توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
أَتىٰ أَمرُ اللَّهِ فَلا تَستَعجِلوهُ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 1) |
الله جو حُڪم پُھتو تنھنڪري ان جي تڪڙ نه ڪريو، الله پاڪ آھي ۽ انھيءَ شيءِ کان مٿان آھي جيڪا ساڻس شريڪ مقرّر ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله جو حڪم ڄاڻو ته پهچي ويو. پوءِ ان جي لاءِ تڪڙ نه مچايو. (۽ انتظار ڪريو) الله جي ذات انهن ڳالهين کان پاڪ ۽ بلند آهي جيڪي شرڪ جون ڳالهيون، اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى جو عذاب ايندو پوءِ توهان ان ۾ تڪڙ نه ڪريو، الله تعالى توهان جي شرڪ ڪرڻ کان پاڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي مڪي جا ڪافرو) خدا جو حڪم (قيامت ڄڻ ته) اچي پهتو ته (اي ڪافرو! بي فائدو) اوهين جن جي جلد اچڻ جي گهر نه ڪريو. الله پاڪ آهي ۽ انهن کان گهڻو مٿي آهي جن کي سندس شريڪ ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اچي ويو امر الله جو پوءِ نه تڪڙو طلب ڪيو ان کي پاڪائي آهي ان جي ۽ مٿاهون آهي ان کان جنهن کي شريڪ ٿا بنائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله جو حڪم آيو، پوءِ اوهين ان جي جلد اچڻ جي گهر نه ڪريو الله پاڪ آهي ۽ انهن کان بلند آهي جن کي سندس شريڪ ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله جو حڪم اچي ويو پوءِ اوهان ان جي جلد اچڻ جي گهُر نه ڪيو. اهو پاڪ آهي ۽ انهن کان مٿاهون آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيو اَمر الله جو، تِنهن لئي، تَڪڙايو نه تڪرار، ۽ جن کي ڀائـِينِ ڀائيوار، اُنهيان اُتم ۽ پاڪ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله جو حڪم ڄاڻ پهتو، ان ڪري ان لاءِ تڪڙ نه ڪريو، ماڻهو ساڻس ٻيا شريڪ ٿا ڪن، تنهن کان هو پاڪ ۽ مٿانهون آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اچي ويو الله جو فيصلو، سو هاڻي ان لاءِ تڪڙ نه مچايو، هو پاڪ آهي ۽ مٿانهون آهي، ان شرڪ کان جيڪو اهي ماڻهو ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اچي ويو فيصلو الله جو، پوءِ تون ان جي لاءِ تڪڙ نه ڪر، پاڪ آهي اهو بلند ۽ مٿانهون آهي ان شرڪ کان جيڪو اهي ماڻهو ڪن پيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بيشڪ) اللھ تعالى جو حڪم اچي چڪو آھي، تنهنڪري توھان ان جي نافذ ٿيڻ ۾ جلدي نه ڪريو. ھي ماڻهو جن کي شريڪ ڪن ٿا اللھ تعالى انهن کان پاڪ ۽ گهڻو بلند آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ بِالرّوحِ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ أَن أَنذِروا أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاتَّقونِ (آيت : 2) |
پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي پنھنجي ارادي سان ملائڪن کي وحيءَ سان ھن لاءِ نازل ڪندو آھي ته (ماڻھن کي) ڊيڄاريو (ته خدا ٿو فرمائي) ته مون کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري مون کان ڊڄو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو (الله تعاليٰ) پنهنجي بندن مان جنهن کي چاهي ٿو تنهن ڏانهن پنهنجي حڪم سان فرشتن کي الروح (يعني وحي) سان موڪلي ٿو. انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي هن حقيقت بابت خبردار ڪري ته مون الله کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي تنهن ڪري مون کان ڊڄو (۽ انڪار ۽ بدعمليءَ کان باز اچو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى پنهنجي حڪم سان پنهنجي ٻانهن تي ملائڪن جي معرفت وحي موڪلي ٿو. ان لاءِ ته (ماڻهن کي اهي) ڊيڄارين ته بيشڪ الله هڪ آهي پوءِ توهان مون کان ڊڄو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو پنهنجي حڪم سان پنهنجن عبدن مان جنهن ڏي گهري وحي سان ملائڪن کي موڪلي ٿو ته ماڻهن کي هن ڳالھ کان واقف ڪريو ته مون کان سواءِ ڪو به لائق عبادت نه آهي ته (پوءِ) مون کان ئي ڊڄندا رهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) لاهي ٿو ملائڪن کي روح (وحي) سان امر پنهنجي سان ان تي جنهن کي گھري ٻانهن پنهنجي مان هن سان ته ڊيڄاريو (ماڻهن کي) بيشڪ شان هي آهي ته ناهي ڪو عبادت جو لائق مون کان سواءِ پوءِ مون کان ئي ڊڄندا ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهري تنهن تي پنهنجي حڪم سان ملائڪن کي وحي سان موڪلي ٿو ته اوهين (ماڻهن کي) خبردار ڪريو ته مون کان سواءِ ڪو حاڪم نه آهي پوءِ مون کان ڊڄو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو ملائڪن کي وحي ڏئي پنهنجي حڪم سان موڪلي ٿو پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي چاهي (هن لاءِ) ته (ماڻهن کي) ”خبردار ڪيو ته مون کان سواءِ ڪو معبود ناهي پوءِ مون کان ڊڄو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَمر سَندسِ مان، روح سان، لاهي مَلَڪَ موچار، سَندسِ ڀَلن بندن مان، جنهن تي، گُھري غَفّار، ته ڏيو خبر خلق کي، ته ڌڻِي نه مُون کان ڌار، پوءِ سارِي سَڀ ڄَمار، هِڪ مون کان ڊِڄو مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو سندس ٻانهن مان جنهن کي وڻيس تنهن تي ملائڪن کي وحيءَ سان موڪليندو آهي ته کين انهي بابت ڊيڄاريو ته مون ڌاران ٻيو ڪو به سائين ناهي، ان ڪري مون کان ڊڄو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو ان روح کي پنهنجي جنهن بندي تي چاهي ٿو، پنهنجي حڪم سان ملائڪن وسيلي نازل ٿو ڪري (انهيءَ هدايت سان ته ماڻهن کي) "خبردار ڪريو ته مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه توهانجو معبود ناهي، تنهنڪري توهان مون کان ئي ڊڄو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو نازل ڪندو آهي ملائڪن وسيلي ان روح کي پنهنجي حڪم سان پنهنجي جنهن ٻانهي تي گهرندو آهي ته بندن کي ٻڌايو ته مون کان سواءِ توهان جو ڪوبه خدا ناهي، تنهن ڪري توهان مون کان ڊڄو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى پنھنجي ٻانھن مان جنھن تي گهرندو آھي پنھنجي حڪم سان ملائڪن جي ذريعي ان تي وحي موڪليندو آھي ته جيئن ماڻهن کي خبردار ڪري ته بيشڪ مون کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آھي. تنھنڪري مون کان ئي ڊڄو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ تَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 3) |
آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايائين، جيڪا شيءِ ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان اُھو پاڪ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن آسمان ۽ زمين جو هيءُ سڄو ڪارخانو تدبير ۽ مصلحت سان بنايو آهي (نه اجايو بي سود ۽ بي مقصد) سندس ذات هن ڳالهه کان (پاڪ ۽) بلند آهي جا شرڪ جي ڳالهه هي ماڻهو ڪري رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى آسمانن ۽ زمينن کي حق سان پيدا ڪيو، الله تعالى انهن جي شرڪ کان پاڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهيءَ سڀ آسمان ۽ زمين مصلحت ۽ حڪمت سان پيدا ڪيا. ته هي ماڻهو جنهن کي سندس شريڪ بنائين ٿا ان کان گهڻو بلند آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پيدا ڪيائين آسمان ۽ زمين حق سان مٿاهون آهي ان کان جو شريڪ ٿا بنائين ان سان، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيائين. انهن کان بلند آهي جن کي ساڻس شريڪ ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان آسمانن ۽ زمين کي حق سان پيدا ڪيو آهي. اهو مٿاهون آهي ان کان جيڪو شرڪ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جوڙيئـِين اُڀ ، زمِين کي، مُقرّر موجُو، جي ڀيرا ڪن بيهُود، تن کان، مَٿاهون مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن آسمان ۽ زمين سچ سان بنايا، جيڪي هو ساڻس ڀائيوار ٿا بنائين تنهن کان هو مٿاهون آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن آسمانن ۽ زمين کي برحق خلقيو آهي، هو تمام مٿانهون آهي، انهيءَ شرڪ کان جيڪو اهي ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن پيدا ڪيو آهي آسمانن ۽ زمين کي حق سان، اهو گهڻو بلند ۽ مٿانهون آهي ان شرڪ کان جيڪو اهي ڪندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن آسمانن ۽ زمين کي ھڪ مقصد لاءِ پيدا ڪيو آھي، جن کي ھي ماڻهو شريڪ ڪن ٿا تن کان ھو انتھائي مٿانھون آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 4) |
آدميءَ کي منيءَ مان خلقيائين پوءِ اوچتوئي اُھو پڌرو جھڳڙالو ٿي پيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن انسان کي نطفي (جي هڪ ڦڙي) مان پيدا ڪيو، پوءِ ڏسو هو هڪ بحث ڪرڻ وارو ۽ اڀرندڙ وجود ٿي پيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى انسان کي هڪ قطري مان پيدا ڪيو پوءِ ان وقت اهو ئي (سندس) صاف دشمن آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهيءَ ئي انسان کي نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ هو، اجهو ظاهر جهڳڙالو ٿي پيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پيدا ڪيائين انسان کي (منيءَ جي) ڦڙي مان پوءِ اوچتوئي اهو جھيڙا ڪار کليل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انسان کي منيءَ مان پيدا ڪيائين پوءِ هو اجهو ظاهر جهڳڙالو ٿي پيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان انسان کي نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ اُهو پڌرو جهڳڙالو بنجي پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُپائـِين اِنسان کي، مَنِئَ ڦُڙي مان مُور، پوءِ ظاهِر ۽ ظُهُور، ويرِي ٿيو، تِنهن وير ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن انسان کي قطري مان خلقيو، تڏهن وري هو چٽو جهيڙا ڪار بنيو آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن انسان کي هڪڙي ٽيپي مان پيدا ڪيو، پوءِ اوچتو هو هڪ کليو کلايو جهيڙاگر بڻجي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن پيدا ڪيو انسان کي هڪ ننڍڙي ڦڙي مان، پوءِ اهو هڪ جهيڙيڪار هستي بنجي ويو ظاهر ظهور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھُن ئي انسان کي نطفي مان پيدا ڪيو ته ھُو (پنهنجي خالق جي سامهون) يڪدم پڌرو جهيڙاڪ ٿي بيٺو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالأَنعٰمَ خَلَقَها لَكُم فيها دِفءٌ وَمَنٰفِعُ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 5) |
۽ اوھان لاءِ ڍور خلقيائين انھن مان گرم پوشاڪون ۽ (ٻيا) فائدا آھن ۽ منجھائن ڪي کائيندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) هن چوپايا جانور (ڍور ڍڳا) پيدا ڪيا آهن، انهن مان (يعني انهن جي کل ۽ پشم مان) اوهان جي لاءِ گرم رکڻ واري پوشاڪ ٺهي ٿي ۽ پڻ اوهان کي انهن جانورن مان گهڻائي ٻيا فائدا ملن ٿا ۽ انهن ۾ اهڙا جانور به آهن جن جو گوشت توهان کائو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى چؤپاين کي پيدا ڪيو، توهان انهن مان گرم ڪپڙا ۽ ڪيترائي نفعا حاصل ڪريو ٿا ۽ انهن مان ڪي چؤپايا توهان کائو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هن چوپائي مال کي پيدا ڪيو اٿس، جن ۾ اوهان لاءِ (جسم کي) گرم رکڻ جو سامان ۽ (ٻيا ڪيئي) فائدا آهن ۽ انهن مان ڪن کي کائو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جانور پيدا ڪيائين- اوهان جي لاءِ انهن ۾ بچاءُ ۽ نفعا آهن ۽ انهن مان اوهان کائو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چوپائي مال کي پيدا ڪيو اٿس جن ۾ اوهان لاءِ (جسم کي) گرم رکڻ جو سامان ۽ (ٻيا) فائدا آهن ۽ انهن مان ڪن کي کائو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان چوپايا پيدا ڪيا، جن ۾ اوهان لاءِ گرم لباس آهي ۽ (گھڻا) فائدا آهن ۽ انهن مان ڪن کي کائو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڍور، اُپائـِين اُنهن کي، مَنجھنِ اوهان لئي مَوجُود، سِئَ کان بَچاءُ، پڻ سُود ۽ قُوت ڪمايو، ڪن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هن ڍور خلقيا، انهن ۾ اوهان لاءِ گرم پوشاڪ ۽ ٻيا فائدا آهن ۽ انهن مان ڪي اوهين کائو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن جانور پيدا ڪيا، جن ۾ توهان لاءِ پوشاڪ به آهي ۽ خوراڪ به ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جا فائدا پڻ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هن جانور پيدا ڪيا آهن جن ۾ توهان جي لاءِ پوشاڪ آهي ۽ ڪيترا فائدا به آهن ۽ کائڻ جي لاءِ کاڌو به(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھُن ھستي جانورن کي پيدا ڪيو جن ۾ توھان جي لاءِ گرم پوشاڪ ۽ (ٻيا) ڪيترائي فائدا رکيا آهن. ان کان علاوه ڪجهه جانورن جو توھان گوشت به کائو ٿا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَكُم فيها جَمالٌ حينَ تُريحونَ وَحينَ تَسرَحونَ (آيت : 6) |
جنھن مھل (اُھي ڍور) سھڙائيندا ايندا آھيو ۽ جنھن مھل ڇيڙيندا آھيو (تنھن مھل) اوھان لاءِ سونھن آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو ته) انهن ۾ توهان جي اکين لاءِ ڪهڙي نه سونهن ۽ سهڻائي رکيل آهي، جڏهن توهان شام جي وقت انهن کي (چارڻ بعد) موٽائي گهر آڻيو ٿا ۽ جڏهن صبح جو (چراگاهه ڏانهن) وٺي وڃو ٿا (تڏهن انهن جو نظارو توهان کي ڪهڙو نه سهڻو ۽ وڻندڙ لڳي ٿو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اهي چؤپايا شام جو موٽن ٿا ۽ صبح جو چرڻ لاءِ وڃن ٿا توهان کي (ڏاڍا ) وڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن ۾ اوهان جي (سونهن ۽) رونق آهي جنهن وقت (کين شام جو) وٿاڻ تي آڻيو ٿا ۽ جنهن وقت (صبح جو) چرڻ لاءِ موڪليو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اوهان لاءِ انهن ۾ سينگار آهي جنهن وقت شام جو واپس آڻيو ٿا ۽ جنهن وقت صبح جو چارڻ لاءِ ڪڍو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن ۾ اوهان جي عزت آهي جنهن وقت (انهن کي شام جو) وٿاڻ تي آڻيو ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ۾ اوهان لاءِ رونق به آهي جنهن وقت (شام جو انهن کي) چَرائي وٿاڻ تي آڻيو ٿا ۽ جنهن وقت (صبح جو) چرڻ لاءِ موڪليو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي اَوهان لئي اِنهن ۾، سَنگھارن سِينگار، جڏهن واريو وِچِين وار، ۽ جڏهن ڇوڙيو وَلر وَلهار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن وقت اهي شام جو آڻيو ۽ صبح جو ڇوڙيو ٿا، ته اهي اوهان لاءِ سونهن به آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ۾ توهان لاءِ هڪڙي سونهن آهي، جڏهن صبح جو کين چــَـرڻ لاءِ روانو ڪريو ٿا ۽ وري شام جو موٽائي آڻيو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان جي لاءِ (انهن چوپاين ۾) سونهن به آهي جڏهن شام جو اهي چاري اچو ٿا ۽ صبح جو چارڻ لاءِ ڪاهي وڃو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان جي لاءِ انهن (جانورن) ۾ ھڪ وڏو شان رکيل آھي. جڏھن توھان انهن کي شام جو جهنگ مان واپس گهر ڪاھي اچو ٿا ۽ وري صبح جو انهن کي گهرن مان ڪڍي جهنگ ڏانھن چرڻ لاءِ ڪاھي وڃو ٿا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَحمِلُ أَثقالَكُم إِلىٰ بَلَدٍ لَم تَكونوا بٰلِغيهِ إِلّا بِشِقِّ الأَنفُسِ إِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
۽ جنھن شھر ڏانھن اوھين پنھنجي جيءُ جي اوکائيءَ کانسواءِ پھچي نه سگھندا آھيو تنھن ڏانھن اوھان جو بار کڻندا آھن، ڇوته اوھان جو پالڻھار وڏو ٻاجھارو مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (وري ڏسو ته) اهي ئي جانور آهن جي توهان جا (واپار ۽ سامان جا) بار اهڙن (پري وارن) شهرن تائين کڻي وڃن ٿا جن تائين توهان وڏي سخت تڪليف کان سواءِ پهچي نٿا سگهو. بيشڪ توهان جو پروردگار وڏو مهربان ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (اهي) چؤپايا توهان جا ڳرا بار شهر تائين کڻن ٿا جيڪي توهان پهچائي نٿا سگھو مگر سخت تڪليف سان، بيشڪ توهان جو رب يقيناً رؤف رحيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ڳوٺن تائين سواءِ وڏي تڪليف جي پهچي نه سگهو انهن تائي اهي چوپايا اوهان جو بار کڻي هلن ٿا. بيشڪ اوهان جو پالڻهار وڏو مهربان نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ کڻن ٿا ڳرا بار اوهان جا ان شهر ڏانهن جو نه هيئو پهچندڙ ان جا مگر سرن کي تڪليف ڏيڻ سان بيشڪ پالڻهار اوهان جو البته ٻاجھارو مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن وقت (صبح جو) چرڻ لاءِ موڪليو ٿا. ۽ اهي اوهان جا بار اهڙي هنڌ کڻي وڃن ٿا جنهن کي جان جي تڪليف سهڻ کانسواءِ اوهين پهچڻ وارا نه آهيو. بيشڪ تنهنجو پاليندڙ گهڻو مهربان نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اهي چوپايا) اوهان جا بار انهن شهر تائين کڻي وڃن ٿا جتي توهان بنا تڪليف جي پهچڻ وارا نه هيا. بيشڪ اوهان جو پالڻهار وڏي شفقت وارو ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَنهنجا پَراهِين شهر ڏي، برسِر ڍويو بار، جِئ کي جَفا ڏِيڻ ري، نه پُهچڻاجنهن پار، بيشڪ بَخشڻهار، پڻ اَهنجو رَبُّ رحِيم گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان جو بار به اهڙن شهرن ڏانهن کڻي وڃن ٿا، جتي اوهين پاڻ کي سخت محنت ۾ وجهڻ کانسواءِ نٿا پهچي سگهو، سچ پچ ته اوهان جو رب وڏي مهربانيءَ ۽ رحمت وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو توهانجا بار ڍوئي اهڙن هنڌن ڏانهن کڻي پهچائن ٿا، جتي توهان سخت جاکوڙ کان سواءِ پهچي ئي نٿي سگهيؤ، حقيقت ۾ توهانجو رب ڏاڍو شفيق ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي توهان جو بار کڻي اهڙن هنڌن تي وڃن ٿا جتي توهان پهچي نٿا سگهو سواءِ سخت تڪليف جي. حقيقت ۾ توهان جو رب وڏو ٻاجهارو ۽ مهربان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي (جانور) توھان جي سامان کي اھڙين جڳھن تائين پھچائين ٿا جتي سامان پھچائڻ توھان جي لاءِ تمام مشڪل ھوندو آھي. بيشڪ توھان جو پالڻھار وڏو نرمي ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالخَيلَ وَالبِغالَ وَالحَميرَ لِتَركَبوها وَزينَةً وَيَخلُقُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 8) |
۽ گھوڙا ۽ خچر ۽ گڏھ ھن لاءِ (بڻايائين) ته انھن تي اوھين چڙھو ۽ (انھن) کي زينت ڄاڻو، ۽ جيڪي شيون (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو سي (به) پيدا ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) هن گهوڙا، خچر ۽ گڏهه پيدا ڪيا آهن ته توهان انهن کان سواريءَ جو ڪم وٺو ۽ انهن ۾ سونهن ۽ رونق به آهي ۽ هو ٻيون به گهڻيون ئي شيون پيدا ڪري ٿو جن جي توهان کي خبر ئي ڪانهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى، گھوڙا ۽ خچر ۽ گڏهه توهان جي سواري ۽ زينت لاءِ پيدا ڪيا، ۽ الله تعالى اهڙيون شيون پيدا ڪندو جن جو توهان کي (اڃان تائين) علم ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان گهوڙن، خچرن ۽ گڏهن کي به پيدا ڪيو) ته جيئن اوهين انهن تي سوار ٿيو. ۽ ان ۾ زينت (به) آهي. (انهن کان سواءِ) ٻين شين کي به پيدا ڪندو جن کي اوهين نٿا ڄاڻو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ گھوڙا ۽ خچر ۽ گڏھ تانته سوار ٿيو انهن تي ۽ سنيگار (ڄاڻو) ۽ پيدا ڪندو جيڪي اوهان نه ٿا ڄاڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ گهوڙن ۽ خچرن ۽ گڏهن کي به پيدا ڪيو اٿس. هن لاءِ ته انهن تي سواري ڪريو ۽ زينت لاءِ (پيدا ڪيو اٿس) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ گهوڙا ۽ خچر ۽ گڏهه (پيدا ڪيائين) هن لاءِ ته توهان انهن تي سواري ڪيو ۽ سينگار به آهن. ۽ (اڃا به سواريون) پيدا ڪندو جن کي (هاڻي) اوهان نه ٿا ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ گھوڙا، خَچر ۽ گڏھ ٻِيا، جن تي چڙهو ڦِرو چوڌار، پڻ صُورت جو سِينگار، ۽ سي پڻ جوڙِي جوڙڻڻهار، سُواريون ۽ سِينگار، ٻِيون به، ٻُجھو نه جن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ گهوڙا، خچر ۽ گڏهه اوهان جي سواري ۽ سونهن لاءِ ۽ ٻيا به اهڙا پيدا ٿو ڪري، جي اوهين نٿا ڄاڻو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن گهوڙا، خچر ۽ گڏهه پيدا ڪيا ته جيئن توهان انهن تي سواري به ڪريو ۽ اهي توهانجي زندگيءَ جي رونق به بڻجن. ٻيون به اڪيچار شيون (توهانجي فائدي لاءِ ) پيدا ڪري ٿو، جن جي توهان کي خبر به ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هن گهوڙا ۽ خچر ۽ گڏهه پئدا ڪيا جيئن توهان انهن تي سواري ڪريو ۽ اهي ٿين زندگيءَ جا ۽ گهڻو ڪجهه پيدا ڪري ٿو (الله) جن کان توهان لاعلم آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ھُن ئي گهوڙا، خچر ۽ گڏھ پيدا ڪيا ته جيئن انهن تي سوار ٿي توھان پنھنجي زندگيءَ کي رونق بخشيو ۽ ھُو توھان جي فائدي لاءِ اھڙيون شيون به پيدا ڪري ٿو جن جي توھان کي ڪا به خبر نه آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعَلَى اللَّهِ قَصدُ السَّبيلِ وَمِنها جائِرٌ وَلَو شاءَ لَهَدىٰكُم أَجمَعينَ (آيت : 9) |
۽ الله ڏانھن سِڌو رستو پھچندو آھي ۽ اُن مان ڪي (رستا) مُڙيل آھن، ۽ جيڪڏھن (الله) گھري ھا ته اوھان مڙني کي سِڌو رستو ڏيکاري ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي الله جو ڪم آهي ته حق جي واٽ چٽي ڪري ڏيکاري. ۽ واٽن ۾ ڏنگيون ڦڏيون واٽون به آهن. جيڪڏهن هو چاهي ها ته توهان سڀني کي (هڪ ئي) واٽ تي هلائي ها (۽ مختلف واٽون هتي پيدا ئي نه ٿين ها. پر توهان ڏسو ٿا ته مختلف واٽون ٿيون ۽ سندس حڪمت جو فيصلو اهوئي ٿيو)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ راه راست الله تعالى تائين پهتل آهي ۽ ڪي رستا ٽيڙا به آهن، ۽ جيڪڏهن الله تعالى چاهي ته توهان سڀني کي راه راست تي هلائي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (خشڪ ۽ تر ۾) سڌي راھ (جي هدايت) ته فقط خدا جي ذمي آهي ۽ ڪي رستا ڏنگا آهن. ۽ جيڪڏهن خدا چاهي ته اوهان سڀني کي منزل مقصود تائين پهچائي ڇڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله ڏانهن سڌو رستو آهي ۽ انهن مان ڪي غلط (رستا) آهن ۽ جيڪڏهن گھري ها ته البته هدايت ڪري ها اوهان سڀني کي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي شيون اوهين نه ٿا ڄاڻوسي به پيدا ڪري ٿو. ۽ الله تائين سڌو رستو پهچي ٿو ۽ ڪي رستا ڏنگا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جي ذمي سڌي راهه (ٻڌائڻ) آهي ۽ انهن مان ڪي ڏنگا رستا آهن. ۽ جيڪڏهن (الله تعاليٰ) چاهي ها ته اوهان سڀني کي هدايت ڪري ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بارِئَ مَٿي بار، واٽ آهي وِچٿَري، ڪي تن مان واٽون وِنگيون، اُونڌا لَڪ آزار، ۽ جي گُھريو هوند غَفّار، تن سَڀن سُهائـِين واٽ سَنئـِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هڪ سڌو رستو الله ڏي وڃي ٿو ۽ انهن ۾ ڪي ڏنگا آهن، جي هو گهري ها اوهان سڀني کي سنئين راهه تي هلائي ها.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله جي ذمي آهي سڌو رستو ڏَسڻ، جڏهن ته ڏنگا رستا به موجود آهن. جيڪڏهن هو چاهي ها ته توهان سڀني کي هدايت تي آڻي ڇڏي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله جي ئي ذمي آهي سڌو رستو ڏيکارڻ، جڏهن ته انهن ۾ آهن ڏنگا به، جيڪڏهن هو گُهري ها ته توهان سڀني کي هدايت ڏئي ڇڏي ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سڌي راهه ٻڌائڻ اللھ تعالى جي ذمي آھي، جڏھن ته ڪي ڏنگا رستا به آھن جيڪڏھن ھو چاھي ھا ته توھان سڀني ماڻهن کي ھدايت سان نوازي ھا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً لَكُم مِنهُ شَرابٌ وَمِنهُ شَجَرٌ فيهِ تُسيمونَ (آيت : 10) |
اُھو (الله) آھي جنھن آسمان مان اوھان لاءِ پاڻي وسايو منجھانئس ڪجھ پئڻ جو آھي ۽ منجھانئس جھنگ (پيدا ٿيندو) آھي جنھن ۾ مال چاريندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهوئي (الله) آهي جو آسمان مان پاڻي ٿو وسائي ان مان ڪجهه ته توهان جي پيئڻ جي ڪم ٿو اچي ۽ ڪجهه (زمين کي ريج ڏئي ٿو. جنهن جي ڪري) وڻن جا ٻيلا پيدا ٿي وڃن ٿا ۽ توهان انهن ۾ پنهنجا ڍور ڍڳا چاريو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى اهو آهي جنهن توهان لاءِ آسمان مان مينهن نازل فرمايو انهيءَ مان توهان پاڻي پيئو ٿا ۽ انهي مان وڻ ٽڻ پيدا ٿين ٿا جنهن مان توهان (پنهنجي جانورن کي) چاريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو آهي جنهن آسمان مان پاڻي وسايو جنهن مان پيو ٿا ۽ ان مان درخت سرسبز ٿين ٿا، جنهن ۾ (مال) چاريو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو (الله) ئي آهي جنهن لاٿو آسمان کان پاني اوهان جي لاءِ ان مان پيئڻ جو آهي ۽ ان مان جھنگ (پيدا ٿيندو) آهي ان ۾ مال چاريندا آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن الله گهري ته اوهان سڀني کي رستو ڏيکاري. هو اُهو آهي جنهن اوهان لاءِ آسمان مان پاڻي وسايو جنهن مان پيئو ٿا ۽ ان مان جهنگ (پيدا) ٿئي ٿو، جنهن ۾ مال چاريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو (الله) ئي آهي جنهن آسمان مان اوهان جي (نفعي) لاءِ پاڻي لاٿو ان مان (اوهان جو) پيئڻ آهي ۽ ان مان وڻڪار آهي جنهن ۾ اوهين مال چاريو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو جنهن اُتاريو اُڀ ڪنان، آب اوهان جي هار، جنهن سان پَلر پِيڻ لئ، جِنهن سان وَليون وَڻ وَلهار، چاريو مَنجھسِ چوڌار، چوپاياچِينگھار سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ئي آهي جنهن اوهان لاءِ آسمان مان پاڻي لاٿو، جنهن مان پيئڻ ۽ وڻ ٿين ٿا، جي اوهين چاريو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آهي جنهن آسمان مان توهان لاءِ پاڻي وسايو، جنهن سان توهان پاڻ به ڍاپو ٿا ۽ ان مان وڻ ٽڻ، گاهه ٻوٽا به ٿين ٿا، جن منجهه مال چاريو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو (الله) اهو ئي آهي جنهن وسايو آسمان مان پاڻي توهان جي لاءِ، جنهن مان پاڻ به پيئو ٿا ۽ توهان جي جانورن جي لاءِ گاهه پيدا ٿئي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُھا ئي ذات آھي جنھن اوھان جي لاءِ آسمان مان پاڻي نازل ڪيو جنھن مان توھان (خوب) پيئو ٿا ۽ (ان مان) گاهه به پيدا ڪيو (جيڪو توهان جي جانورن جي چاري طور استعمال ٿئي ٿو.)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُنبِتُ لَكُم بِهِ الزَّرعَ وَالزَّيتونَ وَالنَّخيلَ وَالأَعنٰبَ وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 11) |
اُن سان پوک ۽ زيتون ۽ کجيون ۽ ڊاکون ۽ ھر جنس جا ميوا اوھان لاءِ ڄمائيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ پروڙيندڙ قوم لاءِ ضرور نشاني آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ئي پاڻي سان هو توهان جي لاءِ (هر قسم جي اناجن جون) پوکون به پيدا ڪري ٿو ڇڏي، پڻ زيتون، کارڪون، انگور ۽ ٻيا هر طرح جا ميوا پيدا ڪري ٿو. (يقيناً هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ هڪ وڏي نشاني آهي، جيڪي غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهي پاڻي مان توهان لاءِ (الله تعالى ) پوکون اُپائي ٿو ۽ زيتون ۽ کجور ۽ انگور ۽ هر قسم جا ميوا (پيدا فرمائي ٿو)، بيشڪ اِنهي ۾ اُنهي قوم لاءِ نشاني آهي جيڪي فڪر ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان سان اوهان لاءِ پوک ۽ زيتون ۽ کجيون ۽ انگور ۽ هر قسم جي ميون کي ڦٽائي ٿو. بيشڪ ان ۾ سوچيندڙن لاءِ (خدا جي قدرت جي) تمام وڏي نشاني آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڄمائي ٿو اوهان لاءِ ان سان پوک ۽ زيتون، کجيون ۽ انگور ۽ هر قسم جا ميوا بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ان قوم جي لاءِ جيڪي پروڙين ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان سان اوهان لاءِ پوک ۽ زيتون ۽ کجيون ۽ انگور ۽ هر قسم جي ميون کي ڦٽائي ٿو. بيشڪ ان ۾ سوچيندڙ قوم لاءِ نشاني آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان (پاڻيءَ) ذريعي اوهان لاءِ پوک ڄمائي ٿو ۽ زيتون ۽ کجور ۽ ڊاکون ۽ هر قسم جا ميوا (ڄمائي ٿو.) بيشڪ ان ۾ غور و فڪر ڪرڻ واري قوم لاءِ وڏي نشاني آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن لئي اُڀاريئـِين اُن سان، پوک پَڳھ پَڳ پَڳ، زيتون، کجيون ، ڊاک پڻ، ۽ ميوا جُھڳٽ جَڳ مَڳ، اُن ۾ عجب آيتون، آهن اَلڳ اَلڳ، لوڪ تِنهيِن لڳِ، جي سوچِينِ سَگھ سُبحان جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اُن سان اوهان لاءِ پوک، زيتون، کارڪون ۽ انگور، هر قسم جا ميوا اُپائي ٿو، بيشڪ ان ۾ سوچڻ وارن لاءِ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو توهان لاءِ ان پاڻيءَ جي وسيلي پوکون اپائي ٿو ۽ زيتون، کارڪون ۽ انگور ۽ ٻيا قسمين قسمين جا ميوا پيدا ڪري ٿو، انهيءَ ۾ هڪ وڏي نشاني آهي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي سوچ ويچار ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو (الله) ان پاڻيءَ وسيلي پوکون پيدا ڪري ٿو ۽ زيتون ۽ کجور ۽ انگور ۽ ان مان قسمين قسمين جا ٻيا ميوا پيدا ڪري ٿو، بيشڪ ان ۾ هڪ وڏي نشاني آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي نصيحت وٺن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھو ان پاڻي جي ذريعي توھان جي لاءِ پوک ــ زيتون ــ کجي ــ انگور ۽ ھر قسم جا ميوا اُپائي ٿو. بيشڪ غور ڪرڻ وارن لاءِ ان ۾ وڏي نشاني آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومُ مُسَخَّرٰتٌ بِأَمرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 12) |
۽ اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن سج ۽ چنڊ تابع ڪيائين، ۽ تارا سندس حُڪم سان تابع ڪيل آھن، بيشڪ اُن ۾ ڄاڻندڙ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) هن توهان جي لاءِ رات ۽ ڏينهن سج ۽ چنڊ مسخر ڪري ڇڏيا (جو توهان جا ڪم سر انجام ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن) ۽ اهڙيءَ طرح تارا به سندس حڪم سان توهان جي لاءِ مسخر ٿي ويا آهن، يقيناً هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن جيڪي عقل کان ڪم ٿا وٺن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان لاءِ رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ مسخر (تابعدار) بنايا، ۽ تارا جيڪي الله جي حڪم جا پابند آهن، بيشڪ اِنهي ۾ اُنهي قوم لاءِ نشاني آهي جيڪي عقل رکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيو اٿس، ۽ تارا سندس حڪم سان (توهان جا) فرمانبردار آهن. بيشڪ ان ۾ عقل کان ڪم وٺڻ وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مطيع ڪيائين اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا تابع ڪيل آهن امر ان جي سان بيشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جو عقل رکن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چند کي ڪم ۾ لڳايو اٿس ۽ تارا سندس حڪم سان ڪم ۾ لڳايل آهن. بيشڪ ان ۾ عقل کان ڪم وٺڻ واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان جي (نفعي) لاءِ رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ کي (قانون جو) تابع ڪيائين. ۽ ستارا به سندس حڪم جا تابع آهن. بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ وڏيون نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آندا اَهنجِي آڻ ۾، راتيون، ڏينهن ڏاتار، ۽ سج، چنڊ سَندسِ اَمر سان، پڻ تارا تابعدار، اَوس آهن اُن ۾، نِشانِيون نِروار، وَٺي جا وِيچار، ڪارڻ تنهن قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هن اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن، سج ۽ چنڊ کي تابعدار ڪيو، تارن کي سندس حڪم سان تابع ڪيو، بيشڪ ان ۾ عقلمندن لاءِ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن توهانجي لاءِ رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ کي ضابطي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي ۽ سڀئي تارا به سندس حڪم هيٺ ڪم ۾ لڳل آهن، انهيءَ ۾گهڻيون ئي نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل هلائن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو (الله) جنهن توهان جي ڀلائي لاءِ رات ۽ ڏينهن کي، ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيو آهي ۽ سڀ تارا به ان جي حڪم سان تابع ڪيل آهن، بيشڪ ان ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ھُن ھستي رات ــ ڏينھن ــ سج ۽ چنڊ کي توھان جي خدمت ۾ لڳائي ڇڏيو آھي ۽ وري ستارن کي پنھنجي حڪم سان تابع ڪري ڇڏيو آھي. بيشڪ سمجهدار ماڻهن لاءِ ان ۾ وڏيون نشانيون آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما ذَرَأَ لَكُم فِى الأَرضِ مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَذَّكَّرونَ (آيت : 13) |
۽ قسمين قسمين رنگن جون (شيون ۽ جانور) جيڪي زمين ۾ پيدا ڪيائين سي به اوھان لاءِ آھن، بيشڪ اُن ۾ نصيحت وٺندڙ قوم لاءِ نشاني آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ زمين جي مٿاڇري تي طرحين طرحين رنگن واريون شيون جي توهان جي لاءِ پيدا ڪري ڇڏيون اٿس (تن تي به غور ڪيو) بيشڪ هن ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ هڪ نشاني آهي، جيڪي سوچ سمجهه وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي شيون جيڪي الله تعالى توهان لاءِ زمين مان پيدا ڪيون جن جا مختلف رنگ آهن، بيشڪ اِنهي ۾ اُنهي قوم لاءِ نشاني آهي جيڪي نصيحت حاصل ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي جدا جدا رنگن واريون شيون اوهان لاءِ زمين ۾ توهان جي فائدي لاءِ پيدا ڪيون اٿس ان م به نصيحت ۽ عبرت حاصل ڪرڻ وارن لاءِ (خدا جي قدرت جي) وڏي نشاني آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو جو پيدا ڪيائين اوهان جي لاءِ زمين ۾ مختلف آهن رنگ ان جا بيشڪ ان ۾البته نشاني آهي ان قوم جي لاءِ جو نصيحت قبول ڪن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي جدا جدا رنگن واريون (شيون) اوهان لاءِ زمين ۾ پيدا ڪيون اٿس (سي به اوهان جي ڪم ۾ لڳايون اٿس). بيشڪ ان ۾ نصيحت پرائيندڙ قوم لاءِ نشاني آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي (ٻيون گهڻيون شيون) زمين ۾ اوهان لاءِ پيدا ڪيائين جن جا رنگ جدا جدا آهن. بيشڪ ان ۾ نصيحت پرائيندڙ قوم لاءِ وڏي نشاني آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن لئي پکيڙيئـِين پَٽ ۾، جِنسون ۽ جِنسار، طرحِين طرحِين، رنگ جَن ؛ اُن ۾ اُهڃ اَپار، وٺن جي ويچار، ڪارڻ تِنهن قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان لاءِ جيڪي ڌار ڌار رنگن واريون شيون زمين مان پيدا ڪيائين، بيشڪ ان ۾ نصيحت وٺندڙ ماڻهن لاءِ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهي جيڪي ڪيتريون ئي رنگارنگي شيون هن توهان لاءِ زمين ۾ پيدا ڪيون آهن، انهن ۾ به بيشڪ نشاني آهي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي نصيحت پرائڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هن ڪيتريون ئي شيون توهان لاءِ زمين ۾ پيدا ڪيون آهن قسمين قسمين رنگن جون، بيشڪ انهن ۾ به نشاني آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي نصيحت وٺڻ وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھُن ئي توھان جي لاءِ زمين ۾ مختلف رنگ برنگي شيون پيدا ڪري ڇڏيون آھن. بيشڪ سمجهه رکڻ وارن لاءِ انهن ۾ وڏي نشاني آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ الَّذى سَخَّرَ البَحرَ لِتَأكُلوا مِنهُ لَحمًا طَرِيًّا وَتَستَخرِجوا مِنهُ حِليَةً تَلبَسونَها وَتَرَى الفُلكَ مَواخِرَ فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 14) |
۽ اُھو (الله) آھي جنھن درياء کي ھن لاءِ تابع ڪيو ته اوھين منجھانئس تازو گوشت (يعني مڇي) کائو ۽ منجھانئس اُھي زيور (يعني موتي) ڪڍو جيڪي اوھين ڍڪيندا آھيو، ۽ منجھس ترندڙ ٻيڙيون ڏسندو آھين ۽ انھيءَ لاءِ ته اوھين سندس فضل ڳوليو ۽ ته مانَ اوھين شڪر ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اهوئي آهي جنهن سمنڊ کي اوهان جي لاءِ مسخر ڪري ڇڏيو ته ان مان تازو (۽ نرم ۽ لذيذ) گوشت (مثلاً مڇيءَ جو گوشت) حاصل ڪري کائو ۽ زيورن جون (قيمتي ۽ سهڻيون موتين جهڙيون) شيون ٻاهر ڪڍو جن کي سينگار ۽ سونهن لاءِ پائيندا آهيو. پڻ توهان ڏسو ٿا ته جهاز پاڻيءَ کي چيريندا هليا وڃن ٿا، انهيءِ لاءِ ته توهان خدا جو فضل تلاش ڪيو (يعني جهازن جي وسيلي واپار ڪيو دولت ڪمايو ۽ هڪ ملڪ جون نعمتون ٻين ملڪن ۾ پهچايو) ۽ (سندس نعمتن جو قدر ڪري) شڪرگذار رهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى اهو آهي جنهن توهان لاءِ درياءُ مسخر بنايو، انهي لاءِ جو توهان انهي مان مڇي کائو ۽ انهي مان توهان زيور (موتي وغيره) ڪڍو ٿا جيڪي توهان زيور ڪري پايو ٿا، ۽ توهان ڏسو ته ٻيڙيون پاڻيءَ کي چيري هلن ٿيون ان لاءِ ته توهان انهي مان الله جو فضل حاصل ڪريو ۽ من توهان شڪرگذار ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو اهو آهي جنهن دريا کي (به اوهان جي) قبضي ۾ ڪيو ته جيئن اوهين ان مان (مڇن جو) تازو تازو گوشت کائو ۽ ان مان زيورن (جون شيون جيئن موتي وغيره) ڪڍو جن کي اوهين پهريو ٿا ۽ تون ٻيڙيون ڏسين ٿو جي دريا ۾ پاڻي تي هلن ٿيون ۽ (دريا کي اوهان جي قبضي ۾) هن ڪري ڪيو ويو ته اوهين ماڻهو سندس فضل (واپار جي نفعي) جي تلاش ڪريو ۽ پڻ اوهين شڪر ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو (الله) ئي آهي جنهن مطيع ڪيو سمنڊ کي تانته کائو ان مان گوشت تازو (مڇي) ۽ ڪڍو ٿا ان مان زيور (موتي) ڍڪيو ٿا انهن کي ۽ ڏسندين ٻيڙيون پاڻي چيري هلنديون ان ۾ تانته طلب ڪيو فضل ان جو تانته اوهان شڪر ڪندا ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هو اهو آهي جنهن درياءَ کي ڪم ۾ لڳايو هن لاءِ ته ان مان (مڇيءَ جو) تازو گوشت کائو ۽ ان مان زيور ڪڍو جيڪي اوهين پايو ٿا. ۽ تون ٻيڙيون ڏسين ٿو جي درياءَ ۾ پاڻيءَ کي چيري هلندڙ آهن، ۽ هن لاءِ ( درياءَ کي ڪم ۾ لڳايو اٿس) ته اوهين سندس فضل مان روزي گهرو ۽ مَنَ اوهين شڪر ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو ئي آهي جنهن دريائن کي مطيع ڪيو ته جيئن اوهان ان مان (مڇيءَ جو) تازو گوشت کائو ۽ ان مان زيور ڪڍو جن کي اوهان پايو ٿا. ۽ تون ٻيڙين کي ڏسين ٿو جي درياء ۾ پاڻيءَ کي چيري هلندڙ آهن ۽ هن لاءِ ته اوهان ان جي فضل سان روزي تلاش ڪيو ۽ هن لاءِ ته توهان شڪر گذار ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو جِنهن اَجھاڳ سمنڊ، ڪيا حُڪم ۾ هيڪار، تان کائو خُوب اُن مان، تازا گوشت تيار، ۽ اَملھ ڪڍو اُن مان، تان پايو سَبَب سِينگار، ۽ تَرندڙ ڏِسِين تِنهن ۾، ٻيڙا مَنجھ ٻار ڀَلي ته سَندسِ ڀَال مان، طَلبِين طلبگار، ۽ اِهو سڀ اِن هار، ته کائـِي ڳايو ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو ئي آهي، جنهن درياءَ کي به اوهان جي تابع ڪيو، ته اوهان ان مان تازو گوشت کائو ۽ ان مان اهي زيور (موتي) ڪڍو، جي پايو ٿا_ ۽ تون ٻيڙين کي ڏسين، ته اهي کيس چيري هلن ٿيون، ته اوهين سندن فضل (رزق) هٿ ڪريو ۽ شڪر ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آهي، جنهن توهان لاءِ سمنڊ کي به قابو ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن توهان منجهانئس تازو گوشت حاصل ڪري کائو ۽ ان مان زيب ۽ زينت جون اهي شيون (زيور) به ڪڍو، جن کي توهان پهريندا آهيو. تون ڏسين پيو ته ٻيڙيون سمنڊ کي چيري ان ۾ هلن ٿيون ته جيئن توهان پنهنجي رب جو فضل تلاش ڪريو ۽ سندس شڪرانو ادا ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو (الله) ئي آهي جنهن توهان جي لاءِ تابع ڪيو سمنڊ کي جيئن کائو ان مان گوشت ڪڍي ۽ ان مان سونهن جون اهي شيون ڪڍو جن کي توهان پائيندا آهيو، توهان ڏسندا آهيو ته ٻيڙي سمنڊ جو سينو چيري هلندي آهي ان ۾، ۽ هي سڀ ان لاءِ آهي ته (الله جو) فضل ڳوليو ۽ ان جا شڪرگذار ٿيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُھو به (الله) ئي آھي جنھن سمنڊ کي توھان جي خدمت ۾ لڳائي ڇڏيو آھي ته جيئن ان مان تازو گوشت کائو ۽ پنھنجي سونھن طور استعمال ڪرڻ لاءِ زيور ڪڍو ۽ توھان ڏسو ٿا ته ٻيڙي سمنڊ جو سينو چيري ھلندي رھي ٿي. اھو سڀ ڪجهه اِن لاءِ ئي آھي ته جيئن توھان اللھ تعالى جو فضل تلاش ڪريو ۽ شڪرگذار ٻانها ٿي رهو .(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَأَنهٰرًا وَسُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 15) |
۽ زمين ۾ مُحڪم جبل کوڙيائين ته متان اُھا اوھان کي ڌوڏو ڏئي ۽ نديون ۽ رستا بڻايائين ته مانَ اوھين سِڌو رستو لھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) انهيءَ ئي زمين تي جبل کڙا ڪيا آهن ان لاءِ ته متان اها زمين اوهان کي کڻي (ڪنهن طرف) جهڪي پوي ۽ هن نهرون وهائي ڇڏيون آهن ۽ رستا ڪڍيا آهن، انهيءَ لاءِ ته توهان (برن ۽ بحرن جون واٽون لتاڙي) پنهنجي منزل تي پهچي وڃو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى زمين تي مضبوط جبل کوڙيا ته متان زمين توهان کي لوڏي ۽ الله تعالى نهرون ۽ رستا پيدا ڪيا ان لاءِ ته توهان صحيح رستي تي هلو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ زمين ۾ (تمام ڳرا) جبل وڌا اٿس ته (ائين نه ٿئي جو) زمين اوهان سميت ڪنهن پاسي نه جهڪي (۽ اوهان ڏڪو) پڻ (ان) نديون ۽ رستا پيدا ڪيا ته جيئن اوهين واٽ لهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ کوڙيائين زمين ۾ بلند مضبوط جبل متان ڌٻي اوهان سان ۽ نهرون ۽ واٽون (ٺاهيائين) تانته اوهان هدايت وارا ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زمين ۾ جبل وڌا اٿس ته متان (زمين) اوهان کي لوڏي. ۽ نديون ۽ رستا (پيد اڪيا اٿس) مَنَ اوهين واٽ لهو! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زمين ۾ ڳرا جبل (ميخن مثل) کوڙيائين ته متان (زمين) اوهان کي لوڏي ۽ نهرون ۽ رستا (بنايائين) ته جيئن اوهان واٽ لهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٺوڪيئـِين جَبل زمين ۾، ته ڌُٻي نه اَوهان ساڻ، ۽ اوهان لئي واهِيون، ۽ وَنهيون واٽريون سُونهون تان سڄاڻ!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) زمين تي جبل رکيائين، ته اها اوهان کي ڌوڏ نه ڏئي ۽ نهرون ۽ رستا بنايائين، ته اوهين پنهنجي منزل تي پهچو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن زمين ۾ جبلن کي ميخون ڪري کوڙيو آهي ته جيئن اها توهان سميت لوڏا لما نه کائي. هن درياءَ وهايا ۽ قدرتي رستا بڻايا ته مــَـنَ توهان هدايت لهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هن (الله) ميخون کوڙيون زمين ۾ جبلن جون ته جيئن اها توهان سميت لڙهڪي نه وڃي ۽ هن ۾ درياء وهايا ۽ قدرتي رستا بنايا ته جيئن توهان هدايت حاصل ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھُن زمين ۾ جبل کوڙي ڇڏيا ته جيئن زمين اوھان کي لوڏا نه کارائي سگهي، درياءَ ۽ رستا به بنايا ته جيئن سفر ۾ توھان صحيح رستا اختيار ڪري سگهو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعَلٰمٰتٍ وَبِالنَّجمِ هُم يَهتَدونَ (آيت : 16) |
۽ نشان (پيدا ڪيائين)، ۽ تارن سان اُھي سِڌو رستو لھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) هن (مسافرن جي واٽن لاءَ طرحين طرحين) علامتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن ۽ تارن جي وسيلي ماڻهو (برن ۽ بحرن ۾) واٽ لهن ٿا، (يعني تارن جي وسيلي نه رڳو روشني ٿئي ٿي پر طرفن جي به خبر پوي ٿي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان لاءِ نشانيون پيدا ڪيون ۽ تارن سان اهي رستا لهن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تنهن کان سواءِ رستن ۾) ڪيئي نشانيون (پيدا ڪيل) آهن. ۽ ڪيترائي ماڻهو ستارن (سان به) رستو سڃاڻن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نشانيون (پيدا ڪيائين) ۽ تارن سان اهي هدايت حاصل ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (ٻيون) نشانيون (پيدا ڪيائين) ۽ تارن سان اهي رستو لهن ٿا . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (گهڻيون ئي) نشانيون (بنايائين.) ۽ ستارن جي ذريعي به ماڻهو رستو لهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پڻ سَنئون هَلن هي پاڻ، نِشانين ۽ نِکٽڻ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ٻيون نشانيون به، تارن سان به رستو معلوم ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هن زمين ۾ رستو ڏَسڻ واريون نشانيون رکيون آهن ۽ تارن جي وسيلي به ماڻهو گس معلوم ڪندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هن (الله) رستن ٻڌائڻ واريون زمين ۾ نشانيون رکيون ۽ تارن مان به رهنمائي وٺن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن ٻيون به گهڻيون نشانيون پيدا ڪيون آهن ۽ ستارن جي ذريعي به ماڻهو صحيح رستا معلوم ڪن ٿا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَمَن يَخلُقُ كَمَن لا يَخلُقُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 17) |
جيڪو پيدا ڪري سو اُنھيءَ جھڙو آھي ڇا جو (ڪي به) پيدا نه ڪري؟ پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (ٻڌايو ته) ٻئي هستيون برابر آهن ڇا؟ اها هستي جا پيدا ڪري ٿي (يعني جنهن جي ربوبيت جي فيضان هيءُ سڄو ڪارخانو بنائي ڇڏيو آهي) ۽ اها هستي جا ڪجهه به پيدا نٿي ڪري (بلڪ پاڻ پنهنجي هستيءَ جي لاءِ به پروردگار جي ربوبيت جي محتاج آهي) پوءِ ڇا توهان ايتريو به سمجهي نٿا سگهو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ پيدا ڪندڙ ۽ نه پيدا ڪندڙ پاڻ ۾ برابر ٿي سگھن ٿا، ڇا پوءِ توهان نصيحت نٿا وٺو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا! جيڪو (خدا ايترين شين کي) پيدا ڪري ٿو سو انهن (بتن) جي برابر ٿي سگهي ٿو جيڪي ڪجھ به پيدا ڪري نٿا سگهن. ته ڇا اوهين (ايتري ڳالھ به) نٿا سمجهو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ جيڪو پيدا ڪري ٿو ان وانگر آهي جيڪو پيدا نه ٿو ڪري ڇا پوءِ نه ٿا نصيحت وٺو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ جيڪو پيدا ڪري سو ان جهڙو آهي جو (ڪجهه به) پيدا نه ٿو ڪري؟ ڇا پوءِ ڌيان نه ٿا ڪريو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ جيڪو پيدا ڪري ان جهڙو آهي جيڪو پيدا ڪري نه سگهي؟ ڇاپوءِ نصيحت نه ٿا پِرايو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جيڪو جوڙٖي جوڙ، اُهوڪِ جوڙ اُن جو، جو تِر نه جوڙٖي توڙ؟ پوءِ ڪِنهن پَر پِرايو ڪِين ٿا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڇا، خلقيندڙ ڪو اڻ خلقيندڙ جهڙو ٿيندو؟ پوءِ ڀلا اوهين اهو به نٿا سمجهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڇا جيڪو پيدا ڪري ٿو ۽ جيڪو ڪجهه به پيدا نٿو ڪري ٻئي برابر آهن؟ ڇا پوءِ ڌيان نه ڪندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهو جيڪو پئدا ڪري ٿو ۽ جيڪي ڪجهه به پئدا نٿا ڪن ڇا برابر آهن؟ پوءِ ڇا توهان هوش ۾ نٿا اچو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ھاڻي ٻڌايو ته) جيڪو اھي سڀ شيون پيدا ڪري ٿو سو ان جھڙو ٿي سگهي ٿو جيڪو ڪجهه به پيدا نه ڪري سگهي. ڇا توھان کي اڃا به سمجهه نٿي اچي؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن تَعُدّوا نِعمَةَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ اللَّهَ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 18) |
۽ جيڪڏھن اوھين الله جي نعمتن کي ڳڻيو ته انھن کي (ڪڏھن به) ڳڻي نه سگھندؤ، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن توهان الله جون نعمتون ڳڻڻ چاهيو ته (اهي ايتريون ته بي شمار آهن جو) توهان هرگز ڳڻي ڪونه سگهندؤ. بيشڪ الله تعاليٰ وڏو بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان الله جون نعمتون ڳڻيندا ته ڳڻي ڪين سگھندا، بيشڪ الله تعالى يقيناً غفور رحيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اوهين خدا جي نعمتن کي ڳڻڻ گهرو (ايتريون ته آهن جو) انهن کي ڳڻي نه سگهندو. بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي. (جو اوهان جي نافرماني تي به نعمتون ڏئي ٿو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڳڻيندو الله جي نعمتن کي ته نه ڳڻي سگھندؤ انهن کي بيشڪ الله البته بخشڻهار مهربان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اوهين الله جي نعمتن کي ڳڻيندو ته انهن کي ڳڻي نه سگهندو. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن الله جي نعمتن کي ڳڻيندؤ ته انهن کي پورو ڳڻي نه سگهندؤ. بيشڪ الله وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڳَـڻِين ته ڳُڻ اَلله جا، ڳَڻي نه پَوندن پار، بشڪ بَخشڻهار، مالِڪ مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن اوهان الله جون نعمتون ڳڻيو ته ڪڏهن به نه ڳڻي سگهندؤ، بيشڪ الله بخشيندڙ وڏي رحمت وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن توهان الله جي نعمتن کي ڳڻڻ گهرو ته نه ڳڻي سگهندؤ، حقيقت اها آهي ته هو ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪر ڳڻڻ شروع ڪريو الله جي نعمتن کي ته ڳڻي نه سگهندؤ، حقيقت ۾ الله وڏو ٻاجهارو بخشڻهار آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏھن توھان اللھ تعالى جي نعمتن کي ڳڻڻ چاھيو به ته نٿا ڳڻي سگهو. بيشڪ اللھ تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 19) |
۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي توهان لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو ٿا (سو کانئس لڪل ڪونهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان جي باطن ۽ ظاهر کي ڄاڻي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪريو ٿا (مطلب ته) خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪريو ٿا تنهن کي الله ڄاڻي ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه اوهان لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَمجھي رَبُّ سُڄاڻ، جيڪِي ڳُجھو ڪريو، يا پَڌرو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله اوهان جي ڳجهي ۽ ظاهر احوال کي ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله توهانجي لڪايل توڙي پڌري ڪيل ڳالهين کان واقف آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله توهان جي انهن ڳالهين کي ڄاڻي ٿو جيڪي لڪل آهن يا ظاهر آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى توھان جي لڪيل ۽ ظاھري حال کي خوب ڄاڻي ٿو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 20) |
۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي ڪا شيء خلقي نه سگھندا آھن ۽ اُھي (پاڻ) خلقيا ويا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله کان سواءِ جن هستين کي هي ماڻهو پڪارين ٿا سي ڪابه شيءِ پيدا ته ڪري نٿا سگهن پر پاڻ خود (ڪنهن جا) پيدا ڪيل آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى کانسواءِ (بتن) جي عبادت ڪن ٿا، اهي (بت) ڪنهن شيءِ کي پيدا ڪري نٿا سگھن پر اهي پاڻ پيدا ڪيل آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهي ڪافر) خدا کي ڇڏي جن (بتن) کي (حاجت وقت) سڏين ٿا اهي ڪجھ به پيدا ڪري نٿا سگهن (پر) اهي پاڻ (ٻين جا) بنايل آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن جي عبادت ڪن ٿا الله کانسواءِ نه ٿا پيدا ڪن ڪا شيءِ ۽ اهي پاڻ پيدا ڪيا ويا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن کي الله کانسواءِ (ڪافر) سڏين ٿا سي ڪا شيءِ به پيدا نه ٿا ڪن بلڪه اهي پاڻ پيدا ڪيا وڃن ٿا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ماڻهو الله کي ڇڏي جن (بتن) کي سڏن ٿا اُهي ڪابه شيءِ پيدا ڪري نه ٿا سگهن بلڪه اُهي پاڻ پيدا ڪيا ويا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڌڻِئَ ڌاران جن کي، ڪوٺيو ڪَمن ڪاڻ، اُهي نَه خَلقِين، ڪُجھ خَلق مان، سي خلقيا وَڃن، خود پاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي شخص خدا کي ڇڏي، جن کي ٿا پڪارين سي ڪا به شيءِ پيدا نٿا ڪري سگهن. پر پاڻ خود (ڪنهن جا) پيدا ڪيل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهي ٻيا جن کي، الله کي ڇڏي ماڻهو پڪارين ٿا، اهي ته ڪنهن شيءِ جا به خالق ناهن، بلڪه پاڻ ئي مخلوق آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ٻيون هستيون جن کي ماڻهو سڏين ٿا الله کان سواءِ، سي ناهن خلقيندڙ ڪنهن به شيءِ جا، پر اهي ته پاڻ ئي مخلوق آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪي ماڻهو اللھ تعالى کان سواءِ ٻين کي پڪارين ٿا، اھي ڪابه شيءِ پيدا نٿا ڪري سگهن. (بلڪ) هو ته خود پيدا ڪيا ويا آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَموٰتٌ غَيرُ أَحياءٍ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 21) |
بي جان مُردا آھن، ۽ نه ڄاڻندا آھن ته ڪڏھن کڙا ڪيا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو مئل مردا آهن نه جيئرا. کين اها به خبر ناهي ته ڪڏهن (موت بعد) اٿاريا ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهي بت) مُئَلَ آهن زنده ناهن، ۽ انهن کي اها به خبر ناهي ته ماڻهو ڪڏهن اٿاريا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي مئل بي جان آهن ۽ ايتري به خبر نه اٿن ته ڪڏهن قيامت ٿيندي ۽ مئل ڪڏهين (جيئرا ڪري) اٿاريا ويندا. (پوءِ اهي ڪهڙي ڪم جا ٿيا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مئل آهن ناهن جيئرا ۽ نه ٿا شعور رکن ته ڪڏهن اٿاريا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي مئل بي جان آهن ۽ نه ٿا ڄاڻن ته ڪڏهن کين جيئرو ڪري اٿاريو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي مُردا آهن زنده ناهن ۽ نه ٿا ڄاڻن ته ڪڏهن کين (جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِيَرا ڪِين جَھان ۾، مُئل مَنجھ مَساڻ، ۽ نه ڄاڻن اَصل اَڄاڻ، ڪِنهن ڏينهن اُهي اُٿاربا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي مئل آهن نه جيئرا، کين اها به خبر ڪانهي، ته ڪڏهن جيئرا ٿيندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ويتر مئل آهن، جيئرا به ناهن ۽ اها به خبر ڪانه اٿن ته وري ڪڏهن جيئرا ڪري اٿاريا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مئل آهن زنده نه آهن ۽ انهن کي ڪجهه به معلوم ناهي ته کين ڪڏهن وري اٿاريو ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُھي مُئل آھن، زنده آھن ئي ڪونه ۽ کين اھا به ڄاڻ نه آھي ته انهن کي ڪڏھن ٻيھر ساهه وجهي زندهه ڪيو ويندو؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ قُلوبُهُم مُنكِرَةٌ وَهُم مُستَكبِرونَ (آيت : 22) |
اوھان جو معبود ھڪڙو خُدا آھي، پوءِ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون مڃڻ واريون نه آھن ۽ اُھي وڏائي ڪندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان جو معبود ته هڪ ئي معبود آهي. (ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي) پوءِ جيڪي ماڻهو آخرت جي زندگيءَ تي يقين نٿا رکن تن جون دليون انڪار ڪندڙ آهن. هو (سچائيءَ جي مقابلي ۾) هٺ وڏائي ڪري رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جو معبود فقط هڪ الله آهي، پوءِ اهي ماڻهو جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻن انهن جون دليون (توحيد کان) منڪر آهن ۽ اهي تڪبر ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان جو خدا هڪڙو ئي معبود آهي ته جي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا رکن تن جون دليون ئي (اهڙي قسم جون آهن جيڪي هر ڳالھ جو) انڪار ڪن ٿيون ۽ اهي وڏا مغرور آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) معبود اوهان جو معبود هڪ آهي پوءِ اهي جو نه ٿا ايمان آڻين آخرت تي دليون انهن جون انڪار ڪندڙ آهن. اهي تڪبر ڪندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان جو معبود هڪڙوئي معبود آهي، پوءِ جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا آڻين تن جون دليون انڪار ڪندڙ آهن ۽ اهي مغرور آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان جو معبود هڪڙو ئي معبود آهي. پوءِ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نه ٿا رکن انهن جون دليون انڪار ڪندڙ آهن. ۽ اُهي وڏائي ڪندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سائـِين اَوهان سَڀن جو، سائـِين هِڪ ستّار، اُهي، جي آخرت تي، نه آڻِين اِعتبار، تن جا اَندر، مَنجھ اِنڪار، ۽ اُهي آهِن، پَڏائـِيندڙ پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان جو هڪ ئي ڌڻي آهي، پوءِ جيڪي آخرت تي ويساهه نٿا رکن، تن جون دليون انڪاري آهن ۽ اهي حق کان آڪڙجن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهانجو معبود ته بس هڪڙو ئي معبود آهي، پر جيڪي ماڻهو آخرت کي نٿا مڃين، انهن جي دلين ۾ انڪار گهر ڪري ويو آهي ۽ هو ڏاڍي وڏائيءَ ۾ ڀرجي ويا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان جو خدا بس هڪ ئي خدا آهي، پر جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا رکن، ته انڪار گهر ڪيو آهي انهن جي دلين ۾، ۽ اهي تڪبر ۾ پئجي ويا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان جو معبود بس ھڪڙو ئي معبود آھي، جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا آڻين، تن جون دليون حقيقت کان انڪاري ٿي ويون آهن ۽ اُھي وڏائي ۽ تڪبر ۾ پيل آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا جَرَمَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُستَكبِرينَ (آيت : 23) |
(ڪافر) جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي (ھو) پڌرو ڪندا آھن سو بلاشڪ الله ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو وڏائي ڪندڙن کي پيار نه ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً (الله تعاليٰ هنن جي حال کان بي خبر ناهي) اهي ماڻهو جيڪي جيڪي (دل ۾) لڪائين ٿا ۽ جيڪي جيڪي ظاهر ڪري چئي ڏين ٿا سو سڀ الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. هو هٺ وڏائي ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) في الحقيقت بيشڪ الله تعالى ڄاڻي ٿو جيڪو اهي لڪائن ٿا ۽ جيڪو اهي ظاهر ڪن ٿا. بيشڪ الله تعالى تڪبر ڪندڙن سان محبت نٿو رکي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو جيڪي لڪائي ڪن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا (مطلب ته سڀ ڪجھ) خدا ضرور ڄاڻي ٿو. ۽ اهو ڪڏهن به وڏائي ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ يقينًا الله ڄاڻي ٿو جيڪو لڪائين ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا بيشڪ اهو نه ٿو محبت رکي پاڻ کي وڏو سمجھندڙن کي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هيءَ ڳالهه يقيني آهي ته اهي جيڪي لڪائين ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا تنهن کي الله ڄاڻي ٿو. بيشڪ اهو وڏائي ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي ڳالهه پڪي پختي آهي ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪي اُهي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا. بيشڪ اُهو وڏائي چاهيندڙن کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَڪ، ڄاڻي پاڪ ڌَڻِي، جيڪي لِڪائـِن، کان لوڪ، ۽ جيڪِي ڪَن مُنهن موڪ، اُهو ڀانـئـٖي نه پاڻ ڀانئڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله انهن جا سڀ لڪل ۽ ظاهر احوال ڄاڻي ٿو- بيشڪ هو هٺيلن کي پسند نٿو ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ الله انهن جا سڀ ڪم ڄاڻي ٿو، لڪل توڻي ظاهر، هو انهن ماڻهن کي ڪڏهن به پسند نه ڪندو آهي، جيڪي وڏائي ڪندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پڪ سان انهن جا جرم الله ڄاڻي ٿو، اهي لڪل آهن يا ظاهر ۽ اهو هرگز انهن ماڻهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي نفس جي غرور ۾ مبتلا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى يقيناً لڪيل ۽ ظاھري حال کان خوب واقف آھي. بيشڪ ھو ڪنھن به وڏائي خور کي پسند نٿو ڪري.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا قيلَ لَهُم ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
۽ جڏھن اُنھن کي چئبو آھي ته اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي؟ (تڏھن) چوندا آھن ته اڳين جون اکاڻيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن انهن ماڻهن کان پڇيو وڃي ٿو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي جا توهان جي پروردگار نازل ڪئي آهي؟ تڏهن هو چون ٿا ته اها ڪجهه ناهي، فقط اڳين وقتن جا افسانا ۽ ڪهاڻيون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت انهن کي چيو وڃي ٿو ته توهان جي رب ڇا نازل ڪيو آهي، اهي چون ٿا ته پَهِرِيَنِ ماڻهن جون آکاڻيون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن کين چيو وڃي ٿو ته اوهان جي پالڻهار ڇا نازل ڪيو آهي؟ ته چون ٿا ته (ڪجھ به نه بس رڳو) اڳين جا قصا آهن. (کين بڪڻ ڏي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو ويو انهن کي ته ڇا نازل ڪيو آهي رب اوهان جي ته چيائون آکاڻيون پهرين جون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته اوهان جي پاليندڙ ڇا نازل ڪيو آهي؟ تڏهن چون ٿا ته اڳين جون آکاڻيون آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن کان پڇيو وڃي ٿو ته اوهان جي پالڻهار ڇا نازل ڪيو آهي؟ چون ٿا ته ”اڳين جون آکاڻيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهِين ڪَهجينِ، ته ڪُڄاڙو، اَهنجي رَبَّ اُتاريو؟ ته ٻوليائون ٻَاڙو، ته آکاڻيون اَڳَينِ جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن کين چئجي ٿو ته، ”اوهان جي رب ڇا لاٿو آهي؟“ ته چون ٿا، ”اڳوڻن جون ڳالهيون!“. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن کانئن ڪو پڇي ٿو ته توهانجي رب اهو ڇا نازل ڪيو آهي، ته چون ٿا ته "بس اهي ته آڳاٽن وقتن جون آکاڻيون آهن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن به ڪو انهن کان پڇي ٿو ته هي ڪهڙي شيءِ نازل ڪئي آهي توهان جي رب، ته چوندا آهن (سائين!) اهي اڳين دورن جون ڪهاڻيون آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏھن مغرور ماڻهن کان پڇا ڪبي آھي ته توھان جي پالڻھار ڪھڙي شيءِ نازل ڪئي آهي؟ ته ھو چوندا آھن ته ھي ته رڳو گذري ويل ماڻهن جا قصا۽ ڪھاڻيون آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيَحمِلوا أَوزارَهُم كامِلَةً يَومَ القِيٰمَةِ وَمِن أَوزارِ الَّذينَ يُضِلّونَهُم بِغَيرِ عِلمٍ أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 25) |
(اھو سندن چوڻ) ھن لاءِ آھي جو قيامت جي ڏينھن پنھنجو پورو بار کڻندا ۽ جن کي اڻ ڄاڻائيءَ سان گمراہ ڪندا آھن تن جو (به) ڪجھ بار کڻندا، خبردار جيڪو (به) بار کڻندا سو بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هنن جي انهيءَ چوڻ جو نتيجو هيءُ ٿيندو ته) هو قيامت جي ڏينهن (پنهنجي گناهن جو) پورو پورو بار کڻندا ۽ انهن ماڻهن جي بار جو به هڪ حصو کڻندا جن کي علم ۽ روشنيءَ کان سواءِ (اهڙيون ڳالهيون ٻڌائي ٻڌائي) گمراهه ڪري رهيا هئا. سو ڏسو ته ڪهڙو نه خراب بار آهي، جو هو پاڻ تي لڏي هليا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته قيامت جي ڏينهن اهي پنهنجا پورا بار کڻن ۽ انهن جا به بار کڻن جن کي اهي پنهنجي جهالت سببان گمراه ڪندا هئا، خبردار ! ڪهڙو نه خراب آهي اهو بار جيڪو اهي کڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جيئن قيامت جي ڏينهن، پنهنجي (گناهن جا) سمورا بار ۽ جن ماڻهن کي بنا سوچڻ سمجهڻ جي گمراھ ڪيو آهي تن جي (گناهن جو) بار به کين ئي کڻڻو پوندو. ٿورو ڏسو ته اهي ماڻهو ڪهڙو نه بڇڙو بار پاڻ تي کنيون ٿا وتن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته کڻن بار پنهنجا پورا قيامت جي ڏينهن ۽ انهن جي بارن مان جو گمراھ ڪن ٿا.نهن کي علم کانسواءِ خبردار برو آهي جيڪو بار کڻندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته جيئن (ان چوڻ جي ڪري) قيامت جي ڏينهن پنهنجي (گناهن) جا پورا بار ۽ جن کي بنا علم جي گمراهه ڪن ٿا تن (جي گناهن) جا ڪجهه بار کڻن. خبردار رهو! جيڪو بار اهي کڻن ٿا سو بڇڙو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ (چون ٿا) ته قيامت واري ڏينهن پنهنجا (گناهن جا) پورا بار پاڻ کڻن ۽ ڪجهه بار انهن جا به (کڻن) جن کي بنا علم جي گمراهه ڪن ٿا. خبردار! جيڪو بار اُهي کڻن ٿا سو برو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان کڻِن مَحشر ماڳ ۾، سَندنِ ته ساروبار، ۽ ڪُجھ بار، ڀُلايون جن کي ، عِلم عقل کان ڌار، هرگز ٿِي هُوشيار، جو بار کَڻنِ، سو بُڇڙو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهن ڪري اهي قيامت جي ڏينهن پنهجن خواهه انهن جي گناهن جو پورو بار کڻندا، جن کي بي علمي سبب گمراهه ڪري رهيا هئا_ ياد رکو ته جيڪي کڻن ٿا سو تمام بڇڙو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ڳالهيون هو ان لاءِ ٿا ڪن ته قيامت جي ڏينهن پنهنجا بار به سمورا ئي کڻن ۽ تنهن سان گڏ ڪجهه بار انهن ماڻهن جا به کڻن، جن کي علم نه هئڻ ڪري گمراهيءَ ۾ پيا ٿا وجهن. خبردار! ڪيڏا نه بڇڙا بار پاڻ تي وجهندا پيا وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ڳالهيون ان لاءِ ڪندا آهن ته اهي پنهنجا بار به قيامت جي ڏينهن پورا کڻن ۽ ان سان گڏ انهن ماڻهن جا به بار کڻن جن کي گمراهه ڪري رهيا آهن اڻڄاڻائي ۾، ڏسو ڪيڏي ذميواري اهي پنهنجي سر تي کڻي رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي ماڻهو اھڙيون ڳالهيون ان ڪري ڪندا آھن ته جيئن ھو قيامت جي ڏينھن پنھنجا بار ۽ انهن ماڻهن جا ڪجهه بار به کڻن جن کي بغير ڪنھن علم جي گمراهه ڪري رھيا آھن. ياد رکو ته ھي ماڻهو ڪيڏو نه بدترين بار کڻي رھيا آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتَى اللَّهُ بُنيٰنَهُم مِنَ القَواعِدِ فَخَرَّ عَلَيهِمُ السَّقفُ مِن فَوقِهِم وَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 26) |
جيڪي کائن اڳ ھوا تن بيشڪ فريب ڪيو پوءِ الله جو حُڪم سندن اڏاوتن کي پيڙھي کان پٽيو ۽ انھن تي مٿانئن ڇت اچي ڪري ۽ کين عذاب اُتان پُھتو جتان ڄاتائون ئي نه ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ياد رکو ته، هنن کان اڳي جيڪي ماڻهو ٿي گذريا آهن تن به (حق جي خلاف) تدبيرون ڪيون هيون، پر (نتيجو ڪهڙو نڪتو؟) هنن پنهنجي تدبيرن جي جيڪا عمارت بنائي هئي تنهن جي بنياد جون سرون به الله تعاليٰ اکوڙي ڇڏيون. پوءِ انهن جي مٿان (سندن ئي بنايل) ڇت اچي ڪري ۽ اهڙي طرف کان ۽ اهڙيءَ طرح مٿن عذاب اچي ڪڙڪيو، جنهن جو کين وهم ۽ گمان به ڪونه هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تحقيق انهن کان اڳين ماڻهن به فريب ڪيو پوءِ الله تعالى انهن جي عمارت جا بنياد پاڙان پٽي ڇڏيا پوءِ انهن جي مٿان ڇت ڪري پئي ۽ انهن تي انهي جاءِ تان عذاب آيو جتان کين گمان ئي ڪو نه هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جيڪي انهن کان اڳي هئا (تن به وڏيون) مڪاريون ڪيون پوءِ خدا (جو حڪم) سندن بنايل (مڪارين) جي بنياد تي پيو. (پوءِ ڇا ٿيو جو) انهيءَ (خيالي عمارت جي) ڇت انهن جي مٿان ڌو ڪري پئجي رهي (ته سڀئي خيال اڏامي وين (۽ جنهن پاسي مٿن عذاب آيو تنهن جي کين خبر به نه هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق مڪر ڪيو انهن جو اڳ انهن کان هئا پوءِ آيو (امر) الله جو عمارتن انهن جي تي پيڙهين کان پوءِ ڪري پيون انهن تي ڇتيون مٿان انهن جي ۽ آيو انهن تي عذاب اتاهين جو نه پيا سمجھن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي انهن کان اڳي هئا تن (وڏيون) تدبيرون ڪيون پوءِ الله (جو عذاب) سندن عمارت (ڪيل تدبيرن) جي بنياد تي پيو. پوءِ انهن جي مٿان ڇت ڪري پيئي ۽ مٿن اتان عذاب آيو ته جتان کين خبر به نه هئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جيڪي انهن کان اڳي هئا تن به سازشون ڪيون هيون پوءِ الله انهن جي عمارتن کي پاڙان اُکيڙي ڇڏيو پوءِ انهن تي انهن جي مٿان ڇت ڪري پئي ۽ انهن تي اتان عذاب آيو جتان جي کين سُڌِ سمجھه به نه هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪِي اُنهِيان اڳ هُئا، تن حِيلا ڪَيا هزار، پوءِ آيو سَندنِ اَڏاوت کي، پِيڙهيان پالڻهار، پوءِ ڪِريو سَندنِ ڪَنڌ مَٿان، ڇِت ، ڀِت، ساروبار، ۽ آينِ اُتان آزار، جِتان پاڻ پَروڙِين ڪِين پِيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ کانئن اڳين به ائين رٿون رٿيون هيون، پر الله سندن بڻايل گهرن کي پاڙؤن پٽي ڇڏيو، پوءِ مٿن ڇت اچي پئي ۽ مٿن عذاب اتان آيو، جو کين خيال به نه هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن کان اڳ به ڪيترائي ماڻهو (حق کي هيٺ ڪرڻ لاءِ ) اهڙيون ئي چالبازيون ڪري چڪا هئا، پوءِ ڏسو ته الله سندن مڪر جي عمارت جو بنياد ئي اکيڙي ڇڏيو ۽ ان جي ڇت اچي سندن مٿان پئي ۽ مٿن عذاب اهڙي پاسي کان آيو، جتان کان اچڻ جو گمان ئي نه هئن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان کان اڳي به اهي ماڻهو فريب ڪاريون (حق کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ) ڪري چڪا آهن، پوءِ ڏسو الله انهن جي فريب ڪارين جي پاڙ پٽي اڇلي ڇڏي، ۽ ان جي ڇت انهن تي اچي ڪري مٿان کان انهن جي مٿن تي ۽ اهڙي پاسي کان انهن تي عذاب آيو جتان کان اچڻ جو کين گمان به ڪونه هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ھنن ماڻهن کان اڳ گذري ويل ماڻهن به وڏا ڳجها منصوبا جوڙيا ھئا پر اللھ تعالى انهن جي جوڙيل بنيادن کي ئي پاڙون پٽي ڇڏيو ۽ ان جو وزن انهن جي مٿان ئي ڪري پيو ۽ انهن تي اھڙي طرف کان عذاب آيو جتان کين وھم ۽ گمان به نه ھو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يُخزيهِم وَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تُشٰقّونَ فيهِم قالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ إِنَّ الخِزىَ اليَومَ وَالسّوءَ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 27) |
وري قيامت جي ڏينھن کين خوار ڪندو ۽ چوندو ته (اوھان جا) مون سان ٺھرايل شريڪ جن جي بابت اوھين تڪرار ڪندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ جن کي عِلم ڏنو ويو سي چوندا ته اَڄ انھن ڪافرن تي خواري ۽ بڇڙائي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (ان بعد) قيامت جو ڏينهن (اچڻو آهي. ان ڏينهن هو) انهن (ڪافرن) کي خوار خراب ڪندو ۽ پڇندو ته اڄ اهي هستيون ڪاڏي ويون جن کي توهان مون سان شريڪ بنايو هو ۽ جن جي باري ۾ توهان (حق جي دعوت ڏيندڙن سان) جهڳڙا ڪندا هئو (۽ مخالفت ڪندا هئو؟ ان وقت) اهي ماڻهو جن کي (حقيقت جو) علم ڏنو ويو هو چوندا ته، بيشڪ اڄوڪي ڏينهن جي خواري خرابي سراسر ڪافرن جي لاءِ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ کانپوءِ الله تعالى قيامت جي ڏينهن انهن کي خوار ڪندو ۽ فرمائيندو ته منهنجا شريڪ (هينئر) ڪٿي آهن جن لاءِ توهان (مؤمنن سان) جھڳڙو ڪندا هئا، اهي ماڻهو چوندا جن کي علم ڏنو ويو (پيغمبر ۽ مؤمن) ته بيشڪ اڄ خواري ۽ برائي (جو ذمون) ڪافرن تي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نه رڳو ايترو پر) تنهن کان پوءِ قيامت جي ڏينهن خدا کين خوار ڪندو ۽ فرمائيندو ته (هاڻي ٻڌايو) جنهن کي اوهان منهنجو شريڪ بنايو هو ۽ جن جي باري ۾ اوهين (ايماندارن سان) جهڳڙو ڪندا هئا! سي ڪٿي آهن؟ (اي ڇا جواب ڏيندا! پر) جن ماڻهن کي (خدا جي طرفان) علم ڏنو ويو آهي، چوندا ته اڄوڪي ڏينهن خواري ۽ خرابي (سڀ ڪجھ) ڪافرن تي ئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کان پوءِ قيامت جي ڏينهن خوار ڪندو انهن کي ۽ فرمائيندو ڪٿي آهن شريڪ منهن جا جو جھيڙو ٿي ڪيو اوهان انهن جي باري ۾ چيو انهن جو ڏنا ويا علم بيشڪ خواري اڄوڪي ڏينهن ۾ ۽ برائي ڪافرن تي آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري قيامت جي ڏينهن کين خوار ڪندو ۽ چوندو ته منهنجا هي شريڪ ڪٿي آهن جن جي ڪري اوهين (پاڻ ۾ ) وڙهندا هئا؟ جن کي علم ڏنو ويو آهي سي چوندا ته اڄ ڪافرن تي ذلت ۽ بڇڙائي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وري قيامت جي ڏينهن انهن کي خوار ڪندو ۽ چوندو ته: ”منهنجا اُهي شريڪ ڪٿي آهن؟ جن ڪري اوهان (مؤمنن سان) جھڳڙو ڪندا هئا“؟ اهي ماڻهو جن کي علم ڏنو ويو آهي سي چوندا: ”بيشڪ اڄ خواري ۽ بربادي ڪافرن مٿان آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽِي مَحشر ماڳ ۾، ڪَندنِ خُوب خوار، چي، ڪِٿي جن کي مُنهنجو، ڀانئيان ڀائيوار؟ ۽ ڪندا هُئا ڪيترا، جن ۾ طبل تڪرار، جن کي، عِلم عطا ٿيو، ته وَراڻيون تِنهن وار، ته قائـِم سِر ڪُفار، اَڄ خواريون ۽ خرابيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ قيامت جي ڏينهن الله انهن کي خوار ڪندو ۽ چوندو ته ”اوهان جا اهي شريڪ ڪٿي آهن، جن بابت اوهين جهڳڙو ڪندا هئا؟“ ڄاڻو چوندا ته ”اڄ ڪافرن لاءِ پوري خواري ۽ عذاب آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ قيامت جي ڏينهن الله کين ذليل خوار ڪندو ۽ کين چوندو: "ٻڌايو ڪٿي آهن منهنجا اهي شريڪ جن جي ڪري توهان (ايمان وارن سان) پيا جهڳڙا ڪندا هيؤ؟" جن ماڻهن کي دنيا ۾ علم نصيب ٿيو هو، اهي چوندا: "اڄ خواري ۽ بدبختي آهي ڪافرن لاءِ " (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري قيامت جي ڏينهن به الله کين ذليل ۽ خوار ڪندو ۽ انهن کي چوندو، ٻڌايو هاڻي ڪٿي آهن منهنجا اهي شريڪ جن بابت توهان (حق وارن سان) تڪرار ڪندا هيؤ؟ جن ماڻهن کي دنيا ۾ علم حاصل هو سي چوندا، بيشڪ اڄوڪي ڏينهن ته خواري ۽ بدبختي آهي ڪفر ڪرڻ وارن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري اللھ تعالى کين قيامت جي ڏينھن ذليل ۽ خوار ڪندو ۽ کين فرمائيندو ته: ڪٿي آھن اُھي منھنجا شريڪ، جن جي ڪري توھان منھنجي مؤمن ٻانھن سان وڙھندا ھئا؟ (اللھ تعالى جو خوف رکندڙ ۽) علم وارا چوندا ته بيشڪ اڄوڪو ڏينھن ته ڪافرن لاءِ وڏي رسوائيءَ ۽ عذاب وارو ڏينهن آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم فَأَلقَوُا السَّلَمَ ما كُنّا نَعمَلُ مِن سوءٍ بَلىٰ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28) |
جن جو ملائڪ اھڙيءَ حالت ۾ ساہ ڪڍندا آھن جو پاڻ تي ظالم ھوا، اُھي صُلح پيش ڪندا (۽ چوندا ته) اسان ڪا بڇڙائي نه ڪئي ھئي، (ملائڪ چوندا ته) ھائو! جيڪي اوھين ڪندا ھيؤ سو الله ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن ڪافرن جي لاءِ خواري خرابي آهي جو) جڏهن فرشتن انهن جا روح قبض ڪيا هئا، تڏهن به پنهنجي جانين تي پاڻ پنهنجي هٿن سان ظلم ڪندا رهيا هئا. (يعني موت تائين گناهه ڪندا رهيا) انهيءَ وقت اهي (ڪافر) فرمانبرداري جو اظهار ڪندا. چوندا ته اسان (پنهنجي علم ۽ عقل موجب) ڪابه برائي ڪانه ڪئي. (علم وارا جواب ڏيندا ته توهان غلط آهيو) توهان ضرور برائي ڪئي ۽ جيڪي جيڪي توهان ڪندا رهيا هئو سو الله تعاليٰ خوب ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ڪافر جن جا ساهه ملائڪ ان حالت ۾ ڪڍندا جو اهي پنهنجي نفسن تي ظلم ڪندڙ هوندا، پوءِ اهي (موت وقت) اسلام آڻيندا ۽ چوندا ته اسان ڪو گناه نه ڪيو آهي، ها.! بيشڪ الله تعالى ڄاڻندڙ آهي انهي کي جيڪو اهي عمل ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهي آهن جو جڏهن فرشتا سندن روح قبض ڪرڻ لڳندا آهن (۽) اهي (ڪفر ڪري ڪري) پنهنجو پاڻ تي ظلم وسائيندا رهيا ته اطاعت تي آماده ٿيندڙ نظر اچن ٿا (۽ چون ٿا) اسين ته (پنهنجي خيال ۾) ڪا به برائي ڪين ڪندا هئاسون (ته فرشتا کين چون ٿا) هاءُ! جيڪي اوهان جا ڪڌا ڪرتوت هئا، خدا تن کان بلڪل ڇڱيءَ ريت واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جو وفات ڪرائيندا انهن کي ملائڪ (ان حال ۾ جو) ظلم ڪندڙ هوندا نفسن پنهنجن تي پوءِ ظاهر ڪندا تسليم ڪرڻ کي ته نه ٿي ڪئي سون ڪا برائي هائو بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي اهو سڀ ڪجھ جيڪو ڪندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهي ڪافر) جن جو ملائڪ هن حالت ۾ ساهه ڪڍن ٿا جو اهي پاڻ تي ظلم ڪندڙ آهن پوءِ اهي (پنهنجي) تابعداري پيش ڪندا (چوندا) ته اسين ڪابه بڇڙائي نه ڪندا هئاسون (کين چيو ويندو ته) ائين نه آهي جيڪي اوهين ڪندا هئا تنهن کي الله بيشڪ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو جن جو ملائڪ ان حال ۾ روح قبض ڪن ٿا جو اُهي پنهنجي جانين سان ظلم ڪندڙ آهن اُهي (محشر ڏينهن) فرمانبرداري جو اظهار ڪندا. (چوندا ته): ”اسان دنيا ۾ برائي ڪونه ڪندا هئاسين“. هائو (ڇونه) بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي اوهان جيڪي عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن مَهل مَلَائـِڪ اُنهن کي، مارڻ وارا مُور، ۽ جڏهين پَنهنجي جان تي، ظالِم هُونِ ضرور ته سَٽيئون صُلح جُون ڳالهيون، ته ڪَندا نه هُئا سون قصور، هائو پاڪ حُضور، ڄاڻي جيڪِي به ڪندا هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن جي جان فرشتن ڪفر جي حالت ۾ قبض ڪئي هئي، پوءِ هو صلح جي ڳالهه پيش ڪندا ته ”اسان ڪو به بڇڙو ڪم نه ڪندا هئاسون_“ ڇو نه! بيشڪ الله کي اوهان جي سڀني عملن جي پوري خبر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هائو، انهن ئي ڪافرن لاءِ جيڪي پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندي، جڏهن ملائڪن جي هٿان جهليا وڃن ٿا ته (مستي ڇڏي) هڪدم تابعداري ڏيکارين ٿا ۽ چون ٿا "اسان ته ڪا برائي ئي نه ڪندا هئاسون". ملائڪ کين چون ٿا: "ڪندا ڪيئن نه هيؤ! الله ته توهانجي ڪرتوتن کان پوريءَ طرح واقف آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ئي ڪافر جيڪي گرفتار ٿيندا فرشتن هٿان پنهنجي ظلم سبب نفس تي، اهي (آڪڙ ڇڏي) هڪدم صلح پيش ڪندا ۽ چوندا، اسان ته ڪوبه قصور نه ڪيو هو. (فرشتا چوندا)، بيشڪ الله واقف آهي توهان جي ڪرتوتن کان جيڪي توهان ڪيا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن جو ملائڪ انهن ڪافرن جو پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪرڻ واري حالت ۾ ساهه ڪڍندا آھن ته هو فوراً تابعداري (۽ عاجزي) اختيار ڪندي (ڍنڍورو مچائيندي) چوندا آھن ته اسان ته ڪو به برو ڪم نه ڪندا ھئاسين (کين چيو ويندو ته) توھان جو اھو چوڻ غلط آھي. بيشڪ اللھ تعالى توھان جي ھر بري ڪم کان خوب واقف آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَلَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 29) |
پوءِ دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ ھجو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڪري هاڻي توهان جي لاءِ جهنم آهي، جنهن ۾ دروازي کان (ٽوليون ٽوليون ٿي) داخل ٿي وڃو. توهان کي هميشه لاءِ ان ۾ رهڻو آهي. سو (ڏسو حق جي مقابلي ۾) تڪبر ڪرڻ وارن جي ڪهڙي نه خراب رهڻ جي جاءِ ٿي!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان (ڪافر) جهنم جي دروازن مان داخل ٿيو توهان هميشه انهي ۾رهندا، پوءِ اها تمام خراب جاءِ آهي تڪبر ڪندڙن جي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (چڱو! هاڻي هلو) دوزخ جي دروازن ۾ وڃي داخل ٿيو ۽ ان ۾ هميشه رهندو! نيٺ وڏائي ڪندڙن جو ڪهڙو (نه) بڇڙو ٺڪاڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ داخل ٿيو دروازن جھنم جي کان هميشہ رهندڙ ان ۾ پوءِ البته بري آهي جاءِ هٺيلن جي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جهنم جي دروازن ۾ داخل ٿيو، ان ۾ پيا رهو. پوءِ دوزخ وڏائي ڪندڙن جي بڇڙي جاءِ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اوهان جهنم جي دروازن ۾ داخل ٿيو ان ۾ هميشه رهندؤ. پوءِ وڏائي ڪندڙن جي ڏاڍي بڇڙي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ گِھڙو دَرن دوزخ جي ۾، سَدا مَنجھس بَند، ۽ هَٺِيلن جو هَنڌ، بِلڪُل ڪو بڇڙو ٿيو!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهنڪري جهنم جي دروازن مان جنهن ۾ داخل ٿي وڃو ان ۾ هميشه رهندؤ- هٺيلن لاءِ اها رهڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي وڃو وڃي جهنم جي دروازن ۾ داخل ٿيو. اتي ئي سدائين رهڻو اٿوَ". پوءِ اها ته حقيقت آهي ته ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي وڏائي ڪرڻ وارن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي گهڙي وڃو دروازن ۾ دوزخ جي، اتي توهان کي هميشه رهڻو آهي، حقيقت هيءَ آهي ته برو ٺڪاڻو آهي وڏائي خورن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بس!) توھان جھنم جي دروازن مان اندر داخل ٿي وڃو (ھاڻي) توھان ھميشه ان ۾ ئي پيل رھندا. وڏا ئي ڪرڻ وارن لاءِ (اھا) انتھائي بري جاءِ آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقيلَ لِلَّذينَ اتَّقَوا ماذا أَنزَلَ رَبُّكُم قالوا خَيرًا لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ وَلَنِعمَ دارُ المُتَّقينَ (آيت : 30) |
۽ پرھيزگارن کي چيو ويندو ته ته اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي، چوندا ته چڱائي، جن ھن دنيا ۾ چڱائي ڪئي تن لاءِ چڱائي آھي، ۽ آخرت جو گھر ضرور ڀلو آھي، ۽ پرھيزگارن جو گھر ضرور ڀلو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (جڏهن) متقي ماڻهن کان پڇيو ويندو ته، اها ڪهڙي ڳالهه آهي جا توهان جي پروردگار نازل ڪئي آهي؟ تڏهن هنن چيو ته، بلڪل خير ۽ برڪت جي ڳالهه آهي. (سو ڏسو ته) جن ماڻهن هن دنيا ۾ چڱايون ڪيون تن جي لاءِ (هتي به) چڱائي آهي ۽ يقيناً (هنن لاءِ) آخرت جو گهر به خير ۽ برڪت ئي جو گهر آهي. پوءِ متقي ماڻهن جو (جنت ۾) گهر ڪهڙو نه چڱو گهر ٿيو!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن، ماڻهن کي حڪم ڪيو ويندو جيڪي مؤمن آهن ته توهان جي رب ڇا نازل فرمايو، اهي چوندا ته قرآن ڪريم جنهن ۾ ڀلائي آهي، جن ماڻهن دنيا ۾ ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا انهن لاءِ (آخرت ۾ به) ڀلائي آهي، ۽ آخرت جو گھر (بهشت) بهترين آهي ۽ برابر بهترين گھر آهي پرهيزگارن لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن پرهيزگارن کان پڇيو ويو ته توهان جي پروردگار ڇا نازل ڪيو آهي؟ چون ٿا ته سڀ سٺي کان سٺو. جن ماڻهن نيڪي ڪئي تن لاءِ هن دنيا ۾ (به) ڀلائي (ئي ڀلائي) آهي ۽ آخرت جو گهر ته (تن لاءِ) چڱو ئي آهي. ۽ پرهيزگارن جو (آخرت وارو) گهر ڪهڙو (نه) سٺو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو ويو انهن لاءِ جو متقي بڻيا ته ڇا هي جيڪو نازل ڪيو آهي رب اوهان جي ته چيائون ڀلائي انهن جي لاءِ جو نيڪي ڪيائون هن دنيا ۾ ڀلائي آهي ۽ البته گھر آخرت جو ڀلو آهي ۽ البته ڀلو آهي گھر پرهيزگارن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پرهيزگارن کي چيو ويو ته اوهان جي پاليندڙ ڇا نازل ڪيو آهي؟ انهن چيو ته چٽي ڳالهه! (پوءِ ڏسو ته) جن هن دنيا ۾ ڀلائي ڪئي تن لاءِ ڀلائي آهي ۽ آخرت جو گهر ته گهڻو چڱو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پرهيزگار ماڻهن کي چيو ويو ته توهان جي پروردگار ڇا نازل ڪيو؟ چيائون ”خير“ (چڱي ڳالهه). انهن ماڻهن لاءِ جن هن دنيا ۾ نيڪي ڪئي ڀلائي آهي. ۽ آخرت جو گهر ته گهڻو ڀلو آهي. ۽ پرهيزگارن جو گهر ته بهترين آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پُڇيو وِيو تن کان، جي ڏَريا ڀَر ڏاتار، ڇا اَهنجي ربَّ اُتاريو؟ چي سَڀ ڪُجھ خير قرار؛ جن چَڱِي ڪئي هِن جاءِ ۾، هُت چڱائـِي، تن هارِ، ۽ آهي گَھر آخرت جو ، بِهتر بي شُـمار، ۽ واه جو گَھر گُلزار، مُوچارن ماڻهن جو!!!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شرڪ کان بچن ٿا تن کي چيو وڃي ٿو ته ”اوهان جي رب ڇا نازل ڪيو؟“ چون ٿا ”چڱائي.“ جن ماڻهن نيڪ ڪم ڪيا، انهن لاءِ هن دنيا ۾ به ڀلائي آهي ۽ آخرت ته ان کان به وڌيڪ بهتر آهي ۽ سچ پچ اهو نيڪن لاءِ چڱو گهر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن پرهيزگار ماڻهن کان پڇيو وڃي ٿو ته ڪهڙي شيءِ توهانجي رب نازل ڪئي آهي ته هو جواب ڏين ٿا ته "ڏاڍي ڀلي شيءِ آهي". اهڙي قسم جي سهڻيءَ هلت وارن لاءِ هن دنيا ۾ به ڀلائي آهي ۽ آخرت وارو گهر ته اٿن ئي تمام ڀلو. ڏاڍو ڀلو گهر آهي پرهيزگارن جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٻئي پاسي جڏهن پرهيزگارن کان پڇيو ويندو، ته ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا رب جي طرفان نازل ٿي آهي، ته چوندا بهترين لٿي آهي، ان قسم جي نيڪ ماڻهن لاءِ ته هن دنيا ۾ به ڀلائي آهي ۽ آخرت جو گهر به ضرور انهن جي حق ۾ بهترين آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري پرھيزگارن کان پڇيو ويندو ته توھان جي پالڻھار ڪھڙي شيءِ نازل ڪئي آهي؟ جواب ۾ ھو چوندا ته (اسان جي لاءِ) ڀلائي واري شيءِ نازل ڪئي آهي، جيڪي نيڪ ٻانھا ھوندا انهن جي لاءِ دنيا ۾ به ڀلائي آھي ۽ آخرت جو گهر ته ان کان به بھتر آھي، سو ڏسو ته پرھيزگارن لاءِ ڪيڏو نه بھترين گهر آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُم فيها ما يَشاءونَ كَذٰلِكَ يَجزِى اللَّهُ المُتَّقينَ (آيت : 31) |
جو ھميشه جي رھڻ وارا باغ آھن اُن ۾ گھڙندا انھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس آھي، اھڙي طرح الله پرھيزگارن کي بدلو ڏيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو آخرت جو گهر آهي) دائمي (رحمت ۽ خوشي جا باغ) جن ۾ اهي (متقي) داخل ٿيندا. انهن باغن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن (تنهن ڪري ڪڏهن به سڪي ڪونه وينديون) اهي متقي اتي جيڪي به چاهيندا سو انهن جي لاءِ مهيا ٿي ويندو. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ متقين کي (سندن نيڪ عملن جو) بدلو ڏيندو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بهشت جا دائمي باغ هوندا جن ۾ (اهي مؤمن) داخل ٿيندا جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون انهن بهشتين لاءِ سندن پسند موجب بهشت ۾ هر شيءِ هوندي، الله تعالى پرهيزگارن کي اهڙو ثواب عطا ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي سدا بهار (ساوا ساوا) باغ آهن جن ۾ (يڪدم) وڃي پهچندا جن جي هيٺان واھ وهندا هوندا. ۽ اهي جيڪي چاهيندا تن لاءِ موجود آهي. اهڙي طرح خدا پرهيزگارن کي (سندن نيڪ ڪمن) جي جزا عطا فرمائيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بهشت رهڻ جا جو داخل ٿيندا انهن ۾ وهن ٿيون هيٺيان انهن جي نهرون انهن جي لاءِ انهن ۾ اهو آهي جيڪي گھرندا اهڙي طرح بدلو ڏيندو الله پرهيزگارن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهو پرهيزگارن جو چڱو گهر آهي، هميشه رهڻ جا باغ آهن جن ۾ اهي داخل ٿيندا، انهن جي هيٺان واهه وهن ٿا، اهي جيڪي گهرنداسو انهن لاءِ اتي آهي. اهڙيءَ طرح الله پرهيزگارن کي بدلو ڏئي ٿو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سدا بهار باغ آهن جن ۾ اُهي داخل ٿيندا جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون انهن لاءِ ان ۾ جيڪي چاهيندا سو (موجود) هوندو. اهڙي طرح الله پرهيزگارن کي بدلو ڏئي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀيڙا باغ، باغن ۾، سي وَالارِين وَلهار، هَلن هيٺان، جن جي، واهِيون ويرو تار، جيڪي طَلبِينِ تِنهن ۾، سو تِـنِين لَئي تيار، اِنپر پورهيا پار، ڪِريا تَن، ڪَرِيم ڏيئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي هميشه رهڻ وارن باغن ۾ داخل ٿيندا، جن هيٺان نهرون وهنديون هونديون- جيڪي گهرنداسو ان ۾ کين ملندو بلڪ الله سڀني نيڪن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سدائين رهڻ واريون جنتون، جن ۾ هو داخل ٿيندا، هيٺان واهيون پيون وهنديون ۽ اتي اهو سڀ ڪجهه هوندنِ جيڪي گهرندا، الله پرهيزگارن کي اهڙوئي اجورو ڏئي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏاڍو سٺو هميشه وارين جنتن ۾ داخل ٿيندا انهن هيٺان نهرون وهنديون هونديون۽ سڀڪجهه اتي سندن مرضي مطابق ٿيندو جيڪي هو چاهيندا، اهڙيءَ طرح ئي بدلو ڏيندو آهي الله پرهيزگارن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھو ھميشه رھڻ وارن باغن ۾ داخل ٿيندا جن جي ھيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وھنديون ۽ انهن ۾ سندن خواھش مطابق ھر شيءِ موجود ھوندي. اللھ تعالى پرھيزگار ماڻهن کي اھڙو ئي اجر ڏيندو آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ تَتَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ طَيِّبينَ يَقولونَ سَلٰمٌ عَلَيكُمُ ادخُلُوا الجَنَّةَ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 32) |
(اِھي اُھي آھن) جن کي ملائڪ پاڪ حالت ۾ ماريندا آھن (ملائڪ) چوندا آھن اَلسّلامُ عليڪم جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن سببان بھشت ۾ گھِڙو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (متقي) جن کي فرشتا هن حال ۾ موت ڏين ٿا جو (هو دل جي آرام ۽ ايمان جي يقين سببان) خوشحال ٿين ٿا. فرشتا کين چون ٿا ته توهان تي سلامتي هجي، جنت ۾ داخل ٿي وڃو. اهو نتيجو آهي انهن (نيڪ) ڪمن جو جي توهان ڪندا رهيا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جن ماڻهن جا فرشتا ساهه ڪڍن ٿا ان حالت ۾ جو اهي الله تعالى ڏانهن متوجه هوندا، انهن کي ملائڪ چوندا ته توهان تي سلام آهي، توهان بهشت ۾ داخل ٿيو انهي سببان جو توهان نيڪ عمل ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهي ماڻهو آهن جن جا روح فرشتا اهڙي حالت ۾ قبض ڪن ٿا جو اهي (ڪفر جي نجاست کان) پاڪ صاف هوندا آهن ته فرشتا کين (تمام خوشيءَ مان) چون ٿا سلام عليڪم جيڪي (نيڪيون دنيا ۾) اوهين ڪندا هئا تنهن جي عوض جنت ۾ (بي ڌڙڪ) هليا وڃو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جو وفات ڪرائين ٿا انهن کي ملائڪ پاڪ صاف هوندڙ چوندن سلام آهي اوهان تي داخل ٿيو بهشت ۾ عوض ان جي جيڪي عمل ڪيا هيو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهي پرهيزگار) جن جو ساهه ملائڪ هن حال ۾ ڪڍن ٿا جو اهي پاڪ آهن. ملائڪ (کين) چوندا ته اوهان تي سلامتي آهي جيڪي اوهين ڪندا هئا تنهن جي ڪري جنت ۾ داخل ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي (پرهيزگار) ماڻهو جن جو ملائڪ ان حال ۾ ساهه ڪڍن ٿا جو اُهي پاڪيزه آهن، (ملائڪ) چوندا ته: ”توهان تي سلامتي آهي جنت ۾ داخل ٿيو انهن عملن جي سبب جيڪي توهان ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَلڪ مارِين، جن کي تَه سَرها مَنجھ سَرِير، سَدا سلام اوهان تي، کِليو ڏِين کِير، گِھڙو باغ بِهشت ۾، مَنجھ جَنت جي جاگير، سبب تِنهن سُڌير! جيڪِي ڪم ڪَندا هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن جي روحن کي جڏهن فرشتا قبض ڪن ٿا ته انهن کي چون ٿا ”السلام عليڪم، اوهين جنت ۾ گهڙو، پنهنجن ڪمن سبب.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن پرهيزگارن کي جن جا روح سندن پاڪ هئڻ جي حالت ۾ جڏهن ملائڪ قبض ڪن ٿا ته چون ٿا: "سلام هجي توهانتي هليا وڃو جنت ۾، پنهنجن عملن جي بدلي ۾" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن پرهيزگارن جا روح پاڪ حالت ۾ جڏهن فرشتا قبض ڪندا آهن ته چوندا آهن، سلام هجي توهان تي، داخل ٿي وڃو جنت ۾ پنهنجن (سهڻن) عملن جي ڪري جيڪي ڪندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري جڏھن ملائڪ (پرھيزگار ماڻهن جو شرڪ کان) پاڪ حالت ۾ ساهه ڪڍندا آھن ته ملائڪ کين چوندا آھن ته: السلام عليڪم (توھان جي مٿان سلامتي ھجي) توھان پنھنجي اعمال جي بدلي ۾ جنت ۾ داخل ٿي وڃو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن تَأتِيَهُمُ المَلٰئِكَةُ أَو يَأتِىَ أَمرُ رَبِّكَ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 33) |
ڪافر (موت جي) ملائڪن جي پاڻ وٽ اچڻ يا تنھنجي پالڻھار (جي عذاب) جي حُڪم اچڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪو انتظار نه ڪندا آھن، جيڪي کائن اڳ ھوا تن به اھڙي طرح ڪيو ھو، ۽ الله مٿن ظلم نه ڪيو پر اُھي پاڻ تي ظلم ڪندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر) هي ماڻهو جو انتظار ڪري رهيا آهن، سو ڪهڙيءَ ڳالهه لاءِ انتظار ڪري رهيا آهن، سواءِ هن ڳالهه جي ته فرشتا هنن ڏانهن لهي اچن يا تنهنجي پروردگار جو (مقرر) حڪم ظهور ۾ اچي؟ ائين ئي انهن ماڻهن به ڪيو هو، جيڪي کانئن اڳي ٿي گذريا آهن (جو سرڪشي ۽ فساد کان باز نه آيا، تان جو خدائي حڪم يعني شڪست ۽ عذاب مٿن اچي ڪڙڪيو) ۽ الله تعاليٰ مٿن ظلم ڪونه ڪيو هو، بلڪ هو پاڻ ئي پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ڪافر نٿا انتظار ڪن مگر اهو ته انهن تي عذاب وارا ملائڪ لهن يا توهان جي رب جو عذاب انهن تي اچي، اهڙيءَ طرح انهن کان اڳين ماڻهن به اهڙا ڪم ڪيا، ۽ الله تعالى انهن تي ظلم نه ڪيو پر انهن جي نفسن پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ڇا هي (اهل مڪه) هن ڳالھ جا منتظر آهن ته انهن ڏي (روح قبض ڪرڻ لاءِ) فرشتا اچي رسن يا (هلاڪ ڪرڻ جو) تنهنجي پروردگار جو عذاب ئي اچي وڃين. جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ ٿي گذريا آهن سي اهڙيون ڳاليهون ڪري چڪا آهن ۽ خدا مٿن (ذرو به) ظلم نه ڪيو پر اهي ماڻهو خود (ڪفر جي ڪري) پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿا انتظار ڪن مگر هن جو ته اچن انهن وٽ ملائڪ يا اچي انهن وٽ امر تنهنجي رب جو اهڙي طرح ڪيو انهن جيڪي هئا، اڳي انهن کان ۽ نه ظلم ڪيو انهن سان الله ۽ پر (پاڻ) نفسن پنهنجن تي ظلم ڪيائون ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪافر رڳو هن ڳالهه جو انتظار ڪن ٿا ته ملائڪ وٽن اچن يا تنهنجي پاليندڙ جو حڪم اچي اهڙيءَ طرح انهن کان اڳين به ڪيو. ۽ الله مٿن ظلم نه ڪيو پر اهي پاڻ تي ظلم ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ڪهڙي شيءِ جو انتظار ڪن ٿا؟ سواءِ هن جو انهن وٽ ملائڪ اچن يا تنهنجي پالڻهار جو حڪمِ (عذاب) اچي. اهڙي طرح انهن کان اڳين به ائين ڪيو هيو. ۽ الله انهن تي ظلم نه ڪيو هيو ۽ پر پاڻ پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڪَڍنِ اِنتظار، مگر مَلائـِڪ اُنهن تي، اَچن، ڪِ اَچينِ اَمر ڪو، سَندءِ رَبَّ، ستار، اُنهِيان اَڳين اِينءَ ڪيو، ۽ نه ڏُ کويُن ڏاتار، پر پاڻهِي ڪندڙ پاڻ سان، هُئا هاڃيڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اهي اهو انتظار پيا ڪن، ته وٽن (موت جا) فرشتا اچن يا تنهنجي رب جو (قيامت جو) حڪم اچي؟ جيڪي هنن کان اڳ هئا، تن به ائين ئي ڪيو هو- انهن تي الله ذرو به ظلم نه ڪيو، پر هو پاڻ ئي پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! هاڻي هي ماڻهو انهيءَ کانسواءِ ڀلا ٻئي ڪنهن جو ٿا انتظار ڪن ته يا ته وٽن ملائڪ اچن يا وري تنهنجي رب جو فيصلو اچي ڪڙڪينِ؟ اهڙو ضد هن کان اڳ گهڻائي ماڻهو ڪري چڪا آهن، پوءِ جيڪي ڪجهه ساڻن ٿيو اهو ڪو مٿن الله جو ظلم نه هو، پر ظلم هنن پاڻ تي پاڻ ڪيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) هاڻي جو اهي ماڻهو انتظار ڪري رهيا آهن ته ان کان سواءِ باقي ڇا رهيو ته فرشتا اچي پهچن يا تنهنجي رب جو فيصلو صادر ٿئي؟ اهڙي قسم جو نٺرپڻو انهن ماڻهن کان اڳ ڪيترا ئي ڪري چڪا آهن، ۽ پوءِ جيڪو ڪجهه ظلم انهن تي ٿيو الله جو نه هو پر سندن پنهنجو ئي هو جيڪو انهن پاڻ سان ظلم ڪيو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ڇا (مڪي جا هي ماڻهو) ان انتظار ۾ آھن ته ھاڻي وٽن رڳو ملائڪ (ساهه ڪڍڻ لاءِ) اچي حاضر ٿين يا تنھنجي پالڻھار جو (مٿن) عذاب ئي اچي، بلڪل اهڙو ئي رويو انهن کان اڳ گذري ويل ماڻهن جو به ھو، اللھ تعالى مٿن تِر جيترو به ظلم نه ڪيو هو بلڪ انهن خود پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ھو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 34) |
پوءِ کين سندن ڪرتوتن جي بڇڙائي پھتي ۽ جنھن لاءِ ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين ويڙھي ويئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نتيجو هي نڪتو جو جهڙا هنن جا عمل هئا تهڙيون مصيبتون مٿن اچي ڪڙڪيون ۽ جنهن ڳالهه تي مسخريون ڪندا هئا (۽ چوندا هئا ته عذاب ايندو ئي ڪونه) سو عذاب انهن کي گهيرو ڪري ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ سندن بداعماليءَ جي سزا کين پهتي ۽ انهن کي انهي عذاب اچي گھيريو جنهن جي مذاق ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جي جي ڪڌا ڪرتوت سندن هئا تن جي سزا ۾ برا نتيجا کين مليا ۽ جنهن (عذاب تي) ٽوڪ ڪندا هئا تنهن کين (چئني پاسن کان) اچي ورتو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پهتيون انهن کي برايون ان جون جيڪي ڪيائون ۽ گھيراءُ ڪيو انهن جو، انهيءَ جنهن سان چٿر ڪيائون ٿي . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سندن بڇڙن عملن جي جزا کين پهتي ۽ جنهن ڳالهه تي ٺٺولي ڪندا هئا سا مٿن اچي ڪڙڪي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ سندن بڇڙن عملن جي سزا کين پهتي ۽ ان (عذاب) کين اچي گهيريو جنهن تي ٺٺول ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ رَسينِ رسوائي تِنهنجي، جي ڪيائون ڪم ڪار، جِنهن تي کِلندا هُئا خُوار، تِنهن ڀيري هَنين ڀَن۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آخر کين بڇڙن ڪمن جي سزا ملي ۽ ان عذاب کين ورتو، جنهن تي هو ٺٺوليون ڪندا هئا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ سندن عملن جون ئي خرابيون نيٺ ڳچيءَ ۾ پئجي وين ۽ اهائي شيءِ کين وڪوڙي وئي، جنهن تي پيا ٺٺوليون ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي ڪرتوتن جون خرابيون آخرڪار انهن کي ئي وڪوڙي ويون اها ئي شيءِ مٿن طاري ٿي وئي جنهن تي اهي ٺٺوليون ڪندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ سندن برايون سندن ئي ڳچيءَ ۾ پئجي ويون ۽ جنھن عذاب تي هو ٽوڪون ڪندا ھئا سو ئي عذاب مٿن اچي ڪڙڪيو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ الَّذينَ أَشرَكوا لَو شاءَ اللَّهُ ما عَبَدنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ نَحنُ وَلا ءاباؤُنا وَلا حَرَّمنا مِن دونِهِ مِن شَيءٍ كَذٰلِكَ فَعَلَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَهَل عَلَى الرُّسُلِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 35) |
۽ مُشرڪ چوندا آھن ته جيڪڏھن الله گھري ھا ته اُن ڌاران ڪا شيء نڪي اسين پوڄيون ھا ۽ نڪي اسان جا ابا ڏاڏا (پوڄين ھا) ۽ نڪي اُن جي حُڪم کانسواءِ ڪا شيء حرام ڪريون ھا، اھڙي طرح جيڪي کائن اڳ ھوا تن به ڪيو ھو، پوءِ پيغمبرن تي پڌري (پيغام) پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي لازم) نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مشرڪ چون ٿا ته، جڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته، ڪڏهن به ائين نه ٿئي ها جو اسان يا اسان جا ابا ڏاڏا الله کانسواءِ ٻين هستين جي پوڄا ڪن ها، نڪي ائين ٿئي ها جو سندس حڪم کان سواءِ ڪنهن شيء کي حرام ٺهرايون ها. اهڙي ئي روش انهن ماڻهن به اختيار ڪئي هئي جيڪي کانئن اڳي ٿي گذريا آهن. پوءِ (ٻڌايو ته) پيغمبرن جي ذمي هن کان سواءِ ٻيو ڇا آهي ته حق جو پيغام صاف صاف پهچائي ڏين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مشرڪ چون ٿا ته جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته اسين ۽ اسان جا وڏا الله کان سواءِ ڪنهن شيءِ جي عبادت نه ڪريون ها، ۽ الله جي حڪم کان سواءِ اسين ڪنهن شيءِ کي حرام نه ڪريون ها، انهن کان اڳين ماڻهن به اهڙي طرح ڪيو هو، پوءِ پيغمبر تي ته فقط الله تعالى جو واضح پيغام پهچائڻ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ مشرڪ چون ٿا ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته نه ئي اسين ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت ڪريون ها ۽ نه اسان جا پيءُ ڏاڏا ۽ نه اسين سندس (مرضي) کان سواءِ ڪنهن شيءِ کي حرام ڪريون ها، اهڙي طرح جيڪي انهن کان اڳ ٿي گذريا آهن اهي به اهڙا (حيلا بهانا) ڪري چڪا آهن ته (ڀلي چون) پيغمبرن تي هن کان سواءِ ته (اهي) احڪام کي صاف صاف ٻڌائين، ٻيو ڪجھ به (بار) نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو انهن جو شرڪ ڪيائون ته جيڪڏهن گھري ها الله ته نه عبادت ڪيون ها ان کانسواءِ ڪنهن به شيءِ جي اسين ۽ نه ابا ڏاڏا اسان جا ۽ نه حرام ڪيون ها اسين ان (جر امر) کانسواءِ ڪا شيءِ اهڙي طرح ڪيو انهن جو (هئا) اڳي انهن کان پوءِ ناهي رسولن جي مٿان مگر (پيغام) پهچائڻ پڌرو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مشرڪن چيو ته جيڪڏهن الله گهري ها ته ان کانسواءِ نه اسين نه اسان جا ابا ڏاڏا ڪنهن شيءِ جي بندگي ڪريون ها ۽ نه اسين ان جي حڪم کانسواءِ ڪا شيءِ حرام ڪريون ها. انهن کان اڳين به ائين ڪيو. پوءِ رسولن کي رڳو ظاهر پيغام پهچائڻو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مشرڪ ماڻهو چون ٿا ته : ”اگر الله چاهي ها ته اسان ان کان سواءِ ڪنهن شيءِ جي پوڄا نه ڪيون ها نه اسان ۽ نه اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نه اسان ان جي حڪم کان سواءِ ڪا شيءِ حرام ڪيون ها“. اهڙي طرح انهن کان اڳين ماڻهن به ائين ڪيو هيو. پوءِ رسولن تي (الله جا احڪام) کولي کولي پهچائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جن ٻِيا گَڏيا، تن ٻوليو، ته گُھريو هُوند غفار، ته اسان ، نه اَبن اسان جي، ڪنهن پُوڄيو اُنهِيان ڌار، ۽ نه روڪيوسون ڪنهن شئِ ڪنان، ري اُن جي اختيار، اِنهن ڪَنان اَڳين پڻ، ڪيا اِيئن ڪم ڪار، ناهي نَبِين تي بار، مگر پُهچائڻ پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ شرڪ ڪندڙ چون ٿا ته ”جي الله گهر ي ها ته، اسين خواهه اسان جا وڏا ان کانسواءِ نڪي ڪنهن جي عبادت ڪريون ها ۽ نڪي سندس حڪم کان سواءِ ڪنهن شيءِ کي حرام چئون ها!“ جيڪي (ڪافر) کانئن اڳ گذري چڪا آهن، انهن به ائين ئي ڪيو، پوءِ رسولن تي ته رڳو حڪمن کي صاف صاف پهچائڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي مشرڪ چون ٿا ته "جيڪڏهن الله گهري ها ته، نه اسان ۽ نڪي اسانجا ابا ڏاڏا هن کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت ڪريون ها ۽ نه وري سندس حڪم بنا ڪنهن شيءِ کي حرام ڪيون ها". اهڙا بهانا ته هنن کان اڳ ٿي گذريل ماڻهو به ڪندا هئا، پوءِ ڀلا رسولن تي صاف چٽي نموني ۾ ڳالهه پهچائي ڇڏڻ کانسواءِ به ڪا ٻي ذميواري آهي ڇا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چوندا آهن اهي مشرڪ ته جيڪڏهن چاهي ها الله ته نه اسين عبادت ڪريون ها ڪنهن به ٻي شيءِ جي اسان ۽ نه اسان جا ابا ڏاڏا، ۽ نه ان جي حڪم کان سواءِ حرام چئون ها ڪنهن شيءِ جي لاءِ، اهڙا ئي بهانا ٺاهيندا هئا انهن کان اڳيان ماڻهو اڳي ڀي، ته ڇا رسولن تي صاف ڳالهه پهچائڻ کان سواءِ ٻي به ڪا ذميواري آهي ظاهر ظهور؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ مشرڪ چون ٿا ته جيڪڏھن اللھ تعالى کي منظور ھجي ھا ته اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا ڪڏھن به ان کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪن ھا ۽ نه ئي اسان ان جي حڪم کان سواءِ ڪنھن شيءِ کي حرام ڪريون ھا. اھڙي ئي روش انهن کان اڳ گذري ويل ماڻهن به اختيار ڪئي ھئي (ڳالھ صاف ظاھر آھي ته) رسولن جي ذمي رڳو اللھ تعالى جا حڪم پھچائڻا ھوندا آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد بَعَثنا فى كُلِّ أُمَّةٍ رَسولًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاجتَنِبُوا الطّٰغوتَ فَمِنهُم مَن هَدَى اللَّهُ وَمِنهُم مَن حَقَّت عَلَيهِ الضَّلٰلَةُ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 36) |
۽ بيشڪ سڀڪنھن ٽولي ۾ (ھڪ) پيغمبر موڪليوسون ته الله جي عبادت ڪريو ۽ بتن (جي پوڄا) کان پري ٿيو، پوءِ منجھائن ڪي اھڙا آھن جن کي الله ھدايت ڪئي ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جن تي گمراھي ثابت ٿي، پوءِ مُلڪن ۾ گھُمو وري ڏسو ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان (دنيا جي) هر امت ۾ ڪوئي نه ڪوئي رسول ضرور پيدا ڪيو (انهيءَ لاءِ ته انهيءَ حق جي پيغام جو اعلان ڪري) ته الله جي ٻانهپ ڪيو ۽ سرڪش (شيطاني) قوتن کان بچو. پوءِ انهن امتن مان ڪي اهڙيون هيون جن لاءِ الله تعاليٰ (ڪاميابيءَ جي) راهه کولي ڇڏي ۽ ڪي اهڙيون هيون جن تي گمراهي ثابت ٿي ويئي. (يعني جن سمجهه ڪم آندي ۽ حقيقت کي قبول ڪيائون تن کي خدا به چڱيءَ واٽ تي آندو، پر جن تڪبر ۽ خود غرضي سببان عقل ئي ڪم نه آندو ۽ پنهنجي ضد تي قائم رهيا تن کي خدا به گمراهه ڪري ڇڏيو ۽ اهي گمراهيءَ جي لائق هئا) پوءِ توهان ملڪن جو سير ڪيو ۽ ڏسو ته جيڪي قومون (سچائي کي) رد ڪرڻ واريون هيون تن جي پڇاڙي (آخرت) ڪهڙي نه خراب ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق اسان هر امت ۾ رسول موڪليو ته توهان الله تعالى جي عبادت ڪريو ۽ الله کان سواءِ ڪنهن معبود جي عبادت نه ڪريو، پوءِ انهن مان ڪن ماڻهن کي الله تعالى هدايت ڏني ۽ ڪن ماڻهن تي گمراهي ثابت ٿي، پوءِ توهان زمين ۾ سير ڪريو پوءِ توهان ڏسو ته پيغمبرن کي ڪوڙو سمجھندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان هر امت ۾ هڪ (نه هڪ) رسول ضرور موڪليو (ته اهي ماڻهن کي چوي) ته خدا جي عبادت ڪريو ۽ بتن جي (پوڄا پاٽ) کان بڇندا رهو. مطلب ته انهن مان ڪن جي ته خدا هدايت ڪئي ۽ ڪن (جي سر) تي گمراهي سوار ٿي ويئي. ته ٿورو اوهين روءِ زمين تي گهمي ڦري ڏسو ته (خدا جي پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق موڪليوسون هر امت ۾ پيغمبر ته عبادت ڪيو الله جي ۽ بچو بتن کان پوءِ ڪي انهن مان اهي آهن جو هدايت ڪئي (انهن کي) الله ۽ ڪي انهن مان اهي آهن جو ثابت ٿي انهن تي گمراهي پوءِ سير ڪيو زمين ۾ پوءِ ڏسو ته ڪهڙي ٿي هئي پڇاڙي ڪوڙو چوندڙن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان سڀڪنهن جماعت ۾ ڪونه ڪو رسول موڪليو (ته کين چوي) ته الله جي عبادت ڪريو ۽ بتن (جي عبادت) کان بچو! پوءِ انهن مان ڪنهن کي الله رستو ڏيکاريو ۽ انهن مان ڪنهن تي گمراهي ثابت ٿي. پوءِ زمين ۾ اوهين سير ڪريو پوءِ ڏسو ته ڪوڙي ڪندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان هر امت ۾ هڪ رسول موڪليو ته (هن لاءِ ته انهن کي امر ڪري ته) ”الله جي عبادت ڪيو ۽ بتن کان بچو“. پوءِ انهن مان ڪنهن کي الله هدايت ڪئي ۽ انهن مان ئي ڪنهن تي گمراهي ثابت ٿي. پوءِ اوهان زمين ۾ سير ڪيو پوءِ ڏسو ته ڪوڙو چوڻ وارن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي!!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُڪو سون هر ميڙ ۾، مُرسل، ڪو مَهندار، ته پُوڄيو پَرور پاڪ کي، ۽ ٿيو بُتن کان بيزار، پوءِ تن مان سُهائـِي ڪن سَنئـِين، سائينءَ رَبَّ، ستار، مَنجھانئُن، مُونجھارو ڪِن مَٿي، بِيٺو برقرار، پوءِ مُلڪ گُھمو مُورهِين، پوءِ ڪريو نِرت نِهار، ته ڪِنهن پَر پويان پار، ڪوڙن ڪافرن جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان هر ڪنهن امت ۾ ڪو نه ڪو رسول موڪليندا رهياسون ته اوهين خاص الله جي عبادت ڪريو غير کان بچندا رهو. پوءِ انهن مان ڪن کي الله هدايت ڏني ۽ ڪن بابت گمراهيءَ جو ثبوت مليو- پوءِ زمين ۾ ڦرو ۽ ڏسو ته ڪوڙ ڪندڙن جي ڪهڙي پڇاڙي ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هر امت ۾ هڪ رسول موڪليو ۽ ان جي وسيلي کين خبردار ڪيو ته "الله جي بندگي ڪريو ۽ طاغوت کان پاسو ڪريو". پوءِ انهن مان ڪنهن کي الله هدايت ڪئي ۽ ڪنهن تي گمراهي مڙهجي وئي. پوءِ زمين ۾ گهمي ڦري ڏسو ته ڪوڙ ڀانئيندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان موڪليو هو هر ڪنهن امت ۾ هڪ رسول ۽ ان وسيلي سڀني کي خبردار ڪيو ته، بندگي ڪريو الله جي ۽ بچو طاغوت جي پوڄا کان، ان کان پوءِ انهن مان ڪن کي هدايت بخشي الله ۽ انهن مان ڪن تي طاري ٿي وئي گمراهي، پوءِ ٿورو گهمي ڦري ڏسو زمين ۾ پوءِ ڏسو ته ڪهڙي پڇاڙي ٿي ڪوڙو چوڻ وارن جي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان ھر امت (۽ قوم) ۾ ڪو نه ڪو رسول سڳورو ضرور موڪليو آهي، جنهن قوم کي اللھ تعالى جي بندگي ڪرڻ ۽ شيطان جي پوڄا ڪرڻ کان منع فرمايو هو، پوءِ انهن ماڻهن مان ڪن کي اللھ تعالى (سھڻن روين جي ڪري) ھدايت ڏني ۽ ڪن جي مٿان (خراب روش جي ڪري) گمراھي مسلط ٿي وئي. پوءِ زمين ۾ گهمي ڦري ڏسو ته رسولن کي ڪوڙو ڪرڻ وارن جو ڪھڙو انجام ٿي چڪو آھي؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن تَحرِص عَلىٰ هُدىٰهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن يُضِلُّ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 37) |
(اي پيغمبر) جيڪڏھن ھنن کي ھدايت ڪرڻ لاءِ حرص ڪندين (ته منجھائن ڪوبه فائدو نه آھي) ڇوته الله جنھن کي گمراھ ڪندو آھي تنھن کي ھدايت نه ڪندو آھي ۽ انھن جو ڪوبه مددگار نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون هنن ماڻهن جي هدايت لاءِ ڪيترو به خواهشمند ٿيئن. پر (هو هدايت ڪونه وٺندا، ڇو ته) الله تعالي انهيءَ ماڻهو لاءِ (ڪاميابيءَ جي) راهه ڪڏهن به نٿو کولي جنهن لاءِ (سندس ضد ۽ سرڪشيءَ سببان) راهه گم ڪري ٿو ڇڏي. ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ ڪوئي مددگار به ڪونهي (جو کين بدعملن جي نتيجن کان بچائي وٺي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن توهان انهن جي هدايت لاءِ حرص ڪريو ٿا پوءِ بيشڪ الله تعالى گمراه کي هدايت نٿو ڏي، ۽ انهن جا ڪير به مددگار ناهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) جيڪڏهن تو کي انهن کي سڌي راھ تي آڻڻ جي تمنا آهي (ته اجائي آهي ڇو ته) خدا ڪڏهين به ان شخص جي هدايت نه ڪندو جنهن کي (نا اهل هئڻ سبب) گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ نه انهن جو ڪو به مددگار آهي. (جو عذاب کان بچائين)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن حرص ڪندين هدايت انهن جي تي پوءِ بيشڪ الله نه ٿو هدايت ڏي جنهن کي گمراھ ٿو ڪري ۽ ناهن انهن جي لاءِ ڪي مددگار.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن تون انهن کي رستي تي آڻڻ جو حرص ڪندين (ته ڇا فائدو؟) ڇو ته الله جنهن کي گمراهه ڪرڻ گهري ٿو تنهن کي رستو نه ٿو ڏيکاري ۽ نه ڪي انهن جا ڪي مددگار آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن تون انهن کي رستي تي آڻڻ جو حرص رکين پوءِ بيشڪ الله جنهن کي گمراهه ڪري ڇڏي ٿو ته ان کي هدايت نه ٿو ڏئي ۽ انهن لاءِ ڪو مددگار نه هوندو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي سَڌِين سَندنِ سُونهپ تي، ته اُنهن کي اَلله، سَنئـِين نه سُهائي ، جن کي، ڪَيئـِين گَس ڪنان گُمراه، ۽ وَهر، وَسِيلو واھ، توڙان ناهي، تن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن توکي انهن لاءِ سنئين رستي تي اچڻ جي خواهش آهي، ته الله ان کي هدايت نٿو ڪري جنهن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ انهن جو ڪو مددگار نه هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! تون کڻي انهن جي هدايت لاءِ ڪيڏي به خواهش ڇو نه ڪندو هجين، پر جنهن کي الله گمراهه ڪري ڇڏيندو آهي ته پوءِ ان کي هدايت تي نه آڻيندو آهي ۽ اهڙن ماڻهن جي مدد ڪوبه نٿو ڪري سگهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) تون کڻي ڪيترو ئي حرص ڪندڙ هجين انهن جي هدايت جو، پر الله هدايت نه ڏيندو آهي جنهن کي گمراهه ڪندو آهي ۽ ڪوبه انهن لاءِ نٿو ٿي سگهي مددگار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) بيشڪ توھان کي اھڙن ماڻهن جي ھدايت واري واٽ تي اچڻ جي ڪيتري به تمنا ھجي پر اللھ تعالى جنھن لاءِ (پنھنجي حڪمت تحت) گمراھيءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيندو آھي ته، ان کي ھدايت نه ملندي آھي ۽ اھڙن ماڻهن لاءِ ڪير به مدد ڪرڻ وارو نه هوندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لا يَبعَثُ اللَّهُ مَن يَموتُ بَلىٰ وَعدًا عَلَيهِ حَقًّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 38) |
۽ الله جو پڪي طرح قسم کنيائون ته جيڪو مرندو تنھن کي الله وري نه جياريندو، ھائو! (وري جياريندو) اُن ڳالھ تي پڪ وعدو ٿي چڪو آھي مگر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) انهن ماڻهن الله جا سخت ۾ سخت قسم کڻي چيو ته، جيڪو مري ٿو وڃي تنهن کي الله ٻيهر ڪڏهن به نه اٿاريندو. (هو غلط آهن) خدا ضرور ٻيهر اٿاريندو. اهو سندس واعدو آهي. ۽ ان جو پورو ڪرڻ مٿس لازم آهي. پر اڪثر ماڻهو اهڙا آهن جو هن ڳالهه جو علم (ئي) ڪونه اٿن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي الله تعالى جا پڪا قسم کڻن ٿا، ته جنهنکي الله موت ڏئي ٿو ان کي ٻئي دفعي ڪونه اٿاريندو، ها.! الله تعالى جو وعدو (اٿارڻ جو) سچو آهي پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ڪافر خدا جا (جيترا) قسم کڻي سگهن ٿا ته جو شخص مري وڃي ٿو ان کي خدا ٻيهر جيئرو نه ڪندو. (اي رسول! کين) چئو ته هاءُ ضرور جيئرو ڪندو) هن تي پنهنجي وعدي (جي وفا ڪرڻ) لازمي ۽ ضروري آهي پر ڪيترائي ماڻهو نٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قسم کنيائون الله جا پڪا قسم پنهنجا ته نه اٿاريندو الله ان کي جو مرندو هائو وعدو ان تي پڪو آهي ۽ پر اڪثر ماڻهو نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن پاڻ الله جا نهايت پڪا قسم کنيا ته جيڪو به مري ٿو تنهن کي الله جيئرو ڪري نه اٿاريندو. ڇو نه (اٿاريندو)؟ ان وعدي کي الله پاڻ تي لازم ڪري چڪو آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي الله جا پڪا پختا قسم کڻن ٿا ته: ” جيڪو مري ٿو الله ان کي جيئرو ڪري نه اٿاريندو“. هائو (ڇونه اٿاريندؤ؟) ان وعدي کي اللهُ پاڻ تي لازم ڪري چڪو آهي پر گھڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کَنيائون سُنهن سائـِينءَ جو، سَندن سعيو سونهن تَمام، ته اَلله نَه اُٿارِيندو اُن کي، جو، مُئو، ته مُئو مُدام، هائو حَق پارڻو، اُنهِئ تي اَنجام، پر اَڪثر ماڻهو عام، صفا سَمجھَن ڪِين ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي زور زور سان الله جو قسم کڻن ٿا ته، ”مري ويل الله جيئرو نه ڪندو_“ ڇو نه؟ ان وعدي جو ته الله ذمون کنيو آهي، مگر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو الله جا ڏاڍا پڪا قسم کڻي چون ٿا ته "الله ڪنهن به مئل کي وري جيئرو ڪري نه اٿاريندو". اٿاريندو ڇو نه؟ اهو ته هڪڙو وعدو آهي، جنهن جو پورو ڪرڻ هن پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو آهي پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ماڻهو وڏا قسم الله جي نالي جا کڻي چوندا آهن ته، نه اٿاريندو آهي الله وري جيئرو ڪري ڪنهن به مرڻ واري کي، اٿاريندو ڇو نه! اهو ته وعدو سچو آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لازم آهي پر گهڻا ماڻهو اهو نٿا ڄاڻن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي ماڻهو ته اللھ تعالى جا وڏا وڏا قسم کڻي چون ٿا ته اللھ تعالى مرڻ وارن کي ٻيھر جيئرو نه ڪندو (آخر ڇو نه ڪندو؟) ٻيھر جيئرو ڪرڻ لاءِ ته اللھ تعالى خود پڪو وعدو ڪيو آھي پر گهڻا ماڻهو ان کي سمجهن ئي نٿا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذى يَختَلِفونَ فيهِ وَلِيَعلَمَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم كانوا كٰذِبينَ (آيت : 39) |
ھن لاءِ (وري جياريندو) ته جنھن بابت تڪرار ڪندا آھن سو انھن کي پڌرو ڪري ٻڌائي ۽ ته ڪافر ڄاڻن ته اُھي (پاڻ) ڪُوڙا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله تعاليٰ ضرور ماڻهن کي قيامت لاءِ اٿاريندو) هن لاءِ ته جن ڳالهين ۾ ماڻهو اختلاف ڪن ٿا تن ڳالهين جي حقيقت (ان ڏينهن ڪافرن لاءِ به) چٽي ڪري ڇڏي ۽ پڻ هن لاءِ ته منڪرن کي خبر پوي ته هو (سچ پچ غلط ۽) ڪوڙا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته الله تعالى انهن لاءِ بيان ڪري جنهن ڳالهه ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا ۽ ان لاءِ ته ڪافر معلوم ڪن ته بيشڪ اهي ڪوڙا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (ٻيو ڀيرو جيئرو ڪرڻ هن ڪري ضروري آهي جو) جن ڳالهين ۾ اهي ماڻهو (پاڻ ۾) اختلاف ڪندا آهن تن کي سندن سامهون صاف صاف کوليندو ۽ جيئن ڪافر ڄاڻن ته اهي (دنيا ۾) ڪوڙا ڪاذب هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته بيان ڪري انهن جي لاءِ جو اختلاف ڪن ٿا ان ۾ ۽ تانته ڄاڻن اهي جو ڪفر ڪيائون ته بلاشڪ اهي هئا ڪوڙا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ (اٿاريندو) ته جنهن ڳالهه ۾ اهي (پاڻ ۾ ) اختلاف ڪن ٿا سا مٿن ظاهر ڪري ۽ هن لاءِ ته ڪافر ڄاڻن ته اهي (خود) ڪوڙا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ (اٿاريندو) ته جيئن اُها ڳالهه پڌري ڪري جنهن ۾ پاڻ ۾ اختلاف ڪن ٿا ۽ هن لاءِ ته ڪافر ڄاڻن ته (حقيقت ۾) اُهي ڪوڙا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان سَمجھايو، وَڃٖينِ سو، جِنهن ۾ جھڙا ڪَن، ۽ جي ڦِريا، جانچي تن، ته مُورهل، ڪُوڙا مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان لاءِ ته جن ڳالهين ۾ هو اختلاف ڪندا هئا، سي سندن اڳيان ظاهر ڪري ۽ ڪافرن کي (پورو) يقين ٿي وڃي، ته اهي برابر ڪوڙا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ته ان لاءِ ضروري آهي ته جيئن الله سندن آڏو انهيءَ حقيقت کي کولي پڌرو ڪري ڇڏي، جنهن ۾ اهي اختلاف ڪن ٿا ۽ حق جي انڪارين کي به معلوم ٿي وڃي ته پڪ هو ڪوڙا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ائين ٿيڻ ان لاءِ ضروري آهي ته الله انهن جي آڏو اها حقيقت کولي جيئن اهي ماڻهو اختلاف پيا ڪن ۽ حق جي منڪرن کي معلوم ٿئي ته اهي ڪوڙا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اللھ تعالى ان ڪري ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريندو ته) جيئن هو انهن جي سامھون دنيا جي اختلافي ڳالھين جي حقيقت کي ظاهر ڪري ڏيکاري ۽ ڪافرن کي يقين ٿي وڃي ته واقعي ھو خود ڪوڙا ھئا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما قَولُنا لِشَيءٍ إِذا أَرَدنٰهُ أَن نَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 40) |
ڪنھن به شيءِ لاءِ اسان جو چوڻ ھن (چوڻ) کانسواءِ نه آھي ته جڏھن اسين اُنکي پيدا ڪرڻ گھرندا آھيون ته اُن لاءِ چوندا آھيون ته ٿيءُ ته ٿي پوندي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن اسان ارادو ڪيون ٿا ته ڪا شيء پيدا ڪيون تڏهن اسان فقط هي چئون ٿا ته، ٿيءُ ته بس اها شيءِ (پيدا) ٿي پوي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسين ڪنهن شيءِ کي پيدا ڪرڻ جو ارادو ڪندا آهيون ته اسين ان کي چوندا آهيون ته، ٿي پؤ، ته پوءِ اها فوراً ٿي پوندي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسين جڏهن ڪنهن شيءِ (جي پيدا ڪرڻ) جو ارادو ڪريون ٿا ته اسان جو چوڻ ان لاءِ هي هوندو آهي ته اسين چوندا آهيون ته ٿي ته يڪدم ٿي پوندي آهي. (ته مئلن کي جيارڻ به ڪا ڳالھ آهي!)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق چوڻ اسان جو ڪنهن شيءِ لاءِ جڏهن ارادو ڪيوسون ان جو هي آهي ته فرمايون ٿا ان لاءِ ”ٿي پؤ“ (پوءِ اها) ٿي پوندي آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن اسين ڪنهن شيءِ (جي پيدا ڪرڻ) جو ارادو ڪريون ٿا ته ان کي رڳو ايترو چئون ٿا ته ٿيءُ! ته اها ٿي پوي ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان جو فرمان ته ڪنهن شيءِ جي لاءِ صرف ايترو هوندو آهي جڏهن اسان ان کي (پيدا ڪرڻ) جو ارادو ڪندا آهيون ته ان کي چوندا آهيون ٿي پؤُ ته ٿي پوندي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي چوڻ اَسان جو، جَڏِهن گَھڙڻ گُھريو سون، ڪو ٽول، ته ٻولايونسِ ٻول“ٿِي” ته پوءِ ٿِي پَوي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين جنهن ڪم لاءِ گهرون ٿا، ان لاءِ اسان جو ايترو چوڻ بس آهي، ته ”ٿي پئو“ ته اهو ٿي پوي ٿو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (باقي رهيو ان جو ٿيڻ سو) اسانکي ڪنهن شيءِ کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ ته رڳو ايترو ڪرڻو آهي ته کيس حڪم ڏيون ته "ٿيءُ" ۽ اها ٿي پوي ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (باقي رهيو ان جو امڪان ته) بيشڪ اسان کي ڪا شيءِ وجود ۾ آڻڻ لاءِ ان کان وڌيڪ ڪجهه ڪرڻو نه پوندو جو ان کي حڪم ڏيون ”ٿي پؤ“ ۽ اها ٿي پوندي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بھرحال) اسان جنھن شيءِ کي ٺاھڻ جو ارادو ڪندا آھيون ته رڳو اھو چوندا آھيون ته “ٿي” ته اھا شيءِ “ٿي پوي” ٿي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ هاجَروا فِى اللَّهِ مِن بَعدِ ما ظُلِموا لَنُبَوِّئَنَّهُم فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
۽ جن پاڻ تي ظلم ٿيڻ کانپوءِ الله (جي واٽ) ۾ وطن ڇڏيو تن کي ضرور دنيا ۾ چڱي جاءِ ڏيندا آھيون، ۽ ضرور آخرت جو اجر تمام وڏو آھي، جيڪڏھن ڄاڻن ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو) جن ماڻهن تي (سندن ايمان آڻڻ جي ڪري) ظلم ٿيا ۽ ظلمن سهڻ بعد هنن الله جي راهه ۾ هجرت ڪئي تن کي اسان ضرور دنيا ۾ چڱي رهڻ جي جاءِ ڏينداسين ۽ آخرت جو بدلو ته ان کان گهڻو گهڻو وڌيڪ ۽ بهتر آهي، جيڪڏهن هي ماڻهو ڄاڻن (۽ سمجهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن مظلوم هجڻ جي باوُجود الله تعالى جي رضامندي لاءِ هجرت ڪئي، اسين ضرور انهن کي دنيا ۾ بهترين جاءِ (مدينه منوره) ۾ رهائينداسين، ۽ آخرت جو اجر انهي کان به وڏو آهي، جيڪڏهن اهي ڄاڻن ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن (ڪافرن جا) ظلمن تي ظلم سهڻ کان پوءِ خدا جي خوشيءَ لاءِ (گهر بار ڇڏي) هجرت ڪئي اسين انهن کي ضرور دنيا ۾ به سٺي جاءِ تي وهارينداسون ۽ آخرت جي جزا ته ان کان گهڻو سٺي آهي. ڪاش! اهي ماڻهو (آخرت جو ثواب) ڄاڻن ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن هجرت ڪئي الله (جي واٽ) ۾ ان کان پوءِ جو ظلم ڪيا ويا البته ضروري رهائش ڏينداسون انهن کي دنيا ۾ نهايت سهڻي ۽ البته ثواب آخرت جو وڏو آهي جيڪڏهن ڄاڻن ها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن پاڻ تي ظلم ٿيڻ کانپوءِ الله جي واسطي پنهنجو وطن ڇڏيو تن کي ضرور دنيا ۾ چٽي جاءِ ڏينداسون، ۽ آخرت جو اجر ته (اڃان به) گهڻو وڏو آهي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جن الله جي راهه ۾ هجرت ڪئي ان کان پوءِ جو انهن تي ظلم ڪيو ويو ته اسان ضرور انهن کي دنيا ۾ بهترين جاءِ ڏينداسين. ۽ آخرت جو اجر ته اڃا وڏو آهي. هائو جي ڄاڻن!!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جن ربَّ جي راه ۾، مُلڪ ڇَڏيو مُور، جِنهن بَعد اُنهن سان، بيگناه ڪَيا وِيا ڪَلُور، ڏِينداسونِ هِن ڏيھ ۾، جايون خُوب ضرور، ۽ آخرت جو اَجر وَڏو، پرجي پَوينِ هُوند پَرُوڙ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ماڻهن ظلم ٿيڻ کانپوءِ الله جي لاءِ پنهنجو وطن ڇڏيو، انهن کي اسين دنيا ۾ ضرور چڱي جاءِ ڏينداسون ۽ آخرت جو ثواب (ته ان کان به) وڌيڪ آهي، جيڪر اهي ان ڳالهه کي ڄاڻن! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن ظلم سهڻ کان پوءِ الله خاطر هجرت ڪئي، تن کي اسان هن دنيا ۾ ئي سٺو ٺڪاڻو مهيا ڪنداسون ۽ آخرت جو اجر ته تمام وڏو آهي. جيڪر ته ڄاڻن ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ماڻهو جيڪي هجرت ڪري ويا آهن الله جي خاطر ظلم سهڻ کان پوءِ، تن کي اسان ڏينداسين دنيا ۾ ئي سٺو ٺڪاڻو، ۽ اجر آخرت جو ته ان کان تمام وڏو آهي، ڪاش اهي ڄاڻي وٺن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن مظلوميت جي حالت ۾ اللھ تعالى جي رضا لاءِ پنھنجو وطن ڇڏيو تن کي اسان دنيا ۾ (بدلي طور) ضرور ڀلائي ڏينداسين، آخرت وارو اجر ته تمام گهڻو آھي. ڪاش! ھي (مظلوم مؤمن) اھا ڳالھ سمجهي وٺن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 42) |
(اُھي نعمتون انھن کي آھن) جن صبر ڪيو ۽ (جي) پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪن ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ماڻهو جيڪي (هر قسم جي مصيبتن ۾) ثابت قدم رهيا ۽ جن پنهنجي پروردگارتي ڀروسو رکن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن صبر ڪيو ۽ پنهنجي رب تي توڪل ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن (خدا جي راھ ۾ سختين تي) صبر ڪيو ۽ پنهنجي پالڻهار تي ئي ڀروسو رکن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جن صبر ڪيو ۽ پنهنجي رب تي توڪل ڪن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن اهي ڄاڻن ها. (اهي مهاجر اهي آهن) جن (تڪليفن تي) صبر ڪيو ۽ پنهنجي پاليندڙن تي ڀروسو ڪن ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن ماڻهن صبر ڪيو ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو ڪن ٿا. (ته تمام وڏو اجر انهن جو منتظر آهي)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن سِر تي سَٺا سُور، ۽ رَکن سَندنِ ربَّ مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي اهڙا آهن جي صبر ڪن ٿا، پنهنجي رب تي ڀروسو رکن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي (مظلوم) جن صبر ڪيو آهي ۽ جن جو ڀروسو الله تي ئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو جن صبر ڪيو (مظلومن) ۽ رب جي ڀروسي تي ڪم ڪيو (سٺي پڄاڻي جي انتظار ۾)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙن ماڻهن ئي صبر ڪيو ۽ اهڙائي ماڻهو پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو رکندا آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 43) |
۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ (ڪو پيغمبر) مَردن کان کانسواءِ نه موڪليو اٿون انھن ڏانھن وحي ٿي ڪيوسون پوءِ (اي ماڻھو) جيڪڏھن اوھين نه ڄاڻندا آھيو ته ڪتاب وارن کان پڇو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳي اسان جيڪي به رسول موڪليا سي ماڻهو هئا (نه فرشتا) اسان هنن ڏي وحي موڪليندا هئاسين، پوءِ (اي حق جا منڪرؤ) جيڪڏ هن اوهان کي هيءَ ڳالهه معلوم ناهي ته انهن ماڻهن کان پڇو جيڪي (خدائي ڪتابن جو) علم ۽ سمجهه رکن ٿا (يعني اهل ڪتاب عيسائين ۽ يهودين کان پڇي ڏسو ته، سندن پيغمبر انسان هئا يا فرشتا؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه موڪليا اسان (پيغمبر) توهان کان اڳ ۾ مگر مرد، اسان انهن تي وحي ٿي موڪلي پوءِ توهان عالمن کان معلوم ڪريو جيڪڏهن توهان نٿا ڄاڻو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) تو کان اڳ ۾ آدمين کي ئي پيغمبر بڻائي (بڻائي) موڪليوسين ته (تون مڪي وارن کي چئو ته) جيڪڏهن اوهين پاڻ نٿا ڄاڻو ته اهل ذڪر (عالمن کان) پڇو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه رسول ڪري موڪلياسون اڳي توکان مگر مرد جو وحي ڪيون پيا انهن ڏانهن پوءِ پڇو ياد ڪرڻ وارن کان جيڪڏهن آهيو اوهان نه ٿا ڄاڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان توکان اڳ (به) رڳو مردن کي موڪليو جن ڏي وحي موڪليوسون، پوءِ ڪتاب وارن کان پڇو جيڪڏهن اوهين نه ٿا ڄاڻو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان تو کان اڳ به رڳو مردن کي ئي رسول بنائي موڪليو انهن ڏانهن اسان وحي ڪئي. پوءِ ذڪر وارن کان پڇو جيڪڏهن توهان نه ٿا ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه موڪلياسون مَرد مَگر، توکان اڳي اَڳواڻ، وَحِئَ وَسِيلي موڪليون، اُنهن ڏي اُهڃاڻ؛ پُڇِي ڏِسو پڙهِيَن کان، جي نه پَروڙيو پاڻ، سَچِين ثابتِين ساڻ، پڻ صَحِيح صَحِيفن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان توکان اڳ به رڳو مردن ماڻهن کي رسول بنائي معجزا ۽ ڪتاب ڏيئي پئي موڪليو جن ڏانهن وحي ٿي ڪيوسون، پوءِ جيڪڏهن اوهان کي علم نه آهي ته ٻين علم وارن کان پڇو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي اسان توکان اڳ ۾ به جڏهن ڪي رسول موڪليا آهن ته انسان ئي موڪليا آهن، جن ڏانهن اسان پنهنجا پيغام وحي ڪندا هئاسون. جن وٽ ياد ڏياريندڙ ڪتاب آهي، انهن کان پڇي ڏسو، جيڪڏهن توهان پاڻ نٿا ڄاڻو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) جڏهن به رسول موڪلياسين تو کان اڳ ۾، اهي انسان ئي موڪليا آهن جن ڏي اسان وحي موڪليندا هئاسين، پڇي ڏسو ڪتاب (ذڪر) وارن کان، جيڪڏهن توهان پاڻ (ان باري ۾) نٿا ڄاڻو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) اسان توکان اڳ ماڻهن کي ئي رسول ڪري مٿن وحي جو سلسلو جاري رکيو ھو. (اي حق جو انڪار ڪندڙؤ!) جيڪڏھن توھان کي حقيقت معلوم نه آھي ته علم وارن کان ئي پڇا ڪري وٺو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَأَنزَلنا إِلَيكَ الذِّكرَ لِتُبَيِّنَ لِلنّاسِ ما نُزِّلَ إِلَيهِم وَلَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 44) |
دليلن ۽ ڪتابن سان (موڪلياسون)، ۽ اسان توڏانھن قرآن ھن لاءِ نازل ڪيو ته جيڪي ماڻھن ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي سو اُنھن کي بيان ڪري ٻڌائين ۽ مانَ اُھي پروڙين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان انهن رسولن کي روشن دليلن ۽ ڪتابن سان موڪليو هو (يعني انهن تي وحي رستي ڪتاب نازل ڪيا هئاسين) ۽ (ساڳيءَ طرح) توتي به الذڪر (عيني قرآن) نازل ڪيو اٿئون، انهيءَ لاءِ ته جيڪا تعليم ماڻهن جي لاءِ موڪلي ويئي آهي، سا انهن کي چٽي ڪري سمجهائين، پڻ هن لاءِ ته هو غور ۽ فڪر ڪن (۽ هدايت جي راهه حاصل ڪن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان انهن کي معجزن ۽ ڪتابن سميت موڪليو ۽ اسان توهان ڏانهن قرآن ڪريم نازل فرمايو انهي لاءِ ته توهان ماڻهن لاءِ اهو بيان ڪريو جيڪو انهن ڏانهن موڪليو ويو آهي ۽ من اهي فڪر ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ انهن پيغمبرن کي موڪليوسين به ته) روشن دليلن ۽ ڪتابن سان ۽ تو ڏي قرآن نازل ڪيل آهي ته جيئن جيڪي حڪم ماڻهن لاءِ نازل ڪيا ويا آهن تون انهن کي کولي بيان ڪر ته جيئن اهي پاڻ غور فڪر ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) روشن دليلن ۽ ڪتابن سين ۽ نازل ڪيوسون توڏانهن ذڪر تانته بيان ڪرين اهو جيڪي نازل ڪيو ويو انهن ڏانهن ۽ تانته اهي فڪر ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (انهن کي) ظاهر ڳالهين ۽ ڪتابن سان (موڪليوسون) ۽ اسان توڏي قرآن نازل ڪيو هن لاءِ ته جو انهن ڏي نازل ڪيو ويو آهي سو کين کولي ٻڌائين ۽ مَنَ اهي فڪر ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (انهن رسولن کي) چِٽن دليلن ۽ ڪتابن سان (موڪليوسين). ۽ (اي نبي!) اسان تو ڏي ذڪر (قرآن) نازل ڪيو ته جيئن ماڻهن لاءِ پڌرو ڪرين جيڪي (احڪام) انهن ڏانهن نازل ڪيا ويا آهن ته جيئن اهي غور فڪر ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُتاريوسون تو مَٿي، موچارو مَذڪُور، تان اُنهن ڏي، جو اُتاريو وِيو، سو ماڻهنِ سَمجھائـِين مُور، تان مانَ، سي مَغرور، سوچِين سَچيون ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توتي به اهو قرآن لاٿو اٿئون، ته جيڪي ماڻهن ڏانهن موڪليو اٿئون، سو تون کين پڌرو ڪري ٻڌائين، ته اهي فڪر ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اڳين رسولن کي به اسان چٽيون نشانيون ۽ ڪتاب ڏئي موڪليو هو ۽ هاڻي اسان هيءُ نصيحت ڪندڙ ڪتاب (قرآن) توتي نازل ڪيو آهي، ته جيئن تون ماڻهن کي اها تعليم کولي چٽيءَ طرح سمجهائين، جيڪا انهن لاءِ لاٿي وئي آهي ته مــَـنَ اهي (پاڻ به ڪا) سوچ ويچار ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان پڌريون نشانيون ۽ دليل ڏنا، اڳين رسولن کي ۽ کين ڪتاب ڏئي موڪليو هو ۽ هاڻي هي ذڪر (ڪتاب) توتي نازل ڪيو آهي جيئن تون انهن ماڻهن آڏو (ان تعليم جي تشريح ڪرين) جيئن پاڻ سوچ ويچار ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن رسولن کي واضح دليل ۽ ڪتاب ڏيئي ڪري موڪليو ھو ۽ ھاڻي اسان توڏي ھي قرآن نازل ڪيو آھي ته جيئن تون ماڻهن کي ان جي تعليم واضح طريقي سان سمجهائين ته جيئن هو غور ۽ فڪر کان ڪم وٺن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَأَمِنَ الَّذينَ مَكَرُوا السَّيِّـٔاتِ أَن يَخسِفَ اللَّهُ بِهِمُ الأَرضَ أَو يَأتِيَهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 45) |
جن بڇڙي رٿ رٿي سي (ھن کان) بي ڀوا ٿيا آھن ڇا ته الله کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏي يا جتان نه ڄاڻندا ھُجن اُتان مٿن عذاب اچي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جن ماڻهن برن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ بريون تدبيرون (اختيار) ڪيون آهن سي هن ڳالهه کان پاڻ کي سلامت ٿا سمجهن، ڇا ته الله تعاليٰ کين زمين ۾ پوري ڇڏي يا ڪنهن اهڙي نموني اوچتو مٿن عذاب اچي ڪڙڪي جنهن جو کين وهم ۽ گمان به ڪونه هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خفيه تدبيرون ڪندڙ ماڻهو ڇا (هن ڳالهه کان) امن ۾ آهن جو الله انهن کي زمين ۾ ڳهرائي ڇڏي، يا انهن تي ان جاءِ کان عذاب موڪلي جو انهن کي خبر نه پوي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا جيڪي ماڻهو وڏيون وڏيون مڪاريون (شرڪ وغيره) ڪندا هئا تن کي هن ڳالھ جي دلجاءِ ٿي وئي آهي (۽ ڪو ڊپ نه آهي) ته خدا کين زمين ۾ ڌٻي ڇڏي يا اهڙي پاسي کان مٿن عذاب اچي جنهن جي کين خبر نه پوي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ امن وارا ٿيا اهي جو رٿ ڪيائون براين جي ته غرق ڪري ڇڏي الله انهن کي زمين ۾ يا اچي انهن وٽ عذاب اتاهين جو نه سمجھن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪي بڇڙيون تدبيرون ڪن ٿا سي هن ڳالهه کان بي ڊپا ٿي ويا آهن ڇا ته الله انهن کي زمين ۾ ڳهائي ڇڏي يا مٿن اتان عذاب اچي جتان کين خبر نه پوي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا بي خوف ٿي ويا آهن؟ اُهي ماڻهو جيڪي بريون سازشون ڪن ٿا هن ڳالهه کان جو الله کين زمين ۾ غرق ڪري يا انهن تي اهڙي جاءِ تان عذاب موڪلي جتان جو کين خيال به نه هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا سُک ٿِي ويٺاسيٺ؟، جن سِٽيون سِٽائون بُڇڙيون، ته ڌَرتِي سَميت تن ڌڻي، هَڻِي هَلائـٖي هيٺ، يا اَچٖين عَذاب نيٺ، جِتان پاڻ پَروڙِين ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص بڇڙيون رٿون رٿين ٿا، ڇا اهي انهن کان بي فڪر آهن، ته متان الله انهن کي زمين ۾ دٻائي ڇڏي! يا مٿن اتان عذاب آڻي، جتان انهن کي گمان به نه هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڀلا اهي ماڻهو جيڪي (نبيءَ جي دعوت جي مخالفت ۾) نهايت بڇڙيون ســِـٽون سٽين ٿا، سي ان ڳالهه کان بي خوف ٿي ويا آهن ڇا ته متان الله کين زمين ۾ ڳهائي ڇڏي يا وري عذاب مٿن اهڙي پاسي کان آڻي، جتان کان ان جي اچڻ جو کين ڪو وهم گمان به نه هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇا اهي ماڻهو جيڪي (پيغمبر جي سڏ تي) مخالفت ۾ بڇڙيون چالون هلن پيا، ان ڳالهه کان بلڪل بي خوف ٿي ويا آهن ته الله کين ڳهائي زمين ۾ يا ڪٿان کان مٿن آڻي عذاب جتان ان جي اچڻ جو (کين) وهم ۽ گمان به نه هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا ھي ماڻهو (اللھ تعالى جي مقابلي ۾) بري منصوبه بندي ڪري رھيا آھن؟ ڇا ھو ھن ڳالھ کان بي فڪرا ٿيا ويٺا آھن ته متان اللھ تعالى کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏي يا مٿن اھڙي طرف کان عذاب اچي ڪڙڪي جتان کان کين وھم ۽ گمان به نه ھجي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو يَأخُذَهُم فى تَقَلُّبِهِم فَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 46) |
يا اُنھن کي سندن گھمڻ ڦرڻ ۾ پڪڙي پوءِ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نه آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (هيئن ٿئي جو جنهن وقت هو پنهنجي برين ڪوششن ۾) ڊڪ ڊوڙ ڪري رهيا هجن تنهن وقت خدائي عذاب اچي مٿن ڪڙڪي؟ جنهن ڪري هو الله (جي تدبيرن) کي (پنهنجي تدبيرن سان) روڪي ڪونه سگهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا انهن کي هلندي گھمندي پڪڙ ڪري پوءِ اهي عذاب کي دفع ڪندڙ ناهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا سندن گهمندي ڦرندي (خدا جو عذاب) کين پڪڙي ته اهي ماڻهو ان کي زير ڪري نٿا سگهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا وٺي انهن کي گھمڻ ڦرڻ انهن جي ۾ پوءِ ناهن اهي عاجز ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا انهن کي گهمندي ڦرندي جهلي، پوءِ اهي (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهن، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا انهن کي گهمندي ڦرندي پڪڙي وٺي پوءِ اهي (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا گِرهٖين سَندنِ گَشت ۾، پوءِ هِي نَه ڏِيندڙ هار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا انهن کي گهمندي ڦرندي پڪڙ ڪري؟ پوءِ هو عاجز ڪرڻ وارا نه آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا ائين اوچتو ئي سندن گهمندي گهتندي کڻي کين پڪڙي وٺي، پوءِ اهي الله کي عاجز ڪرڻ وارا نه هجن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا وري پڪڙي وٺي انهن کي پوءِ اهي نٿا ڪري سگهن عاجز (الله کي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا کين ھلندي ڦرندي ڪنھن مصيبت ۾ مُبتلا ڪري ڇڏي پوءِ ھو (پنھنجي غلط چالبازين سان) کيس بي وس نٿا ڪري سگهن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو يَأخُذَهُم عَلىٰ تَخَوُّفٍ فَإِنَّ رَبَّكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 47) |
يا ڀوائتيءَ حالت ۾ کين پڪڙي، پوءِ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (هيئن ٿئي جو الله تعاليٰ) هنن کي (پهريائين) خوف ڏئي (۽ خبردار ڪري) پوءِ کين پڪڙ ڪري، ڇو ته بيشڪ تنهنجو پروردگار وڏو مهربان ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا انهن کي آهستي آهستي نقصان ڏَئِي سڀني کي هلاڪ ڪري، پوءِ بيشڪ توهان جو رب يقيناً رؤف رحيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا اهي عذاب کان ڊڄندا هجن ته (ان حالت ۾ کين پڪڙ ڪري. بيشڪ تنهنجو پروردگار گهڻي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا وٺي انهن کي ڊپ جي حالت ۾ پوءِ بيشڪ رب اوهان جو البته ٻاجھارو مهربان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا انهن کي ڊڄڻ جي حالت ۾ پڪڙي. پوءِ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ گهڻي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا انهن کي خوف جي حالت ۾ پڪڙي. پوءِ بيشڪ توهان جو پروردگار گهڻو مهربان وڏي ٻاجهه وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا وَٺينِ خوف خيال ۾؛ پوءِ اَهنجو پالڻهار، بِلڪُل بَخشڻهار، ۽ مَرهِڻ وارو مُورهِين..(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا ڊپ جهڙيءَ طاقت ۾ کين پڪڙ ڪري؟ پوءِ پڪ تنهنجو رب شفقت وارو، وڏو مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا اهڙي حالت ۾ کين پڪڙي جو کين ايندڙَ مصيبت جو کــُـٽڪو لڳل هجي، حقيقت ۾ تنهنجو رب ڏاڍو نرم مزاج ۽ رحم وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا اهڙي حالت ۾ کين پڪڙي جڏهن کين خوف هجي ان مصيبت اچڻ جو ۽ اهي بچڻ جي فڪر ۾ هجن، حقيقت ۾ توهان جو رب ٻاجهارو ۽ مهربان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا کين خوف واري حالت ۾ پڪڙ ڪري (پوءِ ته ھي ماڻهو ڪجهه به نٿا ڪري سگهن) بيشڪ تنھنجو پالڻھار وڏو نرمي ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَرَوا إِلىٰ ما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ يَتَفَيَّؤُا۟ ظِلٰلُهُ عَنِ اليَمينِ وَالشَّمائِلِ سُجَّدًا لِلَّهِ وَهُم دٰخِرونَ (آيت : 48) |
الله جيڪي شيون خلقيون تن ڏانھن ڇونه ڏسندا آھن جو سندن پاڇا سڄي ۽ کٻي (پاسي) الله کي سجدو ڪندڙ ٿي لڙندا آھن ۽ اُھي عاجزي ڪندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هنن ماڻهن الله تعاليٰ جي مخلوقات مان ڪنهن به شيءِ تي غور نه ڪيو آهي؟ (هنن ڪونه ڏٺو آهي ڇا ته) هر هڪ شيءِ جو پاڇو ساڄي طرف کان ۽ کاٻي طرف کان لڙندو رهي ٿو ۽ الله جي اڳيان سجدو ڪندو لڙندو وڃي ٿو ۽ (ڪونه ڏٺو اٿن ڇا ته) سڀ (شيون ۽ جانور) الله جي اڳيان عاجز ۽ نماڻا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن الله تعالى جون پيدا ڪيل شيون نه ڏٺيون آهن جن جا پاڇولا سڄي ۽ کٻي پاسي (وري) الله تعالى کي سجدو ڪن ٿا ۽ اهي تابعدار آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن ماڻهن خدا جي مخلوقات مان ڪا اهڙي شيءِ نه ڏٺي آهي جنهن جو پاڇو ڪڏهن سڄي ڪڏهن کٻي پاسي ٿيندو آهي جو (ڄڻ ته) خدا جي اڳيان سر بسجود آهن ۽ سڀيئي اطاعت جو اظهار ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺائون ان ڏانهن جو پيدا ڪئي الله هر شيءِ جھڪن ٿا پاڇا ان جا سڄي کان ۽ کٻي کان سجدا ڪندڙ الله جي لاءِ ۽ اهي عاجزي ڪندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ڀلا) الله جيڪي به شيون پيدا ڪيون آهن تن ڏي نه ڏٺو اٿن ڇا؟ ته سندن پاڇا الله کي سجدو ڪندي سڄي ۽ کٻي پاسي لڙن ٿا ۽ اهي خوار آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن اهڙين شين کي نه ڏٺو؟ جيڪي الله پيدا ڪيون آهن جن جا پاڇا الله کي سجدو ڪندي ساڄي ۽ کاٻي پاسي لڙن ٿا ۽ اُهي عاجزي جو اظهار ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا سوچِيائون نَه، سي شيون ؟ جي جوڙيون جوڙڻهار، مُڙندڙ پاڇا، تن جا، سَڄي، ۽ کَٻي پار، نَمندڙ هادِئَ هارِ، ۽ اُهي ڪَندڙ آهن ڪُرنشون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا هنن الله جي انهن پيدا ڪيل شين کي نه ڏٺو آهي جن جا پاڇا ڪڏهن هڪ طرف ته ڪڏهن ٻئي طرف الله کي سجدو ڪندي جهڪن ٿا ۽ اهي عاجزي ڪندڙ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڇا اهي ماڻهو الله جي پيدا ڪيل ڪنهن به شيءِ کي نٿا ڏسن ته ان جو پاڇو ڪيئن ٿو الله کي سجدو ڪندي ساڄي ۽ کاٻي لــَـڙندو رهي؟ ساري مخلوقات عاجزي ۾ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇا اهي ماڻهو نٿا ڏسن ڪنهن خلقيل شيءِ الله جي کي، جو ان شيءِ جو پاڇو ڪيئن نه لڙندو وڃي ٿو ساڄي کان کاٻي پاسي سجدا ڪندو سندس حضور ۾؟ اهي سڀ جا سڀ ظاهر ڪن پيا عاجزي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن اللھ تعالى جي انهن شين کي غور سان نه ڏٺو آھي جن جا پاڇا اللھ تعالى کي سجدو ڪندي ساڄي ۽ کاٻي پاسي جهڪندا رھن ٿا (حقيقت ۾) ھي سڀ شيون اللھ تعالى جي آڏو بي وسيءَ جوا ظھار ڪن ٿيون.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مِن دابَّةٍ وَالمَلٰئِكَةُ وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 49) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھن سي ۽ جيڪي جانور زمين ۾ آھن سي ۽ ملائڪ الله کي سجدو ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ آسمانن ۾ جيڪي به شيون آهن ۽ زمين تي جيڪي به جانور آهن سي سڀ الله جي اڳيان سجدي ۾ ڪريل آهن ۽ فرشتا به سجدي ۾ ڪريل آهن. اهي تڪبر ۽ سرڪشي ڪونه ٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى کي اهي سڀئي شيون سجدو ڪن ٿيون جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين تي هلندڙ آهن ۽ ملائڪ ۽ اهي تڪبر نٿا ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيتريون شيون (سج، چنڊ ۽ ستارا وغيره) آسمانن ۾ آهن ۽ جيترا ساھ وارا زمين ۾ آهن، سي سڀ خدا جي ئي اڳيان سر نوايل آهن ۽ فرشتا ته (آهن ئي) ۽ اهي (خدا جي حڪم سان) سرڪشي نٿا ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله جي لاءِ سجدو ڪن ٿا اهي جو آسمانن ۾ آهن ۽ اهي جو زمين ۾ آهن جاندار ۽ ملائڪ ۽ اهي نه ٿا تڪبر ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي شيون آسمانن ۾ ۽ جيڪي شيون زمين ۾ هلندڙن جي قسمن مان آهن سي الله کي سجدو ڪن ٿيون ۽ ملائڪ به ۽ اهي وڏائي نه ٿا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جي لاءِ سجدو ڪن ٿا جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن جانورن مان ۽ فرشتا (به سجدو ڪن ٿا) ۽ اُهي وڏائي نه ٿا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَجدو ڪَن سُبحان کي، جيڪِي اُڀ ۽ ڀُون اَندر، مَلڪ، ڍڳا ڍور سي، تِر نَه ڪَن تڪبّر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي به آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي جانور زمين ۾ آهن، سي ۽ فرشتا به الله کي سجدو ڪندا آهن، اهي تڪبر نه ٿا ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به ساهوارا آهن ۽ جيترا به ملائڪ آهن، سڀئي الله جي آڏو سجدو ڪندڙ آهن ۽ هو ڪڏهن به وڏائي نٿا ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله جي آڏو سجدي ۾ آهن آسمان ۽ جيڪي ڪجهه زمين ۾ آهي جاندار مخلوق ۽ جيترا به فرشتا آهن ۽ اهي هرگز تڪبر نه ڪندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي ھر مخلوق ۽ ملائڪ سڀ جا سڀ پنھنجي پنھنجي حساب سان اللھ تعالى جي آڏو سجدي ۾ جهڪيل آھن ۽ ھو (ڪڏھن به) تڪبر نه ڪندا آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَخافونَ رَبَّهُم مِن فَوقِهِم وَيَفعَلونَ ما يُؤمَرونَ (آيت : 50) |
(ملائڪ) پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن جو سندن مٿان غالب آھي ۽ جيڪي حُڪم ڪبو اٿن سو ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو پنهنجي پروردگار کان ڊڄندا رهن ٿا جو هنن جي مٿان موجود آهي ۽ جيڪو به حڪم کين ڏنو وڃي ٿو تنهن جي تعميل ڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي پنهنجي مٿان رب العالمين جو خوف ڪن ٿا جيڪو کين حڪم ملي ٿو انهي تي عمل ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽) پنهنجي پروردگار سان جو انهن کان (گهڻو) برتر ۽ اعلى آهي ڊڄن ٿا ۽ جو حڪم (کين) ڏنو وڃي ٿو يڪدم پورو ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڊڄن ٿا رب پنهنجي کان مٿان پنهنجي ۽ ڪن ٿا اهو جيڪو امر ڪيا ٿا وڃن .السجدة )(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پنهنجي پاليندڙ کان جو سندن مٿان (غالب) آهي ڊڄن ٿا ۽ جيڪو حڪم کين ڪيو وڃي ٿو سو ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي پالڻهار کان ڊڄن ٿا جيڪو سندن مٿان (حاڪم) آهي ۽ اهي ائين ڪن ٿا جيئن حڪم ڏنا وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڊِڄن، مَٿان پنهنجي، سندنِ سائـِين ڀَر، ۽ پارِينِ اُهائـِي پَرِ، جِھنجو اَمر ٿـئـٖي اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي پنهنجي رب کان ڊڄن ٿا، جو سندن مٿان آهي ۽ جيڪي به حڪم ٿيندو اٿن سو ڪندا آهن. (سجدو) (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي رب کان جيڪو سندن مٿان آهي، ڊڄن ٿا ۽ جيڪو حڪم ملين ٿو تنهن تي هلندا رهن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ڊڄندا آهن پنهنجي رب کان جيڪو انهن جي مٿان (غالب) آهي ۽ اهو ئي اهي ڪم ڪندا آهن جيڪو حڪم ڏنو ويندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھو سڀ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي کان ڊڄندا آھن ۽ ھر اھو ڪم سرانجام ڏيندا آھن جنھن جو کين حڪم ڏنو ويندو آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ اللَّهُ لا تَتَّخِذوا إِلٰهَينِ اثنَينِ إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 51) |
۽ الله فرمايو آھي ته اوھين ٻه خدا ڪري نه وٺو، اُن ھڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي، تنھنڪري اوھين خاص مون کان ڊڄندا رھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته، پنهنجي لاءِ ٻه ٻه معبود نه ٺهرايو ۽ بنايو. حقيقت فقط هيءَ آهي ته اهو (الله) ئي هڪ معبود آهي. (سو ڏسو ته) فقط مان ئي (معبود) آهيان، تنهن ڪري فقط مون کان ڊڄو (۽ منهنجا حڪم مڃو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى ارشاد فرمايو ته توهان ٻه معبود نه وٺو (توهان جو) معبود فقط هڪ الله آهي، پوءِ توهان مون (الله) کان ڊڄو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ خدا فرمايو هون ته ٻه معبود نه بڻايو. معبود ته اهو ئي اڪيلو (خدا) آهي ته فقط مون کان ئي ڊڄندا رهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فرمايو الله ته نه وٺو معبود ٻه اهو ته صرف معبود هڪ آهي پوءِ خاص مون کان ڊڄو پوءِ مون کان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله فرمايو آهي ته اوهين ٻه خدا نه بنايو. اهو رڳو هڪڙو ئي معبود آهي، پوءِ مون کان ئي ڊڄو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله فرمايو ته: ”ٻه معبود نه بنايو. بيشڪ اُهو ئي صرف هڪ معبود آهي پوءِ اوهان مون کان ئي ڊڄو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ فرمايو اَلله، ته ٻه دَرگاهون، نه ڌاريو، سو ڌُران هِڪ دَرگاه، پوِ ڊِڄو مون کان مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله جو حڪم آهي ته ٻه يا وڌيڪ سائين نه بڻايو، بس اهو ئي هڪ سائين آهي، ان ڪري مون کان ئي ڊڄندا رهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جو فرمان آهي ته "ٻه معبود نه بڻايو، معبود ته هڪڙو ئي آهي، تنهنڪري مون کان ئي ڊڄندا رهو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ فرمان آهي الله جو ته نه ٺاهيو ٻه خدا، هڪڙو ئي ته آهي خدا حقيقت ۾ پنهنجي هيڪڙائيءَ ۾، تنهن ڪري توهان صرف مون کان ئي ڊڄو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى (پيار ڀرئي انداز ۾) فرمائي ٿو ته توھان ٻه معبود نه ٺاھيو، بيشڪ معبود صرف ھڪ ئي آھي. تنھن ڪري مون کان ئي ڊڄندا رھو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَهُ الدّينُ واصِبًا أَفَغَيرَ اللَّهِ تَتَّقونَ (آيت : 52) |
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي ۽ اُن جي عبادت سدائين (لازم) آھي، پوءِ الله کانسواءِ ٻـين کان ڇو ڊڄندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي جيڪي آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو انهيءَ الله جي لاءِ ئي آهي ۽ انهيءَ ئي لاءِ دين (۽ فرمانبرداري) آهي هميشه جي لاءِ، پوءِ ڇا توهان الله کان سواءِ ٻين هستين کان ڊڄو ٿا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى لاءِ اهو سڀ ڪجھه آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي ۽ توهان هميشه الله تعالى جي فرمانبرداري ڪريو، ڇا پوءِ توهان الله تعالى کان سواءِ ٻين کان ڊڄو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ (جيڪي) زمين ۾ آهي (مطلب ته) سڀ ڪجھ انهيءَ جو ئي آهي ۽ خالص فرمانبرداري (سدائين) ان جي (لازم) آهي ته ڇا اوهين خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي کان ڊڄندا آهيو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان جي ملڪيت آهي جو ڪجھ آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي ۽ ان جوئي دين آهي مضبوط ڇا پوءِ الله جي غير کان ڊڄو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سندس آهي ۽ لازمي طرح ان جوئي حڪم مڃڻو آهي. ڇا پوءِ الله کان سواءِ ٻين کان ڊڄو ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ زمين ۾ آهي سو سندس آهي ۽ (سڀني کي) لازمي طرح سندس ئي حڪم مڃڻو آهي. ڇا پوءِ الله کان سواءِ ٻين کان ڊڄو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهِن هِڪ اُنهئ جا، اُڀ ڀُون ۾، جي جَھان، ۽ رُڳو، ڏِيَڻا اُن کي ڏان، پوءِ ڇو رَبَّ ري، ڊِڄو ٻِين کان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، سو سندس آهي ۽ ان جي ئي فرمانبرداري ڪرڻ گهرجي_ ڇا پوءِ الله ڌاران ٻين کان ڊڄو ٿا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ جو ئي آهي، اهو سڀ ڪجهه جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي ۽ عبادت نج سندس ئي حق آهي، ڇا پوءِ الله کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کان ڊڄندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سڀ ڪجهه سندس ئي ته آهي آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه به آهي ۽ خالص انهيءَ دين جو جيڪو (سڄي ڪائنات ۾) هلي رهيو آهي، پوءِ ڇا توهان (هڪ) الله کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کان ڊڄندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين ۾ ھر شيءِ ان جي ئي آھي (تنھن ڪري) اللھ تعالى جي فرمانبرداري بجا آڻڻ انهن سڀني شين تي لازم آھي، ڇا توھان اللھ تعالى کي ڇڏي ٻين کان ٿا ڊڄو؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما بِكُم مِن نِعمَةٍ فَمِنَ اللَّهِ ثُمَّ إِذا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فَإِلَيهِ تَجـَٔرونَ (آيت : 53) |
۽ جيڪا نعمت اوھان تي ٿيل آھي سا الله جي پار کان آھي پوءِ جڏھن اوھان تي سختي پھچي ٿي ته ڏانھس دانھون ڪندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نعمتن مان جيڪي به نعمتون توهان کي حاصل ٿيل آهن، سي سڀ الله ئي جي طرف کان آهن. پوءِ جڏهن توهان کي ڪو ايذاءُ يا مصيبت پهچي ٿي تڏهن توهان انهيءَ ئي جي اڳيان آهه زاري ڪيو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان وٽ جيڪا نعمت آهي پوءِ اها الله جي طرفان آهي. ان کان پوءِ جڏهن توهان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي، پوءِ توهان الله ڏانهن مدد لاءِ پڪاريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيتريون نعمتون اوهان سان آهن سي (سڀئي) خدا جي طرف کان ئي آهن. پوءِ جڏهن اوهان کي (ڪا به) تڪليف وٺي ٿي ته اوهين ان جي اڳيان فرياد ڪرڻ لڳو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪا به اوهان وٽ نعمت آهي پوءِ الله جي طرفان آهي ان کان پوءِ جڏهن پهچي ٿي اوهان کي ڪا تڪليف ته پوءِ ان ڏانهن زاري ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪا به نعمت اوهان وٽ آهي سا الله جي طرفان آهي، وري جڏهن اوهان کي تڪليف پهچي ٿي ته ان ڏي ئي دانهون ڪريو ٿا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان وٽ جا به نعمت آهي سا الله وٽان آهي پوءِ جڏهن اوهان کي تڪليف پهچي ٿي ته توهان ان جي ئي اڳيان روئو رڙو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جيڪِي اَوهان تي نِعمتون، سي سَڀ، ڪَنان سُبحان، پو، گھيريا جَڏهن گَھمسان، ته رڳو رَنڀو ٿا اُن ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان وٽ جيڪا به نعمت آهي، سا الله کان آهي، پوءِ جڏهن اوهان کي تڪليف پهچي ٿي ته ان کي فرياد ڪريو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهانکي جيڪا به نعمت مليل آهي، الله جي ئي طرفان آهي. وري جڏهن ڪو ڏکيو وقت توهانجي مٿان اچي پوي ٿو ته توهان کيس ئي واهر لاءِ ٻاڏايو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان کي جيڪا به حاصل آهي نعمت سا الله جي ئي طرفان آهي پوءِ جڏهن ڪو سخت وقت اچي ٿو توهان تي توهان پاڻ فرياد کڻي ڏانهس ڊوڙندا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حالانڪ توھان وٽ موجود ھر نعمت اللھ تعالى جي ڏنل آھي پوءِ جيڪڏھن توھان کي ڪا تڪليف پھچي ٿي ته وري ان کي ئي ٻاڏايو ٿا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ إِذا كَشَفَ الضُّرَّ عَنكُم إِذا فَريقٌ مِنكُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 54) |
وري جڏھن اوھان کان ڏک لاھي (تڏھن) جھٽ پٽ اوھان مان ڪا ٽولي پنھنجي پالڻھار سان شريڪ مُقرّر ڪندي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن (هيئن ٿئي ٿو جو هو) اوهان کان اهو ڏک دور ڪري ٿو ڇڏي، (۽ مصيبت لاهي ٿو ڇڏي) تڏهن توهان مان هڪ ٽولي هڪدم پنهنجي پروردگار سان ٻين هستين کي شريڪ بنائڻ لڳي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ جڏهن توهان تان تڪليف لهي ٿي ته توهان مان هڪ ٽولو پنهنجي رب سان شرڪ ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري جڏهن اهو اوهان کان تڪليف پري ڪري ٿو ته يڪدم اوهان مان ڪجھ ماڻهو پنهنجي پروردگار جو شريڪ بنائين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کانپوءِ جڏهن لاهي ٿو تڪليف اوهان کان ته اوچتوئي ٽولو هڪ اوهان مان رب پنهنجي سان شرڪ ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري جڏهن اوهان تان تڪليف لاهي ٿو ته اوچتي اوهان مان ڪا جماعت پنهنجي پاليندڙ سان شريڪ مقرر ڪري ٿي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن اوهان کان تڪليف دور ڪري ٿو ته توهان مان هڪ ٽولو ان وقت ئي پنهنجي پالڻهار سان شرڪ ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَري اَسان اوهان کي جڏهن، لاٿو، سولاچار، ته اِجھو اَوهان پاڻ مَنجھان، ٻارِي ڪا ٻِيهار، مالِڪ سَندِن سان مُفت ٻِيا، ڀانئـِينِ ڀائيوار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن هو اوهان کان تڪليف لاهي ٿو، ته اوهان مان ڪي پنهنجي رب سان شرڪ ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر پوءِ جڏهن الله اهو ڏکيو وقت ٽاري ٿو ڇڏيوَ ته بنا دير جي توهان مان هڪڙو ٽولو پنهنجي رب سان ٻين کي به (انهيءَ مهربانيءَ ۾) ڀائيوار ٿو بڻائي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جڏهن ان وقت کي ٽاريو ويندو آهي توهان تان ته اوچتو ئي هڪ ٽولو توهان مان پنهنجي رب سان (شڪريه طور) ٻين کي شريڪ ڪندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن هو تڪليف ھٽائي ٿو ته توھان مان ڪي ماڻهو پنھنجي پالڻھار سان شرڪ ڪرڻ لڳن ٿا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 55) |
ھن لاءِ ته کين جيڪي ڏنوسون تنھن جي بي شڪري ڪن، پوءِ دنيا ۾ خوش گذاريو، پوءِ سِگھو ڄاڻندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته جيڪا نعمت اسان کيس عطا ڪئي هئي تنهن جي (پوريءَ طرح) بي شڪري ڪري. چڱو! (حياتيءَ جا ٿورا ڏينهن) مزا ماڻي وٺو. پوءِ هڪڙو وقت ايندو جڏهن (پنهنجي بي شڪرين جو نتيجو) معلوم ڪري وٺندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته جيڪا نعمت اسان انهن کي ڏني ان جي ناشڪري ڪن. توهان زندگي گذاريو. پوءِ توهان کي جلدي معلوم ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جيئن (جيڪي نعمتون) اسان کين ڏنيون آهن تن جي ناشڪري ڪن، ته خير دنيا جا (ٻه ٽي ڏينهن) مزا وٺو. پوءِ ته جلد اوهان کي خبر پئجي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته ڪفر ڪن ان جو جيڪو ڏنو اسان انهن کي پوءِ نفعو وٺو پوءِ جلد ڄاڻندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ ته جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن جي ناشڪري ڪن. سو مزا ڪري وٺو! پوءِ ڄاڻي وٺندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته ناشڪري ڪن ان جِي جيڪو اسان انهن کي ڏنو آهي. سو مزا ڪري وٺو. پوءِ سگھوئي ڄاڻي وٺندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان جيڪِي ڏِنيوسُون ڏاتِيون، اُن کان ڪن اِنڪار، مَروَٺو وَٽِ، ڪا وار، پوءِ سَمجِھي وِيندا سگھڙٖي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته اسان جي ڏنل نعمت جي ناشڪري ڪن_ پوءِ ڪجهه ڏينهن خوش گذار ي وٺو، جلد ئي اوهان کي خبر پوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته جيئن اسان جي احسان جي ناشڪري ڪري، چڱو پوءِ ڪري وٺو مزا، ڄاڻ ٿي خبر پئيوَ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن ناشڪري ڪري (الله جي) ڪيل احسان جي، چڱو مزا ماڻي وٺو پوءِ سگهوئي توهان کي معلوم ٿي ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي (شرڪ جو مقصد اھو ھوندو آھي ته) جيئن ھو ڄاڻي واڻي اللھ تعالى جي ڪيل احسانن جي ناشڪري ڪن. پوءِ ٺيڪ آ، مزا ڪري وٺو (نتيجي جي) توھان کي جلد ئي خبر پئجي ويندي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَجعَلونَ لِما لا يَعلَمونَ نَصيبًا مِمّا رَزَقنٰهُم تَاللَّهِ لَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَفتَرونَ (آيت : 56) |
۽ جيڪي کين ڏنوسون تنھن مان (ڪافر) اُنھن (بُتن) لاءِ حصّو مُقرّر ڪندا آھن جي نه ڄاڻندا آھن، الله جو قسم آھي ته جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھيو تنھن بابت ضرور پڇيا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ وري (ڏسو) اسان جيڪو رزق هنن کي عطا ڪيو آهي، تنهن مان انهن هستين جو حصو به ٺهرائين ٿا جن جي حقيقت جي کين خبر به ڪانهي. خدا جو قسم! توهان کان ضرور هن باري ۾ پڇاڻو ڪيو ويندو ته (حقيقت جي خلاف) ڪهڙا ڪهڙا ڪوڙا ٺاهه ٺاهيندا رهيا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي بتن لاءِ اسان جي ڏنل روزيءَ مان ڀاڱو مقرر ڪن ٿا، الله جو قسم آهي ته الله تعالى (مشرڪن) کان سندن ڪوڙ مڙهڻ بابت ضرور سوال پڇندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪا روزي اسان کين ڏني آهي ان مان هي ماڻهو (انهن بتن جو) حصو به مقرر ڪن ٿا تنهن جي حقيقت کي به نٿا ڄاڻن. ته خدا جو (پنهنجو) قسم ته اوهين جيڪي ٺاھ ٺاهيو پيا تنهن بابت (قيامت ۾) اوهان کان ضرور پڇيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪن ٿا ان لاءِ جو نه ٿا ڄاڻن ڀاڱو ان مان جو رزق ڏنوسون انهن کي الله جو قسم آهي ته البته ضرور پڇا ڪيا ويندو ان جي باري ۾ جو ٿي بهتان هنيُوَ..(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪا روزي اسان کين ڏني آهي تنهن مان هڪ حصو انهن لاءِ مقرر ڪن ٿا جن (جي حقيقت) کي نه ٿا ڄاڻن. الله جو قسم! ته اوهين جيڪي ٺاهه پيا ٺاهيو تنهن بابت اوهان کان ضرور پڇيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي انهن (معبودن) لاءِ جن (جي حقيقت) پاڻ به نه ٿا ڄاڻن ان رزق مان حصو مقرر ڪن ٿا جيڪو اسان کين عطا ڪيو آهي. الله جو قسم!اوهان کان ضرور پڇيو ويندو ان بابت جيڪي اوهان ٺاهه ٺاهيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَڍنِ پُوريون تن جون، پَريان جن نه پَرُوڙ، آن کي ڏِنوسون روز، جو تُورن پُٺيان، تُور، قَسم رَبَّ ڪريم جو، مَهندان پُڇبان، مُور، ڪنان ڪُوڙ فُتور، جي جاٽَنِ بابت جوڙيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهي اسان جي ڏنل شين ۾ انهن جو حصو رکن ٿا، جن بابت انهن کي ڪو علم نه آهي_ الله جو قسم! اوهان جي انهن گهڙيل ڳالهين جي اوهان کان پڇا ٿيندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو جن کي سڃاڻن به نه، تن جا حصا اسان جي ڏنل رزق ۾ مقرر ڪن ٿا، "الله جو قسم! توهان کان ضرور پڇاڻو ٿيندو ته "اهي ڪوڙ ڪيئن ٺاهيا هيوَ؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي حصا مقرر ڪندا آهن جن جي حقيقت کان واقف نه آهن، اسان جي ڏنل رزق مان، خدا جو قسم توهان کان ضرور پڇيو ويندو ته اهي ڪوڙ توهان ڪيئن ٺاهيا هئا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي ماڻهو اسان جي ئي ڏنل رزق مان اھڙن جا حصا ڪڍن ٿا جن جي حقيقت جي کين ڪابه خبر نه آھي. اللھ تعاليٰ جو قسم! توھان کان توھان جي گهڙيل ڳالهين جو ضرور پڇاڻو ٿيندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ البَنٰتِ سُبحٰنَهُ وَلَهُم ما يَشتَهونَ (آيت : 57) |
۽ الله لاءِ ڌيئرون مُقرّر ڪندا آھن اُھو پاڪ آھي ۽ پاڻ لاءِ جيڪي وڻندو اٿن (يعني پُٽ سو مُقرّر ڪندا آھن).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي ماڻهو الله جي لاءِ ڌيئرون ٺهرائين ٿا. پاڪائي هجي الله جي لاءِ! (ڀلا الله جي لاءِ ڌيئر!) ۽ سندن لاءِ وري اهي جن جي لاءِ خواهشمند آهن (يعني پٽ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي الله تعالى لاءِ نياڻيون مقرر ڪن ٿا، الله تعالى ان کان پاڪ آهي، ۽ اهي پاڻ لاءِ پُٽ پسند ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ماڻهو خدا جي لاءِ ڌيئرون مقرر ڪن ٿا، (سبحان الله) اهو ان کان بلڪل پاڪ صاف آهي ۽ پنهنجي لاءِ (وري پٽ!) جي وڻندڙ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٺاهين الله جي لاءِ ڌيئرون پاڪائي آهي ان جي ۽ انهن جي لاءِ اهو آهي جيڪي پسند ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله لاءِ ڌيئرون مقرر ڪن ٿا، اهو پاڪ آهي ۽ پاڻ لاءِ جيڪي دل گهرين (سو مقرر ڪن ٿا). (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله لاءِ ڌيئرون مقرر ڪن ٿا سبحان الله (الله پاڪ آهي) ۽ انهن لاءِ (وري اهو) جيڪو اهي چاهن. (يعني پُٽَ)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌِيئون ٺاهِنِ ڌَڻِئَ لئ، جو پاڪ سَدائـِين پاڻ، ۽ آهن اُنهنِ ڪاڻ، جيڪِي گُھرن گھوٽيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله لاءِ ڌيئر رٿين ٿا! هو پاڪ آهي، ۽ هو پاڻ لاءِ بهتر شيءِ گهرن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي الله لاءِ ٿا ڌيئر مقرر ڪن. الله ته پاڪ آهي ۽ وري پنهنجي لاءِ اٿن اهو، جيڪو پاڻ کي وڻين ٿو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي الله جي لاءِ ڌيئرون تجويز ڪندا آهن، سبحان الله! ۽ انهن جي لاءِ اهي جيڪي هي پاڻ گهرن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙا ئي ماڻهو اللھ تعالى جي لاءِ اولاد طور ڌيئرون مقرر ڪن ٿا ، حالانڪه اللھ تعالى جي ذات اھڙن رشتن کان پاڪ آھي ۽ وري ٻئي طرف پنھنجي لاءِ مَن پسند رشتا مقرر ڪن ٿا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِالأُنثىٰ ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 58) |
۽ جڏھن منجھائن ڪنھن ھڪ کي ڌيءُ (ڄمڻ) جي خبر ڏبي آھي (تڏھن) سندس مُنھن ڪارو ٿي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريل ھوندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن انهن ماڻهن مان ڪنهن کي ڌيءُ جي ڄمڻ جي خبر ڏني وڃي ٿي تڏهن (رنج ۽ غم کان) ان جو منهن ڪارو ٿي ٿو وڃي، ۽ ڏک ۾ ڀرجي ٿو وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن انهي کي نياڻي جي مبارڪ ڏني وڃي ٿي ته سندس چهرو ڏک مان ڪارو ٿي پوي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن مان ڪنهن هڪ کي ڌيءَ ڄمڻ جي خوشخبري ٻڌائجي ته ڏک مان سندس منهن ڪارو ٿو وڃي ٿو. ۽ اهو ڄڻ زهر جهڙو ڍڪ پي ڍڪر ۾ اچي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن بشارت ڏنو ويو هڪڙو انهن مان ڌيءَ جي ته هميشہ رهيو منهن ان جو ڪارو ۽ اهو ڪاوڙ کائيندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن انهن مان ڪنهن کي ڌيءَ (جي پيدا ٿيڻ) جي مبارڪ ڏني وڃي ٿي ته سندس منهن ڪارو ٿي پوي ٿو ۽ پاڻ ڏک ڀريل ٿي پوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن مان ڪنهن کي ڌيءُ (جي ڄمڻ) جي خبر ڏني وڃي ته سندس منهن ڪاراٽجي وڃي ٿو ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن اُنهن مان، ڪِنهن هيڪڙي، ڌِئ جي مِلِي ڌِيرَ، ميرو ٿيو مُنهن اُن جو، ۽ آهي اِهو دِلگِير، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن انهن مان ڪنهن کي ڌيءَ جي خوشخبري ڏجي ٿي ته، سندن منهن ڪاراٽجي وڃي ٿو ۽ هو اندر ۾ پيو ڪڙهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن انهن مان ڪنهن کي ڌيءُ ڄمڻ جي خوشخبري ڏني وڃي ٿي ته سندس منهن ڪاراٺجي وڃي ٿو ۽ اندر ئي اندر ۾ وَٽَ ٿو کائي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن انهن مان ڪنهن هڪ کي به ڌيءُ ڄمڻ جي خوشخبري ڏني ويندي آهي ته سندن چهري تي ڪارنهن ڇانئجي ويندي آهي ۽ اهو رت جو ڍڪ پي ويندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اللھ تعالى جي لاءِ اولاد طور ڌيئرون مقرر ڪرڻ وارن جو ھي حال آھي ته) جڏھن انهن مان ڪنھن کي ڌيءَ ڄمڻ جي خوشخبري ڏني وڃي ٿي ته سڄو ڏينھن سندس منھن ڪاراٽيل رھي ٿو ۽ اندر ئي اندر ۾ لڙھڪيل نظر ايندو آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَتَوٰرىٰ مِنَ القَومِ مِن سوءِ ما بُشِّرَ بِهِ أَيُمسِكُهُ عَلىٰ هونٍ أَم يَدُسُّهُ فِى التُّرابِ أَلا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 59) |
جيڪا کيس بڇڙي خبر ڏني وئي تنھنجي ناراضپي سببان قوم کان پيو لڪندو آھي، (ڳڻتي ۾ پوندو آھي ته) اُن ڌيءُ کي خواريءَ ۾ رکي يا اُن کي مٽيءَ ۾ دٻي ڇڏي، خبردار اُھي جيڪي نبيرو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ڳالهه جي خبر (کيس) ڏني ويئي آهي سا (هن جي نظر ۾) اهڙي ته بڇڙائي جي ڳالهه آهي جو (شرم ۾ ٻڏي) ماڻهن کان لڪندو رهي ٿو (۽ سوچيندو رهي ٿو ته) سر تي خواري کڻي ڌيءُ کي ائين ڇڏي پاڻ وٽ رکان يا مٽي ۾ پوري ڇڏيانس (ته مري وڃي). افسوس انهن ماڻهن تي! ڪهڙو نه برو فيصلو آهي جو هو ڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهي خراب ڳالهه ٻڌڻ جي ڪري اهو پنهنجي قوم کان لڪي ٿو (پيءُ انهي پريشاني ۾ آهي ته) ڇا ان نياڻي کي خواري سان پاڻ وٽ رهائي يا ان کي مٽيءَ ۾ (زنده ) دفن ڪري، خبردار! اهو توهان جو تمام خراب فيصلو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ڌي جي) عار کان جنهن جي کيس خوشيءَ خبري ڏني ويئي آهي، قوم جي ماڻهن کان پيو لڪندو ڇپندو. (۽ پيو سوچيندو) ته ڇا ڪري!خواري (سر تي) کڻي کيس جيئرو ڇڏي يا کيس (جيئرو ئي) زمين ۾ پوري ڇڏي. (ڏسو ته! اهي ڪهڙو نه بڇڙو حڪم لڳائين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) لڪي ٿو قوم کان ان کي بري سمجھڻ جي ڪري جنهن جي بشارت ڏنو ويو ڇا روڪي رکي ان کي ذلت سان؟ يا پوري ڇڏي ان کي مٽيءَ ۾؟ خبردار برو آهي اهو جو فيصلو ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جا مبارڪ کيس ڏني وئي آهي ان جي ناخوشيءَ ڪري قوم کان پيو لڪندو، ته ڇا ان کي خواريءَ جي حالت ۾ سانڍي يا ان کي مٽيءَ ۾ پوري ڇڏي. خبردار رهو! اهي جيڪو فيصلو ڪن ٿا سو بڇڙو آهي! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ماڻهن کان لڪندو وتي ٿو ان بري خبر جي ڪري جا کيس ٻڌائي وئي. ڇا ان کي ذلت سان (زنده) رکي؟ يا ان کي مٽيءَ ۾ دٻائي ڇڏي. خبردار! ڪيڏو برو فيصلو آهي جيڪو اُهي ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لِڪي پيو لوڪ کان، ڪنان خوارِئ کِير، ته روڪيسِ رُسوائي سان،يادَ ڪيس مِٽئَ ۾ مِير، جا فتوا ڏِين فَقِير ، سا بِلڪُل آهي بُڇڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن جي کيس خبر ڏني وئي آهي ان جي عار کان ماڻهن کان لڪندو رهي ٿو، ته يا ته ان ذلت کي پاڻ تي کڻي يا ان کي جيئري ئي مٽي ۾ پوري ڇڏي. ٻڌو! انهن جي اها رٿ تمام خراب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وتي ٿو ماڻهن کان لــِـڪندو ته انهيءَ خراب خبر کان پوءِ ڪهڙو منهن ڏيکارين ۽ سوچي ٿو ته ان کي ذلت سان رکيو ويٺو هجي يا مٽيءَ ۾ پوري ڇڏيس؟ ڏسو الله جي باري ۾ ڪهڙا نه برا فيصلا ٿا ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) لڪندو وتندو آهي ماڻهن کان ته کين ڪيئن منهن ڏيکاري انهيءَ بري خبر کان پوءِ، سوچيندو آهي ته ذلت سان ڌيءُ کي رکيو ويٺو هجي يا مٽيءَ ۾ ان کي پوري ڇڏي؟ ڏسو ڪهڙا نه برا حڪم آهن جيڪي خدا جي باري ۾ ڏين ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڌيءَ جي ڄمڻ واري خبر کان پوءِ ماڻهن کان پيو منھن لڪائيندو وتندو آھي ۽ دل ئي دل ۾ ڪُڙھندو رھندو آھي ته ذلت سان ڌيءَ کي برداشت ڪريان يا جيئرو ئي مٽيءَ ۾ پوري ڇڏيانس. (افسوس!) ڏسو ته ھي ماڻهو ڪيڏا نه برا فيصلا ڪن ٿا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ مَثَلُ السَّوءِ وَلِلَّهِ المَثَلُ الأَعلىٰ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 60) |
جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جو مثال بڇڙو آھي، ۽ الله جو مثال مٿاھون آھي، ۽ اھو غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حقيقت هيءَ آهي ته) جيڪي ماڻهو آخرت تي يقين نٿا رکن تن جي لاءِ (ائين ئي ٿيڻو آهي ته) هو (الله جي صفتن جو) برو تصور ڪن (يعني الله تعاليٰ کي برين صفتن وارو ٺهرائين) حالانڪه الله جي لاءِ ته (هر طرح) بلند ترين تصور آهي (ته هو اعليٰ ۽ ڪامل صفتن سان موصوف آهي) هو سڀني تي غالب ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي آخرت کي نٿا مڃين انهن جو انجام تمام خراب آهي، ۽ الله تعالى جو وڏو شان آهي، ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بڇڙيون ڳالهيون ته انهن ماڻهن لاءِ وڌيڪ مناسب آهن جي آخرت جو يقين نٿا رکن. ۽ خدا جي شان جي لائق ته اعلى صفتون آهن (الوهيت ربوبيت) ۽ اهو ئي ته غالب (۽) حڪيم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن جي لاءِ جيڪي نه ٿا ايمان آڻين آخرت تي صفت بري آهي ۽ الله جي لاءِ شان بلند آهي ۽ اهوئي غالب، حڪمت وارو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃين تن جي حالت بڇڙي آهي، ۽ الله جي صفت بلند کان بلند آهي ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا رکن برو مثال (۽ حال)آهي. ۽ الله لاءِ (سڀ کان) مٿاهين صفت آهي. ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن لئي آخرت تي، نه آڻِينِ اِعتبار، صِفت صَفا بُڇڙِي، ۽ صِفت رَبَّ، سَتّار، اَعلىٰ آهي اَپار، سو سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي آخرت تي يقين نٿا رکن، انهن جي حالت بڇڙي آهي، ۽ الله لاءِ ته اعليٰ صفتون ثابت آهن ۽ هو غالب وڏيءَ ڏاهپ وارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) خراب صفتن واري تشبيهه ڏيڻ جي لائق ته اهي ماڻهو آهن، جن کي آخرت تي يقين ڪونهي، باقي الله لاءِ ته سڀ کان اعليٰ صفتون آهن. اهوئي ته سڀني تي غالب ۽ حڪمت ۾ ڪامل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي ماڻهو آهن جيڪي يقين نٿا رکن آخرت تي، برن مثالن ۽ صفتن جي لائق آهن ۽ باقي رهيو الله، ته ان لاءِ سڀ کان اعليٰ صفتون آهن ۽ اهو ئي ته سڀني تي غالب ۽ حڪمت ۾ ڪامل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو آخرت تي يقين نٿا رکن تن جي حالت خراب آھي ۽ اللھ تعالى جي صفت تمام بلند آھي ۽ ھو زبردست حڪمت وارو آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو يُؤاخِذُ اللَّهُ النّاسَ بِظُلمِهِم ما تَرَكَ عَلَيها مِن دابَّةٍ وَلٰكِن يُؤَخِّرُهُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 61) |
۽ جيڪڏھن الله ماڻھن کي سندن ظلم سببان پڪڙي ته ڪنھن چرندڙ کي زمين تي نه ڇڏي پر اُنھن کي ٺھرايل مدّت تائين مُھلت ڏني اٿس، پوءِ جنھن مھل سندن مھلت پھچندي (تنھن مھل) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ ماڻهن کي سندن ظلم سببان (هڪدم) پڪڙ ڪري ها ته زمين جي مٿاڇري تي هڪ به چرڻ پرڻ وارو (ساهه وارو) باقي نه ڇڏي ها. پر هو هڪ خاص ٺهرايل وقت تائين مهلت ڏئي ٿو. پوءِ جڏهن اهو مقرر وقت اچي پهچي ٿو تڏهن نڪي هڪ گهڙي اُهي ماڻهو پوئتي رهي سگهن ٿا نه هڪ گهڙي اڳتي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن الله تعالى ماڻهن تي سندن ظلم جي ڪري پڪڙ ڪري ها ته زمين تي ڪوبه جاندار نه بچي ها پر الله تعالى وقت مقرر تائين انهن کي مهلت ڏئي ٿو. پوءِ جڏهن مقرر وقت ايندو ته اهي هڪ گھڙِي اڳتي ۽ پوئتي نٿي سگھندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪڏهن خدا پنهنجي ٻانهن جي نافرمانين (۽ بي ادبين) جي پڪڙ ڪري ها ته هوند! روءِ زمين تي ڪنهن هڪ ساھ واري کي به نه ڇڏي ها. مگر هو ته هڪ مقرر وقت تائين انهن سڀني کي مهلت ڏئي ٿو. پوءِ جڏهن سندن (اهو) وقت ايندو ته هڪ گهڙي پٺتي ويندا ۽ نه اڳتي وڌي سگهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن پڪڙي ها الله ماڻهن کي سببان ظلم انهن جي ته نه ڇڏي ها ان تي ڪو چرندڙ ۽ پر ڍر ٿو ڏئي انهن کي مدي مقرر تائين پوءِ جڏهن ايندو مدو انهن جو ته نه پوئتي ٿيندا هڪ گھڙي ۽ نه اڳتي ٿيندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن الله ماڻهن کي سندن ظلم جي ڪري جهلي ته زمين ته ڪنهن به هلندڙ کي نه ڇڏي پر انهن کي هڪ مقرر مدت تائين ڍر ڏئي ٿو، پوءِ جڏهن سندن اهو وقت ايندو ته نه هڪ گهڙي پٺتي ٿيندا ۽ نه اڳي ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن الله ماڻهن کي انهن جي ظلمن سبب (جلدي) پڪڙ ڪري ته زمين تي ڪو جاندار نه ڇڏي ۽ پر انهن کي هڪ مقرر مدت تائين مهلت ڏئي ٿو. پوءِ جڏهن انهن جو مقرر وقت پهچي ٿو ته اُهي نه هڪ گهڙي پوئتي ٿي سگهن ٿا ۽ نه اڳتي وڌي سگهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مولىٰ ماڻهن کي وَٺي، جي سَبب سَندنِ آزار، ته اَصل نه ڇَڏيائـِين اُن مَٿي، ڪو وانِگي مَنجھ وَلهار، پَر مُهلت مُقرّر مَهل سِين، ڏٖينِ ٿو ڏاتار، مُقرّر مَهل اُنهن جِي، جڏهن آئـِي آخِرڪار، ته وَرِي هِڪڙي وار، اَڳ پوءِ نَه ٿِيَنِ، اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن الله ماڻهن کي سندن ظلم ڪري پڪڙ ڪري ته ان (زمين) تي ڪنهن به چرندڙ کي نه ڇڏي ها، مگر هو انهن کي هڪ وقت تائين مهلت ڏئي ٿو_ پوءِ جڏهن سندن وقت ايندو ته نڪي هڪ گهڙي پوئتي هٽندا، نه اڳتي وڌي سگهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن الله ماڻهن کي سندن ڏاڍاين جي ڪري پڪڙي ها ته سڄي زمين تي ڪنهن به ساهواري کي نه ڇڏي ها، مگر هو سڀني کي هڪڙي مقرر وقت تائين مهلت ڏيئي رهيو آهي، پوءِ جڏهن سندن وقت ڀرجي آيو ته ان کان هڪ گهڙي به اڳي پوءِ نه ٿيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي پڪڙي وٺي ها الله ماڻهن کي سندن ظلمن جي ڪري ته ساري زمين تي ڪنهن جاندار کي نه ڇڏي ها، پر اهو سڀني کي هڪ مقرر وقت تائين مهلت ڏيندو آهي، پوءِ جڏهن اهو وقت اچي ويندو آهي ته نه ٿي سگهندي ان کان پوءِ ڪا هڪڙي گهڙي اڳتي پوئتي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏھن اللھ تعالى ماڻهن کي سندن ظلم جي ڪري جلدي پڪڙ ڪري ھا ته زمين تي ڪير به ساھوارو زنده نه رھي سگهي ھا، پر ھو سڀني کي ھڪ مقرر ڪيل وقت تائين عمل ڪرڻ جي مھلت ڏئي ٿو، پوءِ جڏھن انهن جو مقرر وقت ايندو آھي ته ھڪ گهڙي به اڳتي پوئتي نه ٿيندي آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَجعَلونَ لِلَّهِ ما يَكرَهونَ وَتَصِفُ أَلسِنَتُهُمُ الكَذِبَ أَنَّ لَهُمُ الحُسنىٰ لا جَرَمَ أَنَّ لَهُمُ النّارَ وَأَنَّهُم مُفرَطونَ (آيت : 62) |
۽ الله لاءِ اُھا شيء مقرر ڪندا آھن جيڪا (پاڻ) ناپسند ڪندا آھن ۽ سندن زبانون ڪوڙ بڪنديون آھن ته سندن لاءِ (ڇوٽڪاري جي) جي چڱائي آھي، بلاشڪ اُنھن لاءِ (دوزخ جي) باھ آھي ۽ اُھي حد کان لنگھي ويل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي ماڻهو الله سان اهڙيون ڳالهيون منسوب ڪن ٿا جن کي خود (پنهنجي لاءِ به) پسند نٿا ڪن. هنن جون زبانون ڪوڙيون دعوائون ڪن ٿيون (۽ هو چون ٿا) ته هنن جي لاءِ چڱائي ئي چڱائي آهي. نه نه! بلڪ هنن لاءِ (دوزخ جي) باهه آهي. بيشڪ اهي سڀني کان اڳ ۾ ان (باهه) ۾ پوڻ وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى لاءِ اهو مقرر ڪن ٿا جيڪو کين نٿو وڻي ۽ سندن زبانون ڪوڙ ڳالهائن ٿيون ڀانئن ٿا ته بيشڪ سندن لاءِ (اها) نيڪي آهي، ان سببان بيشڪ انهن لاءِ باه آهي ۽ بيشڪ اهي حد کان وڌندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي خدا جي لاءِ هي شيون مقرر ڪن ٿا جن کي پاڻ (به) پسند نٿا ڪن. پڻ پنهنجي زبان سان هيءَ ڪوڙي دعوى ته (آخرت ۾ به) انهن لاءِ چڱائي آهي (چڱائي ته نه آهي پر) هاءُ هنن جي لاءِ دوزخ جي باھ ضرور آهي ۽ اهي ئي سڀني کان اول (ان ۾ اڇليا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪن ٿا الله جي لاءِ اهو جو پاڻ پسند نه ٿا ڪن ۽ بيان ٿيون ڪن زبانون انهن جون ڪوڙ ته بلاشڪ انهن جي لاءِ ڀلائي آهي بلاشڪ يقينًا انهن جي لاءِ باھ آهي ۽ بيشڪ اهي جلد اڳتي موڪليل آهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي الله لاءِ اهي شيون مقرر ڪن ٿا جن کي پاڻ پسند نه ٿا ڪن. ۽ سندن زبانون ڪوڙ چون ٿيون ته انهن لاءِ چڱائي آهي. هن ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهن لاءِ باهه آهي ۽ انهن کي (ان ۾ سڀني کان اڳي) موڪليو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي الله لاءِ اُهي شيون مقرر ڪن ٿا جيڪي (پنهنجي لاءِ) پسند نه ٿا ڪن ۽ سندن زبانون ڪوڙ چون ٿيون ته انهن لاءِ چڱائي آهي. هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهن لاءِ باهه آهي ۽ اُهي (باهه ۾) سڀني کان اڳ پهچايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُقرّر مالِڪ لئي ڪَن، جنهن کي بُرو ڀانئـِين پاڻ، ۽ ڪَن ڪُوڙ زِبانون اُنهن جُون، ته سَڀ خوبيون سَندنِ ڪاڻ، بيشڪ باھِ سنَدنِ ڀاڻ، ۽ اُهي آهن، اُکتل حَد ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو الله لاءِ اهڙيون ڳالهيون رٿين ٿا، جي کين به نٿيون وڻن ۽ پنهنجي زبان سان ڪوڙ بڪندا آهن، ته انهن لاءِ هر طرح جي ڀلائي آهي، بيشڪ انهن لاءِ دوزخ جي باهه آهي ۽ بيشڪ اهي حد کان لنگهندڙ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اڄ اِهي ماڻهو اهو ڪجهه ٿا الله لاءِ گهڙين، جيڪو خود پنهنجي لاءِ اڻ وڻندڙ ٿو لڳين ۽ ڪوڙَ ٿيون هڻن سندن زبانون، ته انهن لاءِ هر طرح جي چڱائي آهي. انهن لاءِ ته آهي ئي هڪ شيءِ، جا آهي دوزخ جي باهه ۽ بيشڪ سڀ کان پهريائين ته اهي ئي ان ۾ اماڻيا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اڄ هي شخص الله جي لاءِ اهي ڳالهيون ڪري رهيا آهن جيڪي کين پسند نه آهن، سندن زبانون ڪوڙ ڳالهائينديون آهن ته انهن لاءِ بهتر آهي، جيڪا هڪ ئي شيءِ آهي بيشڪ اها آهي دوزخ جي باهه ۽ ضرور اهي سڀ کان پهرين اتي پهچايا ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي ماڻهو اللھ تعالى جي لاءِ اھڙيون شيون پسند ڪن ٿا جن کي ھو خود پنھنجي لاءِ ناپسند ڪندا آھن ۽ پنھنجي لاءِ چڱي انجام جي سندن دعوى بالڪل ڪوڙي آھي، يقيناً انهن جي لاءِ جھنم جي باهه آھي . بيشڪ اهي ئي سڀ کان پھريان ان ۾ وڌا ويندا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَاللَّهِ لَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَهُوَ وَلِيُّهُمُ اليَومَ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
الله جو قسم آھي ته بيشڪ توکان اڳ اُمّتن ڏانھن (پيغمبر) موڪلياسون پوءِ کين شيطان سندن عمل چڱا ڪري ڏيکاريا پوءِ اُھو اڄ سندن دوست آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هن ڳالهه جي سچائي تي اسان پاڻ شاهد آهيون ته اسان توکان اڳي ڪيترن ئي امتن ڏي رسول موڪليا. پوءِ (ڇا ٿيو جو) شيطان ماڻهن کي سندن بدعمل سهڻا ڪري ڏيکاريا) (هنن سچائيءَ جي دعوت تي عمل نه ڪيو) اهوئي شيطان اڄ به هنن (مڪي جي ڪافرن) جو رفيق آهي ۽ (آخر) هنن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي الله جو تحقيق توهان کان اڳين امتن ڏانهن به اسان پيغمبر موڪليا پوءِ انهن لاءِ شيطان سندن خراب عملن کي سندن نظرن ۾ سهڻو ڏيکاريو ۽ اهو شيطان اڄ سندن مددگار آهي ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) خدا جو (پنهنجو) قسم تو کان اڳ اڳين امتن ڏي ڪيئي پيغمبر ويا ته شيطان سندن ڪرتوت سٺا ڪري ڏيکاريا، ته اهو ئي اڄ به سندن سرپرست بڻيل آهي. جيتوڻيڪ هنن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله جو قسم آهي ته البته تحقيق رسول موڪلياسون امتن ڏانهن توکان اڳتي پوءِ سينگاريا انهن لاءِ شيطان عمل انهن جا پوءِ اهو مددگار انهن جو آهي اڄ ۽ انهن لاءِ عذاب دردناڪ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله جو قسم ته بيشڪ اسان توکان اڳ مختلف جماعتن ڏي (رسول) موڪليا پوءِ انهن کي شيطان سندن ڪم چڱا ڪري ڏيکاريا پوءِ اهوئي اڄ انهن جو دوست آهي ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله جو قسم! ته بيشڪ اسان تو کان اڳ گهڻين امتن ڏانهن رسول موڪليا پوءِ شيطان انهن کي سندن (برا) عمل سهڻا ڪري ڏيکاريا پوءِ اُهو (شيطان) ئي اڄ انهن جو دوست آهي ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سائـِينءَ جو سوڳنڌ، ته اُمتن ڏي، توکان اَڳي، موڪليون سون مُورهِين، هِدايتون هَر هَنڌ، پوءِ شيطان سَندنِ شرارتون، پَساينِ پَسند، سو دوست سَندنِ دِلبند، اَڄ ۽ اُنهن لئي ، سَخت عذاب ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله گواهه آهي، ته توکان اڳين امتن ڏي رسول موڪلياسون، سو انهن کي به شيطان سندن عمل چڱا ڪري ڏيکاريا، پوءِ اڄ اهو ئي سندن همراهه آهي_ ۽ انهن لاءِ دردناڪ سزا آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جو قسم! توکان اڳ ۾ گهڻين ئي قومن ڏانهن اسان رسول موڪلي چڪا آهيون (۽ اڳ ۾ به اهوئي ٿيندو رهيو آهي ته) شيطان سندن بڇڙا عمل کين ڏاڍا سهڻا ڪري ڏيکاريا (سو رسولن جي ڳالهه نه مڃيائون) اهوئي شيطان اڄ انهن جو به سرپرست بڻيل آهي ۽ هو دردناڪ سزا جي لائق بڻجي رهيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) خدا جو قسم (اي نبي!) موڪليا آهن رسول ڪيترين قومن ۾ تو کان اڳي (۽ ائين ئي ٿيو آهي ته) سهڻا ڪري ڏيکاريا شيطان کين سندن برا ڪرتوت (۽ رسولن جي ڳالهه انهن نه مڃي) اهو ئي (شيطان) اڄ سرپرست آهي سندن ۽ اهي دردناڪ سزا جا حقدار ٿيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعاليٰ جو قسم! (اي نبيﷺ!) بيشڪ اسان توهان کان اڳ ڪيترن ئي قومن ڏانھن پنھنجا رسول سڳورا موڪلي چڪا آھيون پر شيطان سندن عملن کي سھڻو بنائي ڌوڪي ۾ وڌو، اڄ به شيطان انهن جي رھنمائي ڪري ٿو، تنھن ڪري انهن لاءِ تڪليف ڏيندڙ عذاب آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ إِلّا لِتُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذِى اختَلَفوا فيهِ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 64) |
۽ (اي پيغمبر) توتي ڪتاب ھن کانسواءِ نازل نه ڪيوسون ته جن بابت تڪرار ڪيو تن کي تون بيان ڪرين ۽ (پڻ) مؤمن قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان توتي الڪتاب (يعني قرآن) فقط هن لاءِ نازل ڪيو آهي ته جن ڳالهين ۾ هي ماڻهو اختلاف ڪري رهيا آهن، تن جي حقيقت انهن لاءِ چٽي ڪري ڇڏين ۽ اهو ڪتاب مؤمنن لاءِ هدايت ۽ رحمت ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه نازل ڪيو اسان رسولِ عربي تي قرآن ڪريم مگر ان لاءِ ته انهن لاءِ بيان ڪري جنهن ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا، ۽ (قرآن ڪريم) هدايت ۽ رحمت آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان آڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان تو تي ڪتاب (قرآن) ته هن ڪري نازل ڪيو ته جن ڳالهين ۾ اهي ماڻهو پاڻ ۾ اختلاف (وڙهن) ڪن ٿا تنهن کي کولي صاف صاف بيان ڪرين ۽ (تنهن کان سواءِ هي ڪتاب) ايماندارن جي لاءِ ته (سمورو) هدايت ۽ رحمت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه نازل ڪيوسون توتي ڪتاب مگر تانته بيان ڪرين انهن جي لاءِ اهو جو اختلاف ڪيائون ان ۾ ۽ هدايت ۽ رحمت ڪري ان قوم جي لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان توتي ڪتاب رڳو هن لاءِ نازل ڪيو آهي ته جنهن ڳالهه ۾ انهن (پاڻ) ۾ اختلاف ڪيو سو تون مٿن ظاهر ڪرين، ۽ ايمان واريءَ قوم کي رستي ڏيکارڻ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان تو تي ڪتاب رڳو هن لاءِ لاٿو آهي ته تون انهن تي اُهي ڳالهيون چِٽيون ڪرين جن ۾ اهي پاڻ ۾ اختلاف ڪن ٿا ۽ هدايت ۽ رحمت آهي ان قوم لاءِ جن ايمان آندو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قرآن ڪريم تو مَٿي، نه لاٿو سون لال! مگر جَهڳڙن جِنهن ۾، سو سَمجھايَئـِينِ سُوال، ۽ ڏَس ڀَلو ۽ ڀال، سَمجھن سَچو، تِنهن ساٿ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان تو تي هي ڪتاب رڳو ان لاءِ لاٿو آهي، ته جن ڳالهين ۾ هو ڌار ڌار رايا رکن ٿا، سي مٿن ظاهر ڪرين_ ۽ هو ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هيءُ ڪتاب توتي ان لاءِ نازل ڪيو آهي ته جيئن تون انهن اختلافن جي حقيقت مٿن کولي پڌري ڪرين، جن ۾ اهي پيل آهن ۽ اهو صحيح واٽ ڏسيندڙ ۽ پڻ رحمت بڻجي آيو آهي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي کيس مڃين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نازل ڪيو آهي اسان توتي هي ڪتاب ان لاءِ ته تون کولي رکين اها حقيقت انهن جي سامهون سندن اختلافن جي، جن ۾ اهي پيل آهن، ۽ (هي ڪتاب) رهنمائي ۽ رحمت آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ان کي مڃين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ته تنھنجي مٿان ھي ڪتاب ان ڪري نازل ڪيو آھي ته جيئن سندن اختلافي ڳالهين ۾ تون انهن کي دليل طور پيش ڪرين. (حقيقت ھي آھي ته) قرآن، مؤمنن جي لاءِ سراسر ھدايت ۽ رحمت آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 65) |
۽ الله آسمانن کان (مينھن جو) پاڻي وسايو پوءِ اُن سان زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪيائين، بيشڪ اُن ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشاني آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) الله تعاليٰ آسمان مان پاڻي وسائي ٿو. پوءِ ان (جي ريج) سان زمين کي، جا مري چڪي هئي (نئين سر) زنده ڪري (سرسبز ۽ آباد ڪري) ٿو ڇڏي. بيشڪ هن صورت حال ۾ انهن ماڻهن لاءِ هڪ نشاني آهي، جيڪي (حق جي دعوت کي دل جي ڪنن سان) ٻڌن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى آسمان مان مينهن نازل فرمايو پوءِ ان سان غيرآباد زمين کي آباد ڪيو، بيشڪ اِن ۾ اُن قوم لاءِ نشاني آهي جيڪي غور سان ٻڌن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا ئي ته آسمان مان پاڻي وسايو ته ان سان زمين کي مرده (پيل) هئڻ کان پوءِ جيئرو (سائو) ڪيو. بيشڪ هن ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ جي ٻڌن ٿا (خدا جي قدرت جي) تمام وڏي نشاني آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله نازل ڪيو آسمان کان پاڻي پوءِ آباد ڪيائين ان سان زمين ان جي برباد هجڻ کان پوءِ بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ان قوم جي لاءِ جيڪي ٻڌن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (مٿن) مهرباني ڪرڻ جي واسطي به (نازل ڪيو آهي). ۽ الله آسمان مان پاڻي وسايو پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کانپوءِ جيئرو ڪيائين. بيشڪ ان ۾ ٻڌڻ واريءَ قوم لاءِ نشاني آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله آسمان مان پاڻي نازل ڪيو (يعني مينهن وسايو) پوءِ ان جي ذريعي زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪيائين. بيشڪ ان ۾ (حق) ٻڌڻ وارن لاءِ هڪ نشاني آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ الله آسمان کان، پاڻِي لاٿو پاڻ، جِنهن سان، جِيارَيئـِين زَمين کي، سَندس سُڪڻ پُڃاڻ، اُنهئ ۾ اُهڃاڻ، جي سُڻن، تِنهن ساٿ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله آسمانن مان پاڻي وسايو، پوءِ زمين کي مئل هجڻ کان پوءِ جيئرو ڪيائين، ان ۾ ٻڌندڙن لاءِ وڏا دليل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله آسمانن مان پاڻي وسايو ۽ ان جي وسيلي مئل زمين کي جيئرو ڪري ڇڏيائين. بيشڪ ان ۾ هڪ نشاني آهي، ٻڌڻ وارن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (توهان هر برسات ۾ ڏسو ٿا ته) الله وسايو آسمان مان پاڻي پوءِ جان وڌي زمين ۾ ويران ٿيڻ کان پوءِ، بيشڪ ان ۾ هڪ نشاني آهي ٻڌڻ وارن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اللھ تعالى آسمان مان پاڻي نازل ڪيو جنھن جي ذريعي مئل زمين به (سرسبز ٿي) زنده ٿي وئي. بيشڪ ان (مثال) ۾ غور سان ٻڌندڙن لاءِ نشاني آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِهِ مِن بَينِ فَرثٍ وَدَمٍ لَبَنًا خالِصًا سائِغًا لِلشّٰرِبينَ (آيت : 66) |
۽ بيشڪ ڍورن ۾ اوھان لاءِ عبرت آھي، جيڪي سندن پيٽن ۾ آھي تنھن مان ڇيڻن ۽ رت جي وچون نج کير اوھان کي پيارينديون آھن جو پيئندڙن کي وڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ اوهان جي لاءِ چوپاين جانورن ۾ (سوچڻ سمجهڻ جي) وڏي عبرت آهي. (ڏسو) اسان انهن جي جسم مان رت (مُٽ ۽) ڇيڻن واري گندگيءَ جي وچ ۾ کير پيدا ڪيون ٿا. اهو کير پيئڻ وارن لاءِ اهڙو ته خالص ۽ لذيذ ٿئي ٿو جو (وڏي شوق سان) اهو کڻي پيئي وڃن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان لاءِ چؤپاين ۾ يقيناً عبرت آهي، اسين توهان کي انهن جي پيٽن مان اوجھه ۽ رت وچان، خالص کير پياريون ٿا جيڪو پيئندڙن کي گلي مان آساني سان هيٺ لهي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ چوپائي (مال) ۾ به اوهان لاءِ عبرت (جي ڳالھ) آهي، جو انهن جي پيٽ ۾ (ڌوڙ بلا) ڇيڻو ۽ رت (جو ڪجھ آهي) تنهن مان اسين اوهان کي خالص کير پيارون ٿا جيڪو پيئڻ وارن جي لاءِ مزيدار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اوهان جي لاءِ چوپاين جانورن ۾ البته عبرت آهي پياريون ٿا اوهان کي ان مان جو پيٽن انهن جي ۾ آهي وچان ڇيڻي ۽ رت جي، کير خالص، پيئڻ ۾ آسان پيئندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ چوپائي مال ۾ اوهان لاءِ هڪ نصيحت آهي. جيڪي انهن جي پيٽن ۾ آهي تنهن مان ڇيڻ ۽ رت جي وچان اوهان کي خالص کير پياريون ٿا، جو پيئندڙن کي وڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ چوپاين ۾ (به) اوهان لاءِ هڪ عبرت آهي. انهن جي پيٽن مان ڇيڻي ۽ رت جي وچان اسان اوهان کي (هڪ شيءِ) پياريون ٿا جا خالص کير آهي جيڪو پيئندڙن لاءِ فرحت بخش آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اوهان لئي عِبرت، موجُود اوهان جي مال ۾، پِيارِيو سون نِيئان، اُن جي پيٽ مان، وِچان ڇيڻي، رت، کِير اَڇو اَلبت، پَسند پِيئندڙن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چوپاين جانورن ۾ به اوهان لاءِ عبرت آهي، جو انهن جي پيٽ مان ڇيڻي ۽ رت جي وچان اوهان کي صاف آسانيءَ سان پيئڻ وارو کير بڻائي اوها ن کي پياريون ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان لاءِ چوپائي مال ۾ به نصيحت پرائڻ جو سامان موجود آهي. سندن پيٽن منجهان ڇيڻي ۽ رت جي وچان توهانکي نجو کير پيئاريون ٿا، جيڪو پيئندڙن لاءِ ڏاڍو مزيدار آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ توهان جي لاءِ جانورن ۾ هڪ سبق موجود آهي، اسان توهان کي پياريون ٿا (اها شيءِ جيڪا) انهن جي پيٽن مان ڇيڻي ۽ رت جي وچان هڪ خالص (نڪرندڙ) کير وڻندڙ آهي پيئڻ وارن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ توھان جي لاءِ چوپائي مال ۾ به ھڪ وڏي عبرت آھي. اسان توھان کي انهن جي پيٽ ۾ موجود ڇيڻي ۽ رت جي وچ مان خالص کير ڪڍي پياريون ٿا جيڪو ھر پيئندڙ لاءِ تمام گهڻو لذيذ ۽ وڻندڙ ھوندو آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِن ثَمَرٰتِ النَّخيلِ وَالأَعنٰبِ تَتَّخِذونَ مِنهُ سَكَرًا وَرِزقًا حَسَنًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 67) |
۽ کجين جي ۽ ڊاکن جي ڦرن مان ڪو (اھڙو قسم) آھي جو اُن مان شراب ۽ سٺي روزي بڻائيندا آھيو، بيشڪ اُن ۾ ڄاڻندڙ قوم لاءِ نشاني آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهڙيءَ طرح) انگور جي وڻن جا ميوا آهن جن مان نشو ڪندڙ عرق ۽ پڻ چڱي وڻندڙ ۽ مفيد غذا، (ٻنهي قسمن جون شيون) حاصل ڪيو ٿا، بيشڪ هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ (فهم ۽ بصيرت جي) هڪ (وڏي) نشاني آهي جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ کجين ۽ انگورن (جي ميون) مان توهان نشو ۽ کائڻ جون بهترين غذائون تيار ڪريو ٿا، بيشڪ انهي ۾ نشاني آهي انهي قوم لاءِ جيڪي عقلمند آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهڙي طرح اسين اوهان کي) کجور ۽ انگورن جي ميون مان (رس پياريون ٿا) جنهن مان (ڪڏهين ته) اوهين شراب بنائيندا آهيو ۽ (ڪڏهن) چڱي روزي (سرڪو وغيره) بيشڪ ان ۾ به سمجهڻ وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جي) وڏي نشاني آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ميون کجيءَ جي مان ۽ انگورن مان ٺاهيو ٿا ان مان نپوڙو ۽ رزق سهڻو بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ان قوم جي لاءِ جيڪي عقل رکن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ کجين جي ميون ۽ انگورن مان شراب ۽ سٺي روزي ٺاهيو ٿا. بيشڪ ان ۾ سمجهدار قوم لاءِ نشاني آهي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ کجور جي ميون ۽ انگورن مان اوهان مِٺا مشروب ۽ سُٺا کاڌا تيار ڪيو ٿا. بيشڪ ان ۾ سمجهدار قوم لاءِ هڪ نشاني آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ميوا کَجِي ۽ ڊاک جا، جن مان پِيڙيون پاڻ، چُڪو ۽ چَڱو قُوت پڻ، اُنهِئ ۾ اُهڃاڻ، قوم اُنهِئَ ڪاڻ، جي وِيچارِين وُجود ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پڻ کجين ۽ انگورن جي ميون مان نشي ۽ چڱيءَ خوراڪ جون شيون ٺهن ٿيون، بيشڪ ان ۾ عقلمندن لاءِ وڏا دليل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اهڙيءَ طرح)کجين جي وڻن ۽ انگور جي ولين جي پيداوار منجهان به هڪڙي شيءِ توهان کي پيئاريون ٿا، جنهن کي توهان نشيدار به بڻائي ڇڏيو ٿا ته پاڪ خوراڪ به، بيشڪ ان ۾ هڪ نشاني آهي عقل هلائڻ وارن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اهڙيءَ طرح) کجين جي وڻن ۽ انگورن جي ولين مان به هڪ شيءِ توهان کي پياريندا آهيون جنهن کي توهان نشو ڏيندڙ به (شراب) ٺاهي وٺو ٿا ۽ رزق پاڪ به، بيشڪ ان ۾ به هڪ نشاني آهي عقل کان ڪم وٺڻ وارن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ کجين ۽ انگورن جي ميون مان به توھان نشي ۽ سٺي خوراڪ جون شيون ٺاھيو ٿا بيشڪ ان ۾ عقلمند ماڻهن لاءِ وڏي نشاني آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَوحىٰ رَبُّكَ إِلَى النَّحلِ أَنِ اتَّخِذى مِنَ الجِبالِ بُيوتًا وَمِنَ الشَّجَرِ وَمِمّا يَعرِشونَ (آيت : 68) |
۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار ماکيءَ جي مَک ڏانھن الھام ڪيو ته ڪن جبلن ۾ ۽ وڻن ۾ ۽ جن شين مان (ماڻھو گھرن جون) ڇتيون جوڙيندا آھن تن ۾ گھر بڻاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) تنهنجي پروردگار ماکيءَ جي مک جي دل ۾ هيءَ ڳالهه وجهي ڇڏي ته جبلن ۾، وڻن ۾ ۽ انهن جاين ۾ جيڪي انهيءَ مطلب لاءِ ڪنهن مٿاهين جاءِ تي ٺاهيون وڃن ٿيون، پنهنجو مانارو ٺاهه.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي جي رب ماکيءَ جي مَکي کي الهام ڪيو ته تون پنهنجو مانارو جبلن ۾ ۽ وڻن ۾ ۽ ڇتين ۾ تيار ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) تنهنجي پروردگار ماکيءَ جي مک جي دل ۾ هيءَ ڳالھ وڌي ته تون جبلن ۽ وڻن ۽ ماڻهن جي مٿاهين (بنايل) ڇتن گهر بنائي!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وحي ڪيو رب تنهنجي ماکيءَ جي مک ڏانهن ته ٺاھ تون جبلن ۾ گھر ۽ وڻن ۾ ۽ ان ۾ جيڪي ڇتيون ٺاهين ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تنهنجي پاليندڙ ماکيءَ جي مک کي هيءَ حڪم ڪيو ته جبلن ۾ ۽ وڻن ۾ ۽ جن مَنَهَنِ تي (ماڻهو) ميون جا وڻ کڻن ٿا تن ۾ گهر بناءِ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تنهنجي پروردگار ماکيءَ جي مک جي مَن ۾ اها ڳالهه وڌي ته جبلن ۽ وڻن ۾ ۽ ڇپرن ۾ جن کي ماڻهو (ڇت وانگر) اوچو بنائن ٿا گهر بناءِ. (يعني مانارو ٺاهه)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تُنهنجي مالِڪ ماکِئَ ڏي، وَحِي ڪيو وريام، ته وَٺ وَڻن، پَهڻن مان، جايون پَنهنجيون جام، پڻ تن مان تمام، جِنهن مان، ماڻهون جوڙِين ماڙيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تنهنجي رب ماکيءَ جي مک جي دل ۾ وڌو ته جبلن ۾ گهر بڻائي ۽ وڻن ۽ ماڻهن جي ٺاهيل عمارتن ۾ به. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڏس تنهنجي رب ماکيءَ جي مک ڏانهن وحي ڪيو ته جبلن ۾ ۽ وڻن ۾ ۽ مــنــَـهنِ تي چاڙهيل ولين ۾ پنهنجا مانارا ٺاهه (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏس وحي ڪئي تنهنجي رب ماکيءَ جي مک ڏي اها ڳالهه ته جبلن ۾، ڇپرن ۾ ۽ وڻن ۾ چاڙهيل ولين ۾ پنهنجا مانارا ٺاهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ تنھنجي پالڻھار ماکيءَ جي مک کي وحي جي ذريعي ھي ڳالھ سيکاري ته ھوءَ جبلن، وڻن ۽ ماڻهن جي گهرن جي ڀتين ۽ مَنھَن تي لڳل ولين ۾ پنھنجو مانارو ٺاھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ كُلى مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ فَاسلُكى سُبُلَ رَبِّكِ ذُلُلًا يَخرُجُ مِن بُطونِها شَرابٌ مُختَلِفٌ أَلوٰنُهُ فيهِ شِفاءٌ لِلنّاسِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 69) |
وري ھر ڪنھن جنس جي ميون مان کاءُ پوءِ پنھنجي پالڻھار جي واٽن تي عاجزيءَ سان ھل، سندس پيٽن مان رنگارنگ پئڻ جي شيء (يعني ماکي) نڪرندي آھي منجھس ماڻھن لاءِ شفا آھي، بيشڪ اُن ۾ سوچ ڪندڙ قوم لاءِ عبرت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هر قسم جي گلن مان رس چوسيندي وتُ، پوءِ پنهنجي پروردگار جي ٺهرايل واٽن تي پوري فرمانبرداريءَ سان گامزن ٿيءُ. (سو ڏسو) سندس پيٽ مان مختلف رنگن جي رس نڪري ٿي. ان ۾ انسان جي لاءِ شفا آهي. بيشڪ هن صورت حال ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ هڪ نشاني آهي، جيڪي غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ تون سڀني ميون مان رس چوس پوءِ تون آساني سان پنهنجي رب جي ڏسيل رستي تي هل. ماکي جي پيٽ مان هڪ پيئڻ جي شيءِ (ماکي) نڪري ٿي جنهن جا مختلف رنگ آهن انهي ۾ ماڻهن لاءِ شفا آهي. بيشڪ انهي ۾ نشاني آهي اُن قوم لاءِ جيڪي فڪر ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ هر قسم جي ميون (جي ٻور) مان (ان جو عرق) چوس پوءِ پنهنجي پالڻهار جي راھ ۾ اطاعت سان هل. انهن مکين جي پيٽن مان پيئڻ جي شيءِ (ماکي) نڪري ٿي جنهن جا رنگ جدا جدا آهن، جنهن ۾ ماڻهن جي (بيمارين جي) شفا (به آهي) بيشڪ ان ۾ (غور ۽) فڪر ڪرڻ وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جي) تمام وڏي نشاني آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کان پوءِ کاءُ هر قسم جي ميون مان پوءِ پنهنجي رب جي (فضائي) رستن سان رواني ٿي آسان ٿيندڙ نڪري ٿي پيٽن ان جي مان اهڙي پيئڻ واري شيءِ جو مختلف آهن رنگ ان جا ان ۾ شفاء آهي ماڻهن جي لاءِ بلاشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ان قوم جي لاءِ جيڪي فڪر ڪن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سڀني ميون مان کاءُ، پوءِ پنهنجي پاليندڙ جي رستن ۾ هل، جيڪي کليا پيا آهن (يعني ڪم ڪر). انهن مکين جي پيٽن مان پيئڻ جي شيءِ نڪري ٿي جنهن جا رنگ جدا جدا آهن، ان ۾ ماڻهن لاءِ شفا آهي. بيشڪ ان ۾ فڪر ڪرڻ واريءَ قوم لاءِ نشاني آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ هر قسم جي ميون مان رس چوس پوءِ پنهنجي پالڻهار جي رستن تي هلندي رهه جيڪي آسان آهن. انهن (مکين) جي پيٽن مان پيئڻ جي هڪ شيءِ (ماکي) نڪري ٿي جنهن جا رنگ جدا جدا آهن ان ۾ ماڻهن لاءِ شفا آهي. بيشڪ ان ۾ غور و فڪر ڪرڻ واري قوم لاءِ هڪ نشاني آهي .(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽِي مِڙِني ميون مَنجھان، کاءُ کاڌا خُوشگوار، تُنهنجي رَبّ جي راهن تي، هَل تَهدِل تابِعدار، پِيَڻ نِڪريس پيٽ مان، جِنهنجا رنگ به ڌاروڌار، مَنجھسِ ماڻهنِ لئي، صحت پڻ؛ اُنهئَ ۾ پَڌرا پار، وَٺنِ جي وِيچار، ڪارڻ تِنهن قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هر قسم جي ميون کي چوسيندي رهه ۽ پنهنجي رب جي سولن رستن تي نياز سان هل، انهي جي پيٽ مان ڌار ڌار رنگن جي پيئڻ جي شيءِ (ماکي) نڪري ٿي، جنهن ۾ ماڻهن لاءِ شفا آهي، ان ۾ (به) سوچيندڙن لاءِ وڏو دليل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هر قسم جي ميون مان رس چوس ۽ پنهنجي رب پاران ســَـڻايون بڻايل واٽون وٺيو پئي هل. انهيءَ مک جي پيٽان هڪڙو رنگارنگي شربت ٿو نڪري، جنهن ۾ شفاءَ آهي ماڻهن لاءِ ، بيشڪ ان ۾ به هڪ نشاني آهي انهن ماڻهن لاءِ ، جيڪي سوچ ويچار ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هر ڪنهن قسم جي ميون جو رس چوس ۽ پنهنجي پالڻهار جي هموار ڪيل راهن تي هلندي رهه، ان مک جي اندران نڪري ٿو پيٽ مان رنگا رنگ هڪ شربت جنهن ۾ آهي شفا ماڻهن لاءِ. بيشڪ هڪ نشاني آهي انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي سوچ ويچار ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (۽ کيس اھو به سيکاريو ته) ھر قسم جي ميون جو رس چوسيندي رهه ۽ پنھنجي پالڻھار جي ڏسيل آسان فطري رستي تي ھلندي رهه، ماکيءَ جي مکين جي پيٽن مان پيئڻ جي هڪ شيءِ (يعني ماکي) نڪري ٿي، جنهن جا مختلف رنگ آهن، جنهن ۾ ماڻهن لاءِ شفا آھي، بيشڪ ان مثال ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن لاءِ ھڪ وڏي نشاني آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم ثُمَّ يَتَوَفّىٰكُم وَمِنكُم مَن يُرَدُّ إِلىٰ أَرذَلِ العُمُرِ لِكَى لا يَعلَمَ بَعدَ عِلمٍ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 70) |
۽ الله اوھان کي خلقيو ۽ وري اوھان کي ماريندو ۽ اوھان مان نڪميءَ عُمر ڏانھن ھن لاءِ موٽايو ويندو آھي ته ڄاڻڻ کانپوءِ ڪُجھ نه ڄاڻي، ڇوته الله ڄاڻندڙ وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) الله ئي اوهان کي پيدا ڪيو آهي، پوءِ اهوئي آهي جو توهان جي زندگي پوري ڪري ٿو (يعني ماري ٿو) ۽ اوهان ۾ ڪو اهڙو به ٿئي ٿو جو (پوڙهائيءَ جي) انتهائي عمر تائين پهچي ٿو. تان جو (علم ۽ عقل جي) سمجهه رکڻ بعد وري اهڙو نادان ٿي وڃي ٿو جو ڪجهه به نٿو ڄاڻي. بيشڪ الله تعاليٰ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ (هر ڳالهه جي) قدرت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى توهان کي پيدا ڪيو ان کان پوءِ توهان کي موت ڏيندو، ۽ ڪي ماڻهو توهان مان وڏي عمر کي پهچن ٿا جو ڄاڻڻ کان پوءِ به ڪنهن شيءِ جو علم نٿا رکن، بيشڪ الله تعالى ڄاڻندڙ قدرت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا ئي ته اوهان کي پيدا ڪيو پوءِ اهو ئي اوهان کي (دنيا مان) کڻندو. ۽ اوهان مان ڪي اهڙا به (ته) آهن جيڪي ذليل زندگي (تمام پوڙهائپ) ڏي موٽايا وڃن ٿا، جي (گهڻو ڪجھ) ڄاڻڻ کان پوءِ (به اهڙا سڪي ويا جو) ڪجھ به نه ٿا سمجهن. بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ ۽ (هر قسم جي) قدرت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله پيدا ڪيو اوهان کي تنهن کان پوءِ وفات ڪرائيندو اوهان کي ۽ ڪو اوهان مان اهو آهي جو موٽايو ٿو وڃي ضعيف عمر ڏانهن تانته نه ڄاڻي ڄاڻڻ کانپوءِ ڪجھ به بيشڪ الله ڄاڻندڙ، قدرت وارو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله اوهان کي پيدا ڪيو آهي، وري اوهان کي ماريندو. ۽ اوهان مان ڪنهن کي نهايت نڪميءَ عمر (يعني ٻڍاپڻ) ڏي موٽايو وڃي ٿو، هن لاءِ ته ڄاڻڻ کانپوءِ ڪجهه به نه ڄاڻي. بيشڪ الله (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ قدرت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله اوهان کي پيدا ڪيو آهي وري اوهان کي موت ڏيندو. ۽ اوهان مان ڪن کي ڪمزور ترين عمر (يعني ڊگهي ڪراڙپ) ڏانهن موٽايو وڃي ٿو هن لاءِ ته ڄاڻڻ کان پوءِ ڪجهه به نه ڄاڻي. بيشڪ الله ڄاڻندڙ قدرت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَلله اوهان کي جوڙيو، آن کي موٽِي، سو ماري، اوهان مان، عُمر رَدِئ ڏي، وَرِي ڪِن وارِي، تان سَڀ ڪُجھ سَمجھڻ پُٺيان، سَمجھ نه ڪُجھ ڌارِي، بارِي هر باري، سَگھ وارو ۽ سَمجھدار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان کي الله پيدا ڪري ٿو پوءِ ماري ٿو ۽ اوهان مان ڪو بيڪار عمر کي پهچي ٿو ته ڄاڻڻ کان پوءِ به ڪجهه نه ڄاڻي بيشڪ الله ڄاڻندڙ ۽ سگهه وارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڏسو الله توهان کي پيدا ڪيو، پوءِ توهانکي موت ٿو ڏئي ۽ وري توهان مان ڪو ته نــِـڪميءَ عمر ڏانهن موٽائي نيو وڃي ٿو ته جيئن سڀ ڪجهه ڄاڻڻ کان پوءِ وري ڪجهه به نه ڄاڻي، حقيقت ۾ الله علم ۾ به ڪامل آهي ته قدرت ۾ به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ڏسو)، الله پئدا ڪيو آهي توهان کي پوءِ وري اهو موت ڏيندو آهي توهان کي ۽ توهان مان ڪو پهچايو وڃي ٿو بيڪار عمر ڏي جيئن سڀڪجهه ڄاڻڻ کان پوءِ به هو وري ڪجهه نه ڄاڻي. سچ هي آهي ته الله علم ۾ ته ڪامل آهي پر قدرت ۾ به(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى ئي توھان سڀني کي پيدا ڪيو آهي، اهو ئي توھان کي موت ڏئي ٿو ۽ توھان مان وري ڪن ماڻهن کي ڊگهي عمر ڏئي صفا جهور پوڙھو ڪري ڇڏي ٿو ته جيئن ھو سڃاڻڻ کان پوءِ ڪنھن به شيءِ کي نه سڃاڻي سگهي. بيشڪ اللھ تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي طاقت وارو آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ فَضَّلَ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ فِى الرِّزقِ فَمَا الَّذينَ فُضِّلوا بِرادّى رِزقِهِم عَلىٰ ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَهُم فيهِ سَواءٌ أَفَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 71) |
۽ الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڌيڪ روزي ڏني آھي، پوءِ اُھي وڌ ڏنل روزيءَ وارا پنھنجي روزيءَ کي پنھنجن ٻانھن تي موٽائڻ وارا نه آھن ته اُھي (سڀ) منجھس برابر ھُجن، پوءِ الله جي نعمتن جو ڇو انڪار ڪندا آھن؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) الله تعاليٰ اوهان مان هڪڙن کي ٻين کان رزق جي باري ۾ بهتري ڏني آهي (جو ڪي زياده ڪمائين ٿا ۽ ڪي گهٽ) پوءِ ائين ڪونه ٿو ٿئي جو جنهن کي زياده رزق ڏنو ويو آهي سو پنهنجو رزق پنهنجي زيردستن کي ڏيئي ڇڏي. حالانڪ سڀ ان ۾ هڪ جهڙا حقدار آهن. پوءِ ڇا هي ماڻهو الله جي نعمتن کان صريحاً منڪر ٿي رهيا آهن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان مان ڪن ماڻهن کي ڪن تي رزق ۾ فضيلت ڏني، پوءِ جن ماڻهن کي ڀلو ڪيو ويو اهي پنهنجي ٻانهن کي ايترو ڪڏهن نٿا ڏين جو اهي ۽ سندن ٻانها پاڻ ۾ برابر ٿي وڃن، ڇا پوءِ اهي الله جي نعمتن جو انڪار ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا ئي اوهان مان هڪڙن کي ٻين کان وڌيڪ رزق (۽ دولت) ۾ ترجيح ڏني آهي. پوءِ جن کي وڌيڪ روزي ڏني وئي آهي سي پنهنجي روزيءَ مان انهن کي جن تي سندن پهچ آهي (غلام يا ٻانهيون ۽ نوڪرن کي) نه ٿا ڏين. (هوڏانهن) ان مان ۾ ته سڀئي (مالڪ ۽ غلام وغيره) برابر آهن. ته ڇا اهي ماڻهو خدا جي نعمت جا منڪر آهن؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله وڌايو هڪڙن کي اوهان مان ٻين تي رزق ۾ پوءِ ناهن اهي جو وڌايا ويا موٽائيندڙ رزق پنهنجي جا انهن تي جو مالڪ ٿيا هٿ انهن جا پوءِ اهي ان ۾ برابر آهن ڇا پوءِ الله جي نعمت جو انڪار ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله اوهان مان هڪڙن کي ٻين کان وڌيڪ روزي ڏني آهي. پوءِ جن کي وڌيڪ (روزي) ڏني وئي آهي سي پنهنجيءَ روزيءَ کي پنهنجن ٻانهن ڏي ڦيرڻ وارا نه آهن ته اهي (سڀ) ان (روزيءَ) ۾ برابر ٿين. ڇا پوءِ (به) الله جي نعمت جو انڪار ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله اوهان ۾ هڪڙن کي ٻين کان وڌيڪ روزي ڏني آهي. پوءِ جن کي وڌيڪ روزي ڏني وئي آهي سي ائين ناهن جو پنهنجي روزي کي پنهنجي زر خريد غلامن ڏانهن ڦيرائن ته جيئن اُهي سڀ ان (روزي) ۾ برابر ٿين. ڇا پوءِ اهي الله جي نعمت جو انڪار ڪن ٿا!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ رَبَّ اوهان مان، رزق ۾ ڪيا، ڪِن کان، ڪي ڪَثر، پوءِ اُهي، جَن اِملاڪ ۾، وِيو وَرسايو ويتر، سي موٽائـِيندڙ نه، سَندنِ مال کي، ٻانهن تي ٻِيهر، سَندنِ سَڄن هٿن جو، سَنڀالو جن سِر، ته هڪ جھڙا هُونِ اُن ۾، خادِم، خان ، نَفَرَ، ڇا مَڃِين نَه، سي مُنڪر، الله جي اِنعام کي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله اوهان مان هڪڙن کي ٻين کان روزيءَ ۾ وڌايو آهي، پوءِ جن کي وڌايو ويو آهي، سي سندن مال غلامن کي ان طرح ڪڏهن به نه ڏيندا جو سڀ برابر ٿي وڃن- ڇا پوءِ به الله جي نعمت جو انڪار ٿا ڪن! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڏسو! الله توهان مان هڪڙن کي ٻين کان وڌيڪ رزق ڏنو آهي. پوءِ جن ماڻهن کي اها سرسي ڏني وئي آهي اهي ته اهڙا ناهن جو پنهنجو رزق پنهنجن غلامن ڏانهن به کڻي لاڙيندا هجن، ته جيئن رزق جي معاملي ۾ سڀ هڪ ڪرا ٿي وڃن ته پوءِ باقي الله جي ئي احسان مڃڻ کان انڪار اٿن ڇا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ڏسو) الله فضيلت عطا ڪئي آهي توهان مان هڪڙن کي ٻين تي رزق ۾، پوءِ جن ماڻهن کي اها فضيلت ڏني وئي آهي سي اهڙا ته آهن جو ڦيريندا آهن پنهنجو رزق پنهنجن ٻانهن ڏي جيئن ٻئي ان ۾ بنجي وڃن برابر حصيدار، ته ڇا اهو احسان الله جو مڃڻ کان انهن ماڻهن کي انڪار آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اللھ تعالى رزق ۾ توھان کي ھڪ ٻئي تي فضيلت بخشي آھي پوءِ جن ماڻهن کي وڌيڪ مال ڏنو ويو آھي هو پنھنجي حصي مان پنھنجي غلامن کي ڪڏھن به ايترو مال نه ڏيندا جو مالڪ ۽ غلام ٻئي برابر ٿي وڃن. ڇا پوءِ به ھي ماڻهو اللھ تعالى جي نعمتن جو شڪر ادا ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا؟ (يعني ھي ماڻهو توحيد ۾ اللھ تعالى سان گڏ ٻين کي ان جي برابر سمجهن ٿا پر پنھنجي مال ۾ هو غلامن کي ڪڏھن به برابر نٿا سمجهن، پوءِ اھا توحيد جي ناشڪري ناهي ته باقي ان کي ٻيو ڪھڙو نالو ڏجي؟)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَجَعَلَ لَكُم مِن أَزوٰجِكُم بَنينَ وَحَفَدَةً وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَتِ اللَّهِ هُم يَكفُرونَ (آيت : 72) |
۽ الله اوھان لاءِ اوھان جي جنس مان زالون پيدا ڪيون ۽ اوھان جي زالن مان پُٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين، پوءِ ڇو ڪوڙ کي مڃيندا آھن ۽ اُھي ڇو الله جي نعمتن جو انڪار ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) الله تعاليٰ اوهان ۾ ئي اوهان جي لاءِ جوڙا پيدا ڪري ڇڏيا آهن (يعني مرد جي لاءِ عورت ۽ عورت جي لاءِ مرد) ۽ توهان جي جوڙن مان توهان جي لاءِ پٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيا آهن (۽ ائين ڪرڻ سان اوهان جو خاندان وسيع ٿي ويو آهي. توهان سڀ آدم جا پوٽا آهيو ۽ هڪ ڪٽنب آهيو) پڻ توهان جي روزيءَ لاءِ چڱيون چڱيون شيون مهيا ڪري ڇڏيون اٿس. پوءِ ڇا هي ماڻهو ڪوڙيون ڳالهيون ته مڃي وٺن ٿا پر الله جي نعمتن جي حقيقت کان انڪار ٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان مان توهان جون گھر واريون پيدا فرمايون ۽ توهان جي گھر وارين مان توهان لاءِ پٽ، پوٽا ۽ ڏوهٽا پيدا فرمايا ۽ توهان کي پاڪ شين مان رزق ڏنو، ڇا پوءِ اهي باطل تي ايمان آڻن ٿا ۽ الله جي نعمتن جو انڪار ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا ئي اوهان لاءِ اوهان جون زالون اوهان مان (اوهان جهڙيون انسان) بنايون ۽ ان ئي اوهان جي لاءِ اوهان جي زالن مان پٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيا ۽ اوهان کي پاڪ پاڪيزه روزي کائڻ لاءِ ڏني ته ڇا اهي ماڻهو بلڪل باطل (شيطان بت وغيره) تي ئي ايمان رکن ٿا ۽ خدا جي نعمت (۽ وحدانيت وغيره) کان انڪار ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله ٺاهيون اوهان لاءِ اوهان (جي جنس) مان زالون ۽ ٺاهيائين اوهان لاءِ زالن اوهان جن مان پٽ ۽ پوٽا (اڳتي ايندڙ نسل) ۽ رزق ڏنائين اوهان کي پاڪ شيون ڇا پوءِ باطل تي ايمان آڻين ٿا ۽ الله جي نعمت جي اهي بي شڪري ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله اوهان لاءِ اوهان مان زالون پيدا ڪيون آهن، ۽ اوهان لاءِ اوهان جي زالن مان پٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيا اٿس. ۽ اوهان کي سٺين شين مان روزي ڏني اٿس. ڇا پوءِ ڪوڙين ڳالهين کي مڃين ٿا ۽ الله جي نعمت جي ناشڪري ڪن ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله اوهان مان ئي اوهان جا جوڙا بنايا ۽ اوهان جي لاءِ اوهان جي زالن مان پُٽ ۽ پوٽا (ڏوهٽا) پيدا ڪيائين ۽ اوهان کي پاڪيزه شين مان روزي ڏنائين. ڇا پوءِ به (حق کي ڇڏي) باطل کي مڃن ٿا؟ ۽ الله جي نعمت جي اُهي ناشڪري ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ الله اوهان مان جوڙيون، جُويون اَوهان هارِ، ۽ جوڙيئـِين اَوهان جي، جويون مان، پوٽا ، پُٽ قطار، ۽ ڏِنان سُٺين شين مان، روزِي رَبَّ سَتّار، پوءِ ڪِ ڪارٖي ڪوڙ تي، آڻينِ اِعتبار؟ ۽ اُهي ڪَن اِنڪار، الله جي اِنعام کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله اوهان مان اوهان لاءِ زالون بڻايون ۽ اوهان جي زالن مان اوهان لاءِ پٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيائين ۽ اوهان کي چڱا کاڌا ڏنائين_ ڇا پوءِ به باطل تي ايمان رکندا ۽ الله جي نعمت جي ناشڪري ڪندا رهندا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو الله ئي آهي، جنهن توهان لاءِ توهان جي ئي جنس مان توهانجون زالون بنايون ۽ انهيءَ ئي انهن زالن مان توهانکي پٽ پوٽا عطا ڪيا ۽ سٺيون سٺيون شيون توهانکي کائڻ لاءِ ڏنائين، پوءِ ڇا اهي ماڻهو (سڀ ڪجهه ڏسندي وائسندي به) باطل کي مڃين ٿا ۽ الله جي احسان جو انڪار ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو الله آهي جنهن توهان جي لاءِ توهان جون هم جنس زالون بنايون آهن ۽ هن انهن ئي زالن مان توهان کي پٽ ۽ پوٽا عطا ڪيا ۽ توهان کي کائڻ جي لاءِ عطا ڪيون آهن سٺيون (شيون)، پوءِ ڇا اهي ماڻهو (سڀڪجهه ڄاڻندي به) باطل کي مڃين ٿا ۽ الله جي نعمت (۽ احسان) جو انڪار ڪندا آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى توھان جي ئي جنس مان توهان لاءِ زالون پيدا ڪيون، ۽ زالن مان وري توھان کي پُٽ ۽ پوٽا ڏنا ۽ کائڻ لاءِ پاڪ شيون عطا ڪيون. ڇا پوءِ به ھي ماڻهو (ڄاڻي واڻي) بي بنياد شين کي مڃين ٿا ۽ اللھ تعالى جي نعمتن جو انڪار ڪن ٿا؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَملِكُ لَهُم رِزقًا مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ شَيـًٔا وَلا يَستَطيعونَ (آيت : 73) |
۽ الله ڌاران انھن جي عبادت ڪندا آھن جيڪي آسمانن ۽ زمين مان کين روزي ڏيڻ جو ڪجھ اختيار نه رکندا آھن ۽ نڪي (ڪجھ ڪري) سگھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي الله کان سواءِ انهن هستين جي پوڄا ٿا ڪن جي آسمان ۽ زمين مان رزق ڏيڻ جو ڪجهه به اختيار نٿا رکن ۽ نه انهن کي ڪنهن به (اهڙي) ڳالهه ڪرڻ جي طاقت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى کان سواءِ (ٻين معبودن جي) عبادت ڪن ٿا جيڪي انهن کي آسمان ۽ زمين مان ڪوبه رزق نٿا ڏئي سگھن ۽ نه ئي کين (اها) طاقت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا کي ڇڏي اهڙي شيءَ کي پوڄين ٿا جي آسمانن ۽ زمين مان کين رزق ڏيڻ جو ڪجھ به اختيار نٿا رکن ۽ نه طاقت حاصل ڪري سگهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ عبادت ڪن ٿا الله کانسواءِ ان جي جيڪو نه ٿو مالڪ ٿئي انهن جي رزق جو آسمانن ۽ زمين مان ڪجھ به ۽ نه ٿا طاقت رکن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله کانسواءِ اهڙين شين کي پوڄين ٿا جي آسمانن ۽ زمين مان انهن کي روزي ڏيڻ جو ڪجهه به اختيار نه ٿيون رکن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله کي ڇڏي انهن (بتن) جي پوڄا ڪن ٿا جيڪي آسمانن ۽ زمين مان انهن کي روزي ڏيڻ جو ڪجهه به اختيار نه ٿا رکن ۽ نه ئي ڪا طاقت رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڌڻئَ ڌاران تن کي، ڀيٽِينِ بي شُعور، جي اُڀ، ڀُون ۾، اُنهن جي رِزق جا، مالِڪ نه آهن مُور، ۽ ذَرو نه رکنِ ضرور، قُوَّتِ سَندِن، قُوتَ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله کي ڇڏي اهڙن جي عبادت ڪندا رهندا، جي آسمانن خواهه زمين مان ڪجهه به رزق پهچائي نٿا سگهن، نڪي طاقت رکن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله کي ڇڏي انهن کي ٿا پوڄين جن جي هٿ وس ته کين نڪي آسمانن مان ئي ڪو رزق رسائڻ آهي ۽ نه زمين مان ئي ۽ نڪي ڪجهه ڪرڻ جي ئي ڪا طاقت اٿن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پوڄيندا آهن ٻين کي الله کي ڇڏي، جن جي هٿ مان کين نه رزق ملي ٿو آسمانن مان ۽ نه زمين مان ڪا به شيءِ، ۽ نه ان ڪم جي ڪا سگهه ئي رکن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ھي ماڻهو اللھ تعالى کان سواءِ اھڙن جي پوڄا ڪندا آھن جيڪي آسمانن ۽ زمين مان ڪنھن به قسم جي روزي نٿا پھچائي سگهن، ايئن ڪرڻ انهن جي وس جي ڳالھ ئي نه آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلا تَضرِبوا لِلَّهِ الأَمثالَ إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 74) |
پوءِ الله لاءِ (بڇڙا) مثال بيان نه ڪريو، ڇوته الله ڄاڻندڙ آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (دنيا جي بادشاهن جو مثال وٺي پنهنجي ڪم عقليءَ کان) الله جي لاءِ مثال نه گهڙيو ۽ ٺاهيو. الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو، توهان ڪجهه به نٿا ڄاڻو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان الله تعالى لاءِ مثال پيش نه ڪريو، بيشڪ الله تعالى ڄاڻي ٿو ۽ توهان نٿا ڄاڻو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اوهين (دنيا جي ماڻهن وانگر) خدا جا مثال نه گهڙيو. بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نٿا ڄاڻو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه هڻو الله جي لاءِ مثال بيشڪ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه طاقت اٿن. پوءِ الله لاءِ (بڇڙا) مثال بيان نه ڪريو. بيشڪ الله ڄاڻي ٿو اوهين نه ٿا ڄاڻو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اوهان الله لاءِ مثال نه ڏيو. (اي جاهلو) بيشڪ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَوهين اَصل ڪِين ڏِيو، مالِڪ لئي مِثال، صاحِب صُورتحال، سَمجھي، ۽ نَه سَمجھو ٿا اوهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهن ڪري اوهين الله لاءِ اهڙا مثال نه ٺاهيو، الله خوب ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نه ٿا ڄاڻو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري الله لاءِ مثال نه گهڙيو، الله ته ڄاڻي ٿو توهان نٿا ڄاڻو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته پوءِ نه ٺاهيو الله جي لاءِ مثال، بيشڪ الله ئي ڄاڻي ٿو ۽ توهين (ڪجهه) نٿا ڄاڻو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان اللھ تعالى جي لاءِ ويھي مثال نه ٺاھيندا ڪريو. بيشڪ اللھ تعالى ھر شيءِ کي ڄاڻي ٿو پر توھان کي ڪابه خبر نه آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا عَبدًا مَملوكًا لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَمَن رَزَقنٰهُ مِنّا رِزقًا حَسَنًا فَهُوَ يُنفِقُ مِنهُ سِرًّا وَجَهرًا هَل يَستَوۥنَ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 75) |
الله ھڪ خريد ٿيل ٻانھي جو مثال بيان ڪري ٿو جنھن جو ڪنھن شيءِ تي وس نه ھُجي ۽ (ٻيو) اُھو جنھن کي پاڻ وٽان چڱي روزي ڏنيسون پوءِ اُھو اُن سان (اسان جي واٽ ۾) ڳجھو ۽ پڌرو خرچ ڪري، (اھي ٻئي پاڻ ۾) برابر آھن ڇا؟ سڀ ساراھ الله کي جڳائي، پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ هڪڙو مثال بيان ڪري ٿو (ان تي غور ڪيو) هڪڙو غلام آهي جو ڪنهن ٻئي ماڻهو جي ملڪيت آهي. اهو غلام پاڻ ڪنهن به ڳالهه جي طاقت يا اختيار نٿو رکي ۽ هڪ ٻيو ماڻهو آهي (خود مختيار) اسان پنهنجي فضل سان هن کي چڱو رزق ڏنو آهي، ۽ هو ظاهرظهور توڙي مخفي طرح (جيئن وڻيس ٿو تيئن) ان کي خرچ ڪري ٿو هاڻي ٻڌايو ته ڇا اهي ٻئي ماڻهو برابر ٿي سگهن ٿا (پوءِ توهان ڪيئن ٿا مخلوق کي خالق سان شريڪ ڪري برابر بنايو؟) سڀ ۽ خاص ساراهه الله جي لاءِ آهي (ان جي برابر ڪوبه ڪونهي) پر اڪثر ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (اها ڳالهه) نٿا ڄاڻن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى هڪ ٻانهي جو مثال ڏئي ٿو، جيڪو ڪنهن شيءِ جي طاقت نٿو رکي ۽ اهو ماڻهو جنهنکي الله گھڻو رزق عطا ڪيو آهي پوءِ اهو ظاهر ۽ باطن ۾ ان مان خرچ ڪري ٿو، ڇا (اهو مسڪين ٻانهو ۽ مالدار مالڪ) پاڻ ۾ برابر ٿي سگھن ٿا. سڀئي تعريفون الله لاءِ آهن پر انهن مان اڪثر نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هڪ مثال خدا ٻڌايو آهي ته هڪ غلام آهي جو ٻئي جي ملڪ آهي (۽ اهو) ڪجھ اختيار نه ٿو رکي ۽ هڪ شخص اهو آهي جنهن کي اسان پنهنجي بارگاھ مان چڱي (ڀلي) روزي عطا ڪئي آهي ته اهو ان مان لڪائي ۽ ڏيکاري (مطلب ته هر طرح خدا جي راھ ۾) ڏئي ٿو. ڇا اهي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ (ڪڏهن به نه) الحمد لله (جو اهي ان ڳالھ جا اقراري آهن) پر انهن مان گهڻا (ايترو به) نٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هنيو الله هڪ مثال ٻانهو ملڪيت ڪيل نه ٿو قادر ٿئي ڪنهن به شيءِ تي ۽ اهو شخص جو رزق ڏنوسون ان کي پاڻ وٽان رزق سهڻو پوءِ اهو خرچ ٿو ڪري ان مان لڪل ۽ ظاهر ڇا برابر ٿي سگھن ٿا؟ سڀ ساراھ الله جي لاءِ ثابت آهي بلڪه گھڻا انهن مان نه ٿا ڄاڻن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله هڪ غلام ٻانهي جو مثال بيان ڪيو آهي جو ڪنهن به شيءِ تي قدرت نه ٿو رکي ۽ (ٻئي) ان شخص جو (مثال) جنهن کي اسان پنهنجي طرفان چٽي روزي ڏني آهي، پوءِ اهو اُن مان ڳجهه ۽ ظاهر ۾ خرچ ڪري ٿو، ڇا اهي (ٻئي شخص پاڻ ۾ ) برابر ٿيندا؟ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن. پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله هڪ مثال بيان ڪيو آهي ته هڪ (ڪنهن جي مِلڪيت ۾ آيل) ٻانهو آهي جيڪو (خود) ڪنهن شيءِ تي سگھه نه ٿو رکي ۽ هڪ (ٻيو) شخص آهي جنهن کي اسان پاڻ وٽان سٺي روزي عطا ڪئي آهي پوءِ اهو ان مان ڳُجهه ۾ ۽ ظاهري طرح خرچ ڪري ٿو. ڇا اهي (ٻئي پاڻ ۾) برابر ٿي سگهن ٿا؟ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن. پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مالِڪ ڏِنو مِثال، گولي زَر خريد جو، جِنهنجو وَس نَه، ڪِنهن وَٿ مَٿي ۽ ٻِيو سو نيڪ نِهال، پاڻ وَٽان، جِنهن کي، ڏِنو سُون موچارو مال، پوءِ ڳُجھو، پَڌروجِنهن مان، خرچي خود خيال، ڇا مَٽ ٿِين سي مُورِهين؟ واه ! ڀَلي جا ڀال، بَلڪ گھڻا بَطال، صَفا نَه سَمجھن، تن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله هڪ مثال ٿو ٻڌائي، ته هڪڙو ڪنهن جو غلام آهي جنهن کي ڪو به اختيار ناهي ۽ هڪ شخص آهي جنهن کي اسان چڱي روزي ڏني آهي ۽ هو ان مان ڳجهو خواهه پڌرو خرچ ڪري ٿو، ڇا اهي پاڻ ۾ برابر ٿي سگهن ٿا؟ سڀ تعريف الله کي ئي جڳائي ٿي، بلڪ انهن مان گهڻا نٿا ڄاڻن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله هڪ مثال ڏئي ٿو، هڪڙو ته آهي ٻانهو، جيڪو ٻئي جي ملڪيت آهي ۽ پنهنجي هٿ ۾ ڪجهه به نه اٿس. ٻيو شخص اهڙو آهي جنهن کي اسان پنهنجي طرفان ڀلو رزق عطا ڪيو آهي، جنهن مان هو لڪائي توڙي کليو کلايو پيو ٿو خرچ ڪري، ٻڌايو ته ڇا اهي ٻئي برابر آهن؟ الحمدلله (سڀڪا ساراهه الله جي ئي لاءِ آهي) پر اصل ڳالهه اها آهي ته اڪثر ماڻهو (اها سڌي سولي ڳالهه) نٿا ڄاڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏئي ٿو الله مثال ته هڪ آهي (اهو) ٻانهو جيڪو ٻئي جو غلام آهي ۽ اهو نٿو رکي پاڻ ڪوبه اختيار ڪنهن شيءِ تي ۽ ٻيو آهي اهڙو شخص جنهن کي رزق ڏنو آهي اسان سٺو رزق ۽ اهو ان مان خرچ ڪري ٿو خوب لڪل توڙي ظاهر، ته پوءِ ٻڌايو ته اهي ٻئي برابر آهن؟ سڀ ساراهه ته الله جي لاءِ آهي، پر گهڻا ماڻهو ته (اها سڌي سنئين ڳالهه به) نٿا سمجهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى ھڪ مثال پيش ڪري ٿو ته ھڪ ماڻهو ڪنھن جو غلام ۽ ان جي ملڪيت آھي ۽ ان کي ڪنھن به شيءِ جو ڪوبه اختيار نه آھي. ٻيو شخص (يعني غلام جو مالڪ) آهي جنھن کي اسان پنھنجي طرفان سٺي روزي ڏني آهي ۽ ھو ان مان ظاھري طرح ۽ لڪائي خوب خرچ ڪري ٿو، ڇا اُھي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ (ڪڏھن به نه) الحمدلِلھ! پر انهن مان گهڻا ماڻهو اِھا ڳالھ سمجهن ئي نٿا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلَينِ أَحَدُهُما أَبكَمُ لا يَقدِرُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُوَ كَلٌّ عَلىٰ مَولىٰهُ أَينَما يُوَجِّههُ لا يَأتِ بِخَيرٍ هَل يَستَوى هُوَ وَمَن يَأمُرُ بِالعَدلِ وَهُوَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 76) |
۽ الله ٻن مڙسن جو (ٻيو) مثال بيان ڪري ٿو جن ٻنھي مان ھڪڙو گنگو ھجي ڪنھن شيء تي وس ڪونه ھجيس ۽ اُھو پنھنجي مالڪ تي بار ھجي جيڏانھن موڪليس اُتان ڪا ڀَلائي نه آڻي اُھو اُنھيءَ جي برابر آھي ڇا جيڪو انصاف جو حُڪم ڏئي ۽ اُھو سڌيءِ واٽ تي ھُجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) الله تعاليٰ هڪ (ٻيو) مثال بيان ٿو ڪري، ٻه ماڻهو آهن هڪ گونگو آهي، ڪنهن به ڳالهه ڪرڻ جي طاقت ڪانهيس، پنهنجي مالڪ تي ٻوجهه ۽ بار آهي. ڪاڏي موڪليس ته ڪابه چڱائي جي ڳالهه هن کان ڪانه ٿي صادرٿئي ۽ ٻيو اهڙو آهي جو (گونگي هئڻ بدران) ماڻهن کي عدل ۽ انصاف جي ڳالهين جو حڪم ڏئي ٿو ۽ پاڻ به (عدل ۽ سچائيءَ جي) سڌيءَ راهه تي آهي. ڇا پهريون ماڻهو ۽ هي ٻيو ماڻهو برابر ٿي سگهن ٿا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى (وري) ٻن ماڻهن جو مثال ڏي ٿو، انهن مان هڪ گونگو آهي جيڪو ڪنهن شيءِ تي طاقت نٿو رکي ۽ اهو پنهنجي مالڪ تي بار آهي، جيڏانهن اهو وڃي ٿو ته خير نٿو آڻي ڇا اهو برابر آهي انهي سان جيڪو ٻانهو (ڳالهائي ٿو ۽) انصاف جو چوي ٿو، ۽ اهو پاڻ راه راست تي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا هڪ (ٻيو) مثال بيان فرمائي ٿو: ٻه آدمي آهن جن مان هڪ بلڪل گونگو (۽ ٻيو وري غلام آهي) جيڪو ڪنهن به (ڳالھ ڪرڻ) جي طاقت نٿو رکي ۽ (ان ڪري) اهو پنهنجي مالڪ لاءِ بار ٿي پيو آهي جو کيس جيڏانهن موڪلي ٿو (خير سان) ڪڏهين به چڱائي نٿو آڻي. ڇا اهڙو (غلام) ۽ اهو شخص جو ماڻهن کي عدل (۽ شرافت) جو حڪم ڪري ٿو ۽ اهي پاڻ به بلڪل سڌي راھ تي قائم آهي (ٻئي) برابر ٿي سگهن ٿا؟ (ڪڏهن نه)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هنيو الله مثال ٻن مڙسن جو هڪڙو انهن مان گونگو آهي نه ٿو قادر ٿئي ڪنهن شيءِ تي ۽ اهو بار آهي سردار پنهنجي تي جيڏانهن به ٿو موڪلي ان کي ته نه ٿو آڻي چڱائي ڇا برابر ٿو ٿئي اهو ۽ جيڪو امر ٿو ڪري انصاف جو؟ ۽ اهو واٽ سڌي تي آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله (ٻيو) هڪ مثال ٻن مڙسن جو بيان ڪيو آهي انهن ٻنهين مان هڪڙو گنگو آهي جو ڪنهن ڪم جو نه آهي ۽ اهو پنهنجي مالڪ تي بار آهي جيڏانهن موڪليس ٿو ته ڪوبه چڱو ڪم ڪري نه ٿو اچي. ڇا اهو (گنگو) ۽ (ٻيو) جيڪو انصاف سان حڪم ڪري ٿو ۽ سڌي رستي تي آهي برابر ٿيندا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله مثال ڏنو آهي ٻن (اهڙن) مردن جو جن مان هڪ گونگو آهي اُهو ڪنهن شيءِ جي سگهه نه ٿو رکي ۽ اُهو پنهنجي مالڪ مٿان بار آهي اُهو (مالڪ) کيس جيڏانهن به موڪلي ٿو ڪو چڱو ڪم ڪري ڪونه ٿو اچي. ته ڇا اُهو ۽ (ٻيو) جيڪو انصاف سان حڪم ڪري ٿو ۽ پاڻ به سڌي واٽ تي آهي ٻئي پاڻ ۾ برابر ٿي سگهن ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مِثال ٻن مَردن جو، بارِئَ ڏِنو بَس، هِڪ گُنگو، ٻوڙو ٻِن مان، وَٿ نه ڪا، جِنهن وَس، ۽ اُهو بار سَندسِ سَردار تي، ڪَسر بدران ڪَس، جيڏانهن اُماڻٖيسِ، ته نَه اَچي، جڏو ساڻ جَس، ڇا مَٽ ٿِئي سو، ۽ ٻِيو، جو ڏي عَدل جو ڏَس؟ ۽ اُهو گوهر مَٿي گَسِ، گَسَ بِه سِڌيٖ سَنئـِين مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله ٻيو مثال ٿو ٻڌائي ته ٻه ماڻهو آهن جن مان هڪ ته گونگو آهي جو ڪجهه نٿو ڪري سگهي، اهو سندس مالڪ تي بار آهي جو جتي به ٿو موڪليس چڱائي ڪا نه ٿو ڪري، ڇا اهڙو شخص انهي سان برابر ٿي سگهي ٿو جو چڱين ڳالهين جي تعليم ڏئي ۽ پاڻ به سڌي رستي تي هجي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله هڪ ٻيو مثال ڏئي ٿو: ٻه ماڻهو آهن، هڪ گونگو ٻوڙو آهي، ڪوبه ڪم نٿو ڪري سگهي، پنهنجي مالڪ تي بار بڻيل آهي، جيڏانهن به کڻي موڪلجيس ته ڪو چڱو ڪم نه پڄندس. ڇا اهو برابر ٿيندو، انهيءَ جو جيڪو انصاف جو حڪم ٿو ڏئي ۽ پاڻ به سنئينءَ واٽ تي قائم آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏئي ٿو الله هڪ ٻيو مثال، ٻه ماڻهو آهن هڪڙو انهن مان آهي گونگو ٻوڙو، ڪوبه ڪم ڪري نٿو سگهي ۽ اهو هڪ بار آهي پنهنجي مالڪ تي، جيڏانهن به کيس موڪلي ته ڪوبه چڱو ڪم ان کان ٿئي نٿو، ٻيو شخص اهڙو آهي جيڪو حڪم ڏئي ٿو انصاف جو ۽ اهو پاڻ به آهي سڌي راهه تي قائم (ڇا هي ٻئي برابر آهن؟)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري اللھ تعالى ٻن (ٻين) ماڻهن جو مثال بيان ڪري ٿو، انهن مان ھڪ ته گونگو آھي، ھو ڪوبه ڪم نٿو ڪري سگهي، پنھنجي مالڪ تي بار آھي، کيس مالڪ جيڏانھن به موڪلي ٿو ته صحيح ڪم ڪري ئي نٿو اچي ــ ٻيو شخص اھڙو آھي جيڪو ( مالڪ جي ڳالهه ٻڌي ) ٻين کي انصاف جو حڪم ڪري ٿو ۽ پاڻ به سڌي راهه تي قائم آھي. ھاڻي ٻڌايو ته ڇا ھي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما أَمرُ السّاعَةِ إِلّا كَلَمحِ البَصَرِ أَو هُوَ أَقرَبُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 77) |
۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ الله کي (معلوم) آھي، ۽ قيامت (آڻڻ) جو ڪم (سندس اڳيان) رڳي اک ڇنڀ (جي دير) جھڙو آھي بلڪ اُھو انھيءَ کان به وڌيڪ نزديڪ آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ آسمانن ۽ زمين جون جيڪي به مخفي ڳالهيون آهن، تن سڀني جو علم الله ئي کي آهي ۽ (اچڻ وارو) مقرر وقت جو معاملو اهڙو سمجهه جهڙو اک جو ڇنڀڻ بلڪ ان کان به تڪڙو. بيشڪ الله جي قدرت کان ڪابه ڳالهه ٻاهر ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آسمانن ۽ زمينن جي غيب جو علم الله تعالى وٽ آهي، ۽ نٿي قائم ٿئي قيامت مگر اک ڇنڀ ۾ يا ان کان به جلدي، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سڀني آسمانن ۽ زمين جي غيب جون ڳالهيون خدا جي لاءِ ئي خاص آهن. قيامت جو برپا ٿيڻ ته ائين آهي جيئن اک جو ڇنبڻ بلڪه ان کان به جلدي بيشڪ خدا هر شيءِ تي ڪامل قدرت رکي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله جي لاءِ آهي غيب آسمانن ۽ زمين جو ۽ ناهي امر قيامت جو مگر ڇنڀڻ اک جي وانگر يا اهو وڌيڪ ويجھو آهي بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳجهه الله کي (معلوم) آهي. ۽ قيامت جو معاملو ته هڪ اک ڇنڀ وانگر يا اهو ان کان (به) زياده ويجهو (يعني آسان آهي). بيشڪ الله سڀڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجهه الله لاءِ آهي. ۽ قيامت برپا ٿيڻ جو امر ته اک ڇنڀڻ وانگر ئي آهي. يا ان کان اڃا به ويجهو. بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُڀ، ڀُونءَ جا ڳُجھ، اَلله لئ، ناهي قِيامت ڪار، مگر مِثل اَک ڇِنڀ جي،يا اوڏِي سا اَپار، صاحِب ربَّ، سَتّار، قادر هر ڪِنهن ڪَم مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن ۽ زمين جون لڪل ڳالهيون فقط الله وٽ آهن ۽ قيامت جو معاملو بس اهڙو هوندو، جيئن اک ڇنڀڻ، يا ان کان به ويجهو، بيشڪ الله هر ڪنهن ڪم تي وس وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ آسمانن ۽ زمين جا ڳجهه ته الله کي ئي معلوم آهن ۽ قيامت قائم ٿيڻ جو معاملو ته بس اک ڇنڀ جيان آهي يا اڃان به تڪڙو. حقيقت اها آهي ته الله سڀ شيءِ تي وس وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله کي ئي غيب جو علم آهي آسمانن ۽ زمين جو، ۽ ڪابه دير نه لڳندي قيامت جي قائم ٿيڻ ۾، فقط ايتري جو ماڻهو جي اک ڇنڀجي وڃي پر ان کان به گهٽ، بيشڪ حقيقت هيءَ آهي ته الله هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جا سمورا ڳجهه اللھ تعالى کي ئي معلوم آھن ۽ قيامت جو معاملو رڳو اک ڇنڀ جي ڳالھ آھي، بلڪ ان کان به جلدي . بيشڪ اللھ تعالى ھر شيءِ تي طاقت رکندڙ آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ أَخرَجَكُم مِن بُطونِ أُمَّهٰتِكُم لا تَعلَمونَ شَيـًٔا وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 78) |
۽ الله اوھان کي اوھان جي مائن جي پيٽن مان ڪڍيو جو ڪُجھ نه ڄاڻندا ھيؤ ۽ اوھان جا ڪنّ ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) الله تعاليٰ اوهان کي اوهان جي مائرن جي پيٽ مان ٻاهر آندو ۽ اهڙيءَ حالت ۾ آندو جو اوهان (ٻاراڻي حالت ۾) ڪجهه به نه ڄاڻندا هئو. پوءِ توهان جي لاءِ ٻڌڻ ڏسڻ ۽ عقل هلائڻ جون قوتون پيدا ڪيائين، انهيءِ لاءِ ته توهان شڪرگذار رهو. (يعني انهن نعمتن جو قدر ڪري انهن کي چڱيءَ طرح ڪم آڻي خوشحال ٿيو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان کي توهان جي مائُن جي پيٽن مان پيدا ڪيو، توهان کي ڪنهن شيءِ جو علم نه هو، ۽ الله تعالى توهان کي ڪن ۽ اکيون ۽ دل عطا ڪيا ته من توهان شڪرگذار ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا ئي اوهان کي اوهان جي مائرن جي پيٽ مان ڪڍيو (جڏهن) اوهان صفا بي سمجھ هئو! ۽ اوهان کي ڪن ڏنائين ۽ اکيون (عطا ڪيون)دليون (عنايت ڪيائين) ته جيئن اوهين شڪر ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله ڪڍيو اوهان کي پيٽن مائرن اوهان جي مان نه ٿا ڄاڻو ڪجھ به ۽ ٺاهيائين اوهان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون تانته اوهان شڪر ڪندا رهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله اوهان کي اوهان جي مائن جي پيٽن مان هن حالت ۾ ڪڍيو جو اوهين ڪجهه به نه ڄاڻندا هئا ۽ اوهان کي ڪن ۽ اکيون ۽ دليون ڏنيون اٿس، مَنَ اوهين احسان مڃيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله اوهان کي اوهان جي مائرن جي پيٽن مان (ان حال ۾) ڪڍيو جو اوهان ڪجهه به نه ڄاڻندا هئا ۽ اوهان جي لاءِ ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دل بنايائين ته جيئن اوهان (سندس نعمتن جو) شڪر ادا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آن کي اَهنجي، مائن جي، پيٽن مان پَرور، ٻاهِر ڪَڍيان ٻارِڙا، ڪُجھ پَرُوڙِيو نه ڪِنهن پَر، ۽ ڪيائـِين آن لئي ، ڪن، اکيون ۽ مَن پڻ مُنور، تان ڪريو مانَ قدر، ۽ ڳُڻ اُنهِئَ جا ڳايو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله اوهان کي مائرن جي پيٽان اهڙيءَ حالت ۾ ڪڍيو، جو اوهان کي ڪا خبر ڪا نه هئي ۽ اوهان کي ڪن، اکيون ۽ دل ڏنائين، ته اوهين شڪر ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله توهانکي توهانجي مائرن جي پيٽن مان ٻاهر آندو، ان حالت ۾ جو توهان ڪجهه به نه ڄاڻندا هيؤ، هن توهانکي ڪن ڏنا، اکيون ڏنيون ۽ سوچڻ لاءِ دليون ڏنائين ته مــَـنَ توهان شڪرانو ادا ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله توهان کي ڪڍيو توهان جي مائرن جي پيٽن مان، اهڙيءَ حالت ۾ جو توهان ڪجهه نه ڄاڻندا هئا، ۽ هن توهان کي ڏنا ڪن ۽ اکيون ۽ (سوچڻ واريون) دليون، جيئن توهان شڪرگذار ٿيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اللھ تعالى توھان کي پنھنجي مائرن جي پيٽن مان اھڙي حالت ۾ ڪڍيو جو توھان کي ڪنھن به شيءِ جي ڪا خبر ئي نه ھئي، پوءِ ھُن توھان کي ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ عقل کان ڪم وٺڻ (۽ سوچڻ) جي صلاحيت بخشي ته جيئن توھان شڪرگذاري وارو رستو وٺو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ مُسَخَّرٰتٍ فى جَوِّ السَّماءِ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا اللَّهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 79) |
آسمانن جي ھوا ۾ تابع ڪيل پکين ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ انھن کي الله کانسواءِ ڪونه جھليندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هو پکين کي نٿا ڏسن جي آسمان جي فضا ۾ مطيع ۽ فرمامبردار (اڏامي رهيا) آهن. الله کان سواءِ ڪير آهي جو هنن کي (مٿي) جهليون بيٺو آهي. بيشڪ ايمان وارن جي لاءِ هن ڳالهه ۾ (حق جي قدرت جون) وڏيون ئي نشانيون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي پکين ڏانهن نٿا ڏسن جيڪي آسمان جي فضا ۾ پکن سان اڏامن ٿا، نٿو روڪي انهن کي مگر الله تعالى، بيشڪ انهي ۾ نشاني آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان آڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن ماڻهن پکين ڏي غور نه ڪيو جيڪي آسمان جي هيٺان هوا ۾ گهريل (اڏندا رهندا) آهن. کين ته فقط خدا ئي (ڪِرڻ کان) جهلي ٿو. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ به (خدا جي قدرت جون) ايماندارن لاءِ ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺائون پکين ڏانهن مطيع ڪيل آسمان جي فضا ۾ نه ٿو جھلي سگھي انهن کي مگر الله بيشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پکين کي نه ڏٺو اٿن جي آسمان جي هوا ۾ تابع ڪيل آهن، انهن کي (هيٺ ڪرڻ کان) الله کانسواءِ ڪوئي نه ٿو جهلي سگهي. بيشڪ ان ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن پکين کي نه ڏٺو؟ جيڪي آسمان جي فضا ۾ نظامِ قدرت جا تابع آهن. انهن کي الله کان سواءِ ڪوبه (هيٺ ڪرڻ کان) روڪڻ وارو ناهي. بيشڪ ان ۾ ايمان واري قوم لاءِ گھڻيون نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا ڏِٺئون نه پَکينِ پار؟، ته تابِع اُڀ جي خال ۾، نه جَھليٖن ڪير جبار ري؛ اُن ۾ پَڌرا پار، جي آڻِينِ اِعتبار، ڪارڻ تِنهن قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا هو پکين کي نٿا ڏسن، جي آسمان جي ميدان ۾ قابو آهن، انهن کي فقط الله ئي جهلي ٿو، بيشڪ ان ۾ ايمان وارن لاءِ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا انهن ماڻهن پکين کي نه ڏٺو آهي ته ڪيئن نه آسماني فضا ۾ بنا ڪنهن ٽيڪ جي خدائي ضابطي مطابق جهلجي بيهن ٿا، الله کانسواءِ ٻيو ڪير ٿو کين جهلي بيهي؟ هن ۾ گهڻيون ئي نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇا انهن ماڻهن نه ڏٺو آهي پکين کي ڪڏهن، جيڪي تابع ڪهڙي طرح ٿيل آهن آسماني فضا ۾؟ انهن کي ٻئي ڪنهن جهلي رکيو آهي الله کان سواءِ؟ ان ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن ماڻهن پکين کي نه ڏٺو آھي جيڪي آسماني فضائن ۾ فرمانبرداري واري انداز ۾ اڏرن ٿا، اللھ تعالى کان سواءِ ڪنھن انهن کي قابو ۾ رکيو آھي؟ بيشڪ ايمان وارن لاءِ ان ۾ وڏيون نشانيون آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِن بُيوتِكُم سَكَنًا وَجَعَلَ لَكُم مِن جُلودِ الأَنعٰمِ بُيوتًا تَستَخِفّونَها يَومَ ظَعنِكُم وَيَومَ إِقامَتِكُم وَمِن أَصوافِها وَأَوبارِها وَأَشعارِها أَثٰثًا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 80) |
۽ الله اوھان جي گھرن مان اوھان لاءِ آرام (جو ھنڌ) بڻايو ۽ ڍورن جي چمڙن مان اوھان لاءِ گھر بڻايائين جن کي اوھين پنھنجي مسافريءَ جي ڏينھن ۽ پنھنجي ھڪ ھنڌ رھڻ جي ڏينھن ۾ ھلڪو ڄاڻندا آھيو ۽ سندين اُنّن ۽ سندين ملسن ۽ سندين ڏاسن مان (گھر جو) اسباب ۽ فائدي جو سامان بڻايو ٿا (جوڳچ) مُدّت تائين (ڪم ڏئي ٿو).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) الله تعاليٰ اوهان جي گهرن کي اوهان جي لاءِ رهڻ ۽ آرام وٺڻ جي جاءِ بنايو آهي. پڻ توهان جي لاءِ چوپاين جانورن جي کلن مان گهر ٺاهيا آهن. (يعني خيما ۽ تنبو جن کي پاڻ سان کنيون وتندا آهيو) ڪوچ ڪيو يا ٽڪي پئو، ٻنهي حالتن ۾ تمام هلڪا آهن ۽ وري انهن چوپاين جانورن جي اُن مان، پشم مان ۽ وارن مان ڪيترو ئي سامان ۽ مفيد شيون آهن جي هڪ خاص وقت تائين ڪم ڏين ٿيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان لاءِ توهان جي گھرن ۾ سڪونت پيدا ڪئي ۽ توهان لاءِ چؤپاين جي کلن مان گھر (تنبو) بنايا جو توهان کي کڻڻ ۾ آسان آهن مسافريءَ ۾ ۽ ٽڪڻ واري ڏينهن ۾، ۽ الله تعالى توهان لاءِ چؤپاين مان اُن ۽ ڏاس ۽ وار پيدا ڪيا جيڪي توهان لاءِ ڪنهن وقت تائين گھريلو ۽ واپاري سامان آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا ئي اوهان جي گهرن کي اوهان جي ٽڪڻ جون جايون بنايون آهن ۽ اوهان لاءِ ڍورن جي کلن مان (خيما) بنايا اٿس جي هلڪا هئڻ سبب سفر ۽ حضر ۾ ڪم آڻيو ٿا ۽ (رڍن) جي ان ۽ (اٺن) جي ملس ۽ (ٻڪرين) جي ڏاس مان (گهر جو) سامان ۽ هڪ وقت خاص (قيامت) تائين اوهان جا ڪيئي اسباب ۽ ڪارآمد شيون (بنايون).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله ٺاهيائين اوهان لاءِ گھرن اوهان جن مان وهڻ جي جاءِ ۽ ٺاهيائين اوهان جي لاءِ کلن چوپاين جي مان گھرن کي جو هلڪو ٿا سمجھو انهن کي منجھ ڏينهن سفر پنهنجي ۽ منجھ ڏينهن گھرن ۾ رهڻ پنهنجي ۽ انهن جي ان مان ۽ انهن جي ڏاس مان ۽ انهن جي وارن مان گھر جو سامان ۽ استعمال جون شيون مقرر وقت تائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله اوهان لاءِ اوهان جي گهرن کي رهڻ جون جايون بنايو آهي ۽ اوهان لاءِ ڍورن جي کلن مان (به) گهر بنايا اٿس جن کي پنهنجي مسافريءَ جي ڏينهن (کڻي هلڻ) ۽ پنهنجي رهڻ جي ڏينهن (کوڙي رهڻ لاءِ) هلڪو سمجهو ٿا ۽ رِڍن جي اُنَ ۽ اُٺن جي ملس ۽ ٻڪرين جي ڏاس مان (گهر جو) سامان ۽ هڪ وقت تائين (ٻئي) فائدي وٺڻ جو سامان بنايو اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله توهان لاءِ توهان جي گهرن کي رهائش گاهه بنايو (۽ سڪون گاهه) ۽ اوهان لاءِ جانورن جي کلن مان گهر (يعني خيما) بنايائين جن کي توهان پنهنجي سفر جي ڏينهن ۽ (منزل انداز ٿيڻ) واري ڏينهن رهڻ وقت هلڪو ڀانيو ٿا ۽ رڍن جي اُن ۽ اُٺن جي پَشَم ۽ ٻڪرين جي ڏاس مان (گهر جو) سامان ۽ هڪ وقت تائين فائدي وٺڻ جو سامان بنايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَلله اوهان جي گھرن کي، ڪيو اَهنجو آستان، ۽ جوڙيئـِين کَلُن مان، جانَورِين خِيمان آن لئي خان!، پَنهنجي سانگ ۽ وانڍ ڏِينهن، جَن اُٺايو آسان، ۽ اُن، وار، ڏَاس اُنهن جا، سَندو گَھر سامان، نَفعو پڻ نِڌان، ڪِنهن مُقرر مَهل سِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله اوهان لاءِ اوهان جي گهرن ۾ رهڻ جي جاءِ بڻائي آهي ۽ اوهان لاءِ جانورن جي کلن مان گهر (تنبو) بڻايا اٿس، جن کي اوهين هلڻ واري ڏينهن ۽ ٽڪڻ واري ڏينهن هلڪو ڀانيو ۽ سندن ان وارن ۽ ڏاس مان گهر جو سامان ۽ هڪ مدت تائين هلڻ واريون فائدي جون شيون ٺاهيو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله توهان جي لاءِ توهانجي گهرن کي آرام ۽ قرار جي جاءِ بڻايو. هن جانورن جي کلن مان توهان لاءِ اهڙا جــُـهڳا بڻايا، جيڪي توهانکي سفر دوران ڪيڏانهن لڏ پلاڻ ڪندي توڙي ڪٿي وڃي منزل هڻندي، ٻنهي حالتن ۾ هلڪا لڳن ٿا. هن جانورن جي پشم، اُن ۽ وارن مان توهان لاءِ پهرڻ ۽ واپرائڻ جون دنيا جي مقرر مدي واري زندگيءَ ۾ ڪم ايندڙ بيشمار شيون پيدا ڪيون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله توهان جي لاءِ توهان جي گهرن کي آرام جي جاءِ بنايو آهي ۽ هن (الله) بنايا آهن توهان جي لاءِ جانورن جي کلن مان اهڙا گهر، جن کي توهان سفر توڙي گهر ۾ رهڻ ٻنهي حالتن ۾ هلڪو ڏسندا آهيو. هن (الله) جانورن جي ڏاس، اُن ۽ وارن مان توهان جي پائڻ ۽ واپرائڻ جون ڪيتريون ئي شيون پئدا ڪيون آهن جيڪي حياتيءَ ۾ مقرر مدت تائين توهان کي ڪم اچن ٿيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى ئي توھان جي لاءِ توھان جي گهرن کي سڪون واري جاءِ بنايو ۽ جانورن جي کلن مان تنبوءَ جي شڪل جا گهر ٺاھيا جن جي ذريعي توھان سفر ۽ ڪٿي ترسڻ جي حالت ۾ سهولت محسوس ڪريو ٿا ۽ ھُن (رڍن جي) اُنَ، (اُٺن جي) مَلس ۽ (ٻڪرين جي) ڏاس مان پائڻ لاءِ گرم لباس ۽ گهريلو استعمال جي شين کان علاوه ٻيو گهڻو ئي ڪجهه ٺاھيو، جيڪو توھان کي مقرر ڪيل وقت تائين ڪم اچي ٿو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِمّا خَلَقَ ظِلٰلًا وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الجِبالِ أَكنٰنًا وَجَعَلَ لَكُم سَرٰبيلَ تَقيكُمُ الحَرَّ وَسَرٰبيلَ تَقيكُم بَأسَكُم كَذٰلِكَ يُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكُم لَعَلَّكُم تُسلِمونَ (آيت : 81) |
۽ الله پنھنجين خلقيل شين مان اوھان لاءِ ڇانئون بڻايون ۽ جبلن مان اوھان لاءِ چُرون بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ڪپڙا بڻايائين جي اوھان کي گرميءَ (۽ سرديءَ) کان بچائيندا آھن، اھڙي طرح اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪندو آھي ته مانَ اوھين فرمانبرداري ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله تعاليٰ پنهنجي خلقيل شين مان توهان جي لاءِ ڇانوَ پيدا ڪئي آهي (جو جن کي تنبو ناهن ته وڻن جبلن وغيره جي ڇانو ۾ پناهه ٿا وٺن) ۽ جبلن ۾ پناهه وٺڻ جون جايون بنايون آهن، ۽ لباس پيدا ڪيو آهي جو (لڪ ۽ جهولي جي) گرميءَ کان بچائي ٿو. پڻ لوهو لباس (يعني زره ڍال وغيره) جو هٿيارن جي زد کان بچائي ٿو. ۽ (ڏسو) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ پنهنجو نعمتون پوريءَ طرح بخشي رهيو آهي، انهيءَ لاءِ ته سندس اڳيان (فرمابرداريءَ ۾) جهڪي وڃو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان لاءِ پنهنجي پيدا ڪيل شين مان پاڇا بنايا ۽ توهان لاءِ جبلن ۾ رهڻ جون جايون (غار) پيدا ڪيا ۽ توهان لاءِ پوشاڪ (ڪپڙا) پيدا ڪيا جيڪي توهان کي گرمي سردي کان بچائن ٿا ۽ اهڙو لباس پيدا ڪيو جيڪو توهان جي حفاظت ڪري ٿو، اهڙي طرح الله تعالى توهان تي پنهنجون نعمتون پوريون ڪري ٿو ته من توهان مڃو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي شيون الله پيدا ڪيون آهن تن مان اوهان لاءِ ڇانو آرام لاءِ بنائي اٿس، ان ئي اوهان لاءِ (لڪي وهڻ) لاءِ پهاڙن ۾ گهروندا (غار وغيره بنايا) ۽ ان اوهان لاءِ ڪپڙا بنايا جيڪي اوهان کي (سردي ۽) گرميءَ کان محفوظ رکن ۽ (لوھ جا) چولا جيڪي اوهان کي هٿيارن جي ڌڪ کان بچائين ٿا، اهڙي طرح خدا توهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري ٿو ته جيئن اوهين سندس فرمان برداري ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله ٺاهيائين اوهان جي لاءِ ان مان جو پيدا ڪيائين ڇانئون ۽ پيدا ڪيائين اوهان جي لاءِ جبلن ۾ پناھ گاهون ۽ پيدا ڪيائين اوهان جي لاءِ اهڙ ڪپڙا جو بچائين اوهان کي گرميءَ کان ۽ اهڙا لوھ جا لباس جو بچائيندا اوهان کي اوهان جي جنگ ۾ اهڙي طرح پوري ڪري ٿو نعمت پنهنجي اوهان تي تانته اوهان فرمانبردار رهو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي شيون الله پيدا ڪيون آهن تن مان اوهان لاءِ ڇانوَ بنائي اٿس ۽ جبلن مان اوهان لاءِ غار بنايا اٿس ۽ اوهان لاءِ ڪپڙا بنايا اٿس جي اوهان کي گرميءَ کان بچائين ٿا. ۽ (ٻيا) ڪپڙا به جي اوهان کي اوهان جي جنگ ۾ بچائين ٿا. اهڙيءَ طرح اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري ٿو، مَنَ اوهين فرمانبردار ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جيڪي شيون پيدا ڪيون آهن تن مان اوهان لاءِ ڇانوَ بنايائين ۽ اوهان لاءِ جبلن ۾ پناهه گاهون (يعني غار) بنايائين ۽ اوهان لاءِ لباس بنايائين جيڪي اوهان کي گرمي کان بچائن ٿا ۽ (ڪجهه) اهڙا لباس آهن جيڪي اوهان کي شديد جنگ ۾ (دشمن کان) بچائن ٿا. اهڙي طرح الله اوهان تي پنهنجي نعمت پوري فرمائي ٿو من اوهان فرمانبردار ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ الله اَوهان هارِ، پاڇويا پَکيڙيا، جيڪِي جوڙيئـِين ، تِنهن مَنجھان، وَڻ ٽِڻ مَنجھ وَلهار، پڻ آن لئي جوڙيئـِين جَبلن ۾، غارون گَھر گُلزار، ۽ ڪُڙتا، ڪوٽ اَوهان لئي، جوڙيا جوڙڻهار، جھولو جَھلِينِ، اَوهان ڪنان، ۽ ٻيون زِرهون زوردار، جَھلِينِ اوهان جي جنگ ۾، ڀالا، تِير، تَرار، اِهو اِن آڌار، ته سدا سَلامِي ٿِي رهو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله اوهان لا ءِ پنهنجي مخلوق جو پاڇو بڻايو آهي، ۽ اوهان لاءِ جبلن ۾ پناهه جي جاءِ بڻايائين ۽ اوهان لاءِ ڪپڙا بڻايائين، جي اوهان کي گرميءَ کان بچائين ٿا ۽ اهڙا ڪپڙا جي لڙائي ۾ بچائين ٿا، ائين اوهان تي سندس نعمتون پوريون ڪري ٿو، ته من اوهين سندس حڪم مڃيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن پنهنجي پيدا ڪيل ڪيترين ئي شين مان توهان لاءِ ڇانوَ جو انتظام ڪيو، جبلن ۾ توهان لاءِ پناهه وٺڻ جون جايون بڻايائين ۽ توهان کي اهڙيون پوشاڪون عطا ڪيائين، جيڪي توهانکي گرميءَ کان بچائين ٿيون ۽ وري اهڙيون پوشاڪون به جيڪي توهان جي پاڻ ۾ جنگ وقت توهانجو بچاءُ ڪن ٿيون، اهڙيءَ طرح هو توهان تي پنهنجون نعمتون توڙ ٿو رسائي ته مــَـن توهان فرمانبردار بڻجو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله توهان جي لاءِ پنهنجي پئدا ڪيل ڪيترين ئي شين مان ڇانوَ جو بندوبست ڪيو آهي، توهان لاءِ بنايون جبلن ۾ پناهه گاهون (غارون) ۽ توهان جي لاءِ اهڙيون پوشاڪون ڏنيون جيڪي توهان کي گرميءَ کان بچائن ٿيون ۽ ڪي ٻيون پوشاڪون جنگ جي وقت حفاظت ڪنديون آهن، اهي نعمتون پوريون ڪري ٿو توهان جي لاءِ شايد فرمانبردار ٿيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى توھان جي لاءِ پنھنجي ٺاھيل ڪيترن ئي شين جا پاڇا بنايا، جبلن ۽ غارن جي صورت ۾ پناهگاھون ٺاھيائين ۽ توھان کي اھڙو لباس ڏنائين جيڪو گرميءَ کان بچاءُ ڪري ٿو ۽ اھڙو به لباس ڏنو جيڪو توھان جو پاڻ ۾ جنگ جي صورت ۾ توهان کي محفوظ رکي ٿو. اھڙي طرح اللھ تعالى توھان جي مٿان پنھنجون نعمتون پوريون ڪري ٿو ته جيئن توھان فرمانبردار ٿي رهو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 82) |
پوءِ جيڪڏھن ڦرندا ته (اي پيغمبر) توتي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن انهيءَ هوندي به ماڻهو منهن موڙين (۽ سمجهڻ لاءِ تيار نه ٿين) ته (فڪر نه ڪر) تنهنجي ذمي جيڪي آهي سو آهي فقط صاف صاف حق جو پيغام پهچائي ڏيڻ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن (اهي) منهن موڙين پوءِ توهان جي ذمي ته فقط صاف تبليغ ڪرڻ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهن هوندي به جيڪڏهن اهي ماڻهو (ايمان کان) منهن موڙين ته (اي رسول) تنهنجو فرض فقط (احڪام جو) صاف صاف پهچائڻ (ئي) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن منهن ڦيرائين پوءِ توتي پيغام پهچائڻ آهي کليل طرح .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (به) جيڪڏهن اهي منهن موڙيندا ته توتي فقط ظاهر پيغام پهچائڻ (جو ڪم رکيل) آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن اهي مُنهن موڙن ته تو تي صرف (منهنجا احڪام) صاف صاف پهچائڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُنهن موڙِينِ جيڪڏهن، پوءِ تو مَٿي نه مُور، مگر سو مَذڪور، پُهچائـِڻ پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جي اهي منهن موڙين، ته توتي رڳو حڪم پهچائڻ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جيڪڏهن هو منهن ٿا موڙين ته اي نبي! توتي ته حق جو چٽو پيغام پهچائڻ کان سواءِ ٻي ڪا ذميواري ڪانهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ به اهي ماڻهو منهن موڙين ٿا، (اي نبي!) توتي صاف صاف حق جي پيغام پهچائڻ کان سواءِ ڪا ٻي ذميواري ناهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏھن پوءِ به ھي ماڻهو حق ڳالھ کان منھن موڙين ٿا ته (اي نبيﷺ!) تنھنجي مٿان انهن تائين رڳو اللھ تعالى جو پيغام پھچائڻ جي ذميداري آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَعرِفونَ نِعمَتَ اللَّهِ ثُمَّ يُنكِرونَها وَأَكثَرُهُمُ الكٰفِرونَ (آيت : 83) |
الله جي نعمت ڄاڻندا آھن وري اُن کي نه مڃيندا آھن ۽ اُنھن مان گھڻا ڪافر آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ماڻهو الله جي نعمتن کي سڃاڻين به ٿا، تڏهن به انهن کان انڪار ڪن ٿا ۽ اڪثر ماڻهو اهڙا آهن، جن کي سچائيءَ کان (قطعي) انڪار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله جو نعمتون سڃاڻي ان کان پوءِ ان جو انڪار ڪن ٿا ۽ انهن مان گھڻا ڪافر آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو خدا جي نعمت کي سڃاڻن ٿا تڏهن به (ڄاڻي واڻي) تنهن جو انڪار ڪن ٿا ۽ انهن مان گهڻا بيشڪرا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڃاڻن ٿا الله جي نعمت کي تنهن کان پوءِ انڪار ڪن ٿا ان جو ۽ گھڻا انهن مان ڪافر آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله جي نعمت کي سڃاڻن ٿا وري ان جو انڪار ڪن ٿا ۽ انهن مان گهڻا ڪافر آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اهي ماڻهو) الله جي نعمت کي سڃاڻن ٿا پوءِ ان جو انڪار ڪن ٿا ۽ انهن مان گھڻا ڪافر آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صَحِيح سُڃاڻن صاحب جون، نِعمَتون نِبار، پوءِ اُن کان، ڪَن اِنڪار، ۽ گُن چور گھڻا اُنهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي الله جي نعمت کي ڄاڻن ٿا، پوءِ ان جو انڪار ڪن ٿا ۽ گهڻا انهن مان بي شڪر آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي الله جي احسان کي سڃاڻن به ٿا، تڏهن به ان جو انڪار ڪن ٿا، انهن ۾ گهڻائي اهڙن ماڻهن جي آهي، جيڪي حق کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي سڃاڻن ٿا الله جي احسان کي. پوءِ ان جو انڪار ڪن ٿا ۽ انهن مان گهڻا ماڻهو حق مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى جي نعمتن کي ھي ماڻهو چڱي طرح سڃاڻن ٿا پر پوءِ به ان جو انڪار ڪن ٿا (اھو ان ڪري جو) انهن مان اڪثر ماڻهو ناشڪرا آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَومَ نَبعَثُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا ثُمَّ لا يُؤذَنُ لِلَّذينَ كَفَروا وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 84) |
۽ جنھن ڏينھن ھر ڪنھن ٽوليءَ مان (ھڪ) شاھد کڙو ڪنداسون اُنھي ڏينھن ڪافرن کي (عُذر ڪرڻ لاءِ) موڪل نه ڏبي ۽ نڪي اُنھن جا عُذر قبول ڪيا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنهن ڏينهن (هيئن ٿيندو جو) اسان هرهڪ امت مان هڪ شاهد (يعني پيغمبر) اٿاري کڙو ڪنداسين تنهن ڏينهن پوءِ ڪافرن کي (ڳالهائڻ جي) موڪل نه ڏني ويندي، نڪي کين چيو ويندو ته توبهه ڪريو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ قيامت جي ڏينهن اسين هر امت مان گواه (سندن پيغمبر) اٿارينداسين ان کان پوءِ ڪافرن کي اجازت نه ڏني ويندي ۽ نه انهن تان ملامت لاٿي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن ڏينهن سڀ ڪنهن امت مان (سندن پيغمبر کي) شاهد (بنائي) قبرن مان اٿاري کڙا ڪنداسون پوءِ ته ڪافرن کي نه (ڳالهائڻ) جي اجازت ڏني ويندي ۽ نه سندن عذر ئي ٻڌو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان ڏينهن اٿارينداسون هر امت مان شاهد ان کان پوءِ نه اجازت ڏني ويندي انهن کي جو ڪفر ڪيائون ۽ نه اهي توبہ جي مهلت ڏنا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو ڏينهن ياد ڪر) جنهن ڏينهن سڀ ڪنهن جماعت مان هڪ شاهد کڙو ڪنداسون پوءِ ڪافرن کي اجازت نه ڏني ويندي ۽ نڪي کين توبھ ڪرڻ جو چيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن ڏينهن اسان هر امت مان هڪ شاهد اٿارينداسين پوءِ ڪافر ماڻهن کي (عذر پيش ڪرڻ جي) اجازت نه ڏني ويندي ۽ نه ئي کين توبه ڪرڻ جو چيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُٿارِينداسون، هَر اُمّت مان، شاهِد جڏهن ضَرُور، پوءِ ڦِريا جي فرمان کان، تن موڪل نه مِلندِي مُور، ۽ نَڪِي ڪَبو مَنظور، ڪو عُذر، بَهانو اُنهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن ڏينهن اسان هر هڪ امت مان هڪ گواهه کڙو ڪنداسون، ته پوءِ ڪافرن کي نڪا اجازت ڏبي ۽ نه انهن جا عذر قبول ڪبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهيءَ ڏينهن ڇا حال ٿيندن) جڏهن اسان هر امت منجهان هڪ شاهد کڙو ڪنداسون، پوءِ ڪافرن کي نڪي بهاني پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو ۽ نه توبهه تائب ٿيڻ لاءِ چيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان ڏينهن ڇا ٿيندو (کين هوش به آهي) جڏهن اسان هر امت مان هڪ شاهد بيهارينداسين، پوءِ نه ڏنو ويندو ڪوبه موقعو انهن ڪافرن کي عذر ڪرڻ جو، ۽ نه انهن کان توبهه جو نه استغفار جو مطالبو ڪيو ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان قيامت واري ڏينھن ھر امت منجهان (انھن جي سامھون) ھڪ ھڪ گواهه آڻي بيھارينداسين پوءِ انڪار ڪرڻ وارن جي ڪنھن به عذر کي قبول نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي کين توبہ ۽ استغفار لاءِ چيو ويندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ ظَلَمُوا العَذابَ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 85) |
۽ جڏھن ظالم عذاب ڏسندا تڏھن کائن (عذاب) نڪي ھلڪو ڪبو ۽ نڪي اُنھن کي مُھلت ڏبي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي سو جڏهن عذاب پنهنجي سامهون ڏسندا تڏهن ائين هرگز نه ٿيندو جو انهن لاءِ عذاب کي هلڪو ڪيو ويندو، نڪي کين مهلت ملندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت ظالم عذاب ڏسندا ته پوءِ نه انهن تان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه ئي کين مهلت ڏني ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن (دنيا ۾) شرارتون ڪيون هيون، جڏهن اهي عذاب کي ڏسندا ته، نه انهن جي عذاب ۾ گهٽائي ڪئي ويندي ۽ نه کين مهلت ئي ملندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ظالم عذاب ڏسندا تڏهن کائن (عذاب) نڪي هلڪو ڪبو ۽ نڪي انهن کي مهلت ڏبي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن وقت ظالم عذاب ڏسندا ته پوءِ (اهو) انهن تان هلڪو نه ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي مهلت ڏني ويندي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن ظالم ماڻهو (هڪ ڀيرو) عذاب ڏسندا ته پوءِ نه انهن تان (عذاب) هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه ئِــي اُهي (ڪاگھڙي) مُهلت ڏنا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جن ڏِٺو عذاب کي، ڪَيا جن ڪَلُور، تن کي، نه تن کان مُور، گَھٽائـِبو، نه گَھٽ ڪبو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن ظالم عذاب کي ڏسندا، ته نڪي انهن تان گهٽائبو، نڪي انهن کي مهلت ڏبي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ظالم جڏهن عذاب ڏسندا ته ان کان پوءِ ان ۾ نڪي ڪا هلڪائي ڪئي ويندن ۽ نه وري ڪا گهڙي پلڪ جي مهلت ملندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن عذاب ڏسي وٺندا اهي ظالم ماڻهو هڪ ڀيرو ته ان بعد انهن جي عذاب ۾ ڪا هلڪائي نه ٿيندي نه وري کين هڪ گهڙي جي مهلت ئي ملندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن ظالم ماڻهو عذاب کي ڏسندا ته (کين معلوم ٿيندو ته) ھاڻي نه انهن کان عذاب ھلڪو ڪيو ويندو ۽ نه ئي کين ڪا ڍر ڏني ويندي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا رَءَا الَّذينَ أَشرَكوا شُرَكاءَهُم قالوا رَبَّنا هٰؤُلاءِ شُرَكاؤُنَا الَّذينَ كُنّا نَدعوا مِن دونِكَ فَأَلقَوا إِلَيهِمُ القَولَ إِنَّكُم لَكٰذِبونَ (آيت : 86) |
۽ جڏھن مشرڪ پنھنجن شريڪن کي ڏسندا (تڏھن) چوندا ته اي اسان جا پالڻھار ھيء اسان جا اُھي شريڪ آھن جن کي توکانسواءِ سڏيندا ھواسين، پوءِ اُھي (بُت) انھن کي ورندي ڏيندا ته اوھين ڪُوڙا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن، الله سان شريڪ ٺهرايا آهن سي جڏهن (قيامت جي ڏينهن) پنهجي ٺهرايل شريڪن کي ڏسندا تڏهن پڪاري چوندا ته اي پروردگار هي آهن اسان جا (ٺهرايل) شريڪ جن کي اسان توکان سواءِ پڪاريندا هئاسين، تنهن تي اهي (ٺهرايل شريڪ) انهن ڏانهن پنهنجو جواب موڪليندا ته، نه توهان بلڪل ڪوڙا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن مشرڪ پنهنجي شريڪن کي ڏسندا ته چوندا ته اي اسان جا رب اِهي اُهي ڪوڙا بت آهن جن جي اسين تو کان سواءِ عبادت ڪندا هئاسين پوءِ اهي بت انهن (ڪافرن) کي چوندا ته توهان ڪوڙا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن (دنيا ۾ خدا جو) شريڪ بنايو هو جڏهن پنهنجن (انهن) شريڪن کي (قيامت ۾) ڏسندا ته چوندا اي اسان جا پروردگار! هي ته اسان جا اهي شريڪ آهن جن کي اسين (مصيبت جي وقت) تو کي ڇڏي، سڏيندا هئاسون. ته اهي شريڪ (ڦيرائي) سندن ڳالھ انهن تي هڻندا ته اوهين ته وڏا ڪوڙا آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن ڏسندا اهي جو شرڪ ڪيائون (هٿرادو) شريڪن پنهنجن کي ته چوندا اي اسان جا رب اهي آهن شريڪ بنايل اسان وارا جن کي پوڄيندا هئاسون توکان سواءِ پوءِ ورائيندا انهن ڏانهن جواب ته بيشڪ اوهان البته ڪوڙا آهيو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن مشرڪ پنهنجن (انهن ٺهرايل) شريڪن کي ڏسندا ته چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ! هي اسان جا (اهي ٺهرايل) شريڪ آهن جن کي اسين توکانسواءِ سڏيندا هئاسون. پوءِ اهي (ٺهرايل شريڪ) انهن تائين هيءَ ڳالهه پهچائيندا ته اوهين ڪوڙا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن مشرڪ ماڻهو پنهنجي شريڪن کي ڏسندا ته چوندا: ”اي اسان جا پالڻهار! اهي اسان جا شريڪ هئا جن جي اسان تو کي ڇڏي پوڄا ڪندا هئاسين“. پوءِ اهي (شريڪَ) انهن تي هي ڳالهه هڻندا ته: ”پڪ سان اوهان ڪوڙا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ڏِٺائون اُنهن کي، جن ڀاتئون ڀائيوار، چي هِي هَمراه اَسان جا، سانيمِ رَبَّ سَتّار!، ڏِينداهُئاسون ڏيھ ۾، جن کي دانهون ، توکان ڌار، پوءِ اُڇليائون، اُنهن پار، قول، ته ڪُوڙا آهيو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي اسان جا مشرڪ سندن سائين کي ڏسندا، ته چوندا ”اي اسان جا رب! اهي اسان جا سائين هي آهن جن کي اسان توکان سواءِ پوڄيندا هئاسون_ ”تڏهن اهي به کين چئي ڪڍندا ته، ”اوهين بلڪل ڪوڙا آهيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن اهي ماڻهو جن دنيا ۾ شرڪ ڪيو هو، پنهنجن ٺاهيل شريڪن کي ڏسندا ته چوندا: "اي پالڻهار! اهي اٿـئي اسانجا اهي شريڪ جن کي اسان توکي ڇڏي پڪاريندا هئاسون". اِتي انهن جا اهي معبود کين جواب ڏيندا ته "توهان ڪوڙا آهيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ڏسندا اهي ماڻهو جن دنيا ۾ شرڪ ڪيو هو، پنهنجن جڙتو شريڪن کي ته چوندا، اي اسان جا پالڻهار! اهي ئي آهن اسان جا اهي شريڪ جن کي اسان پڪاريندا هئاسين توکي ڇڏي. ان تي اهي معبود کين صاف جواب ڏيندا، بيشڪ توهان بلڪل ڪوڙا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قيامت جي ڏينھن جڏھن مشرڪ پنھنجي شريڪن کي ڏسندا ته چوندا ته (يا اللھ!) ھي آھن اُھي جن کي اسان توکان سواءِ سڏيندا ھئاسون، سو شريڪ فوراً چوندا ته توھان سڀ ڪوڙا آھيو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَلقَوا إِلَى اللَّهِ يَومَئِذٍ السَّلَمَ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 87) |
۽ انھيءَ ڏينھن الله جي آڏو عاجزي ڪندا ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کائن ڀُلجي ويندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ ڏينهن بيشڪ الله جي اڳيان فرمانبرداريءَ جو سر جهڪائيندا ۽ اهي سڀ ڪوڙا ٺاهه جي (دنيا ۾) ٺاهيندا هئا کانئن گم ٿي ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ قيامت جي ڏينهن اهي الله جي دربار ۾ عاجزي ڪندا ۽ انهن کان غائب ٿي ويندي اها ڳالهه جيڪا پاڻ (دنيا ۾) ٺاهيندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان ڏينهن خدا جي اڳيان (پنهنجي) فرمانبرداري پيش ڪندا ۽ جيڪي دنيا ۾ شرارتون ڪندا هئا سي انهن کان ڀلجي وينديون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پيش ڪندا الله ڏانهن ان ڏينهن عاجزي ۽ غائب ٿيندو انهن کان اهو جيڪو بهتان هڻندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان ڏينهن الله جي اڳيان (پنهنجي) فرمانبرداري پيش ڪندا ۽ جيڪي ٺاهه پيا ٺاهين سي انهن کان ڀلجي ويندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ڏينهن (اُهي مشرڪ) الله اڳيان پنهنجي فرمانبرداري پيش ڪندا ۽ انهن کان ڀُلجي ويندا جيڪي ٺاهه ٺاهيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَٽائون سائـِينءَ ڏي، سَندِي صُلح ڳالھ، ۽ جيڪِي جوڙيئون جوڙِيوال، سي ويا، کانئُنِ وِڃائجِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هي (مشرڪ ۽ ڪافر) ان ڏينهن الله وٽ فرمانبرداريءَ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳندا ۽ کانئن اهي گهڙيل ڳالهيون ڀلجي وينديون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان وقت اهي سڀئي الله جي آڏو جــُـهڪي پوندا ۽ سندن سمورا ٺاهه جيڪي دنيا ۾ ٺاهيندا رهيا هئا کانئن گم ٿي ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان وقت اهي سڀ جهڪي الله جي آڏو پوندا، سڀ ٺاهيل ٺاهه کانئن وسري ويندا جيڪي اهي دنيا ۾ ٺاهيندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي سڀ اللھ تعالى جي اڳيان انتھائي نوڙت اختيار ڪندي فرمانبرداريءَ واريون ڳالهيون ڪندا. انهن کان پويون گهڙيل سڀ ڳالهيون وسري وينديون.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ زِدنٰهُم عَذابًا فَوقَ العَذابِ بِما كانوا يُفسِدونَ (آيت : 88) |
جن انڪار ڪيو ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليو تن کي عذاب جي مٿان عذاب انھيءَ سببان وڌائينداسون جو (ھو) فساد ڪندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ماڻهن کي الله جي راهه کان روڪيو (تن جي شرارتن جي بدلي ۾) اسان کين عذاب مٿان عذاب نازل ڪنداسون (هڪڙو عذاب ڪفر جو ۽ ٻيو ٻين ماڻهن کي حق کان روڪڻ جو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ الله جي راه کان روڪيو اسان انهن تي عذاب جي مٿان وڌيڪ عذاب ڪنداسين، انهي سببان جو فساد ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ڪفر ڪيو ۽ ماڻهن کي خدا جي راھ کان روڪيو، تن جي فساد ڦهلائڻ جي عوض مٿن عذاب تي عذاب وڌائندا رهنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي شخص جن ڪفر ڪيو ۽ روڪيائون الله جي واٽ کان وڌائينداسون انهن کي عذاب تي عذاب ان سببان جو فساد ڪند اهئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي ڪافر ٿيا ۽ الله جي رستي کان روڪيائون تن تي عذاب جي مٿان عذاب وڌائينداسون هن ڪري جو اُهي فساد پيا ڪن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ الله جي راهه کان (ٻين کي) روڪيائون اسان انهن جي عذاب مٿان عذاب وڌائينداسين هن ڪري جو اُهي فساد (برپا) ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي، جن ڪفر ڪيو، ۽ روڪيئون ربَّ جِي واٽ، تن کي وڌائينداسون وَرِي. اُساٽ تان، اساٽ، جيلانهن جوڙٖي، جاٽ، فَساد ڦيلائـِيندا هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي ڪفر ڪندا هئا ۽ الله جي واٽ کان روڪيندا هئا تن کي سزا مٿان سزا وڌائينداسون جو هو فساد ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن پاڻ به ڪفر وارو رستو اختيار ڪيو ۽ ٻين کي به الله جي راهه کان روڪيائون، تن کي اسان عذاب مٿان عذاب ڏينداسين، انهيءَ فساد جي بدلي جيڪو هو دنيا ۾ پکيڙيندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ماڻهن پاڻ ڪفر جي راهه ورتي ۽ ٻين کي به روڪيو الله جي راهه کان، تن کي ڏينداسين عذاب مٿان عذاب، ان فساد جي بدلي جيڪو اهي دنيا ۾ برپا ڪندا رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن پاڻ ڪفر ڪيو ۽ ٻين کي به اللھ تعالى جي رستي کان روڪيو ته اسان اھڙن ماڻهن کي فساد ڦھلائڻ جي بدلي ۾ عذاب مٿان عذاب ڏينداسين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَومَ نَبعَثُ فى كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا عَلَيهِم مِن أَنفُسِهِم وَجِئنا بِكَ شَهيدًا عَلىٰ هٰؤُلاءِ وَنَزَّلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ تِبيٰنًا لِكُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 89) |
۽ اُن ڏينھن سڀڪنھن ٽوليءَ ۾ سندين جنس مان مٿن شاھد کڙا ڪنداسون ۽ (اي پيغمبر) توکي ھنن (يعني اُمّت) تي شاھد آڻينداسون، ۽ ھر شيء جي پڌرائيءَ لاءِ ۽ مُسلمانن جي ھدايت ۽ ٻاجھ ۽ خوشخبري ڏيڻ لاءِ توتي ڪتاب نازل ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ ڏينهن اسان هرهڪ امت مان هڪڙو شاهد (يعني پيغمبر) اٿاري کڙو ڪنداسين جو انهن مان ئي هوندو (۽ ٻڌائيندو ته ڪهڙيءَ طرح هن حق جو پيغام پهچايو ۽ ڪهڙيءَ طرح ماڻهن اهو ٻڌو مڃيو) ۽ (اي پيغمبر!) توکي هنن ماڻهن جي لاءِ (جيڪي توکي ڪوڙو ٺهرائي رهيا آهن) شاهد بنائينداسين. (انهيءَ ئي ڪري) اسان توتي هي ڪتاب نازل ڪيو آهي (دين جي) سڀني ڳالهين کي چٽو ڪري ٻڌائڻ لاءِ ۽ هن لاءِ ته مسلمانن جي لاءِ رهنمائي ۽ رحمت ۽ خوشخبري ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ قيامت جي ڏينهن اسين هر امت مان گواه (پيغمبر) اٿارينداسين جيڪو انهن مان ئي هوندو ۽ رسولِ عربي اسين توهان کي انهن سڀني تي گواه بنائينداسين، ۽ اسان توهان تي قرآن ڪريم نازل فرمايو جنهن ۾ هر شيءِ جو بيان آهي ۽ مسلمانن لاءِ (اهو قرآن) هدايت ۽ رحمت ۽ مبارڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو ڏينهن ياد ڪر) جنهن ڏينهن اسين هر گروھ ۾ انهن ئي مان مٿن هڪ شاهد کڙو ڪنداسون ۽ (اي رسول) تو کي وري انهن (سڀني) ماڻهن تي (سندن) سامهون شاهد بڻائي کڙو ڪنداسون ۽ اسان تو تي ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو جنهن ۾ هر شيءَ جو (شافي) ذڪر آهي ۽ مسلمانن جي لاءِ (سموري) هدايت ۽ رحمت ۽ خوش خبري آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن ڏينهن اٿارينداسون هر امت مان شاهد انهن تي انهن مان ۽ آڻينداسون توکي شاهد بنائي هنن تي ۽ نازل ڪيوسون توتي ڪتاب بيان ڪري هر شيءِ جي لاءِ ۽ هدايت ۽ رحمت ۽ بشارت واسطي مسلمانن جي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو ڏينهن ياد ڪر) جنهن ڏينهن سڀ ڪنهن جماعت ۾ انهن ئي مان مٿن شاهد کڙو ڪنداسون ۽ توکي هنن (ڪافرن) تي شاهد ڪري آڻينداسون. ۽ اسان توتي ڪتاب نازل ڪيو آهي جو سڀ ڪنهن شيءِ کي بيان ڪندڙ ۽ فرمانبردارن لاءِ رهنمائي ۽ رحمت ۽ خوشخبري آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ڏينهن اسان هر امت منجھان انهن مان ئي هڪ شاهد انهن مٿان اٿارينداسين ۽ (اي نبي!) تو کي اسان انهن (سڀني) تي شاهد ڪري آڻينداسين. ۽ اسان توتي اُهو ڪتاب لاٿو آهي جيڪو هر شيءِ کي چِٽو بيان ڪندڙ آهي ۽ اهو هدايت ۽ رحمت آهي ۽ مسلمانن لاءِ خوشخبري آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٿارِينداسُون هَر اُمت مان، جڏهن شاهِد مُعتبر، اُنهن تي، اُنهن پاڻ مَنجھان؛ ۽ توکي مَنجھ مَحشر، ساکِي سامهون هِنن مَٿي، بيهارِينداسون بَرسِر؛ ۽ ڪِتاب ڪريم تو مَٿي، اُتاريوسون اَنور!، صَفائـِي سَڀ ڳالھ جِي، ۽ سُونهپ سَربسر، ۽ ٻَهون ٻاجھ ٻِيهر، ۽ مبارڪِي مُؤمنِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان ڏينهن اسين هر هڪ امت مان مٿن هڪ شاهد انهن مان ئي کڙو ڪنداسون ۽ توکي به هن امت تي شاهد ڪري آڻينداسون ۽ اسان ئي توتي قرآن لاٿو آهي، جو هر ڳالهه کولي بيان ڪري ٿو ۽ مسلمانن لاءِ ته واٽ ڏيکاريندڙ، رحمت ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي انهن کي ان ڏينهن کان ڊيڄار) جنهن ڏينهن اسان هر امت ۾ منجهانئن ئي هڪ شاهد کڙو ڪنداسون، جيڪو مٿن شاهدي ڏيندو ۽ هــِـنن تي شاهدي ڏيڻ لاءِ اسان توکي آڻينداسون ۽ (انهيءَ شاهديءَ خاطر ئي) اسان هيءُ ڪتاب توتي نازل ڪيو آهي، جيڪو هر شيءِ کي کولي بيان ڪندڙ آهي ۽ هدايت ۽ رحمت ۽ خوشخبري آهي، انهن ماڻهن لاءِ جن اطاعت ۾ ڪنڌ نــِـوائي ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ۽ ان ڏينهن کان انهن کي خبردار ڪر، جڏهن اسان هر امت مان هڪ شاهد اٿارينداسين انهن مان ئي، جيڪو ان تي ڏيندو شاهدي ۽ هنن ماڻهن جي مقابلي ۾ شاهدي لاءِ اسان توکي آڻينداسين ته اسان توتي نازل ڪيو آهي هي ڪتاب، جيڪو هر شيءِ جي چٽي وضاحت ڪرڻ وارو ۽ هدايت ۽ رحمت ۽ خوشخبري آهي انهن لاءِ جن (حق آڏو) سر نوايو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جنھن ڏينھن اسان ھر امت مان ھڪ ھڪ گواهه آڻي بيھارينداسين جيڪو انهن سڀني جي مٿان گواھي ڏيندو، پوءِ (اي نبيﷺ!)وري اسان توکي انهن سڀني جي مٿان گواھي ڏيڻ لاءِ آڻينداسين، اسان ئي تنھنجي مٿان هي ڪتاب (يعني قرآن مجيد) لاٿو آھي، جيڪو ھر شيءِ کي سھڻي طريقي سان کولي بيان ڪري ٿو ۽ خاص طور تي فرمانبردارن لاءِ ته وڏي ھدايت، رحمت ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُ بِالعَدلِ وَالإِحسٰنِ وَإيتائِ ذِى القُربىٰ وَيَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَالبَغىِ يَعِظُكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 90) |
بيشڪ الله انصاف ۽ ڀلائي (ڪرڻ) ۽ مائٽي وارن کي ڏيڻ جو حُڪم ڪري ٿو ۽ بي حيائي ۽ مدائي ۽ زبردستي کان جھلي ٿو، اوھان کي نصيحت ڏئي ٿو ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مسلمانو!) الله تعاليٰ حڪم ٿو ڏئي ته (هر معاملي ۾ ۽ هرهڪ ڳالهه ۾) انصاف ڪيو، (سڀني سان) ڀلائي ۽ نيڪي ڪيو ۽ مائٽن سان سهڻو سلوڪ ڪيو- ۽ هو اوهان کي (هنن ڳالهين کان) روڪي ٿو، بي حيائيءَ جي ڳالهين کان، هر قسم جي برائين ۽ گناهن کان ۽ ظلم ۽ زيادتيءَ جي ڪمن کان، هو توهان کي نصيحت ٿو ڪري انهيءَ لاءِ ته (سمجهو ۽) نصيحت وٺو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى توهان کي حڪم ڪري ٿو ته توهان انصاف ڪريو ۽ توهان احسان ڪريو ۽ توهان مائٽن سان مائٽي ڳنڍيو ۽ الله تعالى توهان کي بيحيائي ۽ خراب ڳالهه ۽ بغاوت کان منع فرمائي ٿو، الله تعالى جو ارادو آهي ته توهان نصيحت حاصل ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ خدا انصاف ڪرڻ کي ۽ ڀلائي ڪرڻ ۽ قرابتدارن کي (ڪجھ) ڏيڻ جو حڪم ڪري ٿو ۽ بي حيائي ۽ بڇڙي ڪمن ۽ سرڪشيءَ ڪرڻ جي منع ڪري ٿو، اوهان کي نصيحت ڪري ٿو ته جيئن اوهين سبق پرايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ الله امر ٿو ڪري عدل ۽ احسان جو ۽ قرابت دارن جي ڏيڻ جو ۽ روڪي ٿو بيحيائيءَ ۽ برائيءَ ۽ بغاوت کان نصيحت ٿو ڪري اوهان کي تانته اوهان نصيحت حاصل ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله انصاف ڪرڻ ۽ ڀلائي ڪرڻ ۽ مائٽي وارن کي ڏيڻ جو حڪم ڪري ٿو ۽ بي حيائيءَ ۽ بڇڙي ڪم ۽ سرڪشيءَ کان روڪي ٿو، اوهان کي نصيحت ڪري ٿو مَنَ اوهين ياد رکو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله حڪم ڪري ٿو انصاف ڪرڻ جو ۽ احسان ڪرڻ جو، ۽ رشتيدارن کي ڏيندو رهڻ جو ۽ منع ڪري ٿو بي حيائين ۽ برن ڪمن ۽ سرڪشي کان. اوهان کي نصيحت ڪري ٿو هن لاءِ ته توهان نصيحت حاصل ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهان کي عَدل، اِحسان، جو، ٿو حُڪم ڏي حُضور، پڻ پَنهنجن سان پَر گَھور جو؛ ۽ مَنع ڪري ٿو مُور، ڪَچِي ڳالھ، ڪَم ڪِنو، پڻ زُورِي کان ضَرُور؛ ڏِينِيان نَصِحيت نُور، ته پڙِهي مانَ پِرائيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله انصاف، چڱائي ۽ مٽن مائٽن کي ڏيڻ جو حڪم ڪيو آهي ۽ پڌري بڇڙائي ۽ گناهه ۽ ظلم کان جهلي ٿو، اوهان کي نصيحت ٿو ڪري ته اوهين نصيحت قبول ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ الله، عدل ۽ احسان ۽ ويجهن عزيزن جي سار لهڻ جو حڪم ٿو ڏئي ۽ بيحيائي، بڇڙائي ۽ ڏاڍائي ڪرڻ کان منع ٿو ڪري، هو توهانکي نصيحت ڪري ٿو ته مــَـنَ توهان نصيحت پرايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله حڪم ڏئي ٿو عدل ۽ احسان جو، ۽ همدردي ڪريو مٽن مائٽن سان ۽ روڪي ٿو هر ڪنهن برائيءَ ۽ بي حيائي ۽ ظلم کان، اهو نصيحت ڪري ٿو توهان کي جيئن توهان سبق وٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اللھ تعالى انصاف، احسان ۽ مٽن مائٽن سان سھڻي سلوڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو ۽ برائي، بيحيائي، ظلم ۽ زيادتي ڪرڻ کان روڪي ٿو، ھُو توھان کي سمجهائي ٿو ته جيئن توھان نصيحت حاصل ڪريو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَوفوا بِعَهدِ اللَّهِ إِذا عٰهَدتُم وَلا تَنقُضُوا الأَيمٰنَ بَعدَ تَوكيدِها وَقَد جَعَلتُمُ اللَّهَ عَلَيكُم كَفيلًا إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 91) |
۽ جڏھن اوھين (الله جو نالو وٺي) پاڻ ۾ انجام ڪريو (تڏھن) الله جو انجام پاڙيو ۽ اوھين قَسمن کي سندن پڪي ڪرڻ کانپوءِ نه ڀڃو جو بيشڪ الله کي پاڻ تي نگھبان ڪيو اٿوَ، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن توهان پاڻ ۾ واعدو يا عهدنامون ڪيو ته (سمجهي ڇڏيو ته ڄڻ الله سان عهد ڪيو اٿوَ) پوءِ اوهان کي گهرجي ته الله جو عهد پورو ڪيو ۽ ائين نه ڪيو جو قسمن تي (واعدو يا عهد نامون) پڪو ڪري وري ان کي ٽوڙي ڇڏيو، حالانڪ توهان الله کي پنهنجي مٿان نگبان ٺهرائي چڪا آهيو، (يعني الله جو قسم کڻي کيس شاهد ڪري چڪا آهيو) يقين ڪيو ته توهان جيڪي جيڪي ڪيو ٿا سو الله کان لڪل ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن توهان وعدا ڪريو ته پوءِ الله سان ڪيل وعدا پورا ڪريو ۽ پڪا قسم کڻي پوءِ انهن کي نه ٽوڙيو ۽ تحقيق توهان پنهنجي مٿان الله تعالى کي گواه بنايو، بيشڪ الله تعالى اهو سڀ ڪجھه ڄاڻي ٿو جيڪو توهان ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن پاڻ ۾ انجام ڪريو ته الله جي انجام کي پورو ڪيو، ۽ قسمن کي پڪي ڪرڻ کان پوءِ انهن کي نه ڀڃو. ڇو ته اوهان الله کي پنهنجو ضامن بڻائي چڪا آهيو. جيڪي اوهان ڪريو ٿا خدا تنهن کي ضرور ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وفاداري ڪيو الله جي عهد جي جڏهن عهد ڪيو اٿوَ ۽ نه ڀڃو قسمن کي پڪي ڪرڻ کان پوءِ تحقيق ڪيو اوهان الله کي پنهنجي مٿان زمي وارو بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪي ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن انجام ٻڌو ته الله جي انجام کي پورو ڪريو، ۽ قسمن کي پڪي ڪرڻ کان پوءِ انهن کي نه ڀڃو هوڏانهن اوهان الله کي پنهنجو ضامن ڪيو آهي جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي بيشڪ الله ڄاڻي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جي عهد کي پاڙيو جڏهن اوهان ان سان معاهدو ڪيو هجي ۽ قَسمن کي پڪي ڪرڻ کان پوءِ نه ڀڃو حالانڪه اوهان الله کي پنهنجو شاهد بنايو آهي. بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ڪم ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پُورِيءَ طرح پارِيو، اَلله ساڻ اَنجام، ۽ قَسم ڪِين ٽوڙيو، اُن جي، تاڪِيد َبعد تمام، ۽ جڏهن ڪيَئان ڪَفِيل پاڻ تي، آگو، رَبُّ عَلام، مالِڪ ٻُجھٖي مُدام، جيڪِي ڪَم ڪَندا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهين الله جي عهد کي پنهنجي ذمي کڻڻ کان پوءِ پورو ڪريو، قسمن کي مضبوط ڪرڻ کانپوءِ نه ٽوڙيو، جو اوهين الله کي گواهه به بڻائي چڪا آهيو- جيڪي اوهين ڪريو ٿا، سو الله کي معلوم آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله سان ڪيل عهد کي پورو ڪريو، جڏهن توهان ساڻس ڪو عهد ڪيو هجي ۽ پنهنجا قسم پڪيءَ طرح کڻڻ کانپوءِ ٽوڙي نه ڇڏيو، جڏهن جو توهان الله کي پنهنجي مٿان نگهبان بڻائي چڪا آهيو، الله توهانجي سڀني ڪمن کان واقف آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پورو ڪريو الله جي وعدي کي جڏهن ڪوبه وعدو ان سان توهان ڪيو هجي ۽ پنهنجا قسم پڪا ڪرڻ کان پوءِ (اهي) نه ٽوڙيو، ۽ جڏهن ته توهان بنائي چڪا آهيو الله کي پنهنجي مٿان (مڪمل) هڪ شاهد، بيشڪ الله واقف آهي توهان جي سڀني عملن کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن توھان اللھ تعالى سان ڪو وعدو ڪيو ھجي ته ان وعدي کي ضرور پاڙيو ۽ پڪا قسم کڻڻ کان پوءِ انهن قسمن کي نه ٽوڙيو، جڏهن ته توھان اللھ تعالى کي پنھنجو پاڻ تي گواهه بڻائي چڪا آھيو. بيشڪ توھان جيڪو به عمل ڪريو ٿا سو سڀ اللھ تعالى کي معلوم آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَكونوا كَالَّتى نَقَضَت غَزلَها مِن بَعدِ قُوَّةٍ أَنكٰثًا تَتَّخِذونَ أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم أَن تَكونَ أُمَّةٌ هِىَ أَربىٰ مِن أُمَّةٍ إِنَّما يَبلوكُمُ اللَّهُ بِهِ وَلَيُبَيِّنَنَّ لَكُم يَومَ القِيٰمَةِ ما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 92) |
۽ اُن زال وانگر نه ٿيو جنھن پنھنجو سُٽ ڪتيل پڪي ڪرڻ کانپوءِ ڇني ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڇڏيو، اوھين قسمن کي ھن لاءِ پاڻ ۾ حيلو بڻايو ٿا ته (ھڪ) ٽولي ٻي ٽوليءَ کان وڌيڪ ٿئي، الله ته اوھان کي رڳو اُن سان پرکيندو آھي، ۽ جنھن بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو سو قيامت جي ڏينھن اوھان جي لاءِ ضرور بيان ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (واعدو ۽ عهدنامون ٽوڙي توهان) انهيءَ عورت وانگر نه ٿيو جنهن وڏيءَ محنت سان سُٽ ڪتيو ۽ پوءِ ان کي ڇني ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. توهان هڪ ٻئي جي معاملن ۾ پنهنجي قسمن کي مڪر ۽ فساد جو ذريعو بنايو ٿا هن لاءِ ته هڪڙي جماعت (يا قوم يا سلطنت) ٻيءَ جماعت کان (طاقت ۾) وڌي ويئي آهي. (ياد رکو ته) الله تعاليٰ هن معاملي ۾ توهان جي (سچائي ۽ استقامت ۽ محڪم رهڻ جي) آزمائش ٿو وٺي (ته توهان طاقت واري قوم جي پاسخاطري ڪرڻ ٿا لڳو يا پنهنجي عهدنامي تي قائم ٿا رهو) جن جن ڳالهين ۾ توهان اختلاف ٿا ڪيو تن جي حقيقت ضرور قيامت جي ڏينهن توهان جي لاءِ چٽيءَ طرح ظاهر ڪئي ويندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان نه هجو انهي عورت وانگر جنهن پنهنجي ڌاڳي کي مضبوط ڪَتَڻَ کان پوءِ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، (اهي) پنهنجي قسمن کي پاڻ ۾ فساد ڪرائڻ جو ذريئو بنائن ٿا ان لاءِ ته انهن مان هڪڙو گروه ٻِئي گروه کان وڌي نه وڃي، ان سان ته الله تعالى توهان جي آزمائش ڪري ٿو، ۽ الله تعالى انهن لاءِ قيامت جي ڏينهن ضرور بيان ڪندو جنهن ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهين (قسمن ٽوڙڻ ۾) ان زال جهڙو نه ٿيو جنهن پنهنجي ڪتيل پشم کي مضبوط ٿيڻ کان پوءِ ڇني ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. (متان ائين) اوهين پنهنجن قسمن کي پاڻ ۾ ڌوڪي ڏيڻ جو ذريعو ٺهرايو، هن لاءِ ته هڪ ٽولو ٻئي ٽولي کان وڌي وڃي. الله رڳو ان سان (يعني هڪٻئي کان وڌڻ سان) اوهان کي آزمائي ٿو. ۽ جنهن ڳالھ ۾ اوهان اختلاف پيا ڪريو سا ضرور قيامت جي ڏينهن اوهان تي ظاهر ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه هجو ان (عورت) وانگر جنهن ڇني ڇڏيو ڪتيل ڌاڳي پنهنجي کي پڄاڻان مضبوط ڪرڻ جي ٽڪرا ٽڪرا وٺو ٿا قسمن پنهنجي کي خيانت ڪري پاڻ ۾ ته هجي هڪ جماعت اها وڌيڪ نفعي واري ٻي جماعت کان تحقيق آزمائي ٿو اوهان کي الله ان سان ۽ البته کولي بيان ڪندو اوهان جي لاءِ قيامت جي ڏينهن اهو جو ان ۾ ٿي اختلاف ڪيُوَ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان زال جهڙا نه ٿيو جنهن پنهنجي ڪتيل پشم کي مضبوط ٿيڻ کان پوءِ ڇني ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو (متان مٿين نموني) اوهين پنهنجن قسمن کي پاڻ ۾ ڌوڪي ڏيڻ جو ذريعو ٺهرايو، هن لاءِ ته هڪ جماعت ٻي جماعت کان وڌي وڃي. الله رڳو اِن سان (يعني هڪ ٻئي کان وڌڻ سان) اوهان کي آزمائي ٿو. ۽ جنهن ڳالهه ۾ اوهان اختلاف پيا ڪريو سا ضرور قيامت جي ڏينهن اوهان تي ظاهر ڪندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان ان عورت وانگر نه ٿيو جنهن پنهنجو سُٽُ مضبوط ڪَتِڻَ کان پوءِ پاڻ ئي ٽوڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. اوهان پنهنجي قَسمن کي پنهنجي وچ ۾ فريب ڪاري جو ذريعو بنايو ٿا هن لاءِ ته هڪ گروهه ٻئي گروهه کان وڌيڪ فائدي وٺڻ وارو بنجي وڃي. الله اوهان کي ان جي ذريعي صرف آزمائي ٿو. ۽ اُهو اوهان جي لاءِ قيامت واري ڏينهن ضرور پڌرو ڪندو انهن ڳالهين کي جن ۾ اختلاف ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه ٿِيو اُنهئَ مِثال، جنهن سَندسِ سُٽ ڪَتيل کي، ڪَتڻ پڄاڻا، ڪيو وَرِي، پُرزا ۽ پائـِمال، پَنهنجا قَسم پاڻ ۾، ڪَريو نَه، چالاڪِي چال، تان ٽولِي ٻِي ٽولِئَ ڪَنان، ٿيئٖي لاڀاتِي لال!،آزمائي اوهان کي، اِنهئَ ۾ جَلَّ جَلال، تان آن تي ڪري، قيام ڏينهن، صفا سَمورِي ڳالھ، جِنهن ۾ ٻَڌندو ٻائـٖيتال، پَٿ بَنائـٖي پاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان زال جهڙا نه ٿيو، جا پنهنجي سٽ کي ڪتڻ کان پوءِ ذرا ذرا ڪري ڇڏي- اوهين پنهنجن قسمن کي هڪ ٻئي ۾ فساد وجهڻ جو ذريعو بڻائڻ لڳي نه وڃو، ته هڪ ٽولو ٻئي کان وڌي وڃي_ الله ان سان اوهان جي آزمائش ڪري ٿو ۽ جن ڳالهين ۾ اوهين تڪرار ٿا ڪريو، سي قيامت ڏينهن اوهان اڳيان ظاهر ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان انهيءَ عورت وانگر نه ٿجو، جنهن پاڻ محنت ڪري ســُـٽ ڪتيو ۽ پوءِ پاڻ ئي ان کي ذرا پرزا ڪري ڇڏيائين، توهان پنهنجن قَسمن کي پنهنجي هڪ ٻئي سان معاملن ۾ ٺڳي ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيو ٿا، ته جيئن هڪڙي قوم ٻيءَ کان وڌيڪ فائدا حاصل ڪري، حالانڪه الله انهن جي وسيلي توهان کي آزمائي ٿو ۽ قيامت جي ڏينهن هو ضرور توهان جي سمورن اختلافن جي حقيقت توهان تي کولي پڌري ڪندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ٿئي توهان جي حالت ان عورت وانگر جنهن پاڻ پنهنجي لاءِ سُٽ ڪتيو پوءِ پاڻ ئي ان کي ڇني ٽڪر ٽڪر ڪيو، توهان بڻايو ٿا پنهنجي قسمن کي پنهنجن معاملن لاءِ مڪر ۽ فريب جو ذريعو، جيئن هڪ قوم وڌيڪ فائدا حاصل ڪري ٻي قوم کان، جڏهن ته آزمائيندو آهي الله (انجام ۽ عهد ذريعي) توهان کي ۽ قيامت جي ڏينهن ضرور توهان جي اختلافن جي حقيقت کي توهان تي کوليندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان ان عورت وانگر نه ٿيو جنھن وڏي محنت سان پنھنجو سُٽ وارو ڌاڳو ڪتيو پوءِ وري ان کي (ھروڀرو) ڇني ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، توھان مان ھڪڙو گروهه ٻئي گروهه کان وڌيڪ فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي کنيل قسمن کي ڌوڪي ۽ فساد جو ذريعو ٺاھي ٿي. حالانڪ اللھ تعالى توھان کي قسمن جي ذريعي آزمائي ٿو (ته توھان پنھنجا کنيل قسم پورا ڪريو ٿا يا فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ٽوڙيو ٿا) پوءِ جن ڳالهين ۾ توھان اختلاف ڪري رھيا آھيو تن سڀني جي حقيقت کي اللھ تعالى قيامت جي ڏينھن توھان جي اڳيان کولي ظاھر ڪندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَلَتُسـَٔلُنَّ عَمّا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 93) |
۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته اوھان کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر جنھن لاءِ وڻندو اٿس تنھن کي گمراھ ڪندو آھي ۽ جنھن لاءِ وڻندو اٿس تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن بابت اوھين ضرور پُڇبؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته توهان سڀني کي هڪ ئي امت ڪري ڇڏي ها (يعني مختلف جماعتون ۽ مختلف خيال ۽ طريقا ظهور ۾ ئي نه اچن ها) پر (توهان ڏسو ٿا ته هن ائين نه چاهيو) هو جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ (ڪاميابيءَ جي) راهه گم ڪري ٿو ڇڏي ۽ جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ کولي ٿو ڇڏي. ۽ (پوءِ) ضرور هيئن ٿيڻو آهي ته توهان کان انهن ڪمن جو پڇاڻو ٿيندو جيڪي (دنيا ۾) ڪندا رهو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته توهان کي هڪڙي امت بنائي ها پر الله تعالى جنهنکي چاهي گمراه ڪري ٿو ۽ جنهنکي چاهي هدايت ڏي ٿو ۽ توهان کان توهان جي عملن بابت ضرور سوال ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته اوهان کي هڪ (ئي) جماعت ڪري ها پر جنهن کي گهري ٿو گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ جنهن کي چاهي ته هدايت ڪري ٿو ۽ جيڪي اوهين (دنيا ۾) پيا ڪريو تنهن بابت اوهان کان ضرور پڇيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن گھري ها الله ته البته بنائي ها اوهان کي امت هڪڙي ۽ پر گمراھ ٿو ڪري جنهن کي گھري ۽ هدايت ٿو ڪري جنهن کي گھري ۽ البته ضرور پڇا ڪيا ويندؤ ان جي باري ۾ جيڪي ڪيو پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽جيڪڏهن الله گهري ها ته اوهان کي هڪ جماعت ڪري ها پر جنهن کي گهري تنهن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي گهري تنهن کي رستو ڏيکاري ٿو. ۽ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن بابت اوهان کان ضرور پڇيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته اوهان (سڀني) کي هڪ ئي امت بنائي ڇڏي ها ۽ پر جنهن کي چاهي گمراهه ڪري ٿو. ۽ جنهن کي چاهي هدايت ڪري ٿو. ۽ اوهان کان ضرور پڇاڻو ڪيو ويندو انهن ڪمن بابت جيڪي اوهان ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي گُھريو هُوند غَفار، ته آن کي، اُمت هِڪ ڪيو، پر وَڻيسِ، تنهن کي واٽ ڪَنان، ڪري بَرڪِنار، ۽ وڻيسِ، تِنهن کي واٽ سَنـِئين، سُهائي سَتار، ۽ ڪريو جي ڪَم ڪار، پُڇابا پَڇاڙِئَ، تَن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي الله کي منظور هجي ها، ته اوهان کي هڪ امت ڪري ها، مگر جنهن کي وڻيس ٿو، ان کي بي راهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي وڻيس ٿو، ان کي رستي تي آڻي ٿو ۽ اوهان کان اوهان جي سڀني عملن جي پڇا ٿيندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن الله گهري ها (ته توهان ۾ ڪوبه اختلاف نه هجي) ته هو توهان سڀني کي هڪڙي ئي امت بڻائي ڇڏي ها پر هو جنهن کي گهري گمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏي ٿو ۽ جنهن کي گهري هدايت بخشي ڇڏي ٿو ۽ توهان کان ضرور توهان جي عملن جو پڇاڻو ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن الله جي مرضي هجي ها (ته توهان ۾ اختلاف نه هجي) ته توهان سڀني کي هڪ امت ڪري ها پر اهو جنهن کي گُهرندو آهي گمراهيءَ ۾ وجهندو ۽ جنهن کي گهري سڌي راهه ڏيکاريندو آهي، ۽ ضرور پڇا ڪندو توهان کان توهان جي عملن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏھن اللھ تعالى چاھي ھا ته توھان سڀني کي ھڪڙي ئي امت ٺاھي ھا پر ھو جنھن کي چاھي (پنھنجي حڪمت تحت) گمراهه ڪندو آھي ۽ جنھن به ان ڏانھن توجھه رکيو تنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي ۽ توھان کان توھان جي عملن جو ضرور پڇاڻو ٿيندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَتَّخِذوا أَيمٰنَكُم دَخَلًا بَينَكُم فَتَزِلَّ قَدَمٌ بَعدَ ثُبوتِها وَتَذوقُوا السّوءَ بِما صَدَدتُم عَن سَبيلِ اللَّهِ وَلَكُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 94) |
۽ اوھين پنھنجن قسمن کي پاڻ ۾ ٺڳي نه بڻايو نه ته اُنھن جي پڪي ڪرڻ کانپوءِ اوھان جا پيرَ ترڪندا ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھلڻ سببان سزا چکندؤ، ۽ اوھان کي وڏو عذاب ٿيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هڪٻئي جي معاملن ۾ پنهنجي قسمن کي مڪر ۽ فريب جو ذريعو نه بنايو، جو ماڻهن جا قدم ڄمي بيهڻ ۽ کپي وڃڻ بعد وري اکڙي وڃن، ۽ هن ڳالهه جي بدلي ۾ جو توهان ماڻهن کي الله جي راهه کان روڪيو توهان کي برن نتيجن جو برو ذائقو چکڻو پوي ۽ آخرڪار توهان هڪ وڏي عذاب جا لائق ٿي وڃو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان پنهنجي قسمن کي پاڻ ۾ فساد جو ذريئو نه بنايو، پوءِ پير مضبوط ٿيڻ کان پوءِ توهان جا پير نڪري ويندا ۽ الله جي راه کان روڪڻ جي ڪري توهان کي بُرائي پهچندي، ۽ توهان لاءِ تمام وڏو عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجن قسمن کي پاڻ ۾ ڌوڪي ڏيڻ جو ذريعو نه ٺهرايو، متان (ماڻهن جا) قدم ڄمي وڃڻ کان پوءِ (اسلام کان) ترڪي وڃن. ۽ (پوءِ نيٺ قيامت ۾) اوهين االله جي راھ کان روڪڻ ڪري سزا چکيو. ۽ اوهان کي وڏو عذاب ٿئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه بنايو قسمن پنهنجن کي دخل جو بهانو پاڻ ۾ پوءِ ترڪي پئي قدم ثابت هجڻ کان پوءِ چکو سزا ان جي بدلي جو روڪيو پيا الله جي واٽ کان ۽ اوهان جي لاءِ عذاب وڏو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجن قسمن کي پاڻ ۾ ڌوڪي ڏيڻ جو ذريعو نه ٺهرايو، متان (ڪنهن جو) قدم ڄمي وڃڻ کانپوءِ ترڪي وڃي ۽ اوهين الله جي رستي کان روڪڻ ڪري سزا چکو. ۽ اوهان کي وڏو عذاب ٿئي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي مسلمانو) اوهان پنهنجي قسمن کي پنهنجي وچ ۾ ڌوڪي جو ذريعو نه بنايو متان قدمُ (دين تي) ڄمي وڃڻ بعد تِرڪي وڃي ۽ اوهان الله جي رستي کان روڪڻ جي سبب سزا چکو ۽ اوهان جي لاءِ تمام وڏو عذاب هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَريو نَه پَنهنجن قَسمن کي، ڌوڪو هِڪ ٻِئي ساڻ، پوءِ پَڪايسِ پُڄاڻ، پير ٿِڙي پارڻ ڪَنان. ۽ کائو سُور تِنهن سَبَب، جو روڪيان ربَّ جِي راھ، ثابِت آهي صُباح، آن لئي، وِره وَڏاندڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين پاڻ ۾ پنهنجن قسمن کي فساد وجهڻ جو ذريعو نه بنايو- ته پير ڄمڻ کان پوءِ ترڪي نه وڃن_ پوءِ اوهان کي الله جي راهه کان روڪڻ سبب تڪليف ڀوڳڻي پوندي ۽ اوها نکي وڏو عذاب ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ اي مسلمانو) توهان پنهنجن قَسمن کي پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي دوکي ڏيڻ لاءِ استعمال نه ڪريو ته متان ڪو قدم کـُـپي وڃڻ کان پوءِ اُکڙي نه وڃي ۽ توهان انهيءَ ڏوهه جي سزا ۾، جو توهان ماڻهن کي الله جي واٽ کان پئي روڪيو هو ڪو بــُـرو نتيجو ڏسو ۽ ڪا سخت سزا ڀوڳيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي مسلمانو!) توهان پنهنجن قسمن کي ذريعو نه بنايو پاڻ ۾ دوکي ڏيڻ لاءِ، ڪٿي ائين نه ٿئي جو پير کپڻ کان پوءِ ترڪي وڃي ۽ توهان چکو ان ڏوهه جي سزا، جو توهان ماڻهن کي روڪيو الله جي راهه کان، ڪو برو نتيجو ڏسو ۽ توهان ڀوڳيو سخت سزا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي ايمان وارؤ!) توھان پنھنجي قسمن کي ھڪ ٻئي کي ڌوڪو ڏيڻ جو ذريعو نه بنايو. ايئن نه ٿئي جو توھان کي ڏسي ڪو (نئون مسلمان) ايمان تي مضبوط رھڻ جي بجاءِ ڦري وڃي، پوءِ توھان کي اللھ تعالى جي راهه ۾ رڪاوٽ ٿيڻ جي بدلي ۾ تڪليف ڀوڳڻي پوي ۽ ان کان علاوهه توھان جي لاءِ ھڪ وڏو عذاب به ھوندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَشتَروا بِعَهدِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا إِنَّما عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 95) |
۽ الله جي انجام کي ٿوري مُلھ سان نه وِڪڻو، ڇوته جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته جيڪي الله وٽ آھي سو اوھان جي لاءِ چڱو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله جي نالي تي ڪيل واعدا ۽ عهدناما (دنيا جي) تمام ٿورڙي فائدي لاءِ وڪڻي نه ڇڏيو. (سچائيءَ جو) جيڪو اجر الله وٽ آهي، سو توهان جي لاءِ گهڻو بهتر آهي، بشرطيڪ توهان ڄاڻو ۽ سمجهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله جي وعدي جي عيوض ٿورڙو مال نه وٺو، جيڪو الله وٽ آهي اهو توهان لاءِ بهتر آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ الله جي انجام جي بدلي ۾ ٿورو ملھ (دنيوي فائدو) نه وٺو. جيڪڏهن اوهين سمجهدار آهيو ته (ياد رکو!) جيڪي خدا وٽ آهي سو هن کان گهڻو چڱو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه خريد ڪيو الله جي عهد جي بدلي ۾ ملھ ٿورو.لاشڪ جيڪو الله وٽ آهي اهو ڀلو آهي اوهان جي لاءِ جيڪڏهن آهيو جو ڄاڻو ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله جي انجام جي بدلي ۾ ٿورو ملهه نه وٺو، ڇوته جيڪي الله وٽ آهي سوئي اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جي معاهدي کي ٿورڙي مُلهه جي عيوض وڪڻي نه ڇڏيو. بيشڪ جيڪي الله وٽ آهي سو ئي اوهان لاءِ ڀلو آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وِڪڻو نَه، ٿوري مُلھ مَٿي، قادِرساڻ قَرار، جيڪِي آهي اَلله وَٽ، سو توهان لئي تَڪرار، بِهتر بَرقرار، جي صحِيح سَمجھندا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين جي عهد کي ٿورڙي ملهه تي نه وڪڻو، جيڪي به الله وٽ آهي سو جيڪڏهن ڄاڻو ته اوهان لاءِ بهتر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله سان ڪيل عهد کي ٿوري فائدي خاطر نه وڪڻي ڇڏيو، جيڪي الله وٽ آهي اهو توهانجي لاءِ وڌيڪ ڀلو آهي، جيڪڏهن توهان ڄاڻو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه وڪڻو الله جي عهد کي ٿورڙي فائدي جي عيوض، بيشڪ جيڪو ڪجهه آهي الله وٽ سو ئي وڌيڪ ڀلو توهان جي لاءِ آهي جيڪڏهن توهان ان کي ڄاڻي وٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى جي نالي تي ڪيل وعدن کي ٿورڙي فائدي جي عيوض نه وڪڻو، جيڪڏھن توھان سمجهو ته توھان لاءِ اھا ئي بھتر شيءِ آھي جيڪا اللھ تعالى وٽ آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما عِندَكُم يَنفَدُ وَما عِندَ اللَّهِ باقٍ وَلَنَجزِيَنَّ الَّذينَ صَبَروا أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 96) |
جيڪي اوھان وٽ آھي سو کپي ويندو ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ھميشہ رھڻ وارو آھي، ۽ جن صبر ڪيو تن کي سندن عملن جو بلڪل چڱي طرح بدلو ڏينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي به توهان وٽ آهي سو (ڪڏهن نه ڪڏهن) ختم ٿي ويندو، پر جيڪي الله وٽ آهي سو ختم ٿيڻ وارو ناهي. جن ماڻهن صبر ڪيو ۽ ثابت قدم رهيا (۽ زندگيءَ جون وقتي مشڪلاتون ۽ مصبتون صبر سان سٺيون) تن کي ضرور اسان انهن جو اجر عطا ڪنداسين، انهن جهڙا جهڙا چڱا عمل ڪيا آهن، تهڙوئي اسان جو اجر به کين ملندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان وٽ جيڪو آهي سو فنا ٿي ويندو ۽ جيڪو الله تعالى وٽ آهي اهو باقي رهندو، ۽ صبر ڪندڙن کي اسين ضرور ان کان وڌيڪ سهڻي جزا عطا ڪنداسين جيڪو انهن عمل ڪيو هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ڇو ته دنيا جو مال) جيڪي اوهان وٽ آهي (هڪ نه هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو) ۽ جيڪي (اجورو) خدا وٽ آهي سو سدائين هوندو. ۽ جن ماڻهن دنيا ۾ صبر ڪيو هو تن کي (قيامت ۾) انهن نيڪين جو اسان چڱي کان چڱو اجر (۽ ثواب) عطا ڪنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو اوهان وٽ آهي ختم ٿي ويندو ۽ جيڪو الله وٽ آهي باقي آهي ۽ البته ضرور بدلو ڏينداسون انهن کي جن صبر ڪيو سندن ثواب جو عوض سهڻي ان ڪم جي جيڪو ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهين اوهين ڄاڻو. جيڪي اوهان وٽ آهي سو کپي ويندو ۽ جيڪي الله وٽ آهي سو باقي رهڻ وارو آهي. ۽ صبر وارا جيڪو سڀ کان چڱو ڪم پيا ڪن تنهن جي بدلي ۾ انهن کي سندن اجر ضرور ڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي اوهان وٽ آهي سو کپي ويندو ۽ جيڪي الله وٽ آهي سو باقي رهڻ وارو آهي. ۽ جن ماڻهن صبر ڪيو اسان ضرور انهن کي انهن جو بدلو ڏينداسين انهن جي سهڻن عملن جي عيوض جيڪي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوَس کُٽنِ، آهن جي، اَوهان وَٽ اَنبار، ۽ جيڪِي صاحِب وَٽ سَتار، اََکَٽ خَزانُو، آهي سو. ۽ پورو ڏِينداسون پورهيو، تِنهنجو پِهرئـِين پُور، جِنهن سَبَب سَٺائون سُور، ۽ نيڪيون ڪندا هُئا نڪڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي اوهان وٽ آهي سو کٽي ويندو، پر جيڪي الله وٽ آهي سو هميشه رهندو ۽ صبر ڪندڙن کي اسين سندن چڱن ڪمن جي بدلي ۾ اجر ضرور ڏينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ڪجهه توهان وٽ آهي، اهو کــَـپي وڃڻ وارو آهي ۽ جيڪي ڪجهه الله وٽ آهي، اهو سدائين رهڻ وارو آهي ۽ اسان ضرور صبر ڪرڻ وارن کي سندن اجورا سندن سهڻن عملن مطابق ڏينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ڪجهه توهان وٽ آهي سو خرچ ٿيڻ وارو آهي ۽ جيڪي ڪجهه الله وٽ آهي سو باقي رهڻ وارو آهي ۽ اسان سٺو اجر ڏينداسين انهن صبر ڪندڙن کي سندن (وڻندڙ) بهترين عملن جي ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان وٽ موجود هر شيءِ ختم ٿيڻ واري آھي ۽ جيڪا شيءِ اللھ تعالى وٽ موجود آھي اھا ئي ھميشه رھڻ واري آھي. ۽ جن ماڻهن (دنيا جي تڪليف تي) صبر ڪيو تن کي اسان بھترين عملن جي ڪري اجر ڏينداسين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلَنُحيِيَنَّهُ حَيوٰةً طَيِّبَةً وَلَنَجزِيَنَّهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 97) |
جنھن چڱو عمل ڪيو (پوءِ) اُھو مڙس ھُجي يا زال ۽ اُھو مؤمن ھوندو ته ضرور کيس چڱي حياتي ڏئي جيئرو ڪنداسون، ۽ جيڪي ڪندا ھوا تنھنجو بدلو کين تمام چڱيءَ طرح ڏينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو به چڱا عمل ٿو ڪري، مرد هجي خواهه عورت ۽ اهو مؤمن به هجي تنهن کي اسان ضرور (هن ئي دنيا ۾) چڱي زندگي بسر ڪرائينداسين ۽ آخرت ۾ به ضرور هن کي وڏو اجر ڏينداسين. هنن جيڪي به چڱا ڪم ڪيا آهن تن جي مطابق اسان جو به چڱو اجر کين ملندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو ماڻهو (الله جي رضامندي لاءِ) نيڪ عمل ڪري ٿو چاهي اهو مرد هجي چاهي عورت هجي (بشرطيڪ) اهو مؤمن آهي، پوءِ اسين ضرور ان کي دنيا ۾ بهترين زندگي گذارڻ جو موقعو ڏينداسين، ۽ اسين ان کي (آخرت ۾) سندس عمل کان وڌيڪ بهتر اجر عطا ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مرد هجي يا عورت جيڪو به نيڪ ڪم ڪندو ۽ اهو ايمان وارو هوندو اسين تنهن کي (دنيا ۾ به) پاڪ صاف زندگي ڏيئي جيارينداسون، ۽ (آخرت ۾ به) جيڪي اهي ڪندا هئا تنهن جو چڱي کان چڱو اجر ۽ ثواب عطا ڪنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن به ڪيو نيڪ عمل مرد يا عورت حالانڪه اهو مؤمن آهي پوءِ البته ضرور حياتي ڏينداسون ان کي حياتي پاڪ ۽ البته ضرور بدلو ڏينداسون انهن کي سندن ثواب جو نهايت سهڻو ان جي بدلي جو ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن مڙس يا زال چڱو ڪم ڪيو ۽ اهو ايمان وارو هوندو تنهن کي اسين ضرور چڱي زندگي ڏيئي جيارينداسون ۽ اهي جيڪو سڀ کان چڱو ڪم پيا ڪن تنهن جو کين ضرور بدلو ڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو ماڻهو چڱو عمل ڪري (پوءِ) مرد هجي يا عورت ان حال ۾ جو اهو مؤمن هجي ته اسان ضرور ان کي (دنيا ۾) پاڪيزه زندگي سان جيارينداسين. ۽ (آخرت ۾) انهن ماڻهن کي ضرور انهن جو اجر ڏينداسين انهن سهڻن عملن جي عيوض جيڪي اهي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪو چڱا ڪَم ڪندو، مَرد هُجي، يا زال، بيشڪ بَخشِينداسون تِنهن کي، حَياتِي خُوشحال، ۽ اَجر سندنِ اَعمال، جي نيڪيون ڪَندا هئا نڪڻٖي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو مرد خواهه زال ڪو نيڪ ڪم ڪندو ۽ هو مومن به هوندو ته اسين کيس (دنيا ۾) پاڪ زندگي ڏينداسون ۽ آخرت ۾ سندس چڱن ڪمن جو اجر ڏينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو شخص به نيڪ عمل ڪندو، مرد هجي يا عورت، پر هجي سو مومن، ان کي اسان دنيا ۾ پاڪ زندگي بسر ڪرائينداسون ۽ (آخرت ۾) اهڙن ماڻهن کي سندن اجر انهن جي سهڻن عملن مطابق عطا ڪنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو شخص به سٺا عمل ڪندو، کڻي اهو مرد هجي يا عورت، پر شرط اهو ته مؤمن هجي، تنهن کي عطا ڪنداسين (دنيا ۾) پاڪ ۽ سهڻي حياتي ۽ (آخرت ۾) اهڙن ماڻهن جا اجر سندن سهڻن عملن مطابق بخشينداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو به مؤمن جي حيثيت ۾ نيڪ عمل ڪندو چاھي اھو مرد ھجي يا عورت انهن کي دنيا ۾ ضرور پاڪيزهه زندگي عطا ڪنداسين ۽ بھترين عمل جي بدلي ۾ کين ضرور اجر ڏينداسين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا قَرَأتَ القُرءانَ فَاستَعِذ بِاللَّهِ مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 98) |
پوءِ (اي پيغمبر) جڏھن قرآن پڙھين تڏھن تڙيل شيطان (جي شر) کان الله جي سام پؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن تون قرآن پڙهڻ لڳين، تڏهن توکي گهرجي ته مردود شيطان (جي وسوسن) کان الله جي پناهه گهرندو ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن توهان قرآن ڪريم پڙهڻ جو ارادو ڪريو ته پوءِ اعوذ بالله من الشيطان الرجيم پڙهو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اوهين قرآن پڙهڻ لڳو ته شيطان مردود (جي وسوسن) کان خدا جي پناھ طلب ڪندا ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن پڙهين قرآن ته پوءِ پناھ گھر الله سان شيطان تڙيل کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن تون قرآن پڙهين ته تڙيل شيطان کان الله جي پناهه وٺ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن تون قرآن پڙهين ته پوءِ تڙيل شيطان (جي شرارتن) کان الله جي پناهه طلب ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَجھو جَھل اَلله جو، جڏهين پَڙِهين قُرآن، ڪَنان شرَّ شيطان جو تَڙيل آهي، توڙ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن تون قرآن پڙهڻ گهرين، ته تڙيل شيطان کان الله جي پناهه گهرندو ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن به توهان قرآن پڙهو ته تـڙيل شيطان کان الله جي پناهه وٺندا ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن تون پڙهين قرآن، تڏهن پناهه گهرندو ڪر الله کان شيطان تڙيل جي سلسلي ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان جڏھن به قرآن شريف جي تلاوت شروع ڪريو ته پھريائين تڙيل شيطان کان اللھ تعالى جي پناهه گهرندا ڪريو (يعني اعوذ باللھ من الشيطان الرجيم پڙھندا ڪريو).(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُ لَيسَ لَهُ سُلطٰنٌ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 99) |
ان کي ايمان وارن تي ۽ جي پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن تن تي ڪو غلبو نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ جيڪي ماڻهو ايمان وارا آهن ۽ پنهنجي پروردگار تي ڀروسو ٿا رکن تن تي سندس زور يا حڪم هرگز ڪونه هلندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ايمان آڻن ٿا ۽ پنهنجي رب تي توڪل ڪن ٿا انهن تي شيطان جو ڪنٽرول ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جيڪي ايمان وارا آهن ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو رکن ٿا تن تي ان جو ڪو زور نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ شان هي آهي ته ناهي ان جي لاءِ طاقت انهن تي جن ايمان آندو ۽ پنهنجي رب تي توڪل ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ اهي پنهنجي پاليندڙ تي ڀروسو ڪن ٿا تن تي ان جو ڪو زور نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ انکي انهن ماڻهن مٿان ڪوبه غلبو ناهي جن ايمان آندو ۽ پنهنجي پالڻهار مٿان ڀروسو رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِنهن کي، نه طاقت تَن مَٿي، جَن آندو اِعتبار، ۽ ڀَروَسو ۽ بار، رکن سَندنِ رَبَّ مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ سندس زور انهن تي نه ٿو هلي، جي ايمان رکن ٿا ۽ پنهنجي رب تي ڀروسو رکن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان کي انهن ماڻهن تي ڪوبه اختيار ڪونهي، جيڪي ايمان آڻين ٿا ۽ پنهنجي رب تي ڀروسو ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ ان کي ڪوبه اهڙو غلبو حاصل نه هوندو اهڙن ماڻهن تي جيڪي ايمان آڻيندا ۽ رکندا آهن پنهنجي رب تي پڪو ڀروسو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو اللھ تعالى تي ايمان ۽ ان تي ئي مڪمل ڀروسو رکن ٿا تن ماڻهن تي شيطان جو ڪوبه زور نه هلي سگهندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما سُلطٰنُهُ عَلَى الَّذينَ يَتَوَلَّونَهُ وَالَّذينَ هُم بِهِ مُشرِكونَ (آيت : 100) |
سندس غلبو رڳو اُنھن تي آھي جيڪي کيس دوست رکندا آھن ۽ (انھن تي به) جيڪي الله سان شريڪ (مقرّر) ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن (شيطان) جو زور ته انهن تي ٿو هلي جيڪي کيس پنهنجو رفيق ٿا بنائين ۽ جيڪي هن جي ڪري شرڪ ٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) شيطان جو ڪنٽرول ته انهن ماڻهن تي آهي جيڪي ساڻس دوستي رکن ٿا ۽ اهي الله سان شرڪ ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان جو زور ته رڳو انهن تي آهي جيڪي ان سان دوستي رکن ٿا ۽ جيڪي ان کي (خدا سان) شريڪ ٺهرائيندڙ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ غلبو ان جو انهن تي آهي جيڪي دوست رکن ٿا ان کي ۽ انهن تي جيڪي اهي ان سان شرڪ ڪندڙ آهن. ع (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان جو زور رڳو انهن تي آهي جيڪي ان سان دوستي رکن ٿا ۽ جيڪي الله سان شريڪ ٺهرائيندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان جو غلبو ته صرف انهن تي آهي جيڪي کيس دوست بنائن ٿا ۽ اُهي ماڻهو جيڪي ان (الله) سان شرڪ ڪرڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن جِي طاقت، تن مٿي، جي دوست تِنهن ڌارِين، پڻ ساٿِي، تِنهن سارِينِ، سَندنِ مِلڪِيت ۽ مال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندس زور رڳو انهن تي هلي ٿو جي ساڻس لاڳاپو رکن ٿا ۽ جي الله سان شرڪ ڪن ٿا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان جو زور ته انهن ماڻهن تي هلندو آهي، جيڪي کيس پنهنجو دوست ٿا بڻائن ۽ سندس چوڻ تي لڳي شرڪ ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ ان جو زور ته رڳو انهن ماڻهن تي هلندو جيڪي کيس سرپرست بنائن ٿا ۽ اهي سندس ورغلائڻ سان شرڪ ڪندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھُن جو زور ته رڳو انهن ماڻهن تي ھلندو آھي جيڪي اُن سان ويجهڙائپ رکندا آھن ۽ شرڪ ڪندا آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا بَدَّلنا ءايَةً مَكانَ ءايَةٍ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يُنَزِّلُ قالوا إِنَّما أَنتَ مُفتَرٍ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
۽ جڏھن ھڪڙي آيت جي جاءِ تي ٻي آيت مٽائي آڻيندا آھيون ۽ الله جيڪي نازل ڪندو آھي سو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي (تڏھن) چوندا آھن ته تون رڳو پاڻون بڻائيندڙ آھين، (نه!) بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن اسان هڪ آيت جي جاءِ تي ٻي آيت نازل ٿا ڪيون ۽ الله ئي بهتر ڄاڻندڙ آهي ته هو ڇا نازل ڪري رهيو آهي. تڏهن هي ماڻهو (توکي) چون ٿا ته تون ته پنهنجي دل مان (ڳالهيون) گهڙي ٺاهيندو آهين، حالانڪ انهن مان گهڻن کي معلوم ناهي ته حقيقت ڇا آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اسين هڪ آيت جي جاءِ تي ٻِي آيت تبديل ڪريون ٿا، ۽ الله تعالى کي وڌيڪ علم آهي انهي جو جيڪو نازل فرمائي ٿو (ته ڪافر) چون ٿا ته تون دليان ٺاهين ٿو، پر انهن مان گھڻن ماڻهن کي علم ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) اسين جڏهن هڪ آيت جي بدلي ٻي آيت نازل ڪندا آهيون ته به خدا (جا ڳالھ) نازل ڪندو آهي تنهن (جي مصلحتن) کي خوب ڄاڻي ٿو (پر) اهي ماڻهو (تو کي) چون ٿا ته تون ته رڳو ڪوڙ ٻڌندڙ آهين. بلڪه خود انهن مان گهڻا (مصلحت کي) نٿا ڄاڻن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن بدلايون ٿا هڪ آيت کي بجاءِ ٻي آيت جي ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان جي باري ۾ جيڪو نازل ٿو ڪري چيائون بلاشڪ تون ته پنهنجو ٺاهيندڙ آهين بلڪه اڪثر انهن جا نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن هڪڙي آيت جي جاءِ تي ٻي آيت بدلائي آڻيون ٿا ۽ الله جيڪي نازل ڪري ٿو تنهن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ته چون ٿا ته تون رڳو ڪوڙ گهڙيندڙ آهين پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اسان ڪنهن آيت جي جاءِ تي ٻي آيت بدلايون ٿا ۽ الله (ئي) بهتر ڄاڻندڙ آهي جيڪو نازل ڪري ٿو (ڪافر) چون ٿا ته: ”تون ئي هٿ سان ٺاهيندڙ آهين“. بلڪه انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيت، آيت ماڳ تي، جڏهين مَٽائـِيسُون مُور، ۽ آگو آگاه اُن کان، جيڪي نازِل ڪري نُور، چي، اَوس تون نه آهِين، ڪَندڙ ڪُوڙ فُتور، بَلڪ بي شُعور، اَڪثر نَه ڄاڻنِ، اُنهن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اسين هڪ آيت بدران ٻي ٿا آڻيون، ۽ الله کي پوري خبر آهي جيڪي موڪلي ٿو تڏهن هي چون ٿا ته ”تون ئي اها ٿو ٺاهين،“ بلڪه انهن مان گهڻا جاهل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن اسان ڪنهن آيت جي جاءِ تي ڪا ٻي آيت نازل ڪريون ٿا ۽ الله خوب ٿو ڄاڻي ته ڇا ڇا نازل ڪري ته اهي ماڻهو چون ٿا ته تون پاڻ اهو قرآن گهڙين ٿو! اصل ڳالهه اها آهي ته انهن مان گهڻا ماڻهو اڻ ڄاڻ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن اسان نازل ڪندا آهيون هڪ آيت جي جاءِ تي ٻي آيت ۽ الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته اهو ڇا نازل ڪري ته چوندا آهن اهي ماڻهو ”هي قرآن تون پاڻ ٿو ٺاهين“، پر حقيقت ۾ گهڻا ماڻهو بنهه اڻ ڄاڻ آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان جڏھن ھڪ آيت جي جاءِ تي (عمل ڪرڻ لاءِ) ٻي آيت نازل ڪندا آھيون ته حق جو انڪار ڪرڻ وارا چوندا آھن ته (اي ﷴ ﷺ!) توهان قرآن کي پنھنجي طرفان ٺاھيو ٿا، حالانڪ اللھ تعالى کي سڄي خبر آھي ته ھو ڪھڙي پس منظر ۾ ڇا نازل ڪري رھيو آھي؟ ان حقيقت کان گهڻا ماڻهو واقف ئي نه آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل نَزَّلَهُ روحُ القُدُسِ مِن رَبِّكَ بِالحَقِّ لِيُثَبِّتَ الَّذينَ ءامَنوا وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُسلِمينَ (آيت : 102) |
(اي پيغمبر) کين چؤ ته اُھو قرآن تنھنجي پالڻھار وٽان جبرئيل سچ سان ھن لاءِ نازل ڪيو آھي ته مؤمنن کي ثابت رکي ۽ مُسلمانن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري ھجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئه ته (هي قرآن منهنجو ٺاهيل ناهي، نڪي مان ٺاهي سگهان ٿو) هي حقيقتاً توهان جي پروردگار جي طرفان روح القدس نازل ڪيو ويو آهي ۽ هن لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ته ايمان وارن جي دل کي ڄمت ۽ مضبوطي ڏئي، فرمانبردار بندن لاءِ رهنمائي ٿئي ۽ (ڪاميابي ۽ سعادت جي) خوشخبري ڏئي (مسلمانن کي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو ته (قرآن ڪريم کي) الله تعالى جي طرفان جبريل امين حق سان نازل ڪري ٿو انهي لاءِ ته مؤمنن کي ثابت قدم رکي ۽ (اهو قرآن ڪريم) مؤمنن لاءِ هدايت ۽ بشارت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول کين صاف) چئو ته هن (قرآن) کي ته روح القدس (جبرائيل) اوهان جي پروردگار جي طرفان حق (سچ) نازل ڪيو آهي ته جيئن جيڪي ماڻهو ايمان آڻي چڪا آهن تن کي ثابت قدم رکي ۽ مسلمانن لاءِ ته(سمورو) هدايت ۽ خوش خبري آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته: لاٿو ان کي روح القدس طرفان رب تنهنجي حق سان تانته ثابت رکي انهن کي جن ايمان آندو ۽ هدايت ۽ خوشخبري آهي مسلمانن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (کين) چو ته ان کي پاڪ روح تنهنجي پاليندڙ جي طرفان پوريءَ تدبير سان نازل ڪيو آهي هن لاءِ ته ايمان وارن کي مضبوط ڪري ۽ فرمانبردارن لاءِ رهنمائي ۽ خوشخبري ٿئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”ان (قرآن) کي روح القدس (جبرائيل) تنهنجي پروردگار وٽان سچائي سان لاٿو آهي هن لاءِ ته جيئن ايمان وارن کي ثابت قدم رکي ۽ مسلمانن لاءِ هدايت ۽ خوشخبري آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو! رُوح پاڪ، تُنهنجي رَبَّ کان، حق تي لاٿو هِي، تان اُتَسِ، اُڀاري تن کي، جي وِسهيا کي وَحِي، سُونهپ آهي صحِيح، پڻ مُبارڪ مُؤمنِين .(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته پاڪ روح ان کي تنهنجي رب طرفان سچ سان آندو آهي، ته ايمان وارن کي ثابت قدم رکي ۽ مسلمانن لاءِ هدايت ۽ خوشخبري ٿئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته ان کي ته پاڪ روح منهنجي رب وٽان جيئن جو تيئن پئي نازل ڪيو آهي، تانته ايمان آڻڻ وارن جي ايمان کي مضبوط بڻائي ۽ فرمانبردارن کي زندگيءَ جي معاملن ۾ سنئين واٽ ڏيکاري ۽ کين چڱي پڇاڙيءَ جي خوشخبري ڏئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کي چؤ ته اهو نازل ڪري ٿو روح القدس ٺيڪ ٺيڪ منهنجي رب جي حڪم سان سلسليوار، جيئن پختو ڪري ايمان وارن جو ايمان ۽ سڌي راهه ڏيکاري ۽ خوشخبري ڏئي فرمانبردارن کي (ڪاميابي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن کي چؤ ته ھن قرآن کي جبرائيل ($) منھنجي پالڻھار جي طرف کان صحيح طريقي سان (مون تي) نازل ڪيو آھي ته جيئن ايمان وارن جا پير پُختا ڪري ۽ فرمانبرداري ڪرڻ وارن جي لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري جو ذريعو ٿئي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّهُم يَقولونَ إِنَّما يُعَلِّمُهُ بَشَرٌ لِسانُ الَّذى يُلحِدونَ إِلَيهِ أَعجَمِىٌّ وَهٰذا لِسانٌ عَرَبِىٌّ مُبينٌ (آيت : 103) |
۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون ته اُھي چوندا آھن ته اُن (پيغمبر) کي ڪو ماڻھو سيکاريندو آھي، جنھن ڏانھن اھا نسبت ڪندا آھن تنھن جي ٻولي عجمي آھي ۽ ھي (قرآن) پڌري عربي ٻوليءَ ۾ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ اسان کي خبر آهي ته هي ماڻهو (قرآن متعلق) چون ٿا ته هن شخص (يعني پيغمبر) کي هڪڙو ماڻهو (اهي ڳالهيون) سيکاري ٿو ڇڏي. پر حقيقت هيءَ آهي ته اهو ماڻهو جنهن ڏانهن اهو اشارو ڪن ٿا (ته اهو پيغمبر کي سيکاري ٿو) تنهن جي ٻولي ته عجمي آهي ۽ هي (قرآن) ته صاف ۽ چٽي عربي زبان ۾ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق اسين ڄاڻو ٿا ته بيشڪ اهي (ڪافر) چون ٿا ته رسولِ عربي کي هڪ عجمي ماڻهو قرآن سيکاري ٿو، جنهن (ماڻهو جي) زبان ڏانهن اهي اشارو ڪن ٿا ان جي زبان عجمي آهي ۽ هيءُ (قران) صاف عربيءَ ۾ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته اهي (ڪافر) چون ٿا ته ان (رسول) کي ڪو ماڻهو قرآن سيکاري ٿو، (اهو بلڪل غلط آهي) جنهن ڏي اها نسبت ڏين ٿا تنهن جي زبان عجمي آهي ۽ هي (قرآن) ته صاف عربي ۾ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڄاڻون ٿا اسين ته بيشڪ اهي چون ٿا بلاشڪ سيکاري ٿو ان کي هڪ انسان زبان ان جي جو نسبت ڪن ٿا ان ڏانهن عجمي آهي ۽ هيءَ زبان عربي چٽي آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته اهي چون ٿا ته ان (رسول) کي ڪو ماڻهو ئي سيکاري ٿو، جنهن ڏي (اها) نسبت ڪن ٿا تنهن جي زبان عجمي آهي ۽ هي (قرآن) صاف عربي زبان ۾ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا جيڪي اُهي (ڪافر ۽ مشرڪ) چون ٿا ته: ”ان (نبي ﷺ) کي ڪو ماڻهو ئي سيکاري ٿو“. (حالانڪه) جنهن ماڻهو ڏي اشارو ڪن ٿا ان جي زبان عجمي آهي ۽ هي (قرآن) صاف عربي زبان ۾ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَعلوم اَسان کي مُور، ته هِي ڳالهيون ڳَرهِينِ پاڻ ۾، ته سيکاري پِيو اُن کي، ڪو ماڻهو هِئَ مَذڪُور، سُڃا سَڃِين، جِنهن ڏي، تِنهنجي ٻولي ٻِي ضرور، هِئَ نِسورو نُور، آهي عَربِي پَڌرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان کي معلوم آهي، ته ڪي ماڻهو چون ٿا ته نبيءَ کي ڪو ماڻهو سيکاري ٿو، پر جنهن بابت چون ٿا ان جي ٻولي ته عجمي آهي ۽ هيءَ صاف عربي ۾آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڪ سان اسان ڄاڻون ٿا ته اهي ماڻهو تنهنجي باري ۾ چون ٿا ته هن کي ته سڀ ڪجهه هڪڙو ماڻهو پيو سيکاريندو آهي، حالانڪه سندن اشارو جنهن ماڻهوءَ ڏانهن آهي ان جي زبان عجمي آهي ۽ هي (قرآن) ته صاف چٽي عربي زبان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته اهي ماڻهو چوندا آهن ته يقينًا هن شخص کي هڪ ماڻهو سيکاري ٿو جڏهن ته سندن اشارو جنهن ماڻهو ڏانهن آهي ان جي زبان عجمي (غير عربي) آهي ۽ هي ته بلڪل چٽي زبان عربي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان کي چڱيءَ طرح معلوم آھي ته ھي ماڻهو چون ٿا ته ھن (نبيءَ) کي ڪو ٻيو ماڻهو سيکاري ٿو پر جنھن ماڻهوءَ بابت ھنن جو اشارو آھي اُھو ته عربي ٻولي ڄاڻي ئي نٿو جڏهن ته ھي (قرآن) واضح طور تي عربي ٻولي ۾ آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ لا يَهديهِمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نه مڃيندا آھن تن کي الله سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حقيقت هيءَ آهي ته جيڪي ماڻهو (ڄاڻي ٻجهي) الله جي آيتن تي يقين نٿا ڪن تن کي الله تعاليٰ (ڪاميابيءَ جي) راهه ڪڏهن به نٿو ڏيکاري ۽ انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب اچڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله جي آيتن تي ايمان نٿا آڻن، الله تعالى انهن کي هدايت نٿو ڏي ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن ۾ شڪ ئي نه آهي ته جي ماڻهو الله جي آيتن تي ايمان نٿا آڻين تن کي الله توڙ تائين نه پهچائيندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي شخص جيڪي نه ٿا ايمان آڻين الله جي آيتن تي نه هدايت ڪندو انهن کي الله ۽ انهن جي لاءِ عذاب دردناڪ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي الله جي آيتن تي ايمان نه ٿا آڻين تن کي الله رستو نه ٿو ڏيکاري ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله جي آيتن تي ايمان نه ٿا آڻن الله انهن کي هدايت نه ٿو ڏئي ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آتَيُن تي، اَلله جي، نه آڻِينِ، جي اِيمان، سَنئـِين، سائـِين سُهائـِيندن ڪانه، اُنهن لئي سَخت عذاب ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي الله جي آيتن تي ايمان نه ٿا آڻين_ انهن کي الله به رستي تي نه آڻيندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت اها آهي ته جيڪي ماڻهو الله جي آيتن کي نٿا مڃين، تن کي الله ڪڏهن به صحيح ڳالهه تائين پهچڻ جي توفيق نه ٿو ڏئي ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت هي آهي ته جيڪي ماڻهو نٿا مڃين الله جي آيتن کي ته کين صحيح ڳالهه تائين پهچڻ جي توفيق ئي نٿي ملي الله کان، ۽ اهڙن ئي ماڻهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو اللھ تعالى جي آيتن کي مڃيندا ئي نه، ته پوءِ اللھ تعالى به کين ھدايت جي راهه نه ڏيکاريندو. اھڙن ماڻهن لاءِ تڪليف وارو ئي عذاب آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما يَفتَرِى الكَذِبَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 105) |
ڪوڙو ٺاھ انھن کان سواءِ ڪونه ٺاھيندو آھي جيڪي الله جي آيتن کي نه مڃيندا آھن، ۽ اُھي (پاڻ) ڪُوڙا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پنهنجي دل مان ڪوڙ گهڙي ٺاهڻ ته انهن جو ڪم آهي، جيڪي الله جي آيتن تي ايمان نٿا رکن (الله تي ايمان رکڻ وارو ڪڏهن به ڪوڙا ٺاهه نٿو ٺاهي سگهي) اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي سراسر ڪوڙا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪوڙ فقط اهي ماڻهو مڙهن ٿا جيڪي الله تعالى جي آيتن تي ايمان نٿا آڻن ۽ اُهي اُهي ڪوڙا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڪوڙو بهتان ته رڳو اهي ماڻهو ڪندا آهن جيڪي خدا جي آيتن تي ايمان نه ٿا رکن ۽ (سچ ته) اهي ئي ماڻهو ڪوڙا (ڪاذب) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ ٺاهين ٿا ڪوڙ اهي جو نه ٿا ايمان آڻين آيتن الله جي تي ۽ اهيئي ڪوڙا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي الله جي آيتن تي ايمان نه ٿا آڻين سي ئي ڪوڙ گهڙين ٿا. ۽ اهي ئي ڪوڙا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪوڙ ته صرف اُهي ماڻهو گهڙن ٿا جيڪي الله جي آيتن تي ايمان نه ٿا آڻن ۽ (حقيقت ۾ ) اهي ئي ماڻهو ڪوڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهي ئـِي اَلله تي، ڪُوڙا ٺاهِين ٺاھ جي نه مَڃينِ مُورهِين، آيتون اَللهَ، ۽ اِهي ئـِي گمراه، ڪُوڙا آهِن قول ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ ڪوڙ گهڙيندڙ ته اهي آهن، جي الله جي آيتن تي ايمان نٿا آڻين ۽ اهي ئي ڪوڙا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (نبي ڪوڙ نه ٺاهيندو آهي پر) ڪوڙ ته اهي ماڻهو ٿا ٺاهين، جيڪي الله جي آيتن کي نٿا مڃين، اهي ئي ته ڪوڙا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ (ڪوڙ نبي نٿو ٺاهي) ڪوڙ اهي ماڻهو ٺاهين ٿا جيڪي آيتن کي نٿا مڃن الله جي، حقيقت ۾ آهن ئي ڪوڙا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو اللھ تعالى جي آيتن کي نٿا مڃين سي ئي ڪوڙ گهرڻ ۾ لڳا پيا آھن ۽ اھي ئي ڪوڙا ماڻهو آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن كَفَرَ بِاللَّهِ مِن بَعدِ إيمٰنِهِ إِلّا مَن أُكرِهَ وَقَلبُهُ مُطمَئِنٌّ بِالإيمٰنِ وَلٰكِن مَن شَرَحَ بِالكُفرِ صَدرًا فَعَلَيهِم غَضَبٌ مِنَ اللَّهِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 106) |
جنھن کي (ايمان کان ڦرڻ جو) زور ڪيو وڃي (اُھو زبان سان ڪي چوي) ۽ سندس دل ايمان سان آراميل ھجي اُن کانسواءِ جيڪو پنھنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ الله جو انڪار ڪري بلڪ ڪُفر سان سينو ويڪرو ڪري (يعني راضي ٿئي) اھڙن تي الله جو ڏمر آھي، ۽ انھن تي وڏو عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ايمان آڻڻ بعد وري الله کان منڪر ٿئي ٿو ۽ سندس دل ان انڪار تي راضي ٿي وڃي ٿي ته اهڙن ماڻهن تي الله جو غضب آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪفر (جي ڪنهن ڳالهه چوڻ) تي مجبور ڪيو وڃي (۽ بيوس ٿي جان جي خوف کان اهڙي ڳالهه چئي ڏئي) ۽ هن جي دل (اندر ئي اندر) ايمان تي راضي ۽ محڪم هجي (ته اهڙن ماڻهن تي ڏوهه ڪونهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن ماڻهو ايمان آڻن کان پوءِ ڪفر ڪيو سواءِ ان جي جو کيس مجبور ڪيو وڃي ۽ سندس دل ايمان تي مطمعن هجي (ان تي عذاب ناهي) ها!. جنهن ماڻهو خوشيءَ سان ڪفر ڪيو، پوءِ انهن تي الله جي طرفان غضب آهي، ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان شخص کان سواءِ جو (ڪفر جي ڪلمي تي) مجبور ڪيو وڃي، پر سندس دل ايمان تي برقرار هجي، جيڪو به ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪندو بلڪه دل کولي ڪفر ڪري تن تي خدا جو ڏمر آهي پڻ انهن لاءِ تمام سخت عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڪفر ڪيو الله جو پڄاڻان ايمان آڻڻ ان جي مگر جيڪو مجبور ڪيو ويو ۽ دل ان جي مطمئن آهي ايمان تي ۽ پر جنهن کوليو ڪفر سان.ڀني کي پوءِ انهن تي غضب آهي طرفان الله جي ۽ انهن جي لاءِ عذاب وڏو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن پنهنجي ايمان آڻڻ کان پوءِ الله جو انڪار ڪيو سواءِ ان جي جنهن تي زبردستي ڪئي وئي هجي ۽ ان جي دل ايمان تي برقرار هجي پر جن دل کولي انڪار ڪيو تن تي الله جي ڪاوڙ آهي ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو ماڻهو پنهنجي ايمان آڻڻ بعد الله سان ڪفر ڪري، سواءِ ان ماڻهو جي جنهن کي انتهائي مجبور ڪيو ويو هجي ۽ ان جي دل ايمان سان مطمئن هجي (ته ان جو خير آهي) ۽ پر جيڪو کليل دل سان ڪفر ڪري ته پوءِ انهن مٿان الله پاران غضب آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڦِريو، جو الله کان، سَندسِ مڃڻ پُڄاڻا مُور، مگر ڪيو ويو جِنهن کي، نَه مَڃڻ تي مَجبُور، ۽ آرامِي اِيمان تي، اُن جو مَن مَعمُور، پر قَلب ڪَيو ، جِنهن ڪُفر تي، ويڪرو وَهلُور، پوءِ مَٿنِ غَضب غَفُور، پڻ عذاب وَڏو اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو ايمان آڻڻ کان پوءِ الله سان ڪفر ڪري ٿو، سواءِ انهيءَ جي، جنهن تي زبردستي ڪئي وڃي ۽ ان جي دل ايمان سان آرامي هجي، مگر جيڪو دل کولي ڪفر ڪندو، ته اهڙن تي الله جو غضب ٿيندو ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو شخص ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪندو (اهو جيڪڏهن) مجبور ڪيو ويو هجي پر سندس دل ايمان تي مطمئن هجي (ته پوءِ خير آهي) باقي جنهن ڪفر کي جيءَ ۾ جاءِ ڏني ته اهڙن تي الله جو غضب آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو ماڻهو ڪفر ڪري الله تي ايمان آڻڻ کان پوءِ، اهو جيڪڏهن مجبور ڪيو ويو هجي ۽ ان جي دل ايمان تي مطمئن هجي (تڏهن ته خير آهي) پر جنهن پنهنجي رضا سان ڪفر قبول ڪيو هجي تنهن تي ته ڏمر آهي الله جي طرفان، ۽ اهڙن سڀني ماڻهن تي الله جو عذاب تمام وڏو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪنھن وڏي مجبوري جي ڪري ڪفر ڪيو پر سندن دل ايمان تي پختي آهي (اهو ته ٺيڪ آ). پر جنهن بغير مجبوري جي ڄاڻي واڻي دل سان ڪفر ڪيو آهي ته اھڙن ماڻهن تي اللھ تعالى جو ڏمر آھي ۽ انهن جي لاءِ وڏو عذاب آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُمُ استَحَبُّوا الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 107) |
اھو ھن ڪري آھي جو انھن دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان زيادہ پسند ڪيو آھي ۽ (انھيءَ ڪري) ته الله ڪافرن جي قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو (عذاب ۽ غضب) هن ڪري آهي جو هنن آخرت کي ڇڏي دنيا جي زندگيءَ سان محبت رکي. پڻ هن ڪري جو الله (جو قانون آهي ته هو) منڪرن لاءِ (بهبودي ۽ سعادت جي) راهه نٿو کولي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو انهي سببان جو تحقيق انهن دنيا جي حياتي سان آخرت کان وڌيڪ محبت رکي، ۽ بيشڪ الله تعالى ڪافرن جي قوم کي هدايت نٿو ڏي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو هن ڪري جو انهن ماڻهن دنيا جي فاني حياتيءَکي آخرت کان زياده پسند ڪيو. ۽ انهيءَ ڪري خدا ڪافرن کي ڪڏهين به توڙ تي ڪين پهچائيندو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اها (سزا) ان جي ڪري آهي جو يقينًا انهن پسند ڪئي حياتي دنيا واري آخرت جي بدلي ۽ بيشڪ الله نه ٿو هدايت ڪري ڪافر قوم کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو هن ڪري جو انهن دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان زياده پسند ڪيو ۽ هن ڪري ته الله ڪافر قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو هن ڪري جو انهن دنيا جي زندگيءَ کي آخرت کان وڌيڪ پيارو رکيو ، ۽ بيشڪ الله ڪافر قوم کي هدايت نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهو اِن آڌار، ته نَنڍڙِئَ هِن ڄَمار کي ، آخِرت کان اَ ڳرو، ڏِنَئون پاڻ پيار، ۽ ڪافِرن ڪَلتار، سَنئـِين سُهائي ڪانه ڪا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو هن ڪري، جو انهن دنيا جي زندگيءَ کي آخرت جي مقابلي ۾ پسند ڪيو ۽ (هن ڪري به) ته الله ڪافرن کي هدايت نه ڪندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن ڪري جو انهن آخرت جي ڀيٽ ۾ دنيا جي زندگيءَ کي پسند ڪيو ۽ الله جو قاعدو آهي ته هو اهڙن ماڻهن کي ڇوٽڪاري واري واٽ نه وٺائيندو آهي، جيڪي سندس نعمت جو قدر نه ڪندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ان ڪري جو انهن پسند ڪيو آهي دنياوي حياتيءَ کي آخرت جي مقابلي ۾، ۽ بيشڪ الله جو قاعدو آهي ته انهن ماڻهن کي ڇوٽڪارو نٿو ڏئي جيڪي نعمت جي ناشڪري ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن جو ايمان کان ڦري وڃڻ ان ڪري آھي جو انهن آخرت جي مقابلي ۾ دنيا جي زندگيءَ کي پسند ڪيو ۽ اللھ تعالى ڪفر ڪرڻ وارن کي (ڪڏھن به) ھدايت نه ڏيندو آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ الَّذينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 108) |
اِھي اُھي آھن جو سندين دلين ۽ سندن ڪَنن ۽ سندن اکين تي الله مُھر ھنئي، ۽ اُھي بي خبر آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين تي، ڪنن تي ۽ اکين تي الله تعاليٰ مهر هڻي ڇڏي آهي (ڇو ته سندس قانون آهي ته جيڪي ماڻهو عقل ۽ حواس کان ڪم نٿا وٺن سي ان جي روشنيءَ کان محروم ٿي وڃن ٿا) ۽ اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي غفلت ۾ غرق آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن جي دلين ۽ ڪنن ۽ اکين تي الله تعالى مُهر هنئي آهي. ۽ اُهي اُهي غافل آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين تي ۽ سندن ڪنن تي ۽ انهن جي اکين تي خدا هڪ هڪ نشاني مقرر ڪري ڇڏي آهي (ته اهي ايمان نه آڻيندا) ۽ اهي ئي ماڻهو (بلڪل) بي خبر آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي ئي ته اهي آهن جو مهر هنئي الله دلين انهن جي تي ۽ ڪنن انهن جي تي ۽ اکين انهن جي تي ۽ اهي ئي غافل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اِهي اُهي آهن جن جي دلين ۽ ڪنن ۽ اکين تي الله مُهر هنئي آهي ۽ اهي ئي بي خبر آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جو الله انهن جي دلين ۽ ڪنن ۽ اکين مٿان مُهر لڳائي آهي. ۽ اهي ماڻهو ئي غافل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي، اَلله جن کي، هَنئـِي مُهر مُقرّر، سَندنِ مَن ۽ ڪَنن تي، پڻ اُنهن جٖي اکين سِر، ۽ اُهي، آهن وٖيسلا؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي اهي آهن، جن جي دلين ۽ ڪنن ۽ اکين تي الله مهر ڪئي آهي ۽ اهي ئي غافل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي اُهي ماڻهو آهن، جن جي دلين ۽ ڪنن ۽ اکين تي الله مهر هڻي ڇڏي آهي، اهي غفلت ۾ غرق آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي ئي ماڻهو آهن جن تي الله مُهر هڻي ڇڏي آهي سندن دلين ۽ سندن ڪنن ۽ سندن اکين تي ۽ اهي ئي غرق آهن غفلت ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙن ماڻهن جي ئي دلين، ڪنن ۽ اکين تي اللھ تعالى مھر ھڻي ڇڏي آھي. ۽ ھو (آخرت کان) غفلت ۾ پيل آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 109) |
بلاشڪ اُھي ئي آخرت ۾ ڇيئي وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلاشڪ اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي آخرت ۾ تباهه حال ٿيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهي سببان بيشڪ اِهي اِهي آخرت ۾ نقصان وارا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي ئي آخرت ۾ نقصان پائڻ وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ پڪ آهي آخرة ۾ اهي ئي نقصان وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي ئي آخرت ۾ نقصان پائڻ وارا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪو شڪ ناهي ته بيشڪ اهي ماڻهو آخرت ۾ نقصان وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ آخِرت اَندر، آهن، اُهي اَبتر، نِسورٖي نُقصان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهن ڪري ضروري آهي، ته اهي آخرت ۾ بلڪل نقصان ۾ رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري اهو لازمي آهي ته آخرت ۾ به هو خساري ۾ پون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ضروري آهي ته اهي ئي آخرت ۾ سخت نقصان ۽ گهاٽي ۾ رهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ پڪ سان اُھي ئي ماڻهو آخرت ۾ به نقصان ۾ رھندا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ هاجَروا مِن بَعدِ ما فُتِنوا ثُمَّ جٰهَدوا وَصَبَروا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 110) |
وري بيشڪ تنھنجو پالڻھار انھن کي (بخشي ٿو) جيڪي (ڪفر جي ڪلمي چوڻ لاءِ ڪافرن جي ھٿان) ايذايا ويا پوءِ وطن ڇڏيائون وري جھاد ڪيائون ۽ صبر ڪيائون بيشڪ تنھنجو پالڻھار ان کانپوءِ ضرور بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جن ماڻهن (ڪفر ۽ ايمان جي) آزمائش ۾ پوڻ بعد هجرت ڪئي ۽ وري (حق جي راهه ۾) جهاد به ڪيائون ۽ (هر طرح جي مصيبتن ۾) صبر ڪري ثابت قدم رهيا تن جي لاءِ بيشڪ تنهنجو پروردگار انهن عملن بعد ضرور بخشيندڙ ۽ رحمت ڪندڙ ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ بيشڪ توهان جو رب جن ماڻهن مصيبتن کان پوءِ هجرت ڪئي ان کان پوءِ جهاد ڪيو ۽ صبر ڪيو، بيشڪ توهان جو رب انهن جي آزمائش کان پوءِ (انهن تي) يقيناًً غفور رحيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري (هن ۾ شڪ نه آهي) ته تنهنجو پرودگار انهن انسانن کي جن مصيبت سهڻ کان پوءِ پنهنجو وطن ڇڏيو وري (خدا جي راھ ۾) جهاد ڪيو، بيشڪ تنهنجو پروردگار انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کان پوءِ يقينًا رب تنهنجو انهن لاءِ جن هجرت ڪئي.ڄاڻان ان جي فتني ۾ وڌا ويا ان کان پوءِ جھاد ڪيائون ۽ صبر ڪيائون بيشڪ تنهنجو رب پڄاڻان ان جي البته بخشڻهار مهربان آهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري تنهنجو پاليندڙ جن مصيبت سهڻ کانپوءِ پنهنجو وطن ڇڏيو پوءِ انهن جنگ ڪئي ۽ صبر ڪيائون بيشڪ تنهنجو پاليندڙ انهن کي انهن ڳالهين کان پوءِ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ بيشڪ تنهنجو پالڻهار انهن ماڻهن لاءِ جن آزمائشن ۾ پوڻ بعد هجرت ڪئي پوءِ جهاد ڪيائون ۽ صبر ڪيائون بيشڪ تنهنجو رب انهن لاءِ انهن ڳالهين کان پوءِ وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽِي مالِڪ تُنهنجو، آهي اُنهن ڪاڻ، جَن پَلاڻِيون پَرديس ڏي، وِيا پَرکِيا جِنهن پار، پوءِ سَعيو ڪَيائون ۽ سَختيون، سَٺئون صبر ساڻ، تِنهن پُڄاڻا تُنهن جو، صاحِب سُرت سُڄاڻ، پُورِئَ طرح پاڻ، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جن شخصن، جو آزمائش ۾ پوڻ کانپوءِ هجرت ڪئي ۽ جهاد ڪيائون ۽ صبر ڪندا رهيا، ته بيشڪ تنهنجو رب انهيءَ کان پوءِ ضرور بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هوڏانهن وري جن جي حالت اها آهي ته (ايمان آڻڻ جي ڪري جو) هو ستايا ويا ته گهر گهاٽ ڇڏي هجرت ڪيائون. الله جي راهه ۾ سختيون سٺائون ۽ صبر ڪيائون، انهن لاءِ بيشڪ تنهنجو رب بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) برخلاف ان جي تنهنجي رب جي راهه ۾ جن ماڻهن هجرت ڪئي گهر ٻار ڇڏيا، الله جي راهه ۾ سور سختيون سَٺيون ۽ صبر کان ڪم ورتو، بيشڪ انهن جي لاءِ تنهنجو رب بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جن ماڻهن (ايمان جي) آزمائش جي حالت ۾ وطن ڇڏيو، (اللھ تعالى جي راهه ۾) جھاد ڪيو ۽ صبر ڪيو ته بيشڪ تنھنجو پالڻھار انهن عملن کان پوءِ کين معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ تَأتى كُلُّ نَفسٍ تُجٰدِلُ عَن نَفسِها وَتُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 111) |
انھيءَ ڏينھن سڀڪو جيءُ پنھنجي طرفان جھيڙو ڪندو ايندو ۽ سڀڪنھن نفس جيڪي ڪمايو تنھنجو کيس پورو بدلو ڏبو ۽ انھن سان ظلم نه ڪبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن هرهڪ نفس (يعني شخص) فقط پنهنجي لاءِ سوال جواب ڪندو ايندو (يعني ڪنهن کي به ڪنهن ٻئي جو فڪر ڪونه هوندو) انهيءَ ڏينهن هرهڪ شخص کي سندس عملن جو پورو پورو نتيجو ملي ويندو. ڪنهن سان به بي انصافي ڪانه ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قيامت جي ڏينهن هر انسان نفسا نفسي ۾ هوندو ۽ هر انسان کي سندس ڪيل عملن جي پوري پوري جزا ڏني ويندي ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ان ڏينهن کي ياد ڪر) جنهن ڏينهن هر شخص پنهنجي جان جي باري ۾ جهڳڙو ڪندو ايندو، ۽ سڀ ڪنهن شخص جيڪي ڪيو هوندو تنهن جو کيس پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن هر نفس جھيڙو ڪندو پنهنجي پاران ۽ پورو بدلو ڏنو ويندو هر نفس جيڪو به عمل ڪيائين ۽ اهي نه ظلم ڪيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن سڀ ڪو شخص پنهنجي طرفان جهڳڙو ڪندو ايندو، ۽ سڀڪنهن شخص جيڪي ڪيو هوندو تنهن جو کيس پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن هر شخص پنهنجي سِرَ (بچائڻ) لاءِ جهڳڙندو ايندو ۽ هر شخص کي جو ڪجهه ان ڪيو هوندو ان جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ انهن مٿان ظلم ڪونه ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏِينهن هَر ڪو جان، اِيندو دَڙِيندو پاڻ لئي، ۽ جيڪِي ڪَيئـِين جَھان ۾، تِنهنجو پورو ڏِبسِ ڏان، ۽ ذرٖي جو زِيان، اَصل نه ڪَبو اُنهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن، جڏهن هر شخص پنهنجي لاءِ گفتگو ڪندو ۽ هر هڪ کي سندس عملن جو پورو نتيجو ملي ويندو، ساڻن ظلم نه ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (سندن فيصلو ان ڏينهن ٿيندو) جنهن ڏينهن هرهڪ کي پنهنجي ئي لڳل هوندي ۽ هر ڪنهن کي سندس ڪــَـئي جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ ڪنهن تي ڪو ذري برابر به ظلم نه ڪيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (انهن مڙني جو فيصلو ان ڏينهن ٿيندو) جڏهن هر جيءُ پنهنجي ئي بچاءُ ۽ ڳڻ ۾ لڳل هوندو ۽ هر ڪنهن کي سندس ڪيل عملن جو بدلو ڏنو ويندو۽ ڪنهن سان نه ٿيندو ذرو به ظلم(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قيامت واري ڏينھن ھر ماڻهو پنھنجي پنھنجي بچاءَ ۾ لڳل ھوندو (پر) ھرھڪ کي سندن ڪيل عملن جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ ڪنھن تي به ذري جيترو ظلم نه ڪيو ويندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا قَريَةً كانَت ءامِنَةً مُطمَئِنَّةً يَأتيها رِزقُها رَغَدًا مِن كُلِّ مَكانٍ فَكَفَرَت بِأَنعُمِ اللَّهِ فَأَذٰقَهَا اللَّهُ لِباسَ الجوعِ وَالخَوفِ بِما كانوا يَصنَعونَ (آيت : 112) |
۽ الله ھڪ ڳوٺ جو (ھڪ) قِصو بيان ڪيو جو بي ڀئو آراميل ھو ان کي سندس روزي سڀڪنھن ھنڌان سوکائيءَ سان ايندي ھئي پوءِ الله جي نعمتن جي بي شڪرائي ڪيائون پوءِ جيڪي ڪندا ھوا تنھن سببان الله کين بُک ۽ ڀؤ جي پوشاڪ چکائي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ ڏسو) الله تعاليٰ هڪڙو مثال ٿو ٻڌائي، هڪ بستي هئي جتي هر طرح جو امن آرام هو. هر طرف کان رزق جو سامان ايندو رهندو هو ۽ هر شخص فراغت سان کائيندو پيئندو هو. پر پوءِ ڇا ٿيو جو هنن الله تعاليٰ جي نعمتن جي بي شڪري ڪئي. پوءِ الله تعاليٰ به سندن (بد) عملن جي عيوض هنن کي نعمتن کان محروم ڪري ڇڏيو ۽ (آسودگي جي بدران) بک ۽ (امن آرام جي بدران) خوف خطرو مٿن ڇانئجي ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى ان ڳوٺ (مڪه مڪرمه) جو مثال بيان ڪيو جيڪو امن ۽ اطمينان وارو هو هر جاءِ تان ان ڳوٺ وارن لاءِ گھڻو رزق آيو ٿي پوءِ انهن الله جي نعمت (رسولِ عربي) جو انڪار ڪيو، پوءِ الله انهن (مڪه وارن) کي بک ۽ خوف جي سزا چکائي سندن بداعمالي سببان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا هڪ ڳوٺ جو مثال بيان ڪيو آهي جو امن ۽ اطمينان سان هو، ان کي سڀ ڪنهن هنڌان ڪشادگيءَ سان سندن روزي پهچندي هئي. پوءِ انهن ماڻهن خدا جي نعمتن جي ناشڪري ڪئي ته خدا به سندن (ڪڌن) ڪرتوتن ڪري کين مزو چکائي ڇڏيو جو بک ۽ خوف کي اوڍڻ (اوڇڻ) بنائي ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هنيو الله مثال ڳوٺ جو جيڪو هو امن وارو، بي فڪر اچي پيو ان کي رزق سندس ڪشادو هر جاءِ کان پوءِ بي شڪري ڪيائين الله جي نعمتن جي پوءِ چکايو ان کي الله لباس بک ۽ ڊپ جو ان سببان جو ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله هڪ ڳوٺ جو مثال بيان ڪيو آهي جو امن ۽ اطمينان سان هو، ان کي سڀڪنهن هنڌان ڪشادگيءَ سان سندس روزي پهچندي هئي پوءِ ان الله جي نعمتن جي ناشڪري ڪئي، پوءِ اهي جيڪي ڪندا هئا تنهن جي ڪري الله انهن کي بک ۽ خوف جي پوشاڪ جو مزو چکايو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله هڪ ڳوٺ جو مثال ڏنو آهي جيڪو امن ۽ اطمينان سان (آباد) هيو ان کي هر هنڌان ڪشادگيءَ سان سندن روزي پهچندي هئي. پوءِ ان الله جي نعمتن جي ناشڪري ڪئي پوءِ الله ان کي بک ۽ خوف (جي عذاب) جو لباس ڍڪايو ان عملن سبب جيڪي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مالِڪ ڏِنو مِثال، هِڪ سُکَـئـٖي سَهنجي شَهر جو، جَن تازو مِلندو روز هو، سَندنِ، جِتان ڪِٿان جال، پوءِ ڦِريا ڀَلي جي ڀَال کان؛ پوءِ اَلله جَلَّ جَلال، ڍَڪ بُکَ ۽ ڀَو جِي، چَکايَنِ چَڱِئَ چال، بَدلو تِنهن بَحال، ڪم ڪار، جي ڪَندا هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله هڪ ڳوٺ جو مثال بيان ڪيو آهي_ جنهن ۾ هر طرح امن آرام هو، هر هڪ جاءِ تان رزق جو سامان مزي سان آيو ٿي، پوءِ انهن الله جي نعمتن جي ناشڪري ڪئي، ته الله به انهن کي سندن ڪمن جي بدلي ڏڪر ۽ خوف جو مزو چکايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله هڪ ڳوٺ جو مثال ڏئي ٿو، جيڪو امن ۽ آرام سان زندگي گذاري رهيو هو ۽ هر طرف کان کيس جهجهو رزق ملي رهيو هو ته ان الله جي نعمتن جي ناشڪري ڪرڻ شروع ڪئي، ته پوءِ الله ان جي رهاڪن کي سندن عملن جو اهو مزو چکايو، جو کين بک ۽ خوف جون مصيبتون ويڙهي ويون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏئي ٿو مثال الله هڪڙي ڳوٺ جو، جيڪو امن سان اطمينان سان زندگي گذاري رهيو هو ۽ روزي سولائيءَ سان کيس ملي رهي هئي، پوءِ هن ناشڪري ڪئي نعمتن جي الله جي، تڏهن مزو چکايو الله کين بک ۽ خوف جو ۽ انهن تي مصيبتون ڇانئجي ويون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى ھڪ شھر جو مثال بيان ڪري ٿو، جنهن جا رهاڪو وڏي امن ۽ آرام سان زندگي گذاري رھيا ھئا ۽ کين ھر طرح ۽ ھر طرف کان روزي ملي رھي ھئي (ته اوچتو سندن دماغ ڦري ويو) پوءِ انهن، نعمتن جي ناشڪري شروع ڪئي ته اللھ تعالى به سندن اعمال جي بدلي ۾ کين بک (ڏُڪر) ۽ خوف جو مزو چکايو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد جاءَهُم رَسولٌ مِنهُم فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُمُ العَذابُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 113) |
۽ بيشڪ منجھائن (ھڪ) پيغمبر وٽن آيو پوءِ کيس ڪُوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين عذاب پڪڙيو ۽ اُھي ظالم ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پوءِ خود انهن مان ئي هڪ رسول به هنن ڏي موڪليو ويو (جنهن کين سعادت جي راهه جي دعوت ڏني) پر هنن کيس ڪوڙو ٺهرايو. تنهن ڪري هو عذاب ۾ گرفتار ٿيا ۽ هو (پاڻ تي پاڻ) ظلم ڪندڙ هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ انهن (مڪه وارن) وٽ رسولِ عربي انهن مان تشريف فرما ٿيو پوءِ انهن ان جو انڪار ڪيو پوءِ انهن کي عذاب ورتو ۽ اهي ظالم هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ منجهائن هڪ رسول وٽن آيو ته ان کي انهن ڪوڙو ڪيو، پوءِ کين (خدائي) عذاب اچي گهيرو ڪيو ۽ اهي ظالم (ته) هئا ئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق آيو انهن وٽ (شان وارو) رسول انهن مان پوءِ ڪوڙو چيائون ان کي پوءِ ورتو انهن کي عذاب ۽ اهي ظالم آهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ منجهائن هڪ رسول وٽن آيو پوءِ ان کي انهن ڪوڙو ڪيو، پوءِ کين عذاب اچي پڪڙيو ۽ اهي ظالم هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ انهن وٽ انهن مان هڪ رسول آيو پوءِ ان کي ڪوڙو چيائون پوءِ انهن کي عذاب اچي پڪڙيو ان حال ۾ جو اُهي ظلم ڪندڙ هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آينِ پيغمبر پاڻ مان، پوءِ ڪوٺيئونسِ ڪُوڙو پَڪ، پوءِ آينِ سَزا سڪ، ۽ هُو بِلڪُل بي انصاف هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منجهانئن ئي انهن وٽ هڪ رسول آيو، ان کي به ڪوڙو ڪيائون، پوءِ انهن کي عذاب اچي پڪڙيو ۽ هو ظالم هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وٽن سندن پنهنجيءَ قوم مان هڪ رسول آيو، پر هنن کيس ڪوڙو سڏيو، سو نيٺ عذاب اچي کين پڪڙيو، تنهن وقت هو ظالم بڻجي چڪا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن وٽ آيو رسول سندن ئي قوم مان، پر انهن ان کي ڪوڙو چيو، آخرڪار کين پڪڙيو ويو عذاب ۾، جڏهن ته اهي ظالم ٿي چڪا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ انهن ڏي انهن مان ئي ھڪ رسول سڳورو به آيو هو پر انهن ماڻهن کيس ڪوڙو ڪيو. پوءِ کين (اسان جي) عذاب اچي ورتو حقيقت ۾ ھو ظالم ماڻهو ھئا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكُلوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ حَلٰلًا طَيِّبًا وَاشكُروا نِعمَتَ اللَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 114) |
پوءِ الله اوھان کي جيڪا حلال (۽) سُٺي روزي ڪري ڏني تنھن مان کائو، ۽ جيڪڏھن اُھين خاص الله جي عبادت ڪندا آھيو ته سندس نعمتن جو شڪرانو ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اوهان کي گهرجي ته جيڪو رزق الله تعاليٰ اوهان کي ڏنو آهي، سو شوق سان کائو. جي حلال ۽ پاڪ شيون آهن ۽ الله جي نعمتن جو شڪر ڪيو، جيڪڏهن توهان سچ پچ سندس ئي ٻانهپ ڪندڙ آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان کائو جيڪو توهان کي الله تعالى حلال پاڪ رزق عطا ڪيو آهي، ۽ توهان الله تعالى جي نعمتن جو شڪر بجا آڻيو جيڪڏهن توهان خاص الله جي عبادت ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ خدا جيڪا اوهان کي پاڪ حلال روزي ڏني آهي تنهن مان (مزي سان) کائو، ۽ جيڪڏهن اوهين خدا جي ئي عبادت (جي دعوى) ڪريو ٿا ته سندس نعمت جو شڪر ادا ڪندو ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ کائو ان مان جو رزق ڏنو اوهان کي الله حلال، پاڪ ۽ شڪر ڪيو الله جي نعمت جو جيڪڏهن اوهان خاص ان جي عبادت ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله جيڪا اوهان کي پاڪ حلال روزي ڏني آهي تنهن مان کائو ۽ الله جي نعمت جو شڪر ڪريو جيڪڏهن اوهين ان جي ئي بندگي ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪي الله اوهان کي حلال پاڪيزه روزي ڏني آهي ان مان کائو. ۽ الله جي نعمت جو شڪر ادا ڪيو اگر اوهان ان جي ئي عبادت ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ کائو، تِنهن مان خُوب طرح، جيڪو مال حَلال، آن کي ربَّ روز ڏِنو، ۽ ڳايو ڀَلي جا ڀَال، ۽ بَندگِي بَحال، جي آهيو ڪَندا اُن جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اوهان کي جيڪي حلال ۽ پاڪ شيون ڏنيون آهن، انهن مان کائو ۽ جيڪڏهن خاص ان جي عبادت ڪريو ٿا ته الله جي نعمتن جو شڪر ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري الله جيڪو حلال ۽ پاڪ رزق توهانکي عطا ڪيو آهي، اهو کائو ۽ الله جا ٿورا مڃو، جيڪڏهن توهان سچ پچ انهيءَ جي ئي بندگي ڪندڙ آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي انسانؤ!) کائو اهو رزق جيڪو به توهان کي الله پاڪ حلال بخشيو آهي، ۽ شڪر ادا ڪريو الله جي نعمت جو، جيڪڏهن واقعي توهان ان جي بندگي ڪرڻ وارا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى توھان کي جيڪا حلال ۽ پاڪ روزي ڏني آھي، اُھا ئي کائو ۽ جيڪڏھن توھان ان کي ئي معبود مڃيو ٿا ته پوءِ اللھ تعالى جي نعمتن جو شڪر ادا ڪندا رھو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ لِغَيرِ اللَّهِ بِهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 115) |
مئل ڍور ۽ رت ۽ سوئر جو ماس ۽ جنھن شيء کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي تنھن کانسواءِ ٻيو (ڪي به) اوھان تي حرام نه ڪيائين، پوءِ جيڪو نافرماني ڪندڙ نه ھجي ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿي لاچار ٿئي (۽ کائي) ته بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي توهان تي حرام ڪيو ويو آهي، سو فقط هي آهي، مردار جانور، (سير واري) رت، سوئر جو گوشت ۽ اهو جانور جو خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي هستيءَ جي نالي ڪيو وڃي. (يا جنهن کي ذبح ڪرڻ وقت ڪنهن ٻئي هستي جو نالو ورتو وڃي.) پوءِ جيڪڏهن ڪو شخص (حلال غذا نه ملڻ سبب) لاچار ٿئي (۽ ڪا حرام شيء کائي)، پر نڪي هو (الله جي حڪم کان) منهن موڙڻ وارو هجي، نڪي (ضرورت جي) حد کان ٻاهر وڃڻ وارو هجي. (فقط جان بچائڻ لاءِ ڪجهه کائي وٺي) ته پوءِ الله تعاليٰ بخشڻ وارو ۽ رحمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى توهان تي حرام ڪيو آهي مُردار ۽ رَتُ ۽ سوئر جو گوشت ۽ جنهن جانور تي ڪُهڻ وقت غير الله جو نالو ورتو ويو، پوءِ جيڪو ماڻهو (حرام کائڻ لاءِ) مجبور ڪيو ويو ۽ ان دل سان نه کاڌو پوءِ بيشڪ الله تعالى غفور رحيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان تي رڳو مئل (جانور) ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ اهو جانور جنهن تي الله کان سواءِ ٻئي جو نالو ورتو وڃي سو حرام ڪيل آهي. پوءِ جيڪو (بک کان) لاچار ٿئي پر نافرماني ڪندڙ نه هجي ۽ نه ئي حد کان لگهندڙ هجي (۽ کائي) ته پوءِ بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ حرام ڪيائين اوهان تي مردار ۽ رت ۽ گوشت سوئر جو ۽ اهو جو ڪهڻ وقت پڪاريو ويو الله جي غير لاءِ ان تي پوءِ جيڪو مجبور ڪيو ويو نه بغاوت ڪندڙ ۽ نه تجاوز ڪندڙ پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان تي ر ڳو مئل (جانور) ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ جنهن تي الله کانسواءِ ٻئي جو نالو ورتو وڃي سو حرام ڪيو اٿس. پوءِ جيڪو لاچار ٿئي پر نافرماني ڪندڙ نه هجي ۽ نه حد کان لنگهندڙ هجي (۽ کائي) ته پوءِ بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان توهان تي صرف مُردار ۽ رت ۽ سُوئر جو گوشت ۽ اُهو (جانور) جنهن تي ذبح ڪرڻ مهل غيرالله جو نالو ورتو ويو هجي حرام ڪيو آهي. پوءِ جيڪو ماڻهو مجبور ٿي پوي پر نافرماني ڪندڙ نه هجي ۽ نه حد کان وڌندڙ هجي ته پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بِلڪُل نه آن تي، بَند ڪيئـِين، مَگر ڪُل مُردار، رَت ۽ ماس مِرونءَ جو، پڻ جيڪا ڌڻِئَ کان ڌار، ويئـِي پُڪاري پَڌرِي، ڪِنهن ٻئي جي لئي ٻِيهار، مَگر مُحتاج اُن جو، بُک ڪنان بيزار، نه باغِي، بي فَرمان سو، نه لانگھائو، لاچار، بيشڪ بَخشڻهار، مالِڪ مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان تي رڳو مردار ۽ رت ۽ سوئر جي گوشت کي ۽ ان جانورن کي حرام ڪيو آهي جنهن تي الله ڌاران ٻئي جو نالو ورتو وڃي، پر جيڪو لاچار ٿي نافرماني ڪرڻ ۽ حَدَ اُڪرڻ ڌاران (انهيءَ مان به کائي) ته بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ته جيڪي ڪجهه توهان تي حرام ڪيو آهي، سو آهي مردار ۽ رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ اهو جانور جنهن تي الله کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو ورتو ويو هجي، ها باقي بک کان لاچار ۽ بيوس ٿي جيڪو انهن مان ڪجهه کائي ويهي، خدائي قانون جي ڀڃڪڙيءَ جي ارادي بنا ۽ ضرورت جي حد ٽپڻ کان سواءِ ته بيشڪ الله ڏاڍو معاف ڪري ڇڏيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪو حرام ڪيو ويو آهي توهان تي سو آهي مردار (مئل) ۽ رت ۽ گوشت سوئر جو،۽ اهو جانور جنهن تي ٻئي جو نالو ورتو ويو هجي الله کان سواءِ جنهن تي، البته بک کان مجبور ٿي ڪو اهي شيون کائي ويٺو ۽ قانون الاهي ٽوڙڻ وارو نه هجي، ته الله بيشڪ بخشڻهار ۽ مهربان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اللھ تعالى توھان جي لاءِ مئل جانور جو گوشت، رت، سوئر جو گوشت ۽ ان جانور جو گوشت جنھن کي اللھ تعالى جي نالي وٺڻ کان سواءِ ٻئي جي نالي تي سڏيو وڃي، سڀ جا سڀ حرام ڪيا آھن باقي بغير ڪنھن نافرماني ۽ حد کان نه لنگهڻ جي نيت سان مجبوريءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن انهن شين مان ڪجهه کائي پي ورتو ته بيشڪ اللھ تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَقولوا لِما تَصِفُ أَلسِنَتُكُمُ الكَذِبَ هٰذا حَلٰلٌ وَهٰذا حَرامٌ لِتَفتَروا عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 116) |
۽ جن شين کي اوھان جون زبانون ڪوڙ سان بيان ڪنديون آھن تن لاءِ (ھنڪري) نه چئو ته ھي حلال آھي ۽ ھيءُ حرام آھي ته الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيو، بيشڪ جيڪي الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيندا آھن سي (ڪڏھن) نه ڇٽندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيئن نه ڪيو جو جيڪا ڪوڙي ڳالهه توهان جي زبان تي اچي وڃي سا ٺڪ چئي ڏيو (۽ پنهنجي دل مان گهڙي حڪم لڳائي ڇڏيو) ته هيءَ شيءِ حلال آهي ۽ هيءَ شيءِ حرام آهي. اهڙيءَ طرح حڪم لڳائڻ الله تي ڪوڙ هڻڻ آهي (۽ ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو الله تي ڪوڙو ٺاهه مڙهين ٿا سي ڪڏهن به فلاح (۽ ڪاميابي) حاصل نه ڪندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن شين جي باري ۾ توهان ڪوڙي دعويٰ ڪريو ٿا، انهن لاءِ ايئن نه چئو ته هيءُ حلال آهي ۽ هيءُ حرام آهي، انهي لاءِ ته توهان الله تعالى تي ڪوڙ هڻو، بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى تي ڪوڙ هڻن ٿا اهي ڪامياب نٿا ٿين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪوڙ بدوڙ جيڪو اوهان جي زبان تي اچي (بنا سوچ جي) نه چئي وهندا ڪريو ته هي حلال آهي ۽ هي حرام آهي، ائين ڪرڻ سان اوهين الله تي ڪوڙي تهمت لڳائيندو. ۽ بيشڪ جيڪي خدا تي ڪوڙ بدوڙ ٻڌن ٿا سي ڪڏهين ڪامياب نه ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه چئو ان جي لاءِ جو بيان ٿيون ڪن زبانون اوهان جون ڪوڙ ته هي حلال آهي ۽ هيء حرام آهي تانته هڻو الله تي ڪوڙ بيشڪ جيڪي ٺاهي ٿا هڻن الله تي ڪوڙ نه ڪامياب ٿيندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن شين بابت اوهان جون زبانون ڪوڙ چون ٿيون تن لاءِ هيئن نه چئو ته هيءَ (شيءِ) حلال آهي ۽ هيءَ حرام آهي، ائين ڪرڻ سان اوهين الله تي ڪوڙي تهمت لڳائيندو. بيشڪ جيڪي الله تي ڪوڙي تهمت لڳائين ٿا، سي ڪامياب نه ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن شين بابت اوهان جون زبانون ڪوڙ ڪن ٿيون تن لاءِ ائين نه چئو ته هي حلال آهي ۽ هي حرام آهي جو اوهان الله تي ڪوڙو بهتان ٻڌو. بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تي ڪوڙو بهتان ٻَــڌن ٿا اُهي ڇوٽڪارو نه ماڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جيڪِي زبانون اَهنجون، ٻَڌنِ ڪُوڙ ڪُلال! تن، مَ چئو مُورهِين، هِي حَرام، هِي حَلال، تان ٻڌو ڪوڙ ڪريم تي؛ سي مَهندان نه ڇُٽنِ مَجال، جي ٻَڌن ڪُوڙ ڪرِيم تي؛(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن شين بابت اوهان جي ڪوڙي زباني دعويٰ آهي، تن لاءِ ائين نه چوندا ڪريو ته ”هي شيءِ حلال آهي ۽ هي حرام آهي، انهيءَ لاءِ ته الله تي ڪوڙو ٺاهه ٺاهيو، بيشڪ جيڪي الله تي ڪوڙ مڙهين ٿا، اهي ڪامياب نه ٿيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هي جيڪو توهان جون زبانون ڪوڙا حڪم ٺاهي لاڳو ڪن ٿيون ته هيءَ شيءِ حلال آهي ۽ هوءَ حرام آهي ته اهڙا حڪم گهڙي الله تي ڪوڙ نه مڙهيو. جيڪي ماڻهو الله تي ڪوڙا بهتان هڻندا اهي ڪڏهن به ڪاميابي نه ماڻيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي جو حڪم بيان ڪنديون آهن توهان جون زبانون ڪوڙا، ته هي شيءِ حلال آهي ۽ هو حرام، ته ان قسم جا حڪم لڳائي الله تي ڪوڙو ٺاهه نه ٺاهيو، بيشڪ جيڪي ماڻهو مڙهيندا بهتان الله تي ڪوڙا، سي ڪاميابي نه ماڻيندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان اللھ تعالى تي ڪوڙ گهڙڻ جي نيت سان پنھنجي زبان تي ڪوڙا لفظ نه آڻيندا ڪريو ته ھي شيءِ حلال آھي ۽ ھي شيءِ حرام آھي، بيشڪ جيڪي ماڻهو اللھ تعالى تي ڪوڙ گهڙيندا آهن، سي (ڪڏھن به) ڪامياب نه ٿيندا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَتٰعٌ قَليلٌ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 117) |
(۽ ھيءُ حياتي) ٿوري وَٿ آھي، ۽ اُنھن لاءِ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي هن دنيا جا) بلڪل ٿورڙا فائدا آهن (سي وٺڻا اٿن ته وٺن) پر آخر هنن تي دردناڪ عذاب اچڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن لاءِ دنيا ۾ ٿورو سامان آهي ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (دنيا جو) فائدو ته ٿورڙو آهي ۽ (آخرت ۾) انهن لاءِ تمام سخت عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سامان آهي ٿورو ۽ انهن جي لاءِ عذاب دردناڪ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (انهن لاءِ) ٿورو فائدو آهي ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فائدو ٿورو آهي ۽ انهن لاءِ عذاب دردناڪ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَن ٿورو ڦَل فِى الحال، ۽ ساڙو سُورن نال، آخِرت ۾، اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو ٿورو عيش آهي ۽ (مرڻ کانپوءِ) انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) دنيا جو عيش ته ٿورڙن ڏينهن لاءِ آهي، پوءِ ته انهن لاءِ دردناڪ سزا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) دنيا جو عيش ٿورڙن ڏينهن جو آهي ۽ آخرڪار انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! دنيا جا ٿورا ئي فائدا آھن، اڳتي وري انهن ماڻهن لاءِ تڪليف ڏيندڙ عذاب آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعَلَى الَّذينَ هادوا حَرَّمنا ما قَصَصنا عَلَيكَ مِن قَبلُ وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 118) |
۽ جيڪي توتي ھن کان اڳ بيان ڪيوسون سو يھودين تي حرام ڪيو ھوسون، ۽ اسان مٿن ظلم نه ڪيو پر (ھو) پاڻ تي ظلم ڪندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) يهودين تي اسان اهي شيون حرام ڪري ڇڏيون هيون جن جو بيان توکي اڳ ئي ٻڌائي چڪا آهيون ۽ (اهي پابنديون جو هنن تي لڳايون ويون هيون سي سندن ئي گمراهين جو نتيجو هيون) اسان ساڻن بي انصافي ڪانه ڪئي هئي، (ڇو ته اسان جو اهو قانون ئي ناهي) پر پاڻ پنهنجي هٿن سان پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ فقط يهودين تي اسان اهي شيون حرام ڪيون آهن جيڪي هن کان اڳ ۾ اسان توهان تي بيان ڪيون آهن، ۽ اسان انهن تي ظلم نه ڪيو پر انهن جي نفسن پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ يهودين تي اسان اهي شيون حرام ڪيون هيون جي تو کي هن کان اڳي ٻڌائي چڪا آهيون ۽ اسان ته (ان ڪري) مٿن ظلم نه ڪيو پر اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ تي ظلم وسائيندا رهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن تي جيڪي يهودي بڻيا حرام ڪيوسون جيڪو بيان ڪيوسون توتي اڳ ۾ ۽ نه ظلم ڪيوسون انهن تي ۽ پر نفسن پنهنجن تي ٿي ظلم ڪيائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي توکي هن کان اڳي ٻڌائي چڪا آهيون سو اسان يهودين تي حرام ڪيو. ۽ اسان مٿن ظلم نه ڪيو پر اهي پاڻ تي ظلم ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ يهودين تي اسان اُهي شيون حرام ڪيون هيون جيڪي اسان اڳي تو کي ٻڌائي چڪا آهيون ۽ اسان مٿن ظلم ڪونه ڪيو ۽ پر اهي خود پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪِي يَهُودِيَن تي، مَنع ڪَئـِيسون مُور، ڪَيوسون قِصو تو مَٿي، مَهندِئين، سو مَذڪُور، ۽ نه ڪَيوسون، مَٿنِ ڪَلُور، پر پاڻهِي ڪَندا هُئا، پاڻ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يهودين تي اسان اهي شيون حرام ڪيون هيون، جي اسان هن کان اڳ ۾ توکي ٻڌايون آهن ۽ اسان انهن تي ڪا اڳرائي نه ڪئي آهي مگر اهي ئي پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي شيون اسان خاص طرح يهودين لاءِ حرام ڪيون هيون، جن جو حال اسان هن کان اڳ توسان ڪري چڪا آهيون ۽ اهو ڪو مٿن اسانجو ظلم نه هو، پر ظلم ته هنن پاڻ تي پاڻ ئي ڪيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (هي شيون) انهن يهودين تي اسان حرام ڪيون هيون جن جو قصو اسان توتي (اي نبي!) هن کان اڳي به ظاهر ڪيو آهي ۽ اهو اسان جو انهن تي ظلم نه هو پر اهو ته انهن جو پنهنجو پاڻ تي ظلم هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان يھودين تي رڳو اھي شيون حرام ڪيون ھيون جيڪي توھان کي اڳ ۾ ٻڌائي چڪا آھيون ۽ اھي حرام ڪرڻ انهن تي ڪو ظلم نه ھو پر انهن ماڻهن پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ھو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذينَ عَمِلُوا السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 119) |
وري جن بي سمجھائي سان بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کانپوءِ توبه ڪيائون ۽ پاڻ سڌاريائون تن لاءِ تنھنجو پالڻھار اُن (توبه) کانپوءِ بلڪل بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪي ماڻهو نادانيءَ جي ڪري برائين ۾ پئجي ويا ۽ پوءِ توبهه ڪري (گناهن کان) موٽي پيا ۽ پنهنجي حالت سڌاريائون ته پوءِ بيشڪ تنهنجو پروردگار ضرور بخشڻ وارو ۽ رحمت ڪرڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ بيشڪ توهان جو رب انهن ماڻهن لاءِ جن لاعلمي ۾ گناه ڪيا ان کان پوءِ توبه تائب ٿيا ۽ نيڪ عمل ڪيا، بيشڪ توهان جو رب انهيءَ کان پوءِ انهن لاءِ يقيناً غفور رحيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ بيشڪ جن نادانيءَ سان برائي ڪئي تنهن کان پوءِ (سچي دل سان) توبه ڪئي ۽ پاڻ کي سڌاريائون ته (اي رسول) ان ۾ شڪ نه آهي ته تنهنجو پروردگار ان (توبه) کان پوءِ معاف ڪندڙ نهايت رهم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کان پوءِ بلاشڪ رب تنهنجو انهن جي لاءِ جو ڪيائون برائي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ تنهن کان پوءِ توبہ ڪيائون ۽ (پاڻ کي) صالح بنايائون بيشڪ رب تنهنجو ان کان بعد البته بخشڻهار، مهربان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري تنهنجو پاليندڙ انهن کي جن نادانيءَ سان برائي ڪئي وري ان کانپوءِ توبة ڪيائون ۽ (پنهنجي ڪم کي) سڌاريائون (معاف ڪري ٿو). بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ان (توبه) کانپوءِ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ بيشڪ تنهنجو پالڻهار انهن ماڻهن لاءِ جن بي خبري ۾ غلطيون ڪيون پوءِ ان کان پوءِ توبه ڪيائون ۽ پاڻُ سڌاريائون بيشڪ تنهنجو پالڻهار ان کان پوءِ وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽِي مالِڪ تُنهنجو، آهي اُنهن هارِ، بي وَقوفِئ کان بُڇڙا، ڪيا جن ڪم ڪار، تِنهن پُڄاڻا تُرت ٿِيا، توبه لئي تَيار، صَحِيح سُڌاريئون پاڻ کي، تِنهن کان پوءِ تڪرار، سَندئـِي رَبُّ، سَتار، مَرهِيندڙ ۽ مَهر ڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ها، جيڪي ماڻهو ناداني سان بڇڙاين ۾ پئجي ويا، پر پوءِ توبه ڪري پاڻ سڌاريائون، تنهنجو رب ئي ان کانپوءِ بخشيندڙ نهايت مهربان آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جن ماڻهن نادانيءَ جي ڪري برا عمل ڪيا پر پوءِ توبهه تائب ٿي پنهنجا عمل سڌاريائون ته بيشڪ توبهه ڪرڻ ۽ سڌري وڃڻ کانپوءِ تنهنجو رب ڏاڍو بخشڻهار ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) البته بيشڪ تنهنجو رب انهن ماڻهن جي لاءِ جن برا عمل ڪيا، پنهنجي جهالت جي ڪري پوءِ توبهه تائب ٿيا ۽ پنهنجي ان عمل جي اصلاح به ڪري ورتي، ته بيشڪ توبهه ۽ اصلاح کان پوءِ تنهنجو رب انهن جي لاءِ غفور ۽ رحيم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن ناسمجهي ۾ برا عمل ڪيا، ان کان پوءِ توبہ ڪئي ۽ پنھنجي عمل کي ٺيڪ ڪيو ته بيشڪ تنھنجو پالڻھار ان عمل کان پوءِ وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ إِبرٰهيمَ كانَ أُمَّةً قانِتًا لِلَّهِ حَنيفًا وَلَم يَكُ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 120) |
ابراھيمؑ ھڪ طرفو ٿيل الله جي عبادت ڪندڙ امام ھو، ۽ مُشرڪن مان نه ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ حضرت ابراهيم (پنهنجي شخصيت ۾) هڪ پوري امت هو. الله جي اڳيان جهڪيل هو، سڀني (بناوٽي) راهن کان هٽي ويل هو ۽ مشرڪن منجهان هرگز نه هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ (حضرت ) ابراهيم نيڪيءَ جو ڏَسيندڙ، دين جو اڳواڻ، الله جو فرمانبردار دينِ اسلام ڏانهن مائل هو. ۽ پاڻ مشرڪن مان نه هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ ابراهيم هڪ رهنما، خدا جو فرمان بردار ۽ باطل (مذهبن) کان بلڪل بيزار هو ۽ مشرڪن مان (هرگز) نه هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ ابراهيم هو اڳواڻ، فرمانبردار الله جي لاءِ ۽ نه هو مشرڪن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ابراهيم هڪ رهنماءُ، الله جو فرمانبردار (۽) هڪ طرفو (سڀني باطل مذهبن کان بلڪل بيزار) هو ۽ مشرڪن مان نه هو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ابراهيم هڪ رهنما هيو الله جو فرمانبردار هيو هڪ طرفو (يعني سڀني باطل مذهبن کان دور) هيو. ۽ اهو مشرڪن مان نه هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ اِبراهِيم هو، اُمت ۽ اِمام، رُڳو سَندسِ رَبَّ جو، تابِعدار تَمام، ۽ هر گز نه هو هُمام، پَرَجي ، پُوڄارِيُن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ ابراهيم وڏو اڳواڻ، الله جو فرمانبردار، هڪ رخو هو ۽ هرگز مشرڪن مان نه هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت اها آهي ته ابراهيم ته پنهنجي ســِـر ئي هڪ سڄي ساري امت هو، الله جي حڪمن جي پوريءَ طرح تابعداري ڪندڙ ۽ ٻيا دَر ڇڏي الله جو ٿي ويل ۽ هو ڪڏهن به مشرڪ نه هو(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ (واقعو هي آهي ته) ابراهيم پنهنجي ذات ۾ پوري هڪ امت هو، تابعدار الله جو مڪمل هڪ طرفو هو ۽ اهو ڪڏهن به مشرڪن مان نه هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ابراھيم ($) پنھنجي ذات ۾ ھڪ انجمن (يعني جماعت) ھو، اللھ تعالى جو فرمانبردار ۽ سنئون سڌو پڪو توحيد پرست مسلمان ھو، مشرڪن سان ته سندس پري جو به واسطو نه ھو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
شاكِرًا لِأَنعُمِهِ اجتَبىٰهُ وَهَدىٰهُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 121) |
الله جي نعمتن جو شُڪر ڪندڙ ھو، (الله) کيس سڳورو ڪيو ۽ سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪيائينس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو الله جي نعمتن جو شڪر ڪندڙ هو. الله تعاليٰ کيس بزرگي (۽ پيغمبريءَ) لاءِ چونڊي کنيو ۽ (سچائيءَ جي) سڌي واٽ تي لڳائي ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پاڻ الله جي نعمتن جو شڪر گذار هو، الله تعالى کين انتخاب ڪيو ۽ کين سنئين رستي تي هلايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سندس نعمتن جو شڪرگذار، کيس خدا چونڊيو هو ۽ (پنهنجي) سڌي راھ جي کيس هدايت ڪئي هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) شڪر ڪندڙ هو ان جي نعمتن جو برگزيدو بنايائين ان کي ۽ هدايت ڪيائين ان کي واٽ سڌيءَ ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله جي نعمتن جو شڪر ڪندڙ هو، الله کيس پسند ڪيو ۽ سڌو رستو ڏيکاريائينس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو ان (الله) جي نعمتن جو شڪر ڪندڙ هيو. الله کيس چونڊيو هيو ۽ کيس سڌي رستي جي هدايت ڏني هئائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڳُڻ ڳائـِيندڙ اُن جو، ڌُئو کيسِ ڌَڻِي، ۽ سَنئـِين واٽ وڻِي، سائـِينءَ سُهائـِي اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو الله جي نعمتن جو شڪر ڪندڙ هو_ الله ان کي چونڊيو هو، کيس سنئين رستي تي لڳايو هئائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي نعمتن جو شڪرانو ادا ڪندڙ هو، الله کيس چونڊي ورتو ۽ کيس سڌو رستو ڏيکاريائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) شڪر ادا ڪندڙ هو نعمتن (الله جي) جو، کيس چونڊيو الله ۽ کيس ئي سڌو رستو ڏيکاريو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھُو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن جو شڪرگذار ھو، اللھ تعالى کيس چونڊيو ۽ کيس سڌو رستو ڏيکاريو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَءاتَينٰهُ فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 122) |
۽ دنيا ۾ کيس چڱائي ڏني سون، ۽ بيشڪ اُھو آخرت ۾ ڀلارن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان کيس دنيا ۾ به بهتري ڏني ۽ بلاشبهه آخرت ۾ به صالحين ۾ هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان (ابراهيم کي) دنيا ۾ نيڪي عطا ڪئي، ۽ بيشڪ اهو آخرت ۾ به صالح ٻانهن مان هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان کيس دنيا ۾ به (هر طرح جي) بهتري (۽ برتري) عطا ڪئي هئي. ۽ اهو آخرت ۾ به بيشڪ نيڪ ماڻهن مان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏني سون ان کي دنيا ۾ خوبي ۽ بيشڪ اهو آخرت ۾ البته صالحن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کي دنيا ۾ چڱائي ڏني سون. ۽ بيشڪ اهو آخرت ۾ چڱن ماڻهن مان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان کي دنيا ۾ ڀلائي ڏني. ۽ بيشڪ اُهو آخرت ۾ به نيڪوڪارن مان هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِنِي سُونسِ دُنيا ۾، نيڪِي نام نِهال، ۽ ڀَلن مَنجھان بَحال، اُهو آهي آخرت ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان کيس دنيا ۾ به خوبيون ڏنيون هيون ۽ آخرت ۾ به چڱن ماڻهن مان هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) دنيا ۾ به کيس ڀلائي عطا ڪيائين ۽ آخرت ۾ ته هو بيشڪ صالحن مان هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کيس عطا ڪئي دنيا ۾ ڀلائي، ۽ بلاشڪ آخرت ۾ هوندو ڀلارن (ماڻهن) مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان کيس دنيا ۾ ڀلائي عطا ڪئي ۽ آخرت ۾ ھو يقيناً ڀلارن ماڻهن ۾ شامل ھوندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ أَوحَينا إِلَيكَ أَنِ اتَّبِع مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 123) |
(اي پيغمبر اُن کان) پوءِ توڏانھن وحي ڪيوسون ته ھڪ مُھاڙي دين ابراھيم جي تابعداري ڪر، ۽ ابراھيم مشرڪن مان نه ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پوءِ (اي پيغمبر!) اسان توڏي وحي موڪليو ته (انهيءَ) ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪر، جو هر ڪنهن (ڏنگي) واٽ کان هٽي ويو هو (فقط حق جي واٽ تي هلڻ وارو هو) ۽ هو مشرڪن منجهان نه هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اسان توهان (رسولِ عربي) ڏانهن وحي رباني موڪلي ته توهان دينِ ابراهيم جي تابعداري ڪريو جيڪو دينِ حنيف آهي ۽ ابراهيم مشرڪن مان نه هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) وري اسان تو ڏي وحي ڪئي ته تون ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪر، جو باطل کان پاسو ڪري هلندو هو ۽ مشرڪن مان نه هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ وحي ڪيوسون تو ڏانهن ته تابعداري ڪر ابراهيم جي ملت جي حق تي هلندڙ، باطل کان منهن موڙيندڙ ۽ نه هو مشرڪن مان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري اسان توڏي وحي ڪئي ته تون ابراهيم جي دين تي هل جو هڪ طرفو هو ۽ مشرڪن مان نه هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اي نبي!) اسان تو ڏانهن وحي ڪئي ته تون ابراهيم جي دين جي پيروي ڪر جيڪو هڪ طرفو (هر باطل کان جدا) هيو ۽ مشرڪن مان نه هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي ڪَيو سُونِئـِي وَحِي، ته وَٺ دِين اِبراهِيم، ٻِين کان، ڦِريل فَهِيْمَ، ۽ نه هو مُشرڪن مان مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان تو ڏانهن وحي موڪليو ته تون ابراهيم جي پيروي ڪر، جو هڪ رخو هو ۽ مشرڪن مان نه هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اسان توڏانهن هيءُ وحي موڪليو ته تون به ٻيا در ڇڏي هڪ طرفو ٿي ابراهيم جي دين تي هل ۽ هو مشرڪن مان نه هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اسان وحي ڪيو تو ڏانهن ته ابراهيم جي طريقي تي هل هڪ مَنو ٿي، ۽ (ڇاڪاڻ ته هو) نه هو(ڪڏهن به) مشرڪن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) پوءِ اسان توکي وحي جي ذريعي ٻڌايو ته تون ابراھيم ($) جي طريقي جي پيروي ڪر جيڪو پڪو توحيد پرست مسلمان ھو ۽ سندس شرڪ سان ڪو واسطو ئي نه ھو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما جُعِلَ السَّبتُ عَلَى الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 124) |
جن ڇنڇر بابت تڪرار ڪيو تن کانسواءِ ٻـين تي اُن (جي تعظيم) جو حُڪم لازم نه ڪيو ويو، ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ ضرور نبيرو ڪندو جنھن ۾ تڪرار ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سبت (آرام وٺڻ ۽ ديول ڏانهن وڃڻ جو ڏينهن) ملهائڻ جو حڪم ته فقط انهن ماڻهن کي ڏنو ويو هو، جيڪي هن باري ۾ اختلاف ڪندا هئا ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار قيامت جي ڏينهن انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪندو ته جن جن ڳالهين ۾ هو اختلاف ڪندا هئا تن جي اصل حقيقت ڪهڙي هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇنڇر جي ڏينهن جي تعظيم ته فقط انهن ماڻهن (يهودين) تي مقرر ڪئي وئي جن اُن ۾ اختلاف ڪيو ۽ بيشڪ توهان جو رب انهن جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن فيصلو ڪندو انهن معاملن بابت جن ۾ اختلاف ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ڇنڇر (جي ڏينهن) جي تعظيم ته رڳو انهن (يهود ۽ نصارى) تي لازم ڪئي ويئي جن ان ۾ اختلاف ڪيو هو بيشڪ تنهنجو پروردگار قيامت جي ڏينهن سندن وچ ۾ جنهن ڳالھ ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا فيصلو ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ (مقرر) ڪيو ويو ڇنڇر انهن تي جو اختلاف ڪيائون ان ۾ ۽ بيشڪ تنهن جو رب البته فيصلو ڪندو انهن ۾ قيامت جي ڏينهن ان جي باري ۾ جو انهيءَ ۾ ٿي اختلاف ڪيائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇنڇر (جي تعظيم جو حڪم) رڳو انهن تي لازم ڪيو ويو جن ان ۾ اختلاف ڪيو. ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ قيامت جي ڏينهن سندن وچ ۾ جنهن ڳالهه ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا فيصلو ڪندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇنڇر جو ڏينهن صرف انهن ماڻهن لاءِ مقرر ڪيو ويو هيو جن ان ۾ اختلاف ڪيو ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار قيامت واري ڏينهن انهن جي وچ ۾ انهن (ڳالهين) جو فيصلو ڪندو جن ۾ اُهي اختلاف ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇَنڇَر ڇَڙهو، تن مَٿي، جن ڪيو اُن ۾ اِختلاف، ڪندو ڏينهن قيام جي، تُنهنجو سائـِين صاف، اُنهن وِچ اِنصاف، جِنهن ۾، جَھڳڙن پاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇنڇر جي ڏينهن ملهائڻ جو حڪم ته رڳو انهن لاءِ هو، جن ان بابت اختلاف ڪيو هو ۽ بيشڪ تنهنجو رب قيامت جي ڏينهن انهن جي وچ ۾ انهن ڳالهين جو فيصلو ڪندو جن ۾ هو اختلاف ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) "سبت" (ڇنڇر جو احترام) ته انهن ماڻهن سان لاڳو ڪيو ويو هو، جن ان بابت ڏنل حڪمن ۾ اختلاف ڪيو هو ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته تنهنجو رب قيامت جي ڏينهن انهن سڀني ڳالهين جو فيصلو ڪري ڇڏيندو، جن بابت اهي پاڻ ۾ اختلاف ڪندا رهيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ رهيو ڇنڇر (جو معاملو) ته اهو اسان انهن ماڻهن تي لازم ڪيو هو جن اختلاف ڪيو ان جي حڪمن ۾، ۽ بيشڪ تنهنجو رب انهن سڀني ڳالهين جو فيصلو ڪندو ڏينهن قيامت جي، جن ۾ اهي ڪندا رهيا آهن اختلاف(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يھودين جي مٿان ڇنڇر واري ڏينھن جي باري ۾ جيڪي سختيون ڪيل ھيون سي سڀ ڏنل حڪمن ۾ اختلافن جي ڪري ھيون ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار قيامت واري ڏينھن سندن اختلافي ڳالهين جو صحيح فيصلو ڪندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ادعُ إِلىٰ سَبيلِ رَبِّكَ بِالحِكمَةِ وَالمَوعِظَةِ الحَسَنَةِ وَجٰدِلهُم بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 125) |
(اي پيغمبر) حڪمت ۽ چڱي نصيحت سان پنھنجي پالڻھار جي واٽ ڏانھن (ماڻھن کي) سڏ ۽ چڱي طرح کين الزام ڏي، تحقيق جيڪو الله جي واٽ کان گمراھ ٿيو تنھنکي تنھنجو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي ۽ اُھو ھدايت وارن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) پنهنجي پروردگار جي راهه ڏانهن ماڻهن کي سڏ، هن طرح جون حڪمت (عقل ۽ دانائي) جون ڳالهيون بيان ڪر ۽ سهڻي نموني سان واعظ ۽ نصيحت ڪر، ۽ جيڪڏهن مخالفن سان بحث ڪرين ته اهڙي طريقي سان ڪر جو حسن ۽ خوبيءَ جو طريقو هجي. تنهنجو پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪير سندس راهه کان نڪري گمراهه ٿي ويو آهي ۽ ڪير سڌيءَ ۽ سچي راهه تي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان الله جي راه ڏانهن (ماڻهن کي) حڪمت ۽ سهڻي نصيحت سان سڏيو ۽ توهان انهن سان سهڻي انداز ۾ مناظرو ڪريو، بيشڪ توهان جو رب گمراهن ۽ هدايت وارن کي وڌيڪ بهتر ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تون (ماڻهن کي) پنهنجي پروردگار جي راھ تي حڪمت ۽ چڱيءَ نصيحت سان سڏ. ۽ بحث (مباحثو) ڪر به، ته اهڙي طريقي سان جيڪو، (ماڻهن ۾) سڀ کان سٺو هجي. بيشڪ جيڪي خدا جي راھ کان ٿڙيل آهن تن کي تنهنجو پروردگار چڱي طرح ڄاڻي ٿو ۽ هدايت حاصل ڪيل کي به چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڏ تون طرف واٽ رب پنهنجي حڪمت ۽ نصيحت سهڻيءَ سان ۽ ڳالهيون ڪر انهن سان ان (لهجي) سان جو اهو تمام سهڻُو آهي بيشڪ رب تنهنجو اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪو گمراھ ٿيو واٽ انهيءَ جي کان ۽ اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي هدايت وارن کي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تون پنهنجي پاليندڙ جي رستي ڏي حڪمت ۽ چڱيءَ نصيحت سان سڏ. ۽ انهن سان اهڙي نموني سان بحث مباحثو ڪر جو سڀ کان چڱو هجي. جيڪو سندس رستي کان گمراهه ٿيو، ان کي تنهنجو پاليندڙ ئي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي ۽ اهوئي رستي تي هلندڙن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پنهنجي پالڻهار جي رستي ڏانهن حڪمت ۽ سهڻي نصيحت سان سڏ ۽ انهن سان بحث اهڙي انداز ۾ ڪر جيڪو سهڻو هجي. بيشڪ تنهنجو رب ان ماڻهو کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جيڪو سندس راهه کان ڀٽڪي ويو ۽ اُهو هدايت يافتن کي به چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُنهنجي ربَّ جي راه ڏي، سَڏ حِڪمت سان هوشيار!، پڻ نَصِحيت نيڪ سان، ۽ ساڻِن دَڙ دِلدار! جيڪا چَڱِي، تِنهن چال سان؛ سَندئـِي رَبَّ، سَتار، جو وِرسيو سَندسِ، واٽ کان، تِنهن کان، واقِف ڪار، پڻ ڄاڻي ڄاڻـڻهار، جي سالِڪ، سَنئـِينءَ واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي پيغمبر! رب جي واٽ ڏانهن حڪمت ڀرين ڳالهين ۽ چڱين نصيحتن جي وسيلي سڏ ۽ انهن سان سٺي نموني ۾ بحث ڪر- تنهنجو رب ئي بهتر ڄاڻي ٿو، ته ڪير سندس رستي کان ڀٽڪي ويو آهي ۽ اهو ئي ڄاڻي ٿو ته ڪير سڌي رستي تي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! پنهنجي رب جي رستي ڏانهن سڏ حڪمت سان ۽ سهڻي نصيحت جي انداز ۾، ۽ ماڻهن سان بحث مباحثو به اهڙي نموني ۾ ڪر جيڪو نهايت سهڻو هجي، تنهنجو رب ئي سڀني کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته ڪير سندس راهه کان ٿــڙيل آهي ۽ اهو به سڀني کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته ڪير سنئينءَ واٽ تي هلندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ماڻهن کي دعوت ڏي پنهنجي رب جي راهه ڏانهن حڪمت سان ۽ سٺي نصيحت سان ۽ انهن سان بحث ڪر طريقي سهڻي سان، بيشڪ تنهنجو رب ئي وڌيڪ سٺو ڄاڻي ٿو ته ڪير گمراهه آهي ان جي راهه کان ۽ اهو به ڄاڻي ٿو ته ڪير سڌي راهه تي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ! ماڻھن کي) پنھنجي پالڻھار جي رستي ڏانھن حڪمت ۽ سھڻي نصيحت سان دعوت ڏي ۽ ماڻهن سان بحث ڪريو ته سهڻي انداز سان ڪريو، بيشڪ تنھنجي پالڻھار کي سموري خبر آھي ته ڪير ان جي راهه کان ڀٽڪيل آھي ۽ ھو اھو به چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته ڪير سڌي رستي تي آھي؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن عاقَبتُم فَعاقِبوا بِمِثلِ ما عوقِبتُم بِهِ وَلَئِن صَبَرتُم لَهُوَ خَيرٌ لِلصّٰبِرينَ (آيت : 126) |
۽ جيڪڏھن (ڪافرن کان) بدلو وٺو ته جيترو ايذايا ويا ھجو اوترو انھن کي ايذايو، ۽ جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ته اُھو صابرن لاءِ ڀلو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن مخالفن جي سختيءَ جي جواب ۾ سختي ڪيو ته گهرجي ته اهڙي ۽ اوتري ڪيو جيتري توهان سان ڪئي ويئي آهي. پر جيڪڏهن توهان صبر ڪيو (يعني هنن جي سختي سهو ۽ سختيءَ جي عيوض سختي نه ڪيو) ته بيشڪ صبر ڪرڻ وارن لاءِ صبر ئي بهتر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان (انهن کان) بدلو وٺڻ چاهيو ته ايترو بدلو وٺو جيترو انهن توهان کان ورتو، ۽ جيڪڏهن توهان صبر ڪيو ته اهو صبر ڪندڙن لاءِ بهتر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪڏهن (مخالفن) سان سختي ڪريو به ته اهڙي ئي سختي ڪريو جهڙي سختي انهن ماڻهن اوهان تي ڪئي هئي. پر جيڪڏهن صبر ڪريو ته صبر ڪرڻ وارن لاءِ بهتر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن عذاب ڪيو ٿا ته پوءِ اوهان اوترو عذاب ڪيو جيترو ڪيا ويا آهيو ۽ البته جيڪڏهن صبر ڪندو اوهان ته البته اهو ڀلو آهي صبر ڪندڙن لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن بدلو وٺو ته ايترو بدلو وٺو جيترو اوهان کي تڪليف پهچائي وئي آهي. ۽ جيڪڏهن صبر ڪندو ته اهو صبر ڪرڻ وارن مان گهڻو چڱو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن بدلو وٺو ته ايترو بدلو وٺو جيتري اوهان کي تڪليف پهچائي وئي آهي . ۽ جي اوهان صبر ڪندؤ ته اُهو صبر ڪرڻ وارن لاءِ بهتر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ويرو وَرتان، ته وير وَٺو، جِيئن آن کان وَرتئون وير، ۽ جي سَهِي سَگهو ته، خَير، سُهڻو سَهندڙن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن بدلو وٺڻ گهرو، ته اوترو ئي بدلو وٺو، جيتري اوهان سان هلت ورتي وئي آهي- جيڪڏهن اوهين صبر ڪندؤ، ته بيشڪ صبر ڪندڙن لاءِ صبر ئي بهتر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن بدلو وٺڻو اٿوَ ته ايترو وٺو جيتري اوهان کي تڪليف ڏني وئي هجي. پر جيڪڏهن صبر ڪندؤ ته بيشڪ صبر ڪرڻ وارن لاءِ ته اهو پاڻ گهڻو سٺو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن توهان تي زيادتي ڪيل آهي ته ايترو ئي بدلو وٺو انهن کان، پر جي توهان ڪم وٺندؤ صبر کان ته بيشڪ اهو سڀ کان وڌيڪ سٺو آهي صبر ڪندڙن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان پنھنجي زيادتي جو بدلو وٺي سگهو ٿا پر ايترو جيتري توھان سان زيادتي ڪئي وئي آھي پر جيڪڏھن صبر ڪندا ته صبر ڪرڻ وارن لاءِ اھو عمل بھتر آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاصبِر وَما صَبرُكَ إِلّا بِاللَّهِ وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُ فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 127) |
۽ (اي پيغمبر) صبر ڪر ۽ تنھنجو صبر الله ئي جي توفيق سان آھي ۽ جيڪو فريب ڪندا آھن تنھن بابت نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ نڪي خفي رہ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) صبر ڪر تنهنجو صبر فقط الله جي مدد جي ڪري توکي حاصل ٿيو آهي. ۽ انهن ماڻهن جي حال تي غم نه ڪر، نڪي انهن جي (دشمنيءَ جي) تدبيرن جي ڪري دل کي پريشان ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي حبيب ! توهان صبر ڪريو ۽ توهان جو صبر الله جي مدد سان آهي ۽ توهان انهن جو ڏک نه ڪريو ۽ توهان جو سينو مبارڪ انهن جي فريبن جي ڪري تنگ نه ٿئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) تون صبر ئي ڪر. ۽ خدا جي (مدد کان) سواءِ تون صبر ڪري به نه سگهندين ۽ انهن مخالفن جي حال تي ڏک نه ڪر ۽ جيڪي چالاڪيون اهي ماڻهو ڪن ٿا، تنهن کان تون دل ننڍي نه ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ صبر ڪر ۽ ناهي صبر تنهنجو مگر الله (جي توفيق) سان ۽ نه غمگين ٿيءُ انهن تي ۽ نه هج تنگيءَ ۾ ان کان جو رٿين ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ صبر ڪر! تنهنجو صبر رڳو الله (جي مدد) سان ئي آهي ۽ مٿن غم نه ڪر! ۽ جيڪو فريب ڪن ٿا تنهن کان تنگ دل (به) نه ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ صبر ڪر ۽ تنهنجو صبر ڪرڻ الله (جي توفيق) ساڻ ئي آهي ۽ انهن تي غم نه ڪر ۽ جيڪي مڪر و فريب ڪن ٿا ان کان تنگ دل نه ٿيءُ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَھ، ۽ سَهڻ نه تُنھنجو، سوا رَبَّ، سَتار، ۽ تَنگِي، تَڪلِيف جِي، نَه مَٿنِ ڪَر مَيار، ۽ نه تِنهن کان، گُھٽ ۾ گھار تون، جيڪِي مَڪر ڪَن مَڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اي رسول) صبر ڪر، تنهنجو صبر الله جي مدد سان ئي آهي ۽ تون انهن جو غم نه کاءُ ۽ مخالفن جي تدبيرن کان تنگ دل نه ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! صبر سان هلندو رهه ۽ تنهنجو صبر ته الله جي توفيق سان آهي. انهن ماڻهن جي حرڪتن تي ڏک نه ڪر ۽ نڪي انهن جي چالبازين سبب دلگير ٿيءُ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) صبر سان ڪم ڪندو رهه ۽ تنهنجو اهو صبر الله جي توفيق سان آهي ۽ غمگين نه ٿي انهن ماڻهن جي حرڪتن تي ۽ نه وري سندن چالبازين تي بيزار ٿي جيڪي اهي ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) صبر کان ڪم وٺ ۽ تنھنجو صبر ڪرڻ به اللھ تعالى جي توفيق تي مدار رکي ٿو ۽ انهن ماڻهن جي ڳالهين تي رنج نه ڪر ۽ نه انهن جي حرڪتن تي پنهنجي دل ننڍي ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الَّذينَ اتَّقَوا وَالَّذينَ هُم مُحسِنونَ (آيت : 128) |
جيڪي پرھيزگاري ڪندڙ آھن ۽ جيڪي ڀلارا آھن تن سان الله گڏ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً الله تعاليٰ انهن ساڻ (مددگار) آهي، جيڪي پرهيزگار آهن ۽ نيڪيءَ جا ڪم ٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى انهن ماڻهن سان گڏ آهي جيڪي خوفِ خدا رکن ٿا ۽ اهي نيڪوڪار آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ الله انهن سان آهي جيڪي پرهيزگار آهن ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندڙ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله انهن سان گڏ آهي جيڪي پرهيزگار بڻيا ۽ انهن سان جو اهي نيڪي ڪندڙ آهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله انهن سان آهي جيڪي پرهيزگار ٿيا ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله انهن ماڻهن سان گڏ آهي جن پرهيزگاري ڪئي ۽ جيڪي ماڻهو احسان ڪندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله ٻِيليِ اُنهن جو، جي رَکن سِيل سَچَّار، پڻ سارِي سَڀ ڄَمار، هَلندڙ حُسن سُلوڪ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله انهن جو همراهه آهي، جي متقي آهن ۽ نيڪو ڪار آهن(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ الله انهن ماڻهن جو ساڻي آهي، جيڪي پرهيزگاري اختيار ڪن ٿا ۽ احسان واري هلت هلن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله انهن ماڻهن سان آهي جيڪي پرهيزگاري کان ڪم وٺن ٿا ۽ نيڪيءَ جا ڪم ڪندڙ آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اللھ تعالى پرھيزگارن ۽ نيڪوڪار ماڻهن سان گڏ آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |