي حڪم سان فاتح ٿيون آهن، ۽ الله تعالى صبر ڪندڙن سان گڏ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن طالوت، لشڪر سميت (ايليا شهر) مان روانو ٿيو (ته کين) چيائين ته الله اوهان کي هڪ نديءَ بابت آزمائڻ وارو آهي. پوءِ جنهن به ان مان پاڻي پيتو سو منهنجو نه آهي ۽ جنهن ان کي نه چکيو سو منهنجو آهي. پر جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي هٿ سان (رڳو) هڪ لپ ڀري (پيتي ته حرج نه آهي) پوءِ اتان ڪن ٿورن کان سواءِ (ٻين سڀني) پيتو. پوءِ جڏهن طالوت ۽ جي مومن ان سان گڏ هئا نديءَ مان پار ٿيا ته (خالص مومنن کان سواءِ) سڀ چوڻ لڳا ته اڄ اسان کي جالوت ۽ سندس لشڪر سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت نه آهي. پر انهن کي، جن کي يقين آهي ته (هڪ ڏينهن) خدا کي منهن ڏيکارڻو آهي انهن (بي خوف ٿي) چيو ته ڪيترائي ڀيرا ٿوري جماعت خدا جي حڪم سان گهڻي جماعت تي غالب ٿي آهي. ۽ الله صبر ڪرڻ وارن جو ساٿي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن نڪتو طالوت لشڪرن سان ته فرمايائين بيشڪ الله آزمائيندڙ آهي اوهان جو نهر (جي پاڻيءَ) سان.وءِ جنهن پيتو ان مان پوءِ ناهي منهنجيءَ جماعت مان ۽ جنهن نه چکيو ان مان پوءِ بيشڪ اهو منهنجيءَ (جماعت) مان آهي مگر جنهن ڀريو هڪ چرو پنهنجي هٿ سان پوءِ پيتائون مگر ٿورا انهن مان.وءِ جڏهن لنگھيو ان کان پاڻ ۽ جن ايمان آندو هو ان سان گڏ ته چيائون ته ناهي طاقت اسان کي اڄ (مقابلي ڪرڻ جي) جالوت ۽ ان جي لشڪر سان.يو انهن، جو يقين رکيائون ته بيشڪ اهي ملندڙ آهن الله سان ته ڪيتريون ٿوريون جماعتون غالب ٿيون گھڻين جماعتن کان الله جي اذن سان ۽ الله گڏ آهي صبر ڪندڙ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن طالوت لشڪرن سان (وطن کان) جدا ٿيو (کين) چيائين ته الله اوهان کي هڪ نديءَ سان آزمائڻ وارو آهي. پوءِ جنهن ان مان پيتو سو منهنجو نه آهي ۽ جنهن ان کي نه چکيو سو منهنجو آهي ان کان سواءِ جنهن پنهنجي هٿ سان (رڳو) هڪ لپ ڀري (پيتي)، پوءِ اتان انهن مان ڪن ٿورن کان سواءِ (ٻين سڀني) پيتو. پوءِ جڏهن هو (طالوت) ۽ ايمان وارا ان سان گڏ ان کان لنگهيا تڏهن انهن چيو ته اڄ اسان کي جالوت ۽ سندس لشڪرن سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت نه آهي. جن جو خيال هو ته اهي ضرور الله سان ملڻ وارا آهن تن چيو ته گهڻائي ڀيرا ٿوري جماعت الله جي حڪم سان گهڻيءَ جماعت تي غالب ٿي آهي. ۽ الله صبر وارن سان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن طالوت (پنهنجي) لشڪرن کي وٺي شهر کان نڪتو ته چيائين: ”بيشڪ الله اوهان کي هڪ نهر ذريعي آزمائڻ وارو آهي پوءِ جنهن ان مان پاڻي پيتو سو منهنجي (ساٿين مان) نه هوندو ۽ جنهن نه پيتو سو منهنجي جماعت مان هوندو. سواءِ ان ماڻهوءَ جي جنهن جو پنهنجي هٿ سان هڪ لپ پيئي“ (ان تي گرفت ناهي). پوءِ انهن مان ٿورڙن ماڻهن کان سواءِ سڀني ان (نهر) مان (پاڻي) پيتو. پوءِ جڏهن اهو (طالوت) پاڻ ۽ ان جا ايمان وارا ساٿي نهر ٽپي هليا ته (پاڻي پيئڻ وارا) چوڻ لڳا: ”اڄ اسان ۾ جالوت ۽ ان جي لشڪرن سان مقابلي جي طاقت نه آهي“. (۽) اهي ماڻهو جن کي پڪ هئي ته (شهادت بعد) الله سان ملڻ وارا آهن تن چيو: ”ڪيترا ڀيرا ٿوري جماعت الله جي حڪم سان گهڻي جماعت تي غالب ٿي آهي ۽ الله صبر وارن سان گڏ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ طالوت، جڏهن فوجن سان، ڌوڪي ٿيو ڌار، چي پرور آن کي پرکڻو، مَهندان مٿي نار، پوءِ منهنجو ناھِ، جو ٿيو تِڪي تِنهن مان تار، ۽ جو چڪو نه چکيو ان مان، سو منهنجو تابعدار، مگر چُرون، جنهن چائيو، سندس هٿ سان هيڪار، پوءِ پِي ٿيا پُرڪار، مگر منجهائُنِ ٿورڙا. پوءِ جڏهن لنگھيس پاڻ، ۽ اُن سان آندو جن ايمان، چي، جالوت ۽ سندس فوجن سان، اڄ اسان ۾ ڪا نه، مورهين منجھ ميدان، طاقت جنگ جِھاد جِي. چِٽو مِٺو تن چيو، جن اِها ڳالھ ڳڻِي، ته ملڻا آهن، مورهين، داور ساڻ، ڌڻي، ته گھڻو، گھڻي ٽولي کي، ٽولي ڳاڻ ڳڻِي، حڪم سان حق پاڪ جي، ڪيو هيٺ هڻِي، ۽ جي بيهن بار کڻي، سائين ساٿِي اُنهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن طالوت فوجون وٺي ٻاهر نڪتو، ته چيائين ”بيشڪ الله اوهان کي هڪ نديءَ وٽ آزمائيندو، سو جيڪو ان مان پاڻي پيئندو، منهنجو نه آهي، جنهن ان کي نه چکيو سو برابر منهنجو آهي، سواءِ انهيءَ جي جيڪو هڪ ٻڪُ ڀري پئي. پوءِ ڪن ٿورن کانسواءِ ٻين سڀني پاڻي پيتو. پوءِ جڏهن طالوت ۽ سندس مومن ساٿي ندي اڪريا، ته چوڻ لڳا ته ”اڄ اسان کي جالوت ۽ سندس لشڪر سان وڙهڻ جي طاقت نه آهي!“ پر جن کي خيال هو ته کين الله سان ملڻو آهي، سي چوڻ لڳا ته ”گهڻائي ڀيرا الله جي حڪم سان ٿوري جماعت گهڻيءَ جماعت تي غالب ٿي آهي ۽ الله ثابت قدمن جو مددگار آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن طالوت لشڪر وٺي هليو ته چيائين: "هڪڙي درياءَ تي الله جي پاران توهان جي آزمائش ٿيڻي آهي، جيڪو اتان پاڻي پيئندو، اهو منهنجو ساٿي نه آهي. منهنجو ساٿي فقط اهو آهي، جيڪو ان مان نه پيئي، باقي جي ڪنهن مجبوريءَ ۾ هڪ اڌ ٻڪ پيتو ته ٺهيو". پر هڪڙي ٿورڙي ٽولي کانسواءِ ٻين سڀني ان مان پي ڍؤ ڪيو. پوءِ جڏهن طالوت ۽ سندس ساٿي مسلمان درياءُ اُڪري اڳتي ٿيا ته انهن طالوت کي ٻڌائي ڇڏيو ته اڄ اسان ۾ جالوت ۽ سندس لشڪر جو مقابلو ڪرڻ جي طاقت ڪانهي پر جن ماڻهن پئي سمجهيو ته کين نيٺ هلي الله سان ملڻو آهي، انهن چيو: "ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو آهي، جو هڪڙي ٿورڙي ٽولي الله جي حڪم سان هڪ وڏي ٽولي تي غلبو حاصل ڪيو آهي. الله صبر ڪرڻ وارن جو ساٿي آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن طالوت لشڪر وٺي هليو، ته هن چيو: بيشڪ الله جي طرفان هڪ درياهه تي توهان جي آزمائش ٿيڻ واري آهي، جيڪو ان مان پاڻي پئندو اهو منهنجو ساٿي ناهي، منهنجو ساٿي فقط اهو آهي جيڪو ان مان اڃ نه لاهي. ها! هڪ اڌ ٻڪ پيئي ته پي وٺي. پر سڀني انهيءَ درياهه مان ڍؤ ڪري پيتو سواءِ هڪ ننڍڙي ٽولي جي. پوءِ جڏهن طالوت ۽ سندس مسلمان درياهه پار ڪري اڳتي وڌيا ته انهن طالوت کي چئي ڇڏيو ته اڄ اسان ۾ مقابلي جي طاقت نه آهي جالوت ۽ سندس لشڪر سان، پر انهن چيو جن ماڻهن سمجهيو ٿي ته کين هڪ ڏينهن الله سان ملڻو آهي، ڪئين ڀيرا ائين ٿيو آهي ته غالب آيو آهي هڪ ننڍڙو ٽولو وڏي ٽولي تي الله جي حڪم سان، ۽ الله ساٿي آهي صبر ڪرڻ وارن جو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن طالوت (بادشاهه) جنگي لشڪر کي وٺي نڪتوته لشڪر کي چيائين ته “رستي ۾ هڪ درياءُ ايندو، اتي الله تعالى جي طرفان توهان جي هڪ آزمائش ڪئي ويندي، جيڪو ماڻهو ان درياءَ مان پاڻي پيئندو، اهو منھنجو ساٿي نه آهي، منھنجو ساٿي اهو ماڻهو آهي، جيڪو ان درياءَ مان اُڃ نه لاهي، باقي جي ڪنھن مجبوريءَ ۾ هڪ اڌ ٻڪ پيتو ته ٺهيو.” پوءِ جڏهن درياءَ وٽ پهتا ته ٿورڙن ماڻھن کان سواءِ، سڀني ماڻھن ان درياءَ مان پاڻي پي ڍؤ ڪيو.پوءِ جڏهن طالوت ۽ ان جا مؤمن ساٿي، درياءُ پار ڪري اڳتي وڌياته انهن طالوت کي چيو ته هاڻي ته اسان ۾، جالوت بادشاهه سان وڙهڻ جي طاقت ئي نه آهي، (پر انهن مان ڪي ماڻهو دورانديش هئا). انهن کي يقين هو ته هڪ ڏينھن اسان کي الله تعالى سان ضرور ملڻو آهي. انهن (وڏي همت ڪري) چيو ته اسان ڏٺو آهي ته، “ڪيترائي ڀيرا هڪ ننڍڙي گروهه الله تعالى جي حڪم سان پاڻ کان وڏي گروهه کي شڪست ڏني آهي” الله تعالى ثابت قدم رهڻ وارن سان گڏ آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا بَرَزوا لِجالوتَ وَجُنودِهِ قالوا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 250) |
۽ جنھن مھل (اُھي طالُوتي) جالُوت ۽ سندس لشڪر (جي وڙھڻ) لاءِ نڪتا (تنھن مھل) چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسان تي صبر پلٽ ۽ اسان جان پير ثابت رَک ۽ ڪافر ٽوليءَ تي اسان کي سوڀ ڏئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن هو جالوت ۽ سندس لشڪر جي سگهون ٿيا تڏهن هنن دعا گهري ته اي اسان جا رب! اسان جي مٿان صبر ۽ ثابت قدمي جو پيالو پرٽاءِ ۽ اسان جا قدم ڄمائي رک ۽ اسان کي انهن جي خلاف مدد ڪر جيڪي حق جا منڪر آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مسلمان جڏهن جالوت ۽ ان جي لشڪر جي سامهون ٿيا عرض ڪيائون اي اسان جا رب! اسان کي صبر جي توفيق ڏي ۽ اسان جي پيرن کي مضبوط ڪر ۽ اسان کي ڪافرن تي فتح عطا ڪر.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته جڏهن اهي ماڻهو جالوت ۽ سندس فوج جي مقابلي ۾ نڪتا ته دعا ڪيائون: اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ڪامل صبر عطا فرمائي ۽ (جنگ جي ميدان ۾) اسان جا قدم ڄمائي رک ۽ اسان کي ڪافر قوم تي سوڀ ڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ظاهر ٿيا جالوت ۽ ان جي لشڪرن جي لاءِ ته عرض ڪيائون اي اسان جا رب پلٽ اسان تي صبر ۽ ثابت رک پير اسان جا ۽ مدد ڪر اسان جي قوم ڪافرن جي تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اهي جالوت ۽ سندس لشڪرن (سان جنگ ڪرڻ) لاءِ ميدان ۾ آيا تڏهن چيائون ته اي اسان جا پاليندڙ ! اسان تي صبر پلٽ ۽ اسان جا پير ثابت رک ۽ اسان کي ڪافر قوم تي سوڀ ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن جالوت ۽ ان جي لشڪرن سان آمهون سامهون ٿيا ته چيائون:”اي اسان جا پالڻهار! اسان تي صبر جي پالوٽ ڪر ۽ اسان جي پيرن کي ثابت ڪر ۽ ڪافرن جي قوم مٿان اسان جي مدد ڪر“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن جالوت ۽ سندن فوجن کي، سامهان ٿيا شير، چي، سانيم! صبر اسان ڏيـين ۽ ڪر پختاسندئون پير، ۽ واهر ڪج هِن وير، قادر ڪافر قوم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن هو جالوت ۽ سندس فوجن جي سامهون ٿيا ته ”چيائون ته ”اي اسان جا رب! اسان تي صبر جي پالوٽ ڪر، اسان جا پير محڪم رک ۽ ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن هو جالوت ۽ سندس لشڪر جو مقابلو ڪرڻ نڪتا ته انهن دعا گهري: "اي اسان جا رب! اسان تي صبر جي پالوٽ ڪر، اسان کي ثابت قدم رک ۽ انهيءَ ڪافر ٽولي تي اسان کي فتح ڏي"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن اهي جالوت ۽ سندس لشڪرن جي مقابلي ۾ نڪتا، ته انهن دعا گهري: ”اي اسان جا رب! اسان تي صبر جي پالوٽ ڪر، اسان جا قدم ڄميل رک ۽ فتح نصيب ڪر اسان کي هن ڪافر ٽولي تي.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن هو جالوت بادشاهه ۽ سندس لشڪر جي مقابلي لاءِ سامهون آيا ته انهن الله تعالى کان دعا گهري ته، “اي اسان جا پالڻھار! اسان کي وڏي صبر جي توفيق عطا فرماءِ، اسان جا قدم خوب ڄماءِ ۽ ڪافرن جي گروهه تي فتح نصيب فرماءِ.”(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَهَزَموهُم بِإِذنِ اللَّهِ وَقَتَلَ داوۥدُ جالوتَ وَءاتىٰهُ اللَّهُ المُلكَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَهُ مِمّا يَشاءُ وَلَولا دَفعُ اللَّهِ النّاسَ بَعضَهُم بِبَعضٍ لَفَسَدَتِ الأَرضُ وَلٰكِنَّ اللَّهَ ذو فَضلٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 251) |
پوءِ الله جي حُڪم سان کين ڀڄايائون، ۽ دائُود جالُوت کي ڪُٺو ۽ الله اُن (دائُود) کي بادشاھي ۽ حِڪمت ڏِني ۽ جيڪي اُن لاءِ گھريائين سو سيکاريائين، ۽ جيڪڏھن الله جو ٽارڻ ھڪڙن ماڻھن سان ٻـين کي نه ھُجي ھا ته زمين ضرور خراب ٿئي ھا پر الله جھان (وارن) تي ڀلائي ڪرڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هنن الله جي حڪم سان دشمنن کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ حضرت دائود جالوت کي قتل ڪري وڌو. پوءِ الله تعاليٰ حضرت دائود کي بادشاهي ۽ دانائي ڏني ۽ جو علم کيس سيکارڻ چاهيائين سو کيس سيکاريائين. جيڪڏهن الله تعاليٰ (ظالم) ماڻهن کي (نيڪ) ماڻهن هٿان دفع نه ڪرائي ها ته دنيا ۾ ظلم ۽ فساد ۽ تباهي زور وٺي ها، پر الله تعاليٰ انسانن تي رحم ۽ فضل ڪندڙ آهي، (نيڪن کي ظالمن جي مقابلي ۾ مدد ڪري ٿو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ مسلمانن ڪافرن کي الله جي حڪم سان شڪست ڏني ۽ داؤد جالوت کي قتل ڪيو ۽ الله تعالى داؤد کي ملڪ ۽ نبوت عطا فرمائي ۽ انهي کي جيڪو پسند ڪيائين علم سيکاريائين، ۽ جيڪڏهن الله تعالى ڪافرن کي مسلمانن سان دفع نه ڪري ها ته البته زمين ۾ فساد ٿئي ها پر الله تعالى مهربان آهي جهان وارن تي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ته انهن ماڻهن الله جي حڪم سان انهن (ڪافرن) کي شڪست ڏني ۽ داود جالوت کي قتل ڪيو ۽ خدا ان کي بادشاهي ۽ تمدن جي تدبير عطا فرمائي. پڻ (علم ۽ هنر مان) جو ڪجھ گهريائين سو به کيس سيکاريائين. ۽ جيڪڏهن خدا خاص ماڻهن جي ذريعي ٻين (شريرن) جي شر کي نه ٽاري ها ته هوند! سموري زمين تي فساد ٿي وڃي ها. پر خدا ته ساري جهان جي ماڻهن تي فضل (۽ رحم) ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڀڄايائون انهن کي حڪم الله جي سان ۽ ڪٺو دائود جالوت کي ۽ ڏني ان (داؤد) کي الله بادشاهي ۽ حڪمت ۽ سيکاريائين ان کي ان مان جو ٿو گھري ۽ جيڪڏهن نه هجي ها ٽارڻ الله جو ماڻهن کي هڪڙن جو ٻين سان ته ويران ٿئي ها زمين ۽ پر الله ڀلائي ڪرڻ وارو آهي جھانن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ هنن الله جي حڪم سان انهن (ڪافرن) کي شڪست ڏني ۽ دائود جالوت کي قتل ڪيو ۽ الله ان کي بادشاهي ۽ حڪمت ڏني ۽ جو ڪجهه گهريائين سو ان کي سيکاريائين. ۽ جيڪڏهن الله جو هڪڙن ماڻهن کي ٻين جي هٿان دفع ڪرڻ نه هجي ها ته ضرور زمين خراب ٿي پوي ها پر الله قومن تي مهرباني ڪرڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله جي حڪم سان انهن کي ڀڄائي ڪڍيائون ۽ دائود جالوت کي قتل ڪيو ۽ الله ان کي بادشاهي ۽ حڪمت عطا ڪئي ۽ جو چاهيائين ان جو کيس علم ڏنائين. ۽ جيڪڏهن الله ماڻهن جي هڪ گروهه جي ذريعي ٻئي گروه کي نه هٽائي ته زمين ۾ فساد پکڙجي وڃي ۽ پر الله جهانن مٿان فضل فرمائڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ حڪم سان حق پاڪ جي، هڪدم ڏنائونِ هار، دائود ڪُٺو جالوت کي، پڻ ڏيہ ڏِنس ڏاتار، ۽ حڪومت ۽ حڪمت گھڻي، پڻ سيکاريس ستار، ۽ جيڪي گھريو غفار، هٿ جا هنر ۽ حِرفتون. ۽ جي پَلڻ پرور جو نه هؤ، ڪِن ماڻهن کي، ڪِن ساڻ، ته لڳو لُڙ لوڪ ۾، ڀون ٿئـِي بلڪل پاڻ، پر پرٿڻين تي پاڻ، آھِ ڀلو، ڀال ڀلائڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهن (جالوتين کي) الله جي حڪم سان شڪست ڏني ۽ دائود جالوت کي قتل ڪيو ۽ الله ان کي حڪومت ۽ ڏاهپ ڏني ۽ جيڪي گهريائين سو کيس سيکاريائين ۽ جيڪڏهن الله هڪڙن ماڻهن سان ٻين کي دفع نه ڪري، ته جيڪر ملڪ خراب ٿئي، پر الله جهان جي ماڻهن تي وڏو مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ الله جي حڪم سان هنن ڪافرن کي شڪست ڏني ۽ دائود، جالوت کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ الله کيس بادشاهي ۽ دانائي عطا ڪئي ۽ جن جن شين جو چاهيائين کيس علم ڏنائين. جيڪڏهن ائين الله انسانن جي ڪنهن ٽولي کي ڪنهن ٻئي ٽولي هٿان نه مٽائيندو رهي ها ته زمين جي نظام ۾ خلل پئجي وڃي ها، پر دنيا جي ماڻهن تي الله جو وڏو فضل آهي (جو هو ان طرح فساد کي ٽارڻ جو انتظام ڪندو رهي ٿو) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخرڪار الله جي حڪم سان انهن ڪافرن کي ماري ڀڄايو ۽ داؤد، جالوت کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ الله کيس سلطنت ۽ حڪمت سان نوازيو ۽ جن جن شين کي چاهيو انهن جو علم ڏنائين. اگر الله انسانن جي هڪ ٽولي کي ٻئي جي هٿان نه هٽائيندو رهي ها ته زمين جو نظام ڊانوان ڊول ٿي وڃي ها، پر دنيا جي ماڻهن تي الله جو وڏو فضل آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخرڪار الله تعالى جي حڪم سان، انهن ايمان وارن، ڪافرن کي شڪست ڏني ۽ دائود (ؑ) جالوت بادشاهه کي قتل ڪري ڇڏيو (حضرت دائود ؑ طالوت بادشاهه جي لشڪر ۾، هڪ نوجوان سپاهيءَ جي حيثيت ۾ شامل هو) الله تعالى (بعد ۾ حضرت) دائود (ؑ) کي بادشاهي ۽ حڪمت عطا ڪئي، الله تعالى جيڪو ڪجهه مناسب سمجهيو، ان کي انهن شين جو به علم عطا ڪيو. جيڪڏهن الله تعالى انسانن جي هڪ گروهه کي ٻئي گروهه جي ذريعي نه هٽائيندو رهي ته زمين جو نظام ئي بگڙجي وڃي. الله تعالى ته سمورن جھانن جي مخلوقات تي بيحد مھرباني ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَإِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 252) |
اِھي الله جا حُڪم آھن ھي توتي سَچ سان پڙھون ٿا، ۽ تون ضرور پيغمبرن مان آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر) اهي الله تعاليٰ جون آيتون آهن جي توکي برحق ٻڌايون ٿا ۽ بيشڪ تون سچن رسولن منجهان آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي الله تعالى جون نشانيون آهن جيڪي جبريل جي معرفت حق سان توهان تي نازل ڪجن ٿيون، ۽ بيشڪ اي حبيب ! توهان سچن رسولن مان آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) خدا جون هي سچيون آيتون آهن جي تو کي پوري طرح پڙهي ٻڌايون ٿا ۽ بيشڪ تون پيغمبرن مان آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي آيتون الله جون آهن پڙهون ٿا توتي سچ سان ۽ بيشڪ تون البتہ مرسلن مان آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي الله جون آيتون آهن اهي توکي پوري طرح پڙهي ٻڌايون ٿا. ۽ بيشڪ تون موڪليل (رسولن) مان آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اِهي الله جون آيتون آهن جيڪي اسان توتي سچائي سان پڙهون ٿا. ۽ (اي نبي) بيشڪ تون اسان جي رسولن مان آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڪ پرهون ٿا تو مٿي، اِهي الله جا اُهڃاڻ، ۽ تون آهين سڄڻ! سُڄاڻ، مرسلن مان مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي الله جون آيتون آهن، جي اسين توکي پوري طرح ٻڌايون ٿا. ۽ بيشڪ تون رسولن مان آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي الله جون آيتون آهن، جيڪي اسان توکي ٺيڪ نموني ۾ ٻڌائي رهيا آهيون. تون بيشڪ انهن مان آهين، جيڪي رسول بڻائي پئي موڪليا ويا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (هو فساد ٽاري ٿو) هي الله جون آيتون آهن جيڪي اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون ۽ اي محمد! تون انهن مان آهين جيڪي رسول بڻائي موڪليا ويا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) هي الله تعالى جون آيتون آهن، جيڪي اسان توکي صحيح طريقي سان ٻڌايون ٿا ۽ بيشڪ تون رسولن مان آهين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تِلكَ الرُّسُلُ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ مِنهُم مَن كَلَّمَ اللَّهُ وَرَفَعَ بَعضَهُم دَرَجٰتٍ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ وَلَو شاءَ اللَّهُ مَا اقتَتَلَ الَّذينَ مِن بَعدِهِم مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ وَلٰكِنِ اختَلَفوا فَمِنهُم مَن ءامَنَ وَمِنهُم مَن كَفَرَ وَلَو شاءَ اللَّهُ مَا اقتَتَلوا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يُريدُ (آيت : 253) |
اِھي پيغمبر آھن اُنھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان ڀلو ڪيوسون، منجھانئن ڪن سان الله ڳالھايو ۽ ڪن کي درجن ۾ وڏو ڪيائين، ۽ عيسىٰ پٽ مريم جي کي چٽا مُعجزا ڏناسون ۽ کيس پاڪ رُوح سان مدد ڏني سون، ۽ جيڪڏھن الله گُھري ھا ته جيڪي (ماڻھو) اُنھن (پيغمبرن) کان پوءِ هُئا سي پاڻ وٽ چِٽن مُعجزن اچڻ پڄاڻان (پاڻ ۾) نه وڙھن ھا پر اختلاف ۾ پيا پوءِ منجھانئن ڪن ايمان آندو ۽ منجھانئن ڪن ڪفر ڪيو، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته (پاڻ ۾) نه وڙھن ھا، پر الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي سڀ پيغمبر آهن، انهن مان ڪن کي ٻين کان افضل (بهتر) ڪيوسين (يعني اگرچه پيغمبريءَ جي لحاظ کان سڀني جو درجو هڪ آهي پر هر ڪنهن جون خصوصيتون پنهنجون پنهنجون آهن) انهن مان ڪي ته اهڙا آهن جن سان الله تعاليٰ ڪلام ڪيو (يعني انهن تي ڪتاب نازل ڪيو) ۽ ڪي اهڙا آهن جن جا درجا (ان وقت جي حالتن مطابق ٻين ڳالهين ۾) بلند ڪيا ويا. ۽ حضرت عيسيٰ ابن مريم کي هدايت جا روشن دليل ڏناسين ۽ روح القدس (پاڪ وحي) جي تائيد سان سرفراز ڪيوسين. جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها (سندس قدرت ته سڀ ڪجهه ڪري ٿي سگهي) ته جي ماڻهو انهن پيغمبرن کان پوءِ پيدا ٿيا سي هدايت جي روشن دليلن ملڻ بعد وري پاڻ ۾ اختلاف ڪري وڙهن ڪونه ها، پر (جنهن صورت ۾ الله تعاليٰ انسان کي ارادي ۽ فعل جو اختيار ڏنو آهي) انهن ماڻهن (خود غرضين ۽ تڪبر سببان) پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، ڪن ايمان جي واٽ اختيار ڪئي ته ڪن وري ڪفر جو رستو پسند ڪيو، جيڪڏهن الله چاهي ها ته هو ڪونه وڙهن ها، پر الله تعاليٰ پنهنجي رٿ ۽ ارادي موجب عمل ڪري ٿو. (سندس رٿ اها آهي ته انسان پنهنجو عقل ۽ ٻيون قوتون ڪم آڻي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي رسول آهن انهن مان هڪڙن پيغمبرن کي ٻين کان ڀلو ڪيوسين، انهن مان ڪن سان الله تعالى ڪلام فرمايو ۽ رسولِ عربي کي سڀني کان بلند درجو عطا فرمايو، ۽ اسان مريم جي فرزند عيسى کي معجزا ڏنا ۽ کيس جبريل سان مدد ڏنيسين، ۽ جيڪڏهن الله تعالى گهري ها ته انهن جا پويان پاڻ ۾ نه وڙهن ها انهي کان پوءِ جو انهن وٽ ظاهر نشانيون اچي چڪيون پر انهن اختلاف ڪيو انهن مان ڪي ته ايمان تي رهيا ۽ ڪي ڪافر ٿيا ۽ جيڪڏهن الله تعالى گهري ها ته نه وڙهن ها، پر الله تعالى جيڪو چاهي اهو ڪري ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي سڀ پيغمبر آهن. انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت آهي جنهن سان خدا ڳالهايو ۽ ڪن جا درجا بلند ڪيائين ۽ اسان عيسى پٽ مريم جن کي ڪهڙا نه ظاهر معجزا عطا ڪيا، پڻ کيس پاڪ روح سان مدد ڏني سون. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته، اهي ماڻهو جيڪي انهن (نبين) کان پوءِ هئا سي وٽن پڌرن دليلن اچڻ کان پوءِ پاڻ ۾ جنگ نه ڪن ها پر اختلاف ڪيائون. پوءِ انهن مان ڪنهن ايمان آندو ۽ ڪنهن ڪفر اختيار ڪيو. ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته پاڻ ۾ جنگ نه ڪن ها. پر خدا جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي (سڀ) رسول ڀلو ڪيوسون انهن مان هڪڙن کي ٻين تي.نهن مان ڪنهن سان الله ڳالهايو ۽ بلند ڪيائين انهن مان بعض جا درجا ۽ ڏناسون عيسى پٽ مريم جي کي چٽا دليل ۽ تائيد ڪئي سون ان جي روح پاڪ سان ۽ جيڪڏهن گهري ها الله ته نه وڙهن ها اهي جو هئا انهن کان بعد ان کان پوءِ جو آيا انهن وٽ چٽا دليل ۽ پر اختلاف ۾ پئجي ويا پوءِ انهن مان ڪنهن ايمان آندو ۽ انهن مان ڪنهن ڪفر ڪيو ۽ جيڪڏهن گهري ها الله ته نه وڙهن ها ۽ پر الله ڪري ٿو جيڪو ارادو فرمائي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي رسول آهن جن مان اسان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني. انهن مان ڪو اهو آهي جنهن سان الله ڳالهايو ۽ ڪن جا درجا بلند ڪيائين. ۽ اسان عيسيٰ پٽ مريم جي کي ظاهر معجزا ڏنا. ۽ ان کي روح القدس سان طاقت ڏني سون. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته اهي ماڻهو جيڪي انهن (نبين) کان پوءِ هئا سي وٽن پڌرن دليلن اچڻ کان پوءِ پاڻ ۾ جنگ نه ڪن ها پر اختلاف ڪيائون. پوءِ انهن مان ڪنهن ايمان آندو ۽ ڪنهن ڪفر ڪيو. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته پاڻ ۾ جنگ نه ڪن ها پر الله جيڪي گهري ٿو سو ڪري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي سڀ رسول (جن کي اسان موڪليو) انهن مان اسان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي. انهن مان ڪو اهڙو هيو جنهن سان الله ڳالهايو ۽ ڪو اُهو هيو جنهن جا سڀني تي درجا بلند ڪيائين (يعني حضرت محمد ﷺ)، ۽ اسان مريم جي پٽ عيسى کي چِٽِيُون نشانيون ڏنيون ۽ پاڪ روح جي ذريعي ان جي مدد ڪئي. ۽ جي الله چاهي ها ته انهن کان پوءِ وارا هڪ ٻئي ۾ نه وڙهن ها هن کان پوءِ جو وٽن پڌريون نشانيون اچي ويون ۽ پر اُهي اختلاف ۾ پئجي ويا. سو انهن مان ڪن ايمان آندو ۽ انهن مان ڪن ڪفر ڪيو. ۽ جي الله چاهي ها ته نه وڙهن ها ۽ پر الله جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي مرسل مهربان، ڪي، وَڌاياسون، ڪن کان، ڪن سان ڳالهائيو، تن منجھان، روبرو رحمان، ۽ ڪن کي درجا ڪيترا، بخشياسون بي گمان، ۽ عيسٰي پٽ مريم کي، نوازياسون نِشان، پڻ ساڻ پاڪ جان، آڌاريو سون اُن کي. ۽ جي گھريو هوند غفار، ته پٺيان نه لڙيا پاڻ ۾، جنهن بعد آيون اُنهن کي، نشانيون نروار، پر پوءِ ڦِٽا پاڻ ۾، پوءِ منجھانِ ڪنهن موچار، ڪنهن مڃو ۽ ڪو منڪر ٿيو، جيڪر گھريو غفار، ته لڙڻ نه لڳاپاڻ ۾، پر صاحب ربُّ ستار، ڪري سو ڪم ڪار، جنهن کي پسند پاڻ ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي رسول آهن، جن کي اسان هڪ ٻئي کان ڀلارو ڪيو، انهن مان ڪو اهو آهي جنهن سان الله ڳالهايو ۽ انهن کي هڪ ٻئي کان بلند درجا ڏنائين. ۽ عيسيٰ پٽ مريم کي روشن دليل ڏناسون ۽ جبرئيل سان ان جي مدد ڪئي سون. جيڪڏهن الله گهري ته ماڻهو پڌرن حڪمن جي اچڻ کان پوءِ جيڪر نه وڙهن، پر ڌار ڌار خيالن جا ٿي ويا، منجهائن ڪن ايمان آندو ۽ ڪي انهن مان ڪافر ٿيا. جيڪڏهن الله گهري ها ته جيڪر هڪ ٻئي سان نه وڙهن ها، مگر الله کي جيڪي وڻي ٿو، سو ڪري ٿو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي رسول (جيڪي اسان جي طرفان انسانن جي هدايت لاءِ پئي مقرر ڪيا ويا) اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين کان وڌئون وڌ مرتبا عطا ڪيا. انهن مان ڪو اهڙو هو، جنهن سان الله پاڻ ڳالهايو، ڪن کي هن ٻين ڳالهين ۾ بلند درجا عطا ڪيا ۽ پڇاڙيءَ ۾ عيسيٰ پٽ مريم کي چٽيون نشانيون عطا ڪيونسين ۽ پاڪ روح سان سندس مدد ڪئي سون. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته ائين ٿيڻ ممڪن ئي نه هو ته انهن رسولن کان پوءِ اهي ماڻهو جيڪي چٽيون نشانيون به ڏسي چڪا هئا، پاڻ ۾ وڙهن ها مگر (اها الله جي مشيت نه هئي ته هو ماڻهن کي زوريءَ اختلاف ڪرڻ کان روڪي تنهنڪري) انهن پاڻ ۾ اختلاف ڪيا، پوءِ ڪنهن ايمان آندو ته ڪنهن ڪفر جي واٽ ورتي. ها باقي جيڪڏهن الله گهري ها ته هو ڪڏهن به نه وڙهن ها، پر الله کي جيئن وڻندو آهي تيئن ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي رسول (جيڪي اسان جي طرفان انسانن جي هدايت لاءِ مقرر ٿيا) انهن کي مرتبا عطا ڪيا اسان هڪ ٻئي کان وڌيڪ، ڪو اهڙو هو جنهن سان خدا خود هم ڪلام ٿيو انهن مان، ڪنهن کي بلند درجا ڏنا ٻين کان، ۽ (آخر ۾) عيسيٰ ابن (پٽ) مريم کي روشن نشانيون عطا ڪيون ۽ پاڪ روح سان ان جي مدد ڪئي، الله گهري ها ته ممڪن نه هو ته انهن رسولن کان پوءِ جيڪي ماڻهو روشن نشانيون ڏسي چڪا هئا، اهي پاڻ ۾ وڙهن ها پر (الله جي مرضي اها نه هئي ته اهو ماڻهن کي زوري اختلاف کان روڪي تنهنڪري) اختلاف ڪيو انهن پاڻ ۾، پوءِ ڪنهن ايمان آندو ۽ ڪنهن ڪفر جي راهه ورتي، ها جي گهري ها الله ته اهي هرگز نه وڙهن ها، پر الله جيڪي گهري ٿو اهو ڪري ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهي سڀ ماڻهو رسول آهن (جن کي انسانن جي هدايت لاءِ موڪليو ويو)،اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت عطا ڪئي، انهن مان ڪو اهڙو هو جنھن سان الله تعالى خود براه راست ڳالهايو ۽ وري ڪن رسولن جي درجن کي بلندي عطا ڪئي، اسان عيسى پُٽ مَريم (ؐ) کي ظاهري معجزا ڏنا ۽ کيس هڪ پاڪيزه روح جي ذريعي طاقت بخشي. (پر) انهن رسولن جا پوئلڳ صاف نشانيون ۽ معجزا ڏسڻ کان پوءِ به پاڻ ۾ وڙهندا رهيا. جيڪڏهن الله تعالى گهري ها، ته هو ڪڏهن به نه وڙهن ها (پر الله تعالى جي طرفان کين عمل جي فطري آزادي ڏنل هئي، تنھنڪري کين زبردستي وڙهڻ کان روڪڻ، ان آزاديءَ جي خلاف هو) انهن ماڻهن ڄاڻي واڻي پاڻ ۾ اختلاف پيدا ڪيا، بعد ۾ انهن مان ڪن ايمان آندو ۽ ڪن انڪار ڪيو، (فطري آزادي ختم ڪري) جيڪڏهن الله تعالى گهري ها، ته هو ڪڏهن به نه وڙهي سگهن ها، پر الله تعالى جيڪو ڪجهه چاهي ٿو، اهو ئي ڪري ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَنفِقوا مِمّا رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خُلَّةٌ وَلا شَفٰعَةٌ وَالكٰفِرونَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 254) |
اي مؤمنؤ جيڪي اوھان کي ڏنوسون تنھن مان اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ خرچ ڪريو جنھن ۾ نه ڪو واپار ۽ نه ڪا ياراڻي آھي ۽ نه ڪا پارت ھلندي، ۽ ڪافر ئي ظالم آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! جيڪو رزق اسان توهان کي ڏنو آهي سو (رڳو پنهنجي نفساني خواهشن پورين ڪرڻ لاءِ نه پر الله جي راهه ۾ به) خرچ ڪيو، انهيءَ کان اڳي جو زندگي پوري ٿي وڃي ۽ اهو ڏينهن اچي وڃي جنهن ڏينهن نڪي خريد فروخت ٿي سگهندي (جو پيسا ڏيئي جنت خريد ڪيو) نڪي ڪنهن دوست جي ڪوشش ۽ مددگاري ڪم ايندي، نڪي ڪنهن جي سفارش سان ڪم ڪڍي سگهبو. (ان ڏينهن فقط چڱا عمل ڪم ايندا) ۽ ياد رکو ته جيڪي ماڻهو (هن حقيقت جا) منڪر آهن سي ئي پاڻ تي پاڻ ظلم ڪري رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! الله تعالى جي واٽ ۾ سندس ڏنل مال خرچ ڪريو انهي ڏينهن جي اچڻ کان پهرين جنهن ۾ نه واپار ٿيندو ۽ نه ڪافرن لاءِ دوستي ۽ شفاعت هوندي، ۽ ڪافر ئي ظالم آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! اسان اوهان کي جيڪو رزق ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪري وٺو. ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ جنهن ۾ نه ڪا خريد فروخت ۽ نه ڪا ياري دوستي ۽ نه ڪا پارت سفارش (ئي ڪم ايندي) ۽ ڪفر ڪرڻ وارا ئي ته ظلم وسائن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارا خرچ ڪيو ان مان جو ڏنوسون اوهان کي (ان وقت کان) اڳ ۾ جو اچي اهو ڏينهن جو ناهي واپار ان ۾ ۽ نه دوستي ۽ نه شفاعت (ڪافرن لاءِ) ۽ ڪافر اهي ئي ظالم آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارو ! اسان اوهان کي جيڪو رزق ڏنو آهي تنهن مان خرچ ڪري وٺو، ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ جنهن ۾ نه ڪا خريد و فروخت ۽ نه ڪا دوستي ۽ نه ڪا سفارش آهي. ۽ ڪافر ئي ظالم آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! خرچ ڪيو ان مان جيڪي ڪجھه اسان اوهان کي ڏنو آهي ان کان اڳ جو اهو ڏينهن اچي وڃي جنهن ۾ نه ڪو واپار هوندو ۽ نه (ڪافرن لاءِ) ڪا دوستي (نفعي بخش) هوندي ۽ نه ڪا سفارش هوندي ۽ ڪافر پاڻ ئي ته ظالم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن آندو اعتبار!، سي خداڪارڻ خير ڏيو، جو ڏنو سونِيان، تنهن منجھان، اڳ ۾، ته اچي ساوار، جنهن ۾ سودو، سُنهد نه ڪا، نه پارت ڪنهين پار، ۽ اُهي هر گز هاڃيڪار، ڦِريل جي فرمان کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! جيڪي اوهان کي ڏنو اٿئون، ان مان (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪريو، ان ڏينهن اچڻ کان اڳ جنهن ۾ نڪو سودو هوندو نه ڪا دوستي ۽ شفاعت. ۽ ڪافر ئي ظالم آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان آڻڻ وارؤ! جيڪو به مال متاع اسان توهان کي ڏنو آهي ان مان خرچ ڪريو، هن کان اڳ جو اهو ڏينهن اچي وڃي، جنهن ۾ نڪي ڪا خريد فروخت ٿيندي نه ڪا دوستي ڪم ڏيندي ۽ نه ئي ڪا سفارش هلندي ۽ ظالم ته اصل ۾ اهي آهن، جيڪي ڪفر اختيار ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي جيڪو ڪجهه مال اسان توهان کي بخشيو آهي، ان مان خرچ ڪريو، ان کان اڳي جو اهو ڏينهن اچي، جنهن ۾ ڪابه خريد وفروخت ڪانه ٿيندي ۽ دوستي ڪم نه ايندي، نه سفارش هلندي، ۽ ظالم اصل ۾ اهي آهن جيڪي ڪفر جي راهه وٺن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! اسان توهان کي جيڪو مال ۽ دولت عطا ڪئي آهي، تنهن کي ان ڏينھن جي اچڻ کان پھريائين (اسان جي راهه ۾) خرچ ڪريو، جنھن ڏينھن ڪا به ڪاروباري ڏيتي ليتي نه ٿي سگهندي، نه ڪا دوستِي ڪم ايندي ۽ نه ئي ڪنھن جي طرف کان ڪا سفارش ٿي سگهندي. ان حقيقت جو انڪار ڪندڙ ئي ظالم آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ لا تَأخُذُهُ سِنَةٌ وَلا نَومٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مَن ذَا الَّذى يَشفَعُ عِندَهُ إِلّا بِإِذنِهِ يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِشَيءٍ مِن عِلمِهِ إِلّا بِما شاءَ وَسِعَ كُرسِيُّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَلا يَـٔودُهُ حِفظُهُما وَهُوَ العَلِىُّ العَظيمُ (آيت : 255) |
الله (اُھو آھي جو) اُن کان سواءِ ڪو عبادت جي لائق نه آھي، (اُھو سدائين) جيئرو (جھانن کي) بيھڪ ڏيندڙ آھي، کيس نڪي پنڪي ۽ نڪي ننڊ وٺندي آھي، جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) سندس (ملڪيت) آھي. ڪير آھي جو سندس موڪل ڌاران وٽس پارت ڪري سگھي؟ جيڪي اُنھن (مخلوقن) جي اڳيان آھي ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (سڀ) ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي گھري تنھن کان سواءِ سندس علم مان ڪنھن ذري کي (اُھي) گھيرو ڪري نه سگھندا آھن، سندس (بادشاھيءَ جي) ڪرسيءَ آسمانن ۽ زمين کي لپيٽيو آھي، ۽ اُنھن جي سنڀال کيس نه ٿڪائيندي آھي، ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون وڏي وڏائيءَ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) هو الحي آهي (عيني ازخود زنده آهي ۽ هن جي زندگيءَ کي فنا ۽ زوال ڪونهي) هو القيوم آهي (يعني سڀ ڪجهه هن جي حڪم سان قائم آهي ۽ پنهنجي قيام لاءِ ڪنهن جو به محتاج ناهي) هن کي نڪو ڍڪر ٿو اچي، نڪي ننڊ. آسمانن ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آهي سو سڀ سندس ئي آهي ۽ سندس ئي حڪم سان آهي. ڪير آهي جو هن جي اڳيان هن جي اجازت کان سواءِ ڪنهن جي لاءِ سفارش ڪري سگهي. جيڪي جيڪي انسان جي اڳيان آهي سو به الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي جيڪي پٺيان اٿس سوبه ڄاڻي ٿو. انسان هن جي علم مان ڪجهه به پروڙي نٿو سگهي، پر اوترو جيترو الله تعاليٰ پاڻ عطا ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڏئي ٿو. هن جو تخت (حڪومت) آسمانن ۽ زمين کي گهيرو ڪيون بيٺو آهي ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ ۾ هن کي ڪو ٿڪ ڪونه ٿو ٿئي هو بي انتها بلند ۽ بي انتها وڏو آهي. (اها آهي مشهور آيت آيت الڪرسي)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله آهي انهيءَ کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي، اهو زنده ۽ ٻين کي قائم رکندڙ آهي انهيءَ کي ڳهر ۽ ننڊ نٿي اچي، جيڪي ڪجهه آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي سڀ الله تعالى جو آهي، ڪير آهي جيڪو سفارش ڪري الله تعالى وٽ سندس اجازت کان سواءِ، اهو ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه اڳيان ۽ جيڪو ڪجهه پويان آهي، ۽ نٿا ڄاڻن ڪنهن به شيءِ جي معلومات کي مگر جنهنکي پاڻ چاهي، الله تعالى جي ڪرسي آسمانن ۽ زمينن کان ڪشادي آهي ۽ الله تعالى کي آسمانن ۽ زمينن جي حفاظت ڪرڻ ڳري ناهي ۽ اهو ئي بلند عظمت وارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله ئي اها (ذات پاڪ) آهي جنهن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي اهو زندھ ۽ ساري جهان جو سنڀاليندڙ آهي. ان کي نه پنڪي ۽ نه ننڊ وٺي ٿي. جو ڪجھ آسمانن ۾ ۽ جو ڪجھ زمين ۾ آهي سو سندس ئي آهي. اهو ڪير آهي جو سندس اجازت کان سواءِ وٽس سفارش ڪري. جو ڪجھ انهن جي اڳيان (موجود) آهي (سو) ۽ جو ڪجھ سندن پٺيان (ٿي چڪو) آهي (خدا سڀ کي) ڄاڻي ٿو. ۽ ماڻهو سندس علم مان ڪهن شيءَ تي به احاطو ڪري نه ٿا سگهن. پر اهو (جنهن کي) جيترو گهري (ته سيکاري) سندس ڪرسي آسمانن ۽ زمين تي حاوي آهي ۽ انهن جي سنڀال ڪرڻ به مٿس ڳري نه آهي ۽ اهو (سڀ کان) مٿاهون آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سچو معبود، ناهي ڪو عبادت جو لائق ان کان سواءِ جيئرو (سڀني کي) قائم رکندڙ، نه ٿي وٺي ان کي اوجهراڻي ۽ نه ننڊ ان جي ملڪيت آهي جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي، ڪير آهي جو شفاعت ڪندو ان وٽ ان جي اجازت کان سواءِ ڄاڻي ٿو جيڪي انهن جي اڳيان آهي ۽ جيڪي انهن جي پويان آهي ۽ نه ٿا گهيرو ڪن ڪنهن شيءِ جو ان جي علم مان مگر جيترو گهري ڪشادي آهي ڪرسي ان جي آسمانن ۽ زمين کان ۽ نه ٿي ٿڪائي ان کي حفاظت انهن جي ۽ اهو مٿاهون، وڏو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اهو آهي جنهن کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. اهو جيئرو (هميشه) قائم رهندڙ آهي ان کي نه پنڪي ۽ نه ننڊ وٺي ٿي. جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو سندس آهي. اهو ڪير آهي جو سندس اجازت کان سواءِ وٽس سفارش ڪري. جو ڪجهه انهن جي اڳيان ۽ جو ڪجهه انهن جي پٺيان آهي تنهن کي هو ڄاڻي ٿو. ۽ اهي سندس علم مان ڪنهن شئي کي به گهيرو نه ٿا ڪن (يعني نه ٿا ڄاڻن) مگر جيترو گهريو اٿس. سندس (بادشاهيءَ جي) ڪرسيءَ آسمانن ۽ زمين کي لپيٽيو آهي. ۽ انهن جي سنڀال ڪرڻ به مٿس ڳري نه آهي ۽ اهو (سڀ کان) مٿاهون وڏائي وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله (اهو آهي جو) ان کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق ناهي. اهو پاڻ هميشه زنده رهندڙ، ٻين کي قائم رکندڙ آهي، نه ان کي اُونگھه اچي ٿي ۽ نه ننڊ. سڀ ڪجھه سندس ملڪيت آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي. ڪير آهي جو ان جي اڳيان ان جي اجازت بنا سفارش ڪري سگهي!اهو ڄاڻي ٿو جو ڪجهه انهن (يعني مخلوقات) جي اڳيان (ٿيو يا ٿي رهيو) آهي ۽ جو ڪجهه انهن جي پويان (ٿيڻ وارو) آهي. اُهي سندس معلومات مان ڪنهن شيءِ جو گهيرو نه ٿا ڪري سگهن مگر جيترو اُهو چاهي. سندس ڪرسي (يعني حڪومت) جي ڪشادگي آسمانن ۽ زمينن تي ڇانيل آهي. انهن ٻنهين (آسمان ۽ زمين) جي حفاظتَ ان لاءِ ڏکي نه آهي ۽ اهو تمام مٿاهون ۽ تمام وڏو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌڻي جنهن ڌارا، نه ڪا درگاه، ۽ دربار، سدا سوئـِي جيرو، قائم برقرار، اِي وڙ نه تنهن، ته وير ڪنهن، وٺيس خواب خمار، اُن لئي سڀ اُڀن ۾، عجب رنگ اسرار، پڻ زمن زمين ۾، جِنسون ۽ جنسار، ڪير نه ڪُڇي اُن وٽ، اُن جي اجازت ڌار، اڳيان، پويان اُنهن جي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، ۽ هي نه اُن جي علم مان، ڄاڻڻ لِک لغار، مگر جنهن کي جيترو، گُھري ربُّ غفار، آهي اُڀن، ڀون ڪنان، اُن جو علم اَپار، ۽ اُن ٻن سندي سنڀال ۾ ، بلڪل نه ٿـئيس بار، اُهو مٿاهون، مختار، وڏِي وڏائـِي جو ڌڻي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله کانسواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جي لائق ناهي، هو هميشه جيئرو ۽ سڀ کي قائم رکندڙ آهي، کيس نڪي ڳهر اچي ٿي ۽ نه ننڊ، جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو سندس ئي آهي. ڪير آهي، جو وٽس سندس اجازت کانسواءِ شفاعت ڪري؟ جيڪي ماڻهن جي اڳيان آهي ۽ جيڪي انهن جي پويان آهي ان سڀ جي خبر اٿس ۽ اهي سندس مرضي کانسواءِ سندس علم مان ڪجهه هٿ ڪري نٿا سگهن، سندس بادشاهي آسمانن ۽ زمين تي ڇانيل آهي ۽ انهن جو سنڀالڻ کيس نٿو ٿڪائي. هو سڀ کان مٿاهون، بزرگيءَ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، اها سدائين زنده رهندڙ دائم قائم هستي آهي، جيڪا سموري ڪائنات کي سنڀاليو جهليو پئي اچي، هــُـن کي نڪي اوجهرائي (گهل، پنڪي) ٿي وٺي ۽ نه ئي کيس ننڊ ٿي اچي. آسمانن توڙي زمين ۾ جيڪي به آهي سندس ئي آهي، ڪير آهي جيڪو سندس بارگاهه ۾ سندس اجازت کان سواءِ ڪا سفارش ڪري سگهي؟ جيڪو ڪجهه بندن جي آڏو آهي اهو به ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو کانئن لڪل آهي، ان کان به واقف آهي، ۽ جيڪي هو گهري تنهن کان سواءِ سندس (لامحدود) علم مان ڪنهن ذري کي به (اهي) گهيرو ڪري نٿا سگهن. سندس حڪومت آسمانن ۽ زمين تي پوريءَ ريت پکڙيل آهي ۽ انهن جي نظرداري ان لاءِ ڪو ٿڪائيندڙ ڪم نه آهي، بس اهائي تمام مٿانهين ۽ تمام وڏي ذات آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله هميشه اها زنده رهڻ واري هستي، جيڪا پوري ڪائنات کي سنڀالي رهي آهي، ان کان سواءِ ڪوبه خدا نه آهي، اهو نه سمهي ٿو ۽ نه ان کي اوجهراڪي اچي ٿي، زمين ۽ آسمان ۾ جيڪي ڪجهه آهي، ان جو آهي، ڪير آهي جيڪو سفارش ڪري سگهي سندس اجازت کان سواءِ؟ جيڪي آڏو آهي انهن کي به ۽ جو ڪجهه انهن کان لڪل آهي ان کان به واقف آهي. ۽ سندس معلومات مان ڪنهن به شيءِ کي اهي گهيرو ڪري نٿا سگهن، سواءِ ان جي ته ڪنهن شيءِ جو علم هو پاڻ انهن کي ڏيڻ گهري، سندس حڪومت آسمانن ۽ زمين تي ڇانيل آهي ۽ انهن جي سنڀال کيس ٿڪائڻ واري نه آهي، بس اها ئي ته بزرگ ۽ مٿاهين ذات آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعاليٰ کان سواءِ ڪير عبادت جي لائق نه آهي، اهائي هستي هميشه زنده رهڻ واري آهي ۽ اهو ئي(سموري ڪائنات کي) سنڀاليندڙ آهي. هو نه سمهندو آهي ۽ نه ئي کيس ننڊ جو جهوٽو ايندو آهي، آسمانن ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آهي، سو سڀ ان جو ئي آهي. ڪير آهي جو سندس سامهون بغير اجازت، ڪنھن جي ڪا سفارش ڪري سگهي؟ هو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪو مخلوق جي سامهون آهي ۽ جو مخلوق کان ڳجهو آهي. مخلوقات مان ڪير به سندس ڏنل علم کان سواءِ، ڪنھن به شيءِ جي سمجهه حاصل نٿو ڪري سگهي، سواءِ ان جي جيڪا هو (الله) پاڻ ئي ڪنھن کي سمجهه ڏيڻ گهري. سندس حڪومت آسمانن ۽ زمين تي حاوِي آهي ۽ انهن جي سنڀال، ان لاءِ ڪو ٿڪائيندڙ ڪم نه آهي ۽ اهو ئي تمام وڏو بلند ۽ عظيم مرتبي وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا إِكراهَ فِى الدّينِ قَد تَبَيَّنَ الرُّشدُ مِنَ الغَىِّ فَمَن يَكفُر بِالطّٰغوتِ وَيُؤمِن بِاللَّهِ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ لَا انفِصامَ لَها وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 256) |
دين مڃائڻ ۾ ڪا زبردستي نه آھي، (ڇوته) بيشڪ گمراھيءَ کان ھدايت (جدا ٿي) پڌري ٿي آھي، تنھنڪري جيڪو طاغوت (يعني خُدا کانسواءِ ٻـين معبودن) کي نه مڃي ۽ الله کي مڃي تنھن بيشڪ اھڙي مُحڪم ڪڙي کي ورتو، جنھن کي ڇڄڻ نه آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) دين جي باري ۾ زور زبردستي جائز ناهي، يقيناً هدايت جي واٽ گمراهي کان الڳ ۽ چٽي ڪئي ويئي آهي. (ٻئي واٽون ماڻهن جي سامهون آهن، جنهن کي جيڪا وڻي سان اختيار ڪري) پوءِ جنهن طاغوت (شيطان) کان انڪار ڪيو (يعني فساد ۽ سرڪشيءَ کان بيزار ٿي ويو) ۽ الله تي ايمان آندو تنهن (سعادت واريءَ) ڀروسي جهڙي ٽاريءَ کي مضبوط جهليو، جا ٽاري ٽٽڻ واري ناهي (جنهن ان کي جهليو سو سلامت رهيو) ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) دين ۾ ڪابه زبردستي ناهي، بيشڪ هدايت جدا ٿي گمراهي کان، پوءِ جيڪو شيطان کي نه مڃي ۽ الله تي ايمان آڻي ٿو پوءِ بيشڪ اُن مظبوط رسيءَ کي جهليو، جنهنکي ڪڏهن نه ٽٽڻو آهي، ۽ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) دين ۾ ڪا زبردستي نه آهي بيشڪ هدايت گمراهيءَ کان پڌري ٿي آهي. پوءِ جيڪو ڪوڙن الاهن (بتن) کان انڪار ڪندو ۽ الله تي ايمان آڻيندو ته ان اها مضبوط رسي جهلي جا ڇڄڻ واري نه آهي ۽ خدا (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ (۽) ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي ڪا زبردستي دين ۾ تحقيق ظاهر ٿي هدايت گمراهيءَ کان پوءِ جيڪو انڪار ٿو ڪري شيطان جو ۽ ايمان ٿو آڻي الله تي پوءِ تحقيق ورتائين ڪڙو مضبوط جو ناهي ٽٽڻ ان لاءِ ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) دين (مڃائڻ) ۾ ڪا زبردستي نه آهي. بيشڪ هدايت گمراهيءَ کان پڌري ٿي آهي. پوءِ جيڪو گمراهه ڪندڙن جو انڪار ڪندو ۽ الله تي ايمان آڻيندو ته ان مضبوط ڪڙو جهليو جو ڇڄڻ وارو نه آهي. ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) دين ۾ ڪا به زبردستي ناهي، بيشڪ هدايت گمراهي کان جدا ٿي چڪي آهي، سو جيڪو شيطان جو انڪار ڪري ۽ الله تي ايمان آڻي ته بيشڪ ان هڪ اهڙي مضبوط سهاري کي پڪڙيو جيڪو ٽٽڻ وارو نه آهي ۽ (اهو سهارو) الله (آهي جو) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) منجھ دين، ذرو نه زور، جڏهن کُلِي واٽ ڪُواٽ کان، پوءِ، جو ڦِري ڦيريال کان ۽ مالڪ مڃي، سو مور، ته جنهن جو چڄڻ نه ڇيہ سين، سا ڏاڍي پڪڙئين ڏور، سائين سڀ ڪنهن طور، سڻندڙ ۽ سڄاڻ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) دين جي معاملي ۾ زبردستي نه آهي، بيشڪ سنئين واٽ گمراهيءَ کان نروار ٿي چُڪي آهي، پوءِ جيڪو گمراهه ڪندڙ طاقتن کي مڃڻ کان انڪار ڪندو ۽ الله تي يقين رکندو، تنهن بيشڪ اهڙي مضبوط ڪڙي کي جهليو، جو ٽٽڻ وارو نه آهي ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) دين جي معاملي ۾ ڪابه زور زبردستي ڪانهي، صحيح ڳالهه غلط خيالن کان ڇنڊي ڇاڻي پڌري ڪئي وئي آهي، هاڻي جنهن به طاغوت (گمراهه ڪندڙن) جو انڪار ڪري الله تي ايمان آندو، ان هڪ اهڙو مضبوط سهارو جهلي ورتو، جيڪو ڪڏهن به ٽٽڻو نه آهي ۽ الله (جنهن جو سهارو ان ورتو آهي) سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) دين جي معاملي ۾ ڪابه زور زبردستي ناهي، صحيح ڳالهه غلط خيالن کان ڇنڊي ڦوڪي الڳ رکي وئي آهي، هاڻي جنهن طاغوت جو انڪار ڪيو ۽ الله تي ايمان آندو، انهن اهڙو ته مضبوط سهارو پڪڙيو، جيڪو ڪڏهن به ٽٽڻ وارو ناهي ۽ الله (جنهن جو سهارو ان ورتو) سڀڪجهه ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) دين (اسلام) کي قبول ڪرڻ لاءِ ڪنھن تي به زور زبردستي نه آهي، ڇاڪاڻ جو ڀلائيءَ کي برائيءَ کان ڌار ڪري رکيو ويو آهي، هاڻي جيڪو به الله تعالى کان سواءِ، ٻين جي عبادت ڪرڻ کان انڪار ڪندو ۽ هڪ الله جي عبادت ڪرڻ تي ايمان آڻيندو، ڄڻ ته هن هڪ مضبوط سھارو جهلي ورتو، جيڪو ڪڏهن به ٽـٽي نٿو سگهي. الله تعالى سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ وَلِىُّ الَّذينَ ءامَنوا يُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَالَّذينَ كَفَروا أَولِياؤُهُمُ الطّٰغوتُ يُخرِجونَهُم مِنَ النّورِ إِلَى الظُّلُمٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 257) |
الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي کين اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍندو آھي، ۽ جيڪي ڪافر آھن تن جا مددگار (خُدا کانسواءِ جن جي عبادت ڪن ٿا سي) بت آھن کين سوجھري مان اونداھين ڏانھن ڪڍندا آھن، اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ انهن ماڻهن جو محافظ ۽ مددگار آهن جي ايمان جي راه اختيار ڪن ٿا. هو انهن کي هر قسم جي اونداهين مان ڪڍي روشنائيءَ ۾ آڻي ٿو، پر جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي تن جا دوست ۽ مددگار اهي سرڪش ۽ مفسد شيطان آهن، (جن کي هنن معبود بنايو آهي) اهي شيطان هنن کي روشنائيءَ مان ڪڍي اونداهين ۾ وٺي وڃن ٿا. اهي ماڻهو آهن جيڪي دوزخي جماعت جا ساٿي آهن ۽ هميشه ان باهه ۾ رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى مؤمنن جو مددگار آهي، اهو انهن کي اونداهين کان روشنيءَ جي طرف ڪڍي ٿو، ۽ ڪافرن جا ساٿي شيطان آهن جيڪي انهن کي روشني کان اونداهيءَ جي طرف وٺي وڃن ٿا، اُهي ماڻهو جهنمي آهن، اُهي انهي ۾ هميشه رهندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله ايمان وارن جو سرپرست آهي. انهن کي (گمراهيءَ جي) اونداهين مان ڪڍي (نور هدايت جي) روشنيءَ ڏي آڻي ٿو ۽ جيڪي ڪافر ٿيا تن جا سرپرست (وري) شيطان آهن. جو انهن کي (ايمان جي) روشني مان ڪڍي (ڪفر جي) اونداهين ۾ وجهن ٿا. اهي دوزخي آهن. اهي سدائين ان ۾ پيا هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله مددگار آهي مؤمنن جو ڪڍي ٿو انهن کي اونداهين مان روشنيءَ ڏانهن ۽ جن ڪفر ڪيو انهن جا ساٿي شيطان آهن ڪڍن ٿا انهن کي روشنيءَ مان اونداهين ڏانهن اهي جهنمي آهن اهي انهيءَ ۾ هميشہ رهندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله ايمان وارن جو مددگار آهي. انهن کي اونداهين مان روشني ڏي ڪڍي ٿو. ۽ جيڪي ڪافر ٿيا تن جا مددگار شيطان آهن. اُهي انهن کي روشنيءَ مان اونداهين ڏي ڪڍن ٿا. اهي دوزخي آهن. اهي ان ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله ڪارساز آهي انهن ماڻهن جو جن ايمان آندو. انهن کي اونداهين مان روشني ڏانهن ڪڍي ٿو. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن جا حمايتي شيطان آهن جيڪي کين روشني کان اونداهين ڏانهن ڪڍن ٿا. ۽ اهي جهنمي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الله ٻيلي اُنهن جو، مڃيو جن مذڪور، نِئينِ پاسي نور، ڪڍي اُنهن کي اُونداهين مان. ۽ جي ڦِريا، اوليا انهن جا، مُفت مونجھارو مور، اُنهن کي اُونداهين ڏي، نِينِ منجھان را نور، اُهي دوزخِي درپور، هونِ هميشه اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله مومنن جو مددگار آهي. هو انهن کي انڌيرن مان ڪڍي روشني ۾ آڻي ٿو ۽ جن ڪفر ڪيو، اهي شيطان جا رفيق آهن. هو انهن کي روشنيءَ مان انڌيرن ۾ آڻي ٿو. اهي ئي دوزخي آهن. اهي ان ۾ هميشه رهندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو ايمان آڻن ٿا، انهن جو واهر وسيلو الله آهي ۽ هو کين اونداهين (گمراهيءَ) مان ڪڍي روشنيءَ (هدايت) ڏانهن آڻي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو ڪفر جي واٽ وٺن ٿا انهن جا ڀرجهلا طاغوت آهن، هو کين روشنيءَ (هدايت) کان اونداهين (گمراهيءَ) ڏانهن گهلين ٿا. اهي باهه ۾ پوڻ وارا ماڻهو آهن، جتي هو هميشه پيا هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله مددگار آهي ايمان آڻڻ وارن جو، اهو انهن کي اونداهيءَ مان آڻي ٿو روشني ڏي، ۽ اهي ماڻهو جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي، سندن مددگار طاغوت آهي، اهي انهن کي روشنيءَ مان گهلي انڌيرن ڏانهن کڻي وڃن ٿا. اهي ماڻهو باهه ۾ وڃڻ وارا آهن، جتي هو هميشه رهندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ته مؤمنن جو حامي ۽ مددگار آهي، جو کين اونداهين مان ڪڍي، روشنيءَ ۾ آڻيندو آهي، پر ڪافرن جا حمايتي ۽ مددگار، الله تعالى جا باغي آهن، هو کين روشنيءَ مان ڪڍي اونداهين ۾ اڇلائيندا آهن، اهي ئي ته باهه ۾ سڙڻ وارا (دوزخي ماڻهو) آهن، جيڪي هميشه ان ۾ پيا سڙندا. (ع)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذى حاجَّ إِبرٰهۦمَ فى رَبِّهِ أَن ءاتىٰهُ اللَّهُ المُلكَ إِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّىَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ قالَ أَنا۠ أُحيۦ وَأُميتُ قالَ إِبرٰهۦمُ فَإِنَّ اللَّهَ يَأتى بِالشَّمسِ مِنَ المَشرِقِ فَأتِ بِها مِنَ المَغرِبِ فَبُهِتَ الَّذى كَفَرَ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 258) |
(اي پيغمبر) تو اُنھن ڏانھن نه ڏٺو ڇا؟ جنھن پنھنجي پالڻھار بابت ابراھيم سان (انھيءَ مغروريءَ سبب) تڪرار ڪيو جو الله کيس بادشاھي ڏني ھئي، جڏھن ابراھيم چيو ته منھنجو پالڻھار اُھو آھي جو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، (ڪافر) چيو ته آءٌ (به) جياريان ٿو ۽ ماريان ٿو. ابراھيم چيو ته الله سج کي اوڀر کان اوڀاريندو آھي تنھنڪري (تون) اُن کي اولھ کان اوڀار پوءِ ڪافر ھَڪو ٻَڪو ٿي ويو، ۽ الله ظالم ٽوليءَ کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تو انهيءَ شخص جي حالت تي غور ڪونه ڪيو ڇا جنهن حضرت ابراهيم سان سند پروردگار جي باري ۾ بحث ڪيو. ڇو ته الله تعاليٰ کيس بادشاهي ڏني هئي (يعني بادشاهيءَ جي فخر کان خود خدا بابت حجتون ڪرڻ لڳو) جڏهن حضرت ابراهيم فرمايو ته، منهنجو پروردگار اهو آهي جو جيئاري ۽ ماري ٿو، تڏهن هن بادشاه چيو ته، مان به جيئاريان ۽ ماريان ٿو (يعني پنهنجي بادشاهيءَ ۾ جنهن کي وڻيم تنهن کي مارائي ڇڏيان ۽ جنهن کي وڻيم تنهن کي ڇڏي ڏيان) حضرت ابراهيم تنهن تي فرمايو ته الله تعاليٰ سج کي اوڀر کان اڀاري ٿو، تون اولهه کان اڀاري ڏيکار. (هي جواب ٻڌي) حق جو منڪر وائڙو ٿي ويو. الله (جو قانون آهي ته هو) ظالمن کي حق جي راهه نٿو ڏيکاري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! ڇا توهان نه ڏٺو انهي ماڻهوءَ کي جنهن رب جي باري ۾ ابراهيم سان تڪرار ڪيو انهيءَ کي الله تعالى بادشاهي ڏني، جنهن وقت ابراهيم فرمايو منهنجو رب اهو آهي جيڪو ماري ۽ جياري ٿو، چيائين آئون ماريان ۽ جياريان ٿو، ابراهيم فرمايو بيشڪ الله تعالى سج کي اوڀر کان اُڀاري ٿو پوءِ تون سج کي اولهه کان اڀار پوءِ ڪافر حيران رهجي ويو، ۽ الله تعالى هدايت نٿو ڏئي ظالمن جي قوم کي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) ڇا تون ان ڏي نه ڏٺو جنهن ابراهيم سان پنهنجي پالڻهار جي باري ۾ هن ڪري جهڳڙو ڪيو جو خدا هن کي بادشاهي ڏني. جڏهن ابراهيم چيس ته: منهنجو پاليڻدڙ اهو آهي جو جياري ۽ ماري ٿو. ان چيو ته آءُ به جياريان ۽ ماريان ٿو. ابراهيم چيو (چڱو! ته) پوءِ خدا ته سج کي اڀرندي کان آڻي ٿو ۽ تون ان کي الهندي کان آڻ. پوءِ اهو ڪافر حيرانيءَ ۾ پئجي ويو (پر ايمان نه آندائين) ۽ الله ظالمن کي منزل مقصود تي (ڪڏهن به) نٿو پهچائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو ان ڏانهن جو جهيڙو ڪيائين ابراهيم سان ان جي رب جي (باري ۾) ان سببان جو ڏني الله ان کي بادشاهي جڏهن چيو ابراهيم ته منهنجو رب اهو آهي جو جياري ٿو ۽ ماري ٿو.يائين ته مان به جياريان ۽ ماريان ٿو چيو ابراهيم پوءِ بيشڪ الله آڻي ٿو سج اوڀر کان پوءِ آڻ تون اهو اولھ کان پوءِ حيرت ۾ پيو (اهو) ڪافر ۽ الله نه ٿو هدايت ڪري ظالم قوم کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا تو ان ڏي نه ڏٺو جنهن ابراهيم (عليه السلام) سان پنهنجي پاليندڙ جي باري ۾ هن ڪري جهڳڙو ڪيو جو الله هن کي بادشاهي ڏني. جڏهن ابراهيم چيو ته منهنجو پاليندڙ اهو آهي جو جياري ۽ماري ٿو. ان چيو ته آءُ به جياريان ۽ ماريان ٿو. ابراهيم چيو ته پوءِ الله سج کي اُڀرندي کان آڻي ٿو پوءِ تون ان کي الهندي کان آڻ. پوءِ اهو ڪافر حيرانيءَ ۾ پئجي ويو. ۽ الله ظالم قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) ڇا تو ان ماڻهو کي نه ڏٺو؟ جنهن ابراهيم سان سندس پروردگار جي باري ۾ جهڳڙو ڪيو باوجود ان جي جو الله ان کي بادشاهي ڏني. جنهن وقت ابراهيم چيو ته: ”منهنجو پالڻهار اُهو آهي جيڪو جياري ۽ ماري ٿو“. چيائين: ”آءُ به جياريان ۽ ماريان ٿو“. ابراهيم چيو ته: ”پوءِ بيشڪ الله اُهو آهي جيڪو سج کي اوڀر کان آڻي ٿو، تون ان کي اولهه کان آڻي ڏيکار“! پوءِ ان جي مَتِ مُنجهي پئي جنهن ڪفر ڪيو هيو. ۽ الله ظالمن جي قوم کي سنئين واٽ نه ٿو ڏيکاري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ نه ڏٺئـِي، تنهن پار، جنهن حضرت ابراهيم سان، سندس پرور پاڪ ۾، تَڙيل ڪيو تڪرار، مٿي اِن آڌار، ته مولا تنهن مُلڪ ڏنون. اُتو ابراهيم جڏهن، ته سانيمِ، سو سُڄاڻ، جو جياري ۽ ماري، اِي انهيءَ جا اُهڃاڻ، چي، اُوتان آئون پاڻ، جياريان، ۽ ماريان. اُتو ابرهيم ورِي، ته سانيمِ، سو سڄاڻ، جو آڻي سج اوڀر ڪنان، تون اولهيان، اُن کي آڻ، پوءِ اِن کان جنهن انڪار ڪيو، سو هَڄي ويو هاڻ، ۽ سنئين سائين پاڻ، نه ڏَسي، ڏيھ ڏکوئيندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تو ان ماڻهوءَ جي حال تي غور نه ڪيو، جنهن ابراهيم سان سندس رب بابت جهڳڙو ڪيو؟ تڏهن، جو الله کيس بادشاهي ڏني. جڏهن ابراهيم چيو ته ”منهنجو رب اهو آهي، جو جيئرو ڪري ٿو ۽ ماري ٿو.“ هن چيو ته ”آءٌ به جياريان ۽ ماريان ٿو.“ ابراهيم چيو ته ”الله سج کي اوڀر کان آڻي ٿو، تون ڀلا ان کي اولهه کان آڻ.“ انهيءَ تي اهو ڪافر حيران رهجي ويو. ۽ الله بي انصاف ماڻهن کي سنئين واٽ نه ڏيکاريندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا تو ان ماڻهوءَ جي حالت تي ڪو غور نه ڪيو آهي، جنهن ابراهيم سان جهڳڙو ڪيو هو؟ هن ڳالهه تي ته ابراهيم جو رب ڪير آهي ۽ هن ڪري جو انهي ماڻهوءَ کي الله حڪومت ڏني هئي، جڏهن ابراهيم چيو ته: "منهنجو رب اهو آهي جنهن جي هٿ ۾ زندگي ۽ موت آهي". ته هن وراڻي ڏني ته: "زندگي ۽ موت ته منهنجي هٿ وس آهي". ابراهيم چيس: "چڱو ڀلا، الله ته سج کي اوڀر کان اڀاريندو آهي، تون ان کي اولهه کان اڀار". اهو ٻڌي اهو حق جو منڪر وائڙو ٿي ويو، پر الله ظالمن کي سنئين دڳ نه لائيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تو (اي نبي!) انهيءَ شخص (نمرود) جي حال تي غور نه ڪيو جنهن ابراهيم سان جهيڙو ڪيو؟ جهيڙو انهيءَ ڳالهه تي هو ته ابراهيم جو رب ڪير آهي ۽ انهيءَ ڪري (جهيڙو ڪيو) جو ان شخص کي الله حڪومت ڏني هئي، جڏهن ابراهيم چيو: زندگي ۽ موت منهنجي رب جي اختيار ۾ آهي ته ان چيو: زندگي ۽ موت منهنجي اختيار ۾ آهي، ابراهيم چيو: چڱو الله سج کي اوڀر کان اوڀاري ٿو، تون کڻي ان کي اولهه مان ڪڍي اچ. جنهن تي ششدر رهجي ويو حق جو منڪر ، پر الله سڌو رستو نه ڏيکاريندو آهي ظالم ماڻهن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ڇا توهان (تاريخ ۾) ان شخص جي بدحواسي نه ڏٺِي، جيڪو ابراهيم (ؑ) سان ڪائنات جي رب جي وجود جي باري ۾ بحث ڪري رهيو هو، حالانڪه الله تعالى کيس رياست جي حڪمراني به عطا ڪئي هئي. ابراهيم (ؑ) جڏهن کيس اصل حقيقت ٻڌائيندي چيو ته، منھنجو رَبُّ ته اهو آهي، جنھن جي هٿ زندگي ۽ موت آهي، ان تي هن ٺھه پھه جواب ڏنو ته زندگي ۽ موت ته منھنجي به اختيار ۾ آهي. جواب ۾ ابراهيم (ؑ) کيس چيو ته الله تعالى سج کي اوڀر طرف کان اڀاري ٿو، تون ڀلا (ٿورو زور لڳاءِ) سج کي اولهه طرف کان اڀاري ڏيکار. اتي حق جو منڪر وائڙو ٿي ويو (پر پوءِ به ايمان نه آندائين) تنھنڪري الله تعالى اهڙن (ضدي ۽) ظالم ماڻهن کي ڪڏهن به سڌو رستو نه ڏيکاريندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو كَالَّذى مَرَّ عَلىٰ قَريَةٍ وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها قالَ أَنّىٰ يُحيۦ هٰذِهِ اللَّهُ بَعدَ مَوتِها فَأَماتَهُ اللَّهُ مِا۟ئَةَ عامٍ ثُمَّ بَعَثَهُ قالَ كَم لَبِثتَ قالَ لَبِثتُ يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالَ بَل لَبِثتَ مِا۟ئَةَ عامٍ فَانظُر إِلىٰ طَعامِكَ وَشَرابِكَ لَم يَتَسَنَّه وَانظُر إِلىٰ حِمارِكَ وَلِنَجعَلَكَ ءايَةً لِلنّاسِ وَانظُر إِلَى العِظامِ كَيفَ نُنشِزُها ثُمَّ نَكسوها لَحمًا فَلَمّا تَبَيَّنَ لَهُ قالَ أَعلَمُ أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 259) |
يا اِنھيءَ طرح اُنھي (پيغمبر) کي (ڏٺئي ڇا؟) جو ھڪ ڳوٺ وٽان ھن حالت ۾ لنگھيو جو اُھو پنھنجي ڇتين سوڌو ڊٺل ھو، (ڏسي ڪري) چيائين ته ھن کي الله ڪھڙي طرح سندس ڦٽڻ کانپوءِ وسائيندو، پوءِ الله کيس سؤ ورھيه ماريو وري کيس (جياري) کڙو ڪيائين، الله چيو ته ڪيترو رھينءِ؟ چيائين ته ھڪ ڏينھن يا ڪجھ پھر دير ڪئي اٿم، الله چيو ته بلڪ سؤ ورھيه دير ڪئي اٿيئي پوءِ پنھنجي طعام ۽ پاڻيءَ ڏانھن نھار جو اُھو نه سينواريو آھي، ۽ پنھنجي (مئل) گڏھ ڏانھن نھار (ته جياري توکي ڏيکاريون) ۽ (اِھو ھِن لاءِ ڪيوسين) ته توکي ماڻھن لاءِ نشاني ڪريون ۽ (ھاڻي گڏھ جي) ھڏن ڏانھن ڏس ته کين ڪئن چوريون ٿا وري اُنھن (ھڏن) کي گوشت پھرايون ٿا. پوءِ جنھن مھل ان تي (اِھو حال) پڌرو ٿيو (تڏھن) چيائين ته ڄاڻان ٿو ته الله سڀ ڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري انهيءَ شخص جو مثال وٺو جو هڪڙي اهڙي ڳوٺ جي ڀرسان لنگهيو جنهن جي گهرن جون ڇتيون ڪري پيون هيون (۽ انهن جي مٿان درن ۽ ڀتين جو ڍير لڳي ويو هو، هي حال ڏسي) هن چيو ته، الله تعاليٰ هن ڳوٺ کي موت بعد وري زندهه ڪندو (يعني ڪيئن ويران ڳوٺ کي وري آباد ڪندو) پوءِ الله تعاليٰ هن شخص کي سئو سالن جو موت ڏنو ۽ پوءِ اٿاري کڙو ڪيائين ۽ پڇيائين ته، ڪيترو وقت انهيءَ حالت ۾ رهين؟ هن چيو ته، هڪڙو ڏينهن يا ڏينهن جو ڪجهه حصو. الله تعاليٰ فرمايو ته، تون هڪ سئو سال انهيءَ حالت ۾ رهئين. هاڻي پنهنجي طعام ۽ پاڻيءَ تي نظر ڪر. انهن ۾ هيترا سال گذرڻ جي ڪا نشاني به ڪانهي (بلڪل تازا پيا ڏسجن) ۽ پنهنجي (سواريءَ جي) گڏهه ڏانهن نهار (ته ڪهڙي حالت ۾ آهي) هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو ويو ته توکي ماڻهن جي لاءِ (حق جي) هڪ نشاني ٺهرايون ۽ وري هڏين ڏانهن نهار ڪيئن اسان انهن ڪي کڙو ڪيون ٿا ۽ ڪيئن انهن تي گوشت چاڙهيون ٿا، پوءِ جڏهن انهيءَ شخص کي اها حقيقت سمجهه ۾ آئي تڏهن هن چيو ته، هاڻي مان يقين سان ڄاڻان ٿو ته، بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا مثال (حضرت) عُزير جو جيڪو لنگهيو هڪ ڳوٺ مان ۽ اهو پنهنجي ڇتين تي ڪريل هو، فرمايائين ڪهڙيءَ طرح الله تعالى هن ڳوٺ کي ويران ٿيڻ کان پوءِ آباد ڪندو، پوءِ الله تعالى انهي کي سؤ سال مُئل رکي پوءِ زنده ڪيو، الله تعالى فرمايو تون هتي ڪيترو وقت رهين، عرض ڪيائين هڪ ڏينهن يا ڪجهه گهٽ، الله تعالى فرمايو نه! بلڪ توکي سؤ سال گذري ويا، پوءِ تون پنهنجي طعام ۽ پاڻيءَ کي ڏس جو اڃان بدبوءِ دار نه ٿيو آهي، ۽ پنهنجي گڏهه کي ڏس (جيڪو مٽي ٿي ويو آهي) اهو انهيءَ لاءِ جو توکي اسين ماڻهن لاءِ نشاني ڪريون ۽ ڏس انهن هڏين کي ته ڪهڙيءَ طرح اسين ترتيب ڏيون ٿا پوءِ انهن تي گوشت چاڙهيون ٿا، پوءِ جڏهن اها ڳالهه ظاهر ٿي، چيائين آئون يقين ڪريان ٿو ته بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تو مثلا ان (بندي جي حال) تي به نظر ڪئي جو هڪ ڳوٺ مان لنگهيو ۽ اهو ڳوٺ پنهنجين ڇتين ڀر ڪريل هو (ان کي ڏسي) چيائين ته ڪئين هن کي الله هن جي ڦٽڻ کان پوءِ آباد ڪندو؟ پوءِ خدا کيس (ماري ڇڏيو ۽) سو سال مردو رکيو. وري ان کي اٿاريائين. خدا فرمايو ته: تون هتي ڪيترو وقت رهيو آهين؟ ان چيو ته هڪ ڏينهن يا هڪ ڏينهن جو ڪجھ حصو رهيو آهيان. خدا فرمايو ته: (نه) بلڪه تون سو سال رهيو آهين. پوءِ تون پنهنجي کاڌي ۽ پيتي ڏي ڏس ته (ذرو به) بگڙيو نه آهي. ۽ پنهنجي گڏھ ڏي ڏس ته ڪئين اسين ان جي (هڏين کي) سلائي وري انهن کي گوشت ڍڪايون ٿا. پوءِ جڏهن مٿس (اهو حال) ظاهر ٿيو تڏهن چيائين ته آءُ ڄاڻان ٿو ته بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا ان شخص وانگر جو لنگهيو هڪ ڳوٺ وٽان ان حال ۾ جو اهو ڪريل هو پنهنجين ڇتين تي چيائين ته ڪهڙيءَ طرح وَسائيندو هن کي الله پڄاڻان ڦٽڻ ان جي پوءِ مئل رکيو ان کي الله سؤ سالن تائين ان کان پوءِ جيئرو ڪيائين ان کي فرمايو (الله ته) ڪيتري (مدت هتي) رهيو آهين عرض ڪيائين ته رهيس ڏينهن يا حصو ڏينهن جو.رمايو (الله) بلڪ رهيو آهين سؤ سال پوءِ ڏس تون پنهنجي طعام ۽ پنهنجي پيئڻ واري شيءِ ڏانهن جو نه بدبودار ٿي ۽ ڏس پنهنجي گڏھ ڏانهن ۽ تانته ڪيون توکي نشاني ماڻهن جي لاءِ ۽ ڏس تون هڏن ڏانهن ته ڪهڙيءَ طرح ٿا ڳنڍيون انهن کي ان کان پوءِ ڍڪايون ٿا انهن تي گوشت پوءِ جڏهن ظاهر ٿيو ان لاءِ ته چيائين يقين سان ٿو ڄاڻان ته بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا (تو) ان کي نه ڏٺو جو هڪ ڳوٺ کان لنگهيو ۽ اهو (ڳوٺ) پنهنجين ڇتين ڀر ڪريل هو. (ان کي ڏسي) چيائين ته ڪيئن هن کي الله هن جي مرڻ (ڦٽڻ) کان پوءِ جيئرو (آباد) ڪندو. پوءِ الله ان کي سَو ورهيه ماريو وري ان کي اٿاريائين. چيائين ته تون (هتي) ڪيترو رهيو آهين. ان چيو ته هڪ ڏينهن يا هڪ ڏينهن جو ڪجهه حصو رهيو آهيان. چيائين ته (نه) بلڪ تون سو سال رهيو آهين. پوءِ تون پنهنجي کاڌي ۽ پيتي ڏي ڏس ته بگڙيو نه آهي. ۽ پنهنجي گڏهه ڏي ڏس. ۽ (اسين گهرون ٿا ته) توکي ماڻهن لاءِ نشاني ڪريون. ۽ تون هڏن ڏي ڏس ته ڪيئن اسين اُنهن کي ملايون ٿا وري انهن کي گوشت ڍڪايون ٿا. پوءِ جڏهن مٿس (اهو حال) ظاهر ٿيو تڏهن چيائين ته آءُ ڄاڻان ٿو ته بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا ان ماڻهو وانگر جيڪو هڪ ڳوٺ وٽان ان حال ۾ لنگهيو جو اهو پنهنجي ڇتين ڀرڪِريل هيو. چيائين: ” هي آبادي جا هلاڪ ٿي چڪي آهي ان کي الله ڪيئن وري زندگي ڏيندو“؟ پوءِ الله ان کي سؤ سالن تائين مئل رکيو پوءِ ان کي جياري اٿاريو. الله تعالى پڇيو ته: ”تو تي ڪيترو وقت گذريو آهي“؟ چيائين: ”ڏينهن يا ڏينهن جو ڪجهه حصو“. فرمايائين: ”بلڪه تون سؤ سال رهيو آهين، هاڻي تون پنهنجي کاڌي ۽ پيتي کي ڏس جو خراب (پاروٿو) به نه ٿيو آهي، ۽ پنهنجي گڏهه ڏانهن نهار (جنهن جون هڏيون به ڳري ويون آهن) ۽ اسان تو کي ماڻهن لاءِ هڪ نشاني بنائينداسين، ۽ هڏين ڏانهن نهار! ته اسان انهن کي ڪيئن اٿاريون ٿا پوءِ انهن تي گوشت چاڙهيون ٿا“. پوءِ جڏهن ان تي ڳالهه پڌري ٿي پئي ته چيائين: (اکئين ڏٺي يقين سان) ”ڄاڻان ٿو ته الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا اُن جيئن، جو لنگھيو، اُن شهر مٿان شير، جنهن جون ڇِتيون، ڀِتين مٿي، ڊهي ٿيل ڍير، چي، وسائيس ڪٿان هن وير، سائين سندس سُڃَوَر پُٺيان. پوءِ مالڪ ماريو ان کي، سڄاسارا، سَو سال، وري اُٿارئين ان کي، چي، لاتئـِي هت ڇا لال!، چي، جاليمِ جل جلال! هڪ ڏينهن، ڪِ حصّو ڏينهن جو. چي، پِئو رهين پٽ ۾، سڄاسارا، سَو سال، پوءِ کاڌو ۽ پيتو پنهنجو، جاچ چڱيءَ چال، ته پئي نه پارُوٿا ٿيا، ۽ پس پنهنجي، گڏه جو حال، ۽ توکي ڪريون ڪمال!، ماڻهن ڪارڻ معجزو. ۽ ڏِس هڏن ڏي هيڪار، ته ڪنهن صورت کين سنواريون، پوءِ مَٿن ماس چاڙهيون؛ جڏهن پورا مِليَسِ پار، چي، سَمجھان ته ربُّ ستار، آھِ قادر هرڪم ڪار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا، تو ان ماڻهوءَ تي غور نه ڪيو، جو هڪ شهر وٽان ٿي لنگهيو، جنهنجيون ڇتيون ڪريل هيون. چيائين ته ”هن جي (ڦٽڻ) کان پوءِ الله ڪيئن ان کي جيئرو ڪندو!“ پوءِ الله کيس سؤ ورهيه موت جي حالت ۾ رکي وري اٿاريو، پڇيائين: ”هن حالت ۾ ڪيتري دير هئين؟“ چيائين ته: آءٌ هڪ ڏينهن يا ان جو ڪجهه حصو رهيس.“ چيائين ”نه، بلڪ تون سؤ ورهيه رهين، پوءِ پنهنجي کاڌي ۽ پاڻي ڏانهن ڏس، ته انهن ۾ بدبو نه ٿي آهي. ۽ پنهنجي گڏهه ڏانهن به ڏس. اسين توکي ماڻهن لاءِ عبرت جي نشاني بڻائينداسون. ۽ هڏن ڏانهن ڏس، کيس ڪيئن اڀاري جوڙيون ٿا، پوءِ کين گوشت ڍڪايون ٿا.“ جڏهن مٿس اهو حال پڌرو ٿيو، چيائين ته ”آءٌ ڄاڻان ٿو ته بيشڪ الله هر ڳالهه تي وسوارو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري مثال طور ان شخص کي ڏسو، جنهن جو لنگهه هڪ اهڙيءَ وسنديءَ (ڳوٺ) وٽان ٿيو، جيڪا پنهنجي ڇتين ڀر اونڌي ٿي پئي هئي. هن چيو: "هيءَ وسندي (ڳوٺ) جيڪا ختم ٿي چڪي آهي، ان کي الله ٻيهر ورائي ڪيئن جيئرو ڪندو؟" تنهن تي الله سندس روح قبض ڪري ورتو ۽ هو سؤ سال مئو پيو رهيو، پوءِ ورائي الله کيس جيئرو ڪيو. کانئس پڇيائين: "ٻڌاءِ ته ڪيترو وقت اتي پيو رهيو آهين؟" چيائين: "ڏينهن يا ڏينهن جو ڪو حـصو"، چيائين: "تون ته سؤ سال پيو رهيو آهين، هاڻي ڪجهه پنهنجي کاڌي پيتي ڏانهن ته نظر ڪر، ان ۾ ڪوبه ڦيرو ڪونه آيو آهي، وري هوڏانهن پنهنجي گڏهه تي به نظر وجهه (انهيءَ جا ته هڏا به ڀــُـري ڀاڻ ٿي رهيا آهن) ۽ اهو اسان ان ڪري ڪيو آهي، جو اسان توکي ماڻهن لاءِ هڪ نشاني بڻائڻ ٿا چاهيون. وري ڏس ته انهيءَ هڏائين پڃري کي اسان ڪيئن ٿا اٿاري کڙو ڪري مٿس ماس چاڙهيون". اهڙيءَ طرح جڏهن مٿس حقيقت صفا کلي پئي ته چيائين ته، "مان ڄاتم ته بيشڪ الله کي سڀ ڪا طاقت آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا وري مثال طور ان شخص کي ڏسو، جنهن جو لنگهڻ هڪ اهڙي وستيءَ وٽان ٿيو، جيڪا اونڌي ڪِريل هئي پنهنجي ڇتن تي هن چيو: هن آبادي کي الله وري ڪيئن ٻيهر زندگي بخشيندو جيڪا هلاڪ ٿي چڪي آهي؟ ان تي الله سندس روح قبض ڪري ورتو ۽ اهو سؤ سالن تائين مرده پيو رهيو پوءِ الله ان کي ٻيهر حياتي ڏني ۽ پڇيو: ڪيترو عرصو رهئين؟ هن چيو: هڪ ڏينهن يا ان جو ڪجهه حصو هوندس. فرمايو (الله): توتي هڪ سؤ سال انهيءَ حالت ۾ گذري چڪا آهن. هاڻي ذرا پنهنجي کاڌي ۽ پاڻي کي ڏس، ان ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو آهي. وري ڏس پنهنجي گڏهه ڏانهن (ان جو ڍانچو به ڳريل آهي) ۽ هي اسان بڻائڻ چاهيون ٿا نشاني ماڻهن لاءِ ۽ ڏس اسان ڪهڙيءَ طرح هڏين جي هن پنڃري کي کڻي ان تي چاڙهيون ٿا گوشت جڏهن حقيقت ان تي ظاهر ٿي ته هن چيو: آءٌ ڄاڻان ٿو ته بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ان شخص جو به مثال وٺو، جڏهن هو هڪ اهڙي ڳوٺ وٽان لنگهي رهيو هو (جيڪو سمورو اجڙِيل هو)، جنھن جون ڇِتيون ڪريل هيون (ماڻهو ان جي هيٺان اچي دٻجي مري ويا هئا) ان کي ڏسي، هن شخص چپن ۾ چيو ته، اهڙي برباد ٿيل آباديءَ کي، الله تعالى وري ٻيھر ڪيئن زندهه ڪندو؟ پوءِ الله تعالى ان کي به ماري ڇڏيو ۽ هو هڪ سؤ سالن تائين انهيءَ حالت ۾ مئل پيو هو. پوءِ الله تعالى کيس جيئرو ڪري پڇيو، ته تون ڪيترو عرصو ان حالت ۾ رهيو هوندين؟ تنھن تي هن چيو ته هڪ ڏينھن يا کڻي اڌ ڏينھن. الله تعالى کيس چيو ته تون، هڪ سؤ سال ان حال ۾ مئل رهيو آهين، پنھنجي کاڌي پيتي جي شين کي ڏس، ته اهي اڃا تائين خراب نه ٿيون آهن، پريان گڏهه جا هڏا ڏس ته ڪيئن صفا ڀُري ويا آهن، اسان توکي ماڻهن لاءِ هڪ نشاني بنائڻ گهرون ٿا، هاڻي تون انهن هڏين کي ڏس، ته ڪيئن اسان کين ملائي مٿن گوشت چاڙهيون ٿا، پوءِ جڏهن هن پنھنجي اکين سان سڀ ڪجهه ڏٺو، ته بي ڌڙڪ چيائين ته هاڻي مان سمجهي ويس، ته بيشڪ الله تعالى ئي هر شيءِ تي وس وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ أَرِنى كَيفَ تُحىِ المَوتىٰ قالَ أَوَلَم تُؤمِن قالَ بَلىٰ وَلٰكِن لِيَطمَئِنَّ قَلبى قالَ فَخُذ أَربَعَةً مِنَ الطَّيرِ فَصُرهُنَّ إِلَيكَ ثُمَّ اجعَل عَلىٰ كُلِّ جَبَلٍ مِنهُنَّ جُزءًا ثُمَّ ادعُهُنَّ يَأتينَكَ سَعيًا وَاعلَم أَنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 260) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم چيو ته اي مُنھنجا پالڻھار مون کي ڏيکار ته ڪھڙي طرح مئلن کي جياريندو آھين، (الله) چيو ته نه ٿو وسھين ڇا؟ (ابراھيم) چيو ته ھائو (وسھان ٿو) پر ھن لاءِ ته منھنجي دل کي تسلّىٰ ٿئي. (الله) چيو ته چار پکي وٺ پوءِ کين پاڻ وٽ ذرا ذرا ڪر پوءِ منجھانئن ڪو ڀاڱو ھر ھڪ جبل تي رک وري کين سڏ ته توڏانھن ڊوڙندا ايندا، ۽ ڄاڻ ته الله غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (وري ڏسو) جڏهن حضرت ابراهيم چيو ته اي منهنجا رب مونکي ڏيکار ته ڪهڙيءَ طرح تون مئلن کي زندهه ٿو ڪرين؟ تڏهن الله تعاليٰ فرمايو ته، توکي ان جو يقين ناهي ڇا؟ هن عرض ڪيو ته يقين ته آهي پر هي انهيءَ لاءِ عرض ٿو ڪريان ته منهنجي دل کي آرام اچي. (يعني هي جا مايوس ڪندڙ حالت ڏسان ٿو ۽ دل ڌڙڪي ٿي سا دل جي مايوسي لهي وڃي). الله تعاليٰ جو حڪم ٿيو ته هيئن ڪر جو پکين مان ڪي به چار پکي هٿ ڪريو ۽ انهن کي (پاڻ وٽ رکي) پاڻ سان هيرائي ڇڏ، پوءِ انهن مان هرهڪ کي جدا جدا جبلن جي چوٽين تي وهار ۽ پوءِ هنن کي سڏ ڪر، هو (تنهنجو آواز ٻڌي) تنهنجي طرف اڏامي ايندا ۽ يقين ڪر ته بيشڪ الله تعاليٰ وڏي شان ۽ طاقت وارو ۽ حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت ابراهيم عرض ڪيو اي منهنجا رب مون کي ڏيکار تون مُئلن کي ڪيئن جيارين ٿو، الله تعالى فرمايو ڇا توکي يقين نه آهي؟ عرض ڪيائين ڇو نه، مگر چاهيان ٿو ته منهنجي دل مطمئن ٿئي، الله تعالى فرمايو چار پکي وٺي انهن کي ڪُهي پاڻ ۾ مِلاءِ پوءِ انهن مان هڪ هڪ حصو هر جبل تي رکي ڇڏ انهيءَ کان پوءِ تون انهن کي پاڻ ڏانهن سڏ، تو وٽ ڊوڙي ايندا ۽ تون يقين ڪر بيشڪ الله تعالى غالب حڪمت وارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول! اهو واقعو به ياد ڪريو) جڏهن ابراهيم (خدا کي) عرض ڪيو ته اي منهنجا پالڻهار! مون کي به ته ڏيکار ته تون مئل کي ڪئين جيئرو ڪندو آهين؟ خدا فرمايو، ڇا تو کي (ان تي) ايمان نه آهي؟ ابراهيم عرض ڪيو ته (ڇو ڪين) ايمان ته آهي (پر اکين سان ڏسڻ ان ڪري چاهيان ٿو ته) منهنجيءَ دلي تسلي ٿئي. خدا فرمايو چڱو ائين آهي ته پوءِ تون چار پکي وٺ. پوءِ انهن کي پاڻ سان هيراءِ (پوءِ انهن مان هڪ هڪ ٽڪرو رک. پوءِ انهن کي سڏ، بيشڪ خدا زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن چيو ابراهيم ته اي منهنجا رب! ڏيکار مون کي ته ڪيئن ٿو جيئرو ڪرين مئلن کي فرمايائين ڇا نه ايمان آندو تو؟ چيائين هائو ۽ پر تانته مطمئن ٿئي دل منهنجي.رمايائين پوءِ وٺ چار پکي پوءِ هيراءِ انهن کي پاڻ ڏانهن تنهن کان پوءِ رک هر جبل تي انهن مان ذرو ذرو تنهن کان پوءِ سڏ ڪرانهن کي ته ايندا تو وٽ ڊوڙندي ۽ يقين ڄاڻ ته بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن ابراهيم چيو ته اي منهنجا پاليندڙ ! مون کي ڏيکار ته ڪيئن مئلن کي تون جيئرو ڪرين ٿو؟ چيائين ته ڇا تو ايمان نه آندو. ان چيو ته هائو (مون ايمان آندو) پر هن لاءِ (ڏسڻ ٿو گهران) ته منهنجي دل کي تسلي ٿئي. چيائين ته پوءِ تون چار پکي وٺ، پوءِ انهن کي پاڻ سان هيراءِ (پوءِ ڪُههُ) پوءِ هر هڪ جبل تي انهن مان هڪ هڪ ٽڪرو رک. پوءِ انهن کي سڏ ته تو وٽ ڊوڙندا ايندا. ۽ ڄاڻ ته بيشڪ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن ابراهيم چيو ته: ”اي پالڻهار مون کي ڏيکار ته تون مُئلن کي ڪيئن جيارين ٿو“؟الله فرمايو: ”ڇا تو کي يقين نه آهي“؟ عرض ڪيائين: ”هائو پر منهنجي دل مطمئن ٿئي“. الله فرمايو ته: ”پوءِ تون پکين مان چار وٺ پوءِ تون انهن کي پاڻ سان هيراءِ. پوءِ (انهن کي ڪُهي) انهن جو هڪ هڪ ٽڪرو هڪ هڪ جبل تي رک پوءِ انهن کي سڏ ته تو ڏانهن ڊوڙندا ايندا. ۽ ڄاڻ ته بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُتو ابراهيم جڏهن، ته ڏيکاريمِ ڏاتار!، ته مُئاڪِيئن جيارين، چي، ڪِ نه آندئـِي اعتبار؟ چي آنه، پر اِنهي هار، تان ٿيئي قَلب قرار مون. چي، پڪڙ پکي چار، پوءِ ملائينِ پاڻ سين، پوءِ جزوا ساري جبل تي، ڌَر اُنهن جا، ڌارو ڌار، پوءِ سڏينِ ته ايندئـِي سامهان، اُڏرندا اِظهار، پوءِ سمجھ ته ربُّ ستار، آھِ سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪر جڏهن ابراهيم چيو ”اي ڌڻي! مون کي ڏيکار ته تون ڪيئن ٿو مئن کي جيارين؟“ چيائين ؛”توکي يقين نه آهي؟“ چيائين ”ڇو نه، پر پنهنجي دل کي تسلي ڏيڻ گهران ٿو،“ چيائين ته ”چار پکي وٺ ۽ انهن کي پاڻ سان هيراءِ پوءِ انهن مان هر هڪ جزي کي جبل تي رک، پوءِ انهن کي سڏ، هو توڏانهن ڊوڙندا ايندا ۽ ڄاڻ ته بيشڪ الله غالب ڏاهپ واروآهي.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو واقعو به ڌيان ۾ آڻ جڏهن ابراهيم چيو هو ته "اي منهنجا رب! مون کي ڏيکار ته تون مئن کي ڪيئن ٿو جيئرو ڪرين؟“ الله فرمايس: ” ڇا تون (ان تي) ايمان نه ٿو رکين؟“ عرض ڪيائين: "ايمان ته اٿم پر دل جو اطمينان کپندو آهي". فرمايائين: "ته پوءِ تون چار پکي وٺ ۽ انهن کي پاڻ سان هيراءِ . پوءِ انهن جو هڪ هڪ ٽڪرو هڪ هڪ جبل تي رک، پوءِ کين سڏ ڪر ته هو تو وٽ ڊوڙندا ايندا. خوب ڄاڻي ڇڏ ته الله ڏاڍو طاقت وارو ۽ حڪيم آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو واقعو سامهون رهيو جڏهن ابراهيم چيو منهنجا مالڪ! مون کي ڏيکار تون ڪيئن زنده ڪندو آهين مئن کي؟ فرمايائين: ڇا تون ايمان نٿو رکين؟ هن عرض ڪيو ايمان ته رکان ٿو، پر اطمينان ٿو گهران دل جو. فرمايائين: چڱو تون کڻ چار پکي ۽ انهن کي پاڻ سان هيراءِ پوءِ انهن جو هڪ هڪ ٽڪر هڪ هڪ ٽڪريءَ تي رک، پوءِ انهن کي پڪار، اهي تو وٽ ڊوڙندا ايندا ۽ چڱيءَ طرح ڄاڻي ڇڏ ته الله نهايت ئي اقتدار وارو حڪيم آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هي واقعو به ذهن ۾ هجي) جڏهن ابراهيم (ؑ) چيو ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي اهو ڏيکار ته تون مئلن کي ڪهڙيءَ طرح جيئرو ڪندو آهين؟ الله تعالى کيس فرمايو ته ڇا توکي يقين نٿو اچي؟ ابراهيم (ؑ) چيو ته بلڪل يقين اچي ٿو، پر رڳو (اکين سان زندهه ٿيندي ڏسي) دل جي هرکر ختم ڪرڻ ۽ اطمينان حاصل ڪرڻ لاءِ عرض ڪريان ٿو، الله تعالى کيس حڪم ڪيو ته چار پکي هٿ ڪري، انهن کي پاڻ سان هيراءِ، پوءِ ذبح ڪري سندن گوشت جي هڪ هڪ ٽڪري کي الڳ الڳ جبل تي رک، هاڻي تون کين سڏ ڪر ته هو تو وٽ ڊوڙندا ايندا، (اي ابراهيم!) چڱيءَ طرح سمجهي ڇڏ، ته بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. (ع)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَثَلُ الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ كَمَثَلِ حَبَّةٍ أَنبَتَت سَبعَ سَنابِلَ فى كُلِّ سُنبُلَةٍ مِا۟ئَةُ حَبَّةٍ وَاللَّهُ يُضٰعِفُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 261) |
جيڪي (ماڻھو) پنھنجا مال الله جي واٽ ۾ خرچيندا آھن تن جو مثال اُنھيءَ داڻي جي مثال وانگر آھي جو ست سنگ ڄمائي ھر ھڪ سنگ ۾ سئو داڻو ھجي، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي (تنھن کي) ٻيڻو ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگي وارو ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو پنهنجو مال الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا (انهن جي نيڪي ۽ نيڪيءَ جي برڪتن جو) مثال اهڙو آهي جهڙو هڪ ٻج جو داڻو. جو جڏهن پوکيو وڃي ٿو تڏهن هڪ داڻي مان ست سنگ پيدا ٿين ٿا ۽ هرهڪ سنگ مان سئو داڻا نڪري اچن ٿا. (يعني هڪڙي داڻي خرچ ڪرڻ سان سوين داڻا ملن ٿا) ۽ الله تعاليٰ جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهن کي ٻيڻو يا وڌيڪ ڪري ڏئي ٿو. بيشڪ الله تعاليٰ وڏي وسعت وارو (ڪشادو رزق ڏيندڙ) ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (پر افسوس جو اسان گمراهن کي الله جي هن قول تي ايمان ڪونهي، تنهن ڪري ٻين کي ڏيڻ بدران ٻين کان ڦرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺا آهيون.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جو مثال جيڪي پنهنجي مالن کي الله جي راه ۾ خرچ ڪن ٿا، انهي داڻي جي مثال آهي جنهن مان ست سنگ پيدا ٿيا هر هڪ سنگ ۾ سؤ داڻا آهن، ۽ الله تعالى انهي کان به زياده ڪري ٿو جنهنکي چاهي، ۽ الله تعالى احسان ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي خدا جي راھ ۾ پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا تن جي (خرچ جو) مثال ان داڻي وانگر آهي جنهن ست سنگ ڪڍيا (۽) داڻا هجن. ۽ خدا جنهن کي گهري تنهن کي وڌائي ڏي ٿو. ۽ خدا جهجهو ڏيندڙ (۽ سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مثال انهن جو جي خرچ ٿا ڪن مال پنهنجا الله جي واٽ ۾ ان داڻي وانگر آهي جو ڄمايائين ست سنگ هر هڪ سنگ ۾ سؤ داڻا آهن ۽ الله ٻيڻو ڪري ٿو ڏئي جنهن لاءِ به گهري ۽ الله ڪشادگيءَ وارو، ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي الله جي رستي ۾ پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا تن جو مثال هڪ داڻي جي مثال جهڙو آهي جنهن ست سنگ اڀاريا سڀ ڪنهن سنگ ۾ سَو داڻا آهن. ۽ الله جنهن کي گهري تنهن کي ٻيڻو ڪري ڏئي ٿو. ۽ الله گهڻو ڏيندڙ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ماڻهن جو مثال جيڪي پنهنجا مال الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا هڪ داڻي وانگر آهي جنهن ست سنگ ڦُٽايا هر سنگ ۾ سؤ داڻا هجن. ۽ الله جنهن لاءِ گهُري ٻيڻو ڪري ڏئي ٿو. ۽ الله ڪشادگي ڪندڙ، ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خرچينِ ربَّ جي راھ ۾، جي مؤمن پنهنجو مال، مثال تن جو مورهين، اُن داڻي جي مثال، جنهن ست سنگ ڪڍيا، هرسنگ ۾، سَئو داڻا سالم سال، ۽ ڌڻي وڻيس تنهن کي ڏي، ٻيڻو ٻاجھ نال، ۽ بيحد ڪندڙ ڀال، سائين سڄڻ، سڄاڻ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص الله جي واٽ ۾ پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا، تنهن جو مثال انهيءَ داڻي جهڙو آهي، جنهن مان ست سنگ نڪرن، هر هڪ سنگ ۾ سؤ سؤ داڻا هجن، ۽ الله جنهن لاءِ وڻيس تنهن کي وڌائي ٿو، ۽ الله بي حد بخشش ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجا مال الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا، انهن جي خرچ ڪرڻ جو مثال ائين آهي، جيئن هڪ داڻو پوکجي ۽ ان مان ست سنگ نڪرن ۽ هر سنگ ۾ سؤ داڻا هجن، اهڙيءَ ريت الله جنهن جي عمل کي چاهيندو آهي، خوب وڌائي ڇڏيندو آهي، هو هٿ جو ڪشادو به آهي ۽ ڄاڻندڙ به آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مثال وٺ انهن ماڻهن جو جيڪي پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا الله جي راهه ۾، انهن جي خرچ جو مثال ائين آهي جيئن هڪ داڻو پوکيو وڃي ۽ ان مان ست سنگ نڪرن ۽ هر سنگ ۾ سؤ داڻا هجن، اهڙيءَ طرح الله جنهن جي به عمل کي چاهي ٿو وڌائي ٿو ۽ الله هٿ جو ڪشادو آهي ڄاڻندڙ به آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو پنھنجو مال ۽ دولت الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا، انهن جي خرچ جو مثال ايئن آهي، جيئن ڪنهن هڪ ٻِج جو داڻو زمين ۾ پوکيو، ته ان مان ست سنگ نڪتا ۽ هر سنگ ۾ سؤ داڻا آهن، اهڙِيءَ طرح الله تعالى جنھن لاءِ مناسب سمجهندو آهي، ان ۾ اڃا به واڌارو آڻيندو آهي. الله تعالى هٿ جو ڏاڍو ڪشادو ۽ وڏي علم وارو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ لا يُتبِعونَ ما أَنفَقوا مَنًّا وَلا أَذًى لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 262) |
جيڪي (ماڻھو) پنھنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچيندا آھن وري پنھنجي ڏيڻ پٺيان نڪي ٿورو رکندا آھن ۽ نڪي ايذائيندا آھن تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن ثواب آھي، ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو الله جي راه ۾ خرچ ڪن ٿا ۽ اهڙيءَ طرح خرچ ڪن ٿا جو نڪي وٺندڙن تي ٿورو ٿڦن ٿا ۽ نه وري احسان جي يادگيري ڏيارين ٿا، نڪي (احسان ڪرڻ بعد ڪنهن به نموني سندن) دل ڏکائن يا کين ايذاءُ پهچائن ٿا انهن ماڻهن کي الله تعاليٰ وٽان سندن عمل جو اجر ملندو هنن کي نڪي ڪنهن قسم جو خوف خطرو رهندو نه غمگيني.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ماڻهو پنهنجي مالن کي الله جي راه ۾ خرچ ڪري پوءِ خيرات ڪرڻ کان پوءِ ڪنهن تي ٿورو نٿا رکن ۽ نه ئي ڪنهن کي ڏکوئن ٿا، انهن جو ثواب سندن رب وٽ آهي، ۽ انهن تي ڪوبه خوف نه آهي ۽ نه ئي اهي ڏکوئبا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي ماڻهو پنهنجا مال خدا جي واٽ ۾ خرچ ڪرڻ کان پوءِ نڪي احسان رکن ٿا ۽ نه (جن تي احسان ڪيو اٿن تن کي) ستائن ٿا، تن لاءِ سندن پالڻهار وٽ انهن جو اجر (۽ ثواب) آهي ۽ (آخرت ۾) انهن کي نه خوف ٿيندو ۽ نه اهي غمگين ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي خرچ ٿا ڪن پنهنجا مال الله جي واٽ ۾ تنهن کان پوءِ ان جي پويان جيڪي خرچ ڪيائون نه احسان ٿا لائن نه ڏک.نهن لاءِ انهن جو اجر آهي انهن جي رب وٽ ۽ ناهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي ڏک ڪندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي پنهنجا مال الله جي رستي ۾ خرچ ڪن ٿا وري پنهنجي خرچ ڪرڻ پٺيان نه ڪي احسان رکن ٿا ۽ نه ڪو ايذاءُ پهچائين ٿا تن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ سندن اجر آهي ۽ انهن تي نه ڊپ آهي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو جيڪي پنهنجا مال الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا پوءِ خرچ ڪرڻ پويان نه ٿورو جَتائن ٿا ۽ نه ايذائن ٿا ته انهن جو اجر انهن جي پالڻهار وٽ آهي ۽ انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي غمگين ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خرچين ربَّ جي راه ۾، جي مؤمن پنهنجامال، ٿورو نه ٿاڦينِ، تنهن پٺيان، جو بخشيائون بحال، نه ڪاڻ ڏيکارينِ ڪنهن طرح؛ اُن جو اجر اُنهن نال، ثابت سندن سائينءَ وٽ، نه مٿنِ خوف خيال، نه ڳڻتي ڪنهين ڳالھ، اُهي مُؤمن کِيندا مورهين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي شخص الله جي واٽ ۾ پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا، پوءِ جيڪي خرچ ڪيائون، ان جو احسان نٿا ڄاڻائين ۽ نڪي ستائين ٿا. انهن لاءِ سندن رب وٽ اجر آهي. نه انهن کي ڪو خوف آهي ۽ نه اهي غم کائيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو پنهنجا مال الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا ۽ خرچ ڪري پوءِ نڪي ٿورو رکن ٿا ۽ نه ئي ستائن ٿا، انهن جو اجر سندن رب وٽ آهي ۽ انهن لاءِ نه ڪو خوف آهي ۽ نه هو ڪو ڏک ئي ڏسندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ماڻهو خرچ ڪن ٿا پنهنجا مال الله جي راهه ۾ ۽ خرچ ڪري پنهنجو احسان نٿا ڄاڻائين، نه ڏک ڏين ٿا، انهن جي لاءِ اجر سندن رب وٽ آهي ۽ انهن جي لاءِ ڪنهن به خوف جو موقعو آهي ۽ نه ڪنهن رنج جو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو پنھنجو مال ۽ دولت اهڙي طريقي سان خرچ ڪن ٿا، جو ڪنھن کي نه احسان ياد ڏياريندا آهن، ۽ نه ئي کين ڪا تڪليف (يا طعنا وغيره) ڏيندا آهن ته اهڙن ماڻهن جو اجر پنھنجي رب وٽ آهي، انهن لاءِ نه ته ڪو خوف آهي ۽ نه ئي ڪو غم. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قَولٌ مَعروفٌ وَمَغفِرَةٌ خَيرٌ مِن صَدَقَةٍ يَتبَعُها أَذًى وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَليمٌ (آيت : 263) |
مِٺو ڳالھائڻ ۽ معاف ڪرڻ اُنھيءَ خيرات کان ڀَلو آھي جنھن جي پٺيان ايذاءُ ھُجي، ۽ الله بي پرواہ بُردبار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مٺو ۽ وڻندڙ ٻول ۽ (رحم ۽ شفقت سان) معافي ڏيڻ انهيءَ صدقي يا خيرات کان بهتر آهي جنهن جي پٺيان خدا جي ٻانهن لاءِ ڪو ايذاءُ رٿيل هجي. (ياد رکو ته سخاوت ۾ خود اوهان جي چڱائي آهي.) الله تعاليٰ ته بي پرواه ۽ تحمل وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سهڻو ڳالهائڻ ۽ معاف ڪرڻ انهي خيرات کان بهتر آهي جنهن جي پويان ڏکوئڻ هجي، ۽ الله تعالى بي پرواه بردبار آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (سائل کي) نرميءَ سان جواب ڏئي ڇڏڻ ۽ (ان جي وري وري گهرڻ تي ڇڙٻ نه ڏي بلڪه) ان کان درگذر ڪرڻ ان خيرات کان سٺو آهي جنهن کان پوءِ (سائل کي) ايذاءُ پهچي. ۽ خدا بي پرواھ بردبار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڳالهائڻ چڱو ۽ بخش ڪرڻ ڀلو آهي ان صدقي کان جنهن جي پويان ڏک پهچايو وڃي ۽ الله شاهوڪار وڏو بردبار آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نرم ڳالهه چوڻ ۽ درگذر ڪرڻ (ان) خيرات کان چڱو آهي جنهن جي پٺيان ايذاءُ هجي. ۽ الله بي پرواهه بردبار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (سائل سان) نرم ڳالهائڻ ۽ درگذر ڪرڻ ان صدقي کان ڀلو آهي جنهن جي پٺيان ايذاء رساني هجي. ۽ الله بي نياز، بردبار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چوڻ چڱائـِئَ جو، ۽ ڪرڻ قُصور گُذر، جنهن صدقي پٺيان ساهِڻو، تنهن کان، ڀلا بهتر، ۽ بي پرواه، سو پرور، پڻ خاوند کانڌِيرو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چڱو جواب ڏيڻ ۽ بخشش، ان صدقي کان بهتر آهي جنهن کان پوءِ ستائڻ هجي، ۽ الله بي پرواهه بردبار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هڪڙو مـٺـڙو جملو ۽ ڪنهن اڻ وڻندڙ ڳالهه تي چشم پوشي انهيءَ خيرات کان ڀلي آهي، جنهن جي پويان (ڪنهن کي) ڏکوئڻ هجي، الله کي ڪابه ڪاڻ ڪانهي، ۽ بردباري پڻ سندس صفت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هڪ مٺڙو ٻول ۽ ڪنهن اڻوڻندڙ ڳالهه تي درگذر ڪرڻ ان خيرات کان بهتر آهي جنهن جي پويان ڏک هجي، ۽ الله بي نياز آهي، بردباري سندس صفت آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سھڻو ۽ نرميءَ سان ڳالهائڻ ۽ درگذر ڪرڻ، ان خيرات ڏيڻ کان بھتر آهي، جنھن خيرات ۾ تڪليف ۽ طعنا تنڪا ڏنا وڃن. (بيشڪ) الله تعالى بيپرواهه ۽ وڏو بردبار (يعني برداشت ڪندڙ) آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُبطِلوا صَدَقٰتِكُم بِالمَنِّ وَالأَذىٰ كَالَّذى يُنفِقُ مالَهُ رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ صَفوانٍ عَلَيهِ تُرابٌ فَأَصابَهُ وابِلٌ فَتَرَكَهُ صَلدًا لا يَقدِرونَ عَلىٰ شَيءٍ مِمّا كَسَبوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 264) |
اي مؤمنؤ پنھنجين خيراتن کي اِحسان رکڻ ۽ ايذائڻ سان اُنھيءَ ماڻھوءَ وانگر نه وڃايو جيڪو پنھنجو مال ماڻھن جي ڏيکاري لاءِ خرچي ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃي، پوءِ سندس مثال (اُنھيءَ) لسي پھڻ وانگر آھي جنھن تي ٿوري مٽي (پيل) ھجي ۽ مٿس وڏو مينھن وسي پوءِ ڇنڊي ڇڏيس، (ته رياء وارن) جيڪي ڪمايو تنھن مان ڪنھن ذري تي (اُھي) وس وارا نه ٿيندا، ۽ الله ڪافر ٽوليءَ کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارو! ماڻهن تي ٿورو ٿڦڻ سان يا ايذاءُ پهچائڻ سان پنهنجي خيرات کي برباد نه ڪري ڇڏيو، جهڙيءَ طرح اهو ماڻهو پاڻ کي برباد ڪندو آهي جو ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ پنهنجو مال خرچ ڪندو آهي ۽ الله ۽ آخرت ۾ ايمان ڪونهيس. اهڙن ماڻهن جو مثال اهڙو آهي جهڙي پٿر جي هڪ ڇپ. ان ڇپ تي مٽي پئجي ويئي آهي (۽ ان ۾ ٻج ڇٽيو ويو آهي) جڏهن زور سان مينهن وسيو تڏه (مٽي ٻج سميت وهي هلي وئي ۽) فقط هڪ صاف سخت ڇپ وڃي رهي. (اهوئي حال آهي ڏيکاءُ ۽ ناموس لاءِ خيرات ڪندڙن جو) انهن (خيرات ڪري) جو ڪجهه به ڪمايو سو (رياڪاري سببان) ضايع ٿي ويو. هن کي ڪجهه به هٿ نه آيو ۽ حقيقت هيءَ آهي ته الله تعاليٰ انهن کي سنئين واٽ نٿو ڏيکاري جيڪي ڪفر جي واٽ ٿا وٺن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! توهان پنهنجن خيراتن جو ثواب ٿورو رکي ۽ ڪنهن کي ڏکوئي وڃائي نه ڇڏيو، انهي ماڻهوءَ وانگر جيڪو پنهنجو مال ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ خرچ ڪري ٿو ۽ الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان نٿو رکي، پوءِ انهيءَ جو مثال اهڙو آهي جيئن صاف پٿر تي مٽي هجي پوءِ اهڙو زور سان مينهن پوي جو ان پٿر کي صاف ڪري ڇڏي، پنهنجي ڪمائي مان ڪنهن به شيءِ تي طاقت رکي نٿا سگهن، ۽ الله تعالى هدايت نٿو ڏئي قوم ڪافرن جي کي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! پنهنجي خيراتن کي احسان رکڻ ۽ (سائل کي) ايذاءُ ڏيڻ سان ان وانگر نه وڃايو جيڪو پنهنجو مال ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ خرچ ڪري ٿو ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان نٿو آڻي. پوءِ ان جو مثال لسي پٿر وانگر آهي جنهن تي مٽي هجي پوءِ ان (مينهن) ان کي بلڪل صاف ڪري (ڌوئي) ڇڏيو. جو ڪجھ ڪمايائون تنهن مان ڪا به شيءَ کين هٿ نه ايندي (نه دنيا ۾ نه آخرت ۾) ۽ خدا ڪافرن کي هدايت (ذريعي منزل مقصود تي) نه ٿو پهچائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارا! نه ضايع ڪيو پنهنجن صدقن کي احسان ٻڌائڻ ۽ ڏکوئڻ سان ان وانگر جو خرچ ٿو ڪري پنهنجو مال ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ ۽ نه ٿو ايمان آڻي الله تي ۽ نه ڏينهن قيامت تي.وءِ ان جو مثال انهيءَ پٿر وانگر آهي جنهن تي مٽي پيل آهي پوءِ پهتو ان کي زوردار مينهن پوءِ ڇڏيائين ان کي صاف ڪري نه ٿا قادر ٿين ڪنهن شيءِ تي انهيءَ مان جو ڪمايائون ۽ الله نه ٿو هدايت ڪري ڪافر قوم کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارو ! پنهنجين خيراتن کي احسان رکڻ ۽ ايذاءُ ڏيڻ سان ان وانگر نه وڃايو جيڪو پنهنجو مال ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ خرچ ڪري ٿو ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان نٿو آڻي. پوءِ ان جو مثال لسي پٿر وانگر آهي جنهن تي مٽي هجي پوءِ ان تي سخت مينهن وسيو پوءِ اُن کي بالڪل لسو ڪري (ڌوئي) ڇڏيو. جوڪجهه ڪمايائون تنهن مان ڪابه شيءِ کين هٿ نه ايندي. ۽ الله ڪافر قوم کي سڌو رستو نه ٿو ڏيکاري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! پنهنجا صدقا (خيراتون) ٿورا ٿَـــڦَي ۽ ايذاء رساني ڪري ضايع نه ڪري ڇڏيو، ان ماڻهو وانگر جيڪو پنهنجو مال ماڻهن جي ڏيکاء لاءِ خرچ ڪري ٿو ۽ الله ۽ قيامت واري ڏينهن تي ايمان نه ٿو رکي. پوءِ ان جو مثال ان لسي پٿر وانگر آهي جنهن تي ٿوري مِٽِي هجي پوءِ ان تي زوردار مينهن پوي ته ان کي صاف ڪري ڇڏي. سو پنهنجي ڪمائي مان انهن (رياڪارن) کي ڪا شيءِ هٿ نه ٿي اچي. ۽ الله ڪافرن جي قوم کي سڌي واٽ نه ٿو ڏيکاري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن مڃيو!، سي مورهين، پنهنجا خير کَرو، ضايع نه ڪر ذَرو، ڪنهن تي، ڪاوڙ ۽ ڪاڻ سان. اُن جيئن، ڏي جو مال سندس، منجھ ماڻهن، مُهن نِهار، پڻ نه آڻي اِعتبار، الله ۽ آخر ڏينهن تي. اُن جا پٿر جيئن پار، جنهن تي، دڙا ڌُور جا، پوءِ آيَسِ مِينهن اَپار، جنهن ڌوئي ڇڌيسِ ڌَونرسرو. نه سگھن سنڀالي تنهن منجھان، جي ڪيائون ڪم ڪار، سائين سَنئون پار، نه ڏَسي ڪافر قوم کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! پنهنجي صدقن کي احسان رکڻ ۽ ستائڻ سان ان ماڻهوءَ وانگر چٽ نه ڪريو جيڪو پنهنجي مال کي ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ خرچ ڪري ٿو ۽ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي يقين نه ٿو رکي. ان جو مثال هڪ صاف پٿر جهڙو آهي، جنهن تي ڪجهه مٽي هجي پوءِ زورائتو مينهن وسي ۽ ان کي صاف ڪري ڇڏي. اهڙن جيڪي ڪمايو، تنهن مان ڪجهه هٿ نه ايندن، ۽ الله ڪافرن کي سنئين واٽ نٿو ڏيکاري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! پنهنجي صدقن کي ٿورو رکي ۽ ڏکوئي انهيءَ ماڻهوءَ وانگر ڌوڙ ۾ نه ملايو، جيڪو پنهنجو مال رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿو خرچ ڪري، باقي نڪي الله تي ايمان اٿس ۽ نه آخرت تي. سندس خرچ جو مثال ائين آهي، جيئن ڪا ٽـڪري هئي، جنهن تي مٽيءَ جو تهه ڄميل هو، انهيءَ تي جڏهن ڏاڍي برسات پئي ته سموري مٽي وهي وئي ۽ وڃي ٺلهي ٽڪريءَ جي ٽڪري بچي، اهڙا ماڻهو پنهنجي ليکي خيرات ڪري جيڪا نيڪي ڪمائن ٿا، ان مان کين ڪجهه به هــَـڙ حاصل نٿو ٿئي ۽ ڪافرن کي سنئين واٽ وٺائڻ الله جي ريت ئي نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، پنهنجي صدقن جو احسان ڄاڻائي ۽ ڏک ڏئي ان شخص وانگر خاڪ ۾ نه ملايو، جيڪو پنهنجو مال فقط ڏيکاءُ لاءِ خرچ ڪري ٿو ماڻهن آڏو ۽ نه الله تي ايمان رکي ٿو ۽ نه ڏينهن آخرت تي، ان جي خرچ جو مثال اهڙو آهي، جيئن هڪ ٽڪري هجي جنهن تي مٽيءَ جو تهه ڄميل هو، ان تي جڏهن زوردار مينهن پيو ته سڄي مٽي وهي وئي ۽ صاف ٽڪري رهجي وئي، نه اهڙن ماڻهن جي خيرات ڪرڻ مان کين ڪا نيڪي ملي ٿي، ۽ الله جو دستور نه آهي ڪافرن کي سڌي رستي ڏيکارڻ جو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! پنھنجي خيراتن کي احسان ڪرڻ ۽ تڪليف ڏيڻ جي نيت سبب ضايع نه ڪريو، ان ماڻهوءَ وانگر جيڪو ڏيکاءَ خاطر خرچ ڪري ٿو ۽ هو الله تعالى ۽ قيامت جي ڏينھن تي ايمان نٿو رکي، اهڙي ماڻهوءَ جي خرچ جو مثال ايئن آهي، جيئن ڪنھن پٿر تي مٽيءَ جا تھه ڄميل هجن پوءِ جڏهن تيز برسات وسي ته سڄِي مٽي هٽي وڃي ۽ پٿر ئي باقي رهي، ڏيکاءُ ڪرڻ ۽ ايمان نه هجڻ ڪري، هو خيرات مان ڪوبه فائدو حاصل نٿو ڪري سگهي، الله تعاليٰ حق جو انڪار ڪندڙن کي سڌو رستو نٿو ڏيکاري.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَثَلُ الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُمُ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ وَتَثبيتًا مِن أَنفُسِهِم كَمَثَلِ جَنَّةٍ بِرَبوَةٍ أَصابَها وابِلٌ فَـٔاتَت أُكُلَها ضِعفَينِ فَإِن لَم يُصِبها وابِلٌ فَطَلٌّ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 265) |
۽ جيڪي پنھنجن مالن کي الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ ۽ پنھنجين دلين ۾ پڪي يقين پيدا ڪرڻ لاءِ خرچيندا آھن تن جو مثال ھڪ باغ وانگر آھي جو دڙي تي ھجي اُن تي وڏڦڙو مينھن وسي ۽ پنھنجو ڦر ٻيڻو ڪري، پر جيڪڏھن مٿس وڏڦڙو مينھن نه وسي ته ماڪ بس ھجيس، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان جي ابتڙ) جيڪي ماڻهو الله جي راضپي جي لاءِ ۽ پنهنجي دل جي خوشي ۽ ثبات سان پنهنجو مال خرچ ڪن ٿا انهن جو مثال اهڙو آهي جهڙو هڪڙي آئٺي تي لڳايل باغ، انهيءَ تي چڱو مينهن وسيو ته ٻيڻا ڦل ڦول پيدا ٿي ويا ۽ جيڪڏهن زور سان مينهن نه وسيو ته هلڪيون بوندون به هن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ۽ ياد رکو ته جيڪي جيڪي اوهان ڪيو ٿا الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن جو مثال جيڪي پنهنجن مالن کي الله تعالى جي رضامندي حاصل ڪرڻ ۽ ثواب خاطر خرچ ڪن ٿا انهيءَ جو مثال انهي باغ جهڙو آهي جيڪو مٿانهين زمين تي هجي انهي تي زوردار مينهن وسي جو پنهنجو ميوو ٻيڻو ڏئي، پوءِ جيڪڏهن زوردار مينهن انهيءَ تي نه پوي ته فقط هلڪو مينهن ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جي ماڻهو پنهنجا مال الله جي رضامنديءَ حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي دلي يقين جي ڪري خرچ ڪن ٿا، تن جو مثال هڪ سرسبز باغ وانگر آهي، جو دڙي تي هجي (۽) ان تي سخت مينهن وسيو، پوءِ پنهنجو ڦر ٻيڻو ڪيو. پر جيڪڏهن ان تي مينهن نه به وسي ها ته ماڪ ئي (اهو ڪم ڏئي ها) ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، خدا تنهن کان با خبر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مثال انهن (ماڻهن) جو جيڪي خرچ ٿا ڪن پنهنجا مال الله جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ ۽ پنهنجي نفس کي ثابت رکڻ لاءِ ان باغ وانگر آهي جيڪو مٿانهينءَ زمين تي آهي، پهتو ان کي زور وارو مينهن، پوءِ ڏنائين پنهنجو ميوو ٻيڻو ڪري.وءِ جيڪڏهن نه پهتو ان کي مينهن ته پوءِ ماڪ ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا، ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي پنهنجا مال الله جي رضامنديءَ حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي دلي يقين جي ڪري خرچ ڪن ٿا تن جو مثال هڪ باغ وانگر آهي جو دڙي تي آهي ان تي سخت مينهن وسيو پوءِ ان پنهنجو ڦر ٻيڻو ڪيو. پوءِ جيڪڏهن ان تي سخت مينهن نه پوي ها ته ماڪ ئي (ڪم ڏئي ها) ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ماڻهن جو مثال جيڪي پنهنجا مال الله جي رضا جي طلب لاءِ ۽ پنهنجي دلين کي (الله جي راهه ۾ خرچڻ لاءِ) مضبوط رکڻ خاطر خرچ ڪن ٿا ان باغ وانگر آهي جو مٿاهين تي هجي ان تي زوردار مينهن وسي ته پنهنجو ڦَرُ ٻيڻو ڏئي. پر جي ان تي زوردار مينهن نه پوي ته هلڪي ڦوهار به ڪافي آهي. ۽ الله اوهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي صدقو سندنِ مال ڪَن، ربَّ جي رضارکڻ هار، پڻ سَمر ثابت پاڻ، لئي توشو ڪن تيار، بُلندي تي باغ جِيئن، سي آهن نيڪ نبار، ورِي مٿانسِ وڏ ڦڙو، نَميو نارو نار، پوءِ ميوا سندس مُند تي، ٻِيڻاڏنائين ٻِيهار، جي وَٺو نه مٿس وَڏ ڦرو، ته ماڪ ئي موچار، ۽ ڪريو، جي ڪم ڪار، ڏسندڙ تن کي، ڏيھ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي شخص پنهنجي ثابت قدم رهڻ ۽ الله جي خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن مالن کي خرچ ڪن ٿا تن جو مثال هڪ اچيءَ زمين جي باغ وانگر آهي، جنهن تي زورائتو مينهن پوي اهو ٻيڻو ڦر ڏئي پر جي زورائتو مينهن نه پوي، ته پوءِ ماڪ ئي ڪافي آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان جي ابتـڙ جيڪي ماڻهو پنهنجا مال فقط الله جي رضا حاصل ڪرڻ خاطر پوريءَ طرح دل جي اطمينان ۽ قرار سان خرچ ڪن ٿا، انهن جو مثال ائين آهي، جيئن ڪنهن مٿانهينءَ زمين تي ڪو باغ هجي، جيڪڏهن ڏاڍو مينهن پوي ته ٻيڻو ڦـر ڏئي ۽ جيڪڏهن ڏاڍو مينهن نه پوي ته به هلڪي ڦُــڙ ڦُـڙ ئي ان لاءِ بس آهي. توهان جيڪي ڪجهه ڪريو ٿا، سو سڀ الله جي نظر ۾ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو خرچ ڪن ٿا پنهنجو مال دل جي اطمينان سان انهن جي خرچ جو مثال ائين آهي جيئن هڪ باغ هجي ڪنهن مٿاهين جاءِ تي. جي زوردار بارش پوي ته ٻيڻو ڦل ڏئي، پر جي زوردار بارش نه به پوي فقط هلڪي بوند به ان جي لاءِ ڪافي آهي ۽ توهان جيڪي ڪجهه ڪريو ٿا، اهو سڀ الله جي نظر ۾ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري انهن ماڻهن جو مثال سامهون رکو، جيڪي الله تعالى جي رضا خاطر دل جي يقين سان ۽ ثابت قدم رهڻ لاءِ، پنھنجا مال ۽ دولت خرچ ڪن ٿا، اهڙن ماڻهن جي خرچ جو مثال ايئن آهي، جيئن ڪنھن مٿانهين هنڌ تي ڪو باغ هجي، جيڪڏهن زور سان برسات وسي ته ان سان ٻِيڻي پيداوار ٿئي پر جيڪڏهن هلڪي ڦھارِ به پوي، ته به سٺي پيداوار ٿيندي آهي، توهان جي هر هڪ عمل کي الله تعالى چڱيءَ طرح ڏسي رهيو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَيَوَدُّ أَحَدُكُم أَن تَكونَ لَهُ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَأَعنابٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُ فيها مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَأَصابَهُ الكِبَرُ وَلَهُ ذُرِّيَّةٌ ضُعَفاءُ فَأَصابَها إِعصارٌ فيهِ نارٌ فَاحتَرَقَت كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَتَفَكَّرونَ (آيت : 266) |
اوھان مان ڪو ھڪ (دل سان) گھرندو آھي ڇا؟ ته اُن کي کجين ۽ ڊاکن جو ھڪ باغ ھجي جنھن جي ھيٺان واھيون وھنديون ھجن اُن لاءِ منجھس سڀ ڪنھن (جنس جا) ميوا ھجن ۽ کيس پوڙھائي اچي وٺي ۽ ان کي ھيڻو اولاد ھجي، پوءِ اُن (باغ) کي (اھڙو) واچوڙو لڳي جنھن ۾ باھه ھجي تنھنڪري (سندس باغ) سڙي وڃي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ (چٽيون) نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا توهان مان ڪوبه ماڻهو هيءَ ڳالهه پسند ڪندو ته هن کي کارڪن جي وڻن ۽ انگورن جي منهن جو هڪڙو باغ هجي ان ۾ نهرون وهندڙ هجن ۽ پڻ ان ۾ هن لاءِ ٻيا به طرحين طرحين جا ڦل ڦول هجن ۽ پوءِ ڇا ٿئي جو ٻڍائپ اچي وڃي ۽ ٻار هجنس ننڍڙا ۽ ضعيف ۽ اوچتو ئي اوچتو ساڙيندڙ هوا لڳي ۽ باغ کي ساڙي اجڙ ڪري ڇڏي الله تعاليٰ اهڙن ئي مثالن سان توهان جي لاءِ حقيقت جون نشانيون چٽيون ڪري ٿو ڇڏي انهيءَ لاءِ ته غور ۽ فڪر کان ڪم وٺو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان مان ڪو ماڻهو پسند ڪندو ته ان وٽ هڪ باغ کجورن ۽ انگورن جو هجي جنهن جي هيٺان نهرون وهن، انهيءَ ماڻهو لاءِ ان باغ ۾ هر قسم جا ميوا هجن، ۽ پاڻ پوڙهو ٿي وڃي ۽ سندس ننڍڙو اولاد هجي، پوءِ ان باغ کي طوفان لڳي جنهن ۾ باه هجي پوءِ انهيءَ کي ساڙي ڇڏي، اهڙي طرح بيان فرمائي ٿو الله تعالى اوهان لاءِ پنهنجن آيتن کي ته مَن اوهان فڪر ڪريو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اوهان مان ڪو به (هيءَ ڳالھ) پسند ڪندو ان کي کجين ۽ انگورن جو هڪ باغ هجي جنهن جي هيٺان واھ وهندا هجن، پڻ ان باغ ۾ ان لاءِ (ٻيا به) سڀ ميوا هجن ۽ ان کي ٻڍاپو اچي وٺي ۽ سندس (ننڍا ننڍا) ڪمزور ٻار هجن. ۽ ان (باغ) کي اهڙو واڇوڙو لڳي جنهن ۾ باھ هجي ۽ پوءِ اهو باغ سڙي خاڪ ٿي وڃي. اهڙيءَ طرح خدا توهان لاءِ آيتون صاف صاف بيان ڪري ٿو ته من اوهين (غور ۽) فڪر ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پسند ٿو ڪري هڪڙو اوهان مان هيءَ (ڳالھ) ته هجي ان لاءِ باغ کجين ۽ انگورن مان جو وهن هيٺان انهن جي نهرون، ان لاءِ انهن ۾ هر قسم جا ميوا آهن ۽ پهتي ان کي پوڙهائپ ۽ ان جو اولاد ضعيف آهي.وءِ لڳو ان کي جهولو، جنهن ۾ باھ آهي، پوءِ سڙي ويو (اهو باغ) اهڙيءَ طرح بيان ٿو ڪري الله اوهان لاءِ آيتون تان ته اوهان فڪر ڪريو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اوهان مان ڪو پسند ڪري ٿو ته ان کي کجين ۽ انگورن جو هڪ باغ هجي، جنهن جي هيٺان واهه وهن، ان (باغ) ۾ ان لاءِ (ٻيا به) سڀ ميوا هجن ۽ ان کي ٻڍاپو اچي وٺي ۽ کيس ضعيف اولاد هجي. پوءِ ان (باغ) کي اهڙو واچوڙو لڳي جنهن ۾ باهه هجي پوءِ اهو سڙي وڃي. اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو. مَنَ اوهين فڪر ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اوهان مان ڪو هي ڳالهه پسند ڪندو ته ان جو کجين ۽ انگورن جو هڪ باغ هجي ۽ ان جي هيٺان کان نهرون وهندڙ هجن (ان کان سواءِ به) ان لاءِ ان ۾ هر قسم جا ميوا هجن ۽ ان کي ڪراڙپ اچي پهچي ۽ (اڃا) ان جو اولاد به هيڻو هجي (ان حال ۾) ان باغ تي هڪ واچوڙو اچي جنهن ۾ باهه هجي پوءِ اهو باغ سڙي وڃي. (ته ان لاءِ ڇا ته پريشاني هوندي!) اهڙي طرح الله اوهان لاءِ نشانيون بيان ڪري ٿو تان ته توهان غور فڪر ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ آن مان، ڪنهن وانگئَ وڻي، ته باغ هجي تنهن هار، خاصو کجين، ڊاکن جو، هيٺان هلنسِ نار، سڀ ميوا منجھس، اُن لئي تازا تہ تيار، پوءِ پهتي پيرِي، اُن کي، ۽ هُونسِ هيڻاٻار، پوءِ لڳي لُوه اُن کي، جنهن ۾، ڪاڙهو ڪارُونڀار، ساڙي تنهن سُڃ ڪيو؛ اِن پر پڌرا پار، ڏي، اوهان کي ڏاتار، ته سُوجھٖي مانَ صحِي ڪريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اوهان مان ڪو پسند ڪري ٿو. ته ان لاءِ انگورن ۽ کجين جا باغ هجن، جن هيٺان نهرون وهنديون هجن، ان لاءِ ان ۾ هر قسم جا ميوا هجن. ۽ ان کي پوڙهپ اچي ورتو، کيس ضعيف اولاد به آهي، پوءِ ان (باغ) کي اهڙو واچوڙو لڳي جنهن ۾ باهه هجي ۽ اهو سڙي وڃي؟ اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ آيتن کي پڌرو بيان ڪري ٿو، ته اوهين غور ڪريو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توهان مان ڪو اها ڳالهه پسند ڪندو ته وٽس هڪ سرسبز باغ هجي کجين ۽ انگورن جو، جنهن مان پاڻي ڏيڻ لاءِ نهرون پيون وهنديون هجن، هر قسم جي ميون سان ٽمٽار ۽ اهو ان وقت هڪڙي ساڙيندڙ جهولي سان لهسجي وڃي، جڏهن هو پاڻ ڪراڙو ٿي چڪو هجي ۽ سندس ننڍڙا ٻار اڃان لائق نه ٿيا هجن، اهڙيءَ طرح الله پنهنجون ڳالهيون توهان جي آڏو کولي ٿو بيان ڪري ته مــَـنَ توهان سوچ ويچار ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان مان ڪير هي پسند ڪندو ته ان وٽ سرسبز باغ هجي، کجين ۽ انگورن جو ان ۾ نهرون وهندڙ هجن، هر قسم جي ميون سان اهو مڪمل ٽمٽار هجي ۽ عين انهيءَ وقت هڪ تيز جهولي جي زد ۾ اچي اهو لهسجي وڃي، جڏهن ته پاڻ پوڙهو هجي ۽ سندس ننڍڙا ٻار ڪم جي قابل نه هجن، اهڙيءَ طرح الله پنهنجيون ڳالهيون توهان جي سامهون بيان ڪري ٿو، شايد توهان غور وفڪر ڪريو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان مان ڪو به شخص ان ڳالهه کي پسند ڪندو، ته کيس کجِين، انگورن ۽ هر قسم جي ٻين ميون جو سرسبز باغ هجي، ان جي اندر پاڻيءَ جون نھرون به وهندڙ هجن، پوءِ اهو شخص پوڙهپ کي پهتو هجي ۽ ان جا ننڍڙا ننڍڙا ٻار به هجن (کائڻ، پيئڻ جو سڄو دارومدار به ان ئي باغ تي هجيس) ته اچانڪ تيز هوا ۽ تيز باهه جي ڪري، اهو باغ سڙي خاڪ ٿي وڃي، (توهان پنھنجي سڄي عمر جون نيڪيون ۽ ڀلايون، چند بدعملين جي ڪري برباد نه ڪريو) الله تعالى اهڙي طريقي سان اوهان کي ڳالهيون سمجهائي ٿو، ته جيئن توهان غور ۽ فڪر ڪريو. (ع)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَنفِقوا مِن طَيِّبٰتِ ما كَسَبتُم وَمِمّا أَخرَجنا لَكُم مِنَ الأَرضِ وَلا تَيَمَّمُوا الخَبيثَ مِنهُ تُنفِقونَ وَلَستُم بِـٔاخِذيهِ إِلّا أَن تُغمِضوا فيهِ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 267) |
اي مؤمنؤ جيڪي ڪمايوَ تنھن مان ( ۽ پڻ) جيڪي اوھان لاءِ زمين مان پيدا ڪيوسين تنھن مان ڪي سٺيون شيون (خدا ڪارڻ) خرچ ڪيو، ۽ ان مان خراب شيء خرچ ڪرڻ جي نيت ھن ھوندي نه ڪريو جو (پاڻ) اُن ۾ پنھنجين اکين ٻوٽڻ کانسواءِ کيس وٺڻ وارا نه ھجو، ۽ ڄاڻو ته الله بي پرواہ ساراھيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مؤمنو! جيڪي توهان ڪمايو ٿا ۽ جيڪي اسان توهان لاءِ زمين مان پيدا ڪيون ٿا انهن مان پاڪ ۽ چڱيون شيون خدا جي راهه ۾ خرچ ڪيو. ائين نه ڪيو جو ڪا ردي ۽ خراب شيءِ خدا جي نالي تي خيرات ڪيو، اهڙي شيءِ جيڪر اوهان کي ملي ته ڪڏهن به نه وٺو. پرڄاڻي ٻجهي اکيون بند ڪري وٺو ته پوءِ ٻي ڳالهه آهي. ياد رکو ته الله تعاليٰ بي نياز ۽ سڀني چڱين صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي. (هن کي اوهان جي ڪنهن به شيءِ جو احتياج ڪونهي، چڱين شين جي خيرات ڪرڻ مان توهان کي سعادت ۽ نجات ملندي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! توهان خرچ ڪريو پاڪ شين مان جيڪي توهان ڪمايو ٿا ۽ انهن شين مان خرچ ڪريو جيڪي اسان توهان لاءِ زمين مان پيدا ڪيون آهن ۽ خراب شين جو ارادو نه ڪريو جو انهيءَ مال مان خرچ ڪريو ۽ خراب شيءِ توهان نٿا وٺو مگر اکيون پوري، ۽ اوهان يقين ڪريو بيشڪ الله تعالى بي پرواهه ساراهيل آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جيڪي پاڪ شيون اوهان ڪمايون آهن تن مان ۽ انهن (پاڪ شين) مان به (خرچ ڪريو) جيڪي اسان اوهان لاءِ زمين مان ڪڍيون آهن ۽ خراب شيءِ (جي خرچ ڪرڻ) جو ارادو به نه ڪريو حالانڪه جيڪڏهن اوهان کي ڪو اهڙو مال ڏئي ته اوهين نه ٿا وٺو. پر هي ته (مروت سبب) چشم پوشي ڪريو ٿا. ۽ ياد رهي ته خدا بيشڪ بي نياز (۽) حمد جي لائق آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! خرچ ڪيو پاڪ شين مان، جيڪي ڪمايُوَ ۽ ان مان جيڪي ڪڍيون اسان اوهان لاءِ زمين مان ۽ نه ارادو ڪيو خراب شين جو ان مان خرچ ڪيو ٿا ۽ نه آهيو (پاڻ) وٺندڙ ان جا مگر هي جو اکيون ٻوٽيو ان ۾ ۽ يقين ڄاڻو ته بيشڪ الله شاهوڪار، ساراهيل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارو ! جيڪي پاڪ شيون اوهان ڪمايون آهن تن مان ۽ انهن (پاڪ شين) مان به (خرچ ڪريو) جيڪي اسان اوهان لاءِ زمين مان ڪڍيون آهن ۽ خراب شيءِ (جي خرچ ڪرڻ) جو ارادو نه ڪريو (ڇا) ان مان خرچ ڪريو ٿا؟ هوڏانهن اوهين (پاڻ) ان ۾ چشم پوشي ڪرڻ کان سواءِ ان کي وٺڻ وارا نه آهيو. ۽ ڄاڻو ته بيشڪ الله بي پرواهه ساراهيل آهي.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! (الله جي راهه ۾) خرچ ڪيو پنهنجي پاڪ ڪمائي مان ۽ ان مان جيڪو اسان زمين مان اوهان لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ خراب مال (الله جي راهه ۾) ڏيڻ جو ارادو نه ڪيو، ان مان خرچ ڪيو ٿا جو اوهان پاڻ وٺڻ وارا نه آهيو سواءِ هن جي جو ان (جي وٺڻ) ۾ اکيون کڻي ٻوٽيو. ۽ پڪ ڄاڻو ته بيشڪ الله بي نياز، ساراهيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن مڃيو!، تنهن مان، مال ڏيو، چڱو چڱيءَ چال، جو ميڙيان، ڪِ اوهان لئي، اسان ڀون مان، ڪڍيو بحال، ۽ نه ڪريو اُن مان، خبيث کي، خرچڻ جو خيال، ۽ جنهن کي، نه اوهين وٺڻا، مگر منجھ مال، اکيون پوريو پنهنجون؛ ۽ سمجھو صحِي ڳالھ، ته تونگر ربُّ تعالىٰ، سو ساراهيل گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! اوهان جيڪو رزق ڪمايو آهي، ۽ جيڪي اسان اوهان لاءِ زمين مان اپايو، تنهن مان سٺيون شيون الله جي راهه ۾ خرچ ڪريو ۽ اهڙي گنديءَ چيز مان خرچ ڪرڻ جو ارادو نه ڪريو جنهن کي جيڪر اوهين به اک ٻوٽڻ کان سواءِ نه وٺو ۽ ڄاڻو ته الله بي پرواهه ساراهيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! جيڪي مال توهان ڪمايا آهن ۽ جيڪي ڪجهه اسان زمين مان توهان لاءِ اُپايو آهي ان مان سٺو حـصو الله جي واٽ ۾ خرچ ڪريو. سندس راهه ۾ ڏيڻ لاءِ خراب ۾ خراب شيءِ ڳولي ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪريو، هوڏانهن اهائي شيءِ جيڪڏهن ڪو توهان کي ڏئي ته توهان ڪڏهن به اها وٺڻ پسند نه ڪندؤ، سواءِ ان جي جو اها وٺندي توهان اکيون کڻي ٻوٽيو. ڄاڻي ڇڏيو ته الله کي ڪابه ڪاڻ ڪانهي ۽ هو نهايت اعليٰ صفتن وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، خرچ ڪريو پاڪ شين مان جيڪي مال توهان ڪمايا آهن ۽ جيڪي اسان ڪڍيا آهن توهان جي لاءِ زمين مان، (ان مان سهڻو حصو الله جي راهه ۾) ائين نه ٿئي ته خراب ۾ خراب شيءِ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪريو ان جي راهه ۾ ڏيڻ جي لاءِ، جي اها توهان کي ڏجي ته هرگز قبول نه ڪندؤ، جي اکيون پورڻيون نه پون، توهان کي معلوم هجي ته بيشڪ الله بي نياز آهي ۽ بهترين صفتن سان ساراهيل آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان پنھنجي پاڪ ڪمائيءَ ۽ زمين مان پيداوار جي صورت ۾اسان جيڪي ڏنو آهي، ان مان ( سھڻي طريقي سان الله تعالى جي راهه ۾) خرچ ڪريو، ڪڏهن به ان جي راهه ۾ خراب شيءِ چونڊي نه ڏيندا ڪريو، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن توهان کي به اها خراب شيءِ چونڊي ڏني وڃي، ته توهان به اها شيءِ وٺڻ پسند نه ڪندا، اوهان بغير ڏسڻ وائسڻ جي، اها شيءِ ورتي ته ٻِي ڳالهه آهي. اهو سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ الله تعالى بي پرواهه ۽ تعريف جي لائق آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الشَّيطٰنُ يَعِدُكُمُ الفَقرَ وَيَأمُرُكُم بِالفَحشاءِ وَاللَّهُ يَعِدُكُم مَغفِرَةً مِنهُ وَفَضلًا وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 268) |
(اي مسلمانؤ) شيطان اوھان کي سڃائيءَ جو ڀؤ ڏيندو آھي ۽ اوھان کي بي حيائيءَ (جي ڪمن) جو حڪم ڪندو آھي، ۽ الله اوھان کي پنھنجي پاران بخشش ۽ ڀلائيءَ جو وعدو ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) شيطان توهان کي سڃائيءَ کان ڊيڄاري ٿو (توهان ۾ وسوسا ٿو وجهي ته خيرات ڪندؤ ته سڃا ٿي ويندؤ) ۽ دولت ڪمائڻ لاءِ برائيون ڪرڻ جو حڪم ٿو ڪري، پر الله تعاليٰ توهان کي اهڙيءَ راه ڏي سڏي ٿو جنهن ۾ سندس بخشش ۽ فضل ۽ ڪرم جو واعدو آهي ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ ڪشادو رزق ڏيندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) شيطان توهان کي مسڪيني جو وسوسو وجهي ٿو ۽ برن ڪمن جو چوي ٿو، ۽ الله تعالى توهان سان بخشش ۽ مهربانيءَ جو وعدو فرمائي ٿو، ۽ الله تعالى احسان ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) شيطان اوهان کي سڃائيءَ جو ڊپ ڏئي ٿو ۽ اوهان کي بيحيائيءَ (بخيليءَ) جو حڪم ڪري ٿو. ۽ الله اوهان کي پنهنجي طرفان معافيءَ ۽ ڀلائيءَ جو وعدو ڏئي ٿو. ۽ الله جهجهو ڏيندڙ (۽ سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) شيطان ڊيڄاري ٿو اوهان کي مسڪينيءَ کان ۽ امر ٿو ڪري اوهان کي بي حيائيءَ جو ۽ الله وعدو ٿو ڪري اوهان سان بخشش جو پنهنجي طرفان ۽ فضل جو ۽ الله وڏي وسعت وارو ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) شيطان اوهان کي سُڃائي جو ڊپ ڏئي ٿو ۽ اوهان کي بي حيائيءَ جو حڪم ڪري ٿو. ۽ الله اوهان کي پنهنجي طرفان معافيءَ ۽ ڀلائي جو وعدو ڏئي ٿو. ۽ الله گهڻو ڏيندڙ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) شيطان اوهان کي (خيرات ڪرڻ مهل) سُڃائي جو ڊپ ڏئي ٿو ۽ اوهان کي براين جو حڪم ڪري ٿو، ۽ الله اوهان سان وعدو ڪري ٿو پاڻ وٽان معافي (ڏيڻ ) جو ۽ فضل جو. ۽ الله وڏي ڪشادگي وارو ، ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن کي شقي شيطان، انجام ڏي اَڻ هوند جو، پڻ فرمائي فرمان، اوهان کي اُ گھاڙ جو. ۽ ربُّ پنهنجي بخشش، ڀال جا، ڏينِيان قول قرار، بخشيندڙ بسيار، پڻ پرور پورو پارکُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شيطان اوهان کي غريبيءَ کان ڊيڄاري ٿو ۽ بي حيائي جو حڪم ڏئي ٿو، پر الله اوهان کي پاڻ وٽان بخشش ۽ مهربانيءَ جو انجام ڏئي ٿو ۽ الله گهڻو ڪشادو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) شيطان توهان کي سڃائيءَ کان ڊيڄاري ٿو ۽ بي شرميءَ واري هلت هلڻ تي اڀاري ٿو. مگر الله توهان کي پنهنجي بخشش ۽ فضل جي اميد ڏياري ٿو، الله ڏاڍو هٿ جو ڪشادو ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) شيطان ڊيڄاري ٿو توهان کي غربت کان ۽ ترغيب ڏئي ٿو شرمناڪ راهه اختيار ڪرڻ جي، پر الله توهان کي پنهنجي بخشش ۽ فضل جي اميد ڏياري ٿو، ۽ الله وڏي ڪشادي هٿ وارو داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) شيطان توهان کي هڪ پاسي سڃائي (۽ غريب ٿي وڃڻ) جو خوف ڏياري ٿو، ٻئي پاسي وري ان مال ۽ دولت کي بيحيائيءَ جي ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ تي اڀاري ٿو، پر الله تعالى توهان کي بخشش ۽ وڌيڪ ڏيڻ جو وعدو ڪري ٿو. (بيشڪ ) الله تعالى ئي هٿ جو ڏاڍو ڪشادو ۽ وڏي علم وارو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُؤتِى الحِكمَةَ مَن يَشاءُ وَمَن يُؤتَ الحِكمَةَ فَقَد أوتِىَ خَيرًا كَثيرًا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 269) |
جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سمجھ ڏيندو آھي، ۽ جنھن کي سمجھ ڏني ويئي تنھن کي بيشڪ گھڻي چڱائِي ڏِني ويئي، ۽ سمجھ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو نصيحت نه مڃيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي حڪمت ڏئي ٿو ۽ جنهن کي حڪمت ملي تنهن کي يقيناً تمام وڏي چڱائي ۽ برڪت ملي ويئي، نصيحت فقط اهي وٺندا جي سمجهه ۽ عقل وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى ديني علم سان گڏ عمل جي توفيق جنهنکي چاهي ڏئي ٿو، ۽ جنهنکي ديني علم عمل سان ڏنو ويو پوءِ بيشڪ انهيءَ کي گهڻو خير ڏنو ويو، ۽ نصيحت حاصل نٿا ڪن مگر عقلمند.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن کي گهري تنهن کي حڪمت ڏئي ٿو ۽ جنهن کي (خدا جي طرف کان) حڪمت عطا ٿئي ٿي ته بيشڪ ان کي خوبين جي وڏي دولت هٿ لڳي. ۽ صاحبان لب (عقلمند) کانسواءِ ڪو به نصيحت مڃي ئي نه ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عطا ٿو فرمائي حڪمت جنهن کي گهري ۽ جنهن کي حڪمت عطا ڪئي وئي پوءِ تحقيق ڏنو ويو ڀلائي گهڻي ۽ نٿا نصيحت وٺن مگر عقلمند .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن کي گهري تنهن کي حڪمت ڏئي ٿو. ۽ جنهن کي حڪمت ڏني ويئي تنهن کي بيشڪ گهڻي ڀلائي ڏني ويئي. ۽ عقل وارن کان سواءِ (ٻيا) ڌيان نه ٿا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) جنهن کي چاهي دانائي عطا ڪري ٿو، ۽ جنهن کي دانائي ڏني وئي ته بيشڪ ان کي گھڻي ڀلائي ڏني وئي. ۽ نصيحت ته رُڳو عقل وارا ئي پِرائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وڻيس تنهن کي، سمجھ ڏي، ۽ سمجھ مِـلِـي جنهن مور، پوءِ نيڪِي تنهن نصيب ٿِئي،زياده ضرور، ۽ پورِي جن پرور، نه سڱائـِينِ، تن سوا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏاهپ ڏئي ٿو ۽ جنهن کي ڏاهپ ڏني وئي ان کي گهڻي ڀلائي ملي ۽ نصيحت عقل وارا ئي قبول ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن کي چاهي ٿو حڪمت عطا ڪري ٿو ۽ جنهن کي حڪمت ملي انهيءَ کي حقيقت ۾ وڏي دولت ملي وئي. انهن ڳالهين مان رڳو اهي ئي ماڻهو سبق پرائيندا آهن، جيڪي سمجهه کان ڪم وٺندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حڪمت عطا ڪري ٿو جنهن کي گهري ٿو ۽ جنهن کي حڪمت ملي، ان کي حقيقت ۾ وڏي دولت ملي وئي، ۽ انهن ڳالهين مان فقط اهي ماڻهو سبق وٺن ٿا جيڪي سياڻا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جنھن لاءِ مناسب سمجهندو آهي، ته کيس حڪمت عطا ڪندو آهي سو جنھن کي به حڪمت عطا ڪئي وئي ته سمجهو ته ان کي ڀلائيءَ جو خزانو هٿ اچي ويو، عقل وارا ئي اهڙين ڳالهين مان سبق پرائيندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَنفَقتُم مِن نَفَقَةٍ أَو نَذَرتُم مِن نَذرٍ فَإِنَّ اللَّهَ يَعلَمُهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 270) |
۽ (اي مسلمانؤ) جيڪي اوھان مال خرچيو يا باس باسيو تنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ياد رکو ته) جنهن به قسم جي خيرات تي خرچ ٿا ڪيو يا خدا جي نالي تي باسيل نذر ڏيو ٿا ته الله تعاليٰ کي ان جي خبر پوي ٿي (۽ ان جو اجر ڏئي ٿو) ۽ جيڪي ماڻهو ظلم ۽ گناه ڪن ٿا تن کي (عذاب کان بچائڻ لاءِ) ڪوبه مددگار نه لڀندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ڪجهه توهان خرچ ڪريو ٿا يا نذر مقرر ڪريو ٿا، الله تعالى کي ان جي معلومات آهي ۽ ظالمن جو ڪوبه مددگار ناهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪو به مال اوهين خرچ ڪريو ٿا، يا جيڪا به باس باسيو ٿا، تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو. ۽ (هي به ياد رهي ته) ظالمن جا (جيڪي خدا جو حق ماري ٻين جو نذر ڪن ٿا، قيامت ۾) ڪي به مددگار نه ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪي خرچ ڪيُوَ يا باس باسيَوَ پوءِ بيشڪ الله ان کي ڄاڻي ٿو ۽ ناهن ظالمن جا ڪي به مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو به مال اوهين خرچ ڪريو ٿا، يا جيڪا به باس باسيو ٿا تنهن کي الله ڄاڻي ٿو. ۽ ظالمن جا ڪي به مددگار نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان جيڪي ڪجهه خرچ ڪيو يا ڪا باس باسي ته پوءِ بيشڪ الله ان کي ڄاڻي ٿو. ۽ ظالمن جو ڪو مددگار ڪونهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جيڪي ڪيان خرچ ڪو، يا ٻَڌان نذرنياز، سو رازق سمجھي راز؛ ۽ ڪونهي ڏَڍ ڏُ کوئيندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪا به اوهين خيرات ڪندا هجو، يا ڪوئي نذر باسيندا هجو، ته بيشڪ الله کي ان جي خبر آهي ۽ ظالمن جو ڪو به مددگار نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جيڪي ڪجهه به خرچ ڪيو هوندو يا ڪا باس باسي هوندي، الله کي ان جي ڄاڻ آهي ۽ ظالمن جو ته ڪوبه مددگار ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان جيڪو ڪجهه خرچ ڪيو هجي يا ڪابه باس باسي هجي، ته الله کي ان جو علم آهي، ۽ ظالمن جو ڪوبه مددگار ناهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جيڪو به خرچ ڪري چڪا يا جيڪا به باس باسي هجي، الله تعالى ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو (بھرحال) ظالمن جو ڪير به مددگار نه هوندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن تُبدُوا الصَّدَقٰتِ فَنِعِمّا هِىَ وَإِن تُخفوها وَتُؤتوهَا الفُقَراءَ فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَيُكَفِّرُ عَنكُم مِن سَيِّـٔاتِكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 271) |
جيڪڏھن خيراتون پڌريون ڪري ڏيندؤ ته اُھي (ڪھڙيون نه) چڱيون آھن، ۽ جيڪڏھن اُنھن کي ڳجھو ڪندؤ ۽ اُھي محتاجن کي ڏيندؤ ته اُھي اوھان لاءِ (ويتر) ڀليون آھن، ۽ الله اوھان جا ڪي گناہ اوھان کان ميٽيندو، ۽ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن توهان (ڏيکاءُ ناموس جي نيت کان سواءِ) کليو کلايو خير خيرات ڪيو ته به چڱي ڳالهه آهي ۽ جيڪڏهن لڪي ڇپي ڪيو. اهڙن محتاجن کي ڏيو جن کي ڪجهه به ناهي ته توهان جي لاءِ سڀ کان چڱو آهي. (اهڙي خيرات) توهان جي گناهن کي اوهان کان پري ڪري ڇڏيندي ۽ جيڪي جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا تن جي الله تعاليٰ کي پوري پوري خبر رهي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن زڪوات ظاهر ۾ ڏيو ته اهو اوهان لاءِ تمام بهتر آهي، ۽ جيڪڏهن لِڪ ۾ خيرات مسڪينن کي ڏيو ته اهو توهان لاءِ تمام بهتر آهي، ۽ الله تعالى توهان جا گناه بخش ڪندو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن خيرات کي ظاهر ۾ ڏيو ته اهو (ظاهر ڪري ڏيڻ به) سٺو آهي پر جيڪڏهن ان کي لڪائي غيرن کي ڏيندو ته اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي. ۽ اهڙي خيرات ڏيڻ کي خدا توهان جي گناهن جو ڪفارو ڪندو ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا خدا ان کان واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن ظاهر ڪندؤ خيرات کي ته تمام ڀلو آهي ۽ جيڪڏهن لڪائيندؤ ان کي ۽ ڏيندؤ اها فقيرن کي ته پوءِ اهو ڀلو آهي اوهان لاءِ ۽ ميٽيندو (الله) اوهان کان اوهان جا گناھ ۽ الله ان جي جيڪي ڪيو ٿا خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن اوهين خيراتون ظاهر ڪندو ته اهو چڱو آهي. ۽ جيڪڏهن انهن کي لڪائيندو ۽ اهي فقيرن کي ڏيندو ته اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي. ۽ اوهان جا ڪجهه گناهه اوهان کان پري ڪندو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جي اوهان صدقن کي ظاهر ظهور ڪيو ته اهو به ڀلو آهي ۽ جي ان کي لڪائي ڪيو ۽ مسڪينن کي ڏيو ته پوءِ اهو اوهان لاءِ وڌيڪ بهتر آهي. ۽ الله (ان صدقن سبب) اوهان جي ڪجهه گناهن کي ميٽي ٿو ۽ الله اوهان جي عملن کان باخبر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي کُليو کُلايو خير ڏيو، ته اِها به چڱي چال، جي لڪايوسِ لوڪ ڪنان، ۽ ڏيو مسڪينن مال، پوءِ ڀلو اوهان لئي آهِ سو، ڪرم ساڻ ڪمال، ۽ ميٽي اوهان جي مَدينِ مان؛ جيڪي ڪريو اَڄ ڪالھ، ۽ ڪنان هر ڪنهن ڳالھ، خدا خبردار گھڻو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن ظاهر ظهور خيرات ڏيو، ته اها چڱي ڳالهه آهي پر جيڪڏهن ان کي لڪائي محتاجن کي ڏيندؤ، ته اها اوهان کي وڌيڪ چڱي آهي ۽ هو اوهان جا گناهه ميٽيندو ۽ الله اوهان جي ڪمن کان خوب واقف آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن خير خيراتون ظاهر ڪري ڏيو ٿا ته اهو به چڱو آهي پر جيڪڏهن اهي لڪائي غريبن کي ئي ڏيندؤ ته اهو توهان جي حق ۾ پاڻ وڌيڪ ڀلو آهي. توهانجون ڪيتريون ئي برايون انهيءَ وسيلي ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ جيڪو ڪجهه به توهان ڪريو پيا، الله کي ته ان جي خبر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن پنهنجا صدقا ڏيو ظاهري طور ته اهو به چڱو آهي، پر جيڪڏهن لڪائي ڏيو محتاجن کي ته اهو توهان جي حق ۾ وڌيڪ بهتر آهي، توهان جون ڪيتريون ئي برايون انهيءَ طرز عمل سان ڌوپجي وڃن ٿيون ۽ الله توهان جي هر عمل کان باخبر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان پنھِنجون خير خيراتون، سچي نيت سان ظاهر ظهور ڏيو، ته اهو به چڱو ڪم آهي، پر جيڪڏهن لڪائي غرِيبن کي ڏيو، اهو اوهان جي لاءِ اڃا وڌيڪ ڀلو آهي. توهان جون برائيون ان نيڪ عمل جي ڪري ختم ٿي وڃن ٿيون. الله تعالى اوهان جي هڪ هڪ عمل کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَيسَ عَلَيكَ هُدىٰهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ فَلِأَنفُسِكُم وَما تُنفِقونَ إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ اللَّهِ وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 272) |
(اي پيغمبر) توتي اُنھن (ڪافرن) کي ھدايت (يعني دل ۾ اثر پيدا) ڪرڻ لازم نه آھي پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيندا آھيو سو اوھان لاءِ آھي، ۽ الله جي رضامندي طلبڻ کانسواءِ (اوھين) خرچ نه ڪريو، ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيو (اُن جو ثواب) اوھان کي پورو ڏبو ۽ اوھان تي ظلم نه ڪبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هنن ماڻهن جي هدايت جي ذميواري توتي ناهي (انهن ڪافرن کي به ڀلي خيرات ڏيو، پر نه انهيءَ نيت سان ته لالچ تي مسلمان ٿين) پر الله تعاليٰ ئي آهي جو جنهن کي چاهي تنهن کي هدايت ڪري. (پوءِ ماڻهن کي چئو ته) جيڪي توهان نيڪي جي راه ۾ خيرات ڪندؤ سا خود اوهان جي فائدي لاءِ آهي، توهان جو خرچ ڪرڻ فقط انهيءَ لاءِ آهي ته خدا جي راضپي جي طلب ٿا رکو ۽ جيڪي جيڪي توهان نيڪي جي راه ۾ خرچ ڪندؤ ان جو بدلو توهان کي تمام چڱو ملندو ۽ توهان سان بي انصافي ڪانه ڪئي ويندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اي حبيب) توهان جي مٿان انهن جي هدايت جو ڪو ذمو نه آهي پر جنهنکي الله چاهي هدايت ڏئي ٿو، ۽ جيڪا چڱي شيءِ توهان ڏيو ٿا انهيءَ ۾ توهان جي بهتري آهي، ۽ توهان خرچ نٿا ڪريو مگر الله تعالى جي رضامندي لاءِ، ۽ جيڪو (مال) توهان خرچ ڪري رهيا آهيو توهان کي ان جو پورو ثواب ملندو ۽ توهان کي نقصان نه ڏنو ويندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) انهن کي منزل مقصود تائين پهچائڻ تنهنجو فرض نه آهي (تنهنجو ڪم رڳو رستو ڏيکارڻ آهي) مگر هائو خدا جنهن کي گهري ته منزل مقصود تائين پهچائي ڇڏي. ۽ جو ڪجھ مال نيڪ ڪم ۾ خرچ ڪندو سو اوهان لاءِ آهي. ۽ توهان ته خدا جي رضا کان سواءِ ٻي ڪم ۾ خرچ ڪيو ئي نٿا ۽ جيڪي نيڪ ڪم ۾ خرچ ڪندو (قيامت ۾) اوهان کي اهو ڀرپور واپس ملندو ۽ اوهان جو حق نه ماريو ويندو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي تنهنجي (ذمي) انهن کي هدايت ڪرڻ، ۽ پر الله هدايت ٿو ڪري جنهن کي گهري ۽ جيڪي خرچ ٿا ڪيو مال مان پوءِ پنهنجي لاءِ (ٿا ڪيو) ۽ نه خرچ ڪيو مگر الله جي رضا لاءِ ۽ جيڪي خرچ ڪندؤ مال مان پورو بدلو ڏنو ويندو اوهان کي ۽ اوهان ظلم نه ڪيا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول !) انهن کي هدايت ڪرڻ تنهنجي ذمي نه آهي، پر الله جنهن کي گهري تنهن کي هدايت ڪري. ۽ جو ڪجهه مال خرچ ڪندو سو اوهان لاءِ آهي (هن شرط سان) ته اوهين الله جي رضامنديءَ حاصل ڪرڻ کان سواءِ (ٻي ڪنهن به غرض لاءِ) خرچ نه ڪندو. ۽ (پوءِ) جو به مال خرچ ڪندو سو اوهان کي پورو ڏنو ويندو. ۽ اوهان تي ظلم نه ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن کي هدايت ڏيڻ تنهنجي ذمي نه آهي ۽ پر الله جنهن کي چاهي ٿو هدايت ڪري ٿو. ۽ اوهان جيڪا خيرات ڪيو ٿا سا توهان جي پنهنجي (فائدي) لاءِ آهي. ۽ اوهان جيڪي خرچ ڪيو ٿا (سو مناسب ئي ناهي) سواءِ الله جي رضامندي طلب ڪرڻ جي، ۽ اوهان جو مال خرچ ڪيو ٿا ان جو اوهان کي پورو (پورو اجر) ڏنو ويندو ۽ اوهان تي ڪو ظلم ڪونه ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اصل نه آهي، تو مٿي، سونهپ تن سُڄاڻ!، پر سَنئين سُهائي پاڻ، جنهن کي، گھري جل شانَــهٗ، ۽ جيڪي خرچيو خير مان، پوءِ اهو اوهان هار، ۽ نه ڪريو خير خدا جي، مرضي ماڻڻ ڌار، ۽ جو ڪندا خدا لڳ خير ڪو، ته ڏيندان پورا پار، ۽ هرگز هڪڙو وار، ڪسَ اوهان کي ڪين ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اي رسول) انهن کي هدايت تي آڻڻ تنهنجي ذمي نه آهي، مگر الله جنهن کي وڻيس، ان کي هدايت ڪري ٿو ۽ جيڪي به خيرات ڪندؤ سو پنهنجي ڀلائي لاءِ اٿو، جيسين اوهين ان کي الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ خرچ ڪندؤ ۽ جيڪي به خيرات ڪندؤ (ان جو ثواب) پورو پورو ملندوَ ۽ اوهان سان بي انصافي نه ٿيندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ماڻهن کي هدايت تي آڻڻ جي ذميواري توتي ڪانهي. هدايت ته الله ئي ڏئي ٿو، جنهن کي به گهري ۽ نيڪيءَ جي واٽ ۾ جيڪو مال توهان خرچ ڪريو ٿا، اهو توهان جي پنهنجي ڀلي لاءِ آهي. توهان ان لاءِ ته خرچ ڪريو ٿا ته الله جي رضا حاصل ڪريو، پوءِ جيڪو به مال توهان نيڪيءَ جي واٽ ۾ خرچ ڪندؤ، ان جو پورو پورو اجر توهان کي ملندو ۽ توهان جي ڪابه حق تلفي نه ٿيندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! ماڻهن کي هدايت بخشڻ جي ذميواري توتي نه آهي، پر الله هدايت جنهن کي گهري ان کي بخشي ٿو، ۽ جيڪو مال توهان راهه خير ۾ خرچ ڪريو ٿا، اهو توهان جي پنهنجي لاءِ ڀلو آهي، آخر توهان انهيءَ لاءِ ته خرچ ڪريو ٿا ته الله جو راضپو حاصل ٿئي، ته جيڪو مال توهان راهه خير ۾ خرچ ڪندؤ، ان جو پورو اجر توهان کي ملندو، ۽ توهان جي حق تلفي هرگز نه ٿيندي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ماڻهن کي هدايت تي آڻڻ توهان جي ذميداريءَ ۾ شامل نه آهي، الله تعالى جنھن لاءِ مناسب سمجهي ٿو، ان کي هدايت وارو رستو ڏيکاري ٿو . اوهان جيڪو به خرچ ڪريو ٿا، اهو توهان جي فائدي لاءِ ئي آهي، توهان الله تعالى کي راضي رکڻ لاءِ ته خرچ ڪريو ٿا، سو جيڪو به خيرات جي صورت ۾ خرچ ڪريو ٿا، ان جو توهان کي پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ توهان تي ذري جيترو به ظلم نه ٿيندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِلفُقَراءِ الَّذينَ أُحصِروا فى سَبيلِ اللَّهِ لا يَستَطيعونَ ضَربًا فِى الأَرضِ يَحسَبُهُمُ الجاهِلُ أَغنِياءَ مِنَ التَّعَفُّفِ تَعرِفُهُم بِسيمٰهُم لا يَسـَٔلونَ النّاسَ إِلحافًا وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 273) |
اھڙن فقيرن کي (خيرات ڏيڻ لازم آھي) جيڪي الله جي واٽ ۾ روڪيل آھن (واپار لاءِ) مُلڪ ۾ سفر ڪري نه سگھندا آھن، ناواقف (سندن) بي طمعي سببان کين آسودا ڀائيندا آھن، سندين پيشانين مان کين سڃاڻندو آھين، چنبڙي ماڻھن کان نه پنندا آھن، ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خيرات انهن گهرج وارن کي ڏيڻي آهي، جيڪي خدا جي راهه ۾ گهيرجي مجبور ٿي ويٺا آهن ۽ هنن کي اها طاقت ڪانهي جو گذاران جي تلاش ۾ ملڪ ۾ هيڏي هوڏي نڪري پون. (هو بک يا گهرج هوندي به شرم يا خودداريءَ کان سوال نٿا ڪن) تنهن ڪري اڻ واقف ماڻهو سمجهن ٿا ته هنن کي ڪابه گهرج ڪانهي. توهان هنن جو چهرو ڏسي هنن جي حالت سمجهي سگهو ٿا. پر هو ماڻهن جي پوئتان لڳي ڪڏهن به سوال ڪرڻ وارا ناهن ۽ ياد رکو ته توهان جيڪي به نيڪيءَ جي راهه ۾ خرچ ڪندؤ سو بلاشبه الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان انهن فقيرن تي خرچ ڪريو جيڪي الله جي راه ۾ روڪجي پيا آهن انهن کي زمين ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي فرصت ناهي، ناواقف ماڻهو انهن کي شاهوڪار سمجهن ٿا ڪنهن کان سوال نه ڪرڻ جي ڪري، (اي حبيب) توهان ته انهن کي شڪلن مان سڃاڻو ٿا، اُهي ماڻهن کان عاجزيءَ سان سوال نٿا ڪن ۽ توهان جيڪا خيرات ڪريو ٿا پوءِ بيشڪ الله تعالى انهي کي ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اها خيرات) خاص انهن حاجتمندن لاءِ آهي جيڪي خدا جي راھ ۾ (دنيا جي ڪم ڪرڻ کان) روڪيا ويا آهن. ۽ (روزي حاصل ڪرڻ لاءِ) زمين ۾ سفر ڪري نه ٿا سگهن. سوال کان بچڻ جي ڪري نا واقف کين مالدار سمجهي ٿو. تون انهن کي سندن صورت مان سڄاڻيندين. ته محتاج آهي (ڇاڪاڻ ته) اهي ماڻهن کي چنبڙي سوال نه ٿا ڪن. ۽ جو به مال خرچ ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (خيرات) انهن فقيرن جي لاءِ آهي جيڪي روڪيا ويا آهن الله جي واٽ ۾ نه ٿا ڪري سگهن سفر زمين ۾ (روزي ڪمائڻ لاءِ) سمجهي ٿو انهن کي اڻ واقف شاهوڪار سوال نه ڪرڻ جي ڪري.اي حبيب!) اوهان انهن کي سڃاڻو ٿا انهن جي صورت مان نه ٿا گهرن ماڻهن کي چنبڙي پوڻ سان ۽ جيڪي خرچ ڪندؤ مال مان پوءِ بيشڪ الله ان کي ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (خيرات) انهن فقيرن لاءِ آهي جيڪي الله جي رستي ۾ (دنيا جي ڪمن ڪرڻ کان) روڪيا ويا آهن. (روزي حاصل ڪرڻ لاءِ) زمين ۾ سفر ڪري نه ٿا سگهن. سوال کان بچڻ جي ڪري ناواقف انهن کي مالدار سمجهي ٿو. تون انهن کي سندن پيشانيءَ مان سڃاڻندين. اهي ماڻهن کي چنبڙي سوال نه ٿا ڪن. ۽ جو به مال خرچ ڪريو ٿا تنهن کي الله ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (خيرات) انهن محتاجن جو حق آهي، جيڪي الله جي راهه (جي جدوجهد) ۾ اهڙو مشغول رهجي ويا آهن جو زمين ۾ (روزي ڪمائڻ لاءِ) هلي گهمي نه ٿا سگهن. بي سوالي سبب جاهلَ ماڻهو انهن کي شاهوڪار سمجهن ٿا. تون انهن کي سندن پيشانين مان سڃاڻِي وٺندين. اهي ماڻهن جي پٺيان لڳي سوال نه ٿا ڪن. ۽ اوهان مال مان جيڪي به خرچ ڪيو ٿا ته بيشڪ الله ان کي ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن ڪنگالن ڪاڻ، جي روڪيا ربَّ جي راه ۾، نه رکن وِت وڃڻ جِي، ڀون ۾ ڪِنهين ڀاڻ، ڀانئي کين، نه پنڻ کان، آسودا اَڄاڻ، پيشانِين مان پَڌرو، سڃاڻينِ سُڄاڻ!، نه پِنن، پُڪارن ساڻ، ماڻهن ڪنان مورهين. ۽ جيڪي خرچيو خير ۾، گھڻو يا ٿورو، ته صاحب سڳورو، آهي ويتر واقف اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) خيرات انهن محتاجن لاءِ آهي، جي الله جي راهه ۾ بند ٿي پيا آهن، ملڪ ۾ گهمي ڦري نٿا سگهن ۽ ناواقف ماڻهو انهن کي سوال نه ڪرڻ سبب مالدار سمجهن ٿا. تون انهن کي سندن منهن مان سڃاڻين ٿو. اهي ماڻهن کي چنبڙي سوال نٿا ڪن. ۽ جيڪي به خيرات ڪندؤ ته بيشڪ الله ان کي خوب ڄاڻي ٿو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مدد جا حقدار خاص طرح اهي غريب ماڻهو آهن، جيڪي الله جي ڪم ۾ اهڙا سوگها ٿي پيا آهن جو پنهنجي ذاتي گذران لاءِ زمين ۾ ڪابه ڊُڪ ڊوڙ ڪري نٿا سگهن، سندن خود داري ڏسي اڻ ڄاڻ ماڻهو سمجهن ٿا ته اهي ڏاڍا سکيا ستابا آهن، تون سندن منهن مان سندن اندروني حالت سمجهي سگهين ٿو، پر هو اهڙا نه آهن جو ماڻهن کي چنبڙي ڪجهه گهرن. سندن مدد ۾ جيڪو مال توهان خرچ ڪندؤ اهو الله کان ڳجهو نه هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو آهن مدد جا مستحق خاص طور تي، جيڪي تنگدست آهن جيڪي الله جي ڪم ۾ اهڙا ته وڪوڙجي ويل آهن جو ذاتي ڌنڌي لاءِ زمين ۾ ڊڪ به ڊوڙ ڪري نٿا سگهن، اڻ واقف سمجهن ٿا ته اهي خوشحال آهن، تون سندن چهرن مان اندروني حالت ڄاڻي سگهين ٿو، پر اهي اهڙا نه آهن جيڪي ماڻهن جي پٺيان پئي ڪجهه گهرن، انهن جي مدد ۾ جيڪي ڪجهه توهان خرچ ڪندؤ، اهو الله کان لڪل نه رهندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حقيقت ۾ توهان جي مدد جا مستحق ته اهي غريب ماڻهو آهن، جيڪي الله تعالى جي رستي ۾ اهڙا ته مصروف ٿي ويا آهن، جو پنھنجي گذر سفر لاءِ ڪجهه به نٿا ڪري سگهن، انهن جي خودداريءَ کي ڏسي عام ماڻهو کين مالدار سمجهن ٿا، حالانڪه توهان سندن جسماني حالت ڏسي خوب اندازو لڳائي سگهو ٿا، ۽ اهڙا ماڻهو ڪڏهن به ڪنھن کان چنبڙي سوال ڪرڻ جو سوچي ئي نٿا سگهن، سو اهڙن ماڻهن جي لڪيل طريقي سان مدد ڪندا، ته بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻي ٿو. (ع)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ سِرًّا وَعَلانِيَةً فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 274) |
جيڪي پنھنجا مال رات جو ۽ ڏينھن جو ڳجھو ۽ پَڌرو خرچيندا آھن تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اَجر آھي، ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو رات جو يا ڏينهن جو ڳجهي طرح يا ظاهر ظهور نيڪيءَ جي راهه ۾ پنهنجو مال خرچ ڪن ٿا تن کي يقيناً پنهنجي پرودگار وٽان اجر ملندو. هنن کي نه ڪو خوف خطرو هوندو، نڪا غمگيني.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ماڻهو پنهنجي مالن کي خيرات ڪن ٿا رات ۽ ڏينهن ۾ ۽ ڳجهه ۽ ظاهر ۾ پوءِ انهن لاءِ انهيءَ جو ثواب سندن رب وٽ آهي، ۽ ڪوبه خوف انهن تي ناهي ۽ نه اهي ڏکوئبا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي پنهنجا مال رات جو ۽ ڏينهن جو ڳجهو ۽ پڌرو (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪندا آهن، تن لاءِ سندن اجر (۽ ثواب) سندن رب وٽ آهي. (قيامت ۾) نه انهن تي ڪنهن قسم جو خوف هوندو ۽ نه اهي غمگين ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي خرچ ٿا ڪن پنهنجا مال رات جو ۽ ڏينهن جو ڳجهو ۽ ظاهر پوءِ انهن لاءِ انهن جو اجر آهي انهن جي رب وٽ ۽ نه آهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي پنهنجا مال رات ۽ ڏينهن جو لڪ ڇپ ۽ ظاهر ۾ خرچ ڪن ٿا تن لاءِ سندن اجر سندن پاليندڙ وٽ آهي ۽ انهن تي نه ڊپ آهي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو جيڪي پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا رات ۽ ڏينهن ۾، ڳجهه ۽ ظاهر ۾ ته انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ سندن اجر آهي ۽ انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه ڪي اُهي غمگين ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي صدقو سندن مالڪن، ڏينهن، رات، ڳجھو، ڪِ پَڌر، پوءِ اُن جو اَجر، اُنهن لئي، سائين وٽ سَڌر، نه ڀَئو مَٿنِ برسِر، ۽ نه ڳڻتِي کين، ڪنهن ڳالھ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص پنهنجا مال رات ڏينهن لڪائي ۽ پڌرو ڪري خيرات ڪن ٿا، ته انهن لاءِ سندن رب وٽ اجر آهي، نڪي انهن کي ڪو ڊپ آهي ۽ نه اهي غم کائيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو پنهنجا مال رات ڏينهن لڪائي توڙي ظاهر ظهور خرچ ڪن ٿا، انهن جو اجر سندن رب وٽ آهي ۽ انهن لاءِ نڪي ڪو خوف آهي ۽ نه ئي هو غمگين ٿيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ماڻهو پنهنجو مال رات ڏينهن خرچ ڪن ٿا، ڳجهو يا ظاهر، انهن جو اجر سندن رب وٽ آهي ۽ انهن لاءِ ڪنهن خوف جو ۽ نه آهي مقام رنج جو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو پنھنجا مال ۽ دولت، ڏينھن رات لڪائي ۽ ظاهر ظهور خرچ ڪن ٿا، اهڙي عمل جو اجر سندن پالڻھار جي هٿ ۾ آهي ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ ڪنھن به قسم جو خوف ۽ ڪا به ڳڻتي نه هوندي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَأكُلونَ الرِّبوٰا۟ لا يَقومونَ إِلّا كَما يَقومُ الَّذى يَتَخَبَّطُهُ الشَّيطٰنُ مِنَ المَسِّ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا إِنَّمَا البَيعُ مِثلُ الرِّبوٰا۟ وَأَحَلَّ اللَّهُ البَيعَ وَحَرَّمَ الرِّبوٰا۟ فَمَن جاءَهُ مَوعِظَةٌ مِن رَبِّهِ فَانتَهىٰ فَلَهُ ما سَلَفَ وَأَمرُهُ إِلَى اللَّهِ وَمَن عادَ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 275) |
جيڪي وياج کائيندا آھن سي (قبرن مان) رڳو اُنھيءَ (ماڻھوءَ) جي اُٿڻ جھڙو اُٿندا جنھن کي جِنّ اثر سببان چريو ڪيو ھجي، اِھو ھن ڪري آھي جو اُھي (وياج خور) چون ٿا ته واپار وياج جھڙو ئي آھي، ھن ھوندي جو الله واپار کي حلال ڪيو آھي ۽ وياج کي حرام ڪيو آھي، پوءِ جنھن کي پنھنجي پالڻھار وٽان نصيحت آئي ۽ (وياج) ڇڏيائين تنھن لاءِ جيڪي اڳي ڪيائين سو (ھينئر معاف) آھي، ۽ (آخرت ۾) سندس ڪم الله ڏانھن (سونپيل) آھي، ۽ جن ھيءَ عادت نه ڇڏي سي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جي ماڻهو (گهرج وارن جي مدد ڪرڻ بدران اٽلندو انهن کان) وياج وٺي پيٽ پالن ٿا اهي (انهيءَ ظلم جو نتيجو ڏسندا) ۽ اٿي بيهي به ڪين سگهندا پر جي بيهندا ته انهي ماڻهو وانگر جنهن کي شيطان جي ڇهڻ سان چريائي ٿي وئي هجي (يا مرگهيءَ جي بيماريءَ ۾ گرفتار هجي.) هي انهيءَ ڪري ٿيندو جو هنن (وياج کي ناجائز نه سمجهيو ۽) چيائون ته واپار به وياج وٺڻ وانگر آهي، پر الله تعاليٰ واپار ڪري نفعو ڪمائڻ کي حلال ٺهرايو آهي ۽ وياج کي حرام ڪيو. (ٻنهي ۾ زمين آسمان جو تفاوت آهي) سو هاڻي جنهن ماڻهو کي پنهنجي رب وٽان هي حڪم پهچي ته آئنده وياج وٺڻ بند ڪري، تنهن کي اڳيون ورتل وياج وٽس ئي هجي ۽ هن جو معاملو الله وٽ آهي پر جيڪڏهن آئنده به ڪو ماڻهو (وياج وٺڻ کان) باز نه ايندو ته پوءِ هو دوزخي جماعت منجهان آهي ۽ هميشه عذاب ۾ رهندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ماڻهو وياج کائن ٿا نه اٿندا قيامت جي ڏينهن قبرن مان مگر جيئن بيهي ٿو اهو ماڻهو جنهنکي جِنَ جو اثر هجي، اهو ان لاءِ ته انهن چيو ته واپار به وياج وانگر آهي، الله تعالى واپار کي حلال فرمايو ۽ وياج کي حرام فرمايو، پوءِ جنهن ماڻهوءَ کي سندس رب جي طرفان نصيحت پهتي ۽ پوءِ روڪجي پيو ته ان کي حلال آهي جيڪو اڳ ۾ ورتائين، ۽ ان جو ڪم الله جي حوالي آهي، ۽ جنهن وري به وياج کاڌو پوءِ اهي جهنمي آهن، اهي دوزخ ۾ هميشه رهندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي وياج کائن ٿا، سي (قيامت ۾) رڳو انهيءَ (ماڻهوءَ) جي اٿندڙ جهڙو اٿندا جنهن کي شيطان جي اثر سبب چريو ڪيو هجي. اهو هن ڪري آهي جو اهي (وياج خور) چون ٿا ته واپار (به ته) وياج جهڙو آهي. هوڏانهن خدا واپار کي حلال ڪيو آهي ۽ وياج کي حرام ڪيو آهي. پوءِ جنهن کي پنهنجي پالڻهار وٽان نصيحت (منع) آئي آهي ۽ (وياج وٺڻ) ڇڏي ڏنائين ته (هن حڪم نازل ٿيڻ کان اڳ) جو وياج وٺي چڪو، اهو هاڻي ان کي معاف آهي ۽ (آخرت ۾) سندس ڪم الله ڏانهن (سونپيل) آهي. ۽ جن اها ساڳئي روش اختيار ڪئي سي دوزخي آهن، اهي منجهس سدائين پيا رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي کائن ٿا وياج نه ٿا بيهن مگر جيئن بيهي ٿو اهو شخص جو چريو ٿو ڪري ان کي شيطان هٿ لڳائڻ سان.هو ان سببان جو انهن چيو ته واپار وياج وانگر آهي.الانڪ حلال ڪيو الله واپار کي ۽ حرام ڪيائين وياج کي پوءِ جنهن وٽ آئي نصيحت ان جي رب وٽان پوءِ (وياج کان) رڪجي پيو پوءِ ان لاءِ ته اهو آهي جو اڳتي موڪليائين ۽ ان جو معاملو الله جي حوالي آهي ۽ جيڪو وري کائڻ لڳو ته پوءِ اهي جهنمي آهن اهي ان ۾ هميشہ رهندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي وياج کائين ٿا سي نه اٿندا مگر ان (ماڻهو) جي اٿڻ وانگر جنهن کي شيطان ڇهڻ سان چريو ڪري ٿو. اهو هن ڪري جو انهن چيو ته واپار (به) وياج جهڙو آهي. هوڏانهن الله واپار کي حلال ڪيو آهي. ۽ وياج کي حرام ڪيو آهي. پوءِ جنهن کي پنهنجي پاليندڙ وٽان نصيحت آئي ۽ اهو (ان ڪم کان) باز آيو تنهن لاءِ اهو آهي جو گذري چڪو. ۽ ان جو معاملو الله جي حوالي آهي. ۽جيڪي (وياج ڏانهن) موٽيا، سي دوزخي آهن. اهي ان ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو جيڪي وياج کائن ٿا اُهي (قيامت واري ڏينهن) بيهي نه سگهندا مگر جيئن اُهو ماڻهو بيهندو آهي جنهن کي شيطان (جن) ڇُهي بدحواس بنائي ڇڏيو هجي. اهو هن لاءِ ته چون ٿا ته: ”واپار به ته وياج وانگر آهي“. حالانڪه الله واپار کي حلال ۽ وياج کي حرام ڪيو آهي. سو جنهن وٽ پنهنجي پالڻهار وٽان نصيحت پهتي، پوءِ اهو (وياج کان) رڪجي ويو ته پهريان جو ٿي چڪو سو ان لاءِ (معاف) آهي. ۽ ان جو معاملو الله جي حوالي آهي. ۽ جنهن وري (وياج) ورتو ته پوءِ اهي ئي جهنمي آهن. اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي کائـِين سَوائـِي، نه اُٿين ، مگر جيئن اُٿئـِي، جنهن کي، جَهڙپ سان، جن ڪيو، تڙتان توائي، جن واري اِي وائـِي، ته وِڪرو پڻ وِياج جِيئن. ۽ صاحب سُوْد حرام ڪيو، ۽ سودو صاف حلال، پوءِ آئـِي سندس آگي ڪنان، جنهن نصيحت نِهال، پوءِ روڪيو، ته روا اُن لئي، جيڪي ڪمايئين ڪالھ، ۽ اُن جو آھِ الله ڏي، نِبيرو نيڪال، جو وريو وِياج ڏي، ته اهي خام خيال، ڀاتِي باھِ بحال، هونِ هميشه اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص وياج کائين ٿا سي ان ماڻهوءَ وانگر اُٿندا، جنهن کي شيطان ڇهڻ سان چريو ڪري ڇڏيو هجي. هن ڪري، جو اهي چون ٿا، ته ”واپار وياج جهڙو آهي.“ مگر واپار کي الله حلال ڪيو آهي، ۽ وياج کي حرام، پوءِ جنهن کي پنهنجي ڌڻيءَ وٽان نصيحت ملڻ تي پاڻ روڪيائين ته جيڪي اڳي ٿي چڪو آهي، سو سندس لاءِ آهي، ان جو فيصلو الله جي وس آهي ۽ جيڪو وري وٺندو ته پوءِ اهڙا ماڻهو دوزخي آهن ۽ ان ۾ هميشه رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جيڪي ماڻهو وياج ٿا کائن، انهن جي حالت انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي، جنهن کي شيطان ڇــُـهي ڇتو ڪري ڇڏيو هجي ۽ اهو ان ڪري ٿيو آهي جو هو چون ٿا ته "واپار به ته وياج وانگر آهي" حالانڪه الله واپـار کي حـلال ڪـيو آهي ۽ وياج کي حرام. تنهنڪري جنهن ماڻهوءَ کي سندس رب وٽان هيءَ نصيحت پهچي ۽ اڳتي لاءِ هو وياج کائڻ کان مڙي وڃي ته جيڪي اڳي کاڌائين سو کاڌائين، ان جو معاملو الله جي حوالي آهي ۽ جيڪو هن حڪم کان پوءِ به اها حرڪت وري ڪندو ته اهڙا ماڻهو دوزخي آهن، جتي هو هميشه رهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيڪي ماڻهو وياج کائن ٿا، انهن جو حال ان شخص جهڙو آهي، جنهن کي چريو ڪري ڇڏيو هجي شيطان ڇُهي، انهيءَ حالت ۾ هو چون ٿا: انهن جي مبتلا ٿيڻ جو سبب هي آهي ته واپار به وياج جهڙي شيءِ آهي، جڏهن ته الله واپار کي حلال ڪيو آهي ۽ وياج کي حرام، ان ڪري جنهن کي سندس رب وٽان هيءَ نصيحت پهچي ته پوءِ هو وياج خوري کان رڪجي وڃي، پهرين هو جو ڪجهه کائي چڪو سو کائي چڪو، ان جو معاملو الله جي حوالي آهي ۽ جيڪو هن حڪم کان پوءِ جاري رکندو، اهو جهنمي آهي جتي هو هميشه رهندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪي ماڻهو وياج کائن ٿا، هو قيامت جي ڏينھن ايئن ڇتا ٿي اٿندا، ڄڻ ته کين شيطان هٿ لائي ڇتو ڪيو هجين، اها حالت ان ڪري ٿيندن جو هو چوندا آهن ته، واپار به ته آخر وياج وانگر آهي، (پر ڪڏهن به نه) الله تعالى واپار کي حلال ڪيو آهي ۽ وياج کي حرام ڪيو آهي. تنهنڪري هاڻي جنھن وٽ به پنھنجي پالڻھار جي طرفان، اها نصيحت پھچي ته هو هڪدم وياج کائڻ کان رڪجي وڃي، اڳ ۾ جو کاڌو سو کاڌائين، اهو معاملو الله تعالى جي هٿ ۾ آهي، باقي آئنده وياج کائڻ کان بچو، پوءِ به جيڪڏهن ڪو نٿو مڙي، ته اهي جَھنَّمي آهن ۽ هو ان ۾ هميشه رهندا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَمحَقُ اللَّهُ الرِّبوٰا۟ وَيُربِى الصَّدَقٰتِ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ كُلَّ كَفّارٍ أَثيمٍ (آيت : 276) |
الله وياج (جو کٽيو) ناس ڪري ڇڏيندو آھي ۽ خيراتن کي وڌائيندو آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن بي شڪر گنھگار کي دوست نه رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ وياج مان کوٽ ۽ تباهي ڏئي ٿو ۽ خيرات لاءِ برڪت ۽ واڌارو ٿو ڏئي ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ انهن کي ناپسند ٿو ڪري جي الله تعاليٰ جا بي شڪر ۽ نافرمان آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى وِياج کي برباد ڪري ٿو ۽ خيراتن جو ثواب وڌائي ٿو، ۽ الله تعالى ناشڪري ڪندڙ ۽ وڏي گنهگار کي پسند نٿو فرمائي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا وياج کي برباد ڪري ٿو ۽ خيراتن کي وڌائي ٿو ۽ جيڪي ناشڪرا گنهگار آهن خدا انهن کي دوست نٿو رکي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ميٽي ٿو الله وياج کي ۽ وڌائي ٿو خيرات کي ۽ الله محبت نه ٿو رکي هر ناشڪر، گنهگار سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله وياج کي برباد ڪري ٿو ۽ خيراتن کي وڌائي ٿو. ۽ الله ڪنهن به ڪفر ڪندڙ گنهگار کي پسند نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله وياج کي برباد ڪري ٿو ۽ صدقن کي وڌائي ٿو. ۽ الله هر بي شڪر بدڪار کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) واحد وِياج ناس ڪري، ۽ سنڀالي صدقا، ۽ ڏي نه محبت ڪا، هر بي شڪر، بدڪار کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله وياج کي گهٽائي ٿو ۽ خيرات کي وڌائي ٿو ۽ الله کي هر ڪو ناشڪر گنهگار پسند نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله وياج کي بالڪل ناس ٿو ڪري ۽ خيرات کي وڌائي ٿو ۽ الله ڪنهن به بي شڪري بدڪردار کي پسند نٿو ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله بلڪل ناس ڪري ٿو وياج کي ۽ صدقن کي بلڪل وڌائي ٿو، ۽ الله ڪنهن به بي شڪر بد عمل ماڻهو کي پسند نٿو ڪري.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى وياج جو ڍينگو ڍيري ڪري ڇڏيندو آهي ۽ خيراتن کي وڌائيندو آهي ۽ الله تعالى ناشڪري ۽ نافرمان ماڻهوءَ کي پسند نه ڪندو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 277) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ نماز پڙھيائون ۽ زڪوٰة ڏنائون تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اَجر آھي، ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جي ماڻهو الله تي سچو ايمان رکن ٿا ۽ سندن عمل به چڱا آهن پڻ نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڪڍن ٿا تن کي يقيناً سندن پروردگار وٽان اجر ملندو، نڪي هنن کي ڪنهن به قسم جو خوف خطرو رهندو، نڪي ڪا غمگيني.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ نماز قائم ڪئي ۽ زڪواة ڏني انهن لاءِ انهن ڪمن جو ثواب سندن رب وٽ آهي، ۽ انهن تي ڪوبه خوف ناهي ۽ نه اهي ڏکوئبا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هائو) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ نماز قائم ڪيائون ۽ زڪوات ڏيندا رهيا تن لاءِ سندن اجر (۽ ثواب) انهن جي پالڻهار وٽ آهي. ۽ (قيامت ۾) نه انهن کي ڪنهن قسم جو خوف هوندو ۽ نه وري اهي غمگين ئي هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا ۽ قائم ڪيائون نماز ۽ ڏنائون زڪواة، انهن لاءِ انهن جو اجر آهي انهن جي رب وٽ ۽ نه ڪو خوف آهي انهن تي ۽ نه اهي ڪو ڏک ڪندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ نماز قائم ڪيائون ۽ زڪوات ڏنائون تن لاءِ سندن اجر سندن پاليندڙ وٽ آهي. ۽ انهن تي نه ڊپ آهي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ۽ نماز قائم رکيائون ۽ زڪــــٰوة ادا ڪندا رهيا انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ انهن جو اجر آهي ۽ انهن تي نه ڪو خوف آهي نه اُهي غم زده ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مڃيو جن مذڪور، پڻ ڪيون نيڪ ڪمايون، ۽ پڙهيو نمازون پوريون، ۽ ڪڍيون زڪوٰة ضرور، اُنهن لئي سندنِ الله وٽ، اُنهن جا اَجر اُجور، ۽ خوف نه مٿنِ مور، ۽ نه ڳڻتِي کين، ڪنهن ڳالھ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن ايمان آندو، نيڪ عمل ڪيا، نماز قائم ڪيائون ۽ زڪوات ڏنائون، تن لاءِ الله وٽ سندن اجر آهي، نه انهن کي ڪو خوف هوندو ۽ نه اهي غم کائيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جيڪي ايمان آڻيندا ۽ نيڪ عمل ڪندا ۽ نماز قائم ڪندا ۽ زڪواة ڏيندا، انهن جو اجر بلاشڪ سندن رب وٽ آهي ۽ انهن لاءِ ڪنهن به خوف ۽ غم جي ڪائي ڳالهه ڪانهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ها جيڪي ماڻهو ايمان آڻين ۽ نيڪ عمل ڪن ۽ قائم ڪن نماز ۽ زڪوٰة ڏين، انهن جو اجر بيشڪ سندن رب وٽ آهي ۽ انهن لاءِ ڪنهن به خوف ۽ نه رنج جو موقعو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ايمان آندو، چڱا ڪم ڪيا، نماز قائم ڪئي ۽ زڪوات ادا ڪندا رهيا، ته اهڙن ماڻهن جو اجر سندن پالڻھار وٽ آهي، انهن ماڻهن لاءِ ڪو به خوف ۽ ڪا به ڳڻتي نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَذَروا ما بَقِىَ مِنَ الرِّبوٰا۟ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 278) |
اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ جيڪڏھن اوھين (الله ۽ رسول کي) مڃيندڙ آھيو ته جيڪي وياج مان رھيل آھي سو ڇڏيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مؤمنو! جيڪڏهن توهان کي سچ پچ ايمان آهي ته خدا جو خوف رکو ۽ جيڪو وياج قرضدارن وٽ رهجي ويو آهي سو ڇڏي ڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ ڇڏي ڏيو رهيل وياج جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄو ۽ جيڪو وياج باقي رهيو آهي سو جيڪڏهن اوهين سچا (۽ خالص) مومن آهيو ته ڇڏي ڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارا ڊڄو الله کان ۽ ڇڏيو جيڪي باقي رهيو وياج مان جيڪڏهن آهيو ايمان وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارو ! الله کان ڊڄو ۽ جيڪو وياج باقي رهيو آهي تنهن کي ڇڏيو جيڪڏهن ايمان وارا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ جيڪو وياج (ماڻهن تي) باقي بچيو آهي سو ڇڏي ڏيو جيڪڏهن اوهان (سچا) مؤمن آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن مڃيو!، سي مورهين، ڏَرو ڀر ڏاتار، ۽ جيڪي رهيو وياج مان، سو ترڪ ڪريو تڪرار، جي اوهين اعتبار، آڻڻ وارا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! الله کان ڊڄو ۽ جيڪڏهن الله تي ويساهه رکو ٿا، ته وياج مان جيڪي رهيل آهي ان کي ڇڏي ڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ جيڪو توهان جو وياج ماڻهن ڏانهن رهجي ويو آهي اهو ڇڏي ڏيو، جيڪڏهن سچ پچ توهان ايمان آندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، الله کان ڊڄو ۽ جيڪو توهان جو ماڻهن تي رهجي ويل وياج آهي، اهو ڇڏي ڏيو، جيڪڏهن واقعي توهان ايمان آندو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! الله تعالى جو خوف ڌاريو، مؤمن هجڻ جي دعوى ڪرڻ کان پوءِ، هاڻي ته باقي رهيل وياج ڇڏي ڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن لَم تَفعَلوا فَأذَنوا بِحَربٍ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِن تُبتُم فَلَكُم رُءوسُ أَموٰلِكُم لا تَظلِمونَ وَلا تُظلَمونَ (آيت : 279) |
پوءِ جيڪڏھن (ائين) نه ڪندؤ ته الله ۽ سندس رسول جي پاران اوھان کي جنگ جي سُڌ ھجي، ۽ جيڪڏھن توبه ڪيوَ ته اوھان لاءِ اوھان جي مالن جي موڙي آھي، نڪي وڌيڪ وٺو ۽ نڪي اوھان کي گھٽ ڏبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ته پوءِ الله ۽ ان جي رسول سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار رهو. (الله جي حڪمن جي خلاف عمل ڪرڻ آهي الله ۽ رسول سان جنگ ڪرڻ) پر جيڪڏهن انهي ڪم کان توبهه ڪري باز اچو ته پوءِ توهان جي لاءِ هي حڪم آهي ته پنهنجي اصلي رقم وٺو (۽ وياج ڇڏي ڏيو) نڪو توهان ڪنهن تي ظلم ڪيو، نڪي توهان تي ظلم ڪيو وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن ايئن نٿا ڪريو ته الله تعالى ۽ سندس رسول جي طرفان توهان کي جنگ جو اطلاع هجي، ۽ جيڪڏهن توبه ڪريو ٿا ته فقط پنهنجو اصل مال وٺو، ۽ توهان وڌيڪ نه وٺو نه توهان کي گهٽ ڏبو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن (ائين) نه ڪيَوَ ته الله ۽ سندس رسول سان وڙهڻ لاءِ تيار رهو. پر جي اوهان توبه ڪئي آهي ته توهان جو اصل مال آهي، نه توهان ڪنهن جو زبردستي نقصان ڪريو ۽ نه توهان تي زبردستي ڪئي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن ائين نه ڪَيُوَ ته پوءِ تيار ٿيو جنگ ڪرڻ لاءِ الله ۽ ان جي رسول سان ۽ جيڪڏهن توبہ ڪندؤ پوءِ اوهان لاءِ آهن اصل مال اوهان جا نه ظلم ڪيو ۽ نه ظلم ڪيا وڃو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن (ائين) نه ڪيُوَ ته الله ۽ سندس رسول جي طرفان اوهان کي جنگ جو اعلان آهي. ۽ جيڪڏهن اوهان توبه ڪئي ته اوهان لاءِ اوهان جا اصلي مال آهن نه اوهين ظلم ڪندو ۽ نه اوهان تي ظلم ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن ائين نه ٿا ڪيو ته الله ۽ ان جي رسول طرفان توهان لاءِ جنگ جو اعلان آهي. ۽ جي توهان توبه ڪئي ته پوءِ اوهان لاءِ اوهان جا اصل مالَ (جائز) آهن. نه توهان ظلم ڪيو ۽ نه توهان سان ظلم ڪيو وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي اوهان عمل نه ڪيو، ته ڄاڻو جنگ ضرور، ربَّ ۽ سندس رسول کان؛ جي موٽيا اوهين مور، پوءِ اوهان لئي، اوهان جي، مالن سندا مور، نه ڪندا پاڻ ڪلُور، نه ڪلُور، اوهان سان ئـِي ڪبو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن نٿا ڇڏيو، ته پوءِ الله ۽ سندس رسول سان لڙائي لاءِ تيار ٿي وڃو! پر جي توبهه ڪريو ته، ته پوءِ اوهان لاءِ (فقط) اصل موڙي آهي، نه اوهين ڪنهن تي ظلم ڪريو ۽ نه اوهان تي ڪو ظلم ڪبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جيڪڏهن توهان ائين نه ڪندؤ ته پوءِ ٻڌي ڇڏيو ته الله ۽ سندس رسول جي طرفان توهان جي خلاف جنگ جو اعلان آهي، هاڻي به توبهه ڪريو (۽ وياج ڇڏي ڏيو) ته پنهنجو مــُـور وٺڻ جا توهان حقدار آهيو، نه توهان ظلم ڪريو ۽ نڪي توهان تي ظلم ٿئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جي توهان ائين ڪيو ته خبردار رهو ته اعلانِ جنگ آهي الله ۽ ان جي رسول طرفان توهان جي خلاف، هاڻي به توبهه ڪريو (وياج ڇڏيو) ته توهان اصل سرمايو وٺڻ جا حقدار آهيو، نه توهان ظلم ڪريو نه توهان تي ظلم ٿيندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ به جيڪڏهن (وِياج) وٺڻ نه ڇڏيو، ته هاڻي الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) جي طرفان توهان جي خلاف جَنگ جو اعلان آهي. (وري هڪ ڀيرو ٻيھر ٻڌي وٺو) جيڪڏهن هاڻي به توهان توبہ ڪيو (۽ وياج وٺڻ ڇڏي ڏنو ته) توهان لاءِ رڳو اصل رقم وٺڻ جائز آهي، (اصل رقم کان مٿي وٺي) نه توهان ظلم ڪريو ۽ نه ئي (اصل رقم کان گهٽ ڏيئي) توهان تي ڪو ظلم ٿئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن كانَ ذو عُسرَةٍ فَنَظِرَةٌ إِلىٰ مَيسَرَةٍ وَأَن تَصَدَّقوا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 280) |
۽ جيڪڏھن (قرضي) سڃو ھجي ته سگھ تائين مُھلت ڏيڻ لازم آھي، ۽ جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته اوھان جو (قرض) بخشڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن قرضي تنگ حالت ۾ آهي (۽ هڪدم قرض ڏيئي نٿو سگهي) ته هن کي َ جي حالت ٿيڻ تائين مهلت ڏيڻ گهرجي پر جيڪڏهن سمجهه رکو ٿا ته يقين رکو ته توهان لاءِ بهتري هن ۾ آهي ته اهڙي مسڪين کي قرض (مور به) صدقي طور بلڪل معاف ڪري ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن قرضي مسڪين آهي ته اُن کي آسانيءَ تائين مهلت ڏيو، ۽ جيڪڏهن قرض معاف ڪريو ته اهو توهان لاءِ بهتر آهي، جيڪڏهن اوهان ڄاڻو ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن ڪو (قرضي) تنگ دست آهي ته آسودگيءَ تائين ان کي مهلت ڏيڻي آهي ۽ جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته توهان جي حق ۾ هيءَ (ڳالھ) زياده سٺي آهي جو اصل به بخشيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن قرضدار تنگدست آهي ته پوءِ ان کي مهلت ڏيڻ آهي خوشحال ٿيڻ تائين ۽ صدقو ڏيو ته ڀلو آهي اوهان لاءِ جيڪڏهن ڄاڻو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن (قرضي) تنگ دست آهي ته آسودگيءَ تائين مهلت ڏيڻي آهي ۽ اوهان جو (قرض) معاف ڪرڻ اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي جيڪڏهن ڄاڻو. ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ اوهان کي الله ڏي موٽايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن (قرضدار) تنگدست آهي ته ڪشادگي تائين مهلت ڏيڻ گهرجي. ۽ جي توهان صدقو ڪري (قرض بخشي) ڇڏيو ته اهو اوهان لاءِ بهتر آهي اگر اوهان ڄاڻو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جي آهي ڪرڪ ڪَنگال، پوءِ نظر سُهوليت، سُهنج جو، جي ڇڏيو، ته اوهان لئي، اِهو ڀَلو آهي بحال، نتيجو نهال، جي صحِي آهيو سمجھندا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن ڪو تنگدست آهي ته ان کي آسودي ٿيڻ تائين مهلت هئڻ گهرجي، پر جي بخشي ڇڏيو، ته اوهان لاءِ بهتر آهي، جيڪڏهن اوهان کي سمجهه آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جي قرضدار جو هٿ تنگ هجي ته هٿ ڪشادو ٿيڻ تائين کيس مهلت ڏيو ۽ جيڪڏهن خيرات (معاف) ڪري ڇڏيو ته اهو توهان لاءِ وڌيڪ ڀلو آهي، جيڪڏهن توهان ڄاڻ رکو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان جو قرضدار تنگيءَ ۾ آهي ته آسودگيءَ تائين کيس مهلت ڏيو ۽ جي صدقو ڪريو ته اهو توهان جي لاءِ وڌيڪ بهتر آهي جيڪڏهن توهان سمجهي وڃو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جيڪڏهن توهان جو قرضدار انتھائي غريب هجي، ته کيس سندس حالت صحيح ٿيڻ تائين مھلت ڏيو، جيڪڏهن سمجهو ته توهان جي بھتري ان ۾ آهي، ته کيس سموري رقم صدقي طور ئي معاف ڪري ڇڏيو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتَّقوا يَومًا تُرجَعونَ فيهِ إِلَى اللَّهِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 281) |
۽ (اي ماڻھو) اُنھيءَ ڏينھن کان ڊڄو جنھن ۾ الله ڏانھن موٽايا ويندؤ، پوءِ سڀڪنھن ماڻھوءَ کي جيڪي ڪمايائين تنھن جو پورو بدلو ڏبو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ ڏينهن جي حساب کان ڊڄو جنهن ڏينهن الله تعاليٰ جي حضور ۾ موٽي ويندؤ. پوءِ ڇا ٿيندو جو هر نفس (پنهنجي عملن سان) جيڪي ڪمايو هوندو ان جو پورو پورو بدلو هن کي ملندو ڪنهن سان به بي انصافي نه ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهيءَ ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ الله تعالى ڏانهن موٽايا ويندا، ۽ هر ماڻهو کي سندس عمل جو پورو ثواب ملندو ۽ انهن سان ظلم نه ڪيو ويندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ اوهان کي الله ڏي موٽايو ويندو، پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي جيڪي ڪمايو هوندائين تنهن جو پورو بدلو ڏنوويندو ۽ ان جي ذرو به حق تلفي نه ٿيندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جو موٽايا ويندؤ ان ۾ الله ڏانهن تنهن کان پوءِ پورو بدلو ڏنو ويندو هر نفس جيڪي ڪيائين ۽ اهي نه ظلم ڪيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي جيڪي ڪمايو هوندائين تنهن جو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ اوهان الله ڏانهن موٽايا ويندؤ، پوءِ هر شخص کي ان جي ڪمائي جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ انهن سان ظلم نه ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تنهن ڏينهان ڏَرو، جنهن ۾، رُجوع ڪبا ربَّ پار، هر ڪنهن، جي ڪم ڪيا، تِنهنجو پورو ڏِبس پار، ۽ اُنهن سان اُن وار، ذرو ظلم ڪينَ ڪبو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان ڏينهن کان ڊڄندا رهو، جڏهن الله وٽ موٽايو ويندؤ، پوءِ هر هڪ شخص جيڪي ڪمايو آهي، سو کيس پورو پورو ڏنو ويندو ۽ مٿن ڪو ظلم نه ٿيندو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته انهيءَ ڏينهن جي خواريءَ ۽ مصيبت کان پاڻ بچايو جڏهن توهان الله ڏانهن واپس ٿيندؤ. اتي هر شخص کي سندس ڪمايل نيڪيءَ يا بديءَ جو پورو پورو بدلو ملندو ۽ ڪنهن تي به ڪو ظلم نه ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان ڏينهن جي رسوائي ۽ مصيبت کان بچو جڏهن ته توهان الله ڏانهن واپس ايندؤ، اتي هر شخص کي سندس ڪمايل هر نيڪي ۽ برائيءَ جو بدلو ملي ويندو ۽ ڪنهن تي هرگز ظلم نه ٿيندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن کان ڊڄو جنھن ڏينھن توهان سڀ، الله تعالى جي طرف واپس موٽايا ويندا، پوءِ اتي هر شخص کي سندس عملن مطابق پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ ڪنھن سان به ناانصافي نه ٿيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَدايَنتُم بِدَينٍ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَاكتُبوهُ وَليَكتُب بَينَكُم كاتِبٌ بِالعَدلِ وَلا يَأبَ كاتِبٌ أَن يَكتُبَ كَما عَلَّمَهُ اللَّهُ فَليَكتُب وَليُملِلِ الَّذى عَلَيهِ الحَقُّ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا يَبخَس مِنهُ شَيـًٔا فَإِن كانَ الَّذى عَلَيهِ الحَقُّ سَفيهًا أَو ضَعيفًا أَو لا يَستَطيعُ أَن يُمِلَّ هُوَ فَليُملِل وَلِيُّهُ بِالعَدلِ وَاستَشهِدوا شَهيدَينِ مِن رِجالِكُم فَإِن لَم يَكونا رَجُلَينِ فَرَجُلٌ وَامرَأَتانِ مِمَّن تَرضَونَ مِنَ الشُّهَداءِ أَن تَضِلَّ إِحدىٰهُما فَتُذَكِّرَ إِحدىٰهُمَا الأُخرىٰ وَلا يَأبَ الشُّهَداءُ إِذا ما دُعوا وَلا تَسـَٔموا أَن تَكتُبوهُ صَغيرًا أَو كَبيرًا إِلىٰ أَجَلِهِ ذٰلِكُم أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ وَأَقوَمُ لِلشَّهٰدَةِ وَأَدنىٰ أَلّا تَرتابوا إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً حاضِرَةً تُديرونَها بَينَكُم فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَلّا تَكتُبوها وَأَشهِدوا إِذا تَبايَعتُم وَلا يُضارَّ كاتِبٌ وَلا شَهيدٌ وَإِن تَفعَلوا فَإِنَّهُ فُسوقٌ بِكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَيُعَلِّمُكُمُ اللَّهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 282) |
اي مؤمنؤ جڏھن ڪنھن ٺھرايل (مُدت) تائين قرض جو معاملو ڪريو تڏھن اُن کي لکو، ۽ اوھان جي وچ ۾ لکندڙ کي انصاف سان لکڻ گھرجي، ۽ جئن کيس الله سيکاريو تئن لکندڙ لکڻ کان انڪار نه ڪري پوءِ لکڻ گھرجيس، ۽ جنھن تي قرض آھي سو (مطلب) بيان ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄڻ گھرجيس ۽ منجھانئس ڪُجھ نه گھٽائي، پوءِ جنھن تي قرض آھي سو جيڪڏھن اَٻوجھ يا ھيڻو ھجي يا بيان نه ڪري سگھي ته سندس سنڀاليندڙ کي اِنصاف سان بيان ڪرڻ گھرجي، ۽ پنھنجن (مسلمانن) مڙسن مان ٻه گواھ شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ٻه مڙس نه ھجن ته ھڪ مڙس ۽ ٻه زالون (اُنھن) شاھدن مان جيڪي اوھان کي وڻن (شاھد ڪريو ھن لاءِ) ته جي اُنھن (ٻنھي) مان ھڪڙي وساريندي ته اُنھن مان ٻي کيس ياد ڏياريندي، ۽ جڏھن شاھد (شاھديءَ ڏانھن) سڏيا وڃن ته انڪار نه ڪن، ۽ اُن جي مدت تائين ٿوري يا گھڻي (قرض) جي لکي ڏيڻ کان نه ٿڪجو، اِھو (لکڻ) الله وٽ انصاف کي تمام ويجھو ۽ شاھديءَ لاءِ بلڪل بيھڪ وارو آھي ۽ اوھان جي شڪ ۾ نه پوڻ کي (به) ڏاڍو ويجھو آھي پر جيڪڏھن اوھان جو واپار رُوبرو ھجي جو اوھين ھٿون ھٿ پاڻ ۾ پيا ڪريو ته اُن جي نه لکڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ نه آھي، ۽ جڏھن ڳنھو وڪڻو ته شاھد ڪريو، ۽ لکندڙ ۽ شاھد کي نه ڏکوئجي، ۽ جيڪڏھن (اھڙو ڪم) ڪندؤ ته اُھو اوھان کي گُناہ آھي، ۽ الله کان ڊڄو، ۽ الله اوھان کي سيکاري ٿو، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مؤمنو! جڏهن ڪنهن خاص مدي لاءِ اوڌر (پيسا يا ٻيو ڪجهه) ڏيو يا وٺو ته پوءِ ان کي لکپڙه هيٺ آڻيو ۽ هڪڙو لکڻ وارو اوهان جي وچ ۾ هجي جو عدل ۽ ايمانداريءَ سان دستاويز لکي. لکي ڄاڻندڙ کي گهرجي ته لکڻ کان انڪار نه ڪري، ڇو ته الله تعاليٰ ئي هن کي لکڻ سيکاريو آهي، تنهن ڪري ضرور لکي. هيئن ڪجي جو جنهن کي رقم يا شيءِ (مقرر مدي تي) ڏيڻي آهي سو چوندو وڃي (ته ڪاتب لکندو وڃي) ۽ چوڻ وقت پنهنجي پروردگار جو خوف دل ۾ رکي ۽ جو ڪجهه هن کي ڏيڻو آهي تنهن کان ذرو به گهٽ نه لکائي، پر جيڪڏهن ذميوار بي سمجهه هجي يا ضعيف هجي ۽ لکائڻ جي قابليت نه هجيس ته پوءِ ان جي پاران سندس خير خواه دوست يا سنڀاليندڙ عدل ۽ ايمانداريءَ سان چوندو لکائيندو وڃي ۽ (جيڪو دستاويز لکيو وڃي) تنهن تي پنهنجي ماڻهن مان ٻن مردن کي شاهد ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن ٻه مرد نه هجن ته هڪ مرد ۽ ٻه عورتون جيڪي پسند هجن سي شاهد ڪري ڇڏيو. انهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن هڪ عورت کان ڳالهه وسري وڃي ته ٻي هن کي يادگيري ڏياري ۽ جڏهن شاهدن کي سڏيو وڃي تڏهن هلي وڃڻ ۽ شاهدي ڏيڻ کان نه نٽائين ۽ معاملو ننڍڙو هجي توڙي وڏو هجي پر ميعاد پيل هجي ته دستاويز لکڻ ۾ شرم يا ڍرئي نه ڪيو. هن ڳالهه ۾ الله تعاليٰ جي نظر ۾ توهان جي لاءِ انصاف جي زياده مضبوطي آهي، شاهديءَ لاءِ وڌيڪ پڪائي آهي ۽ وڌيڪ امڪان آهي ته شڪ شبهي ۾ ڪونه پوندو، پر جيڪڏهن سودو ڪرڻ وقت هٿئون هٿ ڏيئي وٺي ڪم لاهي ڇڏيو ٿا (اوڌر ڪانه رهي) ته پوءِ اوهان تي ڏوهه ناهي، جيڪڏهن اهو سودو لکپڙه هيٺ نه آڻيو، پر تڏهن به (وڏن تجارتي معاملن ۾) سودي ڪندي شاهد ڪري ڇڏيو (ته پوءِ ڪو جهڳڙو نه ٿئي. مثلاً ڳئون يا ٻڪري خريد ڪيو ۽ پوءِ ڪو چوي ته توهان چورائي آيا آهيو ته ڪيڏو نه خلل ٿي پوي) (هي ڳالهه به ضروري آهي ته) لکندڙ ۽ شاهد کي ڪوبه نقصان نه پهچي (يعني غرض وارو هنن تي دٻاءُ نه وجهي ته شاهدي گهٽ وڌ ڏي. پر ممڪن آهي ته هي معنيٰ به آهي ته لکندڙ يا شاهد کي جيڪڏهن لکڻ يا شاهدي ڏيڻ ۾ مالي نقصان ٿيندو هجي ته انهن کي عيوضو ڏيڻ گهرجي) جيڪڏهن توهان هنن کي نقصان هيٺ آڻيندو ته توهان جي لاءِ گناه جو ڪم آهي ۽ توهان کي گهرجي ته هر حال ۾ خدا جو خوف رکندا رهو. هو اوهان کي (ضروري ڳالهيون) سيکاري ٿو ۽ هو هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! جڏهن توهان مقرر وقت تائين قرض جي ڏيتي ليتي ڪريو ته اُن کي لکو، ۽ توهان جي وچ ۾ لکندڙ انصاف سان لکي، ۽ لکندڙ لکڻ کان انڪار نه ڪري جيئن ته الله تعالى ان کي علم ڏنو آهي ته ان کي لکڻ گهُرجي ۽ جنهن تي حق آهي اهو لکندو وڃي ۽ انهيءَ کي گهُرجي ته الله تعالى کان ڊڄي جيڪو سندس رب آهي ۽ لکندڙ ان مان ڪا به شيءِ گهٽ نه ڪري، پوءِ جنهن تي حق آهي جيڪڏهن اهو بي وقوف يا عاجز آهي يا لکرائڻ جي صلاحيت نٿو رکي ته پوءِ سندس سنڀاليندڙ کي انصاف سان لکرائڻ گهرجي، ۽ مردن مان ٻه شاهد گواه ڪريو، پوءِ جيڪڏهن ٻه مرد ناهن ته هڪ مرد ۽ ٻه عورتون پنهنجي مرضيءَ سان شاهد ڪريو متان هڪ عورت کي ويسر ٿئي ته ٻي اُن کي ياد ڏياري، ۽ شاهدن کي جڏهن سڏايو وڃي ته اچڻ کان انڪار نه ڪن، ۽ لکڻ کي ڳرو نه سمجهو مقرر وقت تائين چاهي قرض ٿورو هجي يا گهڻو، اها لکت الله تعالى وٽ زياده انصاف واري آهي، انهيءَ جي شاهدي به تمام سٺي رهندي ۽ ويجهو آهي جو توهان کي ڪو شڪ نه پوي، مگر جيڪڏهن توهان واپار روبرو ۽ هٿ و هٿ پاڻ ۾ ڪريو ٿا ان جي لکت نه ڪرڻ ۾ توهان تي ڪو گناه ناهي، ۽ جڏهن واپار ڪريو ته شاهد مقرر ڪريو، ۽ لکندڙ ۽ شاهد کي تڪليف نه پهچايو، ۽ جيڪڏهن تڪليف ڏيندا ته بيشڪ اهو توهان لاءِ گناه آهي، ۽ الله تعالى کان ڊڄو، ۽ الله تعالى توهان کي سيکاري ٿو، ۽ الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جڏهن اوهين مقرر ڪيل مدت تائين پاڻ ۾ قرض ڏيڻ وٺڻ جو معاملو ڪريو ته ان جي لک (پڙھ) ڪندا ڪريو. ۽ لکڻ واري کي گهرجي ته انصاف سان (بلڪل پوري ڳالھ) لکي. ۽ لکندڙ لکڻ کان انڪار نه ڪري. پوءِ جيئن ان کي خدا سيکاريو آهي تئين ان کي لکڻ گهرجي. ۽ جنهن تي قرض آهي سو لکائي ۽ پنهنجي پالڻهار خدا کان ڊڄي ۽ ان مان ڪجھ به گهٽ نه ڪري. پوءِ جنهن تي قرض آهي سو جيڪڏهن بي عقل يا ضعيف هجي. يا اهو لکائي نٿو سگهي ته سندس ڪم هلائيندڙ، انصاف سان لکائي ۽ پنهنجن مردن مان ٻه گواھ شاهد ڪريو. ۽ جيڪڏهن ٻه مرد نه هجن ته پوءِ هڪ مرد ۽ ٻه زالون انهن شاهدن مان هجن جن کي اوهين پسند ڪندا هجو. هن لاءِ ته انهن ٻنهين (زالن) مان جيڪڏهن هڪ ڀلجي وڃي ته ان کي ٻي ياد ڏياري. ۽ جڏهن شاهدن کي حاڪمن وٽ شاهدي لاءِ سڏايو وڃي ته حاضر هجڻ کان انڪار نه ڪن. ۽ ان (قرض) کي، ٿورو هجي يا گهڻو پنهنجي مدت تائين رکڻ کان نه گهٻرايو. خدا وٽ اها لکپڙھ تمام انصافي ڪاروائي آهي. ۽ شاهديءَ لاءِ به ڏاڍي سٺي ڳالھ آهي. ۽ بلڪل ٺيڪ شبه ۾ نه پئو. پر روبرو واپار هئڻ وقت جنهن کي پاڻ ۾ هٿون هٿ ڏيو يا وٺو ته ان جي (سودي) جي نه لکڻ ۾ اوهان تي الزام نه آهي. (هائو) جڏهن اهڙي ڏي وٺ جو سودو هجي ته شاهد رکو. ۽ نقصان نڪي لکندڙ ۽ نڪي شاهد کي پهچايو وڃي. ۽ جيڪڏهن (اهو ڪم) ڪندئو ته اها ضرور اوهان جي شرارت آهي. ۽ خدا کان ڊڄو خدا توهان کي (معاملي جي صفائي) سيکاري ٿو ۽ اهو هر ڳالھ کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! جنهن وقت ڏيتي ليتي ڪيو اوڌر تي مدي مقرر تائين ته اهو لکو ۽ گهرجي ته اوهان جي وچ ۾ ڪو لکندڙ انصاف سان لکي ۽ نه انڪار ڪري لکندڙ هن کان جو لکي، جيئن الله سيکاريو اٿس پوءِ ان کي گهرجي ته لکي ۽ ڀل ته لکرائي اهو شخص جنهن تي حق آهي ۽ گهرجي ته ڊڄي الله رب پنهنجي کان ۽ نه گهٽائي ان مان ذري برابر.وءِ جيڪڏهن آهي اهو جنهن تي حق آهي بيوقوف يا ضعيف يا نه ٿو طاقت رکي هن ڳالھ جي جو لکارائي اهو ته گهرجي ته لکارائي ان جو ڪم هلائيندڙ انصاف سان ۽ ٻه شاهد بنايو پنهنجن مردن مان پوءِ جيڪڏهن ٻه مرد نه آهن ته هڪ مرد ۽ ٻه عورتون، انهن مان جو پسند ٿا ڪيو شاهدن مان.ن جي ڪري ته متان وساري هڪڙي انهن مان ته ياد ڏياري هڪڙي انهن مان ٻيءَ کي ۽ نه انڪار ڪن شاهد جڏهن سڏيا وڃن ۽ نه ڊڄو هن ڳالھ کان جو لکو ان کي ننڍو هجي يا وڏو ان جي مدت تائين اهو وڌيڪ عدل وارو آهي الله وٽ ۽ وڌيڪ قائم ڪندڙ آهي شاهديءَ لاءِ ۽ وڌيڪ آسان آهي هن ڳالھ لاءِ ته ڪو شڪ نه ڪيو مگر هي جو هجي واپار هٿئون هٿ جو ڏي وٺ ٿا ڪيو ان جي پاڻ ۾ پوءِ نه آهي اوهان تي ڪو گناھ جو ان کي نه لکو ۽ شاهد بنايو جنهن وقت واپار ڪيو ۽ نه نقصان ڏنو ويندو لکندڙ ۽ نه شاهد ۽ جيڪڏهن ڪندؤ ته پوءِ اهو فسق آهي اوهان جو ۽ ڊڄو الله کان ۽ سيکاري ٿو اوهان کي الله ۽ الله هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارو ! جڏهن اوهين ٺهرايل مدت تائين پاڻ ۾ ۽ قرض ڏيڻ وٺڻ جو معاملو ڪريو ته ان کي لکو. ۽ اوهان جي وچ ۾ لکندڙ انصاف سان لکي ۽ لکندڙ لکڻ کان انڪار نه ڪري پوءِ جيئن ان کي الله سيکاريو آهي تيئن ان کي لکڻ گهرجي. ۽ جنهن تي قرض آهي سو لکائي. ۽ پنهنجي پاليندڙ الله کان ڊڄي ۽ ان مان ڪجهه به گهٽ نه ڪري. پوءِ جنهن تي قرض آهي سو جيڪڏهن بي عقل يا ضعيف هجي يا اهو لکائي نه ٿو سگهي ته سندس ڪم هلائيندڙ انصاف سان لکائي. ۽ پنهنجن مردن (يعني مسلمانن) مان ٻه گواهه شاهد ڪريو. پوءِ جيڪڏهن ٻه مرد نه هجن ته پوءِ هڪ مرد ۽ ٻه زالون انهن شاهدن مان هجن جن کي اوهين پسند ڪريو ٿا. هن لاءِ ته انهن ٻنهين (زالن) مان جيڪڏهن هڪ ڀلجي وڃي ته ان کي ٻي ياد ڏياري. ۽ جڏهن شاهدن کي سڏيو وڃي تڏهن اهي انڪار نه ڪن. ۽ ان (قرض) کي ننڍو هجي يا وڏو پنهنجي مدت تائين لکڻ کان نه گهٻرايو. اهو (ڪم) الله وٽ زياده انصاف وارو ۽ شاهديءَ کي برابر رکڻ وارو ۽ اوهان جي شڪ ۾ نه پوڻ کي گهڻو ويجهو آهي مگر روبرو واپار هئڻ وقت جنهن کي پاڻ ۾ هٿون هٿ ڏيو وٺو ٿا، پوءِ ان جي نه لکڻ ۾ اوهان تي گناهه نه آهي. ۽ اوهين شاهد ڪريو جڏهن پاڻ ۾ واپار ڪريو. ۽ نقصان نڪي لکندڙ ۽ نڪي شاهد کي پهچايو وڃي ۽ جيڪڏهن (اهو ڪم) ڪندو ته اهو اوهان تي گناه آهي ۽ الله کان ڊڄو. ۽ الله اوهان کي سيکاري ٿو ۽ الله سڀڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان مقرر مدت تائين قرض جو معاملو ڪيو ته ان کي لکي ڇڏيو. ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪو لکندڙُ ماڻهو انصاف سان لکي ۽ لکڻ وارو لکڻ کان انڪار نه ڪري جيئن الله ان کي لکڻ سيکاريو آهي. پوءِ ان کي لکي ڏيڻ گهرجي. ۽ مضمون اهو لکائي جنهن جي ذمي حق (قرض) آهي ۽ الله کان ڊڄي جيڪو سندس پروردگار آهي، ۽ (لکائڻ ۾) ڪجهه به نه گهٽائي. پر جيڪڏهن اهو شخص جنهن تي حق (يعني قرض) آهي سو بي سمجهه يا ڪمزور آهي يا اهو مضمون لکائڻ جي سگهه نه ٿو رکي ته ان جي وارث (يا ڪاردار) کي گهرجي ته عدل سان لکائي. ۽ پنهنجن مردن مان ٻن کي شاهد بنايو. پر جي ٻه مرد (موجود) نه هجن ته پوءِ هڪ مرد ۽ ٻه زالون هجن. اُهي انهن مان هجن جن کي اوهان شاهدي لاءِ پسند ڪيو ٿا. اهو هن لاءِ ته متان انهن مان هڪ شاهدياڻي وساري ته ٻي ان کي ياد ڏياري ۽ شاهدن کي جڏهن به (شاهدي لاءِ) سڏيو وڃي ته انڪار نه ڪن. ۽ معاملو (قرض وارو) ننڍو هجي يا وڏو ته ان جي مقرر ميعاد تائين ان جي لکڻ ۾ سستي نه ڪيو. توهان جو (اهو لکڻ ۽ دستاويز بنائڻ) الله وٽ وڏي انصاف وارو آهي ۽ شاهدي لاءِ مضبوط (ثبوت) آهي . ۽ ان جي به قريب آهي جو اوهان شڪ ۾ نه پئو. پر جيڪڏهن سودو هٿون هٿ آهي، ان کي پاڻ ۾ ڏيو وٺو ٿا ته جي ان کي نه لکو ته توهان تي ڪو گناهه نه آهي. ۽ (ان وقت به) شاهد بنايو جڏهن خريد فروخت ڪيو ٿا ۽ لکڻ واري ۽ شاهد بنجڻ واري کي نقصان نه پهچايو وڃي. ۽ جي ائين ڪيو ٿا ته اها اوهان جي کُلي بي فرماني آهي. ۽ الله کان ڊڄندا رهو. ۽ الله اوهان کي (مسائل) سيکاري ٿو. ۽ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن آندو اعتبار!، سي جڏهن کُڻ تي، کڻت ڏيو، پوءِ لکوس، ۽ اوهان وچ ۾ لِکي لکڻهار، عدل ۽ انصاف سان؛ نه وٺي ڪو ويچار، لکندڙ لکي جنهن طرح، سيکاريسِ ستار، پوءِ لکي منشي مورهين، ۽ جنهن تي حق حقدار، سو پڙهي پاڻ زبان سان، ۽ ڏَري ڀر ڏاتار، ۽ اُن مان لِک لَغار، ۽ ڪَمِي ڪري ڪانه ڪا. پوءِ، جي ڀورو، يابي پُهچ هجي، جنهن تي حق حقدار، يا ڪن بيان زبان سان، نه سارينِ، ساسگھ سار، ته وري وارث اُن جو، ٻولي سچ ٻِيهار، ۽ ٻه ساکي مرد سچار، گواھ گھرايو پاڻ مان. ٻه مرد نه هجن، ته مرد هڪ ۽ ٻايون ٻه ٻيهار، شاهدن مان جن کي، سمجھو پاڻ سچار، جي ڀُلجي هِڪ هيڪار، ٻي عورت اُن کي ياد ڏي. ۽ شاهد نه وٺن ويچار، جڏهن سڏجن ساک لئي، ۽ نه ليرا ٿيو، ته لِکو تنهين، ننڍوڪِ، وڏو وهنوار، کُڻ سين، کَرو اوهان لئي، سو صاحب وٽ، ستار، پڻ سچي پچي ساک لئي، پورا پورا پار، ۽ نه وِر سو ڪنهين وار، اِهو اُن کي اوڏڙو. مگر وِڪرو پاڻ ۾، جو حاضر حال مال، ته پائـِي پاپ نه آن تي، جي نه لکوس لال!، ۽ شاهد ضرور بيهاريو، جڏهن رَک رَکال، ۽ نه شاهد۽ لکندڙ نال، ڪئـِي وڃي تڪليف ڪا. ۽ جي ڪيان اِها ڪار، ته پاپ اوهان لئي پاڻ تي، ۽ ڪنبو ربَّ ڪريم کان؛ ٿو سيکارينِيان ستار، ۽ سائين سمجھدار، حقيقت هر ڳالھ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! جڏهن پاڻ ۾ هڪ مقرر وقت تائين ڏيتي ليتي ڪريو، ته ان کي لکندا ڪريو، لکندڙ کي گهرجي ته اوهان منجهه انصاف سان لکي ڏئي ۽ جيئن الله لکندڙ کي سيکاريو آهي تيئن لکڻ کان انڪار نه ڪري، گهرجيس ته لکي ۽ جنهن تي قرض آهي سو ان کي لکائي ۽ پنهنجي پالڻهار الله کان ڊڄي ان مان ڪجهه گهٽ نه ڪري. پوءِ جنهن تي قرض آهي، سو بي عقل هجي، يا ضعيف، يا پاڻ لکائي نه سگهندو هجي، ته ان جو وارث انصاف سان لکارائي. ۽ پنهنجن مردن مان ٻه شاهد گواهه ڪريو، جيڪڏهن ٻه مرد نه هجن ته هڪ مرد ۽ ٻه زالون اوهان کي وڻندڙ شاهدن مان هجن، هن لاءِ، ته جيڪڏهن ٻن زالن مان هڪ وساريندي، ته هڪڙي ٻيءَ کي ياد ڏياريندي ۽ شاهد جڏهن سڏيا وڃن، تڏهن انڪار نه ڪن ۽ قرض سندس وقت تائين ننڍو هجي يا وڏو، پر لکڻ ۾ سستي نه ڪريو. الله وٽ اها پوري انصاف واري ڳالهه ۽ شاهديءَ کي به وڌيڪ درست رکڻ واري آهي، ۽ شڪ نه پوڻ لاءِ به پوري آهي. مگر جيڪڏهن روبرو پاڻ ۾ هٿو هٿ واپار هجي ته پوءِ ان جي نه لکڻ ۾ اوهان تي ڪو گناهه نه آهي. جڏهن سودو ڪريو، ته شاهد ڪندا ڪريو. ۽ لکندڙ ۽ گواهه کي تڪليف نه ڏني وڃي. جيڪڏهن تڪليف ڏيندؤ ته پوءِ اهو اوهان لاءِ گناهه آهي. الله کان ڊڄندا رهو، الله اوهان کي سيکاري ٿو ۽ الله هر هڪ شيءِ کي ڄاڻي ٿو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ ! جڏهن به ڪنهن مقرر ڪيل مدي لاءِ توهان پاڻ ۾ قرض جي ڏيتي ليتي ڪريو ته ان کي لکت ۾ آڻي ڇڏيندا ڪريو. ڌرين جي وچ ۾ انصاف سان ڪو ماڻهو دستاويز لکي. جنهن کي الله لکڻ پڙهڻ جي صلاحيت ڏني هجي، ان کي لکڻ کان انڪار نه ڪرڻ کپي. هو لکي، ۽ لکرائي اهو ماڻهو جنهن جي مٿان حق حساب ٿو پوي (يعني قرض وٺندڙ) ۽ کيس الله، پنهنجي رب کان ڊڄڻ کپي ته جيڪو معاملو طيءِ ٿيو آهي. ان ۾ ڪا کوٽ واڌ نه ڪري، پر جيڪڏهن قرض وٺڻ وارو پاڻ نادان هجي يا ضعيف هجي يا لکرائي نه سگهندو هجي ته سندس سنڀاليندڙ (ولي) انصاف سان لکرائي، پوءِ پنهنجي مردن منجهان ٻن ماڻهن جي ان تي شاهدي ڪرايو ۽ جيڪڏهن ٻه مرد نه هجن ته هڪ مرد ۽ ٻه عورتون هجن، تانته هڪڙي وساري ويهي ته ٻي کيس ياد ڏياري ۽ اهي شاهد اهڙن ماڻهن مان هئڻ گهرجن، جن جي شاهدي توهان وٽ قبول هجي. شاهدن کي جڏهن شاهد ٿيڻ لاءِ چيو وڃي ته کين انڪار نه ڪرڻ کپي، معاملو ننڍو هجي يا وڏو، مدو ڄاڻائي ان جو دستاويز لکرائڻ ۾ ڍَرَ نه ڪريو، الله وٽ اهو طريقو توهان لاءِ وڌ ۾ وڌ انصاف وارو آهي، ان سان شاهدي پيش ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿئي ٿي ۽ توهان جي ڪنهن ڀل چڪ ۾ پوڻ جو به امڪان گهٽجي وڃي ٿو. باقي جيڪو واپاري سودو توهان اتي جو اتي هٿئون هٿ پاڻ ۾ ڪريو ٿا، ان کي نه لکو ته به ڪو گناهه ڪونهي، پر واپاري سودا ڪرڻ وقت به شاهد ڪندا ڪريو، ڪاتب ۽ شاهد کي تنگ نه ڪيو وڃي، ائين ڪندؤ ته گنهگار ٿيندؤ، الله جي غضب کان بچو، هو توهان کي صحيح ڪم ڪرڻ جو حڪم ٿو ڏئي ۽ کيس هر شيءِ جو علم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، جڏهن توهان قرض جي ڏي وٺ ڪريو ته ان کي ڪنهن مقرر عرصي لاءِ لکندا ڪريو، ٻنهي شخصن جي وچ ۾ هڪ شخص انصاف سان دستاويز لکي، جنهن کي الله لکڻ پڙهڻ جي قابليت ڏئي ان کي لکڻ کان انڪار نه ڪرڻ گهرجي، اهو لکي ائين جيئن کيس سيکاريو آهي الله، جنهن جي ذمي اهو حق آهي (يعني قرض وٺڻ وارو) ۽ ان کي (الله)، سندس رب کان ڊڄڻ گهرجي ۽ جيڪو به معاملو طئي ٿيو آهي، ان ۾ ڪابه ڪمي بيشي نه ڪري، پر جيڪڏهن قرض وٺڻ وارو پاڻ نادان يا ڪمزور هجي، يا لکرائي نه سگهي، ته سندس ولي وارث اهو انصاف سان لکرائي، پوءِ پنهنجي مردن مان شاهدي ٻن ماڻهن جي لکرايو، پر جيڪڏهن ٻه مرد نه هجن ته پوءِ هڪ مرد ۽ ٻه عورتون هجن، جيئن هڪ وساري ويهي ته ٻي ان کي ياد ڏياري. هي شاهد اهڙن ماڻهن مان هجن جن جي شاهدي توهان وٽ مقبول هجي. شاهدن کي جڏهن شاهدي ڏيڻ لاءِ چيو وڃي ته شاهدي ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ نه گهرجي، معاملو ڀلي ننڍو هجي يا وڏو، وقت مقرر ڪرڻ سان گڏ ان جو دستاويز لکرائڻ ۾ سُستي نه ڪريو، هي طريقو الله وٽ توهان لاءِ انصاف وارو آهي، ان مان شاهدي ثابت ٿيڻ جي سهوليت آهي، ۽ توهان جو شڪ ۾ پوڻ جو امڪان گهٽجي ٿو. ها، واپار جي ڏي وٺ توهان ماڻهو پاڻ ۾ ڪريو ٿا، ان کي نه لکيو وڃي ته ڪو حرج نه آهي، پر واپاري معاملي طئي ڪرڻ وقت شاهد ڪندا ڪريو ۽ ستايو نه وڃي لکندڙ توڙي شاهد کي، ائين ڪندؤ ته پوءِ ضرور گنهگار ٿيندؤ. ۽ الله کان ڊڄو، ۽ توهان کي صحيح طريقي جي تعليم ڏئي ٿو الله، ۽ الله کي هر شيءِ جو علم آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان جڏهن به پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان، ڪنھن مقرر مدت تائين قرض ڏيڻ يا وٺڻ جو معاملو ڪريو، ته ان معاملي کي لکت ۾ آڻيندا ڪريو، توهان ٻنهي جي وچ ۾ هڪ شخص جنھن کي الله تعالى لکڻ پڙهڻ جي صلاحيت ڏني آهي، انصاف سان ان معاملي کي لکي ۽ لکڻ کان انڪار نه ڪري. قرض وٺندڙ طئي ڪيل شرطن مطابق معاهدو (يعني دستاويز) لکرائي. کيس پنھنجي پالڻھار الله کان ڊِڄڻ گهرجي، معاهدي لکڻ ۾ ڪا به گهٽ وڌائي نه ڪري، پر جيڪڏهن قرض وٺڻ وارو بي سمجهه يا جسماني طرح ڪمزور هجي يا معاهدو نه لکرائي سگهي، ته ان جو وارث انصاف سان معاهدو لکرائي، پوءِ پنھنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن مان ڪن به ٻِن مردن کي شاهد بڻايو، جيڪڏهن ٻه مرد نه ملي سگهن، ته هڪ مرد ۽ ٻه عورتون شاهد بڻايو، ٻه عورتون ان ڪري جو جيڪڏهن هڪ عورت کان معاملو وِسرِي وڃي، ته کيس ٻِي عورت ياد ڏِياري سگهي. هي شاهد اهڙا هجڻ گهرجن، جن جي شاهدي ٻنهي ڌرين کي قبول هجي، شاهدن کي جڏهن به شاهديءَ لاءِ گهرايو وڃي، ته هو اچڻ کان انڪار نه ڪن. هر معاملو چاهي ننڍو هجي يا وڏو، وقت مقرر ڪرڻ ۽ معاهدو لکڻ ۾ سستي نه ڪندا ڪريو. توهان جي لاءِ الله تعالى وٽ، اهو ئي انصاف ڀريو طريقو آهي، انهيءَ طريقي سان ئي شاهدي مضبوط رهندي ۽ توهان هر قسم جي ڀل چڪ کان بچي ويندا. باقي رهيو واپار وارو ڏيڻ وٺڻ، جيڪو توهان پاڻ ۾، اُتي جو اتي هٿو هٿ ڪندا رهو ٿا، ان کي نه لکو ته ان تي ڪو گناهه نه آهي، پر تڏهن به واپاري معاملو طئي ڪرڻ وقت، شاهد (ضرور) مقرر ڪندا ڪريو. انهن سڀني معاملن ۾ لکڻ واري (ڪاتب) ۽ شاهد کي ڪڏهن به تنگ نه ڪريو، ورنه توهان گنهگار ٿي ويندا. الله تعالى جي نافرمانيءَ کان بچو، الله تعالى ته توهان کي معاملا صحيح رکڻ جي تعليم سيکاري ٿو. الله تعالى هر قسم جي معاملن کي چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن كُنتُم عَلىٰ سَفَرٍ وَلَم تَجِدوا كاتِبًا فَرِهٰنٌ مَقبوضَةٌ فَإِن أَمِنَ بَعضُكُم بَعضًا فَليُؤَدِّ الَّذِى اؤتُمِنَ أَمٰنَتَهُ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا تَكتُمُوا الشَّهٰدَةَ وَمَن يَكتُمها فَإِنَّهُ ءاثِمٌ قَلبُهُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 283) |
۽ جيڪڏھن اوھين مسافريءَ ۾ ھُجو ۽ لکندڙ نه لھو ته ھٿڻ گروي وٺڻ لازم آھي، پوءِ جيڪڏھن اوھان مان ھڪڙا ٻـين تي اعتبار رکن ته جنھن تي اعتبار رکيو ويو تنھن کي پنھنجي امانت (يعني قرض) ادا ڪرڻ گھرجي ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄڻ گھرجي، ۽ شاھدي نه لڪايو، ۽ جيڪو اُن کي لڪائيندو ته بيشڪ سندس دل ڏوھارڻ آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن توهان سفر ۾ هجو ۽ (دستاويز لکڻ لاءِ) ڪاتب نه لڀي ته پوءِ ڪا شيءِ گروي طور قبضي ۾ ڏني وڃي، پر جيڪڏهن توهان مان هڪڙو ماڻهو ٻئي تي اعتبار رکي ته پوءِ جنهن تي اعتبار رکيو ويو هجي سو (وقت اچڻ تي) امانت واپس ڪري ۽ پنهنجي پروردگار الله جو خوف رکي (ضرور امانت واپس ڏئي) ۽ خبردار! شاهدي ڪڏهن به نه لڪايو (ڪهڙو به خوف خطرو هجي، ڪهڙي به لالچ ملي ته به سچي شاهدي ڏيو) جيڪو شاهدي لڪائيندو سو پنهنجي دل ۾ گنهگار ٿيندو (سندس دل ڪاري ٿيندي) ۽ ياد رکو ته جيڪي جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا تن کان الله تعاليٰ بي خبر ناهي (هو ضرور باز پرس ڪندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان سفر ۾ آهيو ۽ لکندڙ نٿو ملي ته گروي جون شيون قبضي ۾ ڏنيون وڃن، پوءِ جيڪڏهن توهان جو هڪ ٻئي تي اعتبار آهي تنهنکي پنهنجي امانت (قرض) ادا ڪرڻ گهرجي ۽ الله کان ڊڄڻ گهرجي جيڪو سندس رب آهي ۽ شاهدي نه لڪايو، ۽ جيڪو (ماڻهو) شاهدي لڪائيندو پوءِ بيشڪ سندس دل گنهگار آهي ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪڏهن اوهين مسافريءَ ۾ هجو ۽ لکندڙ نه ملي ته پوءِ (ڪي شيون) قبضي ۾ گروي ڪري (رکو) پوءِ جيڪڏهن اوهان مان هڪڙا ٻين تي ڀروسو ڪن ته پوءِ جنهن تي ڀروسو ڪيو ويو آهي سو پنهنجي امانت (قرض) ادا ڪري ۽ پنهنجي پالڻهار کان ڊڄي. (مسلمانو) توهان شاهدي نه لڪايو. ۽ جيڪو ان کي لڪائيندو تنهن جي دل گنهگار آهي. ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا سو خدا ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن آهيو سفر ۾ ۽ نه لهو ڪو لکندڙ ته پوءِ ڳھ رکڻ آهي هٿ ۾ ورتل پوءِ جيڪڏهن اعتبار ڪن هڪڙا اوهان مان ٻين تي پوءِ گهرجي ته ادا ڪري اهو جو امانت رکيو ويو امانت پنهنجي ۽ گهرجي ته ڊڄي الله رب پنهنجي کان ۽ نه لڪايو شاهديءَ کي ۽ جيڪو لڪائي ٿو ان کي پوءِ بيشڪ گنهگار آهي دل ان جي ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اوهين مسافريءَ ۾ هجو ۽ لکندڙ نه لهو ته پوءِ (ڪي شيون) قبضي ۾ گروي ڪري (رکو). پوءِ جيڪڏهن اوهان مان هڪڙا ٻين تي ڀروسو ڪن ته پوءِ جنهن تي ڀروسو ڪيو ويو آهي سو پنهنجي امانت (قرض) ادا ڪري ۽ پنهنجي پاليندڙ الله کان ڊڄي ۽ شاهدي نه لڪايو. ۽ جيڪو ان کي لڪائيندو تنهن جي دل گنهگار آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا سو الله ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اوهان سفر ۾ آهيو ۽ (دستاويز) لکڻ وارو نه ٿا لهو ته پوءِ گروي هٿن ۾ وٺڻ آهي. پوءِ جيڪڏهن هڪڙي ٻئي تي اعتبار ڪيو ته جنهن تي اعتبار ڪيائين اهو امانت پوري ادا ڪري، ۽ الله کان ڊڄندو رهي جيڪو سندس مالڪ آهي. ۽ شاهدي نه لڪايو. ۽ جيڪو شاهدي لڪائي ٿو ته ان جي دل گنهگار آهي. ۽ الله اوهان جي ڪمن کي خوب ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي هجو پنڌ ۾ ۽ لهو نه، لکندڙ پاڻ، پوءِ گِروِي قبضي ساڻ،رکڻِي ڪنهن وٽ راڄ مان. پوءِ، امانت اوهان مان، ڪنهن وٽ رکي ڪو، پوءِ اُن جِي امانت اُن کي، ساري ڏئي ، سو، ۽ سو نڪو سائينسِ جو، سانڍي مَر سرير ۾. ۽ سچي شاهدِي کي، لِڪايو نه لَغار، جو لڪائيس، ته قلب اُن جو، بي شڪ آهِ بدڪار، ۽ ڪريو، جي ڪم ڪار، واحد واقف اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهين سفر ۾ هجو ۽ ڪو لکڻ وارو نه لهو، ته شيءِ گروي ڏيڻ گهرجي پر جي اوهان هڪ ٻئي جو اعتبار ڪريو ٿا، ته اعتبار ڪيل کي پنهنجي امانت پوري طرح ادا ڪرڻ کپي ۽ سندس ڌڻي الله کان ڊڄڻ کپيس. ۽ شاهدي نه لڪايو جيڪو ان کي لڪائيندو، ته بيشڪ ان جي دل گنهگار آهي، الله اوهان جي ڪمن کان خوب واقف آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن توهان سفر ۾ آهيو ۽ دستاويز لکڻ لاءِ توهان کي ڪو ڪاتب نه ملي ته ڪا شيءِ ڳهه (گروي) رکي معاملو طيءِ ڪريو، جيڪڏهن توهان مان ڪو ماڻهو ڪنهن تي اعتبار ڪري ساڻس ڪو وهنوار ڪري ته جنهن تي اعتبار ڪيو وڃي، ان کي کپي ته امانت واپس ڪري ۽ پنهنجي پاليندڙ الله کان ڊڄي، ۽ شاهدي هرگز نه لڪايو، جيڪو شاهدي لڪائي ٿو ان جي دل گناهه ۾ ورتل آهي ۽ الله توهان جي عملن کان بي خبر نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن توهان سفر جي حالت ۾ آهيو ۽ دستاويز لکڻ لاءِ ڪو ڪاتب نه آهي ته ڳهه گروي رکڻ سان معاملو طئي ڪريو، جي توهان مان ڪو ماڻهو ٻئي تي ڀروسي سان معاملو طئي ڪري جنهن تي ڀروسو ڪيل آهي، ان کي گهرجي ته امانت ادا ڪري ۽ الله پنهنجي رب کان ڊڄي ۽ نه لڪائي هرگز شاهدي، جيڪو (شاهدي) لڪائي ٿو گناهه ۾ ٻڏل آهي ان جي دل، ۽ الله توهان جي عملن کان بي خبر نه آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان سفر ۾ آهيو ۽ معاهدو (يعني دستاويز) لکڻ وارو (ڪاتب) نٿو ملي سگهي، ته پوءِ ڪا شيءِ گروِي رکي معاملو طئي ڪريو، پر جيڪڏهن توهان مان ڪو ڀروسو ڪري، ٻِئي ماڻهو سان معاملو طئي ڪري، ته ٻئي کي گهرجي ته هو، وقت تي پنھنجي امانت واپس ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار الله تعاليٰ کان ڊڄندا رهو. شاهديءَ کي ڪڏهن به نه لڪائيندا ڪريو، جيڪو شاهديءَ کي لڪائيندو ته بيشڪ اهو دلي طرح گناهگار آهي. توهان جيڪو به عمل ڪريو ٿا الله تعاليٰ کي هر شيءِ جي ڄاڻ آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِن تُبدوا ما فى أَنفُسِكُم أَو تُخفوهُ يُحاسِبكُم بِهِ اللَّهُ فَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 284) |
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سا الله جي ئي (ملڪيت) آھي، ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جيڪڏھن پڌرو ڪريو توڻي اُھو لڪايو (ته به) الله اوھان سان اُن جو حساب ڪندو، پوءِ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو، ۽ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي عذاب ڪندو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو سڀ ڪجهه الله جو آهي، جيڪي توهان جي دلين ۾ آهي سو ظاهر ڪيو، توڙي لڪايو (اهو الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو) ۽ اوهان کان ضرور ان جو حساب وٺندو، پوءِ (اها ڳالهه سندس اختيار جي آهي ته) جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي ڇڏي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڏئي. الله هر شيءِ تي قادر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى جو ئي آهي جيڪو ڪجهه آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي، ۽ جيڪڏهن توهان ظاهر ڪريو جيڪي توهان جي دل ۾ آهي يا ڳجهو ڪريو توهان کان الله اُن جو حساب وٺندو، پوءِ بخش ڪري ٿو جنهنکي چاهي ۽ عذاب ڪري ٿو جنهنکي چاهي، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمينن ۾ آهي سو الله ئي جو آهي. ۽ جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي، پوءِ اوهين ان کي ظاهر ڪريو يا لڪايو خدا اوهان کان ان جو حساب وٺندو. پوءِ جنهن کي گهري ته بخشيءَ ۽ جنهن کي گهري ته عذاب ڪندو ۽ خدا هر شيءِ تي قادر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله جو ئي آهي جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي ۽ جيڪڏهن ظاهر ڪندؤ جيڪو اوهان جي دلين ۾ آهي يا لڪائيندؤ ان کي ته حساب ڪندو اوهان سان ان جو الله پوءِ بخشيندو جنهن کي گهرندو ۽ عذاب ڪندو جنهن کي گهرندو ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو الله جو ئي آهي. ۽ جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي، تنهن کي جيڪڏهن پڌرو ڪندو يا ان کي لڪائيندو ته الله اوهان کان ان جو حساب وٺندو. پوءِ جنهن کي گهرندو تنهن کي معاف ڪندو ۽ جنهن کي گهرندو تنهن کي سزا ڏيندو. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جو ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جو زمين ۾ آهي سڀ الله جو آهي. ۽ جيڪڏهن ظاهر ڪيو جيڪي اوهان جي جيءَ ۾ آهي يا ان کي لڪايو الله ان جو اوهان کان حساب وٺندو. پوءِ جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي ۽ جنهن کي چاهي عذاب ڪري. ۽ الله هر شيءِ تي سگهه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهن سڀ الله جا، اُڀ ڀون ۾، جي جنسار، ۽ جيڪي اوهان جي جِيءَ ۾، سا کوليو خبر چار، يا لڪايوسِ، ته ليکو اُن جو، ساري وَٺندان ستار، پوءِ، وڻيس مرهي تنهن کي، وڻيس ڏي آزار، ڪل ڪم کي، ڪلتار، پهچڻ وارو پاڻ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي به آسمانن خواهه زمين ۾ آهي سو الله جو آهي. ۽ جيڪي اوهان جي دل ۾ آهي سو ظاهر ڪريو خواهه لڪايو ته به الله اوهان کان ان جو حساب وٺندو. پوءِ جنهن کي وڻيس ان کي بخشي ۽ جنهن کي وڻيس ان کي عذاب ڪري. الله هر هڪ ڳالهه تي وس وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو به آهي سڀ الله جو آهي، توهان پنهنجي دل جون ڳالهيون ظاهر ڪريو توڙي لڪايو، الله هر حالت ۾ توهان کان انهن جو حساب وٺندو. پوءِ وڻيس ته ڪنهن کي معاف ڪري ۽ وڻيس ته ڪنهن کي سزا ڏئي، هن کي هر شيءِ تي سڀ ڪا طاقت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله جو ئي سڀ ڪجهه آهي جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، ۽ توهان ظاهر ڪريو پنهنجي دل جون ڳالهيون يا لڪايو، انهن جو حساب بهرحال الله توهان کان وٺندو، پوءِ معاف ڪري ته کيس اختيار آهي جنهن کي گهري ۽ جنهن کي گهري سزا ڏئي، ۽ الله هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ الله تعالى جي ملڪيت آهي، توهان پنھنجي دل جون خواهشون ظاهر ڪريو يا لڪايو، انهن سڀني جو الله تعالى حساب وٺندو، پوءِ هو جنھن کي گهري معاف ڪري ۽ جنھن کي گهري عذاب ڏي. (بيشڪ ) الله تعالى هر شيءِ تي وس وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ءامَنَ الرَّسولُ بِما أُنزِلَ إِلَيهِ مِن رَبِّهِ وَالمُؤمِنونَ كُلٌّ ءامَنَ بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِن رُسُلِهِ وَقالوا سَمِعنا وَأَطَعنا غُفرانَكَ رَبَّنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 285) |
پيغمبر (ﷴ ﷺ) ڏانھن جيڪي سندس پالڻھار کان لاٿو ويو سو اُن مڃيو آھي ۽ مؤمنن (به)، سڀڪنھن الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن کي مڃيو آھي، (چون ٿا ته) سندس پيغمبرن مان ڪنھن ھڪ (جي مڃڻ) ۾ فرق نه ڪندا آھيون، ۽ چيائون ته ٻڌوسون ۽ سندس (حُڪم) مڃيوسون، اي اسان جا پالڻھار تنھنجي بخشش گھرون ٿا ۽ تو ڏانھن موٽڻو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله جو رسول انهيءَ (وحي) تي ايمان رکي ٿو جو ان جي پروردگار وٽان مٿس نازل ٿيو آهي ۽ سچا مسلمان به ان تي ايمان رکن ٿا. انهن سڀني، الله تي سندس ملائڪن تي، سندس ڪتابن تي ۽ سندس سولن تي ايمان آندو آهي. (هو ايمان سان چون ٿا ته) اسان الله جي رسولن جي وچ ۾ ڪوبه فرق نٿا ڪريون (سڀني کي سچو ٿا سمجهون) انهن ماڻهن کي جڏهن حق جي دعوت ملي تڏهن) هنن چئي ڏنو ته اي خدا اسان تنهنجو حڪم ٻڌو ۽ تابعداريءَ سر جهڪايوسين، شال تنهنجي مغفرت نصيب ٿئي. اسان سڀني کي آخر تو ڏانهن ئي موٽڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ ڪريم قرآن مجيد جي تصديق فرمائي ۽ مؤمنن قرآن ڪريم تي ايمان آندو، سڀني ايمان آندو الله تعالى تي ۽ ملائڪن تي ۽ مقدس ڪتابن تي ۽ معزز رسولن تي، چون ٿا ته اسين الله جي رسولن تي ايمان آڻڻ ۾ فرق نٿا رکون، عرض ڪن ٿا اسان ٻڌو ۽ مڃيو. اي الله اسان تنهنجي بخشش چاهيون ٿا ۽ فقط الله تعالى ڏانهن موٽڻو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اسان جي) رسول (محمد) تي جو ڪجھ سندس پالڻهار وٽان نازل ڪيو ويو، تنهن تي ايمان آندو. ۽ مومنن (به) ايمان آندو. سڀني الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن تي (به) ايمان آندو. ۽ چيائون ته اسين سندس رسولن مان ڪنهن به هڪڙي ۾ فرق نٿا ڪريون ۽ چون ٿا ته اسان ٻڌو ۽ حڪم مڃيو. تو کان معافي گهرون ٿا. اي اسان جا پالڻهار! ۽ تو ڏي ئي موٽڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ايمان آندو (هن) رسول ان (ڪتاب) تي جو لاٿو ويو ان ڏانهن انجي رب وٽان ۽ (ايمان آندو) مؤمنن مڙني دل سان مڃيو الله کي ۽ ان جي ملائڪن ۽ ان جي ڪتابن ۽ ان جي رسولن کي ۽ (چون ٿا ته) نه ٿا فرق ڪيون ڪنهن هڪ ۾ ان جي رسولن مان ۽ چيائون ته ٻڌو سون ۽ اطاعت ڪئي سون طلب ٿا ڪيون تنهنجي بخشش اي اسان جا رب! ۽ توڏانهن ئي موٽڻو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي رسول ڏي سندس پاليندڙ وٽان لاٿو ويو تنهن تي اُن ۽ ايمان وارن ايمان آندو. سڀني الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن تي ايمان آندو (چيائون ته) اسين سندس رسولن مان ڪنهن به هڪڙي ۾ فرق نه ٿا ڪريون. ۽ چيائون ته اسان ٻڌو ۽ حڪم مڃيو. توکان معافي گهرون ٿا اي اسان جا پاليندڙ ! ۽ تو ڏي ئي موٽڻو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) رسول (ﷺ) ايمان آندو ان تي جيڪي مٿس نازل ڪيو ويو سندس پالڻهار جي پاران ۽ مؤمنن، سڀني ايمان آندو الله تي ۽ ان جي ملائڪن تي ۽ ان جي ڪتابن تي ۽ ان جي رسولن تي. (چون ٿا ته) ”اسان ان جي رسولن مان ڪنهن جي وچ ۾ فرق نه ٿا ڪيون“ ۽ چون ٿا ته: ”اسان (حڪم) ٻڌو ۽ فرمانبرداري ڪئي. اي اسان جا پالڻهار اسان تنهنجي بخشش جا طلبگار آهيون ۽ تو ڏانهن ئي موٽڻو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُرسل پاڻ مڃيو، جيڪي اُتريو، اُنهيء پار، سندس پرور پاڪ کان، پڻ مؤمن مڻيان دار، سڀن صاحب کي مڃيو، پڻ ملائڪ موچار، پڻ ڪتاب ۽ قاصد اُن جا، تنين وِچ تڪرار، ويڇو نه وجھون وار جو، ۽ ٻوليائون ٻيهار، ٻُڌوسون ۽ ٻَڌاسون، تهدِل تابعدار، پن بخشين بخشڻهار! ۽ آخر تو ڏي اَچڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) رسول ڏانهن جيڪي سندس ڌڻيءَ موڪليو، تنهن تي ويساهه آندائين، ۽ مومنن پڻ- سڀني هڪ الله ۽ سندس ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ رسولن تي ويساهه آندو، ته ”اسين رسولن منجهان ڪنهن ۾ به فرق نٿا ڪريون“ چيائون ته ”اسان ٻڌو ۽ قبول ڪيو. اي اسان جا ڌڻي! اسان تنهنجي بخشش گهرون ٿا ۽ توڏانهن ئي موٽڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رسول انهيءَ هدايت تي ايمان آندو آهي، جيڪا مٿس سندس رب جي طرفان نازل ٿي آهي ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ رسول جا مڃيندڙ آهن، انهن به انهيءَ هدايت کي دل سان مڃيو آهي، اهي سڀئي الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن کي مڃين ٿا (۽ چون ٿا ته) اسان سندس رسولن کي هڪ ٻئي کان جدا نٿا ڪريون. ۽ چيائون ته اسان حڪم ٻڌو ۽ قبول ڪيو، اي اسان جا رب ! تنهنجي بخشش گهرون ٿا ۽ اسان کي توڏانهن ئي موٽي هلڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ايمان آندو آهي رسول انهيءَ هدايت تي جيڪا سندس رب طرفان مٿس نازل ٿي آهي، ۽ ايمان وارن پڻ تسليم ڪيو آهي، جيڪي الله ۽ فرشتن ۽ ان جي ڪتابن ۽ ان جي رسولن کي مڃن ٿا ۽ انهن جو قول آهي ته اسان الله جي رسولن کي هڪ ٻئي کان الڳ نٿا ڪريون، ۽ اسان حڪم ٻڌو ۽ اطاعت ڪئي، اسان توکان بخشش جا طالب آهيون ۽ اسان کي تو ڏي ئي موٽڻو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جي طرفان جيڪو ڪجهه نازل ڪيو ويو، رسول جي ذات ان تي ايمان آندو. ان سان گڏ مؤمنن به ايمان آندو آهي انهن سڀني، الله تعالى، ملائڪن، ڪتابن ۽ رسولن تي ايمان آندو آهي (سڀني اقرار ڪيو آهي ته) اسان الله تعالى جي موڪليل رسولن مان ڪنھن به هڪ جي وچ ۾ فرق نٿا ڪريون (جو هڪڙن کي مڃون ۽ ٻين جا انڪاري ٿيون) انهن اهو به چيو، ته اسان حڪم ٻڌو ۽ ان جي اطاعت ڪئي، اي اسان جا پالڻھار! تون اسان جي خطائن کي معاف فرماءِ، آخرڪار اسان تو ڏانھن ئي موٽي اينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا وُسعَها لَها ما كَسَبَت وَعَلَيها مَا اكتَسَبَت رَبَّنا لا تُؤاخِذنا إِن نَسينا أَو أَخطَأنا رَبَّنا وَلا تَحمِل عَلَينا إِصرًا كَما حَمَلتَهُ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِنا رَبَّنا وَلا تُحَمِّلنا ما لا طاقَةَ لَنا بِهِ وَاعفُ عَنّا وَاغفِر لَنا وَارحَمنا أَنتَ مَولىٰنا فَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 286) |
الله ڪنھن کي سندس وس ڌاران تڪليف نه ڏيندو آھي، جيڪي (چڱو) ڪمايائين سو سندس (فائدي) لاءِ آھي ۽ جيڪي (بڇڙو) ڪمايائين سو مٿس آھي، اي اسان جا پالڻھار جيڪڏھن وساريون يا چوڪ ڪريون ته اسان کي نه پڪڙ، ۽ اي اسان جا پالڻھار اسان تي اھڙو بار نه رک جھڙو اسان کان اڳين تي رکيو ھيئي، ۽ اي اسان جا پالڻھار (جنھن بار) جي کڻڻ جي اسان کي سگھ ڪانھي سو اسان تي نه رک، ۽ اسان کي معاف ڪر، ۽ اسان کي بخش، ۽ اسان تي مِھر ڪر، تون اسان جو سائين آھين تنھنڪري اسان کي ڪافر ٽوليءَ تي سوڀ ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ ڪنهن به نفس تي سندس طاقت کان ٻاهر ذميواري نٿو رکي. سڀ ڪنهن کي اهوئي ملندو جيڪي هن ڪمايو آهي ۽ اوتروئي لوڙيندو جيترو هن بدعملي ڪئي آهي. (پوءِ ايمان وارا هميشه هي ئي صدا ڪند آهن ته) اي اسان جا پروردگار اسان کان ڀل چڪ ۽ خطا ٿي وئي ته ان لاءِ پڪڙ نه ڪجانءِ (۽ بخشي ڇڏجانءِ) اي خدا اسان تي اهڙا بار نه وجهجانءِ جهڙا اڳوڻن تي وڌا ويا. اي خدا اسان تي اهئا بار نه وجهجانءِ جن جي سهڻ جي طاقت اسان (ضعيفن) ۾ نه هجي. اي خدا تون اسان کي معاف ڪر. اسان جا گناهه ڍڪي ڇڏ. اسان تي رحم ڪر، تون ئي اسان جو مالڪ ۽ آقا آهين. پوءِ ظالم ڪافرن جي مقابلي ۾ اسانجي مدد ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نٿو تڪليف ڏئي الله تعالى ماڻهوءَ کي مگر سندس طاقت آهر، چڱائيءَ جو ثواب، ۽ برائيءَ جي جزا ملندس، اي رب اسان جا اسان کي پڪڙ نه ڪر جيڪڏهن اسان کان ويسر يا خطا ٿي آهي، اي رب اسان جا اسان تي ڪو بار نه وجهه جيئن اسان کان اڳين ماڻهن تي تو بار وڌو هو، اي رب اسان جا اسان تي بار نه وجهه جنهن جي کڻڻ جي اسان کي طاقت نه آهي، ۽ اسان کي معاف فرماءِ ۽ اسان کي بخش فرماءِ، ۽ اسان تي رحم فرماءِ، تون ئي اسان جو ڪارساز آهين، پوءِ تون اسان کي ڪافرن جي قوم تي فتح عطا فرماءِ.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا ڪنهن کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نه ٿو ڏي. جنهن چڱو ڪم ڪيو ته پنهنجي فائدي لاءِ ڪيو ۽ برو ڪم ڪيائين ته (ان جو وبال) مٿس آهي. اي اسان جا پالڻهار! اسان تي اهڙو بار نه رک جهڙو تو انهن تي رکيو جيڪي اسان کان اڳ هئا. اي اسان جا پالڻهار! ۽ اسان کان اهو بار نه کڻاءِ جنهن جي اسان کي طاقت نه آهي. ۽ اسان کي معاف ڪر! ۽ اسان تي رحم ڪر! تون ئي اسان جو مالڪ آهين. تون ئي ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿو تڪليف ڏئي الله ڪنهن نفس کي مگر ان جي طاقت آهر.ن جي لاءِ اهو (ثواب) آهي جو ڪيائين ۽ ان تي ان جو (وبال) آهي جو (برو عمل) ڪيائين.ي اسان جا رب! نه پڪڙ اسان کي جي وساريو سون يا خطا ڪئي سون اي اسان جا رب! ۽ نه وجھ تون اسان تي اهڙو بار جيئن وڌو تو انهن تي جيڪي گذريا اسان کان اڳ ۾ اي اسان جا رب! ۽ نه کڻاءِ اسان کي اهو ( بار) جو نه آهي (ان جي کڻڻ جي) طاقت اسان ۾ ۽ معاف ڪر اسان کي ۽ بخش ڪر اسان کي ۽ رحم ڪر اسان تي تون ئي اسان جو مددگار آهين پوءِ مدد ڪر اسان جي ڪافر قوم تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله ڪنهن کي به سندس طاقت کان ٻاهر تڪليف نه ٿو ڏئي. جيڪي ڪمايائين سو پنهنجي لاءِ اٿس ۽ جيڪو (گناهه) ڪيائين سو مٿس آهي. اي اسان جا پاليندڙ ! اسان کي نه پڪڙ جيڪڏهن اسين ڀلجي وڃون يا خطا ڪريون. اي اسان جا پاليندڙ ! ۽ اسان تي اهڙو بار نه رک جهڙو تو انهن تي رکيو جيڪي اسان کان اڳ هئا. اي اسان جا پاليندڙ ! ۽ اسان کان اهو بار نه کڻاءِ جنهن جي اسان کي طاقت نه آهي. ۽ اسان کان درگذر ڪر ! ۽ اسان کي معاف ڪر ! ۽ اسان تي رحم ڪر ! تون اسان جو مالڪ آهين پوءِ اسان کي ڪافر قوم تي فتح ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله ڪنهن به جان کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نه ٿو ڏئي. ان جا نيڪي ڪمائي ان لاءِ ان جو اجر آهي ۽ ان جو گناهه ڪمايو ان تي ان جو عذاب آهي. اي اسان جا پالڻهار ! جي اسان وساريون يا خطا ڪيون ته اسان کان ان جي پڪڙ نه ڪجانءِ! اي اسان جا پالڻهار! ۽ اسان تي اهڙو بار به نه رکجانءِ جهڙو تو اسان کان اڳين تي رکيو هيو. اي اسان جا پالڻهار! اسان تي ايترا (بار) نه رکجانءِ جن جي کڻڻ جي اسان ۾ طاقت نه آهي ۽ اسان کي معاف ڪر ۽ اسان جي (گناهن جي) بخشش ڪر ۽ اسان تي رحم ڪر تون اسان جو ڪارساز آهين پوءِ تون ئي ڪافرن جي قوم مٿان اسان جي مدد ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بارِي نه ڪهن تي بار رکي، سندس پڄندِي ڌار، جي ڪيون نيڪ ڪمايون، ته هارُ، سندن هارِ، پُڻ اُنهن سِر آزار، جي ڪيون بدڪمايون. ربَّ اسان جا!، اسان کي، ڪر نه گرِفتار، جي ُڀلجِي، ڀَريو سون پيرڪو، يا وِساريون ڪنهن وار، ۽ نه رک اسان تي، اڳين تي، جيئن باري! رکـئـِي بار، ۽ نه رک اسان تي، اسان ۾، جنهن لئي سگھ نه سار، ۽ مره اسان کي، ميٽ مَديون، ۽ بخشين بخشڻهار، تون ئـِي اسان جو آهين، مولا مددگار، پوءِ وِهلو ڪِج وَهار، قادر! قوم ڪُفّار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله ڪنهن کي به سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نٿو ڏئي. ان جيڪي (چڱو) ڪمايو، سو ان لاءِ آهي ۽ جيڪي (بڇڙايون) ڪيائين تنهن جو بار مٿس آهي. اي اسان جا ڌڻي! اسان کي پڪڙ نه ڪر، جيڪڏهن اسين ڀلجي وڃون يا خطا ڪريون. اي اسان جا ڌڻي! اسان تي ڳرو بار نه رک جيئن تو اسان کان اڳين تي رکيو هو. اي اسان جا ڌڻي! اسان کان اهو بار نه کڻاءِ، جنهن کي کڻڻ جي اسان کي طاقت نه آهي ۽ اسان کي معاف ڪر ۽ اسان کي بخش ۽ اسان تي رحم ڪر! تون ئي اسان جو سائين آهين، تنهن ڪري ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ڪنهن تي به ان جي وِت کان وڌيڪ ذميواريءَ جو بار نه رکندو آهي، جنهن به ڪا نيڪي ڪمائي ان جو ڦل کيس ئي ملندو ۽ جنهن ڪو گناهه ڪيو ته ان جو ڪيتو به پاڻ ئي لوڙيندو. (ايمان وارؤ ! توهان هيئن دعا گهرندا ڪريو) اي اسان جا رب! اسان کان ڀــُـل چڪ ۾ جيڪي خطائون ٿين انهن تي پڪڙ نه ڪجانءِ ، اي اسان جا مالڪ! اسان تي اهي بارَ نه وجهه جيڪي تو اسان کان اڳين ماڻهن تي وڌا هئا، پروردگار، جنهن بار جي کڻڻ جي طاقت اسان ۾ نه آهي، اهو اسان تي نه رک، اسان سان نرمي ڪر، اسان کان درگذر ڪر، اسان تي رحم ڪر، تون اسان جو مولا آهين، ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه وجهندو آهي بار الله ڪنهن به جاندار تي سندس وِت کان وڌيڪ ذميواريءَ جو، جنهن شخص جا نيڪي ڪمائي ان جو ڦل ان لاءِ ۽ جا برائي ڪئي، ان جو وبال به ان تي، (ايمان آڻڻ وارؤ! هيئن دعا گهرو ”اي اسان جا رب! اسان کان ڀُل چڪ۾ جي گناهه ٿين، ته انهن تي پڪڙ نه ڪر. مالڪ! اسان تي اهو بار نه وجهه جيڪو تو اسان کان پهرين ماڻهن تي وڌو هو. پروردگار! جنهن بار کڻڻ جي اسان ۾ طاقت نه آهي، اهو بار اسان تي نه رک، ۽ اسان سان نرمي ڪر، اسان کي معاف ڪر، اسان تي رحم ڪر تون اسان جو مولا آهين، اسان جي مدد ڪر ڪافرن جي مقابلي ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ڪنھن انسان جي مٿان، ان جي حيثيت کان وڌيڪ ذميداري نٿو رکي، پوءِ جنھن به نيڪي ڪمائي ته اها سندس لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي ۽ جنھن برائِي ڪمائي ته اها سندس ڳچيءَ ۾ پوندي. (ايمان وارن جي ته اها دعا هوندي آهي ته) “اي اسان جا پالڻھار! اسان کان ڀل چڪ ۾ ٿيل گناهن تي پڪڙ نه ڪجانءِ.” “اي اسان جا پالڻھار! اسان تي ايتري آزمائش جو بار نه رکجانءِ، جيترو اسان کان اڳ گذريل ماڻهن تي بار رکيو ويو هو.” “اي اسان جا پالڻھار! اسان تي اهڙي آزمائش به نه آڻجانءِ، جنھن کي منھن ڏيڻ جي اسان ۾ طاقت ئي نه هجي.” (بس!) اسان جي خطائن کي درگذر فرماءِ، اسان جي گناهن کي بخش، اسان تي رحم ڪر، تون ئي اسان جو مالڪ آهين ۽ ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد فرماءِ.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |