توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
سُبحٰنَ الَّذى أَسرىٰ بِعَبدِهِ لَيلًا مِنَ المَسجِدِ الحَرامِ إِلَى المَسجِدِ الأَقصَا الَّذى بٰرَكنا حَولَهُ لِنُرِيَهُ مِن ءايٰتِنا إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 1) |
اھو (الله) پاڪ آھي جنھن پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) کي ھڪڙي رات (جي اندر) تعظيم واري مسجد مان اُنھي مَسجد اَقصىٰ تائين جنھن جي چوڌاري برڪت رکي سون ھن لاءِ سير ڪرايو ته کيس پنھنجيون نشانيون ڏيکاريون، بيشڪ اُھو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پاڪائي آهي انهيءَ (الله) جي لاءِ جنهن پنهنجي ٻانهي (حضرت محمدﷺ) کي راتو واه مسجد الحرام (يعني ڪعبت الله) کان مسجد الاقصيٰ (يعني بيت المقدس واري مسجد جا فلسطين جي شهر يروشلم ۾ آهي) تائين، جنهن مسجد جي جي پسگردائي کي اسان برڪت ڏني آهي، سير ڪرايو ۽ هن لاءِ (سير ڪرايو) ته اسان کيس پنهنجون نشانيون ڏيکاري ڇڏيون. بيشڪ اهوئي (الله) آهي جي ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مقدس آهي اهو الله جنهن پنهنجي حبيب ڪريم کي رات جي ٿُورڙي حصي ۾ بيت الله شريف کان بيت المقدس تائين (سجاڳيءَ ۾ جسماني) معراج ڪرايو، بيت المقدس جي آس پاس برڪتون آهن، معراج ان لاءِ ڪرايو ته اسين پنهنجي حبيب کي پنهنجون قدرتون ڏيکاريون، بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو خدا (هر عيب کان) پاڪ صاف آهي جنهن پنهنجي عبد کي راتو رات مسجد حرام (ڪعبي) کان مسجد اقصى (آسماني مسجد) تائين سير ڪرايو، جنهن جي چوڌاري اسان هر قسم جي برڪت بنائي رکي آهي ته جيئن کيس پنهنجي (اعلى قدرت جون) نشانيون ڏيکاريون. بيشڪ (اهو سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ (۽) ڏسندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پاڪ آهي اهو (الله) جنهن سير ڪرايو ٻانهي پنهنجي کي راتئون رات مسجد حرام کان مسجد اقصى تائين اها جو برڪت وڌي سون چوڌاري ان جي تانته ڏيکاريون ان کي نشانيون پنهنجيون بلاشڪ اهوئي ٻڌندڙ، ڏسندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو پاڪ آهي جنهن پنهنجي ٻانهي (محمدصه) کي هڪ رات ۾ مسجد حرام کان مسجد اَقصٰي تائين جنهن جي چوڌاري اسان برڪت رکي آهي سير ڪرايو هن لاءِ ته کيس پنهنجيون ڪجهه نشانيون ڏيکاريون. بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (هر عيب کان) پاڪ آهي اها ذات جنهن سير ڪرايو پنهنجي ٻانهي (محمد ڪريم ﷺ) کي رات جي ٿوري حصي ۾ مسجدِ حرام کان مسجدِ اقصى تائين جنهن جي چوڌاري اسان برڪت رکي آهي هن لاءِ ته ان کي پنهنجون ڪي نشانيون ڏيکاريون. بيشڪ اُهو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَڪ پاڪائـِي اُن کي، جِنهن ٻانَهسِ کي ٻِيهار، سير سَڳورِئَ رات ۾، ڪَرايسِ ڪَلتار، مَڪي جِي مَسجِد کان، مَسجِد مُقَدِّس پار، بيشڪ پَکيڙيون سون برڪتون، جِنهن کي چَمن چوڌار، تان پَسايونسِ پانهنجِيون، نِشانيون نِروار، سُڻندڙ، سوسَتّار، ۽ سوئـِي ڏِسندڙ ڏيھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پاڪ آهي اهو،جنهن سندس ٻانهي (محمدﷺ) کي رات ۾ بيت الله کان بيت المقدس تائين سير ڪرايو، جنهن جي چوڌاري اسان برڪت رکي آهي_ ان لاءِ ته ان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاريون_ بيشڪ هو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پاڪ آهي اهو، جيڪو وٺي ويو هڪ رات پنهنجي بندي کي مسجد الحرام (ڪعبي) کان مسجد اقصيٰ ڏانهن، جنهن جي چوڌاري اسان برڪت رکي آهي ته جيئن کيس پنهنجون ڪجهه نشانيون ڏيکاريون، حقيقت ۾ اهوئي آهي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پاڪ آهي (الله) جيڪو وٺي ويو پنهنجي ٻانهي کي هڪ رات مسجد حرام کان پري واري ان مسجد تائين جنهن جي ماحول کي هن برڪت ڏني، جيئن پنهنجي نشانين جو کيس مشاهدو ڪرائي، حقيقت ۾ اهو ئي سڀڪجهه ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اللھ تعالى جي ذات) پاڪ آھي جنھن پنھنجي ٻانهي کي مسجد حرام کان مسجد اقصى تائين سير ڪرايو ته جيئن اسان کيس پنھنجيون نشانيون ڏيکاريون ۽ اسان (مسجد حرام کان وٺي مسجد اقصى تائين) پوري علائقي کي برڪت وارو بنايو آھي. بيشڪ ھو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ھر شيءِ کي ڏسندڙ آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ أَلّا تَتَّخِذوا مِن دونى وَكيلًا (آيت : 2) |
۽ مُوسىٰؑ کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون ۽ ان کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت ڪرڻ وارو ڪيوسون (۽ چيوسون) ته مون کان سواءِ (ٻيو) ڪو ڀرجھلو نه وٺو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهڙيءَ طرح) اسان موسيٰ کي ڪتاب (تورات) ڏنو ۽ ان ڪتاب کي بني اسرائيلن جي لاءِ هدايت جو ذريعو بنايو (۽ حڪم ڏنو) ته مون کان سواءِ ڪنهن به ٻئي کي پنهنجو ڪارساز نه بنائجو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان موسيٰ کي تورات عطا ڪيو ۽ اسان ان کي بني اسرائيل لاءِ هدايت بنايو، جو توهان مون کانسواءِ ڪنهن کي به معبود نه بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان موسى کي ڪتاب (توريت) عطا ڪيو، جنهن کي بني اسرائيلن لاءِ هدايت (جو سبب)ڪيوسون (۽ حڪم ڏنوسون) ته مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي ڪارساز نه بڻايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏنو اسان موسى کي ڪتاب ۽ بنايوسون ان کي هدايت بني اسرائيل جي لاءِ ته نه وٺو مون کان سواءِ ڪو ڪارساز .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان موسٰي (عليه السلام) کي ڪتاب ڏنو ۽ ان کي بني اسرائيلن لاءِ هدايت ڪيوسون (ان ۾ چيوسون ته) مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به ڪارساز ڪري نه وٺو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان موسى کي ڪتاب (تورات) عطا ڪيو ۽ اسان ان کي بني اسرائيل لاءِ هدايت (جو ذريعو) بنايو (ان ۾ حڪم ڪيو ته) مون کان سواءِ ڪنهن کي ڪارساز نه بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِنو سون مُوسٰى مِهتر کي، ڪرم ساڻ ڪِتاب، ۽ ڪيوسونسِ، بَنِي اِسرائيل لئي، سُونهون بَرصَواب، ته وَڪِيل، وَسِيلو مون سوا، نه بنايو ڪنهن باب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو ۽ ان کي بني اسرائيل لاءِ هدايت ڪندڙ ڪيوسون ته، مون ڌاران ڪنهن کي به پنهنجو ڪارساز نه بڻايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن کان اڳ موسيٰ کي ڪتاب ڏنو هو ۽ ان کي بني اسرائيل لاءِ هدايت جو وسيلو بڻايو هو، انهيءَ تاڪيد سان ته مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به پنهنجو ڪارساز نه بڻائجو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اسان هن کان پهرين) عطا ڪيو موسيٰ کي ڪتاب ۽ بڻايو هو ان کي هدايت جو ذريعو بني اسرائيل جي لاءِ، ان تاڪيد سان ته نه بڻايو ڪنهن کي ڀرجهلو مون کان سواءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان موسى ($) کي ڪتاب ڏنو ۽ ان ڪتاب کي بني اسرائيل جي لاءِ ھدايت جو ذريعو بنايو. (ڪتاب ۾ کين تاڪيد ڪيو ويو ته) مون کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي معاملا سلجهائڻ وارو نه بڻائجو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذُرِّيَّةَ مَن حَمَلنا مَعَ نوحٍ إِنَّهُ كانَ عَبدًا شَكورًا (آيت : 3) |
اي (ان قوم جو) اولاد جن کي نوح سان گڏ (ٻيڙي ۾) چاڙھيوسون، بيشڪ اھو شاڪر ٻانھو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان (بني اسرائيل) انهن ماڻهن جو نسل آهيو جن کي اسان (طوفان جي تباهيءَ کان بچايو هو ۽) حضرت نوح سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾) سوار ڪرايو هو ۽ هو (حضرت نوح خدا جو) هڪ شڪرگذار ٻانهو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان اولاد آهيو انهن ماڻهن جا جن کي اسان نوح سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾) سوار ڪرايو بيشڪ اهو شڪرگذار ٻانهو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي انهن جي اولاد! جن کي اسان نوح سان گڏ (ٻيڙي ۾) چاڙهيو. بيشڪ نوح شڪر گذار عبد هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اولاد انهن جو جيڪي سوار ڪراياسين نوح سان گڏ بلاشڪ اهو هو ٻانهو شڪر گذار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي انهن جا اولاد جن کي اسان نوح (عليه السلام) سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾ ) چاڙهيو. بيشڪ هو شڪر گذار ٻانهو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي انهن جا اولاد! جن کي اسان نوح سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾) سوار ڪيو. بيشڪ اُهو (نوح) هڪ شڪر گذار ٻانهو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن جي، اولاد مان، جي سوڙِهي مَنجھ سَيلاب، چاڙِهياسُون چوڏول ۾، نُوح ساڻ، نَواب، پَڪ سوپاڪ جَناب، هو گولو، گُن مُوک گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين انهن ماڻهن جو اولاد آهيو، جن کي اسان نوح سان (ٻيڙيءَ ۾) سوار ڪيو هو، هو هڪ شڪر گذار بندو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان انهن ماڻهن جي اولاد آهيو، جن کي اسان نوح سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو هو ۽ نوح هڪ شڪر ڪندڙ ٻانهو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اولاد آهيو توهان انهن ماڻهن جو، جن کي اسان سوار ڪيو هو ٻيڙيءَ تي نوح سان، ۽ اهو (نوح) هڪ بندو هو شڪر ڪرڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اوھان انهن ماڻهن جو اولاد آھيو جن کي اسان نوح ($) سان گڏ ٻيڙي ۾ سوار ڪيو ھو. بيشڪ ھو شڪرگذار ٻانھو ھو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقَضَينا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ فِى الكِتٰبِ لَتُفسِدُنَّ فِى الأَرضِ مَرَّتَينِ وَلَتَعلُنَّ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 4) |
۽ بني اسرائيلن ڏانھن ڪتاب ۾ (ھيءُ حُڪم) موڪليوسون ته اوھين مُلڪ ۾ ٻه ڀيرا فساد ضرور ڪندؤ ۽ اوھين وڏي وڏائي سان ضرور ھٺيلائي ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان ڪتاب (تورات) ۾ بني اسرائيلن کي هن فيصلي جي خبر ڏئي ڇڏي هئي ته توهان ضرور ملڪ ۾ ٻه ڀيرا خرابيون پکيڙيندؤ ۽ تمام وڏي آڪڙ ۽ سرڪشي ڪندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان بني اسرائيل کي ڪتاب ۾ وحي موڪلي ته توهان زمين ۾ ضرور ٻه دفعا فساد ڪندا ۽ توهان ضرور گھڻي تڪبر ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان بني اسرائيلن کي انهيءَ ڪتاب (توريت) ۾ کولي بيان ڪيو هو ته اوهين ماڻهو ضرور روءِ زمين ۾ ٻه ڀيرا فساد ڪندو ۽ وڏي سرڪشيءَ ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فيصلو موڪليوسون بني اسرائيل ڏانهن ڪتاب ۾ته البته ضرور فساد ڪندؤ زمين ۾ ٻه ڀيرا ۽ البته ضرور بلند ٿيندؤ (عارضي طور) بلندي وڏي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان بني اسرائيلن کي ڪتاب ۾ هيءَ ڳالهه کولي ٻڌائي ته ضرور اوهين زمين ۾ ٻه ڀيرا فساد ڪندو ۽ ضرور اوهين وڏي سرڪشي ڪندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان بني اسرائيل لاءِ (پنهنجي) ڪتاب ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو هيو ته توهان زمين ۾ ضرور ٻه ڀيرا فساد ڪندؤ ۽ ضرور توهان وڏيون زيادتيون ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِئي سون بَنِي اِسرائيل لئي، قَضا مَنجھ ڪِتاب، ته ٻه ڀيرا ڪَندا ڀُونءَ ۾، شَرارت شِتاب، ۽ خُودِي مَنجھ خراب، چَڙِهي، چَڙهندا چوٽئـِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان بني اسرائيلن کي ڪتاب ۾ هن فيصلي جي خبر ڏني هئي ته، اوهين ضرور ملڪ ۾ ٻه ڀيرا خرابي پکيڙيندؤ ۽ حدد درجي جي سرڪشي ڪندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اسان پنهنجي ڪتاب ۾ بني اسرائيل کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته توهان ڌرتيءَ تي ٻه ڀيرا تمام وڏو فساد ڪندؤ ۽ ڏاڍي سرڪشي ڏيکاريندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان خبردار ڪيو هو بني اسرائيل کي ان ڳالهه تي پنهنجي ڪتاب ۾، توهان وڏو فساد برپا ڪندؤ زمين ۾ ٻه ڀيرا، ۽ ڏيکاريندؤ وڏي ارهه زورائي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان ڪتاب ۾ بني اسرائيل کي (اڳواٽ) خبردار ڪيوسين ته توھان ٻه ڀيرا زمين ۾ ضرور وڏو فساد ڦھلائيندا ۽ حد درجي جي سرڪشي ڏيکاريندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا جاءَ وَعدُ أولىٰهُما بَعَثنا عَلَيكُم عِبادًا لَنا أُولى بَأسٍ شَديدٍ فَجاسوا خِلٰلَ الدِّيارِ وَكانَ وَعدًا مَفعولًا (آيت : 5) |
پوءِ جڏھن ٻنھي مان پھريون انجام (فساد جو) ايندو (تڏھن) اوھان تي پنھنجا ڏاڍا سورھ ٻانھان کڙا ڪنداسون جي شھرن جي وچ ۾ ڪاھي پوندا، ۽ اھو انجام (پورو) ٿيڻو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن انهن ٻن وقتن مان پهريون وقت اچي ويو، تڏهن (اي بني اسرائيلؤ) اسان توهان جي مٿان اهڙا بندا (حملي ڪرڻ لاءِ) موڪليا جيڪي ڏاڍا خوفناڪ هئا. پوءِ اهي اوهان جي آبادين (رڳو ڳوٺن ۽ شهرن) جي اندر پکڙجي ويا ۽ الله جو واعدو ته انهيءَ ئي لاءِ هو ته پوريءَ طرح تعميل هيٺ اچي ۽ پورو ٿي وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن انهن تي پهريون وعدو آيو ته اسان توهان تي پنهنجا ٻانها موڪليا جيڪي وڏا طاقتور هئا، پوءِ انهن توهان جي شهرن جي تلاشي ورتي، ۽ اهو ايئن وعدي موجب ٿيڻو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن انهن ٻنهي (ڀيرن) مان پهرين (ڀيري) جو وقت آيو ته اسان سخت جنگ ڪرڻ وارا بندا (بخت النصر ۽ سندس فوج) توهان تي مسلط ڪيا پوءِ اهي اوهان جي گهرن ۾ گهڙي ۽ چڱيءَ طرح قتل ۽ غارت ڪيائون ۽ خدا (جي عذاب) جو وعدو پورو ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن آيو وعدو پهريون انهن ٻنهي مان ته موڪياسون اوهان تي ٻانها پنهنجا صاحب جنگ سخت جا پوءِ گھڙي پيا اندر گھرن ۾ ۽ هو وعدو (تقدير ۾) پورو ڪيل..(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن انهن ٻنهين (ڀيرن) مان پهرئين (ڀيري) جو وقت آيو ته اسان سخت جنگ ڪرڻ وارا پنهنجا ٻانها اوهان تي موڪليا پوءِ اهي شهرن ۾ ڪاهي پيا. ۽ اهو وعدو پورو ٿيڻو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن انهن ٻنهي مان پهرئين (ڀيري) جي وعدي جو وقت پهتو ته اسان اوهان تي سخت جنگ ڪرڻ وارا پنهنجا ٻانها موڪليا. پوءِ اُهي (اوهان جي) ڳولا ۾ ڳوٺن ۾ ڪاهي پيا ۽ اهو وعدو ضرور پورو ٿيڻو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آيو اَول ٻِن مَنجھان، وَعدو جِھڙِيء وار، بِلڪُل اَسان جي، بَندن مان، جوڌا، جُنگ، جُونجھار، اٿارياسون اُنهن مَٿي، پوءِ وَرتئون وِچ وَلهار، ۽ قائـِم آهي قَرار، پُورو ٿِيڻو پَڪ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن انهن ٻن مان پهريون وقت ايندو، ته اسين اوهان تي اهڙا خوفناڪ بندا موڪلينداسون، جي اوهان جي ملڪ اندر ڪاهي پوندا ۽ اهو وعدو پورو ٿيڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن انهن مان پهرين سرڪشيءَ جو دور آيو ته اي بني اسرائيل! اسان توهان جي خلاف پنهنجا اهڙا ٻانها اٿاريا، جيڪي ڏاڍا طاقتور هئا ۽ هو توهانجي ملڪ ۾ هر طرف ڪاهي پيا. اهو وعدو ته پورو ٿيڻو ئي هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن آيو وقت پهرين ارهه زورائي جو، ته اي (بني اسرائيل!) اسان توهان جي مقابلي ۾ پنهنجا اهڙا ٻانها اٿاريا جيڪي تمام طاقتور هئا ۽ اهي توهان جي ملڪ ۾ گِهڙي هر طرف پکڙجي ويا ۽ هي هڪ وعدو هو جنهن کي پورو ٿيڻو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏھن انهن ٻنهي واقعن مان ھڪ جو وقت آيو ۽ توھان ھڪ وڏي سرڪشي ڏيکاري. (اي بني اسرائيل!) پوءِ اسان به توھان جي مقابلي ۾ اھڙن ٻانھن کي توھان جي سامھون آندو جيڪي توھان کان وڌيڪ طاقتور ھئا ۽ ھو توھان جي علائقن ۾ ڪاھي پيا. اھو اڳ ۾ ڪيل وعدو ھو جنھن کي پورو ٿيڻو ئي ھو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ رَدَدنا لَكُمُ الكَرَّةَ عَلَيهِم وَأَمدَدنٰكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَجَعَلنٰكُم أَكثَرَ نَفيرًا (آيت : 6) |
وري اوھان کي ھڪ ڀيرو مٿن غلبو ڏينداسون ۽ مال ۽ اولاد سان اوھان کي (لڳولڳ) وڌائينداسون ۽ اوھان کي لشڪر ڪري گھڻا ڪنداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (ڏسو) اسان زماني جي گردش توهان (بني اسرائيلن) جي دشمنن جي خلاف ۽ توهان جي موافق ڪري ڇڏي ۽ مال، دولت ۽ اولاد جي گهڻائي سان اوهان جي مدد ڪئي سين ۽ اوهان کي (وري) وڏي تعداد ۽ جمعيت وارا ڪري ڇڏيوسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ انهن تي توهان ٻِئي دفعي حملو ڪيو ۽ اسان توهان کي مالن ۽ پُٽن سان مضبوط بنايو ۽ توهان جي جماعت کي زياده ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري اوهان کي انهن (دشمنن تي) غلبو ڏنوسون. ۽ اوهان کي مال ۽ اولاد ۾ وڌايوسون ۽ (انهن کان) اوهان جو لشڪر گهڻو ڪيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کان پوءِ موٽايوسون اوهان جي لاءِ ٻيو وارو، انهن تي ۽ مدد ڪئي سون اوهان جي مالن ۽ پٽن سان ۽ بناياسون اوهان لاءِ گھڻا ساٿ ڏيڻ وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري اوهان کي مٿن (دشمنن تي) غلبو ڏنوسون. ۽ اوهان کي مال ۽ اولاد سان وڌايوسون ۽ (انهن کان) اوهان جو لشڪر گهڻو ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ٻيهر اوهان کي انهن تي غلبو عطا ڪيو ۽ اسان مال ۽ اولاد سان اوهان جي مدد ڪئي ۽ اوهان کي وڏي جٿي وارو بنايوسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي اَوهان جو اُنهن مَٿي، وارو وارِيوسون، مال ۽ عَيال ۾، آن کي، آڌاريو سون، ۽ آن کي ڪَثر ڪارِيوسون، لاشڪ لَشڪر، فوج ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري به هڪ دفعو اوهان کي هنن تي غلبو ڏينداسون ۽ اوهان کي مال ۽ اولاد سان وڌائينداسون ۽ اوهان کي لشڪر ۾ به وڌائينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهن کان پوءِ وري اسان توهانجو انهن جي مٿان وارو ورايو ۽ توهان جي مال ۽ اولاد جي صورت ۾ مدد ڪئي سون ۽ توهان جو تعداد به اڳي کان زياده ڪيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان کان پوءِ اسان غلبي جو موقعو ڏنو توهان کي، ۽ توهان کي مدد ڏني مال ۽ اولاد سان ۽ وڌايوسين اڳي کان توهان جي تعداد کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کان پوءِ وري اسان توھان کي انهن جي مٿان فتح حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو ۽ توھان کي مال ۽ جوانن جي ذريعي مدد ڏني ۽ توھان جي تعداد ۾ گهڻو واڌارو به ڪيوسين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن أَحسَنتُم أَحسَنتُم لِأَنفُسِكُم وَإِن أَسَأتُم فَلَها فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ لِيَسۥـٔوا وُجوهَكُم وَلِيَدخُلُوا المَسجِدَ كَما دَخَلوهُ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَلِيُتَبِّروا ما عَلَوا تَتبيرًا (آيت : 7) |
جيڪڏھن اوھين چڱائي ڪندؤ ته (اُھا چڱائي) پاڻ لاءِ ڪندؤ، ۽ جيڪڏھن اوھين بڇڙائي ڪندؤ ته پاڻ لاءِ، پوءِ جڏھن ٻيو انجام (فساد جو) پھچندو ته ٻيا اوھان جا منھن ارھا ڪندا ۽ اھڙي طرح مسجد ۾ گھڙندا جھڙي طرح ان ۾ پھريون ڀيرو گھڙيا ھوا ۽ جنھن تي غالب ٿيندا تنھن کي چڱي طرح اجاڙيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن توهان نيڪيءَ جا ڪم ڪيا ته پنهنجي لاءِ ئي ڪيا ۽ جيڪڏهن برائيون ڪيون ته به پنهنجي لاءِ ڪيون. پوءِ جڏهن ٻئي واعدي جو وقت آيو (تڏهن اسان پنهنجي ٻين بندن رومين کي اوهان جي مٿان حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو) انهيءَ لاءِ ته توهان جي چهرن تي ذلت ۽ خواري ڦيرائي ڇڏين، ۽ اهڙيءَ ئي طرح ديول ۾ داخل ٿي وڃن، جهڙيءَ طرح پهرئين ڀيري (بابل وارا) حملو ڪندڙ داخل ٿيا هئا ۽ جيڪي به ڏسن ۽ هٿ ڪن تنهن کي ٽوڙي ڀڃي ناس ڪري ڇڏين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن توهان نيڪي ڪريو ٿا ته اها توهان پنهنجي لاءِ ڪريو ٿا، ۽ جيڪڏهن توهان برائي ڪريو ٿا ته اها پنهنجي لاءِ ڪريو ٿا، پوءِ جڏهن پويون وعدو آيو ته انهن توهان جا چهرا خراب ڪيا، ۽ اهي بيت المقدس ۾ داخل ٿيا جيئنڪ اهي پهرين دفعي داخل ٿيا ۽ جيڪا شيءِ انهن کي هٿ آئي ان کي تباه ڪيائون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن ڀلائي ڪندو ته پاڻ لاءِ ڀلائي ڪندو پر جيڪڏهن برائي ڪندو ته (به) پاڻ لاءِ (ڪندو) پوءِ جڏهن ٻئي وعدي جو وقت آيو (ته اسان طيطوس روميءَ کي اوهان تي مسلط ڪيو) ته جيئن اهي ماڻهو اوهان کي (ماري ماري) شڪل ڦيرائي ڇڏين (جو سڃاڻڻ ۾ به نه اچو) ۽ جيئن پهرين ڀيري مسجد (بيت المقدس) ۾ گهڙيا هئا وري گهڙن. جا شيءَ هٿ لڳين سا چڱيءَ طرح برباد ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن نيڪي ڪندؤ ته نيڪي ڪندؤ پنهنجن سرن لاءِ ۽ جيڪڏهن گناھ ڪندؤ ته پوءِ به انهن لاءِ پوءِ جڏهن ايندو وعدو پويون تانته بڇڙا ڪن منهن اوهان جا ۽ تانته داخل ٿين مسجد ۾ جيئن داخل ٿيا ان ۾ پهرئين ڀيري ۽ تانته پوري طرح هلاڪ ڪن ان کي جنهن تي غالب ٿيا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽ چيوسون ته) جيڪڏهن ڀلائي ڪندو ته پاڻ لاءِ ڀلائي ڪندو ۽ جيڪڏهن بُرائي ڪندو ته پاڻ لاءِ (ڪندو) پوءِ جڏهن پڇاڙيءَ جي وعدي جو وقت آيو (ته ٻيا ٻانها موڪلياسون ته) اوهانجن منهن کي غمگين ڪن ۽ مسجد ۾ داخل ٿين جيئن ان ۾ پهرئين ڀيري (اوهان جا دشمن) داخل ٿيا ۽ هن لاءِ ته جنهن شيءَ تي وس هلين تنهن کي چڱيءَ طرح برباد ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن اوهان ڀلائي ڪندؤ ته پاڻ لاءِ ئي ڀلائي ڪندؤ ۽ جيڪڏهن برائي ڪندؤ ته پاڻ لاءِ (ڪندؤ). ۽ جڏهن ٻئي وعدي جي گهڙي آئي (ته ٻيا ٻانها موڪلياسين) ته (ماري) توهان جا منهن بگاڙن ۽ مسجد (الاقصى) ۾ داخل ٿين جيئن ان ۾ (حمله آور ماڻهو) پهرئين ڀيري داخل ٿيا هئا تانجو جتي غالب ٿين ان کي تباهه و برباد ڪري ڇڏن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي چَڱائـِي ڪَيئان، ته چَڱِي ڪَيئان، هرگز پنهنجي هارِ، جي بَدِي ڪَيئان ته بار، آخر آهي اُن مَٿي. جڏهن آيو ٻِيو ٻول، ته مُنهن ڦٽائـِينِيان مُورِهِين، مَر ته ڍَرن مَسجِد ۾، اڳ ڍَريا، جِھڙي ڊول، ۽ هَٿ آينِ جيڪو ٽول، سو اُجاڙِينِ، جِيئن اُجاڙجيٖ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي اوهين چڱائي ڪندا ته اها پنهنجي پاڻ لاءِ ڪندا ۽ جي برائي ڪندا ته به پاڻ لاءِ، پوءِ جڏهن ٻيو وعدو ايندو، ٻي ڌر اوهان جي چهرن کي غمگين ڪندي ۽ هو جيئن پهرئين دفعي مسجد ۾ داخل ٿيا هئا تيئن ئي گهڙندا_ ۽ جنهن تي فتح پائيندا ان کي اجاڙي ڇڏيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جي توهان ڪا ڀلائي ڪئي ته پاڻ سان ئي ڀلائي ڪئي ۽ جي ڪا برائي ڪــَـيـَـوَ ته اها به توهان جي پنهنجي لاءِ . وري جڏهن ٻئي وعدي جو وقت آيو ته اسان ٻين دشمنن کي توهان تي چاڙهي موڪليو تانته هو توهان جون شڪليون بگاڙي ڇڏين ۽ مسجد (بيت المقدس) ۾ ائين ڪاهي پون جيئن اڳيان دشمن ڪاهي پيا هئا ۽ جنهن شيءِ تي به هٿ وجهن ته ان کي برباد ڪري ڇڏين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏسو! توهان چڱائي ڪئي ته اها چڱائي هئي توهان جي پنهنجي لاءِ، ۽ جيڪڏهن برائي ڪئي ته اها به توهان جي ذات لاءِ هئي، پوءِ جڏهن آيو ٻئي وعدي جو وقت ته اسان دشمنن کي حاوي ڪيو ته اهي منهن بگاڙين توهان جا ۽ مسجد (بيت المقدس) ۾ گِهڙن اهڙيءَ طرح، جهڙيءَ طرح پهريان داخل ٿيا هئا ۽ جنهن به شيءِ تي سندن هٿ رسن، تنهن کي تباهه ڪري ڇڏين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (کين چيو ويو ته) توھان جيڪا ڀلائي ڪئي آهي سا توهان جي لاءِ ئي آهي ۽ جيڪا برائي ڪئي ته اھا به توھان جي لاءِ برائي ثابت ٿي. پوءِ جڏھن ( ٻي وڏي سرڪشي جي نتيجي ۾) ٻئي وعدي جو وقت آيو ته اسان توھان تي اھڙو دشمن مسلط ڪيو جو ھن توھان جي چھرن کي ئي بگاڙي ڇڏيو ۽ ھو مسجد (بيت المقدس) ۾ گهڙي پيا جيئن پھرين ڀيري دشمن گهڙيو ھو ۽ جيڪا شيءِ کين ھٿ اچي پئي تنھن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏين پيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَسىٰ رَبُّكُم أَن يَرحَمَكُم وَإِن عُدتُم عُدنا وَجَعَلنا جَهَنَّمَ لِلكٰفِرينَ حَصيرًا (آيت : 8) |
(چيو ويو ته) اوھان جو پالڻھار ويجھو ئي اوھان تي ٻاجھ ڪندو، ۽ جيڪڏھن اوھين (وري) ڦرندؤ ته اسين به (سزا ڏيڻ ڏانھن) ڦرنداسون، ۽ ڪافرن لاءِ دوزخ کي بندي خانه مقرر ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) عجب ناهي ته (اي بني اسرائيلو) توهان جو پروردگار توهان تي رحم ڪري (جيڪڏهن هاڻي به باز اچو) پر جيڪڏهن توهان وري سرڪشي ۽ فساد ڏانهن موٽندؤ ته (الله تعاليٰ فرمائي ٿو) ته اسان جي طرفان به اوهان جي عملن جو (سخت) بدلو موٽي ايندو. ۽ (ياد رکو ته) اسان حق جي منڪرن لاءِ جهنم جو قيد خانو تيار رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) عنقريب توهان تي توهان جو رب رحم ڪندو، ۽ جيڪڏهن توهان فساد ڪندا ته اسان عذاب ڪنداسين، ۽ اسان جهنم کي ڪافرن لاءِ قيد بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هاڻي به جيڪڏهن آرام سان رهو ته) اميد آهي ته اوهان جو پروردگار اوهان تي ترس ڪري ۽ جيڪڏهن (وري) اها ئي (شرارت) ڪندو ته اسين به (عذاب سان) موٽينداسون. ۽ اسان جهنم کي ڪافرن لاءِ جيل خانو بنائي رکيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويجھي (آهي هيءَ ڳالھ جو) رب اوهان جو رحم ڪري اوهان تي ۽ جيڪڏهن وري ڪندؤ ته وري سزا ڏينداسون ۽ بنايو اٿئون جھنم کي ڪافرن جي لاءِ جيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هيءَ ڳالهه پري نه آهي ته اوهان جو پاليندڙ اوهان تي رحم ڪري ۽ جيڪڏهن (اسان کان) ڦري ويندو ته اسين به (عذاب سان) موٽنداسون. ۽ اسان جهنم کي ڪافرن لاءِ جيلخانو ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اميد آهي ته (هاڻي) اوهان جو پالڻهار اوهان تي رحم ڪري ۽ جيڪڏهن اوهان وري ائين (سرڪشي) ڪئي ۽ اسان به ائين (دوبارو عذاب) ڪنداسين. ۽ اسان دوزخ کي ڪافرن لاءِ قيد خانو بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مولىٰ اَهنجو مانَ!، مَرهِينِيان مِهرسِين، ۽ موٽنداسون، جي موٽيا اَوهِين، خرابِين ڏي خان، ۽ باهِ بَنديخان، ڪَئـِي سون ڪارن ڪافِرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ٿي سگهي ٿو ته اوهان جو ڌڻي اوهان تي رحم ڪري پر جي اوهان ڦرندا ته اسين به ڦرنداسون_ ۽ جهنم کي ته اسان ڪافرن لاءِ قيد خانو بنايو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٿي سگهي ٿو ته هاڻي توهانجو رب توهانتي ٻاجهه ڪري، پر جيڪڏهن توهان وري به ائين ئي ڪيو ته اسان به اُئين ئي ڪنداسون ۽ نعمت جو قدر نه ڪرڻ وارن لاءِ اسان جهنم کي قيدخانو بڻايو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٿي سگهي ٿو ته هاڻي توهان جو رب توهان تي رحم ڪري، پر جي توهان اڳي وانگر پنهنجي هلت ورجائي ته اسان به پنهنجي سزا ورجائينداسين ۽ بڻايو آهي ڪفر ڪندڙن لاءِ دوزخ کي قيد خانو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هاڻي به وقت آھي، ٿي سگهي ٿو ته توھان جو پالڻھار توھان تي رحم ڪري ۽ جيڪڏھن اوھان ساڳي چال تي ھلندا ته پوءِ اسان به وري ساڳيو عمل دھرائينداسين ۽ اسان جھنم کي ڪافرن لاءِ قيدخانو بنايو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَهدى لِلَّتى هِىَ أَقوَمُ وَيُبَشِّرُ المُؤمِنينَ الَّذينَ يَعمَلونَ الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم أَجرًا كَبيرًا (آيت : 9) |
ھيءُ قرآن انھي (واٽ) ڏانھن رستو ڏيکاريندو آھي جيڪا ڏاڍي سِڌي آھي ۽ انھن مؤمنن کي خوشخبري ڏيندو آھي جيڪي چڱا ڪم ڪندا آھن انھن لاءِ وڏو اجر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ هيءُ قرآن اها واٽ ڏيکاري ٿو جا سڀني کان وڌيڪ سڌي آهي ۽ ايمان وارن کي جيڪي صالح عمل ڪن ٿا خوشخبري ٿو ڏئي ته کين تمام وڏو اجر ملندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ هي قرآن ڪريم اها راه ڏيکاري ٿو جيڪا راه راست آهي ۽ خوشخبري ڏي ٿو انهن ماڻهن کي جيڪي نيڪي ڪن ٿا، بيشڪ انهن لاءِ تمام وڏو اجر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ هيءُ قرآن اهو رستو ڏيکاري ٿو جو بلڪل سڌو آهي ۽ جيڪي ايمان وارا چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي خوشخبري ٻڌائي ٿو ته بيشڪ انهن لاءِ وڏو اجر (موجود) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ هيءُ قرآن هدايت ٿو ڪري ان (واٽ) ڏانهن جو اها صفا سڌي آهي ۽ بشارت ٿو ڏئي مؤمنن کي جيڪي ڪن ٿا صالح اعمال ته بيشڪ انهن جي لاءِ ثواب وڏو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ هيءَ قرآن اهو رستو ڏيکاري ٿو جو بالڪل سڌو آهي ۽ جيڪي ايمان وارا چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي خوشخبري ٻڌائي ٿو ته بيشڪ انهن لاءِ وڏو اجر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ هي قرآن اُهو رستو ڏيکاري ٿو جيڪو صفا سڌو آهي ۽ انهن مؤمنن کي جيڪي چڱا عمل ڪن ٿا هن ڳالهه جي خوشخبري ڏئي ٿو ته بيشڪ انهن لاءِ وڏو اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏَسٖي هي قرآن ٿو، جاسِڌِي، بَرصَواب، ۽ ڏي مبارڪ مُؤمِنِين، جي نيڪيون ڪَن نواب، ثابت آهي ثَواب، تَمام وَڏو، ڪوتَن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ هي قرآن اها واٽ ڏيکاري ٿو، جا سڀ کان سڌي آهي، ۽ چڱا ڪم ڪندڙ مومنن کي مبارڪ ٿو ڏئي ته هنن لاءِ وڏو اجر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سچي ڳالهه اها آهي ته هيءُ قرآن اها راهه ٿو ڏيکاري، جيڪا بلڪل سنئين سڌي آهي، جيڪي ماڻهو ان کي مڃي نيڪ عمل ڪندا، انهن کي اهو خوشخبري ڏئي ٿو ته انهن لاءِ وڏو اجر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت ۾ هي قرآن اها راهه ڏيکاري ٿو جيڪا بلڪل سڌي آهي ۽ خوشخبري ڏئي ٿو انهن ماڻهن (مؤمنن) کي جيڪي ان کي مڃي سٺا ڪم ڪرڻ لڳن ته بيشڪ انهن جي لاءِ وڏو اجر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ھي قرآن ته صفا سڌو رستو ڏيکاري ٿو ۽ نيڪ عمل ڪندڙ مؤمنن کي خوشخبري ٻڌائي ٿو ته بيشڪ انهن جي لاءِ وڏو اجر آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 10) |
۽ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (قرآن هن ڳالهه جو به اعلان ڪري ٿو ته) جيڪي ماڻهو آخرت بابت يقين نٿا رکن تن جي لاءِ اسان وڏو دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا آڻن اسان انهن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي آخرت کي نٿا مڃين تن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اهي جيڪي نه ٿا ايمان آڻين آخرت تي تيار ڪيوسون انهن لاءِ عذاب دردناڪ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃين تن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بلاشڪ اُهي ماڻهو جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا رکن انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب ٺاهي رکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، جي آخرت تي، نَه آڻِين اِعتبار، سَزا سَخت تيار، توڙان ڪئـِي سون، تَن لَئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي آخرت تي ويساهه نٿا رکن تن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي ماڻهو آخرت کي نٿا مڃين، انهن کي ٻڌائي ٿو ته انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ جيڪي ماڻهو نه مڃين انڪار ڪن آخرت جو، تن کي (اي نبي!) خبر ڏي ته انهن جي لاءِ اسان درناڪ عذاب تيار ڪيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪي ماڻهو آخرت تي يقين نٿا رکن، اھڙن ماڻهن لاءِ اسان تڪليف وارو عذاب تيار ڪري ڇڏيو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَدعُ الإِنسٰنُ بِالشَّرِّ دُعاءَهُ بِالخَيرِ وَكانَ الإِنسٰنُ عَجولًا (آيت : 11) |
۽ ماڻھو مدائيءَ کي (اھڙو) گھرندو آھي جھڙو چڱائيءَ کي سندس گھرڻ ھوندو آھي، ۽ ماڻھو اٻھرو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) جهڙيءَ طرح انسان پنهنجي لاءِ چڱائيءَ جي دعا گهري ٿو اهڙي ئي طرح برائي (يعني نقصان واري ڳالهه) به گهري ٿو (ڇو ته هن کي خبر ناهي ته اها برائي آهي، ان مان نقصان يا ايذاءُ رسندو) ۽ حقيقت هيءَ آهي ته انسان تڪڙو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انسان (ڪاوڙ ۾ پنهنجي لاءِ) ايئن بد دعا گھري ٿو جيئن خير جي دعا گھري ٿو، ۽ انسان تمام گھڻي تڪڙ ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪڏهن انسان (لاچار ٿي پاڻ لاءِ) برائي (عذاب وغيره) لاءِ به ائين دعا گهري ٿو جيئن ڀلائيءَ لاءِ دعا گهري ٿو. ۽ انسان ڏاڍو اٻهرو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ دعا گھري ٿو انسان (بي سمجھ هجڻ جي ڪري) بري شيءِ جي لاءِ مثل دعا گھرڻ ان جي ڀلي شيءِ جي لاءِ ۽ آهي انسان جلد باز .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انسان بُرائي لاءِ به (ائين ئي) دعا گهري ٿو، جيئن ڀلائي لاءِ دعا گهري ٿو. ۽ انسان اٻهرو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انسان برائي لاءِ (به ائين ئي) دعا گهري ٿو جيئن ڀلائي لاءِ دعا گهري ٿو. ۽ انسان آهي ئي جلد باز.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهون مَدائـِي ٿو گُھري، تِهڙو سَندسِ سُوال، ڀَلائـِي لئي بَحال، ۽ ماڻهون تَڪڙو مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انسان جيئن پنهنجي ڀلائي لاءِ دعائون گهري ٿو، تيئن ڪڏهن بڇڙائي لاءِ به گهري ٿو ۽ انسان ڏاڍو اٻهرو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انسان شر ائين ٿو گهري، جيئن خير گهرڻ کپندو آهي، انسان ڏاڍو اُٻهرو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيءَ طرح انسان گُهري ٿو شر، جهڙيءَ طرح خير گُهرڻ گهرجي، ۽ انسان ڏاڍو جلد باز واقع ٿيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انسان جو ھي حال آھي جو برائيءَ لاءِ به اھڙي دعا گهرندو آھي جھڙي دعا ڀلائي لاءِ گهرڻ کپي. بيشڪ انسان وڏو جلدباز آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلنَا الَّيلَ وَالنَّهارَ ءايَتَينِ فَمَحَونا ءايَةَ الَّيلِ وَجَعَلنا ءايَةَ النَّهارِ مُبصِرَةً لِتَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم وَلِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ وَكُلَّ شَيءٍ فَصَّلنٰهُ تَفصيلًا (آيت : 12) |
۽ رات ۽ ڏينھن کي ٻه نشانيون ڪيون سون پوءِ رات جي نشاني کي ميٽايوسون ۽ ڏينھن جي نشاني کي ھن لاءِ روشن ڪيوسون ته پنھنجي پالڻھار جو فضل ڳوليو ۽ (پڻ ھن لاءِ) ته اوھين ورھن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ڄاڻو، ۽ سڀ ڪنھن شيء جو کولي بيان ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اسان رات ۽ ڏينهن کي (پنهنجي قدرت ۽ حڪمت جون) ٻه نشانيون بنايو آهي. سو رات واري نشاني اسان ڪجهه قدر اونداهي ڪئي آهي. (انهيءَ لاءِ تي آرام جو وقت بنجي پوي) ۽ ڏينهن جي نشاني روشن ڪئي اٿئون انهيءَ لاءِ ته (ان جي روشنيءَ ۾) پنهنجي پروردگار جي فضل جي تلاش ڪيو (يعني گذران جو سامان هٿ ڪيو). پڻ (رات ڏينهن جي اختلاف سان) سالن جو شمار ڪيو ۽ (سالن جي شمار سان هر طرح جو) حساب به معلوم ڪري وٺو. اسان (قرآن ۾) هر شيء جو بيان کولي کولي، (جدا جدا ڪري) چٽو ڪري ڇڏيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان رات ۽ ڏينهن کي ٻه نشانيون ڪري پيدا فرمايو پوءِ رات کي اسان اونداهي وارو بنايو ۽ ڏينهن کي اسان روشن بنايو، ان لاءِ ته توهان پنهنجي رب کان پنهنجو ذريعه معاش طلب ڪريو ۽ ان لاءِ ته توهان سالن جو تعداد ۽ حساب معلوم ڪريو، ۽ (توهان لاءِ) اسان هر شيءِ تفصيل سان بيان ڪئي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان رات ۽ ڏينهن کي (پنهنجي قدرت جون) ٻه نشانيون ڪريون، وري رات جي نشاني (چنڊ) کي ڌنڌلو بڻايو ۽ ڏينهن جي نشاني (سج) کي روشن بڻايوسون ته (سڀ شيون ڏسڻ ۾ اچن) جيئن اوهين ماڻهو پنهنجي پروردگار جو فضل (روزگار) ڳوليو ڦرو ۽ جيئن اوهين ورهين جو ڳاڻاٽو ۽ حساب سمجهو (سوچيو). سڀ ڪنهن شيءِ کي اسان کولي بيان ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بنايوسون رات ۽ ڏينهن کي ٻه نشانيون پوءِ ميٽايوسين نشانيءَ رات جي کي ۽ بنايوسين نشانيءَ ڏينهن جي کي روشني ڪندڙ تانته طلب ڪيو ڀلائي پنهنجي رب کان ۽ تانته ڄاڻو تعداد سالن جو ۽ حساب هر شيءِ کي بيان ڪيوسين ان کي کولي کولي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان رات ۽ ڏينهن کي ٻه نشانيون ڪيو، پوءِ رات جي نشاني کي مٽايوسون ۽ ڏينهن جي نشانيءَ کي ڏسڻ لاءِ بنايوسون هن لاءِ ته پنهنجي پاليندڙ جي فضل (رزق) جي تلاش ڪريو ۽ ورهن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ڄاڻو. ۽ سڀڪنهن شيءَ کي اسان کولي بيان ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان رات ۽ ڏينهن کي ٻه نشانيون بنايو آهي پوءِ اسان رات جي نشاني کي بي نور ڪيو ۽ اسان ڏينهن جي نشاني کي روشن ڪيو هن لاءِ ته توهان پنهنجي رب جو فضل (رزق) تلاش ڪيو ۽ جيئن سالن جي ڳڻپ ۽ حساب ڄاڻو. ۽ اسان هر شيءِ جو تفصيل کولي بيان ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪيوسون ڏينهن ۽ رات کي، ٻه نِشانيون نِبار، پوءِ مَٽِي سُون رات جِي، نِشانِي نِروار، ۽ ڪَئـِي سون نِشانِي ڏِينهن جِي، ڏيھ جي ڏِسڻ هار، تان پَنهنجي ربَّ جي روز مان گُھرو روزگار، پڻ سَمجھو انگ سالن جو، پڻ سَمجھو صاف شُمار، ۽ ڪُل شيءِ کي بَرقرار، کوليو سون جِيئن کولٖجي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان رات ۽ ڏينهن کي ٻه نشانيون بڻايو، رات جي نشانيءَ کي اونداهو ڪيوسون ۽ ڏينهن جي نشانيءَ کي روشن ڪيوسون ته پنهنجي رب جو فضل ڳوليو ۽ ورهن جو شمار ۽ حساب معلوم ڪريو ۽ اسان هر ڪنهن چيز کي کولي بيان ڪيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏسو! اسان رات ۽ ڏينهن کي ٻه نشانيون ڪري بڻايو آهي. رات واري نشانيءَ کي اسان اونداهون بڻايو ۽ ڏينهن واري نشانيءَ کي روشن ڪيوسين ته جيئن توهان پنهنجي رب جو فضل هٿ ڪري سگهو ۽ سالن ۽ سـَـنـَـن جو تعداد ۽ حساب معلوم ڪري سگهو ۽ اسان هر شيءِ کي ڌار ڌار نروار ڪري ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏسو اسان بڻايو آهي رات ۽ ڏينهن کي ٻه نشانيون، پوءِ بي نور بڻايوسين رات جي نشاني کي ۽ روشن ڪيوسين ڏينهن جي نشاني کي، جيئن توهين تلاش ڪري سگهو پنهنجي رب جي فضل کي، ۽ ڪري سگهو مهينن ۽ سالن جي شمار جو حساب، ۽ اهڙيءَ طرح هر شيءِ کي اسان پکيڙيو آهي ڌار ڌار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان رات ۽ ڏينھن کي ٻه نشانيون ڪري بنايو آهي، رات جي نشاني کي اونداھو بڻايو (ته جيئن ان ۾ آرام ڪريو) ۽ ڏينھن جي نشاني کي روشن بڻايو ته جيئن پنھنجي پالڻھار جي روزي تلاش ڪري سگهو ۽ ڏينھن ۽ رات جي ڪري سال ۽ مھينن جو حساب لڳائي سگهو. اھڙيءَ طرح اسان ھر شيءِ کي وڏي تفصيل سان بيان ڪيو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكُلَّ إِنسٰنٍ أَلزَمنٰهُ طٰئِرَهُ فى عُنُقِهِ وَنُخرِجُ لَهُ يَومَ القِيٰمَةِ كِتٰبًا يَلقىٰهُ مَنشورًا (آيت : 13) |
۽ سڀ ڪنھن ماڻھوءَ جي ڳچيءَ ۾ سندس عمل نامو ٻڌوسون، ۽ قيامت جي ڏينھن ڪتاب انھيءَ لاءِ ڪڍنداسون جو ان کي کليل ڏسندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هر انسان جي شامت سندس ئي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏي آهي. (ڪٿان ٻاهران ڪونه ٿي اچي مٿس ڪِري يعني سندس ئي عملن جي نتيجو آهي) قيامت جي ڏينهن اسان هن جي لاءِ (سندس اعمال نامي جو) هڪ ڪتاب ڪڍي سندس اڳيان رکنداسين، هو ان کي پنهنجي اڳيان کليل ڏسندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ هر انسان جي تقدير اسان ان جي گلي ۾ وجھرائي آهي ۽ اسين ان لاءِ قيامت جي ڏينهن هڪ کليل ڪتاب ظاهر ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان سڀ ڪنهن ماڻهو جي ڳچي ۾ سندن عمل نامو لٽڪايو اٿئون (ته سندس قسمت ساڻ هجيس) ۽ قيامت جي ڏينهن ان کي سندس سامهون رکنداسون جو هو تنهن کي هڪ کليل ڪتاب ڏسندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هر انسان کي لٽڪايوسين ان کي عملنامو ان جو ان جي ڪنڌ ۾ ۽ ڪڍنداسين ان جي لاءِ قيامت جي ڏينهن دفتر جو لهندو ان کي کليل.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سڀڪنهن ماڻهوءَ جي ڳچيءَ ۾ سندس عملنامو لٽڪايو اٿئون ۽ قيامت جي ڏينهن ان لاءِ هڪ ڪتاب ڪڍنداسون جنهن کي هو کليل ڏسندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان هر انسان جي ڳچيءَ ۾ ان جو اعمال نامو لڙڪايو آهي. ۽ اسان قيامت واري ڏينهن ان لاءِ (اُهو) اعمال نامو ڪڍنداسين جنهن کي هُو کليل ڏسندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان هر اِنسان کي، عَملن جو دَفتر، ٻَڌوسون سَندسِ ڪَنڌ ۾، ۽ کولينداسون تِنهن خاطِر، ڏِسَندسِ ڏِينهن قِيام جي، پَٽيَل پورِيءَ پَر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هر ڪنهن انسان جو عمل سندس ڳچيءَ جو هار بڻائي ڇڏيو اٿئون ۽ (وري) قيامت جي ڏينهن سندس اعمالنامو ڪڍنداسون، جنهن کي هو کليل ڏسندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هر انسان جو ســَـوڻ (اعمال نامو) اسان سندس ڪنڌ ۾ لڙڪائي ڇڏيو آهي ۽ قيامت جي ڏينهن اسان ان لاءِ هڪ لکيو ڪڍنداسون، جيڪو کيس کليل ڪتاب جيان لڳندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هر ڪنهن انسان جو سوڻ (اعمالنامو) اسان سندس ڳچيءَ ۾ لٽڪائي ڇڏيو آهي، ۽ ڪڍنداسين ان جي لاءِ قيامت جي ڏينهن هڪ لکڻي، ان کي ڏسندو هڪ کليل ڪتاب وانگر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان ھر انسان جي قسمت کي ان جي ذات سان ڳنڍي ڇڏيو آھي ۽ قيامت جي ڏينھن ان جي عمل کي رجسٽر (۽ لکت) جي شڪل ۾ ڪڍنداسون، جنھن کي ھو پنھنجي اڳيان کليل ڏسندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اقرَأ كِتٰبَكَ كَفىٰ بِنَفسِكَ اليَومَ عَلَيكَ حَسيبًا (آيت : 14) |
(چيو ويندو ته) پنھنجو ڪتاب پڙھ، اڄ تنھنجو جيءُ توتي حساب وٺندڙ بس آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ اسان کيس چونداسين ته) پنهنجو اعمال نامون پڙهي وٺ. اڄوڪي ڏينهن خود تنهنجو وجود ئي تنهنجي حساب لاءِ (يعني توکي تنهنجو حساب ڏيکارڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ) بلڪل ڪافي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تون پنهنجو عملنامون پڙهه، اڄ تنهنجي لاءِ تنهنجو نفس ئي بهترين حساب وٺندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ اسين کيس چونداسون) ته پنهنجو اعمال نامو پڙھ اڄ پنهنجو حساب وٺڻ لاءِ تون پاڻ ئي بس آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڙھ ڪتاب پنهنجو ڪافي آهين تون پاڻ اڄ پنهنجي مٿان حساب ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (کيس چيو ويندو ته) تون پنهنجو ڪتاب پڙهه. اڄ تنهنجو نفس ئي تنهنجو حساب وٺندڙ بس آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيو ويندو) پنهنجو ڪتاب (يعني اعمال نامو) پڙهه. اڄ تون پنهنجو حساب جانچڻ لاءِ پاڻ ئي ڪافي آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَڙھ ڪِتاب پَنهنجو، سَچ پَچ پَنهنجي سِر، آهين اَڄ آخِر، بس تون بِلا ڀيٽ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”پڙهه پنهنجو اعمالنامو! اڄ تون پاڻ ئي پاڻ کان حساب وٺڻ لاءِ ڪافي آهين!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڙهه پنهنجو اعمالنامو، اڄ تون پاڻ ئي پنهنجو حساب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پڙهه پنهنجو اعمالنامو، ڪافي آهي تنهنجي لاءِ اڄ پنهنجو حساب ڪرڻ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ کيس چيو ويندو ته) پڙھ، پنھنجو اعمال نامو، اڄ تون پنھنجو پاڻ کان حساب وٺڻ لاءِ خود ڪافي آھين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ وَما كُنّا مُعَذِّبينَ حَتّىٰ نَبعَثَ رَسولًا (آيت : 15) |
جنھن ھدايت لڌي تنھن پاڻ لاءِ ئي ھدايت لڌي، ۽ جيڪو ڀُلو سو رڳو پاڻ لاءِ ڀُلندو، ۽ ڪو بار کڻندڙ ٻئي ڪنھن جو بار نه کڻندو، ۽ اسين ايستائين عذاب ڪندڙ نه آھيون جيستائين ڪنھن پيغمبر کي موڪليون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن سڌي واٽ ورتي تنهن پنهنجي ئي (فائدي) لاءِ ورتي، ۽ جيڪو سڌي واٽ ڇڏي گمراهه ٿيو سو ئي پنهنجي گمراهيءَ جو نتيجو ڀوڳيندو. ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار نٿو کڻي. (هر ڪنهن کي پنهنجي ئي عملن جو بار کڻڻو آهي.) ۽ اسان ڪڏهن به هيئن نٿا ڪيون جو (ڪنهن قوم کي) عذاب ڏيون، پر ان وقت (عذاب ڏيون ٿا) جڏهن پهريائين ان ۾ هڪ رسول پيدا ڪيون ٿا (۽ پوءِ به اهي ماڻهو سرڪشي ۽ فساد ڪرڻ کان نٿا هٽن ۽ مڙن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو ماڻهو هدايت وارو ٿيو پوءِ اهو پنهنجي لاءِ هدايت وارو ٿيو، ۽ جيڪو گمراه ٿيو پوءِ اها گمراهي سندس سِر تي آهي، ۽ ڪوبه ماڻهو ڪنهن جو بار نه کڻندو، ۽ اسين ايستائين عذاب نه ڪندا آهيون جيستائين جو اسين پيغمبر نه موڪليون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن سڌي واٽ لڌي سو رڳو پنهنجي ڀلي لاءِ واٽ لهي ٿو، ۽ جيڪو گمراھ ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراھ ٿئي ٿو. ۽ ڪو به بار کڻندڙ ٻئي (جي گناھ) جو بار نه ٿو کڻي. ۽ اسين ايستائين عذاب نٿا ڪريون جيستائين ڪنهن پيغمبر کي (حجت تمام ڪرڻ لاءِ) نه موڪليون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو به هدايت وارو ٿيو پوءِ تحقيق هدايت وارو ٿئي ٿو پنهنجي لاءِ جيڪو گمراھ ٿيو پوءِ تحقيق گمراھ ٿئي ٿي پنهنجي مٿان ۽ نه بار کڻندو ڪو بار کڻندڙ بار ٻئي جو ۽ نه (آهيون اسين) عذاب ڪندڙ تان جو موڪليون پيغمبر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن واٽ لڌي سو رڳو پنهنجي ڀلي لاءِ واٽ لهي ٿو. ۽ جيڪو گمراهه ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراهه ٿئي ٿو. ۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي (جي گناهه) جو بار نه ٿو کڻي. ۽ اسين ايستائين عذاب ڪندڙ نه آهيون جيستائين ڪنهن پيغمبر کي (نه) موڪليون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو هدايت جي واٽ تي هلي ٿو سو پنهنجي فائدي لاءِ ئي هدايت جي واٽ تي هلي ٿو ۽ جيڪو گمراهه ٿيو سو صرف پنهنجي نقصان لاءِ گمراهه ٿيو. ۽ ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار نه ٿو کڻي. ۽ اسان تيستائين (ڪنهن کي به) عذاب ڪندڙ نه آهيون جيستائين ڪنهن رسول کي موڪليون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن پاتو سَنئون پار، ته پاتو پار پاڻ لئي، ۽ جي ڀاڻي ڪَنان ڀُليو، ته ڀُل جِي مَٿسِ ڀُلڪار، کَڻندڙ کَڻٖي ڪونه ڪو، بارِي ٻِئي جو بار، ۽ اَسِين نه ڏِيندڙ آهيون، مُور ڪنهن کي مار، اِنهيان اَ ڳ ته اُنهِيءَ پار، ڪوئـِي مُرسل موڪليون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو شخص دنيا ۾ سنئين رستي هلي ٿو، سو پاڻ لاءِ ئي ٿو هلي ۽ جيڪو گمراهه ٿو ٿئي، ان جي گمراهي به مٿس ئي آهي_ ڪو به شخص ٻئي جو بار نه کڻندو، ۽ اسين تيستائين عذاب نه ڪندا آهيون جيستائين ڪو رسول موڪليون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو سنئين واٽ تي هلندو،ان جو سنئين طرح هلڻ پنهنجي ئي فائدي لاءِ آهي ۽ جيڪو گمراهه ٿيندو، تنهن جي گمراهيءَ جو بار به سندس ئي مٿان آهي. ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار نه کڻندو ۽ اسان ائين عذاب ڏيڻ وارا نه آهيون، جيستائين (حق ۽ باطل جو فرق سمجهائڻ لاءِ ) ڪو رسول نه موڪليون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن سڌي راهه اختيار ڪئي ته اها بيشڪ ان جي پنهنجي لاءِ مفيد آهي، ۽ جيڪو به گمراهي اختيار ڪندو ته بيشڪ سندس گمراهيءَ جو وبال مٿس ئي آهي، ۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، ۽ اسان عذاب ڏيڻ وارا نه آهيون جيستائين (حق ۽ باطل کي سمجهڻ واسطي) ڪو رسول نه موڪليون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو جيڪو ماڻهو ھدايت وارو رستو اختيار ڪندو اھو سندس لاءِ ئي فائديمند ثابت ٿيندو ۽ جيڪو گمراھيءَ وارو رستو وٺندو ته ان گمراھيءَ جو وبال سندس ڳچيءَ ۾ پوندو ۽ ڪوبه بار کڻڻ وارو ٻئي ڪنھن جو بار نه کڻندو ۽ اسان ڪنھن به قوم جي مٿان رسول کي موڪلڻ کان پوءِ ئي عذاب موڪليندا آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا أَرَدنا أَن نُهلِكَ قَريَةً أَمَرنا مُترَفيها فَفَسَقوا فيها فَحَقَّ عَلَيهَا القَولُ فَدَمَّرنٰها تَدميرًا (آيت : 16) |
۽ اسين جڏھن ڪنھن ڳوٺ جو ناس ڪرڻ گھرندا آھيون (تڏھن) انھن مان آسودن کي (پيغمبر جي معرفت پنھنجي عبادت جو) حُڪم ڪندا آھيون پوءِ منجھس نافرماني ڪندا آھن تنھنڪري مٿن عذاب لازم ٿيندو آھي پوءِ پاڙ پٽڻ طرح ان جي پاڙ پٽيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن اسان ڪنهن بستيءَ کي تباهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيون ٿا تڏهن پهريائين ان جي آسودن ۽ شاهوڪار ماڻهن کي حڪم ٿا ڏيون. (يعني وحي جي رستي حق جا حڪم ٿا پهچايون.). پوءِ هو انهن جي تعميل ڪرڻ بدران نافرماني ڪن ٿا. پوءِ هو عذاب جا لائق ۽ حقدار ثابت ٿين ٿا ۽ اسان (سندن بدعملن جي عيوض ۾) هنن کي برباد ۽ تباهه ڪري ٿا ڇڏيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسين جڏهن ڪنهن ڳوٺ وارن جي هلاڪت جو ارادو ڪندا آهيون ته اسين ماڻهن تي حڪم موڪليندا آهيون پوءِ اهي ان ڳوٺ ۾ نافرماني ڪندا پوءِ انهن تي اسان جو قول ثابت ٿيندو، پوءِ اسين انهي کي مڪمل طرح تباه ڪندا آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اسان ڪنهن ڳوٺ کي برباد ڪرڻ گهريو ته ان جي آسودن (ماڻهن) کي اطاعت ڪرڻ جو حڪم ڪيو سون ٿي، ته اهي نافرماني ڪرڻ لڳا. جڏهن اهو (ڳوٺ) عذاب جو مستحق ٿيو ته اسان ان کي چڱيءَ طرح برباد ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ارادو ٿا ڪريون ته هلاڪ ڪريون ڪنهن ڳوٺ کي ته امر ڪريون ٿا اميرن ان ڳوٺ جي کي پوءِ بي فرماني ڪيائون ان ۾ پوءِ ثابت ٿيو انهن تي فيصلو (عذاب جو) پوءِ هلاڪ ڪيوسون ان کي مڪمل هلاڪ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن به اسان ڪنهن ڳوٺ کي برباد ڪرڻ گهريو ته ان جي آسودن (ماڻهن) کي حڪم ڪيون سون پوءِ انهن ان ۾ نافرماني ڪئي پوءِ ان (ڳوٺ) تي (عذاب جي) ڳالهه ثابت ٿي پوءِ اسان ان کي چڱيءَ طرح برباد ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اسان ڪنهن بستي کي برباد ڪرڻ جو ارادو ڪيون ٿا ته اتان جي خوشحال ماڻهن کي (ڪو) حڪم ڪيون ٿا پوءِ اُهي ان ۾ نافرماني ڪن ٿا. پوءِ اسان جو (عذاب جو) فرمان واجب ٿي وڃي ٿو پوءِ اسان ان (بستي) کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهين گُھريوسُون ڪِنهن گام کي، ڪريون ناس نِبار، ته اُن ۾ آسودن کي، ڪيوسون اَمر اِظهار، پوءِ عُدُول ڪيائون اُن کان، لنگھياليڪو پار،پوءِ سَزاسَخت اُنهن مَٿي، واجِب ٿِئي تِنهن وار، پوءِ مارڻ جِھڙِي مار، تڏهين وِڌِي سون، تِن مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اسين ڪنهن ڳوٺ کي ناس ڪرڻ گهرندا آهيون ته ان جي آسودن کي حڪم موڪليندا آهيون، پوءِ هو منجهس نافرمانيون ڪندا آهن، تڏهن مٿس عذاب لازمي ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ اسين کيس تباهه ڪري ڇڏيندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن اسان ڪنهن ڳوٺ کي تباهه ڪرڻ چاهيندا آهيون ته ان جي آسودن ماڻهن کي حڪم ڏيندا آهيون ۽ هو منجهس بي فرمانيون ڪرڻ لڳندا آهن ته پوءِ عذاب جو فيصلو مٿس لاڳو ٿي ويندو آهي ۽ اسان ان کي برباد ڪري ڇڏيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن به ارادو ڪندا آهيون ڪنهن وستيءَ کي ناس ڪرڻ جو ته حڪم ڏيندا آهيون ان جي خوشحال ماڻهن کي ته اهي ان ۾ نافرمانيون ڪندا آهن، تڏهن عذاب جو فيصلو ان وستيءَ تي لاڳو ٿي ويندو آهي ۽ اسان ان کي برباد ڪندا آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان جڏھن به ڪنھن شھر کي برباد ڪرڻ جو ارادو ڪندا آھيون ته ان ۾ رھندڙ خوشحال ماڻهن کي (عمل ڪرڻ لاءِ) ڪجهه احڪام ڏيندا آھيون پوءِ جڏهن ھو (انھن حڪمن جي) نافرماني ڪندا آھن ته اهڙي صورت ۾ انهن جي لاءِ عذاب جو فيصلو ڪيو ويندو آھي. آخرڪار اسان کين مَليا ميٽ ڪري ڇڏيندا آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَم أَهلَكنا مِنَ القُرونِ مِن بَعدِ نوحٍ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 17) |
۽ ڪيترائي جڳ نُوحؑ کان پوءِ ناس ڪياسون، ۽ تنھنجو پالڻھار پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ ڪافي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) حضرت نوح کان پوءِ قومن جا ڪيترائي دور گذري چڪا آهن، جن کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو ۽ (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار پنهنجي بندن جي گناهن متعلق ڪافي خبر رکندڙ ۽ ڪافي ڏسندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪيترائي ڳوٺ (حضرت) نوح کان پوءِ اسان هلاڪ ڪيا، ۽ توهان جو رب پنهنجي ٻانهن جي گناهن کان چڱي طرح خبردار (۽) ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نوح کان پوءِ (هن وقت تائين) اسان ڪيتريون ئي امتون برباد ڪيون ۽ (اي رسول) تنهنجو پروردگار پنهنجي ٻانهن جي گناهن کي ڄاڻڻ ۽ ڏسڻ لاءِ بس آهي. (۽ شاهد جي ضرورت نه آهي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيترائي هلاڪ ڪياسون (ماڻهو) زمانن م پڄاڻان نوح جي ۽ ڪافي آهي رب تنهنجو گناھن ٻانهن پنهنجن جي خبر رکندڙ، ڏسندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪيتريون ئي جماعتون نوح (عليه السلام) کان پوءِ برباد ڪيون سون. ۽ تنهنجو پاليندڙ ئي پنهنجن ٻانهن جي گناهن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ بس آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نوح کان پوءِ اسان ڪيترين ئي قومن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو. ۽ تنهنجو پالڻهار ئي پنهنجي ٻانهن جي گناهن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ ڪافي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ناس ڪياسون نُوح پُٺيان، وارا، وارو وار، ۽ بَديان بَندن پانهنجٖي، تُنهنجو رَبُّ تڪرار، خُوب خَبردار، ۽ ڏِسندڙ پُورو ڏيھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان نوح کانپوءِ گهڻين ئي امتن کي ناس ڪيو، تنهنجو رب پنهنجي بندن جي گناهن کي ڄاڻڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ڪافي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏسو!ڪيتريون ئي پيڙهيون هيون، جيڪي نوح کان پوءِ اسانجي حڪم سان برباد ٿيون. تنهنجو رب پنهنجن ٻانهن جي گناهن کان چڱيءَ طرح باخبر آهي ۽ سڀ ڪجهه ڏسي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ڏسو) ڪيترا ئي نسل هلاڪ ٿيا اسان جي حڪم سان نوح کان پوءِ، ۽ ڪافي آهي تنهنجو رب پنهنجن ٻانهن جي گناهن جي خبر رکندڙ ۽ ڏسندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نوح ($) کان پوءِ اسان ڪيترين ئي نسلن کي تباهه ڪري ڇڏيوسين، تنھنجو پالڻھار پنھنجي ٻانَھن جي گناھن کان خوب واقف آھي ۽ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن كانَ يُريدُ العاجِلَةَ عَجَّلنا لَهُ فيها ما نَشاءُ لِمَن نُريدُ ثُمَّ جَعَلنا لَهُ جَهَنَّمَ يَصلىٰها مَذمومًا مَدحورًا (آيت : 18) |
جيڪو دنيا (جي آسودگي) گھرندو آھي تنھن کي ان ھنڌ اھائي جلد ڏيندا آھيون جيڪي گھرندا آھيون سو جنھن لاءِ گھرندا آھيون (تنھن کي ڏيندا آھيون) وري ان لاءِ دوزخ مقرر ڪيوسون، جنھن ۾ (ھو) خوار (۽) تڙيل ٿي گھڙندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪڙو فائدو (هن دنيا ۾) چاهي ٿو ته پوءِ جنهن کي اسان اهو فائدو ڏيڻ چاهيون ۽ جيترو ڏيڻ چاهيون هن دنيا ۾ ڏيئي ڇڏيون ٿا. پر پوءِ آخر هن جي لاءِ اسان جهنم بنائي رکيو آهي. ان ۾ هو داخل ٿيندو بڇڙن حالتن ۾ ۽ ڌڪاريل حالت ۾.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو ماڻهو (فقط) دنيا طلب ڪندو آهي اسين فوري طرح ان کي جيڪو اسين چاهيون دنيا مان عطا ڪندا آهيون، ان کان پوءِ اسان ان لاءِ جهنم کي مقرر ڪريون ٿا، اهو ان ۾ داخل ٿيندو ڦٽڪار ۽ ذلالت جي حالت ۾(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪو شخص دنيا ٿو گهري تنهن کي دنيا ۾ جيڪي گهرون (۽) جنهن لاءِ گهرون جلد ڏيون ٿا وري ان لاءِ جهنم مقرر ڪريون ٿا، جنهن ۾ خوار ٿي داخل ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو به ارادو ڪري ٿو تڪڙو- (بدلي ملڻ جو) ته تڪڙو بدلو ڏنوسون ان کي ان ۾ جيڪي گھرون ٿا ان جي لاءِ جو ارادو ڪريون ٿا انکان پوءِ ٺاهيو اسان ان جي لاءِ جھنم داخل ٿيندو ان ۾ مذمت ڪيل ڌڪو ڏنل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو دنيا ٿو گهري تنهن کي دنيا ۾ جيڪي گُهرون (۽) جنهن لاءِ گُهرون جلد ڏيون ٿا وري ان لاءِ دوزخ مقرر ڪيون ٿا، جنهن ۾ خوار تڙيل ٿي داخل ٿيندو. ۽ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو دنيا جي خوشحالي گهري ٿو ته اسان هِن دنيا ۾ ئي جنهن کي چاهيون جيترو چاهيون جلدي ڏئي ڇڏيون ٿا پوءِ اسان ان لاءِ دوزخ ٺاهيو آهي، جنهن ۾ اُهو بڇڙي حال سان رحمت کان تڙيل بنجي داخل ٿيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪو هِن جَھان ۾، حاضر گُھري هاڻ، تڪڙو ڏِيونسِ تِنهن ۾، جيڪِي گُهرون پاڻ، تن مان، تِنهِين ڪاڻ، جِنهن جو اِرادو اَسين ڪريون. اڳتي آڳ اُن لئي، ڀيري ڪيوسون ڀاڻ، پَوندو مَنجهسِ پاڻ، ڪُوارِيل ۽ ڪا ڍوڙ ٿِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو دنيا جو فائدو گهرندو ته اهڙن مان جنهن لاءِ چاهينداسون، ان کي دنيا ۾ ئي فائدو ڏينداسون، پوءِ ان لاءِ دوزخ مقرر ڪنداسون، جنهن ۾ هو بد حال تڙيل ٿي داخل ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو (هن دنيا ۾) ترت حاصل ٿيندڙ فائدا طلبيندو آهي، ان کي اسان هتي ئي ڏئي ڇڏيندا آهيون، جيڪو جو جنهن کي ڏيڻ چاهيون. پوءِ سندس ڀاڱي ۾ جهنم لکي ڇڏيندا آهيون، جنهن سان هو پيو لهسبو، ملامت ڪيل ۽ تڙيل بڻجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو به گُهرندو آسودگي (دنيا جي) تنهن کي اتي ئي اسان ڏيندا آهيون جيڪي به جنهن کي ڏيڻ گهرون، پر پوءِ ان جي حصي ۾ لکي ڇڏيندا آهيون دوزخ (جو عذاب) جنهن ۾ اهو خوار ۽ تڙيل ٿي سڙندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو ماڻهو دنيا جي شين کي بي صبريءَ سان حاصل ڪرڻ چاھي ٿو ته اسان به جنھن لاءِ جيترو مناسب سمجهندا آھيون اوترو ئي ان کي جلد ڏئي ڇڏيندا آھيون پوءِ ان جي لاءِ جھنم لکيو ويندو آھي جنھن ۾ ھو خوار ۽ تڙيل جي حيثيت ۾ داخل ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن أَرادَ الءاخِرَةَ وَسَعىٰ لَها سَعيَها وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ كانَ سَعيُهُم مَشكورًا (آيت : 19) |
۽ جنھن آخرت گھري ۽ ان لاءِ چڱي ڪوشش ڪئي ۽ اُھو مؤمن (به) ھجي سي اُھي آھن جن جي ڪوشش قبول ٿيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪڏهن ڪو آخرت جو طالب هوندو ۽ ان جي لاءِ جهڙي ڪوشش ڪرڻ گهرجي تهڙي ڪوشش ڪندو ۽ پڻ ايمان وارو به هوندو ته پوءِ (هن جي لاءِ دائمي ڪاميابيون هونديون ۽) اهڙن ماڻهن جي ڪوشش قبول پوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو آخرت چاهي ٿو ۽ آخرت لاءِ گھڻي ڪوشش ڪري ٿو ۽ اهو مؤمن آهي پوءِ سندس اها ڪوشش ڪامياب ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪو آخرت گهري ٿو ۽ ان جي لاءِ سڀ ڪوشش ڪري ٿو ۽ اهو ايمان وارو به آهي ته انهن جي (اها) ڪوشش قبول آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن ارادو ڪيو آخرت جو ۽ محنت ڪيائين ان جي لاءِ مناسب ان جي ۽ اهو ايماندار آهي ته پوءِ اهي محنت انهن جي قدرت ڪيل آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو آخرت گهري ٿو ۽ ان جي مناسب ڪوشش ڪري ٿو ۽ اهو ايمان وارو به آهي ته انهن جي (اها) ڪوشش قبول آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو آخرت گهري ٿو ۽ ان جي لاءِ ڪوشش به ڪري ٿو جيئن ڪوشش ڪرڻ گھرجي ۽ اُهو ايمان وارو به آهي ته پوءِ اُهي ماڻهو آهن جن جي ڪوشش جي قدرداني ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ گُھريو جِنهن جَھان ٻِيو، ۽ ڪيائـِين اُنهِيء ڪاڻ، ڪوشش، ڪوشش اُن جِي، هجي ۽ پُورو مُؤمن پاڻ، ته قدر ڪرڻ ساڻ، قَبول ڪمائـِي اُن جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو آخرت جي نيت رکندو ۽ ان لاءِ گهربل ڪوشش ڪندو ۽ هو مومن به هوندو ته اهڙن ماڻهن جي اها ڪوشش قبول ٿيندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪو آخرت چاهيندو هجي ۽ ان لاءِ ڪوشش به ڪري،جيئن ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ مومن هجي ته اهڙن ماڻهن جي ڪوشش قبول پوندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو هجي آخرت جو طالب ۽ ڪوشش به ڪري ان جي لاءِ، ۽ اهو مؤمن به هجي، ته اهڙي شخص جي ڪوشش اگهاميل هوندي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو ماڻهو آخرت جو چاھيندڙ ھوندو ۽ مؤمن جي حيثيت ۾ هو آخرت کي ڀرپور طريقي سان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو ته اھڙي ماڻهوءَ جي ڪوشش کي قدر واري نگاهه سان ڏٺو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُلًّا نُمِدُّ هٰؤُلاءِ وَهٰؤُلاءِ مِن عَطاءِ رَبِّكَ وَما كانَ عَطاءُ رَبِّكَ مَحظورًا (آيت : 20) |
ھن ٽوليءَ جي ۽ ھن ٽوليءَ جي ھر ھڪ کي تنھنجي پالڻھار جي بخشش مان مدد ڪريون ٿا، ۽ تنھنجي پالڻھار جي ڏات ڪا اٽڪيل نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان هر ڪنهن کي (يعني مٿي ڄاڻايل ٻنهي قسمن جي ماڻهن کي) پنهنجي پروردگاريءَ جي بخشش سان (هن دنيا ۾) مدد ڪيون ٿا، انهن کي به (جي فقط دنيا جي پوئتان لڳي ٿا پون) ۽ انهن کي به (جيڪي آخرت جا طالب ٿين ٿا ۽ حق جي راهه تي ٿا هلن) ۽ (اي پيغمبر!) تنهنجي پروردگار جي بخشش عام آهي ۽ ڪنهن جي به لاءِ بند ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسين سڀني جي (يعنى) هِنن ۽ هُنن جي پنهنجي عطا موجب مدد ڪريون ٿا، ۽ توهان تي رب جي عطا ڪا، روڪيل ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) اسين هنن ۽ هنن سڀني جي پنهنجي پالڻهار جي ڏات سان مدد ڪريون ٿا ۽ تنهنجي پالڻهار جي بخشش ته عام آهي ڪنهن تي بند نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڀني جي مدد ڪريون ٿا هنن جي ۽ انهن جي تنهنجي رب جي بخشش مان ۽ ناهي بخشش رب تنهنجي جي روڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسين هِننِ ۽ هُنَنِ سڀني جي تنهنجي پاليندڙ جي ڏات مان مدد ڪريون ٿا. ۽ تنهنجي پاليندڙ جي ڏات روڪيل نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان انهن (سڀني) جي مدد ڪيون ٿا هِنن جي به ۽ هُنن جي به. (اي نبي! اهو سڀ) تنهنجي رب جي عطا سان آهي ۽ تنهنجي رب جي عطا رُڪيل (محدود) نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِن ۽ هُن مِڙن کي، مَدد ڏِيون مُدام، تُنهنجي پَرور پاڪ جي، اِنعام مَنجھان عام، ۽ تُنهنجي آگي جو اِنعام، بِلڪُل بَند نه ڪِنهن مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهنجي رب جي انهيءَ عطا مان اسين انهن جي به مدد ڪريون ٿا ۽ هنن جي به ۽ تنهنجي رب جي عطا ڪنهن تي به بند نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هنن کي به ۽ هـُـنن کي به، ٻنهي ڌرين کي اسان (دنيا ۾) زندگي گذارڻ جو سامان پيا ٿا ڏيون. اها تنهنجي رب جي بخشش آهي ۽ تنهنجي رب جي بخشش کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هنن کي به انهن کي به، ٻنهي ٽولن کي (دنيا ۾) زندگيءَ جو سامان ڏئي رهيا آهيون، اها ڏات آهي تنهنجي رب جي ۽ ڪير به اها ڏات رب جي روڪڻ وارو ڪونه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ته ايمان وارن ۽ دنيا جي چاھيندڙن ٻنهي کي زندگي جي گذاري لاءِ سامان ڏيندا آھيون. اھا ته تنھنجي پالڻھار جي طرفان عطا آھي ۽ تنھنجي پالڻھار جي عطا کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
انظُر كَيفَ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَلَلءاخِرَةُ أَكبَرُ دَرَجٰتٍ وَأَكبَرُ تَفضيلًا (آيت : 21) |
ڏس ته انھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان (دنيا ۾ رزق ۽ مرتبه ۾) ڪئن ڀلو ڪيو اٿون، ۽ آخرت ته درجن ڪري بلڪل وڏي ۽ مانَ ڏيڻ ڪري بلڪل وڌيڪ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏس! اسان ڪهڙيءَ طرح (هن دنيا ۾) ڪن ماڻهن کي ڪن ماڻهن کان وڌيڪ فضيلت ڏني آهي. (جو ڪي ڪهڙي حال ۾ آهن ته ڪي ڪهڙي حال ۾) ۽ حقيقت هيءَ آهي ته آخرت جا درجا سڀني کان وڌيڪ وڏا آهن ۽ سڀني کان وڌيڪ سٺا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان ڏسو ته ڪيئن اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت عطا ڪئي آهي ۽ پر آخرت درجي بندي ۽ فضيلت ۾ (دنيا کان) وڌيڪ هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ڏس ته ڪئين اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي ۽ آخرت ۾ ته اڃا به وڏا درجا ۽ وڏي فضيلت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڏس ته ڪيئن ڀلو بنايوسين هڪڙن کي انهن مان ٻين تي ۽ البته آخرت وڏي درجن ۾ ۽ وڏي آهي فضيلت ۾، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڏِسُ ته ڪيئن اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي. ۽ آخرت ۾ ته اڃا به وڏا درجا ۽ وڏي فضيلت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڏس ! ته ڪيئن اسان (دنيا ۾) هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي. ۽ يقيناً آخرت (دنيا جي ڀيٽ ۾) درجن جي لحاظ کان به وڏي آهي ۽ فضيلت ۾ به وڏي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِس، ڪي اِنهن مان، اُنهن مَٿي، ڪياسون ڀَلا بِهتر، ۽ آهي آخرت وَڏِي، درجن پَٽاندر، پڻ وَڏِي سا ويتر، فضِيلت ۽ فضل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڏس ته اسان ڪيئن هڪڙن کي ٻين کان ڀلو ڪيو آهي_ ۽ بيشڪ آخرت درجن خواهه ڀلائيءَ ۾ تمام وڏي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر ڏس ته ڪيئن نه اسان دنيا ۾ ئي هڪڙي ٽولي کي ٻئي تي سرسي عطا ڪئي آهي ۽ آخرت جا درجا ته اڃان به بلند هوندا ۽ ان جي وڏي فضيلت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏسو (اي نبي!) ڪهڙيءَ طرح اسان فضيلت ڏني آهي دنيا ۾ هڪ ٽولي کي ٻئي تي، ۽ آخرت ۾ ته ان جا اڃا به وڏا درجا هوندا، ۽ ان جي اڃا به وڌيل هوندي فضيلت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (چڱيءَ طرح) ڏسو ته اسان دنيا ۾ ھڪڙن ماڻهن کي ٻين تي فضيلت ڏني آھي ۽ آخرت جا درجا ۽ فضيلت ته اڃا به وڌيڪ ھوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَقعُدَ مَذمومًا مَخذولًا (آيت : 22) |
(اي ماڻھو تون) الله سان ٻيو ڪو معبود مقرّر نه ڪر نه ته گِلارو (۽) خوار ٿي وھندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله سان گڏ ڪنهن به ٻئي کي معبود نه بنايو، نه ته اهڙا هوندؤ جو هر طرح نفرت جا لائق ۽ هر طرح پريشان ۽ تنگ حال هوندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اي ٻڌندڙ) تون الله سان ڪنهن کي شريڪ نه بناءِ پوءِ تون خوار خراب ٿي ويهندين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڏسو خدا سان گڏ ٻئي کي (سندس) شريڪ نه بنائجو! نه ته اوهين خوار، ذليل ويٺي جا ويٺا رهجي ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه بناءِ الله سان گڏ معبود ٻيو پوءِ وهين مذمت ڪيل، خوار ڪيل، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله سان گڏ ٻيو ڪو به حاڪم نه ٺهراءُ! نه ته خوار بي مددگار ٿي وهندين. (صص) ۽ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي مخاطب!) الله سان گڏ ڪو ٻيو معبود نه بناءِ. (نه ته) پوءِ خوار بي مددگار ٿي ويهندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌار نَه گَڏ ڌَڻِيء سان، ٻِي دَرگاه ۽ دَرٻار، پوءِ خراب ۽ خوار، ويڳانو ٿِي وِهندِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون الله سان گڏ ٻيو ڪو به سائين نه بڻاءَ، نه ته تون بڇڙي حال ۾ نڌڻڪو ٿي ويهي رهندين_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته پوءِ الله سان گڏ ڪو ٻيو معبود نه بڻاءِ ، نه ته ننديل ۽ نڌڻڪو ٿيو ويٺو هوندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تون نه بناءِ الله سان ڪو ٻيو معبود (اي نبي!) نه ته رهجي ويندين ملامت ڪيل ۽ بي يار و مددگار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى سان گڏ ٻئي ڪنھن کي به معبود نه ٺاھيو ورنه توھان خوار ۽ نڌڻڪا ٿي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقَضىٰ رَبُّكَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا إِمّا يَبلُغَنَّ عِندَكَ الكِبَرَ أَحَدُهُما أَو كِلاهُما فَلا تَقُل لَهُما أُفٍّ وَلا تَنهَرهُما وَقُل لَهُما قَولًا كَريمًا (آيت : 23) |
۽ تنھنجي پالڻھار حُڪم ڪيو آھي ته ان کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪريو، جيڪڏھن ٻنھين مان ڪو ھڪڙو تنھنجي آڏو ٻُڍائيءَ کي پھچي يا ٻَئي ته تون اُف (به) نه چئج ۽ نڪي کين جھڻڪج ۽ ساڻن چڱي ڳالھ (ادب واري) ڳالھائج.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ تنهنجي پروردگار حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته کانئس سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيو ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سا ڀلايون ڪيو. جيڪڏهن ماءُ پيءُ مان ڪو هڪ يا ٻئي تنهنجي حياتيءَ ۾ ٻڍاپڻ جي عمر کي پهچي وڃن (۽ انهن جي خدمت جو بار تنهنجي ذمي ٿئي) ته انهن جي ڪنهن به ڳالهه تي رڳو اف به نه چئه (يعني ڪوبه خفي ٿيڻ جو لفظ نه چئه) نڪي (غصي ۾ اچي) کين جهڻڪڻ شروع ڪري ڏي. هنن سان ڳالهه ٻولهه ادب ۽ عزت سان ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربيءَ جي رب قطعي حڪم فرمايو ته توهان خاص الله جي عبادت ڪريو ۽ پيءُ ماءُ سان احسان ڪريو، جيڪڏهن تو وٽ انهن مان هڪ عمر رسيده ٿئي يا ٻئي عمر رسيده ٿين، پوءِ تون انهن کي اُف به نه چئو ۽ نه ئي کين ڇڙٻ ڏي ۽ تون انهن سان سهڻو ڳالهاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تنهنجي پاليندڙ حڪم ڪيو آهي ته ان (الله) کان سواءِ ڪنهن کي نه پوڄيو ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪريو جيڪڏهن انهن مان هڪ يا اهي ٻئي تنهنجي سامهون ٻڍاپڻ کي پهچن (ڪنهن ڳالھ تي خفا ٿين) ته (خبردار انهن جي جواب ۾) اف به نه چئو ۽ نه انهن کي ڇڙٻ ڏيو ۽ (جيڪي چوڻو ٻڌڻو هجي ته) تمام ادب سان ڳالهايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فيصلو ڪيو رب تنهنجي ته نه عبادت ڪيو مگر ان جي ۽ پيءُ ۽ ماءُ سان احسان ڪندا ڪريو جيڪڏهن پهچي تو وٽ پوڙهائپ کي هڪڙو انهن مان يا ٻئي اهي پوءِ نه چؤ انهن ٻنهي لاءِ اف ۽ نه جھڻڪ انهن ٻنهي کي ۽ ڳالهايو انهن ٻنهي سان ڳالهائڻ عزت وارو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تنهنجي پاليندڙ حڪم ڪيو آهي ته ان (الله) کان سواءِ ڪنهن کي نه پوڄيو ۽ ماءُ پيءَ سان ڀلائي ڪريو جيڪڏهن تو وٽ انهن ٻنهين مان هڪ يا اُهي ٻئي ٻُڍاپڻ کي پهچن ته تون کين اُف به نه چؤ ۽ نه اُنهن کي ڇڙٻ ڏي ۽ انهن سان اَدَب جي ڳالهه ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تنهنجي پالڻهار فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ان کان سواءِ ڪنهن جي پوڄا نه ڪيو ۽ ماءُ پيءَ سان سهڻو سلوڪ ڪيو. اگر تنهنجي سامهون ٻنهين مان هڪ يا ٻئي پِيري کي پهچن ته پوءِ انهن کي ”اف“ به نه چؤ ۽ انهن کي ڇڙٻ به نه ڏي ۽ انهن ٻنهين سان ڪرم واري ڳالهه ڳالهاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تُنهنجي صاحِب صادر ڪيا، هِي فيصلا، فرمان، ته شيوا سَوَا اُنَ جي، ڪِنهنجِي ڪريو ڪانه، پڻ اَدب ۽ اِحسان، مائـِٽن سان مُورهِين. پر تو وَٽ، وَڏ پڻ کي رسي، تن مان، هِڪڙو يا ٻَئي، پوءِ ٻَر نه ٻول تن کي، پڻ تن کي، ڏي مَ تَئـِي، نِوڙت سان نَئـِي، چَئون چوڻ چَڱو تن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تنهنجي رب حڪم ڪيو آهي ته، ان کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو ۽ پيءُ ماءُ سان چڱيءَ طرح هلو، جيڪڏهن انهن مان هڪ يا ٻئي تنهنجي اڳيان پوڙها ٿي پون، ته انهن کي ڪڏهن اُف به نه چئو ۽ نه انهن کي جهڻڪ ۽ انهن سان ادب سان ڳالهاءِ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنجي رب فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته توهان کانئس سواءِ ٻئي ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو، ماءُ پيءُ سان سهڻي نموني هلو، جيڪڏهن تو وٽ انهن مان ڪو هڪ يا ٻئي ٻڍا ٿي وڃن ته انهن کي اف به نه چؤ، نڪي کين ڪا ڇڙٻ ڏي، بلڪه انهن سان ادب سان ڳالهاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تنهنجي رب ته توهان ماڻهو ان کان سواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريو، ۽ ماءُ پيءُ سان سٺو سلوڪ ڪريو، جيڪڏهن انهن مان تو وٽ پوڙها ٿين ڪو هڪڙو يا ٻئي ته ڪنهن کي به اُف نه چئو، نه کين جهڻڪيو ڇڙٻ ڏيو پر انهن سان عزت سان ڳالهايو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ تنھنجي پالڻھار اھو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي ته توھان ان کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي به عبادت نه ڪريو ۽ والدين سان گهڻو نيڪ سلوڪ ڪريو. جيڪڏھن تنھنجي جيئري انهن مان ھڪڙو يا ٻئي پوڙھا ٿي وڃن ته کين اُف به نه چئجانءِ ۽ نه ئي ٻنهي کي ڇڙٻ ڏجانءِ ۽ ھميشه انهن ٻنهي سان ادب سان ڳالھائجانءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاخفِض لَهُما جَناحَ الذُّلِّ مِنَ الرَّحمَةِ وَقُل رَبِّ ارحَمهُما كَما رَبَّيانى صَغيرًا (آيت : 24) |
۽ انھن لاءِ عاجزيءَ جون ٻانھون ٻاجھ مان ھيٺاھيون ڪج ۽ چئج ته اي منھنجا پالڻھار اُنھن تي (اھڙي طرح) ٻاجھ ڪر جھڙي طرح مون کي ننڍپڻ ۾ پاليائون ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن جي اڳيان محبت ۽ مهربانيءَ سان نماڻائيءَ جو سر جهڪائي رک، سندن حق ۾ (هميشه) دعا گهرندو رهه ته اي منهنجا پروردگار! جهڙيءَ طرح هنن مون کي منهنجي ننڍپڻ ۾ پاليو نپايو، تهڙيءَ طرح تون به هنن تي رحم ڪندو رهه.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون پيءُ ماءُ سان نهايت نرمي ۽ شفَقت سان پيش اچ ۽ تون عرض ڪر اي منهنجا رب تون انهن ٻنهي تي رحم ڪر جيئن انهن ننڍپڻ ۾ مون کي رحم ڪري نپايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن جي اڳيان شفقت سان عاجزي ڪري ڪنڌ نمائي ۽ چئو ته اي منهنجا پالڻهار! انهن تي رحم ڪر جيئن انهن ٻنهي مون کي ننڍي هوندي رحم ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جھڪاءِ انهن ٻنهي جي لاءِ نرميءَ جو پر رحم ڪرڻ سان ۽ چئو تون اي منهنجا پالڻهار! رحم ڪر انهن ٻنهي تي جيئن پاليائون مونکي ننڍڙائپ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن جي اڳيان شفقت سان عاجزي ڪري ڪنڌ نِماءِ. ۽ چؤ ته اي منهنجا پاليندڙ! انهن ٻنهن تي رحم ڪر جيئن انهن ٻنهين مونکي ننڍي هوندي پاليو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ٻنهين لاءِ رحم دلي سان عاجزي جون ٻانهون جهُڪاءِ ۽ (انهن لاءِ دعا گھرته) ”اي منهنجا پالڻهار! انهن ٻنهين تي رحم فرماءِ جيئن انهن مون کي ننڍپڻ ۾ پاليو هيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻانهون اَدب جون ٻاجھ سان، تن لئي نَميوناءِ، ۽ چئو مولىٰ مُنهنجا! تن مَٿي، ٻاجھ ٻَهون فرماءِ، جِيئن ٻِنهِي گھڻو ٻاجھائي، مون کي نِپايو نَنڍڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن جي آڏو مهربانيءَ سان نياز سان جهڪيل رهه ۽ چؤ ته ”اي ڌڻي! انهن تي ائين رحم ڪر، جيئن انهن مون کي ننڍپڻ ۾ پاليو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مهر وچان سندن آڏو نياز ۽ نــئـڙت ڪر ۽ دعا گهرندو ڪر ته "اي رب! تون انهن ٻنهي تي رحم جي نظر ڪر، جيئن انهن رحمت ۽ شفقت سان مونکي ننڍپڻ ۾ پاليو نپايو هو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نرمي ۽ رحم سان انهن جي آڏو نمي بيهه ۽ دعا ڪر ته، منهنجا رب! انهن تي رحم ڪر جيئن انهن رحمت ۽ شفقت سان مون کي ننڍپڻ ۾ پاليو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن جي اڳيان پيار ۽ نوڙت سان جهڪيل رھجانءِ ۽ دعا گهرندو رهه ته اي منھنجا پالڻھار! انهن ٻنهي تي رحم فرماءِ جيئن انهن مون کي ننڍپڻ ۾ پيار ۽ پاٻوهه سان پاليو ھو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِما فى نُفوسِكُم إِن تَكونوا صٰلِحينَ فَإِنَّهُ كانَ لِلأَوّٰبينَ غَفورًا (آيت : 25) |
جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو اوھان جو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪڏھن اوھين سڌريل ھوندؤ (ته بخشيندو) ڇوته الله توبه ڪندڙن کي بخشڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي توهان جي دلين ۾ آهي سو الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي. جيڪڏهن توهان نيڪ عمل ڪندڙ آهيو (پر ڀل چڪ کان ڪا خطا ٿي وڃي) ته پوءِ (پريشان نه ٿيو) هو (الله) بيشڪ توبهه ڪرڻ وارن لاءِ وڏو بخشڻهار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جي رب کي توهان جي دلين جي وڌيڪ معلومات آهي، جيڪڏهن توهان صالح ٿيا ته پوءِ بيشڪ الله تعالى توبه ڪندڙن کي بخشيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان جي دل جي ڳالھ اوهان جو پروردگار چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن اوهين (واقعي) نيڪ ٿيندو (ڀل سان انهن جي خطا ڪئي) ته بيشڪ اهو اوهان کي معاف ڪندو (ڇو ته) اهو ته توبه ڪرڻ وارن جو وڏو بخشڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اوهان جو رب وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪو اوهان جي دلين ۾ آهي جيڪڏهن رهندؤ اوهان صالح ٿي پوءِ بيشڪ اهو آهي توبہ ڪندڙن جي لاءِ بخشڻهار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي تنهنکي اوهان جو پاليندڙ گهڻو ڄاڻندڙ آهي. جيڪڏهن چڱا ٿيندو ته بيشڪ اهو رجوع ٿيندڙن کي معاف ڪرڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اوهان جو پالڻهار چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي. جيڪڏهن اوهان صالح ٿيندئو ته بيشڪ اُهو سندس طرف موٽڻ وارن کي بخشيندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَمجھندڙسائـين اهنجو، سا سموري ڳالھ، جيڪي اهنجي جي ۾، جي آهيو چڱي چال، ته بخشيندڙ بحال، موٽندڙن کي، مهرسان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان جو رب اوهان جي اندر جا حال خوب ڄاڻي ٿو، جيڪڏهن اوهين چڱا آهيو ته هو توبه ڪندڙن جي خطائن کي معاف ڪري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهانجو رب خوب ٿو ڄاڻي ته توهانجي دلين ۾ ڇا آهي. جيڪڏهن توهان صالح ٿي رهندؤ ته هو اهڙن سڀني ماڻهن لاءِ ڏاڍو بخشڻهار آهي، جيڪي پنهنجن گناهن کان تابعداريءَ واري هلت ڏانهن موٽ کائيندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تنهنجو رب ڄاڻي ٿو چڱيءَ طرح ته توهان جي دلين ۾ ڇا آهي؟ جيڪڏهن توهان نيڪ ٿي رهو ته اهو (رب) اهڙن سڀني ماڻهن کي معاف ڪندو (جيڪي بندگيءَ جي رويي ڏي موٽن)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان جو پالڻھار توھان جي دلين جي حال کان چڱيءَ طرح واقف آھي جيڪڏھن توھان نيڪ ٿي رھندا ته بيشڪ ھو سڀني جي توبہ کي قبول ڪندڙ ۽ وڏو معاف ڪندڙ آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَءاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَلا تُبَذِّر تَبذيرًا (آيت : 26) |
۽ مائٽي وارا ۽ مسڪينن کي ۽ مُسافرن کي سندن حق ڏي ۽ اڍنگائيءَ سان اجايو نه وڃاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) جيڪي توهان جا مائٽ آهن، جيڪي به مسڪين آهن ۽ جيڪي (بي سمر ۽ بي يار) مسافر آهن، انهن سڀني جو اوهان تي حق آهي ۽ انهن جو حق ادا ڪندا رهو. ۽ (مال ۽ دولت کي) ائين اجايو (عياشين ۽ نمائشن تي) خرچ نه ڪيو جيئن بيجا لٽڻ ٿيندو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان پنهنجي عزيزن جا حق ادا ڪريو ۽ مسڪينن ۽ مسافرن جا حق ادا ڪريو ۽ توهان فضول خرچي نه ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ قرابتدارن ۽ محتاج ۽ پرديسيءَ کي سندس حق ڏيو ۽ (خبردار) فضول خرچي نه ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏي تون قرابت دار کي حق ان جو ۽ مسڪين کي ۽ مسافر کي ۽ بالڪل اجايو خرچ نه ڪر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي مائٽ کي سندس حق ڏي ۽ مسڪين ۽ مسافر کي (به). ۽ اجايو خرچ نه ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) رشتيدار کي سندن حق ڏي ۽ مسڪين ۽ مسافر کي به (ڏي) ۽ اجايو بيجا خرچ نه ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوڏن ڏِيو حَق اُن جو، پڻ مِسڪِين ۽ مِهمان، ۽ خرچ خراب ڪَمن ۾، ڪوڏِي ڪَريو ڪانه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مٽن مائٽن ۽ محتاجن ۽ مسافرن کي سندن حق ڏيندو رهه ۽ اجايو خرچ نه ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ويجهي عزيز کي سندس حق ادا ڪر ۽ مسڪين ۽ مسافر کي سندن حق ڏي، اجايو خرچ نه ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ مائٽن کي سندن حق ڏي ۽ مسڪينن ۽ مسافرن کي به انهن جو حق ڏي ۽ فضول خرچي نه ڪر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ مائٽن، مسڪينن ۽ مسافرن جا حق ادا ڪريو ۽ فضول خرچي نه ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ المُبَذِّرينَ كانوا إِخوٰنَ الشَّيٰطينِ وَكانَ الشَّيطٰنُ لِرَبِّهِ كَفورًا (آيت : 27) |
ڇوته اجايو وڃائيندڙ شيطانن جا ڀائر آھن، ۽ شيطان پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اجايو خرچ ڪندڙ (جيڪي بيجا طور عياشين ۽ نمائشن تي مال لٽيندا آهن) شيطانن جا ڀائي بند آهن ۽ شيطان پنهنجي پروردگار جي نعمتن جو بي شڪر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ فضول خرچ ڪندڙ شيطان جا ڀائر آهن، ۽ شيطان رب جو سخت انڪاري آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇو ته فضول خرچ ڪرڻ وارا شيطان جا ڀائر آهن. ۽ شيطان پنهنجي پالڻهار جو ناشڪري ڪندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اجايو خرچ ڪندڙ آهن ڀائر شيطان جا ۽ آهي شيطان پنهنجي رب جو وڏو بي شڪر.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇو ته اجايو خرچ ڪرڻ وارا شيطان جا ڀائر آهن. ۽ شيطان پنهنجي پاليندڙ جو ناشڪر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اجايو خرچ ڪرڻ وارا شيطانن جا ڀائر آهن. ۽ شيطان پنهنجي پروردگار جو وڏو ناشڪر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪندڙ خرچ، خراب تي، آهن ڀاء شيطان، ۽ شيطان، بي فرمان، ڌَڻِيءَ سَندِس جو، ڌُرڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اجايا خرچ ڪندڙ شيطان جا ڀائر آهن ۽ شيطان پنهنجي رب جو وڏو ناشڪر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اجايو خرچ ڪندڙ ته شيطانن جا ڀائر آهن ۽ شيطان پنهنجي رب جو ناشڪرو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ فضول خرچ ڪندڙ ڀائر آهن شيطانن (تڙيلن) جا. ۽ شيطان پنهنجي رب جو ناشڪرو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ فضول خرچي ڪرڻ وارا شيطان جا ڀائر آھن ۽ شيطان پنھنجي پالڻھار جو (وڏو) ناشڪرو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِمّا تُعرِضَنَّ عَنهُمُ ابتِغاءَ رَحمَةٍ مِن رَبِّكَ تَرجوها فَقُل لَهُم قَولًا مَيسورًا (آيت : 28) |
۽ جيڪڏھن تون (رزق جي اڻھوند ڪري) انھن کان منھن موڙين جنھن رزق جي ملڻ جي پنھنجي پالڻھار کان اميد رکين ٿو ته (کين جھڻڪي نه موٽاءِ ۽) ساڻن مٺي ڳالھ ڳالھاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن هيئن هجي جو توهان پنهنجي پروردگار ۾ اميدون رکي سندس فضل جي تلاش ۾ هجو (يعني تنگيءَ جي حالت ۾ هجو ۽ ڪمائڻ لاءِ نڪري پئو) ۽ ان ڪري توهان کي انهن (حقدارن) کان منهن ڦيرائڻو پوي ته پوءِ اوهان کي گهرجي ته نرميءَ سان انهن کي سمجهايو (۽ سخت لفظ نه ڳالهايو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي جنهن صورت ۾ توهان (سائلن ڏانهن) متوجه نٿا ٿيو انهي اميد ۾ ته الله جي طرفان رزق ايندو ته ان صورت ۾ توهان انهن سائلن کي نرمي سان جواب ڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن تو کي پنهنجي پروردگار جي فضل (۽ ڪرم) جي انتظار ۾ جنهن جي تو کي اميد هجي (لاچار) انهن غريبن کان منهن موڙين ته نرميءَ سان کين سمجهائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن منهن موڙين انهن کان واسطي طلب ڪرڻ رحمت جي رب پنهنجي کان اميد ٿو رکين ان جي پوءِ چئو انهن کي چوڻ نرم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن تون پنهنجي پاليندڙ جي مهرباني (رزق) جي انتظار ۾ جنهن جي اميد ڪرين ٿو، انهن کان منهن موڙين ته انهن کي نرم ڳالهه چؤ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي تون انهن (مستحقن) کان پاسائتو ٿيڻ چاهين ٿو پنهنجي پالڻهار جي رحمت (يعني خوشحالي) جي انتظار ۾ جنهن جو تون اميدوار آهين ته پوءِ انهن سان نرمي سان ڳالهاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي مُنهن موڙيئـِين، تن کان، ڳولڻ لاءِ ڳرِي، تُنهنجي ربَّ رحمت مان، اُن ۾ آس ڌرِي، پوءِ وراڻج وري، ساڻن سولو ٻول ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن توکي پنهنجي رب جي طرف کان جنهن رزق جي اچڻ جي اميد هجي، ان جي انتظار ۾ (کين حق ڏيڻ کان) منهن موڙڻو پوي، ته به انهن کي نرم ڳالهه چئو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن انهن (يعني گهرجائو عزيزن، مسڪينن ۽ مسافرن) کان توکي منهن موڙڻو آهي، ڇو جو اڃان تون الله جي انهيءَ رحمت کي جنهن جي ملڻ جي توکي آس آهي، هٿ ڪرڻ ۾ لڳل آهين ته کين ڪو نرم جواب ڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي انهن (مائٽن، مسڪينن ۽ مسافرن کان) توکي نٽائڻو هجي ان ڪري جو تون اڃا (الله جي) رحمت ۾ پنهنجي رب جو اميدوار آهين، ڳولا پيو ڪرين ته پوءِ انهن سان جواب ۾ نرم لهجو رک(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏھن توھان کي ضرورتمندن کي ڏيڻ لاءِ في الحال ڪا شيءِ موجود نه ھجي ۽ اوھان خود ڪنھن شيءِ جي اچڻ جي انتظار ۾ ھجو ته اھڙي حالت ۾ کين نرميءَ سان جواب ڏئي روانو ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَجعَل يَدَكَ مَغلولَةً إِلىٰ عُنُقِكَ وَلا تَبسُطها كُلَّ البَسطِ فَتَقعُدَ مَلومًا مَحسورًا (آيت : 29) |
۽ نڪي پنھنجي ھٿ کي پنھنجي ڳچيءَ ۾ بند ڪر ۽ نڪي اھو سارو کولي ڇڏ نه ته ملامتي ۽ عاجز ٿي ويھي رھندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نڪي پنهنجو هٿ پنهنجي ڳچيءَ سان ٻڌي ڇڏيو (يعني نڪي ڪنجوسائي ڪيو) نڪي بلڪل هٿ ڦاڙ ٿيو. (ٻنهي حالتن جو نتيجو هي ٿيندو ته) توهان تي هر طرف کان ملامت پوندي ۽ تنگيءَ جي حالت ۾ رهندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان گھڻي ڪنجوسي نه ڪريو ۽ تمام گھڻو اجايو خرچ به نه ڪريو (بلڪ درمياني راه (يعنى) سخاوت ڪريو) پوءِ توهان ملامت سان خالي هٿ ٿي ويهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي هٿ کي (بخل جي ڪري) پنهنجيءَ ڳچيءَ سان نه ٻڌ (يعني خرچ ڪرڻ کان هٿ نه روڪ) ۽ نه ان کي بلڪل کول جو سڀ ڪجھ ڏئي ڇڏين! نه ته ملامت ڪيل پشيمان ٿيو ويهي رهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ڪر هٿ پنهنجو ٻڌل طرف ڪنڌ پنهنجي ۽ نه کولي ڇڏ ان کي صفا کولي ڇڏڻ پوءِ وهين ملامت ڪيل تنگي ڏنل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي هٿ کي (بخل جي ڪري) پنهنجي ڳچيءَ سان نه ٻَڌ (يعني هٿ خرچ کان نه روڪ) ۽ نه ان کي بالڪل کولي ڇڏ نه ته ملامت ڪيل خالي هٿن سان ويهي رهندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجو هٿ پنهنجي ڳچيءَ سان ٻڌل نه رک (يعني بُخل نه ڪر) ۽ نه ئي ان کي بلڪل کولي ڇڏ (جو هڙئي ڏئي ڇڏين) پوءِ خود ملامت زده خالي هٿين (حسرت ۾) ويهي رهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تُنهنجو هَٿ پَنهنجي ڪَنڌ ۾، قابُو نَه ڪر ڪِنهن قول، ۽ سڀ کولڻ، نه تِنهن کي کول، پوءِ لونڀِيل ۽ لاچار ويهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نه پنهنجي هٿ کي ڳچي ۾ ئي ٻڌي ڇڏ، نڪي بلڪل کولي ڇڏ، نه ته پاڻ کي ڇنڀيندڙ خالي هٿ ويهي رهندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نڪي پنهنجو هٿ ڳچيءَ سان ٻڌي ڇڏ ۽ نه وري صفا کولي ڇڏيس، جو پوءِ وري مهڻن هاب بڻيو ۽ سڀ ڪجهه اُڏائي سڃو ٿيو ويٺو هجين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه وري ٻَڌي رک پنهنجو هٿ پنهنجي ڳچيءَ سان نه وري ان کي بنهه کولي ڇڏين، جو (هر طرح سان) ويهي رهين ملامتي ۽ عاجز ٿي (هتي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون پنھنجي ھٿن کي خرچ ڪرڻ کان نه ته ڀيڙي رک ۽ نه بيجا خرچ ڪري ھٿ ڇنڊي اُٿ، جو توکي خود ملامت کڻڻي پوي ۽ تون منھن ڀيلو ڪري ويھي رھين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ رَبَّكَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 30) |
تنھنجو پالڻھار جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ گھٽ به ڪندو آھي، تحقيق اھو پنھنجن ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ تنهنجو پروردگار جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ روزي ڪشادي ڪري ٿو ڇڏي ۽ جنهن لاءِ چاهي تو تنهن لاءِ ماپيل توريل (عيني توري) ڏئي ٿو. هو پنهنجي ٻانهن (جي حالت) جي خبر رکندڙ ۽ (سڀ ڪجهه) ڏسندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان جو رب جنهن لاءِ چاهي ان جو رزق وڌائي ٿو ۽ گھٽائي ٿو، بيشڪ اهو پنهنجي ٻانهن کي خوب ڄاڻي ٿو ۽ ڏسي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ تنهنجو پروردگار جنهن لاءِ گهري ٿو روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ جنهن جي چاهي ٿو تنگ ڪري ٿو. بيشڪ اهو پنهنجي ٻانهن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ تنهنجو ڪشادو ٿو ڪري رزق جنهن لاءِ گھري ۽ تنگ ٿو ڪري بيشڪ اهو آهي ٻانهن پنهنجن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ جنهن لاءِ گهري تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (ڪنهن جي) تنگ ڪري ٿو بيشڪ اهو پنهنجي ٻانهن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تنهنجو پالڻهار جنهن لاءِ چاهي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ اُهو پنهنجي ٻانهن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) والِي تو وڻيس، تِنهن رِزق ڏي، ڪَثر يا ڪَسو، ڏاهو ڏِسندڙ سو، بيشڪ سَندسِ بَندن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ تنهنجو رب جنهن کي گهري، تنهن کي وڌيڪ رزق ڏئي ٿو، ۽ تنگي ڏئي ٿو، هو پنهنجن ٻانهن کي خوب ڄاڻي ۽ ڏسي ٿو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنجو رب جنهن لاءِ گهري رزق ڪشادو ٿو ڪري ۽ جنهن لاءِ گهري تنگ ٿو ڪري، هو پنهنجن ٻانهن جي حال کان واقف آهي ۽ سڀ ڪجهه ڏسي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ تنهنجو پالڻهار جنهن لاءِ به گُهرندو آهي روزي ڪشادي ڪندو آهي ۽ جنهن لاءِ گُهرندو آهي تنگ ڪندو آهي، بيشڪ اهو (حقيقت ۾) پنهنجي ٻانهن کان باخبر ۽ ڏسندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي آھي جنھن لاءِ به گهري تنھن جي روزي ڪشادي ڪري ۽ جنھن لاءِ چاھي ان جي روزي تنگ ڪندو آھي، بيشڪ ھو پنھنجي ٻانَھَن جي حال کان خوب واقف آھي ۽ کين چڱي طرح ڏسي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَقتُلوا أَولٰدَكُم خَشيَةَ إِملٰقٍ نَحنُ نَرزُقُهُم وَإِيّاكُم إِنَّ قَتلَهُم كانَ خِطـًٔا كَبيرًا (آيت : 31) |
۽ پنھنجن ٻارن کي سُڃائيءَ جي ڊپ کان نه ڪُھو، اسين کين ۽ (خود) اوھان کي روزي ڏيندا آھيون، بيشڪ انھن کي ڪُھڻ وڏو ڏوھ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سڃائي جي خوف کان پنهنجي اولاد کي ماري نه ڇڏيو. اسان ئي کين ۽ اوهان کي به روزي ٿا رسايون. هنن کي ماري ڇڏڻ تمام وڏو گناهه آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان پنهنجي اولاد کي مسڪينيءَ جي خوف کان قتل نه ڪريو، اسين انهن کي ۽ توهان کي رزق ڏيون ٿا، بيشڪ اولاد جو قتل، عظيم گناه آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي اولاد کي سڃائيءَ جي ڊپ کان ماري نه ڇڏيو. انهن کي ۽ اوهان کي اسين ئي روزي ڏيون ٿا. بيشڪ انهن جو مارڻ وڏو گناھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه قتل ڪيو اولاد پنهنجو سببان ڊپ غريب هجڻ جي اسين رزق ڏيون ٿا، انهن کي ۽ خاص اوهان کي بيشڪ قتل ڪرڻ انهن جو هو گناھ وڏو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي اولاد کي سڃائيءَ جي ڊپ کان ماري نه ڇڏيو. انهن کي ۽ اوهان کي اسين ئي روزي ڏيون ٿا. بيشڪ انهن جو مارڻ وڏو گناهه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي اولاد کي سُڃائي جي ڊپ کان ماري نه ڇڏيو. اسان ئي انهن کي روزي ڏيون ٿا ۽ توهان کي به. بيشڪ انهن کي مارڻ وڏو گناهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪُهو نه ڪَلها پَنهنجا، ڪنان سُڃائـِيء جي سُور، اسين اوهان ۽ اُنهن کي، ڀَتو ڏِيون ڀَرپُور، هُنن جو قَتل بي قُصور، ڏاڍو وَڏو ڏوھ ٿيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پنهنجي اولاد کي غريبيءَ جي ڊپ کان قتل نه ڪريو ڇو ته اسين ئي انهن کي رزق ڏيون ٿا ۽ اوهان کي به ڏيون ٿا، بيشڪ انهن جو قتل ڪرڻ تمام وڏو گناهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي اولاد کي سـُـڃائي جي ڊپ کان قتل نه ڪريو، اسان انهن کي به رزق ڏينداسون ۽ توهانکي به. حقيقت ۾ انهن کي مارڻ تمام وڏو گناهه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ قتل نه ڪريو پنهنجي اولاد کي سڃائيءَ جي خوف کان، اسان انهن کي رزق ڏينداسين ۽ توهان کي به، حقيقت ۾ انهن جو قتل خطا آهي وڏي ۾ وڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجيءَ اولاد کي سڃائيءَ جي ڀؤ کان قتل نه ڪريو اسان انهن کي به رزق ڏينداسين ۽ توھان کي به ڏئي رھيا آھيون. بيشڪ انهن کي قتل ڪرڻ ھڪ وڏو گناهه آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَقرَبُوا الزِّنىٰ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَساءَ سَبيلًا (آيت : 32) |
۽ زنا کي ويجھا نه وڃو ڇوته اھا بي حيائي آھي، ۽ اِھا واٽ بُڇڙي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ زناڪاريءَ جي ويجهي به نه وڃو. يقين ڪيو ته اهو ڪم وڏي بي شرميءَ جو ڪم آهي ۽ وڏي خرابيءَ جي چال آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان بدڪاري ڏانهن ويجھا نه وڃو بيشڪ اها بي حيائي ۽ خراب رستو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ياد رکو زنا جي ويجهو به نه وڃجو ڇو ته اهو بي حيائي جو ڪم آهي ۽ تمام بري عادت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ويجھا وڃو زنا کي بلاشڪ اها بي حيائي ۽ بري واٽ آهي، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زنا کي ويجها نه وڃو، بيشڪ اها بي حيائي آهي. ۽ بڇڙو رستو ؛ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زنا کي ويجهو نه وڃو بيشڪ اها بي حيائي آهي ۽ نهايت بُـــرو رستو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ويجھو زِناڪِين وَڃو، اِي نِپٽ نِرجائـِي، ۽ آهي اِهائـِي، واٽ برابر بُڇڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ زنا جي ويجهو به نه وڃو، بيشڪ اها وڏي بيحيائي آهي، ۽ بڇڙو رستو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ زنا جي ويجها ئي نه وڃو، اهو ڏاڍو بڇڙو ڪم آهي ۽ نهايت خراب رستو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ويجها نه وڃو زنا کي، اهو تمام برو ڪم آهي ۽ تمام بري واٽ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ زنا جي ويجهو به نه وڃو، بيشڪ اھو وڏي بي حيائيءَ وارو ڪم آھي ۽ انتھائي برو رستو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَقتُلُوا النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَمَن قُتِلَ مَظلومًا فَقَد جَعَلنا لِوَلِيِّهِ سُلطٰنًا فَلا يُسرِف فِى القَتلِ إِنَّهُ كانَ مَنصورًا (آيت : 33) |
۽ اھڙي جيءَ کي نه ڪُھو جنھن جو (شرعي) حق کانسواءِ ڪُھڻ الله حرام ڪيو آھي، ۽ جيڪو ناحق ماريو وڃي ان جي وارث کي (قصاص جو) اختيار ڏنوسون پوءِ جڳائي ته مارڻ ۾ زيادتي نه ڪري، ڇوته اھو مدد ڏنل ٿيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪنهن به اهڙي شخص کي ناحق قتل نه ڪيو جنهن کي قتل ڪرڻ الله تعاليٰ حرام ٺهرايو آهي ۽ جيڪو به ظلم سان قتل ڪيو وڃي تنهن جي وارثن کي اسان (قصاص جي گهر ڪرڻ جو) اختيار ڏيئي ڇڏيو آهي، پر کيس گهرجي ته خونريزيءَ ۾ زيادتي نه ڪري (يعني حق کان وڌيڪ بدلو وٺڻ جو خيال نه ڪري) هو (حد جي اندر رهڻ ۾) مدد جو حقدار ٺهرايل آهي. (يعني کيس ٻين ماڻهن خواهه سرڪاري قانون جي مدد ٿي ملي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان قتل نه ڪريو ان معصوم انسان کي جنهن جي الله حرمت رکي آهي مگر حق سان، ۽ جيڪو ماڻهو ناحق قتل ڪيو وڃي ٿو پوءِ تحقيق اسان ان جي وارث کي اختيار ڏنو آهي پوءِ مقتول جو وارث قاتل کانسواءِ ٻئي کي قتل نه ڪري، بيشڪ ان جي مدد ڪئي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهڙي ماڻهوءَ کي قتل نه ڪريو جنهن جو (قتل ڪرڻ) خدا حرام ڪيو آهي. مگر جائز طو تي (شريعت جي فتوى سان) ۽ جو شخص ناحق ماريو وڃي تنهنجي وارث کي اسان (بدلي وٺڻ جو) اختيار ڏنو آهي. ان کي گهرجي ته (مقتول جي بدلي وٺڻ) ۾ زيادتي نه ڪري. بيشڪ کيس مدد ڏني ويندي (ته قتل ڪري معاف نه ڪري)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه قتل ڪريو سر کي جيڪو حرام ڪيو الله مگر حق سان ۽ جيڪو قتل ڪيو ويو مظلوم، پوءِ تحقيق ڪيوسون واسطي وارث ان جي قانوني حق پوءِ نه زياده ڪري قتل ۾ بلاشڪ اهو آهي مدد ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هي. ۽ اهڙي شخص کي قتل نه ڪريو جنهن جو (قتل ڪرڻ) الله حرام ڪيو آهي مگر انصاف سان (ڀلي ڪريو). ۽ جيڪو ظلم سان قتل ڪيو ويندو تنهن جي وارث کي اسان (بدلي وٺڻ جو) اختيار ڏنو آهي. پوءِ اهو قتل ڪرڻ ۾ زيادتي نه ڪري. بيشڪ کيس مدد ڏني وڃي ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي شخص کي قتل نه ڪيو جنهن کي (قتل ڪرڻ) الله حرام ڪيو آهي سواءِ (شرعي) حق جي. ۽ جيڪو ظلم سان ماريو ويو ته ان جي وارث کي اسان (قصاص وٺڻ جو) حق ڏنو آهي. پوءِ اُهو قتل ڪرڻ ۾ زيادتي نه ڪري. يقينًا ان جي مدد ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سو ماڻهو، نه ماريو مُور، جِنهن کان ربَّ روڪيو، مگر حق حساب سان؛ ۽ جو ڪُٺو بي قُصور، ڪيوسون سَندسِ قَرِيب لئي، مُقرر حق منظور، پوءِ ڪري ڪِين قَتل ۾، وڌاءُ ڪو وَهلور، ٿِيندو سو ضرور، ڪامياب قِصاص ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن ماڻهوءَ جي قتل کي الله حرام ڪيو آهي، ان کي ناحق قتل نه ڪريو ۽جيڪو ماڻهو ناحق قتل ٿئي، ته اسان سندس وارث کي به اختيار ڏنو آهي، تنهن ڪري ان جي قتل بابت حد کان ٻاهر نه وڃڻ گهرجي، اهو به طرفداري ڪرڻ وٽان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪنهن انسان کي قتل نه ڪريو، جنهن کي الله حرام ڪيو آهي، پر جي حق سان هجي ته پوءِ ٻي ڳالهه آهي ۽ جيڪو ظلم سان قتل ڪيو ويو هجي ته سندس وارث کي اسان قصاص وٺڻ جو حق ڏنو آهي ۽ ان کي کپي ته قتل ۾ حد کان نه لنگهي، سندس ساٿ ڏنو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه قتل ڪريو ڪنهن اهڙي کي جنهن کي الله حرام ڪيو آهي (ڪنهن به جيوَ کي) سواءِ حق جي، ۽ جيڪو شخص قتل ڪيو ويو هجي ظلم سان، ان جي وارث کي اسان قصاص جي مطالبي جو حق ڏنو آهي، ان کي جڳائي ته قتل ۾ حد نه ٽپي، بيشڪ سندس مدد ڪئي ويندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى جي حرام ڪيل ڪنھن به جان کي ناحق قتل نه ڪريو ۽ جنھن کي ظلم سان قتل ڪيو وڃي ته اسان سندس وارث کي (قصاص وٺڻ جو) حق ڏنو آھي تنھن ڪري هُو قتل جي باري ۾ شرعي حدن کان ٻاھر نه وڃي، کيس (قصاص وٺڻ ۾) مدد ڏني ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَقرَبوا مالَ اليَتيمِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ حَتّىٰ يَبلُغَ أَشُدَّهُ وَأَوفوا بِالعَهدِ إِنَّ العَهدَ كانَ مَسـٔولًا (آيت : 34) |
۽ نڪي ڪنھن ڇوري ٻار جي مال کي چڱي نيت کانسواءِ ويجھا وڃو جيستائين ھو بلوغت کي پھچي، ۽ پنھنجو انجام پاڙيو، تحقيق انجام بابت بلڪل پڇا ٿيندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يتيمن جي مال جي ويجهو به نه وڃو (يعني ان کي خرچ ڪرڻ جو ارادو به نه ڪيو) پر اهڙي طريقي سان (ڀلي ويجهو وڃو) جو بهترين هجي (يعني يتيم جو مال سنڀالڻ ۽ وڌائڻ لاءِ ڀلي بندوبست رکو) جيستائين يتيم جوان ٿئي. (۽ توهان سندس امانت سندس حوالي ڪيو) ۽ (ياد رکو) پنهنجو عهد پاڙيندا ڪيو. عهد جي باري ۾ توهان کان ضرور پڇاڻو ڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان يتيم جي مال کي ويجھا نه وڃو مگر ان طريقي سان تصرف ڪريو جنهن ۾ يتيم لاءِ بهتري هجي، ايستائين جو اهو جوان ٿئي، ۽ توهان (پنهنجا ڪيل) وعدا پورا ڪريو، بيشڪ وعدن بابت توهان کان سوال ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ يتيم جيستائين جوانيءَ کي پهچي سندس مال جي ويجهو به نه وڃو. پر هاءُ! هن ريت جو (يتيم جي حق ۾) چڱو هجي. ۽ انجام (اقرار) کي پورو ڪريو ڇو ته (قيامت ۾) انجام بابت ضرور پڇا ٿيندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ويجھا وڃو مال يتيم جي کي مگر ان سان جو اهو وڌيڪ سهڻو آهي تان جو پهچي جوانيءَ پنهنجي کي ۽ وفا ڪيو وعدو بيشڪ وعدو آهي پڇا ڪيل.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ يتيم جي مال کي اهڙي طريقي کان سواءِ جو چڱو آهي ويجها نه وڃو ايتري تائين جو هو پنهنجي طاقت کي پهچي. ۽ انجام پاڙيو. بيشڪ (ڪيل) انجام بابت پڇا ٿيندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ يتيم جي مال جي ويجهو به نه وڃو سواءِ اهڙي طريقي جي جو (يتيم لاءِ) بهتر هجي جيستائين اُهو پنهنجي جواني کي پهچي وڃي. ۽ (پنهنجا) انجام پاڙيو، بيشڪ معاهدن بابت (اوهان کان) پڇا ٿيندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ويجھا وَڃو ڪِين ڪِي، يَتِيم سَندي مال، ڌُران تِنهن دَستور جي، جو چڱيرو مَنجھ چال، تان پُهچي پَنهنجي زورَ کي؛ ۽ پاريو پَنهنجِي ڳالھ، سَڀ ڪِنهن ساڻ سُوال، آهي، عَهد اَنجام جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ يتيم جي مال کي ويجها نه وڃو مگر اهڙيءَ طرح، جو چڱو رستو هجي، ايتري تائين جو هو بالغ ٿئي، ۽ پنهنجي قول قرار کي پورو ڪريو، بيشڪ قول قرار جي پڇا به ٿيڻي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يتيم جي مال جي ويجهو نه وڃو، پر جي سهڻي نموني سان هجي ته پوءِ ڀلي، تانجو هو وڃي پنهنجي بلوغت کي رسي. پنهنجي ڪيل عهد کي پاڙيو. بيشڪ ڪيل عهد بابت پڇاڻو ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ويجها نه وڃو يتيم جي مال کي، پر سُٺي طريقي سان، ايستائين جو اهو جوانيءَ کي پهچي وڃي، ۽ پاسداري ڪريو وعدي جي، بيشڪ وعدي جي باري ۾ توهان کي جواب ڏيڻو پوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جائز طريقي کان سواءِ يتيم جي مال جي ويجها به نه وڃو. جيستائين يتيم جوان ٿي وڃي. وعدن کي پاڙيو، بيشڪ (قيامت جي ڏينھن) وعدن جو پڇاڻو ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَوفُوا الكَيلَ إِذا كِلتُم وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 35) |
۽ جڏھن ماڻ ڀريو تڏھن پورو ڀريو ۽ سنئين ترازيءَ سان توريو، اھا (پوري ماپ ۽ تور) ڀلي ۽ عاقبت جي ڪري بلڪل چڱي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن ڪا شيءِ ماپيو ته بلڪل پوري ماپ ڪيو، (ان ۾ گهٽتائي نه ڪيو) ۽ جڏهن توريو تڏهن سچي ۽ سڌي تارازي سان توريو (يعني نڪي تارازي غلط هجي نڪي تورڻ ۾ ڪا هٿ جي چالاڪي ڪجي) اهوئي بهتر طريقو آهي ۽ چڱو نتيجو ڏيڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ماپ ڪرڻ وقت صحيح ماپ ڪريو ۽ تور ڪرڻ وقت صحيح تور ڪريو، اهو تمام بهتر ۽ ان جو نتيجو بهترين آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن ماڻ ڀريو ته پورو ڀريو ۽ سنئين ترازوءَ سان توريو، اهو گهڻو چڱو آهي ۽ ان جي پڇاڙي (به) گهڻي چڱي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پوري ڪيو ماپ جڏهن ماپ ڪيو ۽ تور ڪريو انصاف سان سڌي اهو ڀلو ۽ سهڻو آهي انجام جي لحاظ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن ماڻ ڀريو ته پورو ڀريو. ۽ سئينءَ ترازوءَ سان توريو، اهو گهڻو چڱو آهي ۽ ان جي پڇاڙي گهڻي چٽي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ماپ پوري ڪيو جڏهن (به) ماپيو ۽ سنئين تارازي سان وزن ڪيو. اُهو ئي بهتر آهي ۽ انجام جي لحاظ کان (به) زور سهڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ڀَريو ته برابر ڀَريو، توريو، ته پورِي تور، تمام چڱو اِي طور، سودو سُهڻو، سُود ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن ڀرپ ڪري ڏيو، ته پوري ڀرپ ڏيو ۽ صحيح تور سان توري ڏيو، اها چڱي آهي ۽ ان جي پڇاڙي به چڱي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مــَـئي ڏيو ته پورو ڀري ڏيو ۽ توريو ته سنئينءَ تارازيءَ توريو. اهو سهڻو طريقو آهي ۽ نتيجي جي لحاظ کان به ڀلو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ماپ سان ڏيو ته پورو ڏيو ۽ توريو ته سڌي ساهميءَ سان توريو، هي سٺو طريقو آهي ۽ پڄاڻي ۾ به اهو ڀلو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن توھان ماپ ڪريو ته پوري ماپ ڪندا ڪريو ۽ جڏھن ڪا شيءِ توري ڏيو ته بلڪل سڌي تور رکندا ڪريو. اھو ئي سھڻو طريقو ۽ انجام جي لحاظ کان به اھو سٺو عمل آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَقفُ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنَّ السَّمعَ وَالبَصَرَ وَالفُؤادَ كُلُّ أُولٰئِكَ كانَ عَنهُ مَسـٔولًا (آيت : 36) |
۽ (اي ٻانھا) جنھن شيء جي توکي ڪا سُڌ نه آھي اُن جي پويان نه لڳ، ڇوته ڪَن ۽ اک ۽ دل انھن سڀني (عضون) کان ان بابت بلڪل پڇا ٿيندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) جنهن ڳالهه جو اوهان کي علم ڪونهي تنهن جي پٺيان نه پئو. (پنهنجي حد جي اندر رهو) ياد رکو ته، ڪنن، اکين، دل ۽ دماغ (يعني جذبن ۽ خيالن) جي باري ۾ پڇاڻو ٿيڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (اي ٻڌندڙ) تون اها ڳالهه نه چئو جنهن جو توکي علم ناهي، بيشڪ ڪن ۽ اک ۽ دل هر هڪ کان (قيامت جي ڏينهن) سوال پڇيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن (ڳالھ) جي توهان کي خبر نه آهي تنهن جي پٺيان نه پئو. (ڇو ته) ڪن ۽ اکين ۽ دل انهن سڀني بابت (قيامت ۾) ضرور پڇا ٿيندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پويان نه پئو ان جي جو ناهي توکي ان جو علم بيشڪ ڪن ۽ اکيون ۽ دل سڀئي اهي هوندا انهن جي باري ۾ پڇا ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن (ڳالهه) جي توکي خبر نه آهي تنهن جي پٺيان نه پؤ، ڇو ته ڪن ۽ اکيون ۽ دل سڀني کان ان ڳالهه بابت پڇا ٿيندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن (ڳالهه) جي تو کي خبر نه آهي ان جي پويان نه پؤ. بيشڪ ڪن ۽ اکيون ۽ دل انهن سڀني کان ان (ڳالهه)بابت پڇا ٿيندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڀ، نه اُنهِيء ڳالھ تي، جِنهن جِي توکي، جَن نه ڪَن، ڪَن، اکيون ۽ من، پُڇاپَڇاڙي، تن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن ڳالهه جي توکي تحقيق نه هجي، ان جي پٺيان نه پئو، ڇو ته انهي بابت ڪنن، اکين ۽ دل انهن سڀني کان پڇاڻو وٺبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي ڪڍ نه لڳ، جنهن بابت توکي ڪا خبر نه هجي. بلاشڪ ڪنن، اکين ۽ دل انهن سڀني کان پڇاڻو ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪنهن به اهڙي شيءِ جي پويان نه لڳ جنهن جو توکي ڪوبه علم نه هجي، بيشڪ ڪَن ۽ اک ۽ دل سڀني کان (الڳ الڳ) پڇا ٿيڻي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جنھن شيءِ جي باري ۾ توهان کي ڪوبه علم نه آھي ته ھروڀرو ان جي پويان نه لڳو (اھو سمجهي ڇڏيو ته) بيشڪ اک، ڪن ۽ دل کان به (قيامت جي ڏينھن) پڇاڻو ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّكَ لَن تَخرِقَ الأَرضَ وَلَن تَبلُغَ الجِبالَ طولًا (آيت : 37) |
۽ زمين ۾ تون آڪڙ ڪري نه گُھم، ڇوته تون نڪي زمين کي چيري سگھندين ۽ نڪي ڊيگھ ۾ جبل (جي چوٽي) کي پھچين سگھندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ زمين تي آڪڙ ڪري نه گهمو. يقيناً توهان زمين کي ڏاري ڪونه سگهندؤ، نڪي جبلن جيڏا ڊگها ٿي سگهندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون زمين تي آڪڙ سان نه هل، بيشڪ تون زمين کي چيري نٿو سگھين ۽ تون بلنديءَ ۾ هرگز جبلن کي پهچي نٿو سگھين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هلو، ڇو ته اوهين (پنهنجي اهڙي چال سان) زمين کي هرگز ڦاڙي نه سگهندو ۽ نه (وري سيٽجي هلڻ ڪري) ڊگهائيءَ ۾ جبلن کي پهچي سگهندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه هل زمين تي مغرور ٿي بيشڪ تون هرگز نه ڦاڙي سگھندين زمين ۽ هرگز نه پهچندين تون جبلن کي ڊيگھ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هل. بيشڪ تون نه زمين کي ڦاڙي سگهندين ۽ نه ڊگهائي ۾ جبلن کي پهچي سگهندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هل. بيشڪ تون نه زمين کي چيري سگهندين ۽ نه ئي تون بلندي ۾ جبلن کي پهچي سگهندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀَرجي هَل نه ڀون مَٿي، بِلڪُل نه چِيرِيندِين ڀُون، نه اَنَدر اُچائـِي تون، پَهارن کي پُهچندِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ زمين ۾ آڪڙجي نه هل، جو نڪي تون زمين ڦاڙي سگهين ٿو ۽ نڪي جبلن جي اچائي کي پهچي سگهين ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) زمين ۾ آڪڙ ڪري نه هل، تون نڪي زمين کي ڏاري سگهين ٿو ۽ نه سـِـيٽجي جبلن جي اوچائيءَ تائين پهچي سگهين ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه هل زمين تي آڪڙجي، بيشڪ تون چيري نٿو سگهين زمين کي ۽ نه پهچي ٿو سگهين جبلن جي اوچائيءَ کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي انسان) تون زمين تي آڪڙجي نه ھل. بيشڪ تون پنھنجي آڪڙ سان نه ته زمين کي ڦاڙي سگهين ٿو ۽ نه ئي ڊگهائيءَ ۾ جبلن کي پھچي سگهين ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُلُّ ذٰلِكَ كانَ سَيِّئُهُ عِندَ رَبِّكَ مَكروهًا (آيت : 38) |
اُنھن سڀني (عادتن) جي بڇڙائي تنھنجي پالڻھار وٽ ناپسند آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن سڀني ڳالهين جو حال هي آهي ته انهن جي بڇڙائي توهان جي پروردگار کي سخت ناپسند آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جي رب وٽ مذڪوره سڀئي ڪم ناپسند آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) انهن سڀني ڳالهين مان جا ڳالھ بڇڙي آهي سا تنهنجي پروردگار وٽ ناپسند آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڀ ڪجھ اهو برو ان مان تنهنجي رب وٽ نا پسنديدو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هي سڀ بڇڙا (ڪم) تنهنجي پاليندڙ وٽ ناپسندآهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن سڀني ڪمن جو (جيڪي بيان ٿيا) بُـــرو پاسو تنهنجي پالڻهار وٽ ناپسند آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَٺاڪَم اِي مڙيئـِي، تُنهنجي صاحِب وٽ، ستار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي سڀ بڇڙا ڪم تنهنجي رب وٽ بلڪل نا پسند آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ڳالهين مان هرهڪ جو خراب پاسو تنهنجي رب وٽ سخت ناپسند ڪيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن سڀني ڪمن مان بُرو پهلو تنهنجي رب وٽ بلڪل ناپسند آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي سڀ خراب عمل تنھنجي پالڻھار جي نزديڪ ناپسنديده آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ مِمّا أَوحىٰ إِلَيكَ رَبُّكَ مِنَ الحِكمَةِ وَلا تَجعَل مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتُلقىٰ فى جَهَنَّمَ مَلومًا مَدحورًا (آيت : 39) |
اھي حُڪم انھن مان آھن جيڪي تنھنجي پالڻھار توڏانھن حڪمت مان وحي ڪيا آھن، ۽ الله سان ٻيو ڪوبه معبُود مُقرّر نه ڪر نه ته تون ملامتي (۽) تڙيل ٿي دوزخ ۾ وڌو ويندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هي انهن حڪمت جي ڳالهين مان آهن جي تنهنجي پروردگار توکي وحي ڪري ٻڌايون آهن ۽ (انهن سڀني ڳالهين جو بنياد هي آهي ته) الله سان گڏ ڪو ٻيو معبود نه ٺهرايو جو آخر دوزخ ۾ اڇلايا وڃو (اهڙيءَ حالت ۾ جو) ملامت ڪيل ۽ ڌڪاريل هجو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ڳالهيون وحي ربانيءَ جون آهن جيڪي توهان جي رب توهان ڏانهن حڪمت سان موڪليون آهن ۽ توهان الله سان گڏ ٻِيو معبود نه بنايو ورنه توهان کي جهنم ۾ ملامت ڪَيَلُ ۽ رحمت کان پري ڪري اڇلايو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ڳالهيون حڪمت جي انهن ڳالهين مان آهن جيڪا تنهنجي پالڻهار تو ڏي وحي ڪئي آهي. ۽ خدا سان گڏ ٻيو ڪو معبود نه ٺهرائي. نه ته ملامت ڪري تڙي تو کي دوزخ ۾ وڌو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان مان آهي جو وحي ڪيو توڏانهن رب تنهنجي حڪمت مان ۽ نه بناءِ الله سان گڏ معبود ٻيو پوءِ اڇلائي وڌو وڃين جھنم ۾ ملامت ڪيل ڌڪا ڏنل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي ڳالهيون ان حڪمت مان آهن جيڪا تنهنجي پاليندڙ تو ڏي وحي ڪئي آهي. ۽ الله سان گڏ ٻيو ڪوبه حاڪم نه ٺهراءِ. نه ته ملامت ڪري تڙي توکي دوزخ ۾ وڌو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي حڪمت ۽ دانائي جي انهن ڳالهين مان آهي جيڪا تنهنجي پالڻهار تو ڏي وحي ڪئي آهي. ۽ (اي مخاطب!) الله سان گڏ ٻيو معبود نه بناءِ (نه ته) تون ملامت زده تڙيل دوزخ ۾ ڦِٽو ڪيو ويندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهي اُن ڳالهين مان، ته حِڪمت مان هيڪار، تُنهنجي والِيء وَحِي ڪيون، پيغمبر! تو پار، ۽ ڌار، مَ گڏ ڌڻيء سان، ٻي درگاه ۽ دربار، پوءِ لونڀيل ۽ لاچار، اُڇليو وڃِي، تو آگ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ڳالهيون ان ڏاهپ مان آهن جي تنهنجي رب تو ڏانهن وحي جي رستي موڪليون آهن ۽ الله سان گڏ ٻيو ڪو به سائين نه بڻاءِ، نه ته تون ڏوهاري ۽ تڙيل ٿي دوزخ ۾ اڇلايو ويندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي اهي دانائيءَ ڀريون ڳالهيون آهن، جن جي تنهنجي رب توڏانهن وحي ڪئي آهي ۽ الله سان گڏ ڪو ٻيو معبود نه بڻاءِ ، نه ته جهنم ۾ ڦـٽو ڪيو ويندين، ڦٽڪاريل ۽ ٿــُـڏي ڇڏيل بڻائي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي ڳالهيون آهن جيڪي توتي وحي ڪيون آهن تنهنجي پالڻهار حڪمت واريون، ۽ ڏس ڪوبه مقرر نه ڪجانءِ معبود الله سان، نه ته تون ويندين دوزخ ۾ ملامتي ٿي ۽ هر ڀلائيءَ کان محروم ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ھي سڀ حڪمت جون ڳالهيون آھن جيڪي اسان توڏانھن وحي ڪيون آھن. سو توھان اللھ تعالى سان گڏ ٻيو ڪوبه معبود نه ٺاھجو ورنه توھان کي ملامت کڻڻي پوندي ۽ توھان کي ڀلائي کان محروم ڪري جھنم ۾ وڌو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَأَصفىٰكُم رَبُّكُم بِالبَنينَ وَاتَّخَذَ مِنَ المَلٰئِكَةِ إِنٰثًا إِنَّكُم لَتَقولونَ قَولًا عَظيمًا (آيت : 40) |
(اي مشرڪؤ) اوھان جي پالڻھار اوھان کي پُٽن جي لاءِ چونڊيو ۽ (پاڻ) ملائڪن کي (پنھنجيون) ڌيئر ڪري ورتائين ڇا؟ بيشڪ اوھين ھيءَ وڏي ڳالھ ڪندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ائين ٿي سگهي ٿو ڇا ته، توهان جو پروردگار اوهان کي ته هن بزرگيءَ لاءِ چونڊي کڻي جو پٽن وارا ٿيو ۽ پنهنجي لاءِ هي پسند ڪري ته فرشتن کي پنهنجون ڌيئر بنائي. ڪهڙي نه وڏي (بڇڙي) ڳالهه آهي جا توهان چئي رهيا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ توهان جي رب توهان لاءِ پُٽَ منتخب ڪيا ۽ پنهنجي لاءِ ملائڪ نياڻيون بنايون. بيشڪ توهان (الله لاءِ) اها عظيم ڳالهه چئو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي مڪي جا مشرڪو!) ڇا پوءِ اوهان جي پالڻهار اوهان کي (ته) پٽن لاءِ چونڊيو آهي ۽ ملائڪن مان (پاڻ لاءِ وري) ڌيئرون ورتيون اٿس؟ بيشڪ اوهين تمام (سخت) ڳالھ ڪريو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ چونڊي ڏنائين اوهان کي رب اوهان جي پٽ ۽ بنائين ملائڪن مان نياڻيون بلاشڪ اوهان البته چئو ٿا قول وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ اوهان جي پاليندڙ اوهان کي پٽن لاءِ چونڊيو آهي ۽ ملائڪن مان (پاڻ لاءِ) ڌيئرون ورتيون اٿس. بيشڪ اوهين وڏي ڳالهه ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پُٽن لاءِ توهان جي پالڻهار توهان کي چونڊيو آهي؟ ۽ (پاڻ لاءِ) ان ملائڪن کي نياڻيون بنايو آهي. بيشڪ اوهان تمام وڏي ڳالهه ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا ڌُئا ڌڻيءَ اوهان جي، پُٽ اوهان لئي پاڻ؟ مُقرّر مَلڪن کي ڌِيون، ڪيائين پَنهنجي ڪاڻ، اَوس اَوهِين اَڄاڻ، ڳالھ ڳرِي ڳالهايو!. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا اوهان جي رب اوهان کي پٽن لاءِ خاص ڪيو آهي ۽ فرشتن کي پنهنجون ڌيئر بڻايو اٿس؟ بيشڪ اوهين سخت ڳالهه چئو ٿا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي ته توهان جي رب توهان کي ته پٽن سان نوازيو آهي ۽ پنهنجي لاءِ وري ملائڪن کي ڌيئر بڻايائين؟ ڏاڍي ڪوڙي ڳالهه ٿا واتان ڪڍو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) عجب ڳالهه آهي جو توهان کي نوازيو آهي توهان جي رب پُٽن سان ۽ پاڻ ورتائين ملائڪن کي وري ڌيئرون ڪري؟ بنهه ڪوڙي ڳالهه آهي جيڪا توهان چئو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مشرڪو! توھان ٿورو سوچيو) ڇا توھان کي توھان جي پالڻھار پٽن سان نوازيو آھي ۽ پنھنجي لاءِ ملائڪن کي ڌيئرون ڪري چونڊيو آهي؟ بيشڪ اها توھان تمام وڏي (ڪوڙي) ڳالھ ڪري رھيا آھيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد صَرَّفنا فى هٰذَا القُرءانِ لِيَذَّكَّروا وَما يَزيدُهُم إِلّا نُفورًا (آيت : 41) |
۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ ھن لاءِ وري وري سمجھايوسون ته نصيحت وٺن، ۽ اھو انھن بابت نفرت کانسواءِ (ٻيو ڪي) ڪين ٿو وڌائي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان قرآن ۾ هر طريقي سان ڳالهيون سمجهايون آهن، انهيءَ لاءِ ته هي ماڻهو نصيحت وٺن پر (هنن تي ڪوبه اثر ڪونه پيو آهي، اٽلندو) هنن جي نفرت اڳين کان به وڌيڪ ٿي ويئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق اسان قرآن ڪريم ۾ (وعدا ۽ وعيد) بيان ڪيا ان لاءِ ته نصيحت حاصل ڪن، ۽ نٿو زياده ڪري (قرآن) انهن کي مگر نفرت(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ هر طرح سمجهايو آهي ته جيئن اهي ڌيان ڪن. هوڏانهن انهيءَ ڳالھ کان سندن نفرت وڌي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق هر طرح بيان ڪيوسون هن قرآن ۾ تانته نصيحت وٺن ۽ نٿو وڌائي انهن کي مگر نفرت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ هر طرح سمجهايو آهي ته جيئن اهي ڌيان ڪن. هوڏانهن اها ڳالهه (هيڪاري) انهن جي نفرت وڌائي ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ (نصيحتن کي) انداز مٽائي بار بار بيان ڪيو آهي ته (ماڻهو) نصيحت پِرائن. پر ان سان ته انهن (منڪرن) جي نفرت ئي وڌي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڦيرياسون فُرقان ۾، ته پڙِهي پرائينِ مانَ! ري ڀَڃڻ ڪِنهن بيانَ، اوڄ نه ڏِني، اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان هن قرآن ۾ طرح طرح سان بيان ڪيو آهي ته ان کي چڱي طرح سمجهن، پر انهن ۾ نفرت ئي وڌندي رهي ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن قرآن ۾ ورائي ورائي ماڻهن کي سمجهايو آهي ته جيئن ڪو هوش ڌارين، پر رهندو وڃن ٿا حق کان اڃان به پري ڀڄندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان طرح طرح سان هن قرآن ۾ ماڻهن کي سمجهايو آهي ته جيئن هوش ۾ اچن اهي پر اهي پري ڀڄن پيا حق کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان ھن قرآن ۾ حق ڳالھ کي مختلف انداز ۾ بيان ڪيو آهي ته جيئن ھي ماڻهو سمجهه ڌارين پر (افسوس!) ان طريقي سان ته ھو ويتر حق کان پري ٿيندا وڃن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل لَو كانَ مَعَهُ ءالِهَةٌ كَما يَقولونَ إِذًا لَابتَغَوا إِلىٰ ذِى العَرشِ سَبيلًا (آيت : 42) |
(اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن ساڻس ٻيا معبود جھڙي طرح ھوندا آھن (تھڙي طرح) ھجن ھا ته اھي انھي دم عرش جي مالڪ ڏانھن (جنگ جي) واٽ طلبين ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئو ته جيڪڏهن الله سان گڏ ٻيا به معبود هجن ها جيئن هي ماڻهو چون ٿا ته پوءِ ضرور هيئن ٿئي ها جو اهي هڪدم عرش جي مالڪ خدا تائين (مقابلي ڪرڻ جي) راهه ڳولي ڪڍن ها (۽ ڪائنات ۾ فساد ۽ بگاڙو پئجي وڃي ها).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان مشرڪن کي فرمايو ته جيڪڏهن ٻيو معبود هجي ها ته جيئن اهي چون ٿا ته ان وقت اهو الله تعالى سان مقابو ڪري ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي پيغمبر) چئو ته سندن چوڻ موجب ان سان گڏ ٻيا معبود به هجن ها ته ان ئي وقت اهي عرش جي مالڪ تائين پهچڻ جو رستو ڳولين ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ جيڪڏهن هجن ها ان سان گڏ ڪي (ٻيا) معبود جيئن چون ٿا ته ان وقت البته طلب ڪن ها عرش واري ڏانهن رستو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) چؤ ته سندن چوڻ موجب جيڪڏهن ان سان گڏ ٻيا حاڪم هجن ها ته ان ئي وقت اهي (جنگ ڪرڻ لاءِ) عرش جي مالڪ تائين ڪو رستو ڳولين ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ جيڪڏهن اُن (الله) سان گڏ ٻيا به معبود هجن ها جيئن (مشرڪ) چون ٿا، ته ان ئي وقت اُهي عرش جي مالڪ تائين (جنگ ڪرڻ لاءِ)ڪو رستو ڳولن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو ساڻسِ، سائين جي هُئا، جِيئن مُورک چون مُور، تڏهن ته تخت ڌڻِيء ڏي، وَرتئون واٽ ضرور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته جيڪڏهن ان سان ٻيا به سائين هجن، جيئن اهي چون ٿا ته، ان حالت ۾ عرش جي ڌڻيءَ تائين رستو ڳولي ڪڍن ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته جيڪڏهن الله سان گڏ ٻيا به معبود هجن ها، جيئن اهي چون ٿا ته پوءِ اهي ضرور عرش جي مالڪ تائين پــُـڄڻ جي ڪوشش ڪن ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) کين چؤ جيڪڏهن الله سان ٻيا به الله هجن ها جيئن اهي چون ٿا، ته اهي ضرور ڪوشش ڪن ها ته عرش جي مالڪ جي جاءِ تي پهچن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي ﷴ ﷺ!) چؤ ته جيڪڏھن اللھ تعالى سان گڏ ٻيو ڪو معبود ھجي ھا جيئن انهن جو چوڻ آھي ته پوءِ ھو عرش واري وٽ پھچڻ جو ڪو رستو ضرور ڳولي ڪڍن ھا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَقولونَ عُلُوًّا كَبيرًا (آيت : 43) |
اھو پاڪ آھي ۽ جيڪي چوندا آھن تنھن کان وڏو (۽) مٿاھون آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن سڀني ڳالهين کان، جيڪي اهي ماڻهو چون ٿا خدا جي ذات پاڪ ۽ بلند آهي. بيحد بلند آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى پاڪ ۽ تمام مٿاهون ۽ بلند آهي انهن ڳالهين کان جيڪي مشرڪ چون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي بيهوده ڳالهيون اهي ماڻهو (خدا جي نسبت) چوندا آهن، اهو انهن کان گهڻو بلند ۽ پاڪ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پاڪ آهي ۽ مٿاهون ٿيو ان کان جو چون ٿا مٿاهون گھڻو (وڏو) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو پاڪ آهي ۽ جيڪي چون ٿا تنهن کان گهڻو بلند آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو پاڪ آهي ۽ انهن ڳالهين کان جيڪي اُهي چون ٿا گهڻو ئي مٿاهون آهي، برتر (۽) وڏو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَڪ تِنهن کان پاڪ ڌڻِي، جي ڪَهن ڪُوڙ فتور، هَمہ کان حُضور، ٿِيو مَٿاهون مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو جيڪي چون ٿا، الله ان کان پاڪ ۽ گهڻو بلند آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو ته پاڪ آهي ۽ تمام مٿانهون ۽ مٿي آهي، انهن ڳالهين کان جيڪي اهي ماڻهو ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پاڪ آهي اهو (الله) ۽ تمام مٿانهون ۽ بلند آهي انهن ڳالهين کان جيڪي اهي چئي رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اللھ تعالى جي ذات) پاڪ ۽ گهڻو بلند آھي انهن ڳالهين کان جيڪي ھو چون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تُسَبِّحُ لَهُ السَّمٰوٰتُ السَّبعُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا يُسَبِّحُ بِحَمدِهِ وَلٰكِن لا تَفقَهونَ تَسبيحَهُم إِنَّهُ كانَ حَليمًا غَفورًا (آيت : 44) |
ست آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي منجھن آھي سي ان جي پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ ڪا (به) شيء سندس ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪرڻ کانسواءِ نه آھي پر (اوھين) سندس تسبيح نه سمجھندا آھيو، بيشڪ اُھو بُردبار بخشڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ست ئي آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو به انهن ۾ آهي سڀ سندس پاڪائي ۽ شان ڳائي رهيا آهن. ڪابه شيءِ ڪانهي جا سندس حمد ۽ ثنا نه ڪري رهي هجي. پر توهان هنن جون ثنا گويون سمجهي نٿا سگهو. بيشڪ هو وڏو بردبار ۽ وڏو بخشيندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى لاءِ تسبيح ڪن ٿا ست آسمان ۽ زمينون ۽ جيڪي شيون انهن ۾ آهن، ۽ (مخلوقات مان) اهڙي ڪابه شيءِ ناهي مگر اها الله جي تعريف بيان ڪري ٿي پر توهان (اي مشرڪؤ) سندن تسبيح نٿا سمجھو، بيشڪ اهو نهايت بردبار بخشيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ست ئي آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو ڪجھ به انهن ۾ آهي سي (سڀ) سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا. ۽ (سموري جهان ۾) ڪا به شيءَ اهڙي نه آهي جيڪا سندس حمد سان گڏ پاڪائي بيان نٿي ڪري پر اوهين انهن جي پاڪائي بيان ڪرڻ کي نٿا سمجهو. بيشڪ اهو بردبار معاف ڪندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تسبيح ٿا پڙهن ان جي لاءِ آسمان ست ۽ زمين ۽ جيڪي ان ۾ آهي ۽ ناهي ڪا شيءِ مگر تسبيح ٿي پڙهي حمد ان جي سان ۽ پر نه ٿا سمجھو اوهان تسبيح انهن جي بيشڪ اهو آهي بردبار بخشڻهار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ست آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو به انهن ۾ آهي سي (سڀ) سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا. ۽ ڪابه شيءَ (اهڙي) نه آهي جا سندس تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان نه ٿي ڪري پر اوهين انهن جي پاڪائي بيان ڪرڻ کي نه ٿا سمجهو. بيشڪ اهو بردبار معاف ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان جي پاڪائي بيان ڪن ٿا ست آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجهه انهن ۾ آهي. ۽ ڪابه شيءِ اهڙي نه آهي جا سندس تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان نه ٿي ڪري پر اوهان انهن جي پاڪائي بيان ڪرڻ (جي ڪيفيت) نه ٿا سمجهو. بيشڪ اُهو (الله) بردبار بخشڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڙهن پاڪائـِي اُن جِي، ساراهِينِ سَتّار، سَت اُڀ، ۽ زمين پڻ، ۽ جيڪي مَنجھن جِنسار، ۽ ٿَر، بَر ۾، ناهي ٿوڪ ڪو، وَڻ، ٽِڻ مَنجھ وڻڪار، مگر سَندسِ ساراھ سان، ڳائـِين ڳُڻ نِبار، پَرَ نه پَرُوڙِين اُنهن جِي، تَسبِيح، تَند تار، بارِي کڻندڙ بار، مَرهِيندڙ سو مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ست ئي آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ۾ آهن، ان (الله ) جي پاڪائي بيان ڪري رهيا آهن ۽ ڪا شيءِ اهڙي نه آهي جا تعريف سان پاڪائي بيان نه ڪندي هجي، مگر اوهين انهن جي تسبيح کي سمجهو نٿا_ اهو وڏو حليم (بردبار) ۽ بخشيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندس پاڪائي ته ست ئي آسمان ۽ زمين ۽ منجهن موجود سموريون شيون بيان ڪن ٿيون، اهڙي ڪابه شيءِ ناهي جيڪا سندس ساراهه سان گڏ سندس تسبيح نه ڪندي هجي، پر توهان سندن تسبيح سمجهي نٿا سگهو. حقيقت اها آهي ته هو ڏاڍو بردبار ۽ بخشڻهار آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سندس پاڪائي ته ست آسمان بيان ڪن پيا ۽ زمين ۽ اهي شيون، ۽ جيڪي انهن ۾ آهن، ۽ ان ۾ ڪابه اهڙي شيءِ نه آهي جيڪا سندس ساراهه سان گڏ ان جي پاڪائي بيان نه ڪندي هجي، پر توهان نٿا سمجهو انهن جي تسبيح کي، حقيقت اها آهي ته اهو وڏو بُردبار بخشڻهار آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ستن آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي ۾ جيڪي شيون موجود آھن سي سڀ اللھ تعالى جي پاڪيزگي بيان ڪن ٿيون ۽ ڪابه اھڙي شيءِ نه آھي جيڪا ھُن جي حمد سان گڏ تسبيح بيان نه ڪندي ھجي پر توھان انهن جي تسبيح کي نٿا سمجهي سگهو. بيشڪ ھو وڏو بُردبار ۽ وڏو معاف ڪندڙ آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ جَعَلنا بَينَكَ وَبَينَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ حِجابًا مَستورًا (آيت : 45) |
۽ جڏھن (تون) قرآن پڙھندو آھين (تڏھن) تنھنجي وچ ۾ ۽ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جي وچ ۾ (اسين) لڪل پردو ڪندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) جڏهن تون قرآن ٿو پڙهين تڏهن تنهنجي ۽ انهن ماڻهن جي وچ ۾ جيڪي آخرت ۾ يقين نٿا رکن اسان هڪ لڪل پردو وجهي ٿا ڇڏيون (يعني خدا جو اهو قانون آهي ته اهڙن ماڻهن ۽ حق جي صدا جي وچ ۾ هڪ اهڙو پردو اچي وڃي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي جڏهن توهان قرآن ڪريم پڙهو ٿا ته اسان توهان ۽ انهن ماڻهن جي وچ ۾ مخفي پردو رکايو آهي جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن تون قرآن پڙهين ٿو ته اسين تنهن جي وچ ۽ جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃين تن جي وچ ۾ هڪ پردو وجهي ڇڏيون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن پڙهين ٿو تون قرآن ته ڪيوسون تنهنجي وچ ۾ ۽ انهن جي وچ ۾ جيڪي نه ٿا ايمان آڻين آخرت تي پردو لڪل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن تون قرآن پڙهين ٿو ته اسين تنهنجي وچ ۾ ۽ جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃين تن جي وچ ۾ لڪل پردو وجهون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن تون قرآن پڙهين ٿو ته اسان تنهنجي ۽ انهن ماڻهن جي وچ ۾ جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا رکن هڪ لڪل پردو وجهون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهين پڙهِين قُرآن، ته ڪيوسون تو ۽ تِن وِچان، نه آڻِين، جي اِيمان، پَردو مخفِي مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن تون قرآن پڙهين ٿو، ته اسين تنهنجي ۽ آخرت کي نه مڃيندڙن جي وچ ۾ هڪ پردو آڏو ڪريون ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن تون قرآن پڙهندو آهين ته اسان تنهنجي ۽ آخرت تي ايمان نه آڻيندڙن جي وچ ۾ پردو اوٽ ڪري ڇڏيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن تون پڙهندو آهين قرآن ته اسان ڪري ڇڏيندا آهيون تنهنجي ۽ آخرت تي ايمان نه آڻڻ وارن جي وچ ۾ هڪ اوٽ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) جڏھن توهان قرآن شريف جي تلاوت ڪريو ٿا ته اسان تنھنجي ۽ آخرت جي انڪارين جي وچ ۾ هڪ پردو وجهي ڇڏيون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِذا ذَكَرتَ رَبَّكَ فِى القُرءانِ وَحدَهُ وَلَّوا عَلىٰ أَدبٰرِهِم نُفورًا (آيت : 46) |
۽ ان جي سمجھڻ کان سندن دلين ۾ پردو ۽ سندن ڪَنن ۾ گھٻرائي وجھندا آھيون، ۽ جڏھن پنھنجي ھڪڙي پالڻھار کي قرآن ۾ ياد ڪرين ٿو تڏھن نفرت ڪري پنھنجين پُٺين (ڀرپوءِ) تي موٽندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هنن جي دلين تي پردا وجهي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري هو ان کي (يعني قرآن کي يا حق کي) سمجهڻ جي قابليت وڃائي ويٺا آهن، ۽ سندن ڪنن ۾ ٻوڙاڻ پيدا ڪري ڇڏي آهي، (جنهن ڪري ڪجهه به ٻڌي نٿا سگهن) ۽ جڏهن توهان قرآن ۾ اڪيلي هڪ خدا جو ذڪر (۽ بيان) ٿو ڪرين (۽ هي ماڻهو پنهنجي ٺهرايل شريڪن جو بيان ان ۾ ڪونه ٿا ڏسن) تڏهن هو پٺي ڏيئي نفرت ۾ ڀرجي ڀڄڻ لڳن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن جي دلين تي پردا رکيا آهن ته متان اهي قرآن ڪريم سمجھن ۽ انهن جي ڪنن ۾ ڳراڻ آهي، ۽ رسولِ عربي توهان جڏهن قرآن ڪريم ۾ هڪ الله تعالى جو ذڪر ڪريو ٿا ته اهي نفرت کان پُٺِي ورائي ڀڄن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ڄڻ ته) اسين سندن دلين تي پردا وجهون ٿا ته ان کي نه سمجهن ۽ ڄڻ ته سندن ڪنن ۾ ٻوڙائي (وجهون ٿا) ۽ جڏهن تون قرآن ۾ پنهنجي پروردگار جو اڪيلو ذڪر ڪرين ٿو ته نفرت سان پنهنجي پٺين ڀر ڀڄن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪياسون دلين انهن جي تي پردا هن ڳالھ تان جو سمجھن ان کي، ۽ ڪنن انهن جي ۾ گھٻرائي ۽ جڏهن ياد ڪيو تو رب پنهنجي کي قرآن ۾ اڪيلو اهو ته ڦريا پٺين پنهنجين ڏانهن نفرت ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسين سندن دلين تي پردا وجهون ٿا ته متان ان کي سمجهن ۽ سندن ڪنن ۾ ٻوڙائي (وجهون ٿا). ۽ جڏهن تون قرآن ۾ پنهنجي اڪيلي پاليندڙ جو بيان ڪرين ٿو ته ٽهي پنهنجي پٺين ڀر ڀڄن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن جي دلين تي پردو وجهون ٿا ته جيئن ان کي سمجهي (نه) سگهن ۽ سندن ڪنن ۾ ٻوڙائي آهي. ۽ جڏهن تون قرآن ۾ پنهنجي اڪيلي پالڻهار جو ذڪر ڪرين ٿو ته اُهي نفرت ڪندي پٺي ورائي ڀڄن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪيوسونِ ڍَڪ قلبن تي، ته پروڙينسِ پاڻ، ۽ ٻِي جاپڻ ٻوڙان، ڪيئ سونِ ڪَنن ۾. ۽ جڏهن ڪئـِي تو قرآن ۾، اُن هِڪڙي جِي پَچار، ته ڀڳاٿِي بيزار، پُٺيَنِ مَٿي پانهنجي(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسين سندن دلين تي پردو وجهون ٿا، ته هو ان کي (نه) سمجهن ۽ سندن ڪنن کي ڳرو ڪريون ٿا_ ۽ جڏهن تون قرآن ۾ رڳو پنهنجي هڪڙي ڌڻيءَ جو ذڪر ڪرين ٿو ته، هو نفرت ڪري پٺ ڏيئي هليا وڃن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سندن دلين تي اهڙو پوش چاڙهي ڇڏيندا آهيون، جو هو ڪجهه به نه سمجهي سگهندا آهن ۽ سندن ڪنن ۾ به ٻوڙاڻ وجهي ڇڏيندا آهيون ۽ جڏهن تون قرآن ۾ پنهنجي هڪڙي ئي رب جو ذڪر ڪندو آهين ته هو نفرت کان کڻي پٺي ڏيندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ وجهندا آهيون انهن جي دلين تي هڪ پردو، جو اهي ڪجهه به نه سمجهندا آهن ۽ ڪريون ٿا پئدا سندن ڪنن ۾ هڪ ڳوراڻ، ۽ جڏهن تون ذڪر ڪرين ٿو پنهنجي رب جو قرآن ۾ هڪ رب جي طور، ته اهي ڦيرائي ڇڏين ٿا نفرت سان پنهنجا منهن ٻئي طرف(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان سندن دلين تي اھڙا ته پردا وجهي ڇڏيا آهن ته جيئن ھو ڪجهه به نه سمجهي سگهن ۽ (انھن جي) ڪنن کي حق ڳالھ ٻڌڻ کان ٻوڙو ڪري ڇڏيندا آھيون ۽ جڏھن به توهان قرآن شريف ۾ پنھنجي پالڻھار جي وحدانيت جو ذڪر ڪريو ٿا ته ھي ماڻهو نفرت وِچان منھن ڦيرائي ڇڏين ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَستَمِعونَ بِهِ إِذ يَستَمِعونَ إِلَيكَ وَإِذ هُم نَجوىٰ إِذ يَقولُ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 47) |
(اي پيغمبر) جنھن مھل توڏانھن ڪن ڏيئي جنھن (ٺـٺولي ڪرڻ جي ارادي) سان (قرآن کي) ٻڌندا آھن ۽ جنھن مھل ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن جڏھن ظالم چوندا آھن ته (اوھين) رڳو جادو ڪيل مڙس جي تابعداري ڪريو ٿا (تنھن مھل سندين انھن ڳالھين کي) چڱي طرح ڄاڻندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ته ڪيئن ۽ ڇو اهي ماڻهو ٻڌن ٿا، جڏهن تنهنجي طرف ڪن لڳائين ٿا ۽ پڻ (چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا) جيڪي هو هڪ ٻئي کي ڪنن ۾ مخفيءَ طرح چون ٿا. هو ظالم چون ٿا ته جنهن ماڻهو (يعني پيغمبرﷺ) جي پٺيان لڳا آهيو، سو سواءِ هن جي ٻيو ڇا آهي ته مٿس ڪو جادو ڪيل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان کي بخوبي معلوم آهي ته اهي قرآن ڇا لاءِ ٻڌن ٿا (مذاق لاءِ) جنهن وقت اهي توهان ڏانهن ڪن لڳائن ٿا ۽ ان وقت اهي پاڻ ۾ خفيه مشورا ڪن ٿا (يعنى) ان وقت اهي ظالم (پاڻ ۾) چون ٿا نٿا تابعداري ڪريو توهان مگر هڪ جادو ٿيل مرد جي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن اهي تنهنجي ڳالھ ڪن لائي ٻڌن ٿا ته جنهن (ارادي) سان ٻڌن ٿا تنهن کي اسين چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ۽ جڏهن اهي پاڻ ۾ ڳجهيون صلاحون ڪن ٿا ته ان وقت اهي ظالم (ايماندارن کي) چون ٿا ته اوهين رڳو اهڙي شخص جي پيروي ڪريو ٿا جنهن تي جادو ڪيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيون جو ڪن ڏيئي ٻڌن ٿا ان کي جڏهن ڪن ڏيئي ٻڌن ٿا توڏانهن ۽ جڏهن اهي لڪل مشورو ڪندڙ آهن جڏهن چون ٿا پيا ظالم ته نه ٿا تابعداري ڪيو مگر مڙس جادو ڪيل جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) جنهن وقت اهي تنهنجي ڳالهه ڪن لائي ٻڌن ٿا جنهن (ارادي) سان ٻڌن ٿا تنهن کي اسين چٽي طرح ڄاڻندڙ آهيون. ۽ جڏهن اهي ڳجهيون صلاحون ڪن ٿا جنهن مهل ظالم چون ٿا ته اوهين رڳو اهڙي شخص جي پيروي ڪريو ٿا جنهن تي جادو ڪيل آهي (تن ڳالهين کي به وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيون) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا اُهي جنهن مقصد لاءِ ڌيان سان ٻڌن ٿا ۽ جڏهن اُهي توڏانهن ڪن لائن ٿا ۽ جڏهن اُهي ڳجهيون صلاحون ڪن ٿا جنهن مهل ظالم چون ٿا ته: ”توهان ته فقط اهڙي شخص جي پيروي ڪيو ٿا جنهن تي جادو ٿيل آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسِين سَمجھون، سُڻن جا، جڏهن ڪَن ڏيئـِي، توڏي ڳالھ، ۽ جڏهن ڳُجھو ڳَرِهين پاڻ ۾، هِڪ ٻئي ساڻ حال، ظالِم جڏهن زبان سان، پِيا چون اِهڙيء چال، ته لَڙھ نه لڳا لالَ! ڪِنهن ڪامڻ هورٖي ڪانڌرٖي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين انهيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا جڏهن هو توڏانهن ڪَن ڏين ٿا ۽ جڏهن هو ڳجهيون صلاحون ڪن ٿا_ جڏهن ظالم چون ٿا ته ”اوهين ته هڪ جادو ٿيل ماڻهوءَ پٺيان ٿا لڳو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسانکي خبر آهي ته جڏهن جو هو ڪن ڏيئي تنهنجي ڳالهه ٻڌندا آهن، ته اهو ڇا ٻڌندا آهن ۽ جڏهن ويهي پاڻ ۾ ســُـس پــُـس ڪندا آهن ته ڇا چوندا آهن. اهي ظالم پاڻ ۾ چوندا آهن ته اهو ته جادو ڪيل شخص آهي جنهن جي پٺيان توهان پيا ٿا هلو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان کي معلوم آهي جڏهن اهي ڪن لائي تنهنجون ڳالهيون ٻڌن ٿا ته اهي اصل ۾ ڇا ٻڌندا آهن جڏهن اهي گڏجي ويهي پاڻ ۾ سُس پُس ڪن ٿا ته چوندا آهن، اهي ظالم پاڻ ۾ ته جنهن جي پويان توهان لڳا آهيو اهو ماڻهو جادو ڪيل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) اسان کي انهن جي سڀ خبر آھي ته ھو توڏي ڪن لڳائي ڇا پيا ٻڌن ۽ وري اڪيلائي ۾ ويھي ڳجهين صلاحن ۾ ھي ظالم چون ٿا ته توھان اھڙي ماڻهوءَ جو ساٿ ڏيو ٿا جنھن جي مٿان جادو ٿيل آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثالَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 48) |
ڏس ته تولاءِ ڪھڙا مٿال ڏيندا آھن پوءِ گمراھ ٿيا تنھنڪري سڌي واٽ لھي نه سگھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ڏس ته هنن ماڻهن تنهنجي باري ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ٺاهيون آهن، جن جي ڪري گمراهيءَ ۾ پئجي ويا آهن، تنهن ڪري هو هاڻي سنئين واٽ لهي نٿا سگهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان ڏسو ته اهي توهان لاءِ ڪهڙا مثال ڏين ٿا پوءِ اهي گمراه ٿيا پوءِ انهن کي ڪا واٽ هٿ نه ايندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ڏس ته انهن (ڪمبختن) تو لاءِ ڪهڙا مثال بيان ڪيا اٿن پوءِ اهڙا گمراھ ٿيا آهن جو رستو لهي نه ٿا سگهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڏس ته ڪهڙي نموني هنيائون تولاءِ مثال پوءِ گمراھ ٿيا پوءِ نه وٺي سگھندا (سڌي) واٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڏس ته تو لاءِ ڪهڙا مثال بيان ڪيا اٿن پوءِ گمراهه ٿيا آهن جو رستو نه ٿا لهي سگهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڏس ته تنهنجي لاءِ ڪهڙا مثال ڏين ٿا؟ سو اهي گمراهه ٿي ويا پوءِ راهه نه ٿا لهي سگھن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِس، ته ڏِنائون ڪِهڙا، تولئي مِير! مِثال، ڀليا، پوءِ بي حال، نه لَهنِ مارڳ ماڳ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڏس، ته هو تولاءِ ڪهڙا ڪهڙا مثال ٿا ڏين! پوءِ هو گمراهه ٿي ويا، ان ڪري واٽ لهي نه سگهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏس ته ڪهڙيون ڳالهيون ٿا اهي توتي ٿاڦين. اهي ته رستي کان ٿــڙي ويا آهن، انهن کي رستو هٿ ئي نه ايندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏس! (اي نبي!) ڪهڙيون آهن ڳالهيون جيڪي اهي توتي مڙهي رهيا آهن، اهي ته گمراهه ٿي ويا آهن، کين رستو ئي نٿو ملي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ڏسو ته! ھي تنھنجي لاءِ ڪھڙي قسم جا مثال بيان ڪن ٿا. حقيقت ھي آھي ته ھي ماڻهو گمراهه ٿي چڪا آھن سو انهن کي سڌي واٽ ملي ئي نٿي سگهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 49) |
۽ چوندا آھن ته جڏھن اسين (مري ڳري) ھڏا ۽ ذرا ذرا ٿينداسين (تڏھن) اسين وري نوان بڻجي اٿنداسين ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏس) هو چون ٿا ته جڏهن اسان (مرڻ بعد) فقط هڏيون وڃي رهنداسين ۽ ڳري سڙي وينداسين تڏهن وري ائين ڪيئن ٿي سگهندو جو نئين سر (جيئرا ڪري) اٿاريا وينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي چون ٿا ته ڇا جڏهن اسين (مري) مٽي ٿي وينداسين ڇا اسين ان وقت نئين سر پيدا ٿينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ماڻهو چون ٿا ته جڏهن اسان جون مرڻ کان پوءِ (ڳري سڙي) هڏيون بچنديون ۽ ذرا ذرا ٿي وينديون ته ڇا وري نئين سر پيدا ڪري اٿاريا وينداسون؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته ڇا جڏهن هونداسون هڏا ۽ ذرا ڇا يقينًا اسين البته اٿاريل آهيون پيدائش نئين.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته ڇا (ان وقت) جڏهن اسين هڏا ۽ ڳريل عضوا ٿينداسون اسان کي نئون پيدا ڪري اٿاريو ويندو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چيائون ته: ”ڇا جنهن وقت اسان (مرڻ بعد) هڏيون ۽ ذرا ذرا ٿي وينداسين ته ڇا اسان کي نئين سر پيدا ڪري اٿاريو ويندو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڪِ مُئاسُون جنهن مَهل ۾ ۽ هُونداسون هَڏ چُور، ته نَئـِين جوڙ ۾ ضرور، اَسين ڪِ اُٿنا آهيون؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چون ٿا ته ”ڇا، جڏهن اسين مري ۽ ذرا ٿي وينداسين، اسين نئين سر جيئرا ٿي اٿنداسين؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چون ٿا ته "جڏهن اسان هڏا ۽ خاڪ ٿي وينداسون ته ڇا وري نئين سر پيدا ڪري اٿاريا وينداسون؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي چوندا آهن ته، جڏهن اسان هڏا ۽ مٽي ٿي وينداسين ته (ڇا) اسان نئين سر وري پئدا ڪري اٿاريا وينداسين؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو اھو به چون ٿا ته اسان مرڻ کان پوءِ جڏھن ھڏيون ۽ مٽي ٿي وينداسين ته ڇا اسان کي ٻيھر نئين سر پيدا ڪري اٿاريو ويندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل كونوا حِجارَةً أَو حَديدًا (آيت : 50) |
چؤ ته پھڻ ٿيو يا لوھ ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تون کين چئه ته، هائو! توهان (مرڻ بعد ڪجهه به ٿي وڃو) پٿر ٿي وڃو، لوهه ٿي وڃو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو ها! پٿر يا لوهه ٿي وڃو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) چوين ته اوهين (مرڻ کان پوءِ) چاهي پٿر ڇو نه بڻجو يا لوھ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته ٿي پئو پٿر يا لوھ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (کين) چو ته اوهين پٿر ٿيو يا لوهه (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ: ”توهان پٿر ٿيو يا لوهه.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، پَٿر، يا لوه بَنو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ”کڻي پٿر ٿيو يا لوهه. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته "توهان کڻي پٿر يا لوهه به ٿي پئو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) کين چؤ (اي نبي!) توهان ڀلي پٿر ٿي وڃو يا ڪه لوهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون چوينِ ته (ھائو!) توھان پٿر به ٿي وڃو يا لوه به ٿي وڃو (ته به توھان نئين سر پيدا ڪيا ويندا) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو خَلقًا مِمّا يَكبُرُ فى صُدورِكُم فَسَيَقولونَ مَن يُعيدُنا قُلِ الَّذى فَطَرَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ فَسَيُنغِضونَ إِلَيكَ رُءوسَهُم وَيَقولونَ مَتىٰ هُوَ قُل عَسىٰ أَن يَكونَ قَريبًا (آيت : 51) |
يا پنھنجين دلين ۾ جيڪا (ٻي) وڏي خلق ڀائيندا آھيو (سا ٿيو ته به اٿندؤ)، پوءِ سگھوئي چوندا ته ڪير اسان کي وري جياريندو؟ چؤ ته جنھن اوھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيو (سو جياريندو)، پوءِ توڏانھن پنھنجو ڪنڌ لوڏيندا ۽ چوندا ته اھو ڪڏھن ٿيندو؟ چؤ ته اميد آھي ته سگھو ٿيڻو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا ڪا ٻي شيءِ ٿي وڃو جا توهان جي خيال ۾ (ٻيهر زنده ٿيڻ لاءِ) تمام سخت هجي، (ته به الله جي قدرت اوهان کي ٻيهر زنده ڪندي) هي ٻڌي هو چوندا ته ڪير آهي جو اهڙيءَ طرح اسان کي ٻيهر جيئاري ڇڏيندو. تون کين چئو ته اهو ئي (الله) جنهن اوهان کي پهريائين پيدا ڪيو (سوئي اوهان کي ٻيهر جيئاري اٿاريندو) تنهن تي اهي ماڻهو تنهنجي اڳيان ڪنڌ ڌوڻيندا ۽ چوندا ته، ائين ڪڏهن ٿيندو؟ تون چئو ته، عجب ناهي ته ان جو وقت ويجهو هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا ٻي ڪا مضبوط شيءِ ٿي پؤ جيڪا توهان جي ذهن ۾ هجي، پوءِ فوراً اهي چوندا ته اسان کي ٻيهر حياتي ڪير ڏيندو، رسولِ عربي توهان فرمايو توهان کي اهو الله پيدا ڪندو جنهن توهان کي پهرين دفعي پيدا ڪيو، پوءِ اهي توهان ڏانهن ڪنڌ کڻي چوندا ته ڀلا ايئن ڪڏهن ٿيندو، رسولِ عربي توهان فرمايو ته عنقريب ايئن ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا ٻي ڪا شيءِ جيڪا اوهان جي خيال ۾ (سخت ۾) سخت هجي (۽ ان جو جيئرو هجڻ ڏکيو هجي اها به ضرور جيئري ٿيندي) ته پوءِ اهي ماڻهو تو کان پڇندا ته (ڀلا) اسان کي ٻيو ڀيرو ڪير جيئرو ڪندو. تون کين چئو ته اهو خدا جنهن اوهان کي پهريون ڀيرو پيدا ڪيو (جڏهن اوهين ڪجھ به نه هئا) پوءِ تنهنجي اڳيان ڪنڌ لوڏيندا! ۽ چوندا ته اهو ڪڏهن ٿيندو؟ تون چوين ته اميد آهي ته جلد ئي ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا مخلوق ان مان وڏي ٿي لڳي سينن اوهان جن ۾ پوءِ عنقريب چوندا ته ڪير وري پيدا ڪندو اسان کي فرماءِ ته: اهو (الله) جنهن پيدا ڪيو اوهان کي پهرئين ڀيري پوءِ جلد لوڏيندا توڏانهن مٿا پنهنجا ۽ چوندا ته ڪڏهن آهي اهو؟ فرماءِ ته: اميد آهي ته هوندو ويجھو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ٻي ڪا مخلوق جيڪا اوهان جي دلين ۾ وڏي ڏسڻ ۾ اچي، پوءِ چوندا ته ڪير اسان کي (مرڻ کانپوءِ) موٽائي آڻيندو؟چو ته (اُهو) جنهن اوهان کي پهرين ڀيري پيدا ڪيو. پوءِ تنهنجي اڳيان ڪنڌ لوڏيندا ۽ چوندا ته اهو ڪڏهن ٿيندو؟ چو ته اُميد آهي ته جلد ئي ٿئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا ڪا اهڙي مخلوق جا اوهان جي دلين ۾ (اڃا وڌيڪ) سخت معلوم ٿئي“. (ته به دوبارو اٿاريا ويندئو) وري سگھوئي پڇندا ته (مرڻ بعد) ”اسان کي وري زنده ڪيرڪندو“؟ چؤ: ”اُها ذات جنهن اوهان کي پهريون ڀيرو پيدا ڪيو هيو“. پوءِ اُهي جلد تنهنجي اڳيان (انڪار ۽ ٺٺول طور) ڪنڌ لوڏيندا ۽ چوندا ته: ”ڀلا اُهو ڪڏهن ٿيندو“؟ چؤ: ”اميد آهي ته اُهو جلد ئي ٿي ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ياتِنهن مان، بنوبَحال، سَمجھن سِينا اوهان جا، جنهن کي ڪَٺڻ ڪُلال! ڪير موٽائـِينِئون مُورِهين، سِگھو ڪن سوال؟ چئو، جنهن پَهرِين پُور ۾، جوڙيا جَلَّ جَلال، پوءِ سِگھو سَندنِ سِينون، توڏي لوڏِيندا لال!، چي، ڪَڏهن اِهو احوال؟ چئو اُميد، ته آهي اوڏڙو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا ڪا ٻي مخلوق ٿيو، جا اوهان جي دل ۾ تمام وڏي هجي، ته هو پڇندا ته ”ڪير اسان کي وري جياريندو؟“ چئو ته ”اهو جنهن اوهان کي پهرين پيدا ڪيو هو!“ ته وري اهي توکان پنهنجو مٿو لوڏي پڇندا ”ائين ڪڏهن ٿيندو؟“ چئو ” عجب نه آهي جو اها ڳالهه ويجهو هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا اڃان به ڪا اهڙي سخت شيءِ جا توهان جي خيال ۾ زندهه ٿي ئي نه سگهندي هجي". (تڏهن به توهان ضرور وري اٿڻا آهيو). اهي ضرور پڇندا ته "ڀلا اهو آهي ڪير جيڪو اسانکي وري جيئاريندو؟" جواب ڏين ته "اهوئي جنهن توهانکي پهرئين ڀيري پيدا ڪيو هو"، هو ڪنڌ ڌوڻي پڇندا ته "ڀلا اهو ٿيندو ڪڏهن؟" چوين ته "ڪهڙي خبر ته اهو وقت اچي سڻائو ئي ٿيو هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا ان کان به وڌيڪ سخت شيءِ جيڪا توهان جي ذهن ۾ حياتي قبولڻ کان پري هجي (پوءِ به ضرور اٿندؤ)، اهي ضرور پڇندا اهو ڪير آهي جيڪو وري حياتي ڏيندو؟ تون جواب ۾ چؤ، اهو ئي پهرين به جنهن توهان کي پئدا ڪيو. اهي وري مٿا لوڏيندي پڇندا ته، چڱو اهو ٿيندو ڪڏهن؟ تون چؤ ته، ڪهڙو عجب ته اهو وقت ويجهو ئي هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا توھان جي نظر ۾ ان کان به وڌيڪ ڪا سخت شيءِ ھجي (جيئن هيرو يا الماس وغيره ته به ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريو ويندو) پوءِ ھي ماڻهو توکان ضرور پڇندا ته اسان کي ڪير ٻيھر موٽائيندو؟ کين ٻڌايو ته اُھا ھستي توھان کي ٻيھر موٽائيندي جنھن توھان کي پھرين ڀيري پيدا ڪيو ھو. پوءِ ھو پنھنجو ڪنڌ ڌوڻي چوندا ته ڀلا اھو معاملو ڪڏھن ٿيندو؟ کين ٻڌايو ته ٿي سگهي ٿو ته اھو وقت جلد اچي وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يَدعوكُم فَتَستَجيبونَ بِحَمدِهِ وَتَظُنّونَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا (آيت : 52) |
جنھن ڏينھن الله اوھان کي سڏيندو (تنھن ڏينھن) اوھين سندس ساراہ ڪندي ورندي ڏيندؤ ۽ ڀائيندؤ ته ٿوروئي وقت رھيا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن الله تعاليٰ اوهان کي سڏيندو ۽ اوهان سندس حمد ڪندي سندس سڏ جو جواب ڏيندؤ، ۽ اوهان ڀانئيندؤ ته، (ٻنهي زندگين جي وچ ۾) توهان جيڪو وقت گذاريو (سو گهڻو ڪين هو) ٿورڙو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن الله توهان کي پڪاريندو پوءِ توهان الله جي حمد سان (حڪم جي) تعميل ڪندا ۽ توهان ڀائيندا ته اسين ٿورو وقت رهياسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن اوهان کي خدا (اسرافيل جي ذريعي) سڏيندو ته سندس حمد ۽ ثنا ڪندي ان جي تعميل ڪندو (۽ قبرن مان نڪرندو) ۽ اوهين خيال ڪندو ته (مرڻ کان پوءِ قبرن ۾) تمام ٿورو ترسياسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن سڏيندو اوهان کي پوءِ حڪم قبول ڪندؤ حمد ان جي سان ۽ گمان ڪندؤ اوهان ته نه رهيئو مگر ٿورو وقت.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن اوهان کي سڏيندو پوءِ اوهين سندس تعريف ڪندا هليا ايندو ۽ خيال ڪندو ته اوهين ٿورو ئي وقت رهيا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن اُهو اوهان کي سڏيندو ته اوهان ان جي سڏ کي قبول ڪري ان جي ساراهه ڪندي حاضر ٿيندئو ۽ اوهان خيال ڪندؤ ته (دنيا ۾) تمام ٿورڙو رهيا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن ڏينهن جَلَّ جَلالہٗ، ڪندو اوهان کي سَڏ، پوءِ قبول ڪري اُٿندا، سَندسِ ساراه گڏ، ۽ ڀائـِيندا نه هُئاسون هَڏ، مَنجھ دُنيا ٿورِي دير ري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن الله اوهان کي سڏيندو ۽ اوهين ان جي تعريف ڪندي سندس حڪم مڃيندؤ يا ڀائيندؤ ته اوهين تمام ٿورو وقت رهيا هيؤ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن هو توهان کي سڏيندو ته موٽ ۾ توهان سندس ساراهه ڪندا نڪري ايندؤ ۽ ان وقت توهان ائين سمجهندا هوندؤ ته توهان ته بس ڪا ٿورڙي گهڙي پلڪ ائين رهيا آهيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن اهو توهان کي پڪاريندو ته توهان سندس ساراهه ڪندي (سڏ جي جواب ۾ نڪري ايندؤ) ۽ گمان ڪندؤ ته اسين ائين رهياسين ٿوري دير لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھا ڳالھ ان ڏينھن ٿيندي جڏھن (توھان جو پالڻھار) توھان کي سڏيندو ته جواب ۾ توھان ان جي تعريف ڪندي نڪري ايندا ۽ ان وقت اھو گمان ڪندا ته توھان تمام ٿورو وقت ئي دنيا ۾ رھيا ھئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقُل لِعِبادى يَقولُوا الَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ الشَّيطٰنَ يَنزَغُ بَينَهُم إِنَّ الشَّيطٰنَ كانَ لِلإِنسٰنِ عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 53) |
۽ (اي پيغمبر) منھنجن ٻانھن کي چؤ ته (ڪافرن سان) بلڪل چڱي (ڳالھ) چوندا رھن، ڇوته شيطان سندن وچ ۾ جھيڙو وجھندو آھي، ڇوته شيطان ماڻھو جو پڌرو ويري آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) منهنجي ٻانهن کي چئي ڇڏ (يعني انهن کي جن ايمان آندو آهي ته مخالفن سان گفتگو ڪندي) جيڪا ڳالهه چئو سا اهڙي چئو جا سهڻي ۽ وڻندڙ هجي (نه نفرت يا دشمني پيدا ڪندڙ). شيطان ماڻهن جي وچ ۾ فساد وجهي ٿو (جيڪڏهن هو گاريون يا اڻ وڻندڙ لفظ ڪم آڻين ٿا) يقيناً شيطان انسان جو چٽوپٽو دشمن آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان مؤمنن کي فرمايو ته ڪافرن سان سهڻو ڳالهائن، بيشڪ شيطان انهن جي وچ ۾ فساد پيدا ڪري ٿو، بيشڪ شيطان، انسان جو صاف دشمن آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) منهنجي (سچن) ٻانهن (مومنن) کي چئو ته اهي (ڪافرن سان) ڳالهائين ته چڱي نموني ۾ (سخت ڪلامي نه ڪن) ڇو ته شيطان ته (اهڙين ئي) ڳالهين سان فساد وجهائيندو آهي. ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته شيطان انسان جو ظاهر دشمن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چئو منهنجن ٻانهن کي ته ڳالهائين اهو جيڪو گھڻو سهڻو آهي بيشڪ شيطان جھيڙو ٿو وجھي انهن ۾ بيشڪ شيطان آهي انسان جي لاءِ دشمن پڌرو، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تون منهنجن ٻانهن کي چو ته (ڪافرن کي) اها ڳالهه چون جا چٽي آهي. بيشڪ شيطان سندن وچ ۾ جهڳڙو پيدا ڪري ٿو. بيشڪ شيطان انسان جو ظاهر دشمن آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي نبي) منهنجي ٻانهن کي چؤ ته اُهي اهڙيون ڳالهيون ڪن جي سڀ کان بهتر هجن. بيشڪ شيطان انهن جي وچ ۾ جهڳڙو پيدا ڪري ٿو. بلاشڪ شيطان انسان لاءِ کليل دشمن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻول، سَندمِ ٻانهن کي، مُرسل مِهربان! ته ٻولِين ٻول سو، جو بِهتر بي گمان، تن وِچ ڪَٽر ٿو وِجھي، شامتِي شيطان، شيطان لئي اِنسان، دُشمن ڌُرانئـِي پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون منهنجي ٻانهن کي چئو، ته هو اهڙي ڳالهه چون جا بهتر هجي_ شيطان ته ماڻهن ۾ فساد وجهارائي ٿو_ بيشڪ شيطان انسان جو پڌرو دشمن آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! منهنجي (مؤمن) ٻانهن کي چؤ ته ڳالهائن اهو جيڪو سهڻو هجي. دراصل شيطان ته انهن جي وچ ۾ بغض پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، اها ته حقيقت آهي ته شيطان انسان جو کليو کلايو دشمن آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) منهنجي مؤمن بندن کي چئي ڇڏ ته واتان سُٺي ڳالهه ڪڍن، بيشڪ شيطان ئي انسانن ۾ وڳوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، حقيقت ۾ شيطان انسان جو وڏي ۾ وڏو دشمن آهي سڌو سنئون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) منھنجي ٻانھن کي ٻڌايو ته توھان ڳالھائڻ ۾ سھڻا لفظ استعمال ڪندا ڪريو. بيشڪ شيطان ته ماڻهن جي وچ ۾ (زبان جي ذريعي) فساد وجهرائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ۽ شيطان انسان جو پڌرو دشمن آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبُّكُم أَعلَمُ بِكُم إِن يَشَأ يَرحَمكُم أَو إِن يَشَأ يُعَذِّبكُم وَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 54) |
اوھان جو پالڻھار اوھان کي چڱي طرح ڄاڻندو آھي، جيڪڏھن وڻيس ته اوھان تي ٻاجھ ڪري ۽ جيڪڏھن وڻيس ته اوھان کي عذاب ڪري، ۽ اسان توکي مٿن وڪيل ڪري نه موڪليو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان جو پروردگار ئي توهان جو حال چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. هو چاهي ته اوهان تي رحم ڪري ۽ چاهي ته عذاب ۾ وجهي ۽ (اي پيغمبر!) اسان توکي هنن ماڻهن جو نگهبان ڪري ڪونه موڪليو آهي. (تون سندن هدايت نه وٺڻ لاءِ جوابدار ڪونه آهي.).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى توهان کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو، جيڪڏهن چاهي ته توهان تي رحم ڪري ۽ جيڪڏهن چاهي ته توهان تي عذاب ڪري، ۽ رسولِ عربي اسان توهان کي انهن جي مٿان نگران ڪري نه موڪليو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان جو پروردگار اوهان جي حال کان چڱيءَ طرح واقف آهي. جي گهرندو ته اوهان تي عذاب ڪندو. ۽ (اي رسول) اسان تو کي ڪو انهن ماڻهن جو ذمه دار (ته) بنائي ڪو نه موڪليو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رب اوهان جو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي اوهان کي جيڪڏهن چاهيندو ته رحم ڪندو اوهان تي يا جيڪڏهن گھرندو ته عذاب ڪندو اوهان تي ۽ نه موڪليوسون توکي انهن تي ڪارساز بنائي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان جوپاليندڙ اوهان کي چٽي طرح ڄاڻندڙ آهي جيڪڏهن گهري ته اوهان تي رحم ڪري ۽ جيڪڏهن گهري ته اوهان کي عذاب ڪري ۽ اسان توکي انهن جو ذمي دار ڪري نه موڪليو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان جو پالڻهار توهان کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي. جي چاهي ته توهان تي رحم ڪري يا جي چاهي ته توهان کي عذاب ڪري. ۽ اسان تو کي انهن جو ذميدار ڪري نه موڪليو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي، اوهان کان آهنجو، سائـِين سَمجھدار، گُھري، ته مَرهِينِيان مِهرسان، يا ڏي اَوهان کي آزار، تن سِر سَنڀاليندار، توکي نه مُڪو سُون مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان جو رب اوهان کي خوب ڄاڻي ٿو، جي هو گهري ته، اوهان تي رحمت ڪري يا گهري ته اوهان تي عذاب ڪري ۽ اسان توکي انهن جو ذميدار بڻائي نه موڪليو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهانجو رب توهانجي حالت کان خوب واقف آهي، وڻيس ته توهان تي رحم ڪري ۽ وڻيس ته توهان کي عذاب ڏئي ۽ اي نبي! اسان توکي انهن تي ڪو نگهبان بڻائي نه موڪليو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان جو رب ڄاڻي ٿو توهان جو حال چڱيءَ طرح، وڻيس ته توهان تي رحم ڪري، وڻيس ته توهان کي عذاب ڏئي، ۽ (اي نبي!) ناهي اسان توکي موڪليو ماڻهن تي هڪ راکو ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اوھان جو پالڻھار اوھان جي حال کان خوب واقف آھي ھو چاھي ته توھان تي رحم ڪري ۽ چاھي ته توھان کي عذاب ڏي ۽ (اي نبيﷺ!) اسان توکي انهن ماڻهن جي مٿان ڪو ذِميدار ٺاھي ڪري ته نه موڪليو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِمَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَقَد فَضَّلنا بَعضَ النَّبِيّۦنَ عَلىٰ بَعضٍ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 55) |
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو تنھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندو آھي، ۽ بيشڪ ھڪڙن نبين کي ٻـين کان وڌيڪ ڪيوسون ۽ داؤد کي زبور ڏنوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ آسمان ۽ زمين ۾ جيڪو به آهي تنهن جو حال تنهنجو پروردگار بهتر ڄاڻي ٿو. اسان ڪن نبين کي ڪن ٻين کان برتر ڪيو ۽ اسان حضرت دائود کي (ڪتاب) زبور عطا ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان جو رب وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪجھه آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي، ۽ بيشڪ اسان ڪن نبين کي ڪن نبين تي فضيلت عطا ڪئي ۽ اسان (حضرت) داؤد کي زبور عطا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ زمين تي آهن (سڀ ڪنهن کي) تنهنجو پروردگار چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. ۽ اسان پڪ هڪڙن نبين کي ٻين (نبين) تي فضيلت ڏني ۽ اسان ئي دائود کي زبور عطا ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رب تنهنجو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي انهن کي جيڪي آسمان ۽ زمين ۾ آهن ۽ البته تحقيق ڀلو بنايوسون هڪڙن نبين کي ٻين کان ۽ ڏنوسون دائود کي زبور.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن تن کي تنهنجو پاليندڙ چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. ۽ اسان هڪڙن نبين کي ٻين تي فضيلت ڏني. ۽ داود کي زبور ڏنوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تنهنجو پالڻهار چڱي طرح ڄاڻي ٿو ان کي جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ۽ بيشڪ اسان هڪڙن نبين کي ٻين تي فضيلت ڏني ۽ اسان دائود کي زبور عطا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُڀ، ڀُون ۾ جيڪِي، اُن جِي، تُنهنجي پَرور کي پرُوڙ، ۽ ڪن نبين کي، ڪن مَٿي، مانَ ڏِنو سون مُور، ۽ ڏِنو سُون زَبُور، دادگر دائود کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، ان سڀ کي تنهنجو ڌڻي خوب ڄاڻي ٿو ۽ اسان نبين مان ڪن کي ڪن تي درجن ۾ وڌايو آهي ۽ اسان داؤد کي زبور ڏنو سون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنجو رب آسمانن ۽ زمين جي مخلوق کي وڌيڪ ٿو ڄاڻي. اسان ڪن نبين کي ٻين کان وڌيڪ فضيلت ڏني ۽ اسان ئي دائود کي زبور ڏنو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تنهنجو رب ڄاڻي ٿو ساري مخلوق آسمانن جي ۽ زمين جي کي، ۽ اسان ئي ڏناسين مرتبا ڪن نبين کي ٻين کان وڌيڪ، ۽ ڏنو هو دائود کي زبور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آھي، تنھنجو پالڻھار ان کي خوب ڄاڻي ٿو ۽ اسان ڪن نبين سڳورن کي ٻين نبين سڳورن تي وڌيڪ فضيلت بخشي آهي ۽ اسان دائود ($) کي زبور ڏنوهو . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِهِ فَلا يَملِكونَ كَشفَ الضُّرِّ عَنكُم وَلا تَحويلًا (آيت : 56) |
(اي پيغمبر) چؤ ته الله کانسواءِ ٻـين جن کي (الله جھڙو) ڀائيندا آھيو تن کي سڏيو پوءِ (اھي) اوھان کان نڪي ڪنھن اھنج لاھڻ جو ۽ نڪي ڦيرائڻ جو اختيار رکندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هنن ماڻهن کي چئي ڏي ته توهان پنهنجي خيال موجب الله کان سواءِ جن هستين کي معبود سمجهيو آهي، تن کي (پنهنجي حاجتن لاءِ ۽ مشڪلن لاهڻ لاءِ) پڪاري ڏسو، هو ان جي طاقت نٿا رکن جو توهان جو ڪوبه درد دور ڪن يا توهان جي حالت بدلائي سگهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان انهن (ڪافرن) کي فرمايو ته توهان پنهنجي گمان موجب الله کانسواءِ ٻين معبودن کي پڪاريو ٿا، پوءِ اهي توهان تان ڪابه تڪليف لاهي يا هٽائي نه سگھندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تون کين چئو ته خدا کان سواءِ ٻين جن کي به اوهين معبود سمجهو ٿا تن کي (وقت پوڻ تي) سڏي ته ڏسو جي نه ته اوهان کان اوهان جي تڪليف ئي پري ڪري سگهن ٿا ۽ نه ان کي بدلائي سگهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته: سڏيو انهن کي جو (معبود) سمجھيا اوهان سواءِ ان (الله) جي پوءِ نه مالڪ ٿيندا تڪليف کولڻ جا اوهان کان ۽ نه ڦيرائڻ جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (کين) چو ته الله کان سواءِ جن جو اوهان خيال ڪيو آهي تن کي سڏيو پوءِ اهي اوهان تان نه تڪليف لاهڻ جو ۽ نه ٽارڻ جو اختيار رکن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ اوهان انهن (سڀني)کي سڏيو جن کي الله کان سواءِ (معبود) سمجھو ٿا، پوءِ اهي نه ته توهان جي تڪليف لاهڻ جو اختيار رکن ٿا ۽ نه بدلائڻ جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، جن کي سڏيو اُن جا، نائـِب، وڪِيل، وزير، آن تان ڏُ ک، نه ڏڪارڪو، لاهي سَگھن لِير، ۽ نه پُهچ رکن ڪِي پِير، ٽارڻ جِي، ٽئي پار ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون چئو ته اوهين خدا کانسواءِ سائين ٺهرايو ٿا، تن کي پڪاريو ته سهي، اهي ته اوهان کان تڪليف دور ڪرڻ ۽ بدلڻ جو ڪو اختيار نٿا رکن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته سڏي ڏسو انهن معبودن کي، جن کي توهان الله جي بدران (پنهنجو واهر وسيلو) سمجهو ٿا، اهي ڪابه تڪليف توهان کان نڪي هٽائي سگهن ٿا ۽ نه مــَـٽائي سگهن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کي چؤ (اي نبي!) ته سڏي ڏسو انهن خدائن کي جن کي توهان ان کان سواءِ پنهنجو ڪارساز ٿا سمجهو، اهي توهان جي ڪنهن به تڪليف کي توهان تان هٽائي نٿا سگهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کي چؤ ته توھان اللھ تعالى کان سواءِ جن کي به معبود سمجهو ٿا تن کي پڪاري ته ڏسو، ھو توھان کان ڪابه تڪليف دور ڪرڻ ۽ نه ئي ڪنھن حالت کي ڦيرائي سگهڻ جي طاقت رکن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَدعونَ يَبتَغونَ إِلىٰ رَبِّهِمُ الوَسيلَةَ أَيُّهُم أَقرَبُ وَيَرجونَ رَحمَتَهُ وَيَخافونَ عَذابَهُ إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ كانَ مَحذورًا (آيت : 57) |
ھي (ڪافر خُدا کانسواءِ) جن کي سڏيندا آھن سي پاڻ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وسيلو ڳوليندا آھن ته انھن مان ڪير ڏاڍو ويجھو آھي؟ ۽ سندس ٻاجھ جي اميد رکندا آھن ۽ سندس عذاب کان ڊڄندا آھن، ڇوته تنھنجي پالڻھار جو عذاب ڊڄڻ جھڙي شيء آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ماڻهو جن هستين کي پڪارين ٿا (۽ الله کي ويجهو ٿيڻ جو وسيلو سمجهن ٿا) سي ته پاڻ ئي پنهنجي پروردگار ڏانهن (ويجهو ٿيڻ لاءِ بندگي ۽ فرمانبرداريءَ جي ذريعي) وسيلو ڳوليندا رهن ٿا ته ڪير اُنهيءَ راهه ۾ وڌيڪ ويجهو ٿو ٿئي، پڻ سندن رحمت جي اميد رکن ٿا ۽ سندس عذاب کان ڊڄندا رهن ٿا. بيشڪ تنهنجي پروردگار جو عذاب اهڙو ته سخت آهي جو ان کان ڊڄڻ ئي گهرجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي مقبول ٻانها جن جي اهي عبادت ڪن ٿا، اهي پاڻ ئي پنهنجي رب ڏانهن وسيلو ڳولين ٿا ته انهن مان ڪهڙو الله کي وڌيڪ قريب آهي ۽ اهي الله جي رحمت ۾ اميد ۽ عذاب کان خوف رکن ٿا، بيشڪ توهان جي رب جو عذاب خوفناڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو مشرڪ جنهن جي (پنهنجو خدا سمجهي) پوڄا ڪن ٿا اهي خود پنهنجي پروردگار جي قرب جا ذريعا ڳوليندا وتن ٿا (ڏسون) هنن مان ڪير وڌيل قرب رکي ٿو پڻ سندس رحمت جي اميد ڪري ۽ سندس عذاب کان ڊڄن ٿا. ان ۾ شڪ نه آهي ته تنهنجي پروردگار جو عذاب ڊڄڻ جي شيءِ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جن کي پوڄين ٿا طلب ڪن ٿا.ب پنهنجي ڏانهن وسيلو ته ڪير انهن مان وڌيڪ ويجھو آهي ۽ اميد رکن ٿا رحمت ان جي ۾ ۽ ڊڄن ٿا عذاب ان جي کان بيشڪ عذاب رب تنهنجي جو آهي خطرناڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اُهي جن کي (ڪافر) پوڄين ٿا. سي خود پنهنجي پاليندڙ تائين ويجهي ٿيڻ جا سبب ڳولين ٿا ته ڪير انهن مان زياده ويجهو ٿئي ٿو ۽ سندس مهربانيءَ جي اميد رکن ٿا ۽ سندس عذاب کان ڊڄن ٿا. بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جو عذاب ڊڄڻ جهڙي شيءَ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي (مشرڪ) جن عبادت ڪن ٿا اُهي خود پنهنجي پروردگار ڏانهن وسيلو تلاش ڪن ٿا ته انهن مان الله وٽ زور ويجهو ڪير آهي؟ ۽ (اهي خود) الله جي رحمت جي اميد رکن ٿا ۽ سندس عذاب کان ڊڄن ٿا. بيشڪ تنهنجي پالڻهارجو عذاب آهي ئي ڊڄڻ جي لائق.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي آهن پاڻ، سي، جن کي، ساريو ڪن سُوال، گُھرن سَندنِ سائـِينءَ ڪَنان، حاجتون هَرحال، جيڪو به آهي، اُنهن مَنجھان، ويجھو زوروِصال، ۽ رکن اُميدون، آسرا، سَندسِ بخشش ۾ بَحال، ۽ اُنهِيء جي عذاب جو، رکنِ خوف، خِيال، سَزا تُنهنجي سائـِينءَ جِي، جَبرو آهي جَنجال جِنهن جَنجال ڪنان جال، ڪَنبڻ گُھرجي ڪُل کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن کي اهي پڪارين ٿا، سي ته پاڻ به رب وٽ وسيلو ٿا ڳولين، ته انهن مان ڪير وڌيڪ ويجهو ٿئي ٿو ۽ اهي سندس رحمت جا اميدوار آهن ۽ سندس عذاب کان ڊڄن ٿا، بيشڪ تنهنجي رب جو عذاب آهي به ڊڄڻ لائق. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن کي اهي ماڻهو پڪارن ٿا اهي ته پاڻ ئي پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ پهچڻ لاءِ ڪو وسيلو ٿا ڳولن، ته انهن مان ڪير کيس وڌيڪ ويجهو آهي ۽ هو ته سندس رحمت جا اميدوار ۽ سندس عذاب کان ڊڄندڙ آهن. سچي ڳالهه اها آهي ته تنهنجي رب جو عذاب آهي ئي ڊڄڻ لائق (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي جن ماڻهن کي سڏيندا آهن سي ته پاڻ ئي پنهنجي رب جي حضور ۾ رسائي لاءِ ڪو وسيلو ڳولين پيا ته ڪير سندن ويجهو ٿئي، اهي سندس رحمت جا اميدوار ۽ ڊڄندڙ آهن سندس عذاب کان، حقيقت ۾ تنهنجي رب جو عذاب آهي به تمام ڊپ جوڳو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو جن کي پڪارين ٿا ھو ته خود حقيقي پالڻھار وٽ پنھنجي ويجهڙائپ جي ڳولا ۾ آھن ته انهن مان ڪير وڌيڪ ويجهو ٿئي ٿو؟ ھو ان جي رحمت جا اميدوار ۽ ان جي عذاب کان ڊڄندڙ آھن. بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب آھي ئي ڊڄڻ وٽان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن مِن قَريَةٍ إِلّا نَحنُ مُهلِكوها قَبلَ يَومِ القِيٰمَةِ أَو مُعَذِّبوها عَذابًا شَديدًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 58) |
۽ ڪوبه ڳوٺ نه آھي مگر (جنھن جي رھڻ وارن) کي (سندن بڇڙن ڪرتوتن سبب) قيامت جي ڏينھن کان اڳ اسين ناس ڪرڻ وارا آھيون يا ان کي سخت عذاب ڏيندڙ آھيون، اِھو حُڪم ڪتاب ۾ لکيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ قيامت جي ڏينهن کان اڳي ضرور هيئن ٿيندو جو (نافرمانن جي) بستين کي اسان تباهه ڪري ڇڏينداسين. يا کين سخت عذاب ۾ وجهنداسين. اها ڳالهه (الله جي قانوني) ڪتاب ۾ لکي ويئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهڙو ڪو ڳوٺ ناهي جنهنکي اسين قيامت کان اڳي هلاڪ نه ڪنداسين يا ان تي سخت قسم جو عذاب نه ڪنداسين، اها ڳالهه لوحِ محفوظ ۾ لکيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪا به بستي اهڙي نه آهي پر ڏينهن قيامت کان اڳ اسين ان کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏينداسون (يا نافرمانيءَ جي سزا ۾) ان تي وڏي کان وڏو عذاب ڪنداسون، ۽ اها ڳالھ ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکجي چڪي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي ڪو ڳوٺ مگر اسين هلاڪ ڪندڙ ان جا آهيون اڳي ڏينهن قيامت جي يا عذاب ڪندڙ ان جا عذاب سخت آهي اهو ڪتاب ۾ لکيل آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙو ڪو ڳوٺ نه آهي جنهن کي قيامت جي ڏينهن کان اڳي اسين برباد نه ڪنداسون يا ان کي اسين سخت عذاب نه ڪنداسون. اهو (حڪم) ڪتاب ۾ لکيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (بي فرمانن جو) ڪو اهڙو ڳوٺ نه آهي مگر اسان ان کي قيامت جي ڏينهن کان اڳي برباد ڪرڻ وارا آهيون يا ان کي نهايت ئي سخت عذاب ڏيڻ وارا آهيون. اُهو حڪم ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪونهي ڪوئـِي گام، مگر اَسين آهيون، يا اُجاڙيندڙ اَ ڳي، ڪَنان ڏِينهن قِيام، يا سزا ڏِيندڙ اُن کي، سزا سَخت تمام، آهن اِهي اَحڪام، قلمبند ڪِتاب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪو به اهڙو ڳوٺ نه آهي، جنهن کي اسين قيامت کان اڳ ناس نه ڪنداسون، يا ان کي سخت عذاب نه ڏينداسون_ اها ڳالهه ڪتاب ۾ لکيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڪابه وسندي اهڙي ناهي، جنهن کي اسان قيامت کان اڳي تباهه نه ڪنداسون يا سخت عذاب نه ڏينداسون، اها ڳالهه اُنهيءَ الله واري ڪتاب ۾ لکيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪابه اهڙي وستي ڪانه آهي جنهن کي اسان هلاڪ نه ڪريون قيامت کان اڳي، يا سخت عذاب سان دوچار نه ڪريون، اهو ته (خدائي) ڪتاب ۾ ئي لکيل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪيترائي شھر اھڙا آھن جن کي اسان قيامت جي اچڻ کان اڳ ئي برباد ڪنداسين يا سخت عذاب ڏينداسين. اھا ڳالھ اسان جي ڪتاب ۾ پڪي درج ٿيل آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما مَنَعَنا أَن نُرسِلَ بِالءايٰتِ إِلّا أَن كَذَّبَ بِهَا الأَوَّلونَ وَءاتَينا ثَمودَ النّاقَةَ مُبصِرَةً فَظَلَموا بِها وَما نُرسِلُ بِالءايٰتِ إِلّا تَخويفًا (آيت : 59) |
۽ اسان کي مُعجزن موڪلڻ کان انھيءَ ڳالھ کانسواءِ ٻئي ڪنھن نه روڪيو جو اڳين (ماڻھن) انھن کي ڪوڙ ڄاتو ھو، ۽ ثمود (جي قوم) کي ڏاچي مُعجزہ لاءَ ڏني سون ته اُن کي نه مڃيائون، ۽ اسين رڳو ڊيڄارڻ لاءِ مُعجزا موڪليندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (جيڪي نشانيون هي مڪي جا منڪر گهرن ٿا تن) نشانين جي موڪلڻ کان اسان کي ڪير ٿو روڪي سگهي، سواءِ هن ڳالهه جي ته اسان ڄاڻون ٿا ته اڳين زمانن جا ماڻهو اهڙيون نشانيون ڪوڙيون ٺهرائي رد ڪري چڪا آهن. اسان ثمود جي قوم کي هڪ ڏاچي ڏني، جا هڪ چٽي نشاني هئي. پر هنن ان ڏاچيءَ تي ظلم ڪيو (۽ انهيءَ نشانيءَ مان عبرت نه ورتائون) ۽ اسان نشانيون ته فقط هن لاءِ موڪيندا آهيون ته ماڻهو (انڪار ۽ سرڪشيءَ جي نتيجن کان) ڊڄن (۽ سنئين واٽ وٺن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان (قريشن) ڏانهن نشانين موڪلڻ جي اسان کي ڪوبه منع نٿو ڪري مگر انهن نشانين کي اَڳِيُنِ اُمتين نه مڃو ۽ اسان ثمود وارن کي ظاهر بظهور ڏاچي موڪلي پوءِ انهن ڏاچي تي ظلم ڪيو، ۽ اسين اهڙيون نشانيون فقط ڊيڄارڻ لاءِ موڪليون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان فقط ان ڪري معجزا نه ٿا موڪليون جو اڳين (امتن) انهن کي ڪوڙو ڪيو (نه مڃائون) ۽ اسان ثمود کي (معجزي سان) ڏاچي عطا ڪئي (جيڪا اسان جي قدرت) ڏيکارڻ واري هئي ته انهن ماڻهن ان تي ظلم ڪيو (تان جو کيس ماري ڇڏيائون) ۽ اسين ته معجزا رڳو ڊيڄارڻ لاءِ (ئي) موڪليندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه روڪيو اسان کي هن جو موڪليون معجزا مگر هن ڳالھ جو ڪوڙو ڪيو انهن کي اڳين ۽ ڏني اسان ثمود کي ڏاچي روشن (معجزو) ڪري پوءِ ظلم ڪيائون ان سان ۽ نٿا موڪليون آيتون مگر ڊيڄارڻ جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان کي نشانين موڪلڻ کان رڳو هن ڳالهه روڪيو جو اڳوڻن انهن (نشانين) کي ڪوڙ سڏيو. ۽ ثمود جي قوم کي ڏاچي جي ظاهر ظهور (معجزو) ڏنوسون پوءِ انهن ان تي ظلم ڪيو هوڏانهن اسين نشانيون رڳو ڊيڄارڻ لاءِ موڪليندا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان کي ڪنهن ڪونه روڪيو آهي؟ نشانين (يعني معجزن) جي موڪلڻ کان سواءِ هن ڳالهه جي جو اڳين (قومن) ان کي ڪوڙو چيو هيو. ۽ اسان ثمود (جي قوم) کي ڏاچي جو ظاهر ظهور معجزو ڏنو پوءِ ان سان ظلم ڪيائون. ۽ اسان نشانيون رڳو (ڪافرن کي) ڊيڄارڻ لاءِ ئي موڪليندا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَنع نه ڪئـِي سون، موڪلڻ کان، مُعجزا مذڪور، مگر مَهندين اُن کي، ڪوٺيو ڪُوڙ فتور، ۽ سَمجھاڻِي لئي ثمود کي، اُٺ مُڪِي سون مُور، پوءِ ڏاڍو اُن ڏاچِيء سان، ڪيائون ڪَلُور، ۽ ري ڌَمِڪيء جي دَستور، مُعجزانه موڪليون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان کي معجزن موڪلڻ کان فقط هن ڳالهه روڪيو آهي، جو اڳين به انهن کي ڪوڙو ڪيو هو ۽ اسان ثمود کي پڌري نشاني ڏاچي ڏني هئي، انهن ان سان به ظلم ڪيو ۽ اسين معجزا رڳو ڊيڄارڻ لاءِ موڪليندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسانکي نشانيون موڪلڻ کان ته فقط انهيءَ ڳالهه ئي روڪيو ته انهن کان اڳين ماڻهن به ته انهن کي ڪوڙو سڏيو هو (جيئن ڏسو) ثمود کي اسان ظاهر ظهور ڏاچي ڏني، پر انهن مٿس ظلم ڪيو. اسان ته نشانيون ان لاءِ موڪليندا آهيون ته ماڻهو کين ڏسي ڊڄن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان کي ناهي روڪيو (ڪنهن به) نشانيون موڪلڻ کان، پر هن ڳالهه ته انهن ڪوڙو چيو انهن کان اڳي، (تنهن ڪري ڏسو) اسان ظاهر ظهور ثمود کي ڏاچي آڻي ڏني ۽ انهن (ثمود جي قوم) ان تي ظلم ڪيو، ۽ اسان موڪليون ٿا نشانيون ماڻهو ان کي ڏسي ڊڄن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن وقت اسان کي جنھن ڳالھ ظاھري معجزا موڪلڻ کان روڪيو آھي اُھا ھي آھي ته گذري ويل ماڻهن اھڙن معجزن کي ڪوڙو ڪيو ھو. جيئن اسان ثمود قوم کي ان جي سامھون معجزي طور ڏاچي آڻي ڏني سين پوءِ انهن ڏاچيءَ سان ظلم ڪيو. اسان ماڻهن کي ڊيڄارڻ لاءِ ئي ته معجزا موڪليندا آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قُلنا لَكَ إِنَّ رَبَّكَ أَحاطَ بِالنّاسِ وَما جَعَلنَا الرُّءيَا الَّتى أَرَينٰكَ إِلّا فِتنَةً لِلنّاسِ وَالشَّجَرَةَ المَلعونَةَ فِى القُرءانِ وَنُخَوِّفُهُم فَما يَزيدُهُم إِلّا طُغيٰنًا كَبيرًا (آيت : 60) |
۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جنھن مھل توکي چيوسون ته تنھنجي پالڻھار ماڻھن کي (پنھنجي قدرت سان) لپيٽيو آھي، ۽ اسان جيڪو توکي نظارو ڏيکاريوسون جو لعنت ڪيل وڻ قرآن ۾ بيان ڪيو ويو آھي سو ماڻھن جي پرک کانسواءِ نه آھي، ۽ اسين جو کين ڊيڄاريندا آھيون سو انھن بابت وڏي شرارت کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه وڌائيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پروردگار توکي چيو هو ته، يقين ڪر ته تنهنجي پروردگار ماڻهن کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، (يعني هاڻي اهي منڪر عذاب کان بچي ڪونه سگهندا) ۽ اهو رؤيا (يعني خواب يا روحاني ديدار) جو اسان توکي ڏيکاريو سو هن لاءِ ته ماڻهن جي لاءِ هڪ آزمائش ٿئي. ساڳيءَ طرح انهيءَ وڻ (زقوم يا ٿوهر) جو بيان جنهن تي قرآن ۾ لعنت ڪئي ويئي آهي. (سو به آزمائش آهي) اسان انهن ماڻهن کي (طرحين طرحين نمونن سان) ڊيڄاريون ۽ خبردار ڪيون ٿا. پر هنن تي ڪوبه اثر ڪونه ٿو پوي. اثر پوي ٿو ته فقط هي جو هو پنهنجي سرڪشين ۾ اڃا به وڌيڪ وڌندا ٿا وڃن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جڏهن توهان جي رب فرمايو ته بيشڪ آئون ڪافرن کي گھيرو ڪندڙ آهيان ۽ اسان توهان کي خواب ۾ نه ڏيکاريو مگر قريشن لاءِ آزمائش هئي ۽ اهو وڻ (ٿُوهر جو) جنهن تي قرآن ۾ لعنت ڪيل آهي ۽ اسين انهن کي ڊيڄاريون ٿا، پوءِ نٿي زياده ٿئي انهن لاءِ مگر گھڻي سرڪشي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) اهو وقت به ياد ڪر جڏهن تو کي اسان چيو هو ته تنهنجي پروردگار ماڻهن کي (هر طرف کان) روڪي ڇڏيو هو (جو تنهنجو ڪجھ به نقصان ڪري نه سگهندا) ۽ اسان جيڪو خواب تو کي ڏيکاريو هو ته رڳو ان کي ماڻهن (جي ايمان) جي امتحان (جو ذريعو ڪيو) هو ۽ (اهڙي طرح) اهو وڻ جنهن تي قرآن ۾ لعنت ڪيل آهي ۽ جيتوڻيڪ انهن ماڻهن کي اسين (هر طرح سان) ڊيڄاريون ٿا پر اسان جو ڊيڄاريو سندن سخت سرڪشيءَ کي اڃا به وڌائي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيوسون توکي ته بيشڪ تنهنجي رب گھيرو ڪيو ماڻهن کي ۽ نه بنايوسون ان ڏسڻ کي جيڪو ڏيکاريوسون توکي مگر آزمائش ماڻهن جي لاءِ ۽ وڻ لعنت ڪيل قرآن ۾ ۽ ڊيڄاريون ٿا انهن کي پوءِ نٿو وڌائي انهن کي مگر سرڪشي وڏي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان توکي چيو ته تنهنجي پاليندڙ (سڀني) ماڻهن کي گهيرو ڪيو آهي. ۽ جيڪو نظارو اسان توکي ڏيکاريو تنهن کي ۽ جنهن وڻ تي قرآن ۾ لعنت ڪيل آهي تنهن کي اسان ماڻهن لاءِ هڪ آزمائش ڪيو آهي ۽ اسين انهن کي ڊيڄاريون ٿا. پوءِ (ڊيڄارڻ) اڃان به انهن کان وڏي سرڪشي ڪرائي ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن اسان توکي چيو ته بيشڪ تنهنجي پالڻهار (پنهنجي علم ۽ قدرت سان) ماڻهن کي گهيري رکيو آهي. ۽ جيڪو نظارو (شبِ معراج ) اسان تو کي ڏيکاريو اُهو رڳو ماڻهن لاءِ آزمائش ئي بنايو آهي. ۽ ان وڻ کي به جنهن تي قرآن ۾ لعنت ڪئي وئي آهي. ۽ اسان انهن کي ڊيڄاريون ٿا مگر اُهو (ڊيڄارڻ) به انهن ۾ ڪو واڌارو نه ٿو ڪري سواءِ وڏي سرڪشي جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ٻوليو سُونئـِي ٻاجھ سان، ته تُنهنجو ربُّ، رحمان، مِڙن ماڻهن کي گھيريو، ۽ خواب ڏيکاريو سونئـِي خان! نه ڪيوسون، مگر ماڻهن لئي، اُن کي اِمتحان، پڻ لاشڪ وَڻ لعنتِي، ڪُواريل مَنجھ قُران، ۽ ڀيري ڀيري ڀَو ڏيون، اُنهن کي عيان، پوءِ ڪَثر ڏٖين ڪانه، ڌارا آڪڙ آڪرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ياد ڪر) جڏهن اسان توکي چيو هو، ته تنهنجي رب ماڻهن کي گهيري ۾ رکيو آهي ۽ اسان توکي جيڪو نظارو ڏيکاريو هو ۽ جنهن وڻ جي قرآن ۾ بڇڙائي ڪئي وئي آهي، اهي ماڻهن لاءِ هڪ آزمائش هئا_ اسين کين ڊيڄاريندا رهون ٿا، مگر سندن سرڪشي وڌندي رهي ٿي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪر اي نبي! اسان توکي چئي ڇڏيو هو ته تنهنجي رب انهن ماڻهن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ اهو جيڪي ڪجهه اسان هاڻي توکي ڏيکاريو آهي ان کي ۽ اُن وڻ کي جنهن تي قرآن ۾ لعنت ڪئي ويئي آهي، اسان انهن ماڻهن لاءِ بس هڪڙي آزمائش بڻائي ڇڏيو آهي، اسان انهن کي پيا ٿا ڊيڄاريون، مگر ڊيڄارڻ ته مورڳو سندن سرڪشيءَ کي اڃان به وڌائي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ياد ڪر (اي نبي!) اسان توکي چيو هو ته، بيشڪ تنهنجي رب گهيري ورتو آهي انهن ماڻهن کي، ۽ جيڪو اسان توکي هاڻي ڏيکاريو آهي، اسان انهن ماڻهن جي لاءِ هڪ فتنو (پرک) بڻايو ان وڻ کي جنهن تي لعنت ڪئي وئي آهي قرآن ۾، ۽ اسان انهن کي تنبيهه تي تنبيهه ڪري رهيا آهيون پر اها سندن سرڪشي ۾ واڌارو ئي ڪندي رهي ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) جڏھن اسان توکي چيو ھو ته تنھنجي پالڻھار انهن ماڻهن کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آھي ۽ اسان جيڪو توکي نظارو (يعني معراج) ڪرايو آهي ۽ جنھن (ٿوهر جي) وڻ تي قرآن شريف ۾ لعنت ڪئي وئي آھي انهن ٻنهي ۾ ماڻهن لاءِ ھڪ آزمائش آھي. اسان کين ڊيڄاريندا رھون ٿا پر ان جي باوجود انهن جي سرڪشيءَ ۾ واڌارو ئي ٿيندو رھي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ قالَ ءَأَسجُدُ لِمَن خَلَقتَ طينًا (آيت : 61) |
۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ (ٻـين) سجدو ڪيو، (ابليس) چيو ته جنھن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيئي تنھن کي ڇو سجدو ڪريان؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ياد رکو ته اسان فرشتن کي حڪم ڏنو هو ته آدم جي اڳيان جهڪي پئو. تنهن تي سڀ جهڪي پيا، پر هڪ ابليس نه جهڪيو. هن چيو ته، ڇا مان اهڙيءَ هستيءَ جي اڳيان جهڪي پوان جنهن کي تو مٽيءَ مان ٺاهيو آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت اسان ملائڪن کي حڪم ڪيو ته توهان آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ سڀني سجدو ڪيو، ابليس چيو ڇا آئون ان (آدم) کي سجدو ڪريان جنهنکي تو مٽي مان ٺاهيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اسان فرشتن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو ته سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي هو (غرور سان) چوڻ لڳو، آءُ اهڙي شخص کي سجدو ڪريان جنهن کي تو مٽي مان پيدا ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن چيو اسان ملائڪن کي ته سجدو ڪيو آدم کي پوءِ سجدو ڪيائون مگر شيطان چيائين ته ڇا سجدو ڪيان انکي جو پيدا ڪيو ته مٽيءَ مان؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن اسان فرشتن کي فرمايو ته آدم کي سجدو ڪيو ته سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. چيائين: ”ڇا ان کي سجدو ڪيان؟ جنهن کي تو (آلي) مِٽيءَ مان بنايو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن چيو سون مَلڪن کي، ته نَمو آدم هارِ، نميا مِڙوئـِي، مگر اِبليس، ڌِڪاريل ڌار، چي، ڪِيئن جُھڪان تِنهن پار، جنهن کي خلقيئـِي خاڪ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن اسان فرشتن کي آدم کي سجدي ڪرڻ لاءِ چيو ته، ابليس کانسواءِ سڀني سجدو ڪيو، چيائين ”آءُ اهڙي کي سجدو ڪريان، جنهن کي تو مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ياد ڪر جڏهن اسان ملائڪن کي چيو هو ته آدم کي سجدو ڪريو ته سڀني سجدو ڪيو، پر ابليس سجدو نه ڪيو. چيائين: "ڇا مان انهيءَ کي سجدو ڪيان، جنهن کي تو مٽيءَ مان ٺاهيو آهي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪر جڏهن اسان چيو ملائڪن کي ته سجدو ڪريو آدم کي ته سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي، هن چيو ڇا آئون سجدو ڪريان ان کي جنهن کي تو مٽيءَ مان ٺاهيو آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏھن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم ($) کي سجدو ڪريو پوءِ سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. اُن چيو ته ڇا مان اُن کي سجدو ڪريان جنھن کي تو مٽيءَ مان ٺاھيو آھي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَرَءَيتَكَ هٰذَا الَّذى كَرَّمتَ عَلَىَّ لَئِن أَخَّرتَنِ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لَأَحتَنِكَنَّ ذُرِّيَّتَهُ إِلّا قَليلًا (آيت : 62) |
(وري ابليس) چيو ته ڏس ھي شخص جنھن کي تو مون تي شرف ڏنو، جيڪڏھن مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏيندين ته ٿورڙن کان سواءِ سندس (ٻئي) اولاد کي پاڙئون پٽيندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ابليس هيئن به) چيو ته، ڇا تنهنجو اهوئي فيصلو آهي ته، تو هن (حقير) هستي (يعني آدم ۽ بني آدم) کي مون کان وڌيڪ شان ڏنو آهي. جيڪڏهن تون مون کي قيامت جي ڏينهن تائين مهلت ڏئين ته مان ضرور سندس نسل (يعني بني آدم) جي پاڙ ۽ بنياد به پٽي ڇڏيندس، سواءِ ڪن ٿورڙن ماڻهن جي (ٻيو ڪوبه انهيءَ تباهيءَ کان ڪونه بچندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابليس چيو ڇا تو هِن (آدم) کي منهنجي مٿان فضيلت ڏني آهي، جيڪڏهن تو مون کي قيامت تائين مهلت ڏني ته چند ماڻهن کانسواءِ آئون آدم جي سموري اولاد کي هلاڪ ڪندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (وڏائيءَ مان) چيائين، ڀلا ڏس ته سهي! هي اهو شخص آهي جنهن کي تو مون تي فضيلت ڏني آهي، جيڪڏهن تون مون کي قيامت تائين مهلت ڏين ته آءُ (وڏي واڪي چوان ٿو ته) ٿورڙن کان سواءِ هن جي نسل جي پاڙ پٽيندو رهندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته خبر ڏي هي آهي اهو جو عزت وارو بنايئي مونکان البته جيڪڏهن مهلت ڏنئي مونکي قيامت جي ڏينهن تائين ته البته ضرور پاڙان پٽيندس اولاد ان جي کي مگر ٿورا، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ابليس کان سواءِ انهن سجدو ڪيو. ان چيو ته ڇا آءُ ان کي سجدو ڪريان جنهن کي تو مٽيءَ مان پيدا ڪيو. چوڻ لڳو ته ڀلا مون کي ٻڌاءِ ته هيءَ جنهن کي تو مونتي فضيلت ڏني آهي جيڪڏهن تون مون کي قيامت جي ڏينهن تائين مهلت ڏيندين ته آءُ سندس اولاد جي ڪن ٿورن کان سواءِ پاڙ پٽيندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ابليس) چيو: ”ڀلا تون ڏس ته هي شخص (ان لائق به) آهي جنهن کي تو مون تي فضيلت ڏني آهي جيڪڏهن تون مون کي قيامت جي ڏينهن تائين مهلت ڏين ته آءٌ سندس اولاد جي پاڙ پٽيندس سواءِ ڪن ٿورن جي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڏِس ته هِي جِنهن کي، مُون تي ڏِنئـِي مانَ، جي ڏِيندِينمِ، ڏينهن قيام سِين، مُهلت مهربان، ته اُنهي جي اولاد جون، بِيخون بي گمان، ڪَڍندسِ نيٺ نِڌان، ٿيڙٖي، ڪن ٿورن سوا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (پڻ) چيائين ”ڇا، اهو ئي تنهنجو فيصلو آهي، جو تو هن کي مون کان ڀلارو ڪيو؟ جي تون مون کي قيامت ڏينهن تائين مهلت ڏيندين، ته آءُ ضرور سندس نسل کي ٿورن کانسواءِ پاڙون پٽي ڇڏيندس_“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوڻ لڳو: "ڏس ته سهين ته ڇا اهو ان لائق هو جو تو ان کي مون کان وڌيڪ عزت عطا ڪئي؟ جي تون مونکي قيامت جي ڏينهن تائين مهلت ڏئين ته مان سندس سڄي نسل کي جهلي پورو ڪندس، فقط ڪي ٿورڙائي مونکان بچي سگهندا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هن چيو، ڏس ته سهي ڇا هي لائق هو جو تو ان کي مون تي فضيلت ڏني؟ جيڪڏهن مهلت مون کي ڏين قيامت جي ڏينهن تائين، ته آئون سندس سموري نسل جي پاڙ پٽي ڇڏيندس سواءِ ڪن ٿورن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن وڌيڪ چيو ته ڀلا ڏسو ته ھي انسان ان قابل ھو جو توھان کيس مون تي فضيلت ڏني آھي؟ جيڪڏھن توھان مون کي قيامت تائين مھلت ڏيو ته مان ٿورن کان سواءِ ھن جي پوري نسل کي (سڌي رستي تان ھٽائي) پاڙون پٽي ڇڏيندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ اذهَب فَمَن تَبِعَكَ مِنهُم فَإِنَّ جَهَنَّمَ جَزاؤُكُم جَزاءً مَوفورًا (آيت : 63) |
(الله) چيو ته وڃ پوءِ منجھانئن جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن اوھان سڀني جي سزا دوزخ آھي (۽ اھا) بلڪل پوري سزا آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ (ابليس کي انهيءَ تي) حڪم ڏنو ته وڃ، وٺ پنهنجي راهه. انهن ماڻهن مان جيڪو به تنهنجي پٺيان لڳندو (يعني تابعداري ڪندو) تَنهن جي لاءِ ۽ تُنهنجي لاءِ جهنم جي سزا هوندي جا بلڪل ڪافي سخت سزا آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو وڃ (توکي مهلت آهي) پوءِ انهن مان جنهن به تنهنجي تابعداري ڪئي پوءِ بيشڪ جهنم انهن سڀني جي لاءِ مڪمل (۽) ڀرپور جزا هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا فرمايو ته وڃ! (نڪر) انهن مان جو شخص تنهنجي تابعداري ڪندو ته (ياد رهي ته) اوهان سڀني جي سزا دوزخ آهي ۽ اها به پوري پوري سزا آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته وڃ پوءِ جيڪو تابع ٿيو تنهنجو انهن مان پوءِ بلاشڪ جھنم سزا اوهان جي آهي پوري پوري سزا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته وڃ، پوءِ انهن مان جو به تنهنجي پٺيان هليو ته جهنم اوهان (سڀني) جي پوري جزا آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) فرمايو: ”وڃ! پوءِ انهن مان جيڪو به تنهنجي پيروي ڪندو ته پوءِ بيشڪ جهنم اوهان سڀني جي پوري پوري سزا آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، وَڃ، پوءِ جيڪو اِنهن مان،رَمندو تُنهنجِي راه، پوءِ بَدلو اُنهِيء جو باهِ، پُورو پُورو پورِهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله چيو ”وڃ، جيڪو به انهن مان تنهنجي ڪڍ لڳندو ته پوءِ اوهان سڀني جي پوري سزا جهنم آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله فرمايو: "چڱو تون وڃ، انهن مان جيڪي به تنهنجي ڪڍ لڳندا ته توهان سڀني لاءِ جهنم ئي جوڳي سزا آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله تعاليٰ فرمايو، چڱو تون وڃ، جيڪي به پيروي ڪندا تنهنجي انهن مان، پوءِ بيشڪ دوزخ ئي ڀرپور جزا آهي تو سميت انهن سڀني لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى کيس فرمايو ته هليو وڃ هتان . (توکي موڪل آھي) . ھاڻي انهن مان جيڪو به تنھنجي پيروي ڪندو ته بيشڪ توھان سڀني جو صحيح بدلو جھنم ئي آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاستَفزِز مَنِ استَطَعتَ مِنهُم بِصَوتِكَ وَأَجلِب عَلَيهِم بِخَيلِكَ وَرَجِلِكَ وَشارِكهُم فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ وَعِدهُم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 64) |
۽ منجھانئن جنھن کي (ڀُلائي) سگھين تنھن کي پنھنجي سڏ سان ڀُلاءِ ۽ پنھنجن پيادن ۽ سوارن سان مٿن چڙھائي ڪر ۽ سندن مال ۽ اولاد ۾ ڀائيواري ڪر ۽ کين انجام ڏي، ۽ شيطان ٺڳيءَ کانسواءِ کين ڪو دلاسو نه ڏيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن ماڻهن مان جنهن کي به تون پنهنجا ٺڳيندڙ آواز (۽ الفاظ) ٻڌائي گمراهه ڪري سگهين (ٿو) تنهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري وٺ، پنهنجي لشڪر جي سوارن ۽ پيادن سان حملو ڪر، سندن مال ۽ اولاد ۾ شريڪ ٿي وڃ، هنن سان (هر قسم جي ڳالهين جا) واعدا ڪر، پر شيطان جا واعدا ته رڳو ٺڳيون ۽ فريب آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون انهن ماڻهن مان جنهن تي طاقت رکي سگھين ٿو انهن کي پنهنجي آواز ۽ پنهنجي سوارن ۽ پيادن (لشڪر) سان انهن کي گناهن تي اُڀار ۽ تون انهن جي ملڪيت ۽ اولاد ۾ شريڪ ٿي ۽ تون انهن کي وعدا ڏي، ۽ نٿو وعدو ڏي انهن کي شيطان مگر غرور جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن مان جنهن تي پنهنجي (چاپلوسيءَ) سان قابض ٿئين تنهنجا پير اکيڙ ۽ پنهنجي گهوڙن سوارن ۽ پنهنجي پيادن سان مٿن چڙهائي ڪر ۽ (سندن) مالن ۽ اولادن ۾ انهن جو شريڪ ٿيءُ ۽ انهن سان (ڪوڙا) انجام ڪر ۽ شيطان ڌوڪي کان سواءِ ٻيو ڪو انجام نه ٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ گمراھ ڪر جنهن کي گمراھ ڪري سگھين انهن مان آواز پنهنجي سان۽ چڙهائي ڪر انهن تي سوارن پنهنجن ۽ پيادن پنهنجن سان ۽ ڀائيوار ٿي انهن سان مالن ۾ ۽ اولاد ۾ وعدو ڪر انهن سان ۽ نٿو وعدو ڪري انهن سان شيطان مگر ٺڳيءَ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي آواز سان انهن مان جنهنکي به ٿي سگهي تنهن جا پير اکيڙ ۽ پنهنجي گهوڙي سوارن ۽ پنهنجي پيادن سان مٿن چڙهائي ڪر ۽ مالن ۾ ۽ اولادن ۾ انهن جو شريڪ ٿيءُ ۽ انهن سان انجامَ ڪر.۽ شيطان ڌوڪي کان سواءِ ٻيو ڪو انجام نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن مان جنهن تي به تنهنجو وس هلِـي سگهي پنهنجي آواز سان ان جا پيرَ اُکيڙ ۽ پنهنجي گهوڙي سوارن ۽ پنهنجي پيادن سان مٿن چڙهائي ڪر ۽ انهن جي مالن ۽ اولاد ۾ انهن جو شريڪ ٿيءُ ۽ انهن سان وعدا ڪر.۽ انهن سان شيطان فريب کان سواءِ (ڪوبه) وعدو نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِنين مان، تُنهنجي راڳ سان، مُنجھائـٖي کون ماڳ، مُنجھيل! مُنجھائـٖي جن سَگھِين، پڻ وارتنِين تي واڳ، پيادن ۽ سُوارن سان تُنهنجي، پڻ ڀيڙو رک تون ڀاڳ، اُنهن جي مال ۽ اولاد ۾، ۽ ٻوليينِ ٻِيڻا لاڳ، ۽ خالِي ري کِٽراڳ، اِبليس نه ڏٖي اَنجام ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن مان جنهن تي پڄي سگهي ئي پنهنجي آواز سان ڀلائج، پنهنجن پيادن خواهه سوارن کي چڙهائج، کين وعدا ڏيئي سندن مال ۽ اولاد ۾ شريڪ ٿي وڃج، ”۽ شيطان ساڻن رڳو ڪوڙا وعدا ٿو ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون منجهانئن جنهن کي به پنهنجي دعوت سان ورغلائي سگهين ته ڀل ورغلاءِ ، ڀل مٿن سوار توڙي پيادا چاڙهي آڻ، مالن ۽ اولاد ۾ ساڻن ڀائيوار بڻجي وڃ ۽ کين ڏٽن جي چڪر ۾ وِجهه ۽ شيطان جا وعدا ته هوندائي رڳو ٺڳي جا ٺاهه آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تون جنهن کي ڀُلائي سگهين انهن مان پنهنجي دعوت سان ڀُلائي وٺ، انهن تي پنهنجا سوار ۽ پيادا چاڙهي آڻ، مال ۽ انهن جي اولاد ۾ ڀائيواري ڪر ۽ پنهنجي وعدن جي ڄار ۾ کين ڦاساءِ، پر هڪ دوکي کان سواءِ شيطان جا وعدا ڪجهه نه آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن مان جنھن جنھن تي تنھنجو وس ھلي تون پنھنجي (مؤثر) آواز جي ذريعي انهن کي ورغلاءِ ۽ مٿن سوار ۽ پيادل لشڪرن جي ذريعي انهن تي دٻاءُ وجهجانءِ، انهن جي مال ۽ اولاد ۾ شريڪ ٿي وڃجانءِ ۽ کين (ڪوڙا) دلاسا ڏيندو رھجانءِ، بيشڪ شيطان جا دِلاسا ھوندا ئي ڪوڙا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ وَكيلًا (آيت : 65) |
بيشڪ منھنجن ٻانھن تي توکي ڪا سگھ نه آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار نگھبان بس آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي منهنجا (سچا) ٻانها آهن، تن تي تنهنجو حڪم يا اختيار ڪونه هلندو. تنهنجو پروردگار ڪارسازيءَ لاءِ بلڪل ڪافي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ منهنجي مخلص ٻانهن تي تنهنجي ڪابه حجت ڪانه هلندي، ۽ توهان جو رب بهترين ڪارساز آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جي منهنجا (خاص) عبد آهن تن تي تنهنجو زور (هلي) نه ٿو (سگهي) ۽ ڪارسازيءَ ۾ تنهنجو پروردگار ڪافي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ ٻانها منهنجا ناهي توکي انهن تي ڪو غلبو ۽ ڪافي آهي رب تنهنجو ڪم ٺاهيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ منهنجن ٻانهن تي تنهنجي ڪا حڪومت نه آهي. ۽ تنهنجو پاليندڙ ڪارساز ڪافي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ منهنجي (سچن) ٻانهن مٿان تنهنجو قابو نه هلندو. ۽ تنهنجو پالڻهار ڪارساز ڪافي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ، بَندا مُنهنجا، تن تي نه، تُنهنجو وَس، ۽ بِلڪُل آهي بَس، رَبُّ تُنهنجو، راکُو هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منهنجن خاص ٻانهن تي تنهنجو ذري جيترو به زور نه هلندو، ۽ تنهنجو رب ئي ڪارساز آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڪ ڄاڻ ته منهنجي ٻانهن تي تنهنجو ڪوبه زور نه هلندو ۽ ڪارساز ته تنهنجو رب ئي ڪافي آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ منهنجن ٻانهن تي توکي ڪوبه وس (اقتدار) حاصل نه هوندو ۽ توڪل ڪرڻ جي لاءِ تنهنجو رب ڪافي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ منھنجي (نيڪ) ٻانھن تي تنھنجو ڪوبه وس نه ھلندو، باقي ڀروسي جي لائق صرف تنھنجو پالڻھار ئي ڪافي آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبُّكُمُ الَّذى يُزجى لَكُمُ الفُلكَ فِى البَحرِ لِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ إِنَّهُ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 66) |
اوھان جو پالڻھار اھو آھي جيڪو دريائن ۾ ٻيڙيون ھن لاءِ ھلائيندو آھي ته سندس فضل ڳوليو، ڇوته اُھو اوھان تي ٻاجھارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي انسانو) توهان جو پروردگار اهوئي آهي، جو توهان جي ڪمن ڪارين لاءِ سمنڊ ۾ جهاز هلائي ٿو، انهيءَ لاءِ ته توهان (سير ۽ سفر ڪري) سندس فضل (گذران جو سامان ۽ طرح طرح جون نعمتون) تلاش ڪيو. بيشڪ هو اوهان تي وڏيون رحمتون ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جو رب اهو آهي جيڪو ٻيڙيءَ کي درياءَ ۾ هلائي ٿو ان لاءِ ته توهان الله تعالى جو فضل حاصل ڪريو، بيشڪ الله تعالى توهان تي ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (انسانو) اوهان جو پروردگار (اهو قادر مطلق آهي) جيڪو سمنڊ ۾ اوهان جي لاءِ جهازن کي هلائي ٿو ته جيئن اوهين سندس فضل ۽ ڪرم (روزيءَ) جي تلاش ڪريو. ان ۾ شڪ نه آهي ته اهو توهان تي وڏو مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رب اوهان جو جيڪو هلائي ٿو اوهان جي لاءِ ٻيڙيون سمنڊ ۾ تانته طلب ڪريو ان جي فضل مان بيشڪ اهو آهي اوهان سان مهربان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان جو پاليندڙ اهو آهي جو سمنڊ ۾ اوهان لاءِ ٻيڙيون هلائي ٿو هن لاءِ ته اوهين سندس فضل مان (روزي) ڳوليو. بيشڪ اهو اوهان تي وڏو مهربان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان جو پالڻهار اُهو آهي جيڪو سمنڊ ۾ اوهان لاءِ ٻيڙيون هلائي ٿو. هن لاءِ ته اوهان سندس فضل (يعني روزي) ڳوليو. بيشڪ اُهو اوهان مٿان وڏي ٻاجهه ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اوهان سَڀن جو، سو سائـِين سُنهارو، جو ٻيڙا هلائي ٻار ۾، سُهکو سَفر سارو، تان تِنهن ڀلي جي ڀال مان، گُھرو گُذارو، ٻَهون ٻاجھارو، هردم اوهان جي هال تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان جو رب ئي اهو آهي، جو اوهان لاءِ ٻيڙين کي درياءَ ۾ هلائي ٿو، ته اوهين سندس فضل ڳوليو، بيشڪ هو اوهان تي وڏو مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهانجو رب ته اهو آهي، جيڪو سمنڊ ۾ توهانجي لاءِ ٻيڙيون هلائي ٿو تانته توهان سندس فضل هٿ ڪريو. حقيقت اها آهي ته هو توهان تي ڏاڍو مهربان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان جو (حقيقي) رب ته اهو آهي جيڪو هلائي ٿو توهان جي لاءِ سمنڊ ۾ ٻيڙيءَ کي، جيئن ڳولا ڪريو سندس فضل جي، بيشڪ اهو رب توهان تي بي حد مهربان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان جو پالڻھار ته اھو آھي جيڪو توھان جي لاءِ سمنڊ ۾ ٻيڙا ھلائي ٿو ته جيئن توھان ان جو فضل (يعني روزي) تلاش ڪريو. بيشڪ ھو توھان جي مٿان وڏو مھربان آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فِى البَحرِ ضَلَّ مَن تَدعونَ إِلّا إِيّاهُ فَلَمّا نَجّىٰكُم إِلَى البَرِّ أَعرَضتُم وَكانَ الإِنسٰنُ كَفورًا (آيت : 67) |
۽ جڏھن اوھان کي درياءَ ۾ ڪا اوکائي پھچندي آھي تڏھن خاص ان (الله) کانسواءِ ٻـين جن کي اوھين سڏيندا آھيو سي وسري ويندا آھن، پوءِ جنھن مھل اوھان کي سُڪي ڏي بچائيندو آھي (تنھن مھل) مُنھن موڙيندا آھيو، ۽ ماڻھو ڏاڍو بي شڪر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن توهان سمنڊ ۾ هوندا آهيو ۽ (ڪنهن) مصيبت ۾ ڦاسندا آهيو تڏهن اهي سڀ هستيون جن کي توهان (خدا کانسواءِ) سڏيندا آهيو سي توهان کي ڇڏي ڀڄي وينديون آهن، (يعني ان وقت توهان انهن کي وساري ڇڏيندا آهيو) فقط هڪ الله ياد ايندو اٿوَ. پوءِ جڏهن هو اوهان کي مصيبت مان ڇڏائي ٿو ۽ خشڪيءَ تي پهچائي ٿو تڏهن وري توهان کانئس منهن موڙي ٿا ڇڏيو. حقيقت هيءَ آهي ته انسان وڏو بي شڪر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت توهان کي درياءَ ۾ تڪليف پهچي ٿي ته پوءِ الله کانسواءِ ٻيا معبود توهان کي وسريو وڃن، پوءِ جڏهن الله تعالى توهان کي نجات ڏئي زمين تي آڻي ٿو ته توهان انڪار ڪريو ٿا، ۽ انسان وڏو ناشڪر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن سمنڊ ۾ ڪڏهن اوهان کي تڪليف پهچي ته جن جي اوهين پوڄا ڪندا هئا غائب ٿي ويا رڳو اهو ئي (هڪ خدا ياد رهي ٿو) ۽ جڏهن خدا توهان کي چوٽڪارو ڏئي خشڪيءَ تائين پهچايو ته وري اوهان ان کان منهن موڙ ڪئي. ۽ انسان وڏو ناشڪرو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن پهچي ٿي اوهان کي تڪليف سمنڊ ۾ ته گم ٿيو جنهن جي عبادت ڪيو ٿا ان (الله) کانسواءِ پوءِ جڏهن ڇڏايائين اوهان کي سڪيءَ ڏانهن ته منهن موڙيندا آهيو ۽ آهي انسان گھڻو بي شڪر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اوهان کي درياءَ ۾ تڪليف پهچي ٿي تڏهن جن کي (هينئر) سڏيو ٿا سي سڀ الله کان سواءِ وسري وڃن ٿا. پوءِ جڏهن اوهان کي خشڪيءَ ڏي بچائي آڻي ٿو ته منهن موڙيو ٿا ۽ انسان وڏو بي شڪر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اوهان کي سمنڊ ۾ تڪليف پهچي ٿي ته اُهي (ڪوڙن معبودن جا خيال)گم ٿي وڃن ٿا جن جي پوڄا ڪيو ٿا سواءِ ان (هڪ الله) جي. پوءِ جڏهن توهان کي بچائي خشڪيءَ تي پهچائي ٿو ته اوهان مُنهن موڙي وڃو ٿا. ۽ انسان وڏو بي شڪر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَڏهن پَهتو سِير سُمُونڊ۾، توهان کي طُوفان، ته وِيا سڀ، سَڏيو جن کي، سوا اُن سُبحان، پوءِ جڏهن آندئـِي نيان بَرڏي، ته ڦريا بي فرمان، ۽ آهي، هِيء اِنسان، بِلڪُل بي شُڪران ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن درياءَ ۾ اوهان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي، ته الله کانسواءِ جن کي پڪاريو ٿا، سي سڀ گم ٿي وڃن ٿا، پوءِ جڏهن اوهان کي زمين تي آڻي ته اوهين ڦري وڃو ٿا ۽ انسان وڏو بي شڪر آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن سمنڊ ۾ توهان تي مصيبت اچي پوندي آهي ته کانئس سواءِ ٻين جن کي به توهان سڏيندا آهيو، سي سڀ گم ٿي ويندا آهن، پر وري جڏهن هو توهانکي بچائي سڪيءَ تي آڻي ٿو ته توهان کانئس منهن موڙي ٿا وڃو. انسان ته ڏاڍو بي شڪرو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن توهان تي مصيبت اچي ٿي سمنڊ ۾، ته هڪ (الله) کان سواءِ سڀ گم ٿي ويندا آهن جن جن کي توهان سڏيندا آهيو، پر جڏهن اهو (الله) توهان کي بچائي خشڪيءَ تي پهچائي ٿو ته توهان منهن موڙي ويندا آهيو، انسان واقعي ناشڪرو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏھن سمنڊ ۾ توھان تي ڪا تڪليف اچي ٿي ته توھان جن کي پڪاريندا آھيو سي ته گم ٿي ويندا آھن. پوءِ اهو (الله ئي) توھان کي بچائي خشڪيءَ تي پھچائيندو آھي ته وري توھان فوراً منھن موڙيندا آھيو. بيشڪ انسان وڏو ناشڪرو آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَأَمِنتُم أَن يَخسِفَ بِكُم جانِبَ البَرِّ أَو يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم وَكيلًا (آيت : 68) |
(اوھين) پاڻ کي سڪيءَ ۾ گھائڻ کان يا پاڻ تي (پھڻن جي) آنڌي اچڻ کان بي ڀوا ٿيا آھيو ڇا؟ وري اوھين پاڻ لاءِ ڪو واھرو نه لھندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا توهان کي هن ڳالهه کان امن امان ملي ويو آهي، ڇا ته هو اوهان کي خشڪي ئي جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پوري لٽي ڇڏي (جيئن صحرا ۾ ٿيندو آهي يا ڌرتيءَ جي ڌٻڻ وقت ٿيندو آهي) يا توهان تي پٿرن وسائڻ واريون آنڌيون آڻي ۽ توهان ان حال ۾ ڪوبه پنهنجو مددگار ڪونه ڏسو يا لهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ توهان ان ڳالهه کان امن ۾ آهيو ته توهان زمين جي ڪنهن حصي سان گڏ زمين ۾ غرق نه ٿي ويندا، يا الله تعالى توهان جي مٿان پٿر موڪلي ان کان پوءِ توهان کي ڪوبه ڪارساز نه ملي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا اوهان کي اهو به يقين ٿي ويو ته اهو، اوهان کي خشڪيءَ ڏي آڻي (قارون وانگر) زمين ۾ ڌسي ڇڏي يا اوهان تي (لوط جي قوم وانگر) پٿرن جو مينهن وسائي پوءِ ڪنهن کي به پنهنجو ڪارساز نه لهندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ بي خوف ٿيئو اوهان هن ڳالھ کان جو ڳهرائي ڇڏي اوهان کي پاسي سڪئي جي ۾ يا موڪلي اوهان تي آنڌي تنهن کان پوءِ نه لهو پنهنجي لاءِ ڪو ڪارساز، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ اوهان کي هن ڳالهه کان ڊپ ڪونهي ته اوهان کي خشڪيءَ جي ڪنهن پاسي ۾ ڳهائي ڇڏي يا اوهان تي پهڻن وسائڻ وارو واه موڪلي پوءِ پاڻ لاءِ ڪو نگهبان نه لهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا توهان هن ڳالهه کان بي خوف ٿي ويا آهيو؟ جو اُهو اوهان کي خشڪيءَ جي ڪناري ئي (زمين ۾) غرق ڪري يا اوهان تي پٿر وسائڻ واري تيز هوا موڪلي پوءِ اوهان پنهنجي لاءِ ڪو ڪارساز نه لهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا لَٿا ڊَپ ڊاءُ؟، ته بَر ۾ ڳَهائـِينان ڳِهلڙا!يا آنڌِي اَنڌُوڪارسان، ڪو واري اوهان تي واءُ، پوءِ لهو نه پَنهنجي لاءِ، موٽِي مَددگار ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اوهين انهي کان بي فڪر آهيو ته، اوهان کي خشڪيءَ تي آڻي زمين ۾ ڳهائي ڇڏي يا اوهان تي پٿرن جو مينهن وسائي، پوءِ اوهان ڪنهن کي به پنهنجو مددگار نه لهو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڀلا توهان ان ڳالهه کان بلڪل بي ڊپا ٿي ويا آهيو ڇا، ته متان الله توهان کي ڪٿي خشڪ زمين ۾ ڪنهن پاسي ڳهائي ڇڏي يا توهان تي پٿر وسائيندڙ طوفان موڪلي ۽ توهان کي ان کان بچائڻ وارو ڪوبه نگهبان نه ملي سگهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇا توهان بلڪل بي ڊپا آهيو ته خدا توهان کي خشڪيءَ تي زمين ۾ پيهي ڇڏي، يا موڪلي توهان تي پٿر وسائڻ واري جهڪ پوءِ توهان کي ان کان بچائڻ وارو ڪوبه واهرو نه ملي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توھان ان ڳالھ کان بي فڪرا ٿيا ويٺا آھيو ته متان اللھ تعالى توھان کي (سمنڊ مان بچائي) خشڪي تي آڻي زمين ۾ ڳھائي ڇڏي يا توھان جي مٿان پٿرن جو مينھن وسائي سو اھڙي حالت ۾ توھان کي ڪوبه مددگار نه ملي سگهندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم أَمِنتُم أَن يُعيدَكُم فيهِ تارَةً أُخرىٰ فَيُرسِلَ عَلَيكُم قاصِفًا مِنَ الرّيحِ فَيُغرِقَكُم بِما كَفَرتُم ثُمَّ لا تَجِدوا لَكُم عَلَينا بِهِ تَبيعًا (آيت : 69) |
يا ٻئي ڀيري ان (درياء) ۾ موٽائڻ کان بي ڀَوَا ٿيا آھيو ڇا؟ پوءِ اوھان تي واءُ جو طوفان موڪلي پوءِ اوھان کي اوھان جي انڪار سببان ٻوڙي وري انھي (ٻوڙڻ جي) ڪري پاڻ لاءِ اسان تي ڪو پيڇي ڪرڻ وارو نه لھندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا توهان هن ڳالهه جو به خوف نٿا رکو ڇا؟ ته الله اوهان کي ٻيهر اهڙي ئي مصيبت ۾ وجهي ۽ (اوهان جي ٻي سامونڊي مسافريءَ ۾) هوا جو هڪ سخت طوفان موڪلي ۽ اوهان جي ناشڪري جي بدلي ۾ اوهان کي غرق ڪري ڇڏي ۽ پوءِ ڪوبه (مددگار) نه لهو، جيڪو ان متعلق اسان تي دعويٰ ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ توهان امن وارا آهيو ان ڳالهه کان جو توهان کي واپس درياءَ ۾ وٺي وڃي پوءِ توهان جي مٿان سامونڊي طوفان آڻي پوءِ توهان کي توهان جي ناشڪري جي ڪري ٻوڙي ڇڏي، پوءِ ان ڳالهه تي توهان جي پوئواري ڪندڙ توهان کي ڪوبه نه ملي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا اوهان کي هن (ڳالھ) جي خاطري ٿي وئي آهي ته خدا وري اوهان کي ٻيو ڀيرو ان سمنڊ ڏي وٺي وڃي جنهن کان پوءِ هوا جو سخت طوفان موڪلي جيڪو (جهاز کي) ٽڪرا ٽڪرا ڇڏي پوءِ اوهان جي ڪفر جي سزا ۾ ٻوڙي ڇڏي پوءِ اوهين ڪنهين کي (اهڙو حمايتي) نه لهندو جيڪو اسان کان بدلو وٺڻ وارو هجي. (۽ اوهان کي ڇڏائي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا بي خوف ٿيئو هن ڳالھ کان جو ورائي اوهان کي ان ۾ ڀيرو ٻيو پوءِ موڪلي اوهان تي طوفان هوا جو پوءِ ٻوڙي ڇڏي اوهانکي ان سببان جو ڪفر ڪيُوَ تنهن کان پوءِ نه لهو پنهنجي لاءِ اسان تي ان سببان ڪو پوءِ واري ڪندڙ..(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته اوهان کي هن ڳالهه جو ڊپ ڪونهي ته اوهان کي ٻئي ڀيري درياءَ ۾ وٺي وڃي پوءِ اوهان تي هوا جو سخت طوفان موڪلي پوءِ اوهان جي (ان) ناشڪريءَ جي ڪري اوهان کي ٻوڙي پوءِ اوهان پاڻ لاءِ اسان کان ان (ٻوڙڻ) جو ڪوبه بدلي وٺڻ وارو نه لهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا اوهان هن ڳالهه کان بي خوف ٿي ويا آهيو جو توهان کي ٻيو ڀيرو ان (سمنڊ ۾) موٽائي پوءِ توهان تي (ٻيڙيون ڀڃڻ وارِي) تيز هوا موڪلي پوءِ توهان کي ان ڪفر سبب جيڪو ڪيو ٿا (سمنڊ ۾) ٻوڙي ڇڏي پوءِ توهان پاڻ لاءِ ان (ٻوڙڻ) تي اسان کان ڪوبه بدلي وٺڻ وارو نه لهندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِ بي ڊَپاٿِيا اِن کان؟ ته اُن ۾ آڻِينان ٻِيهار؟ پوءِ اُماڻي اوهان مَٿي، ڪو تِکو واءُ تڪرار، پوءِ ڪَيئان ڪُفر، تنهن ڪري، ٻوڙِينِئان مَنجھ ٻار، پوءِ پايو نه پَنهنجي هارِ، وَرِي اَسان تي واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا انهيءَ کان بي فڪر آهيو ته هو درياءَ ۾ ٻيو ڀيرو وٺي وڃيوَ پوءِ اوهان تي طوفان موڪلي ۽ اوهان کي اوهان جي ڪفر ڪري ٻوڙي ڇڏي؟ پوءِ اوهان پاڻ لاءِ ڪو به اسان جي پٺيان پوڻ وارو نه لهو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڇا توهان کي اهو ڪو ڊپ ئي ڪونهي ته الله وري توهان کي سمنڊ ۾ وٺي وڃي ۽ توهانجي ناشڪريءَ ڪري توهان تي هوا جو سخت طوفان آڻي، توهان کي ٻوڙي ڇڏي ۽ توهان کي اسان کان انهيءَ ڳالهه جو بدلو وٺڻ وارو ئي ڪونه ملي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان کي ان جو ڪوبه ڊپ ناهي ته خدا توهان کي وري ڪنهن وقت سمنڊ ۾ وٺي وڃي ۽ توهان جي ناشڪري سبب توهان تي سخت طوفاني هوا موڪلي توهان کي ٻوڙي ڇڏي ۽ توهان کي ڪوبه واهرو نه ملي، جيڪو ان کان توهان جي انهيءَ انجام جي ڪا پڇا به ڪري سگهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا توھان ھن ڳالھ کان بي فڪرا ٿيا ويٺا آھيو ته متان اللھ تعالى توھان کي وري ٻيهر سمنڊ ڏانھن وٺي وڃي ۽ توھان تي سخت طوفاني ھوا موڪلي ۽ ناشڪري جي بدلي ۾ توهان کي ٻوڙي ڇڏي. پوءِ توھان کي، توھان لاءِ اسان کان ڪير به بدلي وٺڻ وارو نه ملندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد كَرَّمنا بَنى ءادَمَ وَحَمَلنٰهُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلىٰ كَثيرٍ مِمَّن خَلَقنا تَفضيلًا (آيت : 70) |
۽ بيشڪ آدم جي اولاد کي شرف ڏنوسون ۽ کين پَٽن ۽ دريائن ۾ کنيوسون ۽ کين سٺين شين مان روزي ڏنيسون ۽ جيڪي خلقياسون تن مان گھڻن کان کين زيادہ مانَ وارو ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي حقيقت آهي ته اسان بني آدم کي بزرگي ڏني. ۽ بر ۽ بحر ٻنهي جون قوتون کيس تابع ڪري ڏنيون ته هن کي کڻي هيڏي هوڏي وڃن، ۽ اسان چڱيون ۽ پاڪ شيون سندس روزيءَ لاءِ مهيا ڪيون، ۽ پڻ مخلوقات مان گهڻن تي کيس برتري ڏني. پوري ۽ وڏي برتري ڏني جهڙي هئڻ گهرجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق اسان (حضرت) آدم جي اولاد کي معزز بنايو ۽ اسان انهن کي زمين ۽ سمنڊ تي سوار ڪرايو ۽ انهن کي پاڪ شين مان رزق عطا ڪيو ۽ اسان انهن کي پنهنجي گھڻي مخلوق تي نمايان فضيلت عطا ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان پڪ آدم جي اولاد کي عزت ڏني جيڪي خشڪي ۽ دريا ۾ انهن کي (جانورن ۽ ٻيڙين جي ذريعي) کڻي ڦرن ۽ کين سٺيو سٺيون شيون کائڻ لاءِ ڏنيون ۽ پنهنجي گهڻي مخلوقات کي انهن کي چڱي خاصي فضيلت ڏني.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق عزت وارو بنايو اسان آدم جي اولاد کي ۽ کنيوسون انهن کي پٽ ۾ ۽ سمنڊ ۾ ۽ رزق ڏنوسون انهن کي پاڪ شين مان ۽ سٺو بنايوسون انهن کي گھڻن کان انهن مان جو پيدا ڪياسون وڌيڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان آدم جي اولاد کي عزت ڏني ۽ کين خشڪيءَ ۽ درياءَ ۾ سوار ڪيوسون. ۽ کين سٺين شين مان روزي ڏني سون ۽ جن کي اسان پيدا ڪيو تن مان گهڻن تي انهن کي فضيلت ڏني سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان آدم جي اولاد کي عزت ڏني ۽ اسان انهن کي خشڪي ۽ سمنڊ ۾ سوار ڪيو ۽ کين پاڪيزه شين مان روزي ڏني ۽ اسان انهن کي اڪثر مخلوقات تي جيڪا اسان پيدا ڪئي آهي فضيلت ڏئي برتر بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آدم جي اولاد کي، ڪيوسون ڀَلو بحال، کَنيوسونِ بَر، بَحر ۾، ۽ ڏِنوسُونِ قُوت ڪمال، موچاري مال حَلال مان، ۽ بَخشياسُون وَڏا ڀال، جيڪي جوڙون، جوڙيون سون جال، اَڪثر مٿي، اُنهن منجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان آدم جي اولاد کي عزت ڏني، کيس خشڪي ۽ پاڻي ۾ سوار ڪيوسون، کين پاڪ شين جو رزق ڏنوسون ۽ کين پنهنجي گهڻي مخلوقات تي فضيلت ڏني.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها ته اسانجي مهرباني آهي، جو اسان آدم (ؑ) جي اولاد کي شرف ڏنو ۽ کين سڪيءَ توڙي سمنڊ ۾ سواريون عطا ڪيون ۽ کين پاڪ شين مان رزق ڏنو ۽ پنهنجي گهڻيءَ ئي مخلوقات کان سندس شان مٿانهون ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي ته اسان جي مهرباني آهي جو اسان آدم جي اولاد کي شرف ڏنو، ان کي خشڪي ۽ تريءَ (پاڻي) ۾ سواريون ڏنيون ۽ رزق ڏنوسين پاڪ شين مان، ۽ پنهنجي ڪيتري ئي خلقيل مخلوق تي فضيلت ڏني(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان آدم ($) جي اولاد کي عزت ڏني ۽ کيس خشڪيءَ ۽ پاڻيءَ ۾ سواريون ڏنيون، پاڪ رزق عطا ڪيو ۽ کيس گهڻي مخلوقات تي وڏي فضيلت بخشي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ نَدعوا كُلَّ أُناسٍ بِإِمٰمِهِم فَمَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَأُولٰئِكَ يَقرَءونَ كِتٰبَهُم وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 71) |
ھر ڪنھن ٽوليءَ کي سندن اڳواڻ سان سڏينداسون، پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس ساڄي ھٿ ۾ ڏنو ويندو سي پنھنجو اعمالنامو پڙھندا ۽ تند جيترو به ظلم نه ڪبن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن جڏهن اسان سڀني انسانن کي سندس پيشوائن سميت سڏينداسين (۽ پاڻ وٽ گڏ ڪنداسين) تڏهن جنهن کي پنهنجو ڪتاب (اعمال نامون) پنهنجي (سڄي هٿ ۾ ملندو سو انهن ماڻهن مان هوندو جيڪي پنهنجو اعمال نامون (خوش ٿي) پڙهندا ۽ انهن سان سرنهن جي داڻي جيتري به بي انصافي ڪانه ڪئي ويندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قيامت جي ڏينهن اسين سڀني ماڻهن کي سندن نبين جي نالن سان پڪارينداسين، پوءِ جنهن ماڻهوءَ کي سندس اعمال نامون سَڄي هٿ ۾ ڏنو ويو پوءِ اهي پنهنجي اعمال نامي کي پڙهندا ۽ انهن سان کجور جي پردي برابر به ظلم نه ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن (کي ياد ڪريو) جڏهن اسين سڀني ماڻهن کي سندن پيشوائن سان گڏ سڏاينداسون. ته جنهن جو نامه اعمال سندن سڄي هٿن ۾ ڏنو ويندو ته اهي ماڻهو (خوشيءَ سان) پنهنجو اعمال نامو پڙهڻ لڳندا ۽ مٿن تر جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن سڏينداسون سڀني ماڻهن کي اڳواڻ انهن جي سان پوءِ جنهن شخص کي ڏنو ويو عملنامو پنھنجي سڄي هٿ ۾ پوءِ اهي پڙهندا ڪتاب پنهنجو ۽ نه ظلم ڪيا ويندا تند جيترو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ان ڏينهن کي ياد رک) جنهن ڏينهن سڀ ڪنهن فرقي کي سندن پيشوا سان سڏينداسون. پوءِ جن کي سندن اعمالنامون ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو، سي پنهنجو اعمالنامون پڙهندا ۽ مٿن ڌاڳي جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن اسان هر جماعت کي سندن اڳواڻ سميت سڏينداسين. پوءِ جن کي سندن اعمال نامو ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو پوءِ اُهي پنهنجو اعمال نامو (خوشيءَ سان) پڙهندا ۽ انهن تي ڌاڳي جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏِينهن سَڏيندِاسون، هَر ماڻُهوءَ کي، ساڻ سَندسِ سَردار، پوءِ، جنهن کي، سَندسِ ڪِتاب مِليو، سَندسِ ساڄي پار، پوءِ پڙهن پَنهنجي شوق مان، وَهِي اُهي وِينجھار، ۽ تن جو حَق تڪرار، گَھٽ نه ڪبو وَٿ جيترو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن اسين سڀني ماڻهن کي سندن اعمالن سميت سڏينداسون، پوءِ جنهن کي سندس اعمالناما سڄي هٿ ۾ ڏينداسون ته، اهي پنهنجا اعمالناما پڙهندا ۽ انهن جو ذرو به نقصان نه ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ انهيءَ ڏينهن (ڏي ذرا ڌيان ڪريو) جڏهن اسان هرهڪ انساني ٽولي کي سندس اڳواڻ سان گڏ سڏائينداسون ته پوءِ جن کي سندن اعمالنامو ساڄي هٿ ۾ ملندو، سي ته پنهنجي ڪئي ڪمائيءَ وارو ڪتاب پڙهندا ۽ مٿن ذري جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري خيال ڪريو ان ڏينهن جو، جڏهن اسان سڏينداسين هر انساني ٽولي کي سندس اڳواڻ سان گڏ، پوءِ جن ماڻهن کي سندن اعمالنامو ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو، ته اهي ان اعمالنامي کي پڙهندا ۽ انهن تي ڪوبه ظلم نه ڪيو ويندو ذري برابر به(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان ڏينھن کي ياد ڪريو) جڏھن اسان سڀني ماڻهن کي سندن رھبر (۽ اڳواڻ) سميت گهرائينداسين پوءِ ان ڏينھن جنھن کي ساڄي ھٿ ۾ اعمال نامو ڏنو ويندو ته اهي سڀ ماڻهو پنهنجا پنھنجا اعمال ناما پڙھندا ۽ مٿن ذَري جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن كانَ فى هٰذِهِ أَعمىٰ فَهُوَ فِى الءاخِرَةِ أَعمىٰ وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 72) |
۽ جيڪو ھن دنيا ۾ انڌو ٿيو سو آخرت ۾ (به) انڌو (ھوندو) ۽ واٽ کان بِنھ ڀُليل رھندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪو هن دنيا ۾ انڌو ٿي رهيو (۽ الله جي ڏنل هوش ۽ حواسن کان ڪم نه ورتائين) تنهن بابت يقين ڪيو ته هو آخرت ۾ به انڌو ئي رهندو ۽ (سنئين) رستي کان پري گمراهه هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو هن دنيا ۾ حق کان پري آهي پوءِ اهو آخرت ۾ به سنئين رستي کان پري ۽ نهايت گمراه هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص هن دنيا ۾ (ڄاڻي واڻي) انڌو بڻيو رهيو ته اهو آخرت ۾ به انڌو ئي رهندو ۽ (ڇوٽڪاري جي) رسي کان پري ڀٽڪيل هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو هوندو هن (دنيا) ۾ انڌو پوءِ اهو آخرت ۾ (به) انڌو ۽ حق جي واٽ کان گمراھ رهندو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جو هن دنيا ۾ انڌو ٿيو سو آخرت ۾ به انڌو ۽ رستي کان ٿڙيل هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ماڻهو هن (دنيا) ۾ (حق کان) انڌو بنجي رهيو پوءِ اُهو آخرت ۾ به انڌو ئي رهندو ۽ رستي کان ڀٽڪيل رهندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو هِن ۾ اَنڌو اُونڌو، پوءِ اُهو آخرت ۾. اَنڌوئـِي هُوندو، پڻ گُٿل گھڻو گَس ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو دنيا ۾ انڌو هوندو، سو آخرت ۾ به انڌو رهندو ۽ وڌيڪ گمراهه هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪو هن دنيا ۾ انڌو ٿي رهيو، اهو آخرت ۾ به انڌو ئي رهندو، بلڪه رستو لهڻ ۾ انڌي کان به وِيلُ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو وري هن دنيا ۾ نابين (انڌو) ٿي رهيو، سو ته آخرت ۾ به انڌو ٿي رهندو، پر انڌي کان به وڌيڪ ناڪام رهندو (سڌي) رستي لهڻ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جيڪو ماڻهو ھن دنيا ۾ (اللھ تعالى جي آيتن کان) انڌو ٿي رھندو ته ھو آخرت ۾ به انڌو ئي اٿندو ۽ رستي کان به ڀٽڪيل ھوندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن كادوا لَيَفتِنونَكَ عَنِ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ لِتَفتَرِىَ عَلَينا غَيرَهُ وَإِذًا لَاتَّخَذوكَ خَليلًا (آيت : 73) |
۽ جيڪي توڏانھن (پنھنجن حُڪمن جو) وحيُ ڪيوسون تنھن کانسواءِ توکي ھن لاءِ دوکي ۾ وجھڻ لڳا ھوا ته تون ان کانسواءِ ٻيو ڪو اسان تي ٺاھ ٺاھين، ۽ انھيءَ مھل توکي دوست بڻائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) هنن ماڻهن ته پنهنجي وسان ڪين گهٽايو ته توکي فريب (لالچون ۽ ڌمڪيون) ڏيئي انهيءَ ڪلام (جي پهچائڻ) کان باز رکن جيڪو اسان وحي طور توتي نازل ڪيو آهي. ۽ سندن مقصد هي هو ته انهيءَ ڪلام جي بدران ٻيون ڳالهيون ٻڌائي اسان تي ڪوڙا ٺاهه ٺاهين، ۽ پوءِ هو خوش ٿي توکي پنهنجو دوست بنائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي عنقريب توهان کي لغزش ڏين ها ان وحي کان جيڪا اسان توهان ڏانهن موڪليون ٿا، ان لاءِ ته توهان اسان ڏانهن ٻِي ڪا نسبت ڪريو، ۽ ان وقت اهي توهان کي دوست بنائين ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پڪ اهي ماڻهو گهرن پيا ته تو کي هن ڪلام کان هٽائين جيڪو اسان تو تي وحيءَ جي ذريعي نازل ڪيو هو ته جيئن (قرآني حڪم) کان سواءِ ٻي ڳالھ ڪڍين جيڪا حق نه هجي ۽ جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته پوءِ اهي ماڻهو تو کي پنهنجو دوست بنائين ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيتوڻيڪ ويجھا ٿيا ته البته آزمائش ۾ وجھن توکي ان کان جو وحي ڪيوسون توڏانهن تانته ٺاهين اسان تي ان کان سواءِ ۽ ان وقت البته بنائين ها توکي دوست .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي اسان تو ڏي وحي ڪيو آهي تنهن کان انهن توکي ذري گهٽ ڦيريو ٿي هن لاءِ ته ان (وحي) کان سواءِ تون اسان تي ڪو ٺاهه ٺاهين. ۽ ان وقت ته توکي دوست بنائين ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪافر توکي آزمائش ۾ وجھي ڦيرائڻ چاهن پيا ان کان جنهن جي اسان تو ڏانهن وحي ڪئي آهي هن لاءِ ته تون اسان تي ڪو ٺاهُه ٺاهين ۽ (جي تون ائين ڪرين ها) پوءِ ته تو کي دوست ڪري وٺن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قابُو پِيا ڪُفار، ته توکي ڦيرِينِ، تِنهن ڪنان، توڏي مُڪو سون مُورِهين، وِحيءَ، جو وِينجھار! تان ٺاھ اَسان تي ٺاهِين، تِنهن ري، ٻيو ٻِيهار، ۽ وَٺندا تنهِين وار، توکي دِلئون دوست ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪافر توکي توڏانهن اسان جي موڪليل ڪلام بابت فريب ڏيڻ لڳا هئا ته تون اسان تي ڪو ٻيو ٺاهه ٺاهين، ته پوءِ هو خوش ٿي توکي پنهنجو دوست بڻائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! انهن ماڻهن ته پنهنجيءَ ڪوشش ۾ ڪين گهٽايو ته توکي فتني ۾ وجهي انهيءَ وحيءَ کان هٽائي ڇڏين، جيڪا اسان توڏانهن موڪلي آهي تانته تون اسانجي نالي تي ڪا ٻي ڳالهه پنهنجي طرفان گهڙين. جيڪڏهن تون ائين ڪرين ها ته هو ضرور توکي پنهنجو دوست بڻائين ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) انهن ماڻهن ان ڪوشش ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي ته ان وحي کان توکي هٽائي فتني ۾ وجهن، جيڪو اسان تو ڏانهن موڪليو آهي، جيئن تون اسان جي نالي ڪو ٺاهه ٺاهين، ائين ڪرين ها ته اهو توکي دوست ٺاهي ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ھي ڪافر توکي اسان جي وحي کان ڦيرڻ جي ويجهو پهچي ويا ھئا ته جيئن تون ھن وحي جي ابتڙ اسان جي مٿان ڪا ڳالھ گهڙي وٺين ۽ جيڪڏھن تون ايئن ڪرين ھا ته ھو توکي پنهنجو گهاٽو دوست ٺاھي وٺن ھا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَولا أَن ثَبَّتنٰكَ لَقَد كِدتَ تَركَنُ إِلَيهِم شَيـًٔا قَليلًا (آيت : 74) |
۽ جيڪڏھن اسين توکي (پنھنجي ڳالھ تي) پختو نه رکون ھا ته ويجھو ھو جو بيشڪ اُنھن ڏانھن ڪي ٿوروئي لڙي پون ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن (حق جي راهه تي) اسان توکي مستقيم ۽ محڪم نه رکون ها ته تون ضرور انهن جي طرف ڪجهه نه ڪجهه لاڙو ڪري ويهين ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اسين توهان کي ثابت قدم نه رکون ها ته (ممڪن هو ته) توهان انهن جي فريبن ڏانهن ٿورو لاڙو ڪريو ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اها ڳالھ نه هجي ها جو مون تو کي ثابت قدم رکيو آهي ته تون انهن ڏي ڪجھ نه ڪجھ مائل ٿي پوين ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن نه هجي ها هيءَ ڳالھ جو ثابت رکيو اسان توکي ته البته تحقيق ويجھو هئين جو لڙي پوين انهن ڏانهن شيءِ ٿوري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اسين توکي سنڀالي نه رکون ها ته تون انهن ڏي ذري گهٽ ڪجهه جهڪين ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي اسان توکي ثابت قدم نه رکون ها ته ممڪن هيو ته تون انهن ڏانهن ٿورڙو مائل ٿي وڃين ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُوند، نه توکي حَق مٿي، بيهاريو سون بَحال، ته ڪِي ڪُجھ، تون پڻ تن ڏي، لَڙِي وَڃِين ها لال! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن اسين توکي پختو نه رکون ها ته، تون ضرور انهن ڏانهن ڪجهه لاڙو ڪري ويهين ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن اسان توکي پوريءَ طرح مضبوط ڪري نه بيهاريون ها ته امڪان هو ته تون انهن ڏانهن ٿورو جهڪي پوين ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اها ڳالهه) پري نه هئي جي اسان توکي پختو نه رکون ها ته تون انهن ڏي ڪجهه نه ڪجهه لڙي پوين ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان جيڪڏھن توکي ثابت قدم نه رکون ھا ته اهو امڪان ھو ته تون انهن ڏانھن ڪجهه نه ڪجهه لاڙو رکين ھا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذًا لَأَذَقنٰكَ ضِعفَ الحَيوٰةِ وَضِعفَ المَماتِ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ عَلَينا نَصيرًا (آيت : 75) |
۽ اتي جو اتي حياتي جو ٻيڻو عذاب ۽ موت جو (به) ٻيڻو عذاب توکي چکايون ھا وري پاڻ لاءِ اسان تي ڪو واھرو نه لھين ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ان صورت ۾ ضرور توکي زندگيءَ جو به ٻيڻو عذاب چکايون ها ۽ موت جو به ٻيڻو عذاب چکايون ها. ۽ وري توکي اسان جي مقابلي ۾ ڪو مددگار به ڪونه ملي ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اگر ايئن ٿئي ها ته اسين توهان کي ٻيڻي حياتي ۽ ٻيڻي موت جو مزو چکايون ها پوءِ توهان کي اسان جي مقابلي ۾ ڪوبه مددگار نه ملي ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان وقت اسان تو کي زندگي ۽ موت ٻنهي جي عذاب جو مزو چکايون ها پوءِ تون پنهنجي لاءِ اسان جي مقابلي ۾ ڪو به مددگار نه لهين ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان وقت البته چکايون ها توکي ٻيڻي سختي حياتيءَ ۾ ۽ ٻيڻي سختي وفات ۾ ان کان پوءِ نه لهين ها پنهنجي لاءِ اسان تي ڪو مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (جيڪڏهن ائين ڪرين ها ته) ان ئي وقت توکي حياتيءَ ۾ ٻيڻو ۽ موت کان پوءِ ٻيڻو (عذاب) چکايون ها پوءِ توکي پاڻ لاءِ اسان جي مقابلي ۾ ڪوبه مددگار نه ملي ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اگر بالفرض تون ائين ڪرين ها ته) ان وقت اسان تو کي ٻيڻو مزو دنيا ۾ ۽ ٻيڻو موت ۾ چکايون ها ۽ پوءِ تو کي پنهنجي لاءِ اسان جي مقابلي ۾ ڪو مددگار نه ملي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن ته توکي ڪَر اسان، چَکايون چَڱِي چال، ٻِيڻو ٻارڻ موت جو، پڻ ٻِيڻو جِيئڻ جَنجال، پائـِين نَه پَنهنجي نال، ڪو وَرِي اسان تي واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان وقت اسين توکي حياتيءَ خواهه موت جو ٻيڻو عذاب چکايون ها، پوءِ تون اسان جي مقابلي ۾ ڪو مدد ڪندڙ نه لهين ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جيڪڏهن تون ائين ڪرين ها ته اسان دنيا ۾ به توکي ٻيڻو عذاب چکايون ها ته آخرت ۾ به ٻيڻو عذاب ۽ پوءِ اسان جي مقابلي ۾ ڪو مددگار نه مـِـلئي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن تون ائين ڪرين ها ته چکايون ها توکي دنيا ۾ ٻيڻي عذاب جو مزو ۽ آخرت ۾ به ٻيڻي عذاب جو مزو چکايون ها، پوءِ اسان جي مقابلي ۾ ڪو واهرو مددگار نه لهين ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان ھن دنيا ۾ ئي توکي ٻيڻي عذاب جو مزو چکايون ھا ۽ آخرت ۾ به (وري الڳ) ٻيڻو عذاب ڏيون ھا ۽ تون اسان جي مقابلي ۾ ڪنھن کي به مددگار نه ڏسين ھا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن كادوا لَيَستَفِزّونَكَ مِنَ الأَرضِ لِيُخرِجوكَ مِنها وَإِذًا لا يَلبَثونَ خِلٰفَكَ إِلّا قَليلًا (آيت : 76) |
۽ (اي پيغمبر مڪي جي) زمين ۾ سگھو ئي توکي ھن لاءِ بيقرار ڪندا ته ان مان توکي لڏائين ۽ انھيءَ مھل توکان پوءِ (پاڻ به) ٿورو وقت رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن هن ڳالهه ۾ به پنهنجي وسان ڪين گهٽايو هو ته، توکي هن ملڪ مان عاجز ڪري ڪڍي ڇڏين، ۽ جيڪڏهن ائين ڪري ويهن ها ته (ياد رک ته تنهنجي نڪري وڃڻ کان) پوءِ مهلت ڪانه ملين ها پر تمام ٿوري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ عنقريب اهي توهان کي زمين مان اُکيڙي ٻاهر ڪڍن ها ۽ ايئن ڪن ها ته پوءِ اهي توهان جي پويان زمين ۾ نه رهن ها مگر ٿورو زمانو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي (مڪي جي) زمين مان تنهنجا پير اکيڙڻ لڳا ٿي هن لاءِ ته تو کي (شام ڏي) ڪڍن ۽ ائين ٿئي ها ته پوءِ اهي ماڻهو تنهنجي پٺيان ٿورن ڏينهن کان سواءِ ترسن به نه ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيتوڻيڪ ويجھا ٿيا ته البته بي قرار ڪن توکي زمين ۾ تانته ڪڍن توکي ان مان ۽ ان وقت نه رهندا (پاڻ به) پويان تنهنجي مگر ٿورو وقت.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي (مڪي جي) زمين مان تنهنجا پير اکيڙڻ لڳا ٿي هن لاءِ ته ان مان توکي ڪڍن ۽ ان وقت پاڻ به تنهنجي پٺيان ٿورو وقت رهن ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ لڳي ٿو ته اهي (ڪافر) تنهنجا قدم سرزمينِ (مڪه) مان اُکاڙڻ چاهن ٿا هن لاءِ ته توکي ان مان ڪڍن ۽ پوءِ ته پاڻ به ان ۾ توکان پوءِ ٿورو ئي رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀُونءَ ۾ ڏِينئي ڀَو، ته توکي، ڪَڍن تِنهن مَنجھان، تڏهن ته توکان پوءِ، هِي به هُوندا ٿورڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو توکي هن سرزمين مان ٿيڙي ڪڍڻ تي هئا ته، تو کي اتان ڪڍن ۽ ان وقت کانپوءِ ڪا ٿورڙي ئي مهلت ملين ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهي ماڻهو انهيءَ ڳالهه تي سندرو ٻڌيو بيٺا آهن ته انهيءَ سرزمين مان تنهنجا پير ڪڍي توکي اتان نيڪالي ڏيئي ڇڏين، پر جيڪڏهن هو ائين ڪندا ته پوءِ توکان پوءِ پاڻ به ته ڪو ٿورڙو ئي رهي سگهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ماڻهو ان ڳالهه تي به سنڀريل هئا ته هن سرزمين تان تنهنجا پير ڪڍن ۽ ڪڍن هتان کان توکي ۽ جي هي ائين ڪندا ته پوءِ پاڻ به هتي ترسي نه سگهندا ڪجهه دير لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (مڪي جا) ماڻهو ھن سرزمين تان تنھنجا قدم اکاڙڻ جي پويان لڳل آھن ته جيئن ھو توکي شهر نيڪالي ڏين ۽ جيڪڏھن ھو ايئن ڪن ھا ته تنھنجي نڪرڻ کان پوءِ ھو به گهڻو وقت (مڪي ۾) نه رھي سگهن ھا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سُنَّةَ مَن قَد أَرسَلنا قَبلَكَ مِن رُسُلِنا وَلا تَجِدُ لِسُنَّتِنا تَحويلًا (آيت : 77) |
توکان اڳ جيڪي پنھنجا پيغمبر موڪلياسون تن جو دستور موافق (جو سندن قوم کين لڏايو ته ناس ڪيو وين) ۽ اسان جي دستور کي ڪا ڦيرڦار نه لھندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان توکان اڳي جيڪي به پيغمبر موڪليا آهن، تن سڀني جي معاملي ۾ اسان جو قانون اهڙوئي رهيو آهي، ۽ اسان جي ٺهرايل قانونن ۾ ڪابه ڦيرڦار نه ڏسندين (يعني خدائي قانون ضرور عمل ۾ ايندو ۽ عملن جو نتيجو ضرور ظاهر ٿيندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اڳيان پيغمبر به الله تعالى پنهنجي دستور موجب موڪليا ۽ توهان الله جي دستور ۾ ڪا تبديلي نه لهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تو کان اڳ جيترا (به) اسان رسول موڪليا آهن تن جو اهو ئي دستور رهيو آهي ۽ جيڪي دستور اسان جا (مقرر ڪيل) آهن تن ۾ تون ڪا ڦير گهير نه پائيندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) طريقو انهن جو جيڪي تحقيق موڪليا اسان توکان اڳي رسولن پنهنجن مان ۽ نه لهندين تون اسان جي طريقي ۾ ڪا تبديلي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن رسولن جي دستور موافق جن کي اسان توکان اڳ موڪليو ۽ تون اسان جي دستور ۾ ڪا ڦير گهير نه لهندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو ئي (الله جو) دستور رهيو آهي (سڀني) رسولن لاءِ جن کي اسان تو کان اڳ موڪليو هيو ۽ تون اسان جي دستور ۾ ڪا تبديلي نه لهندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَرِ پراڻِي اُنهن جِي، جي توکان اَ ڳي اَنور! موڪلياسون مُورِهين، پَنهنجا پَيغمبر، ۽ وار نه لهندِين وِرِ، اَسان جي اُصول ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان جو توکان اڳ موڪليل رسولن سان به اهو رستو رهيو آهي ۽ تون اسان جي دستور ۾ ڦير گهير نه ڏسندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اِها اسانجي هميشه واري ريت آهي، جيڪا انهن سڀني رسولن جي سلسلي ۾ اسان پئي اختيار ڪئي آهي، جن کي اسان توکان اڳ موڪليو هو ۽ اسانجي ريت ۾ تون ڪابه ڦيرڦار نه ڏسندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي مستقل طريقو آهي انهن سڀني رسولن جي معاملي ۾ ورتو جن کي تو کان اڳي اسان موڪليو هو، ۽ نه ڏسندين اسان جي طريقي ۾ ڪابه ڦيرڦار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسين توکان اڳ جيڪي به رسول موڪليا ھئا، انهن سان به اھوئي قاعدو لاڳو ھو (ته جنھن به قوم نبي سڳوري کي قتل يا شھر نيڪالي ڏني ته ھو به ڪجهه ڏينھن اندر پنھنجو وجود وڃائي ويٺا) ۽ تون اسان جي قاعدي ۾ ڪو به فرق نه ڏسندين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَقِمِ الصَّلوٰةَ لِدُلوكِ الشَّمسِ إِلىٰ غَسَقِ الَّيلِ وَقُرءانَ الفَجرِ إِنَّ قُرءانَ الفَجرِ كانَ مَشهودًا (آيت : 78) |
سج لڙئي کان وٺي رات جي اونداھيءَ تائين نماز پڙھ ۽ فجر جو قرآن پرھ، بيشڪ فجر جو قرآن پڙھڻ مھل ملائڪ حاضر ٿين ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) نماز قائم ڪر. سج لڙڻ کان وٺي رات جي اونداهيءَ تائين (يعني ظهر، عصر، مغرب ۽ عشا جي وقتن ۾) پڻ صبح جو قرآن پڙهڻ (خاص طرح) ڏٺو وڃي ٿو. (يعني الله تعاليٰ خاص طرح صبح جي نماز ڏسي ٿو ۽ ان جو فائدو وڌيڪ ملي ٿو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان سج جي زوال کان رات جي مڪمل اونداهي تائين نمازون پڙهو (ظهر، عصر، مغرب ۽ عشا) ۽ فجر جي نماز ادا ڪريو، بيشڪ فجر جي نماز ۾ ملائڪ حاضر ٿين ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) سج لڙڻ کان وٺي رات جي اونداهيءَ ٿيڻ تائين (ظهر، عصر، مغرب ۽ عشا) نماز پڙهندو رھ! ۽ صبح جي نماز (به) ڇو ته صبح جي نماز تي (ڏينهن ۽ رات ٻنهي جي فرشتن جي) شاهدي ٿيندي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قائم ڪر نماز سج لڙڻ کان وٺي رات اونداهيءَ تائين ۽ قرآن پڙهڻ فجر جي وقت بيشڪ قرآن پڙهڻ فجر جي وقت آهي حاضر ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سج لڙڻ کان وٺي رات جي سخت اونداهيءَ ٿيڻ تائين نماز قائم ڪر. ۽ صبح (جي نماز ۾) قرآن پڙهه. بيشڪ صبح جي (نماز ۾ ) قرآن پڙهڻ وقت (ملائڪ) حاضر ٿين ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نماز قائم ڪر سج لڙڻ کان وٺي رات جي اونداهي ٿيڻ تائين (يعني ٻپهري، ٽپهري، سج لٿو ۽ سومهڻي) ۽ صبح (جي نماز) ۾ قرآن پڙهه. بيشڪ صبح جو قرآن پڙهڻ حاضر ڪيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لَڙيا سِج نماز پَڙھ، تان اُونداهِي رات، ۽ پَڙھ قرآن پِڙھ جو؛ قرآن پڙهڻ پِر ڀات، آهي لاکِيڻِي لات حَقَّا حَقَّ حُضور جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سج لهڻ کان وٺي رات جي اوندهه تائين نماز پڙهندو رهه ۽ صبح جو قرآن پڙهه، بيشڪ صبح جو قرآن پڙهڻ مهل ملائڪ حاضر ٿين ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نماز قائم ڪر، سج لڙڻ کان وٺي رات جي اونداهيءَ تائين ۽ فجر جي قرآن کي به پاڻ تي لازم ڪر، ڇو جو فجر واري قرآن جي ته شاهدي ڏني ويندي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قائم ڪر نماز لڙندڙ سج کان وٺي اونداهي رات تائين ۽ قرآن جو فجر جي وقت اهتمام ڪر، بيشڪ قرآن فجر جي وقت حاضريءَ جو شاهد آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ڏينھن جو سج لڙڻ کان وٺي رات جي اونداهه تائين (باقاعده ترتيب سان ظھر ــ عصر ــ مغرب ــ عشاء ۽ فجر جي) نماز قائم ڪر ۽ خاص ڪري فجر جي (نماز ۾ ضرور) قرآن جي تلاوت ڪر، ڇاڪاڻ جو فجر جي تلاوت وقت فرشتا حاضر ٿي گواهه رھندا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِنَ الَّيلِ فَتَهَجَّد بِهِ نافِلَةً لَكَ عَسىٰ أَن يَبعَثَكَ رَبُّكَ مَقامًا مَحمودًا (آيت : 79) |
۽ ڪجھ رات جو (قرآن) سان تھجّد پرھ جو (اھا) تولاءِ زيادہ عبادت آھي، تنھنجو پالڻھار توکي سگھوئي ساراھيل جاءِ ۾ اُٿاريندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) رات جو ڪجهه حصو (يعني پويون پهر) سجاڳيءَ ۾ گذار. اهو تنهنجي لاءِ زياده عمل آهي. ممڪن آهي ته جلد الله توکي اهڙي درجي تي پهچائي ڇڏيندو جو نهايت ساراهيل ۽ پسند پيل درجو هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان رات جي حصي ۾ تهجد ادا ڪريو جيڪو خاص توهان لاءِ زياده آهي، رسولِ عربي توهان کي عنقريب توهان جو رب مقامِ محمود (مقامِ شفاعت) عطا ڪندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ رات جي خاص حصي ۾ نماز تهجد پڙهندا ڪريو اها سنت اوهان جي (خاص) فضيلت آهي. اميد آهي ته (قيامت جي ڏينهن) خدا تو کي مقام محود تائين پهچائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪجھ رات جو پوءِ تهجد پڙھ ان سان زياده آهي تولاءِ ويجھو آهي جو اٿاريندو توکي رب تنهنجو مقام حمد ڪيل ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪجهه رات قرآن سان جاڳ (يعني تهجد جي نماز ۾ قرآن پڙهه) جا تولاءِ زياده (عبادت) آهي. اميد آهي ته تنهنجو پاليندڙ توکي مقام محمود ۾ بيهاريندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ رات جي ڪجهه حصي ۾ تهجد جي نماز ۾ تلاوت ڪر جا تو لاءِ اضافي (عبادت) آهي. پڪ سان تنهنجو رب تو کي مقامِ محمود ۾ بيهاريندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪر ڪوشش اُن جي، رات مَنجھان رهبر، آهي رڳو تو مَٿي، واجب اِي ويتر، سِگھو سائـِين تُنهنجو، ميلي مَنجھ مَحشر، اُٿاريندئـِي آخر، مِڙنِيئان موچارٖي ماڳ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪجهه قدر رات جي حصي ۾ به تهجد پڙهندو رهه، جا تو لاءِ وڌيڪ آهي، اميد آهي ته تنهنجو رب توکي واکاڻيل هنڌ تي جاءِ ڏيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ رات جو وري تهجد پڙهه، اها تنهنجي لاءِ واڌاري عبادت (نفل) آهي، اميد ته تنهنجو رب توکي مقام محمود تي پهچائي ڇڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رات جو پڙهه تهجد (قرآن سان) اها تنهنجي لاءِ نفل آهي، جلد ئي توکي اٿاريندو تنهنجو پالڻهار ساراهيل (مقدس) جاءِ تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ رات جي ڪجهه حصي ۾ تھجد جي نماز (به) پڙھندو ڪر، اھا تنھنجي لاءِ ھڪ وڌيڪ نماز آھي، اميد رک ته ان جي ذريعي تنھنجو پالڻھار توکي انتھائي ساراھيل درجي تائين پھچائيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقُل رَبِّ أَدخِلنى مُدخَلَ صِدقٍ وَأَخرِجنى مُخرَجَ صِدقٍ وَاجعَل لى مِن لَدُنكَ سُلطٰنًا نَصيرًا (آيت : 80) |
۽ (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار مون کي (مديني ۾) سچائيءَ سان داخل ڪر ۽ (مڪي مان) مون کي سچائيءَ سان ٻاھر ڪڍ ۽ پاڻ وٽان مون لاءِ ڏاڍي سگھ مدد ڏيندڙ ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ تنهنجي دعا هيءَ هئڻ گهرجي ته، اي پروردگار مون کي جتي پهچائين اتي سچائيءَ سان پهچاءِ. ۽ جتان ڪڍين اتان سچائيءَ سان ڪڍ، ۽ مون کي پنهنجي حضور مان قوت عطا ڪر، اهڙي قوت (عطا ڪر) جا (هر حال ۾) مددگاري ڪرڻ واري هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان عرض ڪريو ته اي منهنجا رب مون کي بهشت ۾ داخل ڪر ۽ مون کي هن دنيا مان (خير سان) سفر ڪراءِ ۽ مون کي پاڻ وٽان نمايان حجت عطا فرماءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هيءَ دعا گهرندا ڪريو: اي پروردگار مون کي (جتي به) پهچائين چڱيءَ طرح پهچائي! ۽ مون کي (جتان به) ڪڍين ته چڱيءَ طرح ڪڍ! ۽ مون کي خاص پنهنجي بارگاھ مان هڪ طاقتور مددگار ڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چئو تون ته اي منهنجا پالڻهار! داخل فرماءِ مونکي داخل ڪرڻ سچو ۽ ڪڍ تون مونکي ڪڍڻ سچو ۽ ڪر تون مون لاءِ پاڻ وٽان غلبو مدد وارو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چؤ ته اي منهنجا پاليندڙ! مون کي سچائيءَ سان داخل ڪر ۽ مون کي سچائيءَ سان ٻاهر ڪڍ! ۽ مون کي پاڻ وٽان مدد ڪندڙ طاقت (حڪومت) ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چؤ ته: ”اي منهنجا پروردگار! مون کي جيڏانهن به وٺي وڃين سچائي سان داخل ڪر ۽ جتان به مون کي ٻاهر ڪڍين سچائي سان ٻاهر ڪڍ ۽ مون کي پاڻ وٽان مضبوط قوت مددگار عطا ڪر“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چئو، سائينمِ! راهِينمِ سَچ ۾، پڻ ڪَڍِينمِ سچ جي پار، پڻ ڏَاڍو ڏَڍ ڏاتار!، پَرور ڏِينمِ پاڻ وَٽان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ”منهنجا رب! مون کي خوبيءَ سان پهچاءِ، خوبيءَ سان وٺي وڃ ۽ مون کي پاڻ وٽان اهڙو غلبو ڏي، جنهن سان مدد ٿئي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ دعا گهر ته اي منهنجا رب! مونکي تون جيڏانهن به وٺي هلين ته سچائيءَ سان وٺي هل ۽ جتان به ڪڍين ته سچائيءَ سان ڪڍ ۽ پاڻ وٽان ڪو اقتدار منهنجو مددگار بڻاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ دعا ڪر ته اي پالڻهار! مون کي جتي به تون وٺي وڃين، سچائيءَ سان وٺي وڃ ۽ جتان به ڪڍين مون کي سچائيءَ سان گڏ ڪڍ ۽ پنهنجي طرفان هڪ سگهه (اقتدار) ڏي مون کي مددگار طور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) _ ۽ تنھنجي ھي دعا ھئڻ گهرجي ته اي منھنجا پالڻھار! مان جتي به وڃان اتي مون کي سچائيءَ سان داخل ڪجانءِ ۽ جڏھن به اتان نڪران ته اتان به مون کي سچائيءَ سان ڪڍجانءِ ۽ (ھر جڳھه) منھنجي لاءِ تون پنھنجي طرفان مضبوط مددگار مقرر فرمائجانءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقُل جاءَ الحَقُّ وَزَهَقَ البٰطِلُ إِنَّ البٰطِلَ كانَ زَهوقًا (آيت : 81) |
۽ (اي پيغمبر) چؤ ته سچ آيو ۽ ڪوڙ ڀڳو، بيشڪ ڪوڙ ڀڄندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ تنهنجو اعلان هي هجي ته ڏسو حق ظاهر ٿي پيو ۽ باطل (ڪوڙ) نابود ٿي ويو ۽ باطل ضرور نابود ٿيڻو ئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان فرمايو ته حق (دينِ اسلام) آيو ۽ باطل (ڪفر، بت پرستي ۽ شرڪ) مٽجي ويو، بيشڪ باطل مٽجي ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) چوين ته (دين) حق اچي ويو ۽ باطل (دين) نيست ۽ نابود ٿيو. ان ۾ شڪ نه آهي ته باطل ميٽجڻ وارو ئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فرماءِ ته: آيو حق ۽ ويو باطل بيشڪ باطل آهي ئي وڃڻ وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چؤ ته حق آيو ۽ ناحق مٽجي ويو.بيشڪ ناحق مٽجڻ وارو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چؤ ته: ”حق آيو ۽ ناحق نابود ٿي ويو ۽ بيشڪ ناحق ته نابود ٿيڻ وارو ئي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چَئـِي ڏي چِٽو، ته آيو سَچ صَحِي، ۽ وِيو ڪُوڙ ڪهِي؛ ڪوڙ وَڃڻو، ڌُوڙ ٿِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چئو ته حق آيو ۽ باطل چٽ ٿيو ۽ بيشڪ باطل ته آهي ئي چٽ ٿيڻ لائق. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اعلان ڪري ڇڏ ته "حق اچي ويو ۽ باطل مــِـٽجي ويو. باطل ته آهي ئي مٽجڻ وارو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اعلان ڪري ڇڏ ته حق آيو ۽ مٽجي ويو باطل، بيشڪ باطل ته آهي ئي مٽجڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو تون (ھاڻي) وڏي واڪي چئي ڇڏ ته حق آيو ۽ ناحق مِٽجي ويو ۽ ناحق ته آھي ئي مٽجڻ وارو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنُنَزِّلُ مِنَ القُرءانِ ما هُوَ شِفاءٌ وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ وَلا يَزيدُ الظّٰلِمينَ إِلّا خَسارًا (آيت : 82) |
۽ اسين قرآن کي نازل ڪريون ٿا جو اھو سارو مؤمنن لاءِ شفا ۽ ٻاجھ آھي ۽ ظالمن بابت نقصان کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه وڌائيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان جيڪي قرآن ۾ نازل ڪيو آهي سو ايمان وارن لاءِ (روح جي سڀني بيمارين جي) شفا ۽ رحمت آهي. ۽ جيڪي نافرمان آهن تن کي ان مان ڪجهه به فائدو ملڻو ناهي، سواءِ هن جي ته (انڪار ۽ سرڪشيءَ سببان) اڃان به وڌيڪ تباهه ٿين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان قرآن ڪريم ۾ اهڙيون آيتون نازل ڪريون ٿا جيڪي مؤمنن لاءِ شفا ۽ رحمت آهن، ۽ ظالمن لاءِ انهي ۾ زياده خسارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسين قرآن ۾ اها ئي ڳالھ نازل ڪندا آهيون جا مومنن جي لاءِ سراسر شفا ۽ رحمت آهي، پر نافرمانن کي ته نقصان کان سواءِ ڪجھ وڌائي ئي نٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نازل ٿا ڪيون قرآن مان اهو جيڪو شفاءَ ۽ رحمت آهي مؤمنن جي لاءِ ۽ نٿو وڌائي ظالمن کي مگر نقصان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسين اهو قرآن نازل ڪريون ٿا جو ايمان وارن لاءِ شفا ۽ رحمت آهي. ۽ ظالمن لاءِ رڳو نقصان وڌائي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي اسان قرآن ۾ اهو ڪجھه نازل ڪري رهيا آهيون جيڪو شفا آهي ۽ ايمان وارن لاءِ رحمت آهي ۽ ظالمن لاءِ ته رڳو نقصان ۾ ئي واڌارو ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اسين قرآن ڪريم مان، اُتاريون، سي اُهڃاڻ، جي ٻُڪِي ۽ ٻاجھ ٻَئـِي، وِسهن وارن ڪاڻ، ۽ هاڃيڪارن هاڻ، نَفعو نه ڏي، نُقصان ري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسين قرآن ۾ اهڙين ڳالهين کي موڪليون ٿا، جي مومنن لاءِ ته چڱڀلائي ۽ رحمت آهن، پر ظالمن کي وڌيڪ نقصان رسي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسين قرآن مان نازل ڪريون ٿا، جيڪو مڃڻ وارن لاءِ ته شفاءَ ۽ رحمت آهي، مگر ظالمن لاءِ ته سواءِ ٽوٽي جي ٻي ڪنهن به شيءِ ۾ واڌارو نٿو ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان اهو ڪجهه نازل ڪري رهيا آهيون هن قرآن ۾ جيڪو شفا ۽ رحمت آهي مڃڻ وارن لاءِ پر ڪنهن شيءِ جو واڌارو به نٿو ڪري ظالمن جي لاءِ ٽوٽي ۽ خساري کان سواءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان قرآن شريف ۾ اُھي شيون نازل ڪريون ٿا جيڪي مؤمنن لاءِ شفا ۽ رحمت آھن ۽ وري اھي ظالمن جي لاءِ وڌيڪ نقصان جو سبب بڻجنديون آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ كانَ يَـٔوسًا (آيت : 83) |
۽ جڏھن انسان تي ڪا نعمت نازل ڪندا آھيون (تڏھن) مُنھن موڙيندو آھي ۽ کانئس پاسيرو ٿيندو آھي، ۽ جڏھن کيس مدائي پھچندي آھي ته نا اميد ٿيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن اسان انسان تي نعمتون ڪيون ٿا، تڏهن اسان کان (نعمتن جي نشي ۾) منهن موڙي ڇڏين ٿا ۽ (شيطان جي طرف) هٽي وڃن ٿا ۽ جڏهن کين ڪو ڏک يا مصيبت پهچي ٿي ته، ڏسو ته بلڪل مايوس ٿي ويهي رهن ٿا (ڪاميابيءَ جي حالت ۾ غفلت ۽ غرور، ۽ تنگيءَ جي حالت ۾ مايوسي تباهه ڪندڙ ڳالهه آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت انسان تي اسين نعمت ڪريون ٿا ته اهو ناشڪري ڪري پري ٿئي ٿو، ۽ جنهن وقت کيس تڪليف پهچي ٿي ته نااميد ٿئي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اسان انسان کي نعمت عطا ڪئي ته (الٽو) هن (اسان کان) منهن ڦيريو ۽ پاسيرو ٿيڻ لڳو ۽ جڏهن کيس ڪا تڪليف به پهتي ته مايوس ٿي ويٺو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن نعمت عطا ڪريون ٿا انسان کي ته منهن موڙيندڙ آهي ۽ ڦيرائيندو آهي پاسو پنهنجو ۽ جڏهن پهچندي آهي ان کي مدائي ته ٿيندو آهي نااميد، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن ماڻهوءَ کي نعمت ڏيون ٿا ته منهن موڙي ٿو ۽ پنهنجو پاسو ڦيري ٿو. ۽ جڏهن کيس برائي پهچي ٿي ته نااميد ٿئي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اسان انسان تي نعمت ڪيون ٿا ته اهو مُنهن موڙي ٿو ۽ پاسو مٽائي وڃي ٿو ۽ جڏهن کيس تڪليف پهچي ٿي ته مايوس ٿي وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسِين هِن اِنسان کي، جڏهن ڏِيون سُک،ته ڦيرِينِ پاسو پَنهنجو، مُوڙهل موڙيو مُک، ۽ جڏهن ڏِيونسِ ڏک، ته آهي بِنہ بي آسري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسين جڏهن انسانن کي ڪا نعمت ڏيون ٿا، ته منهن موڙي ۽ پاسو ڦيرائي ٿو پرجڏهن ڪا تڪليف پهچي ٿي ته نااميد ٿيو وڃي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انسان جي حالت اها آهي، جو جڏهن اسان کيس نعمتن سان نوازيون ٿا ته ڪنڌ موڙي ۽ پاسو ڪري ٿو وڃي ۽ وري جڏهن مصيبت ٿي پويس ته مايوس ٿيڻ لڳي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن اسان نعمت عطا ڪندا آهيون ته انسان جو حال هيءُ آهي ته اهو سيٽبو ۽ پٺي ڏيندو آهي، پر جڏهن واسطو مصيبت سان پويس ٿو ته مايوس ٿي ويندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان جڏھن به ڪنھن انسان کي نعمت ڏيندا آھيون ته ھو منھن موڙي پاسيرو ٿي ويندو آھي ۽ جڏھن کيس مصيبت پھچندي اٿس ته مايوس ٿي ويندو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل كُلٌّ يَعمَلُ عَلىٰ شاكِلَتِهِ فَرَبُّكُم أَعلَمُ بِمَن هُوَ أَهدىٰ سَبيلًا (آيت : 84) |
(اي پيغمبر) چؤ ته سڀڪو پنھنجي ڊول تي ڪم ڪندو آھي، پوءِ جيڪو ڏاڍيءَ سڌيءَ واٽ تي آھي تنھن کي تنھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر) تون چئي ڏي ته هر انسان پنهنجي پنهنجي طريقي تي (پنهنجي پنهنجي خيالن ۽ خواهشن موجب) عمل ٿو ڪري. پوءِ تنهنجو پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪير سڀني کان وڌيڪ سڌي راهه تي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان فرمايو توهان سڀ پنهنجي طريقي موجب عمل ڪريو، پوءِ توهان جو رب وڌيڪ ڄاڻي ٿو ان کي جيڪو وڌيڪ هدايت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) چوين ته هر هڪ پنهنجي (پنهنجي) نموني تي ڪم ڪري ٿو. پوءِ اوهان مان جنهن شخص جو به بلڪل سڌو رستو آهي، تنهنجو پروردگار (تنهن کان) چڱيءَ طرح واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته هرڪو ٿو عمل ڪري پنهنجي پيدائشي عادت مطابق پوءِ رب اوهان جو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جو اهو وڌيڪ هدايت واري رستي سان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چؤ ته سڀڪو ماڻهو پنهنجي نموني تي ڪم ڪري ٿو پوءِ جنهنجو رستو زياده سڌو آهي تنهن کي تنهنجو پاليندڙ گهڻو ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”هر ماڻهو پنهنجي نموني (۽ مزاج) تي ڪم ڪري ٿو. پوءِ توهان جو پرودگار چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته سڀ کان زياده سڌي رستي تي ڪير آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، هرڪو پَنهنجي ڀيٽ تي، ڪري ٿو ڪَم ڪار، تُنهنجو سائـِين تِنهن ڪنان، ويتر واقِفڪار، ته ويتر پوري پير تي، آهي ڪهڙو پار؟، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته هر ڪو پنهنجي نموني تي ڪم ڪري رهيو آهي پوءِ تنهنجو رب وڌيڪ سنئين رستي هلندڙ کي خوب ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته "هرڪو پنهنجي طريقي مطابق عمل پيو ڪري، پوءِ اهو توهانجو رب ئي ٿو وڌيڪ ڄاڻي ته سنئينءَ سڌيءَ راهه تي هلندڙ ڪير آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) چئي ڏي انهن ماڻهن کي ته، هرهڪ پنهنجي طريقي تي ڪم ڪري پيو ۽ پنهنجو رب ڄاڻي ٿو ته سڌي راهه تي ڪير آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) چؤ ته ھرھڪ ماڻهو پنھنجي پنھنجي انداز ۾ ڪم ڪري رھيو آھي بس! تنھنجو پالڻھار ئي خوب ڄاڻي ٿو ته ڪير صفا سڌي رستي تي آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الرّوحِ قُلِ الرّوحُ مِن أَمرِ رَبّى وَما أوتيتُم مِنَ العِلمِ إِلّا قَليلًا (آيت : 85) |
۽ (اي پيغمبر) توکان رُوح بابت پُڇن ٿا، چؤ ته رُوح منھنجي پالڻھار جي امر مان آھي ۽ اوھان کي ڪي ٿورڙي علم کانسواءِ نه ڏنو ويو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) هي ماڻهو توکان روح بابت پڇن ٿا، تون کين چئه ته روح منهنجي پروردگار جي حڪم سان آهي (اصل ان جو حڪم ڪم ڪري رهيو آهي.) ۽ اوهان کي (ڪائنات جي اسرارن جو) جيڪو علم ڏنو ويو آهي، سو تمام ٿورڙو آهي. (ان کان وڌيڪ توهان حاصل ڪري نٿا سگهو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان کان اهي (يهودي) روح بابت سوال ڪن ٿا، توهان فرمايو روح منهنجي رب جو امر آهي ۽ نه ڏنو ويو آهي توهان کي علم مگر ٿورڙو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي رسول! تو کان ماڻهو ”روح“ بابت پڇن ٿا. تون (کين) چئو ته ”روح“ منهنجي رب جي حڪم مان آهي. ۽ اوهان کي بلڪل ٿورو علم ڏنو ويو آهي. (جنهن جي حقيقت سمجهي نه سگهندو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پڇن ٿا توکان روح جي باري ۾ فرماءِ ته روح امر رب منهنجي جو آهي ۽ نه ڏنا ويئو اوهان علم مان مگر ٿورو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ توکان روح بابت پڇن ٿا. چو ته روح منهنجي پاليندڙ جي حڪم مان آهي. ۽ اوهان کي بالڪل ٿورو علم ڏنو ويو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو کان روح جي باري ۾ پڇن ٿا؟ چؤ ته: ”روح منهنجي پالڻهار جي حڪم مان آهي ۽ اوهان کي ٿورڙو ئي علم ڏنو ويو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توکان پُڇن رُوح جو، ته آهي ڪِهڙو اسرار؟ چئو رُوح سَندمِ ربَّ جي، اَمر مَنجھان اِظهار، ۽ ٿورِي سُڌ ٻُڌ ڌار، آن کي نه مِليو عِلم مان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي توکان روح بابت پڇن ٿا، چئو ته روح منهنجي ڌڻيءَ جي حڪم سان آهي ۽ اوهان کي تمام ٿورو علم مليو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو توکان روح جي باري ۾ پڇن ٿا، ٻڌائين ته "اهو روح منهنجي رب جي حڪم سان اچي ٿو، پر توهان کي تمام ٿورڙو علم ڏنو ويو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ماڻهو توکان پڇن ٿا روح جي باري ۾، چوين ته روح حڪم آهي منهنجي رب جو، پر ڏنو ويو آهي توهان ماڻهن کي علم مان ڪو ٿورڙو حصو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) هي ماڻهو توکان روح جي باري ۾ سوال ڪن ٿا، کين چؤ ته روح جو تعلق منھنجي پالڻھار جي حڪم سان آھي. توھان کي ته ھونئن به تمام ٿورو علم ڏنو ويو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَئِن شِئنا لَنَذهَبَنَّ بِالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ ثُمَّ لا تَجِدُ لَكَ بِهِ عَلَينا وَكيلًا (آيت : 86) |
۽ جيڪو (قرآن) توڌانھن وحي ڪيوسون سو جيڪڏھن گھرون ته ورائي وٺون ته پوءِ تون پاڻ لاءِ اسان تي ڪو ڀرجھلو نه لھندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪو وحي توڏي موڪليو ويو آهي، سو جيڪڏهن اسان چاهيون ته اهو به توکان کسي وٺون. پوءِ توکي ڪوبه ڪونه ملندو، جو ان لاءِ اسان جي خلاف وڪالت ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ته (توهان جي دلين ۽ پنن تان) قرآن ڪريم کي ميٽي ڇڏيون ان کان پوءِ توهان کي ڪوبه نه ملندو جيڪو توهان لاءِ اسان وٽ وڪالت ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) جيڪڏهن اسين گهرون ته جيڪو (قرآن) اسان تو ڏي وحي ڪيو آهي سو (دنيا مان) کڻي وٺون. پوءِ ان جي ڪري تو کي اسان جي مقابلي ۾ پاڻ لاءِ ڪو به ڀر جهلو نه ملندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جيڪڏهن گھرون اسين ته البته ضرور وٺي وڃون ان (قرآن) کي جيڪو وحي ڪيوسون توڏانهن ان کان پوءِ نه لهين پاڻ لاءِ ان سان اسان تي ڪو ڪم ٺاهيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته جيڪو (قرآن) اسان توڏي وحي ڪيو آهي سو (موٽائي به) کڻي وڃون. پوءِ ان جي ڪري توکي اسان جي مقابلي ۾ پاڻ لاءِ ڪوبه ڀر جهلو نه ملندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ته هن (ڪتاب) کي جيڪو اسان تنهنجي طرف وحي ڪيو آهي سو (واپس) کڻائي وٺون پوءِ ان جي لاءِ تو کي اسان جي مقابلي ۾ پاڻ لاءِ ڪو حمايتي به نه ملندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي گُھرون، ته اَسِين نِپٽ نِيون، جو وَحِي ڪيوسونئي وير! پوءِ ڀانئـِين نَه، اسان وٽ پاڻ لئي، ڪو لَهندڙ سُڌ سُڌِير، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اسين گهرون ته، جيڪي به، تو ڏانهن وحي ڪيو اٿئون، ان کي کسي وٺون، پوءِ توکي اسان جي مقابلي ۾ ڪو مددگار نه ملندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! اسان چاهيون ته اهو سڀ ڪجهه توکان وٺون جيڪو اسان وحيءَ جي ذريعي توکي ڏنو آهي، پوءِ تون اسان جي مقابلي ۾ ڪوبه مددگار هٿ ڪري نه سگهندين، جيڪو اهو توکي واپس ڏياري سگهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) جي چاهيون اسين ته توکان کسي وٺون جيڪي ڏنو آهي وحي جي ذريعي پوءِ تون نه لهندين اسان جي مقابلي ۾ ڪو ڀرجهلو جو اهو موٽائي ڏياري سگهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏھن اسان چاھيون ته توکان اھا شيءِ واپس وٺي سگهون ٿا جيڪا اسان توھان ڏي وحي جي ذريعي نازل ڪئي آھي. پوءِ اسان جي مقابلي ۾ توکي ڪوبه حمايتي نه ملي سگهندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّ فَضلَهُ كانَ عَلَيكَ كَبيرًا (آيت : 87) |
پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ (ان ورائي وٺڻ کي جھلي رکيو) آھي، ڇوته سندس فضل توتي وڏو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر هيءَ فقط تنهنجي پروردگار جي رحمت آهي (جو هو ائين نٿو ڪري جو وحي وري کسي وٺي) بيشڪ هن جو توتي وڏو ئي فضل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر الله جي رحمت سان (قرآن موجود آهي) بيشڪ توهان تي الله جو وڏو فضل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر اها رڳو تنهنجي پروردگار جي رحمت آهي (جو هن ائين نه ڪيو) بيشڪ سندس تو تي وڏو فضل (۽ ڪرم) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر رحمت آهي تنهنجي رب جي طرفان بيشڪ ڀلائي ان جي آهي توتي وڏي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر اسان تنهنجي پاليندڙ جي رحم ڪري ئي (قرآن کي موٽائي کڻي وڃڻ کان روڪيو آهي) بيشڪ توتي سندس وڏو فضل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مگر تنهنجي پالڻهار جي رحمت سبب. (اسان ان کي باقي رکيو) بيشڪ تو تي ان جو وڏو فضل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر تُنهنجي مالِڪ کان، مِهربانِي مِير، توتي ڀَال بَشِير! آهِن وَڏا اُن جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر تنهنجي رب جي رحمت ڪري ائين نه ٿيو آهي، بيشڪ توتي پنهنجي رب جو وڏو فضل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر توکي ته جيڪي به مليو آهي، تنهنجي رب جي رحمت سبب مليو آهي، بيشڪ سندس فضل توتي تمام وڏو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي توکي جو ڪجهه مليو آهي اهو تنهنجي رب جي رحمت سان مليو آهي، حقيقت ۾ اهو فضل توتي تمام وڏو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بس!) تنھنجي پالڻھار جي رحمت جي ڪري ئي ايئن ٿي سگهيو آھي، بيشڪ تنھنجي مٿان ھُن جي وڏي مھرباني آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل لَئِنِ اجتَمَعَتِ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلىٰ أَن يَأتوا بِمِثلِ هٰذَا القُرءانِ لا يَأتونَ بِمِثلِهِ وَلَو كانَ بَعضُهُم لِبَعضٍ ظَهيرًا (آيت : 88) |
(اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن ماڻھو ۽ جِنّ ھن قرآن جھڙي (ٻئي ڪنھن ڪتاب) آڻڻ لاءِ گڏ ٿين ته جھڙس ڪڏھن نه آڻي سگھندا جيتوڻيڪ ھڪ ٻئي کي مدد ڏين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هن ڳالهه جو اعلان ڪري ڇڏ ته جيڪڏهن سڀ انسان ۽ جن گڏ ٿي چاهين ته هن قرآن جهڙو ڪو ڪلام پيش ڪن ته ڪڏهن به هو پيش ڪري نه سگهندا، اگرچه هنن مان هرهڪ ٻين جو مددگار ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو ته (بالفرض) جيڪڏهن انسان ۽ جِن متفق ٿين ته (فصاحت ۽ بلاغت ۾) هن جهڙو قرآن ڪريم آڻن، ته ان جو مثال ئي آڻي نه سگھندا جيتوڻيڪ اهي هڪ ٻئي جا مددگار ٿين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو جيڪڏهن سموري دنيا جا) آدمي ۽ جن، هن ڳالھ لاءِ گڏ ٿين ته هن قرآن جهڙو مثال آڻيون ته ان جهڙو نه آڻي سگهندا جيتوڻيڪ (ان ڪوشش ۾) انهن مان هڪڙا ٻين جا مددگار به ٿين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته البته جيڪڏهن گڏ ٿيندا انسان ۽ جن هن تي ته آڻين مثال هن قرآن جو ته نه آڻيندا مثال ان جو جيتوڻيڪ هجن هڪڙا انهن مان ٻين لاءِ مددگار.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چؤ ته جيڪڏهن انسان ۽ جن هن جهڙي قرآن آڻڻ (ٺاهڻ) لاءِ گڏ ٿين ته ان جهڙو نه آڻي سگهندا جيتوڻيڪ انهن مان هڪڙا ٻين جا مددگار ٿين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ جيڪڏهن سڀ انسان ۽ سڀ جِنَ گڏجن هن لاءِ ته هن قرآن جهڙو ٺاهي آڻن ته ان جهڙو آڻي نه سگهندا. توڙي اُهي هڪ ٻئي جا مددگار بنجي پون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو ماڻهو، جِن جَھان جا، هُوند مِڙن هِن هارِ، ته مِثل هِن قرآن جي، آڻينِ ڪو اِظهار، ته جِھڙس جوڙي ڪِين سَگھن، هرگز کِيندا هار، وَڻي نه ٿِين وَهَارَ، هِڪ ٻِئـٖي جِي حرف، حرف ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته جيڪڏهن سڀئي انسان ۽ جن گڏجي ڪوشش ڪن، ته اهڙو قرآن بڻائي آڻين، تڏهن به ائين ڪري نه سگهندا، پوءِ کڻي هو هڪ ٻئي جا مددگار ٿين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوينِ ته جيڪڏهن انسان ۽ جــِـنَ سڀئي ملي هن قرآن جهڙي ڪا شيءِ آڻڻ جي ڪوشش ڪن ته نه آڻي سگهندا، کڻي اهي هڪ ٻئي جا مددگار ئي ڇو نه هجن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چئي ڇڏ (اي نبي!) ته جيڪڏهن سڀ جا سڀ گڏجي انسان ۽ جن آڻڻ جي ڪوشش ڪن هن قرآن جهڙي (ڪا شيءِ) ته به آڻي نه سگهندا ان جهڙي، پوءِ ڀلي اهي هڪ ٻئي جا مددگار ئي ڇو نه هجن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ھي ماڻهو قرآن مجيد کي توھان جو گهڙيل ڪتاب سمجهن ٿا) کين چؤ ته جيڪڏھن سڀ انسان ۽ جنَ ملي ڪري به ھن قرآن جھڙو ڪوبه ڪلام آڻي ڏيکارين ته ھو ڪڏھن به ھن جھڙو قرآن نه آڻي سگهندا، کڻي ڇو نه ھو سڀ ھڪ ٻئي جا مدد گار بڻجي وڃن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد صَرَّفنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 89) |
۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ سڀڪو مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪيو اٿئون، پر گھڻا ماڻھو بي شڪر ٿي انڪار ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان قرآن ۾ هر طرح جا مثال بار بار موٽائي بيان ڪيا آهن ته ماڻهو سمجهن، پر انهن مان گهڻن ڪابه ڳالهه قبول نه ڪئي. اٽلندو بي شڪري ڪيائون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان ماڻهن لاءِ هن قرآن ڪريم ۾ قسمين قسمين مثال بيان ڪيا آهن، پوءِ گھڻن ماڻهن ناشڪر ٿي انڪار ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ته ماڻهن جي (سمجهائڻ لاءِ) هن قرآن ۾ هر طرح جا مٿال ڦيرائي گهيرائي بيان ڪيا آهن. پوءِ به گهڻا ماڻهو ناشڪري ڪرڻ کان نه رهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڦيرائي ڦيرائي بيان ڪيوسون ماڻهن جي لاءِ هن قرآن ۾ هر مثال پوءِ انڪار ڪيو گھڻن ماڻهن مگر بي شڪريءَ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ سڀڪو مثال ماڻهن لاءِ نموني نموني بيان ڪيو آهي. پوءِ به گهڻا ماڻهو، انڪار ڪرڻ کان نه رهيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن جي (سمجهڻ) لاءِ بار بار سڀ مثال بيان ڪيا آهن. پوءِ به اڪثر ماڻهو انڪار ڪرڻ کان باز نه ٿا اچن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏناسون هِن قرآن ۾، ڪَئـِين مِثال ماڻهن هارِ، پوءِ اَڪثر ڪيئون اِنڪار، ڪُفر سَوا، ڪُل ڳالھ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان ماڻهن جي سمجهائڻ لاءِ هن قرآن ۾ هر قسم جا مضمون جدا جدا نموني بيان ڪيا آهن، ته به گهڻا ماڻهو انڪار ڪرڻ کانسواءِ نه رهيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن قرآن ۾ ماڻهن کي هر نموني سان سمجهايو آهي، پر گهڻن ماڻهن ته انڪار ئي ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ته طرح طرح سان ماڻهن کي سمجهايو هن قرآن ۾ (وري وري) پر گهڻا ماڻهو ڄميل رهيا هر طرح سان انڪار تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ھن قرآن جي ذريعي ماڻهن کي ھر طرح جا مثال ڏيئي سمجهايو آهي پر پوءِ به گهڻا ماڻهو انڪار تي اَڙيل آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ تَفجُرَ لَنا مِنَ الأَرضِ يَنبوعًا (آيت : 90) |
۽ چوندا آھن ته اسين توکي (ايستائين) ھرگز نه مڃينداسون جيستائين زمين ۽ اسان لاءِ ڪو چشمو وھائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن چيو ته، اسان ته انهيءَ وقت تائين توکي نه مڃينداسين، جيستائين تون اسان جي لاءِ زمين مان هڪڙو چشمو ڦاڙي ڪڍين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ چوڻ لڳا ته هرگز اسين توهان تي ايمان نه آڻينداسين ايستائين جو توهان اسان لاءِ زمين مان ڪو چشمو وهايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) مڪي جي ڪافرن تو کي چيو ته اسين تنهنجو چوڻ نه مڃينداسون جيستائين تون اسان لاءِ زمين مان هڪ چشمو نه وهائين!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون هرگز نه ايمان آڻينداسون تنهنجي لاءِ تانجو جاري ڪرين اسان جي لاءِ زمين مان وڏو چشمو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته اسين تنهنجو چوڻ نه مڃينداسون جيستائين تون اسان لاءِ زمين مان هڪ چشمو نه وهائين، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چيائون ته: ”اسان تو تي تيستائين ايمان نه آڻينداسين جيستائين اسان لاءِ زمين مان پاڻي جو چشمو نه وهائيندين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اسين نه اصل تو مٿي، آڻيو اِعتبار، تان ڪڍين اَسان لئي، ڀُون مَنجھان، ڪو چيري چشمو نار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهي چون ٿا اسين تيسين هر گز نه ايمان آڻينداسون جيسين زمين مان ڪو چشمو نه جاري ڪرين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چيو اٿائون ته اسان تنهنجي ڳالهه نه مڃينداسون، جيستائين تون اسان لاءِ زمين کي چيري ڪو چشمو نه وهائيندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن چيو، اسان نه مڃينداسين تنهنجي ڳالهه جيستائين تون اسان لاءِ زمين ڦاڙي هڪ چشمو جاري نه ڪرين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ چون ٿا ته اسان ڪڏھن به ايمان نه آڻينداسين جيستائين تون اسان جي لاءِ زمين مان ڪو چشمو جاري نه ڪندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو تَكونَ لَكَ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَعِنَبٍ فَتُفَجِّرَ الأَنهٰرَ خِلٰلَها تَفجيرًا (آيت : 91) |
يا کجين ۽ ڊاکن مان تولاءِ باغ ٿئي پوءِ سندس وچ ۾ تون وھندڙ واھيون وھائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا توکي کجور ۽ انگورن جو باغ (معجزي سان پيدا ٿيل) ملي وڃي، ۽ تون انهن جي وچ ۾ گهڻيون ئي نهرون وهائي ڏيکارين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا توهان وٽ کجين ۽ انگورن جو باغ هجي پوءِ توهان ان جي وچ مان وهندڙ نهرون جاري ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا (اهو ته) تو لاءِ کجين ۽ انگورن جو ڪو باغ هجي، جنهن وچ ۾ واھ وهائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا هجي واسطي تنهنجي باغ کجين جو ۽ انگورن جو پوءِ جاري ڪرين نهرون وچ انهن جي ۾ زبردست جاري ڪرڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا تولاءِ کجين ۽ انگورن جو هڪ باغ هجي، پوءِ تون ان جي وچ ۾ واههَ وهائين، يا جيئن چوين ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا تنهنجي لاءِ کجورن ۽ انگورن جو ڪو باغ هجي ته ان جي وچ ۾ وهندڙ نهرون جاري ڪرين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا ڊاک، کجين جو باغ ڪو، هَڪيو هُجي توهارِ، پوءِ وَهائـِين واهِيون، وِچان تن وِينجھار!، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا تو لاءِ کجين ۽ انگورن جو باغ نه هجي، پوءِ تون ان باغ جي وچ ۾ نهرون جاري ڪرين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري تو لاءِ کجين ۽ انگورن جو هڪ باغ پيدا ٿئي ۽ تون ان ۾ واهيون وهائي ڇڏين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا ته تنهنجي لاءِ هڪ باغ کجورن ۽ انگورن جو پئدا ڪيو وڃي ۽ تون ان ۾ نهرون وهائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا تنھنجي لاءِ ھڪ کجين ۽ انگورن جو باغ پيدا ٿي وڃي، پوءِ ان جي وچان توھان نھرون وھايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو تُسقِطَ السَّماءَ كَما زَعَمتَ عَلَينا كِسَفًا أَو تَأتِىَ بِاللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ قَبيلًا (آيت : 92) |
يا جھڙي طرح تو ڀانيو تھڙي طرح اسان تي آسمان ٽُڪر ٽُڪر ڪيرائين يا تون الله ۽ ملائڪن کي سامھون آڻين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا جيئن تو خيال ڪيو آهي آسمان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري اسان تي ڪيرائين يا الله ۽ سندس فرشتا اسان جي سامهون آڻي ڏيکارين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا توهان اسان تي پنهنجي چوڻ موجب آسمان جو ٽڪرو ڪيرايو يا توهان الله تعالى ۽ فرشتن کي ضامن ڪري آڻيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا جيئن گمان رکو ٿا اسان تي آسمان کي ٽڪر (ٽڪر) ڪري ڪيرائي (ڏيکار) يا خدا ۽ فرشتن کي (پنهنجي ڳالھ جي سچائيءَ ۾ اسان جي اڳيان) شاهديءَ ۾ اچي بيهار،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا ڪيرائين تون آسمان کي جيئن گمان ڪيو تو اسان تي ٽڪرا ڪري يا آڻين تون الله کي ۽ ملائڪن کي سامهون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تيئن اسان تي آسمان جا ٽڪر ڪيرائين، يا الله کي ۽ ملائڪن کي سامهون آڻين، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا جيئن تنهنجو خيال آهي تيئن اسان تي آسمان جا ٽڪر ڪيرائين يا تون الله کي ۽ ملائڪن کي اسان جي سامهون آڻين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا ڪرِين اَسان تي اُڀ مَنجھان، ٽُڪرا، ٽَڪرا ڌار، جِيئن ڀانِئي، ڪِ اسان تي آڻيئـِين، خُود صاحب ربَّ ستار، يا مَلائـِڪ ميدان ۾، سامهان صف قطار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا تنهنجي باور موجب آسمان جو ٽڪرو اسان تي ڪيراءِ، يا الله کي ۽ فرشتن کي اسان جي سامهون آڻ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري تون آسمان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري اسان جي مٿان کڻي ڪيرائين، جيئن تون چوين پيو، يا الله ۽ ملائڪن کي اسان جي روبرو آڻين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا تون ٽڪرا ٽڪرا ڪري آسمان کي اسان تي ڪيرائين جيئن تنهنجي دعويٰ آهي يا تون وٺي اچين خدا ۽ ملائڪن کي روبرو اسان جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا تنھنجي دعوى مطابق تون اسان جي مٿان آسمان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪيرائي ڇڏ، يا تون اللھ تعالى ۽ فرشتن کي اسان جي سامهون آڻي ڏيکار. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو يَكونَ لَكَ بَيتٌ مِن زُخرُفٍ أَو تَرقىٰ فِى السَّماءِ وَلَن نُؤمِنَ لِرُقِيِّكَ حَتّىٰ تُنَزِّلَ عَلَينا كِتٰبًا نَقرَؤُهُ قُل سُبحانَ رَبّى هَل كُنتُ إِلّا بَشَرًا رَسولًا (آيت : 93) |
يا توکي ڪو سونون گھر ھُجي يا آسمان تي چڙھين، ۽ تنھنجي چڙھڻ کي (ايستائين) ڪڏھن نه مڃينداسون جيستائين اسان تي (اھڙو لکيل) ڪتاب لاھين جنھن کي پڙھون، چؤ ته منھنجو پالڻھار پاڪ آھي آءٌ رڳو پيغام پھچائڻ وارو ماڻھو آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا سونو محلات تنهنجي لاءِ مهيا ٿي وڃي يا تون مٿي چڙهي آسمان ۾ هليو وڃين، ۽ جيڪڏهن تون آسمان ۾ به هليو وڃين ته به اسان اها ڳالهه نه مڃينداسين، جيستائين تون هڪ (لکيل) ڪتاب اسان ڏي نه آڻيندين جو اسان پاڻ پڙهي معلوم ڪيون. (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي چئه ته سبحان الله (مون ڪو خدائيءَ جي دعويٰ ته ڪانه ڪئي آهي) مان هن کان سواءِ ٻيو ڇا آهيان ته هڪ انسان آهيان ۽ حق جو پيغام پهچائڻ وارو آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا توهان وٽ سونو گھر هجي يا توهان آسمان تي چڙهي وڃو ۽ اسين توهان جي چڙهڻ تي به ايمان نه آڻينداسين ايستائين جو تون هڪ ڪتاب کڻي اسان وٽ اچين جنهنکي اسين پڙهون، توهان فرمايو سبحان الله ! آئون نه آهيان مگر هڪ ماڻهو، الله جو رسول(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا (وري) تنهنجي (رهڻ جي) لاءِ ڪو سونو محل هجي يا تون آسمان ۾ چڙهي وڃين، ۽ اسين تنهنجي چڙهڻ کي (تيسين) ڪڏهن به نه مڃينداسون جيسين اسان تي اهڙو ڪتاب (نه) لاهين جنهن کي اسين پاڻ پڙهيون. (اي رسول! کين) چئو ته سبحان الله! آءُ هڪ آدمي (خدا جي) رسول کان سواءِ ٻيو ڇا آهيان (جو اهي بيهوديون ڳالهيون ڪريو ٿا).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا هجي تولاءِ گھرسونو يا چڙهين تون آسمان ۾ ۽ هرگز نه ايمان آڻينداسون تنهنجي چڙهڻ جي ڳالھ تي تانجو لاهين اسان تي ڪتاب جيڪو پڙهون اسين اهو فرماءِ ته: پاڪائي آهي منهنجي رب جي مان ڪير آهيان مگر انسان موڪليل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا توکي سون جو گهر هجي، يا آسمانن ۾ چڙهي وڃين، ۽ اسين تنهنجي چڙهڻ کي (تيسين) ڪڏهن به نه مڃينداسون جيسين اسان تي اهڙو ڪتاب (نه) لاهين جنهن کي اسين پڙهون. چؤ ته منهنجو پاليندڙ پاڪ آهي. آءُ ته رڳو پيغام پهچائيندڙ هڪ ماڻهو آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا تو کي ڪو سون جو گهر هجي يا تون آسمانن ۾ چڙهي وڃين. ۽ اسان تنهنجي چڙهڻ کي (تيستائين) ڪڏهن به نه مڃينداسين جيستائين تون اسان تي ڪو اهڙو ڪتاب لاهين جنهن کي اسان پڙهون“. چؤ: ”منهنجو پرودگار پاڪ آهي. آءٌ ته رڳو پيغام پهچائيندڙ انسان آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ياتو هُجي گَھر سونَ جو، يا اُسرِين تون اُڀ پار، ۽ اُڀ تي، تُنهنجي چَڙهڻ کي، تاسِين نه وِسهون وار، تان اَسان تي اُتار، آڻيين ته پَڙهون اُن کي. چئو، پاڪ ٻِين کان، پَڪ سان، مُنهنجو پالڻهار، ماڻهو مُرسل ڌار، آءٌ نَه ٻِيو ڪُجھ آهِيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا تو وٽ ڪو سون جو ٺهيل گهر هجي، يا آسمان تي چڙهي وڃين ۽ اسان تنهنجي چڙهڻ کي به نه وسهنداسين، جيسين تون اسان لاءِ اهڙي لکت نه آڻين جنهن کي پڙهون، چئو ته ”منهنجو ڌڻي پاڪ آهي، آءُ ته رڳو نياپو پهچائيندڙ ماڻهو آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا تو لاءِ سون جو گهر ٺهي پوي يا تون آسمان تي چڙهي وڃين ۽ تنهنجي چڙهڻ تي به اسان ويساهه نه ڪنداسون، جيستائين تون اسان لاءِ ڪو اهڙو لکيو نه آڻين جنهن کي اسان پڙهي ڏسون". اي نبي ! چوين ته "پاڪ آهي منهنجو رب! ڀلا مان پيغام آڻيندڙ انسان کانسواءِ به ٻيو ڪجهه آهيان ڇا؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا ته ٺهي پوي تهنجي لاءِ هڪ سونو گهر، يا ته تون چڙهي وڃين آسمان تي ۽ تنهنجي چڙهڻ جو به اسان يقين نه ڪنداسين جيستائين تون اهڙي تحرير لاهي نه آڻين جنهن کي اسان پڙهون، (اي نبي!) انهن کي چؤ، پاڪ آهي منهنجو رب! ڇا آئون هڪ پيغام آڻيندڙ کان سواءِ ٻيو ڪجهه آهيان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا تنھنجي لاءِ سون جو ھڪ گهر ٺھي وڃي يا تون آسمان تي (آسانيءَ سان) چڙھي سگهين ۽ وري اسان آسمان تي چڙھي وڃڻ جو به ايستائين يقين نه ڪنداسين جيستائين تون اتان ڪا لکت نه آڻيندين ۽ لکت به اھڙي جنھن کي اسان آسانيءَ سان سمجهي سگهون (اي نبيﷺ! انهن جي نخرن جي جواب ۾ رڳو هي) چؤ ته منھنجو پالڻھار انتهائي پاڪ آھي مان ته رڳو ھڪ پيغام پھچائيندڙ انسان آھيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما مَنَعَ النّاسَ أَن يُؤمِنوا إِذ جاءَهُمُ الهُدىٰ إِلّا أَن قالوا أَبَعَثَ اللَّهُ بَشَرًا رَسولًا (آيت : 94) |
۽ جڏھن ماڻھن وٽ ھدايت آئي (تڏھن) کين ايمان آڻڻ کان ھن ڏاران ڪنھن نه جھليو آھي جو چوندا آھن ته الله پيغمبرن کي ڇو ماڻھو ڪري موڪليو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن به الله جي هدايت (دنيا ۾) ظاهر ٿي تڏهن فقط هن ڳالهه ماڻهن کي ايمان آڻڻ کان روڪيو جو (عجب ۾ پئجي) چوڻ لڳا ته ڇا الله (اسان جهڙو) هڪڙو ماڻهو پيغمبر ڪري موڪليو آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪهڙي ڳالهه ماڻهن کي ايمان آڻڻ کان منع ڪري ٿي جنهن وقت انهن وٽ هدايت پهتي مگر انهن (ڪافرن) چيو ڇا الله تعالى بشر کي رسول ڪري موڪليو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن ماڻهن وٽ هدايت آئي تڏهن انهن کي ايمان آڻڻ کان رڳو هن ڳالھ روڪيو جو چيائون ته ڇا پيغام پهچائيندڙ هڪ ماڻهو (کي) موڪليو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه روڪيو ماڻهن کي هن ڳالھ کان جو ايمان آڻين جڏهن اچي انهن وٽ هدايت مگر هن جو چيائون ته ڇا موڪليو الله بشر کي رسول بنائي؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن ماڻهن وٽ هدايت آئي تڏهن انهن کي ايمان آڻڻ کان رڳو هن ڳالهه روڪيو جو چيائون ته ڇا الله پيغام پهچائيندڙ هڪ انسان موڪليو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ماڻهن کي ايمان آڻڻ کان ٻي ڪنهن شيءِ ڪونه روڪيو جڏهن انهن وٽ هدايت به پهچي وئي سواءِ هن ڳالهه جي جو چيائون ته: ”ڇا الله بشر کي رسول بنائي موڪليو آهي“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَنع نه ماڻهن کي ڪئـِي، ته مَڃِينِ سو مَذڪور، جڏهن آينِ هدايت حق جِي، مگر چيائون مُور، ته ڌڻِي ڪِنهن دَستور، ماڻهو مُرسل موڪليو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن ماڻهن وٽ هدايت پهتي، ته تڏهن کين ايمان آڻڻ کان فقط هن ڳالهه روڪيو، جو چيائون ته ”ڇا الله ماڻهوءَ کي رسول بڻائي موڪليو آهي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماڻهن جي آڏو جڏهن به هدايت آئي ته کين مٿس ايمان آڻڻ کان ٻي ڪنهن به ڳالهه نه روڪيو پر رڳو سندن انهيءَ چوڻ ته "ڇا الله بشر کي رسول بڻائي موڪليو آهي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ماڻهن جي سامهون آئي هدايت، ته ان تي ايمان آڻڻ کان انهن کي ڪنهن شيءِ نه روڪيو پر انهن جي انهيءَ ڳالهه ته، ڇا موڪليو آهي الله انسان کي پيغمبر ڪري؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن وٽ جڏھن به ڪا ھدايت پھتي ته ان وقت کين ايمان آڻڻ کان فقط ھن ڳالھ روڪيو هو جو ھنن چيو ته ڇا اللھ تعالى هڪ انسان کي رسول بڻائي موڪليو آھي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل لَو كانَ فِى الأَرضِ مَلٰئِكَةٌ يَمشونَ مُطمَئِنّينَ لَنَزَّلنا عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ مَلَكًا رَسولًا (آيت : 95) |
(اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن ملائڪ (اوھان جان) زمين ۾ ٽڪندڙ ٿي گھمن ڦرن ھا ته اسين مٿن ضرور آسمان مان ملائڪ پيغمبر ڪري موڪليون ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته جيڪڏهن زمين تي (انسانن جي بدران) فرشتا رهن ها ۽ آرام ۽ امن امان سان گهمندا ڦرندا وتن ها ته پوءِ ضرور اسان آسمان مان هڪڙي فرشتي کي پيغمبر بنائي موڪليون ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان فرمايو جيڪڏهن زمين تي ملائڪ مطمئن ٿي هلن ها ته اسين به انهن تي آسمان مان فرشتو رسول ڪري موڪليون ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته جيڪڏهن زمين تي ملائڪ (رهيل هجن) ها ته جو اطمينان سان گهمن ڦرن ها ته اسين مٿن آسمان مان فرشتي کي رسول بنائي موڪليون ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته جيڪڏهن هجن ها زمين ۾ ملائڪ جيڪي هلن ٿا مطمئن ٿي ته البته لاهيون ها انهن تي آسمان کان ملائڪ کي رسول بنائي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چؤ ته جيڪڏهن زمين ۾ ملائڪ هجن ها، جي (ان تي) رهندڙ ٿي گهمن ڦرن ها ته اسين مٿن آسمان مان پيغام پهچائيندڙ هڪ ملڪ موڪليون ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ: ”جيڪڏهن زمين ۾ ملائڪ هلندڙ گهمندڙ سڪونت پذير هجن ها ته ضرور اسان انهن تي آسمان کان ڪنهن ملائڪ کي رسول بنائي موڪليون ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، هُوند مَلڪ مُقِيم هئا، ڀُون ۾ برقرار، آرامِي آسڻ تي، هَلن چَلن چوڌار، ته مُرسل مَلڪ موچار، اُتن اُتاريوسون اُڀ ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ”جيڪڏهن زمين تي فرشتا آرام سان هلن چلن ها ته ضرور اسين آسمان مان فرشتي کي رسول بڻائي موڪليون ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته جيڪڏهن زمين ۾ به ملائڪ مطمئن ٿيا گهمندا وتن ها ته اسان به ضرور آسمان مان ڪنهن فرشتي کي ئي انهن لاءِ پيغمبر بڻائي موڪليون ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کي چؤ، (اي نبي!) جيڪڏهن زمين تي ملائڪ اطمينان سان هلي گهمي رهيا هجن ها، ته اسان ضرور انهن جي لاءِ ڪنهن فرشتي کي ئي موڪليون ها پيغمبر ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) کين چؤ ته جيڪڏھن ملائڪ زمين تي آسانيءَ سان گهمي ڦري سگهن ھا ته اسان انهن ڏي ضرور ملائڪن کي ئي رسول ڪري موڪليون ھا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم إِنَّهُ كانَ بِعِبادِهِ خَبيرًا بَصيرًا (آيت : 96) |
(اي پيغمبر) چؤ ته الله اوھان ۽ اسان جي وچ ۾ شاھد بس آھي، بيشڪ اھو پنھنجي ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پڻ) چئي ڏي ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ (هاڻي) الله جي شاهدي بلڪل ڪافي آهي. يقيناً هو پنهنجي ٻانهن جي حال کان واقف ۽ سڀ ڪجهه ڏسندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو الله تعالى توهان ۽ منهنجي وچ ۾ بهترين گواه آهي، بيشڪ اهو پنهنجي ٻانهن کان خبردار، ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) چئو ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ رڳو خدا ئي بس آهي. بيشڪ اهو پنهنجن بندن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته: ڪافي آهي الله شاهد منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ بيشڪ اهو آهي ٻانهن پنهنجن جي خبر رکندڙ، ڏسندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چؤ ته منهنجي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ الله ، شاهد بس آهي. بيشڪ اهو پنهنجن ٻانهن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ : ”منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ الله شاهد ڪافي آهي. بيشڪ اُهو پنهنجي ٻانهن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، مُون ۽ اوهان وِچ ۾، ساکِي بَس سَتار، بيشڪ سَندسِ بندن کان، سو خُوب خبردار، پڻ واحِد ويرو تار، ڏِسندڙ ساري ڏيھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته الله منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ گواهه بس آهي، بيشڪ هو پنهنجن ٻانهن کي خوب ڄاڻي ٿو ۽ ڏسي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي ! چوين ته منهنجي ۽ توهانجي وچ ۾ بس هڪڙي الله جي ئي شاهدي ڪافي آهي، هو پنهنجن ٻانهن جي حال کان واقف آهي ۽ سڀ ڪجهه ڏسي پسي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) انهن کي چئي ڇڏ ته ڪافي آهي هڪ الله جي شاهدي منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾، بيشڪ اهو پنهنجي ٻانهن کان باخبر آهي ۽ سڀڪجهه ڏسي پيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) کين چؤ ته منھنجي ۽ توھان جي وچ ۾ اللھ تعالى جي شاھدي ڪافي آھي ھو پنھنجي ٻانھن جي ھر حال کان واقف آھي ۽ ھو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدِ وَمَن يُضلِل فَلَن تَجِدَ لَهُم أَولِياءَ مِن دونِهِ وَنَحشُرُهُم يَومَ القِيٰمَةِ عَلىٰ وُجوهِهِم عُميًا وَبُكمًا وَصُمًّا مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ كُلَّما خَبَت زِدنٰهُم سَعيرًا (آيت : 97) |
۽ جنھن کي الله ھدايت ڪئي سو ھدايت وارو آھي، ۽ جيڪي گمراھ ٿيا تن لاءِ تون الله کانسواءِ ڪوئي دوست نه لھندين، ۽ کين قيامت جي ڏينھن سندن مُنھن ڀر انڌا ۽ گنگا ۽ ٻوڙا ڪري گڏ ڪنداسون، سندن جاءِ دوزخ آھي، جنھن مھل ڍرو ٿيندو تنھن مھل انھن لاءِ دوزخ کي وڌيڪ تپائينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن کي الله تعاليٰ (ڪاميابيءَ جي) راهه تي لڳائي سو ئي في الحقيقت (سچي) راهه تي آهي ۽ جنهن جي لاءِ هن (پنهنجي قانون مطابق ڪاميابيءَ جي) راهه گم ڪري ڇڏي تنهن جي لاءِ اوهان، سواءِ الله جي ڪوبه مددگار نه لهندؤ، قيامت جي ڏينهن اسان اهڙن ماڻهن کي منهن ڀر (ڪريل اونڌو ٿيل حالت ۾) اٿارينداسين ۽ اهي انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا هوندا. انهن جو آخري مڪان دوزخ هوندو. جڏهن به ان جي باهه جهڪي ٿيندي تڏهن ان کي اڳي کان به وڌيڪ ڀڙڪائي ڇڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن ماڻهو کي الله هدايت ڏئي ٿو پوءِ اهو هدايت وارو آهي، ۽ جنهنکي پاڻ گمراه ڪري ٿو پوءِ توهان ان لاءِ الله کانسواءِ هرگز ڪو مددگار نه لهندا، ۽ اسين انهن کي قيامت جي ڏينهن مُنهن ڀر انڌو ۽ گونگو ۽ ٻوڙو ڪري اٿارينداسين، انهن جي رهڻ جي جاءِ جهنم آهي. جڏهن به اها وِسامندي ته اسين ان کي زياده ڀڙڪائينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن کي خدا هدايت ڪري سو ئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ته (ياد رکو!) پوءِ ان کانسواءِ ڪنهن کي سندس سرپرست نه لهندو! ۽ قيامت جي ڏينهن اسين انهن ماڻهن کي منهن ڀر اونڌا، انڌا ۽ گونگا ۽ ٻوڙا قبرن مان اٿارينداسون، انهن جي جاءِ جهنم آهي. جا جڏهن اجهائڻ لڳندي ته اسين انهن ماڻهن تي (کيس) وري ڀڙڪائي ڇڏينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن کي هدايت ٿو ڪري الله پوءِ اهوئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراھ ٿو ڪري پوءِ هرگز نه لهندين انهن لاءِ مددگار ان کانسواءِ ۽ اٿارينداسون انهن کي قيامت جي ڏينهن منهن انهن جي تي انڌا ۽ گونگا ۽ ٻوڙا جاءِ انهن جي جھنم آهي جڏهن به وسامڻ لڳندي ته وڌائينداسون انهن کي ڀڙڪندڙ باھ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن کي الله هدايت ڪري سوئي هدايت وارو آهي. ۽ جن کي گمراهه ڪري ته توکي انهن لاءِ الله کان سواءِ ڪي به مددگار نه مِلندا. ۽ کين قيامت جي ڏينهن پنهنجي مُنهن ڀر (هلندڙ ڪري) اٿارينداسون، انڌا ۽ گونگا ۽ ٻوڙا هوندا. سندن رهڻ جي جاءِ جهنم آهي. جڏهن به وسامڻ لڳندو ته مٿن زياده باهه ڀڙڪائينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن کي الله هدايت ڪري سو ئي هدايت وارو آهي، ۽ جنهن کي گمراهه ڪري تون ان کان سواءِ سندن واسطي ڪي مددگار ڪونه لهندين. ۽ قيامت واري ڏينهن اسان انهن کي ٻوٿ ڀر اٿارينداسين انڌا گونگا ۽ ٻوڙا هوندا. انهن جي رهڻ جي جاءِ جهنم آهي. جڏهن اجهامڻ لڳندو ته مٿن وڌيڪ باهه ڀڙڪائينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سائـِين سَئـِين سُهائـِي جنهن کي، پوءِ سَنئون، سو سُڄاڻ، ۽ جنهن ڀُلائي ڀاڻي ڪنان، ته ڌاران ڌڻي پاڻ، ڪونهي ڪو اُن ڪاڻ، جو اَولياء اولاڻِيء رَسي. اُٿارينداسُون اُنهن کي، ڏِينهن محشر مُنهن ڀر، اَنڌو اکين کان، ۽ گُنگو، ٻوڙو، ڪَنِين ڪَر، مَڱَرِ ماڳ اُنهن جو، جي گَھٽيسَ ڄِڀِيء ڄَر، ته ٻارِينداسون ٻِيهر، آڳ اَ ڳوڻِيان اڳرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن کي الله سنئين واٽ ڏيکاري اهو ئي سنئين رستي تي اچي ٿو ۽ جنهن کي هو بي راهه ڪري ته پوءِ ان ڌاران ڪو به سندس مددگار نه ڏسندين ۽ اسين قيامت ڏينهن انهن کي انڌو گونگو ٻوڙو ڪري منهن ڀر هلائينداسون، پوءِ سندن جاءِ دوزخ آهي، اهو جڏهن به ڍرو ٿيندو ته مٿن وڌيڪ ڀڙڪائينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن کي الله هدايت ڏئي، اهوئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي هو گمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏي ته تون اهڙن لاءِ هن کان سواءِ ٻيا ڪي به مددگار لهي نه سگهندين ۽ انهن ماڻهن کي قيامت جي ڏينهن اسان مـُـنهن ڀر گهلي آڻي گڏ ڪنداسون، انڌا گونگا ۽ ٻوڙا ڪري، سندن ٺڪاڻو جهنم آهي. جڏهن به ان جي باهه جهڪي ٿيڻ لڳندي ته وري خوب مچائي مچ ڪري ڇڏينداسونس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جنهن کي به هدايت ڏئي الله، بس اهو ئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏي ته بس تون اهڙن ماڻهن جي لاءِ ڪوبه حمايتي ۽ مددگار نه ڏسندين، ۽ گِهلي آڻينداسين ڏينهن قيامت جي انهن کي اونڌي منهن، اهي انڌا ۽ ٻوڙا ۽ گونگا آهن، انهن جو ته ٺڪاڻو جهنم ئي آهي، جنهن جي جڏهن باهه جَهڪي ٿيندي ته اسان ڀڙڪائينداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن کي اللھ تعالى ھدايت ڏئي اھوئي ھدايت وارو آھي ۽ جنھن کي گمراهه ڪري پوءِ توهان اھڙن ماڻهن جو ان (اللھ) کان سواءِ ٻيو ڪوبه مددگار نه ڏسندا ۽ قيامت جي ڏينھن اسان کين انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو ڪري اونڌي منھن حاضر ڪنداسين. انهن جي رھڻ جي جاءِ جھنم ھوندي ۽ جڏھن به جھنم جي باهه ھلڪي ٿيندي ته ويتر ھن کي وڌيڪ ڀڙڪايو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ جَزاؤُهُم بِأَنَّهُم كَفَروا بِـٔايٰتِنا وَقالوا أَءِذا كُنّا عِظٰمًا وَرُفٰتًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ خَلقًا جَديدًا (آيت : 98) |
اھا سندن سزا ھن سببان آھي جو اسانجي نشانين جو انڪار ڪيائون ۽ چيائون ته جڏھن اسين ھڏا ۽ چُورو ٿينداسون (تڏھن) وري نئين سر پيدا ٿي اٿاريا وينداسون ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اها انهن جي لاءِ سزا ٿيندي، هن ڪري جو هنن اسان جي آيتن کان انڪار ڪيو هو ۽ چيو هو ته، ڀلا جڏهن (مرڻ بعد ڳري سڙي) فقط هڏيون ٿي وينداسين ۽ ذرا ذرا ٿي وينداسين تڏهن (ائين ڪيئن ٿي سگهندو جو) نئين سر اسان کي پيدا ڪري اٿاريو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها انهن جي جزا آهي، انهي سببان جو تحقيق انهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ چوڻ لڳا ته جنهن وقت اسين هڏا ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿينداسين ته ڇا واقعي اسين نئين سِر پيدا ٿينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها سزا سندن هن ڪري آهي جو انهن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ چوڻ لڳا ته جڏهن اسين (مرڻ کان پوءِ ڳري سڙي) هڏيون ۽ ذرا ذرا ٿي وينداسون ته ڇا اسين وري نئين سر بڻائي اٿاريا وينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو بدلو انهن جو آهي ان سببان جو بلاشڪ انهن ڪفر ڪيو آيتن اسان جن جو ۽ چيائون ته ڇا جڏهن هونداسون هڏا ۽ ذرا ذرا ڇا يقينًا اسين البته اٿاريل آهيون مخلوق نئين ٿي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها سندن جزا هن ڪري آهي جو انهن اسان جي نشانين جو انڪار ڪيو ۽ چيائون ته ڇا جڏهن اسين هڏا ۽ ڳريل عضوا ٿينداسون ڇا (تڏهن) اسان کي نئين سر پيدا ڪري اٿاريو ويندو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اها انهن جي سزا آهي هن ڪري جو اسان جي آيتن سان ڪفر ڪيائون ۽ چيائون ته: ”جڏهن اسان (مري) هڏيون ۽ ذرا ذرا ٿي وينداسين ته ڇا اسان نئين سر پيدا ڪري اٿاريا وينداسين“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِيءَ باھ بَدلو اُنهن جو، برابر ڀَر پُور، اسان جي اُهڃاڻن کان، جِيئن مُنڪر ٿيا مَغرور، چي، ڪِ، مُئاسُون جنهن مَهل ۾، ۽ هُونداسون هڏ چور، نئـِين جوڙ ۾ ضرور، اَسين ڪِ اُٿڻاآهيون؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها سندن سزا آهي، جو انهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو هو ۽ چيائون ته ”جڏهن اسين هڏا ۽ ذرڙا ٿي وينداسون ته، ڇا اسين نئين سر خلقي اٿارباسون؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو بدلو آهي سندن ان فعل جو، ته انهن اسانجي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ چيائون ته "ڇا جڏهن اسان هڏا ۽ خاڪ ٿي وينداسون ته وري نئين سر خلقي اٿاريا وينداسون؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو بدلو آهي سندن ان حرڪت جو اسان جي آيتن جي انڪار ڪرڻ جو، ۽ چيائون ته جڏهن ٿينداسين هڏا ۽ مٽي ته ڇا وري اسان کي پيدا ڪري اٿاريو ويندو نئين سر؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي انهن جي لاءِ اسان جي آيتن کان انڪار جو بدلو آھي ۽ هو چوندا ھئا ته مرڻ کان پوءِ جڏھن اسان ھڏيون ۽ مٽي ٿي وينداسين ته ڇا اسان کي وري ٻيھر نئين سر پيدا ڪري اٿاريو ويندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم وَجَعَلَ لَهُم أَجَلًا لا رَيبَ فيهِ فَأَبَى الظّٰلِمونَ إِلّا كُفورًا (آيت : 99) |
نه ڏسندا آھن ڇا ته جنھن الله آسمانن ۽ زمين کي بڻايو سو سندن اھڙي بڻائڻ تي وس وارو آھي ۽ انھن لاءِ اھا مُدّت مقرر ڪيائين جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي، پوءِ ظالم انڪار کانسواءِ ڪي قبول نه ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا انهن ماڻهن هن ڳالهه تي غور نه ڪيو آهي ته اهو الله جنهن آسمانن ۽ زمين جي هيءَ سڄي ڪائنات پيدا ڪري ڇڏي آهي، ضرور هن ڳالهه جي به قدرت ۽ طاقت رکي ٿو ته هنن جي هاڻوڪي زندگيءَ وانگر هڪ ٻي زندگي به پيدا ڪري ڇڏي. پڻ هن ڳالهه تي غور ڪونه ڪيو اٿن ڇا ته ضرور هنن جي لاءِ الله تعاليٰ (آخري فيصلي جو) هڪ ميعاد مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به طرح جو شڪ آڻي نٿو سگهجي. تنهن هوندي به ڏسو ته هنن ظالمن (سنئين راهه وٺڻ کان) انڪار ڪيو، اٽلندو حقيقت کي ئي نه مڃيائون ۽ بي شڪر رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله تعالى اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪيو اهو قادر مطلق آهي ته انهن کي ٻئي دفعي پيدا ڪري ۽ الله تعالى انهن لاءِ مدو مقرر ڪيو آهي جنهن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، پوءِ ناشڪري ڪري ظالمن انڪار ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن ماڻهن هن تي به غور نه ڪيو ته اهو خدا جنهن سڀ آسمان ۽ زمين بنايا، ان تي بيشڪ قادر آهي ته انهن جهڙا وري ماڻهو ٻيهر پيدا ڪري ۽ هن سندن موت جو وقت مقرر ڪيو آهي. جنهن ۾ ذرو به شڪ (شبهو) نه آهي تڏهين به اهي ظالم انڪار ڪرڻ کان نه رهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺائون ته بيشڪ الله جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين قادر آهي هن تي جو پيدا ڪري مثال انهن جو ۽ مقرر ڪيائين انهن لاءِ مدت جو ناهي ڪو شڪ ان ۾ پوءِ انڪار ڪيو ظالمن مگر ڪفر جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا نه ڏٺو اٿن ته جنهن الله آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو سو اهڙن جي بنائڻ جي قدرت رکندڙ آهي ۽ انهن لاءِ هڪ وقت مقرر ڪيو اٿس جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. پوءِ به ظالم انڪار ڪرڻ کان سواءِ نه رهيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن نه ڏٺو ته جنهن الله آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي سو ان ڳالهه تي قادر آهي ته انهن جي مثل (نئين سر) پيدا فرمائي ۽ انهن لاءِ هڪ وقت مقرر ڪيائين جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. پوءِ به ظالمن انڪار ڪيو (هر هدايت کان) سواءِ ڪفر جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا وَرتئون نه وِيچار؟ ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ، جنهن ڀُون ۽ اُڀ بنايا، سو قادِر برقرار، اُن جِھڙن جوڙڻ تي، پڻ ڪيائين تنِي هار، مُدت مُقرر، جِنهن ۾، ويڇو ناهي وار، پوءِ ڪُل کان، ڪُفر ڌار، اَنڌاريلن اِنڪار ڪيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو نٿا ڏسن ته جنهن الله آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي، ان کي اها به طاقت آهي ته انهن جهڙا وري پيدا ڪري، ۽ انهن لاءِ ڪو وقت مقرر رکيو اٿس جنهن ۾ شڪ ناهي_ ته به بي انصاف ماڻهو انڪار ئي ڪندا رهيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا انهن نه ڏٺو ته جنهن الله آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي، اهو انهن جهڙا پيدا ڪرڻ جي ضرور سگهه رکي ٿو؟ ۽ هـُـن انهن جي حشر لاءِ هڪڙو وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي اچڻ ۾ ڪو شڪ ئي ڪونهي، مگر ظالمن جو ته انڪار تي ئي سندرو ٻڌل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ڏسندا نه آهن ته بيشڪ جنهن الله پئدا ڪيو آهي آسمانن ۽ زمين کي، سو پئدا ڪرڻ تي قادر آهي وري به اهڙين ئي شين کي؟ ۽ مقرر ڪيو آهي انهن جي لاءِ وقت، جنهن جو اچڻ يقيني آهي، پر ضد آهي انهن ظالمن جو اهي انڪار ئي ڪندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن اھو نه سوچيو ته بيشڪ جنھن اللھ سائين آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي؟ سو ھو ان ڳالھ جي به طاقت رکي ٿو ته انهن جھڙا انسان ٻيھر پيدا ڪري. ھنن لاءِ ته ھڪ مقرر وقت رکيو ويو آھي جنھن جي اچڻ ۾ ڪابه شڪ جي ڳالھ ئي نه آھي، پوءِ به ھي ظالم ماڻهو انڪار ڪرڻ کان نٿا مُڙن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل لَو أَنتُم تَملِكونَ خَزائِنَ رَحمَةِ رَبّى إِذًا لَأَمسَكتُم خَشيَةَ الإِنفاقِ وَكانَ الإِنسٰنُ قَتورًا (آيت : 100) |
(اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھين منھنجي پالڻھار جي خزانن جا مالڪ ھجو ھا ته انھيءَ مھل (سڀ) خرچ ٿي وڃڻ جي ڀَو کان اوھين ضرور بند رکو ھا، ۽ ماڻھو پڪو پيچ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته، جيڪڏهن منهنجي پروردگار جي رحمت جا خزانا اوهان جي اختيار ۾ هجن ها ته توهان ضرور انهن جي کپي وڃڻ جي خوف کان انهن کي روڪي رکو ها. (پر الله تعاليٰ پنهنجي رحمت جو فيض روڪي رکڻ وارو ناهي. سندس بخششون اهڙيون تنگ ناهن جو دنيا جي ٿورڙن ڏينهن جي زندگيءَ لاءِ محدود هجن ۽ کپي وڃن) حقيقت هيءَ آهي ته انسان ڏاڍو تنگدل ۽ بخيل يعني ڪنجوس آهي، (اهو الاهي رحمت جي ڪشادگيءَ جو اندازو لڳائي نٿو سگهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو جيڪڏهن توهان منهنجي رب جي خزانن جا مالڪ هجو ها ته ان وقت توهان مسڪين ٿيڻ جي خوف کان انهن تي خرچ نه ڪريو ها، ۽ انسان بخيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول کين) چئو ته جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جي رحمت جا خزانا به اوهان جي اختيار ۾ هجن ها تڏهن به اوهين خرچ ٿي وڃڻ جي خوف کان (کين) بند رکو ها. ۽ آدمي وڏو تنگدل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته: جيڪڏهن اوهان مالڪ ٿي وڃو خزانن رحمت رب منهنجي جا ته ان وقت البته روڪي رکو ها اوهان سببان خرچ ٿي وڃڻ جي ڊپ کان ۽ آهي انسان ڪنجوس .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چؤ ته جيڪڏهن اوهين منهنجي پاليندڙ جي رحمت جي خزانن جا مالڪ ٿيو ها ته ان وقت کپائي ڇڏڻ جي ڊپ کان بند ڪري رکو ها. ۽ انسان تنگ دِل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ جيڪڏهن اوهان منهنجي پالڻهار جي رحمت جي خزانن جا مالڪ ٿيو ها! ته ان وقت خرچ ٿي وڃڻ جي خوف کان اوهان (هٿ) روڪي رکو ها. ۽ انسان وڏو ئي تنگ دل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، هُجن اوهان جي هٿن ۾، جي ڀانڊار ڀَرپُور، مُنهنجي ربَّ جي رحمت جا، ته پُوريان پِهرين پُور، ڪنان سُڃائـِي جو سُور، ۽ ماڻهون مَرچُوت مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي رب جي خزانن جو اختيار هجي ها ته جيڪر اوهين ان جي خرچ ٿيڻ جي ڊپ کان پاڻ روڪي ڇڏيو ها ۽ انسان ته آهي ئي تنگدل.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته جيڪڏهن منهنجي رب جي رحمت جا خزانا توهانجي هٿ هجن ها ته توهان کپي وڃڻ جي ڀؤ کان کين ضرور بند ڪري رکو ها. انسان ته آهي ئي دل جو تنگ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) چؤ انهن کي ته جيڪڏهن توهان جي قبضي ۾ خزانا منهنجي رب جي رحمت جا هجن ها ته توهان خرچ ٿيڻ جي خوف کان ضرور انهن کي روڪي رکو ها، ۽ واقعي انسان وڏو تنگدل واقع ٿيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) توهان کين چؤ ته جيڪڏھن منھنجي پالڻھار جي رحمت جي خزانن جا توھان مالڪ ھجو ھا ته توھان انهن خزانن جي ختم ٿيڻ جي ڊپ کان انهن کي ضرور روڪي رکو ھا (ڇاڪاڻ جو) انسان وڏو ڪنجوس (طبيعت جو) آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ تِسعَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ فَسـَٔل بَنى إِسرٰءيلَ إِذ جاءَهُم فَقالَ لَهُ فِرعَونُ إِنّى لَأَظُنُّكَ يٰموسىٰ مَسحورًا (آيت : 101) |
۽ بيشڪ مُوسىؑ کي نَوَ پڌريون نشانيون ڏنيوسون پوءِ بني اسرائيلن کان پُڇ ته جڏھن (اھو) وٽن آيو تڏھن کيس فرعون چيو ته اي مُوسىؑ بيشڪ آءٌ توکي يقيناً جادو ٿيل ڀائيندو آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) اسان حضرت موسيٰ کي نَوَ چٽيون نشانيون ڏنيون هيون، جڏهن هو بني اسرائيلن ۾ ظاهر ٿيو هو. تون بني اسرائيلن کان پڇي ڏس (ته ڇا ڇا ٿي گذريو هو) فرعون کيس چيو هو ته، اي موسيٰ مان ته ڀائيان ٿو ته توتي ضرور ڪنهن جادو ڪري ڇڏيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي نَوَ (9) واضح نشانيون عطا ڪيون، پوءِ توهان بني اسرائيل کان پڇو جڏهن انهن وٽ (حضرت موسيٰ ) آيو پوءِ فرعون ان کي چيو ته بيشڪ آئون گمان ڪريان ٿو ته اي موسيٰ توکي جادو ٿيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان يقينا موسى کي ظاهر نو معجزا عطا ڪيا ته (اي رسول) بني اسرائيلن کان (اهو ئي) پڇي ڏس ته جڏهن موسى انهن وٽ آيو ته فرعون کيس چيو ته اي موسى! آءُ ته سمجهان ٿو ته تو تي ڪنهن جادو ڪري چريو ڪري ڇڏيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڏنيون اسان موسى کي نَوَ نشانيون روشن پوءِ پڇ بني اسرائيل کان جڏهن آيو انهن وٽ پوءِ چيو انکي فرعون ته: بيشڪ مان البته سمجھان ٿو توکي اي موسى جادو ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ (عليه السلام) کي نَوَ پڌريون نشانيون ڏنيون، پوءِ بني اسرائيلن کان پڇ جنهن وقت هو وٽن آيو پوءِ فرعون کيس چيو ته اي موسيٰ! آءُ ڀايان ٿو ته توتي جادو ٿيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان موسى کي نَوَ روشن نشانيون ڏنيون پوءِ تون يعقوب جي اولاد کان پڇ ته جنهن وقت اهو وٽن آيو ته فرعون کيس چيو: ”اي موسى بلاشڪ آءٌ ڀايان ٿو ته تو تي جادو ٿيل آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِناسُون مُوسٰى مِير کي، نَوَ معجزا مشهور، پوءِ پُڇ بَنِي اِسرائيل کان، مِريوئـِي مَذڪور، آينِ جڏهن؛ پوءِ فِرعون چيو، اُن کي اِن دستور، ته مُوسٰى! ڀانيان مُور، توکي ڪامِل ڪامَڻ هورڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تون يهودين کان پڇي ڏس ته، جڏهن موسيٰ وٽن آيو هو، تڏهن اسان کيس پڌرا نَوَ معجزا ڏنا هئا، پوءِ فرعون چيس ”موسيٰ! منهنجي خيال ۾ ته توتي ضرور جادو ٿيل آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان موسيٰ کي نــَـوَ چٽيون نشانيون ڏنيون هيون، پوءِ تون بني اسرائيل کان پڇي ڏس ته جڏهن موسيٰ وٽن آيو ته فرعون اهوئي چيو ته "اي موسيٰ مان سمجهان ٿو ته پڪ توتي جادو ٿيل آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ عطا ڪيوسين موسيٰ کي نئون (9) نشانيون چٽيون ظاهر ظهور، پڇي ڏسو توهان پاڻ بني اسرائيل کان ته جڏهن اهي سامهون آيون ته خود چيو فرعون اهو ئي ته، بيشڪ آئون سمجهان ٿو اي موسيٰ، تون ضرور هڪ جادو ڪيل شخص آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان موسى ($) کي نَوَ پڌرا معجزا ڏنا ھئا. توھان انهن معجزن جي باري ۾ خود بني اسرائيل کان پُڇي وٺو. جڏھن انهن وٽ موسى ($) آيو ته فرعون کيس چيو ته اي موسى! منھنجي خيال ۾ ته توتي ڪنھن جادو ڪيو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لَقَد عَلِمتَ ما أَنزَلَ هٰؤُلاءِ إِلّا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ بَصائِرَ وَإِنّى لَأَظُنُّكَ يٰفِرعَونُ مَثبورًا (آيت : 102) |
(مُوسىؑ) چيو ته بيشڪ تو ڄاتو آھي ته اھي (نشانيون) آسمانن ۽ زمين جي پالڻھار کانسواءِ (ٻئي ڪنھن) نه نازل ڪيون آھن (اوھان جي) سمجھائڻ لاءِ (ته ڏسي مون مڃيو)، ۽ اي فرعون آءٌ توکي (انھن جي انڪار سببان) ھلاڪ ٿيل ڀائيندو آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تنهن تي حضرت موسيٰ) فرمايو ته، توکي يقيناً معلوم ٿو چڪو آهي ته هي نشانيون مون ڏي ٻئي ڪنهن نه موڪليون آهن پر ان موڪليون آهن جو آسمان ۽ زمين جو پروردگار آهي ۽ انهن ۾ (عبرت ۽ نصيحت وٺڻ لاءِ) سمجهڻ جي روشني آهي ۽ اي فرعون! مان سمجهان ٿو ته تو پاڻ کي پاڻ تباهي ۾ وڌو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ فرمايو يقيناً توکي معلوم آهي ته انهن آيتن کي نه نازل ڪيو مگر رب آسمانن ۽ زمينن جي (توهان جي) اکين کولڻ لاءِ، ۽ بيشڪ منهنجي گمان موجب اي فرعون تون هلاڪ ٿيندڙ آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى چين! اوهين ايترو ته ضرور ڄاڻو ٿا ته هي معجزا آسمانن ۽ زمين جي پروردگار نازل ڪيا آهن (جيڪي ماڻهن جي) سمجهڻ جهڙا آهن.۽ اي ...(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايو موسى البته تحقيق ڄاتو تو ته نه نازل ڪيو هنن کي مگر رب آسمانن ۽ زمين جي بصيرت افروز ۽ بلاشڪ مان البته سمجھان ٿو توکي اي فرعون! هلاڪ ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته بيشڪ توکي معلوم آهي ته اهي (نشانيون) جيڪي ظاهر دليل آهن سي آسمانن ۽ زمين جي پاليندڙ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به نازل نه ڪيون آهن. ۽ اي فرعون! آءُ ڀايان ٿو ته تون برباد ٿيندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”بيشڪ تون ڄاڻين ٿو اهي بصيرت افروز نشانيون ٻئي ڪنهن نه لاٿيون آهن سواءِ آسمانن ۽ زمين جي مالڪ جي ۽ اي فرعون! آءٌ ڀايان ٿو تون شامتَ ماريو ماڻهو آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَٿيئـِي عِلم، نه اُتاريا، هِي مُعجزا مشهور، مگر مالِڪ اُڀ، زمين جي، نِپٽ نِشانيون نُور، ۽ توکي ڀانيان بي شعور، ته فرِعون! اَٿيئـِي ڦِٽڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”تون چڱي طرح ڄاڻين ٿو، ته هي آسمانن ۽ زمين جي رب ئي عبرت لاءِ موڪليون آهن ۽ منهنجي خيال ۾ تون ضرور ناس ٿيندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چيس: "تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو ته اهي اکيون کوليندڙ نشانيون آسمانن ۽ زمين جي رب کانسواءِ ٻئي ڪنهن به نازل نه ڪيون آهن ۽ منهنجو خيال آهي ته اي فرعون! تون پڪ سان تباهيءَ هيٺ ايندين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (موسيٰ) چيو، تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو ته اهي ڪنهن جون نازل ڪيل آهن آسمانن جي رب ۽ زمين جي بصيرت وڌائيندڙ جون، ۽ منهنجو خيال هي آهي ته ماريل آهين اي فرعون! تون پڪ شامت جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) کيس جواب ۾ چيو ته (اي فرعون) توکي چڱي طرح خبر آھي ته اھڙا پڌرا معجزا آسمانن ۽ زمين جي پالڻھار کان سواءِ ٻيو ڪير به نازل نٿو ڪري سگهي. مون کي لڳي ٿو ته اي فرعون! تون تباھي واري رستي ڏانھن وڃي رھيو آھين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَرادَ أَن يَستَفِزَّهُم مِنَ الأَرضِ فَأَغرَقنٰهُ وَمَن مَعَهُ جَميعًا (آيت : 103) |
پوءِ فرعون ملڪ مان سندن لوڌڻ جو ارادو ڪيو پوءِ فرعون ۽ سندس ساري سنگت کي ٻوڙيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (ڏسو) فرعون چاهيو ته، بني اسرائيلن جو ملڪ ۾ رهڻ مصيبتن سان ڀريل ڪري ڇڏي (۽ کين تباهه ڪري ڇڏي) پر اسان کيس ۽ انهن سڀني کي جيڪي ان سان گڏ هئا (سمنڊ ۾) ٻوڙي ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (فرعون) چاهيو ته انهن کي زمين (مصر) مان ٻاهر ڪڍي، پوءِ اسان فرعون ۽ سندس سڀني ساٿين کي غرق ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ فرعون هي پڪو ارادو ڪيو ته بني اسرئيلن کي سرزمين (مصر) مان ڪڍي ٻاهر ڪري ته اسان فرعون ۽ جيڪي ماڻهو ان سان گڏ هئا، سڀني کي ٻوڙي ماريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ارادو ڪيائين هيء ته ڪڍي ڇڏي انهن کي زمين مان پوءِ ٻوڙيوسون ان کي ۽ انهن کي جو گڏ ان سان هئا مڙني کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان ارادو ڪيو ته (ان) زمين مان بني اسرائيلن جا پير اکيڙي، پوءِ اسان فرعون کي ۽ جيڪي ان سان گڏ هئا، تن سڀني کي ٻوڙيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان (فرعون) ارادو ڪيو ته ان سرزمين مان انهن جا پير اکيڙي. پوءِ اسان ان کي ۽ جيڪي به ساڻس گڏ هئا سڀني کي ٻوڙيوسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ قَصد چَڙهيو، ته ڪڍي تن کي، مُلڪ منجھان مُور، پوءِ ڪيوسون غرقُور، سو ۽ سَندسِ سَڀ ساٿ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هن گهريو ته ان زمين مان سندن پير ڪڍي ڇڏي، تنهن ڪري اسان ان ۽ سندس سڀني همراهن کي ٻوڙيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ فرعون پڪو پهه ڪيو ته موسيٰ ۽ بني اسرائيل کي زمين مان ڪڍي ٻاهر ڪندو، پر پوءِ اسان کيس ۽ سندس ساٿين کي گڏ ٻوڙي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر ارادو ڪيو (فرعون) ته موسيٰ ۽ بني اسرائيل کي زمين مان لوڌي ڪڍي، پر اسان کيس ٻوڙي ڇڏيو سڀني ساٿين سميت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ فرعون ھن سرزمين (مصر) تان بني اسرائيل جا پير اکيڙي ڇڏڻ جو پختو ارادو ڪيو پر اسان کيس سڀني ساٿين سميت غرق ڪري ڇڏيوسين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقُلنا مِن بَعدِهِ لِبَنى إِسرٰءيلَ اسكُنُوا الأَرضَ فَإِذا جاءَ وَعدُ الءاخِرَةِ جِئنا بِكُم لَفيفًا (آيت : 104) |
۽ کانئس پوءِ بني اسرائيلن کي چيوسون ته مُلڪ ۾ ٽڪو پوءِ جڏھن آخرت جو وعدو آيو (تڏھن) اوھان کي لپيٽي وٺنداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هن واقعي کان پوءِ بني اسرائيلن کي چيو هو ته، هاڻي هن (فلسطين يا ڪنعان جي) ملڪ ۾ رهو (توهان جي لاءِ هاڻي ڪوبه خوف خطرو ڪونه رهيو) پوءِ جڏهن آخرت جو واعدو ظهور ۾ ايندو تڏهن اسان توهان سڀني کي پنهنجي حضور ۾ آڻي گڏ ڪنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان کان پوءِ اسان بني اسرائيل کي حڪم ڪيو ته توهان زمين (مصر) ۾ رهو پوءِ جنهن وقت آخرت جو وعدو ايندو ته اسين توهان سڀني کي مِلائي ڇڏينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تنهن کان پوءِ اسان بني اسرائيلن کي چيو ته (هاڻي اوهان ئي) هن ملڪ ۾ (چڱيءَ طرح مزيءَ سان) رهو ڪريو. پوءِ جڏهن آخرت جو وعدو اچي پهچندو ته اسين اوهان سڀني کي گڏ ڪري آڻينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو اسان ان کان پوءِ بني اسرائيلن کي ته رهو زمين ۾ پوءِ جڏهن ايندو وعدو آخرت جو ته آڻينداسون اوهان کي گڏ ڪري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کان پوءِ بني اسرائيلن کي چيو سون ته زمين ۾ رهو، پوءِ جڏهن آخرت جو وعدو ايندو ته اوهان سڀني کي گڏي حاضر ڪنداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان کان پوءِ يعقوب جي اولاد کي چيوسين ته توهان هن زمين ۾ آباد ٿي وڃو پوءِ جڏهن آخرت جو وعدو ايندو ته اسان اوهان سڀني کي گڏي حاضر ڪنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اِسرائـِيل جي اولاد کي، پوءِ چيوسون تِنهن پُڄاڻ، ته ورِي وطن وَسائيو، پوءِ جڏهن آيو ٻِيو اُهڃاڻ، پَڪ توهان کي پاڻ، ويرهي وَٺنداسون وٖير ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان کانپوءِ يهودين کي چيو سون ته ”زمين ۾ رهو، پوءِ جڏهن آخرت جو وعدو ايندو ته سڀني کي ڪٺو ڪري آڻينداسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان کان پوءِ بني اسرائيل کي چيو ته هاڻي توهان زمين ۾ رهو، پوءِ جڏهن آخرت جي وعدي جو وقت اچي پورو ٿيندو ته اسان توهان سڀني کي گڏ ڪري حاضر ڪنداسين(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيوسين ان کان پوءِ بني اسرائيل کي ته هاڻي آباد ٿيو زمين ۾. پوءِ جڏهن آخرت جي وعدي جو وقت اچي پورو ٿيندو ته اسان سڀني کي گڏ آڻي حاضر ڪنداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کان پوءِ اسان بني اسرائيل کي چيو ته هاڻي توھان ئي ھن سرزمين ۾ وڃي رھو جڏھن آخرت واري وعدي جو وقت پورو ٿيندو ته توھان سڀني کي ڪٺو ڪري حاضر ڪنداسين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَبِالحَقِّ أَنزَلنٰهُ وَبِالحَقِّ نَزَلَ وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 105) |
۽ ان (قرآن) کي اسان سچ سان نازل ڪيو آھي ۽ اھو سچ سان نازل ٿيو آھي، ۽ توکي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ کانسواءِ نه موڪليوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان قرآن کي سچائيءَ سان نازل ڪيو آهي ۽ اهو بيشڪ سچائي سان ئي نازل ٿيو آهي ۽ اسان جو توکي (پيغمبر ڪري) موڪليو آهي سو فقط هن حيثيت ۾ ته تون (ايمان ۽ نيڪ عملن جي نتيجن جي) خوشخبري ڏيندڙ ۽ (انڪار ۽ بدعملن جي نتيجن کان) خبردار ڪندڙ آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان قرآن ڪريم کي حق سان ۽ حق لاءِ نازل فرمايو آهي، اسان توهان کي بشير ۽ نذير ڪري موڪليو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) اسان هن قرآن کي برحق نازل ڪيو ۽ بلڪل حق سچ سان نازل ٿيو. ۽ تو کي اسان (جنت جي) خوش خبري ڏيڻ وارو ۽ (عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو رسول بنائي موڪليو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ حق سان نازل ڪيوسون ان کي ۽ حق سان نازل ٿيو ۽ نه موڪليوسون توکي مگر خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (هن) قرآن کي اسان سچ سان نازل ڪيو ۽ اهو سچ سان لٿو ۽ اسان توکي رڳو خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان هن (قرآن) کي حق سان لاٿو آهي ۽ حق سان ئي لٿو آهي. ۽ (اي رسول) اسان تو کي رُڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي ئي موڪليو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سچ سان اُتاريو سون اُن کي، ۽ اُتريو سَچ سان جو، ۽ مُرسل نه مُڪو سون تو، مگر کِيانتو خابرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان قرآن کي سچ سان لاٿو آهي ۽ سچ سان ئي لٿو آهي ۽ اسان توکي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري ئي موڪليو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن قرآن کي اسان حق سان نازل ڪيو آهي ۽ حق ئي کڻي لٿو آهي، اي نبي! اسان توکي فقط ان لاءِ موڪليو آهي ته (جيڪو مڃي تنهن کي) خوشخبري ڏي ۽ (جيڪو نه مڃي تنهن کي) ڊيڄار (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ حق سان نازل ڪيو آهي هي قرآن ۽ حق سان نازل ٿيو، ۽ (اي نبي!) اسان توکي موڪليو (ڪو مڃي نه مڃي) تون خوشخبري ڏي ۽ خبردار ڪر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قرآن شريف کي اسان حق سان نازل ڪيو آھي ۽ حق سان ئي اهو لٿو آھي. (اي نبيﷺ!) اسان توکي (مؤمنن جي لاءِ) خوشخبري ڏيندڙ ۽ (انڪار ڪرڻ وارن لاءِ) ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقُرءانًا فَرَقنٰهُ لِتَقرَأَهُ عَلَى النّاسِ عَلىٰ مُكثٍ وَنَزَّلنٰهُ تَنزيلًا (آيت : 106) |
۽ ان قرآن کي جُدا جُدا (سُورتون ۽ آيتون) ھن لاءِ ڪيوسون ته اھو ماڻھن کي آھسته آھسته پڙھي ٻڌائين ۽ ان کي آھسته آھسته ڪري لاٿوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان قرآن کي ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهايو آهي، انهيءَ لاءِ ته تون جهلي جهلي ماڻهن کي پڙهي ٻڌائين ۽ (اهوئي سبب آهي جو ان کي) هڪ ئي وقت نازل نه ڪيوسين، بلڪ درجي بدرجي (ٿورو ٿورو ڪري) نازل ڪيوسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان قرآن ڪريم جدا جدا ڪري نازل فرمايو ان لاءِ ته توهان ماڻهن تي جھلي جھلي پڙهو ۽ اسان قرآن ڪريم ٿورو ٿورو ڪري نازل فرمايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان قرآن کي هن لاءِ ٿورو ٿرور ڪري نازل ڪيو جو تون ماڻهن جي اڳيان (ضرورت آهر) مهلت ڏئي ان کي پڙهندو ڪر ۽ (ان ڪري ئي) اسان هن کي آهستي آهستي ڪري نازل ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قرآن کي جدا جدا (آيتون سورتون) بنايوسون ان کي تانته پڙهين تون ان کي ماڻهن تي آهستي ۽ لاٿو اسان ان کي ٿورو ٿورو ڪري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان (هن) قرآن کي جدا جدا ٽڪرن (سورتن) ۾ ورهايو آهي ته جيئن اهو ماڻهن کي تون آهستي آهستي پڙهي ٻڌائين ۽ اسان ان کي ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ قرآن کي اسان جدا جدا ٽڪرن (سورتن) ۾ ورهايو آهي ته جيئن تون اهو ماڻهن کي آهستي آهستي پڙهي ٻڌائين ۽ اسان ان کي ٿورو ٿورو ڪري لاٿو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيو سون قُرآن کي، سُورتون، سِيپارا ڌار، تان جَھلي جَھلي پَڙهِينس تون، ماڻهن تي مَهندار، ۽ درجي، درجي وار، اُتاريو سُون اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان قرآن کي ٽڪرا ڪيو آهي ته تون ماڻهن کي ٿورو ٿورو ڪري ٻڌائين، ۽آهستي آهستي لاٿو اٿئون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هن قرآن کي اسان ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي، ته جيئن تون به ماڻهن کي رکي رکي ٻڌائين ۽ ان کي اسان وقت بوقت پئي (موقعي آهر) لاٿو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هن قرآن کي اسان ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي جيئن تون جهلي جهلي ماڻهن کي ٻڌائين ۽ ان کي اسان نازل ڪيو آهي تدريج (موقعي جي لحاظ) سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان قرآن شريف کي ننڍن ۽ گڏيل جملن ۾ ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آھي ته جيئن تون ماڻهن کي سولائي سان پڙهي ٻڌائي سگهين ۽ اسان ان کي مختلف موقعن جي حساب سان ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل ءامِنوا بِهِ أَو لا تُؤمِنوا إِنَّ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ مِن قَبلِهِ إِذا يُتلىٰ عَلَيهِم يَخِرّونَ لِلأَذقانِ سُجَّدًا (آيت : 107) |
(اي پيغمبر) چؤ ته اوھين ان قرآن کي مڃو توڙي نه مڃو، بيشڪ جن کي ھن کان اڳ علم ڏنو ويو آھي تن وٽ جڏھن (قرآن) پڙھبو آھي (تڏھن) سجدو ڪندڙ ٿي کاڏين ڀر ڪِرندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هنن ماڻهن کي چئي ڏي ته توهان قرآن کي (الله جو ڪلام ڪري) مڃيو يا نه مڃيو، پر جن ماڻهن کي اڳوڻن ڪتابن جو علم ڏنو ويو آهي (يعني اهل ڪتاب) تن کي جڏهن هي ڪلام ٻڌايو وڃي ٿو تڏهن هو بي اختيا سجدي ۾ ڪري پون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان فرمايو ته توهان ايمان آڻيو يا نه ايمان آڻيو، بيشڪ جن ماڻهن کي اڳ ۾ علم عطا ڪيو ويو آهي، جنهن وقت انهن تي قرآن پڙهيو وڃي ٿو ته اهي پيشانين تي سجدو ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تون چوين ته ان تي ايمان آڻيو يا نه آڻيو، بيشڪ جن کي ان کان اڳ (آسماني ڪتابن جو) علم ڏنو ويو آهي تن کي اهو جڏهين پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته اهي کاڏين (منهن) ڀر سجدي ۾ ڪري پون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته: ايمان آڻيو ان تي يا نه ايمان آڻيو بيشڪ اهي شخص جيڪي ڏنا ويا علم اڳي ان کان جڏهن تلاوت ڪيو ٿو وڃي انهن تي ڪرن ٿا کاڏين تي سجدا ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چؤته ان تي ايمان آڻيو يا نه آڻيو. بيشڪ جن کي ان کان اڳ علم ڏنو ويو آهي تن کي اهو جڏهن پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته اهي کاڏين (منهن) ڀر سجدي ۾ ڪري پون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ اوهان ان تي ايمان آڻيو يا نه آڻيو. بيشڪ اُهي ماڻهو جن کي هن کان اڳ علم ڏنو ويو آهي تن کي جڏهن اِهو پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته اُهي کاڏين ڀر سجدي ۾ ڪِري پون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، اوهين کيس مَڃو، يانه مَڃو، جن کي مَهند تِنهن کان مُور، عِلم اِلاهي عطا ٿيو، پڙهجن مَٿنِ جنهن پُور، ته کاڏِينَ ڀَر ضرور، ڪِريا سِر سُجود ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته اوهين هن تي ايمان آڻيو يا نه آڻيو، پر جن کي هن کان اڳ ۾ علم مليل آهي، سي جڏهن مٿن پڙهجي ٿو ته منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پون ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته توهان هن تي ايمان آڻيو يا نه آڻيو، جن ماڻهن کي هن کان اڳ علم ڏنو ويو آهي، انهن کي جڏهن اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته هو منهن ڀــَـر سجدي ۾ ڪري پون ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) کين چؤ، توهان ان کي مڃو نه مڃو بيشڪ جن ماڻهن کي علم ڏنو ويو آهي ان کان اڳي، تن کي جڏهن هي ٻڌايو ويندو آهي ته اهي منهن ڀر ڪِري پوندا آهن سجدي ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) کين چؤ ته توھان ان تي ايمان آڻيو يا نه، بيشڪ جن ماڻهن (يعني اھل ڪتاب) کي ھن کان اڳ علم ڏنو ويو ھو تن کي هي قرآن پڙھي ٻڌايو وڃي ٿو ته ھو بي اختيار سجدي ۾ ڪري پون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَقولونَ سُبحٰنَ رَبِّنا إِن كانَ وَعدُ رَبِّنا لَمَفعولًا (آيت : 108) |
۽ چوندا آھن ته اسان جو پالڻھار پاڪ آھي بيشڪ اسان جي پالڻھار جو انجام ضرور (پورو) ٿيڻو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ چئي ڏين ٿا ته پاڪائي هجي اسان جي پروردگار لاءِ! بيشڪ اسان جي پروردگار جو واعدو انهيءَ لاءِ ٿيل هو ته پورو ٿئي ۽ عمل ۾ اچي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي چون ٿا سبحان الله، بيشڪ اسان جي رب جو وعدو پورو ٿيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چون ٿا ته اسان جو پالڻهار (هر عيب کان) پاڪ پاڪيزه آهي. بيشڪ اسان جي پروردگار جو وعدو پورو ٿيڻو ئي هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چون ٿا پاڪائي آهي اسان جي رب جي بلاشڪ آهي وعدو رب اسان جي جو البته پورو ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چون ٿا ته اسان جو پاليندڙ پاڪ آهي. بيشڪ اسان جي پاليندڙ جو وعدو پورو ٿيڻو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چون ٿا ته: ”اسان جو پالڻهار پاڪ آهي بيشڪ اسان جي پالڻهار جو وعدو پورو ٿيڻو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَسان جي الله جِي، آهي وڏِي وڏائـِي؛ جائـِز پُڄڻاجائـِي، اَسان جي الله جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چون ٿا ته اسان جو رب پاڪ آهي! اسان جي رب جو وعدو پورو ٿي رهندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وڏي واڪي چون ٿا ته "پاڪ آهي اسانجو رب، سندس وعدو ته پورو ٿيڻو ئي هو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پڪاريندا آهن، پاڪ آهي اسان جو رب، ان جو وعدو ته (ضرور) پورو ٿيڻو ئي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ چون ٿا ته اسان جي پالڻھار جي ذات پاڪ آھي ۽ ان ھستيءَ جو ڪيل وعدو ته پورو ٿيڻو ئي ھو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَخِرّونَ لِلأَذقانِ يَبكونَ وَيَزيدُهُم خُشوعًا (آيت : 109) |
۽ روئيندا کاڏين ڀر ڪِرندا آھن ۽ (قرآن) منجھن عاجزي وڌائيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي کاڏين ڀر (الله جي اڳيان) ڪري پون ٿا سندن اکيون لڙڪن سان ڀرجي وڃن ٿيون ۽ (حق جو ڪلام ٻڌڻ) هنن جي نماڻائي ۽ زاريءَ کي وڌائي ٿو ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي پيشاني ڀر سجدي ۾ ڪري روئن ٿا، ۽ قرآن انهن جي نِوِڙَتَ کي وڌائي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ماڻهو (سجدي ڪرڻ لاءِ) رئندي کاڏين (منهن) ڀر ڪرن ٿا (۽ قرآن) سندن عاجزي وڌائي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪرن ٿا کاڏين تي ۽ روئن ٿا ۽ وڌائي ٿو انهن کي نياز (نوڙت). السجدة(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ روئيندي کاڏين (منهن) ڀر ڪرن ٿا (۽ قرآن) سندن عاجزي وڌائي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهي روئندي کاڏين ڀر ڪِرن ٿا ۽ (قرآن) انهن جي عاجزي وڌائي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِرن کاڏِين ڀِر، روئن ربَّ جي خوف ۾، ۽ عاجزِي اَپر، وَڌائـِين وُجود ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي روئندي منهن ڀر ڪري پون ٿا ۽ قرآن سندن عاجزيءَ کي وڌائي ٿو.(سجدو) (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهي روئندي منهن ڀــَـر ڪرن ٿا ۽ ان (قرآن) کي ٻڌي سندن نهٺائي اڃان به وڌي وڃي ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي روئندي منهن ڀر ڪِري پوندا آهن ۽ اهو ٻڌي سندن عاجزي به وڌي ويندي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ھُو روئندي روئندي بي اختيار سجدي ۾ ڪري پوندا آھن ۽ قرآن انهن جي عجز ۽ انڪساري ۾ اڃا به واڌارو آڻيندو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُلِ ادعُوا اللَّهَ أَوِ ادعُوا الرَّحمٰنَ أَيًّا ما تَدعوا فَلَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ وَلا تَجهَر بِصَلاتِكَ وَلا تُخافِت بِها وَابتَغِ بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 110) |
(اي پيغمبر) چؤ ته (الله کي) الله (جي نالي سان) سڏيو يا رحمان (جي نالي سان) سڏيو، جنھن نالي سان (اوھين) سڏيو انھي جا (سڀ) نالا چڱا آھن، ۽ پنھنجي نماز ۾ نڪي تمام ڏاڍيان پڙھ ۽ نڪي تمام ھوريان پڙھ ان جي وچ واري واٽ اختيار ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، توهان (مڪي جا مشرڪ) الله چئي (کيس) پڪاريو يا رحمان جي نالي سان کيس پڪاريو جيئن به پڪاريو (ساڳي ڳالهه آهي) سندس سڀ نالا سهڻا ۽ چڱا آهن ۽ (اي پيغمبر!) تون نماز ۾ نڪي وڏي واڪي (قرآن) پڙهه، نه وري بلڪل آهستي. توکي گهرجي ته درميانو طريقو اختيار ڪرين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو ته توهان الله يا رحمان ڪري پڪاريو، جهڙي نالي سان پڪاريندا پوءِ (بيشڪ) الله جا سهڻا نالا آهن، ۽ توهان (سڀني) نمازن ۾ وڏي آواز سان قرائت نه ڪريو ۽ نه ئي (سڀن نمازن ۾) آهستي قرائت ڪريو، پر درميان راه اختيار ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته (اوهان جي مرضي) چاهي کيس الله (چئي) سڏيو يا رحمان (چئي) سڏيو هن جا ته سڀ نالا سٺي (کان سٺا) آهن. ۽ (اي رسول) پنهنجي نماز نه زور سان پڙھ ۽ نه بلڪل آهستي پڙھ، پر وچولي درجي جو طريقو اختيار ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته: الله کي (الله جي نالي سان) سڏيو يا رحمٰن (جي نالي) سان سڏيو جنهن سان به سڏيو پوءِ انجي لاءِ ئي نالا سهڻا آهن ۽ نه تمام وڏي آوازسان پڙھ نماز پنهنجي ۾ ۽ نه تمام هوريان پڙھ ۽ طلب ڪر ان جي وچ ۾ واٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چؤ ته (ان کي) الله چئو يا رحمٰن چئو، جو ڪجهه به چوندو ته ان جائي (سڀ) نالا چڱا آهن. ۽ پنهنجي نماز ۾ نه زور سان پڙهه ۽ نه آهستي پڙهه ۽ ان جي وچ ۾ واٽ اختيار ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”الله چئي سڏيو يا رحمان (وڏو مهربان) چئي سڏيو. جنهن نالي سان به سڏيندؤ ته سندس (سڀ) نالا سهڻا آهن“. ۽ پنهنجي نماز (۾ قرائت) نه بلڪل ڏاڍيان ڪر نه بلڪل آهستي ڪر ۽ انهن ٻنهين جي وچ واري واٽ اختيار ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، سَڏيو ياالله!، يا سَڏيو يا رَحمٰن!، جِھڙي نالي سان سَڏيو، پوءِ سَندا اُن سُبحان، نالا نِرمل سُهڻا، ظاهِر هَر زمان، ۽ نه ڏاڍي پَڙھ نماز سَندِئي، ۽ نه جِھيڻِي اَندر جان، ٻِنهِي درميان، وَٺ تون واٽ وِچٿرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته الله کي الله جي نالي سان پڪاريو، يا رحمان چئي پڪاريو_ جنهن به نالي سان پڪاريو، ته هن جا گهڻائي چڱا نالا آهن ۽ پنهنجي نماز نڪي زور سان پڙهه ۽ نه بلڪل آهستي پڙهه، ٻنهي جو وچٿرو رستو اختيار ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته "الله چئي سڏيو يا رحمان چئي، جنهن به نالي سان سڏيندؤ، سندس نالا ته سڀئي سهڻا آهن" ۽ پنهنجي نماز نڪي تمام وڏي آواز سان پڙهه ۽ نه تمام جهڪي آواز سان، انهن ٻنهي کان وچٿرو انداز اختيار ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) انهن کي چؤ، الله چئي پڪاريو يا رحمٰن چئي پڪاريو، جنهن به نالي سان پڪاريو، ان لاءِ ته اهي سڀئي نالا سٺا آهن ۽ نه پڙهه ڏاڍيان پنهنجي نماز ۽ نه وري گهڻي هلڪي آواز سان، ۽ انهن ٻنهي جي وچ جي واٽ اختيار ڪر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) کين چؤ ته (ان پاڪ ھستيءَ کي) توھان اللھ چئي پڪاريو يا رحمان جي نالي سان پڪاريو . جنھن به نالي سان کيس پڪاريو، ھن جا سڀ نالا سھڻا آھن. پنھنجي نماز ۾ (قرآن) گهڻو ڏاڍيان به نه پڙھو ۽ نه ئي (بلڪل) ھلڪي آواز ۾، بلڪ وچٿري آواز ۾ پڙھندا ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَلَم يَكُن لَهُ وَلِىٌّ مِنَ الذُّلِّ وَكَبِّرهُ تَكبيرًا (آيت : 111) |
۽ چؤ ته سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن (پاڻ لاءِ) ڪو اولاد نه ورتو آھي ۽ نڪي سندس مُلڪ ۾ ڪو ڀائيوار آھي ۽ نڪي ڪنھن ھيڻائي سببان ان جو ڪو مددگار آھي ۽ ھن جي گھڻي قدر وڏائي بيان ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ چئو ته سڀ ساراهون الله جي لاءِ آهن، جو نڪي اولاد ٿو رکي، نڪي سندس حڪومت ۾ ڪوئي هن سان شريڪ آهي، ۽ نه ڪوئي اهڙو آهي جو سندس ٿڪ يا عاجزيءَ ۾ سندس مددگار ٿئي (هو انهن ڳالهين کان ۽ ٿڪ يا عاجزيءَ کان بلڪل پاڪ آهي) سندس وڏائي بيان ڪيو، جيتري وڏائي بيان ڪرڻ گهرجي. (هن جي وڏائي بي انت ۽ بي انتها آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان فرمايو سڀئي تعريفون اُن الله لاءِ آهن جنهن جو ڪو اولاد ناهي ۽ ان جو ڪوبه بادشاهيءَ ۾ شريڪ ناهي ۽ ڪمزوري کان (بچائڻ لاءِ) ان جو ڪوبه مددگار ناهي ۽ ان جي خوب عظمت ۽ شان بيان ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چئو ته سڀ ساراھ ان خدا جي لائق آهي جو پنهنجي لاءِ نه ته ڪا اولاد رکي ٿو ۽ نه ان جو (ساري جهان جي) بادشاهيءَ ۾ ڪو شريڪ ئي آهي ۽ نه ڪمزوريءَ جي ڪري سندس ڪو سرپرست آهي. ۽ ان جي چڱيءَ طرح وڏائي بيان ڪندا رهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فرماءِ ته سڀ ساراھ ثابت آهي الله جي لاءِ جنهن نه ورتو اولاد ۽ نه آهي ان جي لاءِ ڪو ڀائيوار ملڪ ۾ ۽ ناهي ان لاءِ ڪو مددگار هيڻائي جي سببان ۽ وڏائي بيان ڪر ان جي گھڻي وڏائي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چو ته سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن نه ته (پاڻ لاءِ) ڪو اولاد ورتو آهي ۽ نه ان جو بادشاهيءَ ۾ ڪو شريڪ آهي ۽ نه ڪمزوري جي ڪري سندس ڪو مددگار آهي. ۽ اُن جي چڱيءَ طرح وڏائي بيان ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چؤ ته: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن نه ته ڪو (پنهنجي لاءِ) اولاد بنايو نه ئي (سندس) بادشاهي ۾ ڪو ساڻس شريڪ آهي ۽ نه ئي ڪمزوري جي سبب سندس ڪو مددگار آهي ۽ ان کي برتر سمجهي سندس وڏائي بيان ڪندو رهه“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تنهن صاحب کي ساراه، جنهن پَٽئـِي پُٽ نه ڌارِيو، مُور نه اُن سان مُلڪ ۾، ڪو ڀيڙو باشاھ، ۽ نه اُن جو ڪِنهن ڪم ڪار ۾، هيڻايان هَمراھ، ۽ وَڏائـِي وه واھ!، ڳايو ڳاءِ اُن جِي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چئو ته سڀ تعريف الله لاءِ آهي_ جو نه اولاد رکي ٿو، ۽ نه ڪو سندس حڪومت ۾ شريڪ آهي ۽ نه سندس ڪمزوريءَ ڪري ئي ڪو مددگار آهي ۽ سندس وڏائيءَ خوب بيان ڪر!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چؤ: "تعريف آهي انهيءَ الله لاءِ ، جنهن نه ڪنهن کي پٽ بڻايو ۽ نه ڪو بادشاهيءَ ۾ سندس ڀاڱي ڀائيوار آهي ۽ نه وري هو ڪو اهڙو بيوس لاچار آهي، جو ڪو سندس مددگار هجي" ۽ سندس وڏائي بيان ڪريو، مٿانهين درجي جي وڏائي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چؤ، سڀ ساراهه خدا لاءِ آهي، جنهن نه ڪنهن کي پٽ بڻايو ۽ نه وري ڪو ان جي بادشاهي ۾ شريڪ ئي آهي، نه ته هو هيڻو آهي جو ڪو سندس مددگار هجي، ۽ سندس وڏائي بيان ڪر اوچي درجي جي وڏائي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ چؤ ته سڀ تعريفون اللھ تعالى جي لاءِ ئي آھن جنھن ڪنھن کي به پنھنجي لاءِ نه اولاد بڻايو آھي، نه ئي ڪير سندس بادشاھيءَ ۾ شريڪ آھي ۽ نه ئي ڪير ڪمزوري سبب سندس دوست آھي . بس! تون ھن جي خوب وڏائي بيان ڪندو رهه. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |