توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَنزَلَ عَلىٰ عَبدِهِ الكِتٰبَ وَلَم يَجعَل لَهُ عِوَجا (آيت : 1) |
سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) تي ڪتاب لاٿو ۽ ان ۾ ڪو ڏِنگ نه رکيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سڀ ڪامل ساراهون الله جي لاءِ آهن، جنهن پنهنجي ٻانهي تي ڪتاب (يعني قرآن مجيد) نازل ڪيو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڏنگائي ڦڏائي ڪانه رکي اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن اهو الله جنهن پنهنجي حبيب ڪريم تي قرآن ڪريم نازل فرمايو ۽ ان ۾ ڪابه ٽيڙائي ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن پنهنجي عبد (محمد) تي ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو ۽ ان ۾ ڪجھ به ور وڪڙ نه رکيو اٿس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڀ ساراھ ثابت آهي الله جي لاءِ جنهن نازل ڪيو ٻانهي پنهنجي تي ڪتاب ۽ نه ڪيائين ان ۾ ڪا ڦِڏائي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن پنهنجي ٻانهي تي ڪتاب نازل ڪيو. ۽ ان ۾ ڪجهه به ور وڪڙ نه رکيو اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن پنهنجي (مقدس) ٻانهي تي ڪتاب (قرآن) لاٿو ۽ ان ۾ ڪابه ڏنگاڻ نه رکيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي، تنهن الله جو، حَمد بي حساب، جنهن سَندسِ خادِم خاص تي، نازل ڪيو ڪتاب، ۽ ڏِنگ نه رکيا اُن ۾، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر ڪا واکاڻ الله کي جڳائي، جنهن پنهنجي بندي تي ڪتاب لاٿو، ان ۾ ذرو به ڏنگ نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تعريف الله کي ئي جڳائي، جنهن پنهنجي ٻانهي تي هيءُ ڪتاب نازل ڪيو ۽ ان ۾ ڪوبه ڏنگ ڏاءُ نه رکيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سڀڪا ساراهه الله جي لاءِ آهي جنهن نازل ڪيو پنهنجي ٻانهي تي هي ڪتاب (قرآن) ۽ ان ۾ ڪوبه ڏِنگ ناهي رکيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سڀ تعريفون اللھ تعالى جي لاءِ ئي آھن، جنھن پنھنجي ٻانھي تي اھڙو ڪتاب نازل ڪيو آهي جنھن ۾ ڪنھن به قسم جو ٽيڙ نه رکيو ويو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قَيِّمًا لِيُنذِرَ بَأسًا شَديدًا مِن لَدُنهُ وَيُبَشِّرَ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا حَسَنًا (آيت : 2) |
ھن لاءِ سڌو ڪيائين ته الله وٽان سخت مُصيبت کان ڪافرن کي ڊيڄاري ۽ اُنھن مؤمنن کي خوشخبري ڏي جيڪي چڱا ڪم ڪندا آھن ته اُنھن لاءِ چڱو اجر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلڪل سڌي ڳالهه آهي (پيچن ۽ وڪڙن کان پاڪ آهي ۽ قرآن مجيد جو الله تعاليٰ نازل ڪيو آهي سو) هن لاءِ ته ماڻهن کي الله تعاليٰ وٽان سخت عذاب ۽ تباهيءَ بابت خبردارڪري. ۽ مؤمنن کي جيڪي صالح عمل ٿا ڪن خوشخبري ڏئي ته يقيناً هنن جي لاءِ وڏو ۽ چڱو اجر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قرآن بلڪل سڌو آهي ان لاءِ ته ماڻهن کي الله تعالى جي سخت عذاب کان ڊيڄاري ۽ مؤمنن کي بشارت ڏئي. ۽ جيڪي ماڻهو سهڻا عمل ڪن ٿا بيشڪ انهن لاءِ سهڻو اجر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پر) ان کي سڌو (فطرت جي موافق) لاٿو اٿس ته جيئن خدا جي بارگاھ مان جيڪو سخت عذاب ڪافرن تي نازل ٿيڻ وارو آهي تنهن کان ماڻهن کي ڊيڄاري ۽ جن مومنن چڱا ڪم ڪيا آهن تن کي هيءَ خوشخبري ٻڌائي ته انهن لاءِ تمام سٺو اجر (۽ ثواب) موجود آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڌو ڪندڙ تانته ڊيڄاري مصيبت سخت کان ان وٽان ۽ بشارت ڏئي مؤمنن کي جيڪي ڪن ٿا نيڪ عمل ته بلاشڪ انهن لاءِ ثواب سهڻو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان کي سڌو (فطرت جي موافق) لاٿو اٿس ته جيئن پاڻ وٽان (ايندڙ) سخت آفت کان ڊيڄاري ۽ جيڪي ايمان وارا چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي هيءَ خوشخبري ٻڌائي ته انهن لاءِ چڱو اجر آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان کي سنئون سڌو ڪيائين هن لاءِ ته اهو (مقدس ٻانهو) ان سخت عذاب کان ڊيڄاري جو ان (الله) طرفان آهي ۽ ايمان وارن کي خوشخبري ڏئي جيڪي ڀلا عمل ڪن ٿا ته بلاشڪ انهن لاءِ سهڻو اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِڌو برصَواب، تان خوف خدا ڏي، پاڻ وٽان، سَندو سخت عذاب، پڻ ڏي مبارڪ مُؤمنِين، جي نيڪيون ڪن نواب، اَوس آهي، اُنهن لئي، سُهڻو صاف ثواب، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (اهو) بلڪل پختيءَ ڳالهه وارو آهي ته کانئس ايندڙ سخت عذاب کان ڊيڄاري ۽ انهن نيڪ ڪم ڪندڙ ايماندارن کي مبارڪ ڏئي ته انهن لاءِ چڱو اجر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سڌي سنئين ڳالهه ڪرڻ وارو ڪتاب آهي ته جيئن هو ماڻهن کي سخت عذاب کان خبردار ڪري ۽ ايمان آڻي نيڪ عمل ڪرڻ وارن کي خوشخبري ڏئي ته انهن لاءِ سهڻو اجر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سڌي سنئين صحيح ڳالهه چوڻ وارو (ڪتاب)، جيئن ماڻهن کي خدا جي سخت عذاب کان خبردار ڪري ۽ خوشخبري ڏئي ايمان آڻڻ وارن نيڪ عمل ڪندڙ ماڻهن کي ته بيشڪ انهن جي لاءِ سٺو اجر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) صاف ۽ سڌي ڳالھ بيان ڪرڻ وارو ڪتاب آھي ته جيئن ماڻهن کي الله تعاليٰ جي پاران اچڻ واري سخت عذاب کان ڊيڄاري ۽ نيڪ عمل ڪندڙ مؤمنن کي سھڻي اجر جي خوشخبري ٻڌائي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مٰكِثينَ فيهِ أَبَدًا (آيت : 3) |
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو هميشه انهيءَ (خوشحالي) ۾ رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي انهي ثواب ۾ هميشه رهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ۾ اهي سدائين (آرام ۽ مزي سان) رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رهندڙ هوندا ان ۾ هميشہ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ۾ اهي هميشه رهندا،(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ۾ اهي هميشه رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عِزت ساڻ آب، سَدا ساڪِن اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ۾ هو هميشه رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ۾ هو سدائين رهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جتي اهي هميشه رهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھي نيڪ ماڻهو ھن خوشخبري (جي نتيجي) ۾ ھميشه جنت ۾ رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيُنذِرَ الَّذينَ قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا (آيت : 4) |
۽ انھن کي ڊيڄاري جيڪي چون ٿا ته الله (پاڻ لاءِ) پُٽ ورتو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پڻ انهن ماڻهن کي خبردار ڪري جيڪي (اهڙي سخت واهيات ڳالهه زبان مان ڪڍن ٿا ۽) چون ٿا ته الله تعاليٰ کي به اولاد آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي انهن کي (قرآن سان) ڊيڄاري جيڪي چون ٿا ته الله تعالى اولاد رکيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جي ماڻهو هن ڳالھ جا قائل آهن ته خدا کي اولاد آهي تن کي (عذاب کان) ڊيڄاري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڊيڄاري انهن کي جن چيو ته ٺاهيو الله اولاد .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن کي ڊيڄاري جن چيو ته الله (پاڻ لاءِ) اولاد ورتو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ماڻهن کي ڊيڄاري جيڪي چون ٿا ته: ”الله (پاڻ لاءِ) اولاد بنايو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ڀَو ڏِيارِ باھ جو، تن مُورکن کي مُور، جن چيو، ته پُٽ ٺَهرايو، پَرور پاڪ حُضور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن کي به ڊيڄاري، جي چون ٿا ته الله اولاد رکي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن ماڻهن کي ڊيڄاري جيڪي چون ٿا ته الله ڪنهن کي پٽ بنايو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڊيڄاري انهن ماڻهن کي جيڪي چون ٿا ته ورتو آهي الله ڪنهن کي پٽيلو ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن ماڻهن کي (به) ڊيڄاري جن چيو ته اللھ تعالى کي اولاد آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ وَلا لِءابائِهِم كَبُرَت كَلِمَةً تَخرُجُ مِن أَفوٰهِهِم إِن يَقولونَ إِلّا كَذِبًا (آيت : 5) |
جنھن جو نڪي کين ۽ نڪي سندن پيءُ ڏاڏن کي ڪو علم آھي، وڏي (گناھ جي) ڳالھ آھي جا سندن واتان نڪري ٿي، اھي ڪوڙ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه چوندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن باري ۾ هنن کي ڪجهه به ڄاڻ ڪانهي. نڪي هنن جي ابن ڏاڏن کي ڪا ڄاڻ هئي. ڪهڙي نه سخت خراب ڳالهه آهي جا سندن زبانن مان نڪري ٿي. جيڪي هو چون ٿا سو ڪجهه به نه آهي مگر سراسر ڪوڙ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ باري ۾ انهن کي ۽ انهن جي وڏن کي ڪوبه علم ناهي، اها تمام وڏي ڳالهه اهي جيڪا انهن جي واتن مان نڪري ٿي، اهي ته فقط ڪوڙ ڳالهائن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نڪي کين ۽ نڪي سندن ابن ڏاڏن کي ان جي ڪا خبر هئي. (اها) تمام سخت ڳالھ آهي جا سندن وات مان نڪري ٿي اهي رڳو ڪوڙ ئي چون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي انهن کي ان جو ڪو علم ۽ نه پيئرن انهن جي کي وڏو ڪلمو آهي جيڪو نڪري ٿو واتن انهن جي مان نٿا چون مگر ڪوڙ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪي کين ۽ نڪي سندن ابن ڏاڏن کي ان جي ڪا خبر آهي. جيڪا ڳالهه سندن وات مان نڪري ٿي، سا وڏي آهي. اهي رڳو ڪوڙ چون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نه ان جو علم کين آهي ۽ نه انهن جي ابن ڏاڏن کي. وڏي ڳالهه آهي جيڪا انهن جي واتن مان نڪري ٿي. اُهي رڳو ڪوڙ ئي چون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن جو عِلم نه اُنهن کي، نه پِڻنِ کي پَرُوڙ، جاوائـِي نِڱينِ وات مان، ساوڏِي زور ضرور، بناڪُوڙ فُتور، ٻيو ٻولِين ڪِين ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان لاءِ نه وٽن علم آهي ۽ نه سندن اَبن ڏاڏن وٽ، اها ڳالهه تمام بري آهي، جا سندن واتان نڪري ٿي ۽ اهي بلڪل ڪوڙ ڳالهائين ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان ڳالهه جو نڪي کين ڪو علم آهي ۽ نه سندن ابن ڏاڏن کي ئي هو. ڏاڍي وڏي ڳالهه آهي، جيڪا سندن واتان نڪري ٿي. رڳو پيا ٿا ڪوڙ هڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه انهن کي ان ڳالهه جو علم آهي ۽ نه سندن ابن ڏاڏن کي هو، وڏي ڳالهه اها جيڪا نڪري ٿي سندن واتان، اهي ته بڪن ٿا نسورو ڪوڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کي ان ڳالھ جو نه ته ڪو علم آھي ۽ نه ئي سندن ابن ڏاڏن کي ڪو علم ھو. اھا هڪ انتھا درجي جي (غير ذميدارانه) ڳالھ آھي جيڪا سندن واتن مان نڪري ٿي ۽ اھو سراسر ڪوڙ آھي جيڪو ھُو بَڪن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ عَلىٰ ءاثٰرِهِم إِن لَم يُؤمِنوا بِهٰذَا الحَديثِ أَسَفًا (آيت : 6) |
جيڪڏھن اھي ھن ڳالھ کي نه مڃن ته متان تون ارمان کان سندن پويان پاڻ کي ھلاڪ ڪرين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تنهنجي حالت ته اهڙي ئي رهي آهي جو جنهن صورت ۾ هي ماڻهو اها (چٽي) ڳالهه به نٿا (سمجهن ۽) مڃن تنهن صورت ۾ عجب ناهي ته تون هنن (جي هدايت) پٺيان لڳي پنهنجي جان کي افسوس ۾ ڳاري ڇڏين (حالانڪ هو ته مڃڻ وارا ئي ناهن، پوءِ ڇو ٿو افسوس ڪرين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ تحقيق توهان انهن جي ايمان نه آڻڻ جي ڪري گھڻي غم سببان پنهنجي وجود مبارڪ کي سخت پريشاني ۾ وجھو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي رسول) جيڪڏهن اهي ماڻهو هن ڳالھ کي نه مڃين ته تون افسوس ڪندي انهن جي پٺيان پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ شايد تون هلاڪ ڪندڙ آهين سر پنهنجي کي انهن جي ڪرتوتن تي جيڪڏهن نه ايمان آندائون هن ڳالھ تي افسوس ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ متان پنهنجي جان کي غم جي ڪري سندن پٺيان هلاڪ ڪرين جيڪڏهن اهي ان ڳالهه کي نه مڃين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ شايد تون پنهنجي جان انهن جي پويان ان ارمان ۾ ڳاري ڇڏيندين جيڪڏهن اهي هن (قرآن واري) ڳالهه تي ايمان نه آڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَر پَساه ڏِيندڙ، تن پُٺيان، تون آهِين، کان اَرمان، ته آندائون نه اِيمان، هرگز هِهڙِيءَ ڳالھ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون شايد پاڻ کي انهن جي پٺيان هلاڪ ڪندين، جي اهي هن (قرآني) مضمون تي ايمان نه آڻيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي نبي! متان تون سندن پويان ارمان ڪندي پنهنجو جيءُ وڃائي ويهين، جي هنن انهيءَ ڳالهه تي ايمان نه آندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (چڱو اي نبي!) شايد تون انهن جي پويان غم ۾ جان وڃائڻ وارو آهين پنهنجي، جي هنن ايمان نه آندو هن تعليم تي افسوس ڪندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون شايد پنھنجو پاڻ کي افسوس وچان ڳاري ڇڏيندين جيڪڏھن ھو ھِن تعليم تي ايمان نه آڻيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا جَعَلنا ما عَلَى الأَرضِ زينَةً لَها لِنَبلُوَهُم أَيُّهُم أَحسَنُ عَمَلًا (آيت : 7) |
جيڪي زمين تي آھي سو اسان ان جي سينگار لاءِ ھن ڪري ڪيو ته سندن آزمائش وٺون ته انھن مان عملن ۾ ڏاڍو چڱو ڪير آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) روءِ زمين تي جيڪي به آهي، تنهن کي اسان زمين جي لاءِ زينت ۽ سونهن بنايو آهي، ۽ هن لاءِ بنايو آهي ته ماڻهن کي آزمايون ته انهن مان ڪهڙن جا عمل وڌيڪ چڱا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان زمين جي مٿان ماڻهن لاءِ خوبصورتي خلقي آهي، انهي لاءِ ته انهن ماڻهن جي آزمائش ڪجي ته انهن مان ڪهڙو سهڻا عمل ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي زمين تي آهي تنهن کي اسان ان جو سينگار ڪيو آهي ته جيئن اسين کين آزمايون ته ڪنهن جو عمل سڀني کان وڌيڪ چڱو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان ٺاهيو ان کي جيڪو زمين تي آهي سينگار ان جي لاءِ تانته آزمايون انهن کي ته ڪهڙو انهن مان وڌيڪ سهڻو آهي عمل جي لحاظ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي زمين تي آهي تنهن کي اسان ان جو سينگار ڪيو آهي ته جيئن اسين کين آزمايون ته ڪنهنجو عمل چڱو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان ان سڀ شين کي جيڪي زمين تي آهن ان (ڌرتيءَ) لاءِ سينگار بنايو آهي هن لاءِ ته اسان انهن (ڌرتيءَ تي وسڻ وارن) کي آزمايون ته انهن مان عمل جي اعتبار کان ڪير ڀلو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪِي آهي زمين تي، سو ڪيوسون سَندسِ سِينگار، اَوس اُنهن کي اسِين، آزمايون اِظهار، ته آهي اِنهن مان ڪِهڙو، نِرمل نيڪوڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي زمين تي آهي، ان کي اسان انهن لاءِ رونق ڏني آهي، ته سندن هن ڳالهه ۾ آزمائش ڪريون، ته ڪير انهن مان چڱا عمل ڪري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت اها آهي ته اهو جيڪي به (ساز و سامان) زمين تي آهي، تنهن کي اسان زمين جي سونهن بڻايو آهي ته جيئن انهن ماڻهن جي پرک لهون ته منجهانئن ڪير وڌيڪ سهڻا عمل ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (حقيقت هيءَ آهي ته) بيشڪ اسان هن زمين تي آندو آهي ساز وسامان زينت وارو ته جيئن انهن ماڻهن کي آزمايون ته ڪير آهن سٺا عمل ڪرڻ وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان زمين جي مٿان سينگار جون شيون ان ڪري رکيون آھن ته جيئن کين آزمائي ڏسون ته انهن مان ڪير سٺا عمل ڪن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنّا لَجٰعِلونَ ما عَلَيها صَعيدًا جُرُزًا (آيت : 8) |
۽ ان زمين تي جيڪا (ساول) آھي سا اسين چٽي پٽي ڪرڻ وارا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ وري اسان ئي زمين جي هر شيء کي (نابود ڪري) ويران ميدان ڪري ٿا ڇڏيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان زمين جي مٿان هر شيءِ کي ويران ڪندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي ان تي آهي تنهن کي اسين (هڪ نه هڪ ڏينهن برباد ڪري) ويران ميدان ڪنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اسان البته بنائيندڙ آهيون ان کي انهيءَ تي آهي ميدان سڪل.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي ان تي آهي تنهن کي اسين صاف ميدان ڪرڻ وارا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان جو ڪجهه ان (ڌرتيءَ) تي آهي تنهن کي (ختم ڪري) صاف ميدان بنائڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جيڪي آهن اُن مٿي، جوڙون ۽ جِنسار، اَسِين آخِرڪار، اَوَسَر ڪندڙ اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسين زمين جي سڀني شين کي صاف ميدان ڪنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اڳتي هلي) انهيءَ ساريءَ موجودات کي اسان ميدان بڻائڻ وارا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ حقيقت ۾ اسين بنائڻ وارا آهيون سڀني کي صاف سٿرو ميدان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخرڪار اسان زمين جي مٿان رهڻ واري ھر شيءِ کي فنا ڪري صاف ميدان ڪري ڇڏينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم حَسِبتَ أَنَّ أَصحٰبَ الكَهفِ وَالرَّقيمِ كانوا مِن ءايٰتِنا عَجَبًا (آيت : 9) |
پر ڀانيو اٿيئي ته غار ۽ رقيم وارا اسان جي نشانين مان عجيب آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تو خيال ڪيو آهي ته غار ۾ رقيم وارا (اصحاب ڪهف) اسان جي نشانين مان ڪا عجيب نشاني هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان کي معلوم هجڻ گھرجي ته بيشڪ اصحابِ ڪهف ۽ رقيم اسان جي عجيب نشانين مان هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ڀلا تو خيال ڪيو آهي ڇا ته اصحاب ڪهف ۽ رقيم (غار ۽ تختيءَ وارا) اسان جي (قدرت جي) نشانين مان هڪ عجيب نشاني هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ڀانيو تو ته بيشڪ غار وارا ۽ رقيم وارا هئا اسان جي آيتن مان عجب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا تو خيال ڪيو آهي ڇا ته غار ۽ رقيم وارا، اسان جي نشانين مان عجيب شئي هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تون سمجھين ٿو ته غار ۽ (غار تي) لکيل ڪتبي وارا اسان جي نشانين مان ڪا وڏي عجيب نشاني هئا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اسان جي آيتن مان، ڪِ ڳڻيئـِي ڳَرِي ڳالھ؟ قِصو ڪَهف ڌَڻين جو، ۽ جي لکيل آهن لال، نال بِنال نِهال، قابو ڪِنهن ڪتاب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا تون ڀانئين ٿو ته غار ۽ جبل وارا اسان جي عجيب نشانين مان هئا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا تو ائين سمجهيو آهي ڇا ته غار ۽ ڪـَـتبي وارا اسان جي ڪن عجيب وڏين نشانين مان هئا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تون سمجهين ٿو ته اهي غار ۽ ڪتي وارا (ماڻهو) اسان جي ڪن وڏين نشانين مان عجيب هئا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تون سمجهين ٿو ته غار وارا (يعني اصحاب ڪھف) ۽ رقيم وارا (يعني اصحاب رقيم) اسان جي وڏين عجيب نشانين مان ھئا؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ أَوَى الفِتيَةُ إِلَى الكَهفِ فَقالوا رَبَّنا ءاتِنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً وَهَيِّئ لَنا مِن أَمرِنا رَشَدًا (آيت : 10) |
جڏھن غار ۾ ڪيترن جوانن جاءِ ورتي تڏھن چيائون ته اي اسان جا پالڻھار پاڻ وٽان اسان تي ٻاجھ عطا ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان لاءِ چڱائي ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڳالهه هيئن آهي ته ڪي جوان هڪ غار ۾ وڃي ويٺا هئا ۽ هنن دعا گهري هئي ته، اي اسان جا پروردگار پنهنجي طرفان اسان تي رحمت موڪل ۽ تون اسان جي هن ڪم لاءِ ڪاميابيءَ جا اسباب پيدا ڪري ڇڏ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت انهن نوجوانن ڪهف (غار) ۾ پناه ورتي، پوءِ انهن چيو ته اي اسان جي رب اسان کي تون پاڻ وٽان رحمت عطا ڪر ۽ تون اسان لاءِ اسان جي ڪم ۾ درستي پيدا ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن اهي جوان غار ۾ اچي پهتا، ۽ دعا گهريائون ته اي اسان جا پالڻهار اسان کي پنهنجي بارگاھ مان رحمت عطا فرمائي! ۽ اسان جي لاءِ اسان جي ڪم ۾ ڪاميابي عطا ڪر!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن جاءِ ورتي جوانن غار ۾ پوءِ عرض ڪيائون ته اي اسان جا پالڻهار! ڏي اسان کي پاڻ وٽان رحمت ۽ تيار ڪر اسان جي لاءِ امر اسان جي مان هدايت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اهي جوان غار ۾ وڃي ويٺا، پوءِ چيائون ته اي اسان جا پاليندڙ! تون اسان تي پنهنجي طرفان مهرباني ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان لاءِ سڌي رستي تي هلڻ جو بندوبست ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن چند نوجوانن غار ۾ پناهه ورتي پوءِ چيائون: ”اي اسان جا پروردگار! اسان کي پاڻ وٽان رحمت عطا ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان لاءِ سڌي رستي تي هلڻ جي آساني ڪر“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن جوانن چُرکي، ڪيو اَجھو ۽ آستان، چي سانيمِ سَچا!، پاڻ وٽان، ڪر اسان تي اِحسان، پڻ اَسان تي آسان، ڪر اَسان جي ڪم کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن انهن غار ۾ وڃي پناهه ورتي_ پوءِ چيائون ”اي اسان جا رب! اسان کي پاڻ وٽان رحمت جو سامان بخش ۽ اسان جي ڪم کي اسان لاءِ ڀلائيءَ جو سبب بڻاءِ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن انهن ڪجهه نوجوانن غار ۾ اچي پناهه ورتي ته انهن چيو: "اي اسان جا پالڻهار! اسانکي پنهنجي خاص رحمت سان نواز ۽ اسان جي معاملي کي سڌاري سنواري ڇڏ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ڪن نوجوانن غار ۾ پناهه ورتي ۽ انهن چيو ته، اي پالڻهار! اسان کي نواز پنهنجي خاص رحمت سان ۽ اسان جي معاملي کي سهڻو ڪرڻ فرماءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن ڪجهه نوجوانن غار ۾ وڃي پناهه ورتي ته انهن اللھ تعالى کان دعا گهري ته: اي اسان جا پالڻھار! تون پنھنجي خاص مھربانيءَ سان اسان کي رحمت عطا فرماءِ ۽ اسان جي معاملي کي سھڻي طريقي سان حل فرماءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَضَرَبنا عَلىٰ ءاذانِهِم فِى الكَهفِ سِنينَ عَدَدًا (آيت : 11) |
پوءِ ڪيترائي ورهيه کين غار ۾ ڪَنن ڀر سمھاريوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ غار ۾ ڪيترن ئي سالن تائين اسان هنن جا ڪَن (دنيا جي طرف کان) بند ڪري ڇڏيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان انهن کي ڪيترائي سال غار ۾ ننڊ ڪرائي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن اسان غار ۾ سندن ڪنن تي ڪيترن ئي ورهين تائين پردا وجهي ڇڏيا (کين سمهاري ڇڏيوسون)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ (بندش) لڳائي سون ڪنن انهن جي تي (ٻڌڻ کان) غار ۾ ڪيترائي سال ڳڻيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان ان غار ۾ انهن جي ڪنن تي ڪيترائي ورهه ننڊ جو پردو وڌو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان غار ۾ انهن جي ڪنن تي (گھري ننڊ جي) ٿڦڪي ڏني ڪيترائي سال. (آرامي رهيا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سوگھا ڪياسون ڪَن سَندنِ، سارڻ کان، ڪي سال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان ڪيترن ئي سالن تائين سندن ڪنن تي غار ۾ پردو وجهي ڇڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اسان کين انهيءَ غار ۾ ڪيترا ئي سال گهاٽي ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته اسان انهن کي ٿپڪي ڏئي انهيءَ غار ۾ گَهري ننڊ ۾ سمهاريو ڪيترا ئي سال(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان کين غار ۾ ڪيترن ئي سالن تائين گهري ننڊ ۾ سمھاري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ بَعَثنٰهُم لِنَعلَمَ أَىُّ الحِزبَينِ أَحصىٰ لِما لَبِثوا أَمَدًا (آيت : 12) |
وري کين ھن لاءِ اٿاريوسون ته ڏيکاريون ته جا مدت رھيا سا ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي کي ياد آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسان هنن کي اٿاري کڙو ڪيو انهيءَ لاءِ ته معلوم ٿي وڃي ته ٻنهي جماعتن مان ڪهڙي آهي، جا گذريل مدت جو اندازو بهتر طريقي سان لڳائي سگهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اسان انهن کي اٿاريو ان لاءِ ته اسين معلوم ڪريون ته انهن ٻنهي جماعتن مان ڪهڙي ٽڪڻ جو صحيح اندازو ڪري ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اسان کين اٿاريو ته جيئن ڏسون ته جا مدت اهي (غار ۾ رهيا) سا ٻنهي گروهن مان ڪنهن ياد رکي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کان پوءِ اٿاريوسون انهن کي (ننڊ مان) تانته (ظاهري طرح) ڄاڻون اسين ته ڪير ٻنهي جماعتن مان وڌيڪ ڳڻيندڙ آهي ان جي لاءِ جو (آرام ۾) رهيا مدت.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ان کان) پوءِ اسان کين اٿاريو ته معلوم ڪريون ته جا مدت اهي رهيا سا ٻنهين جماعتن مان ڪنهن ياد رکي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان انهن کي اٿاريو ته ڏسون ته ٻنهين جماعتن مان ڪير ان (وقت) کي صحيح ڳڻڻ وارو آهي جيڪو (غار ۾) رهيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي اُٿاريوسون اُنهن کي، ته سَمجھون هِيء سُوال، ته ٻن ٻاريُنِ مان – ڪِهڙِيء، پورِي ڳڻِي ڳالھ، ته چُر ۾، اِهڙي چال، گھڻِي دير گھاريئون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهن کي اٿاريوسون، ته معلوم ڪريون ته ڪير انهن ٽولن مان رهڻ جي مدت کان واقف هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اسان کين جاڳايو ته جيئن ڏسون ته ٻنهي ٽولن مان ڪير ٿو پنهنجي رهڻ واري عرصي جو صحيح حساب لڳائي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اسان کين اٿاريو جيئن ڏسون ته انهن جي ٻن ٽولن مان ڪير پنهنجي رهڻ جي مدت جو ٺيڪ اندازو ٿو لڳائي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ کين ننڊ مان اٿاريو ته جيئن ڏسون ته انهن ٻنهي گروهن (يعني اصحاب ڪھف ۽ رقيم وارن) مان ڪنھن کي پنھنجي ھن حالت ۾ رھڻ جي عرصي جو صحيح اندازو آھي؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ نَبَأَهُم بِالحَقِّ إِنَّهُم فِتيَةٌ ءامَنوا بِرَبِّهِم وَزِدنٰهُم هُدًى (آيت : 13) |
اسين توکي سندن سچي خبر بيان ڪريون ٿا، بيشڪ اھي ڪيترا جوان ھوا جو پنھنجي پالڻھار کي مڃيو ھوائون ۽ کين وڌيڪ ھدايت ڪئي ھئي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اسان توکي انهن ماڻهن جو سچو قصو بيان ڪري ٻڌايون ٿا. اهي ڪي نوجوان هئا جن پنهنجي پروردگار تي ايمان آندو هو. اسان کين هدايت جي واٽ تي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسين توهان تي انهن جو قصو حق سان بيان ڪريون ٿا، تحقيق اهي (ڪجھه) نوجوان هئا جن پنهنجي رب تي ايمان آندو ۽ اسان انهن جي يقين کي زياده ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! هاڻي) اسين تو کي سچي خبر ٻڌايون ٿا. بيشڪ اهي ڪي جوان هئا جن پنهنجي پالڻهار تي ايمان آندو ۽ اسان سندن سوچ زياده ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اسين بيان ٿا ڪريون تنهنجي اڳيان خبر انهن جي حق سان بلاشڪ اهي نوجوان هئا جن ايمان آندو رب پنهنجي تي ۽ وڌائي سون انهن کي هدايت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسين توکي سندن سچي خبر ٻڌايون ٿا. بيشڪ اهي ڪيترا جوان هئا جن پنهنجي پاليندڙ تي ايمان آندو ۽ اسان کين زياده هدايت ڏني. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان تو کي انهن جي سچي خبر ٻڌايون ٿا. بيشڪ اُهي چند نوجوان هئا جن پنهنجي پروردگار تي ايمان آندو هيو ۽ اسان کين هدايت ۾ ترقي ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِسين توکي اُنهن جو، بَرحق ڏِيون بَيان، جن مڃيو مالڪ پَنهنجو، هي سي جُنگ جُوان، ۽ گھڻِي بي گمان، ڪئـِي سون هِدايت اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين سندن قصو توکي پورو پورو بيان ڪري ٻڌايون ٿا_ اهي ڪي جوان هئا، جن پنهنجي رب تي ايمان آندوهو، اسان کين هدايت ۾ وڌايو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان توکي سندن اصلي قصو ٻڌايون ٿا ته هو ڪجهه نوجوان هئا، جن پنهنجي رب تي ايمان آندو هو ۽ اسان کين گهڻي هدايت ڏني هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان انهن جو اصلي قصو توکي ٻڌايون ٿا حقيقت سان، اهي ڪي نوجوان هئا جن ايمان آندو هو پنهنجي رب تي ۽ اسان کين ڏني هئي هدايت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) اسان توکي انهن جو صحيح صحيح واقعو ٻڌايون ٿا، بيشڪ ھو چند نوجوان ھئا جن پنھنجي پالڻھار تي ايمان آندو هو ۽ اسان کين ھدايت تي مضبوط رکيو ھو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَرَبَطنا عَلىٰ قُلوبِهِم إِذ قاموا فَقالوا رَبُّنا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَن نَدعُوَا۟ مِن دونِهِ إِلٰهًا لَقَد قُلنا إِذًا شَطَطًا (آيت : 14) |
۽ سندن دلين تي (سچائي) ٻڌي سون جڏھن اٿيا تڏھن چيائون ته اسان جو پالڻھار آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار آھي ان کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي معبُود ڪري نه سڏينداسون (جي سڏيوسون ته) ضرور بيشڪ اُنھي مھل بيھودي ڳالھ چئي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن جي دلين کي (صبر ۽ استقامت تي) محڪم ڪري ڇڏيو هو. جڏهن هو (حق جي راهه ۾) اٿي کڙا ٿيا تڏهن هنن (صاف صاف) چئي ڏنو ته اسان جو پروردگار ته اهوئي آهي جو زمين ۽ آسمانن جو پروردگار آهي. اسان هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به معبود (سمجهي) پڪارڻ وارا ڪونه آهيون. جيڪڏهن اسان ائين ڪيون ته اها سخت نامناسب ۽ خراب ڳالهه ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن جي دلين کي مضبوط ڪيو جڏهن اهي اٿي بيٺا پوءِ انهن چيو ته اسان جو رب اهو آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن جو رب آهي، اسين الله تعالى کانسواءِ ٻئي معبود جي عبادت نه ڪنداسين (اسان ايئن ڪيو ته) بيشڪ اسان ان وقت غلط ڳالهه ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان سندن دليون (صبر استقلال سان) مضبوط ڪيون (جو جڏهن دقيانوس بادشاھ کين ڪفر ڪرڻ تي لاچار ڪيو ته اٿي کڙا ٿيا ۽ (يڪدم) چوڻ لڳا: اسان جو پروردگار ته رڳو سڀني آسمانن ۽ زمين جو مالڪ ئي آهي اسين ته ان کان سواءِ ڪنهن معبود جي هرگز عبادت نه ڪنداسون جيڪڏهن ائين ڪريون ته پڪ اسان عقل کان پري ڳالھ چئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مضبوطي پيدا ڪئي اسان دلين انهن جي تي جڏهن اٿي بيٺا پوءِ چيائون اسان جو پالڻهار رب آسمانن ۽ زمين جو آهي هرگز نه عبادت ڪنداسون ان کانسواءِ ڪنهن ٻئي معبود جي البته تحقيق چئي اسان ان وقت بيهودي ڳالھ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان سندن دليون (صبر سان) مضبوط ڪيون. جنهن وقت اهي (همت ڪري) اٿيا پوءِ چيائون ته اسان جو پاليندڙ آسمانن ۽ زمين جو پاليندڙ آهي ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به معبود نه چونداسون نه ته (سمجهه ته) اسان تڏهن حد کان لنگهيل ڳالهه چئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن جون دليون ان وقت مضبوط ڪيون جڏهن اُهي اٿيا پوءِ چيائون: ”اسان جو پالڻهار ته آسمانن ۽ زمين جو پالڻهار آهي ان کان سواءِ اسان ڪنهن ٻئي معبود جي پوڄا نه ڪنداسين. (اگر ائين ڪيون ته) اسان نهايت غلط ڳالهه چئي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪياسون قلب اُنهن جا، قوِي برقرار، جڏهن کڙاٿيا خيرسان، ته ٻوليائون ٻِيهار، ته آگو اُڀن ۽ ڀونءَ جو، آگو اَسان هارِ، اَسِين نه اَوس ڪوٺيون، ڪو ڌڻِي اِنهيان ڌار، تڏهن ته ڪَر تڪرار، آکيون سون، ڪي آکلون. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان سندن دلين کي مضبوط ڪيو هو، جڏهن اهي پختا ٿي چوڻ لڳا ته ”اسان جو رب آسمانن ۽ زمين جو رب آهي، اسين ان کي ڇڏي هر گز ڪنهن جي عبادت نه ڪنداسون، ڇا لاءِ ته اهڙيءَ صورت ۾ اسين بيجا ڳالهه چونداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سندن دلين کي ان وقت مضبوط ڪيوسون، جڏهن اهي اٿيا ۽ اعلان ڪيائون ته "اسانجو رب ته فقط اهوئي آهي، جيڪو آسمانن ۽ زمين جو رب آهي، اسان ان کي ڇڏي ڪنهن ٻئي معبود کي نه سڏينداسون، جيڪڏهن ائين ڪيوسون ته ڏاڍي گٿي ڳالهه ڪئي سون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان مضبوط ڪيو سندن دلين کي جڏهن اهي اٿيا، ۽ اعلان ڪيائون ته، اسان جو پالڻهار ته اهو ئي آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو رب آهي، نه پڪارينداسين اسان ان کي ڇڏي ڪنهن ٻئي خدا کي، جي اسان ائين ڪريون ته اجائي ڳالهه ڪنداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان انهن جي ان وقت دل وڌائي جڏھن ھو (پڪو ارادو ڪري) اٿيا ۽ وڏي واڪي چئي ڏنائون ته اسان جو پالڻھار اھوئي آھي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار آھي. اسان ان کي ڇڏي ڪنھن ٻئي کي معبود ڪري ھرگز نه پڪارينداسين، جي اسان ايئن ڪيو ته اھا اسان جي انتھائي غلط ڳالھ ٿيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰؤُلاءِ قَومُنَا اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لَولا يَأتونَ عَلَيهِم بِسُلطٰنٍ بَيِّنٍ فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 15) |
اسان جي ھن قوم الله کانسواءِ ٻيا معبود ورتا آھن، مٿن ڇونه ڪو پڌرو دليل آڻيندا آھن؟ پوءِ جيڪو الله تي ڪوڙ ٺاھي ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي اسان جي قوم جا ماڻهو آهن، جن الله کان سواءِ ٻيا معبود کڻي ورتا آهن. جيڪڏهن اُهي (سچ پچ) معبود آهن ته پوءِ هو ڇو نٿا ان لاءِ ڪو چٽو دليل پيش ڪن (هنن وٽ ته ڪو دليل ئي ڪونهي) پوءِ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جو الله تي ڪوڙو ٺاه ٺاهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها جيڪا اسان جي قوم آهي انهن الله کانسواءِ معبود بنايا آهن، اهي انهي ڳالهه لاءِ ڇو نٿا ڪو مستند دليل آڻن، پوءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ظالم ڪير ٿي سگھي ٿو جيڪو الله تعالى جي مٿان ڪوڙ هڻي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (افسوس هڪ) هي اسان جي قوم جا ماڻهو آهن جن خدا کي ڇڏي (ٻيا) معبود بنايا آهن. (ته پوءِ) اهي ماڻهو انهن (جي معبود هجڻ) جو ڪوئي ظاهر دليل ڇو نٿا آڻين؟ ۽ جو شخص خدا تي ڪوڙو بهتان ٻڌي ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي قوم اسان جي آهي جن ٺاهيا ان کان سواءِ ٻيا معبود ڇو نه ٿا آڻين انهن تي دليل چٽو پوءِ ڪير وڌيڪ ظالم آهي، ان کان جنهن ٺاهي هنيو الله تي ڪوڙ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هيءَ اسان جي قوم آهي هنن ان کان سواءِ ٻيا معبود ڪري ورتا آهن، انهن بابت ڪو ظاهر دليل ڇو نه ٿا آڻين؟ پوءِ جنهن الله تي ڪوڙ ٺاهيو تنهن کان وڏو ظالم ڪير آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته)” هي اسان جي قوم جا ماڻهو آهن جن الله کي ڇڏي ٻيا معبود بنايا آهن. اُهي سندن باري ۾ چٽو دليل ڇو نه ٿا آڻن؟ پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو؟ جيڪو الله تي ڪوڙو بهتان مڙهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِن قوم اَسان جي، ڪيترا ٺاهيا ڌڻي، تِنهن ڌار، پوءِ ڇو نه صفاثابتِي، آڻينِ مَٿنِ اِظهار، پوءِ آهي ڪير اُن سوا، جَبرو جَفاڪار، ته هَٿراڌو هَزار، ٻَڌئـِين ڪُوڙ ڪرِيم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان جي هن قوم الله کي ڇڏي ٻين کي سائين ڪري ورتو آهي، اهي انهن لاءِ پڌرو دليل ڇو نٿا آڻين؟ پوءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو جو الله تي ڪوڙ ڳالهائي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (پوءِ انهن پاڻ ۾ چيو ته) "هن اسان جي قوم ته ڪائنات جي رب کي ڇڏي ٻيا معبود بڻائي ڇڏيا آهن. ڇو نه ٿا سندن معبود هجڻ تي ڪو چٽو ثبوت پيش ڪن؟ انهيءَ شخص کان وڏو ظالم ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي، جيڪو الله تي ڪوڙي ڳالهه مڙهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (انهن هڪٻئي کي چيو) هي اسان جي قوم ته ربِ ڪائنات کي ڇڏي ٻيا خدا بنائي ويٺي آهي ۽ ماڻهو پنهنجي عقيدي تي ڪو پڌرو دليل ڇو نٿا آڻين؟ آخر ان شخص کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو جيڪو الله تي به ڪوڙ ٺاهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اُنھن اھو به چيو ته) اسان جي قوم اصل معبود ڇڏي ٻين کي وڃي معبود ٺاھي ورتو آھي ۽ هُو انهن معبودن جي باري ۾ ڪو واضح دليل به نٿا ڏين، سو ھاڻي جيڪو اللھ تعالى تي ويھي ڪوڙ ٺاھي ان کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذِ اعتَزَلتُموهُم وَما يَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ فَأوۥا إِلَى الكَهفِ يَنشُر لَكُم رَبُّكُم مِن رَحمَتِهِ وَيُهَيِّئ لَكُم مِن أَمرِكُم مِرفَقًا (آيت : 16) |
۽ جڏھن انھن (مشرڪن) کان ۽ (اھي) الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھن تن کان پاسي ٿيو تڏھن غار ڏانھن پناہ وٺو ته اوھان جو پالڻھار اوھان لاءِ ٻاجھ پکيڙيندو ۽ اوھان جي ڪم ۾ اوھان لاءِ سولائي موجود ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته) جنهن صورت ۾ اسان انهن ماڻهن کان ۽ انهن (معبودن) کان جن کي هو الله کان سواءِ پوڄين ٿا پاسو ڪيو آهي (۽ ڇڏي ڏنو آهي) تنهن صورت ۾ هلو ته هلي ڪنهن غار ۾ پناهه وٺون. اسان جو پروردگار اسان تي پنهنجي رحمت جي ڇانوَ ڪندو ۽ اسان جي هن معاملي لاءِ سمر ۽ سامان مهيا ڪري ڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت توهان انهن کان ۽ انهن جي معبودن کان پاسو ڪريو ته پوءِ توهان غار ۾ پناه وٺو، اتي توهان لاءِ توهان جو رب پنهنجي رحمت کي وسيع ڪندو ۽ توهان لاءِ توهان جي ڪم ۾ الله تعالى آساني پيدا ڪندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (پوءِ پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته) جڏهن اوهان انهن کان ۽ الله کان سواءِ جن جي اهي عبادت ڪن ٿا تن کان پاسو ڪيو آهي ته (فلاڻي) غار ۾ وڃي وهو ته اوهان جو پالڻهار اوهان تي پنهنجي رحمت وڌائيندو ۽ اوهان جي ڪم ۾ اوهان جي لاءِ آسانيءَ جو سامان پيدا ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن پاسو ڪيو اوهان انهن کان ۽ جن جي عبادت ڪن ٿا الله کان سواءِ پوءِ پناھ وٺو غار ۾ ته پکيڙيندو اوهان جي لاءِ رب اوهان جو رحمت پنهنجي ۽ تيار فرمائيندو اوهان لاءِ امر اوهان جي مان نرمي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اوهان انهن کان ۽ الله کان سواءِ جن جي اهي عبادت ڪن ٿا تن کان پاسو ڪيو آهي ته (هاڻي) غار ۾ وڃي ويهو ته اوهان تي اوهان جو پاليندڙ پنهنجي رحمت پکيڙي ۽ اوهان جي ڪم ۾ اوهان لاءِ آرام جو سامان تيار ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اوهان ڪنارو ڪيو آهي انهن (مُشرڪن) کان ۽ انهن معبودن کان جن جي اُهي الله کي ڇڏي پُوڄا ڪن ٿا ته پوءِ هلي غار ۾ پناهه وٺو توهان جو پالڻهار توهان تي پنهنجي رحمت ڪشادي ڪندو ۽ اوهان لاءِ اوهان جي ڪم ۾ آساني مهيا فرمائيندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهين اوهين ٿِيا اُنهن کان، ڪَنڌِيءَ ڀَر ڪنار، پڻ تن کان، جاٽون جن جون، ڪن ڌَڻِيءَ کان ڌار، پوءِ جَھليو جُھر جَبل جِي، ته اَهنجو پالڻهار، ٻاجھ پکيڙي پَنهنجِي، آن تي، ۽ اَوهان هار، سَڀ ڪُجھ سَهنج ستار، ڪري اوهان جي ڪم ۾. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن اوهين انهن خواهه الله کانسواءِ جن جي بندگي ڪندا هئا، تن کان جدا ٿي وڃو ته (فلاڻي) غار ۾ هلي پناهه وٺو_ ته اوهان تي اوهان جو رب پنهنجي رحمت پکيڙيندو ۽ اوهان لاءِ اوهان جي هن ڪم ۾ ڪاميابيءَ جو سامان پيدا ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جيئن ته توهان انهن سان ۽ الله کانسواءِ ٻين معبودن سان واسطو ٽوڙي چڪا آهيو ته هاڻي هلو هلي غار ۾ پناهه وٺو. توهان جو رب توهان تي پنهنجي رحمت پکيڙي ڇڏيندو ۽ توهان جو معاملو ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سهنجا وسيلا ۽ سبب پيدا ڪندو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هاڻي جڏهن ته توهان انهن کان ۽ الله کان سواءِ ٻين خدائن کان بي تعلق ٿي ويا آهيو ته هاڻي هلو ته فلاڻي غار ۾ هلي پناهه وٺون، توهان جو پالڻهار توهان تي ٻاجهه ڪندو پنهنجي ۽ توهان جي ڪم لاءِ ڪو نه ڪو ساز و سامان حوالي ڪندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ هو پاڻ ۾ ويھي ھڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته) ڳالھ ھي آھي ته توھان ھنن ماڻهن ۽ الله تعاليٰ کان سواءِ سندن ڪوڙن معبودن کان ته الڳ ٿي چڪا آھيو پوءِ ڇو نه ھلي ڪنھن غار ۾ پناهه وٺون ۽ توهان جو پالڻھار (ضرور) توهان تي پنھنجي رحمت جو ڇانورو ڪندو ۽ اوھان لاءِ اوھان جي ڪمن ۾ آساني فرمائيندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَرَى الشَّمسَ إِذا طَلَعَت تَزٰوَرُ عَن كَهفِهِم ذاتَ اليَمينِ وَإِذا غَرَبَت تَقرِضُهُم ذاتَ الشِّمالِ وَهُم فى فَجوَةٍ مِنهُ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُرشِدًا (آيت : 17) |
۽ (اي ڏسندڙ) جڏھن سج اڀري (تڏھن) ڏسندين ته (اُس) سندن غار کان سڄي پاسي لڙندي آھي ۽ جڏھن لھي تڏھن سندن کٻي پاسي مڙندي آھي ۽ اُھي ان (غار جي) ويڪرائي ۾ آھن، اِھا الله جي نشانين مان آھي، جنھن کي الله ھدايت ڪري سو ھدايت وارو آھي، ۽ جنھن کي ڀُلائي ان لاءِ ڪوبه دوست واٽ ڏيکارندڙ نه لھندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (جنهن غار ۾ وڃي ويٺا سا اهڙيءَ طرح جي هئي جو) جڏهن سج اڀري ٿو تڏهن توهان ڏسندؤ ته غار جي ساڄي طرف لڙيل رهي ٿو، ۽ جڏهن لهڻ لڳي ٿو تڏهن وري کاٻي طرف لڙي لهي ٿو وڃي. (يعني ڪنهن به حالت ۾ اس يا سج جا سڌا ڪرڻا اندر نٿا پهچن ۽ هو ان غار جي اندر ڪشادي جاءِ ۾ ويٺا رهيا آهن. اها الله جي نشانين مان هڪ نشاني آهي (جو هنن حق جي لاءِ دنيا جا سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيا. حقيقت هيءَ آهي ته) جنهن لاءِ الله تعاليٰ (ڪاميابيءَ جي) راهه کولي ٿو ڇڏي، سو ئي (سچي) راهه تي آهي ۽ جنهن لاءِ (سندس ئي ضد ۽ هوس پرستيءَ سبب) راهه گم ڪري ٿو ڇڏي، تنهن لاءِ ڪوبه سندس ڪارساز ۽ راهه ڏيکارڻ وارو ڪونه لهندؤ ۽ ڏسندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان ڏسندا ته جڏهن سج انهن تي اُڀري ٿو ته انهن جي غار جي ساڄي پاسي کان لَڙي وڃي ٿو ۽ جڏهن سج انهن تي لَهي ٿو ته انهن جي کاٻي پاسي کان لَڙي وڃي ٿو ۽ اهي (اصحابِ ڪهف) غار جي کليل ميدان ۾ آهن، اهي الله تعالى جي نشانين مان آهن، جنهنکي الله هدايت ڏي ٿو پوءِ اهو هدايت وارو آهي، ۽ جنهنکي پاڻ گمراه ڪري ٿو پوءِ توهان هرگز ان لاءِ ڪو ولي مرشد نه لهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مطلب ته اهو سوچي غار ۾ پهتا ته) جڏهن سج نڪري ٿو ته تون ڏسندين ته اهو سندن غار کان سڄي پاسي (کان) لڙي وڃي ٿو ۽ جڏهن لهي ٿو ته انهن کان کٻي پاسي (کان) مڙي وڃي ٿو ۽ اهي (مزي سان) غار ۾ هڪ ويڪري جاءِ ۾ (ستل) آهن. اها خدا جي (قدرت) جي نشانين مان هڪ نشاني آهي. جنهن کي خدا هدايت ڪري اهو ئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراهي ۾ ڇڏي ڏي ته پوءِ تون سندس ڪو به سرپرست رهنما هرگز نه لهندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏسندين تون سج کي جنهن وقت اڀري ٿو ته لڙي ٿو لنگھي غار انهن جي کان سڄي پاسي ۽ جڏهن لهي ٿو ته مڙي ٿو انهن کان کٻي پاسي ۽ اهي ويڪرائيءَ ۾ آهن ان کان اهي نشانيون الله جون آهن جنهن کي هدايت ڪري الله پوءِ اهوئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراھ ٿو ڪري پوءِ هرگز نه لهندين ان لاءِ ڪو مددگار رهنما. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن سج اڀري ٿو ته تون ڏسندين ته انهن جي غار کان اُس سڄي پاسي لڙي وڃي ٿي ۽ جڏهن لهي ٿو ته انهن کان کٻي پاسي مڙي وڃي ٿي ۽ اهي غار جي ويڪرائي ۾ آهن. اهو الله جي نشانين مان آهي. جنهن کي الله رستو ڏيکاري سو ئي رستو لهندڙ آهي ۽ جنهن کي گمراهه ڪري تنهن لاءِ توکي ڪوبه رستو ڏيکاريندڙ دوست نه ملندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون ڏسندين جڏهن سج اڀري ٿو ته انهن جي غار جي ساڄي پاسي هٽي وڃي ٿو ۽ جڏهن لهي ٿو ته انهن کان کاٻي طرف ڪترائي وڃي ٿو ۽ اُهي غار جي ڪشادگي ۾ آهن. اها الله جي نشانين مان آهي. جنهن کي الله هدايت ڪري اُهو ئي هدايت يافته آهي ۽ جنهن کي گمراهه ڪري ته تون ان لاءِ ڪو وليءُ مرشد نه لهندين (يعني مددگار ۽ رهبر نه لهندين).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِسندِين ته جڏهن سِج اُڀريو، ته سڄي پاسِئاغار، لَڙيو ۽ لَٿو جڏهن، ته لنگھيو لائـِين پار، ۽ اِهي سَندسِ اِيوانَ ۾، تَرسيل هُئا تڪرار، آيتن مان الله جي، اِيء نشانِي نِبار، سوئـِي سَئون، جنهن کي، سَنئـِين سُهائي ستار، ۽ ڀاڻا ڀُلائي جنهن کي، ڀُليل سو بَدڪار، نه مُرشد، نه مَددگار، لَهندِين اُن لئي لوڪ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اس نڪري ٿي ته تون ان کي سندن غار جي ساڄي طرف کان پاسو ڪندي ڏسندين، جڏهن لڪي ٿي ته کٻي پاسي هٽندي رهي ٿي ۽ اهي غار جي هڪ ڪشادي ميدان ۾ هئا، اها الله جي نشانين مان آهي، جنهن کي الله هدايت ڏئي ٿو اهو ئي هدايت پائي ٿو ۽ جنهن جي واٽ گم ڪري ته تون ان جو ڪو به مددگار واٽ ڏيکاريندڙ نه لهندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون کين غار ۾ ڏسين ها ته ائين لڳئي ها ته سج جڏهن اڀري ٿو ته سندن غار کان هٽي ساڄي پاسي لهي مــُـڙي وڃي ٿو ۽ وري جڏهن لهي ٿو ته کانئن پاسو ڪندو کاٻي پاسي لهي وڃي ٿو ۽ هو غار جي ڪشاديءَ چــُـر اندر پيا آهن، اها الله جي نشانين مان هڪڙي آهي، جنهن کي الله هدايت ڏئي اهوئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي هو گمراهه ڪري ڇڏي، ان لاءِ تون ڪوبه واٽ ڏيکاريندڙ مددگار نه لهندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تون ڏسين جي انهن کي ته سج جڏهن نڪرندو آهي ته سندن غار کي ڇڏي ساڄي پاسي چڙهندو آهي ۽ جڏهن لهندو آهي ته انهن کان پاسو ڪري کاٻي پاسي لهندو آهي ۽ اهي آهن جيڪي هڪ ڪشادي جاءِ (غار) ۾ پيل آهن، هي الله جي نشانين مان هڪ آهي، جنهن کي الله هدايت ڏئي اهو ئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراهه ڪري تنهن لاءِ تون ڪوبه نه ڏسندين دوست ۽ مرشد (رهبر)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ ھنن ويچارن غار ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ اللھ تعالى کين گهري ننڊ ۾ سمھاري ڇڏيو) جيڪڏهن توھان سج کي ڏسو ھا ته ھو جڏھن اڀري پيو ته ان جي اُس غار جي ساڄي پاسي کان لڙي وڃي پئي ۽ جڏھن سج لھي پيو ته (غار کي ڇڏي) کاٻي پاسي کان غروب ٿي وڃي پيو، ھو غار جي اندر ھڪ ڪشادي ميدان ۾ ستل ھئا. ھي اللھ تعالى جون نشانيون آھن (ھاڻي) جنھن کي به اللھ تعالى ھدايت نصيب ڪري اھوئي ھدايت وارو ٿيندو ۽ جنھن کي (پنھنجي حڪمت تحت) گمراهه ڪري ته اھڙي ماڻهوءَ کي ھدايت تي آڻڻ لاءِ تون به ڪو ھدايت ڏيڻ وارو نه لھي سگهندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَحسَبُهُم أَيقاظًا وَهُم رُقودٌ وَنُقَلِّبُهُم ذاتَ اليَمينِ وَذاتَ الشِّمالِ وَكَلبُهُم بٰسِطٌ ذِراعَيهِ بِالوَصيدِ لَوِ اطَّلَعتَ عَلَيهِم لَوَلَّيتَ مِنهُم فِرارًا وَلَمُلِئتَ مِنهُم رُعبًا (آيت : 18) |
۽ تون کين جاڳندڙ ڀائيندين پر اُھي (ننڊ ۾) سمھيل آھن، ۽ کين سڄي پاسي تي ۽ کٻي پاسي تي اٿلائيندا آھيون، ۽ سندن ڪتو چائٺ تي اڳيون ٽنگون ڊگھيريو پيو آھي، جيڪڏھن مٿن بيھي ڏسين ته کانئن ڀڄندڙ ٿي منھن ڦيرين ۽ کانئن دھشت کان ڀرجي وڃين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توهان انهن کي ڏسو ته توهان سمجهندؤ ته هو جاڳن ٿا، حالانڪ هو ننڊ ۾ آهن. اسان هنن کي ساڄي پاسي ۽ کاٻي پاسي موڙيون ٿا (يعني هو پاسو ورائين ٿا جيئن اسان سمهڻ ۾ جاڳندي توڙي ننڊ ۾ پاسو ورائيندا آهيون) ۽ هنن جو ڪتو چائٺ وٽ پنهنجون اڳيون ٽنگون ڊگهيون ڪيون ويٺو آهي، جيڪڏهن توهان ليو پائي هنن کي ڏسو ته جيڪر منهن ڦيرائي پٺتي ڀڄي هليا وڃو، ۽ توهان تي (ان نظاري کان) دهشت ڇانئجي وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان (ڏسندڙ) ڀائيندا ته اهي جاڳيل آهن حالانڪ اهي ستل آهن، ۽ اسان انهن جا پاسا ساڄي ۽ کاٻي پاسي تبديل ڪريون ٿا، ۽ سندن ڪتو پنهنجا اڳيان ٻئي پير سامهون ڪري چائنٺ تي ويٺل آهي، جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو انهن کي ڏسي ته انهن کان ڀڄي پري ٿئي ۽ انهن کان سخت خوفزده ٿي وڃي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون انهن کي جاڳيل خيال ڪندين هوڏانهن اهي ستل آهن، ۽ انهن کي ڪڏهن سڄي پاسي تي ۽ ڪڏهن کاٻي پاسي تي پيا اٿلايون ۽ سندن ڪتو چائنٽ تي (پنهنجون) اڳيون ٽنگون پکيڙيون (مزي سان) ويٺو آهي. جيڪڏهن اوچتو مٿن وڃي پوين ها ته انهن کان پٺ ڦيري ضرور ڀڄين ها ۽ انهن کان دهشت ۾ ڀرجي وڃين ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ گمان ڪندين تون انهن کي سجاڳ ۽ اهي ستل آهن ۽ ڦيرايون ٿا انهن کي سڄي ۽ کٻي ۽ ڪتو انهن جو ڊگھيون ڪندڙ آهي اڳيون ٽنگون پنهنجون چائنٺ تي جيڪڏهن ويجھي کان نظر وجھين انهن تي ته البته پوئين پير ڦرين انهن کان بچڻ لاءِ ۽ البته ڀرجي وڃين تون انهن کان رعب ۾.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تون انهن کي جاڳيل خيال ڪندين هوڏانهن اهي ستل آهن، ۽ انهن کي ساڄي پاسي تي ۽ کاٻي پاسي تي پيا اُٿلايون. ۽ سندن ڪتو چائنٺ تي پنهنجيون اڳيون ٽنگيون پکيڙيو پيو آهي. جيڪڏهن اوچتو مٿن وڃي پوين ها ته انهن کان پٺ ڦيري ڀڄين ها ۽ انهن کان دهشت ۾ ڀرجي وڃين ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون انهن کي جاڳيل سمجهندين حالانڪه اُهي ستل آهن. ۽ اسان ساڄي پاسي ۽ کاٻي پاسي انهن جا پاسا بدلايون ٿا ۽ انهن جو ڪتو چانئٺ تي پنهنجون (اڳيون) ٽنگون پکيڙيون پيو آهي. جيڪڏهن تون انهن کي جھاتي پائي ڏسين ها ته انهن کان پُٺِ ڦيري ڀڄين ها ۽ انهن کان دهشت ۾ ڀرجي وڃين ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀائـِيندِين بيدار، ۽ هوسُتل سَتن نِنڊن ۾، ۽ اسين اُٿلايونِ پِيا، ساڄي، کاٻي پار، ۽ ڪُتو، ڪَرايو اُن جون کولِيل کَڙھ تي غار، جي اُڀرِين مَٿنِ اوچتو، ته وَرِين تِنهِين وار،ڀَڄڻ لئي بيزار، ۽ ڀَرجِين ڀَومان، تن ڀَران.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون انهن کي جاڳندڙ پيو ڀائيندين، پر اهي ستل هئا ۽ اسان انهن کي ڪڏهن سڄي ڪڏهن کٻي اٿلايو ٿي ۽ سندن ڪتو چانئٺ تي پير پکيڙي ويٺو هو، جيڪڏهن تون انهن کي ليو پائي ڏسين، ته هوند پٺ ڏئي ڀڄي نڪرين ۽ توتي هوند هشمت ڇانئجي وڃي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون کين ڏسي ائين سمجهين ها ته اهي جاڳن پيا، حالانڪه هو سـُـتا پيا هئا، اسان کانئن ساڄي توڙي کاٻي، پاسا پيا ورائيندا هئاسون ۽ سندن ڪتو غار جي منهن وٽ اڳيون ٽنگون ڊگهيريون پيو هو، جيڪڏهن تون ليئو پائي کين ڏسين ها ته وٺي پوئين پيرين ڀڄين ها ۽ توکي انهن جي ڏسڻ سان هيبت وٺي وڃي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تون انهن کي ڏسي ڀانئين ها ته اهي جاڳن پيا، جڏهن ته اهي ستل هئا، اسان انهن جا ساڄي کاٻي پاسا بدلائيندا رهياسين ۽ انهن جو ڪتو غار جي منهن تي هٿ ڊگهيريو ويٺو هو، جيڪڏهن تون جهاتي پائي کين ڏسين ها ته پوئين پيرين ڀڄين ها ۽ توتي انهن جي نظاري جي دهشت ويهي وڃي ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کي ڏسي توھان اھو سمجهو ھا ته ھو جاڳن پيا، حالانڪ ھو گهري ننڊ ۾ ستل ھئا ۽ اسان کين ساڄي ۽ کاٻي طرف پاسا ورائيندا ھئاسون ۽ انهن جو ڪُتو غار جي مُنھن وٽ اڳيون ٽنگون ٽيڙي ويٺو ھو. جيڪڏھن توھان کين لِيو پائي ڏسو ھا ته (خوف وچان) فوراً پويان پير ڪري ڀڄو ھا . اهو منظر ڏسي توھان جي مٿان دهشت ڇانئجي وڃي ھا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذٰلِكَ بَعَثنٰهُم لِيَتَساءَلوا بَينَهُم قالَ قائِلٌ مِنهُم كَم لَبِثتُم قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالوا رَبُّكُم أَعلَمُ بِما لَبِثتُم فَابعَثوا أَحَدَكُم بِوَرِقِكُم هٰذِهِ إِلَى المَدينَةِ فَليَنظُر أَيُّها أَزكىٰ طَعامًا فَليَأتِكُم بِرِزقٍ مِنهُ وَليَتَلَطَّف وَلا يُشعِرَنَّ بِكُم أَحَدًا (آيت : 19) |
۽ اھڙي طرح کين ھن لاءِ کڙو ڪيوسون ته پاڻ ۾ پڇن، منجھانئن چوندڙ چيو ته (اوھين ھتي) ڪيترو ٽڪيؤ، چيائون ته ھڪ ڏينھن يا ڏينھن کان گھٽ رھياسون، (ڪن) چيو ته جيڪي اوھين رھيا آھيو سو اوھان جو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي، پوءِ مان پاڻ مان ھڪ کي ھِن پنھنجي رپئي سان شھر ڏانھن موڪليو پوءِ ڀلي ڏسي ته اُن (ڳوٺ) جو ڪھڙو طعام سٺو آھي پوءِ ان مان ڪجھ تعام اوھان وٽ آڻي ۽ جڳائي ته نرمي ڪري ۽ اوھان جو حال ڪنھن ھڪڙي کي نه ڄاڻائي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اهڙيءَ ئي طرح هيءَ ڳالهه ٿي جو اسان هنن کي وري اٿاري کڙو ڪيو. انهيءَ لاءِ ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇا ڳاڇا ڪن. انهن مان هڪڙي چوندڙ پڇيو ته، اسان هتي ڪيتري مدت رهيا هونداسين؟ سڀني چيو ته، هڪڙو ڏينهن يا هڪڙي ڏينهن جو ڪجهه حصو. پوءِ (جڏهن پوري مدت معلوم ڪري نه سگهيا تڏهن) چيائون ته، اسان جو پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪيتريءَ مدت تائين هتي رهيا پيا هئاسين. (هاڻي) هڪڙي ماڻهو کي هي چانديءَ جو سڪو ڏئي شهر ۾ موڪليو(ته اتي) وڃي ڏسي ته ڪنهن وٽان چڱو طعام ٿو ملي ۽ جتان ملي اتان ڪجهه طعام وٺي آڻي. پر چپ چاپ ۾ رهي جيئن ڪنهن کي به اسان جي خبر نه پوي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن کي اهڙي طرح اٿاريو ان لاءِ ته اهي هڪ ٻئي کان پاڻ ۾ سوال ڪن، انهن مان هڪڙي چوندڙ چيو ته توهان ڪيترو وقت ٽِڪِيا آهيو، ڪن چيو ته اسين هڪ ڏينهن يا ڏينهن جو ڪجھه حصو (غار ۾) ٽڪيا آهيون، ڪن چيو ته توهان جي رب تعالى کي وڌيڪ ڄاڻ آهي جيڪو وقت توهان ٽڪيا آهيو، پوءِ توهان پاڻ مان هڪڙي کي ٿورڙي چاندي ڏيئي شهر ۾ موڪليو ته اهو ڏِسَي وَائِسَي ته اتي ڪهڙو سٺو طعام آهي پوءِ توهان لاءِ ان مان طعام وٺي اچي ۽ ان کي گھرجي ته سوچي سمجھي خريداري ڪري ۽ ڪنهن کي به توهان جو اطلاع نه ڏي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان (وري) کين جاڳايو ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇن. انهن مان هڪ چوندڙ چيو ته ڪيترو وقت (هتي) رهيا آهيو؟ چيائون ته هڪ ڏينهن يا ڏينهن کان به گهٽ رهيا آهيون. (پوءِ) چوڻ لڳا ته جيترو (وقت) رهيا آهيو تنهن کي اوهان جو پروردگار وڌيڪ ٿو ڄاڻي. (چڱو!) ته هاڻي پاڻ مان هڪ کي هي پنهنجو رپيو ڏئي شهر موڪليو ته اهو (وڃي) ڏسي ته ڪهڙو کاڌو سٺو آهي، سو ان مان اوهان لاءِ ڪجھ کاڌو وٺي اچي ۽ ڊڄي ڊڄي اهو ڪم ڪري ۽ اوهان جي حال جي خبر ڪنهن کي به نه ڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهڙي طرح اٿاريوسون انهن کي تانته پڇا ڳاڇا ڪن پاڻ ۾ چيو هڪ چوندڙ انهن مان ته ڪيترو رهيا آهيو چيائون ته رهياسون ڏينهن يا بعض ڏينهن جو چيائون ته رب اوهان جو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جو رهيئو اوهان پوءِ موڪليو هڪڙو اوهان مان ڪرنسيءَ پنهنجيءَ هن سان شهر ڏانهن پوءِ جڳائي ته ڏسي ڪهڙو انهن مان وڌيڪ صاف طعام وارو آهي پوءِ ڀل ته آڻي اوهان وٽ کاڌو ان مان ۽ نرمي اختيار ڪري ۽ هرگز نه ڄاڻ ڏئي اوهان جي ڪنهن هڪ کي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙي طرح اسان کين جاڳايو ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇن. انهن مان هڪ چوندڙ چيو ته ڪيترو رهيا آهيو؟ چيائون ته (هڪ) ڏينهن يا ڏينهن کان گهٽ رهيا آهيون. چيائون ته جيترو رهيا آهيو، تنهن کي اوهان جو پاليندڙ گهڻو ڄاڻندڙ آهي، پوءِ پاڻ مان هڪ کي هيءَ پنهنجي چاندي ڏيئي شهر ڏي موڪليو پوءِ هو ڏسي ته ڪهڙو کاڌو زياده سٺو آهي سو ان مان اوهان لاءِ ڪجهه کاڌو وٺي اچي ۽ ڊڄي ڊڄي اهو ڪم ڪري ۽ اوهان جي حال جي خبر ڪنهن کي به نه ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح اسان انهن کي (جاڳائي) اٿاريو ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇن. انهن مان هڪ چوڻ واري چيو: (هتي) ”ڪيترو رهيا آهيو“؟ چيائون: ”اسان هڪ ڏينهن يا ان جو ڪجهه حصو رهيا آهيون“. چيائون: ”جيترو رهيا آهيو توهان جو پالڻهار بهتر ڄاڻندڙ آهي. پوءِ پاڻ مان هڪڙي کي پنهنجو هي سڪو ڏئي شهر ڏانهن موڪليو پوءِ اُهي ڏسي ته ڪهڙو کاڌو زور پاڪيزه آهي؟ ان مان اوهان لاءِ ڪجهه کاڌو وٺي اچي ۽ ان کي گهرجي ته (ايندي ويندي) آهستگي ۽ نرمي کان ڪم وٺي ۽ ڪنهن هڪڙي کي به توهان جي خبر نه ڏئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان اِهڙِي چال، اُٿاريوسون اُنهن کي، ته پُڇن حقِيقت حال، هِڪ ٻئي کان، هتي رهڻ جِي.ڪنهن چوندڙ، چيو اُنهن مان ته هِت گھاريان گھڻِي دير؟ چي، ڀانيو ٿا ڀلير!، ڏِينهن، ڪِ بَخرو ڏينهن جو. چيائون، ته آهي اَوهان جو، سائـِين سَمجھدار، ته وَرھ رَهيا، يا وار، غازي! اَوهين هِن غار ۾. چي، اُٿيارِيو پاڻ مان، هِن پنهنجي نوٽن نال، هِڪڙو هِن شهر ڏي، ته جانچي چَڱِيءَ چال، پوءِ آڻي اَوهان لئي طعام مان، جو بهتر هُجي بحال، ۽ نِرمِي ڪري نِهال ۽ پنهنجو حال نه ڏي، ڪِنهن هِڪڙي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان انهن کي جاڳايو، ته هو پاڻ ۾ پڇا ڳاڇا ڪن. انهن مان هڪ چيو ته ”توهين ڪيترو وقت ائين رهيا هوندا؟“ ڪن چيو ته ”هڪ ڏينهن يا ان کان به گهٽ“. چيائون ته ”اوهان جو رب اوهان جي رهڻ بابت پوريءَ طرح ڄاڻي ٿو، هاڻي پاڻ مان ڪنهن کي هي رپيو ڏئي شهر ڏانهن موڪليو، ته هو جاچي ته ڪهڙو کاڌو حلال آهي ته ان مان اوهان وٽ ڪجهه کاڌو آڻي ۽ سڀ ڪم ٺيڪ ۽ نرمي ڪري ۽ ڪنهن کي به اوهان جي خبر نه پوي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهڙي عجيب لقاءَ مان اسان کين جاڳائي اٿاريو، تانته پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان سوال جواب ڪن. انهن مان هڪڙي پڇيو: "گهڻو وقت ائين رهيا آهيو؟" ٻين چيو: "شايد هڪ ڏينهن يا ڪجهه گهٽ رهيا هونداسون". وري چيائون: "الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪيترو وقت ائين گذاريو اٿوَ". ٺهيو هاڻي پاڻ مان ڪنهن کي چانديءَ جو هيءُ سڪو ڏيئي شهر اماڻيو، پوءِ هو ڏسي وائسي ته سڀ کان سٺو کاڌو ڪٿان ٿو ملي ۽ اتان ڪجهه کائڻ لاءِ وٺي اچي ۽ تمام خبرداريءَ کان ڪم وٺي ته متان ڪنهن کي توهان جي باري ۾ ڪا خبر نه ڏيئي وِجهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهيءَ عجيب ڪرشمي مان اسان کين اٿاري ويهاريو، جيئن پاڻ ۾ سوال جواب ڪن. انهن مان هڪ پڇيو، ٻڌايو ڪيتري دير هن حال ۾ هئاسين؟ ٻين چيو، شايد سارو ڏينهن يا ٿورو ان کان به گهٽ ڏينهن جو حصو. وري انهن چيو، توهان جو رب چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو ته اسان ڪيترو وقت ائين گذاريو، چڱو هاڻي پاڻ مان ڪنهن کي چانديءَ جو هي سڪو ڏئي شهر موڪليون ۽ اهو ڏسي ته سڀ کان سٺو کاڌو ڪٿي ٿو ملي، اتان هو ڪجهه کائڻ لاءِ آڻي ۽ کيس جڳائي ته هوشياري کان ڪم وٺي جيئن ڪنهن کي اسان بابت خبردار نه ڪري ويهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙيءَ طرح جڏھن اسان کين ننڊ مان جاڳايوسين ته جيئن ھو پاڻ ۾ ويھي ھڪ ٻئي کان پڇا ڪن. انهن مان ھڪڙي چيو ته توھان کي غار ۾ رهندي ڪيترو عرصو ٿيو آھي؟ جواب ۾ ٻين چيس ته ھڪ ڏينھن پورو يا کڻي ڏينھن جو ڪجهه حصو ــ پوءِ چيائون ته توھان جي پالڻھار کي ئي صحيح خبر آھي ته اسان ھن غار ۾ ڪيترو عرصو گذاريو آھي؟ ھاڻي پاڻ مان ڪنھن کي چانديءَ جو سڪو ڏئي شھر موڪليون ته جيئن ھو شھر وڃي ٿورو گهمي ڦري ڏسي ته سٺو کاڌو ڪٿي ملي ٿو پوءِ اتان کائڻ لاءِ ڪجهه وٺي اچي ۽ ماڻهن سان تمام ھوشياري سان ڳالھائي ته جيئن توھان جي حال جي ڪنھن کي خبر به نه پئجي سگهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُم إِن يَظهَروا عَلَيكُم يَرجُموكُم أَو يُعيدوكُم فى مِلَّتِهِم وَلَن تُفلِحوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 20) |
ڇوته جيڪڏھن اھي اوھان تي غالب ٿيندا ته اوھان کي سنگسار ڪندا يا پنھنجي مذھب ۾ اوھان کي موٽائيندا ۽ اُن مھل اوھين ھرگز نه ڇٽندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن ماڻهن کي خبر پئجي ويندي ته (پوءِ هو اوهان کي ڇڏڻ وارا ناهن) يا ته اوهان کي سنگسار ڪري ماريندا يا ته مجبور ڪندا ته وري سندن دين ۾ موٽي داخل ٿيو. جيڪڏهن ائين ٿيندو (يعني وري سندن بت پرستي جي دين ۾ داخل ٿيندؤ) ته پوءِ ڪڏهن به فلاح (يعني ڪاميابي ۽ دائمي سعادت) حاصل نه ڪندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهي جيڪڏهن توهان تي غالب ٿي پيا ته اهي توهان تي پٿراءُ ڪندا يا توهان کي پنهنجي دين تي واپس آڻيندا ۽ جيڪڏهن ايئن ٿيو ته توهان ڪڏهن به نجات وارا نه ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يقينن جيڪڏهن کين اوهان جي خبر پئي ته اوهان کي پٿرن سان ماريندا يا اوهان کي پنهنجي دين ڏي موٽائيندا ۽ جي ائين ٿيو ته اوهين ڪڏهين به ڪامياب نه ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي جيڪڏهن غالب ٿيندا اوهان تي ته سنگسار ڪندا اوهان کي يا موٽائيندا اوهان کي دين پنهنجي تي ۽ هرگز ڪامياب نه ٿيندؤ ان وقت هميشہ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇو ته جيڪڏهن کين اوهان جي خبر پوندي ته اوهان کي پٿرن سان ماريندا يا اوهان کي پنهنجي دين ۾ موٽائيندا ۽ ان وقت اوهين ڪنهن به ڪامياب نه ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جيڪڏهن اهي اوهان تي غالب ٿي ويا ته توهان کي سنگسار ڪندا يا توهان کي پنهنجي مذهب ۾ موٽائيندا (جي ائين ڪيُوَ) ته پوءِ توهان ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي آگاه اوهان تي، سي ٿيا، ته صَحِيح ڪندان سنگسار، يا موٽائينِ، سَندنِ مذهب تي، توهان کي تڪرار، ۽ اَوهين اُنهِيء وار، سَدا نه ماڻيو سوڀ ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇو ته جيڪڏهن انهن کي اوهان جي خبر پوندي، ته اوهان کي پٿر هڻندا يا پنهنجي دين ۾ موٽائيندا ۽ اوهين ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندؤ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن انهن جي وَر چڙهي ويئو ته بس پوءِ اهي يا ته سنگسار ڪندوَ يا زوريءَ پنهنجي دين ڏانهن موٽائي ڇڏيندا، جي ائين ٿيو ته پوءِ ڪڏهن به ڪاميابي نه ماڻي سگهندؤ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي اسان سندن ور چڙهي وياسين ته اسان کي سنگسار ڪندا يا وري زوري اسان کي پنهنجي دين ۾ موٽائيندا ۽ ائين ٿيو ته اسان ڪڏهن به ڪاميابي نه ماڻينداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇوته جيڪڏھن انهن کي توھان جي باري ۾ خبر پئجي وئي ته ھو سڀني کي پٿرن سان ماري ڇڏيندا يا وري سڀني کي پنھنجي مشرڪانه دين ۾ داخل ٿيڻ تي زور ڀريندا. ان صورت ۾ ته توھان ڪڏھن به ڪامياب نه ٿي سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذٰلِكَ أَعثَرنا عَلَيهِم لِيَعلَموا أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَأَنَّ السّاعَةَ لا رَيبَ فيها إِذ يَتَنٰزَعونَ بَينَهُم أَمرَهُم فَقالُوا ابنوا عَلَيهِم بُنيٰنًا رَبُّهُم أَعلَمُ بِهِم قالَ الَّذينَ غَلَبوا عَلىٰ أَمرِهِم لَنَتَّخِذَنَّ عَلَيهِم مَسجِدًا (آيت : 21) |
۽ اھڙي طرح (تڏھن) ماڻھن کي ھن لاءِ مٿن خبردار ڪيوسون ته ڄاڻن ته الله جو انجام سچو آھي ۽ بيشڪ قيامت (ٿيڻي) آھي ان ۾ ڪو شڪ نه آھي، تڏھن انھن جي ڳالھ بابت پاڻ ۾ جھڳڙو ڪرڻ لڳا پوءِ چيائون ته انھن جي (غار) تي ڪا اڏاوت اڏيو، سندن پالڻھار کين ڄاڻندڙ آھي، جيڪي پنھنجي ڳالھ ۾ غالب ٿيا تن چيو ته انھن (جي غار) تي مسجد ضرور بڻائينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) اهڙيءَ طرح (يعني هڪ ماڻهوءَ طرفان سڪو کڻي وڃي بازار ۾ ڏيکارڻ سان) اسان ماڻهن کي سندن حال کان واقف ڪيو (هنن جي ڳالهه لڪي ڪين سگهي) ۽ هن لاءِ واقف ڪيوسين ته ماڻهن کي معلوم ٿئي ته الله جو واعدو سچو آهي، ۽ قيامت جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي. ان وقت جي ڳالهه آهي ته ماڻهو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا ته هنن (غار جي ساٿين) جي معاملي ۾ ڇا ڪجي. ماڻهن چيو ته، هن غار تي هڪ عمارت ٺاهيو (ته يادگار ٿئي.) جيڪي هنن تي ٿي گذريو تنهن کي سندن پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو. پوءِ انهن ماڻهن، جيڪي ان معاملي ۾ غالب پيا، تن چيو ته، (ٺيڪ آهي) اسان ضرور هنن جي مٿان (يا ڀرسان) هڪ عبادتگاهه بنائينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهڙي طرح اسان انهن جي قوم کي (ان ڳالهه جو) اطلاع ڏنو، ان لاءِ ته اهي ڄاڻن ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ بيشڪ قيامت جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ ناهي، جنهن وقت اهي پاڻ ۾ اختلاف ڪندا هئا (يعنى) پنهنجي ڪم بابت، پوءِ انهن چيو ته انهن جي مٿان عمارت تعمير ڪريو. الله تعالى انهن کي خوب ڄاڻي ٿو انهن ماڻهن چيو جيڪي پنهنجي ڪم ۾ ڪامياب ٿيا ته اسين ضرور انهن تي مسجد تعمير ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان سندن قوم جي ماڻهن کي سندن حالت جي خبر ڪئي ته اهي ماڻهو ڏسن ته خدا جو واعدو پڪ سچو آهي ۽ هي (به ڄاڻن) ته قيامت (جي اچڻ) ۾ ڪو به شڪ (شبهو) نه آهي. هاڻي (وري خبر پوڻ کان پوءِ) انهن جي باري ۾ اهي پاڻ جهڳڙو ڪرڻ لڳا ته ڪجھ ماڻهن چيو ته سندن (غار) تي (يادگار) ڪا عمارت بنايو. سندن پروردگار ته انهن جي حال کان وڌيڪ واقف آهي ۽ انهن جي باري ۾ جن (مومنن) جي راءِ غالب رهي تن چيو ته اسين ته انهن (جي غار) تي هڪ مسجد بنائينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهڙي طرح مشهوري ڪئي سون انهن جي تانته ڄاڻن ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ بيشڪ قيامت ناهي ڪو شڪ ان ۾جنهن وقت بحث پيا ڪن پاڻ ۾ امر انهن جي تي پوءِ چيائون ته تعمير ڪيو انهن تي جاءِ، رب انهن جو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي انهن کي چيو انهن جيڪي غالب ٿيا امر انهن جي تي ته البته ضرور ٺاهينداسون انهن تي مسجد.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان سندن خبر ظاهر ڪئي ته ماڻهو ڄاڻن ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ قيامت ۾ ڪو شڪ نه آهي. (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن (ان زماني جا ماڻهو) انهن (اصحاب ڪهف) جي باري ۾ پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هئا، پوءِ چيائون ته انهن تي ڪا عمارت ٺاهيو. سندن پاليندڙ انهن کي گهڻو ڄاڻندڙ آهي. جيڪي پنهنجي ڳالهه ۾ هلندي وارا هئا تن چيو ته اسين انهن (جي غار) تي هڪ مسجد بنائينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح اسان انهن جي خبر (صدين بعد) ظاهر ڪئي جيئن ماڻهو ڄاڻن ته بلاشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ قيامت ۾ ڪو شڪ نه آهي. ۽ (اُهو وقت ياد ڪر) جڏهن (شهر وارا سندن وفات جي صدين بعد) پاڻ ۾ انهن بابت جهڳڙو ڪرڻ لڳا. پوءِ چيائون ته ”انهن (جي غار) تي هڪ عمارت ٺاهيو. سندن پروردگار انهن جي حال بابت بهتر ڄاڻي ٿو“. جن ماڻهن انهن جي معاملي تي غلبو حاصل ڪيو انهن چيو ته: ”اسان ضرور انهن (جي غار جي دروازي) تي هڪ مسجد ٺاهينداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اِنپر ڪيوسون اُنهن تي، اِنهن کي اِظهار، ته ٻُجھن ٻول لله جا، قائـِم برقرار، پڻ اَچڻِي اَهکيءَ وار، شڪ، نه شُبهو اُن ۾. جڏهن جھڳڙو پاڻ ۾، ڪيو ٻاريءَ سان، ٻارِي، پوءِ ڪن چيو ته قُبو اُنهن تي، ڪو بنايون بارِي، سائـِين تن جو سنڌي، رکندڙ سُڌ ساري، جي ڪري سگهيا، ڪم پنهن جو، وائـِي تن وارِي، ته مَسجد موچارِي، اَڏينداسون، اُنهن مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ائين اسان انهن بابت خبردار ڪيو، ته اهي ڄاڻن ته الله جو وعدو سچو آهي ۽ ته قيامت جي اچڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي جڏهن هو انهن بابت پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هئا، چيائون ته ”انهن تي ڪا جاءِ ٺهرايو.“ سندن رب انهن کي خوب ڄاڻي ٿو، جيڪي شخص پنهنجي ڳالهه ۾ غالب ٿيا، تن چيو ته ”اسان انهن وٽ هڪ مسجد بڻائينداسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ ريت اسان شهر وارن کي سندن باري ۾ ڄاڻ ڏني ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته الله جو وعدو سچو آهي ۽ قيامت جي گهڙي بيشڪ اچڻي آهي. (مگر ڏسو ته جنهن وقت سوچڻ جي ڳالهه ته هيءَ هئي) ان وقت هو پاڻ ۾ ان ڳالهه تي تڪرار ڪري رهيا هئا ته انهن (غار وارن) بابت ڇا ڪجي. ڪجهه ماڻهن چيو: "انهن تي هڪڙي ڀت اوساري ڇڏيو، انهن جو رب ئي سندن معاملي کي بهتر ڄاڻي ٿو" مگر جن جي سندن معاملن ۾ وڌيڪ هلندي پڄندي هئي، انهن چيو: "اسان ته مٿن عبادتگاهه بڻائينداسون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان شهر وارن کي سندن حال کان واقف ڪيو، جيئن ماڻهو ڄاڻي وٺن ته الله جو وعدو سچو آهي ۽ هي ته قيامت جي گهڙي بيشڪ اچڻي ئي آهي. (ٿورو خيال ڪريو جڏهن ته اصل ڳالهه هيءَ هئي) ان وقت اهي پاڻ ۾ جهڳڙو پيا ڪن ته ڪن چيو انهن (ڪهف وارن) سان ڇا ڪجي، انهن تي ڀت اوساري ڇڏيو، سندن رب ئي انهن جي باري ۾ ڄاڻي ٿو. پر جيڪي ماڻهو انهن جي معاملي تي غالب هئا تن چيو، اسان ته انهن تي هڪ عبادت گاهه جوڙينداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙي طريقي سان ئي اسان ماڻهن کي انهن جي باري ۾ خبر ڏني ته جيئن هُو سمجهن ته اللھ تعالى جو وعدو سچو آھي ۽ بيشڪ قيامت جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ نه آھي، پر تنھن ھوندي به ھي ماڻهو پاڻ ۾ غار وارن جي باري ۾ جهڳڙو ڪري رھيا ھئا ۽ چئي رھيا ھئا ته غار وارن جي مٿان ڪا (يادگار طور) عمارت ٺاھي وڃي. بهرحال انهن جو پالڻھار ئي انهن جي معاملي کي خوب ڄاڻي ٿو. پر انهن ۾ جيڪي با اثر ماڻهو ھئا تن چيو ته اسان انهن جي مٿان ھڪ عبادت گاهه جوڙائينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَيَقولونَ ثَلٰثَةٌ رابِعُهُم كَلبُهُم وَيَقولونَ خَمسَةٌ سادِسُهُم كَلبُهُم رَجمًا بِالغَيبِ وَيَقولونَ سَبعَةٌ وَثامِنُهُم كَلبُهُم قُل رَبّى أَعلَمُ بِعِدَّتِهِم ما يَعلَمُهُم إِلّا قَليلٌ فَلا تُمارِ فيهِم إِلّا مِراءً ظٰهِرًا وَلا تَستَفتِ فيهِم مِنهُم أَحَدًا (آيت : 22) |
(ڪي) چوندا ته (اُھي) ٽي آھن چوٿون سندن ڪتو آھي، ۽ (ڪي) چوندا ته پنج آھن ڇھون سندن ڪتو آھي ڳُجھ بابت اٽڪل ھڻندا آھن، ۽ چوندا آھن ته ست آھن اٺون سندن ڪتو آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته سندن ڳاڻيٽو منھنجو پالڻھار وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي انھن کي رڳو ڪي ٿورا ڄاڻندا آھن، پوءِ انھن بابت سرسري جھڳڙي ڪرڻ کانسواءِ جھڳڙو نه ڪر، ۽ نڪي انھن بابت ڪافرن مان ڪنھن ھڪ کان پڇا ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪي ماڻهو چوندا آهن ته، غار وارا ماڻهو ٽي هئا ۽ چوٿون هو سندن ڪتو. ڪي ماڻهو وري چون ٿا ته پنج هئا ۽ ڇهون سندن ڪتو هو. اهي سڀ (رڳو ڌڪا ٿا هڻن ۽) غيب جي انڌاري ۾ تير ٿا اڇلائين ۽ ڪي چون ٿا ته ست هئا، اٺون هو سندن ڪتو. (اي پيغمبر!) تون چئو ته، انهن جو سچو تعداد ته منهنجو پروردگار ئي بهتر ٿو ڄاڻي، ڇو ته هنن جو حال تمام ٿورا ماڻهو ٿا ڄاڻن. (۽ جڏهن ته صورت حال اها آهي) تون ماڻهن سان هن باري ۾ بحث ۽ جهڳڙو نه ڪر، پر (بحث) فقط انهيءَ حد تائين ڪر جو صاف صاف معلوم ڳالهه هجي. (يعني اونهين ۽ غير يقيني ڳالهين ۾ پوڻ نه گهرجي) نڪي انهن ماڻهن مان (جن ۾ اهي روايتون هلندڙ آهن) ڪن کان هن باري ۾ پڇا ڪر (ڇو ته سندن ڏند ڪٿائون اعتبار جوڳيون ناهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي جلدي چوندا ته (اصحابِ ڪهف) ٽي آهن ۽ چوٿون انهن جو ڪتو آهي، ۽ ڪي چوندا ته اهي پنج هئا ڇهون سندن ڪتو آهي سواءِ ڏسڻ جي اندازو ڪن ٿا ۽ ڪي چوندا ته ست اهي هئا ۽ اٺون انهن جو ڪتو آهي. رسولِ عربي توهان فرمايو ته منهنجي رب کي اصحابِ ڪهف جو صحي تعداد خوب معلوم آهي، نٿا ڄاڻن ان کي مگر ٿورڙا ماڻهو، پوءِ توهان هن حقيقت کان وڌيڪ ان تي بحث نه ڪريو ۽ توهان ان متعلق انهن مان ڪنهن کان به سوال نه پڇو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هاڻي نصارى نجران) چوندا ته اهي ٽي آهن چوٿون ڪتو (قطمير) آهي ۽ ڪي (عاقب وغيره) چون ٿا پنج آهن ڇهون سندن ڪتو آهي. (اهي سڀ) غيب جي (ڳالھ) ۾ اٽڪل (سٽڪل) لڳائين ٿا. ۽ ڪي چون ٿا ته ست آدمي آهن ۽ اٺون سندن ڪتو آهي. (اي رسول! کين) چئو ته منهنجو پروردگار سندن شمار کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو انهن (جي شمار) کي رڳو ڪي ٿورا ڄاڻن ٿا. پوءِ تون انهن جي ڳالھ ۾ معمولي بحث کان سواءِ ٻيو جهڳڙو نه ڪر ۽ انهن مان ڪنهن کان به سندن حال نه پڇ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عنقريب چوندا ته ٽي آهن چوٿون انهن مان ڪتو انهن جو آهي ۽ چوندا ته پنج آهن ڇهون انهن مان ڪتو انهن جو آهي پٿر هڻڻ اڻ ڏٺو ۽ چون ٿا ته ست آهن ۽ اٺون انهن مان ڪتو انهن جو آهي فرماءِ ته رب منهنجو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي تعداد انهن جو نه ٿا ڄاڻن انهن کي مگر ٿورا پوءِ نه بحث ڪر انهن (جي باري) ۾ مگر بحث ظاهر ٿيندڙ ۽ نه پڇ انهن جي باري ۾ انهن مان ڪنهن هڪ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (هاڻي) ڪي چوندا ته اهي ٽي آهن چوٿون سندن ڪتو آهي ۽ ڪي چوندا ته پنج آهن ڇهون سندن ڪتو آهي، نشان ڏسڻ کان سواءِ پٿر اڇلائن ٿا، ۽ ڪي چوندا ته ست آهن ۽ اٺون سندن ڪتو آهي (اي رسول! کين چو) ته منهنجو پاليندڙ سندن شمار کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي. انهن کي رڳو ڪي ٿورا ڄاڻن ٿا. پوءِ تون انهن جي ڳالهه ۾ معمولي بحث کان سواءِ ٻيو جهڳڙو نه ڪر، ۽ انهن مان ڪنهن کان به سندن حال نه پڇ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سگھوئي ڪي چوندا ته اُهي ٽي هئا چوٿون سندن ڪتو هيو ۽ ڪي چوندا ته پنج هئا ڇهون سندن ڪتو هيو اهي اڻ ڏٺا اندازا آهن ۽ ڪي چوندا ست هئا ۽ اٺون سندن ڪتو هيو. تون چؤ ته منهنجو پروردگار سندن ڳاڻيٽي کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي. سواءِ چند ماڻهن جي انهن (جي تعداد) جو علم ڪنهن کي ناهي. سو تون انهن جي باري ۾ ڪنهن سان بحث نه ڪر سواءِ ان قدر جي جيڪو ظاهر ٿي چڪو آهي. ۽ انهن مان ڪنهن کان به سندن حال بابت نه پڇ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِگَھو چَون، ته ٽي ڄڻا، چوٿون سَگ سُڄاڻ، ڪي چون، ته پُورا پنج سي، ڇهون ڪُتو اُنهن ساڻ، ٺَلها ٺَپ ڳُجھ ۾، ۽ ڪي ڪَهن اِن اُهڃاڻ، ته سَت سڳورا پان ۾، ۽ اَٺون ڪُتو اُنهن جو. چئو، اُنهن جي انداز جو، سانيمِ سمجھدر، اَنگ نه ڄاڻن اُنهن جو، ڪي ڳاڻ ڳَڻيَنِ ڌار، مٿاڇَري مذڪور ري، تن ۾ نه ڪر تڪرار، ۽ تن جو پَتو پار، هِنن مان، مَ پُڇ، ڪِنهن هيڪڙي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪي چوندا ”اهي ٽي هئا، چوٿون سندن ڪتو هو“ ۽ ڪي چوندا ته ”پنج هئا، ڇهون سندن ڪتو هو.“ هڪ بي حقيقت ڳالهه داڦي رهيا آهن ۽ ڪي چوندا ”ست آهن اٺون سندن ڪتو آهي، چئو ته، ”منهنجو رب سندن ڳاڻيٽو خوب ڄاڻي ٿو، انهن کي تمام ٿورا ڄاڻن ٿا،“ سو تون ان بابت سرسري ڳالهه ڌاران وڌيڪ بحث نه ڪر، نڪي انهن بابت انهن مان ڪنهن کان پڇ. (_) ۽ تون ڪنهن به ڪم بابت انشاءَ الله چوڻ ڌاران ائين نه چوندو ڪر، ته ”آءُ ان کي سڀاڻي ڪندس“ ۽ جي اهو وسارين ته پنهنجي ڌڻيءَ کي ياد ڪر ۽ چئو ته سگهو ئي منهنجو ڌڻي مون کي هن کان به وڌيڪ ويجهي هدايت ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪي چوندا ته هو ٽي هئا چوٿون سندن ڪتو هو ۽ ٻيا چوندا ته پنج هئا ۽ ڇهون سندن ڪتو هو. اهي سڀ پيا ٿا ڌُڪا هڻن. ڪي ٻيا ماڻهو وري چون ٿا ته ست هئا ۽ اٺون سندن ڪتو هو. چؤ ته منهنجو رب ئي بهتر ٿو ڄاڻي ته هو ڪيترا هئا. ٿورڙا ئي ماڻهو سندن صحيح تعداد کي ڄاڻن ٿا، تنهنڪري ائين مڙيئي سرسري طرح ڪجهه چوڻ کان اڳتي وڌي ان باري ۾ ماڻهن سان بحث نه ڪر ۽ نڪي انهن بابت ڪنهن کان ڪجهه پــُـڇ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪي ماڻهو چوندا ته اهي ٽي ۽ چوٿون سندن ڪتو هو، ڪي ٻيا وري چوندا ته پنج هئا ۽ ڇهون سندن ڪتو هو، اهي سڀ بي تڪيون ڳالهيون آهن ۽ ڪي ماڻهو چون ٿا ته اهي ست هئا ۽ اٺون سندن ڪتو هو، (اي نبي!) تون چؤ، منهنجو رب ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته اهي ڪيترا هئا، اهو صحيح تعداد ڄاڻن ٿا ٿورڙا ئي ماڻهو، سو تون سرسري ڳالهه کان وڌيڪ انهن جي معاملي ۾ ماڻهن سان بحث نه ڪر، ۽ نه سندن باري ۾ وري ڪنهن کان به پڇ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انھن جي تعداد جي باري ۾) ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته غار وارا ٽي ھئا، چوٿون انهن جو ڪتو ھو، جڏهن ته ڪي ٻيا چون ٿا ته اُھي پنج ھئا ۽ ڇھون انهن جو ڪتو ھو، (بھرحال) انهن سڀني جون اهي ڳالهيون رڳو ڌُڪا آھن، ۽ وري ڪي (ٽيان) چون ٿا ته اُھي غار وارا ست ھئا ۽ اٺون انهن جو ڪتو ھو. (اي نبيﷺ!) کين چؤ ته انهن جو صحيح تعداد منھنجو پالڻھار ئي ڄاڻي ٿو باقي ماڻهن مان ڪي ٿورڙا ئي ماڻهو انهن جي تعداد ڄاڻن ٿا. (بھرحال) تون انهن جي تعداد جي باري ۾ تفصيلي بحث ۾ نه پؤ ۽ نه ئي غار وارن جي باري ۾ انهن ماڻهن کان پڇا ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَقولَنَّ لِشَا۟يءٍ إِنّى فاعِلٌ ذٰلِكَ غَدًا (آيت : 23) |
۽ ڪنھن ڪم لاءِ انشاءالله کانسواءِ نه چؤ ته آءٌ ھي سڀاڻي ڪندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪابه ڳالهه هجي ته ائين ڪڏهن به نه چئو ته، سڀاڻي مان اهو ڪم ڪري ڇڏيندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان هرگز ڪنهن ڳالهه لاءِ ايئن نه چئو ته بيشڪ آئون سڀاڻي اهو ڪم ڪندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون ڪنهن ڪم لاءِ ڪڏهن به نه چئو ته آءُ ان کي سڀاڻي ڪندس،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هرگز نه چئو ڪنهن شيءِ جي لاءِ ته بلاشڪ مان ڪندڙ اهو آهيان صبحاڻي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تون ڪنهن ڪم لاءِ ڪڏهن به نه چو ته آءُ ان کي سڀاڻي ڪندس، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪنهن به ڪم لاءِ هرگز ائين نه چؤ ته (يقينًا) آءٌ سڀاڻي اِهو ڪم ڪرڻ وارو آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِنهن ڪم لئي، نه ٻول ٻِيهار، ته آهٖيمِ ڪرڻو ڪالھ سو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون ڪنهن به ڪم بابت (انشاءَ الله چوڻ ڌاران) ائين نه چوندو ڪر، ته ”آءُ ان کي سڀاڻي ڪندس“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ها، ڪنهن شيءِ متعلق ائين ڪڏهن به نه چوندو ڪر ته مان سڀاڻي هيءُ ڪم ڪندس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏس! نه ڪنهن جي به باري ۾ ائين چوندو ڪر ته آئون سڀاڻي هي ڪم ڪندس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توھان ڪڏھن به ڪنھن ڪم ڪرڻ لاءِ هيئن نه چوندا ڪريو ته مان ھي ڪم سڀاڻي ڪندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَاذكُر رَبَّكَ إِذا نَسيتَ وَقُل عَسىٰ أَن يَهدِيَنِ رَبّى لِأَقرَبَ مِن هٰذا رَشَدًا (آيت : 24) |
۽ جڏھن پنھنجي پالڻھار کي وسارين (تڏھن تون اُن کي) ياد ڪر ۽ چؤ ته سگھوئي منھنجو پالڻھار ھن کان به ڏاڍي ويجھي سڌي ھدايت ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سواءِ هن جي جو سمجهي ڇڏيو ته ٿيندو اهوئي جو الله تعاليٰ چاهيندو ۽ جڏهن ويسر ٿيئوَ ته وري الله جي يادگيري تازي ڪري چئو ته، اميد آهي ته منهنجو پروردگار هن کان به زياده ڪاميابيءَ جي راهه منهنجي لاءِ کولي ڇڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انشاء الله چوڻ کانسواءِ، ۽ جنهن وقت توهان کي ويسر ٿئي ته الله کي ياد ڪريو، ۽ توهان فرمايو ته عنقريب مون کي منهنجو رب ان کان بهتر رستو عطا ڪندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر (ائين چئو ته) جي خدا گهريو ته سڀاڻي ڪندس ۽ جيڪڏهن انشاءَ الله چوڻ ڀلجي وڃين ته (جڏهن ياد اچئي) پنهنجي پالڻهار کي ياد ڪر (انشاءَ الله چئو) ۽ چئو ته اميد آهي ته منهنجو رب مون کي اهڙي ڳالھ جي رهنمائي فرمائي جا واٽ ڏيکارڻ ۾ هن کان به وڌيڪ ويجهي هجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر هي جو گھري الله ۽ ياد ڪر رب پنهنجو جڏهن وساريو تو ۽ چئو ته ويجھو آهي جو هدايت ڪري مون کي رب منهنجو تانته ويجھو ٿيان مان هن کان وڌيڪ هدايت کي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر (ائين چو ته) جي الله گهريو (ته ڪندس). ۽ پنهنجي پاليندڙ کي ياد ڪر جنهن وقت ڀلجي وڃين ۽ چو ته اميد آهي سچ ڏانهن هن کان وڌيڪ ويجهي واٽ مون کي منهنجو پاليندڙ ڏيکاريندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پر (ائين چؤ ته) جي الله گهريو. (يعني انشاءَ الله چؤ) ۽ پنهنجي پالڻهار ياد ڪر جنهن وقت وسارين ۽ چؤ ته: ”اميد آهي ته منهنجو پروردگار مون کي ان کان (به) وڌيڪ ويجهي هدايت جي راهه ڏيکاريندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر گُھري، جي مُون ڌڻي، اِنشاءَ الله هارِ، ۽ جڏهن پَنهن جو پالڻهار، وِساريئـِي، ته ورِي سارتون. ۽ چئو، آهيان اُميدوا، ته دڳ ڏَسِنيدمِ مون ڌڻي، ويجھو ٿِيان مَنجھ وار، سُونهپ هِن کان، صاف کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي اهو وسارين ته پنهنجي ڌڻيءَ کي ياد ڪر ۽ چئو ته سگهو ئي منهنجو ڌڻي مون کي هن کان به وڌيڪ ويجهي هدايت ڪندو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (توهان ڪجهه نٿا ڪري سگهو) مگر جيئن الله گهري. جيڪڏهن ويسر ۾ اهڙي ڳالهه زبان مان نڪري وڃئي ته هڪدم پنهنجي رب کي ياد ڪر ۽ چؤ ته "اميد ته منهنجو رب هن معاملي ۾ هدايت جي وڌ ۾ وڌ ويجهي ڳالهه ڏانهن منهنجي رهنمائي ڪندو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (تون ڪجهه نٿو ڪري سگهين) پر جيئن الله گهري، جيڪڏهن ڀُل ۾ اها ڳالهه زبان مان نڪري وڃي ته هڪدم پنهنجي رب کي ياد ڪري چؤ، اميد ته منهنجو رب ان معاملي ۾ منهنجي رهنمائي ڪندو هدايت جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بلڪ (هيئن چوندا ڪريو ته) جيڪڏھن اللھ تعالى چاھيو ته (مان اھو ڪم ڪندس يعني ان شاءَاللھ تعاليٰ چوندا ڪريو) پر جيڪڏھن ان باري ۾ ڪا ويسر ٿي وڃي ته فوراً پنھنجي پالڻھار کي ياد ڪريو ۽ چؤ ته مون کي پڪي اميد آھي ته منھنجو پالڻھار ان وسريل شيءِ ڏانھن جلد ئي منهنجي رھنمائي ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَبِثوا فى كَهفِهِم ثَلٰثَ مِا۟ئَةٍ سِنينَ وَازدادوا تِسعًا (آيت : 25) |
۽ اُھي پنھنجي غار ۾ ٽن سون ورھن کان وڌيڪ نَو ورھ رھيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (چون ٿا ته) هو (غار جا سنگتي) ٽي سئو سالن تائين غار ۾ رهيا ۽ ماڻهن (وري ان ۾) نو سال ٻيا به وڌايا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اصحابِ ڪهف پنهنجي غار ۾ ٽي سؤ نَوَ (309) سال رهيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اصحاب ڪهف پنهنجي غار ۾ ٽي سو ورنهن رهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رهيا غار پنهنجي ۾ ٽي سؤ سال ۽ وڌيا نو سال .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي پنهنجي غار ۾ ٽي سو ورهه ۽ نوَ ورهه (ٻيا) وڌيڪ رهيا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي (اصحابِ ڪهف) پنهنجي غار ۾ ٽي سو سال رهيا ۽ انهن نَوَ (سال) ٻيا وڌايا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٽي سؤگھاريئون غار ۾، ورهيه نَو ويتر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (چون ٿا)، ته ”هو غار ۾ ٽي سؤ ورهيه رهيا ۽ نوَ ٻيا وڌايائون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هو پنهنجي غار ۾ ٽي سؤ سال رهيا ۽ (ڪي ماڻهو سالن جي ليکي ۾) نو سال اڃان به وڌيڪ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي رهيا پنهنجي غار ۾ ٽي سؤ سال (۽ ڪي ماڻهو ڳاڻاٽي ۾) اڃا به سال مدت وڌائن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي نوجوان غار ۾ ٽي سؤ سال رھيا ۽ ڪن وري انهن جي رھڻ ۾ نَوَ سال اڃا به وڌائي ڇڏيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما لَبِثوا لَهُ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَبصِر بِهِ وَأَسمِع ما لَهُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا يُشرِكُ فى حُكمِهِ أَحَدًا (آيت : 26) |
(جيڪڏھن اُھي نه مڃين ته) چئو ته جيڪي رھيا سو الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، اُن کي آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ (معلوم) آھي، ڪھڙو عجيب ڏسندڙ ۽ ڪھڙو عجيب ٻڌندڙ آھي، اُن کانسواءِ ڪو انھن جو مددگار نه آھي، ۽ پنھنجي حُڪم ۾ ڪنھن ھڪ کي ڀائيوار نه ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئه ته الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته هو ڪيتري مدت رهيا، هو آسمان ۽ زمين جون سڀ لڪل ڳالهيون ڄاڻي ٿو. وڏو ئي ڏسندڙ ۽ وڏو ئي ٻڌندڙ آهي. هن کان سواءِ ماڻهن جو ڪوبه ڪارساز ڪونهي ۽ نه هو پنهنجي حڪم ۾ ڪنهن کي به شريڪ ٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو الله تعالى کي وڌيڪ علم آهي جيترو اُهي رهيا، الله تعالى لاءِ آسمانن ۽ زمينن جو غيب آهي اهو بهتر ڏسي ۽ ٻڌي ٿو، ۽ انهن لاءِ الله تعالى کانسواءِ ڪوبه مددگار ناهي، ۽ الله جي حڪم ۾ سندس ڪوبه شريڪ ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) جيڪڏهن اهي ماڻهو نه مڃين ته کين) چئو ته جيترو رهيا تنهن کي الله زياده ڄاڻي ٿو. آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ان وٽ آهي. (الله اڪبر) اهو ڪهڙو نه ڏسندڙ آهي. ان کانسواءِ سندن ڪو به والي (وارث) نه آهي ۽ پنهنجي حڪم ۾ ڪنهن کي شريڪ نه ٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪو وقت رهيا ان جي لاءِ آهي ڳجھ آسمانن ۽ زمين وارو ڪهڙو عجيب ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ آهي ناهي انهن جي لاءِ ان کان سواءِ ڪو مددگار ۽ نه ٿو شريڪ بنائي حڪم پنهنجي ۾ ڪنهن هڪ کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چو ته جيترو رهيا تنهن کي الله زياده ڄاڻندڙ آهي. آسمانن ۽ زمين جو ڳجهه ان وٽ آهي. هو ڪهڙو نه ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ آهي. ان کان سواءِ انهن جو ڪو به مددگار نه آهي ۽ پنهنجي حڪم ۾ ڪنهن کي شريڪ نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيترو رهيا. آسمانن ۽ زمين جا سڀ ڳُجهه ان جي علم ۾ آهن. اهو ڇا خوب ڏسڻ وارو! ڇا خوب ٻڌڻ وارو آهي! انهن (آسمانن ۽ زمين وارن ) لاءِ ان کان سواءِ ڪوبه ڪارساز ڪونهي ۽ نه اُهو پنهجي حڪم ۾ ڪنهن کي شريڪ ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، جيڪي گھاريئون غار ۾، تِنهن جِي خالق کي خبر، آهن ڳُجھ اُنهِي لئي، اُڀ ۽ ڀون اَندر، ڏاڍو ڏِسندڙ پاڻ ٿيو، پڻ سُڻندڙ سَربَسر، ته اُن ري، ناهي اُنهن لئي، ٻِيلي ڪوبه ٻِيهر، ۽ پَٽياري نه ڪري، ڪِنهن پَر سَندسِ حُڪم ۾ ڪنهن هيڪڙي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته الله انهن جي رهڻ جي مدت کي بهتر ڄاڻي ٿو. سڀني آسمانن ۽ زمين جو ڳجهه ان کي معلوم آهي. وڏو ڏسڻ وارو ۽ وڏو ئي ٻڌڻ وارو آهي. سندن خدا ڌاران ٻيو ڪو به مددگار نه آهي، نڪي هو ڪنهن کي پنهنجي حڪم ۾ شريڪ ڪر ي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون چؤ ته "الله انهن جي رهڻ واري عرصي کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو، آسمانن ۽ زمين جا سڀ ڳجهه کيس ئي معلوم آهن. ڪهڙو نه تيز ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ آهي. سڄي مخلوق جي سار سنڀال لهندڙ، هن کانسواءِ ٻيو ڪوبه مددگار ڪونهي ۽ هو پنهنجيءَ حڪومت ۾ ڪنهن کي به شريڪ نٿو ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تون چؤ، الله انهن جي رهڻ جي مدت کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو، اهو ئي سڀ ڳجها احوال آسمانن ۽ زمين جا ڄاڻي ٿو، هو ڪيڏو نه بهترين آهي ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ! (زمين ۽ آسمان جي مخلوق جي سار سنڀال لهندڙ) ان کان سواءِ ڪو به ناهي ۽ اهو شريڪ نٿو ڪري پنهنجي حڪومت ۾ ڪنهن کي ڀي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) کين چؤ ته انهن جي غار ۾ رھڻ واري عرصي کي اللھ تعالى ئي خوب ڄاڻي ٿو، آسمانن ۽ زمين جا لڪيل راز ان کي ئي معلوم آھن. ھو انتھائي باريڪبينيءَ سان ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ آھي. اُن کان سواءِ ٻيو ڪير به انهن جو مددگار ناھي ۽ ھو پنھنجي اختيارن ۾ ڪنھن ھڪ کي به شريڪ نه ڪندو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن كِتابِ رَبِّكَ لا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِهِ وَلَن تَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 27) |
۽ تنھنجي پالڻھار جي ڪتاب مان جيڪي توڏانھن وحي ڪيو ويو سو پڙھ، سندس حُڪم کي ڪا ڦير ڦار نه آھي، ۽ اُن کانسواءِ تون ڪا واھ نه لھندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) تنهنجي پروردگار جو ڪتاب جو توتي وحي طور نازل ڪيو ويو آهي، تنهن جي پڙهڻ (۽ ان تي عمل ڪرڻ) ۾ لڳو رهه. الله جون ڳالهيون ڪوبه ڦيرائي نٿو سگهي. ۽ توکي هن کان سواءِ ڪوبه پناهه جو سهارو ملڻو ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان قرآن ڪريم جي تلاوت ڪريو، الله تعالى جي ڳالهين کي ڪير به تبديل نٿو ڪري، ۽ هرگز نه لهندا توهان ان کانسواءِ ڪنهن پناه کي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) جيڪو ڪتاب تنهنجي پالڻهار جي طرفان تو ڏي وحي جي ذريعي نازل ڪيل آهي سو پڙهي ٻڌائين! ان جي ڳالھين کي ڪو به بدلائي نه ٿو سگهي ۽ ان کان سواءِ تو کي ڪا پناھ جي جاءِ نه ملندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پڙھ اهو جيڪو وحي ڪيو ويو تو ڏانهن تنهنجي رب جي ڪتاب مان ناهي ڪو مٽائيندڙ فرمانن ان جي کي ۽ هرگز نه لهندين تون ان کان سواءِ ڪا بچڻ واري جاءِ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو تنهنجي پاليندڙ جو ڪتاب تو ڏي وحي ڪيو ويو آهي سوپڙهي ٻڌاءِ. ان جي ڳالهين کي ڪوبه بدلائڻ وارو نه آهي. ۽ ان کان سواءِ توکي ڪا پناهه جي جاءِ نه ملندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پڙهه جيڪو تنهنجي پالڻهار جي ڪتاب مان تو ڏانهن وحي ڪيو ويو آهي ان جي ڪلام کي ڪو بدلائڻ وارو ڪونهي. ۽ تون ان کان سواءِ ڪا پناهه جي جاءِ نه لهندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَڙھ، جيڪو تو پار، وَحِي ڪيو ٿو وَڃي، تُنهنجي پَرور پاڪ جي، مُصحف مان، موچار، هرگز جنهن جي، حُڪمن ۾، ناهي ڦيرڦاڙ، ۽ دائـِم تِنهن کان ڌار، لِڪ نه لهندِين لوڪ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تو وٽ جيڪو ڪتاب تنهنجي رب وٽان وحي ٿيو آهي اهو پڙهندو رهه، ان جي ڳالهين کي ڪو بدلي نٿو سگهي ۽ تون ان ڌاران ٻي پناهه جي جاءِ نه لهندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! تنهنجي رب جي ڪتاب مان جيڪي به توڏي وحي ڪيو ويو آهي، تنهن کي (جيئن آهي تيئن) ٻڌائيندو ڪر، سندس فرمودن کي بدلائڻ جو حق ڪنهن کي به ناهي (تون جيڪڏهن انهن کي بدلائيندين ته) کانئس بچي وڃڻ لاءِ ڪا به پناهه جي جاءِ نه لهندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) جيڪو ڪجهه توتي وحي ڪيو ويو آهي ڪتاب ۾ تنهنجي رب طرفان، ان کي ائين ئي ٻڌاءِ ڪو حقدار ناهي بدلائڻ جو (ڪنهن جي ڪري جي ان ۾ ڦير ڦار ڪندين) ته ان (الله) کان بچڻ جي ڪابه راهه نه ڏسندين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) جيڪا شيءِ تنھنجي پالڻھار جي ڪتاب مان توهان ڏانھن وحي ڪئي وڃي ٿي سا ماڻهن کي تلاوت ڪري ٻڌاءِ ۽ ڪير به ان جي ڳالهين کي ڦيرائي نٿو سگهي (ڦيرائڻ جي صورت ۾) توهان کي ان کان سواءِ ٻي ڪابه پناھ جي جاءِ نه ملي سگهندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاصبِر نَفسَكَ مَعَ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ وَلا تَعدُ عَيناكَ عَنهُم تُريدُ زينَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلا تُطِع مَن أَغفَلنا قَلبَهُ عَن ذِكرِنا وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ وَكانَ أَمرُهُ فُرُطًا (آيت : 28) |
۽ پاڻ کي انھن سان صبر ۾ رک جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صُبح ۽ سانجھيءَ جو ياد ڪندا آھن (۽) سندس رضا مندي گھرندا آھن ۽ (گھرجي ته) تنھنجون اکيون دُنيا جي حياتيءَ جي سينگار جو ارادو رکي انھن (ياد ڪندڙن) کان (ٻئي پاسي) نه واجھائين، ۽ انھيءَ جي فرمانبرداري نه ڪر جنھن جي دل اسان پنھنجي ياد ڪرڻ کان غافل ڪئي ۽ پنھنجي خواھش جي پٺيان لڳو ۽ سندس ڪم حد کان وڌيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو صبح شام پنهنجي پروردگار کي پڪاريندا رهن ٿا، ۽ هن جي محبت سان ڀرپور آهن تن جي صحبت تي خوش ۽ راضي رهه. انهن کان پنهنجي نگاهه ڦيرائي نه ڇڏ، جو وڃي دنيوي زندگيءَ جون رونقون ۽ زينتون ڳولڻ لڳن. جنهن ماڻهوءَ جي دل کي اسان پنهنجي يادگيريءَ کان غافل ڪري ڇڏيون (يعني اسان جي ٺهرايل قانون مطابق جنهن جي دل غافل ٿي ويئي) ۽ جيڪو پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳو، تنهن ماڻهوءَ جي ڳالهين تي ڪن نه ڏي. هنن جو معاملو حد کان ٻاهر نڪري ويو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان پنهنجي وجود کي انهن مسڪين اصحابن سان گڏ رکو جيڪي پنهنجي رب جي صبح ۽ شام عبادت ڪن ٿا، اهي پنهنجي عبادت الله تعالى جي رضامندي لاءِ ڪن ٿا ۽ توهان انهن کان پنهنجو توجه نه هٽايو، ڇا توهان دنيا جي زندگي جي زينت طلب ڪريو ٿا، ۽ انهن جي چوڻ ۾ نه اچو جن جون دليون اسان جي ذڪر کان غافل آهن ۽ اهي پنهنجي خواهش موجب هليا ۽ سندس ڪم حد کان وڌي ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) پاڻ کي انهن سان گڏ روڪي رک جيڪي پنهنجي پالڻهار کي صبح ۽ شام جو سڏين ٿا، سندس رضامندي گهرن ٿا ۽ انهن کان پنهنجي نظر نه ڦيرائي جو تون دنيوي زندگيءَ جي سينگار جي خواهش ڪرڻ لڳين. ۽ ان جو چيو نه مڃ جنهن جي دل کي اسان پنهنجيءَ ياد کان غافل ڪيو ۽ اهو پنهنجي خواهش جي پٺيان لڳل آهي ۽ سندس ڪم حد کان لنگهيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ روڪي رک پنهنجي پاڻ کي گڏ انهن سان جيڪي دعائون گھرن ٿا رب پنهنجي کان صبح ۽ شام ارادو ٿا ڪن ان جي ذات جو ۽ نه هٽن اکيون تنهنجيون انهن کان ارادو ٿو ڪرين سينگار حياتيءَ دنيا واريءَ جو ۽ نه چوڻ ڪر ان جو جيڪو غافل بنائي سون دل ان جي پنهنجي ذڪر کان ۽ تابع ٿيو پنهنجي خواهش جو ۽ آهي معاملو ان جو حد کان چڙهيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پاڻ کي انهن سان گڏ روڪي رک جيڪي پنهنجي پاليندڙ کي صبح ۽ شام جو سڏين ٿا، سندس رضا مندي گهرن ٿا ۽ دنيا جي حياتيءَ جي سنيگار جو ارادو ڪري تنهنجيون اکيون انهن کان نه ڦرن. ۽ ان جو چيو نه مڃ جنهن جي دل کي اسان پنهنجي ياد کان غافل ڪيو ۽ اهو پنهنجي خواهش جي پٺيان لڳو ۽ سندس ڪم حد کان لنگهيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجو پاڻ کي انهن ماڻهن سان گڏ ٽڪائي رک جيڪي صبح شام پنهنجي پالڻهار کي سڏن ٿا ان جي رضا چاهن ٿا ۽ پنهنجون اکيون انهن کان نه ڦيراءِ، ڇا تون دنياوي حياتي جو سينگار چاهين ٿو ۽ ان ماڻهو جي فرمانبرداري نه ڪر جنهن جي دل اسان پنهنجي ياد کان غافل ڪئي آهي اُهو پنهنجي خواهش جو تابع ٿيو ۽ ان جو معاملو حد کان ٽَپِيلُ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَھل پَنهنجي جانِ کي، ڀيڙو ڀَلارن، گڏ، جي سَندسِ سائـِين پاڪ کي، ڪن صُبح، سانِجھيءَ سَڏ، گُھرن هَميشه هَڏ، رَضامندو اُن رَبَّ جو. ۽ اکيون ڦيرمَ اُنهن ڪنان، گُھرِين ٿو گوهر! هِن حياتِيءَ ذليل جو ٺاٺ ٺلهو ٺيٺر، ۽ مَڃ نه تنهن کي مُورهِين، مَن جنهِين مُنڪر، ڪيوسون اَسان جي، ياد کان، ويسلو ويتر، ۽ هوائـِي ٿِي هليو، سَندسِ سکڻـِيءَ سَڌ سِر، ۽ آهي اَصل ٻاهر، حال جنهن جو حَد کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون پاڻ کي انهن سان گڏ رک، جي صبح ۽ شام پنهنجي رب کي راضي رکڻ لاءِ کيس پڪارين ٿا ۽ دنيا ئي زندگيءَ جي رونق جي خيال کان پنهنجي اکين کي انهن کان نه هٽاءِ ۽ اهڙي ماڻهوءَ جو چيو نه مڃ، جنهن جي دل کي اسان پنهنجي يادگيريءَ کان غافل رکيو آهي، هو سندس خواهشن تي هلي ٿو ۽ ان جو حال حد کان اڪريل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پنهنجو پاڻ کي انهن ماڻهن جي ساٿ تي راضي ڪري ڇڏ، جيڪي پنهنجي رب جي رضا جا طلبگار بڻجي صبح شام کيس سڏين ٿا ۽ انهن کان پنهنجي نظر نه ڦيراءِ . ڇا تون دنيا جي سونهن سوڀيا کي پسند ڪرين ٿو؟ ڪنهن به اهڙي شخص جي پيروي نه ڪر، جنهن جي دل کي اسان پنهنجي ياد کان غافل ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪو پنهنجي نفساني خواهشن جي ڪڍ لڳي پيو آهي ۽ سندس ڪم (حدن کان) لنگهي ويل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پنهنجي دل کي انهن ماڻهن جي ساٿ تي مطمئن ڪر، جيڪي پنهنجي رب جي رضا جا طالب رهي صبح ۽ شام کيس پڪاريندا رهن ٿا ۽ انهن کان (ڪڏهن ڀي) نظر نه ڦيريندو ڪر، ڇا تون دنيا جي سينگار کي پسند ڪرين ٿو؟ ۽ ڪنهن جي اطاعت نه ڪر جنهن جي به اسان غافل ڪئي دل پنهنجي ياد کان ۽ اطاعت ڪئي اٿس پنهنجي نفس جي ۽ جنهن جو طريقو ئي گمراهي وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ! مڪي جي سردارن کي ڇڏي) پنھنجو پاڻ کي انهن ماڻهن ڏي مائل رک جيڪي صبح ۽ شام پنھنجي پالڻھار جي رضا کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳل آھن، انهن کان تنھنجون نگاھون هرگز نه ڦرن. ڇا تون دنيا جو سينگار ۽ ٺٺ ٺانگر چاھين ٿو ۽ تون ڪنھن به اھڙي ماڻهوءَ جي پويان نه لڳ، جنھن جي دل کي اسان پنھنجي ياد کان پري ڪري ڇڏيو آھي. ھي ماڻهو رڳو پنھنجي ذاتي خواھشن جي پويان لڳل آھن ۽ انهن جا سمورا ڪم به حد کان لنگهيل آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقُلِ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَن شاءَ فَليُؤمِن وَمَن شاءَ فَليَكفُر إِنّا أَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ نارًا أَحاطَ بِهِم سُرادِقُها وَإِن يَستَغيثوا يُغاثوا بِماءٍ كَالمُهلِ يَشوِى الوُجوهَ بِئسَ الشَّرابُ وَساءَت مُرتَفَقًا (آيت : 29) |
۽ چؤ ته (اھو سخن) اوھان جي پالڻھار وٽان (آيل) سچ آھي، پوءِ جنھن کي وڻي سو ايمان آڻي ۽ جنھن کي وڻي سو نه مڃي، اسان ظالمن لاءِ باھ تيار ڪئي آھي (۽) اُن جا پردا اُنھن کي ويڙھيندا، ۽ جيڪڏھن فرياد ڪندا ته انھن جي فرياد اھڙي پاڻيءَ سان ورائي ويندي جو پگھاريل ٽامي وانگر ھوندو سندن منھن کي ڀڃندو، اُھو بڇڙو پيڻ آھي، ۽ بڇڙو آرام جو ھنڌ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ چئي ڏي ته سچائي اوهان جي رب جي طرف کان آهي. هاڻي جنهن کي وڻي سو مڃي، جنهن کي نه وڻي سو مڃي. اسان ظالمن جي لاءِ اهڙي باهه تيا ڪري رکي آهي، جنهن جون چادرون چئني ئي طرفن کان هنن کي وڪوڙي وينديون. هو پاڻيءَ جي لاءِ رڙيون ڪندا ته انهن جي جواب ۾ اهڙو پاڻي ملندن جهڙو پگهريل شيهو. اهو هنن جو وات (گرميءَ کان) پچائي ڇڏيندو. پوءِ ڪهڙي نه خراب شيء پيئڻ لاءِ هنن کي ملندي ۽ ڪهڙي نه خراب جاءِ ويهڻ لاءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان فرمايو ته حق توهان جي رب طرفان آهي، پوءِ جيڪو چاهي سو ڀلي ايمان آڻي ۽ جيڪو چاهي سو ڀلي ڪفر اختيار ڪري، بيشڪ اسان ظالمن لاءِ باه تيار ڪئي آهي، انهي باه جون ديوارون انهن کي گھيري ۾ وٺنديون، ۽ اهي جيڪڏهن پاڻي گھرندا ته کين ڌات وانگر ٽهڪيل پاڻي ڏنو ويندو جيڪو سندن مُنهن کي ساڙي ڇڏيندو، ڪهڙو نه خراب پاڻي آهي، ۽ دوزخ ڪهڙي نه خراب جاءِ آهي رهڻ جي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) چئو ته سچي ڳالھ (توحيد جوڪلمون) اوهان جي پالڻهار جي طرفان نازل ٿي چڪي آهي پوءِ جنهن کي وڻي ته ايمان آڻي ۽ جنهن کي وڻي انڪار ڪري، (پر) بيشڪ اسان ظالمن لاءِباھ تيار ڪئي آهي جنهن جو دونهون کين گهيرو ڪندو. ۽ جيڪڏهن فرياد ڪندا ته سندن فرياد رسي پگهريل ٽامي جهڙي پاڻي سان ڪئي ويندي جو منهن کي ڀڃي ڇڏيندن. اها ڪهڙي بڇڙي پيئڻ جي شيءِ آهي ۽ (دوزخ به) ڪهڙي بڇڙي جڳھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فرماءِ ته حق اوهان جي رب جي طرفان آهي پوءِ جيڪو گھري ته پوءِ ڀلي ايمان آڻي ۽ جيڪو گھري پوءِ ڀلي ڪفر ڪري بيشڪ اسان تيار ڪيو سون ظالمن جي لاءِ باھ کي جو گھيرو ڪيو انهن سان ڀتين ان جي ۽ جيڪڏهن اڃ جي دانهن ڪندا ته پياريا ويندا پاڻي پگھريل ٽامي جهڙو ڀُڃندو منهن کي برو آهي پيئڻ ۽ بري رهڻ جي جاءِ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چو ته (هي) سچي ڳالهه اوهان جي پاليندڙ جي طرفان آهي پوءِ جنهن کي وڻي ته ايمان آڻي ۽ جنهن کي وڻي ته انڪار ڪري. بيشڪ اسان ظالمن لاءِ باهه تيار ڪئي آهي جنهن جو دوهون کين گهيرو ڪندو. ۽ جيڪڏهن (پاڻيءَ لاءِ) فرياد ڪندا ته سندن فرياد رسي پگهريل ٽامي جهڙي پاڻيءَ سان ڪئي ويندي جو مُنهن کي ڀُڃي ڇڏيندن. اها ڪهڙي بڇڙي پيڻ جي شيءَ آهي! ۽ اها (باهه) ڪهڙي آرام لاءِ بڇڙي جاءِ آهي! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چؤ ته حق اوهان جي پالڻهار جي طرفان آهي. پوءِ جو چاهي ايمان آڻي ۽ جو چاهي ڪفر ڪري بيشڪ اسان ظالمن لاءِ باهه تيار ڪئي آهي. جنهن جون قناتون انهن کي گهيري وٺنديون. ۽ جيڪڏهن اُهي (پاڻي لاءِ) پڪاريندا ته انهن جي فرياد رسي پگهريل ٽامي جهڙي پاڻي سان ڪئي ويندي جيڪو چهرن کي ڀُڃي ڇڏيندو. ڪهڙي نه بڇڙي پيئڻ جي شيءِ آهي! ۽ ڪهڙي نه بڇڙي آرام گاهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، سَچ اوهان جي، سائينء کان، ٻِيا سَڀ ٺلها ٺاھ، پوءِ وڻيسِ، سو وِسهي، وَڻيسِ، ڦِري وِڻاھ، سَنڀائـِي سون صُباح، آگَيٽندڙن لئي، آگنِي. ڀيڙيا ڀِتين تِنهن، جي واڪا ڪن ووءِ، ۽ ٽامي پَگھارِيل جِھڙو، پاڻِي مِلندن پوءِ، مَچ تنين جا مُنهڙا، ڀُڃي ڪندو بَدبوءِ، بُڇڙو سرڪڻ سوءِ، پڻ اُهکو اِرڪ ڏِيڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چئه ته هي سچو دين توهان جي رب وٽان آيل آهي، سو جنهن کي وڻي ته ايمان آڻي جنهن کي وڻي سو ڪافر رهي، بيشڪ اسان اهڙن ظالمن لاءِ باهه تيار ڪري رکي آهي جو ان جا پردا انهن کي ويڙهي وٺندا ۽ جيڪڏهن فرياد ڪندا، ته پگهريل ٽامي جهڙي پاڻيءَ سان سندن اڃ لاهبي، جو سندن منهن ڀڃندو، ڪهڙو نه بڇڙو پاڻي هوندو، ڪهڙ ي نه بڇڙي جاءِ! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چؤ ته هيءُ حق ئي آهي، توهانجي رب جي طرفان. هاڻي جنهن جي دل گهري ايمان آڻي ۽ جنهن کي وڻي انڪار ڪري ڇڏي. اسان (انڪار ڪرڻ وارن) ظالمن لاءِ باهه تيار ڪري ڇڏي آهي، جنهن جون ڄڀيون کين وڪوڙي وينديون، اتي جيڪڏهن هو پاڻي گهرندا ته اهڙي پاڻيءَ سان سندن گهرج پوري ڪئي ويندي، جيڪو پگهريل ٽامي وانگر هوندو ۽ مــُـنهن ڀڃي ڇڏيندن. پيئڻ لاءِ خراب ۾ خراب شيءِ ۽ آرام ڪرڻ لاءِ نهايت برو هنڌ! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تون صاف صاف چئي ڏي ته هي ح تنهنجي رب جي طرفان آهي، هاڻي جنهن جي دل گهري ته مڃي ۽ جنهن جي دل مطمئن نه ٿئي (انڪار ڪري) ته اسان تيار ڪئي آهي اهڙن ئي ظالمن جي لاءِ باهه، جنهن جون ڄڀيون انهن کي گهيرو ڪري چڪيون آهن ۽ اتي جيڪڏهن اهي پاڻي به گهرندا ته اهڙي پاڻيءَ سان سندن خدمت ڪئي ويندي (شاندار) جو اهو تيل جي گيرٺ جهڙو، وات ئي ساڙي ڇڏيندو، بدترين پيئڻ جي شيءِ ۽ بري آرامگاهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته ھي سچي ڳالھ توھان جي پالڻھار جي طرف کان آھي. ھاڻي جنھن کي وڻي ايمان آڻي ۽ جنھن کي وڻي ڪفر ڪري، بيشڪ اسان ظالمن لاءِ اھڙي باهه تيار ڪئي آھي جنھن جا اُلا (ڀَڀَڙ) کين گهيري ۾ آڻي چڪا آھن ۽ جيڪڏھن اُھي پاڻي گهرندا ته کين پگهريل ٽامي جھڙو ٽچڪيل پاڻي ڏنو ويندو جيڪو سندن چھرن کي ئي ساڙي ڇڏيندو، پيئڻ لاءِ انتھائي خراب شيءِ ۽ وري رھڻ لاءِ به انتھائي بري جڳھ ھوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ مَن أَحسَنَ عَمَلًا (آيت : 30) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ته جنھن چڱو ڪم ڪيو آھي تنھن جو اجر اسين نه وڃائينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا (تن لاءِ ڪوبه انديشو ڪونهي) جنهن به چڱا ڪم ڪيا هوندا تنهن جو اجر اسان ڪڏهن ضايع نه ڪنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا بيشڪ اسين نيڪوڪارن جا سهڻا عمل ضايع نٿا ڪريون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا چڱا ڪم ڪندا رهيا ته اسين ڪڏهن به چڱي ڪم ڪندڙ جي اجر کي اڪارت نٿا ڪريون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون بلاشڪ اسين نه ٿا ضايع ڪيون اجر ان جو جنهن سهڻا عمل ڪيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ته پوءِ جنهن چڱو ڪم ڪيو تنهن جو اجر اسين نه وڃائينداسون، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون بيشڪ اسان ان ماڻهو جو اجر نه ٿا وڃايون جيڪو چڱا عمل ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن آندو اِعتبار، ۽ چڱا ڪيائون ڪَمڙا، تن جو نه وِڃايون وار، جِنهن صَفاسهُڻا ڪم ڪيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، ته اسين اهڙن جو اجر چٽ نه ڪنداسون، جي عملن ۾ چڱا هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ چڱا عمل ڪندا ته پوءِ بيشڪ اسان سهڻن عملن وارن جو اجر نه وڃائيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي مڃين ۽ عمل سٺا ڪن، ته بيشڪ اسان ڪڏهن به ضايع نه ڪندا آهيون نيڪ ماڻهن جو ڪوبه عمل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، يقينًا اسان نيڪوڪارن جي اجر کي ضايع نه ڪندا آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ لَهُم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَيَلبَسونَ ثِيابًا خُضرًا مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ نِعمَ الثَّوابُ وَحَسُنَت مُرتَفَقًا (آيت : 31) |
اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ ھميشگيءَ جا بھشت (ھوندا) جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سونن ڪنگڻن جا زيور انھن کي پارايا ويندا ۽ سَنھي ۽ ٿُلھي پٽ جي سائي پوشاڪ ڍڪيندا (۽) اتي تختن تي تڪيو لائي وھندا، اِھو بدلو چڱو آھي، ۽ آرام جي جاءِ به چڱي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ئي ماڻهو آهن جن جي لاءِ دائمي باغ هوندا ۽ باغن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون. اهي (بادشاهن وانگر) سون جا ڪنگڻ پائي، سبز ريشم جا باريڪ ۽ ٿلها ڪپڙا پهري ڪوچن تي ٽيڪ ڏيئي ويهندا. ڪهڙو نه چڱو ثواب! (يعني انعام يا بدلو) ۽ ڪهڙي نه چڱي جاءِ!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ بهشت جا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون انهن کي بهشت ۾ سون ۽ چاندي جا ڪنگڻ پارايا ويندا ۽ انهن کي ساوا ڪپڙا پارايا ويندا جيڪي سنهي ۽ ٿلهي ريشم جا هوندا، اهي بهشت ۾ تختن تي ٽيڪون هڻي ويٺل هوندا، ڪهڙو نه بهترين ثواب آهي ! ۽ بهشت ڪهڙي نه بهترين رهڻ جي جاءِ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهي آهن جن جي (رهڻي ڪهڻي) لاءِ سدا بهار (بهشت جا) باغ آهن جن جي (جاين) هيٺان واھ وهندا هوندا اتي کين چمڪندڙ ڪندن جا ڪنگن پهرايا ويندا ۽ سنهي ۽ ٿلهي ريشم جا ساوا ڪپڙا ڍڪيندا، اهي پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا. اهو ڪهڙو نه چڱو بدلو آهي. ۽ (بهشت به آسائش جي ڪهڙي نه سٺي جڳھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي انهن جي لاءِ بهشت هميشہ رهڻ وارا آهن وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون پارايا ويندا انهن ۾ ڪنگڻ سون جا ۽ ڍڪيندا ڪپڙا ساوا سنهي ريشم مان ۽ ٿلهي ريشم مان ٽيڪ ڏيندڙ انهن ۾ جڙيلن پلنگن تي ڀلو ٿيو ثواب ۽ سهڻي آرام گاھ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن لاءِ رهڻ جا باغ آهن سندن (جاين جي) هيٺان واهه وهندا، اتي کين سون جا ڪنگڻ پارايا ويندا ۽ سنهي ۽ ٿلهي ريشم جا ساوا ڪپڙا ڍڪيندا، انهن ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا. اهو ڪهڙو چڱو بدلو آهي! ۽ باغ آرام لاءِ ڪهڙي چٽي جاءِ آهن! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ماڻهن لاءِ سدا بهار باغَ آهن انهن جي (ماڙين جي) هيٺان کان نهرون وهن ٿيون. اتي انهن کي سون جا ڪنگڻ پارايا ويندا ۽ اُهي سائي رنگ جي نرم ۽ باريڪ ۽ ٿُلهي ريشم جا لباس پائيندا. اتي تختن مٿان ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا. ڪهڙو نه ڀلو بدلو آهي. ۽ ڪيڏي حسين آرامگاهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي ئي آهن، اُنهن جون، ڀيڻيون باغ بهار، جن هيٺان هَلن نالِيون، ٻِيون ٻانهيون سونَ ٻِيهار، ڍَڪِين مَنجھسِ ڍوليا، وَڳاڪن وِينجھار، سَنهي، ٿُلهي پَٽ جا، ائي رنگ، سِينگار، سامهان، سي سيجن تي، تَڪيو ڏِنل تڪرار، دَرجو دِلقرار، ۽ تَڪيو به تمام سُهڻو!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙن لاءِ هميشه رهڻ وارا باغ آهن، جن هيٺان نهرون هونديون، انهن کي ان ۾ سونا ڪنگڻ ڍڪايا ويندا ۽ سائي رنگ جا باريڪ ڪپڙا ۽ ٿلهي ريشم جا ڪپڙا ڍڪيندا ۽ اتي تختن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا. ڪهڙو نه چڱو بدلو آهي ۽ ڪهڙي نه چڱي جاءِ! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن لاءِ سدائين سرسبز رهڻ وارا باغ هوندا، جن جي هيٺان واهيون وهنديون. اتي هو سون جي ڪنگڻن سان سينگاريا ويندا، سنهڙي ريشم ۽ زريءَ جي گلن ڀريل پــَـٽ جا ساوا وڳا پائي اوچن تختن تي ٽيڪ ڏيو ويٺا هوندا. نهايت ڀلو اجورو ۽ آرام ڪرڻ لاءِ عاليشان جڳهه! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي لاءِ ته سدا بهار باغ آهن جن جي هيٺان وهي رهيون هونديون نهرون، اتي اهي سينگاريا ويندا سونن ڪنگڻن سان، سنهڙي ريشم ۽ اطلس جي پوشاڪ زيب تن ڪندا ۽ اوچين مسندن تي وهاڻا رکي ٽيڪ لڳائي ويهندا، اهو ئي انهن جي لاءِ بهترين اجر هوندو، ۽ اها ئي رهڻ لاءِ اعليٰ درجي جي جاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي رھڻ لاءِ باغ آھن، جن جي ھيٺان ( مختلف قسمن جون) نھرون وھنديون، انهن ۾ کين سونا ڪنگڻ، سنھڙا ۽ ٿلھا سائي رنگ جا ريشمي وڳا پارايا ويندا ۽ هو تختن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا ھوندا، ڪيڏو نه بھترين بدلو آھي ۽ ڪيڏي نه عاليشان جڳھه آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا رَجُلَينِ جَعَلنا لِأَحَدِهِما جَنَّتَينِ مِن أَعنٰبٍ وَحَفَفنٰهُما بِنَخلٍ وَجَعَلنا بَينَهُما زَرعًا (آيت : 32) |
۽ (اي پيغمبر) کين ٻن مڙسن جو قصو بيان ڪر ۽ انھن مان ھڪڙي لاءِ ڊاکن جا ٻه باغ پيدا ڪيا ھئاسون ۽ انھن جي چوڌاري کجيون پيدا ڪيو ھيوسون ۽ انھن جي وچ ۾ پوک پيدا ڪئي ھئي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) هنن ماڻهن (يعني مڪي جي ڪافرن) کي هڪڙو مثال ٻڌاءِ. ٻه ماڻهو هئا، انهن مان هڪ جي لاءِ اسان انگورن جا ٻه باغ مهيا ڪري ڇڏيا. انهن جي چوڌاري کجور جي وڻن جو حاطو هو. انهن جي وچ واري زمين ۾ پوکن جون ٻنيون هيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان انهن لاءِ ٻن ماڻهن جو مثال ذڪر ڪريو جو انهن ٻنهيءَ مان هڪڙي کي اسان انگورن جا ٻه باغ عطا ڪيا ۽ انهن ٻنهي جي چوڌاري کجن جا وڻ هئا ۽ انهن ٻنهي باغن جي هيٺان پوک پوکيل هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) کين انهن ٻن شخصن جو مثال بيان ڪر جن ٻنهي مان هڪڙي کي ٻه باغ انگورن جا ڏناسون ۽ انهن ٻنهي (باغن) جي چوڌاري کجيءَ جا وڻ پيدا ڪياسون ۽ انهن ٻنهي جي وڄ ۾ پوک (پيدا) ڪئي سون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هڻ تون انهن لاءِ مثال ڪري ٻن مڙسن جو ڪيا اسان انهن مان هڪڙي لاءِ ٻه باغ انگورن مان ۽ ڍڪيوسون انهن ٻنهي کي کجين سان ۽ پيدا ڪئي سون انهن جي وچ ۾ پوک .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن لاءِ ٻن مڙسن جو مثال بيان ڪر. انهن ٻنهين مان هڪڙي کي ٻه باغ انگورن جا ڏناسون ۽ انهن ٻنهين (باغن) جي چوڌاري کجيءَ جا وڻ پيدا ڪياسون ۽ انهن ٻنهين جي وچ ۾ پوک (پيدا) ڪئي سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن لاءِ انهن ٻن ماڻهن جو مثال بيان ڪر جن ٻنهين مان هڪ لاءِ اسان انگورن جا ٻه باغ ڪيا ۽ ٻنهين (باغن) کي چوڌاري کجين جي وڻن سان ڍڪيو سين ۽ ٻنهين جي وچ ۾ پوک (آباد) ڪئي سين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مِثال ٻِن مَردن جو، ڪرِتِنين لئي مَذڪُور، ڪياسُون ٻِن مان هِڪ لئي، ٻه باغ، عَجب اَنگور؛ ۽ ڇانيون سون ڇُوهارن سان، مَٿان تن کي مُور، پڻ پوک ڀَلِي ڀَرپُور، ڪئـِي سُون ٻِنهِين جي وِچ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون انهن کي ٻن ماڻهن جو حال ٻڌاءِ، جن مان هڪ کي انگورن جا ٻه باغ ڏنا هئاسون ۽ انهن جي وچڌاري کجيون هيون، سندن وچ ۾ کيتي به هئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! انهن کي هڪڙو مثال ٻڌاءِ ، ٻه شخص هئا، انهن مان هڪڙي کي اسان انگورن جا ٻه باغ عطا ڪيا، جن جي چوڌاري کجين جا وڻ هئا ۽ ٻنهي جي وچ ۾ وري پوک ٿيندي هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) انهن جي آڏو هڪ مثال پيش ڪر، ٻه شخص هئا انهن مان هڪ کي اسان ٻه باغ ڏنا هئا انگورن جا ۽ انهن جي چوڌاري لوڙهو ڏنو کجي جي وڻن جو ۽ رکي سين ٻنهي جي وچ ۾ پوک لاءِ زمين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون ھنن کي ٻن ماڻهن وارو واقعو ٻڌاءِ. اسان انهن ٻنهي مان ھڪ کي انگورن جا ٻه باغ ڏنا ھئا جنهن جي چوڌاري کجيءَ جا وڻ پيدا ڪيا ۽ وڻن جي وچ ۾ ڪجهه فصل به پيدا ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كِلتَا الجَنَّتَينِ ءاتَت أُكُلَها وَلَم تَظلِم مِنهُ شَيـًٔا وَفَجَّرنا خِلٰلَهُما نَهَرًا (آيت : 33) |
ٻنھين باغن پنھنجا ميوا پچايا ۽ منجھانئن ڪجھ گھٽ نه ڪيائون ۽ انھن جي وچ ۾ واھيون وھايون سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ٻئي باغ ميون سان ٽمٽار ٿي ويا. پيدائش ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي ڪانه ٿي. اسان انهن جي وچ ۾ (ريج لاءِ) هڪڙي نهر جاري ڪري ڇڏي هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ٻئي باغ پورو پورو ميوو ڏيڻ لڳا ۽ ڪنهن به باغ جي پيداوار ۾ ڪمي نه هئي، ۽ انهن ٻنهي باغن جي وچ مان اسان نهر جاري ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن ٻنهي باغن تمام گهاٽا ميوا جهليا ۽ ميون جي ڏيڻ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪئي ۽ انهن باغن جي وچ ۾ اسان واھ وهايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٻنهي باغن ڏنو ميوو پنهنجو ۽ نه گھٽايائين ان مان ڪا شيءِ ۽ وهائي اسان ٻنهي جي وچ ۾ نهر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ٻنهين باغن پنهنجا ميوا ڏنا ۽ ميوي مان ڪجهه به نه گهٽايائون ۽ انهن ٻنهين جي وچ ۾ هڪ واهه وهايوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ٻنهين باغن پنهنجا ميوا ڏنا ۽ انهن ۾ ڪا ڪمي نه رهي ۽ ٻنهين جي وچ ۾ هڪ نهر وهائي سين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻنهين باغن پَنهنجا، پئي ميوا ڏِنا موڪ، ۽ گَھاٽيون نه، ڪو ٿوڪ، مُنجھانئـِن مُدامِي مُند تي. ۽ واهِيون سون ٻِنهين وِچان، اَوڏن عام جام، ۽ تِنهن لئي هُئا تمامِ، سالِم فَصل سال تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ٻئي باغ پنهنجو پورو ڦر ڏيندا هئا، ڪنهن ۾ به گهٽتائي نه هئي ۽ سندن وچ ۾ نهر جاري ڪئي هئي سون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻئي باغ ڏاڍا وڌيا ويجها ۽ خوب ڦــَـر جهليائون ۽ ان ۾ ڪابه ڪمي نه ڪيائون، انهن باغن منجهان اسان هڪ واهه وهايوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٻئي باغ سٺا وڌيا ويجهيا ۽ ڦر ڏيڻ ۾ انهن ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي، ۽ وهائي ڇڏي انهن جي وچ ۾ هڪ نهر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ٻنهي باغن خوب ميوا ڏنا، ڪنھن به وڻ گهٽ ميوو نه ڏنو ۽ وري اسان ٻنهي باغن جي وچ ۾ ھڪ نھر جاري ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكانَ لَهُ ثَمَرٌ فَقالَ لِصٰحِبِهِ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَنا۠ أَكثَرُ مِنكَ مالًا وَأَعَزُّ نَفَرًا (آيت : 34) |
۽ ان کي (گھڻو) ڦر مليو، پوءِ پنھنجي سنگتيءَ سان ڳالھائيندي ان کي چيائين ته آءٌ توکان مال ۾ وڌيڪ آھيان ۽ ماڻھن جي ڪري (به) وڌيڪ عِزّت وارو آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن جي پيدائش (يا دولت) گهڻي ٿي ويئي. پوءِ هڪ ڏينهن (هٺ ۽ وڏائيءَ ۾ پئجي) پنهنجي (مسڪين) دوست سان (جنهن کي باغ يا ٻي ڪا دولت ڪانه هئي) ڳالهيون ڪندي کيس چئي ڏنو ته مان توکان وڌيڪ مالدار آهيان، ۽ منهنجي هٿ ۾ ماڻهو به طاقتور آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ باغ جي مالڪ وٽ هر قسم جا ميوا هئا، پوءِ باغ جي مالڪ پنهنجي ساٿي کي چيو ته آئون توکان ملڪيت ۾ زياده آهيان ۽ منهنجو قبيلو به زياده آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان وٽ (گهڻو) ميوو هو، پوءِ پنهنجي سنگتيءَ سان ڳالهائيندي ان کي چيائين ته آءُ مال ۾ تو کان وڌيڪ آهيان. ۽ جماعت ۾ (به) وڌيڪ آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هو ان جي لاءِ گھڻو ميوو پوءِ چيائين ساٿيءَ پنهنجي کي ۽ اهو پيو بحث ڪري ان سان ته مان گھڻو آهيان توکان مال ۾ ۽ گھڻو عزت وارو ماڻهن جي لحاظ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان (ماڻهوءَ) وٽ (گهڻو) ميوو هو، پوءِ پنهنجي سنگتيءَ سان ڳالهائيندي ان کي چيائين ته آءُ مال ۾ توکان وڌيڪ آهيان (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان وٽ ميوا (يعني ٻيا به وسائل) هئا. پوءِ پنهنجي ساٿي کي چيائين ۽ اُهو ان سان بحث ڪري رهيو هيو ته: ”آءٌ تو کان مال ۾ وڌيڪ آهيان ۽ خاندان جي لحاظ کان وڌيڪ با عزت آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سندس ساٿئ کي، چيائين اِهڙي چال، جِنهن سان مُفت مُقابلو، پِيو هَلائي جنهن حال، ته مَنجھ ماڻهنِ ۽ مال، آءٌ سرس سراسر تو ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ وٽس وڌيڪ ڌن به هو! هو هڪ دفعي پنهنجي دوست سان ڳالهائيندي چوڻ لڳو ”آءُ توکان مال ۾ به وڌيڪ آهيان ۽ افراد ۾ غالب آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڏاڍي پيدائش لٿس. هڪڙي ڏينهن هن پنهنجي پاڙيسريءَ سان ڳالهائيندي کيس چيو: "مان توکان مال دولت ۾ به گهڻو آهيان ۽ ماڻهن جي طاقت ۾ به گهڻو آهيان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان (شخص) کي ڪيترو ئي نفعو ٿيو، پوءِ هن پنهنجي هڪ پاڙيسريءَ کي چيو (اهو سڀ حاصل ڪرڻ کان پوءِ) آئون وڌيڪ توکان (نه صرف) مالدار آهيان (بلڪه) عزت وارو طاقتور آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ھاڻي) ان ماڻهوءَ وٽ تمام گهڻو مال اچي ويو، ھڪ ڏينھن ويٺي ويٺي پنھنجي دوست کي چوڻ لڳو ته مان توکان وڌيڪ مالدار آھيان ۽ افرادي قوت ۾ به توکان وڌيڪ آھيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَدَخَلَ جَنَّتَهُ وَهُوَ ظالِمٌ لِنَفسِهِ قالَ ما أَظُنُّ أَن تَبيدَ هٰذِهِ أَبَدًا (آيت : 35) |
۽ پنھنجي باغ ۾ گھڙيو ۽ ھو پاڻ لاءِ ظالم ھو، چيائين ته مون کي ھن (باغ) جي ناس ٿيڻ جو ڪڏھن به گمان نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اهو (اهڙيون ڳالهيون ڪندي) پنهنجي باغ ۾ گهڙيو. ۽ هو (هٺ وڏائي ڪرڻ سان حقيقت ۾) پاڻ تي پاڻ ظلم ڪري رهيو هو. هن (وڏائيءَ ۾ ڀرجي) چيو ته، مان نٿو ڀانيان ته اهڙو (عاليشان باغ) ڪڏهن به ويران ٿي ٿو سگهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو پنهنجي باغ ۾ داخل ٿيو ۽ اهو پنهنجي نفس تي ظلم ڪرڻ وارو هو، پاڻ چوڻ لڳو ته مون کي گمان ئي ناهي ته هي (باغ) ڪڏهن فنا ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهي ڳالهيون ڪندو) پنهنجي باغ ۾ داخل ٿيو. هوڏانهن سندس حالت هيءَ هئي جو (ڪفر جي ڪري) پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري رهيو هو (نيٺ) چوڻ لڳو ته مون کي هن باغ جي ڪڏهن به برباد ٿيڻ جو گمان به نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ داخل ٿيو پنهنجي باغ ۾ حالانڪه اهو ظلم ڪندڙ آهي پنهنجي پاڻ تي چيائين ته نه ٿو سمجھان مان ته هلاڪ ٿيندو هيءُ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ منهنجا ماڻهو به زياده طاقت وارا آهن. ۽ پنهنجي باغ ۾ داخل ٿيو ۽ اهو پاڻ تي ظلم ڪري رهيو هو، چيائين ته هن باغ جي برباد ٿيڻ جو مون کي ڪڏهن به گمان نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو پنهنجي باغ ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجي جان سان ظلم ڪندي چيائين: ”آءٌ نه ٿو سمجهان ته هي باغ ڪڏهن تباهه ٿيندو!!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ گِھڙيو سَندسِ باغ ۾، ۽ هُئو مَنجھ جِنهن حال، پاڻيهِي پنهن جي جان سان، جاڙون ڪندڙ جال، چي، نه ڀانيان باغ هِي، پُريون ٿِيَنِ پيئمال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي پنهنجي باغ ۾ پهتو ۽ چوڻ لڳو ”سمجهان ٿو ته هي ڪڏهن به چٽ نه ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ هو پنهنجي باغ ۾ داخل ٿيو ۽ پاڻ لاءِ ظالم ثابت ٿيو، چوڻ لڳو: "مان نٿو سمجهان ته هيءَ دولت ڪا ڪڏهن فنا ٿيندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ داخل ٿيو هو پنهنجي باغ ۾ ۽ پنهنجي ظالم نفس جي حق ۾ چوڻ لڳو، آئون نٿو سمجهان ته هي دولت (باغ) ڪڏهن فنا ٿيندي (هميشه رهندي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ پنھنجي باغ ۾ (انتھائي تڪبر سان) داخل ٿيو . درحقيقت ان جو اهو رويو سندس پاڻ تي ظلم ڪري رھيو ھو ۽ چيائين ته مان نٿو سمجهان ته اھو باغ ڪڏھن به ختم ٿي سگهي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُدِدتُ إِلىٰ رَبّى لَأَجِدَنَّ خَيرًا مِنها مُنقَلَبًا (آيت : 36) |
۽ نڪي قيامت جي قائم ٿيڻ جو مون کي ڪو گمان آھي ۽ جيڪڏھن پنھنجي پالھڻار ڏانھن موٽيس (ته) ھن کان (به) ڀلي جاءِ لھندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مان نٿو ڀانيان ته (قيامت جي) گهڙي قائم ٿيندي ۽ جيڪڏهن کڻي هيئن ٿئي به ته مان پنهنجي پروردگار وٽ (قيامت جي ڏينهن) رجوع ڪيو وڃان ته به (مون کي ڪهڙو کٽڪو هئڻ گهرجي) مون کي ضرور (اتي به) هن کان ئي بهتر مڪان ملندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مون کي گمان ئي نه آهي ته قيامت ايندي ۽ جيڪڏهن (بالفرض) آئون پنهنجي رب ڏانهن موٽايو وَيُسِ ته ان باغ کان بهتر مون کي نتيجو ملندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نڪي قيامت جي قائم ٿيڻ جو مون کي گمان آهي ۽ جيڪڏهن مون کي پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽايو ويندوته هن باغ کان به چڱي جاءِ ملندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿو سمجھان مان قيامت کي قائم ٿيندڙ ۽ البته جيڪڏهن موٽايو ويس مان رب پنهنجي ڏانهن ته البته ضرور لهندس مان ڀلي ان کان موٽڻ جي جاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نڪي قيامت جي قائم ٿيڻ جو مونکي گمان آهي، ۽ جيڪڏهن مونکي پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽايو ويندو ته ان باغ کان به چٽي جاءِ لهندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه ئي سمجهان ٿو ته قيامت قائم ٿيندي ۽ جي آءٌ پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽايو به ويس ته به يقيناً آءٌ هنن باغن کان بهتر موٽڻ جي جاءِ لهندس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ نه بِلڪُل ڀانئيان، ته قائـِم قِيامت ڪالھ، ۽ جي مونکي سَندمِ سائـِينءَ ڏي، وِيو چالانِ ڪيو، ڪنهن چال، ته بِهتر جاءِ بَحال، لاشڪ لَهندسِ، هِن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نٿو ڀانيا ته ڪا قيامت قائم ٿيندي ۽ جيڪڏهن آءُ پنهنجي رب وٽ پهچايو ويس، ته ضرور ان کان به مون کي بهتر جاءِ ملندي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نه وري سمجهان ٿو ته ڪڏهن قيامت به قائم ٿيندي، پر تنهن هوندي به جي مونکي پنهنجي رب ڏانهن موٽايو ويندو ته پڪ اٿم ته اڃان به وڌيڪ شاندار جاءِ لهندس" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اها به اميد ناهي ته ڪڏهن قيامت به ايندي، ۽ پوءِ به جيڪر مون کي حاضر ٿيڻو پيو (موٽايو ويس) پنهنجي رب آڏو ته ضرور هن کان وڌيڪ سٺي جاءِ ملندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بلڪه مان سمجهان ٿو ته قيامت وارو ڏينھن قائم نه ٿيندو پر جيڪڏھن مون کي پنھنجي پالڻھار ڏي موٽايو به ويندو ته اتي به مون کي ھن باغ کان (اڃا وڌيڪ) بھتر جاءِ ملندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لَهُ صاحِبُهُ وَهُوَ يُحاوِرُهُ أَكَفَرتَ بِالَّذى خَلَقَكَ مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ سَوّىٰكَ رَجُلًا (آيت : 37) |
سندس سنگتي ساڻس گفتگو ڪندي کيس چيو ته جنھن توکي مٽيءَ مان بڻايو وري نطفي سان وري سنئين لڱين مڙس ڪيائين تنھن جو تو ڇو انڪار ڪيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي ٻڌي سندس دوست چيو؛ هڪٻئي سان گفتگو جو سلسلو جاري هو ته، ڇا تون انهيءَ هستيءَ کا انڪار ٿو ڪرين جنهن توکي پهريائين مٽيءَ مان ۽ پوءِ نطفي (يعني منيءَ) مان پيدا ڪيو (جنهن ڪري توکي وڏائي ڪرڻ ۽ خدا کي وسارڻ نه گهرجي، ڏس ته مٽي ۽ مني ظاهري ڪهڙيون نه حقير شيون آهن) ۽ پوءِ توکي انسان بنائي نمودار ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سندس ساٿي کيس ورائي جواب ۾ چوڻ لڳو ڇا تون ان خالق جو انڪار ڪرين ٿو جنهن توکي مٽي مان پيدا ڪيو ان کان پوءِ توکي هڪ قطري مان مڪمل مرد ڪري پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سندس سنگتيءَ ان سان ڳالهائي رهيو هو تنهن کيس چيو ته ڇا تون ان جو انڪار ڪيو جنهن تو کي مٽيءَ مان وري نطفي مان پيدا ڪيو وري تو کي پورو مڙس بنايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ان کي ساٿيءَ ان جي اهو گفتگو پيو ڪري ان سان ته ڇا ڪفر ڪيو تو ان ذات جو جنهن پيدا ڪيو توکي مٽيءَ مان تنهن کان پوءِ (منيءَ جي) ڦڙي مان تنهن کان پوءِ برابر ٺاهيائين توکي (سهڻو) مڙس .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سندس سنگتي ان سان ڳالهائيندي کيس چيو ته ڇا تو ان جو انڪار ڪيو جنهن توکي مٽيءَ مان وري نطفي مان پيدا ڪيو، وري توکي پورو مڙس بنايائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان جي ساٿي کيس چيو ۽ اُهو ساڻس گفتگو ڪري رهيو هيو: ”ڇا تو ان ذات سان ڪفر ڪيو! جنهن تو کي (اول) مٽيءَ مان پوءِ نطفي مان پيدا ڪيو. پوءِ تو کي پورو مرد بنايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَندسِ ساٿِيء کيس چَيو، ۽ وراڻيسِ تِنهن وير، ته جنهن خلقيئـِي خاڪ مان، تنهن کان ڦِريل! کاڌِئي ڦير، موٽِي مَنِيء ڦڙي مان، بَنايَئـِي ڀَلير! موٽِي مَرد مَٿير، توکي، تِنهن تيار ڪيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن دوست ڳالهائيندي چيو ته، ”ڇا، تون ان سان ڪفر ڪرين ٿو، جنهن توکي پهريائين مٽيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ ڦڙي مان، پوءِ توکي چڱو ڀلو ماڻهو بڻايائين؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندس سنگتيءَ کيس چيو: "ڇا تون ان هستيءَ سان ڪفر ڪرين ٿو، جنهن توکي مٽيءَ مان ۽ پوءِ هڪڙي ٽيپي مان پيدا ڪيو ۽ توکي سالم ماڻهو بڻائي کڙو ڪيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پاڙيسري گفتگو ڪندي سمجهائيندي چيس ته ڇا تون ڪفر پيو ڪرين ان ذات جو، جنهن توکي خلقيو مٽيءَ مان، پوءِ پيدا ڪيو ڦڙي مان، پوءِ پورو پنو (مڪمل) ماڻهو ڪري بيهاريو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سندس دوست ڳالھائيندي چيو ته ڇا تون ان ھستي جو انڪار ڪرين ٿو جنھن توکي پھرين مٽيءَ مان، پوءِ نطفي مان پيدا ڪيو ۽ پوءِ توکي سھڻو سيبتو ڪري مڪمل ماڻهو ٺاھيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لٰكِنّا۠ هُوَ اللَّهُ رَبّى وَلا أُشرِكُ بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 38) |
(آءٌ ھي ويساھ رکندو آھيان ته) منھنجو پالڻھار الله آھي ۽ آءٌ پنھنجي پالڻھار سان ڪوبه شريڪ نه ڪندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر مون کي ته يقين آهي ته اهوئي الله منهنجو پروردگار آهي. ۽ مان پنهنجي پروردگار سان ڪنهن کي به شريڪ نٿو ڪريان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر آئون چوان ٿو ته اهو الله آهي جيڪو منهنجو رب آهي ۽ آئون پنهنجي رب سان ڪنهن کي شريڪ نٿو ڪريان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر(منهنجو عقيدو آهي ته) خدا منهنجو پاليندڙ آهي ۽ آءُ پنهنجي پالڻهار سان ڪنهن کي به شريڪ نٿو ڪريان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پر اسين ڇا آهيون اهو الله ئي ته منهنجو رب آهي نه ٿو شريڪ ڪيان مان رب پنهنجي سان ڪو هڪڙو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (پر منهنجو عقيدو آهي ته) الله منهنجو پاليندڙ آهي ۽ آءٌ پنهنجي پاليندڙ سان ڪنهن کي به شريڪ نه ٿو ڪريان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پر (آءٌ چوان ٿو) اُهو الله منهنجو پالڻهار آهي ۽ آءٌ پنهنجي پالڻهار سان ڪنهن کي شريڪ نه ٿو ڪيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر آئون، آهي مُنهنجو، آگو هِڪ الله، هَرگز نه ڪريان همراه، ڪوسائـِينءَ سندمِ سان هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر اهو الله منهنجو سچو ڌڻي آهي ۽ آءُ ڪنهن کي به ان جو شريڪ نٿو بڻايان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (باقي رهي) منهنجي ڳالهه، سو منهنجو رب ته اهو الله ئي آهي ۽ مان ان سان ڪنهن کي به شريڪ نٿو ڪريان“ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) باقي رهيس آئون ته منهنجو رب الله ئي آهي ۽ آئون ساڻس ڪنهن کي شريڪ نٿو ڪريان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر منھنجو پالڻھار ته اھو ئي اللھ تعاليٰ آھي ۽ مان پنھنجي پالڻھار سان گڏ ڪنھن کي به شريڪ نٿو ڪريان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَولا إِذ دَخَلتَ جَنَّتَكَ قُلتَ ما شاءَ اللَّهُ لا قُوَّةَ إِلّا بِاللَّهِ إِن تَرَنِ أَنا۠ أَقَلَّ مِنكَ مالًا وَوَلَدًا (آيت : 39) |
۽ جڏھن تون پنھنجي باغ ۾ گھڙين تڏھن ڇونه چيئي ته جيڪي الله گھريو (سو ٿيڻو آھي) جو الله (جي مدد) کانسواءِ ڪا سگھ نه آھي، جيڪڏھن تون پاڻ کان مون کي مال ۽ اولاد ۾ گھٽ ڏسين ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن تون پنهنجي باغ ۾ آئين (۽ ان جي رونق ۽ ميوا ڏٺا) تڏهن تو هيئن ڇو نه چيو ته اهو ئي ٿئي ٿو جيڪو الله چاهي ٿو سندس مدد کان سواءِ ڪو به ماڻهو ڪجهه به ڪري نٿو سگهي. ۽ هي جو تون ڏسين ٿو ( ۽ سمجهين ٿو) ته مان توکان مال ۽ اولاد ۾ گهٽ آهيان (يعني مون کي دولت به ڪانهي ۽ ماڻهو به هٿ ۾ ڪو نه آهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن تون پنهنجي باغ ۾ داخل ٿئين ان وقت تو ڇو نه ماشاء الله لا قوت الا بالله چيو، جيڪڏهن تون مون کي هينئر مال ۽ اولاد ۾ گھٽ ڏسين ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن تون پنهنجي باغ ۾ داخل ٿئين تڏهن تو ڇو نه چيو ته ماشاءَ الله جيڪي خدا گهريو (سو ٿيندو ۽) خدا جي مدد کان سواءِ ڪا طاقت نه آهي. جيڪڏهن تون مون کي پاڻ کان مال ۽ اولاد ۾ گهڻو گهٽ ڏسين ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇونه هيئن ڪيئي جڏهن داخل ٿئين باغ پنهنجي ۾ ته چوين ها تون جيڪي گھريو الله ناهي طاقت مگر الله جي جيڪڏهن ڏسين ٿو مون کي ته مان گھٽ آهيان توکان مال ۾ ۽ اولاد جي لحاظ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن تون پنهنجي باغ ۾ داخل ٿئين تڏهن تو ڇو نه چيو ته جيڪي الله گهريو (سو ٿيڻو آهي ۽) الله جي مدد کانسواءِ ڪا طاقت نه آهي جيڪڏهن تون مون کي پاڻ کان مال ۽ اولاد ۾ گهڻو گهٽ ڏسين ٿو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن تون پنهنجي باغ ۾ داخل ٿئين ته تو ائين ڇونه چيو: ” مَا شَآءَ اللّٰهُ لَا قُوَّةَ اِلَّا بِاللّٰهِ (يعني جيڪي الله گهريو سو ٿيڻو آهي ۽ ڪنهن کي ڪا طاقت نه آهي مگر الله جي مدد سان) جيڪڏهن تون مون کي پاڻ کان مال ۽ اولاد ۾ گهٽ ڏسين ٿو ( ته ڇا ٿيو؟)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪر جڏهن باغ ۾، گِھڙِين، ته ڪئـِي گُفتار، جيڪي گُھريو جَلَّ جَلالہٗ ٻيو ٻَر نه مُون ٻِيهار، مگر سَڀ مَدار، مُنهنجي مالِڪ هيڪ تي. توڻِي ڏِسِينم تون، ته مال ۽ عيال ۾، توکان آءٌ گَھٽ گھڻو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تو پنهنجي باغ ۾ پهچڻ وقت ائين ڇو نه چيو ته ”جيڪي گهرندو الله، ۽ الله جي مدد کان سواءِ ڪنهن ۾ ڪا به قوت نه آهي؟“ تون مون کي ٿو ڏسين، ته آءُ توکان مال ۽ اولاد ۾ گهٽ آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن تون پنهنجي باغ ۾ گهڙي رهيو هئين ته ان وقت ائين ڇونه چيئه ته "مَاشَآءَ اللهُ لَاقُوَّتَ اِلَّا بِاللهِ" (جيڪي ڪري الله، کانئس سواءِ ٻئي ڪنهن کي به ڪا طاقت ڪانهي) جيڪڏهن توکي مان پاڻ کان مال دولت ۽ اولاد ۾ گهٽ ٿو نظر اچان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تون جڏهن پنهنجي باغ ۾ داخل ٿي رهيو هئين ته تو ائين ڇو نه چيو ته، ماشاءَ الله، لا قوة الا بالله (ڪابه طاقت ناهي سواءِ الله جي) جيڪڏهن تون مون کي گهٽ ٿو سمجهين پنهنجي مال ۽ اولاد کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (دوست وڌيڪ چيو ته) جڏھن تون پنھنجي باغ ۾ داخل ٿئين ھئين ته تون (شڪراني طور تي) ھي (لفظ) ڇونه چيا ھئا ته ما شاء اللھ لا قوة الا باللھ (يعني جيڪو اللھ تعالى چاھيو اھو ئي ٿيندو اللھ تعالى کان سواءِ ڪنھن کي ڪابه طاقت نه آھي) جيڪڏھن تون مون کي مال ۽ اولاد ۾ پاڻ کان گهٽ ٿو سمجهين، (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَعَسىٰ رَبّى أَن يُؤتِيَنِ خَيرًا مِن جَنَّتِكَ وَيُرسِلَ عَلَيها حُسبانًا مِنَ السَّماءِ فَتُصبِحَ صَعيدًا زَلَقًا (آيت : 40) |
ته اُميد آھي جو منھنجو پالڻھار تنھنجي باغ کان چڱو مونکي ڏيندو ۽ اُن (تنھنجي باغ) تي آسمان کان ڪا آفت موڪلي پوءِ ڦري چِٽي پَٽي ٿي پَوي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (انهيءَ تي هٺ وڏائي نه ڪر) عجب ناهي ته منهنجو پروردگار تنهنجي هن باغ کان به بهتر (باغ هن دنيا ۾ ۽ آخرت ۾) مون کي ڏيئي ڇڏي. ۽ تنهنجي باغ تي آسمان مان ڪا اهڙي حساب ڪيل آفت موڪلي جو واريءَ وارو ميدان ٿي وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ عنقريب مون کي منهنجو رب تنهنجي باغ کان بهتر عطا ڪندو ۽ تنهنجي باغ تي آسمان مان عذاب نازل ڪندو پوءِ (اهو باغ) ڦري صاف ميدان ٿي پوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اميد آهي ته تنهنجو پروردگار تنهنجي باغ کان مون کي چڱو ڏي ۽ ان (تنهنجي باغ) تي آسمان مان ڪا آفت موڪلي ۽ صاف ويران ميدان ٿي پوي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ويجھو آهي رب منهنجو جو ڏئي مونکي ڀلو باغ تنهنجي باغ کان ۽ موڪلي ان تي ٿورو عذاب آسمان کان پوءِ صبح جو ڏسين ان کي ميدان ويران .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته اميد آهي ته منهنجو پاليندڙ تنهنجي باغ کان مون کي چڱو ڏي ۽ ان (تنهنجي باغ) تي آسمان مان ڪا افت موڪلي پوءِ صاف ميدان ٿي پوي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اميد آهي ته منهنجو پروردگار مون کي تنهنجي باغ کان بهتر ڏئي ۽ ان (باغ) مٿان آسمان کان ڪا آفت موڪلي پوءِ اهو صاف ميدان ٿي پوي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سِگھو سانيـَمِ مون، بَخشٖيمِ مَٿي ڀُون، بِهتر تُنهنجي باغ کان. ۽ مَٿان اُڀ موڪلِي، ڪو تِنِهين سِر صَر صَر، پوءِ صُبح ساڻ ڦري ٿئي، صفا سڃيرو سَر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر منهنجو رب شايد مون کي تنهنجي باغ کان وڌيڪ چڱو باغ ڏئي ۽ تنهنجي هن باغ تي آسمان کان ڪا آفت موڪلي، جو اهو اوچتو هڪ صاف ميدان ٿي وڃي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته ٿي سگهي ٿو ته منهنجو رب مونکي تنهنجي باغ کان به ڀلو عطا ڪري ۽ تنهنجي باغ تي آسمان مان ڪا آفت موڪلي، جنهن سبب اهو لــَـسو ميدان ٿي پوي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته اهو به پري ناهي منهنجي رب کان ته اهو مون کي عطا ڪري تنهنجي باغ کان وڌيڪ سُٺو ۽ موڪلي تنهنجي باغ تي ڪا آفت آسمان مان، پوءِ اهو صاف پَٽ ۽ ميدان ٿي وڃي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته اميد آھي ته منھنجو پالڻھار مون کي تو واري باغ کان بھتر باغ ڏئي ۽ تنھنجي باغ جي مٿان آسمان مان ڪا آفت موڪلي پوءِ تو وارو باغ صفا ميدان ٿي پوي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو يُصبِحَ ماؤُها غَورًا فَلَن تَستَطيعَ لَهُ طَلَبًا (آيت : 41) |
يا سندس پاڻي سُڪي وڃي پوءِ ان کي ڪڏھن لھي نه سگھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا ان جي نهر جو پاڻي بلڪل هيٺ هليو وڃي، ايتري قدر جو تون ان تائين پهچي نه سگهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا ان باغ جو پاڻي زمين ۾ هيٺ لهي ويندو پوءِ تون هرگز ان کي تلاش نه ڪري سگھندين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا ان جو پاڻي هيٺ وهي (خشڪ) ٿي وڃي پوءِ تون ان کي لهي به نه سگهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا ٿي پوي پاڻي ان جو چوسيل ۽ هرگز نه سگھين تون ان جي لاءِ ڪا طلب ڪرڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ان جو پاڻي سڪي وڃي پوءِ تون ان کي لهي به نه سگهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا ان جو پاڻي هيٺاهين ۾ هليو وڃي پوءِ تون ان کي حاصل ڪرڻ جي طاقت به نه لهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا سُڪي سويرو تَرجَھلي، اُن جو اَمْرتِ سَر، پوءِ اُن جي آڻڻ سِر، طاقت نَه لَهِين تِر جيتري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا ان جو پاڻي زمين منجهه سڪي وڃي، پوءِ ان کي حاصل به نه ڪري سگهندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا ان جو پاڻي زمين ۾ هليو وڃي ۽ تون ان کي ڪڍي ئي نه سگهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا وري لهي وڃي ان جو پاڻي زمين ۾ ۽ تون ان کي ڪنهن به طرح ڪڍي نه سگهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا تنھنجي باغ واري زمين جو پاڻي جَـرَ ۾ ئي سڪي وڃي پوءِ تون ان پاڻي کي مٿي نه آڻي سگهندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأُحيطَ بِثَمَرِهِ فَأَصبَحَ يُقَلِّبُ كَفَّيهِ عَلىٰ ما أَنفَقَ فيها وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أُشرِك بِرَبّى أَحَدًا (آيت : 42) |
۽ سندس ڦر کي ڇٽ ڪيو ويو پوءِ اُن (جي بڻائڻ) ۾ جيڪي خرچيو ھوائين تنھن تي پنھنجا ھٿ مَليندو رھيو ۽ اُھو (باغ) پنھنجين (بڻايلن) ڇتين سميت ڪريل ھو ۽ چيائين ٿي ته افسوس آھي پنھنجي پالڻھار سان ڪنھن کي شريڪ مُقرر نه ڪريان ھا (ته چڱو ھو).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پوءِ (ڏسو) ائين ئي ٿيو جو سندس دولت (برباديءَ جي) گهيري ۾ اچي ويئي. هو هٿ مهٽيندي افسوس ڪرڻ لڳو ته هاءِ هاءِ هنن باغن تي ڪيڏا نه خرچ (۽ تڪليفون) ڪيون ويون هيون! (اهي سڀ برباد ٿي ويون) ۽ باغن جو هي حال ٿيو جو ٽاريون ڪري زمين جي برابر ٿي ويون. هاڻي هو چوي ٿو ته، هاءِ هاءِ! جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪيان ها ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ باغ جا ميوا ختم ٿي ويا پوءِ اهو پنهنجا هٿ (حسرت سان) مهٽيندو رهيو ان خرچ تي جيڪو ان ۾ ڪيو هئائين ۽ اهو باغ پاڙان پٽجي مَنَهَنِ تي ڪِري پيو ۽ باغ جو مالڪ چوڻ لڳو ڪاش آئون پنهنجي رب سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪريان ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (نيٺ) سندس ميوي تي آفت اچي وئي، پوءِ جيڪو ان (باغ) تي خرچيو هئائين تنهن تي پنهنجا ٻئي هٿ ملندو (افسوس ڪندو) رهيو ۽ اهو (باغ) پنهنجي ٽارين تي اونڌو ڪريل هو ۽ ان ماڻهوءَ چيو ٿي ته افسوس جيڪر آءُ پنهنجي پالڻهار سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريان ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ گھيراءُ ڪيو ويو ميوو ان جو پوءِ صبح ڪيائين مهٽي پيو تريون پنهنجون ان تي جيڪو خرچ ڪيائين ان ۾ حالانڪ اهو ڊٿل آهي ڇتين پنهنجن تي ۽ چوي پيو اي ڪاش مان نه شريڪ ڪيان ها رب پنهنجي سان ڪنهن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (نيٺ) سندس ميوي تي آفت اچي ويئي. پوءِ جيڪو ان (باغ) تي خرچيو هئائين تنهن تي پنهنجا ٻئي هٿ مليندو (افسوس ڪندو) رهيو ۽ اهو (باغ) پنهنجن مَنَهَنِ تي ڪريل هو، ۽ ان ماڻهو چيو ٿي ته افسوس جيڪر آءُ پنهنجي پاليندڙ سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريان ها، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (آخر ڪار)ان جي ميوي مٿان آفت پئجي وئي پوءِ جيڪو ان (باغ) تي خرچ ڪيو هئائين تنهن تي (ارمان ڪندي) پنهنجا ٻئي هٿ مَليندو رهيو ۽ اهو (باغ) پنهنجي ڇپرن سميت ڪِريل هيو ۽ چوي پيو ته: ”هاءِ افسوس جو آءٌ پنهنجي پالڻهار سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪيان ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مِڙيئـِي ميوا اُن جا، گھريا مَنجھ گَھمسان، پيو مَهٽي مُٺيون پَنهنجون، مَنجھ پِره پريشان، مَلول اُنهِيءَ مال تي، جيڪِي مَنجھسِ خرچيو خان، ۽ ڪريل بي گمان، سو باغ سَندسِ بيخن مَٿي. پوءِ پَڇتايو پاڻ، پيو چوي اِهڙيءَ چال سان، ته سَندمِ سائـِينء سان، هُوند نه گڏيمِ هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سندس سامان کي آفت اچي گهيريو، باغ تي ڪيل خرچ لاءِ هٿ مهٽيندو رهجي ويو ۽ اهو پنهنجن ڇتن تي ڪريو پيو هو، چوڻ لڳو ته ”ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو آءُ پنهنجي رب سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪريان ها!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ ٿيو به ائين جو سندس سارو فصل چٽ ڪيو ويو ۽ هو پنهنجي انگورن جي باغ کي مــَـنهن مٿان اونڌو ڪريل ڏسي پنهنجي لڳايل رقم تي هٿ مهٽيندو رهجي ويو ۽ چوڻ لڳو: "جيڪر ته مان پنهنجي رب سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريان ها"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٿيو به ائين، جو سمورو ميوو چٽ ٿي ويو ۽ هو پنهنجي باغ کي ڇنن سميت ابتو ڪِريل ڏسي پنهنجي لڳايل لاڳت (ڪيل خرچ) تي هٿ مليندو رهجي ويو ۽ چوڻ لڳو، افسوس جو ڪنهن کي شريڪ نه ڪريان ها پنهنجي رب سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (آخرڪار ٿيو به ايئن ته) سندس باغ تي اوچتو آفت اچي وئي ۽ باغ جون وليون آفت جي ڪري پنھنجي ڇتين ۽ مَنَھن سميت ھيٺ ڪري پيون ۽ ھُن تي جيترو به خرچ ڪيو هو سو سڀ چٽ ٿي ويس ۽ افسوس وچان پنھنجا ٻئي ھٿ مليندو رھيو ۽ چئي رھيو ھو ته ڪاش! مان پنھنجي پالڻھار سان ڪنھن کي شريڪ نه ڪريان ھا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَم تَكُن لَهُ فِئَةٌ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مُنتَصِرًا (آيت : 43) |
۽ نڪي ان لاءِ ڪا ٽولي ھئي جو الله کانسواءِ کيس مدد ڏئي ۽ نڪي (پاڻ) بدلو وٺڻ وارو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نڪي هئس ڪي ماڻهو (يا اولاد) جيڪي الله کان سواءِ هن جي مدد ڪن ها. نڪي پاڻ کي ئي ڪا طاقت هيس جو پاڻ کي برباديءَ کان بچائي ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان وٽ ڪوبه گروه نه هو جيڪو الله کانسواءِ سندس مدد ڪري ۽ نه اهو پاڻ بدلو وٺي سگھيو ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نه خدا کان سواءِ ڪا جماعت هئي جا سندس مدد ڪري! ۽ نه (وري) پاڻ ئي بدلو وٺي ٿي سگهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه هو ان جي لاءِ ڪو قبيلو جيڪي مدد ڪن ها ان جي الله کان سواءِ ۽ نه هو بدلو وٺي سگھندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه ان جي ڪا جماعت هئي جا الله کان سواءِ سندس مدد ڪري ۽ نه پاڻ ئي بدلو وٺڻ وارو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه ان جي ڪا جماعت هئي جا الله جي مقابلي ۾ سندس مدد ڪري ۽ نه اُهو خود بدلي وٺڻ جي قابل هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هُئو نه سَندسِ ساٿ ڪو، پاڪ ڌڻِيء کان ڌار، ته مَدد ڏئيسِ، تِنهن مهل ۾، ۽ نه وَرڻِي سَندسِ وَهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان وٽ ڪو اهڙو ٽولو نه هو، جو الله ڌاران مدد ڪريس ها ۽ نه هو پاڻ اسان کان بدلو وٺي سگهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نڪي وري ڪو الله کي ڇڏي وٽس اهڙو جٿو ئي هو، جيڪو سندس ڪا مدد ڪري ها ۽ نه وري هو پاڻ ئي انهيءَ آفت کي منهن ڏيڻ وارو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هن وٽ ڪو ٽولو نه هو ڪا مدد ڪرڻ جي لاءِ الله کان سواءِ ۽ نه وري هو ان آفت جو ڪو مقابلو ڪري سگهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ھُن وٽ اھڙو ڪوبه لشڪر ڪونه ھو جيڪو اللھ تعالى جي مقابلي ۾ سندس مدد ڪري ھا ۽ نه ئي آيل آفت جو بچاء پنھنجي سِر ڪري سگهيو پئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُنالِكَ الوَلٰيَةُ لِلَّهِ الحَقِّ هُوَ خَيرٌ ثَوابًا وَخَيرٌ عُقبًا (آيت : 44) |
ھن ھنڌ الله جي سچي بادشاھي آھي، اُھو ثواب (ڏيڻ) ۾ ڀلو ۽ بدلي ڏيڻ ۾ (به) ڀلو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن مان ثابت ٿي ويو ته في الحقيقت سڄو اختيار الله جي هٿ ۾ آهي. اهوئي آهي جو بهتر ثواب (يعني نعمتون) ڏيڻ وارو آهي ۽ انهيءَ ئي جي هٿ ۾ چڱي (۽ بهتر) عاقبت (يعني پڇاڙي) آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان وقت ۽ ان صورت حال ۾ سڀئي اختيار الله تعالى وٽ هوندا، اهو ئي بهترين ثواب عطا ڪري ٿو ۽ ان وٽ ئي بهترين انجام آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هن مان ثابت ٿيو ته) سرپرستي خاص خدا ئي جي لاءِ آهي جو سچو آهي. ان جو تمام سڀ کان سٺو ۽ ان جو ڏنل بدلو سڀ کان چڱو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اتاهين (ثابت ٿيو ته) سڀ اختيار الله سچي جي لاءِ (ثابت) آهي اهو ڀلو آهي ثواب (ڏيڻ) ۾ ۽ ڀلو آهي انجام ٺاهڻ ۾. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اتي مدد ڪرڻ سچي الله جي اختيار ۾ آهي. ان جو انعام سڀ کان سٺو ۽ ان جو ڏنل بدلو سڀ کان چڱو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هتي (ثابت ٿيو ) جو سڀ اختيار الله جو آهي جيڪو برحق آهي. اُ هو بهتر آهي انعام ڏيڻ ۾ اُهو بهتر آهي انجام ڪرڻ ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُت هَلندِي هِڪ اَلله جِي، جو بَرحق بَقادار، سو اَجر جو اُجار، پڻ ڀَلو آخِر ڀال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙي موقعي تي مدد ڪرڻ سچي الله جو ئي ڪم آهي، ان جو ثواب خواهه نتيجو سڀ کان سٺو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (تڏهن پتو پيس ته) ٺاهڻ توڙي ڊاهڻ جو اختيار ته الله برحق جي ئي هٿ ۾ آهي، انعام اهوئي ڀلو آهي، جيڪو هو عطا ڪري ۽ پڇاڙي به اها ڀلي جيڪا هو سـُـرهي ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان وقت اهو ئي معلوم ٿيو ته حاجت روائي الله کان سواءِ ڪنهن وٽ ناهي، انعام ته اهو ئي سٺو آهي جيڪو هو بخشي ۽ ڏيکاري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هاڻي کيس سمجهه ۾ اچي ويو ته واقعي حقيقي اختيار ته اللھ تعالى وٽ آھن ان جو ثواب به بھتر آھي ۽ ان کي مڃڻ جو انجام به بھتر آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاضرِب لَهُم مَثَلَ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ فَأَصبَحَ هَشيمًا تَذروهُ الرِّيٰحُ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقتَدِرًا (آيت : 45) |
۽ (اي پيغمبر) انھن کي دُنيا جي حياتيءَ جو مثال بيان ڪر جا انھي پاڻيءَ وانگر آھي جنھن کي آسمان کان وسايوسون پوءِ اُن سان زمين جا اوڀڙ گھاٽا ڄميا پوءِ ڦري ڀُريل ڪک ٿيا اُنھن کي وائن اُڏايو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) انهن کي دنيا جي زندگيءَ جو مثال ٻڌائي ڇڏ. ان جو مثال اهڙو آهي جهڙو (زمين جي پوکن ۽ وڻن وغيره جو) اسان آسمان مان پاڻي وسايو، ۽ زمين جا اوڀڙ ان سان ملي جلي اڀري آيا (۽ خوب وڌيا ۽ پکڙيا) پوءِ (ڇا ٿيو؟) سڀ ڪجهه سڪي ڪک پن ٿي ويو. هوا جا جهٽڪا انهن کي کنڊيڙي رهيا آهن ۽ بيشڪ الله تعاليٰ هرهڪ ڳالهه تي قادر آهي (۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان انهن لاءِ دنيا جي زندگي جو مثال بيان ڪريو، انهيءَ جو مثال ان پاڻي جهڙو آهي جيڪو اسان آسمان مان نازل ڪيو پوءِ پاڻي سببان زمين ساوڪ ۽ پوءِ ساوڪ ڦري سُڪَلُ گاهه ٿي جنهنکي هوائون اُڏائن ٿيون، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر مطلق آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) کين دنيا جي حياتيءَ جو مثال بيان ڪر (اها) ان پاڻيءَ وانگر آهي جنهن کي اسان آسمان مان لاٿو، ۽ ان جي ڪري زمين جا اوپڙ گهاٽا ڄميا. پوءِ ڦري ڀريل ڪک ٿيا جنهن کي هوائون اڏائينديون وتن ٿيون ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيان ڪر انهن جي لاءِ مثال حياتيءَ دنيا واريءَ جو پاڻيءَ وانگر جو نازل ڪيوسون ان کي آسمان کان پوءِ گھاٽا ٿي ڄاوا ان سان سلا زمين جا پوءِ صبح جو ڦري ٿيا سڪل اڏائين پيون ان کي هوائون ۽ آهي الله هر شيءِ تي قدرت رکندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن لاءِ دنيا جي حياتيءَ جو مثال بيان ڪر. (اها) ان پاڻيءَ وانگر آهي جنهن کي اسان آسمان مان لاٿو، پوءِ ان جي ڪري زمين جا اوڀڙ گهاٽا ڄميا پوءِ ڦري ڀُريَلَ ڪَکَ ٿيا جنهن کي هوائون اڏائين ٿيون ۽ الله سڀ ڪنهن شيءَ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن لاءِ دنياوي زندگي جو مثال بيان ڪر جا ان پاڻيءَ وانگر آهي جنهن کي اسان آسمان کان لاٿو. پوءِ ان جي ڪري زمين مان رل وچڙ ساوڪ ڄائي پوءِ اها سُڪلَ ڪَکَ بنجي وئي جنهن کي هوائون اڏائن ٿيون. ۽ الله هر شيءِ تي پوري طاقت رکندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُرسل! مِثال ڏِيينِ تون، هِن حَياتِيءَ بيڪار، اُتاريوسون اُڀ ڪنان، اُن پاڻِيء وارا پار، اُن سان اوڀر ڀُونء جا، گڏيا، گُل گُلزار، پوءِ ڦِرِي ڀُڪاپور ٿيا، واءُ کَنيَنِ تِنهن وار، صاحِب ربُّ، ستار، آهي قادِر هرڪنهن ڪم مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تون انهن کي دنيا جي حياتيءَ جو مثال ٻڌاءِ، جيئن اسان آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ ان سان پوک چڱي طرح گهاٽي ٿي، پوءِ اها ذرا ذرا ٿي، جنهن کي هوا اڏائيندي رهي، ۽ الله هر هڪ شيءِ تي وس وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! انهن کي دنيا جي حياتيءَ جي حقيقت هن مثال سان سمجهاءِ ته اڄ جو اسان آسمان مان پاڻي وسايو ته زمين مان اسرندڙ شيون خوب اڀريون ۽ ٻئي ڏينهن اهو سڀ ڪجهه بهه بڻجي ويو، جو هوائون ان کي اڏائينديون وتن ٿيون. الله کي سڀ ڪجهه ڪري سگهڻ جي طاقت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) انهن کي هن مثال سان حقيقت ٻڌاءِ دنيا جي حياتيءَ جي ته اڄ اسان وسايو آسمان مان پاڻي ته ان سان گهاٽا ٿي ويا سلا زمين جا ۽ پوءِ سڀاڻي اهي ٻوٽا وري سڪي ڪک پن ٿيا ۽ اڏرن پيا هوائن تي، ۽ الله بلڪل ئي آهي هر شيءِ تي وس وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) انهن ماڻهن کي دنيا جي زندگيءَ جو مثال پيش ڪر، جيڪا حقيقت ۾ پاڻي وانگر آھي جنھن کي اسان آسمان مان نازل ڪريون ٿا پوءِ ان جي ذريعي زمين جا گهاٽا سَلا نڪرن ٿا وري ڪجهه وقت کان پوءِ اھي سُڪي ڪک ٿي وڃن ٿا ۽ کيس ھوائون کڻي اڏارين ٿيون. بيشڪ اللھ تعالى ھر شيءِ تي طاقت رکندڙ آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
المالُ وَالبَنونَ زينَةُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالبٰقِيٰتُ الصّٰلِحٰتُ خَيرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوابًا وَخَيرٌ أَمَلًا (آيت : 46) |
مال ۽ اولاد دنيا جي حياتيءَ جو سينگار آھي، ۽ سدائين رھندڙ چڱايون تنھنجي پالڻھار وٽ ثواب ڪري ڀليون ۽ اُميد ڪري چڱيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مال دولت ۽ اولاد دنيوي زندگيءَ جي زينت آهن (۽ دل لڀائيندڙ آهن، پر ٿورڙا ڏينهن). پر چڱا عمل جي باقي رهڻ وارا آهن. انهن تي تنهنجي پروردگار وٽ انعام (ڳنهڻ جي حقداريءَ لاءِ) بهتر آهن ۽ اهي ئي نيڪ عمل آهن، جن جي نتيجن مان بهتر اميد رکي سگهجي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مال ۽ پٽ دنيا جي حياتيءَ جو سينگار آهن، ۽ نيڪ عمل توهان جي رب وٽ ڀلا آهن ثواب جي لحاظ کان ۽ ڀلا آهن اميد جي لحاظ کان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) مال ۽ اولاد (ان فاني) دنيا جي حياتيءَ جي زينت آهي. ۽ باقي رهڻ واريون نيڪيون اوهان جي پالڻهار وٽ اجر (۽ ثواب) ۾ ان کان گهڻو وڌيڪ چڱيون آهن. ۽ انهن جي تمنا ۽ اميد ڪرڻ گهڻي چڱي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مال ۽ پٽ سينگار آهن حياتيءَ دنيا واريءَ جو ۽ بقا وارا صالح عمل ڀلا آهن تنهنجي رب وٽ ثواب جي لحاظ سان ۽ ڀلا آهن اميد جي لحاظ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مال ۽ پٽ دُنيا جي حياتيءَ جي زينت آهن. ۽ هميشه رهڻ وارين نيڪين جو بدلو تنهنجي پاليندڙ وٽ گهڻو چڱو آهي ۽ انهن جي اميد ڪرڻ گهڻي چٽي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مال ۽ پُٽ دنياوي حياتي جو سينگار آهن. ۽ باقي رهڻ واريون (ته) نيڪيون آهن جي تنهنجي پروردگار وٽ ثواب جي لحاظ کان بهتر آهن ۽ آرزو جي لحاظ کان (به) بهتر آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌَڻ، ڄَڻ، سَڀ دُنيا ۾، جِيڻ جو جِنسار، ۽ باقِي، بيشڪ نيڪيون، تُنهنجي صاحِب وٽ، ستار، بِهتر بَرقرار، اَجر ۽ اُميد ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مال ۽ اولاد دنيا جي حياتي جي سونهن آهن ۽ جيڪي چڱا عمل باقي رهڻ وارا آهن، اهي تنهنجي رب وٽ ثواب ۽ اميد جي لاءِ گهڻا چڱا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو مال دولت ۽ اولاد فقط هن دنيا جي زندگيءَ لاءِ رونق جو سامان آهن، باقي جٽادار شيون اهي نيڪيون آهن، جيڪي تنهنجي رب جي نظر ۾ نتيجي جي لحاظ کان به بهتر آهن ۽ انهن ۾ چڱي اميد به رکي سگهجي ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي مال ۽ اولاد (عارضي) سينگار آهي دنيا جي حياتيءَ جو ۽ (اصل ۾) باقي رهندڙ نيڪيون ئي تنهنجي رب وٽ نتيجي ۾ سٺيون آهن جن تي چڱيون اميدون رکجن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ھي) مال ۽ اولاد ته رڳو دنيا جي زندگيءَ جو سينگار آھن تنھنجي پالڻھار جي نظر ۾ ته باقي رھڻ واري بھتر شيءِ نيڪيون آھن ۽ انهن جي اميد ڪرڻ ئي بھتر آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَومَ نُسَيِّرُ الجِبالَ وَتَرَى الأَرضَ بارِزَةً وَحَشَرنٰهُم فَلَم نُغادِر مِنهُم أَحَدًا (آيت : 47) |
۽ (ياد ڪر) جنھن ڏينھن جبلن کي ھلائينداسون ۽ زمين کي صفا پٽي ڏسندين ۽ ماڻھن کي گڏ ڪنداسون پوءِ منجھانئن ڪنھن ھڪ کي نه ڇڏينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (قيامت جي) ڏينهن اسان جبلن کي هلائي ڇڏينداسين ۽ زمين کي ڏسندؤ ته پنهنجي اصل حالت ۾ اڀري ايندي (يعني مٿائيون هيٺ ٿي وينديون ته هيٺاهيون مٿي اڀري اينديون، وڏو انقلاب اچي ويندو) ۽ (ان وقت) اسان سڀني انسانن کي (پاڻ وٽ) گڏ ڪنداسين ۽ ڪنهن هڪڙي کي به ڇڏي نه ڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن ڏينهن اسين جبلن کي هلائينداسين ۽ توهان زمين کي صاف ۽ کُليل ڏسندا، ۽ اسين انهن سڀني کي اٿارينداسين پوءِ انهن مان ڪوبه ڪونه رهندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ان ڏينهن کان ڊڄو) جنهن ڏينهن اسين جبلن کي هلائينداسون ۽ تون زمين کي کليل ميدان (جبلن کان خالي) ڏسندين ۽ اسين انهن سڀني کي گڏ ڪنداسون ته انهن مان هڪ کي به نه ڇڏينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن ڏينهن هلائينداسون جبل ۽ ڏسندين تون زمين کي کليل ۽ اٿارينداسون انهن کي پوءِ نه ڇڏينداسون انهن مان ڪو هڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (ياد ڪر) جنهن ڏينهن جبلن کي هلائينداسون ۽ تون زمين کليل ميدان ڏسندين ۽ انهن کي گڏ ڪنداسون پوءِ انهن مان ڪنهن کي به نه ڇڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن ڏينهن اسان جبلن کي هلائينداسين ۽ تون زمين کي صاف ميدان ڏسندين ۽ انهن (سڀني) کي گڏ ڪنداسين ۽ انهن مان ڪنهن هڪ کي به نه ڇڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن جَبل رئـِي ڪَبا، ۽ ڏِسندِين ڀُون بَيران، ۽ ڪَٺي ڪنداسون اُنهن کي، مَنجھ مَحشر جي ميدان، پوءِ هرگز نه ڇَڏِينداسون هيڪڙو، تن مانَ مڙھ ڪِنهِين مَڪان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن اسين جبلن کي هٽائينداسون ۽ تون زمين کي صاف ميدان ڏسندين ۽ اسين کين ڪٺو ڪنداسون ۽ انهن مان ڪنهن کي به نه ڇڏينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ڳڻتي ان ڏينهن جي هئڻ گهرجي) جڏهن اسان جبل هلائينداسون ۽ زمين توکي صفا پڌرو پٽ نظر ايندي ۽ اسان سڀني انسانن کي ائين ميڙي گڏ ڪنداسون جو (اڳين پوين مان) ڪوبه نه بچندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان ڏينهن جي ڳڻتي هجي جڏهن جبلن کي هلائينداسين ۽ تون زمين کي صاف پَٽ ڏسندين، ۽ سڀني ماڻهن کي ورائي گڏ ڪنداسين جو (اڳين پوين مان) ڪوبه پوئتي نه رهندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان ڏينھن کي ذھن ۾ رکو) جڏهن اسان جبلن کي اڏارينداسين ۽ تون زمين کي صفا ميدان جي شڪل ۾ ڏسندين ۽ اسان انهن سڀني کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪنداسين ۽ ڪنھن ھڪ کي به نه ڇڏينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعُرِضوا عَلىٰ رَبِّكَ صَفًّا لَقَد جِئتُمونا كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ بَل زَعَمتُم أَلَّن نَجعَلَ لَكُم مَوعِدًا (آيت : 48) |
۽ (اُھي) تنھنجي پالڻھار وٽ صفون ڪري پيش ڪيا ويندا (چونداسون ته) جھڙي طرح اوھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيوھوسون (تھڙي طرح) اسان وٽ آيا آھيو، بلڪ ڀائيندا ھيؤ ته اوھان جي لاءِ انجام جو ھنڌ نه ڪنداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن جون وصفون (هڪٻئي پٺيان) تنهنجي پروردگار جي سامهون پيش ٿينديون. (پوءِ کين چيو ويندو ته) جهڙيءَ طرح اوهان کي پهريائين (زمين تي) پيدا ڪيو ويو هو تهڙيءَ طرح توهان اڄ (وري اٿي) اسان وٽ حاضر ٿيا آهيو. توهان ته خيال ڪيو هو ته، اسان توهان جي لاءِ (هن طرح پيش ٿيڻ جو) وقت ڪونه ٺهرايو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ سڀئي توهان جي رب جي دربار ۾ صفون ٻَڌي بيٺل هوندا، تحقيق توهان (اڄ) اسان وٽ ايئن آيا آهيو جيئن اسان توهان کي پهرئين دفعي پيدا ڪيو، بلڪِ توهان کي گمان هو ته اسين توهان کي وعدي موجب نه اٿارينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سڀئي تنهنجي پروردگار جي سامهون قطار ۾ پيش ڪيا ويندا ۽ (تنهن وقت اسين ياد ڏيارينداسون) ته جيئن اسان اوهان کي پهرين ڀيرو پيدا ڪيو هو (تئين) اوهان کي (نيٺ) اسان ڏي اچڻو پيو. پر اوهان ته خيال ڪندا هئا ته اسين اوهان لاءِ (ٻيو ڀيرو پيدا ڪرڻ جو) ڪوئي وقت ئي (مقرر) نه ڪنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پيش ڪيا ويندا اڳيان رب تنهنجي صف ٻڌل البته تحقيق آيئو اوهان اسان وٽ جيئن پيدا ڪيو اسان اوهان کي پهرئين ڀيري بلڪه گمان ڪيو اوهان ته هرگز نه ڪنداسون اوهان جي لاءِ ڪو واعدو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تنهنجي پاليندڙ جي سامهون قطار ۾ آندو ويندنِ (۽ چئبن ته) جيئن اسان اوهان کي پهرئين ڀيري پيدا ڪيو تيئن اسان وٽ آيا آهيو پر اَوَهان خيال ڪندا هئا ته اسين اوهان لاءِ ڪوبه انجام جو وقت (مقرر) نه ڪنداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (سڀئي) تنهنجي پالڻهارجي اڳيان قطار ۾ پيش ڪيا ويندا. (چيو ويندو ته) بيشڪ اوهان اسان وٽ ائين آيا آهيو جيئن اسان اوهان کي پهريون ڀيرو پيدا ڪيو هيو. بلڪه اوهان گمان ڪندا هئا ته اسان اوهان لاءِ هرگز ڪو وعدي جو وقت مقرر نه ڪنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ صَف ۾ سڀ جَھان، سَندنِ پَرور پيش ڪبا. اَوهِين اَسان وٽ آيا، ٿِي هِڪ هِڪ، حُڪم ساڻ، جِيئن پيدا ڪيوسون نِيئان پِهرين؛ بلڪ ڀانيان پاڻ، ته ڪنداسون نه اوهان ڪاڻ، ڪو موقعو حرف حِساب جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تنهنجي رب اڳيان صفون ڪبا، ”ڏسو، نيٺ اوهين اسان وٽ آيؤ، جيئن اسان اوهان کي پهرين ڀيري پيدا ڪيو هو، بلڪ اوهان ڀانيو ٿي ته اسين اوهان لاءِ ڪو مقرر وقت نه آڻينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سڀئي تنهنجي رب جي آڏو قطارن جي صورت ۾ پيش ڪيا ويندا، ڏسو آيا نه اسان وٽ، بلڪل ائين ئي جيئن اسان توهانکي پهرئين ڀيري پيدا ڪيو هو. توهان ته سمجهيو هو ته اسان توهان لاءِ ڪوبه وعدي جو وقت مقرر ئي نه ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سڀ جا سڀ تنهنجي رب آڏو قطارن ۾ پيش ڪيا ويندا، ڏسي وٺو اچي ويا نه اسان وٽ جهڙيءَ طرح اسان کين پهرين پئدا ڪيو هو، توهان هي سمجهيو هو ته اسان توهان لاءِ ڪو وقت مقرر نه ڪيو آهي وعدي جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ سڀني کي تنھنجي پالڻھار جي آڏو قطار ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ کين چيو ويندو ته جيئن توھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيو ھو سو (اڄ) توهان ساڳي طرح اسان جي سامھون حاضر ٿيا آھيو. بلڪ توھان ته اھو سمجهي ويٺا ھئا ته اسان توھان جي (حساب) لاءِ قيامت جي گهڙي مقرر ئي نه ڪئي هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَوُضِعَ الكِتٰبُ فَتَرَى المُجرِمينَ مُشفِقينَ مِمّا فيهِ وَيَقولونَ يٰوَيلَتَنا مالِ هٰذَا الكِتٰبِ لا يُغادِرُ صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً إِلّا أَحصىٰها وَوَجَدوا ما عَمِلوا حاضِرًا وَلا يَظلِمُ رَبُّكَ أَحَدًا (آيت : 49) |
۽ اعمالنامون رکيو ويندو پوءِ جيڪي منجھس ھوندو تنھن کان ڏوھارين کي ڊڄندڙ ڏسندين ۽ چوندا ته اسان لاءِ ارمان آھي ھن اعمالنامي جو ڇا حال آھي جو نڪي ننڍي (گناھ) ۽ نڪي وڏي کي ڳاڻيٽي کانسواءِ ڇڏيو اٿس، ۽ جيڪي ڪيائون سو حاضر لھندا، ۽ تنھنجو پالڻھار ڪنھن ھڪڙي تي به ظلم نه ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (هن وقت) لکيل اعمال ناما آندا ويندا ۽ تون ڏسندين ته جيڪي انهن ۾ (لکيل) آهي تنهن گهنهگارن کي هراس ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هو (بي اختيار) چئي ڏيندا ته افسوس اسان جي حال تي هي ڪهڙا ته ڪتاب آهن جو ڪابه ڳالهه ڇڏيل ڪانهي. ننڍيون خواهه وڏيون سڀ ڳالهيون ان ۾ حساب هيٺ آيل آهن. مطلب ته جيڪي به هنن (دنيا ۾) ڪيو هو سو سڀ پنهنجي اڳيان موجود ڏسندا. ۽ تنهنجو پروردگار ڪنهن سان به بي انصافي نه ڪندو، (جيڪي جنهن ڪيو سوئي ان جي آڏو ايندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ عمل نامان رکيا ويندا، پوءِ توهان مجرمن کي ڏسندا ته اهي ان کان ڊڄندا ۽ اهي چوندا ته هاءِ اسان جي هلاڪت هن لکت کي ڇا ٿيو آهي جو اسان جا صغيرا ۽ ڪبيرا گناه سڀئي انهيءَ ۾ لکجي ويا، ۽ جيڪو ڪجھه انهن عمل ڪيو هوندو سو حاضر هوندو، ۽ توهان جو رب ڪنهن سان به ظلم نٿو ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ماڻهن جي اعمال جو) ڪتاب سامهون رکيو ويندو پوءِ جيڪي ان ۾ (لکيل) هوندو تنهن کان تون ڏوهارين کي ڊڄندو ڏسندين. ۽ چوندا هاءِ اسان جي شامت، هي ڪهڙو ڪتاب آهي! جو نڪا ننڍي ۽ نڪا وڏي ڳالھ لکڻ کان سواءِ ڇڏي اٿس. ۽ جو ڪجھ ڪيو هوندائون تنهن کي (لکيل) سامهون ڏسندا. ۽ تنهنجو پروردگار ڪنهن تي (ذرو برابر به) ظلم نه ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رکيو ويندو ڪتاب پوءِ ڏسندين مجرمن کي ڊڄندڙ ان کان جيڪو ان ۾ (لکيل) آهي ۽ چوندا اي هلاڪت اسان جي ڇا آهي واسطي هن ڪتاب جي نه ٿو ڇڏي ننڍي ڳالھ ۽ نه وڏي ڳالھ مگر گھيري ۾ رکيائين ان کي ۽ لهندا ان کي جيڪو ڪيائون حاضر ۽ نه ظلم ڪندو تنهنجو رب ڪنهن هڪ سان. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اعمال نامون رکيو ويندو پوءِ جيڪي ان ۾ هوندو تنهن کان تون ڏوهارين کي ڊڄندڙ ڏسندين ۽ چوندا ته اسان لاءِ وڏي خرابي آهي، هن اعمال نامي کي ڇا ٿيو آهي جونه ڪا ننڍي ۽ نه ڪا وڏي ڳالهه ڇڏي ٿو پر ان کي ڳڻيو اٿس. ۽ جو ڪجهه ڪيو هوندائون تنهنکي سامهون ڏسندا ۽ تنهنجو پاليندڙ ڪنهن تي ظلم نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (هر انسان اڳيان) اعمال نامو رکيو ويندو پوءِ تون ڏوهارين کي ڏسندين ته (اُهي) انهن (ڏوهن) کان ڏرندڙ هوندا جيڪي ان ۾ (لکيل) هوندا ۽ چوندا: ”هاءِ اسان جي بربادي هن اعمال نامي کي ڇا ٿيو آهي؟ جو ان نه ڪا ننڍي (شيءِ) ڇڏي آهي ۽ نه وڏي مگر ان کي شمار ڪيو اٿس“. ۽ اُنهن جو ڪجهه ڪيو هيو سو سڀ پنهنجي اڳيان حاضر لهندا ۽ تنهنجو پالڻهار ڪنهن هڪ تي به ظلم نه ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِسندِين تِنهن ڏِينهن ۾، ڀَنوارِيل بَدڪار، چي، هَيْ! اسان جي حال کي، هِن ڪِتاب ڪِهڙا پار، ته ننڍي، وڇي ڪم کي، تَرڪ نه ڪري تڪرار، مگر اُن مِڙن جو، ڪري، پُورِيءَ طرح شُـمار، ۽ حاضر پاتئون حِساب ۾،جيڪي ڪيئون ڪم ڪار، ۽ تُنهنجو پالڻهار، هاڃو نه ڪري، ڪِنهن هيڪ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اعمالنامو رکبو، ته تون ڏوهارين کي ڏسندين، ته هو ان سڀ کان ڊڄندا هوندا، جيڪي انهن ۾ هوندو ۽ چوندا ”هاءِ افسوس! هي ڪهڙو اعمالنامو آهي، جو ڪو به ننڍو يا وڏو گناهه لکڻ کانسواءِ نه ڇڏيو اٿس! هو سندن ڪم ان ۾ ڏسندا، تنهنجو رب ڪنهن تي به ظلم نه ڪندو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اعمالنامو آڏو رکيو ويندن، پوءِ تون ڏسندين ته ڏوهاري ماڻهو ان ۾ لکيل ڳالهين کان ڊڄندا هوندا ۽ پيا چوندا هوندا ته "هاءِ ڙي اسان جي بدبختي، هيءُ ڪهڙو ڪتاب آهي جنهن اسان جي ڪابه ننڍي توڙي وڏي ڳالهه نه ڇڏي آهي، بلڪه اها به ان ۾ آندي اٿائين". جيڪو به ڪيو هوندائون سو سڀ اکين آڏو موجود ڏسندا ۽ تنهنجو رب ڪنهن تي به ڪو ظلم نه ڪندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سامهون رکيو ويندو عمل نامو، ان وقت تون ڏسندين ڏوهاري پنهنجي زندگيءَ جي (ڪتاب کان) ڊڄي رهيا هوندا ۽ چئي رهيا هوندا ته هاءِ اسان جي بدنصيبي، هي ڪتاب ڪهڙو آهي جنهن ۾ اسان جي هرڪا ننڍي وڏي حرڪت اهڙي نه آهي جيڪا ان ۾ درج نه هجي، ۽ جيڪي ڪجهه انهن ڪيو هو سو ڏسندا سڀ پنهنجي آڏو حاضر ۽ تنهنجو رب ڪنهن تي به ذرو ظلم نه ڪندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اعمال ناما رکيا ويندا ان ۾ جيڪو ڪجهه ھوندو تنھن کان تون ڏوھارين کي ڊڄندي ڏسندين ۽ ھو چوندا ته افسوس! ھي ڪھڙي قسم جو اعمال نامو آھي؟ جنھن ۾ ننڍي ۾ ننڍو ۽ وڏي ۾ وڏو گناهه به لکيل آھي. پوءِ دنيا ۾ جنھن به جيڪو ڪجهه ڪيو ھوندو سو سڀ ان جي اڳيان موجود ھوندو ۽ تنھنجي پالڻھار جي طرفان ڪنھن سان به ذَري جيترو ظلم نه ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ كانَ مِنَ الجِنِّ فَفَسَقَ عَن أَمرِ رَبِّهِ أَفَتَتَّخِذونَهُ وَذُرِّيَّتَهُ أَولِياءَ مِن دونى وَهُم لَكُم عَدُوٌّ بِئسَ لِلظّٰلِمينَ بَدَلًا (آيت : 50) |
۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو تڏھن ابليس کانسواءِ ٻـين سجدو ڪيو، اھو جِنّن مان ھو پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم جي نافرماني ڪيائين، پوءِ اوھين کيس ۽ سندس اولاد کي مون کانسواءِ ڇو دوست وٺندا آھيو حالانڪ اُھي اوھان جا ويري آھن، (شيطان) ظالمن لاءِ بڇڙو بدلو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن اسان ملائڪن کي حڪم ڏنو هو ته آدم جي اڳيان جهڪو، تڏهن سڀ جهڪيا هئا، پر ابليس نه جهڪيو هو. هو جنن مان هو. (مطلب ته) هن پنهنجي پروردگار جي حڪم جي نافرماني ڪئي. پوءِ ڇا توهان (انسان) مونکي ڇڏي (جو توهان جو پروردگار ۽ توهان تي رحمت ڪندڙ آهيان) هن (شيطان) کي ۽ سندس نسل کي پنهنجو ڪارساز ٿا بنايو، حالانڪ هو اوهان جا دشمن آهن. ظالمن جي لاءِ اها ڪهڙي نه بڇڙي مٽاسٽا آهي (جو پنهنجي رحيم رب کي ڇڏي دشمن شيطان جا ٻانها ٿي پاڻ کي تباهه ٿا ڪن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت اسان ملائڪن کي حڪم ڪيو ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ سڀن سجدو ڪيو، ابليس جِنن مان هو پوءِ ان پنهنجي رب جي حڪم جي نافرماني ڪئي، ڇا پوءِ توهان ابليس ۽ سندس اولاد کي مون کانسواءِ مددگار ڪري وٺو ٿا ۽ اهي توهان جا سخت دشمن آهن، ۽ ظالمن کي ڪهڙو نه خراب بدلو مليو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي حڪم ڪيو ته آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ ابليس کان سواءِ انهن سجدو ڪيو (اهو ابليس) جنن مان هو، ته پنهنجي پالڻهار جي حڪم کان نڪري ڀڳو ته (انسانو) ڇا مون کي ڇڏي ان کي ۽ ان جي اولاد کي پنهنجو دوست بنايو ٿا؟ هوڏانهن اهي اوهان جا (قديمي) دشمن آهن. ظالمن (خدا جي بدلي شيطان کي پنهنجو دوست بنايو هي انهن) جو ڪهڙو نه بڇڙو بدلو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن چيوسون ملائڪن کي ته سجدو ڪيو آدم کي پوءِ سجدو ڪيائون مگر شيطان (سجدو نه ڪيو) هو جنن مان پوءِ نڪري ويو پنهنجي رب جي امر کان ڇا پوءِ بنايو ٿا ان کي ۽ ان جي اولاد کي دوست مون کان سواءِ حالانڪ اهي اوهان جا دشمن آهن برو آهي ظالمن جي لاءِ بدلو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ ابليس کان سواءِ انهن سجدو ڪيو، هو جنن مان هو، پوءِ هُن پنهنجي پاليندڙ جي حڪم جي نافرماني ڪئي. ڇا پوءِ به ان کي ۽ ان جي اولاد کي مون کان سواءِ دوست ڪري وٺو ٿا ۽ اهي اوهان جا دشمن آهن. اهو (شيطان) ڪهڙو بڇڙو بدلو ظالمن کي مليو آهي! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪيو پوءِ سجدو ڪيائون سواءِ ابليس جي. اُهو جِنَن مان هيو پوءِ ان پنهنجي پالڻهار جي حڪم جي نافرماني ڪئي. ڇا پوءِ اوهان مون کي ڇڏي ان کي ۽ ان جي اولاد کي دوست بنايو ٿا؟ حالانڪه اُهي اوهان جا دشمن آهن. ظالمن جي لاءِ نهايت برو بدلو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن چيو سون مَلڪن کي، ته آدم کي جُھڪو، پوءِ سوا اِبليس، سُڀ جھڪيا، هُو هُئو جِنن مان ڪو، ٿِيو ٻَهَرْ ٿُڪو، آگيسِ جي، اَمر ڪَنان، پوءِ اُن، ڪِ سندس اولاد کي، مون ري، وٺو مَهندار، ۽ ڌُران دُشمن اَهنجا، آهِن هُو اِظهار، هاڃيڪارن هارِ، بَدلو بِلڪُل بَدٿيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن اسان ملائڪن کي حڪم ڏنو، ته آدم لاءِ سجدو ڪريو، ته سواءِ ابليس جي ٻين سجدو ڪيو، هو جنن مان هو، تنهن ڪري پنهنجي رب جي حڪم جي نافرماني ڪيائين، ڇا پوءِ اوهين به ان کي ۽ سندس پوئلڳن کي مون کان سواءِ دوست بنايو ٿا_ جي اوهان جا دشمن آهن؟ ۽ اهو ظالمن لاءِ تمام بڇڙو بدلو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو جڏهن اسان ملائڪن کي چيو هو ته آدم کي سجدو ڪريو ته سڀني سجدو ڪيو پر ابليس نه ڪيو. اهو جنن مان هو، تنهنڪري پنهنجي رب جي حڪم جي نافرماني ڪيائين. پوءِ ڇا توهان مونکي ڇڏي ان کي ۽ سندس اولاد کي سرپرست بڻايو ٿا، حالانڪه هو توهانجا دشمن آهن؟ ڏاڍي بري آهي ظالمن جي مٽاسٽا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪر (اي نبي!) جڏهن اسان فرشتن کي چيو ته سجدو ڪريو آدم کي پوءِ انهن سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي (هن انڪار ڪيو)، هو جنن مان هو پوءِ هو نڪتو پنهنجي رب جي حڪم مان، ڇا هاڻي توهان بڻايو ٿا سرپرست ان کي ۽ سندس اولاد کي دوست مون کي ڇڏي، جڏهن ته اهي توهان جا دشمن آهن؟ بي حد برو بدلو آهي جنهن کي ظالم ماڻهو اختيار ڪن پيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن اسان ملائڪن کي آدم ($) کي سجدو ڪرڻ لاءِ چيو ته ابليس کان سواءِ ٻين سڀني سجدو ڪيو، ابليس جنن (جي نسل) مان ھو. ھن پنھنجي پالڻھار جي حڪم جي نافرماني ڪئي، پوءِ به توھان ان کي ۽ سندس اولاد کي مون کان سواءِ سرپرست ٺاھيو ٿا، حالانڪ ھو توھان جو کليل دشمن آھي. ظلم ڪرڻ وارن جي لاءِ اھو رستو ڏاڍو برو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما أَشهَدتُهُم خَلقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلا خَلقَ أَنفُسِهِم وَما كُنتُ مُتَّخِذَ المُضِلّينَ عَضُدًا (آيت : 51) |
نڪي آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ مھل اُنھن (شيطانن) کي حاضر ڪيو ھوم ۽ نڪي سندن جيئن بڻائڻ مھل به، ۽ نڪي گمراھن کي مددگار وٺندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مان هنن (شيطانن) کي پاڻ سان شامل نه ڪيو هو، جڏهن زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪيو هوم. نڪي انهيءَ وقت هو شامل هئا جڏهن خود انهن کي پيدا ڪيو هوم (جڏهن ته اهي پاڻ خلقيل آهن، تڏهن پنهنجي پيدا ٿيڻ وقت ڪيئن موجود ٿي سگهن ها). مان اهڙو نه هوس جو (انسانن جي) گمراهه ڪرڻ وارن کي پنهنجو رفيق ۽ مددگار بنايان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مون انهن (شيطانن) کي حاضر نه ڪيو آسمانن ۽ زمينن جي تخليق وقت ۽ نه سندن پيدائش وقت، ۽ آئون گمراه ڪندڙن کي پنهنجو مددگار نٿو بنايان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ وقت مون انهن کي (مدد لاءِ) سڏيو هو نه سندن پيدا ڪرڻ وقت به. ۽ آءُ اهڙو (ويل نه) آهيان جو گمراھ ڪرڻ وارن کي مددگار بنايان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه سامهون وهاريو هو مون انهن کي وقت پيدا ڪرڻ آسمانن ۽ زمين جي ۽ نه وقت پيدا ڪرڻ سرن انهن جي ۽ نه آهيان مان بنائيندڙ گمراهن کي مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نه آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ وقت مون انهن کي حاضر ڪيو هو ۽ نه سندن پيدا ڪرڻ وقت به. ۽ آءُ گمراهه ڪرڻ وارن کي مددگار وٺڻ وارو نه آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نه مون انهن کي آسمانن ۽ زمين جي پيدائش جي وقت موجود رکيو هيو ۽ نه انهن جي جانين جي پيدائش مهل ۽ نه ئي مون گمراهه ڪندڙن کي مددگار بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مون، سي ساکي ڪِين ڪيا، بلڪل بي گمان، جوڙڻ اُڀ زمين تي، پڻ جوڙڻ سَندنِ جان، ۽ آئون مَدد وٺندڙ ڪانه، مُوڙهلن کان مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مون نڪي انهن کي آسمان ۽ زمين پيدا ڪرڻ وقت سڏيو هو، نڪي سندن پيدائش وقت ۽ آءُ اهڙو عاجز نه هوس جو گمراهه ڪندڙن کي پنهنجو مددگار بڻايان ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مون آسمان ۽ زمين خلقڻ وقت انهن کي ڪونه گهرايو هو ۽ نڪي سندن ئي پيدائش ۾ کين شريڪ ڪيو هو، مان ته ائين ڪندو ئي ناهيان جو گمراهه ڪندڙن کي پنهنجو مددگار بڻايان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مون نه سڏيو هو انهن کي بنائڻ مهل آسمانن ۽ زمين جي، ۽ نه سندن پيدائش وقت کين شريڪ ڪيو، ۽ اهو ڪم منهنجو ناهي ته گمراهه ڪندڙن کي مددگار بڻايان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مون آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ وقت انهن کي (يعني ابليس ۽ سندس اولاد کي) ڪونه سڏيو ھو ۽ نه ئي کين پيدا ڪرڻ وقت مون ڪو انهن کي (پاڻ سان گڏ) شريڪ ڪيو ھو، گمراھن کي ته پاڻ سان گڏ رکڻ منھنجو ڪم ئي نه آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَومَ يَقولُ نادوا شُرَكاءِىَ الَّذينَ زَعَمتُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَجَعَلنا بَينَهُم مَوبِقًا (آيت : 52) |
۽ جنھن ڏينھن الله چوندو ته (اي مشرڪؤ!) اوھين انھن کي سڏيو جن کي منھنجا شريڪ ڄاڻندا ھيؤ ۽ پوءِ انھن کي سڏيندا ۽ اُھي کين ورندي نه ڏيندا ۽ سندن وچ ۾ ھلاڪت جو ھنڌ ڪنداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن الله تعاليٰ فرمائيندو ته، (اي نافرمان انسانو!) جن هستين کي توهان سمجهيو هو ته مون سان شريڪ آهن، تن کي هاڻي سڏيو ته سهي، ته هو سڏيندا، پر کين ڪوبه جواب ڪونه ملندو. اسان هنن ٻنهي (يعني گهنگار انسانن ۽ سندن ٺهرايل شريڪن) جي وچ ۾ اوٽ ۽ پردو ڪري ڇڏينداسين (جنهن ڪري هڪٻئي جو ڳالهائڻ به نه ٻڌي سگهندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ قيامت جي ڏينهن الله تعالى (ڪافرن کي) فرمائيندو ته توهان پنهنجي معبودن کي پڪاريو جن جي توهان عبادت ڪندا هئا، پوءِ اهي کين پڪاريندا پوءِ معبود کين جواب نه ڏيندا ۽ اسان انهن جي وچ ۾ جهنم جي هڪ وادي تيار ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ان ڏينهن کان ڊڄو) جنهن ڏينهن خدا فرمائيندو ته هاڻي اوهين جن ماڻهن کي منهنجو شريڪ خيال ڪندا هئا تن کي (مدد لاءِ) سڏيو، ته اهي ماڻهو انهن کي سڏيندا پر هو انهن کي جواب نه ڏيندا ۽ اسين انهن ۽ هنن وچ ۾ هڪ سخت اڏ بنائينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن ڏينهن فرمائيندو ته سڏيو شريڪن منهنجن کي جيڪي گمان ڪيا هئا اوهان پوءِ سڏيندا انهن کي پوءِ نه جواب ڏيندا انهن کي ۽ ڪنداسون انهن جي وچ ۾ هلاڪت جو هنڌ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جنهن ڏينهن الله فرمائيندو ته منهنجن شريڪن کي سڏيو، جن کي اوهين مڃيندا هئا. پوءِ اهي انهن کي سڏيندا پوءِ هو انهن کي جواب نه ڏيندا ۽ اسين انهن ۽ هنن جي وچ ۾ هڪ آڙ رکنداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُن ڏينهن الله انهن کي فرمائيندو ته: ” انهن کي سڏيو جن کي اوهان منهنجو شريڪ گمان ڪندا هئا“. پوءِ انهن کي سڏيندا پر اُهي کين جواب نه ڏيندا ۽ اسان انهن جي وچ ۾ هڪ هلاڪت جي جاءِ (مشترڪ) بنائينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن چَئبو، ته اَڄ ڪٿي؟ جن ڀانتان ڀائيوار، پوءِ ٻاڏائيونِ، پوءِ نَه ٻُڌئون، ڪي واڪا سَندنِ تِنهن وار، ۽ آڏِي ڏِني سون اُنهن وِچان، ڪا ٻَرندڙ ٻَنڌ ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن ڏينهن الله فرمائيندو ته جن کي اوهين منهنجو شريڪ سمجهندا هئا، انهن کي سڏيو، پوءِ هو کين سڏيندا ته هو کين جواب ئي نه ڏيندا ۽ اسين انهن وچ ۾ هڪ اوٽ ڪنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ان ڏينهن اهي ماڻهو ڇا ڪندا، جڏهن سندن رب کين چوندو ته پڪاريو هاڻي انهن هستين کي جن کي توهان منهنجو شريڪ سمجهيو هو. اهي انهن کي سڏيندا پر هو سندن سڏ ئي نه ورائيندا ۽ اسان انهن سڀني لاءِ هڪ گڏيل تباهيءَ جي کڏ قائم ڪنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇا ڪندا ان ڏينهن اهي ماڻهو جڏهن کين چوندو سندن رب، هاڻي پڪاريو انهن هستين کي جن کي توهان منهنجو شريڪ سمجهيو هو، پوءِ هي انهن کي سڏيندا پر اهي ڪونه ايندا، پوءِ اسان هڪ کڏ سندن وچ ۾ تباهي جي ڪڍنداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قيامت جي ڏينھن اللھ تعالى فرمائيندو ته توھان پنھنجي انهن ھستين کي سڏيو جن کي توھان منھنجو شريڪ ٺاھيو ھو. پوءِ ھي (واقعي) انهن کي سڏيندا پر ھو کين ڪوبه جواب نه ڏيندا پوءِ اسان انهن ٻنهي جي وچ ۾ جھنم جي باهه جي ھڪ کَڏ رکنداسين (ته جيئن ھو ھڪ ٻئي کي سامھون نه ڏسي سگهن) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَرَءَا المُجرِمونَ النّارَ فَظَنّوا أَنَّهُم مُواقِعوها وَلَم يَجِدوا عَنها مَصرِفًا (آيت : 53) |
۽ ڏوھاري باھ کي ڏسندا پوءِ ڀائيندا ته اُھي اُن ۾ ڪرندا ۽ کانئس موٽڻ جي واھ نه لھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ گنهگار (دوزخ جي ڀڙڪندڙ) باهه ڏسندا ۽ سمجهي وٺندا ته کين ان ۾ ڪرڻو آهي، ۽ هو ڀڄي وڃڻ لاءِ ڪابه واٽ نه لهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ گنهگار باه ڏسندا پوءِ کين يقين ٿيندو ته بيشڪ اهي انهي باه ۾ ڪرندا ۽ کين ڀڄڻ جي ڪا به جاءِ نه ملندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڏوهاري باھ کي ڏسندا پوءِ سمجهندا ته پڪ اهي ان ۾ وڌ ويندا ۽ ان (دوزخ) کان بچڻ جي راھ نه لهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏسندا مجرم باھ کي پوءِ گمان ڪندا ته بيشڪ اهي ڪرندڙ آهن ان ۾ ۽ نه لهندا ان کان ڦرڻ جي جاءِ. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڏوهاري باهه کي ڏسندا پوءِ سمجهندا ته پڪ اهي ان ۾ پوڻ وارا آهن، ۽ ان کان ڦرڻ جي جاءِ نه لهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڏوهاري باهه کي ڏسندا پوءِ پڪ سمجهندا ته اُهي ان ۾ پَوَڻَ وارا آهن ۽ اُهي ان کان بچڻ جي جاءِ نه لهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِٺو ڏوهارين باھ کي، پوءِ ڀانيئون برقرار، پَوَڻا آهن پڪ سان، تِنهِين مَنجھ تڪرار، پوءِ ڪَنان اُن آزار، پاسي ته پاتئون پيچرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان وقت ڏوهاري دوزخ کي ڏسندا، پوءِ يقين ڪندا ته اهي ان ۾ ڪرڻ وارا آهن ۽ ان کان بچڻ جو ڪو رستو نه لهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سڀئي مجرم ان ڏينهن باهه ڏسندا ۽ سمجهي ويندا ته هاڻي انهيءَ ۾ اِجهو ٿا پون ۽ ان کان بچڻ لاءِ ڪابه واهه نه لهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏسندا سڀ ڏوهي ان ڏينهن باهه ۽ اهو به سمجهي ويندا ته هاڻي کين ان ۾ ئي ڪِرڻو آهي ۽ اهي ان کان بچڻ جي ڪابه پناهه گاهه نه ڏسندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان وقت اهي سڀ ڏوھاري باهه کي (پنھنجي سامھون) ڏسندا ۽ اھو سمجهندا ته پَڪ سان ھو ان ۾ ڪرڻ وارا آهن ۽ اُھي باهه کان بچڻ جو ڪوبه رستو نه ڏسندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِلنّاسِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَكانَ الإِنسٰنُ أَكثَرَ شَيءٍ جَدَلًا (آيت : 54) |
۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ ھر طرح جا مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪياسون، ۽ ماڻھو سڀ شيء کان گھڻو جھيڙاڪار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اسان هن قرآن ۾ ماڻهن جي هدايت لاءِ هر طرح جا مثال موٽائي موٽائي وري وري بيان ڪيا آهن. پر انسان گهڻين ئي ڳالهين ۾ وڏو جهڳڙالو ثابت ٿيو آهي. (يعني ايتري چٽائي هوندي به اختلاف ڪن ٿا ۽ بحث ۽ جهڳڙن ۾ پئجي وڃن ٿا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان ماڻهن (جي هدايت) لاءِ قرآن ڪريم ۾ هر قسم جا مثال بيان ڪيا آهن، ۽ انسان هر شيءِ کان وڌيڪ اختلاف ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ته هن قرآن ۾ ماڻهن جي (سمجهائڻ) لاءِ سڀ ڪو مثال ڦير گهير سان بيان ڪيو آهي پر انسان سڀ مخلوقات کان وڏو جهڳڙالو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ورائي ورائي بيان ڪيو اسان هن قرآن ۾ ماڻهن جي لاءِ هر مثال ۽ آهي انسان هر شيءِ کان گھڻو جھيڙاڪار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ سڀڪو مثال ماڻهن لاءِ نموني نموني بيان ڪيو آهي ۽ انسان سڀ شيءَ کان وڏو جهڳڙالو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن جي لاءِ هر طرح جي مثال کي (انداز مٽائي) بار بار بيان ڪيو آهي. ۽ انسان سڀ شيءِ کان وڏو جهيڙيڪار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِناسون هِن قُرآن ۾، ڪَئين ماڻهن لئي مِثال، ۽ ماڻهوءَ گھڻِي ڳالھ، آهي بَحث بيڪار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن لاءِ هر قسم جا عمدا مضمون بيان ڪيا آهن، ته به ماڻهو جهڳڙي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن قرآن ۾ ماڻهن کي قسمين قسمين سمجهاڻيون ڏيئي سمجهايو آهي، مگر انسان ڏاڍو جهڳڙالو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان طرح طرح سان هن قرآن ۾ ماڻهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر انسان ته گهڻو ڪري ثابت ٿيو آهي جهڳڙالو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ھن قرآن جي ذريعي ماڻهن کي ھر طرح جا مثال ڏيئي سمجهايو آهي پر انسان وڏو ڦڏائي (۽ جهڳڙو ڪندڙ) ثابت ٿيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ وَيَستَغفِروا رَبَّهُم إِلّا أَن تَأتِيَهُم سُنَّةُ الأَوَّلينَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ قُبُلًا (آيت : 55) |
۽ ماڻھن وٽ جڏھن ھدايت آئي تڏھن کين ايمان آڻڻ ۽ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرڻ کان ھن ڌاران ڪنھن نه جھليو جو اڳين جي رسم (جھڙي پاڙ پَٽ سزا) وٽن اچي يا وٽن سامھون عذاب پُھچي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن ته هدايت ماڻهن جي اڳيان اچي ويئي آهي، تڏهن ايمان آڻڻ ۽ پنهنجي پالڻهار کان بخشش جي طلب ڪرڻ کان کين ڪهڙي ڳالهه روڪي سگهي ٿي، سواءِ هن ڳالهه جي جو (هو ضد ڪري طلب ڪن ٿا ته) اڳوڻين قومن جهڙو معاملو کين به پيش اچي يا اسان جو عذاب هنن جي سامهون اچي کڙو ٿي بيهي. (هو بيوقوف ائين نٿا سمجهن ته پوءِ هنن جو ايمان کين ڪم نه ايندو ۽ تباهه ٿي ويندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ماڻهن کي ايمان آڻڻ کان ڪنهن منع ڪئي جڏهن انهن وٽ رسولِ عربي قرآن ڪريم سميت اچي چڪو آهي ۽ اهي پنهنجي رب کان بخشش گھرن ها مگر اهو ته انهن تي اڳين (ماڻهن) جهڙو عذاب اچي يا انهن تي قسم قسم جو عذاب نازل ٿئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ماڻهن وٽ جڏهن هدايت اچي چڪي ته (پوءِ) کين ايمان آڻڻ ۽ پنهنجي پروردگار کان معافي گهرڻ کان ڪهڙي ڳالھ روڪيو، سواءِ هن جي جو اڳين جي ريت رسم انهن کي به پيش آئي يا اسان جو عذاب سندن سامهون اچي (موجود) ٿئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه روڪيو ماڻهن کي هن کان جو ايمان آڻين جڏهن آئي انهن وٽ هدايت ۽ مغفرت، گھرن رب پنهنجي کان مگر هن ڳالھ جو اچي انهن وٽ طريقو پھرين جو يا اچي انهن وٽ عذاب سامهون ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ماڻهن وٽ جڏهن هدايت آئي تڏهن انهن کي ايمان آڻڻ ۽ پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهرڻ کان رڳو هن ڳالهه روڪيو ته اڳين تي گذريل روش، مٿن به اچي يا انهن کي مختلف قسمن جون سزائون ملن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ماڻهن کي ان کان ڪنهن ڪونه روڪيو آهي جو ايمان آڻن جڏهن انهن وٽ هدايت اچي وئي ۽ پنهنجي پروردگار کان بخشش گهرن سواءِ هن جي جو انهن تي اڳين ماڻهن وارو (بربادي جو) طريقو اچي وڃي ۽ يا عذاب انهن جي سامهون اچي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهوءَ، مَنع ڪِنهن نه ڪَئـِي، آڻِينِ تان اِيمان، جڏهن هِدايت حق جِي، آئـِي کِين عيان، پن گُهرنِ سَندنِ سائـِينءَ ڪَنان، بَخشش بي گمان، مگر پَرِ مَهندِين جِي، اَچينِ، نيٺ نِڌان، يا مٿن مَنجھ ميدان، سامهون ٿيئي ساڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن ماڻهن وٽ هدايت آئي، ته کين ايمان آڻڻ ۽ پنهنجي رب کان بخشش گهرڻ کان فقط انهي ڳالهه روڪيو، جو کين به اڳين واري حالت پيش اچي يا وٽن خدائي عذاب اڳيان اچي کڙو ٿئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وٽن جڏهن هدايت اچي ويئي ته کيس مڃڻ ۽ پنهنجي رب جي در معافي وٺڻ کان آخر کين ڪهڙي شيءِ روڪيو هو؟ سواءِ هن جي ٻي ڀلا ڪهڙي شيءِ ته، ساڻن به اهائي ڪار ٿئي، جيڪا اڳوڻين قومن سان ٿي هئي يا وري عذاب ئي اچي سندن آڏو بيهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن ماڻهن کي آخر ڪهڙي شيءِ منع ڪيو مڃڻ کان، جڏهن انهن وٽ هدايت آئي ۽ معافي گهرن پنهنجي رب کان؟ بس ان بنا ڪجهه ناهي ته اهي انتظار ۾ آهن جيئن اڳين قومن سان ٿيو ته انهن سان به اهو ئي ٿئي يا هي ته اهي عذاب کي سامهون ايندي ڏسن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن جي سامھون جڏھن ھدايت جو پيغام آيو ته ان کي مڃڻ ۽ پنھنجي پالڻھار کان معافي گهرڻ کان کين ھن ڳالھ پوئتي رکيو ھو ته هو چاھين پيا ته انهن سان به گذريل قومن جھڙو سلوڪ ٿئي يا ھو پنھنجي اکين سان عذاب کي سامهون ايندي ڏسن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَيُجٰدِلُ الَّذينَ كَفَروا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَما أُنذِروا هُزُوًا (آيت : 56) |
۽ پيغمبرن کي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليون ٿا، ۽ ڪافر ڪوڙو جھڳڙو ھن لاءِ ڪندا آھن ته ان سان سچ کي ٿيڙين ۽ منھنجين نشانين کي ۽ جنھن سان ڊيڄاريا ويا تنھنکي ٺـٺولي ڪري ورتائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان ته پيغمبرن کي فقط هن لاءِ موڪليندا آهيون ته (ايمان ۽ عمل جي انعامن جي) خوشخبري ٻڌائين ۽ (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪن. پر جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي ڪوڙين ڳالهين جي اوٽ وٺي جهڳڙا ڪرڻ لڳن ٿا، انهيءَ لاءِ ته اهڙيءَ طرح سچائي کي شڪ واري ڳالهه ڪري ڏيکارين. هنن اسان جي آيتن (نشانين) کي ۽ ان ڳالهه کي جنهن کان کين خبردار ڪيو ويو آهي، کل چرچي ۽ مسخريءَ جي ڳالهه بنائي رکي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نٿا موڪليون اسين رسولن کي مگر بشير ۽ نذير ڪري، ۽ ڪافر ناحق سان جھڳڙو ڪن ٿا ان لاءِ ته ناحق سان حق کي مِٽائي ڇڏين ۽ اهي اسان جي آيتن ۽ جن شين سان کين ڊيڄاريو ويو ان سان مذاق ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسين ته پيغمبرن کي رڳو هن لاءِ موڪليندا آهيون ته (نيڪ ماڻهن کي نجات جي) خوش خبري ٻڌائين ۽ (برن کي عذاب کان) ڊيڄارين. ۽ ڪافر ڪوڙين ۽ اجاين ڳالهين جي ٽيڪ تي جهڳڙو ڪن ٿا ته جيئن ان جي ذريعي حق (ڳالھ جي) پاڙ پٽن. پڻ انهن ماڻهن منهنجي آيتن کي ۽ جنهن (عذاب) کان اهي ماڻهو ڊيڄاريا ويا تنهن کي مسخري ڪري ورتو اٿن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نٿا موڪليون اسين رسول مگر بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ۽ جھيڙو ڪن ٿا اهي جو ڪفر ڪيائون باطل طريقي سان تانته غلط ثابت ڪن ان سان حق کي ۽ ورتائون آيتن منهنجين کي ۽ انهن کي جو ڊيڄاريا ويا ۽ ان سان چٿر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسين رسولن کي رڳو خوش خبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليون ٿا. ۽ ڪافر اجاين ڳالهين سان جهڳڙو ڪن ٿا ته ان سان حق کي ٽاري ڇڏين، ۽ انهن منهنجين آيتن کي ۽ جنهن سان ڊيڄاريا ويا تنهن کي مسخري ڪري ورتائون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان رسولن کي نه موڪليندا آهيون مگر خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي، ۽ ڪافر ماڻهو بيهوده ڳالهين جي سهاري جهڳڙو ڪن ٿا تان جو ان (باطل) جي ذريعي حق کي زائل ڪن ۽ منهنجي آيتن ۽ جنهن (عذاب) کان ڊيڄاريا وڃن ٿا ان کي کل ڀوڳ ڪري وٺن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسين نه مُرسل موڪليون، مگر کِيانتاخان، يا آڳ ڪنان اڳوان، ڏَهڪائيندڙ ڏٖيھ کي. جن ڪُفر ڪيو، سي ڪُوڙسان، ڪن جھيڙا جنگ جِدال، تان ساڻسِ، صفا سچ کي، ڪن پَڻِي ۽ پائمال، پڻ اسان جون آيتون، ۽ جن نِشانيَن نال، وِيا ڪنبايا ڪُلال، ٺهرايئون ٺَٺوليون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسين رسولن کي رڳو مبارڪ ڏيڻ ۽ ڊيڄارڻ وارو بڻائي موڪليندا آهيون ۽ ڪافر ته ڪوڙ تي هن لاءِ جهڳڙو ڪندا آهن، ته ان سان حق کي ٿيڙين ۽ انهن آيتن تي ٺٺوليون ڪن، جن ۾ انهن کي ڊيڄاري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رسولن کي اسان فقط ان لاءِ موڪليندا آهيون ته خوشخبري ڏيڻ ۽ خبردار ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏين، پر ڪافرن جي حالت اها آهي، جو باطل جي ڳالهين سان حق کي زير ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن ۽ انهن منهنجي آيتن کي ۽ جنهن سان ڊيڄاريا ويا آهن، مسخري بڻايو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه موڪليندا آهيون اسان رسولن کي سواءِ خوشخبري ڏيڻ ۽ ڊيڄارڻ جو ڪم سرانجام ڏين پر حال هي آهي انهن ڪافرن جو، باطل جي هٿيارن سان ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن حق کي، پر انهن ورتو آهي منهنجي آيتن ۽ تنبيهن کي ٺٺولي ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ته رسول سڳورن کي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ عذاب کان ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو . ھي ڪافر ھروڀرو ڪوڙين ڳالهين جي ذريعي حق کي مٽائڻ جي پويان پيل آھن ۽ منھنجي آيتن ۽ نصيحت جو مذاق اڏائين ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ فَأَعرَضَ عَنها وَنَسِىَ ما قَدَّمَت يَداهُ إِنّا جَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن تَدعُهُم إِلَى الهُدىٰ فَلَن يَهتَدوا إِذًا أَبَدًا (آيت : 57) |
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن کي سندس پالڻھار جي نشانين سان نصيحت ڏني وڃي ته اُن کان مُنھن موڙي ۽ جيڪي سندس ھٿن اڳي ڪري موڪليو سو وساري؟ اسان ان جي سمجھڻ کان سندين دلين تي پردا ڪيا ۽ سندن ڪنن ۾ گھٻرائي (وڌي سون) ۽ جيڪڏھن تون کين ھدايت ڏانھن سڏين ته اُن وقت سِڌو رستو ڪڏھن به نه لھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي ٿو سگهي جنهن کي سندس پروردگار جون آيتون ياد ڏياريون وڃن ۽ هو انهن کان ڪنڌ موڙي ڇڏي ۽ پنهنجا بدعمل وساري ڇڏي، جيڪي اڳي ڪري چڪو آهي. بيشڪ اسان هنن جي دلين تي پردا وجهي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري ڪابه ڳالهه سمجهي نٿا سگهن ۽ اسان سندن ڪنن ۾ ٻوڙاڻ وجهي ڇڏي آهي، (جنهن ڪري هو حق جو آواز ٻڌي نٿا سگهن) تون هنن کي ڪيترو به سڌي واٽ ڏي، سڏين ته به هو هرگز ڪڏهن به سڌي واٽ لهي نه سگهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان ماڻهو کان وڌيڪ ٻيو ظالم ڪير آهي جنهنکي الله جي آيتن سان سمجھايو ويو پوءِ ان کي نه مڃيائين ۽ پنهنجي ڪيل گناهن جن نتيجي کان بي خبر رهيو، بيشڪ اسان انهن جي دلين تي پردا رکيا آهن ته اهي قرآن ڪريم نه سمجھي سگھن ۽ انهن جي ڪنن ۾ ڳرائي آهي، ۽ جيڪڏهن توهان هدايت ڏانهن انهن کي سڏيندا ته اهي قطعاً هدايت وارا نه ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو جنهن کي خدا جون آيتون ياد ڏيارجن ۽ اهو انهن کان منهن ڦيري ڇڏي ۽ پنهنجي پهرين ڪرتوتن کي جي هن جي هٿان ٿيا آهن وساري ڇڏي. ڄڻ ته اسان پاڻ سندن دلين تي پردا وجهي ڇڏيا آهن ته اهي (سچي ڳالهين کي) نه سمجهي سگهن. ۽ (ڄڻ ته) سندن ڪن ڳرا ڪيا آهن (ته ٻڌي نه سگهن) ۽ جيڪڏهن تون انهن کي هدايت ڏي سڏيندين ته به ڪڏهن رستي تي نه ايندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪير وڌيڪ ظالم آهي ان کان جيڪو نصيحت ڪيو ويو پنهنجي رب جي آيتن سان پوءِ منهن موڙيائين انهن کان ۽ وساريائين ان کي جو اڳي ڪري موڪليو هٿن ان جي بيشڪ اسان ڪيا دلين انهن جي تي سخت پردا ان کان جو سمجھن ان کي ۽ ڪنن انهن جي ۾ گھٻرائي ۽ جيڪڏهن سڏيندين انهن کي هدايت ڏانهن هرگز نه هدايت وارا ٿيندا انهيءَ وقت هميشہ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جنهن کي سندس پاليندڙ جي ڪلام سان نصيحت ڪئي ويئي پوءِ ان کان منهن موڙيائين ۽ جيڪي سندس هٿن اڳي موڪليو سو ڀُلائي ڇڏيائين. بيشڪ اسان سندن دلين تي پردا وڌا ۽ سندن ڪنن ۾ ٻوڙائي (وڌي) ته متان ان کي سمجهن. ۽ جيڪڏهن تون انهن کي هدايت ڏي سڏيندين ته به ڪڏهن رستي تي نه ايندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير آهي؟ جنهن کي سندس پالڻهار جون آيتون ٻڌائي نصيحت ڪئي وڃي ته پوءِ انهن کان منهن ڦيري ڇڏي ۽ وساري ڇڏي ان کي جيڪي سندس هٿن اڳي ڪري موڪليو. بيشڪ اسان انهن جي دلين تي پردا وڌا آهن جو ان (حق) کي سمجهي سگهن ۽ انهن جي ڪنن ۾ ٻوڙائي آهي. ۽ جيڪڏهن تون انهن کي هدايت ڏانهن سڏيندين ته اُهي ڪڏهن به هدايت نه حاصل ڪندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي ڪير اُن کان. جَھجھو جَفاڪار، جنهن کي ياد ڏِنا ويا، جڏهن ڪم سَندس، ڪلتار،پوءِ موڙيئـِين مُنهن تن ڪنان، پوءِ وِساريئـِين تنهن وار، جيڪِي عَمل اڳـئين پار، سَندسِ هَٿِين هَلائيا. ڪياسونِ ڍَڪ قلبن تي، هِن کان، ته پُرجھن پاڻ، ۽ ڪئـِي سونِ سَندنِ ڪَنن ۾، ٻِي وَرِي ٻوڙاڻ، ۽ سَنئـِين ڏي، سَڏئينِ سُڄاڻ!، تڏهن سَدا نه هلن، سَنئـِين مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي، جنهن کي سندس رب جي آيتن سان نصيحت ڪجي ته ان کان منهن موڙي ۽ سندن هٿن جي موڪليل ڪيتن کي وساري؟ اسان سندن دلين تي حق کي سمجهڻ کان پردا ۽ سندن ڪنن ۾ ڳرائي وڌا آهن ۽ جيڪڏهن تون سڌي واٽ ڏانهن سڏيندين ته اهڙي حال ۾ هو هر گز واٽ نه لهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان شخص کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير آهي، جنهن کي سندس رب جون آيتون ٻڌائي نصيحت ڪئي وڃي ته هو وري کانئن منهن ڦيرائي ڇڏي ۽ انهيءَ بڇڙي پڇاڙيءَ کي صفا وساري ڇڏي، جنهن جو انتظام به پنهنجن هٿن سان پاڻ ئي ڪيو اٿائين؟ (جن ائين ڪيو آهي) انهن جي دلين تي اسان پردا وجهي ڇڏيا آهن، جو قرآن جي ڳالهه نٿا سمجهن ۽ سندن ڪنن ۾ به اسان ٻوڙاڻ وجهي ڇڏي آهي، تون کڻي کين ڪيترو به هدايت ڏانهن سڏيندينِ، هو ان حالت ۾ ڪڏهن به هدايت نه لهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٻيو ڪير آهي ظالم ان شخص کان وڌيڪ جنهن کي آيتون سندس رب جون ٻڌائي نصيحت ڪئي وڃي ۽ هو انهن کان منهن موڙي وڃي، اسان پردا وجهي ڇڏيا آهن انهن جي دلين تي، جيڪي کين سمجهڻ نٿا ڏين (قرآن جي ڳالهه)، ۽ انهن جي ڪنن ۾ اسان ڳوراڻ ڀري آهي، تون انهن کي هدايت ڏي ڪيڏو به سڏين انهيءَ حالت ۾، پر اهي هدايت نه لهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو جنھن کي سندس پالڻھار جي آيتن جي ذريعي نصيحت ڪئي وڃي پوءِ به ھو منھن موڙي ڇڏي ۽ پنھنجي ڪيل برن عملن کي وساري ڇڏي؟ بيشڪ اسان سندن دلين تي پردا وجهي ڇڏيا آھن ۽ انهن جي ڪنن کي حق ڳالھ ٻڌڻ کان ٻوڙو ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن کي ھدايت ڏي ڪيترو به سڏيندين، ھو ڪڏھن به ھدايت ڏانھن نه ايندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَرَبُّكَ الغَفورُ ذُو الرَّحمَةِ لَو يُؤاخِذُهُم بِما كَسَبوا لَعَجَّلَ لَهُمُ العَذابَ بَل لَهُم مَوعِدٌ لَن يَجِدوا مِن دونِهِ مَوئِلًا (آيت : 58) |
۽ تنھنجو پالڻھار بخشڻھار ٻاجھارو آھي، جيڪڏھن کين سندن ڪيتي سببان پڪڙي ھا ته انھن لاءِ عذاب تڪڙو موڪلي ھا، (نه!) بلڪ انھن لاءِ انجام ٿيل آھي جو اُن کانسواءِ ڪا واھ نه لھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار وڏوئي بخشيندڙ آهي ۽ وڏوئي رحمت وارو آهي. جيڪڏهن هو انهن ماڻهن جي عملن جي ڪمائي موجب کين پڪڙ ڪرڻ چاهي ها ته عذاب نازل ڪري ها. پر هنن جي لاءِ هڪڙو ميعاد (مدو) مقرر ڪري ڇڏيو اٿس. ان کان سواءِ ڪابه جاءِ نه لهندا (يعني سڀني کي آخر انهيءَ مقرر ميعاد جي جاءِ تي ضرور پهچڻو آهي.).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان جو رب بخشش ڪندڙ رحمت وارو آهي، جيڪڏهن انهن تي سندن بداعمالي سببان پڪڙ ڪري ته انهن تي فوراً عذاب پهچي وڃي ها، پر الله تعالى انهن لاءِ هلاڪت جو هڪ وقت مقرر ڪيو آهي جو ان کان پوءِ کين پناه جي ڪا جاءِ نه ملندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تنهنجو پروردگار ته وڏو بخشڻهار مهربان آهي. جيڪڏهن سندن (ڪڌن) ڪرتوتن جي سزا ۾ وٺ پڪڙ ڪري ها ته يڪدم (دنيا ۾ ئي) مٿن عذاب نازل ڪري ها. پر انهن لاءِ ته هڪ وقت (مقرر ڪيل) آهي جنهن کان خدا کان سواءِ ڪٿي به پناھ جي جاءِ نه لهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رب تنهنجو بخشڻهار رحمت جو صاحب آهي جيڪڏهن پڪڙي ها انهن کي ان سببان جو ڪيائون ته البته تڪڙو ڪري ها انهن لاءِ عذاب بلڪه انهن جي لاءِ وقت وعدي جو آهي هرگز نه لهندا ان کان سواءِ بچڻ جي جاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تنهنجو پاليندڙ گهڻو معاف ڪندڙ رحمت وارو آهي. جيڪي انهن ڪيو آهي تنهن تي جيڪڏهن کين پڪڙي ته انهن لاءِ عذاب جلد موڪلي پر انهن لاءِ هڪ مقرر وقت آهي جنهن کان هن پاسي اُهي ڪابه پناهه جي جاءِ نه لهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تنهنجو پالڻهاروڏو بخشيندڙ رحمت جو ڌڻي آهي. اگر اُهو انهن جي ڪئي تي انهن کي پڪڙي ها ته انهن تي جلد عذاب موڪلي ڇڏي ها. بلڪه انهن لاءِ وعدي جو هڪ وقت مقرر آهي (جڏهن اهو ايندو) ته ان کان (بچڻ لاءِ) هرگز ڪا پناهه جي جاءِ نه لهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سائـِين سَٻاجھو تُنهنجو، پڻ بيشڪ نَخشڻهار، جيڪر جَھلٖين تن ۾، جي ڪيائون ڪم ڪار، ته اُنهن تي عَذاب لئي، تَڪڙائـٖي تڪرار، اُٽلو آهي، اُنهن لئي، ٻَڌل ٻول ٻِيهار، اَصل اُنهيان ڌار، نه پائـِيندا پَناھ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تنهنجو رب بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي، جيڪڏهن انهن کي سندن عملن تي پڪڙ ڪري ته جيڪر مٿن جلد عذاب موڪلي، مگر انهن لاءِ مقرر وقت آهي ۽ ان ڌاران ڪا به پناهه جي جاءِ نه لهي سگهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنجو رب ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحيم آهي. هو جيڪڏهن سندن ڪرتوتن جي ڪري کين پڪڙي ها ته مٿن ترت ئي عذاب موڪلي ڇڏي ها، مگر انهن لاءِ وعدي جو هڪ وقت مقرر ٿيل آهي، جنهن کان ڀڄي جان ڇڏائڻ جي کين ڪابه واٽ نه ملندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تنهنجو رب ته وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي، اهو جيڪر پڪڙڻ گهري انهن جي ڪيل ڪرتوتن تي ته موڪلي تڪڙو ئي انهن تي عذاب، پر انهن جي لاءِ هڪ وعدي جو وقت مقرر آهي ۽ اهي ان کان بچي نڪرڻ جي ڪا واهه نه ڏسندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جو پالڻھار ته وڏي رحمت وارو ۽ وڏو درگذر ڪندڙ آھي جيڪڏھن ھو سندن برن عملن جي ڪري پڪڙ ڪري ته کين جلد عذاب ڏي ھا پر انهن لاءِ وعدي جو ھڪ وقت مقرر آھي، جنھن کان ھو هرگز جان نٿا ڇڏائي سگهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتِلكَ القُرىٰ أَهلَكنٰهُم لَمّا ظَلَموا وَجَعَلنا لِمَهلِكِهِم مَوعِدًا (آيت : 59) |
۽ اھي ڳوٺ آھن جو انھن کي (تڏھن) ناس ڪيوسون جڏھن ظلم ڪيائون ۽ انھن جي ناس ڪرڻ لاءِ (ھڪ) انجام مقرر ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏسو هي (پراڻيون) بستيون آهن. جڏهن انهن جي رهاڪن ظلم جي واٽ اختيار ڪئي تڏهن اسان کين تباهه ڪري ڇڏيو. اسان هنن جي تباهيءَ جي لاءِ هڪ ميعاد مقرر ڪري ڇڏيو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان اهي ڳوٺ برباد ڪيا جڏهن انهن ظلم ڪيا ۽ اسان انهن جي بربادي لاءِ هڪ وقت مقرر ڪيو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ڳوٺ (جي اوهين ڏسو ٿا) جڏهن انهن ماڻهن سرڪشيءَ ڪئي ته اسان کين هلاڪ ڪري ماريو ۽ اسان سندن هلاڪت جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي ڳوٺ آهن جو هلاڪ ڪيو اسان انهن کي جڏهن ظلم ڪيائون ۽ ڪيو اسان انهن جي لاءِ هلاڪ ڪرڻ جو وقت مقرر. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن ڳوٺن جڏهن ظلم ڪيو تڏهن اسان انهن کي برباد ڪيو ۽ انهن جي برباد ٿيڻ لاءِ هڪ وقت مقرر ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهي ڳوٺ آهن جڏهن انهن ظلم ڪيو ته اسان انهن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ اسان انهن مان هرهڪ جي هلاڪت لاءِ وعدي جو هڪ وقت مقرر ڪيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ گُم ڪياسون گام اُهي، جڏهن ڪَيئون ڪَلُور، ۽ مُقرر ڪيوسون مُور، موقعو سَندِن موت جو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهي ڳوٺ آهن جن جي ظلم ڪرڻ تي اسان کين ناس ڪيو ۽ سندن ناس ڪرڻ لاءِ ڪو وقت مقرر ڪيو هوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي تباهه ڪيل وسنديون توهانجي آڏو موجود آهن، انهن جڏهن ظلم ڪيو ته اسان کين تباهه ڪري ڇڏيو ۽ انهن مان هرهڪ جي تباهيءَ جو وقت اسان مقرر ڪري ڇڏيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي عذاب ۾ ورتل وستيون تنهنجي سامهون موجود آهن، انهن جڏهن ظلم ڪيو ته اسان به کين هلاڪ ڪيو، هرهڪ لاءِ وقت مقرر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن شھرن کي اسان ان وقت تباهه ڪيو هو جڏھن انهن جي رھڻ وارن ظلم ڪيو هو ۽ اسان سڀني تباهه ٿيندڙن جو ھڪ وقت مقرر ڪري ڇڏيو ھو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِفَتىٰهُ لا أَبرَحُ حَتّىٰ أَبلُغَ مَجمَعَ البَحرَينِ أَو أَمضِىَ حُقُبًا (آيت : 60) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي سنگتيءَ کي چيو ته سدا پيو پنڌ ڪندس جيسين ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ جي ھنڌ پُھچندس يا ورھن تائين پيو ھلندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) حضرت موسيٰ پنهنجي ساٿي خادم کي چيو ته، مان پنهنجي ڪوشش کان نه هٽندس، جيستائين انهيءَ جاءِ تي نه پهچان، جتي ٻه سمنڊ اچي مليا آهن. مان ته (پنهنجي واٽ وٺيون) هلندو رهندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت (حضرت) موسيٰ پنهنجي خادم کي چيو ته آئون مسلسل هلندو رهندس ايستائين جو ٻن دريائن جي ملڻ جي جاءِ تي پهچان يا گھڻو وقت هلندو رهندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) اهو واقعو ياد ڪر!) جڏهن موسى (حضرت خضر جي ملاقات لاءِ هليو ته) پنهنجي جوان (وصي، يوشع) کي چيو ته جيستائين آءُ ٻن دريائن (دوآبه) جي ملڻ واري هنڌ تائين نه پهچان (هلڻ کان) نه هٽندس (جيڪڏهن ملاقات نه ٿي ته) ورهن جا ورھ، پيو هلندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن چيو موسى واسطي جوان ساٿيءَ پنهنجي ته نه رڪجندس مان تانجو پهچان مان جاءِ گڏ ٿيڻ ٻن سمنڊن جي کي يا منزلون ڪٽيندو رهندس مان ڪئين زمانا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن موسيٰ پنهنجي جوان کي چيو ته آءُ تيستائين نه هٽندس جيستائين ٻن دريائن جي ملڻ واري هنڌ نه پهچندس يا ته گهڻو وقت پيو هلندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ياد ڪر)جڏهن موسى پنهنجي جوان (ساٿيءَ)کي چيو ته: ”آءٌ تيستائين (پوئتي) نه هٽندس جيستائين ٻن دريائن جي ملڻ واري هنڌ نه پهچان يا گهڻو وقت هلندو رهان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ٻيليسِ کي ٻوليو، مُوسٰى مَت سُڄاڻ، ته هَلندسِ هيڪاندو پيو، جِت مِلن ٻه مِهراڻ، يا عَرصو ڪو اڳواڻ!، گھڻو گُڏ گذاريان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن موسيٰ سندس همراهه کي چيو ته آءُ هلندو رهندس، جيستائين ٻه درياءَ گڏجڻ جي هنڌ پهچان يا ڊگهو عرصو هلندو رهان! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (کين موسيٰ سان پيش آيل واقعو ٻڌاءِ) جڏهن موسيٰ پنهنجي نوڪر کي چيو هو ته "مان پنهنجو سفر تيستائين ختم نه ڪندس، جيستائين ٻن دريائن جي پاڻ ۾ ملڻ جي هنڌ تائين نه پهچان، پوءِ کڻي ڪيڏي به ڊگهي عرصي تائين پيو هلندو رهان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (کين موسيٰ وارو قصو ٻڌاءِ) جڏهن چيو موسيٰ خادم کي، ختم ڪندس آئون پنهنجو سفر جيتر ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ واري هنڌ نه پهچان، يا ته آئون ڊگهو عرصو هلندو ئي رهندس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (مڪي وارن کي ھي واقعو به بيان ڪري ٻڌاءِ) جڏھن موسى ($) پنھنجي نوجوان خادم کي چيو ته مان رستي تي ايستائين ھلندو رھندس جيستائين ٻن دريائن جي ملڻ واري جاءِ تي نه پھچان، ورنه مان برابر ھلندو ئي رھندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا بَلَغا مَجمَعَ بَينِهِما نَسِيا حوتَهُما فَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ سَرَبًا (آيت : 61) |
پوءِ جنھن مھل ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ جي ھنڌ کي پُھتا (تنھن مھل) پنھنجي مڇي وساريائون جنھن پنھنجي واٽ درياءَ ۾ سرنگھ جان ورتي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن هو ٻنهي سمنڊن جي ملڻ واري جاءِ تي پهچي ويا، تڏهن کين انهيءَ مڇيءَ جو خيال ئي لهي ويو (جا پاڻ سان کنئي هئائون) انهيءَ مڇيءَ سمنڊ ۾ وڃڻ جي لاءِ سرنگهه وانگر هڪ واٽ ڳولي لڌي هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن اهي ٻن دريائن جي ملڻ جي جاءِ تي پهتا ته پنهنجي (کنيل) مڇي کين وسري وئي، پوءِ اها مڇي سمنڊ کي چيريندي هلي وئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن اهي ٻنهين دريائن جي ملڻ جي هنڌ پهتا ته پنهنجي (تريل) مڇي (اتي) وساري هليا. پوءِ ان (مڇي) دريا ۾ سرنگ جهڙو پنهنجو رستو ٺاهي هلي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن پهتا جاءِ گڏ ٿيڻ جي کي انهن ٻنهي جي وچ ۾ ته وساريائون مڇيءَ پنهنجيءَ کي پوءِ ورتائين واٽ پنهنجي سمنڊ ۾ سرنگ هڻندي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ٻن دريائن جي گڏجڻ واري هنڌ تي پهتا ته پنهنجي مڇي وساريائون. پوءِ ان (مڇيءَ) درياءَ ۾ سرنگ جهڙو پنهنجو رستو ٺاهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ٻن دريائن جي گڏجڻ واري هنڌ تي پهتا ته پنهنجي مڇي وساريائون پوءِ ان (مڇيءَ زنده ٿي) درياءَ ۾ سُرنگ وانگر رستو بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن ٻِنهِين جي، مِلڻ ماڳ تي، پُهتا اَچِي پاڻ، ته مَڇِي سَندنِ وِساريئون، جاکَيئون کاڌي ڪاڻ، پوءِ مَنجھ سِير سُرنگھ ساڻ، وَرتئـِين واٽ پانهنجِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن هو دريائن جي ملڻ واري هنڌ پهتا، ته سندن مڇي وساريائون، جا درياءَ ۾ پنهنجو رستو ٺاهي هلي ويئي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن هو انهن جي پاڻ ۾ ملڻ جي جاءِ تي پهتا ته پنهنجي مڇيءَ جو خيال دل تان لهي وين ۽ اها نڪري ائين درياءَ ۾ هلي وئي، ڄڻ ته ڪا سرنگهه نڪتي پئي هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن پهتا ٻن دريائن جي ملڻ واري هنڌ ته وساري ويٺا پنهنجي مڇيءَ کي، اها نڪري اهڙيءَ طرح ته هلي وئي درياء ۾ جيئن ڪا سرنگهه هنئي هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏھن ھو ٻئي ٻن دريائن جي ملڻ واري جاءِ تي پھتا ته پاڻ سان کنيل مڇيءَ کي وساري ويٺا، اھا مڇي (زنده ٿي) پنھنجي لاءِ سرنگ وانگر رستو ٺاھي (اڳ ۾ ئي) درياءَ ۾ ھلي ويئي ھئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا جاوَزا قالَ لِفَتىٰهُ ءاتِنا غَداءَنا لَقَد لَقينا مِن سَفَرِنا هٰذا نَصَبًا (آيت : 62) |
پوءِ جڏھن اڳي ھليا (تڏھن موسىٰؑ) پنھنجي سنگتيءَ کي چيو ته اسان کي اسان جو منجھند جو طعام ڏي، بيشڪ اسان جي ھن مسافريءَ ۾ اسان کي اوکائي پُھتي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن هو اڳتي وڌيا تڏهن موسيٰ پنهنجي ماڻهوءَ کي چيو ته، اڄ جي مسافريءَ اسان کي ڏاڍو ٿڪائي وڌو آهي. ناشتو (يعني نيرن جي ماني) آڻ ته کائون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهي جڏهن اتان روانا ٿيا ته موسيٰ پنهنجي خادم کي چيو ته ناشتو کڻي اچ، بيشڪ اسان کي هن پنهنجي سفر ۾ گھڻي تڪليف پهتي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن ڪجھ اڳتي وڌيا ته موسى پنهنجي جوان (وصي) کي چيو ته (جائي) اسان کي اسان جو ناشتو ته ڏي. اسان جي (اڄوڪي) هن مسافريءَ مان ڏاڍو ٿڪ رسيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن لنگھيا ته چيائون واسطي جوان ساٿيءَ پنهنجي تي آڻي ڏي اسان کي کاڌو اسان جو البته تحقيق پهتاسون اسان پنهنجي هن سفر ۾ تڪليف کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ٻئي (ان جاءِ کان) اڳي هليا ته موسيٰ پنهنجي جوان کي چيو ته اسان کي اسان جي منجهند جي ماني ڏي. بيشڪ اسان کي هن مسافريءَ مان ٿڪ رسيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ٻئي اڳتي هليا ته (موسى) پنهنجي جوان کي چيو ته: ”اسان کي اسان جي منجهند جي ماني ڏي بيشڪ اسان کي اسان جي هن سفر ۾ ٿَڪ رسيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لنگهيا جڏهن لاشڪ، پوءِ ٻيلِيءَ سَندسِ کي ٻوليئـِين، مانِي مَنجھدجِي آڻ تون، جا پَڪِي کَنئـِي سون پَڪ، ڏِٺوسون ڏاڍو ٿَڪ، هِن پَنهنجي پراهِين پَنڌ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن اڳتي وڌيا، ته سندس همراهه کي چيائين ”اسان جي نيرن آڻ، اسان کي ته هن سفر ۾ ڏاڍي تڪليف پهتي آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اڃان اڳتي هليا ته موسيٰ پنهنجي نوڪر کي چيو ته "آڻ اسان جي نيرن، هن سفر ۾ ته ڏاڍو ٿڪجي پيا آهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ چيو (موسيٰ) پنهنجي خادم کي ته، آڻ اسان جي نيرن، تحقيق اسان کي ٿيو آهي پنهنجي هن سفر ۾ ڏاڍو ٿَڪ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن ھو اڳتي وڌيا ته موسى ($) پنھنجي نوجوان خادم کي چيو ته سفر ڪري ٿڪجي پيا آھيون، چڱو ڀلا منجهند جي ماني آڻ ته کائون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَرَءَيتَ إِذ أَوَينا إِلَى الصَّخرَةِ فَإِنّى نَسيتُ الحوتَ وَما أَنسىٰنيهُ إِلَّا الشَّيطٰنُ أَن أَذكُرَهُ وَاتَّخَذَ سَبيلَهُ فِى البَحرِ عَجَبًا (آيت : 63) |
چيائين ته (نه) ڏٺئي ڇا جڏھن پھڻ وٽ ترسيا ھواسون تڏھن مون (اتي) مڇي وساري، ۽ ان جي يادگيري مون کان شيطان کانسواءِ ٻئي ڪنھن نه وسارائي، ۽ پنھنجي واٽ درياء ۾ عجب طرح ورتائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن چيو ته، توهان (هي واقعو) ڪونه ڏٺو ڇا؟ جڏهن اسان (سمنڊ جي ڪناري تي) ٽڪريءَ جي ڀرسان بيٺا هئاسين، تڏهن مون کي مڇيءَ جو خيال ئي لهي ويو هو. هن عجيب طريقي سان سمنڊ ۾ وڃڻ جي واٽ ڳولي لڌي، ۽ هو شيطان جوئي ڪم هو، جو تو سان اها ڳالهه ڪرڻ مون کان بلڪل وسري ويئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خادم عرض ڪيو ته عجب جهڙو واقعو پيش آيو جنهن وقت اسين پٿر جي پاسي ۾ ٽڪياسين پوءِ بيشڪ مون مڇيءَ کي وساري ڇڏيو، ۽ مون کي شيطان عجب جهڙي ڳالهه بيان ڪرڻ کان ڀُلائي ڇڏيو، ۽ مڇي ته درياء ۾ عجيب طريقي سان وڃڻ لڳي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (يوشع) چيو ڇا اوهان ڏٺو ڪين! ته جڏهن اسين (دريا جي ڪناري تي) ان پٿر وٽ ترسيا هئاسون ته آءُ (اتي) مڇي ڇڏي آيس، مون کي اوهان مان اها ڳالھ ڪرڻ شيطان وساري ڇڏي ۽ مڇيءَ عجيب نموني دريا ۾ پنهنجو رستو ورتو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته خبر ڪر جنهن وقت آرام ڪيو اسان پٿر ڏانهن پوءِ بيشڪ مون وساري مڇي ۽ نه وسارايائين مون کان اها مگر شيطان ته ياد ڪيان ها مان ان کي ۽ ٺاهيائين رستو پنهنجو سمنڊ ۾ عجب آهي، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان (جوان) چيو ته ڇا تو (نه) ڏٺو ته جڏهن اسين پٿر وٽ ويٺاسون پوءِ آءُ مڇي ڀلجي ويس ۽ ان جي يادگيري مون کان رڳو شيطان ڀلائي، ۽ ان (مڇي) درياءَ ۾ عجب طرح سان پنهنجو رستو ورتو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ساٿي چيو:) ”ڇا تو نه ڏٺو؟ جنهن وقت اسان پٿر وٽ آرام ڪيو هيو ته پوءِ بيشڪ آءٌ مڇيءَ کي وساري ويٺس ۽ مون کي اُهو شيطان کان سواءِ ٻيو ڪنهن نه وسارايو جو آءٌ تو سان ان جو ذڪر ڪيان ها ۽ ان (مڇي)ته عجيب طرح سان درياءَ ۾ پنهنجو رستو ورتو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڏِٺيئـِي نه، ڏُونگر ڀر، جڏهن ڪيوسون ماڳ مَڪان، مَڇِي وِساريمِ ماڳ تي، ۽ ويسر ڏِنيمِ ڪا نه، هِن کان، ته ساريان سا، مگر شامِتي شيطان، پوءِ وَرتئـِين عَجب عيان، پنهنجو دَڳ درياھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”ڏٺئه نه، ته جڏهن اسين پٿر وٽ ترسياسين ته مون مڇي وساري، شيطان ئي مون کان ان جو ٻڌائڻ وسارايو ۽ ان مڇيءَ عجيب طرح درياءَ ۾ پنهنجو رستو ورتو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نوڪر ٻڌايس: "ڏٺئي نه ته ڇا ٿيو؟ جڏهن اسان انهيءَ ٽڪريءَ وٽ ترسياسون ته ان وقت مونکي مڇيءَ جو خيال ئي نه رهيو ۽ شيطان مونکي اهڙو ڀلايو جو ان جي ڳالهه (توسان ڪرڻ) وسري وئي، مڇي ته عجيب نموني ۾ نڪري درياءَ ۾ هلي وئي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (خادم چيو) توهان نه ڏٺو ته هي ڇا ٿيو جڏهن اسان ترسيل هئاسين ان ٽَڪر وٽ، ان وقت ته مون کي خيال ئي نه رهيو مڇيءَ جو، ۽ اهڙو ته مون کي غافل ڪيو شيطان جو ان جي ڳالهه توهان سان ڪرڻ وساري ويٺس، ۽ مڇي ته ڪنهن طرح سان هلي وئي درياء ۾ عجيب نموني سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نوجوان خادم چيس ته (سائين!) ڇا ٻڌايان ته جڏھن اسان ٽڪريءَ جي ڀرسان ويٺا ھئاسون ان وقت مون کي مڇيءَ جو خيال ئي نه رھيو ۽ مون کي اوھان سان ذڪر ڪرڻ کان شيطان به وساري ڇڏيو. اِھا مڇي ته اتي ئي ان وقت عجيب طريقي سان درياءَ ۾ ھلي وئي ھئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ ذٰلِكَ ما كُنّا نَبغِ فَارتَدّا عَلىٰ ءاثارِهِما قَصَصًا (آيت : 64) |
(موسىٰؑ) چيو ته اِھو ھنڌ اُھو آھي جنھن کي اسان ڳوليو ٿي، پوءِ ھو پنھنجي پوئين پيرين ڳوليندا موٽيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) موسيٰ فرمايو ته، جنهن ڳالهه جي تلاش ۾ نڪتا هئاسين سا اها ئي آهي، پوءِ هو ساڳيا پير وٺي پٺتي موٽيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ چيو ته اسان اهائي ڳالهه طلبي ٿي، (حضرت) موسيٰ ۽ سندس خادم پنهنجي پيرن جي نشانن تي پوئتي موٽيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى چيو، اهو (هنڌ) ته اهو آهي جنهن کي اسان ڳوليو ٿي، پوءِ اهي ٻئي پنهنجي پيرن جي نشانن کي ڳوليندا پوئتي موٽيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته اهوئي ته اهو آهي جيڪو اسان طلب ڪيو ٿي پوءِ پوئتي موٽيا پنهنجن پيرن جي نشانن تي ڳالهيون ڪندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته اهو (هنڌ) اهو آهي جنهن کي اسان ڳوليو ٿي. پوءِ اهي ٻئي پنهنجي پيرن جي نشانن کي ڳوليندا پوئتي موٽيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”اُها ئي ته (جاءِ) آهي جنهن کي اسان ڳوليو پئي“. پوءِ اُهي ٻئي پنهنجي پيرن جي نشانن تي پوئتي موٽيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڳولِي سون سا، جاءِ اُها، پوءِ وَريا تنهِين وٖير، پَنهنجا کڻِي پير، نِهاريندا نِشانيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اهائي آهي، جنهن کي اسين ڳوليون پيا“ پوءِ ٻئي پنهنجي پيرن جا نشان ڏسندا پٺتي موٽيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چيس: "اهائي ته آهي، جنهن جي ڳولا ۾ هئاسون". پوءِ پويان پير ڪري موٽي پيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (موسيٰ) چيو، انهيءَ جي ته اسان کي ڳولا هئي. پوءِ اهي ٻئي ڄڻا پنهنجي نشانن تي پوئين پيرين واپس وريا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) چيس ته اُھا ئي ته جاءِ ھئي جنھن جي تلاش ۾ پاڻ نڪتل آھيون. پوءِ هو ٻئي ساڳي جاءِ تي واپس موٽڻ لاءِ روانا ٿيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَوَجَدا عَبدًا مِن عِبادِنا ءاتَينٰهُ رَحمَةً مِن عِندِنا وَعَلَّمنٰهُ مِن لَدُنّا عِلمًا (آيت : 65) |
پوءِ مُنھنجن ٻانھن مان اُھو ٻانھون لڌائون جنھن کي پاڻ وٽا ٻاجھ ڏني ھئي سون ۽ پاڻ وٽان کيس عِلم سيکاريو ھوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ جڏهن انهيءَ ٽڪريءَ وٽ پهتا) تڏهن هنن کي اسان جي (خاص) ٻانهن مان هڪ ٻانهو گڏيو. انهيءَ شخص تي اسان خاص طرح رحمت ڪئي هئي. ان کي پاڻ وٽان (سڌيءَطرح) علم عطا فرمايو هو (يعني کيس وحي موڪيندا هئاسين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان جاءِ تي کين اسان جي ٻانهن مان هڪ ٻانهو (حضرت خضر عليه السلام) مليو جنهنکي اسان کي پاڻ وٽان رحمت ۽ وسيع لُدني علم عطا ڪيو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (جتي مڇي ڇڏي هئائون اتي) ٻنهين کي اسان جي عبدن مان هڪ خاص عبد (خضر) مليو جنهن کي اسان پنهنجي بارگاھ مان رحمت (۽ ولايت) جو حصو عطا ڪيو هو ۽ اسان کيس لدني (پنهنجي خاص) علم مان ڪجھ سيکاريو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ لڌائون هڪ ٻانهو اسان جي ٻانهن مان جو ڏني سون ان کي رحمت پاڻ وٽان ۽ سيکاريوسون انکي پاڻ وٽان علم.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن کي اسان جي ٻانهن مان هڪ ٻانهو مليو جنهن کي اسان پاڻ وٽان رحمت ڏني هئي ۽ ان کي پاڻ وٽان هڪ علم سيکاريو هوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان جي ٻانهن مان هڪ ٻانهي (يعني خضر) کي لڌائون جنهن کي اسان پاڻ وٽان رحمت عطا ڪئي هئي ۽ اسان ان کي پاڻ وٽان هڪ علم (يعني لدني علم) سيکاريو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ٻانهون مُنهنجي ٻانهن مان، لَڌائون ڪو لال، جنهن سان پَنهنجي بخشش مان، بيشڪ ڪياسون ڀال، پڻ بخشيو سون بَحال، اُن کي عِلم اَسان وَٽان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان جي بندن مان هڪ ٻانهي کي ڏٺائون، جنهن کي اسان پنهنجي خاص رحمت سان نوازيو هو ۽ ان کي پاڻ وٽان خاص علم ڏنوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اتي انهن اسانجي بندن مان هڪڙي بندي کي لڌو، جنهن کي اسان پنهنجي رحمت سان نوازيو هو ۽ پنهنجي طرفان هڪڙو خاص علم عطا ڪيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڏٺو اتي انهن هڪ بندي کي اسان جي ٻانهن مان، جنهن کي اسان نوازيو هو پنهنجي رحمت سان ۽ اسان پنهنجي طرفان کيس نوازيو هو هڪ خاص علم سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اتي هو ٻئي اسان جي ٻانھن مان ھڪ ٻانھي سان مليا جنھن کي اسان پنھنجي رحمت سان نوازيو ھو ۽ کيس پنھنجي طرفان خاص علم به عطا ڪيو ھو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لَهُ موسىٰ هَل أَتَّبِعُكَ عَلىٰ أَن تُعَلِّمَنِ مِمّا عُلِّمتَ رُشدًا (آيت : 66) |
موسىٰؑ ان کي چيو ته آءٌ تنھنجي ڪڍ ھلان ھن شرط تي ته توکي جيڪي ھدايت مان سيکاريو ويو اُن مان مون کي به سيکارين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ کيس چيو ته، جيڪڏهن توهان اجازت ڏيڻ فرمايو ته، توهان سان رهان، هن لاءِ ته جيڪو چڱو علم اوهان کي (خدا وٽان) سيکاريل آهي، تنهن مان ڪجهه مون کي به سيکاريو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) موسيٰ ان کي چيو ته ڇا آئون توهان سان انهي شرط تي گڏ رهي سگھان ٿو ته توهان مون کي اهو علم سيکاريو جيڪو توهان کي عنايت ٿيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى ان (خضر) کي چيو، ڇا (اوهان جي اجازت آهي ته) آءُ هن عرض سان اوهان سان گڏ هلان ته جيڪو رهنمائيءَ جو علم اوهان کي (خدا جي طرفان) سيکاريل آهي تنهن مان ڪجھ مون کي به سيکاريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو ان کي موسى ڇا مان گڏ هلان توسان ان بناءَ تي ته سيکارين مونکي ان مان جو سيکاريو وئين تون هدايت مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان کي موسيٰ چيو ته ڇا آءُ توسان هلان هن شرط تي ته جيڪو سٺو رستو توکي سيکاريو ويو آهي سو تون مون کي سيکارين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) موسى ان کي چيو ته: ”ڇا آءٌ تنهنجي پيروي ڪيان هن شرط تي ته مون کي ان علم مان ڪجهه سيکارين جيڪو تو کي رُشد و هدايت لاءِ سيکاريو ويو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيسِ مُوسٰى مِير، ته ڇا، پانہ! تُنهنجي پُٺ ۾، هَلي سَگھان ٿو هِن شرط تي؟ ته سيکارِيينمِ سُڌير!، تِنهن عِلم مان، اَڪسِير، جو سائـِينءَ توکي سيکاريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) موسيٰ کيس چيو ”ڇا آءُ توسان انهي لاءِ هلي سگهان ٿو، جيڪا هدايت توکي سيکاريل آهي ان مان مون کي سيکارين؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ ان کي چيو: "ڇا مان توسان گڏ هلان ته جيئن تون مونکي اها ڏاهپ سيکارين، جيڪا توکي سيکاري وئي آهي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ هن کي چيو، ڇا آئون تو سان گڏ رهي سگهان ٿو، جيئن توهان مون کي علم ڏيو ان ڏاهپ جو، جيڪو توهان کي سيکاريل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) کيس چيو ته ڇا مان توھان سان گڏ ھلي سگهان ٿو ته جيئن مان به اھا تعليم سکي سگهان جيڪا توھان کي (خصوصي طور تي) سيکاري وئي آھي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 67) |
(خضرؑ) چيو ته تون مون سان ڪڏھن به صبر ڪري نه سگھندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن جواب ڏنو ته، (هائو پر) تون مون سان رهي صبر نه ڪري سگهندين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) خضر چيو ته بيشڪ توهان مون سان صبر سان رهي نه سگھندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (خضر) چيو (آءُ سيکاريندس ته سهي پر) اوهان کي مون سان گڏ صبر ٿي نه سگهندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو (خضر ته) بلاشڪ هرگز نه ڪري سگھندين تون مون سان گڏ صبر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته تون مون سان صبر ڪري ڪين سگهندين! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (خضر) چيو ته: ”بيشڪ تون مون سان رهي هرگز صبر ڪري نه سگهندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مون سان، تون مُور، ڪري نه سَنگھندِين صبر ڪو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”تون مون سان هرگز صبر ڪري نه سگهندين! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چيس: "تون مونسان صبر نه ڪري سگهندين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن جواب ڏنو، توهان مون سان گڏ رهي ڪڏهن به صبر نه ڪري سگهندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن (بزرگ) چيس ته توھان مون سان گڏ ھلندي صبر نه ڪري سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَيفَ تَصبِرُ عَلىٰ ما لَم تُحِط بِهِ خُبرًا (آيت : 68) |
۽ جنھن جي توکي خبر ئي نه آھي تنھن تي تون ڪٿي صبر ڪندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪيئن صبر ڪري سگهندين جڏهن تون اهڙي ڳالهه ڏسندين جا تون سمجهي ڪين سگهندين؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ان ڳالهه تي ڪيئن صبر ڪري سگھو ٿا جنهن جي توهان کي ظاهري معلومات ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (سچي) جا ڳالھ تنهنجي علم جي احاطي کان باهر هجي تنهن کي ڏسي تون ڪئين صبر ڪندين؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيئن صبر ڪندين ان تي جو نه گھيراءُ ڪيو تو ان کي خبر جي اعتبار سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جا ڳالهه تنهنجي علم کان ٻاهر آهي تنهنکي ڏسي تون ڪيئن صبر ڪندين؟موسيٰ چيو ته جيڪڏهن الله گهريو ته تون مون کي صبر ڪندڙ لهندين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون ان تي ڪيئن صبر ڪري سگهندين؟ جنهن کي تو پنهنجي علم جي احاطي ۾ نه ورتو هجي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن جِي، تو نه پَرُوڙ، سو ڪهڙِي صُورت سَهندِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڀلا تون انهن ڳالهين تي ڪيئن صبر ڪندين، جيڪي تنهنجي علم کان ٻاهر آهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جنهن ڳالهه جي توکي خبر ئي نه هجي ته ان تي آخر صبر ڪري به ڪيئن ٿو سگهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيئن صبر ڪري سگهندؤ جڏهن ته توهان کي ڪنهن شيءِ جي خبر ئي نه هجي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (واقعي) جنھن ڳالھ جي توھان کي خبر ئي نه ھجي ته توھان ان تي صبر ڪري به ڪيئن سگهندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ صابِرًا وَلا أَعصى لَكَ أَمرًا (آيت : 69) |
(موسىٰؑ) چيو ته جي الله گھريو ته مون کي صبر ڪندڙ لھندين ۽ آءٌ تنھنجي حُڪم جي نافرماني نه ڪندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ چيو ته، جيڪڏهن خدا چاهيو ته توهان مون کي صابر ڏسندؤ. مان توهان جي ڪنهن به حڪم جي نافرماني نه ڪندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ چيو انشاءَ الله تعالى توهان مون کي صبر ڪندڙ لهندا ۽ آئون توهان جي حڪم جي نافرماني نه ڪندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (موسى) چيو (خاطري ڪريو) جيڪڏهن خدا گهريو ته اوهين مون کي صبر ڪندڙ لهندو ۽ آءُ اوهان جي ڪنهن به حڪم جي نافرماني نه ڪندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته عنقريب لهندين تون مون کي جيڪڏهن گھريو الله صبر ڪندڙ ۽ نه مخالفت ڪندس تنهنجي ڪنهن به حڪم ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آءُ تنهنجي ڪنهن به حڪم جي نافرماني نه ڪندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”انشاءالله جلد تون مون کي صبر وارو لهندين آءٌ تنهنجي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪونه ڪندس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اِنشاء الله، ڏِسندينمِ تون، صَبر وارو صاف، ۽ نه هَلندسِ بَرخلاف، هرگز تُنهنجي حُڪم کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين، ”جيڪڏهن الله گهريو ته مون کي صبر ڪندو ڏسندين ۽ آءُ تنهنجي حڪم جي خلاف نه ڪندس.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چيس: "انشاءَ الله تون مونکي صبر ڪندڙ ڏسندين ۽ مان ڪنهن به ڳالهه ۾ تنهنجي ڪا بي فرماني نه ڪندس" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (موسيٰ) چيو، مون کي تون ڏسندين انشاء الله صبر ڪندڙن مان ۽ آئون توهان جي نافرماني نه ڪندس ڪنهن به معاملي ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) چيس ته ان شاءَ الله تعالى توھان مون کي صبر ڪندڙ ڏسندا ۽ مان توھان جي ڪنھن به حڪم جي نافرماني نه ڪندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَإِنِ اتَّبَعتَنى فَلا تَسـَٔلنى عَن شَيءٍ حَتّىٰ أُحدِثَ لَكَ مِنهُ ذِكرًا (آيت : 70) |
(خضرؑ) چيو ته جيڪڏھن منھنجي سنگت ڪرين ته (ايستائين) مون کان ڪنھن ڳالھ بابت نه پُڇج جيسين (آءٌ) پاڻ توسان ان جو بيان (نه) ڪريان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن چيو ته، چڱو جيڪڏهن توکي مون سان رهڻو آهي ته هن ڳالهه جو خيال رکجانءِ جو جيستائين مان پاڻ توکي ڪجهه نه چوان تيستائين ڪنهن به ڳالهه بابت ڪو سوال نه پڇجانءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خضر چيو ته جيڪڏهن توهان منهنجي تابعداري ڪريو ٿا پوءِ توهان مون کان ڪنهن ڳالهه جو نه پڇو ايستائين جو آئون پاڻ توهان کي کولي نه ٻڌايان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (خضر) چيو (چڱو) ته پوءِ جيڪڏهن تون مون سان هلين ته مون کان ڪنهن به ڳالھ بابت نه پڇج جيستائين آءُ پاڻ ان جو ذڪر تنهنجي اڳيان شروع نه ڪريان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو (خضر) پوءِ جيڪڏهن گڏ هلين مون سان ته پوءِ نه پڇجانءِ مون کان ڪنهن شيءِ جو تانجو مان پاڻ بيان ڪيان تولاءِ ان جو ذڪر. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته پوءِ جيڪڏهن تون مون سان هلين ته مون کان ڪنهن به ڳالهه بابت نه پڇج (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”پوءِ جي منهنجي پيروي ڪرين ٿو ته مون کان ڪنهن شيءِ بابت نه پڇجانءِ جيستائين آءٌ پاڻ تو سان ان جو ذڪر نه ڪيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پوءِ جي پُٺيان هَلٖينمِ تون، ڪُجھ مَ پُڇينمِ مُور، تان مَنجھان تِنهن مَذڪور، توکي پاڻيهِي، آءٌ چوان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”جيڪڏهن مون سان رهڻ گهرين ٿو ته پوءِ مون کان ڪنهن به ڳالهه بابت نه پڇجانءِ جيسين توکي ان بابت ٻڌايان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چيس: "چڱو ڀلا مونسان گڏ هلين ٿو ته پوءِ مون کان ڪنهن به ڳالهه بابت نه پڇجانءِ ، جيستائين مان پاڻ توکي اها نه ٻڌايان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن چيو، چڱو جيڪڏهن توهان مون سان گڏ هلو ٿا ته پوءِ مون کان سوال نه پڇجؤ ڪنهن به شيءِ جو جيستائين آئون پاڻ توهان سان ڪو ذڪر نه ڪريان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بزرگ) چيس ته جيڪڏھن تون مون سان گڏ ھلين ته (مھرباني ڪري) ڪنھن به قسم جو سوال نه ڪجانءِ جيستائين مان خود توھان کي ڪا ڳالھ نه ٻڌايان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا رَكِبا فِى السَّفينَةِ خَرَقَها قالَ أَخَرَقتَها لِتُغرِقَ أَهلَها لَقَد جِئتَ شَيـًٔا إِمرًا (آيت : 71) |
پوءِ ٻئي (اُٿي) ھليا، تان جو ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا تڏھن (خضرؑ) اُن کي سوراخ ڪيو، (موسىٰؑ) چيو ته تو اُن کي انھيءَ لاءِ سوراخ ڪيو ڇا ته ٻيڙي وارن کي ٻوڙين؟ بيشڪ تو اڍنگو ڪم ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هو ٻئي مسافري ڪندا اڳتي هلندا رهيا تانجو (سمنڊ جي ڪناري تي پهتا ۽) ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا. (حضرت موسيٰ جي سنگتيءَ ڇا ڪيو جو) انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ ڏار وجهي ڇڏيائين، حضرت موسيٰ (اهو حال ڏسي بي اختيار) چئي ڏنو ته، هي ڇا ڪيوَ؟ ٻيڙيءَ کي هن لاءِ ڏار وجهي ڇڏيوَ ڇا ته ڀلي مسافر ٻڏي وڃن؟ توهان ته وڏي خطرناڪ ڳالهه ڪري وڌي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (حضرت) موسيٰ ۽ (حضرت) خضر ٻئي روانا ٿيا، ايستائين جو ٻئي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا، خضر ٻيڙيءَ کي چيرڻ لڳو، موسيٰ چيو تون ٻيڙي کي چيرين ٿو ان لاءِ ته مسافرن کي ٻوڙين، بيشڪ تون اهو خراب ڪم ڪرين ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ٻئي (گڏجي) هليا ايتري تائين جو جڏهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا ته (خضر) ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ڪيو، موسى چيس ته (اوهان ته غضب ڪيو) ڇا ٻيڙي ۾ هن لاءِ سوراخ ڪيو ته ان ۾ سوار ٿيلن کي ٻوڙيو؟ اهو ته اوهان هڪ عجيب ڪم ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ گڏجي هليا تانجو جڏهن سوار ٿيا ٻيڙيءَ ۾ ته سوراخ ڪيائين ان ۾ فرمايائين ته ڇا سوراخ ڪيو تو ان ۾ تانته ٻوڙين تون ان ۾ ويٺلن کي البته تحقيق آندي تو شيءِ نا پسنديده .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيستائين آءُ پاڻ ان جو ذڪر تنهنجي اڳيان شروع نه ڪريان. پوءِ ٻئي (اٿي) هليا، ايتري تائين جو جڏهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا ته ان (الله جي ٻانهي) ان ۾ سوراخ ڪيو. موسيٰ چيو ته ڇا تو ان ۾ هن لاءِ سوراخ ڪيو ته ان ۾ سوار ٿيلن کي ٻوڙين؟ بيشڪ تو هڪ عجب ڪم ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ٻئي هليا. تانجو جڏهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا ته (خضر) ان (ٻيڙيءَ) کي سوراخ ڪيو. (موسى) چيو ته: ”ڇا تو ان لاءِ ان (ٻيڙي) ۾ سوارخ ڪيو آهي ته ٻيڙي وارن کي ٻوڙين؟ بيشڪ تو وڏو اڻ وڻندڙ ڪم ڪيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ هَليا، تان هوڙٖي مَٿي چَرهيا، ته وِڌائـِينسِ چِير، چي، ڪِ چِيرئِيسِ؟ ته چَڙهيل اُن ۾، سڀ ٻوڙئـِين مَنجھ مِير، بِنہ بي تدبِير، ڪاملَ تو ڪو ڪم ڪيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هو هليا، جو اچي ٻيڙيءَ تي چڙهيا ته هن منجهس ٽنگ ڪيو، چيائين ”هن ۾ انهي لاءِ ٽنگ ڪيئي، ته سندس ماڻهو ٻوڙين؟ تو بلڪل اڍنگو ڪم ڪيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ٻئي روانا ٿيا، تانجو وڃي هڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا ته هن (خضر) ان ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ڪيو. موسيٰ چيس: "ٻيڙيءَ ۾ ان لاءِ ٽنگ ڪيو اٿئي ڇا ته سڀني ٻيڙيءَ وارن کي ٻوڙي ڇڏين؟ هيءَ ته ڏاڍي ڳؤري ڳالهه ڪئي اٿئي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هي ٻئي روانا ٿيا، ايستائين جو جڏهن اهي سوار ٿيا هڪ ٻيڙيءَ ۾ ته هن ان ۾ سوراخ ڪري ڇڏيو، موسيٰ چيو، توهان هن ۾ سوراخ ان لاءِ ڪيو ته ان جا سوار ٻوڙي ڇڏيو؟ هي ته توهان بلڪل اَڍنگو ڪم ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ٻئي پيرين پنڌ روانا ٿيا ايستائين جو جڏھن ٻئي ھڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا ته اُن (بزرگ) ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ڪري ڇڏيو. ان تي موسى ($) چيس ته ڇا تون ان لاءِ سوراخ ڪيو ته جيئن ٻيڙيءَ وارا سڀ ٻُڏن (بھرحال) توھان اھو سٺو ڪم نه ڪيو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَلَم أَقُل إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 72) |
(خضرؑ) چيو ته توکي نه چيو ھوم ڇا ته تون مون سان صبر ڪري نه سگھندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن فرمايو ته، مون چيو ڪين هو ته، تون مون سان رهي صبر ڪري نه سگهندين؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) خضر چيو ڇا مون توکي نه چيو هو ته تون مون سان گڏ رهي صبر ڪري نه سگھندين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (خضر) چيو ته ڇا مون تو کي نه چيو هو ته تون مون سان صبر ڪري نه سگهندين؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته ڇا نه چيو هو مون توکي ته يقينًا تون هرگز ڪري نه سگھندين مون سان گڏ صبر، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته ڇا مون توکي نه چيو هو ته تون مون سان صبر ڪري نه سگهندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين ته: ”ڇا مون تو کي نه چيو هو ته تون مون سان گڏ رهي صبر ڪري نه سگهندين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڪِ نه چَيمِ، ته مون ساڻ، صبر سَهندِين ڪو نه ڪو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”توکي چيو نه هئم ته تون مون سان هر گز صبر ڪري نه سگهندين؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن وراڻي ڏنس: "مان توکي چيو نه هو ته تون مونسان صبر ڪري نه سگهندين؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو، (درويش) ڇا مون نہ چيو ھو تہ تون ڪري نہ سگھندين مون سان گڏ صبر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بزرگ) چيس ته ڇا مون توھان کي نه چيو ھو ته توھان مون سان گڏ رھندي ڪڏھن به صبر نه ڪري سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لا تُؤاخِذنى بِما نَسيتُ وَلا تُرهِقنى مِن أَمرى عُسرًا (آيت : 73) |
(موسىٰؑ) چيو ته جيڪي مون وساريو تنھن سببان مون کي نه پڪڙ ۽ منھنجي ڪم ۾ مون تي سختي نه وجھ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ فرمايو ته، ڀل ٿي ويئي. انهيءَ ڀل تي پڪڙ نه ڪجو، سختي نه ڪجو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ چيو تون مون کي منهنجي ويسر سببان پڪڙ نه ڪر ۽ تون مون لاءِ منهنجي ڪم ۾ مشڪلات پيدا نه ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (موسى) چيو ته جيڪا مون کان ڀل ٿي تنهن تي مون کي نه پڪڙ ۽ مون تي منهنجي هن ڳالھ ۾ سختي نه ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته نه وٺ پڪڙ ڪر مونکي ان سببان جو وساريو مون ۽ نه سختي ڪر مون تي منهنجي ڪم ۾ گھڻي سختي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته جيڪا مون کان ڀل ٿي تنهن تي مون کي نه پڪڙ ۽ مون تي منهنجي ڪم ۾ سختي نه ڪر! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”جيڪا مون کان ڀُل ٿي ان تي مون کي نه پڪڙ ۽ مون تي منهنجي ڪم ۾ سختي نه ڪر“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، جيڪِي مون وِساريو، تِنهن ۾ نه پَڪڙ پاڻ، ۽ سَختِي ڪر نه سُڄاڻ!، مُون سان مُنهنجي ڪَم ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين، ”منهنجي ويسر تي مون کي نه پڪڙ ۽ منهنجي ڪم ۾ مون تي سختي نه ڪر.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چيس: "ويسر ٿيڻ تي منهنجي پڪڙ نه ڪر ۽ منهنجي معاملي ۾ ايڏو سختيءَ کان ڪم نه وٺ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو (موسيٰ) پڪڙ نہ ڪر مون تي منھنجي ويسر تي ۽ نہ ڪر مون کي منھنجي ڪم ۾ سختي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) چيس ته واقعي مون کان اھا ڳالھ وسري وئي هئي، ھاڻي تون منھنجي معاملي ۾ مون تي سختي نه ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا لَقِيا غُلٰمًا فَقَتَلَهُ قالَ أَقَتَلتَ نَفسًا زَكِيَّةً بِغَيرِ نَفسٍ لَقَد جِئتَ شَيـًٔا نُكرًا (آيت : 74) |
پوءِ ٻئي ھليا، تان جو جڏھن ھڪ ڇوڪر کي مليا تڏھن (خضرؑ) اُن کي ڪُٺو (موسىٰؑ) چيو ته قصاص ڌاران بيگناھ جِيءَ کي ڇو ڪُٺئي؟ بيشڪ تو خراب ڪم ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري هو اڳتي هليا، تان جو (هڪ ڳوٺ جي ويجهو پهتا ۽) کين هڪڙو ڇوڪرو گڏيو. (حضرت موسيٰ جي سنگتيءَ) انهي ڇوڪر کي قتل ڪري ڇڏيو. تنهن ته حضرت موسيٰ چئي ڏنو ته، توهان هڪ بي گناهه جي حياتي وڃائي، حالانڪ هن ڪنهن کي به نه ماريو هو، توهان ڪهڙي نه برائيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ وري ٻئي روانا ٿيا ايستائين جو ٻنهي کي هڪ ڇوڪرو مليو پوءِ خضر اُن ڇوڪري کي قتل ڪري ڇڏيو، موسيٰ چيو ڇا تو بيگناه انسان کي بغير قصاص جي قتل ڪيو، بيشڪ تو تمام خراب ڪم ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (خير اهو ٿيو) پوءِ ٻئي هليا، ايتري تائين جو جڏهن انهن کي هڪ ڇوڪرو مليو ته ان (خدا جي بندي) ان کي قتل ڪري ڇڏيو. موسى چيو (اي معاذ الله) ته ڇا تو هڪ بي گناھ کي ماري ڇڏيو (۽ اهو به) ڪنهن به جان جي بدلي وٺڻ کان سواءِ (ماريو) اوهان ته پڪ هڪ عجيب حرڪت ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ٻئي گڏجي هليا تانجو جڏهن مليا هڪ ڇوڪري کي پوءِ قتل ڪيائين ان کي چيائين ته ڇا قتل ڪيو تو وجود صاف کي ڪنهن وجود جي بدلي کان سواءِ البته تحقيق آندو تو ڪم ناپسند ڪيل.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ٻئي هليا، ايتري تائين جو جڏهن انهن کي هڪ ڇوڪرو مليو ته ان (الله جي ٻانهي) انکي قتل ڪري ڇڏيو، موسيٰ چيو ته ڇا تو هڪ بيگناهه جان کي ڪنهن به جان جي بدلي وٺڻ کان سواءِ ماري وڌو، بيشڪ تو هڪ بڇڙو ڪم ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ٻئي هليا. تانجو جڏهن هڪ ڇوڪري سان مليا ته ان کي قتل ڪري ڇڏيائين. (موسى) چيو: ”ڇا تو هڪ بي گناهه جان کي بغير ڪنهن جان (جي بدلي) جي قتل ڪري ڇڏيو؟ بيشڪ تو ڏاڍو سخت ڪم ڪيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ هَليا، تان هِڪ ڇوڪرو، ڏِٺائون جِنهن وار، پوءِ قتل ڪيائين اُن کي، ته ٻوليائـِين ٻِيهار، ڪِيئن ماڻهو ماريئي، بي گناھ، مارِيَل ماڻهؤَ ڌار، ڪيو تو ڪم ڪار، بيشڪ بِلڪُل اَڀرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هليا تان جو هڪ ڇوڪر سان مليا جنهن کي ماري وڌائين، چيائين ”ڇا، تو هڪ بيگناهه شخص کي بدلي بنا ماري وڌو؟ تو بيشڪ خراب ڪم ڪيو آهي.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري اڳتي هليا، تانجو کين هڪڙو ڇوڪرو مليو ته (ان الله جي ٻانهي) ان ڇوڪري کي قتل ڪري ڇڏيو. موسيٰ چيو: "تو هڪ بيگناهه کي ماري وڌو؟ ان ته ڪنهن کي خون نه ڪيو هو؟ اهو ڪم ته ڏاڍو ڪڌو ڪيو اٿئي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ٻئي ھليا، ايستائين جڏھن مليا ھڪ ڇوڪري سان تہ ماري وڌائين ان کي، چيو (موسيٰ) ڇا تو ماريو ھڪ ماڻھون بي ڏوھي کي بنا سبب جي، بيشڪ تو تہ ڪيو آھي ڪم خراب(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ٻئي ڄڻا (اڳتي) روانا ٿيا، رستي ۾ کين ھڪڙو ڇوڪرو مليو، (بزرگ) فوراً ان ڇوڪري کي قتل ڪري ڇڏيو. موسى ($) چيس ته (سائين!) توھان ھڪ معصوم جان کي بي قصور ڇو قتل ڪيو؟ بيشڪ توھان ته اهو غلط ڪم ڪري وڌو آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَلَم أَقُل لَكَ إِنَّكَ لَن تَستَطيعَ مَعِىَ صَبرًا (آيت : 75) |
(خضرؑ) چيو ته توکي نه ھوم ڇا ته تون مون سان (گڏ رھي) ڪڏھن نه صبر ڪري سگھندين؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن (شخص) چيو ته، مون چيو ڪين هو ته، تون مون سان (منهنجي ڪمن تي) صبر نه ڪري سگهندين!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) خضر چيو ڇا مون توهان کي نه چيو هو ته بيشڪ توهان هرگز مون سان گڏ رهي صبر ڪري نه سگھندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خضر چيو ته ڇا مون تو کي (وري وري) نه چيو هو ته تون مون سان گڏ صبر ڪري نه سگهندين؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ڇا نه چيو هو مون توکي ته بيشڪ تون هرگز نه ڪري سگھندين مون سان گڏ صبر . پ(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته ڇا مون توکي نه چيو هو ته تون مون سان صبر ڪري نه سگهندين؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”ڇا مون تو کي نه چيو هيو؟ ته بلاشڪ تون مون سان گڏ (رهي) صبر ڪري نه سگهندين“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڪِ توکي اڳ نه چيم؟ ته سَهندِين نه، صبر مون ساڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”توکي نه چيو هئم، ته تون مون سان صبر سان رهي نه سگهندين؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چيس: "مان توکي چيو نه هو ته تون مون سان صبر ڪري نه سگهندين؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن چيو، ”مون توکي چيو نه هو ته تون ڪري نه سگهندين مون سان گڏ صبر“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بزرگ) چيس ته ڇا مون توھان کي نه چيو ھو ته توھان مون سان گڏ رھندي ڪڏھن به صبر نه ڪري سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ إِن سَأَلتُكَ عَن شَيءٍ بَعدَها فَلا تُصٰحِبنى قَد بَلَغتَ مِن لَدُنّى عُذرًا (آيت : 76) |
(موسىٰؑ) چيو ته جيڪڏھن ھِن کانپوءِ ڪنھن ڳالھ بابت توکان پڇان ته منھنجي سنگت نه ڪج، بيشڪ منھنجي پاران عذر (جي حد) کي پھتين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ چيو ته، جيڪڏهن وري مان ڪجهه پڇان ته پوءِ مون کي پاڻ سان گڏ رهڻ نه ڏجو. ان حالت ۾ توهان تي منهنجي ڪابه ميار نه رهندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) موسيٰ چيو جيڪڏهن مون هن کان پوءِ توهان کان ڪنهن شيءِ بابت سوال ڪيو ته پوءِ توهان مون سان گڏ نه رهجو، بيشڪ توهان کي مون کان تڪليف پهتي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى چيو، جيڪڏهن هن کان پوءِ ڪنهن به شيءِ بابت اوهان کان پڇيم ته مون کي پاڻ سان نه رکج. بيشڪ اوهين مون کان معذرت (جي حد کي) پهتا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين جيڪڏهن پڇان مان توکان ڪنهن شيءِ جو ان کان پوءِ ته پوءِ نه گڏ رک مون کي تون تحقيق پهتين تون مون وٽان معزرت کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته جيڪڏهن هن کان پوءِ ڪنهن به شيءِ بابت توکان پڇيم ته مون کي پاڻ سان نه رکج. هاڻي تون مون کان عذر جي حد کي پهتين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) موسى چيو: ”جيڪڏهن آءٌ هن کان پوءِ توکان ڪنهن شيءِ جي باري ۾ پڇان ته پوءِ تون مون کي پاڻ سان گڏ نه رکجانءِ. بيشڪ (هاڻي ته) منهنجي طرفان توکي عذر ملي ويو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مون کي، نه گَڏج مُورهين، جي ڪُجھ پُڇيَمِ هِن پڄاڻ، بيشڪ پُهتِين پاڻ، مَعذرت کي، مُون وَٽان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين، ”بس هن کان پوءِ جي توکان ڪنهن ڳالهه بابت پڇان، ته مون کي سنگت ۾ نه رکج_ هاڻي منهنجي نظر ۾ تو عذر پورو ڪيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چيس: "هن کان پوءِ جي مان توکان ڪجهه پڇان ته پوءِ ڀل مون کي ساڻ نه کڻجانءِ ، بس هاڻي ته منهنجي طرفان توکي مهلت ملي وئي".(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰؑ چيو، ”هن کان پوءِ توکان سوال ڪريان ڪنهن به شيءِ لاءِ، ته توهان مون کي ساڻ نه رکجؤ، بيشڪ ملي ويو توهان کي منهنجي طرفان عذر“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) /چيس ته ھاڻي جيڪڏھن مان ڪو سوال ڪريان ته مون کي پاڻ سان گڏ سفر ۾ نه رکجانءِ ۽ پوءِ توھان جي مٿان منھنجي طرفان ڪا ميار به نه رھندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَانطَلَقا حَتّىٰ إِذا أَتَيا أَهلَ قَريَةٍ استَطعَما أَهلَها فَأَبَوا أَن يُضَيِّفوهُما فَوَجَدا فيها جِدارًا يُريدُ أَن يَنقَضَّ فَأَقامَهُ قالَ لَو شِئتَ لَتَّخَذتَ عَلَيهِ أَجرًا (آيت : 77) |
پوءِ (ٻئي) ھليا، تان جو جنھن مھل ھڪڙي ڳوٺ وارن وٽ آيا (تنھن مھل) ان جي رھاڪن کان طعام گھريائون ته (انھن) سندن مھماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو پوءِ اُن (ڳوٺ) ۾ ھڪ ڊھڻ کي ويجھي ڀِت ڏٺائون پوءِ اُھا (خضرؑ) سڌي ڪئي، (موسىٰؑ) چيو ته جيڪڏھن گھرين ھا ته اُن (جي سڌي ڪرڻ) تي مزدوري ضرور وٺين ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ٻئي اڃا به اڳتي هليا، تان جو هڪ ڳوٺ ۾ پهتا. ڳوٺ وارن کان ماني گهريائون. هنن مهمان نوازي ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. پوءِ ان ڳوٺ ۾ هڪ (پراڻي) ڀت ڏٺائون جا ڪِرڻ تي هئي. اها حالت ڏسي حضرت موسيٰ جي سنگتيءَ ان جي مرمت شروع ڪئي ۽) ان کي نئين سر مضبوط ڪري ڇڏيائين. تنهن تي (حضرت موسيٰ) چئي ڏنو ته، جيڪڏهن توهان چاهيو ها ته انهيءَ محنت جو ڪجهه عيوضو هنن ماڻهن کان وٺو ها. (عيوضي کان سواءِ بيڪار محنت ڇو ڪيوَ؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ٻئي روانا ٿيا، ايستائين جو اهي هڪ ڳوٺ وارن وٽ پهتا، ٻنهي ڳوٺاڻن کان ماني طلب ڪئي پر ڳوٺاڻن ٻنهي کي ماني کان انڪار ڪيو، پوءِ موسيٰ ۽ خضر کي اتي هڪ ديوار ملي جيڪا ڪرڻ جي ويجھو هئي پوءِ ان کي خضر سڌو ڪري ڇڏيو، موسيٰ چيو جيڪڏهن تون چاهين ها ته ان ڪم جي مزدوري وٺين ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (وري) ٻئي هليا. ايتري تائين جو جڏهن هڪ ڳوٺ وارن وٽ آيا ته ان جي رهاڪن کان کاڌو گهريائون ته انهن سندن مهماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ ان ڳوٺ ۾ هڪ ڀت ڏٺائون جا ڊهڻ تي هئي (ته خضر) ان کي سڌو ڪيو. (تنهن تي) موسى چيو ته جيڪڏهن اوهين گهرو ها ته (انهن ماڻهن کان) مزدوري وٺو ها (ته کاڌي جو سهارو ٿئي ها).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ گڏجي هليا تانجو جڏهن آيا ڳوٺ وارن وٽ ته کاڌو گھريائون رهاڪن ان جي کان پوءِ انڪار ڪيائون ته مهماني ڪن انهن ٻنهي جي پوءِ لڌائون ان ۾ ڀت جيڪا ارادو پئي ڪري ته ڊهي پوءِ درست ڪيائين ان کي چيو (حضرت موسى) جيڪڏهن گھرين ها ته البته وٺين ها ان تي اجورو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ٻئي هليا.ايتري تائين جو جڏهن هڪ ڳوٺ وارن وٽ آيا ته ان جي رهاڪن کان کاڌو گهريائون پوءِ انهن سندن مهماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ ان ڳوٺ ۾ هڪ ڀت ڏٺائون جا ڊهڻ تي هئي پوءِ ان کي ان سڌو ڪيو. موسيٰ چيو ته جيڪڏهن تون گهرين ها ته ان تي ڪا مزدوري وٺين ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ٻئي هليا. ايستائين جو جڏهن ٻئي هڪ ڳوٺ وارن وٽ اچي پهتا ٻنهين اتان جي رهواسين کان کاڌو طلب ڪيو پوءِ انهن سندن مهماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو. پوءِ ان (ڳوٺ) ۾ هڪ ڀِت ڏٺائون جا ڪِرڻ تي هئي ته ان کي اُن (خضر) سڌو کڙو ڪيو. (موسى) چيو: ”اگر تون چاهين ها ته ان (ڀت ٺاهڻ) تي ڪا مزدوري وٺين ها“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ هليا، تان هِڪ گام تي، وارِد ٿيا جنهن وار، گُھريئون گام ڌَڻِيَنِ کان، تازو طعام تيار، پوءِ ڪيائون اِنڪار، طعام ڏيڻ کان، تن کي. پاتئون مَنجھسِ پاڻ، ڪا ڀِت ڀَڄڻ گھوري، اَڏي مَڏٖي اُن کي، ڪيئـِين سَنئـِين سَڌورِي، چي، هُوند گُھرئـِي، گھڻِي ٿورِي مَٿَسِ مَزُورِي ورتئـِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هلڻ لڳا_ جڏهن ڪن ڳوٺاڻن وٽ پهتا ۽ کانئن ماني گهريائون، ته هنن سندن مهمانيءَ کان انڪار ڪيو. اتي هڪ ڀِت ڏٺائون جا ڪِرڻ تي هئي، ته هن (ويهي) ان کي ٺاهيو، موسيٰ چيو ”تون چاهين ها، ته انهي جي مزوري ضرور وٺين ها.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري اڳتي هليا، تان جو اچي هڪڙي ڳوٺ ۾ پهتا ۽ ڳوٺ وارن کان ماني گهريائون پر انهن ٻنهي کي ماني کارائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اتي انهن هڪ ڀت ڏٺي جا ڪرڻ تي هئي. ان شخص انهيءَ ڀت کي وري اوساري بيهاريو. موسيٰ چيس: "جيڪڏهن گهرين ها ته ان ڪم جي مزدوري وٺي سگهين ها".(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هو وري هليا (اڳتي) تان جو هو پهتا وڃي هڪڙي وستيءَ ۾ ۽ گُهريائون کاڌو اتان جي ماڻهن کان، پر انهن سندن مهماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ انهن ڏٺي اتي هڪ ڀت جيڪا ڊهڻ واري هئي، (هن شخص) اها وري ٺاهي ڇڏي، موسيٰؑ چيو، ”جي توهان چاهيو ها ته ان لاءِ معاوضو به وٺو ها“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ٻئي اڳتي روانا ٿيا ايستائين جو ھڪ شھر ۾ پھتا ۽ شھر وارن کان مسافر جي حيثيت ۾ کاڌو گهريائون. پر شھر وارن سندن مھمان نوازي کان انڪار ڪري ڇڏيو. پوءِ انهن ٻنهي شھر ۾ ھڪ جُهوني ڀت ڏٺي جيڪا بلڪل ڪِرڻ تي ھئي. (بزرگ) ان ڀت کي (ڊاھي) نئين سِر ٺاھي سڌو ڪري ڇڏيو. تنھن تي موسى ($) چيس (سائين!) جيڪڏھن تون چاھين ھا ته انهن ماڻهن کان ان ڀت ٺاھڻ جي مزدوري وٺين ھا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ هٰذا فِراقُ بَينى وَبَينِكَ سَأُنَبِّئُكَ بِتَأويلِ ما لَم تَستَطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 78) |
(خضرؑ) چيو ته ھاڻي منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ جُدائي پئي، ھاڻي توکي انھن ڳالھين جي حقيقت جي سُڌ ڏيان ٿو جن تي تون صبر نه ڪري سگھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تڏهن (حضرت موسيٰ جي ساٿيءَ) چيو ته، بس هاڻي منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ جدائيءَ جو وقت اچي ويو. پر هاڻي انهن ڳالهين جي حقيقت توکي ٻڌائي ٿو ڇڏيان، جن تي تون صبر ڪري نه سگهئين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خضر چيو هاڻي منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ جدائي آهي آئون جلد توکي انهن ڳالهين جي وضاحت ڪري ٻڌائيندس جن تي توکي صبر نٿي آيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خضر چيو هاڻي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ جدائي آهي. جنهن تي تون صبر ڪري نه ٿي سگهئين تنهن جي حقيقت تو کي ٻڌايان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته هيءَ جدائي آهي منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ جلد خبر ڏيندس مان توکي حقيقت ان جي کان جو نه ڪري سگھئين تون ان تي صبر.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته هي منهنجي وچ ۾ ۽ تنهنجي وچ ۾ جدائي آهي. جنهن تي تون صبر ڪري نه ٿي سگهئين تنهن جي حقيقت توکي ٻڌايان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (خضر) چيو: ”هي منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ جدائي آهي، هاڻي تو کي آءٌ ان ڳالهين جي حقيقت کان آگاهه ڪيان ٿو جن تي تون صبر ڪري نه سگهئين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مُون ۽ تُنهنجي وِچ ۾، هِيءَ موڪلاِڻي مِير!، توکي تڪڙو تن جِي، ڏِيندسِ خَبر خبِير!، جن تي صبر سُڌير!، ڪري نه سگھِين تون ڪيترو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اها ٿي مون ۽ تو منجهه جدائي! هاڻي آءُ توکي انهن ڳالهين جي حقيقت ٿو ٻڌايان، جن تي توکي صبر ٿي نه سگهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چيس: "بس هاڻي منهنجي ۽ تنهنجي وچـّ۾ جدائي آهي، هاڻي توکي انهن ڳالهين جي حقيقت ٿو ٻڌايان جن تي توکان صبر نه ٿيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن چيو، ”بس! تنهنجو منهنجو ساٿ ختم ٿيو، هاڻي آئون توکي حقيقت ٻڌايان ٿو جن تي تون صبر ڪري نه سگهيين“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بزرگ) چيس ته (بس ھاڻي) منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ سفر ۾ گڏ هلڻ جو معاملو ختم ٿي ويو ، ھاڻي اچ ته مان توکي انهن سڀني ڳالهين جي لڪيل حقيقت ٻڌايان جن تي تون صبر نه ڪري سگهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَمَّا السَّفينَةُ فَكانَت لِمَسٰكينَ يَعمَلونَ فِى البَحرِ فَأَرَدتُ أَن أَعيبَها وَكانَ وَراءَهُم مَلِكٌ يَأخُذُ كُلَّ سَفينَةٍ غَصبًا (آيت : 79) |
پر ٻيڙي (جا ڀڳي ويئي سا) مسڪينن جي ھئي (جنھن تي) ھو درياءَ ۾ پورھيو ڪندا (وتندا) ھوا پوءِ اُن کي عيب دار ڪرڻ گھريم جو سندن پوئتان اھڙو بادشاھ ھو جنھن سڀڪا ٻيڙي بيگر ۾ ٿي ورتي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پهريائين ٻيڙيءَ واري ڳالهه تي ٿا اچون) اها ٻيڙي ڪن مسڪينن جي هئي، جيڪي سمنڊ تي محنت مزوري ڪندا آهن. اهي جنهن طرف وڃي رهيا هئا، تنهن طرف هڪڙو (ظالم) بادشاهه آهي جو جنهن جي به (چڱي) ٻيڙي ٿو ڏسي سا زور زبردستيءَ سان کسي ٿو وٺي. سو مون چاهيو ته، ان ٻيڙيءَ ۾ هڪڙو عيب ڪري ڇڏيان (ته بادشاهه جا ماڻهو اهو عيب ڏسي ٻيڙي کسي نه سگھن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر ٻيڙي پوءِ اها (ڪِن) مسڪينن جي هئي جيڪي درياءَ ۾ ڪم ڪندا هئا پوءِ مون ان ۾ عيب ڪيو ۽ انهن جي پرئين پاسي هڪ بادشاه هو جنهن هر سٺي ٻيڙيءَ کي غصب ٿي ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هاڻي ٻڌ! ته) اها ٻيڙي (جنهن ۾ مون سوراخ ڪيو هو) سا ڪن غريبن جي هئي، جيڪي دريا ۾ محنت ڪري گذارو ڪندا هئا، مون گهريو ته ان کي عيبدار ڪري ڇڏيان، (ڇو ته) انهن پٺيان هڪ (ظالم) بادشاھ (ٿي) آيو جو سڀني ٻيڙين کي ڏاڍ سان ڦري ٿي ورتائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پر ٻيڙي پوءِ هئي مسڪينن جي جيڪي ڪم پيا ڪن سمنڊ ۾ پوءِ ارادو ڪيم هي ته عيب دار بنايان ان کي ۽ هو پويان انهن جي بادشاھ پڪڙي پيو هر ڪا ٻيڙي زبردستيءَ سان، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها ٻيڙي مسڪينن جي هئي جن درياءَ ۾ ڪم ٿي ڪيو، پوءِ مون ان کي عيبدار ڪرڻ گهريو ۽ (اهو هن ڪري جو) سندن اڳيان هڪ بادشاهه هو جنهن سڀڪا (چڱي) ٻيڙي ڦري ورتي ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُها ٻيڙي چند غريبن جي هئي جن درياءَ ۾ محنت مزدوري ٿي ڪئي، سو مون ارادو ڪيو ته ان کي عيبدار ڪيان ۽ سندن اڳيان هڪ بادشاهه هيو جيڪو هر (بي عيب) ٻيڙي کي زبردستي ڦُري رهيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر، هوڙٖي سَندو حال، ته هو مَٿل مِسِڪين جو، جي ڌنڌو ڪن درياءَ ۾، پوءِ ڪَيمِ خاص خيال، ته ڪريان عيب اُن ۾؛ ۽ تن ٻَهران، ٻيڙيء سال، بيگر مَنجھ بَحال، هو وَٺندو حاڪم هيڪڙو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪا ٻيڙي هئي، سا درياءَ ۾ پورهيو ڪندڙ ڪن مسڪينن جي هئي، مون منجهس عيب پيدا ڪرڻ چاهيو، جو سندن پريان اهڙو بادشاهه هو جنهن هرڪا (بي عيب) ٻيڙي ٿي بيگر ۾ کسي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ٻيڙيءَ جو معاملو اهو آهي، جو اها ڪن غريب ماڻهن جي هئي، جيڪي درياءَ ۾ محنت مزوري ڪندا هئا، مان پئي چاهيو ته ان کي عيبدار ڪري ڇڏيان، ڇو جو اڳتي هڪ اهڙي بادشاهه جي حد هئي، جيڪو هر ٻيڙي زوريءَ کسي وٺندو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ٻيڙيءَ جو معاملو هي آهي ته اها ڪجهه غريب ماڻهن جي هئي جيڪي پورهيو ڪندا هئا درياءَ ۾، مون گُهريو ته ان کي عيبدار ڪريان، ڇو ته اڳيان هڪ اهڙي بادشاهه جو علائقو هو جيڪو هر ٻيڙيءَ تي زبردستي قبضو ڪندو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ٻُڌ) ٻيڙيءَ وارو معاملو ھي آھي ته اُھا مسڪين ماڻهن جي ھئي جيڪي ويچارا درياء ۾ ڪِرائي تي ھلائي پيٽ گذر ڪندا ھئا، ٻيڙي ان علائقي ڏانھن وڃي رھي ھئي جنھن جو بادشاهه صحيح سالم سھڻيون ٻيڙيون زوريءَ ڦري وٺندو ھو. مون چاھيو ته ان ۾ سوراخ ڪري کيس عيبدار ڪري ڇڏيان ته جيئن بادشاهه جي ھٿ نه چڙھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمَّا الغُلٰمُ فَكانَ أَبَواهُ مُؤمِنَينِ فَخَشينا أَن يُرهِقَهُما طُغيٰنًا وَكُفرًا (آيت : 80) |
۽ نينگر (جو ماريو ويو) تنھن جا ماءُ پيءُ مؤمن ھوا تنھنڪري ڊناسون ته نافرمانيءَ ۽ ڪفر ڪرڻ سان ٻنھي کي عاجز ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پوءِ انهيءَ ڇوڪر جو معاملو ٿا کڻو. هن جا ماءُ پيءُ مؤمن آهن (خدا جي طرفان مون کي علم مليو هو سو) ان ڇوڪر کي ڏسي خطرو محسوس ڪيم ته هو ڇوڪر انهن (ماءُ پيءُ) کي سرڪشي ۽ ڪفر ڪري ايذاءِ پهچائيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پر ڇوڪرو پوءِ ان جا والدين مؤمن هئا پوءِ اسان کي خوف ٿيو ته متان اهو والدين کي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ وجھي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو ڇوڪر (جنهن کي مون ماريو) ان جا ماءُ پيءُ ٻئي (سچا) مومن آهن، مون کي انديشو ٿيو ته (ائين نه ٿئي جو وڏي هوندي) انهن کي به پنهنجي سرڪشيءَ ۽ ڪفر ۾ ڦاسائي ڇڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر ڇوڪرو پوءِ هئا پيءُ ماءُ ان جا مؤمن پوءِ ڊناسون هن کان ته مجبور ڪري انهن ٻنهي کي سرڪشيءَ ۽ ڪفر تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهو ڇوڪرو تنهن جا ماءُ پيءُ ايمان وارا هئا، پوءِ اسين ڊناسون ته متان هو انهن ٻنهين کي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ (نه) ڦاسائي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هُو ڇوڪرو ان جا ماءُ پيءُ ايمان وارا هئا پوءِ اسان کي انديشو ٿيو ته هي (اگر زنده رهيو ته) انهن ٻنهين کي سرڪشي ۽ ڪفر تي مجبور ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر ڇوڪر، پوءِ اُن جا هُئا، مائـِٽ مُسلمان، ڀوءِ ڀانيوسون ڀَو اِهو، ته ڪري تن تعبان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (ماريل) ڇوڪرو، سو ان جا مائٽ مومن هئا، اسان کي ڊپ هو ته هو نافرمانيءَ ۽ ڪفر سان کين عاجز ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رهيو اهو ڇوڪرو، سو ان جا ماءُ پيءُ مؤمن آهن، اسانکي ڊپ ٿيو ته اهو ڇوڪرو پنهنجي سرڪشيءَ ۽ ڪفر سان کين تنگ ڪندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رهيو اهو ڇوڪرو، ته ان جا والدين مؤمن هئا پر اسان کي انديشو ٿيو ته هي ڇوڪرو کين تنگ ڪندو نافرماني ۽ ڪفر سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇوڪري وارو مسئلو ھي آهي ته ان جا ماءُ پيءُ ويچارا ايماندار ھئا اسان کي انديشو ٿيو ته ھي ڇوڪرو وڏو ٿي پنھنجي سرڪشي ۽ نافرمانيءَ سبب کين نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَرَدنا أَن يُبدِلَهُما رَبُّهُما خَيرًا مِنهُ زَكوٰةً وَأَقرَبَ رُحمًا (آيت : 81) |
پوءِ گھُريوسون ته سندن پالڻھار کين اُن کان به چڱو بدلو سُٺائي جي ڪري ۽ ٻاجھ جي ڪري تمام ويجھو ڏئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڪري مون چاهيو ته، سندن پروردگار هن ڇوڪر کان بهتر ڇوڪر کين عطا ڪري جو دينداريءَ ۽ پاڪائي ۾ توڙي محبت ڪرڻ ۾ بهتر هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان ارادو ڪيو ته سندن رب انهن لاءِ ان جي عيوض بهترين پٽ عطا ڪري جيڪو ان کان وڌيڪ پاڪيزه ۽ والدين لاءِ وڌيڪ قربائتو هجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اسان گهريو ته (کيس ماري ڇڏيون) سندن پروردگار ان جي عوض ۾ (کين اهڙو فرزند) عطا فرمائي جو هن کان پاڪ نفسيءَ ۾ ۽ پاڪ قرابت ۾ چڱو هجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ارادو ڪيوسون هي ته عوض ۾ ڏي انهن ٻنهي کي رب انهن جو ڀلو ان کان ۽ وڌيڪ ويجھو رحم ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ارادو ڪيوسون ته سندن پاليندڙ انهن کي ان (ڇوڪر) کان وڌيڪ پاڪباز ۽ نهايت مهربان (اولاد) عوض ڏئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سو اسان ارادو ڪيو ته سندن پالڻهارکين ان جي بدلي ان کان بهتر پاڪيزگي وارو ۽ ان کان وڌيڪ رحم وارو (اولاد) ڏئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر ڇوڪر، پوءِ اُن جا هُئا، مائـِٽ مُسلمان، ڀوءِ ڀانيوسون ڀَو اِهو، ته ڪري تن تعبان، آڪڙ ۽ اِنڪار ۾؛(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڪري ارادو ڪيوسون ته سندن رب انهي بدران کين سٺو پاڪباز ۽ نهايت ٻاجهارو اولاد ڏئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري اسان چاهيو ته سندن رب ان جي بدلي کين اهڙو اولاد ڏئي جيڪو اخلاق ۾ به ان کان ڀلو هجي ۽ جنهن کان مٽن مائٽن جي حقن جي وڌ ۾ وڌ پوئواري به ٿي سگهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تنهنڪري اسان گُهريو ته کين سندن پالڻهار بدلي ۾ اهڙو اولاد ڏئي جيڪو اخلاق ۾ به چڱو هجي، ۽ قربائتو هجي (مائٽاڻو حق) ادا ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنھنڪري اسان ارادو ڪيو ته کين سندن پالڻھار ان ڇوڪري جي بدلي ۾ انتھائي رحم دل ۽ پاڪيزهه ڪردار واري اولاد عطا ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمَّا الجِدارُ فَكانَ لِغُلٰمَينِ يَتيمَينِ فِى المَدينَةِ وَكانَ تَحتَهُ كَنزٌ لَهُما وَكانَ أَبوهُما صٰلِحًا فَأَرادَ رَبُّكَ أَن يَبلُغا أَشُدَّهُما وَيَستَخرِجا كَنزَهُما رَحمَةً مِن رَبِّكَ وَما فَعَلتُهُ عَن أَمرى ذٰلِكَ تَأويلُ ما لَم تَسطِع عَلَيهِ صَبرًا (آيت : 82) |
۽ جا ڀِت (ٺاھي وئي) سا شھر ۾ ٻن ڇورن ٻارن جي ھُئي ۽ ان جي ھيٺان سندن خزانون ھو ۽ سندن ماءُ پيءُ نيڪ ھوا، پوءِ تنھنجي پالڻھار گھريو ته ٻئي پنھنجي جوانيءَ کي پھچن ۽ پنھنجو خزانو تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سان ڪڍن، ۽ اُھو پنھنجي راءِ سان نه ڪيم، اِھا اُن جي حقيقت آھي جنھن تي تون صبر نه ٿي ڪري سگھئين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اُها ڀت (جنهن جي مرمت ڪيم سا) ڳوٺ جي ٻن يتيم ڇوڪرن جي آهي، جنهن جي هيٺان انهن جو خزانو پوريل آهي. هنن جو پيءُ هڪ نيڪ ماڻهو هو. تنهن ڪري تنهنجي پروردگار چاهيو ته، ٻئي ڇوڪرا جوانيءَ کي پهچي پنهنجو خزانو محفوظ ڏسي ڪڍي وٺن. (جيڪڏهن اها ڀت ڪري پوي ها ته سندن خزانو سلامت نه رهي ها. تنهن ڪري ئي ضروري ڳالهه هئي ته ان کي مضبوط ڪيو وڃي) اها انهن ڇوڪرن تي تنهنجي پروردگار جي رحمت هئي، جا ظهور ۾ آئي. ۽ ياد رک ته، مون جيڪي جيڪي ڪيو سو پنهنجي اختيار سان ڪونه ڪيو. (الله جي حڪم سان ڪيم) اها آهي حقيقت انهن ڳالهين جي جن تي توکي صبر نه آيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پر ديوار پوءِ اها ڳوٺ جي ٻِن يتيم ڇوڪرن جي هئي ۽ ديوار جي هيٺان انهن ٻنهي جو خزانو (مدفون) هو ۽ انهن ڇوڪرن جو پيءُ صالح شخص هو. پوءِ رب چاهيو ته انهن ٻنهي ڇوڪرن کي جواني تائين پهچائي ۽ اهي پنهنجو خزانو پاڻ ڪڍن. اها الله تعالى جي انهن لاءِ رحمت آهي. ۽ مون پنهنجي راءِ سان ڪوبه ڪم نه ڪيو، اها وضاحت آهي ان ڳالهه جي جنهن تي تون صبر نٿي ڪري سگھئين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اها ڀت (جنهن کي سڌو ڪيو) ته اها شهر جي ٻن يتيمن ڇوڪرن جي هئا ۽ ان جي هيٺان انهن ٻنهي ڇوڪرن جو خزانو (پوريل) هو، پڻ انهن ٻارڙن جو پيءُ هڪ نيڪ آدمي هو. پوءِ تنهنجي پالڻهار گهريو ته ٻئي ڇوڪرا (جڏهن) پنهنجيءَ جواني کي پهچن ته تنهنجي پروردگار جي مهرباني سان پنهنجو خزانو ڪڍن ۽ مون ته (جيڪي) ڪيو پنهنجي اختيار سان ته ڪين ڪيو (پر خدا جي حڪم سان) اها حقيقت آهي انهن واقعن جي، جن تي تو کان صبر ٿي نه سگهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر ڀت پوءِ هئي ٻن ڇوڪرن يتيمن جي شهر ۾ ۽ هو هيٺان ان جي خزانو انهن ٻنهي جو ۽ هو پيءُ انهن ٻنهي جو صالح پوءِ ارادو ڪيو رب تنهنجي هي ته پهچن جوانيءَ پنهنجي کي ۽ ڪڍن خزانو پنهنجو مهربانيءَ سان طرفان رب تنهنجي ۽ نه ڪيو مون اهو پنهنجي حڪم سان اها آهي حقيقت انهن (واقعن) جي جو نه ڪري سگھئين تون ان تي صبر. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها ڀت شهر ۾ ٻن يتيم ڇوڪرن جي هئي ۽ ان جي هيٺان سندن ڪجهه خزانو هو ۽ سندن پيءُ نيڪ بخت هو، پوءِ تنهنجي پاليندڙ گهريو ته اهي ٻئي پنهنجي طاقت کي پهچن ۽ پنهنجو خزانو تنهنجي پاليندڙ جي مهربانيءَ سان ڪڍن. ۽ هي مون پنهنجي حڪم سان نه ڪيو. اها انهن ڳالهين جي حقيقت آهي جن تي تون صبر ڪري نه ٿي سگهئين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُها ڀِت شهر ۾ (رهڻ وارن) ٻن يتيم ٻارن جي هئي ۽ ان جي هيٺان انهن ٻنهين لاءِ هڪ خزانو (دفن ٿيل) هيو ۽ انهن ٻنهين جو پيءُ صالح هيو. سو تنهنجي پالڻهار ارادو ڪيو ته اُهي ٻئي پنهنجي جواني کي پهچن ۽ اُهي پنهنجو خزانو پاڻ ڪڍن، (اهو سڀ ڪجھه) تنهنجي پالڻهار پاران رحمت سبب آهي. ۽ مون اهو پنهنجي اختيار سان ڪونه ڪيو آهي. اِها انهن ڳالهين جي حقيقت آهي جن تي تون صبر ڪري نه سگهئين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن گُھريمِ بي گمان، ته بدلو وَرِي بَخشٖين ڪو، سَندنِ رَبُّ سُبحان، هُنِئان موچارو مانَ، پاڪائـِي پَرگھور ۾!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) باقي رهي ڀت، سا شهر جي ٻن يتيمن جي هئي، انهي هيٺ سندن خزانو هو ۽ سندن پيءُ نيڪ هو، سو تنهنجي رب گهريو ته، هو پنهنجي جوانيءَ کي پهچي سندن خزانو ڪڍن. اها تنهنجي رب جي رحمت هئي. مون اهو پنهنجي راءِ سان نه ڪيو هو_ اها آهي انهي جي سمجهاڻي، جنهن تي تون صبر نه ڪري سگهين.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي ان ڀت جي ڳالهه اها آهي ته اها ٻن يتيم ڇوڪرن جي آهي، جيڪي انهيءَ شهر ۾ رهن ٿا. انهيءَ ڀت جي هيٺان انهن ڇوڪرن لاءِ خزانو پوريل آهي ۽ سندن پيءُ هڪڙو نيڪ ماڻهو هو، تنهنڪري تنهنجي رب گهريو ته اهي ٻئي ٻار بالغ ٿين ۽ پنهنجو خزانو ڪڍن، اهو تنهنجي رب جي رحمت سبب ڪيو ويو آهي، مان ڪو پنهنجي مرضيءَ سان نه ڪيو آهي". اها اٿيئي حقيقت انهن ڳالهين جي جن تي توکان صبر نه ٿي سگهيو. (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هن ڀت جو معاملو هي آهي ته اها ٻن يتيم ٻارن جي آهي جيڪي هن شهر ۾ رهن ٿا ۽ هن ڀت جي هيٺان انهن جي لاءِ خزانو پوريل آهي ۽ سندن پيءُ نيڪ ماڻهو هو، تنهنڪري تنهنجي رب گُهريو ته اهي ٻئي ٻار بالغ ٿين ۽ ڪڍي وٺن پنهنجو خزانو، هي رحمت آهي تنهنجي رب جي، ۽ هي مون پنهنجي اختيار سان نه ڪيو آهي، اها ئي آهي حقيقت انهن ڳالهين جي جن تي تون صبر ڪري نه سگهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) باقي رھيو ڀت وارو مسئلو ته، اھا ڀت شھر ۾ رھندڙ ٻن يتيم ڇوڪرن جي ھئي ۽ انهن جي لاءِ ان ڀت جي ھيٺان ھڪ خزانو پوريل ھو ۽ انهن جو پيءُ نيڪ ماڻهو ھو. تنهنڪري تنھنجي پالڻھار (ڀت کي نئين سر ٺاھڻ جو) ارادو ڪيو ته جيئن ھو ٻئي يتيم ڇوڪرا جوان ٿي (پنھنجي پيءُ جي طرفان پوريل) خزانو ھٿ ڪري سگهن. اھو سراسر تنھنجي پالڻھار جي مھرباني سان ئي ڪيو ويو. مان پنھنجي طرفان ڪجهه به نه ڪيو آھي. اھي ھيون انهن ڳالهين جون حقيقتون جن تي توھان صبر نه ڪري سگهيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَسـَٔلونَكَ عَن ذِى القَرنَينِ قُل سَأَتلوا عَلَيكُم مِنهُ ذِكرًا (آيت : 83) |
۽ (اي پيغمبر) توکان ذُوالۡقَرۡنَيۡن بابت پڇن ٿا، چؤ ته اوھان کي ان جو (ڪُجھ) بيان ڪري ٻڌايان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) توکان ماڻهو ذوالقرنين جو حال ٿا پڇن، تون چئو ته، مان هن جو ڪجهه احوال اوهان کي (قرآن مجيد ۾) پڙهي ٿو ٻڌايان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي کان (اهي يهودي) ذوالقرنين (اسڪندر رومي) بابت پڇن ٿا، توهان فرمايو آئون جلد توهان کي ان جو ذڪر پڙهي ٻڌايان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) تو کان ماڻهو ذوالقرنين جو حال (امتحان طور پر) پڇن ٿا. تون (سندن جواب ۾) چئو ته آءُ به اوهان کي ان ڪجھ حال ٻڌيان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پڇن ٿا توکان ذي القرنين جي باري ۾ فرماءِ ته جلد پڙهندس اوهان تي ان جو احوال .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر) تو کان ذُوالقرنين جو پڇن ٿا. تون چؤ ته ان جو ڪجهه بيان اوهان کي پڙهي ٻڌايان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي نبي) تو کان ذوالقرنين بابت پڇن ٿا؟ چؤ ته: ”آءٌ هاڻي ان جو ڪجهه بيان اوهان کي پڙهي ٿو ٻڌايان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قِصّي ذُوالقرنين جو ، توکي ڪَن سُوال، چئو جلد پڙهندسِ، اُن مَنجھان، ڪجھ اوهان تي اَحوال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ( اي نبي) تون کان ”ذوالقرنين“ بابت ٿا پڇن، چئو ته آءُ اوهان کي ان جو بيان ٿو ٻڌايان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! اهي ماڻهو توکان ذوالقرنين متعلق پڇا ڪن ٿا. چوين ته مان ان جو ڪجهه احوال توهان کي ٻڌايان ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبيؐ !) اهي ماڻهو پڇن ٿا تو کان ذوالقرنين جي باري ۾، انهن کي چؤ، آئون توهان کي ان جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايان ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ھي ماڻهو توهان کان ذوالقرنين جي باري ۾ پڇن ٿا سو انهن کي چؤ ته مان توھان کي ان جو مختصر واقعو ٻڌايان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا مَكَّنّا لَهُ فِى الأَرضِ وَءاتَينٰهُ مِن كُلِّ شَيءٍ سَبَبًا (آيت : 84) |
بيشڪ اسان ان کي زمين ۾ ھٿ پھچ ڏني ۽ سڀڪنھن شيء جو سان کيس ڏنوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان هن کي زمين تي حڪمراني ڏني هئي ۽ پڻ هن جي لاءِ هر طرح جو سامان ۽ اسباب مهيا ڪري ڇڏيو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان ان کي زمين ۾ اقتدار عطا ڪيو ۽ اسان ان کي هر شيءِ (حاصل ڪرڻ) جا اسباب مهيا ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (خدا فرمائي ٿوته) بيشڪ اسان، ان کي سموري زمين تي قدرت (حڪومت) عطا ڪئي هئي ۽ اسان کيس سڀ ڪنهن قسم جو سامان ڏنو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان اقتدار ڏنوسون ان کي زمين تي ۽ ڏنو اسان ان کي هر شيءِ مان سامان، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان ان کي زمين ۾ طاقت ڏني هئي ۽ کيس سڀڪنهن قسم جو سامان ڏنو هو سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان ان کي زمين ۾ اقتدار ڏنو هيو ۽ اسان کيس سڀ قسم جا اسباب (۽ وسيلا) ڏنا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بادشاهِي ڀُونءَ ۾، بَخشِي سونسِ بَحال، ۽ هر قِسم جا ڪَمال، اَسباب ڏناسون اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (خدا فرمائي ٿو ته) اسان هن کي زمين تي حڪومت ڏني هئي ۽ کيس هر قسم جو اسباب ڏنو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان کيس زمين ۾ اقتدار عطا ڪري ڇڏيو هو ۽ کيس هر قسم جا سامان ۽ وسيلا ڏنا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان ان کي اقتدار عطا ڪيو هو زمين ۾، ۽ کيس بخشيا هئا هر قسم جا سڀ اسباب ۽ وسيلا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان کيس اقتدار عطا ڪيو ھو ۽ اقتدار کي مضبوط ڪرڻ خاطر ھر قسم جا وسيلا به مھيا ڪيا ھئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 85) |
پوءِ سامان (جي مدد) سان ھليو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (ڏسو) هن (پهريائين هڪڙي وڏي ڪم لاءِ) سامان ۽ اسباب تيار ڪيا (۽ اولهه طرف نڪري پيو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ پاڻ هڪ رستي تي روانو ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ هو ڪنهن سامان (سفر) جي پٺيان پيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پويان لڳو سامان جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ هو ڪنهن سامان جي پٺيان پيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهو (ڪنهن خاص مهم لاءِ) ڪنهن رستي سان نڪري پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَنڀوڙِيو سامان سان، ڪِنهِين طرف ڪَهي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هو هڪ طرف هليو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن (اڳ ۾ اولهه ڏي هڪڙيءَ مهم جو) سانباهو ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هو ڪنهن ساز وسامان جي پٺيان پيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ھو (سامان سميت) ڪنھن مھم تي روانو ٿيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَغرِبَ الشَّمسِ وَجَدَها تَغرُبُ فى عَينٍ حَمِئَةٍ وَوَجَدَ عِندَها قَومًا قُلنا يٰذَا القَرنَينِ إِمّا أَن تُعَذِّبَ وَإِمّا أَن تَتَّخِذَ فيهِم حُسنًا (آيت : 86) |
ايترو (سير ڪيائين) جو سچ لھڻ جي ھنڌ پھتو اُن کي گپڙاٺي تلاءُ ۾ لھندو ڏٺائين ۽ اُن (تلاءُ) وٽ ھڪ قوم کي ڏٺائين، چيوسون ته اي ذوالقرنين انھن کي سزا ڏئين يا منجھن ڪو چڱائيءَ جو سڌارو ڪرين (ته توکي اختيار آھي).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تان جو (هلندي هلندي) سج جي لهڻ واري جاءِ وٽ پهچي ويو. اتي هن کي ائين ڏسڻ ۾ آيو ته سج هڪ نيري ۽ ميري پاڻي جي ڍنڍ ۾ لهي ٿو وڃي. ۽ ان جي ويجهو هڪ قوم جا ماڻهو رهندڙ ڏٺائين، اسان (يعني الله تعاليٰ) کيس چيو ته، اي ذوالقرنين! (هاڻي هي ماڻهو تنهنجي حڪم هيٺ آهن) وڻئي ته کين سزا ڏي ۽ وڻئي ته ساڻن چڱو سلوڪ ڪري کين پنهنجو ڪري ڇڏ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ايستائين جو جڏهن سج لهڻ واري جاءِ تي پهتو ۽ پاڻ محسوس ڪيائين ته سج هڪ ڪاري چڪڙ واري چشمي ۾ لهي ٿو ۽ ان جاءِ تي هڪ قوم لڌائين، اسان فرمايو اي ذوالقرنين يا تون انهن تي عذاب ڪر، يا تون انهن سان نيڪيءَ جو سلوڪ اختيار ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ايتري تائين جو جڏهن سج لهڻ جي جاءِ تي ان کي ڪاري گپ واري چشمي ۾ لهندو ڏٺائين ۽ ان چشمي جي ويجهو هڪ قوم کي به آباد ڏٺائين. اسان چيو ته اي ذوالقرنين (تو کي اختيار آهي) چاهي (سندن ڪفر جي ڪري) کين سزا ڏي (ته ايمان آڻين) يا انهن سان حسن سلوڪ جو طريقو اختيار ڪر (جو پنهن جو پاڻ ايمان آڻين).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانجو جڏهن پهتو سج جي لهڻ واري جاءِ کي ته لڌائين ان کي لهي پيو تلاءَ گپ واري ۾ ۽ لڌائين ان وٽ هڪ قوم چيو اسان ته اي ذوالقرنين! يا عذاب ڪر تون ۽ يا ته ڪر تون انهن ۾ چڱائي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ايتري تائين جو جڏهن سج لهڻ جي جاءِ تي پهتو ته ان کي گپ واري چشمي ۾ لهندو ڏٺائين. ۽ ان وٽ هڪ قوم لڌائين. اسان چيو ته اي ذوالقرنين! يا ته (انهن کي) سزا ڏئي يا انهن سان ڀلائي ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ايستائين جو جڏهن سج لهڻ جي جاءِ (يعني الهندي طرف آبادي جي آخري ڪناري) تي پهتو ان (سج) کي هڪ پاڻي جي گرم چشمي ۾ لهندو ڏٺائين ۽ اتي هڪ قوم (رهندڙَ) لڌائين“. اسان چيو: ”اي ذوالقرنين (تنهنجي اختيار آهي) يا انهن کي سزا ڏين يا انهن سان سهڻو سلوڪ ڪرين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان سج لَهڻ هَنڌ سَهڙِيو، پوءِ سُوٺائـِين صَحِي، ڪر وِيو سِج لَهِي، دُٻي مَنجھ ڌُٻڻ جي. پوءِ وَٽسِ لَڌائـِين قوم ڪا، پڻ چيو سون اِهڙِي چال، ذُوالقرنين! سَزا سَخت ڪا، لاءِ تن سان لال! يا ڀَلا ڪَر بَحال، ڪو سُهڻو سُلوڪ اُنهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تان جو، جڏهن سج لهڻ جي هنڌ پهتو ۽ ان کي گپ واري تلاءَ ۾ لهندو ڏٺائين ۽ ان وٽ هڪ قوم ڏٺائين_ چيوسون ته ”اي ذوالقرنين توکي اختيار آهي، ته کين عذاب ڪرين يا ساڻن مهربانيون ڪرين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تانجو جڏهن هو سج لهڻ جي حد تائين پهچي ويو ته هن سج کي هڪ ڪاري پاڻيءَ ۾ لهندي ڏٺو ۽ اتي هن کي هڪڙي قوم ملي. اسان کيس چيو: ”اي ذوالقرنين! تنهنجي وس ۾ آهي ته کين تڪليف پهچائين يا ساڻن سٺو سلوڪ ڪرين“ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن هو سج لهڻ جي حد تي پهتو ۽ هن ڏٺو ان کي لهندي هڪ ڪاري پاڻيءَ ۾، ۽ اتي کيس ملي هڪ قوم، اسان چيو، اي ذوالقرنين! توکي اها قدرت به حاصل آهي ته انهن کي تڪليف ڏئين ۽ هي به ته ساڻن چڱو ورتاءُ ڪرين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن سج غروب ٿيڻ واري جاءِ تي پھتو ته ھن سج کي گَپ جھڙي ڪاري پاڻي جي چشمي ۾ لھندي ڏٺو ۽ اُتي موجود ماڻهن سان مليو. اسان کيس چيو ته اي ذوالقرنين! تنھنجي اختيار ۾ آھي ته تون انهن ماڻهن کي سزا ڏين يا انهن سان ڀلائي وارو رويو اختيار ڪرين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَمّا مَن ظَلَمَ فَسَوفَ نُعَذِّبُهُ ثُمَّ يُرَدُّ إِلىٰ رَبِّهِ فَيُعَذِّبُهُ عَذابًا نُكرًا (آيت : 87) |
(ذوالقرنين) چيو ته جيڪو (ماڻھو) ظلم ڪندو تنھن کي سزا ڏينداسون وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن ورايو ويندو پوءِ اُھو کيس سخت عذاب جي سزا ڏيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ذوالقرنين چيو ته، (مان بي انصافي ڪرڻ وارو نه آهيان) جيڪو (آئندهه) سرڪشي ڪندو تنهن کي ضرور سزا ڏيندس. پوءِ هن کي (آخر) پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻو آهي. هو (بدعمل ڪندڙن کي) سخت عذاب ۾ وجهندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ذوالقرنين عرض ڪيو جنهن ماڻهو ظلم ڪيو پوءِ اسين جلد ان تي عذاب ڪنداسين ان کان پوءِ اهو پنهنجي رب ڏانهن موٽايو ويندو پوءِ اهو ان کي سخت عذاب ڪندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ذوالقرنين عرض ڪيو، جيڪو ظلم ڪندو تنهن کي اسين سزا ڏينداسون، (نيٺ) وري به اهو (قيامت ۾) پنهنجي پروردگار جي سامهون موٽايو ويندو. ۽ اهو بڇڙيءَ کان بڇڙي سزا ڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين پرجنهن ظلم ڪيو پوءِ جلد عذاب ڪنداسون ان کي ان کان پوءِ موٽايو ويندو رب پنهنجي ڏانهن پوءِ عذاب ڪندو ان کي عذاب برو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائين ته جيڪو ظلم ڪندو تنهن کي اسين سزا ڏينداسون. وري ان کي سندن پاليندڙ ڏي موٽايو ويندو. پوءِ اهو ان کي سخت سزا ڏيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ذوالقرنين) چيو ته: ”جيڪو ظلم ڪندو تنهن کي جلد سزا ڏينداسين پوءِ اُهو پنهنجي پالڻهار طرف موٽايو ويندو پوءِ اُهو ان کي سخت عذاب ڏيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پَرڪيا جِنهن ڪَلُور، ڏُک ڏاڍا ڏِيندسِ اُن کي، موٽِي سَندسِ سائـِينءَ ڏي، موٽائـِبو، سو مُور، پوءِ زَبردست ضرُور، ڏِيندو عذاب اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”جيڪو ظالم هوندو ان کي اسين جلد ئي عذاب ڪنداسون، پوءِ هو سندن ڌڻيءَ ڏي موٽائبو ته اهو به سخت عذاب ڏيندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چيو: ”جيڪو منجهانئن ظلم ڪندو اسين کيس سزا ڏينداسون.“ پوءِ هو پنهنجي رب ڏانهن موٽايو ويندو ۽ هو کيس اڃان به سخت عذاب ڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن چيو، ”جيڪو انهن مان ظلم ڪندو، تنهن کي اسان ضرور سزا ڏينداسين، پوءِ اهو موٽايو ويندو پنهنجي رب ڏي ۽ اهو کيس اڃا به وڌيڪ عذاب ڏيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ذوالقرنين چيو ته ھِنن ماڻهن مان جيڪو به ظلم ڪندو تنھن کي اسان ضرور سزا ڏينداسين وري ھو پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽايو ويندو. پوءِ ھو اُن کي ان کان به وڌيڪ سخت سزا ڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُ جَزاءً الحُسنىٰ وَسَنَقولُ لَهُ مِن أَمرِنا يُسرًا (آيت : 88) |
۽ جيڪو ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کي چڱو بدلو ملندو، ۽ پنھنجي معاملي مان اُن کي سولائي (جھڙو ڪم) چونداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪو ايمان آڻيندو ۽ صالح عمل ڪندو تنهن کي ان جي بدلي ۾ چڱو انعام ملندو ۽ کيس اهڙين ئي ڳالهين جو حڪم ڏينداسين، جنهن ۾ هن جي لاءِ آساني ۽ راحت هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پر جنهن ماڻهو ايمان آندو ۽ سهڻو عمل ڪيو پوءِ ان لاءِ سهڻي جزا (جنت) آهي. ۽ جلد اسان ان کي آسان ڪم ٻڌائينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن ايمان آندو ۽ چڱو ڪم ڪيو تنهن لاءِ چڱي کان چڱو بدلو آهي. ۽ پنهنجي معاملي ۾ کيس آسان ڪم ڪرڻ لاءِ چونداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر جنهن ايمان آندو ۽ ڪيائين صالح عمل پوءِ ان جي لاءِ بدلو سٺو آهي ۽ عنقريب چونداسون ان لاءِ امر پنهنجي مان سولائي (جھڙو ڪم).(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن ايمان آندو ۽ چڱو ڪم ڪيو تنهن لاءِ بدلي ۾ چڱائي آهي. ۽ پنهنجي معاملي ۾ کيس آسان حڪم ڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پر جيڪو ايمان آڻيندو ۽ صالح عمل ڪندو ته ان جي لاءِ سهڻو بدلو آهي، ۽ عنقريب اسان به ان لاءِ پنهنجي احڪامن مان آسان احڪام ڏينداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر جنهن آندو ايمان، ۽ چڱا ڪيائين ڪَمڙا، تنهن لئي صفا سُهڻو، بَدلو بي گمان، ۽ اسان جو ڪم آسان، آڇِينداسون اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) باقي جيڪو مؤمن ٿيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تن لاءِ سٺو بدلو آهي ۽ اسين به پنهنجي ڪم لاءِ نرم ڳالهه چونداسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪو انهن منجهان ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪندو ان لاءِ ڏاڍو سٺو بدلو آهي ۽ ان کي اسان آسان حڪم ڏينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيڪو انهن مان ايمان آڻيندو ۽ سٺا عمل ڪندو، ان لاءِ سٺي جزا آهي، ۽ اسان ان کي حڪم ڏينداسين بلڪل نرم(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪندو ته ان لاءِ اللھ تعالى وٽ بھترين بدلو آھي ۽ اسان کيس سولا حڪم ڏينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 89) |
وري سامان (جي مدد) سان ھليو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان کان پوءِ هن وري تياري ڪئي (اوڀر طرف) نڪري پيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ) پوءِ پاڻ هڪ رستي تي روانو ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري ان هڪ ٻي راءِ اختيار ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ پويان لڳو هڪ سامان جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري ڪنهن سامان جي پٺيان پيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وري اهو ڪنهن (ٻئي) رستي سان نڪري پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَنڀوڙو سامان سان، وَرِي ٻِئي وَلهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ٻيو رستو ورتائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري هن (هڪڙي ٻيءَ مهم جي) تياري ڪئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هن ٻي مهم جي تياري ڪئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کانپوءِ ذوالقرنين هڪ ٻي مھم تي روانو ٿيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ مَطلِعَ الشَّمسِ وَجَدَها تَطلُعُ عَلىٰ قَومٍ لَم نَجعَل لَهُم مِن دونِها سِترًا (آيت : 90) |
ايترو (سير ڪيائين) جو جڏھن سج اُڀرڻ جي ھنڌ پھتو ته اُھو ھڪ اھڙي قوم تي اُڀرندو ڏٺائين جنھن لاءِ سج کانسواءِ ڪا اوٽ نه بڻائي ھئي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تان جو سج اڀرڻ جي آخري حد تائين پهچي ويو. هن ڏٺو ته، سج هڪ قوم تي اڀري ٿو، جنهن کي اسان سج جي اس کان بچڻ لاءِ ڪا اوٽ يا پناهه ڪانه ڏني هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ايستائين جو جڏهن سج اڀرڻ واري جاءِ تي پهتو ۽ پاڻ محسوس ڪيائين ته سج ان قوم تي اڀري ٿو جنهن لاءِ اسان سج کانسواءِ ڪابه آڙ نه رکي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ايتري تائين جو جڏهن سج اڀرڻ جي جاءِ تي پهتو ته سج کيس اهڙو ڏسڻ ۾ آيو جو (ڄڻ ته) ڪجھ ماڻهن (جي سرن) تي اهڙي طرح ٿو اڀري جن جي لاءِ اسان سج جي سامهون ڪو پردو نه بنايو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانجو جڏهن پهتو جاءِ سج اڀرڻ جي کي ته ڏٺائين ان کي ته اڀري پيو هڪ قوم تي جو نه ٺاهيو اسان انهن لاءِ ان کان سواءِ ڪو پردو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ايتري تائين جو جڏهن سج اڀرڻ جي جاءِ تي پهتو ته ان کي اهڙيءَ قوم تي اڀرندو ڏٺائين جو انهن لاءِ اسان سج کان هن پاسي ڪو پردو نه ڪيو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ايستائين جو اُهو سج اڀرڻ واري جاءِ ( يعني اڀرندي طرف آبادي جي آخري ڪناري) تي پهتو. اتي ان سج کي هڪ قوم تي اڀرندي ڏٺو جن لاءِ اسان سج کان (بچاءَ خاطر) ڪو پردو نه ڪيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان سج اُڀرئي، هَنڌتي، وارِد ٿيو جِنهن وار، اُڀرندو اُن قوم تي، سوٺو کيَسِ سَچار، بِنہ نه بنايوسون، جن ئي اوڍڻ اِنهيان ڌار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تان جو جڏهن سج اڀرڻ وار ي هنڌ اچي پهتو، ته ان کي اهڙيءَ قوم وٽ اُڀرندو ڏٺائين، جنهن کي سج کان ڪو به اولو ڪو نه هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تان جو سج اڀرڻ جي حد تائين وڃي پهتو. اتي هن ڏٺو ته سج هڪ اهڙيءَ قوم تي ٿو اڀري جنهن لاءِ اُس کان بچڻ جو اسان ڪوبه بندوبست نه ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ايترو هليو جو پهتو سج اڀرڻ جي هنڌ، اتي هن ڏٺو ته سج اهڙي قوم تي اڀري رهيو آهي، جنهن لاءِ اُس کان بچڻ جو اسان ڪوبه سامان نه ڪيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏھن ھو سج اڀرڻ واري جاءِ تي پھتو ته اُتي ھڪ اھڙي قوم کي ڏٺو جنھن لاءِ اسان اُس کان بچڻ جو ڪوبه بندوبست نه ڪيو ھو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذٰلِكَ وَقَد أَحَطنا بِما لَدَيهِ خُبرًا (آيت : 91) |
اھڙي طرح (سندس قِصّوآھي)، ۽ بيشڪ اسان وٽ ان جي ساري خبر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن جي حالت اهڙي هئي ۽ جيڪي ذوالقرنين وٽ هو، تنهن جي اسان کي پوري پوري خبر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جي حقيقت هن ريت آهي، ۽ ذوالقرنين وٽ جيڪي اسباب هئا انهن جي اسان کي خبر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو به ائين ئي ۽ ذوالقرنين وٽ جيڪي هو تنهن جي اسان کي پوري خبر هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهڙي طرح ۽ تحقيق قابو رکيو اسان ان کي جيڪا ان وٽ آهي خبر.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙيءَ طرح (سندس قصو) آهي ۽ جيڪي ان وٽ هو تنهن جي اسان کي پوري خبر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) واقعو ائين ئي آهي. ۽ بيشڪ جو ڪجھه ان وٽ هيو اسان پنهنجي علم سان ان جو گهيرو ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪا اُنهِئَ وٽ اَخبار، سا پورِي ڄاتِي سون پَڪ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڳالهه ائين آهي ۽ اسان کي ان جي پوري خبر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها هئي حالت انهن جي ۽ ذوالقرنين وٽ جيڪي ڪجهه هو تنهن جي خبر ته اسان کي هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي حال هو انهن جو، ۽ جيڪي ڪجهه ذوالقرنين وٽ هو ان کان اسين واقف هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ذوالقرنين جو اصل واقعو اھڙي طرح ئي آھي ۽ ھُن وٽ جيڪو ڪجهه ھو اسان کي سڀ معلوم آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ أَتبَعَ سَبَبًا (آيت : 92) |
وري سامان (جي مدد) سان ھليو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن وري (سفر جو) سامان ۽ سمر تيار ڪيو (۽ ٽئين ڪم لاءِ نڪري پيو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ پاڻ هڪ رستي تي روانو ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مطلب ته) هن هڪ (ٻي) راءِ اختيار ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کانپوءِ پويان هليو سامان جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري ڪنهن سامان جي پٺيان پيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وري اهو ڪنهن (ٻئي) رستي جي پُٺيان پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَنڀوڙو سامان، موٽِي مَت سُڄاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ وري ٻي واٽ ورتائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري هن (هڪڙيءَ اڃان به ٻيءَ مهم جو) سانباهو ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هن (هڪ ٻي مهم) جو سامان تيار ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري ذوالقرنين (ٽين) مھم تي روانو ٿيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
حَتّىٰ إِذا بَلَغَ بَينَ السَّدَّينِ وَجَدَ مِن دونِهِما قَومًا لا يَكادونَ يَفقَهونَ قَولًا (آيت : 93) |
ايترو جوجڏھن ٻن جبلن جي وچ ۾ پھتو ته انھن جي ھُن پاسي اھڙي قوم ڏٺائين جا ڪابه ڳالھ سمجھي نه ٿي سگھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تان جو ٻن (جبلن جي) ديوارن (يعني قطارن) جي وچ تائين پهچي ويو. اتي هن ڏٺو ته، جبلن جي هن پاسي هڪ قوم رهندڙ آهي، جنهن جي ماڻهن سان ڳالهائجي ٿو ته، لفظ به ڪونه ٿا سمجهن. (يعني ذوالقرنين جي ٻولي نه پئي سمجهيائون. پر ترجمانن جي وسيلي گفتگو ڪيائون.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ايستائين جو جڏهن پاڻ ٻن جبلن جي وچ ۾ پهتو ته ٻن جبلن جي سامهون اها قوم ڏٺائين جيڪي ڪنهن جي ڳالهه نه ٿي سمجھا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ايتري تائين جو جڏهن (هلندي هلندي ملڪ روم ۾ هڪ جبل جي ڪنگرن) جي ديوارن جي وچ ۾ پهتو انهن ٻنهي ديوارن جي هن طرف هڪ قوم کي (آباد) لڌائين جيڪي ڳالھ ٻول ڪا به سمجهي نٿي سگهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانجو جڏهن پهتو ٻن بندن جي وچ ۾ ته ڏٺائين پويان انهن ٻنهي جي هڪ قوم جيڪي نٿا ويجھا ٿين جو سمجھن ڳالھ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ايتري تائين جو جڏهن ٻن جبلن جي وچ ۾ پهتو ته انهن جي هن پاسي اهڙا ماڻهو ڏٺائين جي ڪنهن به ڳالهه کي سمجهڻ جي ويجهو نه هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ايستائين جو اُهو ٻن جبلن جي وچ ۾ (هڪ جاءِ تي) پهتو انهن پهاڙن جي پويان هڪ قوم آباد لڌائين جيڪي ڪا ڳالهه سمجهڻ جي ويجهو نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان جڏهن ٻِن جبلن وچ ۾، پُهتو ته پاتئـِين پاڻ، پَريان تن پَرياڻ، جي ٻولِي ٻُجھن ئـِي ڪانڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تان جو جڏهن اچي ٻن جبلن وچ ۾ پهتو، ته سندن پٺيان اهڙي قوم ڏٺائين، جا سندن ٻولي سمجهي نٿي سگهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تان جو جڏهن ٻن جبلن جي وچ ۾ پهتو ته هن کي اتي هڪڙي قوم ملي، جنهن ڏاڍي مشڪل سان ڪا ڳالهه سمجهي ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تانجو جڏهن پهتو ٻن جبلن جي وچ ۾، ته اتي کيس ملي هئي هڪ قوم، جيڪا مشڪل سان ڪا ڳالهه سمجهندي هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن ھو ٻن جبلن جي وچ ۾ پھتو ته ان علائقي ۾ ھڪ اھڙي قوم سان مليو جيڪا ڪابه ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهي نه پئي سگهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا يٰذَا القَرنَينِ إِنَّ يَأجوجَ وَمَأجوجَ مُفسِدونَ فِى الأَرضِ فَهَل نَجعَلُ لَكَ خَرجًا عَلىٰ أَن تَجعَلَ بَينَنا وَبَينَهُم سَدًّا (آيت : 94) |
چيائون ته اي ذوالقرنين بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج مُلڪ ۾ فساد وجھندڙ آھن تنھن ڪري تو لاءِ اسين ھن شرط تي ڏن مُقرّر ڪريون ته تون اسان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ قوم جي ماڻهن (پنهنجي زبان ۾) چيو ته، اي ذوالقرنين! ياجوج ۽ ماجوج (جون قومون اتر کان اچي هي جبل لنگهي) هن ملڪ ۾ اچي ڦرمار ڪن ٿا. ڇا (هيئن ٿي سگهي ٿو ته) توهان اسان جي ۽ هنن جي وچ ۾ هڪڙي ديوار بنائي ڏيو ۽ اسان ان جي عيوض ۾ ڪجهه خراج (سالياني ڍل) توهان کي ڏيندا رهون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو اي ذوالقرنين بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج زمين ۾ فساد ڪندڙ آهن، پوءِ ڇا اسين تنهنجي لاءِ ڪجھه مال گڏ ڪريون ان لاءِ ته تون اسان ۽ انهن جي وچ ۾ ڪا ديوار تيار ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن (ترجمي ڪندڙ جي ذريعي) چيس ته اي ذوالقرنين! (هن گهاٽ کان هوڏي) ياجوج ماجوج جي قوم آهي (جا) ملڪ ۾ فساد ڪندي رهندي آهي. پوءِ جيڪڏهن اوهان جي اجازت هجي ته اسين هن مطلب لاءِ اوهان وٽ چندو گڏ ڪريون ته اوهين اسان جي ۽ هنن جي وچ ۾ ڪا ڀت بنايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته اي ذوالقرنين! بلاشڪ ياجوج ۽ ماجوج فساد ڪندڙ آهن زمين ۾ پوءِ ڇا مقرر ڪيون تو لاءِ محصول؟ هن بناء تي ته ٺاهين تون اسانجي ۽ انهن جي وچ ۾ بند .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته اي ذوالقرنين! بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج زمين ۾ فساد ڪندڙ آهن ‘ڇا پوءِ اسين تولاءِ ڪو محصول مقرر ڪريون’ هن شرط تي ته تون اسان جي وچ ۾ ۽ انهن جي وچ ۾ بند بناءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اي ذوالقرنين! بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج زمين ۾ (يعني ان علائقي ۾) فساد مچائيندڙ آهن ڇا پوءِ اسان تنهنجي لاءِ ڪجهه خرچ ڪڍون؟ جو تون اسان جي ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ ديوار بنائين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائون اِهڙِي چال، ته اي ذُوالْقَرْنين بادشاھ! يا جوج ۽ ماجوج هِن ملڪ ۾، آهِن بگاڙو بحال، پوءِ ڪِ تولئي، پاڻ تي، خرچ کَڻون سڀ مال، تان ٻَڌين ٻَنڌ ڌَمال، اسان ۽ اُنهن جي وِچ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اي ذي القرنين! بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج هن زمين ۾ فساد مچائين ٿا، پوءِ اسين تولاءِ ڪا ڍل ڪٺي ڪريون، ته تون اسان ۽ هنن وچ ۾ ڪا ٻنڌ ٻڌين؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ماڻهن چيس: "اي ذوالقرنين! ياجوج ۽ ماجوج هن سرزمين ۾ ڏاڍو فساد ٿا ڦهلائين. پوءِ ڇا اسان توکي ڪو چندو ان ڪم لاءِ ڏيون ته جيئن تون ان جي عيوض اسان جي ۽ انهن جي وچ ۾ ڪو بند ٻڌي ڏئين؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن چيو، ”اي ذوالقرنين! بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج فساد برپا ڪن ٿا زمين ۾، ڇا اسان هن ڪم جي لاءِ توکي ڪو ٽيڪس ڏيون ته تون اسان ۽ انهن جي وچ ۾ ڪو بند ٻڌي ڏين؟“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن چيو ته اي ذوالقرنين! اسان جي علائقي ۾ ياجوج ۽ ماجوج وڏو فساد ڦھلائي ڇڏيو آھي. ڇا ان مقصد لاءِ اسان توکي ڪجهه رقم ڏيون ته جيئن تون اسان جي ۽ انهن جي وچ ۾ ھڪ بند ٺاھين؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ ما مَكَّنّى فيهِ رَبّى خَيرٌ فَأَعينونى بِقُوَّةٍ أَجعَل بَينَكُم وَبَينَهُم رَدمًا (آيت : 95) |
(ذوالقرنين) چيو ته منھنجي پالڻھار جيڪا مون کي ان بابت سگھ ڏني آھي سا ڀلي آھي پوءِ اوھين مون سان زور بار جي مدد ڪريو ته اوھان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻايان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ذوالقرنين چيو ته، منهنجي پروردگار جيڪي مون کي منهنجي قبضي ۾ ڏنو آهي، سوئي منهنجي لاءِ بهتر آهي، (توهان جو خراج مون کي ڪونه ٿو گهرجي) پر توهان پنهنجي (بازن جي) قوت سان (هن ڪم ۾) منهنجي مدد ڪيو. مان توهان جي ۽ ياجوج ماجوج جي وچ ۾ هڪ مضبوط ڀت ٺاهي ڇڏيندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ذوالقرنين چيو جيڪو مون کي منهنجي رب عطا ڪيو آهي، اهو توهان جي مال کان بهتر آهي، پوءِ توهان منهنجي مدد قوت سان ڪريو، آئون توهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ مضبوط سنڌو قائم ڪندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ذوالقرنين چيو ته منهنجي پالڻهار خرچ ڪرڻ جي طاقت اهڙي عطا ڪئي آهي. جا (اوهان جي چندي کان) گهڻو وڌيڪ آهي. (مال جي ضرورت نه آهي) اوهان رڳو قوت سان مدد ڪريو ته آءُ اوهان ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ آڙ بنايان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته جيڪا طاقت ڏني مون کي ان ۾ منهنجي رب اها ڀلي آهي پوءِ مدد ڪيو منهنجي جسماني قوت سان ٺاهيان مان اوهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ ٿلهي ڀت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ذوالقرنين چيو ته منهنجي پاليندڙ جنهن (مال) ۾ مون کي اختيار ڏنو آهي سو گهڻو چڱو آهي پوءِ اوهين محنت سان منهنجي مدد ڪريو ته آءُ اوهان جي وچ ۾ ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ بند بنايان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ذوالقرنين) چيو: ”منهنجي اختيار ۾ منهنجي پالڻهار جو ڪجھه ڏنو آهي اُهو بهتر آهي، پوءِ اوهان محنت (مزدوري) سان منهنجي مدد ڪيو ته آءٌ اوهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ مضبوط ديوار ٺاهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي مون سين اُن ۾، مُون ڌڻي، ڪيا ڪَرم ڪِروڙ، مُنهنجِي مدد اوهين ڪريو، طاقت مُوجب توڙ، ته ٻَڌان بند اَروڙ، اوهان ۽ اُنهن جي وچ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”مون کي جيڪا منهنجي رب انهي بابت طاقت ڏني آهي سا سٺي آهي، هاڻي اوهين مون کي ڪم جي مدد ڏيو، ته آءُ اوهان ۽ هنن وچ ۾ مضبوط ٻنڌ ٻڌان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چين: "جيڪو منهنجي رب مونکي ڏنو آهي سو ئي گهڻو آهي، توهان رڳو محنت سان منهنجي مدد ڪريو، مان توهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ بند ٻڌي ٿو ڏيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن چيو، ”جيڪي منهنجي رب مون کي ڏنو آهي سو گهڻو آهي، توهان محنت سان منهنجي مدد ڪريو، آئون توهان ۽ انهن جي وچ ۾ بند ٻڌايان ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ذوالقرنين چيو ته رقم جي ڳالھ نه آھي، منھنجي پالڻھار مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو آھي. بس! توھان رڳو ڪم جي سلسلي ۾ مون سان تعاون ڪريو مان توھان ۽ انهن جي وچ ۾ ھڪ مضبوط بند ٺاھيان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ءاتونى زُبَرَ الحَديدِ حَتّىٰ إِذا ساوىٰ بَينَ الصَّدَفَينِ قالَ انفُخوا حَتّىٰ إِذا جَعَلَهُ نارًا قالَ ءاتونى أُفرِغ عَلَيهِ قِطرًا (آيت : 96) |
لوھ جا ٽُڪر مون وٽ آڻيو، جنھن دم ٻنھي جبلن جي وچ ۾ (ڀري) پورائي ڪيائين (تنھن دم) چيائين ته ڌنئون، تان جو جڏھن ان کي (تپائي) باھ ڪيائين (تڏھن) چيائين ته مون وٽ آڻيو ته مٿس پگھاريل ٽامون پلٽيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ هن حڪم ڏنو ته) لوهه جون سرون مون وٽ آڻيو. پوءِ جڏهن (سڀ سامان گڏ ٿي ويو ۽) ٻنهي جبلن جي وچ ۾ وڏي ديوار کڙي ڪري انهن جبلن جي برابر بلند ڪئي ويئي، تڏهن حڪم ڏنائين ته (کورا ٻاريو ۽) ڌَوِڻِيون لڳايو. پوءِ جڏهن (ايتري قدر ڌوڻيون لڳايون ويون جو) بلڪل باهه (وانگر لال) ٿي ويئي تڏهن چيائين ته پگاريل ٽامون آڻيو ته ان تي هاري (لڳائي) ڇڏيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مون کي لوهه جا ڳرا ٽڪرا آڻي ڏيو، ايستائين جو جڏهن ديوار ٻنهي جبلن جي برابر ٿي، چيائين ته باه کي هوا ڏيو، ايستائين جو جڏهن ان کي باه ڪيائين، چيائين توهان مون کي پگھريل ٽامو ڏيو ته ان جي مٿان پلٽيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (چڱو ته) مون کي (ڪٿان) لوھ جون سرون آڻي ڏيو (نيٺ هنن آنديون) ۽ هڪ وڏي ڀت بڻي) ايتري تائين جو جڏهن ٻنهين جبلن جي وچ ۾ (ڀري) برابر ڪيائين تڏهن چيائين ته (ان ۾ باھ) ڦوڪيو. ايتري تائين جو جڏهن ان کي (تپائي) باھ ڪيائين، چيائين ته مون وٽ پگهريل ٽامون آڻيو ته ان تي پلٽيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) آڻي ڏيو مونکي ٽڪرا لوھ جا تانجو جڏهن برابر بنايائين (اها ڀت) ٻنهي جبلن وچ ۾چيائين ته ڌَوَڻ سان ڦوڪيو تانجو جڏهن ان کي باھ بنايائين چيائين آڻي ڏيو مونکي ته پلٽايان ان تي پگھاريل ٽامون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مون وٽ لوهه جا ٽڪرا آڻيو. ايتري تائين جو جڏهن ٻنهين جبلن جي وچ ۾ (ڀري) برابر ڪيائين تڏهن چيائين ته (ان ۾ باهه) ڦوڪيو. ايتري تائين جو جڏهن ان کي (تپائي) باهه ڪيائين، چيائين ته مون وٽ پگهريل ٽامون آڻيو ته ان تي پلٽيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اوهان مون کي لوهه جا تختا (پَڙڇَ) آڻي ڏيو“. ايستائين جو جڏهن ٻنهين جبلن جي چوٽين وچ ۾ ديوار برابر ڪيائين، تڏهن چيائين ته: ”(ان ۾ باهه) ڦوڪيو“. ايستائين جو جڏهن (لوهه) کي (ڦوڪي ڦوڪي) باهه بنايائين ته چيائين: ”مون وٽ پگهريل ٽامو آڻيو ته ان مٿان پَلٽِيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مون وَٽ ٽُڪر لوھ جا، آڻي ڪريو اَنبار، تان جڏهن ٻِن جبلن وِچ ۾، ڪري چُڪوقطار، چي، ڦوڪيو، تان اُن کي، جڏهن ٻارئين باہ ٻيهار، چي، ٽامون وَٽمِ هڪوار، آڻيو ته اُتسِ پلٽائيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مون کي لوهه جا ٽڪر آڻي ڏيو، جڏهن خالي هنڌ کي انهن سان ڀريائين، تڏهن چيائين، ”هاڻي ڌنيون،“ جڏهن (ڌنئي ڌنئي) کين باهه بنايائون، چيائين ”هاڻي مون کي پگهريل ٽامو آڻي ڏيو ته مٿس وجهان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مونکي لوهه جا ٽـُـڪر آڻي ڏيو". تان جو جڏهن ٻنهي جبلن جي وچ واري وٿيءَ کي ڀري هڪ ڪرو ڪري ڇڏيائين ته چيائين ته هاڻي باهه دُکايو، تان جو جڏهن (اها لوهي ڀت) صفا باهه وانگر لال (ڳاڙهي) ڪري ڇڏيائين ته چيائين: "آڻيو، ته هاڻي مان ان تي رجايل ٽامو وجهان". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مون کي ڏيو لوهه جون چادرون، پوءِ جڏهن هن خال ڀري ڇڏيو وچ ۾ ٻنهي جبلن جي، ته ماڻهن کي چيائين، هاڻي ان کي ڏيو (زبردست) باهه، (جڏهن اها ڀت ڳاڙهي ٿي) چيائين، هاڻي ان تي آئون پگهاريل ٽامو وجهندس“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مون کي لوهه جا ٽڪر آڻي ڏيو. پوءِ هن ٻن جبلن جي وچ واري جڳھه کي لوهه جي ٽڪرن سان ڀري صفا بند ڪري ڇڏيو. پوءِ چيو ته ھاڻي باهه ٻاريو. جڏھن باهه جي ٻرڻ سان لوهه تپي ڳاڙھو ٿي ويو ته چيائين ته ھاڻي پگهريل ٽامون آڻي ڏيو ته مان ان کي تپيل لوهه جي مٿان ھاريان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمَا اسطٰعوا أَن يَظهَروهُ وَمَا استَطٰعوا لَهُ نَقبًا (آيت : 97) |
پوءِ (ياجوج ماجوج) نڪي ان تي چڙھي سگھيا ۽ نڪي اُن کي ڪا سرنگھ ھڻي سگھيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهڙيءَ طرح هڪ شاهي ديوار بنجي پئي) جنهن تي نڪي (ياجوج ماجوج) چڙهي ٿي سگهيان نڪي ان کي سوراخ ڪري ٿي سگهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (ياجوج ۽ ماجوج) انهي ديوار تي چڙهي نه سگھندا ۽ نه ئي ان ۾ سوراخ ڪڍي سگھندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ايتري اوچي ديوار بني جو ياجوج ماجوج ان تي نه چڙهي سگهيا ٿي ۽ ان ۾ سوراخ ڪري سگهيا ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه سگھيا جو چڙهن ان تي ۽ نه ڪري سگھيا ان ۾ ڪا سرنگھ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ نه ان تي چڙهي سگهيا ۽ نه ان ۾ سوراخ ڪري سگهيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن (ياجوج ماجوج) ۾ ايتري طاقت نه هئي جو ان تي چڙهي اچي سگهن ۽ نه ايتري همت جو ان ۾ سوراخ ڪري سگهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ چَڙِهي نه سَگھيا اُن تي ۽ ڀَڃِي نه سَگھيسِ بَحال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته نڪي هو مٿس چڙهي سگهندا، نڪي منجهس ٽنگ ڪري سگهندا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اهو بند اهڙو هو جو) نڪي ياجوج ۽ ماجوج مٿانئس چڙهي ٿي اچي سگهيا ۽ نه وري منجهس کاٽ هڻڻ جي ئي ڪا طاقت هئن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (هي اهڙو بند هو جو) ياجوج ماجوج ان تي چڙهي به نه سگهندا هئا ۽ نه هئي کين طاقت به کاٽ هڻڻ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھاڻي ياجوج ماجوج نه ته ان تي چڙھي توھان وٽ اچي سگهندا ۽ نه ان ۾ ڪو کاٽ ھڻي رستو ٺاھي سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ هٰذا رَحمَةٌ مِن رَبّى فَإِذا جاءَ وَعدُ رَبّى جَعَلَهُ دَكّاءَ وَكانَ وَعدُ رَبّى حَقًّا (آيت : 98) |
چيائين ته ھي منھنجي پالڻھار جي (ھڪڙي) ٻاجھ آھي، جنھن مھل منھنجي پالڻھار جو انجام ايندو (تنھن مھل) ان کي سنئون ڪري ڇڏيندو ۽ منھنجي پالڻھار جو انجام سچو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هن ڪم پوري ٿيڻ بعد) ذوالقرنين چيو ته، هي (جيڪي ٿيو سو في الحقيقت) منهنجي پروردگار جي طرف کان رحمت آهي. جڏهن منهنجي پروردگار جي واعدي واري ڳالهه ظهور ۾ ايندي تڏهن هو ان (ديوار) کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندو. (پر ان کان اڳي ڪوبه ان کي ڪيرائي ڊاهي نه سگهندو) ۽ منهنجي پروردگار جو واعدو يا فرمايل ڳالهه حق آهي، (ٽرڻ واري ناهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ذوالقرنين چيو هي (ديوار) منهنجي رب جي رحمت آهي، پوءِ جڏهن منهنجي رب جو وعدو قريب ايندو ته ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو ۽ منهنجي رب جو وعدو سچو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ذوالقرنين (ڀت کي ڏسي) چيو هيءَ منهنجي پروردگار جي مهرباني آهي. جڏهن منهنجي رب جو وعدو (قيامت) ايندو. ان کي ڀڃي ڀوري ڇڏيندو. ۽ منهنجي پالڻهار جو وعدو سچو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته هيءَ رحمت آهي منهنجي رب جي طرفان پوءِ جڏهن ايندو وعدو منهنجي رب جو ته ڪندو ان کي سنئون سڌو ۽ آهي وعدو منهنجي رب جو سچو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائين ته هيءَ منهنجي پاليندڙ جي مهرباني آهي. پوءِ جڏهن منهنجي پاليندڙ جو واعدو ايندو ته ان کي ڀڃي ڀوري ڇڏيندو. ۽ منهنجي پاليندڙ جو واعدو سچو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ذوالقرنين) چيو: ”هي منهنجي پالڻهار جي طرفان رحمت آهي، پوءِ جڏهن منهنجي پالڻهار جي وعدي وارو وقت ايندو اُهو هن (ديوار) کي (ڪيرائي) هموار ڪري ڇڏيندو ۽ منهنجي پروردگار جو وعدو سچو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائين اِهڙِي چال، ته هِي رَحمت مُنهنجِي رَبَّ جِي. آيو جڏهن اَنجام، پوءِ سانيمِ رَبُّ سَتّار، ڪُٽي ڪندو اُن کي، هِڪ جھڙو پَٽ هَموار، ۽ ٻول سَندمِ سانيمِ جا، آهن بَرحق برقرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هيءَ منهنجي رب جي هڪ رحمت آهي، پوءِ جڏهن منهنجي رب جو وعدو ايندو تڏهن کيس زمين برابر ڪري ڇڏيندو ۽ منهنجي رب جو وعدو سچو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ذوالقرنين چين: "اها منهنجي رب جي رحمت آهي، مگر جڏهن منهنجي رب جي وعدي جو وقت ايندو ته هو ان کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندو ۽ منهنجي رب جو وعدو ته برحق آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو (ذوالقرنين) ”هي رحمت آهي منهنجي پالڻهار جي، پر جڏهن منهنجي رب جي وعدي جو وقت ايندو ته اهو مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندو، ۽ منهنجي رب جو وعدو سچو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ذوالقرنين (کين) وڌيڪ چيو ته ھي سڀ منھنجي پالڻھار جي مھرباني آھي، باقي جڏھن منھنجي پالڻھار جو مقرر وعدو (قيامت جي صورت ۾) ايندو ته ھو ھن بند کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو ۽ منھنجي پالڻھار جو ھي سچو وعدو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَرَكنا بَعضَهُم يَومَئِذٍ يَموجُ فى بَعضٍ وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَجَمَعنٰهُم جَمعًا (آيت : 99) |
۽ اُن ڏينھن ڇڏينداسون ته ھڪ ٻئي ۾ ڳاھٽ ٿيندا (ايندا) ۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ انھن مِڙني کي گڏ ڪنداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (جنهن ڏينهن اها ڳالهه ظهور ۾ ايندي) تنهن ڏينهن هڪڙي قوم ٻي قوم جي اندر (سمنڊ وانگر) لهرون هڻي ويهڻ لڳندي ۽ توتاري کي ڦوڪ ڏيئي (وڄائي ويندي ۽) سڀني قومن کي گڏ ڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان ڏينهن اسين انهن جي اها حالت ڪنداسين جو اهي هڪ ٻئي سان ملي ويندا ۽ صُور ڦوڪي ويندي پوءِ اسين سڀني کي گڏ ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسين ان ڏينهن (کين سندن حال تي) ڇڏي ڏينداسون ته هڪ ٻئي ۾ (ٽڪرائي دريا جي) لهرن وانگر گڏجي ويندا ۽ صور ڦوڪيويندي پوءِ سڀني کي گڏ ڪنداسون،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇڏيندا هڪڙن کي انهن مان ان ڏينهن ڳاٽ ڏيندا ٻين تي ۽ ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ پوءِ گڏ ڪري آڻينداسون انهن کي يقينًا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان ڏينهن انهن مان هڪڙن کي ڇڏينداسون ته ٻين ۾ گُسندا ايندا ۽ صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي پوءِ انهن سڀني کي گڏ ڪنداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن اسان ماڻهن کي ڇڏي ڏينداسين (سمنڊ جي موجن وانگر) پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ٽڪرائيندا رهندا. ۽ صُور ۾ ڦُوڪ ڏني ويندي ته اسان انهن سڀني کي (حشرگاهه ۾) گڏ ڪنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ترڪ ڪيو سون تن کي، هِڪ ٻئي ۾ هيڪار، تِنهن پَل سَندنِ پار، پيا لهرِين جِيئين لپيٽبا. ۽ ڦوڪيو وِيو ڏَنڊ ۾، پوءِ ميڙيو سونِ، ميڙيَڪو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسين ان ڏينهن کين هڪڙن کي ٻين ۾ ڳاهٽ ڪري ڇڏينداسون، پوءِ صور ۾ ڦوڪبو، ته کين هڪ هنڌ گڏ ڪنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان ڏينهن اسان ماڻهن کي ڇڏي ڏينداسون ته (سمنڊ جي موجن وانگر) هڪ ٻئي سان وڪوڙجي پاڻ ۾ ويڙهجي سيڙهجي وڃن ۽ صور ڦوڪيو ويندو ۽ اسان سڀني انسانن کي هڪ هنڌ ميڙي گڏ ڪنداسين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇڏي ڏينداسين ماڻهن کي ان ڏينهن، ته سمنڊ جي لهرن وانگر هڪ ٻئي سان جنبيل رهن ۽ صور ڦوڪي ويندي ۽ گڏ ڪنداسين انهن سمورن (ماڻهن) کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قيامت واري ڏينھن اسان ماڻهن کي آزاد ڇڏي ڏينداسون ته جيئن هو سمنڊ جي ڇولين وانگر ڀلي ھڪ ٻئي جي مٿان وڃي ڪرن ۽ اسان صور ۾ ڦوڪ ڏينداسين پوءِ سڀني ماڻهن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعَرَضنا جَهَنَّمَ يَومَئِذٍ لِلكٰفِرينَ عَرضًا (آيت : 100) |
۽ اُن ڏينھن اُنھن ڪافرن کي دوزخ آڏو ڪنداسون جئن آڏو ڪجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن اسان منڪرن جي سامهون دوزخ کي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪنداسين، جهڙيءَ طرح ڪا شيء بلڪل اڳيان ڏسڻ ۾ ايندي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان ڏينهن اسين جهنم کي ڪافرن جي اڳيان آڻينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان ڏينهن جهنم کي انهن ڪافرن جي اڳيان ظاهر آندو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آڻينداسون جھنم ان ڏينهن ڪافرن جي لاءِ جيئن سامهون آڻجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان ڏينهن جهنم کي انهن ڪافرن جي اڳيان آندو ويندو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان ڏينهن دوزخ کي ڪافرن لاءِ ظاهر ظهور ڪري ڇڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَڌرو اوسِ پَڪو، ڪيو سون ڪافرن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهي ڏينهن جهنم کي ڪافرن اڳيان آڻينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان ڏينهن اسان جهنم کي ڪافرن جي بلڪل آڏو آڻينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آڻينداسين جهنم کي ان ڏينهن ڪافرن جي اڳيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان ان ڏينھن جھنم کي ڪافرن جي سامهون آڻينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ كانَت أَعيُنُهُم فى غِطاءٍ عَن ذِكرى وَكانوا لا يَستَطيعونَ سَمعًا (آيت : 101) |
جن جون اکيون منھنجي يادگيريءَ کان ڍَڪ ۾ ھيون ۽ (ساڙ کان ڪجھ) ٻُڌي نه سگھندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اِهي) اُهي منڪر آهن ، جن جي اکين تي اسان جي ذڪر کان پردو پئجي ويو هو ۽ (جن جي ڪنن ۾ اهڙي ٻوڙاڻ پئجي ويئي هئي جو) ڪابه ڳالهه ٻڌي به ڪونه سگهندا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جن ماڻهن جي اکين تي منهنجي نشانين ڏسڻ کان پردا آهن ۽ اهي (حق جي ڳالهه) ٻڌڻ کان عاجز آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن جي اکين تي منهنجي ياد کان پردو (پيل) هو ۽ (رسول جي دشمنيءَ ڪري سچي ڳالھ) ڪجھ به نه ٻڌي سگهندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن کي اهي جو هيون اکيون انهن جون پردي ۾ منهنجي ذڪر کان ۽ نٿي سگھيا ٻڌي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن جي اکين تي منهنجي ياد کان پردو (پيل) هو، ۽ اهي ٻڌي نه سگهندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو جن جون اکيون منهنجي ياد کان پردي ۾ هيون ۽ اُهي ٻڌي به نه سگهندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جن جون اکيون سَندمِ سار کان، هُجن مَنجھ حجاب، ۽ نه رکن طاقت تاب، ڪنهن ٻول چال ٻُڌڻ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن جون اکيون اسان جي يادگيريءَ کان ڍڪيل هيون ۽ هو ٻڌي ئي نه سگهندا هئا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ڪافرن جي آڏو جيڪي منهنجي نصيحت کان انڌا بڻيل هئا ۽ وري ڪجهه ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن ڪافرن جي اڳيان جيڪي منهنجي نصيحت کان انڌا ٿيل هوندا ۽ (ڪڏهن به) تيار ئي نه هوندا ڪجهه به ٻڌڻ جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (دنيا ۾) منھنجي ذڪر کان سندن اکين تي پردو چڙھيل ھو ۽ هو منھنجي نصيحت کي ٻڌڻ جي ڪوشش به نه ڪندا ھئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَحَسِبَ الَّذينَ كَفَروا أَن يَتَّخِذوا عِبادى مِن دونى أَولِياءَ إِنّا أَعتَدنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ نُزُلًا (آيت : 102) |
ڪافرن (اڃا پاڻ کي سزا جوڳو) نه ڀانيو آھي ڇا جو مون کان سواءِ منھنجن ٻانھن کي دوست ورتو اٿن؟ اسان ڪافرن جي رھڻ لاءِ دوزخ تيار ڪيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي، تن هي خيال ڪيو آهي ڇا ته اسان کي (يعني خدا کي) ڇڏي اسان جي بندن کي پنهنجا ڪارساز بنائي رکن؟ (کين يقي رکڻ گهرجي ته) اسان ڪافرن جي مهمانيءَ لاءِ دوزخ تيار ڪري رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ ڪافر اهو گمان ڪن ٿا ته اهي منهنجي ٻانهن لاءِ مون کانسواءِ مددگار بنائيندا (جيڪي کين نفعو ڏيندا) بيشڪ اسان ڪافرن جي مهماني لاءِ جهنم کي تيار ڪري ڇڏيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو، هن خيال ۾ آهن ته اسان کي ڇڏي اسان جي ٻانهن کي پنهنجو سرپرست بنائين (۽ ڪجھ به سوال جواب نه ٿيندو چڱو ٻڌو) اسان ڪافرن جي مهماني لاءِ دوزخ تيار ڪري ڇڏيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ سمجھيو انهن جن ڪفر ڪيو ته بنائين ٻانهن منهنجن کي مون کان سواءِ دوست بيشڪ اسان تيار ڪيو جھنم ڪافرن جي لاءِ مهماني بنائي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ به ڪافرن جو هي خيال آهي ته مون کان سواءِ جو منهنجن ٻانهن کي دوست ڪري وٺن ٿا (تنهن جي سزا انهن کي نه ملندي) بيشڪ اسان جهنم کي ڪافرن جي مهمانيءَ لاءِ تيار ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا ڪافرن اِهو سمجهيو آهي ته اُهي مون کي ڇڏي منهنجي ٻانهن کي ڪارساز بنائيندا؟ بيشڪ اسان ڪافرن جي مهماني لاءِ دوزخ تيار ڪري رکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا اُهي، جن اِنڪار، ڪيو، ڀانيئون برقرار؟ ته بَنائـِينِ سَندمِ بَندن کي، مون ري، مَددگار، ڪيوسون توڙ تيار، مَگر مَنزل مُنڪِرين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، ڪافر اڃا به سمجهن ٿا ته هو مون کي ڇڏي منهنجي ٻانهن مان ڪارساز بڻائيندا؟ اسان به ڪافرن لاءِ جهنم جي مهماني تيار رکي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته پوءِ اهي ماڻهو جن ڪفر اختيار ڪيو آهي، انهيءَ خيال ۾ آهن ڇا ته مون کي ڇڏي منهنجي ٻانهن کي پنهنجو دوست بنائين؟ اسان ته اهڙن ڪافرن جي مهمانيءَ لاءِ جهنم تيار ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته پوءِ ڇا اهي ماڻهو، جن ڪفر اختيار ڪيو آهي، مون کي ڇڏي ڪارساز بنائن منهنجي ٻانهن کي؟ بيشڪ اسان اهڙن ڪافرن جي مهماني لاءِ دوزخ کي تيار ڪري ڇڏيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا پوءِ به انهن ڪافرن جو خيال آھي ته ھو منھنجي ٻانهن کي مون کان سواءِ ڪارساز ٺاهيندا. بيشڪ اسان انهن ڪافرن جي مھمان نوازي لاءِ جھنم تيار ڪري ڇڏيو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل هَل نُنَبِّئُكُم بِالأَخسَرينَ أَعمٰلًا (آيت : 103) |
(اي پيغمبر) چؤ ته ڪرتوتن جي ڪري ٽوٽي وارن جي اوھان کي سُڌ ڏيون ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته، اسان توهان کي ٻڌائي ڇڏيون ته ڪهڙا ماڻهو پنهنجي ڪمن ۾ سڀني کان وڌيڪ ناڪامياب ۽ نامراد رهجي ويا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا اسين توهان کي ان کان وڌيڪ نقصان وارا عمل ٻڌايون؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته ڇا آءُ اوهان کي انهن ماڻهن جي خبر ڏيان جي عمل جي حساب سان وڏي نقصان ۾ آهن؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته: ڇا خبر ڏيون اسين اوهان کي ته وڌيڪ نقصان وارا عملن جي لحاظ سان ڪير آهن؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! انهن کي) چو ته ڇا آءُ اوهان کي انهن جي خبر ڏيان جن جا عمل بي فائدا ويا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته ڇا اسين اوهان کي ٻڌايون ته پنهنجي عملن ۾ سڀني کان وڌيڪ نامراد ماڻهو ڪير آهن؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، ڪَمن ۾ ڪِرِيَلن جِي، ڪِ آنکي ڏيان ڪَرَ؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته اسين اوهان کي اهڙن جي خبر ڏيون جن جا عمل نقصان وارا آهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته توهان کي ٻڌايان ته پنهنجن عملن جي لحاظ کان ڪير آهن وڌ ۾ وڌ نقصان ۾ پيل؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبيؐ ! کين) چؤ ڇا اسان ٻڌايون توهان کي ته سڀ کان وڌيڪ ناڪام پنهنجن عملن ۾ ڪير آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) کين چؤ ته ڇا اسان توھان کي برن ڪمن جي ڪري نقصان ۾ پوندڙ ماڻهن جي باري ۾ ٻڌايون؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ ضَلَّ سَعيُهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم يَحسَبونَ أَنَّهُم يُحسِنونَ صُنعًا (آيت : 104) |
جن پنھنجي ڪوشش دنيا جي حياتيءَ ۾ اَجائي وڃائي ۽ اُھي (پنھنجي لاءِ) ڀائيندا آھن ته اُھي (پاڻ) چڱو ڪم ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ٻڌو! نامراد ۽ ناڪامياب اُهي ٿيا) جن جون سڀ ڪوششون هن دنيا جي زندگي ۾ ضايع ڪيون ويون ۽ اهي هن ڌوڪي يا فريب ۾ اچي ويا آهن ته ڏاڍو چڱو ڪارخانو بنائي رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو جن جي زندگيءَ جا نيڪ عمل (الله تعالى جي دربار ۾) باطل ٿيا ۽ اهي ڀانئن ٿا ته بيشڪ انهن نيڪ عمل ڪيا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهي (ماڻهو) آهن جن جي ڪوشش دنيا جي حياتي ۾ (ئي) اجائي ويئي ۽ اهي اجايا خيال ڪن ٿا ته پاڻ چڱو ڪم ڪري رهيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جو گم ٿي ڪوشش انهن جي حياتيءَ دنيا جيءَ ۾ ۽ اهي سمجھن ٿا ته بيشڪ اهي سهڻو ڪم ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن جي ڪوشش دنيا جي حياتيءَ ۾ اجائي ويئي ۽ اهي خيال ڪن ٿا ته پاڻ چڱو ڪم ڪري رهيا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ماڻهو آهن جن جي ساري ڪوشش دنيا جي زندگي ۾ گم ٿي وئي ۽ اُهي سمجهندا رهيا ته اُهي سڀ ڪجھه ٺيڪ ڪري رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن جو هِن جَھان ۾، وِيو سَعيو سر بسر، ۽ هُو ڀانئـِينِ برابر، ته ڪن پِيانيڪ ڪَمايون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اُهي، جن جون ڪوششون دنيا جي حياتيءَ ۾ نڪارت ويون پر هو ٿا ڀانئين ته اسين ڪو ڏاڍو سٺو ڪم ڪري رهيا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي جن جي دنيا واري زندگيءَ ۾ ساري ڪوشش صحيح راه کان ٿـڙيل هئي ۽ وري سمجهندا ائين پئي رهيا ته ڏاڍي سهڻي ڪم کي لڳا پيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي جن جي ڀٽڪيل آهي ڊڪ ڊوڙ دنيا جي سموري زندگيءَ ۾، ۽ اهي سمجهندا رهيا ته انهن جو ڪجهه ڪيو آهي سڀ ٺيڪ ڪندا رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن جي دنيا جي زندگيءَ ۾ سڄي ڊڪ ڊوڙ ضايع ٿي وئي ۽ وري پنھنجي پاران ھن خيال ۾ آھن ته ھو ڪو نيڪيءَ جو ڪم ڪري رھيا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَلِقائِهِ فَحَبِطَت أَعمٰلُهُم فَلا نُقيمُ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَزنًا (آيت : 105) |
اِھي اُھي آھن جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن ۽ سندن ملڻ جو انڪار ڪيو پوءِ سندن ڪئي ڪمائي چٽ ٿي پوءِ اُنھن لاءِ قيامت جي ڏينھن ڪا تور کڙي نه ڪنداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي پروردگار جي آيتن جا ۽ سندس حضور ۾ حاضر ٿيڻ جا منڪر ٿيا. تنهن ڪري ئي انهن جا سڀ ڪم اجايا ويا ۽ انهيءَ ڪري قيامت جي ڏينهن اسان هنن (جي عملن) کي ڪوبه وزن نه ڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي رب جي آيتن ۽ رب جي ملاقات جو انڪار ڪيو پوءِ سندن اعمال برباد ٿي ويا پوءِ اسين قيامت جي ڏينهن سندن عملن جي تور نه ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي اهي ماڻهو آهن جي پنهنجي پالڻهار جي آيتن کان ۽ (ڏينهن قيامت جي) سندس سامهون حاضر ٿيڻ جو انڪار ڪيو ته انهن جو سڀ ڪيو ڪرتيو اڪارت ٿيو پڻ انهن لاءِ قيامت ڏينهن حساب تي ترازو به قائم نه ڪنداسون (سڌا جهنم ۾ اڇليا ويندا).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي ئي آهن جن انڪار ڪيو آيتن رب پنهنجي جو ۽ ان سان ملڻ جو پوءِ چٽ ٿيا اعمال انهن جا پوءِ نه قائم ڪنداسون انهن جي لاءِ قيامت جي ڏينهن ڪا تور .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي اُهي آهن جن پنهنجي پاليندڙ جي نشانين ۽ ساڻس ملڻ جو انڪار ڪيو، پوءِ سندن عمل برباد ٿيا. پوءِ انهن لاءِ قيامت جي ڏينهن ڪابه تور نه بيهارينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار جي آيتن ۽ ساڻس ملڻ جو انڪار ڪيو پوءِ انهن جا عمل چَٽُ ٿي ويا، پوءِ اسان قيامت جي ڏينهن انهن کي ڪو وزن (۽ اهميت)نه ڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سي، جي ڦِريا، سَندنِ سائـِينءَ جي، حُڪمن کان هيڪار، پڻ مَهندان سَندسِ مِلڻ کان، پوءِ ڪِريا سَندنِ ڪم ڪار، پوءِ مَهندان مَحشر وار، مَنڊيون نه تُراڙو تن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي اُهي ئي آهن جن سندن رب جي آيتن ۽ ساڻس ملاقات جو انڪار ڪيو، پوءِ سندن سڀ عمل چٽ ٿيا ۽ قيامت ڏينهن انهن جو ڪو وزن نه هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اِهي ئي ماڻهو آهن، جن پنهنجي رب جي آيتن کي مڃڻ کان ۽ سندس ملڻ کان انڪار ڪيو هو، سو انهن جو سارو ڪيو ڪرتيو چٽ ٿي ويو ۽ قيامت جي ڏينهن اسان انهن کي ڪوبه وزن نه ڏينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي ئي ماڻهو آهن جن انڪار ڪيو پنهنجي رب جي آيتن جو ۽ سندس حضور ۾ پيش ٿيڻ جو يقين نه ڪيو ان ڪري سندن سڀ عمل چٽ ٿي ويا، انهن کي ڏينهن قيامت جي ڪوبه وزن نه ملندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي اُھي ئي ماڻهو آھن جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن ۽ سندس سامهون پيش پوڻ کان انڪار ڪيو ھو. تنھن ڪري انهن جا سڀ عمل چَٽ ٿي ويا ۽ قيامت جي ڏينھن انهن جي عملن جو ڪو به وزن نه ھوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم جَهَنَّمُ بِما كَفَروا وَاتَّخَذوا ءايٰتى وَرُسُلى هُزُوًا (آيت : 106) |
اِھا سندين سزا دوزخ انھي سببان آھي جو ڪفر ڪيائون ۽ منھنجي آيتن ۽ منھنجي پيغمبرن کي ٺـٺولي ڪري ورتائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن جهڙي ڪفر جي راهه اختيار ڪئي هئي ۽ اسان جي آيتن ۽ رسولن تي ٽوڪون، مسخريون ڪيون هيون تهڙوئي هنن لاءِ (لازمي) نتيجو ۽ بدلو ٿيندو دوزخ!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها جهنم سندن جزا آهي انهي ڪري جو انهن ڪفر ڪيو ۽ منهنجي آيتن ۽ منهنجي رسولن کي مذاق بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو جهنم سندن (ڪرتوتن) جو بدلو آهي ڇو ته هنن ڪفر اختيار ڪيو ۽ منهنجي آيتن ۽ منهنجي رسولن تي ٺٺوليون ڪيائون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو بدلو انهن جو جھنم آهي سببان ان جي جو ڪفر ڪيائون ۽ بنايائون آيتن منهنجين ۽ رسولن منهنجن کي چٿر.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو جهنم سندن بدلو آهي هن ڪري جو انهن ڪفر ڪيو ۽ منهنجي آيتن ۽ منهنجي رسولن تي مسخريون ڪيائون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو جهنم ئي انهن جو بدلو آهي هن ڪري جو ڪفر ڪيائون ۽ منهنجي آيتن ۽ منهنجي رسولن کي ڀوڳ ڪري ورتائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِها سَزا اُنهن جِي، ڄيرو سَڀ ڄَمار، جنهن سبب ڦِريا، پڻ سَندمِ نِشانيون نِروار، ۽ مُرسل مڻيادار، ٺَهرائـِيون ٺَٺوليون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن سزا اهو ئي جهنم هوندو، ڇو ته هنن ڪفر ڪيو ۽ منهنجي آيتن ۽ رسولن تان مسخريون ڪيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جو بدلو جهنم آهي، ان ڪفر جي بدلي جيڪو انهن ڪيو هو ۽ پڻ ان ٺٺولبازيءَ جي ڪري جيڪا هو منهنجي آيتن ۽ منهنجن رسولن تي ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي لاءِ جزا طور دوزخ آهي سندن ڪيل ڪفر جي ڪري ۽ ان ٺٺوليءَ جي سزا جيڪا اهي منهنجي آيتن ۽ رسولن سان ڪندا رهيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن منھنجي آيتن ۽ منھنجي رسول سڳورن جو مذاق اڏايو ھو، تنھنڪري انهن جو بدلو جھنم ئي آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كانَت لَهُم جَنّٰتُ الفِردَوسِ نُزُلًا (آيت : 107) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ فردوس جا باغ مھماني (جي جاءِ) آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن جي مهمانيءَ لاءِ بهشت جا باغ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا انهن جي مهماني لاءِ جنت الفردوس (تيار) آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جي مهماني لاءِ بهشت جا باغ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيائون انهن جي لاءِ بهشت فردوس جا، مهماني آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جي مهماني لاءِ بهشت جا باغ آهن، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون، انهن جي ميزباني لاءِ (جنت جي سڀ کان اعليٰ طبقي) فردوس جا باغ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن مڃيو ۽ موچارا ڪم ڪيا، آهي اُنهن هار، مِهمانِي موچار، بيشڪ باغ بهشت جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا انهن جي مهماني بهشت جا باغ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيائون، انهن جي مهمانيءَ لاءِ فردوس وارا باغ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا عمل ڪيا انهن جي لاءِ فردوس جا باغ بستان هوندا مهمانيءَ طور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا تن جي مھمان نوازي لاءِ فردوس جا باغ آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خٰلِدينَ فيها لا يَبغونَ عَنها حِوَلًا (آيت : 108) |
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن کانئس وري اٿلڻ نه گھرندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو هميشه انهن ۾ رهندا ۽ ڪڏهن به نه چاهيندا ته پنهنجي جاءِ بدلائين (۽ ٻيءَ حالت ۾ رهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ان ۾ هميشه رهندا اهي ان مان نڪرڻ نه چاهيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ۾ اهي هميشه رهندا ۽ اتان ڪڏهن به هٽڻ جي خواهش نه ڪندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هميشہ رهندڙ هوندا انهن ۾ نه طلب ڪندا انهن کان جاءِ ڦرڻ جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن ۾ پيا رهندا، اتان ڦِرڻ نه گهرندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ۾ اهي هميشه رهندا اتان (جاءِ) مٽائڻ نه چاهيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سدا ساڪِن اُن ۾، سَرها سڀ ڄَمار، اُنهئ کان ٻَهارِ، موٽڻ نه گھرون مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ۾ هميشه رهندا ۽ هو اتان ڪٿي به وڃڻ نه چاهيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ۾ هو سدائين رهندا ۽ ڪڏهن به اتان نڪري ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻ نه گهرندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ۾ اهي هميشه رهندا ۽ اتان نڪري ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ سندن دل نه چوندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھو انهن باغَن ۾ ھميشه رھندا ۽ ان مان ٻاھر نڪرڻ جي ڪڏھن به خواھش نه ڪندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل لَو كانَ البَحرُ مِدادًا لِكَلِمٰتِ رَبّى لَنَفِدَ البَحرُ قَبلَ أَن تَنفَدَ كَلِمٰتُ رَبّى وَلَو جِئنا بِمِثلِهِ مَدَدًا (آيت : 109) |
چؤ ته جيڪڏھن منھنجي پالڻھار جي سُخنن (لکڻ) لاءِ درياء مسُ ٿئي ته منھنجي پالڻھار جي سُخنن پوري ٿيڻ کان اڳ درياء کَپي ويندو توڻيڪ جھڙس (ٻيا) مدد لاءِ آڻيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اعلان ڪر ته، جيڪڏهن منهنجي پروردگار جون ڳالهيون لکي ڇڏڻ لاءِ دنيا جا سڀ سمنڊ مس بنجي وڃن ته سمنڊ جو پاڻي ختم ٿي ويندو، پر منهنجي پروردگار جون ڳالهيون ختم ڪونه ٿينديون. اگرچه انهن سمنڊن سان شامل ٿيڻ لاءِ ٻيا به اهڙائي (وڏا) سمنڊ پيدا ڪري ڇڏيون (ته به اها سڀ مس ڪافي نه ٿيندي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو جيڪڏهن منهنجي رب جي علم و حڪمت لکڻ لاءِ سمنڊ مَسُ ٿي پَوَنِ ته سمنڊ منهنجي رب جي علم و حڪمت لکڻ کان اڳ ۾ ختم ٿي ويندا. جيتوڻيڪ اسين ان لاءِ ايتري ٻي به مس آڻيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول انهن ماڻهن کي) چئو ته منهنجي پروردگار جون ڳاليهون (فضائل لکڻ) لاءِ سمنڊ (جو پاڻي) مس ٿئي ته منهنجي پالڻهار جي ڳالهين ختم ٿيڻ کان اڳ سمنڊ کپي ويندو، جيتوڻيڪ (ٻيو سمنڊ) ان جهڙو ان جي مدد لاءِ آڻيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته جيڪڏهن هجي سمنڊ مس منهنجي رب جي فرمانن جي لاءِ ته البته کٽي پوندو سمنڊ اڳي هن کان جو کٽن فرمان منهنجي رب جا جيتوڻيڪ آڻيون اسين ان جھڙا (ٻيا) مدد جي لاءِ- .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (کين) چئو ته جيڪڏهن منهنجي پاليندڙ جي ڳالهين (لکڻ) لاءِ درياهه مس ٿئي ته منهنجي پاليندڙ جي ڳالهين پوري ٿيڻ کان اڳ دريا کپي ويندو، جيتوڻيڪ (ٻيو دريا) ان جهڙو ان ۾ وهائي آڻيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته جيڪڏهن سمنڊُ منهنجي پالڻهار جي ڳالهين (لکڻ) لاءِ مَسُ ٿئي ته منهنجي پالڻهار جون ڳالهيون پوريون ٿيڻ کان اڳ سمنڊ ختم ٿي ويندو ۽ توڙي اسان ان جهڙو ٻيو (سمنڊ) مدد لاءِ آڻيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، سائـِينءَ سَندمِ جي ڳالهَينِ لئي، جي سَمنڊ سَڄو ٿئي مَس، ته سائـِين سَندمِ جي ڳالهئـِين، اَڃا اچي ڪو ڪَس، ته بَحر وَڃٖي ٿِي بَس، مَرجِھڙس مَدد آڻيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته جيڪڏهن منهنجي رب جي ڳالهين لاءِ سمنڊ مس ٿئي، ته به منهنجي رب جي ڳالهين ختم ٿيڻ کان اڳ سمنڊ ختم ٿي ويندو، کڻي ان جهڙو ٻيو به مدد طور آڻيون! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته جيڪڏهن سمنڊ به منهنجي رب جون ڳالهيون لکڻ لاءِ مس بڻجي پوي ته اهو کــُـٽي پوندو پر منهنجي رب جون ڳالهيون نه کٽنديون، توڻي جو اهڙو ٻيو سمنڊ به هجي ته اهو به پورو نه پوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) چؤ ته منهنجي رب جون ڳالهيون لکڻ لاءِ سمنڊ مس ٿي پون ته اهي ختم ٿي وڃن پر منهنجي پالڻهار جون ڳالهيون ختم نه ٿينديون، پر ايتري ئي مس ٻي آڻيو منهنجي رب جي ڳالهين لاءِ ته اها به پوري ڪانه ٿيندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ! انھن کي) چؤ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار جون ڳالهيون لکڻ لاءِ سڀ سمنڊ ڦِري مَس ٿي وڃن ته سمنڊ ختم ٿي ويندا پر منھنجي پالڻھار جون ڳالهيون ختم نه ٿي سگهنديون، چاهي اسان ان جيتري ٻي مَس به آڻي ڏيون ته به اھا پوري نه ٿيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَمَن كانَ يَرجوا لِقاءَ رَبِّهِ فَليَعمَل عَمَلًا صٰلِحًا وَلا يُشرِك بِعِبادَةِ رَبِّهِ أَحَدًا (آيت : 110) |
چؤ ته آءٌ اوھان جي جھڙوئي ماڻھو آھيان مون ڏانھن وحي موڪليو ويندو آھي ته اوھان جو معبود رڳو ھڪ الله آھي، پوءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي ملڻ جي اميد رکي تنھنکي جڳائي ته چڱا ڪم ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ۾ ڪنھن ھڪڙي کي شريڪ نه ڪري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر هي به ماڻهن کي) چئي ڇڏ ته، مان هن کان سواءِ ڪجهه به نه آهيان ته توهان ئي جهڙو هڪ انسان ( آدم جو اولاد) آهيان، (تفاوت فقط هي آهي ته الله تعاليٰ مون ڏي وحي ٿو موڪلي). البته الله تعاليٰ مون ڏي وحي موڪليو آهي (۽ ٻڌايو آهي) ته اوهان جو معبود اهو ئي هڪ (الله) آهي. کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. تنهن ڪري جيڪو به پنهنجي پروردگار سان ملڻ جي آرزو (اميد ۽ چاهت) رکي ٿو، تنهن کي گهرجي ته چڱا عمل ڪري ۽ پنهنجي پروردگار جي بندگيءَ ۾ ڪنهن به ٻيءَ هستيءَ کي شريڪ نه ڪري. (يعني فقط الله جي حڪمن جي پيروي ڪري ۽ سندس حڪمن خلاف شيطان يا ظالمن انسان جي حڪمن تي نه هلي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان (تواضعاً) فرمايو ته آئون بظاهر توهان جهڙو انسان آهيان (پر) مون ڏانهن وحي رباني موڪلي وڃي ٿي ته توهان جو الله هڪ آهي، پوءِ جيڪو ماڻهو الله جي ملاقات تي يقين رکي ٿو ان کي گھرجي ته اهو عمل صالح ڪري ۽ پنهنجي رب جي عبادت ۾ ڪنهن کي شريڪ نه ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (کين) چئو ته آءُ به اوهان جهڙو ئي (شڪل شباهت ۾) هڪ آدمي آهيان (فرق هي آهي ته منهنجي نوع جدا آهي ۽ مون ڏي هي وحي آئي آهي ته اوهان جو معبود رڳو هڪ الله آهي. پوءِ جو شخص پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾) حاضر هئڻ جو خواهشمند هجي ته ان کي چڱا ڪم ڪرڻ گهرجن ۽ پنهنجي پروردگار جي عبادت ۾ ڪنهين کي شريڪ نه ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته: بيشڪ مان بشر مثل اوهان جي آهيان وحي ڪيو ٿو وڃي مون ڏانهن ته بيشڪ معبود اوهان جو معبود هڪ آهي پوءِ جيڪو اميد رکي ٿو پنهنجي رب سان ملڻ جي پوءِ جڳائي ته ڪري عمل صالح ۽ نه شريڪ بنائي پنهنجي رب جي عبادت ۾ ڪنهن هڪ کي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (کين) چو ته آءُ رڳو اوهان جهڙو ماڻهو آهيان مون ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ته اوهان جو معبود رڳو هڪ الله آهي. پوءِ جيڪو پنهنجي پاليندڙ سان ملڻ جي اميد رکي ٿو ته اهو چڱو ڪم ڪري ۽ پنهنجي پاليندڙ جي عبادت ۾ ڪنهن کي به شريڪ نه ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته (معبود نه هجڻ ۾) آءٌ ته صرف اوهان وانگر انسان آهيان (ها) مون ڏانهن وحي ڪئي وڃي ٿي ته بيشڪ اوهان جو معبود صرف هڪ ئي معبود آهي. پوءِ جيڪو ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي ملاقات جي اميد رکي ٿو ان کي گهرجي ته نيڪ عمل ڪري ۽ پنهنجي پالڻهار جي عبادت ۾ ڪنهن کي شريڪ نه بنائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو حَرف تن کي هِئُ، ته آئون اَوهان جھڙو آدمي، مون ڏي، وَڃي ٿو موڪليو، واحد جو وَحِي، ته اَوهان سَڀن جو صحِي، سائـِين، سائـِين هيڪڙو. پوءِ جيڪو رکي آسرو، ڌَڻيسِ جي ديدار، پوءِ گُھرجي ته چَڱا ڪم ڪري، ۽ سانيسِ ساڻ، ستار، ٻانَهپ مَنجھ ٻِيهار، هرگز نه گَڏي ڪو هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته آءُ ته فقط اوهان وانگر ماڻهو آهيان مون ڏي خدا جو حڪم ٿو اچي، ته اوهان جو ڌڻي فقط اهو اڪيلو ڌڻي آهي، پوءِ جيڪو پنهنجي رب سان ملاقات جي اميد رکندو هجي، ان کي گهرجي ته چڱا ڪم ڪري ۽ سندس رب جي عبادت ۾ ڪو به ڀائيوار نه بنائي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته مان ته هڪ انسان آهيان توهان وانگر، مون ڏي ته وحي ٿو ڪيو وڃي ته توهان جو معبود فقط هڪڙو ئي معبود آهي، پوءِ جيڪو پنهنجي رب جي ملاقات جو اميدوار هجي، ان کي گهرجي ته نيڪ عمل ڪري ۽ پنهنجي رب سان سندس عبادت ۾ ڪنهن ٻئي کي شريڪ نه ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) چؤ ته بيشڪ آئون به هڪ بشر (انسان) آهيان توهان جهڙو، (پر) مون ڏي وحي موڪليو وڃي ٿو ته توهان جو خدا هڪڙو ئي آهي، پوءِ جيڪو به پنهنجي خدا جي ملاقات جو اميدوار هجي سو نيڪ عمل ڪري ۽ عبادت ۾ ڪنهن کي ان اڪيلي سان شريڪ نه ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) کين چؤ ته مان توھان جھڙو ئي انسان آھيان (فرق رڳو ھي آھي ته) مون ڏي وحي ڪئي وڃي ٿي ته بيشڪ توھان سڀني جو معبود صرف ھڪ ئي آھي پوءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار سان ملڻ جي اميد رکي، ان کي گهرجي ته ھو نيڪ عمل ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار جي بندگي ۾ ٻئي ڪنھن کي به شريڪ نه ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |