توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَقُرءانٍ مُبينٍ (آيت : 1) |
الٓرٰ، ھي آيتون ڪتاب ۽ پڌري قرآن جون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الف- لام- ر- هي الڪتاب جون آيتون آهن ۽ قرآن جون آيتون آهن. جي (پنهنجي سڀني ڳالهين ۾) چٽيون ۽ روشن آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الٓرٰ. هي مقدس ڪتاب ۽ قرآن مبين جون آيتون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الرا. هي ڪتاب (خدا) ۽ واضح قرآن جون آيتون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الف، لام، را. هي آيتون (آهن) ڪتاب جون ۽ قرآن روشن جون. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الر. اهي آيتون ڪتاب ۽ واضح قرآن جون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الف لام را. هي آيتون ڪتابِ (الاهي) ۽ روشن قرآن جون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوّل نام الله جو، برڪت بي شمار، سو ڏينهن جو ڏاتار، سو سٻاجھو سڀين پرين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ا- ل- ر- هي ڪتاب ۽ کولي ٻڌائيندڙ قرآن جون آيتون آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﲺ (الف ــ لام ــ را)، هي آيتون آهن ڪتاب ۽ پڌري قرآن جون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ا-ل-ر هي آيتون آهن ڪتاب الاهي ۽ قرآن مبين جون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الف ــــ لام ــــ را، ھي آيتون خاص ڪتاب ۽ قرآن مجيد جون آھن (جيڪو) ڳالھين کي چٽيءَ طرح بيان ڪري ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رُبَما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا لَو كانوا مُسلِمينَ (آيت : 2) |
ڪافر گھڻو ئي (ھيءَ) خواھش ڪندا ته جيڪر مُسلمان ھُجون ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن (هن ڪتاب جي سچائيءَ کان) انڪار ڪيو آهي سي ڪنهن وقت چاهيندا ته هاءِ هاءِ! اسان مسلمان ٿيون ها (ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ڪافر گھڻيون آرزوئون ڪندا ته ڪاش اهي مسلمان ٿين ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هڪ ڏينهن اهڙو به اچڻو آهي جو) جو ماڻهو ڪافر ٿي ويٺا آهن گهڻا دل سان خواهش ڪندا ته جيڪر اسين به مسلمان هجون ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) گھڻو ئي خواهش ڪندا اهي شخص جن ڪفر ڪيو ته جيڪڏهن هجن ها مسلمان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪافر ڪنهن وقت خواهش ڪندا ته جيڪر مسلمان هجن ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اُهو وقت به ٿيندو جو) ڪافر گھڻو ئي خواهش ڪندا ته ”هائو جي مسلمان هجن ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الٓــرٰ کي، سَمجھي رَبّ، سُبحان، هِي حُڪم ڪتاب جا، ۽ پَڌرو پاڪ قُرآن،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪافر گهڻو ئي خواهش ڪندا ته جيڪر هو (دنيا ۾) مسلمان هجن ها! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پري ناهي جو هڪڙو وقت اهڙو به اچي، جو اهيئي ماڻهو جن (حق جي دعوت) قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، پڇتائي چوندا ته جيڪر اسان مسلمان هجون ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پري ڪونهي اهو هڪ وقت جڏهن اهي ماڻهو جن اڄ (اسلام قبولڻ کان) انڪار ڪيو، پڇتائين ته جيڪر اسان مڃون ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھو وقت پري ناھي جڏھن ڪافر ماڻهو حسرت ڀرئي انداز ۾ چوندا ته ڪاش! اسان مسلمان ٿي وڃون ھا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذَرهُم يَأكُلوا وَيَتَمَتَّعوا وَيُلهِهِمُ الأَمَلُ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 3) |
(اي پيغمبر) کين ڇڏي ڏي ته (دُنيا ۾) کائن ۽ (لذتن ۾) آسودا رھي گذارين ۽ کين آسرو رينجھائي ڇڏي ۽ سگھوئي ڄاڻندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هنن کي سندن حال تي ڇڏي ڏي، ڀلي کائن پيئن ۽ عيش آرام وٺن ۽ (ڪوڙين) اميدن تي ڀليل رهن. پر اهو وقت پري ناهي جڏهن کين معلوم ٿي ويندو (ته ڪهڙي نه غلطيءَ ۾ گمراهه ٿي ويا هئا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان انهن (ڪافرن) کي ڇڏي ڏيو ته کائن ۽ پيئن ۽ دنيا مان نفعو وٺن ۽ سندن ڊگھي حياتي ڀلي ته کين ايمان کان پري رکي پوءِ پاڻ جلدي معلوم ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) کيس سندن حال تي ڇڏي ڏي ته کائي (پي) وٺن ۽ (دنيا ۾ ڪجھ ڏينهن) مزو وٺن پڻ (سندن) خواهشن کين کيل تماشيءَ ۾ رکن. جلد ئي (ان جو) نتيجو کين معلوم ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇڏي ڌي انهن کي ته (دنيا ۾) کائن ۽ فائدا وٺن ۽ غافل رکي انهن کي (ڪوڙي) اميد پوءِ جلد ڄاڻندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) ڇڏين ته کائي (پيئي) وٺن ۽ مزا ماڻين ۽ کين (ڊگهي) اميد غافل ڪري پوءِ ڄاڻي وٺندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن کي ڇڏي ڏي ته کائن (پيئن) ۽ مزا ماڻن ۽ انهن کي (ڪوڙي) اميد غافل رکي پوءِ سگھوئي (پنهنجو انجام) ڄاڻي وٺندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَئـِين ڀيرا ڀانئيون، جي ڦِريا، ته هونِ مُسلمان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون ڇڏين ته کائين ۽ سکيو گذارين ۽ سندن آسرن ۾ محو رهن، جلد ئي خبر پوندن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇڏين ته وتن کائيندا پيئندا مزا ڪندا ۽ اجائي ســَـڌَ ڀل کين غفلت ۾ وجهي ڇڏي، سگهوئي سڀ ڪجهه ڄاڻي وٺندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇڏي ڏي انهن کي ته کائن پيئن ۽ مزا ڪن ۽ کين ڪوڙي اميد ڀليل رکي، جلد ئي کين معلوم ٿي ويندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ھن وقت توهان انهن کي پنھنجي مدھوشيءَ ۾ غافل ڇڏي ڏيو ته ڀَل هو کائين، پيئن، مزا اڏائيندا وتن ۽ کين ڪوڙو آسرو غافل ڪندو رھي. (پر) کين جلد ئي پتو پئجي ويندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا وَلَها كِتابٌ مَعلومٌ (آيت : 4) |
۽ ڪنھن ڳوٺ کي ويران نه ڪيوسون (سندن بڇڙن ڪمن جي ڪري) پر اُن لاءِ مُقرّر حڪم ڪيل ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان ڪڏهن به ڪنهن به بستيءَ جي رهاڪن کي تباهه نه ڪيو، پر هن طرح جو هڪ ڳالهه ٺهرائي ويئي هئي (جا کين ٻڌائي به ويئي هئي سا اها ته هي هڪ مقرر قانون هو ته جڏهن ڪا حالت هن طرح جي ٿيندي ۽ هن حد تي پهچندي تڏهن اهڙو نتيجو ضرور نڪرندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان نه هلاڪ ڪيا ڳوٺن وارا مگر انهن جي هلاڪت جو وقت معلوم هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ڪنهن به ڳوٺ کي برباد نه ڪيو پر هن حالت ۾ جو ان لاءِ (اڳي ئي) هڪ مقرر ڪيل وقت لکيل هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه هلاڪ ڪيوسون ڪو ڳوٺ مگر حالانڪه ان لاءِ وقت لکيل مقرر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان ڪنهن به ڳوٺ کي برباد نه ڪيو پر هن حالت ۾ جو ان لاءِ (اڳي ئي) هڪ مقرر ڪيل وقت هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ڪوبه ڳوٺ هلاڪ نه ڪيو مگر هي جو ان لاءِ هڪ ڄاتل (مهلت جي مُدت) لکيل هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇَڏِينِ ته، چَرن ڇيڪ سي، ۽ نَفعا وَٺنِ نادان، روڪين خواهش خان!، پوءِ سَمجِھي وِيندا سِگھڙٖي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان جيڪو به ڳوٺ ناس ڪيو آهي ان لاءِ حڪم مقرر ٿيل هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن کان اڳ جنهن به ڳوٺ کي برباد ڪيو آهي ته ان لاءِ عمل جي مهلت جو مدو اڳيئي لکجي چڪو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان جڏهن به تباهه ڪيو آهي ڪنهن وستيءَ کي، ان لاءِ عمل جي هڪ خاص مهلت ڪتاب ۾ لکيل هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (حقيقت ھي آھي ته) اسان جن به شهرن کي تباهه ڪيو آھي، انهن جي لاءِ (سندن برن عملن جي ڪري) اڳ ھڪ وقت مقرر ٿي چڪو ھو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 5) |
ڪائي ٽولي پنھنجي ٺھرايل مُدّت کان نڪي تڪڙ ڪندي ۽ نڪي پوءِ تي رھي سگھندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪابه امت نڪي پنهنجي وقت کان اڳتي وڌي سگهي ٿي، نڪي پٺتي رهي سگهي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪا امت هلاڪت جي وقت کان اڳتي پوئتي ٿي نٿي سگھي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڪا به قوم پنهنجي وقت کان اڳ نه اڳيان وڌي سگهي ٿي ۽ نه پٺتي وڃي سگهي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿي اڳتي وڌي ڪا قوم مدت پنهنجي کان ۽ نه پوئتي هٽن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪابه قوم پنهنجي وقت کان نه اڳي (هلاڪ) ٿئي ٿي ۽ نه اهي پٺتي رهن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪوبه گروهه پنهنجي موت (جي مقرر مدت) کان نه اڳتي وڌي سگھي ٿو ۽ نه پوئتي هٽي سگھي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه ماريوسون، ڪو ڳوٺ. مگر هو حُڪم ٻڌل تِنهن هارِ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪا به امت نڪي سندس وقت کان اڳ ناس ٿي ٿئي نه پوئتي هٽي ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪابه قوم پنهنجي مقرر ڪيل وقت کان اڳ نڪي تباهه ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري ان کان پوءِ بچيل رهي سگهي ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪابه قوم هلاڪ ٿي نٿي سگهي پنهنجي وقت کان اڳي ۽ نه ان بعد ڇُٽي سگهي ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪابه (نافرمان) قوم پنھنجي مقرر وقت کان اڳ نه ته تباهه ٿيندي آھي ۽ نه ئي کيس ڪا ڍَر ڏيئي مھلت ڏني ويندي آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا يٰأَيُّهَا الَّذى نُزِّلَ عَلَيهِ الذِّكرُ إِنَّكَ لَمَجنونٌ (آيت : 6) |
۽ (ڪافرن) چيو ته اي شخص جنھن تي قرآن لاٿو ويو آھي بيشڪ تون ضرور چريو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن توکي چيو ته، اي انسان! جنهن تي (چيو وڃي ٿو ته) نصيحت نازل ٿي آهي، تون (اسان جي خيال ۾) يقيناً ديوانو آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪافرن (مذاق سان) چيو ته اهو شخص جنهن تي قرآن نازل ڪيو ويو آهي (اُهو) بيشڪ مجنون آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول مڪي جا ڪافر تو کي) چون ٿا ته اي شخص! (جنهن کي هي سواد آهي) ته مٿس (وحي ۽ ڪتاب) ٿو نازل ٿئي، ضرور تون چريو آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته اي اها ذات جو نازل ڪيو ويو ان تي قرآن بيشڪ تون البت چريو آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافرن چيو ته اي شخص جنهن تي قرآن لاٿو ويو آهي بيشڪ تون ضرور چريو آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ڪافرن) چيو: ”اي شخص! جنهن تي قرآن لاٿو ويو آهي بيشڪ تون مجنون آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وار سَندسِ کان وار، ڪا اُمت نه اڳ، نه پوءِ ٿيئـٖي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ڪافر) چون ٿا ته ”اي قرآن لٿل شخص! تون پڪ سان چريو آهين!. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو ٿا چون ته "اي شخص جنهن تي هيءُ قرآن نازل ٿيو آهي، تون ته پڪ سان چريو آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ماڻهو چوندا آهن اي شخص! جنهن تي نازل ٿيو آهي ذڪر، تون واقعي چريو/ مجنون آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان مدھوشيءَ ۾) ھي ڪافر رسول سڳوري کي مخاطب ٿيندي چون ٿا ته “اي فلاڻا” جنھن تي قرآن نازل ٿيو آھي! تون پڪ سان ديوانو آھين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَو ما تَأتينا بِالمَلٰئِكَةِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 7) |
جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته اسان وٽ ملائڪ ڇو نه آڻيندو آھين؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن تون پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهين ته ڇو نٿو فرشتا آڻي اسان کي ڏيکارين؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن تون (نبوت جي دعويٰ ۾) سچو آهين ته پوءِ ڇو نٿو ملائڪن کي آڻين (اهي شاهدي ڏين ته تون سچو رسول آهين)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن تون پنهنجي دعوى ۾ سچيو آهين ته اسان وٽ ملائڪ ڇو نٿو آڻين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇونه ٿو آڻين اسان وٽ ملائڪ جيڪڏهن آهين تون سچن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسان وٽ ملائڪ ڇو نه ٿو آڻين جيڪڏهن تون سچن مان آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تون اسان وٽ ملائڪ ڇو نه ٿو آڻين؟ جي تون سچن مان آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اُهو! اُتاريو ويو، مَٿي جنهن مَذڪور، تون بيشڪ بِنہ چَريو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا جي سچو آهين ته اسان وٽ ملائڪ ڇو نٿو آڻين؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن سچو آهين ته پوءِ اسان ڏي ملائڪ ڇو نه ٿو وٺي اچين؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تون اسان جي آڏو ڇو نٿو آڻين فرشتن کي جيڪڏهن تون واقعي سچو آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏھن تون سچو آھين ته اسان جي سامھون فرشتن کي ڇو نٿو وٺي اچين؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما نُنَزِّلُ المَلٰئِكَةَ إِلّا بِالحَقِّ وَما كانوا إِذًا مُنظَرينَ (آيت : 8) |
(اي پيغمبر) کين چؤ ته ملائڪ پڪي رٿ کانسواءِ نازل نه ڪندا آھيون ۽ (جيڪڏھن نازل ڪريون ۽ نه مڃين ته) اُنھيءَ مھل اُنھن کي مُھلت نه ڏني ويندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر) اسان فرشتن کي اجايو بيسود ڪونه نازل ڪندا آهيون. تڏهن نازل ڪندا آهيون جڏهن ڪا مصلحت هوندي آهي ۽ (جڏهن فرشتا نازل ڪنداسين) تڏهن کين (پاڻ کي سڌارڻ ۽ چڱن عملن ڪرڻ جي) مهلت ڪانه ملندي، (اهو ته فيصلي جو ڏينهن ٿيندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسين ملائڪ نٿا نازل ڪريون مگر حق سان ۽ انهن کي ان وقت مهلت نه ڏني ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هوڏانهن) اسين ملائڪن کي (ظاهر رڳو عذاب سان) فيصلي جي لاءِ ئي موڪليندا آهيون. پوءِ جيڪڏهن (ملائڪ نازل) ٿين ته وري کين (جان بچائڻ جي) مهلت ئي نه ملي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿا لاهيون ملائڪ مگر حق سان ۽ نه هوندا ان وقت مهلت ڏنل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسين ملائڪن کي رڳو مضبوط تجويز سان نازل ڪريون ٿا ۽ ان وقت انهن (ڪافرن) کي مهلت نه ڏني ويندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان ملائڪن کي حق سان ئي لاهيون ٿا ۽ (جڏهن اهي لهن ٿا ته) ان وقت انهن (ڏوهارين) کي مهلت نه ڏني ويندي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آڻئـِين هُوند حُضور! مَلڪ اَسان وٽ مُور، جي صفا سَچن مان آهئـِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (مگر) اسين ملائڪن کي رڳو فيصلي لاءِ موڪليندا آهيون ۽ ان وقت کين مهلت نه ملندي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان ملائڪ ائين نه لاهيندا آهيون. اهي جڏهن لهندا آهن ته حق کڻي لهندا آهن ۽ پوءِ ماڻهن کي ڪا مهلت نه ملندي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان ائين ته نه لاهيندا آهيون ملائڪ حق کان سواءِ، پوءِ ته ڪنهن کي به مهلت نه ملندي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اللھ تعالى فرمائي ٿو ته) اسان فرشتن (کي ڏيکارڻ لاءِ نه پر) فيصلي ڪرڻ لاءِ موڪليندا آھيون. جڏھن هو پھچندا آهن ته پوءِ ڪافرن کي ڪابه مھلت نه ملندي آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا نَحنُ نَزَّلنَا الذِّكرَ وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 9) |
اسان نصيحت (يعني قرآن) نازل ڪيو ۽ اسين ضرور ان جي حفاظت ڪندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسان پاڻ الذڪر (يعني قرآن، جو سراسر نصيحت آهي) نازل ڪيو آهي ۽ بيشڪ اسان پاڻ ان جا نگهبان آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان قرآن ڪريم نازل فرمايو آهي ۽ بيشڪ اسين پاڻ ان جا محافط آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسان ئي ذڪر (قرآن) نازل ڪيو ۽ اسان ئي ته سندس نگهبان به آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان ئي لاٿو آهي قرآن ۽ بيشڪ اسين ئي ان جي لاءِ البته حفاظت ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان ئي قرآن کي نازل ڪيو آهي ۽ بيشڪ اسين ئي ان جا نگهبان آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان ئي قرآن کي نازل ڪيو آهي ۽ بيشڪ اسان ئي ان جي حفاظت ڪرڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسِين نَه اُتارِيندا آهيون، موقع ڌار، مَلڪ، ۽ هُونِ نه پاڻ پَلڪ، مُهلت وارا تِنهن مَهل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان ئي قرآن موڪليو آهي ۽ اسين ئي ان جا نگهبان آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هيءُ قرآن، اسان ئي نازل ڪيو آهي ۽ اسان ئي ان جا حفاظت ڪندڙ آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) رهيو هي ذڪر (قرآن) ته ان کي اسان ئي نازل ڪيو آهي ۽ اسان ئي ان جا نگهبان آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي ڪافرو! ٻڌي ڇڏيو ته) بيشڪ اسان ئي قرآن پاڪ کي نازل ڪيو آھي ۽ اسان ئي ان جي چڱيءَ ريت حفاظت ڪندڙ آھيون.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى شِيَعِ الأَوَّلينَ (آيت : 10) |
۽ بيشڪ توکان اڳي پھرين ٽولين ۾ پيغمبر موڪلياسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) هيءَ حقيقت آهي ته اسان توکان اڳي به گذري ويل قومن ڏي پيغمبر موڪليا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق اسان توهان کان اَڳِيَنِ امتن ۾ به رسول موڪليا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) اسان تو کان اڳ ۾ به اڳين امتن ۾ (ٻيا به ڪيترائي) رسول موڪليا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق رسول موڪلياسون توکان اڳي پهرين ٽولن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان توکان اڳي پهرين جماعتن ۾ (رسول) موڪليا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان تو کان اڳ پهرين امتن ۾ به رسول موڪليا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان ئـِي اُتاريو، ڪامِل! هِيء قُرآن، ۽ اَسِين نِگهبان، اَوَس اِنِهيءَ جا آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان توکان اڳ اڳين جماعتن ۾ به (ائين ڪتاب) موڪليا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اسان توکان اڳ ڪيترين ئي آڳاٽين قومن ۾ رسول موڪلي چڪا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) اسان رسول موڪليا آهن تو کان اڳي (ڪيترين ئي) گذريل قومن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) اسان توھان کان اڳ ڪيترين ئي قومن ۾ رسول سڳورا موڪلي چڪا آھيون.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 11) |
۽ ڪو پيغمبر وٽن نه ايندو ھو جو انھن سان ٺـٺوليون ڪرڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه ڪندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر ڪڏهن به ائين نه ٿيو جو ڪنهن قوم ڏي ڪو پيغمبر آيو هجي ۽ ماڻهن مٿس ٺٺوليون ۽ مسخريون نه ڪيون هجن. (ائين اڳي به ٿيندو آيو آهي ۽ هاڻي به ٿئي ٿو پيو، تون مايوس نه ٿيءُ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه ٿي آيو انهن وٽ ڪو پيغمبر مگر ان سان اهي مذاق ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ انهن جي به اها ئي عادت هئي ته) انهن ڏي جيڪو به رسول آيو تنهن تي ضرور مسخريون ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿي آيو انهن وٽ ڪو رسول مگر هئا جو ان سان چٿر ٿي ڪيائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ وٽن ڪوبه رسول نه آيو پر ان تي مسخريون ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن وٽ ڪوبه رسول نه ايندو هيو مگر اهي ان تي مسخريون ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توکان اڳ اُمتن ۾، موڪليا سُون مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو به رسول وٽن آيو ٿي، ته ان تي مسخريون ڪندا هئا- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وري ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي، جو وٽن ڪو رسول آيو هجي ۽ انهن ان تي چٿرون نه ڪيون هجن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر ڪڏهن ائين نه ٿيو آهي ته آيو هجي انهن وٽ رسول ۽ انهن مٿن چٿرون نه ڪيون هجن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر انهن وٽ ڪوبه اھڙو رسول سڳورو نه آيو جنھن سان انهن سدائين مذاق ۽ ٽوڪون نه ڪيون ھجن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذٰلِكَ نَسلُكُهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 12) |
۽ اھڙي طرح ڏوھارين جي دلين ۾ (اھڙو خيال) وجھندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو ڏسو ته، اسان گنهگارن جي دلين ۾ (حق جي ڪلام جي مخالفت) ويهاري ٿا ڇڏيون (يعني اسان جو اهو قانون آهي ته جيڪي خودغرض ۽ تڪبر ڪندڙ انسان ظلم ڪندا ٿا رهن تن ۾ حق جي مخالفت به ڄمي پڪي ٿي وڃي ٿي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهڙي طرح اسين (مذاق کي) مجرمن جي دلين ۾ داخل ڪريون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهڙي طرح اسين اڳ (گمراهيءَ) کي (انهن) ڏوهارين جي دلين ۾ وجهي ڇڏيون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهڙي طرح عادت بنايون ٿا ان کي مجرمن جي دلين ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙيءَ طرح اسين ان (مسخريءَ) کي ڏوهارين (مڪي جي ڪافرن) جي دلين ۾ داخل ڪريون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهڙي طرح اسان ان (گمراهي) کي ڏوهارين جي دلين ۾ داخل ڪيون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه اَچينِ نَبِي نُور، مگر ڪن مَٿانئسِ مَسخريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين ڏوهارين جي دلين ۾ ائين ئي وجهندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح ڏوهارين جي دلين ۾ ته اسان هن چٿر کي وجهي ڇڏيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان هن ذڪر کي شيخ وانگر ڏوهارين جي دلين ۾ لنگهائيندا آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (غور ۽ فڪر نه ڪرڻ سبب) اسان ڏوھارين جي دلين ۾ اھڙي طريقي سان (ذڪر کان) نفرت ڪرڻ وارو رويو ويھاري ڇڏيندا آھيون.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يُؤمِنونَ بِهِ وَقَد خَلَت سُنَّةُ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
جو اُن کي نه مڃيندا ۽ بيشڪ اڳين جي ريت ھلي ايندي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ان تي ڪڏهن به ايمان ڪونه آڻيندا، جيڪي ماڻهو اڳي گذري چڪا آهن، تن جو به اهڙوئي دستور هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (انهي سببان) اهي قرآن ڪريم تي ايمان نه آڻيندا ۽ تحقيق پَهِرِيَنِ ڪافرن جو به اهو طريقو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ڪافر هن (قرآن) تي ايمان نه آڻيندا ۽ (اها ڪا نئين ڳالھ نه آهي) بيشڪ اڳين جو دستور به اهڙو ئي هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ايمان آڻيندا ان تي ۽ تحقيق گذريو طريقو پهرين جو. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي قرآن تي ايمان نه آڻيندا ۽ بيشڪ پهرين جو دستور گذري چڪو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ان (قرآن) تي ايمان ڪونه آڻيندا ۽ بيشڪ پهرين جي رَوشِ به ائين گذري چڪي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِن پر پاپِين مَن ۾، وِجھون وَهم فُتور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو انهيءَ کي نه مڃيندا آهن ۽ اڳين جي ريت هلي ايندي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو ان تي ايمان نه آڻيندا آهن. اصل کان وٺي انهيءَ قسم جي ماڻهن جو اهوئي طريقو هلندو ٿو اچي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ به مٿس ايمان نه آڻيندا آهن، اهو ئي طريقو هلندو اچي ان قسم جي ماڻهن جو پراڻي زماني کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جيڪڏهن)ھي ماڻهو هِن (ڪتاب) تي ايمان نٿا آڻين ته اھا ڪا نئين ڳالھ نه آھي، بلڪ اھڙا رويا انهن کان اڳ گذري ويل قومن جا به ھوندا ھئا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو فَتَحنا عَلَيهِم بابًا مِنَ السَّماءِ فَظَلّوا فيهِ يَعرُجونَ (آيت : 14) |
۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو دروازو مٿن کوليون ھا ته ان ۾ سدائين چڙھندا رھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن اسان هنن لاءِ آسمان جو هڪ دروازو کولي ڇڏيون ۽ اهي ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو ان تي چڙهڻ لڳن تڏهن به هو ڪونه مڃيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن (بالفرض) اسين ڪافرن لاءِ ڪو آسمان جو دروازو کولي ڇڏيون پوءِ اهي ان ۾ چڙهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اسان (پنهنجي قدرت سان) آسمان جوهڪ دروازو به مٿن کوليون ۽ اهي ان ۾ مٿي چڙهندا وڃن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن کوليون ها اسان انهن تي دروازو آسمان جو پوءِ هميشہ ان ما چڙهندا رهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن آسمان مان ڪو دروازو مٿن کوليون پوءِ اهي ان ۾ مٿي چڙهندا وڃن، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي اسان انهن تي آسمان مان ڪو دروازو کوليون ۽ هي ان مان (ڏينهن ڏٺي جو) چڙهندا به رهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَڃِينسِ نَه مُور، ۽ هَلِي اچي، پَر پَهرييَنِ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسين جي، مٿن کڻي آسمان مان ڪو دروازو کوليون، جو هو ان ۾ سدائين چڙهندا رهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن اسان انهن لاءِ آسمان جو ڪو دروازو کولي ڇڏيون ها ۽ هو ان مان مٿي چڙهندا به وڃن ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن اسان کوليون ها مٿن ڪو دروازو آسمان جو ۽ اهي ڏينهن ڏٺي جو ان ۾ چڙهڻ به لڳن ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان جيڪڏھن (کين سڌرڻ جو موقعو ڏيندي) مٿن آسمان جو ڪو دروازو کوليون ۽ ھو ڏينھن ڏٺي جو ان مان مٿي چڙھندا وڃن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقالوا إِنَّما سُكِّرَت أَبصٰرُنا بَل نَحنُ قَومٌ مَسحورونَ (آيت : 15) |
ضرور چون ھا ته رڳو اسان جون بند ڪيون ويون آھن بلڪ اسين جادو ڪيل قوم آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو چوڻ لڳندا ته اسان جي اکين تي نشو چڙهي ويو آهي يا اسان تي جادو ڪيو ويو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تڏهن به اهي چوندا ته اسان جي نظربندي ڪئي وئي آهي بلڪ اسان تي جادو ڪيو ويو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته به (اهو ئي) چوندا ته اسان جي نظر بندي ڪيل آهي (يا نه ته) اسان تي جادو ڪيو ويو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته البت چون ها ته رڳو منڊ هنيون ويون آهن اکيون اسان جون بلڪه اسين جادو ڪيل قوم آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته به (اهوئي) چوندا ته اسان جي نظر کي ٻڌو ويو آهي (نه فقط اهو) پر اسان ماڻهن تي جادو ڪيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته به ائين چوندا ته ”اسان جي نظر بندي ڪئي وئي آهي بلڪه اسان جادو ڪيل قوم آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کـڻي کوليون اُڀ ڪنان، طاق مَٿِن تڪرار، پوءِ تِنهن مان چَڙهنِ چوٽئـِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته به جيڪر ضرور چون ته اسان جي نظر بندي ڪيل آهي، بلڪه اسين جادو ڪيل ٽولو آهيون.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تڏهن به هو ائين ئي چون ها ته اسانجي اکين دوکو کاڌو آهي، نه پر اسان تي ته جادو ڪيو ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تڏهن به هي اهو ئي چون ها ته دوکو ٿي رهيو آهي اسان جي اکين کي، پر اسان تي ڪو جادو ڪيو ويو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ به ھو چوندا ته بيشڪ اسان جون نظرون ڌوڪو کائي رھيون آھن ۽ لڳي ٿو ته اسان سڀني جي مٿان جادو ڪيو ويو آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد جَعَلنا فِى السَّماءِ بُروجًا وَزَيَّنّٰها لِلنّٰظِرينَ (آيت : 16) |
۽ بيشڪ آسمان ۾ بُرج بڻاياسون ۽ اُن کي ڏسندڙن لاءِ سينگاريو سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏسو اسان ئي آسمان ۾ برج بنائي ڇڏيا آهن (يعني روشن تارا پيدا ڪيا آهن) ۽ اهي ڏسڻ وارن لاءِ سهڻا ڪيا اٿئون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق اسان آسمان ۾ برج (ستارا) پيدا ڪيا ۽ اسان انهن کي ڏسندڙن لاءِ خوبصورت بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان آسمان ۾ برج پيدا ڪيا ۽ ڏسڻ وارن لاءِ اسان ان کي (ستارن سان) سينگاريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البت تحقيق ٺاهياسون آسمان ۾ برج ۽ سينگارياسون اهي ڏسندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان آسمان ۾ برج پيدا ڪيا ۽ ڏسڻ وارن لاءِ ان کي اسان سينگاريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان آسمان ۾ مضبوط قلعا بنايا آهن ۽ اسان ان کي ڏسڻ وارن لاءِ (ستارن سان) سينگاريو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته به ٻوليائون ٻَهار اکيَن ساڻ اَسان جي، نَظربَندِي نِبار، اُٽلو اَسِين اِظهار، ڪامڻ هورِي قوم ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان آسمان ۾ برج بنايا ۽ کيس ڏسندڙن لاءِ سينگاريوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها اسانجي ئي قدرت آهي، جو اسان آسمان ۾ ڪيترائي مضبوط قلعا بڻايا آهن، جن کي ڏسندڙن لاءِ (تارن سان) سينگاريو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي اسان جي ڪارڪردگيءَ آهي جو اسان ٺاهيا آهن آسمان ۾ مضبوط قلعا ۽ انهن کي تارن سان سينگاريو آهي ڏسندڙن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان ئي آسمان ۾ بُرج (يعني مضبوط ۽ محفوظ علائقا) بنايا ۽ انهن سڀني کي پري کان ڏسندڙن لاءِ وري (ستارن جي ذريعي) سينگاري ڇڏيوسين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَحَفِظنٰها مِن كُلِّ شَيطٰنٍ رَجيمٍ (آيت : 17) |
۽ اُن کي سڀڪنھن تڙيل شيطان کان بچايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هرهڪ تڙيل لعنتي شيطان کان انهن جي اسان حفاظت ڪري ڇڏي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن کي هر شيطان مردود کان محفوظ بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سڀ ڪنهن تڙيل شيطان (جي آمد رفت) کان ان جي نگهباني ڪئي اٿئون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ حفاظت ڪئي سون انهن جي هر شيطان تڙيل کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سڀ ڪنهن تڙيل شيطان کان ان جي نگهباني ڪئي اٿون، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هر تڙيل شيطان کان اسان ان جي نگهباني ڪئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بُرج بَناياسون اُڀ ۾، ماڙيون مَڻيادار، صُورت ۽ سِينگار، ڏِنوسُونس ڏِسندڙن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کيس هر ڪنهن تڙيل شيطان کان سنڀاليوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هر تـڙيل شيطان کان انهن کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ محفوظ ڪيو آهي انهن کي هر شيطان تڙيل کان (ڪوبه شيطان انهن ۾ واٽ نه ڏسندو)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن بُرجن کي ھرھڪ تڙيل شيطان کان به محفوظ ڪري ڇڏيوسين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا مَنِ استَرَقَ السَّمعَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ مُبينٌ (آيت : 18) |
پر جيڪو چوريءَ ٻڌي تنھن جي پويان پڌرو اُلنبو پوندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سواءِ هن جي جو ڪوئي لڪي ڇپي ٻڌي وٺڻ چاهي، تنهن لاءِ وري هڪڙو چمڪندڙ شعلو آهي جو ان جي پٺيان پوي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر جيڪو شيطان لِڪ ڇُپ ۾ (غيب جون خبرون) ٻڌي ٿو، پوءِ ان جي پويان روشن شعلو لڳي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪو لڪي (اتي جي ڪا ڳالھ) ٻڌي ٿو ته شهاب جي دکندڙ آماڙي (ٻارڻ لاءِ) ان تي پوي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر جنهن چوريءَ ٻڌو پوءِ پويان پيو ان جي امڙ چٽو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جيڪو لڪي ٻڌي ٿو ته ان جي پٺيان ظاهر اماڙي پوي ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پر جيڪو لِڪي ٻڌي ٿو ته چمڪندڙ اُماڙي ان جي پويان پوي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَڀ ڪنهن تَڙيل شيطان کان، بَچايوسونسِ بحال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جيڪو لڪي چوريءَ ٻڌندو آهي ته ان پٺيان روشن اماڙ پوي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي ڪو لڪي ڪجهه ٻڌي وٺي ٿو ته هڪڙي ٻرندڙ اماڙي (ميزائل وانگر) سندس ڪڍ پوي ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر هي ته حاصل ڪري خبر چار، ۽ جڏهن به اهو ڪوشش ڪري ٿو ته هڪ ٻرندڙ اُلو ان جي پويان لڳندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏھن ڪو شيطان (ڪا ڳالھ) لڪي ٻڌي به وٺي ٿو ته پوئتي موٽندي ئي کيس ٻرندڙ اماڙي اچي لڳي ٿي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ شَيءٍ مَوزونٍ (آيت : 19) |
۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل کوڙيا سون ۽ منجھس ھر شيءِ اندازي سان ڄمائي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اسان زمين (جو مٿاڇرو) پکيڙي ڇڏيو آهي، (يعني اهڙي بنائي آهي جو اوهان جي لاءِ وڇايل فرش وانگر آهي) ۽ ان ۾ جبل لڳائي ڇڏيا آهن. پڻ ان ۾ اسان جيتريون شيون (پوکون ميوا وغيره) ڄمايون آهن سي سڀ پوري وزن تي ڄمايون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان زمين کي وڇايو ۽ ان ۾ اسان جبل کوڙيا ۽ اسان ان ۾ حسبِ ضرورت هر شيءِ پيدا ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ زمين کي (به پنهنجي مخلوقات جي رهڻ سهڻ لاءِ) اسان ئي پکڙيو ۽ ان ۾ (ميخن وانگر) جبل وڌا ۽ ان ۾ اسان هر قسم جي مناسب شيءَ ڦٽائي اٿئون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ زمين پکيڙيوسون ان کي ۽ رکياسون ان ۾ جبل ۽ ڄمائي سون ان ۾ هر شيءِ اندازي ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان زمين کي پکيڙيو ۽ ان ۾ اسان جبل وڌا ۽ ان ۾ سڀ ڪا شيءِ اندازي ڪيل (ڦٽائي) اٿون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان زمين کي پکيڙيو ۽ ان ۾ اسان مضبوط جبل وڌا ۽ اسان ان ۾ هر جنس کي (پوري) توازن سان ڄمايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر جيڪو اُن مَنجھان، ٻُڌي چورِي ڳالھ، ته ڦِٽو ٿئي فِى الحال، پَڌرو اُمڙ اُن پُٺيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان زمين کي پکيڙيو، ان ۾ ڳرا جبل وڌاسون ۽ منجهس هر چيز اندازي سان اڀاڙي سون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) زمين کي اسان وڇائي ڇڏيو آهي ۽ منجهس جبل کوڙي ڇڏيا آهن ۽ ان ۾ هر قسم جون زمين مان ڦٽندڙ شيون مناسب انداز ۾ اُپايون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ زمين کي پکيڙيو آهي، ۽ اسان ان ۾ کوڙيا جبل، ۽ هر قسم جا اپايا ٻوٽا ان ۾ توريل تڪيل انداز ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ئي زمين کي پکيڙيوسين (۽ کيس لوڏن کان بچائڻ لاءِ) ان ۾ جبلن کي کوڙي ڇڏيوسين ۽ اسان ئي ان ۾ ھر قسم جي شيءِ کي مناسب مقدار ۾ پيدا ڪيو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ وَمَن لَستُم لَهُ بِرٰزِقينَ (آيت : 20) |
۽ منجھس اوھان لاءِ (قسم قسم جي) روزي (پيدا) ڪئي سون جن کي (اوھين) روزي ڏيندڙ نه آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اوهان جي لاءِ ان ۾ گذارن جو سڀ ساما اسان مهيا ڪري ڇڏيو آهي ۽ (انهن خلقيل جانورن لاءِ به مهيا ڪري ڇڏيو آهي) جن لاءِ توهان روزي مهيا ڪرڻ وارا هرگز ناهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ان ۾ توهان لاءِ ضرورتِ زندگي جي هر شيءِ پيدا ڪئي ۽ انهن لاءِ به جن کي توهان رزق نٿا ڏئي سگھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ئي ان ۾ اوهان جي لاءِ حياتيءَ جا سامان بنايا پڻ (انهن جانورن جي لاءِ به) جن کي اوهين روزي نه ٿا ڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پيدا ڪياسون اوهان لاءِ ان ۾ رزق جا سامان ۽ ان لاءِ جو ناهيو اوهان واسطي ان جي رزق ڏيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان ۾ اسان اوهان لاءِ گذران جا سامان ۽ جن کي اوهين روزي ڏيندڙ نه آهيو سي (سڀ) پيدا ڪيا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ۾ اسان اوهان لاءِ گذران جا سامان (مهيا) ڪيا ۽ ان (مخلوقات) لاءِ به جن کي اوهان رزق مهيا نه ٿا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِي ڀُون ڀَلا!، جنهن کي پَکيڙيو سون پَڪ ڏاڍا ڏُونگر تنهن ۾، سَٽياسون سوگھاسَڪ، تَڪ سان، تَڪن جا تَڪ ، ڪَئـِين قِسم اُڀاڙياسون اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان انهيءَ ۾ اوهان خواهه انهن لاءِ روزي پيدا ڪئي، جن کي اوهين کاڌو نٿا ڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ منجهس زندگي گذارڻ جا سامان مهيا ڪيا آهن، توهان لاءِ به ۽ انهيءَ مخلوق لاءِ به جن جا رازق توهان ناهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سبب ٺاهيا ان ۾ زندگي گذارڻ جا توهان لاءِ ۽ ان بي شمار مخلوق لاءِ به، (جو) توهان نه آهيو انهن جا رازق(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ۾ ئي اسان توھان جي روزي لاءِ سامان رکي ڇڏيو آهي ۽ ٻي مخلوق (جيت ــ جڻو ــ پکي پکڻ ۽ جانورن) لاءِ به روزي رکي آهي جن کي روزي کارائڻ جا توھان ذميدار نه آھيو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن مِن شَيءٍ إِلّا عِندَنا خَزائِنُهُ وَما نُنَزِّلُهُ إِلّا بِقَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 21) |
۽ اھڙي شيءِ آھي ئي ڪانه جنھن جو خزانون اسان وٽ نه آھي، انھن شين کي اسين ٺھرايل اندازي کانسواءِ نه لاھيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) ڪابه شيءِ اهڙي ڪانهي جنهن جو ذخيرو اسان وٽ نه هجي، پر اسان انهن شين کي هڪ مناسب انداز ۾ موڪليون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان وٽ هر شيءِ جا خزانا (موجود) آهن ۽ اسان انهن کي پنهنجي مقرر ڪيل اندازي سان نازل ڪريون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان وٽ ته هر شيءِ جا (بيشمار) خزانا (ڀريا) پيا آهن، ۽ اسين (ان مان) مقرر اندازي سان موڪليندا رهندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي ڪابه شيءِ مگر اسان وٽ ان جا خزانا آهن ۽ نه ٿا لاهيون ان کي مگر اندازي معلوم سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙي ڪا شيءِ نه آهي جنهن جا اسان وٽ خزانا نه هجن ۽ اسين ان کي مقرر اندازي سان ئي لاهيون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي ڪا به شيءِ نه آهي جنهن جا اسان وٽ خزانا نه هجن، ۽ اسان ان کي مقرر اندازي سان ئي لاهيون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيو سون اوهان لئي اُن ۾، پاراپو پُورو، پڻ چُوڻُو ڪو چُورو، ڏِيندڙ نَه اَوهين، جن ڏيھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪا به اهڙي شيءِ ناهي جنهن جا اسان وٽ خزانا نه هجن، مگر اسين اها مقرر انداز موجب ئي موڪليون ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪابه شيءِ اهڙي ناهي، جنهن جا خزانا اسان وٽ نه هجن ۽ جيڪا به شيءِ اسان نازل ڪريون ٿا، هڪڙي مقرر ڪيل مقدار ۾ نازل ڪريون ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪابه اهڙي شيءِ نه آهي جنهن جا اسان وٽ خزانا نه هجن ۽ جيڪا به (شيءِ) اسان نازل ڪندا آهيون سا هڪ مقرر مقدار ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان وٽ ھر شيءِ جا وڏا وڏا ذخيرا موجود آھن (پر) جنھن به شيءِ کي اسان لاھيندا آھيون ته ان کي ھڪ مناسب مقدار ۾ لاھيندا آھيون.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَرسَلنَا الرِّيٰحَ لَوٰقِحَ فَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَسقَينٰكُموهُ وَما أَنتُم لَهُ بِخٰزِنينَ (آيت : 22) |
۽ وائِن ڪڪرن کڻندڙن کي موڪليندا آھيون پوءِ آسمان مان پاڻي وسائيندا آھيون پوءِ اُھو اوھان کي پياريندا آھيون، ۽ اُھو اوھين گڏ ڪرڻ وارا نه آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اسان ئي هوائون لڳايون ٿا جي (پاڻيءَ جي ڦڙن سان) ڀريل آهن. پوءِ آسمان مان پاڻي وسايون ٿا ۽ اهو اوهان کي پيئڻ جي ڪم اچي ٿو ۽ اهو پاڻي ڪو اوهان گڏ ڪري ڪونه رکيو آهي. (اسان ئي سمنڊ ۾ گڏ ڪري رکيو آهي، جتان گرميءَ سبب ٻاڦ ٿي چڙهي ٿو ۽ هوائون ان کي کڻي زمين تي وڃي وسائين ٿيون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ڪڪرن کي کڻندڙ هوائون موڪليون ٿا پوءِ اسان آسمان مان مينهن وسايو پوءِ اسان توهان کي اهو پاڻي پياريو. ۽ توهان ان پاڻي کي گڏ ڪندڙ ناهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسين اهي هوائون موڪليون جيڪي ڪڪرن کي مينهن سان ڀريندڙ آهن. پوءِ اسان ئي آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ اسان ئي اوهان کي اهو پاڻي پياريو ۽ اوهان ته ڪو ان کي ڪٺو ڪري ڪين رکيو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ موڪليون ٿا هوائن کي (ڪڪر) کڻندڙ بنائي پوءِ لاهيون ٿا آسمان مان پاڻي پوءِ پياريون ٿا اوهان کي اهو ۽ ناهيو اوهان ان جو ذخيرو بنائيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان وائن کي جيڪي ڪڪرن کي مينهن سان ڀريندڙ آهن، موڪليو پوءِ آسمان مان پاڻي وسايوسون پوءِ اهو (پاڻي) اوهان کي پياريوسون، ۽ اوهين ان کي گڏ ڪرڻ وارا نه آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان هوائن کي (ڪڪرن جا) بار کڻندڙ ڪري موڪليون ٿا پوءِ اسان آسمان مان پاڻي لاهيون ٿا پوءِ اُهو اوهان کي پياريون ٿا، ۽ اوهان ان کي گڏ ڪرڻ وارا نه آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪوئـِي قِسم ناهي، مگر، اُن جي اَسان وَٽِ کاڻ، ۽ بِنا مُقرّر ماڻ، اُتاريو نَه اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين ڪڪر کڻندڙ هوائن کي موڪليون ٿا، پوءِ آسمان مان پاڻي موڪليون ٿا جي اوهان کي پياريون ٿا، جو اوهان گڏ ڪري نٿا سگهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري پاڻيءَ سان ڀريل هوائن (يعني ڪڪرن) کي به اسان ئي موڪليون ٿا، پوءِ آسمان مان پاڻي وسايون ٿا ۽ اهو توهانکي پياريون ٿا، ۽ انهيءَ جو ذخيرو ڪو توهان جي هٿ وس ته ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ئي موڪليندا آهيون ڪمائتين هوائن کي، پوءِ وسائيندا آهيون آسمان مان پاڻي ۽ اهو توهان کي پياريندا آهيون ۽ نه آهيو توهان انهيءَ (دولت) جا خزانيدار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ئي اھڙين ھوائن کي موڪليندا آھيون جيڪي پاڻي سان ڀريل ڪڪرن کي کڻي ھلنديون آھن، پوءِ اسان ئي آسمان مان پاڻي نازل ڪندا آھيون. پوءِ (ان جي ذريعي) توھان کي پاڻي پياريندا آھيون، توھان ۾ ايتري مقدار ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت موجود نه آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنّا لَنَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَنَحنُ الوٰرِثونَ (آيت : 23) |
۽ اسين ئي جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسين سڀڪنھن جا وارث آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان ئي آهيون جو جيئاريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان جي (ئي) قبضي ۾ سڀني جي ڪمائي اچي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسين ئي جياريون ٿا ۽ اسين ئي ماريون ٿا ۽ اسين ئي (هر شيءِ جا) مالڪ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسين ئي (اوهان کي) جياريون ٿا ۽ اسين ئي ماريون ٿا ۽ اسان ئي (سڀ جا والي ۽) وارث آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بلاشڪ اسين ئي جياريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسين ئي والي آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسين ئي جياريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسين ئي وارث آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بلاشڪ اسان ئي جياريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان ئي (سڀني جا) وارث آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ موڪلياسون مُورهِين، ڀَرتُو باد بهار، پوءِ آب اُتاريو سون، اُڀ ڪنان، نارو نار نِبار، پِياريوسون نِيئان، پوءِ اُهو پَلُر، هر ڪِنهن پار، ۽ اَوهِين نه اِنهئَ هارِ، مڙڻ وارا مُورهِين(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، اسين ئي جياريون خواهه ماريون ٿا ۽ اسين ئي باقي رهنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان ئي جيئاريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان ئي ته سڀني جا وارث آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان توهان کي حياتي ۽ موت ڏيون ٿا ۽ اسان ئي سڀني جا وارث آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان ئي زندگي ڏيندا آھيون ۽ اسان ئي ماريندا آھيون (آخر ۾) اسان ئي سڀني شين جا وارث ٿيندا آھيون.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد عَلِمنَا المُستَقدِمينَ مِنكُم وَلَقَد عَلِمنَا المُستَـٔخِرينَ (آيت : 24) |
۽ بيشڪ اوھان کان اڳ وارا ڄاڻندا آھيون ۽ بيشڪ (اوھان کان) پوءِ ايندڙ (به) ڄاڻندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بلاشبهه اسان انهن ماڻهن کي به ڄاڻون ٿا جيڪي توهان کان اڳي اچڻ وارا هئا ۽ انهن کي به ڄاڻون ٿا جيڪي پوءِ اچڻ وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق اسان کي معلوم آهي جيڪي توهان مان اڳتي وڌيا ۽ اسان کي معلوم آهي جيڪي توهان مان پوئتي رهيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان اوهان کان اڳين کي به ڄاڻون ٿا ۽ بيشڪ اسان پوءِ اچڻ وارن کي به ڄاڻون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البت تحقيق ڄاتو سون اڳتي وڌندڙن کي اوهان مان ۽ البت تحقيق ڄاتو سين پوئتي ٿيندڙ کي. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان اوهان کان اڳين کي به ڄاتو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان انهن کي ڄاڻون ٿا جيڪي اوهان مان اڳ گذري چڪا ۽ بيشڪ اسان پوءِ اچڻ وارن کي به ڄاڻون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسِين جِياريون ۽ مارِيون ۽ اَسِين وارث جڳ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسين اوهان جي اڳين کي به ڄاڻون ٿا ۽ اوهان جي پوين کي به ڄاڻون ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسانکي معلوم آهن، جيڪي توهان مان اڳ ٿي گذريا آهن ۽ انهن کي به ڄاڻون ٿا جيڪي پوءِ اچڻا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اڳي جيڪي ماڻهو گذريا آهن) تن کي اسان ڏٺو آهي ۽ اچڻ وارا به اسان جي نگاهه ۾ ئي آهن بعد وارا (سڀئي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان توھان کان اڳ گذري ويل ۽ توھان کان پوءِ ايندڙ سڀني ماڻهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَحشُرُهُم إِنَّهُ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 25) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار کين کڙو ڪندو، ڇوته اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) اهو تنهنجو پروردگار ئي آهي جو انهن سڀني کي (قيامت جي ڏينهن پنهنجي اڳيان) گڏ ڪري آڻيندو، هو حڪمت وارو ۽ علم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان جو رب انهن سڀني کي گڏ ڪندو، بيشڪ اهو وڏي حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي انهن سڀني کي (قيامت ۾ قبرن) مان اٿاريندو بيشڪ اهو ئي حڪمت وارو سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ رب تنهنجو اهو ئي اٿاريندو انهن کي بيشڪ اهو ئي حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان پوين کي به ڄاتو. ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي انهن کي گڏ ڪندو. بيشڪ اهوئي حڪمت وارو (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي انهن کي گڏ ڪندو. بيشڪ اهو حڪمت وارو ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آخر جي اوهان مان، توڻي اَوهان اڳ، سَڀيئـِي اَلڳ اَلڳ، مَعلوم اَسان کي مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ تنهنجو رب ئي هنن کي گڏ ڪندو، اهو ڏاهپ وارو ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ تنهنجو رب سڀني کي ميڙي گڏ ڪندو، هو حڪمت وارو به آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ به آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ تنهنجو رب گڏ ڪندو سڀني کي حشر ۾، اهو ئي حڪمت وارو ۽ ڄاڻندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اڳين ۽ پوين) سڀني ماڻهن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪندو، بيشڪ ھو وڏي حڪمت ۽ وڏي علم وارو آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 26) |
۽ بيشڪ اسان آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ هيءَ حقيقت آهي ته اسان انسان کي خمير ٿيل گاري مان ٺاهيو جو سڪڻ بعد وڄندو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق اسان (حضرت) آدم کي کڙڪي واري مٽيءَ مان پيدا ڪيو اها مٽي ڪاري (۽) بدبودار هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان ئي انسان چيڪيءَ مٽي مان جا سڙي (سڪي) ٽڪريءَ (وانگر) کڙڪڻ لڳي، پيدا ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البت تحقيق پيدا ڪيو سون انسان کي کڙڪندڙ، گنديءَ، ڳوهيل مٽيءَ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان انسان کي چيڪيءَ مٽي مان جا ڪاري (۽) سڙيل هئي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان انسان کي پيدا ڪيو چيڪي (وڄندڙ) مِٽيءَ مان جا (پهريائين) ڪاري (۽) سڙيل (گارو) هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ميڙيندو مِڙن کي، سَندئـِي رَبُّ سَتّار، سو حِڪمتِي هوشيار، سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان انسان کي سڙيل گاري جي وڄندڙ مٽيءَ مان بڻايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان انسان کي سڪي ٺوٺ ٿي ويل ڪــِـني گاري واري مٽيءَ مان پيدا ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ خلقيوسين انسان کي ڪِني ڳريل مٽيءَ جي سُڪل گاري منجهان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ (انسان جي پيدائش جي حقيقت ھي آھي ته) اسان انسان کي ڪاري سڙيل چيڪي مٽيءَ مان پيدا ڪيو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالجانَّ خَلَقنٰهُ مِن قَبلُ مِن نارِ السَّمومِ (آيت : 27) |
۽ ھن کان اڳ جنن کي ڄَرَ واريءَ باھ مان بڻايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان جِنن کي اڳ ۾ ئي ٻرندڙ هوا جي گرميءَ مان پيدا ڪيو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان جنن کي ان کان اڳ ۾ شعله هڻندڙ باه مان پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ئي جنن کي (آدمي کان) اڳ ۾ باھ مان جا لڪ (جهڙي) هوا مان هئي پيدا ڪيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنن کي پيدا ڪيو سون انهن کي اڳ ۾ باھ ڄر واريءَ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پيدا ڪيو. ۽ جنن کي هن کان اڳي باهه مان جا لُڪَ جهڙي هوا ۾ هئي پيدا ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جِنن کي ان کان اڳ اسان پيدا ڪيو بنا دونهين واري شديد جلائيندڙ باهه مان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهو جوڙيو سون مُور، مارِيل گَندِئَ گَپ مان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنن کي انهيءَ کان اڳ ڄر واريءَ باهه مان ٺاهيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان کان اڳ جنن کي وري باهه جي ڄڀيءَ مان پيدا ڪيو هئوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جِنن کي خلقيو هوسين ان کان اڳي ئي باهه جي اُلي منجهان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اُن (انسان) کان اڳ جنن کي اسان باهه جي ڄڀيءَ مان پيدا ڪيو ھو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 28) |
۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته آءُ آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻائيندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر! ياد رک ته) تنهنجي پروردگار فرشتن کي چيو هو ته، مان خمير ٿيل گاري مان، جو سڪڻ بعد وڄندو آهي، هڪ بشر پيدا ڪرڻ وارو آهيان (يعني انسانن کي جلد پيدا ڪندس).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ياد ڪريو توهان اي حبيب ! جنهن وقت توهان جي رب ملائڪن کي حڪم فرمايو ته بيشڪ آئون هڪ انسان کي کڙڪي واري، ڪاري، بدبودار مٽيءَ مان پيدا ڪندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!، اهو وقت به ياد ڪر!) جڏهن تنهنجي پروردگار ملائڪن کي چيو ته پڪ آءُ هڪ ماڻهو چيڪيءَ مٽي مان جا خمير ٿي (۽ سڪل) ٽڪري جيان کڙڪندي هجي پيدا ڪرڻ وارو آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو رب تنهنجي ملائڪن کي ته بيشڪ مان پيدا ڪندڙ آهيان انسانن کي کڙڪندڙ، گنديءَ ڳوهيل مٽيءَ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پاليندڙ ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آءُ چيڪيءَ مٽيءَ مان جا ڪاري (۽) سڙيل هوندي، هڪ انسان پيدا ڪرڻ وارو آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پالڻهار ملائڪن کي فرمايو ته: ”بيشڪ آءٌ هڪ انسان پيدا ڪرڻ وارو آهيان. چيڪي (وڄندڙ) مٽيءَ مان جا ڪاري سڙيل (گارو) هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنُّ جوڙيون سون ضَرُور، ڄيري ڄِڀِئَ مان، اَڳ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن تنهنجي رب ملائڪن کي چيو ته ”بيشڪ آءُ سڙيل گاري جي وڄندڙ مٽيءَ مان هڪ انسان بڻائيندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ياد ڪريو جڏهن تنهنجي رب ملائڪن کي چيو ته "مان ڪــِـني ٿيل گاري جي ٺوٺ سڪل مٽيءَ مان هڪ بشر پيدا ڪرڻ وارو آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (پوءِ ياد ڪر ان موقعي کي) جڏهن چيو تنهنجي پالڻهار فرشتن کي، آئون پيدا ڪري رهيو آهيان بشر کي ڪِني ڳريل مٽيءَ جي سُڪل گاري منجهان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي فرمايو ته بيشڪ مان ڪاري سڙيل چيڪي مٽيءَ مان ھڪ انسان پيدا ڪرڻ وارو آھيان.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 29) |
پوءِ جڏھن کيس پورو ڪري رھان ۽ منجھس پنھنجي روح مان ڦوڪيان ته کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو جڏهن (هيئن ٿئي جو) مان ان کي درست ڪري ڇڏيان (يعني جڏهن اهو وجود ٺيڪ بنجي وڃي) ان ۾ مان پنهنجو روح ڦوڪيان تڏهن توهان سڀ هن جي اڳيان سجدو ڪجو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جنهن وقت آئون ان جي تخليق مڪمل ڪريان ۽ آئون ان ۾ پنهنجو روح ڦُوڪيان ته پوءِ توهان سڀئي ان جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پئجو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن ان کي چڱيءَ طرح ٺاهيان ۽ ان ۾ پنهنجي (طرف کان) روح ڦوڪيان، ته ان جي اڳيان سڀئي سجدي ۾ ڪري پئجو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن پورو پورو ٺاهيو مون انکي ۽ ڦوڪيو مون ان ۾ روح پنهنجو پوءِ ڪري پئو ان لاءِ سجدو ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ان کي برابر ٺاهي وٺان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته ان جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پئجو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ان کي (ٺاهي) برابر ڪيان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته اوهان ان جي اڳيان سجدي ۾ڪِري پئجو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن تُنهنجي ڌَڻِي ڌُرڪنان، ڪيو فِرشتن فَرمان، ته مارِيل گَندِئَ گَپ مان، مُون کي، اُپائڻو اِنسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن کيس تيار ڪريان ۽ منجهس پنهنجي روح مان ڦوڪيان ته اوهان ان اڳيان سجدو ڪجو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن مان ان کي ٺاهي راس ڪيان ۽ ان ۾ پنهنجي روح مان ڪجهه ڦوڪيان ته توهان سڀئي سندس آڏو سجدي ۾ هليا وڃجو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن پوريءَ طرح ان کي بنايان ۽ منجهس ڦوڪيان پنهنجو روح ته توهان سڀ ان جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پئجو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن مان کيس مڪمل ٺاھي ان جي اندر پنھنجو روح ڦوڪيان ته توھان سڀ ان جي اڳيان سجدي ۾ جهڪندا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 30) |
پوءِ اُنھن مڙني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ سڀ فرشتا هن جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (حڪم موجب) سمورن ملائڪن گڏجي (آدم کي) سجدو ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ سجدو ڪيو ملائڪن سڀني انهن گڏ ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ سڀ ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن تِنهن کي ڪيو تيارمُون، جوڙي جُنگ جُوان، ۽ فورًا ڦوڪيمِ اُن ۾، جان پَنهنجِي، مان جان، پوءِ خاطر تِنهن خان، ڪِرو سَڀ سُجود ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ٻين سڀني سجدو ڪيو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ سجدو ڪيو فرشتن سڀني گڏجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ سڀ جا سڀ ملائڪ ته سجدي ۾ جهڪي ويا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا إِبليسَ أَبىٰ أَن يَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 31) |
سواءِ ابليس جي، سجدي ڪندڙن سان گڏ ھجڻ کان انڪار ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ابليس سجدو نه ڪيو، هن کي اها ڳالهه ڏکي لڳي ته سجدي ڪندڙن سان شامل هجان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابليس کان علاوه، ابليس انڪار ڪيو جو سجدي ڪندڙن مان هجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سواءِ ابليس (ملعون) جي جنهن سجدي ڪرڻ وارن سان گڏ هئڻ کان انڪار ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر شيطان انڪار ڪيائين هن ڳالھ جو ته هجي سجدي ڪندڙ سان گڏ. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سواءِ ابليس جي، جنهن سجدي ڪندڙن سان گڏ هئڻ کان انڪار ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ ابليس جي. ان سجدي ڪرڻ وارن سان گڏ ٿيڻ کان انڪار ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مڙيئـِي مَلڪ نَميا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سواءِ ابليس جي، هن سجدي ڪندڙن سان گڏ هجڻ کان انڪار ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سواءِ ابليس جي، هن سجدو ڪرڻ وارن ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ ابليس جي، ان انڪار ڪيو ساٿ ڏيڻ کان سجدي ڪرڻ وارن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سواءِ ابليس جي، جنھن سجدي ڪرڻ وارن جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ يٰإِبليسُ ما لَكَ أَلّا تَكونَ مَعَ السّٰجِدينَ (آيت : 32) |
(الله) چيو ته اي ابليس توکي ڇا ٿيو جو سجدي ڪرڻ وارن مان نه ٿئين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ فرمايو ته، اي ابليس! توکي ڇا ٿيو جو تون سجدي ڪندڙن سان شامل نه ٿئين؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو اي ابليس توکي ڇا ٿيو جو تون سجدي ڪندڙن مان نه ٿِئِين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تنهن تي) خدا فرمايو او شيطان! آخر تو کي ڇا ٿيو جو تون سجدي ڪرڻ وارن سان شامل نه ٿئين؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (الله) فرمايو ته اي شيطان! ڇا ٿيو توکي جو نه هئين سجدي ڪندڙ سان گڏ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته اي ابليس! تو کي ڇا ٿيو آهي جو سجدي ڪندڙن سان نه ٿو ٿئين؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) فرمايو: ”اي ابليس تو کي ڇا ٿيو؟ جو تون سجدي ڪرڻ وارن سان گڏ نه ٿئين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر اِبليس ڪِيو اِنڪار، هِن کان، ته هُجي هَموار، ساٿِي سَجدي ڏِيندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله چيو ”ابليس! تون ڇا جي ڪري سجدي ڪندڙن مان نه ٿئين؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رب پڇيس: "اي ابليس! توکي ڇا ٿيو جو تون سجدو ڪندڙن ۾ شامل نه ٿـئين؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (رب) پڇيس، اي ابليس! توکي ڇا ٿيو جو تو ساٿ نه ڏنو سجدي ڪرڻ وارن جو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اللھ تعالى کيس سجدو نه ڪرڻ تي) فرمايو ته اي ابليس! توکي ڇا ٿي ويو جو تو سجدي ڪرڻ وارن جو ساٿ نه ڏنو؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لَم أَكُن لِأَسجُدَ لِبَشَرٍ خَلَقتَهُ مِن صَلصٰلٍ مِن حَمَإٍ مَسنونٍ (آيت : 33) |
(ھن) چيو ته مون کي نه جڳائيندو آھي ته آءٌ اھڙي ماڻھوءَ کي سجدو ڪريان جنھن کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو اٿئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن چيو ته، مون کان ائين ٿي نٿو سگهي ته اهڙي بشر کي سجدو ڪيان جنهن کي تو خمير ٿيل گاري مان ٺاهيو آهي، جو سڪڻ بعد وڄڻ لڳي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابليس چيو مون کي مناسب ناهي ته آئون هڪ انسان کي سجدو ڪريان جنهنکي تو کڙڪي واري، ڪاري، بدبودار مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو (وڏائي سان) چوڻ لڳو، آءُ اهڙو ويل ته نه آهيان جو هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي سجدو ڪري وهان جنهن کي تو سڙيل (ٺڪري جيان) کڙڪندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته ناهيان مان تانته سجدو ڪيان ان بشر لاءِ جو پيدا ڪيو تو ان کي کڙڪندڙ گنديءَ ڳوهيل مٽيءَ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته آءُ ڪڏهن به اهڙي ماڻهوءَ کي سجدو ڪرڻ وارو نه آهيان جنهن کي تو چيڪي مٽيءَ مان جا ڪاري (۽) سڙيل هئي پيدا ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ابليس) چيو: ”آءٌ اهڙو ناهيان جو ان بشر کي سجدو ڪيان جنهن کي تو چيڪي (وڄندڙ) مٽي جا ڪاري (۽) سڙيل هئي مان پيدا ڪيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اي اِبلـِيس! توکي آهي، ڇا ٿيو؟ ته ٿيئـِين نه خَرخَبِيث!، ساٿِي سَجدي ڏِيندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”آءُ سڙيل گاري جي وڄندڙ مٽيءَ مان تنهنجي ٺاهيل انسان کي سجدو ڪري نٿو سگهان!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن جواب ۾ چيو: "منهنجو اهو شان ناهي ته مان هڪ بشر کي سجدو ڪريان، جنهن کي تو ڪــِـني ٿيل گاري جي ٺوٺ سڪل مٽيءَ منجهان خلقيو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيائين، منهنجو هي ڪم ناهي جو سجدو ڪريان ان بشر کي جنهن کي تو خلقيو آهي ڪِني ڳريل مٽيءَ جي سُڪل گاري منجهان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جواب ۾ ابليس) چيو ته (سائين!) مان تنھنجي طرفان ڪاري سڙيل چيڪي مٽيءَ مان پيدا ٿيل انسان کي سجدو نٿو ڪري سگهان.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 34) |
(الله) فرمايو ته اُن (بھشت) مان نڪر ڇوته تون تڙيل آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حڪم ٿيو ته، جيڪڏهن ائين آهي ته هتان نڪري وڃ جو تون تڙيل ٿئين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله فرمايو تون بهشت مان نڪري وڃ پوءِ بيشڪ تون تڙيل آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (خدا) فرمايو ته پوءِ تون هتان (جنت مان) نڪري وڃ! ڇو ته تون تڙيل آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (اللھ) فرمايو، پوءِ نڪر تون ان مان پوءِ بيشڪ تون تڙيل آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته پوءِ تون هتان (جنت مان) نڪري وڃ ڇو ته تون تڙيل آهين، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) فرمايو: ”پوءِ هن (جنت) مان نڪر پوءِ بيشڪ تون تڙيل آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اِئَ نَه مُنهنجِي ڪار، تَه نَمان اُن انسان کي، جوڙيئــِي جِنهن جَبَّار!، مارِيل گَندِئَ گَپ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ” تڏهن هن مان نڪري وڃ، جو تون تڙيل آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رب چيس: "چڱو پوءِ نڪر هتان تون مردود آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) رب فرمايو، چڱو تون نڪري وڃ هتان ڇاڪاڻ ته تون تڙيل آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اللھ تعالى) چيس ته (چڱو اھا ڳالھ آھي ته) تون ھتان ٽري وڃ. بيشڪ توکي نيڪالي ڏني وڃي ٿي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ عَلَيكَ اللَّعنَةَ إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 35) |
۽ توتي قيامت تائين لعنت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جزا ۽ سزا جي ڏينهن تائين توتي لعنت پئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توتي قيامت جي ڏينهن تائين لعنت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پڪ تو تي ڏينهن قيامت تائين ڦٽڪار وسندي رهندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ توتي لعنت آهي قيامت جي ڏينهن تائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ توتي قيامت جي ڏينهن تائين لعنت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ تنهنجي مٿان بدلي واري ڏينهن تائين لعنت آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پوءِ نِڪر اِن مَنجھان تَڙيل تون تڪرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توتي ڏينهن قيامت تائين لعنت آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توتي حساب ڪتاب جي ڏينهن تائين لعنت آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ هاڻي توتي لعنت آهي قيامت جي ڏينهن تائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ تنھنجي مٿان قيامت تائين لعنت پيل هوندي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 36) |
(ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن چيو ته، اي خدا مون کي انهيءَ ڏينهن تائين مهلت ڏي جنهن ڏينهن انسانن کي (ٻيهر) اٿاريو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابليس چيو اي منهنجا رب پوءِ تون مون کي قيامت جي ڏينهن تائين مهلت ڏي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (شيطان) چيو، اي منهنجا پالڻهار چڱو! مون کي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي جنهن ۾ (ماڻهن کي ٻيو ڀيرو جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! پوءِ مهلت ڏي مونکي ان ڏينهن تائين جو اٿاريا ويندا. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ابليس چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! پوءِ تون مون کي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ابليس) چيو: ”اي منهنجا مالڪ! پوءِ مون کي مُهلت ڏي ان ڏينهن تائين جنهن ۾ (مُردا جيئرا ڪري) اٿاريا ويندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏيھ شَرع جي، ڏِينهن سِين، توڻي ڌُوڻ ڌِڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي ڌڻي! تڏهن مون کي ڏينهن قيامت تائين مهلت ڏي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چيو: "منهنجا رب! ائين آهي ته پوءِ مونکي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي جڏهن سڀئي ماڻهو وري اٿاريا ويندا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن عرض ڪيو، منهنجا رب! اها ڳالهه آهي ته پوءِ مهلت ڏي ان ڏينهن تائين جڏهن سڀ (انسان اٿاريا) ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ابليس چيو ته منھنجا پالڻھار! مون کي قيامت تائين (ڊگهي عمر ڏيئي) مھلت عطا فرماءِ.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 37) |
(الله) فرمايو ته تون بيشڪ مُھلت ڏنلن مان آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خدا تعالي! فرمايو ته، هائو توکي مهلت ڏجي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله فرمايو بيشڪ توکي ان مقرر وقت (قيامت) تائين موڪل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا فرمايو تو کي مهلت ڏني ويئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (الله) فرمايو ته پوءِ بيشڪ تون مهلت ڏنلن مان آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ۾ کين جيئرو ڪري اٿاريو ويندو. الله فرمايو ته پوءِ بيشڪ تون مهلت ڏنلن مان آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) فرمايو: ”پوءِ بيشڪ تون مهلت ڏنلن مان آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مُهلت ڏِينمِ تِنهن مَهل سِين، سانيم رَبَّ؛ ستّار! تان اِهي اُٿاريا وَڃن، قَبرن مان قطار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”توکي مهلت ڏني ويئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين: "چڱو توکي مهلت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرمايو (رب) چڱو توکي ان ڏينهن تائين مهلت آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى فرمايو ته: توکي مھلت ڏني وڃي ٿي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 38) |
ٺھرايل وقت واري ڏينھن تائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان مقرر وقت جي ڏينهن تائين (ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ٺھرايل وقت واري ڏينھن تائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مقرر ٿيل وقت جي ڏينهن تائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تائين ڏينهن وقت معلوم جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مقرر ڪيل وقت جي ڏينهن تائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڄاتل وقت واري ڏينهن تائين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان اِهي اُٿاريا وَڃن، قَبرن مان قطار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مقرر وقت جي ڏينهن تائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏينهن تائين جنهن جو وقت اسانکي معلوم آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن جو وقت اسان کي معلوم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙي وقت تائين جيڪو (اسان جي طرفان) مقرر ٿيل آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبِّ بِما أَغوَيتَنى لَأُزَيِّنَنَّ لَهُم فِى الأَرضِ وَلَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 39) |
(ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار تو جو مون کي گمراہ ڪيو آھي تنھنڪري آءٌ انھن لاءِ زمين ۾ (گناھن کي) ضرور سينگاريندس ۽ (ٻـين) سڀني کي گمراہ ڪندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن چيو ته، اي خدا جيئن ته تو منهنجي لاءِ (ڇوٽڪاري ۽ سعادت جي) واٽ بند ڪري ڇڏي آهي، تنهن ڪري هاڻي مان ضرور هيئن ڪندس جو زمين ۾ انهن (ماڻهن) جي لاءِ (ڪوڙيون) زينتون بنائيندس (جن جي پٺيان لڳي هو بڇڙا ڪم ڪندا) ۽ (حق جي راهه کان) کين گمراهه ڪندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابليس چيو اي منهنجا رب قسم سان تو مون کي گمراه ڪيو، آئون انهن کي زمين ۾ ڀلائيندس ۽ ضرور آئون انهن سڀني کي گمراه ڪندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) شيطان چيو اي منهنجا پالڻهار! جيئن ته تون مون کي رستي کان الڳ ڪيو، آءُ به انهن لاءِ دنيا ۾ (گناهن کي) سينگاريندس ۽ انهن سڀني کي ضرور گمراھ ڪندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! ان سبب جي ڪري جو تو مون کي گمراھ ڪيو آهي البته ضرور سينگاريندس انهن لاءِ (گناهن کي) زمين ۾ ۽ البته ضرور گمراھ ڪندس سڀني کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ابليس چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! تو جو مون کي گمراهه ڪيو آهي تنهن ڪري آءٌ انهن لاءِ زمين ۾ (گناهن کي) سينگاريندس ۽ انهن سڀني کي گمراهه ڪندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ابليس) چيو: ”اي پالڻهار! تو جو مون کي گمراهه ڪيو آهي تنهنڪري آءٌ به انهن لاءِ زمين ۾ (بدي) کي سينگاريندس ۽ انهن سڀني کي ضرور گمراهه ڪندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تون مُهلتيَن مان مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي ڌڻي! تو جو مون کي گمراهه ڪيو آهي، ان ڪري آءُ به انهن لاءِ زمين کي سهڻو ڪندس ۽ پڻ سڀن کي ضرور گمراهه ڪندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چيو: "منهنجا رب! جيئن تو مونکي ڀٽڪايو آهي، تيئن مان به انهن لاءِ زمين ۾ ڪشش جا سامان پيدا ڪري انهن سڀني کي ڀٽڪائيندس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيائين، منهنجا رب! جيئن تو مون کي گمراهه ڪيو تيئن هاڻي آئون ان (آرام) جي لاءِ زمين تي زيب ۽ زينت پيدا ڪري ان کي گمراهه ڪندس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ابليس چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! جيئن ته تنھنجي طرفان هاڻي منھنجي لاءِ حق جي راهه بند ٿي چڪي آھي سو مان به انهن سڀني انسانن کي حق جي راهه کان ھٽائي ڇڏيندس ۽ کين زمين ۾ گناهه جي ڪمن کي سھڻو ڪري ڏيکاريندس.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 40) |
سواءِ اُنھن تنھنجن ٻانھن جي جي سچا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر انهن ۾ جيڪي تنهنجا سچا مخلص ٻانها هوندا (مان ڄاڻان ٿو ته) منهنجي برغلائڻ جي ڄار ۾ نه ڦاسندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تنهنجي مخلص ٻانهن کان علاوه(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهنجن انهن عبدن کان سواءِ جي انهن مان تنهنجا مخلص (بندا) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر ٻانهن تنهنجن کي انهن مان (جيڪي) سچا (هوندا) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تنهنجن انهن ٻانهن کان سواءِ جي انهن مان (تنهنجا) پسند ڪيل آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ تنهنجي انهن ٻانهن جي جيڪي چونڊيل آهن“. (يعني انبياءُ و اولياء)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي مون کي مُنجھايئـِي، تنهنجو قَسم سَندمِ ڪلتار، ته ڏِيندسِ بديُنِ کي ڀُونء، سَندنِ لئي سِينگار، ۽ مُنجھائي مِڙن کي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهنجي سچن ٻانهن کان سواءِ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سواءِ تنهنجي انهن ٻانهن جي جن کي تو انهن مان خالص پنهنجو ڪيو هوندو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ تنهنجن ٻانهن جي، جن کي تو خالص ڪيو هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سواءِ تنھنجي مخلص ٻانھن جي جيڪي انهن ۾ موجود ھوندا (سي منھنجي ڪاري وار کان بچي ويندا).(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ هٰذا صِرٰطٌ عَلَىَّ مُستَقيمٌ (آيت : 41) |
(الله) فرمايو ته ھيءَ سڌي واٽ آھي مون تائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله تعاليٰ) فرمايو ته، بس اهائي سڌي راهه آهي جا مون وٽ پهچائڻ واري آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو هي منهنجي طرف سڌو رستو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا فرمايو ته اها ئي راھ سڌي آهي جا مون تائين _(پهچي) ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايو (الله ته) هي رستو مون ڏانهن سڌو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته هيءَ (اخلاص) مون تائين سڌو رستو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) فرمايو: ”هي رستو جيڪو مون تائين سڌو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نَيندسِ نِگُو سار، تُنهنجي ٻانهنِ ڌار، آجا تُنهنجا، اُنهن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هي مون ڏانهن سڌو رستو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين: "اهو (اخلاص) مون تائين پهچڻ جو سڌو رستو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرمايو (رب) اهو رستو سڌو آهي جيڪو مون تائين پهچي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى فرمايو ته: اھوئي ھڪ خلوص وارو رستو آھي جيڪو سڌو مون تائين پھچي ٿو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ عِبادى لَيسَ لَكَ عَلَيهِم سُلطٰنٌ إِلّا مَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 42) |
گمراھن مان جن تنھنجي تابعداري تنھن کان سواءِ (ٻـين) منھنجن ٻانھن تي تنھنجو ڪو زور نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ جيڪي منهنجا (مخلص) ٻانها آهن، تن تي تنهنجو ڪجهه به زور نه هلندو، فقط انهن تي تنهنجو زور هلندو جيڪي (خدا جي ٻانهپ واري) راهه کان نڪري گمراهه ٿي تنهنجي پٺيان لڳندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ منهنجي ٻانهن تي تنهنجي ڪابه حجت نه هلندي، سواءِ انهن جي جيڪي گمراهي ۾ تنهنجي تابعداري ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جيڪي منهنجا (مخلص) بندا آهن ان تي تو کي ڪنهن طرح جي حڪومت نه آهي، سواءِ انهن گمراهن جي جن تنهنجي پيروي ڪئي (انهن تي تنهنجو زور هلندو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ منهنجا ٻانها ناهي تنهنجو انهن تي ڪو غلبو مگر جيڪو تابع ٿيو تنهنجو گمراهن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ منهنجن ٻانهن تي تنهنجي ڪا حڪومت نه آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ منهنجي (چونڊيل) ٻانهن تي تنهنجو ڪو زور نه هلندو سواءِ انهن گمراهن جي جيڪي تنهنجي پٺيان هليا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سَنئون سَنواٽو مون ڏي، هِي آهي، گھاڙُو گَس، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ منهنجي ٻانهن تي توکي ڪو به زور ڪونهي، سواءِ گمراهن جي، جي تنهنجا تابعدار ٿيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ جيڪي منهنجا سچا پچا ٻانها آهن، انهن تي تنهنجو ڪوبه وَس نه هلندو. تنهنجو وس ته رڳو انهن ڀٽڪيل ماڻهن تي ئي هلندو، جيڪي تنهنجي پٺيان لڳندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ منهنجن حقيقي بندن تي تنهنجو وس نه هلندو، تنهنجو وس ته رڳو انهن گمراهه ماڻهن تي هلندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجو زور منھنجي مخلص ٻانھن تي ھلي ئي نه سگهندو، تنھنجو زور انهن ماڻهن تي هلندو جيڪي گمراهه ٿي تنھنجي پيروي ڪرڻ لڳندا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوعِدُهُم أَجمَعينَ (آيت : 43) |
۽ اُنھن مڙني گمراھن جي انجام واري جاءِ دوزخ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن سڀني جي لاءِ جهنم جي عذاب جو واعدو آهي (جو ڪڏهن به ٽرڻ وارو ناهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ انهن سڀني جي جاءِ جهنم هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (هاءُ! هي به ياد رهي ته) انهن سڀني جي لاءِ (آخري) وعدو بس جهنم ئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ جھنم وعدي جي جاءِ انهن مڙني جي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سواءِ انهن گمراهن جي جن تنهنجي تابعداري ڪئي. ۽ بيشڪ انهن سڀني لاءِ وعدي ٿيل جاءِ جهنم آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ انهن سڀني جي لاءِ وعدي جي جاءِ دوزخ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَندمِ سَچن ٻانهن تي، وارنَه، تُنهنجو وَس، مگر لَڳو لَڙھ تُنهنجي، جيڪو ڀُلين مان بَس، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن سڀني لاءِ انجام ٿيل جاءِ جهنم آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن سڀني لاءِ جهنم جو وعيد (انجام) آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي تنهنجي پيروي ڪندا، ۽ بيشڪ دوزخ انهن سڀني جو انجام آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ بيشڪ اھڙن سڀني ماڻهن لاءِ جھنم جو انجام آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَها سَبعَةُ أَبوٰبٍ لِكُلِّ بابٍ مِنهُم جُزءٌ مَقسومٌ (آيت : 44) |
اُن کي ست دروازا آھن، ھر ڪنھن دروازي لاءِ انھن مان وراھيل ڀاڱو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان جهنم کي ست دروازا آهن. انهن (دوزخين) جي هرهڪ ٽوليءَ جي حصي ۾ هڪ دروازو ايندو (جنهن مان لنگهي جهنم ۾ داخل ٿيندا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جهنم جا سَتَ دروازا هوندا، هر هڪ دروازي لاءِ (جهنمين جا) ڀاڱا مقرر ڪيل هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن جا ست دروازا هوندا. هر دروازي (۾ وڃڻ) لاءِ انهن گمراهن جي لاءِ جدا جدا ٽوليون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان جا ست دروازا آهن هڪ هڪ دروازي جي لاءِ انهن مان حصو ورهايل آهي. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان کي ست دروازا آهن. سڀ ڪنهن دروازي (مان داخل ٿيڻ) لاءِ انهن (دوزخين) مان هڪ جدا جدا ڪيل حصو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن کي ست دروازا آهن. هر دروازي لاءِ انهن (دوزخين) مان حصو ورهايل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَنجام آگ اَوَس، تن مِڙن مُوڙ هلن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن کي ست دروازا آهن، انهن مان هر ڪنهن دروازي لاءِ انهن جا حصا وراهيل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو (جهنم) جنهن جا ست دروازا آهن، هرهڪ دروازي کي انهن مان پنهنجو حـصو ورهائي ڏنل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان جا ست دروازا آهن انهن مان هڪ در (حصو) انهن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنهن جا ست دروازا آھن، ھڪ ھڪ دروازو سندن ڪردار مطابق ورھائي مقرر ڪيو ويو آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 45) |
بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ متقي (پرهيزگار) انسان (انهيءَ ڏينهن) باغن ۽ چشمن (جي عيش ۽ راحت) ۾ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ پرهيز گار باغن ۽ چشمن ۾ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پرهيزگار ته (بهشت جي) باغن ۽ چشمن ۾ ئي پڪ هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ پرهيزگار بهشتن ۽ چشمن ۾ هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ چشمن ۾ هوندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ چشمن ۾ رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهن سَت اُن جا، دَر، دَروازا ڌارو ڌار، هر دَروازي هارِ، جد جَماعت، تن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ نيڪ باغن ۽ چشمن ۾ هوندا- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻئي طرف متقي شخص باغن ۽ چشمن جي وچ ۾ هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ ان جي ابتڙ پرهيزگار ماڻهو باغن ۽ چشمن ۾ هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ٻئي طرف) پرھيزگار ماڻهو باغن ۽ وھندڙ چشمن وارين جاين ۾ رھندا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ادخُلوها بِسَلٰمٍ ءامِنينَ (آيت : 46) |
(کين چئبو ته) انھن ۾ بي فڪر ٿي سلامتيءَ سان گھڙو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن کي چيو ويندو ته) سلامتيءَ سان بي کٽڪي انهن باغن ۾ داخل ٿي وڃو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (فرشتا چوندا) توهان بهشت ۾ سلامتي ۽ امن سان داخل ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (داخل ٿيڻ وقت فرشتا کين چوندا ته) بي فڪر ٿي سلامتي سان انهن ۾ داخل ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) داخل ٿيو انهن ۾ سلامتيءَ سان امن وارا هوندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (کين چيو ويندو ته) بي فڪرا ٿي سلامتيءَ سان انهن ۾ داخل ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيو ويندو) ان ۾ سلامتي سان بي خوف بنجي داخل ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀليرا باغن ۾ ۽ چَشما ٻِيا چوڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چئبن) اوهين ان ۾ سلامتي ۽ بي ڊپائي سان داخل ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کين چيو ويندو ته ٿي وڃو انهن ۾ داخل سلامتيءَ سان، بنا ڪنهن خوف خطري جي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) داخل ٿي وڃو ان ۾ سلامتيءَ سان بنا خوف جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) کين چيو ويندو ته توھان سلامتي سان بي فڪرا ٿي انهن باغن ۾ داخل ٿي وڃو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ إِخوٰنًا عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 47) |
۽ سندن سينن ۾ جيڪي ڪينو ھوندو سو انھن مان ڪڍنداسين (ھڪ ٻئي جا) ڀائر ٿي آمھون سامھون تختن تي ويٺا ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن جي دلين ۾ جيڪي به (هڪٻئي سان) رنجشون هيون سي سڀ اسان ڪڍي ڇڏينداسين، اهي ڀائرن وانگر هڪ ٻئي جي سامهون تختن تي ويٺل هوندا (تختا نه، تخت).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسين بهشتين جي دلين مان ڪيني کي ٻاهر ڪڍنداسين، اهي پاڻ ۾ ڀائر ٿي تختن تي هڪ ٻئي جي سامهون ٿي ويهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (دنيا جي تڪليفن جو) جيڪو سندن دلين ۾ رنج هوندو تنهن کي به اسان ڪڍي ڇڏينداسون ۽ اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هر هڪ تخت تي اهڙي طرح ويٺا هوندا جهڙا پاڻ ۾ ڀائر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪڍنداسون جيڪو سينن انهن جي ۾ هوندو ڪينو ڀائر ٿي تختن تي سامهون وهندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندن سينن ۾ جيڪو ڪينو هوندو سو ڪڍي ڇڏينداسون، جو پاڻ ۾ ئي ڀائر ٿي تختن تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون (ويهندا) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جي سينن ۾ جو ڪينو هوندو سو ڪڍي ڇڏينداسين. پاڻ ۾ ڀائر بنجي تختن تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ويهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَلامتِي ۽ سُک سان ڪريو مَنجھ قرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان هنن جي سينن مان ڪينو ڪڍي ڇڏيو، جو ڀائر بڻجي آمهون سامهون تختن تي ويهندا_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن دلين ۾ جيڪو ٿورو کوٽ هوندو، تنهنکي اسان ڪڍي ڦٽو ڪنداسون، هو پاڻ ۾ ڀائر بڻجي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون تـختن تي ٿي ويهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪا کوٽ ڪپت هوندي سا سندن دلين مان اسان ڪڍي ڇڏينداسين. اهي ڀاءُ ڀاءُ وانگر آمهون سامهون تختن تي ويٺل هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن پرھيزگارن جي وچ ۾ ھڪ ٻئي سان جيڪا ٿوري گهڻي رنجش ھوندي ان کي اسان ختم ڪري ڇڏينداسين پوءِ ھو مٿانهن تختن تي ڀائرن وانگر ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي ويٺا ھوندا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَمَسُّهُم فيها نَصَبٌ وَما هُم مِنها بِمُخرَجينَ (آيت : 48) |
اُتي کين نڪو ڏک پھچندو ۽ نڪي اُتان ڪڍيا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اتي ڪنهن به طرح جو صدمو انهن کي ڇهي به نه سگهندو، نڪي اتان ڪڏهن به ڪڍيا ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن کي بهشت ۾ ڪابه تڪليف نه پهچندي ۽ نه ئي اهي بهشت مان ٻاهر ڪڍيا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) کين جنت ۾ ڪا تڪليف ويجهو به نه ايندي ۽ نه ڪڏهن ان مان ڪڍيا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه پهچندي انهن کي ان ۾ ڪا تڪليف ۽ نه اهي ان مان ڪڍيل هوندا. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اتي کين ڪا تڪليف نه پهچندي ۽ نه انهن مان کين ڪڍيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن کي ان (جنت) ۾ نه ڪا تڪليف پهچندي ۽ نه ئي ان مان ڪڍيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ساڙ سَندنِ سِينن مان، ڪياسون ڪَڍِي ٻَهار، ڀاءُ، بِرادر، ڀار، سَڀ سيڄڻ مَٿي سامهان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن کي انهي ۾ نڪا تڪليف پهچندي ۽ نه اهي انهيءَ مان ڪڍبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اتي کين نڪي ڪا تڪليف ڪرڻي پوندي ۽ نه وري هو اتان ڪڍيا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه اتي کين ڪنهن محنت سان واسطو پوندو ۽ نه وري اهي اتان ڪڍيا ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) کين ذَري جيتري به تڪليف محسوس نه ٿيندي ۽ نه ئي کين (ڪڏھن به) انهن باغن مان ڪڍيو ويندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نَبِّئ عِبادى أَنّى أَنَا الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 49) |
(اي پيغمبر) منھنجن ٻانھن کي خبر ڏي ته آءٌ بخشڻھار مھربان آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) منهنجي ٻانهن کي خبر ڏيئي ڇڏ ته بيشڪ مان ئي آهيان جو بخشڻ وارو ۽ رحم وارو آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان منهنجي ٻانهن کي ٻڌايو ته بيشڪ آئون ئي غفور رحيم آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) منهنجن ٻانهن کي آگاھ ڪر ته بيشڪ آءُ وڏو بخشڻهار مهربان آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خبر ڏي ٻانهن کي ته بلاشڪ مان ئي بخشڻهار، مهربان آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول !) منهنجن ٻانهن کي خبر ڏي ته آءُ ئي گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي) منهنجي ٻانهن کي خبر ڏي ته بيشڪ آءٌ ئي بخشڻهار ٻاجهارو آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لَڳٖي ڀڳٖي نه تن کي، نَڪو سدا تِنهن ۾ سُور، نه ڪِي مَنجھانسِ مُور، اُهي نيڪو ڪار، نِڪرڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منهنجي بندن کي خبر ڏي ته بيشڪ آءُ بخشيندڙ مهربان به آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! منهنجي ٻانهن کي ٻڌائي ڇڏ ته مان ڏاڍو معاف ڪري ڇڏيندڙ ۽ رحيم آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! منهنجي ٻانهن کي خبر ڏي ته آئون وڏو بخشڻهار مهربان آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) منھنجي ٻانھن کي ٻڌائي ڇڏ ته مان ئي وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھيان.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنَّ عَذابى هُوَ العَذابُ الأَليمُ (آيت : 50) |
۽ منھنجو عذاب ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ منهنجو عذاب وڏو دردناڪ عذاب ٿيندو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ منهنجو عذاب ئي دردناڪ عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر (تنهن سان گڏ هي به ياد رهي) ته منهنجو عذاب وڏو دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ عذاب منهنجو ئي دردناڪ عذاب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ منهنجو عذاب ئي هڪ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ منهنجو عذاب ئي ڏاڍو دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُڌ ڏي سَندمِ ٻانهن کي، ڀليرا! بيشڪ، ته آءٌ آهيان پَڪ، مَرهيندڙ ۽ مِهرڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ منهنجو عذاب به نهايت دردناڪ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر تنهن سان گڏ منهنجو عذاب به ڏاڍو دردناڪ عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر منهنجو عذاب به نهايت ئي ڏکوئيندڙ عذاب هوندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پر ٻئي پاسي اھو به ٻڌي ڇڏيو ته) منھنجو عذاب به تمام وڏو دردناڪ آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَبِّئهُم عَن ضَيفِ إِبرٰهيمَ (آيت : 51) |
۽ (اي پيغمبر) انھن کي ابراھيمؑ جي مھمانن جي خبر ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ کين حضرت ابراهيم جي مهمانن واري ڳالهه به ٻڌائي ڇڏ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان پنهنجي امت کي (حضرت) ابراهيم جي مهمانن جي خبر ٻڌايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ کين ابراهيم جي مهمانن جي خبر ٻڌائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ خبر ڏي انهن کي ابراهيم جي مهمانن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي رسول !) کين ابراهيم جي مهمانن جي خبر ٻڌاءِ، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽کين ابراهيم جي مهمانن جي خبر ٻڌاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻِي پڻ سَندمِ ٻانهن کي، ڏي سارٖي سُڌ صوب، ته مُنهنجو آهي عَذاب، اُهو سُون ڀَريو ساڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کين ابراهيم جي مهمانن جي به خبر ڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کين ابراهيم جي مهمانن جو قصو ٻڌاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کين ٻڌاءِ قصو ابراهيم جي مهمانن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن کي ابراھيم ($) جي مھمانن وارو واقعو ٻڌاءِ.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ دَخَلوا عَلَيهِ فَقالوا سَلٰمًا قالَ إِنّا مِنكُم وَجِلونَ (آيت : 52) |
جنھن مھل وٽس پھتا (تنھن مھل) چيائون سلام، ابراھيم چيو ته اسين اوھان کان ڊڄندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن اهي مهمان هن وٽ آيا تڏهن چيائون ته، توتي سلامتي هجي. حضرت ابراهيم چيو ته، اسان کي توهان بابت انديشو آهي (ته توهان الاجي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن انهن (فرشتن) ابراهيم وٽ پهچي السلام عليڪم چيو، ابراهيم چيو بيشڪ آئون توهان کان خوف ڪريان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جڏهن اهي ابراهيم وٽ آيا ته (اول) انهن سلام ڪيو ابراهيم (سلام جو جواب ڏئي) چيو اسان کي ته اوهان کان ڊپ ٿو لڳي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن داخل ٿيا ان وٽ پوءِ چيائون سلام فرمايو (ابراهيم ته) بلاشڪ اسين اوهان کان ڊڄندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن اهي ان وٽ آيا پوءِ سلام ڪيائون. ابراهيم چيو ته بيشڪ اسين اوهان کان ڊڄون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن اُهي وٽس آيا ته سلام چيائون (ابراهيم) چيو ته: ”بيشڪ اسان کي اوهان کان ڊپ لڳي ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِبراهِيم جي، اوپَرن جِي، ڪَر تن سان ڪَر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن هو وٽس آيا ته چيائون ”سلام!“ چيائين اسين اوهان کان ڊڄون ٿا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن هو وٽس آيا ۽ چيائون: "توتي سلامتي هجي" ته هن چين: "اسان کي توهان کان ڀؤ ٿو ٿئي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن اهي وٽس آيا ۽ چيائون، توتي سلام هجي. ته هن چيو بيشڪ مون کي توهان کان ڊپ ٿو ٿئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن اُھي مھمان وٽس پھتا ته انهن اچڻ سان ئي کيس سلام ڪيو (سلام جي جواب کان پوءِ ابراھيم $ عجيب قسم جي اوپرائپ ڏسي کين) چيو ته بيشڪ اسان کي توھان مان خوف محسوس ٿئي ٿو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا لا تَوجَل إِنّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمٍ عَليمٍ (آيت : 53) |
چيائون ته نه ڊڄ اسين توکي علم واري پُٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن چيو ته، ڊڄو نه، اسان ته اوهان کي هڪ علم واري فرزند جي ڄمڻ جي خوشخبري ٿا ٻڌايون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرشتن چيو تون خوف نه ڪر بيشڪ اسين توکي گھڻي علم واري پٽ جي مُبارڪ ڏيون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هنن چيو بلڪل نه ڊڄ! (ڇو ته) اسين ته تو کي هڪ دانا (۽ بينا) فرزند (جي پيدائش) جي خوش خبري ڏيون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون نه ڊڄ بيشڪ اسين بشارت ڏيون ٿا توکي پٽ ڄاڻندڙ جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته نه ڊڄ! بيشڪ اسين توکي علم واري پٽ جي خوشخبري ڏيون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”ڊپ نه ڪر بيشڪ اسان تو کي علم واري پُٽ (جي ڄمڻ) جي خوشخبري ڏيون ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن آيسِ اوچتو، سَلام چَيئون تنهن سِر، چيٖ، آئون اَوهان ڀَر، ڏَرندڙ آهيان ڏِيل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”ڊڄ نه، اسين توکي علم واري پٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هنن جواب ڏنو: "ڊڄ نه، اسان ته توکي هڪ ڏاڍي ڄاڻ ڀري پٽ جي خوشخبري ٿا ڏيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جواب ڏنو، ڊڄ نه اسان توکي خوشخبري ڏيون ٿا هڪ وڏي سياڻي ڇوڪري جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنھن تي انهن چيو ته: تون نه ڊڄ، اسان ته توکي ھڪ علم واري (ذھين) پٽ جي خوشخبري ٻڌايون ٿا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَبَشَّرتُمونى عَلىٰ أَن مَسَّنِىَ الكِبَرُ فَبِمَ تُبَشِّرونَ (آيت : 54) |
(ابراھيم) چيو ته مون کي ھن ھوندي به مبارڪ ڏيو ٿا جو مون کي ٻڍاپڻ پھتي آھي پوءِ ڪھڙي طرح مُبارڪ ڏيو ٿا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت ابراهيم چيو ته، مون کي هن ڳالهه جي خوشخبري ٿا ڏيو جڏهن (ته) مون تي پوڙهائي اچي چڪي آهي. ڪهڙي اميد هاڻي رهي آهي جو هيءَ خوشخبري مونکي ٻڌايَوَ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابراهيم چيو ڇا توهان مون کي پيرسنيءَ ۾ مبارڪ ڏيو ٿا، (هاڻي) توهان مون کي ڪهڙي مبارڪ ڏيو ٿا !(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ابراهيم چيو ته ڇا اوهين مون کي (پٽ ٿيڻ جي) خوش خبري ڏيو ٿا جو مون کي پير سني پهتي آهي، پوءِ ڇا جي خوش خبري ڏيو ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته: ڇا بشارت ڏيو ٿا مونکي هن حال ۾ جو پهتي مونکي ٻڍائپ پوءِ ڇاجي ٿا بشارت ڏيو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ابراهيم چيو ته ڇا اوهين مون کي هن هوندي به خوشخبري ڏيو ٿا جو مون کي پيرسني پهتي آهي پوءِ ڇاجي خوشخبري مون کي ڏيو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ابراهيم چيو: ”ڇا اوهان مون کي ان حال ۾ خوشخبري ڏيو ٿا؟ جو مون کي ڪراڙپ اچي چڪي آهي سو اوهان ڇا جي خوشخبري ٿا ڏيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، وَهم نه ڪر ڪو وِير!، اَسِين توکي ٿا ڏِيون، خُوشحالِي ۽ کِير، سَمجھدارسَپُوت جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”ڇا، مون کي پوڙهائيءَ هوندي به ٿا مبارڪ ڏيو؟ پوءِ ڀلا ڪيئن ٿا مبارڪ ڏيو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ابراهيم چيو: "ڇا توهان مونکي هن ڪراڙپ ۾ اولاد جي خوشخبري ٿا ڏيو؟ ڪجهه سوچيو ته سهين ته اها ڪهڙي خوشخبري ٿا مونکي ڏيو؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ابراهيم چيو، ڇا توهان خوشخبري ڏيو ٿا اولاد جي مون کي هن پوڙهائپ ۾ پوءِ ڏسو هي ڪهڙي خوشخبري ٿا مون کي ڏيو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ابراھيم $ ) چيو ته ڇا توھان مون کي ھن پوڙھائپ واري حالت ۾ خوشخبري ٻڌايو ٿا، اھا وري ڪھڙي خوشخبري آھي، جيڪا مون کي ٻڌائي رھيا آھيو؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا بَشَّرنٰكَ بِالحَقِّ فَلا تَكُن مِنَ القٰنِطينَ (آيت : 55) |
چيائون ته توکي جائي مبارڪ ڏيون ٿا تنھنڪري نا اُميدن مان نه ٿيءُ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن چيو ته، اسان توکي سچائي سان خوشخبري ٻڌائي آهي، پوءِ توکي نا اميد نه ٿيڻ گهرجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرشتن چيو اسين توکي سچي بشارت ڏيون ٿا پوءِ تون نااميدن مان نه ٿيءُ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن فرشتن چيو اسان تو کي بلڪل سچي خوش خبري ڏني آهي ته تون (خدا جي بارگاھ مان) نااميد نه ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته بشارت ڏني اسان توکي سچي پوءِ نه هج نا اميدن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته اسان توکي سچي خوشخبري ڏني آهي پوءِ نااميدن مان نه ٿيءُ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اسان تو کي سچي خوشخبري ڏني آهي، سو تون نا اميدن مان نه ٿيءُ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڪِ مُبارڪ مُون ڏِيو، هِن حال سَندمِ تي هاڻ، ته پِيرِئَ پُهتسِ پاڻ، پوءِکيرون ڏيومِ خير جون؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اسين توکي سچي مبارڪ ٿا ڏيون، ان ڪري تون نا اميد نه ٿيءُ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن وراڻي ڏني: "اسان توکي سچي خوشخبري ٿا ڏيون، تون نااميد نه ٿيءُ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن چيو، خوشخبري سچي ٿا ڏيون توکي، تون مايوس نه ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جواب ۾ انهن (مھمانن) چيو ته اسان واقعي توکي سچي خوشخبري ٻڌايون ٿا، توھان مايوسي جو اظھار نه ڪريو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ وَمَن يَقنَطُ مِن رَحمَةِ رَبِّهِ إِلَّا الضّالّونَ (آيت : 56) |
(ابراھيمؑ) چيو ته پنھنجي پالڻھار جي رحمت کان گُمراھن کانسواءِ (ٻيو) ڪير نا اُميد ٿيندو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت ابراهيم چيو ته، (مان الله جي رحمت کان نا اميد ڪونه آهيان ڇو ته) گمراهن کان سواءِ ڪير آهي، جو پنهنجي پروردگار جي رحمت کان مايوس ٿي سگهي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) ابراهيم چيو ته رب جي رحمت مان گمراهن کان سواءِ ڪير به نااميد نٿو ٿئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ابراهيم چيو ته پنهنجي پالڻهار جي رحمت کان گمراهن کان سواءِ (ٻيو) ڪير نا اميد ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته ۽ نه ٿا نا اميد رهن رحمت رب پنهنجي جي کان مگر گمراھ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ابراهيم چيو ته پنهنجي پاليندڙ جي رحمت کان گمراهن کانسواءِ (ٻيو) ڪير نااميد ٿيندو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ابراهيم) چيو: ”پنهنجي پروردگار جي رحمت مان ڪير ٿو نا اميد ٿئي! سواءِ گمراهن جي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، توکي ڏِنِي سون مُبارڪِي صَحِي ۽ ثابِت، پوءِ بِلڪُل تِنهن بابت، نااُميدن مان نَه ٿِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”منهنجي رب جي رحمت کان گمراهن بنا ٻيو ڪير نا اميد ٿيندو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ابراهيم چين: "پنهنجي رب جي رحمت کان مايوس ته اهي ٿيندا آهن، جيڪي گمراهه هوندا آهن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ابراهيم چيو، منهنجي رب جي رحمت کان اهي مايوس نه ٿيندا آهن سواءِ گمراهه ماڻهن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جواب ۾ ابراھيم $ ) چيو ته ( هونئن ته مون کي پوڙھائپ ۾ پُٽ جي خوشخبري ٻڌندي تعجب پئي ٿيو پر) پنھنجي پالڻھار جي رحمت کان رڳو گمراهه ماڻهو ئي مايوس ٿيندا آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَما خَطبُكُم أَيُّهَا المُرسَلونَ (آيت : 57) |
(وري ابراھيمؑ) چيو ته اي موڪليل (ملائڪو) اوھان جو ڪھڙو ڪم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري هن پڇيو ته، توهان ڇو موڪليا ويا آهيو؟ سو اوهان کي (ٻيو) ڪهڙو ڪم درپيش آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابراهيم چيو اي فرشتا توهان ڪهڙي ڪم سان آيا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (وري) ابراهيم چيو اي (خدا جا موڪليل (ملائڪ!) اوهان جو (ٻيو) ڪهڙو ڪم آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته پوءِ ڪهڙو ارادو اوهان جو آهي اي موڪليل قاصدو! .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ابراهيم چيو ته پوءِ اي (الله جا) موڪليل (ملائڪ) اوهان جو (ٻيو) ڪهڙو ڪم آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ابراهيم) پڇيو: ”اي موڪليل (ملائڪو) اوهان جو (ٻيو) ڪهڙو ڪم آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَراڻيئـِين تِنهن وٖير، ته سائـِين سَندسِ جي ٻاجھ مان، اُميد نه لاهي ڪير، مگر مُوڙهل مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پڇيائين ”اي ملائڪ! ڪهڙي ڪم سان آهيو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ابراهيم پڇين: "اي (الله جا) موڪليل ملائڪو، ڪهڙي مهم تي نڪتا آهيو؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ابراهيم پڇيو، اي الله جا موڪليل ملائڪؤ! اها ڪهڙي مهم آهي جنهن لاءِ توهان آيا آهيو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ابراھيم $ ) کانئن پڇيو ته اي ملائڪو! توھان کي ٻئي ڪھڙي معاملي لاءِ موڪليو ويو آھي؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومٍ مُجرِمينَ (آيت : 58) |
چيائين ته اسين ڏوھارين جي قوم ڏانھن موڪليل آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن چيو ته، اسان هڪ گنهگار قوم جي طرف موڪليا ويا آهي، (جي تباهه ٿيڻ وارا آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرشتن چيو بيشڪ اسين هڪ مجرم قوم ڏانهن (عذاب لاءِ) موڪليا ويا آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيو ته بيشڪ اسان کي (لوط جي) گنهگار قوم ڏي (عذاب نازل ڪرڻ لاءِ) موڪليو ويو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عرض ڪيائون ته بلاشڪ اسين موڪليا ويا آهيون مجرم قوم ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته بيشڪ اسان کي (لوط جي) گنهگار قوم ڏي موڪليو ويو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”بيشڪ اسان کي ڏوهاري قوم ڏانهن موڪليو ويو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مَلڪ مُرسل! اَهنجو، ڪِهڙو هِت ڪَم ڪار؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اسين ڏوهارين جي قوم ڏي موڪليل آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چيائون: "اسان هڪ ڏوهاري قوم ڏانهن موڪليا ويا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن چيو، اسان موڪليا ويا آهيون هڪ ڏوهاري قوم ڏانهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جواب ۾ چيو ته بيشڪ اسان کي (لوط $ جي) ڏوھاري قوم ڏانھن (عذاب ڏيڻ لاءِ) موڪليو ويو آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا ءالَ لوطٍ إِنّا لَمُنَجّوهُم أَجمَعينَ (آيت : 59) |
مگر لُوط جي گھر وارا، جن مڙني کي اسين ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر هڪ خاندان اتي حَضرت لوط جو آهي ان خاندان جي سڀني ڀاتين کي اسان بچائي وٺنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) لُوط جي گھراڻي وارن کانسواءِ، جن مڙني کي اسين ضرور بچائيندڙ آھيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سواءِ لوط جي گهروارن جي بيشڪ اسين انهن سڀني کي ضرور بچائينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر لوط جي آل يقينًا اسين البته ڇڏائيندڙ انهن جا آهيون مڙني جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سواءِ لوط جي گهر وارن جي. بيشڪ اسين لوط جي سڀني گهر وارن کي بچائڻ وارا آهيون، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ لوط جي گهراڻي جي. بيشڪ اسان انهن سڀني کي بچائينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُماڻيل آهيون، ڪنهن پَهر، بُڇڙي پار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سواءِ لوط جي خاندان جي، (الله فرمايو آهي ته) اسين انهن سڀني کي بچائينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ۾ لوط جا گهر وارا شامل ناهن، جن سڀني کي اسان بچائي وٺنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) رڳو لوط جا گهر وارا ڇڏيل آهن، بيشڪ انهن سڀني کي بچائينداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) صرف لوط ($) جي گهر وارا جيڪي ڏوھاري قوم ۾ شامل نه آھن، تن سڀني کي اسان بچائينداسين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنا إِنَّها لَمِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 60) |
سواءِ سندس زال جي جنھن لاءِ ٺھراء ڪيوسون ته اُھا رھيلن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر سندس زال نه بچندي. هن جي لاءِ اسان جو اندازو ٿي چڪو آهي ته هوءَ پٺتي رهندڙن سان شامل ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سواءِ سندس زال جي جنھن لاءِ طئي ڪيوسون تہ اُھا رھيلن مان آھي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر سندس زال جنهن کي اسان مقرر ڪيو آهي ته اها ضرور (پنهنجن ٻارن کان) پٺتي (عذاب ۾) رهجي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر زال ان جي مقدر ۾ رکيو اسان ته بلاشڪ اها پوئتي رهلين مان آهي. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سواءِ سندس زال جي جا اسان مقرر ڪيو آهي ته اها پوئتي رهيلن مان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ سندس زال جي اسان طئي ڪيو آهي ته بيشڪ اها ضرور پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بِنا ڀاتِيُن لُوط جي، ڪَنداسون بَرقرار، آجو اُن سڀن کي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سواءِ سندس زال جي، ان لاءِ اسان مقرر ڪيو آهي ته هوءَ پوئتي رهندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سواءِ سندس زال جي، جنهن جو مقدر (الله ٿو فرمائي ته) اسان اهو ڪيو آهي ته هوءَ پوئتي رهجي وڃڻ وارن ۾ شامل هوندي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ ان جي زال جي، جنهن لاءِ (الله فرمايو) اسان مقدر ڪيو آهي ته اها پوئتي رهڻ وارن ۾ هوندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) باقي سندس گهر واريءَ لاءِ (اللھ تعالى جو ) فيصلو آھي ته اھا (پنھنجي عمل جي ڪري) پوئتي رھڻ واري (ڏوھاري) قوم ۾ ئي شامل رھندي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا جاءَ ءالَ لوطٍ المُرسَلونَ (آيت : 61) |
پوءِ جنھن مھل موڪليل (ملائڪ) لُوط جي گھراڻي وارن ڏانھن آيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن اهي موڪليل (فرشتا) حضرت لوط جي خاندان وٽ آيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن (حضرت) لوط وٽ فرشتا (عذاب وارا) آيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته جڏهن (اهي خدا جا) موڪليل (فرشتا) لوط جي گهر وارن وٽ آيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن آيا لوط جي خاندان وٽ موڪليل ملائڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن لوط جي گهر وارن وٽ موڪليل (ملائڪ) آيا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن لوط جي خاندان وٽ موڪليل (ملائڪ) آيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گَھر ڌَڃاڻيسِ ڌار، ڪيوسُونسِ شُـمار، پوين پَساه وارن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن ملائڪ لوط جي گهراڻي وٽ آيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن اهي موڪليل (ملائڪ) لوط جي گهر پهتا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن اهي موڪليل فرشتا لوط وٽ پهتا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏھن ملائڪ لوط ($) جي گهر پھتا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ إِنَّكُم قَومٌ مُنكَرونَ (آيت : 62) |
(تنھن مھل لُوط) چيو ته اوھين اوپري قوم آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تڏهن حضرت لوط کين چيو ته، توهان ته ڪي ڌاريا ماڻهو ٿا ڏسجو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) لوط فرشتن کي چيو ته بيشڪ توهان ناواقف ماڻهو آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن لوط چيو اوهين ته (ڪي) اجنبي ماڻهو (ٿا معلوم) ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته فرمايائين بلاشڪ اوهان قوم اڻ سڃاتل آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تڏهن لوط چيو ته بيشڪ اوهين اڻ سڃاڻ ماڻهو آهيو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (لوط) چيو ته: ”بيشڪ اوهان اڻ سڃاتل (اجنبي لڳي رهيا) آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيا آل لُوط وَٽ، جنهن مَهل مَلڪ مِهمان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته چيائين ”اوهين اڻ واقف ماڻهو آهيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته هن چين: "توهان ته اوپرا ٿا لڳو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته ان چيو، بيشڪ توهان ماڻهو اوپرا ٿا لڳو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) لوط ($) کين چيو ته توھان ته اوپرا ماڻهو ٿا لڳو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا بَل جِئنٰكَ بِما كانوا فيهِ يَمتَرونَ (آيت : 63) |
چيائون ته (نه) بلڪ تو وٽ اُھو (عذاب) وٺي آيا آھيون جنھن ۾ (ڪافر) شڪ ڪندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن چيو ته، اها ڳالهه ناهي، بلڪ اسان تو وٽ اها ڳالهه کڻي آيا آهيون جنهن بابت ماڻهو شڪ آڻيندا هئا (يعني تباهيءَ جي خبر، جنهن تباهيءَ بابت هي ماڻهو مسخريون ڪندا هئا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرشتن چيو بلڪ اسين تو وٽ اهو (عذاب) کڻي آيا آهيون جنهن ۾ اهي شڪ ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيو ته (ائين نه آهي) پر اسان تو وٽ (تنهنجي گنهگار قوم لاءِ) اهو (عذاب) آندو آهي. جنهن ۾ اهي شڪ ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون بلڪه آندوسون تو وٽ اهو جنهن ۾ شڪ ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو (ائين نه آهي) پر اسان تو وٽ (تنهنجي گنهگار قوم لاءِ) اهو (عذاب) آندو آهي جنهن ۾ اهي شڪ پيا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: (ائين ناهي) ”بلڪه اسان تو وٽ اهو (عذاب) کڻي آيا آهيون جنهن ۾ اُهي (ڏوهاري) شڪ ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي؟ اَوهِين آهيو اوپرِي، جماعت جُوان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اسان اهو آندو آهي جنهن ۾ ڪافر شڪ ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هنن جواب ڏنو: "نه اصل ڳالهه اها آهي ته اسان اها شيءِ آندي آهي، جنهن جي اچڻ ۾ انهن شڪ پئي ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جواب ڏنو، نه پر اسان اها شيءِ کڻي آيا آهيون، جنهن لاءِ اهي ماڻهو شڪ ۾ پيل هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ملائڪن چيو ته: نه، اھڙي ڳالھ نه آھي اسان ته هڪ اھڙي معاملي لاءِ آيا آھيون جنھن جي باري ۾ ھي ماڻهو شڪ ڪري رھيا ھئا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَتَينٰكَ بِالحَقِّ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 64) |
۽ تو وٽ سچ سان آندو اٿون ۽ بيشڪ اسين ضرور سچا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان جو اچڻ هڪڙي حق جي ڳالهه لاءِ آهي ۽ اسان بيشڪ سچي ڳالهه ٿا ٻڌايون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسين تو وٽ سچ کڻي آيا آهيون ۽ بيشڪ اسين سچا آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان تو وٽ (عذاب جو) قطعي حڪم وٺي آيا آهيون ۽ اسين بلڪل سچ ٿا چئون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آندوسون تو وٽ پڪو امر ۽ بيشڪ اسين البته سچا آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان تو وٽ پڪي ڳالهه آندي آهي ۽ بيشڪ اسين سچا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان تو وٽ حق (جو فيصلو) کڻي آيا آهيون ۽ بيشڪ اسان سچار آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آيا سُونئـِي اُٽلندو، ساخبر کَڻِي خان!، شَڪ شُهبا جِنهن ۾، ڪَندا هُئاڪَفران، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان تو وٽ سچ آندو آهي ۽ اسين بلڪل سچ ٿا چئون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان توکي سچ ٿا ٻڌايون ته اسان تو وٽ حق سان آيا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان توکي ٻڌايون پيا سچ، ته اسان تو وٽ حق کڻي پهتا آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان توھان وٽ (اللھ تعالى جي طرفان) حق جو فيصلو کڻي آيا آھيون ۽ بيشڪ اسان سچا آھيون.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَاتَّبِع أَدبٰرَهُم وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ وَامضوا حَيثُ تُؤمَرونَ (آيت : 65) |
پوءِ پنھنجي ڪٽنب سميت راتو واھ نڪر ۽ (تون) سندن پويان ھل ۽ اوھان مان ڪو ھڪڙو (به) پوئتي نه واجھائي ۽ جتي حُڪم ڪيو اَٿون اتي وڃو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ گهرجي ته جڏهن ڪجهه رات اڃا رهيل هجي تڏهن پنهنجي گهر جي ماڻهن سان گڏ نڪري هليو وڃ، تون هنن جي پٺيان ٿي هلجانءِ ۽ هن ڳالهه جو خيال رکجانءِ ته ڪوبه مڙي پٺئين پاسي نه نهاري. جاڏي وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، تاڏي (رخ رکي) هلندا وڃن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ تون پنهنجي گھر وارن کي رات جي حصي ۾ ٻاهر ڪڍي وڃ ۽ تون انهن جي پويان وڃ ۽ توهان مان ڪو پويان ڦِري نه ڏسي، ۽ توهان اوڏانهن هليا وڃو جيڏانهن توهان کي حڪم ڪيو ويو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ تون پنهنجي گهر وارن کي رات ئي رات وٺي هليو وڃ ۽ تون انهن جي پٺيان هل ۽ اوهان مان ڪو به منهن ڦيري به ڏسي ۽ جتي اوهان کي حڪم ڏنل آهي (شام ڏي) اوڏانهن سڌا هليا وڃو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ راتئون رات هليو وڃ اهل پنهنجي سان حصي رات جي ۾ ۽ هل تون پويان پويان انهن جي ۽ نه پوئتي مڙي ڏسي اوهان مان ڪو هڪڙو ۽ هليا وڃو جتي امر ڪيا ٿا وڃو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ تون پنهنجي گهر وارن کي راتو رات وٺي هليو وڃ ۽ تون انهن جي پٺيان هل ۽ اوهان مان ڪوبه منهن ڦيري نه ڏسي ۽ جتي اوهان کي حڪم ڪيو وڃي ٿو اتي وڃو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سو تون پنهنجي گهراڻي کي رات جي ڪنهن حصي ۾ وٺي نڪر ۽ تون پاڻ انهن جي پويان پويان هل ۽ اوهان مان ڪوبه پوئتي نه واجهائي ۽ اوهان کي جتي وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي (اوڏانهن) وڃو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تو وٽ آندوسون اُن جي، فَنائـِئَ جو فرمان، ۽ اَسِين بي گمان، صَفا سَچا آهيون. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڪري تون پنهنجي ڪٽنب سميت راتو واهه نڪر، تون سندن پوئتان هل، اوهان مان ڪو به پوئتي نه نهاري ۽ جيڏانهن حڪم ٿيئو، هليا وڃو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري تون راتو واهه پنهنجي گهروارن کي ساڻ وٺي نڪري پئجانءِ ۽ پاڻ سندن پٺيان هلجانءِ ، توهان مان ڪوبه پوئتي نه ڏسي، بس سڌا اوڏانهن هليا وڃجو جيڏانهن توهان کي حڪم ڏنو پيو وڃي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تنهن ڪري تون پنهنجي گهر وارن کي وٺي نڪري وڃ ڪجهه رات باقي هجي، ۽ پاڻ انهن جي پويان هل، ۽ پوئتي ڪير به نه ڏسي توهان مان ڪوبه هڪ، بس سڌا هليا وڃو جيڏانهن وڃڻ جو توهان کي حڪم ڏنو پيو وڃي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس ! راتورات اوھان پنھنجي گهر وارن کي وٺي (ھتان) نڪري ھليا وڃو ۽ خود انهن سڀني جي پويان هلجانءِ (اھا ڳالھ ياد رکجو ته) توھان مان ڪير به منھن ڦيري پوئتي نه نھاري ۽ توھان کي جنھن پاسي حڪم ڪيو ويو آھي بس سڌا اوڏانھن هلندا هلجو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقَضَينا إِلَيهِ ذٰلِكَ الأَمرَ أَنَّ دابِرَ هٰؤُلاءِ مَقطوعٌ مُصبِحينَ (آيت : 66) |
۽ لُوط ڏانھن ھن حُڪم جو وحي ڪيوسون ته انھن جي پاڙ پرڀات مھل پٽي ويندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مطلب ته اسان لوط کي هيءَ حقيقت چٽي ڪري ٻڌائي ته (تباهي اچڻي آهي ۽) شهر جي ماڻهن جي پاڙ، صبح ٿيندي ئي پٽجڻ واري آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان لوط کي اهو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ته تحقيق صبح جي وقت انهن جِي پاڙ پَٽي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ لوط تائين اسان هيءُ قطعي خبر پهچائي ته صبح ٿيندي ۽ انهن جي پاڙ پٽي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فيصلو ڪري موڪليوسون ان ڏانهن اهو امر ته بلاشڪ پاڙ هنن جي ڪٽيل آهي صبح جي سوير. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ لوط تائين اسان هيءَ ڳالهه پهچائي ته صبح ٿيندي انهن جي پاڙ پٽي ويندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان لوط تائين اهو فيصلو پهچايو ته بلاشڪ صبح ٿيندي ئي انهن جي پاڙ پٽجي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پَهْرِ، پَهَرُ ڪو رات مان، پَهَرَ پَنهنجِي ساڻ، ۽ پويان سَندنِ پاڻ ٿِي، سَنڀالي سُڄاڻ، ۽ اَ ک نه اوهاڻ مان هيڪڙو، پُٺ تي ڦيري پاڻ، ۽ جيڏانهن حُڪم ٿِينان هاڻ، پُورِيو تِنهين پار ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان هن ڏي اهو حڪم موڪليو ته ”صبح جو هنن جي پاڙ پٽبي“. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کيس اسان پنهنجو اهو فيصلو ڄاڻائي ڇڏيو ته صبح مس ٿيندو ته انهن ماڻهن جي پاڙ پٽي ويندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان کي اسان پهچائي ڇڏيو هڪ فيصلو ته صبح ٿيندي ئي انهن ماڻهن جي پاڙ پٽي ويندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان لوط ($) کي پنھنجو ڪيل فيصلو (فرشتن جي ذريعي) ٻڌائي ڇڏيو ته صبح ٿيندي ئي ھن ڏوھاري قوم جي پاڙ پٽي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجاءَ أَهلُ المَدينَةِ يَستَبشِرونَ (آيت : 67) |
۽ ڳوٺ وارا خوشيون ڪندا آيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (انهيءَ وچ ۾ ڇا ٿيو جو) شهر جا ماڻهو خوشيون ملهائيندا اتي پهچي ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ شهر (سَدُومُ) وارا خوش ٿي آيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اڃا اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته) شهر جا ماڻهو (مهمانن جي خبر ٻڌي بد نيت سان) خوشيون ڪندا آيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آيا شهر وارا خوش پيا ٿين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ شهر وارا خوش ٿيندا آيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ شهر وارا (لوط وٽ)خوش ٿيندا آيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيوسون اُن سان فيصلو، پَڪو اِي پَرياڻ، ته وَڍيل وِهاڻِي ساڻ، پَڪ پاڇاندو اُنهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شهر وارا خوشيون ڪندا آيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ايتري ۾ شهر جا ماڻهو خوش ٿيندا اچي نڪتا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ايتري ۾ شهر (سدوم) جا ماڻهو خوشيءَ سان بيتاب لوط جي گهر آيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان کان پھرين سھڻن ڇوڪرن جو ٻڌي سَدوم) شھر جا ماڻهو خوشي وِچان (بري نيت سان سندس گهر) اچي پھتا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ إِنَّ هٰؤُلاءِ ضَيفى فَلا تَفضَحونِ (آيت : 68) |
(لُوط) چيو ته ھي منھنجا مھمان آھن پوءِ مون لڄي نه ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت لوط کين چيو ته، ڏسو هي (نوان ماڻهو) منهنجا مهمان آهن سو منهنجي بي عزتي نه ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) لوط چيو تحقيق اهي منهنجا مهمان آهن پوءِ توهان مون کي شرمندو نه ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (لوط کين) چيو ته هي ماڻهو منهنجا مهمان آهن، اوهين (کين تنگ ڪري) مون کي خوار نه ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته بلاشڪ هي مهمان منهنجا آهن پوءِ نه لڄي بنايو مونکي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) لوط چيو ته بيشڪ هي منهنجا مهمان آهن سو منهنجي بي عزتي نه ڪريو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (لوط) چيو: ”بيشڪ هي منهنجا مهمان آهن پوءِ مون کي شرمسار نه ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آيا اَناڙِي ڳوٺ جا، ٻَهڪندا ٻَهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هي منهنجا مهمان آهن، ان ڪري مون کي شرمسار نه ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) لوط چين: "اهي منهنجا مهمان آهن، مونکي خوار نه ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (لوط) چيو، ڀائرو! هي منهنجا مهمان آهن پوءِ مون کي لڄي نه ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) لوط ($) کين فرمايو ته ھي منھنجا مھمان آھن (ٻيلي) انهن جي معاملي ۾ مون کي رسوا نه ڪريو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ (آيت : 69) |
۽ الله کان ڊڄو ۽ خوار نه ڪريوم.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خدا کان ڊڄو ۽ مون کي شرمسار نه ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى جو خوف ڪريو ۽ مون کي خوار نه ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا کان ڊڄو مون کي ذليل نه ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڊڄو الله کان ۽ نه خوار ڪيو مونکي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله کان ڊڄو ۽ مون کي خوار نه ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله کان ڊڄو ۽ مون کي خوار نه ڪيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هِي مِهمان مُنهنجا، پوءِ ڪريو مِ ڪِينَ خُوار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله کان ڊڄو ۽ مون کي خوار نه ڪريو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله کان ڊڄو، مونکي شرمندو نه ڪريو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڊڄو الله کان ۽ خوار نه ڪريو مون کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى کان ڊڄو ۽ مون کي شرمسار نه ڪريو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا أَوَلَم نَنهَكَ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 70) |
چيائون ته توکي جھان وارن (جي مھماني) کان نه جھليو ھوسون ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن چيو ته، اسان توکي هن ڳالهه کان جهلي ڪين ڇڏيو هو ته ڪنهن به قوم جي ماڻهن کي پاڻ وٽ نه رهاءِ؟ (جيڪڏهن رهائيندين ته پوءِ جيڪي اسان کي وڻندو سو ڪري گذرنداسين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو ڇا اسان توکي ٻين جي معاملي ۾ پوڻ کان منع نه ڪئي هئي ؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هنن چيو ته ڇا، اسان تو کي (ٻين) قومن جي (ٽڪائڻ) کان نه روڪيو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته ڇا نه روڪيو آ اسان توکي جهانن کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) شهر وارن چيو ته ڇا اسان توکي (ٻين) قومن (جي ٽڪائڻ) کان نه روڪيو هو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”ڇا اسان تو کي دنيا جي ماڻهن (جي ٽڪائڻ) کان روڪيو نه هيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَنبو ڀَر قهار ۽ ٽَڪو ٽِڪو مُون مَ ڏِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”ڇا اسان توکي دنيا (جي مهمانيءَ) کان روڪيو نه هو؟.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هنن چيس: "ڇا اسان ڪيترائي ڀيرا توکي سڄيءَ دنيا جي ماڻهن جو واسطيدار بنجڻ کان منع نه ڪري چڪا آهيون؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن چيو، ڇا اسان توکي جهليو نه آهي ته ٺيڪيدار نه ٿي ساري دنيا جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قوم جي ماڻهن چيو ته ڇا اسان توکي ھتي ٻاھرين ماڻهن کي ترسائڻ کان منع نه ڪيو ھو؟ (پوءِ به تو وٽ مھمان آيا آھن)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ هٰؤُلاءِ بَناتى إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 71) |
(لوط) چيو ته جيڪڏھن اوھين (منھنجو چيو) ڪندڙ ٿيندؤ ته ھي منھنجون ڌيون حاضر آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت لوط فرمايو ته، جيڪڏهن ائين ئي آهي ته، ڏسو هي منهنجون (جو) نياڻيون آهن (يعني شهر جون عورتون جن جي طرف هو ڌيان ڪونه ڏيندا هئا، انهن جي طرف رجوع ٿيو ۽ انهن سان شاديون ڪيو) جيڪڏهن توهان کي ڪجهه ڪرڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) لوط چيو اهي منهنجو نياڻيون آهن جيڪڏهن توهان ايئن ڪرڻ چاهيو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) لوط چيو جيڪڏهن اوهان کي اهو ڪم ڪرڻو ئي آهي ته منهنجي (قوم جون) ڌيئرون موجود آهن (تن سان نڪاح ڪريو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته هي ڌيئرون منهنجون آهن جيڪڏهن آهيو (چيو) ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) لوط چيو ته جيڪڏهن اوهان کي اهو ڪم ڪرڻوئي آهي ته هي منهنجيون ڌيئرون حاضر آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (لوط) چيو: ”هي منهنجون (قوم جون) نياڻيون آهن جيڪڏهن اوهان (نڪاح) ڪرڻ وارا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، نه جَھليو سُو نئـِي جَھان کان، ته مِهمان رک نَه مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”جي منهنجو چيو ڪريو ته هي منهنجون نياڻيون آهن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) لوط (تمام لاچار ٿي) چين: "جيڪڏهن توهان هروڀرو نٿا مــُـڙو ته هي منهنجون ڌيئر اٿوَ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (لوط لاچار ٿي) چيو، هي منهنجون ڌيئرون موجود آهن جيڪڏهن توهان کي ڪجهه ڪرڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) لوط ( $ سندن بري نيت ڏسي) چيو ته (ٻيلي ايئن نه ڪريو) منھنجي قوم جون نياڻيون موجود آھن، جيڪڏھن ھروڀرو توھان کي ڪم ڪرڻو آھي (ته انهن سان نڪاح ڪريو)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَعَمرُكَ إِنَّهُم لَفى سَكرَتِهِم يَعمَهونَ (آيت : 72) |
(اي پيغمبر) تنھنجي حياتيءَ جو قسم آھي ته اھي (ڪافر) گمراھيءَ ۾ حيران رھن ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تڏهن فرشتن حضرت لوط کي چيو ته) تنهنجي زندگيءَ جو قسم! هي ماڻهو ته پنهنجي بدمستين ۾ انڌا ٿي گمراه ٿي ويا آهن (تنهنجون ڳالهيون ڪڏهن به ڪين مڃيندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ رسولِ عربي توهان جي زندگي جو قسم ته بيشڪ اهي پنهنجي نشي ۾ انڌا ٿي پيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تنهنجي سر جو قسم ته اهي پنهنجي مستيءَ ۾ عقل جا انڌا ٿي ڦري رهيا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي حياتيءَ تنهنجيءَ جو ته بلاشڪ اهي البته گمراهيءَ پنهنجيءَ ۾ حيران رهن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي محمد) تنهنجي حياتيءَ جو قسم ته اهي پنهنجي مستيءَ ۾ عقل جا انڌا ٿي ڦرن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي حبيب!) تنهنجي حياتيءَ جو قسم بيشڪ اهي (به لوط جي قوم وانگر) پنهنجي مستي ۾ (عقل جا) انڌا ٿيا وتن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَوهان کي مَنظور، ته هُو نارِيون، نِياڻون مُنهنجون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اي نبي!) تنهنجي عمر جو قسم! هو سندن مستيءَ ۾ انڌا هجن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنجي حياتي جو قسم (اي نبي) اهي ته ان وقت نشي ۾ آپي کان نڪتا پئي ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تنهنجي حياتيءَ جو قسم (اي نبي!) ان وقت مٿن نشو چڙهيل هو، اهي آپي ۾ نه هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) تنھنجي جان جو قسم! ھي ماڻهو پنھنجي مستيءَ ۾ اھڙا ته مدھوش ٿي رهيا ھئا جو ڄڻ ته ھٿن کان نڪرندا پئي ويا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُشرِقينَ (آيت : 73) |
پوءِ سج اُڀرڻ مھل ڪَڙڪي ورتن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مطلب ته سج نڪرندي ئي هڪ خوفناڪ آواز اچي مٿن ڪڙڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ صبح جي وقت انهن تي هڪ خطرناڪ دانهن ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (لوط جي ڪٿي ٿا ٻڌن) نيٺ سج اڀرڻ جي وقت کين دهشت ناڪ آواز ورائي ويو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پڪڙيو انهن کي ڪڙڪي ان حال ۾ جو هئا سج اڀاريندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سج اڀرڻ جي وقت کين دهشت ناڪ آواز ورتو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن کي سج اڀرڻ جي وقت دهشتناڪ آواز ورتو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُنهجِي سَڀ سانڀر، هُو هوري سَندنِ حِرص ۾، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سج اڀرئي اچي ڪڙڪي ورتن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ باک ڦٽندي ئي هڪ زبردست ڌڌڪي کڻي کين سوگهو ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ کين هڪ ڪڙڪي اچي ورتو باک ڦٽندي ئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ کين سج اڀرندي ئي ھڪ رڙِ جي آواز اچي وڪڙ ۾ ورتو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَجَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيهِم حِجارَةً مِن سِجّيلٍ (آيت : 74) |
۽ اُن شھر جو مٿيون پاسو ان جي ھيٺ ڪيوسون ۽ مٿن پڪل مٽيءَ جا پھڻ وساياسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسان ان بستيءَ کي زيروزبر ڪري تباه ڪري ڇڏيو ۽ انهن ماڻهن تي پڪل مٽيءَ جي پٿرن جي برسات وسائي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان اُن ڳوٺ کي برباد ڪيو ۽ اسان انهن جي مٿان باه مان پڪل ٺڪرين جو مينهن وسايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ انهن (شهرن) جي مٿئين پاسي کي انهن جو هيٺيون پاسو (يعني اونڌو) ڪيوسون، ۽ مٿن چنهبن وارا پٿر وسايوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بنايوسون مٿئين حصي ان جي کي هيٺئون ان جي ۽ وسايو سون انهن تي پٿر پڪل مٽيءَ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن (شهرن) جي مٿئين پاسي کي انهن جو هيٺيون پاسو (يعني اونڌو) ڪيوسون، ۽ مٿن پڪل مٽيءَ جا پٿر وساياسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان انهن جي بستي جو مٿيون حصو هيٺيون بنايوسين (يعني اونڌو ڪيوسين) ۽ اسان انهن تي پڪل مِٽيءَ جا ڪُڪرا وسايا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪڙڪي قابُو پَڪڙيِن، اُڀرئـِي سِج آخر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان انهيءَ جو مٿيون پاسو هيٺ ڪيو ۽ مٿن پڪن پهڻين جو مينهن وسايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان سندن آباديءَ کي صفا اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ مٿن مٽيءَ جي پڪن پٿرن جو وسڪارو لائي ڏنو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ان وستيءَ کي برباد ڪري ڇڏيو ۽ مٿن پڪل مٽيءَ جي پهڻن جي برسات وسائي وئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ان شھر کي ئي پاڙون پٽي مٿي کڻي هيٺ اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ مٿس مِٽيءَ جي پَڪَل (بُهَڻ جي) سروٽن جو مينھن وسايوسين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلمُتَوَسِّمينَ (آيت : 75) |
بيشڪ ان ۾ عِبرت وٺندڙن لاءِ نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ هن واقعي ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن، جيڪي (حقيقت جي) ڄاڻ سڃاڻ رکڻ وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهيءَ ۾ عقلمندن لاءِ نشانيون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ (هن ڳالھ ۾) تھ تائين پهچڻ وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن سمجھندڙن جي لاءِ. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ هن ۾ غور سان ڏسڻ وارن لاءِ نشانيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ان (واقعي) ۾ اهلِ فراست لاءِ نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مَٿيان، هِيٺان اُن جا، ڪياسُون زير زَبر، پوءِ وَساياسون تَن مٿان، ڪَڪَرِيُن جا ڪَڪَر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ انهيءَ ۾ عبرت وٺندڙن لاءِ نشاني آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان واقعي ۾ ڏاڍيون نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي غور سان ڏسندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ انهيءَ واقعي ۾ وڏيون نشانيون آهن سمجهه وارن ماڻهن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) عقلمند ماڻهن لاءِ ھن واقعي ۾ وڏيون نشانيون آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّها لَبِسَبيلٍ مُقيمٍ (آيت : 76) |
۽ اِھو ڳوٺ ھميشه (جي اچ وڃ) واري واٽ تي ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (لوط جي قوم جي) هيءَ بستي (ڪنهن نامعلوم ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪانه هئي، اها ته) اهڙي شاهي رستي تي آهي جنهن تي آمدورفت جو سلسلو (هاڻي به) قائم آهي (۽ اوهان پنهنجي اکين سان اهي پٿر ۽ کنڊر ڏسي سگهو ٿا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اهو ڳوٺ ان رستي تي آهي جيڪو اڃان هلي رهيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ اهو اونڌو ٿيل شهر (هميشه هلندڙ) عام رستي تي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اهو (سدوم نالي شهر) البته اچ وڃ واري واٽ تي آ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اهي (شهر) عام رستي تي آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اُها بستي (جتي اهو واقعو ٿيو سا) هڪ آباد رستي تي واقع آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڳالهيون ڳولِيندڙ لئي، عِبرت اِن اَندر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو ڳوٺ ته شاهي رستي تي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اها جڳهه جتي هي واقعو پيش آيو هو، عام لنگهه وٽ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو علائقو (جتي هي واقعو پيش آيو) عام لنگهه تي واقع آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) عذاب ڪيل اھو شھر (اڄ به) عام رستي تي موجود آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77) |
بيشڪ اُن ۾ مؤمنن لاءِ نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ هن (واقعي) ۾ ايمان وارن لاءِ هڪ وڏي نشاني آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهيءَ ۾ مؤمنن لاءِ نشاني آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ هن ۾ ايمان وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جي) تمام وڏي نشاني آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ايمان وارن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يشڪ ان ۾ ايمان وارن لاءِ نشاني آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ان (واقعي) ۾ ايمان وارن لاءِ وڏي نشاني آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُئو گُمراہ گام سو، مُحڪم مارِڳ سِر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، انهيءَ ۾ مومنن لاءِ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ۾ وڏو عبرت جو سامان آهي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ انهيءَ ۾ سامان آهي عبرت جو انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ھن واقعي ۾ ايمان وارن لاءِ وڏي نشاني آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن كانَ أَصحٰبُ الأَيكَةِ لَظٰلِمينَ (آيت : 78) |
۽ ايڪه (جي ڳوٺن) وارا ظالم ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ساڳيءَ طرح) گهاٽي جهنگل جا رهاڪو (يعني مدين جي قبيلي جا ماڻهو) وڏا ظالم هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) شعيب جي قوم وارا به ظالم هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ ايڪه (ٻيلي وارا) وڏا سرڪش هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ هئا رهندڙ جھنگل جا البته ظالم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ ايڪه (ٻيلي) وارا ظالم هئا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ ايڪه (ٻيلي) وارا (قومِ شعيب جا ماڻهو به) ظالم هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُؤمِنن ماتر، آهي عِبرت اُن ۾(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ”ايڪه“ (ديهه) وارا به ظالم هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ايڪه وارا (به) ظالم هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي صاحب جيڪي هئا ايڪي وارا ظالم هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ايڪه واري قوم به ظالم ھئي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَانتَقَمنا مِنهُم وَإِنَّهُما لَبِإِمامٍ مُبينٍ (آيت : 79) |
پوءِ کائن بدلو ورتوسون، (لُوطين ۽ ايڪه وارن جا) ٻئي ڳوٺ پڌري رستي تي ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن کي به اسان (ظلم ۽ سرڪشيءَ جي) سزا ڏني ۽ اهي ٻئي بستيون (يعني لوط جي قوم جي ۽ مدين جي قبيلي جي) شاهي رستي تي سڀني کي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان انهن کان انتقام ورتو، ۽ بيشڪ اُهي ٻَئي ڳوٺ کُليل رستي تي آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته انهن کان به اسان (نافرماني جو) بدلو ورتو. ۽ اهي ٻئي شهر (قوم لوط ۽ شعيب جا) هڪ کليل شاهراھ تي (اڃا تائين) موجود آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بدلو ورتوسون انهن کان ۽ بيشڪ اهي ٻئي البته رستي پڌري تي آهن. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن کان بدلو ورتوسون. ۽ بيشڪ اهي ٻئي (لوط ۽ ايڪه جا) شهر ظاهر رستي تي آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان انهن کان انتقام ورتو، ۽ اُهي ٻئي (لوط ۽ ايڪه جون اجڙيل) بستيون کلي شاهراه تي واقع آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَيڪتِي اَنڌر تي، هُئاهَلندڙ هر ڪنهن وير، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڪري اسان انهن کان به بدلو ورتو- ۽ اهي ٻئي شهر چٽن رستن تي آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اسان انهن کان انتقام ورتوسون ۽ انهن ٻنهي قومن جا ڦـٽل آثار کليل عام رستي تي موجود آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سو ڏسو ته اسان کانئن بدلو ورتو، ۽ انهن ٻنهي قومن جا ڦٽل کنڊرات عام رستي تي موجود آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان انهن کان به ظلم جو بدلو ورتو (اي عرب جا رھندڙؤ!) ھي ٻئي علائقا (سدوم شھر ۽ ايڪه وارن جو ڳوٺڙو) اڄ به توھان جي سامھون موجود آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد كَذَّبَ أَصحٰبُ الحِجرِ المُرسَلينَ (آيت : 80) |
۽ بيشڪ حِجر وارن پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏسو حجر جي ماڻهن به رسولن جي ڳالهه نه مڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق حِجرِ وارن رسولن کي ڪوڙو سمجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهڙي طرح حجر جي رهڻ وارن ۽ (قوم صالح) به پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البت تحقيق ڪوڙو چيو حجر وارن پيغمبرن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ حِجر جي رهڻ وارن، رسولن کي ڪوڙو ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ حجر (قومِ ثمود جي علائقي) جي رهواسين به رسولن کي ڪوڙو چيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءَ کانئُنِ وارياسون وٖير،۽ هُئاٻِئي گھاڙُو گَس مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ”حجر“ (ڳوٺ) وارن به رسولن کي ڪوڙو سمجهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ حجر جا ماڻهو به رسولن کي ڪوڙو سڏيندا رهيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ڪوڙو چئي چڪا آهن حجر وارا صاحب پنهنجي رسولن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ حجر وارن به رسول سڳورن کي ڪوڙو ڪيو هو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَءاتَينٰهُم ءايٰتِنا فَكانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 81) |
۽ کين پنھنجون نشانيون ڏنيون سون پوءِ اُنھن کان مُنھن موڙيندڙ ٿيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان کين پنهنجيون نشانيون ڏيکاريون، پر هو انهن کان منهن موڙيندا رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن کي نشانيون ڏنيون پوءِ انهن نشانين مڃڻ کان انڪار ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (جيتوڻيڪ) اسان کين پنهنجون نشانيون ڏنيون تڏهن به انهن کان منهن موڙ ڪيائون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏنيون سون انهن کي نشانيون پنهنجيون پوءِ هئا انهن کان منهن موڙيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان انهن کي پنهنجيون نشانيون ڏنيون، پوءِ اهي انهن کان منهن موڙيندڙ ٿيا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن کي پنهنجون نشانيون ڏنيون پر اُهي انهن کان منهن موڙيندڙ هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪُوڙو ڪوٺيئون مُرسلِين، جن جا حِجْر ۾حُجرا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان کين پنهنجيون آيتون ڏنيون، ته به هو انهن کان منهن موڙيندا رهيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان کين پنهنجون آيتون موڪليون پر هو انهن نشانين کان منهن موڙيندا رهيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان انهن کي موڪليون پنهنجون آيتون، کين پنهنجيون نشانيون ڏنيون پر اهي سڀني کان منهن موڙيندا رهيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان کين پنھنجيون نشانيون موڪليوسين پر ھو به ڏسي وائسي انهن کان منھن موڙيندا ئي رھيا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكانوا يَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا ءامِنينَ (آيت : 82) |
۽ بي فڪر ٿي جبلن مان ٽُڪي گھر ٺاھيندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو جبلن کي تراشي گهر ٺاهيندا هئا، انهيءَ لاءِ ته محفوظ (سلامت) رهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي بنا ڪنهن خوف خطري جي جبلن کي تراشي گھر تيار ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بي فڪر ٿي جبلن کي ٽاڪي گهر ٺاهيندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ گھڙيائون ٿي جلبن ۾ مضبوط گھر امن وارا ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بي فڪرا ٿي جبلن کي ٽاڪي گهر ٺاهيندا هئا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بي خوف و خطر جبلن کي ڪَٽي گهر ٺاهيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان ڏنا اُنهن کي، اُهڃاڻ ڪي اُجرا، مِڙيئـِي سَمجِھي مُجرا، هُئا مُنهن موڙِيندڙ اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو بي ڊپائيءَ لاءِ جبلن مان گهر گهڙيندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو جبل ٽـُـڪي گهر بڻائيندا هئا ۽ پنهنجي جاءِ تي خوف خطري کان محفوظ ٿي ويٺا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ٽُڪي ٽُڪي ٺاهيندا هئا جبلن ۾ پنهنجا گهر ۽ بلڪل بي ڊپا ۽ مطمئن هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي ماڻهو جبلن کي ٽُڪي ٽُڪي گهر ٺاھيندا ھئا ته جيئن محفوظ رھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ مُصبِحينَ (آيت : 83) |
پوءِ کين پرڀات مھل ڪڙڪي (اچي) ورتو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر اهي حفاظتون کين ڪم نه آيون) هڪ ڏينهن صبح جو اٿيا ته هڪ خوفناڪ آواز اچي سندن پڪڙ ڪئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ صبح جي وقت انهن کي خوفناڪ آواز پهتو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نيٺ صبح ٿيندي ئي کين دهشت ناڪ آواز نابود ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پڪڙيو انهن کي ڪڙڪي صبح ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ صبح ٿيندي کين دهشت ناڪ آواز ورتو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ صبح ٿيندي ئي انهن کي دهشتناڪ آواز پڪڙيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٽُڪيو ٽاڪَڙ، سُک سان، هُئا گَھر گَھڙِيندا گھوٽ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ صبح جي وقت هنن کي سخت آواز اچي پڪڙيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر پوءِ هڪ زبردست ڌڌڪي صبح سان ئي کڻي کين سوگهو ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ کين ورتو هڪ زبردست ڪڙڪي انهن کي صبح ٿيندي ئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخرڪار (انھن کي به) صبح ٿيندي ئي ھڪ رڙِ جي آواز اچي وڪڙ ۾ ورتو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 84) |
پوءِ سندين ڪمائي کائن ڪجھ به ٽاري نه سگھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي جيڪي هنن (پنهنجي ڪوشش ۽ عملن سان) ڪمايو هو سو هنن جي ڪجهه به ڪم نه آيو. (ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ سندن مضبوط گھر ۽ ملڪيت کين عذابِ الاهي کان بچائي نه سگھيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪي اهي حفاظت جون تدبيرون ڪندا هئا (خدا جي عذاب کان بچائڻ لاءِ) ڪجھ به ڪم نه آين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه فائدو ڏنائين انهن کي عملن جو ڪيائون ٿي. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪي ڪمائيندا هئا سو کين ڪم نه آيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪي ڪمائيندا هئا سو (مال) کين (عذاب کان) بچائي نه سگهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پُهتنِ ڪو پِرھ سان، سَٽ سَٽْ سُو سٽ سوْٽ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تڏهن سندن هنر کين ڪنهن به ڪم نه آيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سندن ڪئي ڪمائي ڪنهن ڪم نه آينِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سندن محنت جي ڪمائي کين ڪنهن به ڪم ڪانه آئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن پنھنجي حفاظت لاءِ جيڪو فن (يعني ٽيڪنالاجي) استعمال ڪيو ھو سو کين ڪوبه ڪم نه آيو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَإِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ فَاصفَحِ الصَّفحَ الجَميلَ (آيت : 85) |
۽ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجھن آھي سو رِٿ کانسواءِ نه بڻايو اٿون، ۽ قيامت ضرور اچڻي آھي پوءِ (سندن بي ادبين کان) سھڻي طرح ٽارو ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڪنهن مصلحت سان بنايو آهي (نه ڪي اجايو بي مقصد) ۽ يقيناً مقرر وقت اچڻ وارو آهي. پوءِ (اي پيمغمبر! مخالفن جي مخالفتن کي) درگذر ڪر ۽ سهڻي نموني ۾ درگذر ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه پيدا ڪيو اسان آسمانن ۽ زمينن کي ۽ جيڪي شيون انهن جي وچ ۾ آهن مگر حق سان، ۽ بيشڪ قيامت ايندڙ آهي، پوءِ توهان انهن کي سهڻي نموني سان درگذر ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو آهي. ۽ بيشڪ قيامت اچڻ واري آهي. ته تون (اي رسول! انهن جي بي ادبي کي) چڱي نموني درگذر ڪر!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه پيدا ڪياسون آسمان ۽ زمين ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي مگر حق سان ۽ بيشڪ قيامت البته ايندڙ آهي پوءِ درگذر ڪر سهڻو درگذر ڪرڻ، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن کي پوري تدبير سان ئي پيدا ڪيو آهي. ۽ بيشڪ قيامت اچڻ واري آهي پوءِ (انهن جي بي ادبيءَ کان) چٽي نموني درگذر ڪر! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تن کي حق سان ئي پيدا ڪيو آهي. ۽ بيشڪ قيامت اچڻ واري آهي پوءِ (انهن جي ايذاء رسانين کان) سهڻي نموني درگذر ڪندو رهه.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي قائم ڪيائون ڪوٽ، تن ڇَوها ڇَڏايَنِ ڪِينڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي به سندن وچ ۾ آهي سو مصلحت سان ئي بنايو آهي ۽ قيامت ضرور ايندي، پوءِ تون (ڪافرن کان) سهڻي نموني درگذر ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ انهن جي وچ وارين سڀني شين کي حق سچ جي ئي بنياد تي خلقيو آهي ۽ فيصلي جو وقت ضرور اچڻو آهي، پوءِ اي نبي! تون (انهن جي نامناسب حرڪتن کي) سهڻي نموني درگذر ڪري ڇڏ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهي اسان پيدا ڪيو آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن منجهه آهي بنا حق جي (ڪنهن ٻئي بنياد تي)، ۽ يقينًا ضرور فيصلي جي گهڙي ايندي پوءِ (اي نبي!) انهن ماڻهن جي نالائقين کان سهڻو ٽارو ڪر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنھي جي وچ ۾ رھندڙ مخلوق کي ھڪ مقصد لاءِ پيدا ڪيو آھي ۽ بيشڪ قيامت جي گهڙي ضرور اچڻ واري آھي. (بس اي نبيﷺ!) انهن ماڻهن جي بداخلاقيءَ کي سھڻي رويي سان درگذر ڪر.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 86) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي آهي جو (سڀني جو) پيدا ڪندڙ ۽ (سڀني جي حالت) ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان جو رب ئي خوب پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي پيدا ڪندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ رب تنهنجو ئي پيدا ڪندڙ، ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي پيدا ڪندڙ (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي (سڀ جو) پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان نه اُڀ، ڀون جوڙ-يا، پڻ جيڪِي مَنجھنِ جِنسار، مگر سَڀ موجودسي، پڻ آهي، اَچڻِي وار، پوءِ ٽار، ٽارڻ سُهڻو؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، تنهنجو رب وڏو خلقيندڙ، ڄاڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ تنهنجو رب سڀني جو خالق آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ تنهنجو رب سڀني جو خالق آهي ۽ هر ڄاڻ رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي سڀني جو پيدا ڪندڙ ۽ وڏي علم وارو آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد ءاتَينٰكَ سَبعًا مِنَ المَثانى وَالقُرءانَ العَظيمَ (آيت : 87) |
۽ بيشڪ توکي ٻٽيون ست آيتون (يعني سُورة فاتحة) ۽ وڏو قرآن ڏنوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ اسان توکي وري وري پڙهڻ وارين آيتن مان ستن آيتن واري سورة عطا فرمائي آهي. (يعني سورت فاتحه) ۽ قرآن عظيم عطا فرمايو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق اسان توهان کي الحمد شريف ۽ قرآن عظيم عطا ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان تو کي سبع مثاني (سورت الحمد) ۽ قرآن عظيم عطا ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڏنيون اسان توکي ست آيتون ورائي ورائي پڙهيل ۽ قرآن عظيم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان توکي دهرايل (مضمونن واريون وڏيون) ست (سورتون) ۽ وڏو قرآن (يعني سورت فاتحه) ڏنو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان تو کي بار بار دهرايون ويندڙ ست آيتون (يعني سورة فاتحه) ۽ وڏي عظمت وارو قرآن عطا ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَندئـِي رَبَّ، سَتّار، سو جوڙون جوڙڻهار، پڻ سَمجھندڙ سڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان توکي وري وري پڙهجندڙ ست آيتون ۽ قرآن ڏنا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان توکي وري وري پڙهڻ لائق ست آيتون عطا ڪيون آهن ۽ پڻ وڏي عظمت وارو قرآن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان توکي ڏنيون آهن ست آيتون جيڪي بار بار ورجائڻ جوڳيون آهن، ۽ توکي عطا ڪيو آهي قرآن وڏي عظمت وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) اسان توکي وڏي عظمت وارو قرآن عطا ڪيو آھي جنھن ۾ ستن آيتن جي ھڪ اھڙي سورة آھي جيڪا (نماز ۾) بار بار دُھرائي ويندي آھي. (يعني سورة الفاتحه )(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَاخفِض جَناحَكَ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 88) |
اُنھن کي ھر جنس جي سامان مان جيڪي شيون ڏنيوسون تن ڏانھن پنھنجيون اکيون نه کول ۽ نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ مؤمنن لاءِ پنھنجون ٻانھون جھڪيون ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي جو اسان انهن (ڪافرن) منجهان گهڻن ئي قسمن جي ماڻهن کي (زندگيءَ جي فائدن مان) حصيدار ڪيو آهي، تن ڏي تون (ريس جي نظر سان) نه نهار. نڪي سندن (انڪار ۽ شراتن جي) حالت تي غم ۽ افسوس ڪر. تون مؤمنن جي لاءِ پنهنجون ٻانهون ڊگهيون ڪر (يعني ساڻن محبت رک ۽ انهن جي طرف متوجه ٿيءُ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان ڪافرن جَي دنياوي ساز و سامان ڏانهن متوجه نه ٿيو ۽ ڪافرن جي ايمان نه آڻڻ تي غم نه ڪريو ۽ توهان مؤمنن سان نرمي ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان جو انهن ڪافرن مان ڪجھ ماڻهن کي (دنيا جي مال دولت سان) نهال ڪري ڇڏيو آهي تون (ان ڳالھ) ڏي نهار به نه ۽ نه سندن (بي دينيءَ) تي ڪجھ افسوس ڪر ۽ ايماندارن سان (اگرچه) غريب هجن نوڙي ملندو ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مٿي کڻي نهار اکيون پنهجيون ان ڏانهن جو فائدو ڏنوسون ان سان مختلف طبقن کي انهن مان ۽ نه غمگين ٿيءُ انهن تي ۽ هيٺ ڪر پر پنهنجو مؤمنن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تون پنهنجيون اکيون کڻي ان شيءِ (دنيا جي رونق) ڏي ڪڏهن به نه ڏس جنهن سان اسان انهن مان ڪيترين جماعتن کي فائدو پهچايو آهي ۽ انهن (جي ايمان نه آڻڻ) تي ڏک نه ڪر ۽ ايمان وارن جي اڳيان پاڻ کي بالڪل نرم ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون انهن (دنياوي زيب و زينت جي) شين کي اکيون کڻي به نه نهار جن سان اسان انهن مان ڪيترين جماعتن کي فائدو پهچايو آهي ۽ انهن جي (گمراهي) مٿان غم به نه ڪر ۽ ايمان وارن لاءِ (شفقت ۽ ٻاجهه) جون ٻانهون جهڪيل رک.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي ڏِنيون سون اَلْحمد مان، ست، پڻ سَڌر قرآن، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪافرن کي هر جنس جو سامان جيڪي ڏنو اٿئون انهي ڏي اکيون ڦيراءِ ۽ نڪي انهن لاءِ ارمان ڪر ۽ مومن لاءِ پنهنجيون ٻانهون جهڪيون ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون هن دنيا جي سامان ڏانهن اک کڻي به نه نهار، جيڪو اسان انهن مان ڪن ماڻهن کي ڏنو آهي ۽ نه سندن حالت تي ڪو ڏک ڪر. انهن کي ڇڏي ايمان وارن ڏانهن جــُـهڪ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تون ان دنياوي سامان ڏي اک کڻي نه ڏس، جيڪو اسان انهن مان مختلف قسمن جي ماڻهن کي ڏنو آهي ۽ نه ولوڙ انهن جي حال تي پنهنجي دل کي، تون انهن کي ڇڏي جُهڪ ايمان آڻڻ وارن ڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) تون دنيا جي ماڻهن کي اسان جي طرفان ڏنل سامان ڏي اک کڻي به نه نھار ۽ نه ئي انهن ماڻهن جو ڪو غم ڪر، بس تون مؤمن ماڻهن تي پنھنجي شفقت جو ھٿ رک.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقُل إِنّى أَنَا النَّذيرُ المُبينُ (آيت : 89) |
۽ چؤ ته بيشڪ آءٌ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اعلان ڪر ته مان (انڪار ۽ بدعملن جي نتيجن کان) خبردار ڪندڙ آهيان، کليو کلايو چٽائيءَ سان خبردار ڪندڙ آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان فرمايو ته بيشڪ آئون صاف ڊيڄاريندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چوين ته آءُ (خدا جي عذاب کان) ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فرماءِ ته بيشڪ مان ئي کليل ڊيڄاريندڙ آهيان. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چئو ته بيشڪ آءُ ظاهر ڊيڄاريندڙ آهيان (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چؤ ته: ”بيشڪ آءٌ پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇِڪ نه اکيون ، تون اُن ڏي، جي ٻَڌا ڏناسونِ ڏان، تن ڪافرن مان، ڪن کي، پڻ ڪر نه تن اَرمان، ۽ هَٿ پَنهنجا، تن تي، ڍار تون، آندو جن اِيمان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته بيشڪ آءُ چٽو ڊيڄاريندڙ آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (نه مڃڻ وارن کي) چئي ڇڏ ته "مان ته پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چئي ڇڏ (نه مڃڻ وارن کي) ته آئون فقط ڊيڄاريندڙ آهيان سڌو سنئون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ نه مڃڻ وارن کي چؤ ته بيشڪ مان اللھ تعالى جي عذاب کان صاف صاف ڊيڄاريندڙ آھيان.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَما أَنزَلنا عَلَى المُقتَسِمينَ (آيت : 90) |
جھڙي طرح اُنھن وراھيندڙن تي (عذاب) نازل ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اسان اهڙي ئي طرح هيءُ ڪلام توتي نازل ڪيو آهي) جهڙيءَ طرح انهن ماڻهن تي نازل ڪيو هوسين، جن (حق جي دين جا) ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيئنڪ اسان تقسيم ڪندڙن تي عذاب لاٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول اسين انهن ڪافرن تي اهڙي طرح عذاب نازل ڪنداسون) جيئن اسان انهن ماڻهن تي نازل ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جھڙي طرح نازل ڪيوسين ورهائيندڙن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهڙي عذاب کان) جهڙو اسان (مذهبي ڪتاب کي) ورهائيندڙن تي نازل ڪيو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيئن اسان ورهائڻ وارن (يهود و نصارى) تي (عذاب) لاٿو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چئو، آهيان آئون عيان، ڄاڻوئـِي ڄيري سَندو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيئن اسان انهن (دين کي) ڀاڱا ڪندڙن تي عذاب موڪليو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جهڙو چتاءُ اسان تفرقو پيدا ڪندڙن ڏانهن موڪليو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهڙي ئي تنبيهه آهي جيڪا اسان موڪلي هئي انهن ڏڦيڙ وجهندڙن ڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙو عذاب جيڪو اسان انهن (يھودين) تي به نازل ڪيو جن (دين ۾) فرقا پيدا ڪري ڇڏيا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ جَعَلُوا القُرءانَ عِضينَ (آيت : 91) |
جن قرآن کي پرزا پرزا ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پنهنجي قرآن کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري ڇڏيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يعنى) جن ماڻهن قرآن ڪريم کي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن قرآن کي ورهائي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو (ڪن کي مڃيئون ڪن کي ڪين).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جن ڪيو قرآن کي ڏندن سان ڪٽيل ٽڪرا ٽڪرا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن (پنهنجي) قرآن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن ماڻهن قرآن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو. (يعني ڪجھه مڃن ۽ ڪجھه نه مڃن)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِيئن اُتاريو سون اَڳــئـِي، وَنڊڻ وارن سِر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن قرآن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن قرآن کي حـصا بخرا ڪري ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ماڻهن ڪيو آهي پنهنجو قرآن ٽڪرا ٽڪرا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انھن) پنھنجي قرآن (يعني آسماني ڪتاب) جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا آھن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَوَرَبِّكَ لَنَسـَٔلَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 92) |
(تھڙي طرح) تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته انھن مڙني کان ضرور پڇنداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏسو توهان جو پروردگار شاهد آهي، ته هنن سڀني کان پڇاڻو ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (تھڙي طرح) تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي تہ اُنھن مڙني کان ضرور پڇنداسون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي رسول!) تنهنجي رب جو (پنهنجو قسم ته اسين انهن سڀني کان (تمام سختي سان) پڇنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ قسم آهي رب تنهنجي جو ته البته ضرور پڇنداسون مڙني کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ تنهنجي پاليندڙ جو قسم آهي ته اسين انهن سڀني کان جيڪي پيا ڪن، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تنهنجي پالڻهار جو قسم ته اسان انهن سڀني کان ضرور پڇاڻو ڪنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ڪيو جن ڪتاب کي، پُرزا پَنهنجي سِر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تنهنجي ڌڻيءَ جو قسم، ته اسين ضرور انهن سڀني کان پڇاڻو وٺنداسون(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ قسم آهي تنهنجي رب جو، اسان انهن سڀني کان ضرور پڇنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته قسم آهي تنهنجي رب جو، اسان ضرور پڇنداسين انهن سڀني کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنھنجي پالڻھار جو قسم! اسان انهن سڀني کان ضرور پڇاڻو ڪنداسين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 93) |
جيڪي ڪندا ھوا تنھن بابت.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ضرور سندن ڪمن جو(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ڪندا آھن تنھن بابت ~(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي اهي (دنيا ۾) ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان جي باري ۾ جو ڪيائون ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تنهن بابت پڇنداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن عملن بابت جيڪي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُنهن سَندئـِي صاحب جو، ته مِڙنِي کان مگر،،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن ڪمن جو(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته اهي ڇا ڇا پيا ڪندا رهيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي به ھو عمل ڪري رھيا ھئا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاصدَع بِما تُؤمَرُ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 94) |
جيڪي توکي حُڪم ڪجي ٿو سو کولي ٻُڌاءِ ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪو حڪم توکي ڏنو ويو آهي سو ماڻهن لاءِ ظاهر ڪر ۽ کين کليو کلايو ٻڌاءِ ۽ مشرڪن جي پرواهه نه ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان اهي شرعي احڪامات ظاهر ڪريو جنهنجو توهان کي حڪم ڪيو ويو آهي ۽ مشرڪن کان پاسو ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪو تو کي حڪم ڪيو وڃي ٿو سو ظاهر ڪر ۽ مشرڪن کان منهن موڙي ڇڏ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ کولي ٻڌاءِ جيڪو امر ڪيو ٿو وڃين ۽ منهن موڙ مشرڪن کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪو توکي حڪم ڪيو وڃي ٿو سو ظاهر ڪر ۽ مشرڪن جي پرواهه نه ڪر! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اي نبي) ظاهر (ظهور اعلان)ڪر جنهن جو تو کي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ مشرڪن کان منهن موڙ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُڇنداسون خُوب خَبر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ توکي جيڪي حڪم ڪجي ٿو سوکولي ٻڌاءِ ۽ مشرڪن جي پرواهه نه ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري اي نبي! جنهن شيءِ جو توکي حڪم ڏنو پيو وڃي سا کولي ٻڌائي ڇڏ ۽ شرڪ ڪندڙن جي ڪابه پرواهه نه ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بس (اي نبي!) جنهن شيءِ جو توکي حڪم ڏنو پيو وڃي اهو سڌو سنئون چئي ڏي (بي ڊپو) مشرڪن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) جنھن شيءِ جو توکي حڪم ڪيو وڃي ٿو ان کي وڏي واڪي ٻڌائي ڇڏ ۽ مشرڪن جي ڪابه پرواهه نه ڪر.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا كَفَينٰكَ المُستَهزِءينَ (آيت : 95) |
اسان تنھنجي طرفان انھن چٿر ڪندڙن جي پورائي ڪئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن ٺٺوليون ڪندڙن جي خلاف اسان تنهنجي لاءِ ڪافي (مددگار) آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسين انهن مذاق ڪندڙن کي تباه ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ تنهنجي لاءِ اسين انهن مسخري ڪندڙن لاءِ ڪافي آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اسين ڪافي آهيون تولاءِ چٿر ڪندڙ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسين تولاءِ (انهن) ٽوڪ ڪندڙن (جي شرارت) کان بس آهيون، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان تو لاءِ ٽوڪ ڪرڻ وارن (جي ايذائڻ ) کان ڪافي آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جو حُڪم مِليئي حق کان، سو ظاهر چئو ضَرُور، مُنهن موڙي ڇَڏ مور، پَر جي پُوڄارِيُن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين تو بدران انهن مسخريون ڪندڙن لاءِ ڪافي آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنجي پاران انهن چٿرون ڪندڙن سان پڄڻ لاءِ اسان ڪافي آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان ڪافي آهيون تنهنجي طرفان انهن چٿرن ڪندڙن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان ئي تنھنجي طرف کان مذاق ڪندڙن جي لاءِ ڪافي آھيون.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَجعَلونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 96) |
جي الله سان ٻيو معبود مُقرّر ڪندا آُھن، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي ٺٺوليون ڪندڙ جيڪي) الله سان گڏ ٻين هستين کي به معبود بنائين ٿا سي جلد ئي معلوم ڪندا (ته سچي حقيقت ڇا هئي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يعنى) جيڪي ماڻهو الله تعالى سان شرڪ ڪن ٿا پوءِ انهن کي جلدي خبر پئجي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي الله سان گڏ ٻيو معبود مقرر ڪن ٿا، پوءِ کين جلد ئي خبر پئجي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي ڪن ٿا الله سان گڏ معبود ٻيو پوءِ جلد ڄاڻندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي الله سان گڏ ٻيو معبود مقرر ڪن ٿا، پوءِ اهي جلد ڄاڻي وٺندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي الله سان گڏ ٻيو معبود بنائن ٿا اهي جلد (پنهنجو انجام) ڄاڻي وٺندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تولئي، اَسين بَس آهيون، مَسخرن کان مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي الله سان گڏ ٻيا به سائين ٿا بنائين، پوءِ جلد ئي خبر پوندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي الله سان گڏ ڪنهن ٻئي کي به ٿا معبود بڻائن، تن کي ڄاڻُ ٿي خبر پوي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ماڻهو الله سان گڏ خدا چون ٿا ٻين کي به، پوءِ سگهوئي کين معلوم ٿي ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي مذاق ڪندڙ اللھ تعالى سان گڏ ٻين کي به معبود ٺاھين ٿا سو کين جلد ئي خبر پئجي ويندي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد نَعلَمُ أَنَّكَ يَضيقُ صَدرُكَ بِما يَقولونَ (آيت : 97) |
۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون ته جيڪي چوندا آھن تنھن سببان تنھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ اسان کي چڱيءَ طرح معلوم آهي ته هنن ماڻهن جي ڳالهين مان تنهنجي دل کي صدمو پهچي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته تحقيق توهان جو سينو مبارڪ تنگ ٿئي ٿو انهن جي ڳالهين ٻُڌڻ سان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون جو انهن (ڪافرن ۽ منافقن) جي ڳالهين کي دل تنگ ٿئين ٿو، اسين ان کي پڪ ڄاڻون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڄاڻون ٿا اسين ته بيشڪ تون تنگ ٿئي ٿو سينو تنهنجو ان سببان جو چون ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته تنهنجو سينو انهن جي ڳالهين کان تنگ ٿئي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته تنهنجو سينو انهن ڳالهين کان تنگ ٿئي ٿو جيڪي اهي چون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي سائـِين گَڏ، سائـِين ٻِيو، مُقرّر ڪن مَغرور، بلڪل بي شُعور، سَمجِھي وِيندا سِگھڙي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان کي خبر آهي ته انهن جي گفتن سبب تنهنجي دل تنگ ٿئي ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسانکي خبر آهي ته جيڪي ڳالهيون اهي ڪن ٿا تن کان تنهنجي دل تي ڏاڍو بار ٿو ٿي پوي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان کي معلوم آهي ته جيڪي ماڻهو توتي ڳالهيون ٺاهين ٿا، انهن سان تنهنجي دل کي تڪليف ٿئي ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان کي سڀ خبر آھي جيڪي ھي بيهوده ڳالهيون ڪن ٿا جنهن سان توکي سخت تڪليف ٿي رھي آھي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ وَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 98) |
۽ تون پاڪائيءَ سان پنھنجي پالڻھار جي ساراھ ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان ھُج.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو تون (کانئن بي پرواهه رهي) پنهنجي پروردگار جي حمد و ثنا ڪر ۽ سندس حضور ۾ سجدو ڪندو رهه.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان پنهنجي رب جي تسبيح ۽ تعريف ڪريو ۽ توهان سجدي ڪندڙن مان هُجو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته تون پنهنجي پروردگار جي حمد (۽ ثنا) سان سندس تسبيح ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان ٿي وڃ!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ تسبيح پڙھ پنهنجي رب جي حمد سان ۽ هج تون سجدي ڪندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ تون پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ پاڪائي ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان هُج. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ پنهنجي پروردگار جي تعريف سان سندس تسبيح پڙهه ۽ سجدي گذارن مان ٿي رهه.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سمجھو ٿا صَحِي، ته سِينو تو سردار!، سوڙهو ٿـئي تِنهن سَبَب، ڪَهن جو ڪُفار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون پنهنجي ڌڻيءَ جي واکاڻ سان سندس پاڪائي بيان ڪندو رهه ۽ سجدو ڪندڙ ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري (اهو لاهڻ لاءِ ) تون پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس تسبيح ڪر ۽ سندس بارگاهه ۾ سجدا بجا آڻ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پنهنجي رب جي حمد سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪر، ۽ سندس حضور ۾ ٿي سجدو ڪندڙن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تون پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ۽ تعريف بيان ڪندو رهه ۽ ان جي آڏو سجدو ڪندو رهه.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاعبُد رَبَّكَ حَتّىٰ يَأتِيَكَ اليَقينُ (آيت : 99) |
۽ ايستائين پنھنجي پالڻھار جي عبادت (پيو) ڪر جيسين توکي موت پھچي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سندس ٻانهپ (۽ حڪمن جي فرمانبرداريءَ) ۾ لڳو رهه، جيستائين يقين تنهنجي اڳيان اچي وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آخري وقت تائين توهان عبادت تي (ثابت قدم) رهو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيستائين تو وٽ يقيني (موت) اچي پنهنجي پالڻهار جي عبادت ۾ لڳو رھ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ عبادت ڪر پنهنجي رب جي تانجو اچي تو وٽ يقيني فيصلو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي پاليندڙ جي عبادت ڪر، جيستائين تو وٽ يقيني ڳالهه (يعني موت) اچي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي رب جي عبادت ڪر ايستائين جو توتي (اها آخري گھڙي) اچي جنهن جو اچڻ يقيني آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سائينءَ جي ساراہ سان، پوءِ ڳائـِج ڳُڻ نِبار، ۽ سجدي وارن مَنجھ سَدا، گهارِج گڏ ڄَمار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پنهنجي ڌڻيءَ جي بندگي ڪندو رهه جيستائين توکي موت اچي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پنهنجي رب جي انهيءَ آخري گهڙيءَ تائين عبادت ڪندو رهه، جنهن جي اچڻ جو يقين آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بندگي ڪر پنهنجي رب جي ان آخري گهڙي تائين جنهن جو اچڻ يقيني آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ آخري گهڙي اچڻ تائين پنھنجي پالڻھار جي بندگي ڪندو رهه.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |