توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الر كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ لِتُخرِجَ النّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ بِإِذنِ رَبِّهِم إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 1) |
الٓرٰ، ھي ڪتاب آھي جو (اي پيغمبر) اُھو اسان توڏانھن ھن لاءِ نازل ڪيو آھي ته ماڻھن کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍين، (۽) سندس رب جي حُڪم سان انھي ساراھيل جي واٽ تي آڻين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) الف- لام- را- هيءُ هڪ ڪتاب آهي جو اسان تو تي نازل ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي سندن پروردگار جي حڪم جي تعميل ۾ اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي، (۽ انهيءَ راهه تي آڻي) جا غالب ۽ ساراهيل خدا جي راهه آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) الرا . هي ڪتاب اسان رسولِ عربي ڏانهن نازل ڪيو آهي، ان لاءِ ته پاڻ ماڻهن کي الله جي حڪم سان اونداهين مان ڪڍي روشني ۽ سڌي راه تي آڻي (يعنى) اها راه جيڪا الله جي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الرا. (اي رسول! هي قرآن اهو) ڪتاب آهي جنهن کي اسان تو ڏي هن لاءِ نازل ڪيو آهي ته تون ماڻهن کي سندن پالڻهار جي حڪم سان (ڪفر جي) اونداهين مان ڪڍي (ايمان جي) روشنيءَ جي رستي تي آڻ جو زبردست (۽) ساراهيل ۽ حمد جو لائق آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الف لام را (هيءُ) ڪتاب آهي نازل ڪيوسون ان کي توڏانهن تانتهه ڪڍين ماڻهن کي انڌيرن مان روشنائيءَ ڏانهن سندن رب جي اذن سان طرف واٽ غالب، ساراهيل جي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) الر. هي هڪ ڪتاب آهي جنهن کي اسان تو ڏي هن لاءِ نازل ڪيو آهي ته تون ماڻهن کي سندن پاليندڙ جي حڪم سان اونداهين مان (ڪڍي) روشنيءَ ۾ (اُن) زبردست (۽) ساراهيل الله جي رستي تي آڻين، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الف لام را . هي ڪتاب آهي جنهن کي اسان تو ڏانهن لاٿو آهي ته جيئن تون ماڻهن کي سندن پروردگار جي حڪم سان اونداهين مان ڪڍي روشني طرف آڻين. غالب ساراهيل (الله) جي رستي ڏانهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الٓــرٰ جِي، آهي، پَرَوَرَ کي پَرُوڙ، ڪِتاب ڪرِيمُ توڏي، هَلايو سُونسِ حُضور!، ته اُونداهِيءَ مان، آدَمِئـِين، نِيئـِين پاسي نُور، هادِيءَ سَندنِ جي حُڪم سان، مارڳ ڏانهن، مَنطور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ا- ل- ر- هي ڪتاب آهي جو تو ڏانهن لاٿو سون، ته ماڻهن کي اونداهين مان سوجهري ڏانهن ڪڍين ۽ رب جي حڪم سان غالب واکاڻيل الله جي واٽ تي آڻين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﲺ (الف ـ لام ـ را) اي نبي هيءُ هڪ ڪتاب آهي، جنهن کي اسان توڏانهن نازل ڪيو آهي ته جيئن تون ماڻهن کي اونداهين مان ڪڍي سوجهري ۾ آڻين، سندن رب جي توفيق سان، انهيءَ الله جي رستي تي جيڪو زبردست ۽ پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ا-ل-ر، (اي نبي!) هي هڪ ڪتاب آهي جيڪو نازل ڪيو اسان توتي، جيئن تون ماڻهن کي اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻين سندن رب جي حڪم سان (ان خدا) جي راهه تي جيڪو زبردست ۽ ذات ۾ ساراهيل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الف ـــ لام ـــ را ھي ھڪ ڪتاب آھي جيڪو اسان تنھنجي مٿان نازل ڪيو آھي ته جيئن تون سڀني ماڻهن کي پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان انڌيرن مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻين، ان پالڻھار جي رستي ڏانھن جيڪو زبردست ۽ تعريف جي لائق آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) الف لام را (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا)، هي (عظيم) ڪتاب آهي جنهن کي اسان توهان ڏانهن نازل ڪيو آهي ته جيئن توهان ماڻهن کي (ڪفر جي) اونداهين مان ڪڍي (ايمان جي) نور ڏانهن آڻيو (وڌيڪ اهو ته) سندن رب جي حڪم سان ان جي واٽ ڏانهن (آڻيو) جيڪو غلبي وارو سڀني خوبين وارو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) الف، لام، را. هي هڪ ڪتاب آهي جيڪو اسين توتي نازل ڪيو آهي ته جيئن ماڻهن کي سندن پالڻهار جي حڪم سان، انڌيرن مان ڪڍي غالب ۽ واکاڻيل الله جي راهه جي سوجهري ڏانهن وٺي اچين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَوَيلٌ لِلكٰفِرينَ مِن عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 2) |
جنھن جو اُھو (سڀئي) آھي جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي، ۽ سخت عذاب جي خرابي انھن ڪافرن لاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اهو خدا جيڪو مالڪ آهي، انهيءَ سڀ ڪجهه جو جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي (۽ سڀ سندس حڪمن جي اڳيان جهڪيل آهن) ۽ سخت عذاب جي خرابي آهي انهن منڪرن جي لاءِ.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) الله اُهو آهي جنهن لاءِ اُهو سڀ ڪجھه آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي، ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب جو ويل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو الله جنهن جو (سڀئي) آهي جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ (آخرت ۾) ڪافرن لاءِ جيڪو سخت عذاب (رکيو ويو آهي سو) افسوس ناڪ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) معبود بالحق اهو جو ان جي ملڪيت آهي جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي ۽ ويل آهي ڪافرن جي لاءِ عذاب سخت جي ڪري .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جنهن جو اهو (سڀئي) آهي جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آهي. ۽ ڪافرن لاءِ سخت عذاب جي مصيبت آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله اُهو آهي جو جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀ سندس آهي. ۽ ڪافرن لاءِ سخت عذاب جي سبب بربادي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو سَٻر ساراهِيل جو، مالِڪ سائـِين مُور، جيڪِي اُڀ، زَمين ۾، سَڀ اُن جِي جوڙ ضَرورُ، ۽ سخت سزا کان سُور، بيشڪ بي شڪران لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله ئي اهو آهي جو جيڪي آسمانن خواهه زمين ۾ آهي، سڀ ان جو آهي_ ۽ سخت عذاب سان تباهه ٿيڻ ڪافرن لاءِ ئي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي ساري موجودات جو مالڪ آهي ۽ ڏاڍي تباهه ڪندڙ سزا آهي، حق کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندڙن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو الله ئي آهي جيڪو آسمانن سان گڏ سڀ موجودات جو مالڪ آهي جيڪي زمين ۾ آهن ۽ حق جي منڪرن جي لاءِ سخت سزا آهي تباهه ڪندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو اللھ تعالى ئي آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ جو مالڪ آھي ۽ (ان جو) انڪار ڪندڙن لاءِ بربادي ۽ سخت عذاب آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اُهو الله ته جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي (سڀ) انهيءَ جو آهي، ۽ ڪافرن جي لاءِ سخت عذاب جي ڪري بربادي آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اهو الله، جو جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي سڀ ان جو آهي (۽ سڀ ان جي حڪمن جي آڏو جهڪيل آهن) ۽ سخت عذاب جو ويل آهي انهن منڪرن جي لاءِ-(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
الَّذينَ يَستَحِبّونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا عَلَى الءاخِرَةِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 3) |
جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي حياتيءَ کان وڌيڪ پيارو رکندا آھن ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھليندا آھن ۽ ان جي ڏنگائي گھرندا آھن، اھي وڏيءَ گمراھي ۾ آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جن آخرت کي ڇڏي دنيا جي زندگي پسند ڪئي، جيڪي ماڻهن کي الله جي راهه کان روڪين ٿا ۽ چاهين ٿا ته ان راهه ۾ ڏنگائي ڦڏائي پيدا ڪن، اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي وڏي اونهي گمراهيءَ ۾ وڃي پيا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جيڪي دنيا جي حياتي کي آخرت کان وڌيڪ پسند ڪن ٿا ۽ الله جي راه کان روڪين ٿا ۽ الله جي راه مان عيب ڪڍن ٿا، اهي (ماڻهو) پري واري گمراهي ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي (ڪافر) جيڪي دنيا (فاني) جي حياتيءَ کي آخرت تي جيڪا (اڻ کٽ نعمت آهي) پسند ڪن ٿا ۽ (ماڻهن کي) خدا جي راھ تي هلڻ کان روڪين ٿا ۽ ان ۾ بيڪار ڏنگائي پيدا ڪرڻ گهرن ٿا. اهي ئي ماڻهو وڏيءَ گمراهيءَ ۾ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جو پسند ڪن ٿا حياتيءَ دنيويءَ کي آخرت تي ۽ روڪين ٿا الله جي واٽ کان ۽ طلب ڪن ٿا ان کي ڏنگو اهي گمراهيءَ پري واريءَ ۾ آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان پسند ڪن ٿا ۽ الله جي رستي کان روڪين ٿا ۽ ان ۾ ڏنگائي گهرن ٿا، اهي وڏيءَ گمراهيءَ ۾ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي ماڻهو دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پسند ڪن ٿا ۽ الله جي راهه کان روڪن ٿا ۽ ان ۾ ڏنگائي چاهن ٿا. اهي گمراهي ۾ پري پئجي ويا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِيءَ حَياتِي نَنڍڙِي، ڪَن، پرلي کان پَسند، ۽ روڪِين رَبَّ جي راه کان، ۽ مَنجھسِ گُھرن ڦيرا ڦَند، اُهي آهن بَند، بِلڪُل پَراهِين ڀُل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان پيارو ٿا سمجهن ۽ الله جي سڌيءَ واٽ کان روڪين ٿا ۽ ان ۾ ڏنگائي ٿا ڳولين! اهي وڏي گمراهي ۾ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي دنيا واري زندگيءَ کي آخرت کان پيارو رکن ٿا ۽ جيڪي الله جي راهه کان ماڻهن کي روڪين ٿا ۽ گُهرن ٿا ته اهو رستو (سندن مرضيءَ مطابق) ڏنگو ٿي پوي. اهي ماڻهو گمراهيءَ ۾ تمام پري هليا ويا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو جيڪي ترجيح ڏين ٿا دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي زندگيءَ تي، ۽ جيڪي روڪين ٿا ماڻهن کي الله جي راهه کان ۽ چاهين ٿا ته هي رستو (سندن خواهشن مطابق) ڏنگو رهي، اهي ماڻهو گمراهيءَ ۾ گهڻو پري نڪري ويل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪافر دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي حياتيءَ جي مقابلي ۾ وڌيڪ پسند ڪن ٿا، ماڻهن کي اللھ تعالى جي رستي کان روڪين ٿا ۽ ان رستي ۾ ٽيڙھ پيدا ڪرڻ به چاھين ٿا (حقيقت ۾) ھو وڏي گمراھيءَ ۾ پيل آھن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (هي) اُهي ماڻهو آهن جيڪي دنيا جي زندگي کي آخرت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پسند ڪن ٿا ۽ (ماڻهن کي) الله جي واٽ کان روڪين ٿا ۽ هن (حق واري دين) ۾ ڏنگائي تلاش ڪن ٿا. هي ماڻهو پري جي گمراهي ۾ (پئجي چڪا) آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جن آخرت کي ڇڏي دنيا جي زندگي پسند ڪري ورتي ۽ جيڪي الله جي واٽ کان انسانن کي روڪين ٿا ۽ ان ۾ منجهائيندڙ (ڏنگائي) وڪڙ پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. اهڙا ماڻهو وڏي گمراهيءَ ۾ مبتلا آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا بِلِسانِ قَومِهِ لِيُبَيِّنَ لَهُم فَيُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 4) |
۽ ڪنھن پيغمبر کي سندس قوم جي ٻوليءَ کانسواءِ ٻيء (ٻوليءَ) سان نه موڪليوسون (ھن لاءِ) ته انھن کي (پڌرو) بيان ڪري، پوءِ الله جنھن کي گھري ٿو تنھن کي ڀُلائي ٿو ۽ جنھن لاءِ وڻيس تنھن کي ھدايت ٿو ڪري، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان ڪوبه پيغمبر دنيا ۾ نه موڪليو، پر هن طرح جو هو پنهنجي قوم ئي جي زبان ۾ حق جو پيغام پهچائڻ وارو هو، انهيءَ لاءِ ته (سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالهه جو) مطلب چٽو ڪري ڏيکاري. پوءِ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو ته (سندس سرڪشيءَ پارؤن) گمراه ڪري ٿو ۽ جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ (سندن اطاعت پارؤن ڪاميابيءَ جي) راهه کولي ڇڏي ٿو. هو غالب ۽ حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اسان هر پيغمبر کي ان جي قوم جي زبان ۾ پيغمبر ڪري موڪليو ان لاءِ ته کين (احڪاماتِ الاهي) کولي ٻڌائي، پوءِ الله جنهنکي چاهي اُن کي گمراه ڪري ٿو ۽ جنهنکي چاهي هدايت وارو ڪري ٿو، ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان هر هڪ رسول کي سندس قوم جي زبان سان ئي موڪليو ته جيئن کين (اسان جا حڪم) سمجهائي. پوءِ خدا جنهن کي گهري تنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ۽ جنهن کي گهري تنهن کي هدايت ڪري ٿو. ۽ اهو ئي سڀ تي غالب حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه موڪليوسون ڪو رسول مگر ان قوم جي ٻوليءَ سان تانتهه بيان ڪري انهن لاءِ پوءِ گمراھ ڪري ٿو الله جنهن کي گهري ۽ هدايت ٿو ڪري جنهن کي گهري ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان هر هڪ رسول کي سندس قوم جي زبان سان ئي موڪليو ته جيئن کين سمجهائي. پوءِ الله جنهن کي گهري تنهن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي گهري تنهن کي رستو ڏيکاري ٿو. ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ڪو به رسول نه موڪليو مگر سندس قوم جي زبان ۾ هن لاءِ ته انهن لاءِ (حق کي) پڌرو ڪري. پوءِ الله جنهن کي چاهي ٿو گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو هدايت ڪري ٿو ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه موڪليوسون مُورهِين، مُرسل ڪو مگر، ذات سَندسِ جي زبان ۾، تان کولي ڏٖينِ خَبر، پوءِ وَڻيسِ تنهن، وَحدهٗ، ڀُلائي مَنجھ بَر، ۽ وڻيسِ تِنهن تي وَڙ ڪري، سُهائيسِ ساڻيہ سَر، ۽ اُهو زَوراوَر زَبر، حِڪمتِي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر ڪنهن نبيءَ کي سندس قوم جي زبان سان موڪليو ويو آهي، ته انهن کي حڪم ٻڌائي، پوءِ الله جنهن کي گهري ٿو ان کي ڀلائي ٿو، جنهن لاءِ وڻيس تنهن کي واٽ لڳائي ٿو_ هو زبردست ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان پنهنجو پيغام رسائڻ لاءِ جڏهن به ڪو رسول موڪليو آهي ته ان پنهنجيءَ قوم جي ٻوليءَ ۾ ئي پيغام پهچايو آهي ته جيئن کين ڳالهه چڱيءَ طرح کولي سمجهائي. پوءِ الله جنهن کي وڻيس ڀٽڪائي ڇڏي ٿو ۽ جنهن کي چاهي هدايت بخشي ٿو، هو نهايت زبردست ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان جڏهن به موڪليو آهي پنهنجي رسول کي پنهنجي پيغام پهچائڻ لاءِ، ان پنهنجي قوم جي ٻوليءَ ۾ کين پيغام ڏنو جيئن کين کولي ڳالهه سمجهائي، پوءِ الله جنهن کي گهري گمراهه ڪندو آهي ۽ هدايت ڏيندو آهي جنهن کي اُهو چاهي، ۽ اهو ئي زبردست آهي حڪمت وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان سڀني رسولن کي سندن قومي ٻولي ۾ پيغام ڏنو آھي ته جيئن ھو ماڻهن کي چڱي طرح بيان ڪري ٻڌائين (وري به) اللھ تعالى جنھن کي چاھي گمراهه ڪري ٿو ۽ جنھن کي چاھي سڌو رستو عطا ڪري ٿو. ھو زبردست حڪمت وارو آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اسان ڪنهن رسول کي نه موڪليوسين مگر سندس قوم جي زبان سان گڏ ته جيئن اهو انهن جي لاءِ (حق جو پيغام) چڱيءَ طرح کولي بيان ڪري سگهي، پوءِ الله جنهن کي گهري گمراهه ڪري ٿو جنهن کي گهري هدايت ڏي ٿو، ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اسين دنيا ۾ جيڪو به پيغمبر موڪليو اهو پنهنجي قومي ٻوليءَ ۾ ئي حق جو پيغام پهچائيندڙ هيو ته جيئن ماڻهن تي (آسانيءَ سان) مطلب واضح ڪري. پوءِ الله، جنهن تي چاهيندو آهي (ڪاميابيءَ جي) واٽ گم ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن تي چاهيندو آهي، واٽ کولي ڇڏيندو آهي. هو غالب حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا أَن أَخرِج قَومَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَذَكِّرهُم بِأَيّىٰمِ اللَّهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 5) |
۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجن معجزن سان موڪليوسون (چيوسون) ته پنھنجي قوم کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍ، ۽ کين الله (جي ڏمر) وارا ڏينھن ياد ڏيار، بيشڪ اُن ۾ ھر ڪنھن صابر شاڪر لاءِ نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو هي حقيقت آهي ته) اسان پنهنجي نشانين سان موسيٰ کي موڪليو هو ته پنهنجي قوم کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي ۽ پڻ الله جي (فيصلو ڪندڙ) واقعات جو بيان ٻڌائي واعظ ۽ نصيحت ڪري. ڇو ته بيشڪ هر انسان لاءِ جيڪو صبر ۽ شڪر ڪندڙ هجي، انهيءَ بيان ۾ (عبرت ۽ نصيحت جون) وڏيون نشانيون آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان (حضرت) موسيٰ کي پنهنجون نشانيون ڏئي موڪليو ته پنهنجي قوم کي اونداهِيُن مان ڪڍي روشني ڏانهن آڻي، ۽ انهن کي الله جي نعمتن وارا ڏينهن ياد ڏياري، بيشڪ ان ۾ هر صبر شڪر ڪندڙ (ٻانهي) لاءِ نشانيون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان موسى کي پنهنجيون نشانيون ڏئي موڪليو (کيس حڪم ڏسوسون) ته پنهنجيءَ قوم کي (ڪفر جي) اونداهين مان (ايمان جي) روشنيءَ ۾ آڻ! ۽ کين خدا جا (اهي ڏينهن ياد ڏيار (جن ۾ خدا جون وڏيون قدرتون ظاهر ٿيون) ان ۾ شڪ نه آهي ته ان ۾ سڀ ڪنهن صبر ۽ شڪر ڪندڙن جي لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البتهه تحقيق موڪليوسون موسى کي نشانين پنهنجن سان ته ڪڍ تون پنهنجي قوم کي انڌيرن مان روشنيءَ ڏانهن ۽ ياد ڏيار انهن کي الله جا ڏينهن بيشڪ ان ۾ البتهه نشانيون آهن هر صبر ڪندڙ شڪر ڪندڙ جي لاءِ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين سان موڪليو (کيس چيوسون) ته پنهنجيءَ قوم کي اونداهين مان روشنيءَ ۾ آڻ! ۽ انهن کي الله جا ڏينهن ياد ڏيار. بيشڪ ان ۾ سڀڪنهن صبر ڪندڙ (۽) شڪر ڪندڙ لاءِ نشانيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان موسى کي پنهنجي نشانين سان موڪليو هن لاءِ ته (اي موسى!) پنهنجي قوم کي اونداهين مان ڪڍي روشني طرف آڻ ۽ انهن کي الله جا ڏينهن ياد ڏيار. بيشڪ ان ۾ هر گهڻي صبر ۽ گهڻي شڪر ڪندڙ لاءِ وڏيون نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُوسٰى مُڪو سون مُورهِين، پَنهنجي پَڌراين ساڻ، ته اوجَھرٖي مان اوجَرڏي، ڪَڍِي قوم سَندئـِي آڻ، ۽ رَبَّ جي روز ڪَمن سان، سَمجھائـِينِ سُڄاڻ!، اُنهيءَ ۾ اُهڃاڻ، هر صابِر شُڪر گُذار لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان موسيٰ کي معجزن سان موڪليو ته، قوم کي اوندهه مان ڪڍي سوجهري ۾ آڻ ۽ کين الله جا ڪي ڏينهن ياد ڏيار! بيشڪ، ان ۾صبر ۽ شڪر ڪندڙ لاءِ نشان آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن کان اڳ موسيٰ کي پنهنجين نشانين سان گڏ موڪلي چڪا آهيون، انهيءَ کي به اسان حڪم ڏنو هو ته پنهنجي قوم کي اونداهين مان ڪڍي سوجهري ۾ آڻ ۽ کين الله جي ڏهاڙن (تاريخ) جا سبق پرائڻ جوڳا واقعا ٻڌائي نصيحت ڪر. انهن واقعن ۾ ڏاڍيون نشانيون آهن، هر انهيءَ شخص لاءِ جيڪو صبر ڪندڙ ۽ شڪر ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان هن کان اڳ موڪليو موسيٰ کي پنهنجين نشانين سان، ان کي به اسان حڪم ڏنو هو ته پنهنجي قوم کي انڌيرن مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي ۽ کين واقعا ٻڌائي الله جي تاريخ جا سبق سيکاريندڙ، بيشڪ انهن واقعن ۾ (نصيحت) جون نشانيون آهن صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اھڙيءَ طرح) اسان موسى ($) کي به نشانيون ڏئي موڪليوته پنھنجي قوم کي انڌيرن مان ڪڍي روشني ڏي وٺي اچ ۽ ان کي اللھ تعالى جي طرفان (گذريل قومن تي آيل) حالات بيان ڪري ٻڌاءِ. بيشڪ انهن (حالات) ۾ صبر ۽ شڪر ڪندڙ ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آھن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ (عليه السلام) کي پنهنجي نشانين سان موڪليو ته (اي موسيٰ!) تون پنهنجي قوم کي اونداهين مان ڪڍي سوجهري ڏانهن وٺي وڃ ۽ انهن کي الله جي ڏينهن جي ياد ڏيار (جيڪي انهن تي ۽ اڳين امتن تي اچي چڪا هئا). بيشڪ ان ۾ هر زياده صبر ڪرڻ واري (۽) خوب شڪر بجا آڻيندڙ جي لاءِ نشانيون آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اها حقيقت آهي ته اسين پنهنجين نشانين سان موسى کي موڪليو هيو ته پنهنجيءَ قوم کي انڌيرن مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي۽ الله جي (فيصلائتن) واقعن جوتذڪرو ڪري (ماڻهن کي) نصيحت ڪري، ڇاڪاڻ جو هر شڪر ۽ صبر ڪرڻ واري انسان جي لاءِ ان تذڪري ۾ (عبرت ۽ نصيحت جون) تمام وڏيون نشانيون آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ أَنجىٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ وَيُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 6) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو جڏھن ته فرعون جي (انھن) ماڻھن کان اوھان کي بچايائين جيڪي اوھان کي سخت عذاب چکائيندا ھوا، ۽ اوھان جي پُٽ ڪُھندا ھوا ۽ اوھان جون ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا ھوا، ۽ ھن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي آزمائش ھُئي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ پوءِ (هيئن ٿيو جو) حضرت موسيٰ پنهنجي قوم کي (واعظ ۽ نصيحت ڪندي) چيو ته، الله تعاليٰ جيڪي احسان اوهان تي ڪيا آهن سي نه وساريو. هن اوهان کي فرعون جي خاندان (جي غلاميءَ) کان ڇوٽڪارو ڏنو (۽ اهو سندس ڪيڏو نه وڏو احسان آهي) هو اوهان کي ڪهڙن نه خراب عذابن ۾ وجهندا هئا. توهان جي (نون ڄاول) پٽن کي قتل ڪري ڇڏيندا هئا (ته جيئن توهان جو تعداد نه وڌي ۽) توهان جي ڇوڪرين کي زنده ڇڏيندا هئا (ته ٻانهيون ٿي رهن). ڏسو ته انهيءَ صورت حال ۾ توهان جي پروردگار جي طرف کان اوهان جي لاءِ ڪهڙي نه سخت آزمائش هئي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته توهان پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو، جنهن وقت توهان کي (الله تعالى) فرعون جي قوم کان نجات ڏني (جيڪي) توهان تي سخت عذاب ڪندا هئا ۽ توهان جي پُٽن کي ڪُهندا هئا ۽ توهان جي نياڻين کي زنده ڇڏيندا هئا، ۽ انهيءَ ۾ توهان لاءِ توهان جي رب جي طرفان وڏي آزمائش هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت ياد ڏيارين) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته خدا جيڪي احسان اوهان تي ڪيا آهن تن کي ياد ڪريو جڏهن ان اوهان کي فرعون جي ماڻهن (جي ظلم) کان نجات ڏياري، اهي اوهان کي بڇڙا عذاب ڏيندا هئا ۽ اوهان جي پٽن کي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي عورتن کي (ٻانهيون ڪرڻ لاءِ) جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا ۽ ان ۾ اوهان جي پالڻهار جي طرفان (اوهان جي صبر جو) وڏو امتحان هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن فرمايو موسى واسطي قوم پنهنجي ته ياد ڪيو الله جي نعمت پنهنجي مٿان جڏهن ڇڏايائين اوهان کي فرمانبردارن فرعون جي کان چکائين پيا اوهان کي سخت عذاب ۽ ڪُهن پيا پٽن اوهان جن کي ۽ جيئرو ڇڏين پيا عورتن اوهان جن کي ۽ ان ۾ آزمائش آهي طرفان رب اوهان جي وڏي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته پاڻ تي (ٿيل) الله جي نعمت کي ياد ڪريو جڏهن اوهان کي فرعون جي ماڻهن کان بچايائين جي اوهان کي بڇڙو عذاب پهچائيندا هئا ۽ اوهان جي پٽن کي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندا هئا. ۽ ان ۾ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان وڏو امتحان هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن موسى پنهنجي قوم کي چيو ته: ”پاڻ مٿان الله جي ان انعام کي ياد ڪيو جڏهن اوهان کي فرعون وارن کان نجات ڏنائين جيڪي اوهان کي برو عذاب ڏيندا هئا ۽ اوهان جي پُٽن کي ڪُهندا هئا ۽ اوهان جي نياڻين کي جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا. ۽ ان ۾ توهان جي پالڻهار طرفان تمام وڏي آزمائش هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُوسٰى سَندسِ ميڙ کي، جڏهن چيو اِهڙِي چال، ته ساريو ثابت پاڻ تي، رَبَّ ڀَلي جا ڀال، جڏهن اوهان کي آجو ڪيو، ڪنان فِرعون جي آل، جي اوهان سان، اَڻ جوڳيون، جاڙون ڪندا هُئا جال، ڪُونڌر اوهان جي ڪَڇ ۾، ڪُهندا هُئا ڪُلال، ظالِم زالون اوهان جون، هُئابَچائـِيندا بَحال، اُن ۾ اوهان نال، پَرورکان پَرک وَڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن موسيٰ سندس قوم کي چيو ته ”الله جي نعمتن کي ياد ڪريو، جڏهن اوهان کي فرعونين کان ڇڏايائين، جي اوهان کي سخت عذاب ڏيندا هئا، اوهان جا پٽ ڪهي ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا هئا ۽ اوهان لاءِ اها رب جي طرفان وڏي آزمائش هئي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو! جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو: "الله جي ان احسان کي ياد ڪريو، جيڪو هن توهان تي ڪيو آهي، هن توهان کي فرعون وارن کان ڇڏائي آزاد ڪيو، جيڪي توهان کي سخت تڪليفون ڏيندا هئا، توهانجي پٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ توهانجي عورتن (نياڻين) کي جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا. انهيءَ ۾ توهانجي رب جي پاران توهان جي وڏي آزمائش هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن چيو موسيٰ پنهنجي قوم کي، ياد ڪريو ان نعمت کي جيڪا الله توهان تي ڪئي، ان نجات ڏني توهان کي فرعون وارن کان، جيڪي توهان کي سخت تڪليفون ڏيندا هئا ۽ قتل ڪندا هئا توهان جي ڇوڪرن کي ۽ جيئرو رکندا هئا توهان جي عورتن کي، ۽ ان ۾ توهان جي لاءِ وڏي آزمائش هئي توهان جي رب جي طرفان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏھن موسى ($) پنھنجي قوم کي چيو ته: اللھ تعالى جي ان نعمت کي ياد ڪريو جڏھن ھن توھان کي فرعون جي ماڻهن کان نجات ڏياري، جن توھان کي سخت عذاب ۾ جڪڙي ڇڏيو ھو ۽ توھان جي پٽن کي (نسل ختم ڪرڻ لاءِ) ذبح ڪندا ھئا، توھان جي نياڻين کي ڇڏي ڏيندا ھئا (ته جيئن اوھان جي طاقت ختم ڪئي وڃي) تاريخ جو اھو نقشو توھان جي لاءِ توھان جي پالڻھار جي طرف کان تمام وڏي آزمائش ھئي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن موسيٰ (عليه السلام) پنهنجي قوم کي چيو: توهان پنهنجي مٿان الله جي (ان) انعام کي ياد ڪريو جڏهن ان توهان کي فرعون وارن کان نجات ڏني جيڪي توهان کي سخت عذاب پهچائيندا هئا ۽ توهان جي ڇوڪرن کي ڪُهي ڇڏيندا هئا ۽ توهان جي عورتن کي زندهه ڇڏي ڏيندا هئا، ۽ ان ۾ توهان جي رب جي طرفان وڏي ڳوري آزمائش هئي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ وري جڏهن موسى پنهنجي قوم کي (نصيحت ڪندي) چيو هيو ته: الله توهان تي جيڪي احسان ڪيا آهن، اهي نه وساريو. هن توهان کي فرعون جي خاندان (جي غلاميءَ)کان نجات ڏني (۽ الله جي پاران آزاديءَ جي عطا ڪيڏو نه وڏو احسان آهي!) فرعون جا ماڻهو توهان کي ڪيڏي نه سخت بُري عذاب ۾ جڪڙيل رکندا هئا- توهان جي پٽن کي ڪُهندا هئا (ته جيئن توهان جو ڳاڻيٽو وڌي نه سگهي) توهان جي نياڻين کي جيئرو ڇڏيندا هئا (ته جيئن فرعون جي آڪهه جون ٻانهيون بڻجي رهن) ڏسو! ان صورتحال ۾ توهان جي پالڻهار جي پاران توهان جي لاءِ ڪيڏو سخت امتحان هيو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكُم لَئِن شَكَرتُم لَأَزيدَنَّكُم وَلَئِن كَفَرتُم إِنَّ عَذابى لَشَديدٌ (آيت : 7) |
۽ جڏھن اوھان جي پالڻھار اوھان کي خبردار ڪيو ته جيڪڏھن اوھين (منھنجو) شڪرانو ڪندؤ ته اوھان کي ضرور وڌيڪ ڏيندس ۽ جيڪڏھن بي شُڪري ڪندؤ ته بيشڪ منھنجو عذاب سخت آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (۽ اوهان اهو وقت وساري ڇڏيو آهي ڇا) جڏهن اوهان جي پروردگار (پنهنجي هن قانون جو) اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن توهان شڪر ڪندؤ ته مان اوهان کي اڃا به زياده نعمتون بخشيندس ۽ جيڪڏهن ناشڪري ڪندؤ ته پوءِ ياد رکو ته منهنجو عذاب به ڏاڍو سخت عذاب آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان ياد ڪريو جڏهن توهان جي رب اعلان فرمايو ته جيڪڏهن توهان شڪر ڪريو ته آئون توهان کي زياده ڏيندس ۽ جيڪڏهن توهان ناشڪري ڪئي ته بيشڪ منهنجو عذاب تمام سخت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت به ياد رهي) جڏهن اوهان جي پروردگار (اوهان کي) ٻڌايو ته جيڪڏهن منهنجو شڪر ڪندو ته آءُ اوهان کي وڌيڪ نعمتون ڏيندس پر جيڪڏهن ناشڪري ڪندو ته ياد رکو! پڪ منهنجو عذاب سخت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن اعلان ڪيو رب اوهان جي ته البته جيڪڏهن شڪر ڪندؤ اوهان ته البته ضرور وڌائيندس اوهان کي ۽ البته جيڪڏهن بي شڪري ڪندؤ اوهان ته بيشڪ عذاب منهنجو البته سخت آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اوهان جي پاليندڙ (اوهان کي) ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهين شڪر ڪندو ته آءُ اوهان کي وڌيڪ ڏيندس ۽ جيڪڏهن ناشڪري ڪندو ته پوءِ بيشڪ منهنجو عذاب سخت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن اوهان جي پروردگار آگاهه ڪيو هيو ته جيڪڏهن اوهان شڪر ڪندؤ ته آءٌ اوهان (جي نعمتن) کي ضرور وڌائيندس ۽ جي اوهان ناشڪري ڪندؤ ته بيشڪ منهنجو عذاب زور سخت آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن سائـِينءَ توهان جي، صاف طرح ڪيو اِهو اِعلان، ته ڀانيان ڀَال، ته اوهان کي، دُهرا ڏِيندسِ دان، ۽ جي بَنِيا بي شُڪران، ته سَزا مُنهنجِي سَخت گھڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اوهان جي رب اوهان کي ٻڌايو ته، جي اوهان شڪر ڪندا ته اوهان کي ضرور وڌيڪ ڏبو ۽ بي شڪري ڪندا ته منهنجو عذاب به سخت آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ياد ڪريو توهانجي رب اعلان ڪيو هو ته "جيڪڏهن شڪر ڪندؤ ته مان توهانکي اڃان به وڌيڪ نوازيندس ۽ جيڪڏهن بي شڪري ڪندؤ ته پوءِ منهنجي سزا به ڏاڍي سخت اٿوَ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان جي رب توهان کي خبردار ڪيو ته جي شڪرگذار ٿيندؤ ته وڌيڪ نوازيندس ۽ جي ناشڪري ڪندؤ منهنجي نعمت جي ته منهنجي سزا به ڏاڍي سخت آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي بني اسرائيل! اھو وقت به ياد ڪريو) جڏھن اوھان جي پالڻھار پنھنجي نعمتن ڏيڻ جي طريقي جو اعلان ڪيو ھو ته جيڪڏھن توھان ڏنل نعمتن تي شڪر گذار ٿي رھندا ته مان (آئندهه ) توھان جي نعمتن کي اڃا به وڌائيندس پر جيڪڏھن ناشڪري ڪندا ته (پوءِ ٻڌي ڇڏيو ته) بيشڪ منھنجو عذاب به تمام سخت آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (ياد ڪريو) جڏهن توهان جي رب آگاهه فرمايو ته جيڪڏهن توهان شڪر ادا ڪندؤ ته آئون توهان تي (نعمتن ۾) ضرور واڌارو ڪندس ۽ جيڪڏهن توهان ناشڪري ڪندؤ ته منهنجو عذاب يقيناً سخت آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (ڇا توهين اهو وقت وساري ڇڏيو؟) جڏهن توهان جي پالڻهار (پنهنجي ان قانون جو) اعلان ڪيو هيو ته: جيڪڏهن توهين شڪر ڪيو ته مان توهان کي اڃا به واڌاريون نعمتون بخشيندس ۽ جيڪڏهن توهين ناشڪري ڪئي ته (پوءِ ياد رکو!) منهنجو عذاب به نهايت سخت آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقالَ موسىٰ إِن تَكفُروا أَنتُم وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا فَإِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 8) |
۽ موسىٰؑ چيو ته اوھان جو ۽ سڀني جھان وارن جو انڪار ڪرڻ (الله کي ڪجھ نقصان لائي نه سگھندو) ڇوته الله بي پرواھ ساراھيل آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ حضرت موسيٰ فرمايو ته جيڪڏهن اوهان ۽ اهي سڀ جيڪي زمين ۾ رهن ٿا بي شڪري ڪن ته (الله کي ان جي ڪهڙي پرواهه آهي؟) الله جي ذات ته بي نياز ۽ ساراهيل آهي، (ليڪن محرومي ۽ تباهي خود اوهان جي لاءِ هوندي).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ موسيٰ فرمايو جيڪڏهن توهان ۽ جيڪي شيون زمين ۾ آهن اُهي سڀئي ڪفر ڪن، پوءِ به بيشڪ الله تعالى بي پرواه ساراهيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ موسى (پنهنجي قوم کي) چئي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن اوهين ۽ (اوهان سان) جيترا ماڻهو سموري زمين تي آهن سڀئي (گڏجي خدا جي) ناشڪري ڪندو ته خدا (کي ذرو به پرواھ نه آهي، ڇو ته اهو بلڪل) بي نياز ساراهيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فرمايو موسى ته جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ اوهان ۽ اهي جو زمين ۾ آهن مڙئي پوءِ بلاشڪ الله البته بي پرواھ ساراهيل آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ موسيٰ چيو ته جيڪڏهن اوهين ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سڀئي ڪفر ڪندو ته (پنهنجو نقصان ڪندو) ڇو ته الله بي پرواه ساراهيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ موسى چيو ته: ”جيڪڏهن اوهان خود ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سي سڀ ڪفر ڪندؤ ته پوءِ بيشڪ الله بي نياز ساراهيل آهي“. (ان کي ڪا پرواهه نه آهي)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيو مُوسٰى، ته اَوهِين ڦِرو، ڪِ جيڪٖي اَندر ڌَر، بي پرواه، پوءِ پَرور، پڻ صاحب سڀ ساراه جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ موسيٰ چيو ته اوهان جو خواهه سڄي جهان وارن جو ڦري وڃڻ الله کي ڪو به نقصان ڪو نه پهچائيندو. ياد رکو، الله بي پرواهه، واکاڻيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ موسيٰ چيو ته "جيڪڏهن توهان ڪفر ڪندؤ ۽ زمين جا سمورا رهاڪو به ڪافر ٿي ويندا ته الله بي پرواهه آهي ۽ هو ته پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيو موسيٰ (قوم کي) جيڪڏهن سڀ رهاڪو توهان مان ڪافر ٿي وڃن زمين ۾ گڏجي، ته به الله (سڀ کان) بي نياز آهي ۽ پنهنجي ذات ۾ پاڻ ساراهيل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ موسى ($ ) کين چيو ته جيڪڏھن توھان ۽ زمين ۾ سڀ رھندڙ ملي ڪري به اللھ تعالى جي ناشڪري ڪندا ته ( به اللھ تعالى کي ڪو نقصان نٿا پهچائي سگهو ڇاڪاڻ ته) بيشڪ اللھ تعالى سڀني کان بي پرواهه ۽ تعريف جي لائق آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ موسيٰ (عليه السلام) چيو: جيڪڏهن توهان ۽ اُهي سڀئي ماڻهو جيڪي زمين ۾ آهن ڪفر ڪرڻ لڳن ته بيشڪ الله (انهن سڀني کان) يقيناً بي پرواهه حمد و ثنا جو لائق آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ موسى چيو: جيڪڏهن توهين ۽ اهي سڀ انسان جيڪي روءِ زمين تي وسن ٿا- ناشڪري ڪندؤ ته (الله کي ان جي ڪهڙي پرواهه؟) الله ته بي نياز ۽ ساراهيل آهي (باقي محرومي ۽ بربادي ته نافرمانن کي ئي پلئه پوڻي آهي). (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ مِن قَبلِكُم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم لا يَعلَمُهُم إِلَّا اللَّهُ جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرَدّوا أَيدِيَهُم فى أَفوٰهِهِم وَقالوا إِنّا كَفَرنا بِما أُرسِلتُم بِهِ وَإِنّا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونَنا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 9) |
اوھان کي انھن جي سُڌ نه پھتي آھي ڇا جيڪي اوھان کان اڳ نوح ۽ عاد جي قوم جا ھوا، ۽ جيڪي کانئن پوءِ ھوا، جن کي الله کان سواءِ ڪو ڪونه ڄاڻندو ھو، سندن پيغمبر وٽن پڌرن مُعجزن سان آيا پوءِ پنھنجا ھٿ واتن ۾ ورايائون ۽ چيائون ته جنھن شيء سان اوھان کي موڪليو ويو آھي تنھن جا اسين مُنڪر آھيون ۽ جنھن ڏانھن اوھين اسان کي سڏيندا آھيو تنھن کان اسين سخت شڪ ۾ پيل آھيون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا توهان تائين انهن ماڻهن جي خبر ڪانه پهتي آهي، جيڪي اوهان کان اڳي ٿي گذريا آهن؟ نوح جي قوم، عاد جي قوم، ثمود جي قوم ۽ اهي قومون جي انهن کان پوءِ آيون ۽ جن جو حال الله ئي کي معلوم آهي. انهن سڀني قومن ڏي انهن جا رسول روشن دليلن سان آيا هئا. پر انهن سندن ڳالهيون موٽائي ڇڏيون (۽ ٻڌڻ کان ئي انڪار ڪيائون) انهن چيو ته جيڪا ڳالهه توهان کڻي آيا آهيو تنهن کان اسان کي انڪار آهي ۽ جنهن ڳالهه ڏانهن توهان سڏيو ٿا تنهن تي اسان کي يقين ڪونهي. اسان شڪ ۽ شبهي ۾ پئجي ويا آهيون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا نه آيون توهان وٽ خبرون انهن ماڻهن جون جيڪي توهان کان اڳ ۾ گذريا (يعنى) قوم نوح جي ۽ عاد ۽ ثمود جي ۽ جيڪي ماڻهو انهن کان پوءِ گذريا انهن کي الله تعالى ئي ڄاڻي ٿو، انهن وٽ انهن جا رسول معجزن سان تشريف ٿيا، پوءِ انهن (اُمتين) رسولن جو انڪار ڪيو ۽ امتين چيو اسين توهان جي رسالت جا انڪاري آهيون ۽ بيشڪ توهان اسان کي جنهن توحيد لاءِ سڏيو ٿا اسين ان ۾ گھڻو شڪ ڪندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اوهان کي انهن ماڻهن جي خبر نه آهي پهتي جيڪي اوهان کان اڳ هئا (جيئن) نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ (ٻيا ماڻهو) جيڪي انهن کان پوءِ ٿيا (ڪئين خبر پوِي؟) انهن کي خدا کان سواءِ ٻيو ڪو نٿو ڄاڻي! انهن وٽ سندن (وقت جا) پيغمبر معجزا کڻي آيا ۽ (کين سمجهايائون ته) انهن پيغمبر جي هٿن کي الٽو سنڌن واتن ۾ هنيو ۽ چوڻ لڳا ته جيڪو خدا کان اوهان (حڪم) آندو آهي اسين ان کي نٿا مڃيون ۽ جنهن (دين) ڏي اوهين اسان کي سڏيو ٿا تنهن ۾ اسان وڏي شڪ ۾ آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه آئي اوهان وٽ خبر انهن جي جيڪي (گذريا) اڳي اوهان کان نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ انهن جي جيڪي انهن کان بعد آيا نه ٿو ڄاڻي انهن کي مگر الله آيا انهن وٽ رسول انهن جا روشن دليلن سان پوءِ وڌائون هٿ پنهنجا واتن پنهنجن ۾ ۽ چيائون ته اسان ضرور ڪفر ڪيو ان جو جو موڪليا ويئو اوهان ان سان ۽ بلاشڪ اسين البته شڪ ۾ آهيون ان کان جو سڏيو ٿا اوهان اسان کي ان ڏانهن شڪ ۾ وجهندڙ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اوهان کي انهن جي خبر نه پهتي جيڪي اوهان کان اڳ هئا (جيئن) نوح ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم ۽ جيڪي انهن کان پوءِ هئا. انهن کي الله کان سواءِ ٻيو ڪو نه ٿو ڄاڻي. انهن وٽ سندن رسول ظاهر نشانيون کڻي آيا. پوءِ انهن پنهنجن هٿن کي پنهنجن واتن ۾ وڌو. ۽ چيائون ته جنهن سان اوهان کي موڪليو ويو آهي تنهن جو اسان انڪار ڪيو ۽ جنهن رستي ڏي اوهين اسان کي سڏيو ٿا تنهن ۾ اسان کي وڏو شڪ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اوهان کي انهن ماڻهن جي خبر نه پهتي آهي؟ جيڪي اوهان کان اڳ هئا (يعني) نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود وارا.. ۽ جيڪي انهن کان پوءِ ٿيا.. جن کي الله کان سواءِ ڪونه ٿو ڄاڻي. انهن وٽ سندن رسول چِٽيون نشانيون کڻي آيا پوءِ انهن (مسخري طور) پنهنجا هٿ پنهنجي واتن ۾ وڌا ۽ چيائون: ”جنهن (دين) سان اوهان کي موڪليو ويو آهي اسان ان سان ڪفر ڪيو ۽ بيشڪ اسان وڏي مُنجھائيندڙ شڪ ۾ (مبتلا) آهيون ان (شريعت) بابت جنهن ڏانهن اوهان اسان کي سڏيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِ آيان ڪِين، اوهان کان، اڳين جو احوال ؟ قوم نوح، عاد ۽ ثمود جِي، پڻ پويان تن پئمال، سوا سائـِينءَ نه اُنهن جو، ڪو هرگز ڄاڻي حال، آينِ مُرسل اُنهن جا، جڏهن نِشانِين نال، پوءِ هَنيون هَٿ واتن ۾، ۽ چيائون اِهڙِي چال، ته اسين ڦِرياسون اُن کان، جا مُڪي وِيان مَقال، ۽ جالولِي ڏِيونِيون لال!، تِنهن کان اَسين گڏيل گمان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اوهان کي، اڳين نوح، عاد ۽ ثمود جي قومن جي ڪا به خبر ڪا نه پهتي آهي؟ ۽ انهن کان پوءِ آيلن جي، جن کي الله کانسواءِ ٻيو ڪو ڄاڻندو ئي ڪونهي، جڏهن وٽن رسول معجزن سان آيا، تڏهن پنهنجا هٿ انهن جي واتن تي رکيائون ۽ چيائون ته ”جنهن ڳالهه سان اوهان کي موڪليو ويو آهي، ان کي نٿا مڃيون ۽ جنهن ڏي سڏيو ٿا، تنهن لاءِ وڏي شڪ ۾ آهيون!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان تائين انهن قومن جا احوال نه پهتا آهن ڇا، جيڪي توهان کان اڳ ٿي گذريون آهن؟ نوح جي قوم، عاد، ثمود ۽ کانئن پوءِ آيل ڪيتريون ئي قومون، جن جو تعداد الله کي ئي معلوم آهي، سندن رسولن جڏهن وٽن چٽيون نشانيون آنديون ته انهن پنهنجا هٿ کڻي واتن ۾ وڌا ۽ چيائون ته "جنهن پيغام سان توهان موڪليا ويا آهيو، اسان ته ان کي نٿا مڃيون ۽ جنهن شيءِ جي توهان اسان کي دعوت ڏيئي رهيا آهيو، ان بابت اسان ڏاڍي شڪ ۾ پيل آهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان کي خبرون نه پهتيون آهن انهن (قومن) جون جيڪي توهان کان اڳي ٿي گذريون آهن: قوم نوح ۽ عاد ۽ ثمود، ۽ انهن کان پوءِ اچڻ واريون ڪيتريون ئي قومون جن جو ڳاڻيٽو معلوم آهي الله کي، جڏهن انهن وٽ آيا انهن جا رسول چٽين نشانين سان ته انهن پنهنجا هٿ پنهنجن واتن ۾ ڏنا ۽ چيائون ته، اسين انڪار ٿا ڪريون جنهن پيغام سان گڏ توهان موڪليا ويا آهيو، اهو اسان لاءِ سخت منجهائيندڙ آهي، شڪ ۾ پيل آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مڪي وارو!) توھان وٽ انهن قومن جو خبرون نه پھتيون آھن ڇا؟ جيڪي توھان کان اڳ ٿي گذريون آھن، (مثلاً) نوح ($) جي قوم، عاد قوم، ثمود قوم ۽ انهن کان پوءِ جيڪي قومون گذريون آھن، جن کي اللھ تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير به نٿو ڄاڻي، انهن سڀني قومن وٽ سندن رسول سڳورا جڏھن واضح نشانيون کڻي آيا ته کين ڏندي آڱريون اچي ويون ۽ چيائون ته جنھن مقصد لاءِ اوھان کي موڪليو ويو آھي اسان ته ان کي مڃون ئي نٿا ۽ جنھن رستي ڏانھن اسان کي سڏيو ٿا ان ۾ اسان کي شڪ آھي ۽ اھو منجهائيندڙ رستو به آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا توهان کي انهن ماڻهن جي خبر نه پهتي جيڪي توهان کان اڳ ۾ گذريا آهن، (اُهي) نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود (جي قومن جا ماڻهو) هئا ۽ (ڪجهه) ماڻهو جيڪي انهن کان پوءِ گذريا، انهن کي الله کانسواءِ ڪير به نٿو ڄاڻي (ڇوته اُهي صفحهِ هستي تان بلڪل نيست و نابود ٿي چڪا آهن)، انهن وٽ سندن رسول پڌرين نشانين سان آيا هئا پوءِ انهن (دشمني ۽ ٺٺولي ڪندي) پنهنجا هٿ پنهنجي منهن ۾ وجهي ڇڏيا ۽ (وڏي جرئت سان) چوڻ لڳا: اسان هن (دين) جو انڪار ڪيو جنهن ساڻ توهان کي موڪليو ويو آهي ۽ يقيناً اسان انهيءَ شيءِ بابت بي چين ڪندڙ شڪ ۾ مبتلا آهيون جنهن ڏانهن توهان اسان کي سڏيو ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پوءِ ڇا توهان وٽ انهن ماڻهن جي خبر نه پهتي جيڪي توهان کان پهريان گذري چڪا آهن؟ يعني نوح جي قوم،- ثمود جي قوم ۽ اهي قومون جيڪي کانئن پوءِ آيون ۽ جن جو حال الله کي ئي معلوم آهي، انهن سمورين قومن وٽ انهن جا رسول، روشن دليلن سان آيا هئا پر ماڻهن سندن ڳالهيون رد ڪري ڇڏيون ( ۽ پيغام ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون) هنن چيو: جيڪا ڳالهه توهين کڻي آيا آهيو اسان اها نه ٿا مڃئون ۽ جنهن ڳالهه ڏانهن توهين سڏيو ٿا، اسان کي ان تي يقين ڪونهي، اسين توهان جي پيغام بابت شڪ ۾ مبتلا آهيون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قالَت رُسُلُهُم أَفِى اللَّهِ شَكٌّ فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَدعوكُم لِيَغفِرَ لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّرَكُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى قالوا إِن أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا تُريدونَ أَن تَصُدّونا عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتونا بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 10) |
سندن پيغمبر چيو ته (اوھان کي) آسمانن ۽ زمين جي بڻائيندڙ الله جي بابت ڪو شڪ آھي ڇا؟ (اُھو) اوھان کي ھن لاءِ سڏيندو آھي ته اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ ٺھرايل مُدّت تائين اوھان کي مُھلت ڏئي، چيائون ته اوھين به رڳو اسان جھڙا ماڻھو آھيو (تنھنڪري اوھانجي چوڻ تي ڪئن لڳون)، جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تن کان اسان کي جھلڻ جو ارادو رکندا آھيو (جي سچا آھيو) ته اسان وٽ ڪو پڌرو دليل آڻيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) انهن جي رسولن چيو ته، ڇا توهان کي الله جي باري ۾ شڪ آهي؟ اهو الله جو آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي؟ جو توهان کي سڏي رهيو اهي ته توهان جا گناهه بخشي ڇڏي ۽ هڪ مقرر وقت تائين (زندگي ۽ ڪامرانيءَ جون) مهلتون ڏئي. تنهن تي انهن قومن چيو ته، اوهان سواءِ هن جي ٻيو ڇا آهيو ته، اسان وانگر انسان آهيو. اوهان چاهيو ٿا ته جن معبودن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن، تن جي پوڄا ڪرڻ کان اسان کي روڪي ڇڏيو. چڱو (جيڪڏهن ائين آهي ته) ڪو چٽو دليل پيش ڪيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) سندن پيغمبرن چيو ڇا الله تعالى جي بار ي ۾ شڪ آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪندڙ آهي، اهو توهان کي سڏي ٿو ته توهان لاءِ توهان جا گناه بخش ڪري ۽ توهان کي هڪ مقرر وقت (موت) تائين مهلت ڏئي، ڪافرن چيو توهان (پيغمبر) ته اسان جهڙا بشر آهيو، توهان ارادو ڪريو ٿا ته اسان کي (ان کان) روڪيو جن (بُتن) جي عبادت اسان جا پيءُ ڏاڏا ڪندا هئا، پوءِ توهان اسان لاءِ ڪو صاف دليل آڻيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تڏهن) سندن پيغمبرن (کين) چيو ته ڇا اوهان کي خدا جي باري ۾ شڪ آهي جو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. اهو اوهان کي هن لاءِ سڏي ٿو ته اوهان جا گناھ معاف ڪري ۽ اوهان کي هڪ مقرر مدت تائين (دنيا ۾ آرام سان) رهڻ ڏئي. انهن چيو اوهين به رڳو اسان جهڙا آدمي آهيو! (ها اسان سمجهيو) اوهين اسان کي انهن کان روڪڻ گهرو ٿا جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا رهيا آهن. (چڱو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته) ڪو به صاف کليل ظاهر معجزو اسان کي آڻي ڏيکار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايو انهن جي رسولن ڇا الله ۾ شڪ آهي؟ جيڪو پيدا ڪندڙ آهي آسمانن ۽ زمين جو سڏي ٿو اوهان کي تانته بخشي اوهان کي گناھ اوهان جا ۽ مهلت ڏي اوهان کي مدي مقرر تائين چيائون ته ناهيو اوهان مگر بشر اسان جهڙا ارادو ڪيو ٿا هي ته روڪيو اسان کي ان کان جو عبادت ڪندا هئا انهن جي ابا ڏاڏا اسان جا پوءِ آڻيو اسان وٽ دليل روشن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) سندن رسولن چيو ته ڇا (اوهان کي) الله ۾ شڪ آهي جو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. اهو اوهان کي هن لاءِ سڏي ٿو ته اوهان کي اوهان جا گناهه معاف ڪري ۽ اوهان کي هڪ مقرر مدت تائين مهلت ڏئي. انهن چيو ته اوهين رڳو اسان جهڙا ماڻهو آهيو. اوهين اسان کي انهن کان روڪڻ گهرو ٿا جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن.پوءِ اسان وٽ ڪا ظاهر ثابتي آڻيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جي رسولن چيو ته: ”ڇا الله ۾ شڪ آهي؟ جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. اهو اوهان کي سڏي ٿو هن لاءِ ته اوهان جي گناهن کي اوهان جي خاطر بخشي ڇڏي ۽ اوهان کي هڪ مقرر وقت تائين مهلت ڏئي“. چيائون: ”اوهان ته رڳو اسان جهڙا بشر آهيو. اوهان چاهيو ٿا ته اسان کي انهن (بتن) جي پوڄا کان روڪيو جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا. پوءِ اسان وٽ ڪو چِٽو دليل آڻيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَهندان اُن جي مُرسلِين، چَينِ اِهڙِي چال، ڪِ آنکي شڪ اَلله ۾؟ جو نَئـِين نموني نال، آهي اُڀ، زمين جو، بَنائـِيندڙ بَحال، ڪوٺينِيان اِن ڪري، ته اَهنجا جُرم جَنجال، بيشڪ بَخشِينِيان اُن مَنجھان، ڀَلوساڻ ڀال، پڻ ڏِينِيان جَلَّ جَلال، مُهلت مُقرّر مَهل سِين. چي، اَوهين ته اَسان ئـِي جِھڙا، ماڻهون آهيو مُور، ڀانيو ته اَسان کي، بَند ڪريو، تن مِڙنِي کان مَجبور، هُئـِن پُوڄِيندا اَسان جا، اَبا وڏا، ڏُور، پوءِ حُجت ڪا حُضور!، کُليل اَسان وَٽ آڻِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن نبين چيو ته ”ڇا آسمانن ۽ زمين جي خالق بابت شڪ ۾ پيا آهيو؟ هو ته اوهان کي سڏي ٿو ته اوهان جا ڏوهه بخشي ۽ ڪجهه وقت تائين اوهان کي مهلت ڏئي“ (ته من ڪجهه سمجهو.) چيائون ته ”اوهين ته اسان وانگر ماڻهو آهيو، ۽ جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا هئا، تن کان اسان کي روڪڻ ٿا گهرو، اسان وٽ ڪو چٽو معجزو ته آڻيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن رسولن کين چيو: "ڇا الله بابت شڪ اٿوَ، جيڪو آسمانن توڙي زمين جو خالق آهي؟ هو ته توهانکي سڏي ٿو ته جيئن توهانجا ڏوهه معاف ڪري ۽ توهانکي هڪ مقرر ڪيل مدت تائين مهلت ڏئي." انهن چيو: "توهان ٻيو ڇا آهيو، اسان جهڙا انسان ئي ته آهيو. توهان اسانکي انهن هستين جي پوڄا ڪرڻ کان روڪڻ ٿا گُهرو، جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا آهن. چڱو ڀلا آڻيو ڪا چٽي ســَـنــَـدَ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي رسولن کين چيو، ڇا الله جي باري ۾ توهان کي شڪ آهي جيڪو خالق آهي آسمانن ۽ زمين جو؟ اهو ئي سڏي پيو توهان کي جيئن معاف ڪري توهان جا گناهه ۽ ڏئي توهان کي مقرر مدت تائين. انهن جواب ڏنو، توهان ڪجهه به نه آهيو بس اهڙا ئي انسان جهڙا اسين، توهان اسان کي روڪڻ گهرو ٿا انهن هستين جي عبادت کان جن جي عبادت اسان جي ابن ڏاڏن ٿئي پئي، چڱو! آڻيو ڪا پڌري سَندَ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سندن رسول سڳورن چيو ته ڇا اللھ تعالى جي باري ۾ توھان کي ڪو شڪ آھي؟ جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آھي، ھو توھان کي (سڌي رستي ڏانهن) ان لاءِ ٿو سڏي ته جيئن توھان جي گناھن کي بخش ڪري ۽ توھان کي ھڪ مقرر وقت تائين مھلت ڏي. انهن چيو ته اوھان ته اسان وانگر انسان آھيو، توھان رڳو اسان کي پنھنجي ابن ڏاڏن جي معبودن جي عبادت ڪرڻ کان روڪيو ٿا، اسان وٽ ڪي چٽا معجزا کڻي اچو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) سندن پيغمبرن چيو: ڇا الله جي باري ۾ شڪ آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پيدا فرمائيندڙ آهي، (جيڪو) توهان کي سڏي ٿو جيئن توهان جا گناهه توهان کي بخش ڪري ۽ (توهان جي نافرمانين جي باوجود) توهان کي هڪ مقرر مدت تائين مهلت ڏي ٿو. اُهي (ڪافر) چوڻ لڳا: توهان ته صرف اسان جهڙا بشر ئي آهيو، توهان اهو گهرو ٿا ته اسان کي انهن (بتن) کان روڪيو جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، پوءِ توهان اسان وٽ ڪو روشن دليل آڻيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) سندن رسولن چيو: ڇا توهان کي الله جي باري ۾ شڪ آهي؟ اهو الله- جيڪو آسمانن ۽ زمين جو جوڙڻهار آهي. هو توهان کي سڏي رهيو آهي ته توهان جا گناهه بخشي ڇڏي ۽ توهان کي هڪ مقرر وقت تائين مهلتون ڏي، تنهن تي قومن چيو: توهين ته اسان وانگر ئي ماڻهو آهيو ۽ چاهيو ٿا ته جن معبودن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن، انهن جي پوڄا ڪرڻ کان اسان کي روڪي ڇڏيو. ها! (جيڪڏهن ائين ئي آهي) ته پوءِ ڪو واضح دليل کڻي اچو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قالَت لَهُم رُسُلُهُم إِن نَحنُ إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَمُنُّ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَما كانَ لَنا أَن نَأتِيَكُم بِسُلطٰنٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 11) |
سندن پيغمبر کين چيو ته اسين اوھان جھڙا ئي ماڻھو آھيون پر الله پنھنجي ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي احسان ڪندو آھي، ۽ الله جي حُڪم کانسواءِ اوھان وٽ ڪنھن دليل جي آڻڻ جي اسان کي ڪا سگھ نه آھي، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) انهن جي رسولن جواب ۾ چيو ته، هائو اسان هن کان سواءِ ڪجهه به نه آهيون ته توهان وانگر انسان آهيون، پر الله جنهن ٻانهي کي چاهي ٿو تنهن کي پنهنجي فضل ۽ احسان لاءِ (يعني وحي پهچائڻ لاءِ) چونڊي ٿو ۽ هيءَ ڳالهه اسان جي اختيار ۾ ناهي ته توهان کي ڪا سند کڻي اچي ڏيکاريون، سواءِ هن جي جو الله جو حڪم ٿئي ۽ الله ئي آهي جنهن تي ايمان رکندڙن جو ڀروسو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) سندن رسولن کين چيو، اسين ته توهان جهڙا انسان آهيون، پر الله تعالى پنهنجي بندن مان جنهنکي چاهي نبوت عطا فرمائي ٿو، ۽ اسان جو ڪم ناهي جو اسين توهان وٽ ڪو دليل آڻيون مگر الله جي حڪم سان، ۽ مؤمنن کي گھرجي ته الله تعالى تي توڪل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سندن پيغمبرن کين جواب ۾ چيو ته بيشڪ اسين به اوهان جهڙا ئي آدمي آهيون پر خدا پنهنجن بندن مان جنهن تي چاهي پنهنجو فضل (۽ ڪرم) ڪري ٿو (۽ پيغمبري عطا ڪري ٿو) ۽ اسان جي اختيار ۾ اها ڳالھ نه آهي جو خدا جي حڪم کانسواءِ (اوهان جي چوڻ موجب) اسين ڪو به معجزو اوهان جي اڳيان آڻي سگهون. ۽ خدا تي سڀني ايماندارن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو انهن کي سندن رسولن ته ناهيون اسين مگر (ظاهر) بشر اوهان جهڙا ۽ پر الله احسان ٿو ڪري ان تي جنهن کي گهري ٿو ٻانهن پنهنجن مان ۽ نه ٿو هجي اسان لاءِ ته آڻيون اوهان وٽ ڪو دليل مگر الله جي اذن سان ۽ الله تي پوءِ گهرجي ته توڪل ڪن توڪل ڪندڙ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) انهن کي سندن رسولن چيو ته اسين رڳو اوهان جهڙا ماڻهو آهيون، پر الله پنهنجن ٻانهن مان جنهن تي گهري تنهن تي احسان ڪري ٿو. ۽ اسان لاءِ هيءَ ڳالهه (آسان) نه آهي ته الله جي حڪم کان سواءِاوهان وٽ ڪا ثابتي آڻيون. ۽ پوءِ ايمان وارن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ کپي. ۽ اسان کي ڇا ٿيو آهي جو الله تي ڀروسو نه ڪريون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سندن رسولن کين چيو ته: ”اسان ته صرف توهان وانگر ماڻهو ئي آهيون ۽ پر الله پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي چاهي احسان ڪري ٿو. ۽ اسان لاءِ اُهو ممڪن نه آهي جو اوهان وٽ ڪو چِٽو دليل آڻيون سواءِ الله جي حڪم جي. ۽ الله تي ئي مؤمنن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُتو اُنهن جي مُرسلِين، ته اَسين ماڻهون اَوهان مِثال، پر گُھري پَنهنجي گولن مان، جنهن کي جَلّ جَلال، ڀَلو ڀَلائي اُن مٿي، خالق خُود خِيال، ۽ ري اِذن اَلله جي، اَسان نه مُور مَجال، ته اوهان وَٽ آڻي سگھون، ڪا حُجت ڪِهِين حال، ۽ مُؤمِن نيڪ نِهال، رکن ڪَم ڪرِيم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) رسولن کين چيو ته ”اسين برابر اوهان جهڙا ماڻهو آهيون پر الله پنهنجن ٻانهن مان جنهن لاءِ وڻيس تنهن تي احسان ڪري، الله جي حڪم کانسواءِ ڪنهن معجزي آڻڻ جي اسان کي طاقت ڪانه آهي_ بس مومنن کي رڳو الله تي ڀروسو ڪرڻ کپي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن رسولن کين چيو: "برابر اسان توهان جهڙائي انسان آهيون، پر الله پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي چاهي نوازي ٿو ۽ اها ڳالهه اسانجي وس ۾ ناهي ته توهانکي ڪا ســَـنــَـدَ آڻي ڏيون، ســَـنــَِـدَ ته الله جي ئي حڪم سان اچي سگهي ٿي، سو الله تي ئي مؤمنن کي ڀروسو ڪرڻ گهرجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو انهن کي سندن رسولن، واقعي اسان ڪجهه نه آهيون بس توهان جهڙا ئي انسان آهيون، ۽ (حقيقت هيءَ آهي ته) الله جنهن کي چاهي نوازيندو آهي پنهنجي ٻانهن مان، ۽ هي اسان جي وس ۾ ناهي جو توهان کي ڪا سَنَد آڻي ڏيون، سَنَد ته الله جي حڪم سان ئي ملندي، ۽ الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي مؤمنن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سندن رسول سڳورن چيو ته (ٺيڪ آ) واقعي اسان توھان جھڙا انسان آھيون پر اللھ تعالى پنھنجي ٻانھن مان جنھن تي چاھي احسان ڪندو آھي، اسان ته اللھ تعالى جي حُڪم کان سواءِ توھان کي ڪوبه معجزو نٿا ڏيکاري سگهون. ايمان وارن کي ته صرف ان تي ئي ڀروسو ڪرڻو پوندو آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) انهن جي رسولن کين چيو: توڻي جو اسان (نفسِ بشريت ۾) توهان وانگر انسان ئي آهيون پر (ان فرق تي به غور ڪريو ته) الله پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي گهري ٿو احسان فرمائي ٿو (پوءِ برابري ڇاجي؟)، ۽ (رهي روشن دليل جي ڳالهه) اِهو اسان جو ڪم ناهي ته اسان الله جي حڪم بنا توهان وٽ ڪو دليل آڻيون، ۽ الله تي ئي مومنن کي ڀروسو ڪرڻ کپي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) رسولن جواب ۾ کين چيو: ها! اسين بلڪل توهان وانگر ئي ماڻهو آهيون، پر الله جنهن بندي کي چاهيندو آهي پنهنجي فضل ۽ احسان لاءِ چونڊيندو آهي. ۽ اها ڳالهه اسان جي وس ۾ ڪانهي جو توهان کي الله جي حڪم کانسواءِ ڪو دليل آڻي ڏيکاريئون ۽ الله ئي آهي جنهن تي مؤمنن جو ڀروسو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَما لَنا أَلّا نَتَوَكَّلَ عَلَى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنا سُبُلَنا وَلَنَصبِرَنَّ عَلىٰ ما ءاذَيتُمونا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 12) |
۽ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي ته الله تي ڀروسو نه ڪريون ۽ بيشڪ اسان کي اسانجي سِڌن رستن جي ھدايت ڪيائين، ۽ جيڪي اسان کي ڏکوئيندا آھيو تنھن تي ضرور صبر ڪنداسون، ۽ ڀروسي ڪندڙن کي الله تي ڀروسو ڪرڻ گھرجي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان کي ڪهڙو سبب آهي جو اسان الله تعاليٰ تي ڀروسو نه رکون؟ حالانڪه انهيءَ ئي (زندگي جي) راهن ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي آهي. اسان انهن ايذائن ۽ تڪليفن تي صبر ڪنداسين جي توهان ڏيئي رهيا آهيو، فقط الله ئي آهي جنهن تي ڀروسو ڪندڙن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اسان کي ڇا ٿيو آهي جو اسين الله تي توڪل نه ڪريون حالانڪ الله اسان کي اسان جو سنئون رستو ڏيکاريو آهي، ۽ اسين توهان جي ايذائڻ تي ضرور صبر ڪنداسين، ۽ توڪل ڪندڙن کي گھرجي ته الله تي توڪل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان کي (آخر) ڇا آهي جو اسين مٿس ڀروسو نه ڪريون هوڏانهن اسان کي (نجات جا) بيشڪ ان رستا ڏيکاريا ۽ جي جي ايذائون اوهان اسان کي رسايون (تن تي اسان صبر ڪيو ۽) آينده به صبر ڪنداسون ۽ توڪل ڪرڻ وارن کي خدا تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇا آهي اسان کي جونه توڪل ڪيون الله تي ۽ تحقيق هدايت ڪيائين اسان کي اسان جي سڌن رستن جي ۽ البته ضرور صبر ڪنداسون ان تي جو ايذاء ڏيو ٿا اوهان اسان کي ۽ الله تي پوءِ گهرجي ته توڪل ڪن توڪل ڪندڙ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) هوڏانهن ان اسان کي اسان جا (سڀئي) رستا ڏيکاريا آهن. ۽ اوهين جيڪو ايذاء اسان کي پهچايو ٿا تنهن تي ضرور صبر ڪنداسون. ۽ پوءِ توڪل ڪرڻ وارن کي الله تي ئي توڪل ڪرڻ کپي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان کي ڇا آهي جو الله تي ڀروسو نه ڪيون؟ حالانڪه ان اسان کي اسان جي (ڪاميابي) جا رستا ڏيکاريا آهن. ۽ اسان ضرور صبر ڪنداسين توهان جي ايذاء رَسانِـــيُن تي. ۽ ڀروسي رکڻ وارن کي الله تي ڀروسو رکڻ گهرجي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اسان کي اُن ۾ ڇا؟ ته نه رکون بارِيءَ مَٿي بار، جڏهن وَنهيون واٽون پَنهنجون، ڏَسيون سون ڏاتار، ۽ سو سڀ سَهنداسون صَحِي، جو اسان ڏِنان آزار، ۽ گُھرجي ته ڪُل ڪم ڪار، رکندڙ، رکن رَبَّ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين ڇو نه الله تي ڀروسو ڪريون، جنهن اسان کي سڌي واٽ ڏيکاري، اوهين جيڪي به اسان کي ڏکويو ٿا، ان تي صبر ڪنداسون ۽ ڀروسي ڪندڙن کي ان تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان ڇو نه الله تي ڀروسو ڪريون، جڏهن ته هن اسانجي زندگيءَ جي سفر ۾ اسانکي صحيح واٽون ڏسيون؟ ۽ توهان اسان کي جيڪو ايذايو پيا، تنهن تي ضرور صبر ڪنداسون ۽ ڀروسو ڪرڻ وارن جو ڀروسو الله تي ئي هئڻ گهرجي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇو نه اسان به ڀروسو ڪريون الله تي، جڏهن ته هن رهنمائي ڪئي اسان جي زندگيءَ جي راهن ۾! ۽ اسان ته صبر ڪندا رهنداسين جيڪي تڪليفون توهان اسان کي ڏئي رهيا آهيو، ۽ الله تي ئي ڀروسو ڪندڙن کي ڀروسو هئڻ گهرجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان اللھ تعالى تي ڇو نه ڀروسو ڪريون؟ جڏهن ته ھن اسان کي پنھنجي زندگيءَ جو صحيح رستو ڏيکاريو آھي. (بھرحال) توھان اسان کي جيڪا تڪليف پھچايو ٿا اسان ان تي ضرور صبر ڪنداسين (۽ اللھ تعالى تي ڀروسو ڪنداسين ڇاڪاڻ ته) ڀروسي رکڻ وارن کي ان تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اسان کي ڇا آهي جو اسان الله تي ڀروسو نه ڪريون ان حال ۾ ته ان اسان کي (هدايت ۽ ڪاميابي جون) واٽون ڏيکاريون آهن، ۽ اسان ضرور توهان جي اذيت پهچائڻ تي صبر ڪنداسين، ۽ توڪل وارن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ کپي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اسان کي ڇا ٿيو آهي جو الله تي ڀروسو نه ٿا ڪيئون؟ حالانڪه هن اسان جي (زندگي ۽ گذران جي) رستن ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي آهي. اسين انهن ايذائن تي صبر ڪنداسين جيڪي توهين اسان کي ڏئي رهيا آهيو، بس الله ئي آهي جنهن تي ڀروسو ڪندڙن کي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِرُسُلِهِم لَنُخرِجَنَّكُم مِن أَرضِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا فَأَوحىٰ إِلَيهِم رَبُّهُم لَنُهلِكَنَّ الظّٰلِمينَ (آيت : 13) |
۽ ڪافرن پنھنجن پيغمبرن کي چيو ته اوھان کي پنھنجي مُلڪ مان ڪڍي ڇڏينداسون يا اسان جي مذھب ڏانھن ضرور موٽي اچو، پوءِ سندن پالڻھار انھن ڏانھن وحي ڪيو ته ظالمن کي ضرور ناس ڪنداسون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ منڪرن پنهنجي رسولن کي چيو ته، اسان توهان کي ضرور پنهنجي ملڪ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏينداسين، يا ته توهان اسان جي مذهب تي موٽي اچو. (تنهن تي) اسان رسولن ڏي وحي موڪليو ته هاڻي ضرور اسان هنن ظالمن کي تباهه ڪري ڇڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ڪافرن پنهنجي پيغمبرن کي چيو، اسين ضرور توهان کي پنهنجي زمين مان ڪڍنداسين يا توهان کي اسان جي مذهب ۾ آڻينداسين، پوءِ الله تعالى انهن ڏانهن وحي موڪلي ته اسين ضرور ظالمن کي هلاڪ ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪافرن پنهنجن رسولن کي چيو ته اسين اوهان کي پنهنجي سرزمين مان ضرور باهر ڪڍي ڇڏينداسون يا ته اوهين اسان جي دين ۾ موٽي اچو. ته سندس پروردگار انهن ڏي وحي موڪليو ته (گهٻرايو نه) اسين انهن سرڪش ماڻهن کي ضرور هلاڪ ڪنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو انهن جو ڪفر ڪيائون واسطي رسولن پنهنجي ته البته ضرور ڪڍي ڇڏينداسون اوهان کي زمين پنهنجيءَ مان يا البته ضرور واپس موٽندؤ دين اسان جي ۾ پوءِ وحي موڪليو انهن ڏانهن رب انهن جي ته البته ضرور هلاڪ ڪنداسون ظالمن کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافرن پنهنجن رسولن کي چيو ته اسين اوهان کي پنهنجي زمين مان ضرور ڪڍي ڇڏينداسون يا ته اوهين اسان جي دين ۾ موٽي اچو. پوءِ سندن پاليندڙ انهن ڏي وحي ڪيو ته ضرور اسين ظالمن کي برباد ڪنداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪافرن پنهنجي رسولن کي چيو ته: ”اسان اوهان کي ضرور پنهنجي زمين مان ڪڍنداسين يا اوهان کي ضرور اسان جي دين ۾ موٽڻو پوندو“. پوءِ سندن پروردگار انهن ڏانهن وحي ڪيو ته: ”اسان ظالمن کي ضرور هلاڪ ڪنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَهيو، جن ڪفر ڪيو، سَندنِ مُرسلن کي مُور، ته آن کي پَنهنجي ديس مان، ڌِڪي ڪَنداسون دُور، ياڌَرم دِين اسان جو، موٽِي ڪندا مَنظور، پوءِ سائـِينءَ سَندنِ، تن ڏي، مُڪو هِي مَذڪور، ته ظالمن ضَرور، ڪَندسِ زَبون زمِين ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منڪرن پنهنجن رسولن کي چيو ته ” اوهان کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍي ڇڏينداسون، جي اوهان اسان جي مذهب ڏي نه ايندا_“ پوءِ سندن رب کين وحي موڪليو ته ”اسين ضرور ظالمن کي ناس ڪنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ منڪرن پنهنجن رسولن کي چئي ڇڏيو ته "يا ته توهانکي وري اسان جي دين ۾ موٽي اچڻو پوندو، نه ته اسان توهانکي پنهنجي ملڪ مان ڪڍي ڇڏينداسون". ان وقت سندن رب انهن ڏانهن وحي موڪليو ته "اسان انهن ظالمن کي برباد ڪري ڇڏينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آخرڪار چئي ڏنو منڪرن پنهنجن رسولن کي، يا ته ڪڍنداسين اسان توهان کي پنهنجي ملڪ مان يا وري موٽڻو پوندو توهان کي اسان جي دين ۾، تڏهن وحي موڪليو انهن ڏي سندن رب ته اسان هلاڪ ڪنداسين اهڙن ظالمن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اھو ٻڌي) ڪافرن پنھنجي رسولن کي چيو ته اسان توھان کي هتان ملڪ نيڪالي ڏينداسين يا وري اوھان کي اسان جي مذھب ۾ اچڻو پوندو. ان تي سندن پالڻھار رسولن ڏانھن وحي ڪئي ته (فڪر نه ڪريو) اسان (انھن) ظالمن کي تباهه ڪري ڇڏينداسين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ڪافر پنهنجي پيغمبرن کي چوڻ لڳا: اسان هر صورت ۾ توهان کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍنداسين يا توهان کي ضرور اسان جي مذهب ۾ موٽي اچڻو پوندو، ته انهن جي رب انهن ڏانهن وحي موڪليو ته اسان ظالمن کي ضرور تباهه ڪنداسين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ منڪرن پنهنجن رسولن کي چيو: اسين توهان کي بهرحال پنهنجي ڏيهه مان ضرور نيڪالي ڏينداسين يا توهين، اسان جي مذهب ۾ موٽي اچو. (جڏهن معاملو ايستائين پهچي چڪو) ته اسين رسولن تي وحي ڪئي ته: هاڻي اسين انهن ظالمن کي برباد ڪنداسين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَنُسكِنَنَّكُمُ الأَرضَ مِن بَعدِهِم ذٰلِكَ لِمَن خافَ مَقامى وَخافَ وَعيدِ (آيت : 14) |
۽ اُنھن کان پوءِ مُلڪ ۾ اوھان کي ضرور رھائينداسين، اِھو انجام انھي لاءِ آھي جيڪو منھنجي اڳيان بيھڻ کان ڊڄي ۽ منھنجي دڙڪي کان ڊڄي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن ماڻهن کان پوءِ توهان کي اسان هن سرزمين ۾ (سندن جاءِ تي) رهائينداسين. اهو آهي نتيجو انهيءَ ماڻهو جي لاءِ جيڪو اسان جي (حڪومت ۽ عدالت جي) جاءِ کان ڊپ ۾ رهيو ۽ پڻ (بدعملن جي بدلي ۾ سزا جو جيڪو اعلان ڪيل آهي تنهن) واعدي ۽ اعلان جي خوف ۾ رهيو (۽ خدا جي حڪمن جي پيروي ڪندو رهيو).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ضرور اسين توهان کي انهن کانپوءِ سندن زمين ۾ آباد ڪنداسين، اهو ان لاءِ ته جيڪو منهنجي سامهون بيهڻ کان ۽ منهنجي عذاب کان ڊڄي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سندن (هلاڪت کان) پوءِ ضرور اوهان کي ان سرزمين ۾ رهائنداسون. اهو وعدو رڳو ان شخص سان آهي جيڪو اسان جي بارگاھ ۾ (اعمال جي پڇا ۾) بيهڻ کان ڊڄي ۽ منهنجي عذاب کان خوف کائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته ضرور رهائينداسون اوهان کي زمين ۾ انهن کان پوءِ اهو ان لاءِ آهي جو ڊڄي ٿو منهنجي اڳيان بيهڻ کان ۽ ڊڄي ٿو وعدي عذاب منهنجي کان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن کان پوءِ ضرور اسين اوهان کي ان زمين ۾ رهائينداسون. اهو انجام ان لاءِ آهي جيڪو منهنجي اڳيان بيهڻ کان ڊنو ۽ منهنجي عذاب جي وعدي کان ڊنو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کان پوءِ اسان اوهان کي ضرور ان زمين ۾ آباد ڪنداسين. اهو (وعدو) ان لاءِ آهي جيڪو منهنجي اڳيان بيهڻ کان ڊنو ۽ منهنجي عذاب جي ڌمڪي کان ڊنو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڳ ڏينداسُون مُلڪ ۾، آن کي، اُن کانپوءِ، جو مُون وَٽ بيهن جو ڀَور کي، اِي حق اُنِهيءَ جو هوءِ، پڻ ڪَنبي ۽ ڪوءِ، ڀَلو سَندمِ ڀُلڪار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان کانپوءِ ملڪ ۾ اوهان کي ئي رهائينداسون، اهو ان لاءِ آهي، جو مون وٽ بيهڻ کان ڊڄي ۽ منهنجي دڙڪي کان ڊڄي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن کان پوءِ توهانکي زمين ۾ آباد ڪنداسون". اهو آهي انعام انهيءَ جو، جيڪو منهنجي بارگاهه ۾ حاضر ٿيڻ کان ڊنو ۽ منهنجي دڙڪي کان به ڊڄندو هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پوءِ آباد ڪنداسين زمين تي توهان کي انهن کان پوءِ، اهو انعام آهي انهن جو جيڪي مون وٽ اچڻ کان ڊڄن ٿا ۽ منهنجي دڙڪي کان خوف کائن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کان پوءِ توھان کي ئي ملڪ ۾ آباد ڪنداسين، اھو وعدو انهن سڀني جي لاءِ آھي جيڪو اسان جي سامھون پيش ٿيڻ جو خوف رکندو ۽ (اسان جي) عذاب جي وعدي کان ڊڄندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن کان پوءِ اسان توهان کي ضرور (انهيءَ) ملڪ ۾ آباد ڪنداسين. هي (وعدو) هر ان ماڻهوءَ جي لاءِ آهي جيڪو منهنجي حضور ۾ بيهڻ کان ڊنو ۽ منهنجي (عذاب جي) وعدي کان خوفزده ٿيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ انهن کانپوءِ اسين توهان کي ان سرزمين ۾ ضرور جاءِ ڏينداسون. اهو انعام ان شخص جي لاءِ آهي جيڪو اسان جي (حڪومت ۽ عدالت جي) مقام ۽ واعدي کان ڊنو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَاستَفتَحوا وَخابَ كُلُّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 15) |
۽ (پيغمبرن) سوڀ جون دُعائون گھريون ۽ سڀڪو ھٺيلو ضدي نامراد ٿيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (مطلب ته پيغمبرن) فتحمنديءَ جي دعا گهري، (۽ فتحياب ٿيا) ۽ هرهڪ سرڪش ضدي (جنهن حق جو مقابلي ڪيو هو) نامراد ۽ ناڪامياب رهيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ پيغمبرن فتح جي دُعا گھري ۽ هر هڪ ظالم (۽) سرڪش ناڪام ٿي ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن (نبين) فتح ٿيڻ جي اسان کان دعا گهري (نيٺ اها پوري ٿي) ۽ هر هڪ سرڪش عداوت رکڻ وارو هلاڪ ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فتح جي طلب ڪيائون ۽ نامراد ٿيو هر هٺيلو سرڪش .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن فتح گهري ۽ سڀ ڪو سرڪش ضدي ناڪامياب ٿيو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (نبين ) فتح طلب ڪئي (ته الله انهن کي فتح ڏني) ۽ هر سرڪش ضدي برباد ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سوڀ جو سُبحان کي، ساري ڪيئون سوال، هر مَتارو ۽ مَتوال، هرگز وِيو هارجِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن فتح جي دعا گهري ۽ هر ڪو ضدي نامراد ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن فيصلو گهريو هو (سو فيصلو ائين ٿيو ته) حق جو دشمن هر ڏاڍو مڙس ناڪام ٿي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن فيصلو گهريو (سو ائين ئي ٿيو) ۽ هر هٺيلي حق جي دشمن هار کاڌي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن پيغمبرن فتح گهري هئي (سو اسان کين فتح عطا ڪئي) ۽ ھڪ ھڪ سرڪش ۽ ضدي ماڻهو ناڪام ۽ نامراد ٿي ويو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (نيٺ) رسولن (الله کان) فتح گهري ۽ هر سرڪش ضدي نامراد ٿي ويو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) مطلب ته پيغمبرن سوڀ ماڻي ۽ هر هٺيلو ۽ هوڏي (جنهن حق سان سينو ساهيو هيو، سو) برباد ٿي چڪو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
مِن وَرائِهِ جَهَنَّمُ وَيُسقىٰ مِن ماءٍ صَديدٍ (آيت : 16) |
ان جي پويان دوزخ آھي ۽ اُن کي پُونءَ جو پاڻي پياريو ويندو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ان کان پوءِ دوزخ آهي (يعني دنيا جي نامراديءَ بعد آخرت جو عذاب پيش اچڻ وارو آهي). اتي رت ۽ پونءِ جو پاڻي کين پياريو ويندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) سندس پويان جهنم آهي ۽ اُن کي پُونءِ وارو پاڻي پياريو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اها ته سندن سزا هئي) ۽ ان جي پٺيان ئي پٺيان جهنم آهي) ۽ (ان ۾) کيس رت پونءِ ڀريل پاڻي پياريو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پويان ان جي جهنم آهي ۽ پياريو ويندو پاڻي پونءِ وارو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ان جي پٺيان دوزخ آهي ۽ کيس پُونءِ جي پاڻيءَ مان پياريو ويندو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان (بربادي) پويان جهنم آهي ۽ ان کي پُونءِ جي پاڻي مان پياريو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اڳيان اُن جي آڳ، پاڻِي پيار بَسِ پُون ڀَريو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان جي پويان دوزخ تيار آهي، (جتي) کيس پونءِ جو پاڻي پياربو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اڳتي وري جهنم اٿس، اتي کيس پيئڻ لاءِ پونءِ وارو پاڻي ڏنو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري ان بعد اڳتي ان لاءِ دوزخ آهي اتي کيس پيئڻ لاءِ پاڻي ڏنو ويندو پونءِ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ناڪام ٿيڻ کان پوءِ هاڻي (ان لاءِ) جھنم به آھي جتي کيس پُونءِ (يعني زخمن جي گند) وارو پاڻي پياريو ويندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) انهيءَ (بربادي) جي پٺيان (وري) جهنم آهي ۽ کيس پونءَ جو پاڻي پياريو ويندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) هر هٺيلي جي پٺيان دوزخ آهي (يعني دنيا جي ناڪاميءَ کان پوءِ آخرت جي ناڪامي پلئه پوڻي اٿس) اتي کيس رتُ ۽ پونءِ رتو پاڻي پياريو ويندو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يَتَجَرَّعُهُ وَلا يَكادُ يُسيغُهُ وَيَأتيهِ المَوتُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَما هُوَ بِمَيِّتٍ وَمِن وَرائِهِ عَذابٌ غَليظٌ (آيت : 17) |
ان کي ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندو ۽ اُن کي ڳيت ڏئي پي نه سگھندو ۽ سڀڪنھن پاسي کان موت ايندس ۽ ھو مُئل نه ھوندو، ۽ ان جي پويان سخت عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) هو هڪ هڪ ڪري وات ۾ وجهندو، پر نڙيءَ کان هيٺ نه لاهي سگهندو، هر طرف کان هن ڏي موت ايندو، پر هو مرندو ڪين ۽ هن جي پٺيان هڪ سخت عذاب لڳل آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اُن کي تڪليف سان ٿورو ٿورو ڪري پيئندو ۽ ان کي آساني سان ڳڙڪائي نه سگھندو ۽ ان کي هر طرف کان موت ايندو پر اُهو نه مرندو، ۽ ان جي پويان سخت عذاب هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (زوريءَ) کيس ڍڪ ڍڪ ڪري پيڻو پوندو ۽ ان کي آسانيءَ سان نڙي مان نه ڳهي سگهندو ۽ اهڙي مصيبت (آهي جو) کيس هر هڪ پاسي موت ئي موت نظر ايندو، حالانڪه هو مارڻ سان به نه مرندو. ۽ پوءِ ان جي بلڪل پٺيان سخت عذاب هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڍڪ ڍڪ ڪري پيئندو ان کي ۽ نه ٿو ويجهو ٿئي جو ڳيت ڏئي پئي ان کي ۽ ايندو ان وٽ موت هر پاسي کان ۽ ناهي اهو مرندڙ ۽ پويان ان جي عذاب سخت آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ان کي ڍڪ ڍڪ ڪري پئيندو ۽ ان کي آسانيءَ سان نڙيءَ کان هيٺ نه لاهي سگهندو ۽ سڀڪنهن پاسي کان ان ڏي موت ايندو پر هو نه مرندو. ۽ ان جي پٺيان سخت عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان کي مشڪل سان ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندو ۽ ان کي آساني سان نڙيءَ کان هيٺ لاهي نه سگهندو ۽ ان کي هر طرف کان موت اچي گهيريندو ۽ پر هو مري نه سگهندو. ۽ ان جي پويان (اڃا ٻيو) زور سخت عذاب هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُرڪِي نه سِرڪِي، ِکيسِ سَگھي، واتان مَنجھ وَتاڳ، ۽ اِيندو وِيندو اُن مَٿي، موت ڪنان هَر ماڳ، ۽ مُئل سون نَه مُورهِين، لاشڪ اُن جو لاڳ، اَ ڳتٖي آڳ اَجھاڳ ۽ بَدبُوءِ ڀَريو بَندڪو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن کي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئندو، ڳيت ڏيئي پي نه سگهندو ۽ هر طرف کان موت ايندس، پر هو مئل نه هوندو ۽ سندس پويان سخت عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن کي زور ڪري نـڙيءَ کان هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪندو، پر ڏاڍي مشڪل سان ڳيت ڏئي سگهندو ۽ موت به هر طرف کان اچي ورايو هوندس پر هو مرندو ڪونه ۽ اڳتي وري ڏاڍو سخت عذاب انتظار ۾ هوندس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن کي هو زبردستي نڙيءَ مان ڳهڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ڏکيائيءَ سان لاهي سگهندو ۽ موت ڇانيل هوندو مٿس هر طرف کان، پر هو مري ڪونه سگهندو ۽ اڳتي لاڳو رهندو سندس جان سان سخت عذاب ذلت وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنهن کي هو ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندو پر نڙيءَ کان آسانيءَ سان ھيٺ نه لاھي سگهندو، کيس ھر طرف موت نظر ايندو پر مرندو به نه. وري ٻيو سخت عذاب سندس پويان ھوندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جنهن کي اُهو مشڪل سان هڪ هڪ ڍُڪ پيئندو ۽ ان کي نڙيءَ کان هيٺ لاهي نه سگهندو، ۽ ان کي هر پاسي کان موت اچي گهيريندو ۽ اُهو مري (به) نه سگهندو، ۽ (پوءِ) ان جي پٺيان (هڪ ٻيو) وڏو ئي سخت عذاب هوندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) هو، ڍُڪ ڍڪ ڪري پيئندو پر ڳيت نه ڏئي سگهندو. هر پاسي کان مٿس موت هوندو پر مرندو ڪونه. سندس ڪڍ هڪ سخت عذاب آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
مَثَلُ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم أَعمٰلُهُم كَرَمادٍ اشتَدَّت بِهِ الرّيحُ فى يَومٍ عاصِفٍ لا يَقدِرونَ مِمّا كَسَبوا عَلىٰ شَيءٍ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ البَعيدُ (آيت : 18) |
جن پنھنجي پالڻھار کان انڪار ڪيو تن جي ڪرتوتن جو مثال انھيءَ ڪيريءَ جھڙو آھي جنھن کي آنڌيءَ واري ڏينھن ۾ واءُ اڏائي، جيڪي ڪمايائون تنھن جي ذري تي پُھچي نه سگھندا، اھا ئي وڏي گمراھي آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن پنهنجي پروردگار (جي فرمانبرداريءَ) کان انڪاري ڪيو تن جي عملن جي مثال اهڙو آهي جهڙو رک يا ڪِر جو ڍير. جنهن کي آنڌيءَ جي ڏينهن هوا اڏائي کڻي وڃي. جيڪي به هنن (پنهنجي عملن سان) ڪمايو آهي تنهن مان ڪجهه به هنن جي هٿ نه ايندو. اهائي گمراهيءَ جي حالت آهي جا وڏي اونهي گمراهي آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڪافرن جي عملن جو مثال اُن ڦُليار (ڇار) جهڙو آهي جنهنکي طوفان واري ڏينهن تيز هوا لڳي، انهن کي سندن ڪمائي مان ڪا شيءِ هٿ نه ايندي، اهائي پري واري گمراهي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن پنهنجي پروردگار جو انڪار ڪيو تن جو حال هيءَ آهي ته انهن جا عمل ڦلهيار جو ڍڳ آهن جنهن کي طوفان واري ڏينهن ۾ طوفان اڏائي کڻي ويو. جيڪي انهن (دنيا ۾) ڪمايائون سو سندن هٿ وس نه هوندو. اها ئي وڏي گمراهي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کي واءُ آنڌي واري ڏينهن ۾ نه قادر ٿيندا ان مان جو ڪمايائون ڪنهن شيءِ تي اها ئي گمراهي پرانهين آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جن پنهنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو تن جو حال هي آهي ته انهن جا عمل ڦلهيار وانگر آهن جنهن کي طوفان واري ڏينهن ۾ واءُ اڏايو. جيڪي ڪمايائون تنهن مان کين ڪجهه به هٿ نه ايندو. اها ئي وڏي گمراهي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن ماڻهن پنهنجي پالڻهار سان ڪفر ڪيو تن جو مثال هي آهي جو انهن جا عمل اُنَ رَکَ وانگر آهن جنهن تي تيز طوفان واري ڏينهن سخت هوا جو جُهوٽو آيو (سڀ ڪجھه اڏاري ويو.) جو جيڪي ڪجهه به ڪيائون ان مان ڪنهن شيءِ تي قادر ٿي نه سگهندا. اُها ئي پراهين گمراهي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي سائـِينءَ سَندنِ کان ڦِريا، اُنهن جا اِهڙا پار، ته فِعل سَندنِ ڦُليهار جِيئَن، جِنهن کي لَڳو لڳاتار، ڏاڍي ڏُ کـٖئي ڏِينهن ۾، تِکو واءُ تڪرار، پوءِ جيڪِي ميڙيئو، تنهن مَنجھان، سَگھنِ نه سَنڀالي وار، اَ ڳاهون اَپار، اُهو مُونجھارو مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن پنهنجي رب کان انڪار ڪيو تن جي اعمالن جو مثال ان مٽيءَ جهڙو آهي، جنهن کي اونداهي ڏينهن ۾ واءُ اڏائي! انهن جيڪي به ڪيو آهي ان جي ذري تي به هو نه پهچي سگهندا_ ۽ اها ئي وڏي گمراهي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن پنهنجي رب سان ڪفر ڪيو آهي، انهن جي عملن جو مثال انهيءَ رک جهڙو آهي، جنهن کي ڪنهن طوفان واري ڏينهن جي واءُ اڏائي ڇڏيو ۽ هو پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪوبه ڦل نه پائي سگهندا. اهائي وڏي گمراهي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مثال آهي انهن ماڻهن جي ڪفر جو پنهنجي رب سان سندن عمل هڪ رک وانگر آهي جنهن کي طوفاني ڏينهن واري جهڪ اڏاري ڇڏيو هجي، اهي ڪو نتيجو حاصل ڪري نه سگهندا پنهنجي عملن جو ڪنهن شيءِ تي، اها ئي آهي وڏي گمراهي پري جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن پنھنجي پالڻھار سان ڪفر ڪيو، انهن جي عملن جو مثال ان خاڪ وانگر آھي جنھن کي آنڌيءَ واري ڏينھن ھوا تيزيءَ سان اڏاري ڇڏيو. انهن جيڪو به عمل ڪيو آھي تن جو کين ڪوبه فائدو نه پھچندو، بيشڪ اِھا ھڪ وڏي گمراھي آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جن ماڻهن پنهنجي رب سان ڪفر ڪيو آهي، انهن جو مثال هي آهي ته انهن جا عمل (ان) رک وانگر آهن جنهن تي تيز طوفان جي ڏينهن سخت هوا جو جهوٽو آيو، اُهي انهن (عملن) مان جيڪي انهن ڪمايا هئا ڪنهن شيءِ تي قابو نه پائي سگهندا. اِها ئي تمام پري جي گمراهي آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جن ماڻهن پنهنجي پالڻهار جو انڪار ڪيو ته انهن جي عملن جو مثال ايئن آهي جيئن ڇار جو ڍير! جنهنکي آنڌيءَ واري ڏينهن هوا، اڏايون وڃي. جيڪو ڪجهه انهن (پنهنجن عملن جي ذريعي) ڪمايو آهي، تنهن مان ڪجهه به کين پلئه ناهي پوڻو- اهائي نهايت گِهري گمراهي آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَأتِ بِخَلقٍ جَديدٍ (آيت : 19) |
(اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايو آھي، جيڪڏھن وڻيس ته اوھان کي نئي ۽ ٻي نئين خلق آڻي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ڇا توهان ڏسو نٿا ته الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين کي حق ۽ مصلحت سان بنايو آهي (نه اجايو ۽ بيسود؟) جيڪڏهن هو چاهي ته توهان سڀني کي کڻي وڃي (۽ تباهه ڪري ڇڏي) ۽ (اوهان جي جاءِ تي) ڪا نئين خلق آڻي ظاهر ڪري.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا توهان نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى آسمانن ۽ زمينن کي حق سان پيدا فرمايو، جيڪڏهن پاڻ چاهي ته توهان کي ختم ڪري ڇڏي ۽ (توهان جي عيوض) نئين مخلوق آڻي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ تدبير سان پيدا ڪيو آهي. جيڪڏهن گهري ته سڀ کي فنا ڪري هڪ نئين پيدائش (واري بستي) آڻي وسائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ الله پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين حق سان جيڪڏهن گهرندو ته ختم ڪندو اوهان کي ۽ آڻيندو مخلوق نئين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو آهي جيڪڏهن گهري ته اوهان کي پري (فنا) ڪري ڇڏي، ۽ نئين خلق آڻي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين کي حق سان پيدا ڪيو آهي؟ جيڪڏهن چاهي ته توهان کي نابود ڪري ڇڏي ۽ نئين مخلوق آڻي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نَه ڏِٺيئي؟ ته ڏاتار، جوڙيو اَڀن، ۽ زَمِين کي، ثابِت اَ کين سامهان؛ جي گُھري رَبُّ غَفّار، ته نِينِيان، ۽ نَئـِين وَرِي، جوڙي جوڙ جَبّار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تو نه ڏٺو آهي ڇا ته، الله آسمانن ۽ زمين کي وڏي تدبير ۽ رٿ سان بنايو آهي، جيڪڏهن چاهي ته اوهان کي ناس ڪري ٻي نئين مخلوق آڻي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمانن ۽ زمين کي برحق خلقيو آهي؟ جي هو چاهي ته توهان ماڻهن کي هٽائي ڇڏي ۽ ٻي نئين مخلوق آڻي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تون ڏسين نٿو ته الله جوڙجڪ آسمانن ۽ زمين جي حق سان قائم ڪئي آهي، جي اهو گهري ته توهان کي کڻي وٺي ۽ هڪ نئين مخلوق توهان جي جاءِ تي آڻي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ اللھ تعالى آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آھي، جيڪڏھن ھو چاھي ته توھان کي ھٽائي توھان جي جاءِ تي ٻي مخلوق آڻي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (اي ٻڌندڙ!) ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين کي حق (تي ٻڌل حڪمت) سان پيدا فرمايو. جيڪڏهن اُهو گهري (ته) توهان کي نيست و نابود فرمائي ڇڏي ۽ (توهان جي جاءِ تي) نئين مخلوق وٺي اچي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇا توهين نه ٿا ڏسو ته الله، آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن اجائي ڪم وانگر نه (بلڪه) هڪ منظم رٿابنديءَ تحت جوڙيو آهي. جيڪڏهن هو چاهي ته توهان سڀني کي هٽائي ڇڏي ۽ ٻي نئين کيپ آڻي ڇڏي-(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَما ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزيزٍ (آيت : 20) |
۽ اِھو (ڪرڻ) الله تي اوکو نه آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ائين ڪرڻ الله تعاليٰ جي لاءِ ڪجهه به ڏکيو يا مشڪل ڪم ناهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اها ڳالهه الله تعالى جي اڳيان مشڪل ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو (ڪرڻ) خدا تي ڪو به مشڪل نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي اها ڳالھ الله تي غالب .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهو (ڪرڻ) الله تي مشڪل نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اِهو (ڪم) الله تي مشڪل نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قادِر تي ڪَم ڪار، اِهو مُشڪل ناهي مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اها ان لاءِ ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ائين ڪرڻ الله لاءِ ڪو ڏکيو ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ائين ڪرڻ الله جي لاءِ ڪجهه به مشڪل نه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ٻي مخلوق آڻڻ) ان لاءِ ڪو مشڪل ڪم نه آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ هي (ڪم) الله تي (ڪجهه به) مشڪل نه آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ايئن ڪرڻ هن لاءِ بلڪل اڻائو ناهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَبَرَزوا لِلَّهِ جَميعًا فَقالَ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا مِن عَذابِ اللَّهِ مِن شَيءٍ قالوا لَو هَدىٰنَا اللَّهُ لَهَدَينٰكُم سَواءٌ عَلَينا أَجَزِعنا أَم صَبَرنا ما لَنا مِن مَحيصٍ (آيت : 21) |
۽ مڙيئي الله جي اڳيان حاضر ٿيندا پوءِ ھيڻا ھٺيلن کي چوندا ته اسين اوھان جي پٺيان لڳا ھئاسون پوءِ اوھين الله جي عذاب مان ڪجھ اسان کان ٽارڻ وارا آھيو ڇا؟ (ھٺيلا) چوندا ته الله اسان کي ھدايت ڪري ھا ته اسين به اوھان کي ھدايت ڪريون ھا، (ھاڻي) اسان جو رئڻ رڙڻ يا اسان جو صبر ڪرڻ اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھي اسان کي ڪا واہ ڪانه آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو، قيامت جي ڏينهن) سڀ ماڻهو گڏ ٿي الله جي روبرو حاضر ٿيندا. پوءِ هيڻا ماڻهو (جي دنيا ۾ مسڪين ۽ ضعيف هئا) سرڪش (سردارن ۽ حاڪمن کي) چوندا ته اسان (دنيا ۾) توهان جي پٺيان هلڻ وارا هئاسين (۽ توهان جي حڪمن ۽ عملن جي پيروي ڪئي سين) پوءِ ڇا توهان اڄ ائين ڪري سگهو ٿا جو الله جي عذاب کان (اسان جو) ڪجهه بچاءُ ڪيو؟ اُهي چوندا ته، جيڪڏهن الله اسان جي لاءِ بچاءَ جي ڪا راهه کولي ها ته، اسان به توهان کي راهه ڏيکاريون ها. (اسان ته پاڻ ئي عذاب ۾ گرفتار آهيون). صبر ڪيون توڙي روئون ۽ پٽيون اسان لاءِ هڪ ئي ڳالهه آهي، اسان لاءِ اڄ ڪنهن به طرح ڇوٽڪارو ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ سڀئي الله تعالى جي سامهون پيش ٿيندا، پوءِ ضعيف، تڪبر ڪندڙن کي چوندا، بيشڪ اسين توهان جا تابعدار هئاسين پوءِ ڇا توهان اسان تان عذابِ الاهي مان ڪا شيءِ ٽاري سگھو ٿا ؟ اهي چوندا ته جيڪڏهن الله اسان کي هدايت ڏي ها ته اسين به توهان کي هدايت ڏيون ها، اسان لاءِ صبر نه ڪرڻ ۽ صبر ڪرڻ برابر آهي، اسان کي ڀڄڻ جي ڪابه جاءِ ڪونهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ قيامت جي ڏينهن سڀئي خدا جي اڳيان حاضر ٿيندا. پوءِ جي ماڻهو (دنيا ۾) ڪمزور هئا سي وڏي عزت وارن کي (تنهن وقت) چوندا، اسين ته رڳو اوهان جي پيروي ڪندا هئاسون ته ڇا (اڄ) اوهين خدا جي عذاب کي اسان کان ٽاري سگهندو؟ اهي جواب ڏيندا، افسوس! خدا (جيڪڏهن) اسان جي هدايت ڪري ها ته اسين به اوهان جي هدايت ڪريون ها، هاڻي اسين چاهي گهٻرايون يا صبر ڪريون (ها ڳالھ هاڻي) هڪجهڙي آهي (ڇو ته) عذاب کان) اسان کي ته بچاءُ ڪونهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ حاضر ٿيندا الله وٽ مڙئي پوءِ چوندا هيڻا انهن لاءِ جو هٺ ڪيائون ته تحقيق اسين هئاسون اوهان جا تابعدار پوءِ ڇا اوهان ٽاريندڙ آهيو اسان تان الله جي عذاب مان ڪا شيءِ چوندا ته جيڪڏهن هدايت ڪري ها اسان کي الله ته البته هدايت ڪيون ها اسين اوهان کي برابر آهي اسان تي بي صبري ڪيون يا صبر ڪيون ناهي اسان لاءِ ڪا بچاءَ جي جاءِ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سڀئي الله جي اڳيان حاضر ٿيندا پوءِ ضعيف هٺيلن کي چوندا ته اسين اوهان جي پٺيان هلڻ وارا هئاسون، ڇا پوءِ اوهين الله جي عذاب مان ڪجهه اسان تان ٽارڻ وارا آهيو؟ هٺيلا چوندا ته جيڪڏهن الله اسان کي رستو ڏيکاري ها ته اسين به اوهان کي رستو ڏيکاريون ها. (هاڻي) اسان لاءِ (هيءَ ڳالهه) هڪ جهڙي آهي ته اسين گهٻرايون يا صبر ڪريون اسان لاءِ ڪو ڇوٽڪارو نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (محشر ۾) سڀ الله اڳيان پڌرا ٿيندا پوءِ ڪمزور ماڻهو وڏائي ڪندڙن کي چوندا: ”بيشڪ اسان اوهان جا پيروڪار هياسين. پوءِ ڇا اوهان الله جي عذاب مان اسان تان ڪا شيءِ هٽائي سگهو ٿا“؟ چوندا: ”جي الله اسان کي ڇوٽڪاري جي ڪا واٽ ڏيکاري ها ته اسان اوهان کي به ضرور اها واٽ ڏيکاريون ها. اسان لاءِ برابر آهي جي رڙيون دانهون ڪيون يا صبر ڪيون. اسان لاءِ بچڻ جي ڪا صورت ناهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَڀيئـِي صاحب پيش ٿِيا، حاضر مَنجھ حضور، ڏَڏن تڏهن، ڏاڍن سان، دَڙيو هِن دَستور، چي، اَسِين تابع اَهنجا، مُورک، هُئاسون مُور، پوءِ اَوهين ڪِ اَسان تان آهيو، دَفع ڪندڙ دُور،ذَرو ڪو ضَرُور، اَلله جي عذاب کان. چي، اسان کي الله، هوند، سُهائي هاسَنئـِين، ته اَسان پڻ اوهان کي، سَنئـِين سُهائـِي راھ، ساڳيو اَسان لئي، جي سَهون، ڪِ ڪريون ڪيڏِي آھِ، وو وو! ڪانهي واھَ! ڪَنڌِي اَسان جِي ڪيڏهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سڀ الله جي اڳيان حاضر ٿيندا، پوءِ هيڻا هٺيلن کي چوندا ته، ”اسين ته اوهان جي ئي پويان هئاسون، پوءِ الله جي عذاب مان هاڻي ڪجهه اسان تان ٽاري سگهندؤ؟“ هو چوندا ته ”جي الله اسان کي واٽ ڏسي ته اسين به اوهان کي ڏسيون، اسان لاءِ روئڻ، صبر ڪرڻ هڪ جهڙو آهي، اسان کي ته ڪا به واهه نه ٿي سجهي.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن سڀئي الله جي آڏو حاضر ٿيندا ته ان وقت انهن مان جيڪي دنيا ۾ هيڻا هئا، سي هٺيلن کي چوندا ته "دنيا ۾ اسان توهانجا پوئلڳ هئاسون، ڇا هاڻي توهان اسانکي الله جي عذاب کان بچائڻ لاءِ به ڪجهه ڪري سگهو ٿا؟" هو جواب ڏيندا: "جيڪڏهن الله ڪا ڇوٽڪاري جي واٽ اسانکي ڏيکاري هجي ها ته توهان کي به ضرور ڏسيون ها. هاڻي ته کڻي روئون رڙون يا ماٺ ڪري ويهون، مڙيئي ڳالهه ساڳي آهي، ڇٽڻ جي ڪا واه ئي ڪانهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن سڀ ماڻهو الله جي آڏو گڏ ظاهر ٿيندا ته ان وقت جيڪي دنيا ۾ هيڻا هئا چوندا انهن ماڻهن کي جيڪي وڏا بڻيل هئا، دنيا ۾ اسان توهان جا تابعدار هئاسين، ڇا هاڻي توهان بچائڻ لاءِ اسان کي الله جي عذاب کان ڪجهه ڪري سگهو ٿا؟ اهي جواب ڏيندا، جي هدايت ڪا ملي هجي ها الله جي طرفان ته اسان ضرور توهان کي به ڏيکاريون ها، هاڻي اسين برابر آهيون، روڄ راڙو ڪريون يا صبر ڪريون، بهرحال اسان جي بچڻ جي ڪا صورت ئي ناهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (مٿئين قسم جا) سڀ ماڻهو جڏھن اللھ تعالى جي سامھون پيش ٿيندا ته انهن مان ڪمزور ماڻهو مغرور ماڻهن کي چوندا ته (سائين!) اسان ته توھان جي پويان ھليا ھئاسين، ڇا توھان اللھ تعالى جي عذاب مان ڪجهه ٽاري سگهو ٿا؟ ھو جواب ڏيندا ته (يار) اسان ئي جيڪڏھن اللھ تعالى جي رستي تي ھجون ھا ته توھان کي ضرور سڌو رستو ڏيکاريون ھا. ھاڻي پاڻ سڀ روڄ راڙو ڪريون يا صبر ڪريون ڳالھ مڙئي برابر آھي، (هن وقت) بچڻ جي ڪابه صورت نظر نٿي اچي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (محشر جي ڏينهن) الله جي سامهون سڀئي (ننڍا وڏا) حاضر ٿيندا ته (پيروي ڪرڻ وارا) ڪمزور (طاقتور) هٺيلن کي چوندا: اسان ته (سڄي ڄمار) توهان جا پوئلڳ رهياسين ته ڇا توهان اسان کي الله جي عذاب کان به ڪجهه بچائي سگهو ٿا؟ اُهي (امير پنهنجي پٺيان لڳندڙ غريبن کي) چوندا: جيڪڏهن الله اسان کي هدايت ڏي ها ته اسان توهان کي به ضرور هدايت جي واٽ ڏيکاريون ها (اسان پاڻ به گمراهه هئاسين تنهنڪري توهان کي به گمراهه ڪندا رهياسين). اسان تي برابر آهي کڻي (اڄ) اسان روڄ راڙو ڪريون يا صبر ڪريون اسان جي لاءِ ڪابه ڀڄڻ جي واٽ نه آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (قيامت جي ڏينهن) سمورا ماڻهو الله وٽ پيش پوندا. پوءِ بي وس ماڻهو، هٺيلن کي چوندا: اسين (دنيا ۾) توهان جي ڪڍ هلندڙ هئاسون. تنهنڪري اڄ توهين الله جي عذاب کان (اسان کي) بچائي سگهندؤ؟ هو کين وراڻيندا: جيڪڏهن الله، اسان تي ڪا بچاءُ جي واٽ کولي ها ته اسان به توهان کي ڪو ڏس ڏيئون ها. (اسين ته پاڻ ئي عذاب ۾ ڦاٿا پيا آهيون) چاهي برداشت ڪريون، چاهي رڙيون ڪريون- اسان جي لاءِ ٻئي حالتون برابر آهن، اسان جي لاءِ اڄ ڪوئي بچاءُ ڪونهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقالَ الشَّيطٰنُ لَمّا قُضِىَ الأَمرُ إِنَّ اللَّهَ وَعَدَكُم وَعدَ الحَقِّ وَوَعَدتُكُم فَأَخلَفتُكُم وَما كانَ لِىَ عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ إِلّا أَن دَعَوتُكُم فَاستَجَبتُم لى فَلا تَلومونى وَلوموا أَنفُسَكُم ما أَنا۠ بِمُصرِخِكُم وَما أَنتُم بِمُصرِخِىَّ إِنّى كَفَرتُ بِما أَشرَكتُمونِ مِن قَبلُ إِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 22) |
۽ جڏھن ڪم فيصل ڪيو ويندو تڏھن شيطان چوندو الله اوھان سان سچو انجام ڪيو ھو ۽ مون اوھان سان (ڪوڙو) وعدو ڪيو ھو پوءِ اوھان سان نه پاڙيم، مون کي اوھان تي اوھان جي سڏڻ کانسواءِ (ٻيو ڪو) زور نه ھو پوءِ اوھان منھنجو چيو قبول ڪيو، تنھنڪري مون کي ڦٺ جٺ نه ڪريو ۽ (ھاڻي) پاڻ کي ڦٺ جٺ ڪريو، آءٌ اوھان جي دانھن ورنائڻ وارو نه آھيان ۽ نڪي اوھين منھنجي دانھن ٻڌڻ وارا آھيو، اوھان اڳي مون کي (الله) جو شريڪ بڻايو ھو تنھن کان آءٌ بيزار آھيان، ڇوته ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (قيامت جي ڏينهن) جڏهن فيصلو ٿي ويندو تڏهن شيطان چوندو ته، بيشڪ الله تعاليٰ توهان سان واعدو ڪيو هو ۽ سچو واعدو ڪيو هو. (اهو واعدو هاڻي پورو ٿي چڪو) ۽ مون به اوهان سان واعدو هو مگر اهو پورو نه ڪيم. مون کي اوهان تي ڪنهن به قسم جو زور ڪونه ڪيو هو (جو توهان کي مجبوراً منهنجي پيروي ڪرڻي پوي ها). جيڪي ٿيو سو فقط هي هو ته مون توهان کي سڏيو ۽ توهان منهنجو سڏ قبول ڪيو (۽ مون تي ملامت نه ڪيو، پر خود پاڻ کي ڏوهه ڏيو ۽ ملامت ڪيو. اڄ جي ڏينهن نڪي مان توهان جو فرياد ٻڌي ٿو سگهان نڪي توهان منهنجو فرياد ٻڌي ٿا سگهو. توهان جو اڳي (دنيا ۾) مون کي الله جو شريڪ ٺهرايو هو (جو منهنجي حڪمن جي فرمانبرداري ڪندا هئو) سو مان ان کان بيزاري ظاهر ٿو ڪيان. بيشڪ ظلم ڪرڻ وارن جي لاءِ وڏو دردناڪ عذاب آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ شيطان چوندو جڏهن فيصلو ڪيو ويندو (بهشتي بهشت ۾ ۽ دوزخي دوزخ ۾ پوندا) ته بيشڪ الله توهان سان سچو وعدو ڪيو ۽ مون به توهان سان وعدو ڪيو پوءِ مون اُن جي مخالفت ڪئي، ۽ مون کي توهان جي مٿان ڪا طاقت نه هئي مگر مون توهان کي سڏيو پوءِ توهان منهنجو چوڻ مڃو، پوءِ (هاڻي) مون تي ملامت نه ڪريو پر پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪريو، آئون توهان کي بچائيندڙ ناهيان ۽ نه توهان مون کي بچائيندڙ آهيو، بيشڪ آئون دنيا ۾ توهان جي شرڪ کان بيزار هُيُسِ، بيشڪ ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن ماڻهن جو (آخري) فيصلو ٿي ويندو (۽ ماڻهو شيطان کي الزام ڏيندا) ته شيطان چوندو، خدا توهان سان سچو وعدو ڪيو هو (سو ته پورو ٿيو) ۽ مون به ته وعدو ڪيو هو پر مون وعدو نه پاريو هوڏانهن منهنجو اوهان تي ڪو زور نه هو، هن کان سواءِ ته مون اوهان کي (بڇڙن ڪمن طرف) سڏيو، پوءِ اوهان منهنجي ڳالھ مڃي. ته هاڻي اوهين مون کي بڇڙو نه چئو پر پنهنجي نفس کي بڇڙو چئو. (اڄ) آءُ نه اوهان جي فرياد کي پهچي سگهان ٿو ۽ نه اوهين منهنجي فرياد رسي ڪري سگهو ٿا. آءُ ان کان اڳ ئي بيزار آهيان جو اوهان مون کي (خدا جو) شريڪ بنايو. بيشڪ جي ماڻهو نافرمان آهن تن لاءِ تمام وڏو دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چوندو شيطان جڏهن فيصلو ڪيو ويندو امر ته بيشڪ الله وعدو ڏنائين اوهان کي وعدو سچو ۽ وعدو ڏنو مون اوهان کي پوءِ وعدي خلافي ڪيم اوهان سان ۽ نه هو واسطي منهنجي اوهان تي ڪو زور مگر هي ته سڏيو مون اوهان کي پوءِ قبول ڪيو اوهان مون لاءِ پوءِ نه ملامت ڪيو مون کي ۽ ملامت ڪيو پنهنجي پاڻ کي ناهيان مان دانهن ورنائيندڙ اوهان جي ۽ ناهيو اوهان دانهن ورنائيندڙ منهنجي بلاشڪ مون انڪار ڪيو ان جو جيڪو شريڪ بنايو اوهان مون کي اڳي بيشڪ ظالم انهن لاءِ ئي عذاب دردناڪ آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن سڀ ڪم پورو ٿي ويندو، ته شيطان چوندو ته بيشڪ الله اوهان سان سچو وعدو ڪيو، ۽ مون اوهان سان وعدو ڪيو پوءِ اوهان سان نه پاڙيم، هوڏانهن منهنجو اوهان تي ڪو زور نه هو هن کان سواءِ ته مون اوهان کي سڏيو، پوءِ اوهان منهنجي ڳالهه مڃي. پوءِ مون کي ملامت نه ڪريو پر پاڻ کي ملامت ڪريو. نه آءُ اوهان جي فرياد رسي ڪرڻ وارو آهيان، ۽ نه اوهين منهنجي فرياد رسي ڪرڻ وارا آهيو. اوهان هن کان اڳ جيڪو مون کي (الله جو) شريڪ ڪيو هو تنهن جو آءُ انڪار ڪريان ٿو. بيشڪ ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن فيصلو ٿي ويندو ته شيطان چوندو: ”بيشڪ الله اوهان سان سچو وعدو ڪيو هيو ۽ مون اوهان سان وعدو ڪيو پر وعدي خلافي ڪيم. ۽ منهنجو اوهان تي ڪو زور نه هيو سواءِ هن جي جو مون رڳو توهان کي (برائي ڏانهن) سڏيو. پوءِ اوهان منهنجي ڳالهه مڃي ورتي. سو مون کي ملامت نه ڪيو پر پنهنجو پاڻ کي ملامت ڪيو. (اڄ) نه آءٌ اوهان جي فرياد رسي ڪرڻ وارو آهيان ۽ نه اوهان منهنجي فرياد رسي ڪرڻ وارا آهيو. بيشڪ آءٌ انڪار ٿو ڪيان ان جو جيڪو هن کان اڳ اوهان مون کي (الله جو) شريڪ ڪندا رهيا آهيو. بيشڪ ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن نِياءُ نِبيرويو وِيو، اُتي اُتو شيطان، ته اَوهان کي، اَنجام ڏِنان، ثابِتَ سَڀ سُبحان، ۽ مون پڻ ٻوليان ٻول ڪي، جُوٺامَنجھ جھان، اَوهان سان اَنجام، پوءِ ڀَڳمِ بي گمان، ۽ مُنهنجِي ته اَوهان تي مُورهِين، هُئي حُجت هَلندِي ڪانه، مگر اَوهان کي مَن ۾، خيال وِڌمِ ڪو خان!، پوءِ مَڃيان مُنهنجِي ڳالهڙِي، پوءِ مُون نَه نِنديو نادان! ۽ ڄُڻيون ڪريو جُوان! پاڻهِي پَنهنجو پاڻ کي. آءٌ نه اوهان جو واهرُو، اَوهين نه مون آڌار، ڦِريسِ اُن کان ته، مون اَ ڳي، ڪو ڀانيان ڀائيوار، هرگز هاڃيڪار، اُنهن لئي سخت عذاب ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪم لهڻ تي شيطان چوندو ته الله اوهان سان سچو انجام ڪيو هو ۽ مون انجام ڏنو هو سو اوهان سان نه پاڙيم، منهنجو اوهان تي ڪو زور ڪو نه هو، رڳو اوهان کي سڏيم ۽ اوهان منهنجو چيو مڃيو، تنهن ڪري مون کي نه ڇينڀيو، پر پاڻ کي ڇينڀيو، نڪي آءُ اوهان جي دانهن ورنائيندس نه اوهين منهنجي، اوهان مون کي الله جو شريڪ بنايو، جنهن کان بيزار آهيان ۽ ظالمن لاءِ ته دردناڪ عذاب آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن معاملو نبيريو ويندو ته شيطان چوندو ته سچي ڳالهه اها آهي ته الله جيڪي به وعدا توهان سان ڪيا هئا، سي سڀ سچا هئا ۽ مون جيترا به وعدا ڪيا، تن مان ڪوبه نه پاڙيم، منهنجو توهان تي ڪو زور ته ڪو نه هو، مون ته رڳو ايترو ڪيو ته توهانکي پنهنجي رستي ڏانهن سڏيم ۽ توهان منهنجي ڳالهه مڃي. هاڻي مونکي ملامت نه ڪريو، پاڻ کي ئي ملامت ڪريو، هتي نڪي مان توهانجي دانـهــُـن جو ڪو تدارڪ ڪري ٿو سگهان ۽ نه وري توهان ئي ٿا منهنجي رڙين جو ڪو بلو ڪري سگهو، اڳي جو توهان مونکي خدائيءَ ۾ شريڪ بڻايو هو، تنهن جو مان انڪاري آهيان. اهڙن ظالمن لاءِ ته پڪ ئي پڪ دردناڪ سزا آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چوندو (کين) شيطان جڏهن فيصلو ڪيو ويندو ته، حقيقت هيءَ آهي ته الله جا توهان سان جيڪي وعدا هئا سي سڀ سچا هئا ۽ مون جيڪي وعدا توهان سان ڪيا تن مان ڪوبه پورو نه ڪيو، ۽ منهنجو توهان تي ڪو زور به ته نه هو، مون ان کان سواءِ ڪجهه به نه ڪيو جو توهان کي سڏيم پنهنجي رستي ڏانهن ۽ توهان به هليا آيا، هاڻي مون کي ملامت نه ڪريو ۽ پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪريو، هتي آئون توهان جي مدد ڪري نٿو سگهان ۽ نه توهان منهنجي ڪا مدد ڪري سگهندؤ، بيشڪ توهان ڀائيوار ڪيو خدائيءَ ۾ مون کي هن کان پهرين، (ان جي مون تي ذميواري ناهي) اهڙن ظالمن لاءِ آهي دردناڪ عذاب يقيني(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (قيامت جي ڏينھن) فيصلو ٿيڻ کان پوءِ شيطان چوندو ته بيشڪ اللھ تعالى توھان سان جيڪي به وعدا ڪيا ھئا سي سڀ جا سڀ سچا ھئا (جيڪي اڄ ظاھر ٿي چڪا آهن). مون اوھان سان جيڪي وعدا ڪيا ھئا تن کي توھان جي حق ۾ پورا نه ڪري سگهيس. حقيقت ھي آھي ته مون توھان تي ڪو زور به ته ڪونه ڀريو ھو سواءِ ان جي جو مان توھان کي رڳو سڏيو ھو ته توھان بغير سوچڻ سمجهڻ جي منھنجي ڳالھ مڃي ورتي، ھاڻي (بھرحال) مون تي لعنت ملامت نه ڪريو، پنھنجو پاڻ تي لعنت ملامت ڪريو، مان توھان جي ڪابه دانھن ٻڌڻ وارو نه آھيان ۽ نه ئي اوھان منھنجي دانھن ٻڌي سگهو ٿا. بيشڪ اڄ مان ان ڳالھ تان ھٿ کڻان ٿو جو توھان اڳ ۾ مون کي اللھ تعالى سان گڏ شريڪ سمجهندا ھئا. بيشڪ اھڙن ظالمن لاءِ تڪليف وارو عذاب آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ شيطان چوندو جڏهن ته فيصلو ٿي ويندو ته بيشڪ الله توهان سان سچو وعدو ڪيو هو ۽ مون (به) توهان سان وعدو ڪيو هو، سو مون توهان سان وعدي خلافي ڪئي آهي، ۽ مون کي (دنيا ۾) توهان تي ڪنهن قسم جو زور نه هو سواءِ ان جي ته مون توهان کي (باطل جي طرف) سڏيو پوءِ توهان (پنهنجي مفاد جي خاطر) منهنجي دعوت قبول ڪئي، هاڻي توهان مون کي ملامت نه ڪريو بلڪه (خود) پنهنجو پاڻ کي ملامت ڪريو. نه آئون (اڄ) توهان جو فرياد ٻڌي سگهان ٿو ۽ نه توهان منهنجو فرياد ٻڌي سگهو ٿا. هن کان اڳي جيڪو توهان مون کي (الله جو) شريڪ بڻائيندا رهيا آهيو بيشڪ آئون (اڄ) ان کان انڪار ڪريان ٿو. يقيناً ظالمن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جڏهن فيصلو ٿي چڪو ته شيطان چيو: بي شڪ! الله توهان سان سچو پچو واعدو ڪيو هيو. (جيڪو پورو ٿي چڪو) ۽ مون به توهان سان واعدو ڪيو هيو پر مون اهو ٽوڙي ڇڏيو. مون کي توهان تي ڪنهن به قسم جو غلبو حاصل نه هيو (جو توهين منهنجي پيروڪاريءَ لاءِ لاچار ٿي پيَئو) پر مون توهان کي سڏيو ۽ توهين منهنجو سڏ ورنايو. تنهن ڪري هاڻي مون تي ڦٽڪار نه ڪيو، پنهنجو پاڻ تي ڦٽڪار ڪيو. اڄ نه ڪي مان ٿو توهان جي دانهن ٻڌي سگهان، نه ڪي توهين ٿا منهنجي دانهن ٻڌي سگهو. توهين اڄ کان پهريان (دنيا ۾) جيڪو مون کي (الله سان) ڀاڱي ڀائيوار بڻائي ڇڏيو هيو (جو ان جي حڪمن احڪامن جيان منهنجن حڪمن احڪامن جي پيروي ڪندا هيؤ) مان ان شرڪ کان بيزاري ظاهر ڪريان ٿو. بي شڪ ! ظالمن جي لاءِ نهايت ڏکوئيندڙ عذاب آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَأُدخِلَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم تَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ (آيت : 23) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي (انھن) باغن ۾ داخل ڪيا ويندا جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن پنھنجي پالڻھار جي موڪل سان منجھن سدائين رھندڙ آھن، منجھس سندين کيڪار سلام آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو هو ۽ نيڪ عمل ڪيا هئا سي (دائمي نعمتن جي) باغن ۾ داخل ٿيندا، جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. هو پنهنجي پرورگار جي حڪم سان هميشه انهن ۾ رهندا. اتي انهن جي لاءِ (هر طرف کان) هيءَ دعا ۽ کيڪار هوندي ته اوهان تي سلامتي هجي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ بهشت ۾ داخل ڪيا ويندا اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا انجي هيٺان نهرون وهنديون، الله جي حڪم سان اهي بهشت ۾ هميشه رهندا، انهن جو کيڪارڻ بهشت ۾ السلام عليڪم سان هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن (سچي دل سان) ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيا اهي بهشت جي انهن باغن ۾ داخل ڪيا ويندا جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ اهي پنهنجي پروردگار جي حڪم سان تنهن ۾ هميشه رهندا. اتي سندن ملاقات جو تحفو سلام هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ داخل ڪيا ويندا اهي شخص جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون بهشتن ۾ وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندا انهن ۾ پنهنجي رب جي اذن سان کيڪار انهن جي ان ۾ سلام آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪيو ويندو جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. انهن ۾ سندن پاليندڙ جي حڪم سان پيا رهندا. اتي سندن آڌرُ ڀاءُ سلام (جي لفظ سان) ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون سي باغن ۾ داخل ڪيا ويندا جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون. اُهي ان ۾ پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان هميشه رهندا. ان ۾ سندن آڌر ڀاءُ ”سلام“ (لفظ سان) هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن مڃيو ۽ ڪم ڪيا، موچارا مُدام، باغن مَنجھ بهشت جي، ڏِيندسِ اُنهن آرام، هميشه هيڍان جن جي، ناليون جارِي جام، سداساڪِن اُن ۾، اِذن ساڻ عَلام، سَندنِ سَلام، سَلام، خُوش، خَير عافِيتون پاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، سي انهن باغن ۾ داخل ٿيندا جن جي هيٺان نهرون ٿيون وهن ۽ سندن رب جي حڪم سان منجهن سدائين رهندا_ انهن لاءِ پاڻ کي کيڪار سلام هوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻئي پاسي وري جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اهي اهڙن باغن ۾ داخل ڪيا ويندا، جن جي هيٺان واهيون وهنديون ۽ انهن ۾ هو پنهنجي رب جي حڪم سان سدائين رهندا ۽ اتي سندن آجيان سلام سان ٿيندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان جي برخلاف جن ماڻهن دنيا ۾ ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا، سي اهڙن باغن ۾ رهندا جن جي هيٺان وهنديون هونديون نهرون، اهي اتي هميشھ رهندا پنهنجي رب جي حڪم سان، ۽ اتي انهن جي آجيان مبارڪن سان ٿيندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪيو ويندو جن جي ھيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وھنديون. ھو پنھنجي پالڻھار جي اجازت سان ان ۾ ھميشه رھندا، جنت ۾ انهن کي اٿندي ويھندي (فرشتن ۽ جنتي ماڻهن طرفان) سلام پيش ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا اُهي جنتن ۾ داخل ڪيا ويندا جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون (اُهي) ان ۾ پنهنجي رب جي حڪم سان سدائين رهندا، (ملاقات جي وقت) ان ۾ سندن دعا جو ڪلمو ”سلام“ هوندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو هيو ۽ جن چڱا عمل ڪيا هئا، اهي (ابدي نعمتن جي) باغن ۾ داخل ڪيا ويندا. جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون. پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان انهن ۾ هميشه رهندا. (انهن جي راحتن تي ڪڏهن به زوال نه ايندو). اتي انهن جي لاءِ (هر پاسي کان) دعائن جون ندائون هونديون ته: شل سلامت هجو! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَلَم تَرَ كَيفَ ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا كَلِمَةً طَيِّبَةً كَشَجَرَةٍ طَيِّبَةٍ أَصلُها ثابِتٌ وَفَرعُها فِى السَّماءِ (آيت : 24) |
(اي پيغمبر) توکي معلوم نه آھي ڇا؟ ته الله ڪھڙو مثال بيان ڪيو آھي پاڪ ڪلمون پاڪ وڻ وانگر آھي سنديس پاڙ مُحڪم آھي جنھن جون ٽاريون آسمان آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ڇا توهان هن ڳالهه تي غور ڪونه ڪيو آهي ته الله تعاليٰ ڪهڙيءَ طرح مثال پيش ڪيا آهن؟ هڪ چڱي ڳالهه جو مثال ائين آهي جيئن هڪ چڱو وڻ. ان جون پاڙون مضبوط آهن ۽ ٽاريون آسمان ۾ پکڙيل آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا توهان نه ڏٺو ته ڪهڙي طرح الله تعالى ڪلمه طيب (لَا اِلٰہَ اِلَّا اللهُ مُحَمَّدُ رَّسُولُ اللهِ) جو مثال بيان ڪري ٿو ڪلمه طيب جو مثال پاڪ وڻ (کجور) جهڙو آهي جو پاڙون اُن جون مضبوط آهن ۽ ٽاريون اُن جون بلند آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ڇا تو نه ڏٺو ته خدا چڱي ڳالھ (جيئن توحيد جو ڪلمو) جو ڪهڙو نه (سٺو) مثال بيان ڪيو آهي ته (سٺي ڳالھ) ڄڻ ته هڪ پاڪيزه وڻ آهي جو جنهن جي پاڙ مضبوط آهي ۽ ان جون ٽاريون آسمان ۾ (لڳل) هجن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو ته ڪيئن بيان ڪيو الله مثال ته ڪلمو پاڪ، وڻ پاڪ وانگر آهي پاڙ ان جي مضبوط آهي ۽ ٽاري ان جي آسمان ۾ آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا تو نه ڏٺو ته ڪيئن الله مثال بيان ڪيو آهي سٺيءَ ڳالهه کي سٺي وڻ جهڙو (ڪيو اٿس) جنهن جي پاڙ مضبوط هجي ۽ ان جون ٽاريون آسمان ۾ هجن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو نه ڏٺو ته الله ڪيئن مثال بيان ڪيو آهي؟ ته ڪلمهءِ طيب (پاڪيزه ڳالهه) جو اها پاڪيزهه وڻ وانگر آهي. جنهن جي پاڙ (زمين ۾) مضبوط آهي ۽ ان جون ٽاريون آسمان ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڏِٺئـِي ته ڏاتار، ڪِيئن صاف طرح سَمجھائيو؟ ڪَلمو پاڪ، پاڪ وڻ جِيئن جنهن جي پاڙ مَنجھ پاتار، اُن جا آسمان ۾، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) توکي معلوم نه آهي ڇا؟ ته الله ڪهڙو مثال ڏنو آهي، پاڪ ڪلمو پاڪ وڻ وانگر آهي، جنهن جي پاڙ مضبوط آهي ۽ سندس ٽاريون آسمان ۾ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ڇا تو نه ڏٺو ته الله پاڪ سهڻي ڳالهه جو مثال ڪهڙيءَ شيءِ سان ڏنو آهي؟ ان جو مثال هڪڙي سٺيءَ جنس واري وڻ وانگر آهي، جنهن جي پاڙ زمين ۾ اونهي ويل آهي ۽ شاخون آسمان ۾ پهتل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تون ڏسين نٿو ته الله تعاليٰ ڪلمي پاڪ جو مثال ڪهڙي شيءِ سان ڏنو آهي؟ اهو هڪ سٺي وڻ جي نسل وانگر آهي جنهن جي پاڙ اونهي کتل آهي (زمين ۾) ۽ ٽاريون آسمان تائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ڇا توھان نه ڏٺو ته اللھ تعالى ڪلمي توحيد کي پاڪ وڻ جي مثال طور پيش ڪيو آھي. جنھن جو بنياد (۽ پاڙون) مضبوط آھن ۽ ان جون شاخون آسمان ڏانھن بلند آھن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا توهان نه ڏٺو، الله ڪهڙو مثال بيان فرمايو آهي ته پاڪيزه ڳالهه ان پاڪ وڻ جيان آهي جنهن جي پاڙ (زمين ۾) مضبوط آهي ۽ ان جون ٽاريون آسمان ۾ آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇا توهين غور نه ڪيو ته الله، هڪ سهڻي ڳالهه جو ڪهڙو مثال بيان ڪيو آهي؟- هڪ پاڪيزه وڻ جو- جنهن جي پاڙ پاتال ۾ ۽ ٽاريون آسمان ۾ ڦهليل هجن-(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
تُؤتى أُكُلَها كُلَّ حينٍ بِإِذنِ رَبِّها وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 25) |
پنھنجي پالڻھار جي حُڪم سان سڀ ڪنھن وقت پنھنجا ميوا پچائيندو آھي، ۽ الله ماڻھن لاءِ مثال بيان ڪندو آھي مانَ اُھي نصيحت وٺن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اهو وڻ) پنهنجي پروردگار جي حڪم سان هر وقت ميوا پيدا ڪندو رهي ٿو. الله تعاليٰ ماڻهن جي لاءِ مثال بيان ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ ته هو سوچين ۽ سمجهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهو وڻ الله جي حڪم سان هر وقت ۾ ميوو ڏئي ٿو، ۽ الله تعالى ماڻهن لاءِ مثال بيان ڪري ٿو ته من اهي نصيحت حاصل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پنهنجي پروردگار جي حڪم سان هر وقت پنهنو ميوو ڏيندو رهي ٿو ۽ خدا ماڻهن لاءِ (ان ڪري) مثال بيان ڪري ٿو ته جيئن ماڻهو نصيحت ۽ (سبق) حاصل ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڏئي ٿو ميوو پنهنجو هر وقت پنهنجي رب جي اذن سان ۽ هڻي ٿو ٻڌائي الله گهڻا مثال ماڻهن جي لاءِ تانته اهي نصيحت حاصل ڪن..(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) سڀ ڪنهن وقت پنهنجي پاليندڙ جي حڪم سان پنهنجو ميوو ڏئي ٿو. ۽ الله ماڻهن لاءِ مثال بيان ڪري ٿو، مَنَ اهي نصيحت وٺن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو (وڻ) پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان هر وقت ميوو ڏئي ٿو. ۽ الله ماڻهن لاءِ مثال بيان ڪري ٿو ته جيئن اهي نصيحت پِرائن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ميوا مَڃر ڏار، سانيَسِ جِي سَنڀال سان تازا سندسِ تيار، ڏي ميوا هَر مُند ۾، اِنپر پالڻهار، ڏي مِثال ماڻهنِ هار، پَڙِهي پَرُوڙِين مان سي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو پنهنجي رب جي حڪم ساڻ هر وقت ميوا ٿو ڏئي، الله اهو مثال ماڻهن لاءِ ان ڪري ٿو بيان ڪري، ته من نصيحت پرائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مند مند تي پيو ٿو پنهنجي رب جي حڪم سان ڦــَـر ڏئي. اهي مثال الله ان لاءِ ٿو ڏئي ته مــَـن ماڻهو انهن مان ڪو سبق پرائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو هر وقت پنهنجا ميوا ڏئي رهيو آهي پنهنجي رب جي حڪم سان، ۽ اهڙا مثال الله ان لاءِ ڏيندو آهي جيئن ماڻهو ان مان سبق وٺن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي وڻ پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان ھر دفعي ميوو ڏيندو رھي ٿو، اللھ تعالى ماڻهن لاءِاھڙامثال بيان ڪري ٿو ته جيئن ھو نصيحت پرائي سگهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اُهو (وڻ) پنهنجي رب جي حڪم سان هر وقت ميوو ڏيئي رهيو آهي ۽ الله ماڻهن جي لاءِ مثال بيان فرمائي ٿو ته جيئن اُهي نصيحت حاصل ڪن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اهو پاڪيزه وڻ) پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان هر وقت ميوو پيدا ڪندو ٿو رهي (جنهن جون ٽاريون ڪڏهن به ميوي کان خالي نه ٿيون هجن). الله، ماڻهن جي لاءِ مثال بيان ڪري ٿو ته جيئن هو سوچين-سمجهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمَثَلُ كَلِمَةٍ خَبيثَةٍ كَشَجَرَةٍ خَبيثَةٍ اجتُثَّت مِن فَوقِ الأَرضِ ما لَها مِن قَرارٍ (آيت : 26) |
۽ بڇڙي ڳالھ جو مثال بڇڙي وڻ وانگر آھي جو زمين تان پٽيو ويو اُن کي ڪو ٽِڪاءُ نه آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ نڪمي بيڪار ڳالهه جو مثال ائين آهي جيئن نڪمو وڻ. زمين جي مٿان (ٿوهر وانگي) سندس پاڙون کوکليون آهن. (جڏهن وڻيوَ تڏهن اکيڙي پٽي ڇڏيوس) ۽ ان کي ڪا ڄمت يا مضبوطي ڪانهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ڪفريه ڪلمات جو مثال خراب وڻ (ٽوهه) جو آهي جيڪو زمين جي مٿان ئي پٽيو وڃي ٿو ان کي ڪا مضبوطي ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بڇڙي ڳالھ (جيئن شرڪ جو ڪلمو) جو مثال هڪ خراب وڻ وانگر آهي (جنهن جي پاڙ اهڙي ڪمزور هجي) جو زمين جي مٿاڇري کان ئي پٽي ڦٽي ڪجي (ڇو ته) کيس قرار ته آهي ڪين!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مثال ڪلمي پليد جو، مثل وڻ پليد جي آهي جيڪو ڪاٽيو ويو زمين جي مٿان ناهي ان جي لاءِ ڪو قرار .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ گندي ڳالهه جو مثال گندي وڻ جهڙو آهي، جنهن کي زمين تان پٽيو ويو ان کي ڪو ٽڪاءُ نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪلمهءِ خبيثه (ناپاڪ ڳالهه) جو مثال ان ناپاڪ وڻ وانگر آهي جنهن کي زمين تان پٽي (اڇلايو) ويو. ان کي ڪو قرار ناهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مِثال مَٺِيء ڳالھ جو، بُڇڙو وَڻ بيڪار، جِنهن کي نه ڪِٿي قَرار، جو پَٽيون وِيو پَٽ مٿان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بڇڙي ڪلمي جو مثال ان خراب وڻ وانگر آهي، جو زمين تان پٽيو وڃي ۽ جنهن کي ڪو هڪ هنڌ ٽڪاءُ نه هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وري گندي ڳالهه جو مثال هڪڙي خراب جنس جي وڻ جيان آهي، جنهن کي زمين جي مٿاڇري کان ئي پٽي اڇلايو وڃي ٿو، انهيءَ کي ڪو ٽڪاءُ ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بڇڙو مثال هڪ اهڙي ڪِني وڻ جي نسل وانگر آهي جنهن کي پٽي اڇليو وڃي ٿو زمين جي مٿاڇري تان، ان کي ته ڪو ٽِڪاءُ ڪونهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان جي مقابلي ۾) بري ڪلمي (يعني ڪفر، شرڪ ۽ دھريت) جو مثال ان بيڪار وڻ وانگر آھي جنھن کي آسانيءَ سان زمين تان پاڙن سميت اکيڙيو ويندو آھي (ڪمزور پاڙن جي ڪري) کيس ڪابه مضبوطي نه ھوندي آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ناپاڪ ڳالهه جو مثال ان ناپاڪ وڻ جيان آهي جنهن کي زمين جي مٿاڇري کان ئي پٽيو وڃي، ان کي ٿورو به قرار (۽ بقا) نه هجي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ گندي ڳالهه جو مثال ايئن آهي جيئن ڪو گندو وڻ-زمين جي مٿاڇري تي ان جي پاڙ کوکلي- جڏهن چاهجي پٽي ڦٽي ڪري ڇڏجي- ان جي لاءِ ڪائي مضبوطي ڪانهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يُثَبِّتُ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا بِالقَولِ الثّابِتِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَيُضِلُّ اللَّهُ الظّٰلِمينَ وَيَفعَلُ اللَّهُ ما يَشاءُ (آيت : 27) |
جن ايمان آندو تن کي الله دُنيا جي حياتيءَ ۾ ثابت قول سام مُحڪم رکندو آھي ۽ آخرت ۾ به، ۽ الله ظالمن کي ڀُلائيندو آھي، ۽ الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اهڙيءَ طرح) الله تعاليٰ ايمان وارن کي ڄمت ۽ مضبوطيءَ واري ڳالهه جي وسيلي ڄمت ۽ مضبوطي ڏئي ٿو، دنيا جي زندگيءَ توڙي آخرت جي زندگيءَ ۾ ۽ نافرمانن جي لاءِ (ڄمت ۽ مضبوطيءَ جي) راهه گم ڪري ٿو ڇڏي ۽ هو جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو (يعني سندس حڪمت جو قانون ۽ فيصلو اهو آهي ته ائين ڪري).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) الله تعالى مؤمنن کي ڪلمه طيبه تي موت وقت ۽ قبر ۾ (سوال جواب وقت) ثابت قدم رکي ٿو، ۽ الله تعالى ظالمن کي گمراه ڪري ٿو، الله تعالى جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي ماڻهو ڪي پختي ڳالھ (توحيد جي ڪلمي) تي (سچي دل سان) ايمان آڻي چڪا تن کي خدا دنيا جي زندگي ۾ (به) ثابت قدم رکندو. ۽ کين (سوال جواب ۾ ڪا به تڪليف نه ٿيندي) ۽ الله سرڪش کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ٿو. ۽ خدا جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ثابت ٿو رکي الله انهن کي جو ايمان آندائون پڪي قول سان حياتيءَ دنيا جيءَ ۾ ۽ آخرت ۾ ۽ گمراھ ٿو ڪري الله ظالمن کي ۽ ڪري ٿو الله جيڪي گهري.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) الله ايمان وارن کي دنيا جي حياتيءَ ۾ ۽ آخرت ۾ مضبوط ڳالهه سان ثابت قدم رکي ٿو. ۽ الله ظالمن کي گمراهه ڪري ٿو. ۽ الله جيڪي گهري ٿو سو ڪري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله ايمان وارن کي مضبوط ڳالهه سان ثابت رکي ٿو دنيا جي حياتيءَ ۾ به ۽ آخرت ۾ به، ۽ الله ظالمن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ الله جيئن چاهي ٿو تيئن ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، رکي تن رحمان، مَنجھ هن ۽ هُن جَھان، ثابِت، ثابت ڳالھ تي. ۽ ڏاڍن کي ڏاتار، گمراه ڪري، گَس ڪنان، ۽ ڪري ڪَم ڪلتار، جيڪِي وڻنسِ پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ايمان آندو، تن کي الله دنيا ۽ آخرت ۾ ثابت قول تي مضبوط ٿو رکي. (پر) الله ظالمن کي ڀلائي ٿو ڇڏي ۽ الله جيڪي گهري ٿو، سوئي ڪري ٿو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ايمان آڻڻ وارن کي الله هڪ مضبوط قول جي بنياد تي دنيا توڙي آخرت ۾، پنهنجي جاءِ تي ثابت قدم ٿو رکي ۽ ظالمن کي الله گمراهه ٿو ڪري ڇڏي، الله کي جيئن وڻي ٿو تيئن ڪري ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ثابت ڪري ٿو الله ايمان آڻڻ وارن ماڻهن کي هڪ ثابت قول جي بنياد تي سلامتي عطا ڪندي دنيا توڙي آخرت (ٻنهي ۾) ۽ ڀٽڪائيندو آهي الله ظالمن کي، ۽ اختيار آهي الله کي جيڪي وڻيس سو ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى ايمان وارن کي ھن سچي ڳالھ (يعني ڪلمي توحيد جي برڪت) سان دنيا ۾ ثابت قدم رکي ٿو ۽ آخرت ۾ ھميشگي عطا ڪري ٿو ۽ ظالمن کي اللھ تعالى گمراهه ئي رکي ٿو. اللھ تعالى جو به ڪرڻ چاھي، اِھو سڀ سندس ئي اختيار آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) الله ايمان وارن کي (ان) مضبوط ڳالهه (جي برڪت) سان دنيوي حياتيءَ ۾ به ثابت قدم رکي ٿو ۽ آخرت ۾ (به). ۽ الله ظالمن کي گمراهه قرار ڏي ٿو. ۽ الله جيڪي چاهي ٿو ڪري ڇڏي ٿو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) الله، ايمان وارن کي ڄمي بيهڻ ۽ مضبوط رهڻ واري ڳالهه جي ذريعي ثابت قدمي ۽ مضبوطي ڏيندو آهي، دنياوي زندگيءَ ۾ به ۽ آخرت جي زندگيءَ ۾ به. ۽ نافرمانن تي (ثابت قدمي ۽ مضبوطيءَ جي) واٽ گم ڪري ڇڏي ٿو. ۽ هو جيڪو چاهيندو آهي سو ڪندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ بَدَّلوا نِعمَتَ اللَّهِ كُفرًا وَأَحَلّوا قَومَهُم دارَ البَوارِ (آيت : 28) |
(اي پيغمبر) توکي اُھي معلوم نه آھن ڇا؟ جن بي شُڪريءَ سببان الله جي نعمتن کي مٽايو ۽ پنھنجي قوم کي ھلاڪيءَ جي گھر ۾ وڌو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تو انهن ماڻهن جي حالت تي نظر نه ڪئي آهي ڇا جن کي الله تعاليٰ نعمت عطا ڪئي هئي، پر هنن بي شڪري ڪري ان کي بدلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي قوم کي برباديءَ جي گهر ۾ وڃي لاٿو؟(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا توهان انهن ماڻهن (ڪفار قريش) کي نه ڏٺو جن الله جي نعمتن کي ناشڪري سان مَٽايو ۽ انهن پنهنجي قوم کي هلاڪت ۾ وِڌو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي پيغمبر) ڇا تون انهن ماڻهن جي حال تي غور نه ڪيو جن منهنجي احسان جي بدلي ناشڪري ڪئي ۽ پنهنجي قوم کي هلاڪت جي کڏ ۾ اڇليائون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو ته انهن ڏانهن جن مٽايو الله جي نعمت کي بي شڪريءَ سان ۽ داخل ڪيائون قوم پنهنجيءَ کي هلاڪت واريءَ جاءِ ۾ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇاتو انهن کي نه ڏٺو جن الله جي نعمت کي ناشڪريءَ سان مٽايو. ۽ پنهنجي قوم کي برباديءَ جي گهر ۾ لاٿائون، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو؟ جن الله جي مليل نعمت کي ناشڪري سبب بدلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي قوم کي تباهي جي گهر ۾ لاٿائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڏِٺيئـِي؟ ته جن ڏاتار جِي، نِعمت پُٽ ۽ کِير، بَدلائي بَدبَخت سي، وَڃِي پُوڄياپِير، فَقِير، سَندنِ، ساٿ سُڌِير، ڪِيئون ڀيڙو ڀُونگٖي ڀِينگ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) توکي اهي معلوم نه آهن ڇا؟ جن بي شڪريءَ ڪري الله جي نعمتن کي مٽايو ۽ پنهنجي قوم کي مصيبت جي گهر ۾ اڇلايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تو نه ڏٺو ڇا انهن ماڻهن کي، جن کي الله جي نعمت ملي ته اها مــَـٽائي ناشڪري ڪيائون ۽ (پاڻ سان گڏ) پنهنجي قوم کي به وٺي وڃي تباهيءَ جي گهر ۾ پهچايائون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) تو ڏٺو انهن ماڻهن کي جن بدلايو الله جي مليل نعمت کي ناشڪري سان (پاڻ سان گڏ) پنهنجي قوم کي تباهي جي گهر ۾ ڦٽو ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان اھڙن ماڻهن کي نه ڏٺو جن اللھ تعالى جي نعمت کي سندس ناشڪري ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ پاڻ سان گڏ قوم کي به برباد ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا توهان انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن الله جي نعمت (ايمان) کي ڪفر سان تبديل ڪيو ۽ انهن پنهنجي قوم کي تباهي جي گهر ۾ لاٿو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر!) ڇا، تون انهن ماڻهن جي حالت تي نظر نه ڪئي جن کي الله نعمت عطا ڪئي هئي پر هنن، ناشڪريءَ جي ذريعي اها بدلائي ڇڏي ۽ پنهنجي قوم کي تباهيءَ جي کَڏَ ۾ وڃي اڇليائون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها وَبِئسَ القَرارُ (آيت : 29) |
جو دوزخ آھي، اُھي منجھس گھڙندا، اُھو بڇڙو ٽڪاڻو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) يعني دوزخ ۾ وڃي لاٿو (پوءِ جنهن جي رهڻ جي جاءِ دوزخ ٿي سا) ڪهڙي نه خراب جاءِ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اها جهنم آهي اهي جهنم ۾ داخل ٿيندا ۽ اها تمام خراب ٺڪاڻو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جيڪي) سڀئي جهنم واصل ٿيندا ۽ اهو ڪهڙو نه بڇڙو ٺڪاڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (يعني) جهنم ۾ داخل ٿيندا ان ۾ ۽ بري آهي رهڻ جي جاءِ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جو جهنم آهي، ان ۾ داخل ٿيندا. ۽ اهو بڇڙو ٽڪاڻو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اُهو گھر) دوزخ آهي جنهن ۾ داخل ڪيا ويندا. ۽ بڇڙو ٽڪاڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَھَنَّم نالو جِنهن جو، جنهن کي پُهچنداپاڻ، بِلڪُل بُڇڙو ڀاڻ، آهي، سو آرام لئ. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو دوزخ آهي، منجهس اهي گهڙندا ۽ رهڻ جو اهو هنڌ تمام خراب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جهنم جنهن ۾ پيا سڙندا ۽ اها ڏاڍي خراب ٽڪڻ جي جاءِ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (يعني) دوزخ، جنهن ۾ اهي لهسايا ويندا ۽ جيڪو (بنهه) بڇڙو ٺڪاڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙا ماڻهو جھنم ۾ داخل ڪيا ويندا جيڪا تمام بري جاءِ آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (اُها) دوزخ آهي جنهن ۾ داخل ڪيا ويندا، ۽ اُهو برو ٺڪاڻو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) يعني کين دوزخ ۾ اڇليائون-جنهن ۾ هو داخل ٿيندا (ها، جنهن جو ٺڪاڻو دوزخ ٿيو ته دوزخ) ڪيڏو نه بڇڙو ٺڪاڻو آهي! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَجَعَلوا لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّعوا فَإِنَّ مَصيرَكُم إِلَى النّارِ (آيت : 30) |
۽ الله سان شريڪ مقرّر ڪيائون ته سندس واٽ کان ماڻھن کي ڀُلائين، (اي پيغمبرکين) چؤ ته اوھين آسودا رھو ڇوته اوھان جو (دوزخ جي) باہ ڏانھن موٽڻ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن الله جي لاءِ سندس هم درجي وارا (شريڪ) بنايا، انهيءِ لاءِ ته ماڻهن کي خدا جي راهه کان گمراهه ڪري ڇڏين. (اي پيغمبر!) تون کين چئو ته چڱو (زندگيءَ جا ٿورا ڏينهن) فائدا ماڻي وٺو، پوءِ آخر اوهان جي واٽ دوزخ جي باهه جي طرف ئي آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ انهن الله سان شريڪ بنايا، ان لاءِ ته (ماڻهن کي) الله جي راه کان گمراه ڪن، رسولِ عربي توهان فرمايو ته توهان ڀَلي فائدو وٺو پوءِ بيشڪ توهان جو موٽڻ باه ڏانهن آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ماڻهو ٻين کي خدا جو شريڪ بنائڻ لڳا ته جيئن (ماڻهن کي) سندس راھ کان ٿيڙين. (اي رسول) چوين ته (خير ٻه ٽي ڏينهن ته) مزو وٺو پوءِ ته اوهان کي دوزخ ڏي موٽي وڃڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٺاهيائون الله جي لاءِ شريڪ تانته گمراھ ڪن ان جي واٽ کان فرماءِ ته فائدا وٺو پوءِ يقينًا موٽڻ اوهان جو باھ ڏانهن آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ٻين کي الله جي برابر ڪيائون ته جيئن ان جي رستي کان (مخلوق کي) گمراهه ڪن. چو ته مزا ڪري وٺو، پوءِ بيشڪ اوهان کي باهه ڏي موٽڻو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جي واسطي شريڪ بنايائون ته جيئن سندس راهه کان ڀٽڪائن. چؤ مزا ماڻي وٺو! پوءِ بيشڪ اوهان جو موٽڻ (جهنم جي) باهه ڏانهن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، جن ڪي جوڙيا، اَلله آڏِي اَڙھ، تان مُنجھائـِين مُورهِين، لوڪ، سَندسِ کان لَڙھ، چئو، چڱو ڪَريو، چَڙھ، پوءِ دوزخ ديرو اَهنجو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله سان ٻين کي شريڪ بنايائون، ته من ماڻهن کي رب جي راهه کان ڀلائين، چئو ته اوهان آسودا رهو، پاڻ ئي اوهان باهه ڏانهن موٽندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وري الله جا ڪي شريڪ بڻايائون ته جيئن ماڻهن کي الله جي راهه کان ڀٽڪائي ڇڏين. چوين ته چڱو، ڪري وٺو مزا، پوءِ ته نيٺ موٽي هلڻو دوزخ ۾ ئي اٿوَ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ مقرر ڪيا الله جا شريڪ ته اهي کين ڀٽڪائين الله جي راهه کان، کين چئو، چڱو مزا ماڻي وٺو، آخرڪار توهان کي موٽي وڃڻو ته جهنم ڏي ئي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙن ماڻهن اللھ تعالى جا ڀيچي (۽ ساٿي) بنايا آهن ته جيئن ماڻهن کي اللھ تعالى جي رستي کان گمراهه ڪن. تون کين چؤ ته چڱو توھان (دنيا ۾)مزا ڪري وٺو. بيشڪ توھان جو موٽڻ جھنم ڏانھن ئي ٿيندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن الله جي لاءِ شريڪ ٺاهيا ته جيئن اُهي (ماڻهن کي) ان جي واٽ کان ڀٽڪائن. فرمايو: توهان (چند ڏينهن جو) فائدو کڻي وٺو بيشڪ توهان جو انجام باهه جي ئي طرف (وڃڻ) آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ هنن الله سان شريڪ (جوڙيوال) جوڙي ورتا ته جيئن ماڻهن کي الله جي راهه کان ڀٽڪائين. (اي پيغمبر!) تون چئه: ڀلي! (زندگيءَ جي) ڳچ ڏينهن جا فائدا ماڻي وٺو، نيٺ توهان جي راهه دوزخ جي باهه ڏانهن آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل لِعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا يُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُنفِقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خِلٰلٌ (آيت : 31) |
(اي پيغمبر) منھنجن اُنھن ٻانھن کي چؤ جن ايمان آندو آھي ته نماز پڙھندا رھن ۽ جيڪي کين رزق ڏنو اٿون تنھن منجھان ڳجھو ۽ پڌرو اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪندا رھن جنھن ۾ نڪو واپار ۽ نڪا يراني ھوندي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) منهجي بندن مان جن ايمان آندو آهي تن کي هيءُ پيغام پهچائي ڏي ته انهيءَ کان اڳي جو اهو (خوفناڪ) ڏينهن اچي ظاهر ٿئي جنهن ڏينهن (ڇوٽڪاري لاءِ) نڪي ڪنهن قسم جو ڏيڻ وٺڻ ڪم ايندو، نڪي ڪنهن به طرح جي دوستي ڪم ايندي (پنهنجي لاءِ ڇوٽڪاري جو سامان ڪري وٺن يعني) نماز قائم ڪن ۽ اسان جي ڏنل ورزيءَ مان ظاهر توڙي ڳجهيءَ طرح (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪندا رهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي منهنجي انهن ٻانهن کي فرمايو جيڪي ايمان آڻي، نماز پڙهن ٿا ۽ جيڪي ڪجھه اسان انهن کي ڏنو آهي انهي مان ڳجھه ۽ ظاهر ۾ خرچ ڪن ٿا اُن (قيامت واري) ڏينهن کان اڳ ۾ جنهن ۾ ڪوبه واپار ۽ ڪابه دوستي نه هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) منهنجا اهي بندا جن ايمان آندو آهي تن کي چئو ته نماز قائم ڪن ۽ جو ڪجھ کين روزي ڏنل آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) لڪائي يا ڏيکاري ڏين. ان ڏينهن (قيامت) جي اچڻ کان اڳ جنهن ۾ نه ته (ڏيتي) ليتي ئي (ڪم ايندي ۽) نه دوستي ۽ محبت.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ منهنجي ٻانهن کي جن ايمان آندو ته قائم ڪن نماز ۽ خرچ ڪن ان مان جو رزق ڏنو سون انهن کي ڳجهو ۽ ظاهر هن کان اڳي جو اچي اهڙو ڏينهن جو ناهي واپار ان ۾ ۽ نه دوستي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) تون منهجن ايمان وارن ٻانهن کي چو ته نماز قائم ڪن ۽ جيڪا روزي اسان کين ڏني آهي تنهن مان ڳجهه ۽ ظاهر ۾ ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ خرچ ڪن جنهن ۾ نه ڪو واپار آهي ۽ نڪا دوستي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي) منهنجي ايمان وارن ٻانهن کي چؤ ته نماز قائم رکن ۽ ان مان خرچ ڪن جيڪي اسان کين رزق ڏنو آهي (چڱن ڪمن ۾)ڳجهي طرح (به) ۽ ظاهر ظهور (به) ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ جنهن ۾ نه ڪو واپار هوندو ۽ نه ڪا (دنياوي) دوستي. (ڪم ايندي)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻول سَندمِ ٻانَهن کي، آندو جن ايمان، ته پورو پَڙهن نِماز کي، پڻ ڏِين اُن مان ڏان، پَڌرو، ڳُجھو؛ اُنهن تي، جيڪِي اَسان ڪيو اِحسان، جنهن ۾ سودو، سَنگت ڪانه، اڳي اونهِيءَ ڏِينهن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي نبي! منهنجن مومن ٻانهن کي چئو، ته نماز پڙهندا رهن، کين مليل رزق مان ان ڏينهن کان اڳ ڳجهو ۽ پڌرو خرچ ڪن، جنهن ڏينهن نه ڪو واپار هلندو نه ڪاياراڻي ڪم ايندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! منهنجي جن ٻانهن ايمان آندو آهي، انهن کي چؤ ته نماز قائم ڪن ۽ جيڪي ڪجهه رزق اسان ڏنو اٿن، ان مان لڪائي توڙي ظاهر (الله جي راهه ۾) خرچ ڪن، ان کان اڳواٽ جو اهو ڏينهن اچي، جنهن ۾ نڪي ڪا ڏيتي ليتي ٿيندي ۽ نه وري ياري دوستي ئي هلندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) چؤ منهنجي انهن ٻانهن کي جن ايمان آندو آهي، ته قائم ڪن نماز ۽ جيڪو ڪجهه اسان انهن کي ڏنو آهي، ان مان خرچ ڪن لڪل ۽ ظاهري طور (خير جي راهه ۾) ان کان اڳي جو اهو ڏينهن اچي جنهن ۾ نه ٿيندو ڪوبه وڻج واپار ۽ نه ٿيندي ڪا به دوست نوازي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ايمان آڻيندڙ ٻانھن کي چؤ ته نماز قائم ڪن ۽ جيڪو اسان کين رزق ڏنو آھي ان مان لڪائي يا ظاھر ظھور ان ڏينھن کان پھريان خرچ ڪن جڏهن مال جي ڪابه ڏيتي ليتي نه ٿي سگهندي ۽ نه ئي ڪا دوستي ڪم ايندي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان منهنجي مومن ٻانهن کي فرمائي ڇڏيو ته اُهي نماز قائم رکن ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي ان مان ڳجهو ۽ ظاهر ظهور (اسان جي واٽ ۾) خرچ ڪندا رهن ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ جنهن ڏينهن ۾ نه ڪا ڏيتي ليتي هلندي ۽ نه ئي ڪا (دنيوي) دوستي (ڪم ايندي).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر!) منهنجن ٻانهن کي- جن ايمان آندو آهي، هي پيغام پهچائج ته ان کان اڳ جو اهو (ڏهڪائيندڙ) ڏينهن اچي ڪڙڪي جنهن ڏينهن (نجات جي لاءِ) نه ڪي ڪنهن قسم جي ڪاڏيتي ليتي ڪم ايندي، نه ڪي ڪنهن قسم جي دوستي! (ان ڏينهن جي لاءِ پنهنجي نجات جو سامان ٺاهيو، يعني) نماز قائم ڪريو ۽ اسان جي ڏنل روزيءَ مان ڳجهه ڳوهه ۾ ۽ سرعام (عوام جي ڀلائيءَ لاءِ) خرچ ڪندا رهو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم وَسَخَّرَ لَكُمُ الفُلكَ لِتَجرِىَ فِى البَحرِ بِأَمرِهِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الأَنهٰرَ (آيت : 32) |
الله اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ آسمان کان (مينھن جو) پاڻي وسايو پوءِ اُن سان سڀڪنھن جنس جي ميون مان اوھان جي روزي ڪڍيائين، ۽ اوھان کي ٻيڙيون ھن لاءِ نِوائي ڏنائين ته سندس حُڪم سان سمنڊ ۾ ترنديون رھن، ۽ اوھان کي نديون (به) نوائي ڏنائين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اُهو الله ئي آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ زمين تي مٿان پاڻي وسايو، جنهن جي ڪري طرحين طرحين ڦل ۽ ميوا پيدا ٿين ٿا جي توهان جي لاءِ غذا جو سامان آهن ۽ توهان جي لاءِ جهاز مسخر ڪيائين جي سندس حڪم سان (يعني سندس ٺهرايل قانونن موجب) سمنڊ ۾ هلن ٿا. پڻ درياهه به اوهان جي لاءِ مسخر ڪري ڇڏيائين (يعني اوهان جي ڪم اچڻ لاءِ فرمان هيٺ رکيائين).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) الله تعالى اُهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمينن کي پيدا فرمايو ۽ آسمانن مان مينهن نازل فرمايو پوءِ ان مان ميوا پيدا ڪيا، توهان جي رزق لاءِ، ۽ (الله تعالى) توهان لاءِ ٻيڙيءَ کي تابعدار بنايو انهي لاءِ ته سمنڊ ۾ الله جي حڪم سان هلي ۽ توهان لاءِ نهرن کي تابعدار بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا ئي اهڙو (قادر مطلق) آهي جنهن آسمان ۽ زمين پيدا ڪري ڇڏيا، پڻ آسمان مان پاڻي وسايو پوءِ ان جي ذريعي سان (جدا جدا وڻن مان) اوهان جي روزيءَ جي لاءِ (هر قسم جا) ميوا پيدا ڪيا ۽ اوهان جي لاءِ ٻيڙيون اوهان جي وس ۾ ڪري ڇڏيون ته جيئن سندس حڪم سان دريا ۾ هلن ۽ اوهان جي لاءِ نديون نالا اختيار ۾ ڪري ڇڏيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سچو معبود جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ۽ لاٿائين آسمان مان پاڻي پوءِ ڪڍيائين ان سان ميون مان رزق اوهان جي لاءِ ۽ مطيع ڪيائين اوهان جي لاءِ ٻيڙيون تانته هلن سمنڊ ۾ ان جي امر سان ۽ مطيع ڪيائين اوهان جي لاءِ نهرون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) الله اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ آسمان مان پاڻي لاٿائين، پوءِ ان سان ميون (جي قسم) مان اوهان لاءِ روزي ڪڍيائين. ۽ ٻيڙين کي اوهان جي تابع ڪيائين ته جيئن درياءَ ۾ سندس حڪم سان هلن. ۽ ندين کي اوهان جي ڪم ۾ لڳايو اٿس، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله اُهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ آسمان مان پاڻي لاٿائين پوءِ ان جي ذريعي اوهان جي رزق جي طور تي ميوا پيدا ڪيائين. ۽ ٻيڙين کي توهان جي مطيع ڪيائين ته جيئن سندس حڪم (نظامِ قدرت) سان سمنڊ ۾ هلنديون رهن ۽ دريائن کي به توهان جي مطيع ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله اُهو جنهن جوڙيا، اُڀ، ڀُون ٿاڻا ٿوڪ، ۽ پَلر، پاڻِي اُڀ ڪنان، لاٿـئـِين مَٿان لوڪ، جنهن سان ميوا موڪ، ڪَڍيائـِين اَهنجي قُوت لئي. تابِع ڪيئـِين توهان جا، ٻيڙا اَندر ٻار، هَلن سَندسِ حُڪم سان، بيحد کـڻيو بار، پڻ دَرياء، دَرياء تار، آندئـِين اَهنجي آن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي بنايو ۽ آسمان مان پاڻي وسايو ۽ پوءِ زمين مان هر جنس جي ميون سان اوهان لاءِ روزي بنايائين ۽ اوهان کي هن لاءِ ٻيڙيون تابع ڪري ڏنائين، ته جيئن سندس حڪم سان سمنڊ ۾ ترن، نديون به نوائي ڏنائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله اهو آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ آسمان مان پاڻي وسايائين، پوءِ ان جي وسيلي توهانجي رزق طور قسمين قسمين ميوا اُپايائين. جنهن ٻيڙيءَ کي توهانجي تابع بڻايو ته جيئن سمنڊ ۾ سندس حڪم سان هلندي وتي ۽ دريائن کي توهان جي تابع ڪيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله اهو ئي ته آهي جنهن خلقيو آسمانن ۽ زمين کي ۽ وسايو آسمان مان پاڻي، ان جي وسيلي قسمين قسمين ميوا اُپايا رزق رسائڻ لاءِ توهان کي، ۽ قابو ۾ آندو توهان لاءِ ٻيڙيءَ کي جيئن هلي سمنڊ ۾ سندس حڪم سان، ۽ قبضي ۾ رکيو توهان جي لاءِ دريائن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى جي ذات اُھا آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو، ان ئي آسمان مان پاڻي نازل ڪيو، توھان جي لاءِ ان پاڻي جي ذريعي ھر قسم جي پيداوار خوراڪ طور پيدا ڪئي ۽ توھان جي لاءِ (بحري) ٻيڙن کي تابع ڪيو ته جيئن ھو سمنڊ ۾ سندس ئي حڪم سان ھلندا رھن ۽ دريائن کي به توھان جي تابع ڪيو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) الله اُهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا فرمايو ۽ آسمان جي طرف کان پاڻي لاٿو پوءِ ان پاڻي جي ذريعي توهان جي رزق لاءِ ميوا پيدا ڪيا، ۽ ان توهان جي لاءِ ٻيڙين کي تابع ڪيو ته جيئن ان جي حڪم سان سمنڊ ۾ هلنديون رهن ۽ ان توهان جي لاءِ دريائن کي (به) تابع ڪري ڇڏيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اهو الله آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ (زمين تي) آسمان مان پاڻي وسايائين جنهن جي وسڪاري سان قسمين قسمين ميوا پيدا ٿين ٿا. جيڪي توهان جي لاءِ خوراڪ آهن ۽ ٻيڙا توهان جي تابع ڪري ڇڏيائين جيڪي الله جي حڪم سان (يعني ان جي جوڙيل قانون جي مطابق) سمنڊ ۾ هلن ٿا، پڻ درياهه به توهان جي تابع ڪري ڇڏيائين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَسَخَّرَ لَكُمُ الشَّمسَ وَالقَمَرَ دائِبَينِ وَسَخَّرَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ (آيت : 33) |
۽ اوھان لاءِ سدائين ھلندڙ سج ۽ چنڊ نوائي ڏنائين، ۽ اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن نوائي ڏنائين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ) سج ۽ چنڊ کي به مسخر ڪري ڇڏيو آهي، جو هڪ خاص دستور سان برابر چڪر لڳائي رهيا آهن ۽ رات ۽ ڏينهن جو ظهور به مسخر آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان لاءِ سج ۽ چنڊ تابعدار بنايا جيڪي (پنهنجي دائري ۾) ڦرندڙ آهن، ۽ توهان لاءِ رات ۽ ڏينهن تابعدار بنايا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سج ۽ چنڊ کي اوهان جو تابعدار ڪيو جيڪي سدائين پيا (گهمن ۽) ڦرن ۽ رات ڏينهن کي اوهان جي قبضي ۾ ڪيائين (ته هميشه حاضر رهن ٿا)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مطيع ڪيائين اوهان جي لاءِ سج ۽ چنڊ مسلسل هلندڙ ۽ مطيع ڪيائين اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سج ۽ چنڊ کي اوهان جي ڪم ۾ لڳايو اٿس جي ٻئي هلندڙ آهن. ۽ رات ۽ ڏينهن کي اوهان جي ڪم ۾ لڳايو اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان جي فائدي لاءِ سج ۽ چنڊ کي (هڪ نظام جو) مطيع ڪيائين جيڪي (مقرر رستن تي) گردش ڪندا رهن ٿا. ۽ اوهان جي لاءِ رات ۽ ڏينهن کي به (هڪ نظام جو) مطيع ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سج، چنڊ اوهان جي، تابع ڪيا، هَلندڙ همه حال، پن تابع ڪيو، ڏِينهن، رات کي، آگي اوهان نال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هميشه هلندڙ سج ۽ چنڊ به تابع ڪري ڏنائين، اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن به نوائي ڏنائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سج ۽ چنڊ کي توهان جو فرمانبردار بڻايائين، جو پيا ٿا لاڳيتو هلندا هلن ۽ رات ۽ ڏينهن کي به توهانجي ضابطي هيٺ آندائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ قبضي ۾ رکيا توهان جي لاءِ سج ۽ چنڊ ته برابر هلندا رهن، ۽ قبضي ۾ رکيو توهان جي لاءِ ڏينهن ۽ رات کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اوھان جي لاءِ سج ۽ چنڊ کي مقرر ڪيو جو توھان جي فائدي لاءِ مسلسل ھلندا رھن ٿا ۽ توھان جي لاءِ رات ۽ ڏينھن کي (فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ) بنايو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ان توهان جي فائدي لاءِ سج ۽ چنڊ کي (باقاعده هڪ نظام جي) تابع بڻايو جيڪي هميشه (پنهنجي پنهنجي مدار ۾) گردش ڪندا رهن ٿا، ۽ توهان جي (حياتي جي نظام) لاءِ رات ۽ ڏينهن کي به (هڪ نظام جي) تابع بڻايو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اهڙيءَ طرح سج ۽ چنڊ به توهان جي تابع ڪري ڇڏيائين (يعني توهان جي ڪم ۾ لاتائين) جيڪي هڪ خاص دائري ۾ لاڳيتو هلندا رهن ٿا ۽ هن رات ۽ ڏينهن به توهان جي تابع ڪري ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَءاتىٰكُم مِن كُلِّ ما سَأَلتُموهُ وَإِن تَعُدّوا نِعمَتَ اللَّهِ لا تُحصوها إِنَّ الإِنسٰنَ لَظَلومٌ كَفّارٌ (آيت : 34) |
۽ جيڪا شيءِ کانئس گھريوَ تنھن سڀ مان ڪي اوھان کي ڏنائين، ۽ جيڪڏھن الله جي نعمتن کي ڳڻيندؤ ته اُھي ڳڻي نه سگھندؤ، بيشڪ ماڻھو ضرور بي انصاف بي شڪر آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (مطلب ته توهان کي پنهنجي زندگيءَ جي ضروتن ۽ ڪامرانين لاءِ) جيڪي به (سامان) گهربل هو سو سڀ هن عطا ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن توهان الله جون نعمتون ڳڻڻ چاهيو ته (اهي ايتريون ته آهن جو) ڪڏهن به انهن جو شمار ڪري نه سگهندؤ. حقيقت هيءَ آهي ته انسان وڏو بي انصاف ۽ بي شڪر آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو توهان الله کان گھُريو سو توهان کي (ضرورتن موجب) عطا ڪيو ويو، ۽ جيڪڏهن توهان الله جون نعمتون ڳڻيندا ته ڳڻي ڪين سگھندا، بيشڪ انسان وڏو ظلم ڪندڙ ۽ ناشڪر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (پنهنجي ضرورت موجب) اوهان جو ڪجھ ان کان گهريو ان مان ڏنو اٿس. ۽ جيڪڏهن خدا جي نعمتن کي ڳڻيندو ته انهن کي ڳڻي نه سگهندو. هن ۽ ۾ شڪ ئي نه آهي ته انسان وڏو بي انصاف نا شڪرو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏنائين اوهان کي هر ان (شيءِ) مان جو گهريو اوهان ان کان ۽ جيڪڏهن ڳڻيندؤ نعمتون الله جو ته نه ڳڻي سگهندؤ ان کي بيشڪ انسان البته ظلم ڪندڙ، بي شڪر آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي شيون اوهان ان کان گهريون تن سڀني مان اوهان کي ڏنو اٿس. ۽ جيڪڏهن الله جي نعمتن کي ڳڻيندو ته انهن کي ڳڻي نه سگهندو. بيشڪ انسان ظالم (۽) وڏو ناشڪر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان کي سڀ ڪجھه ان مان ڏنائين جو اوهان ان کان گھريو. ۽ جيڪڏهن اوهان الله جي نعمتن کي ڳڻيندؤ ته انهن کي پورو ڳڻي به نه سگهندؤ. بيشڪ انسان وڏو ظالم وڏو ناشڪرو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ آن کي، ڏِنائـِين ڏاتِيون، جن سڀن جو ڪيئان سُوال، جي ڳڻيو، ته ڳڻي، سي نه سَگھو، ربَّ ڀلي جا ڀال، بي شُڪر آهي بحال، پڻ منڪر ماڻهون مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي گهريوَ، سو سڀ اوهان کي ڏنائين، اوهان جيڪڏهن الله جون نعمتون ڳڻيندؤ، ته اهي ڳڻي نه سگهندؤ! بيشڪ ماڻهو ڏاڍو بي انصاف ۽ بي شڪر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان کي اهو سڀ ڪجهه ڏنائين، جيڪو توهان کانئس گهريو. جيڪڏهن توهان الله جي نعمتن کي ڳڻيندؤ ته ڳڻي نه سگهندؤ! حقيقت اها آهي ته انسان ڏاڍو بي انصاف ۽ ناشڪرو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو سڀڪجهه توهان کي عطا ڪيو جيڪي توهان ان کان گهريو، ۽ جي شمار ڪرڻ گهرو نعمتون الله جون ته اهو ڪم ڪري نه سگهو، بيشڪ انسان وڏو بي انصاف ناشڪرو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان کان علاوهه) توھان جيڪا شيءِ ان کان گهري سا ھُن عطا ڪئي ۽ جيڪڏھن توھان اللھ تعالى جي نعمتن کي ڳڻڻ چاھيو ته نٿا ڳڻي سگهو. بيشڪ انسان (گهڻو ڪري) ناانصافي ڪندڙ ۽ ناشڪر گذاري ڪندڙ آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ان توهان کي هر اُها شيءِ عطا فرمائي جيڪا توهان ان کان گهري، ۽ جيڪڏهن توهان الله جي نعمتن جو شمار ڪرڻ چاهيو (ته) پورو شمار نه ڪري سگهندؤ. بيشڪ انسان وڏو ظالم وڏو ناشڪرو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) مطلب ته توهان کي (پنهنجي زندگيءَ جي ڪاروبار ۽ وهنوار جي لاءِ) جيڪو ڪجهه گهربل هيو، سڀ ان عطا ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن توهين الله جون نعمتون ڳڻڻ چاهيو ته اهي ايڏيون آهن جو ڪڏهن به نه ڳڻي سگهندؤ. حقيقت اها آهي ته انسان نهايت ناشڪرو ۽ ناانصافي ڪندڙ آهي .(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ رَبِّ اجعَل هٰذَا البَلَدَ ءامِنًا وَاجنُبنى وَبَنِىَّ أَن نَعبُدَ الأَصنامَ (آيت : 35) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم چيو ته اي منھنجا پالڻھار ھن شھر (مڪي) کي امن وارو ڪر ۽ مون کي ۽ منھنجي اولاد کي بُتن جي پوڄڻ کان پاسي ڪر.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهو واقعو ياد رکو جو) حضرت ابراهيم دعا گهري هئي ته، اهي منهنجا پروردگار! هن (مڪي جي) شهر کي امن امان جي جاءِ بڻائجانءِ ۽ مون کي ۽ منهنجي اولاد ۽ نسل کي هن ڳالهه کان بچائجانءِ جو بتن جي پوڄا ڪرڻ کي لڳي وڃن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان ياد ڪريو جنهن وقت ابراهيم عرض ڪيو ته اي منهنجا رب ! تون هن شهر (مڪه مڪرمه) کي امن وارو بناءِ ۽ مون کي ۽ منهنجي اولاد کي بُت پُرستي کان پري ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن ابراهيم (خدا کي) عرض ڪيو ته پروردگار! هن شهر (مڪي) کي امن امان جي جاءِ بنائي ۽ مون کي ۽ منهنجي اولاد کي بتن جي پوڄا کان بچائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن چيو ابراهيم ته اي منهنجا پالڻهار! ڪر تون هن شهر کي امن وارو ۽ پري رک مونکي ۽ پٽن منهنجن کي هن ڳالھ کان ته عبادت ڪيون بتن جي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن ابراهيم چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! هن شهر (مڪي) کي امن وارو ڪر ۽ مون کي ۽ منهنجي اولاد کي بتن جي پوڄڻ کان پري رک! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن ابراهيم چيو: ”اي منهنجا پروردگار! هن شهر (مڪي) کي امن وارو بناءِ ۽ مون کي ۽ منهنجي پُٽن کي بچاءِ جو اسان بتن جي پوڄا ڪيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪر قصِّو، سو ياد، جڏهين اِبراهِيم عرض ڪيو، ته سانيمِ! هِن شهر کي، ڪر اَمن سان آباد، مُون ۽ مُنهنجي پُٽن کي، آگا! رک آزاد، ته هِي بُت بِنَہ برباد، ڀلجي نه ڪَڏِهن ڀيٽيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن ابراهيم چيو ته ”اي منهنجا رب! هن شهر کي امن وارو ڪر ۽ مون ۽ منهنجي اولاد کي بتن جي پوڄا کان بچاءِ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو جڏهن ابراهيم دعا گهري هئي ته "اي منهنجا پالڻهار! هن شهر (مڪي) کي امن جي جاءِ بڻاءِ ۽ مونکي ۽ منهنجي اولاد کي بتن جي پوڄا کان بچاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪر اهو وقت جڏهن دعا ڪئي ابراهيم پنهنجي رب کان ته، اي منهنجا پالڻهار! هن شهر کي امن وارو بناءِ ۽ بچاءِ مون کي ۽ منهنجي اولاد کي بت پرستيءَ کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (مڪي وارن کي ياد ڏيار) جڏھن ابراھيم ($) دعا گهري هئي ته: اي منھنجا پالڻھار! ھن شھر (يعني مڪي پاڪ) کي امن وارو شھر بناءِ، ۽ مون کي ۽ منھنجي اولاد کي بتن جي پوڄا کان بچاءِ. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (ياد ڪريو) جڏهن ابراهيم (عليه السلام) عرض ڪيو: اي منهنجا پالڻهار! هن شهر (مڪي) کي امن جي جاءِ بناءِ ۽ مون کي ۽ منهنجي ٻچن کي ان (ڳالهه) کان بچاءِ ته اسان بتن جي پوڄا ڪريون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (ياد ڪريو!) جڏهن ابراهيم دعا گهري هئي: اي منهنجا پالڻهار! هن شهر (يعني مڪي) کي امن جو ماڳ بڻاءِ ۽ مون کي ۽ منهنجي نسل کي بتن جي پوڄا کان پري رکج. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
رَبِّ إِنَّهُنَّ أَضلَلنَ كَثيرًا مِنَ النّاسِ فَمَن تَبِعَنى فَإِنَّهُ مِنّى وَمَن عَصانى فَإِنَّكَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 36) |
اي منھنجا پالڻھار انھن (بتن) ماڻھن مان گھڻن کي ڀُلايو آھي، پوءِ جيڪو منھنجي پويان لڳو سو بيشڪ منھنجو آھي، ۽ جنھن منھنجي نافرماني ڪئي ته تون بيشڪ بخشڻھار مھربان آھين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اي منهنجا پروردگار! انهن بتن گهڻن ئي ماڻهن کي حق جي راهه کان هٽائي ڇڏيو آهي. پوءِ جيڪو منهنجي پيروي ڪندو (۽ بت پرستيءَ جي گمراهيءَ ۾ نه پوندو) سو منهنجو هوندو، پر جيڪو منهنجي طريقي کان نافرماني ڪندو (تنهن سان منهنجو ڪوبه تعلق ڪونهي ۽) بيشڪ تون ئي بخشيندڙ ۽ رحمت ڪندڙ آهين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي منهنجا رب بيشڪ انهن، گھڻن ماڻهن کي گمراه ڪيو آهي، پوءِ جنهن ماڻهو منهنجي تابعداري ڪئي پوءِ بيشڪ اهو منهنجو (اُمتي) آهي ۽ جنهن ماڻهو منهنجي بي فرماني ڪئي پوءِ بيشڪ تون غفور رحيم آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي منهنجا پروردگار! پڪ هنن بتن ڪيترن ئي ماڻهن کي گمراھ ڪيو آهي. پوءِ جو شخص منهنجي پيروي ڪري سو مون مان آهي ۽ جنهن منهنجي نافرماني ڪئي (ته تو کي اختيار آهي) تون ته وڏو بخشڻ وارو مهربان آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ انهن گمراھ ڪيو گھڻو ماڻهن کي پوءِ جيڪو تابع ٿيو منهنجو بيشڪ اهو مون مان آهي ۽ جنهن بي فرماني ڪئي منهنجي پوءِ بيشڪ تون بخشڻهار مهربان آهين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ انهن (بتن) گهڻن ماڻهن کي گمراهه ڪيو آهي. پوءِ جنهن منهنجي پيروي ڪئي سو بيشڪ منهنجو آهي. ۽ جنهن منهنجي نافرماني ڪئي ته پوءِ بيشڪ تون معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي منهنجا پروردگار! انهن (بتن) گهڻن ماڻهن کي گمراهه ڪيو آهي. پوءِ جنهن منهنجي پيروي ڪئي سو بيشڪ منهنجو آهي ۽ جنهن منهنجي بي فرماني ڪئي ته پوءِ بيشڪ تون بخشڻهار ٻاجهارو آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُنهنجاربَّ! ماڻهن مان، هِنن گھڻاڪياگُمراه، پوءِ جو لڳو لَڙ مُنهنجي، سو هرگز مُون هَمراه، ۽ جو مون کان ڀَڳو بدخواه، پوءِ تون مرهِيندڙ ۽ مِهر ڀريو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي منهنجا رب! انهن گهڻن ماڻهن کي گمراهه ڪيو آهي، پوءِ جيڪو منهنجي پويان آهي، سو ته منهنجو آهي، پر جنهن منهنجي نافرماني ڪئي، ته تون ئي بخشيندڙ مهربان آهين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي منهنجا رب! انهن بتن گهڻن ماڻهن کي گمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي (ٿي سگهي ٿو ته منهنجي اولاد کي به گمراهه ڪن) تنهنڪري انهن مان جيڪو منهنجي طريقي تي هلندو، اهو منهنجو آهي ۽ جيڪو منهنجي ابتـڙ هلندو ته پوءِ بيشڪ تون بخشيندڙ مهربان آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) منهنجا پالڻهار! انهن بتن ته ڪيترن کي گمراهيءَ ۾ وڌي آهي ماڻهن کي، (متان منهنجو اولاد به گمراه ٿئي، ان ڪري) جيڪو منهنجي طريقي تي هلي سو منهنجو آهي جيڪو نه هلي سو منهنجو ناهي، بيشڪ تون بخشڻهار آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ انهن (بتن) گهڻن ئي ماڻهن کي گمراهه ڪري ڇڏيو آھي جيڪو منھنجو پوئلڳ ٿيندو بيشڪ اھوئي منھنجو آھي ۽ جنھن منھنجي نافرماني ڪئي (ان جو معاملو تنھنجي حوالي آھي) بيشڪ تون ئي وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اي منهنجا رب! انهن (بتن) ڪيترن ئي ماڻهن کي گمراهه ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ جنهن منهنجي پيروي ڪئي اهو ته منهنجو هوندو ۽ جنهن منهنجي نافرماني ڪئي ته بيشڪ تون وڏو بخشيندڙ نهايت مهربان آهين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پالڻهارَ! انهن بتن (جي پوڄا پاٽ جي ذريعي مشرڪن) کوڙ ماڻهن کي حق جي واٽ کان ٿيڙي ڇڏيو آهي تنهنڪري، جيڪو منهنجي ڪڍ لڳو، (۽ بت پرستين جي گمراهيءَ ۾ نه پيو) سو منهنجو ٿيو جنهن منهنجي طريقي کان نافرماني ڪئي (تنهن سان منهنجو ڪوئي ناتو ڪونهي ۽) تون بخشڻهار-ٻاجهارو آهين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
رَبَّنا إِنّى أَسكَنتُ مِن ذُرِّيَّتى بِوادٍ غَيرِ ذى زَرعٍ عِندَ بَيتِكَ المُحَرَّمِ رَبَّنا لِيُقيمُوا الصَّلوٰةَ فَاجعَل أَفـِٔدَةً مِنَ النّاسِ تَهوى إِلَيهِم وَارزُقهُم مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَشكُرونَ (آيت : 37) |
اي اسانجا پالڻھار مون پنھنجي اولاد مان ڪن کي غير آباد ميدان ۾ تنھنجي تعظيم واري گھر وٽ ھِن لاءِ ٽڪايو آھي ته اي اسانجا پالڻھار اُھي نماز پڙھن پوءِ ڪن ماڻھن جون دليون انھن ڏانھن لڙندڙيون ڪر ۽ کين ميون جي روزي ڏي ته مانَ اُھي شُڪرانو ڪن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اي اسان سڀني جا پروردگار! (تون ڏسي رهيو آهين ته) هڪ اهڙي ميدان ۾ جتي کيتيءَ جو نالو نشان به ڪونهي مون پنهنجي اولاد مان ڪن کي تنهنجي محترم گهر (ڪعبت الله) وٽ اچي رهايو آهي ۽ اي منهنجا رب! هن لاءِ کين هتي رهايو اٿم ته نماز قائم رکن (ته هي پاڪ گهر توحيد جي پرستارن کان خالي نه رهي) پوءِ تون (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) ائين ڪر جو ماڻهن جون دليون انهن (يعني منهنجي نسل) جي طرف مائل ٿي وڃن ۽ انهن جي لاءِ زمين جي پيداوار مان رزق جو سامان مهيا ڪري ڇڏ ته (بنا پاڻي ۽ گاهه واري ريگستان ۾ رهندي به زندگيءَ جي ضرورتن کان محروم نه هجن ۽) تنهنجي شڪرگذاري ڪندا رهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي اسان جا رب، بيشڪ مون پنهنجي ڪجھه گھر وارن کي غيرآباد وادي (مڪه مڪرمه) ۾ ٽڪايو آهي (اها وادي) تنهنجي مقدس گھر (بيت الله) وٽ آهي، اي اسان جا رب (مون انهن کي) ان لاءِ ٽڪايو آهي ته اهي نماز پڙهن، پوءِ تون ماڻهن جون دليون انهن ڏانهن مائل ڪر، ۽ انهن کي ميون سان رزق عطا ڪر ته من اُهي شڪر ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي اسان جا پالڻهار! مون تنهنجي عزت واري گهر (ڪعبه) وٽ غير آباد ميدان ۾ پنهنجو ڪجھ اولاد رهايو آهي. اسان جا پاليندڙ! هن لاءِ ته اهي نماز قائم ڪن. تون ته پوءِ ڪجھ ماڻهن جي دلين ۾ انهن ڏي رغبت ڪندڙ ڪر! (اهي هتي اچي آباد ٿين) ۽ کين هر قسم جي ميون مان روزي ڏي! ته جيئن اهي (تنهنجو) شڪر ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اسان جا پالڻهار! بلاشڪ مون رهايو بعضي اولاد پنهنجي کي واديءَ غيرآباد ۾ تنهنجي عزت واري گھر وٽ اي اسان جا پالڻهار! تانته قائم ڪن نماز پوءِ ڪر تون دلين ڪن ماڻهن جي کي ته لڙي پون انهن ڏانهن ۽ رزق ڏي انهن کي ميون مان تانته اهي شڪر ادا ڪن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اي اسان جا پاليندڙ! بيشڪ مون پنهنجو ڪجهه اولاد غيرآباد ميدان ۾ تنهنجي عزت واري گهر وٽ رهايو آهي. اي اسان جا پاليندڙ! هن لاءِ ته اهي نماز قائم ڪن پوءِ ڪن ماڻهن جي دلين کي انهن ڏي رغبت ڪندڙ ڪر! ۽ انهن کي ميون مان روزي ڏي! مَنَ اهي شڪر ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ مون پنهنجو ڪجهه اولاد غير آباد وادي ۾ تنهنجي عزت واري گهر وٽ رهايو آهي اي اسان جا پالڻهار! هن لاءِ ته نماز قائم رکن. پوءِ ڪجهه ماڻهن جي دلين کي انهن ڏانهن (محبت سان) مائل ڪر ۽ انهن کي ميوات مان روزي عطا ڪر ته من اهي شڪر ادا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سانيمِ! ساڪِن مُون ڪيا، مُنهنجا ٻچاٻار، وادِي جا ويران صَفا، پوک نه ڪِنهِين پار، تُنهنجي سڳوري گَھر وٽ، جو عِزَّت دار اَپار، تا قائـِم ڪن نِماز کي؛ سانيمِ ربَّ، ستار! پوءِ ماڻهن مَنجھان، مَن ڪِن جا، اِهڙا ڪر ڪلتار، تِنهن ڏي هَر طرف کان، وَرن ويرو تار، ۽ تن ميوا موڪ ڏِيار، مَن کائـِي ڳُڻ ڳائـِين سي!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي اسان جا رب! مون پنهنجي اولاد مان ڪن کي ويران ميدان ۾ تنهنجي ڀلاري گهر وٽ هن لاءِ ٽڪايو جيئن اي اسان جا رب! تنهنجي نماز پڙهن، پوءِ تون ماڻهن مان ڪن جي دلين کي انهن پاسي خواهشمند ڪر، کين ميون جو رزق ڏي ته من شڪر ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي اسانجا پالڻهار! مان هڪ غيرآباد واديءَ (ميدان) ۾ پنهنجي اولاد مان ڪن کي تنهنجي عزت واري گهر وٽ آڻي رهايو آهي، پالڻهار اهو مون ان لاءِ ڪيو آهي ته اهي هتي نماز قائم ڪن، تنهنڪري تون ماڻهن جي دلين کي انهن ڏي موڙي ڇڏ ۽ انهن کي کائڻ لاءِ ميوا عطا ڪر ته مــَـنَ اهي شڪر ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان جا پالڻهار! مون هڪ برپٽ (بنا گاهه پاڻي واري بيابان) ۾ پنهنجي اولاد مان ڪن کي تنهنجي عزت واري گهر وٽ اچي آباد ڪيو آهي، منهنجا پالڻهار! اهو ان لاءِ ڪيو ته اهي ماڻهو هتي اچي نماز قائم ڪن، ان ڪري انهن ماڻهن جون دليون انهن ڏي ڦيراءِ، کين کائڻ جي لاءِ ميوا عطا ڪر ته من اهي تنهنجا شڪرگذار بنجن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ مان پنھنجي اولاد کي هن ويران ۽ غير آباد واديءَ ۾ تنھنجي عزت واري گهر جي ڀرسان آڻي رھايو آھي ته اي اسان جا پالڻھار! جيئن ھو نماز قائم ڪن ۽ تون ماڻهن جي دلين ۾ (منھنجي) ان اولاد لاءِ محبت پيدا فرماءِ ۽ کين ميون جي صورت ۾ رزق عطا فرماءِ ته جيئن ھو (تنھنجا) شڪر گذار ٻانها ٿي رھن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اي اسان جا رب! بيشڪ مون پنهنجي اولاد (اسماعيل عليه السلام) کي (مڪي جي) غيرآباد وادي ۾ تنهنجي عزت واري گهر وٽ وسايو آهي، اي اسان جا رب! ته جيئن اُهي نماز قائم رکن پوءِ تون ماڻهن جي دلين کي اهڙو ڪر جو اُهي شوق ۽ محبت سان ان جي طرف مائل رهن ۽ انهن کي (هر قسم جي) ميون جو رزق عطا فرماءِ، ته جيئن اُهي شڪر بجا آڻيندا رهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اي اسان سڀ جا پالڻهار! (تون ڏسي رهيو آهين ته) هڪ اهڙي ميدان ۾ جتي پوک جو نانءُ نشان ڪونهي، مون پنهنجي ڪجهه اولاد کي تنهنجي عزت واري گَهرَ جي پاسي ۾ وسايو آهي ۽ يا الله! ان ڪري وسايو اٿم ته جيئن نماز قائم ڪن( ته جيئن هي عزت وارو گهر توحيد پرست عبادت گذارن کان خالي نه رهي) تنهنڪري تون (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) ماڻهن جون دليون ايڏانهن موڙ ۽ اتان جي رهواسين جي لاءِ زمين جي پيداوار منجهان روزي پيدا ڪر ته جيئن (رڻ ۾ رهندي به گذران جي ضرورتن کان محروم نه رهن ۽) تنهنجا شڪرانا بجا آڻين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
رَبَّنا إِنَّكَ تَعلَمُ ما نُخفى وَما نُعلِنُ وَما يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِن شَيءٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 38) |
اي اسان جا پالڻھار جيڪي اسين ڳجھو ڪريون ٿا ۽ جيڪي پڌرو ڪريون ٿا سو تون ڄاڻندو آھين، ۽ ڪابه شيءِ زمين ۾ الله کان ڳُجھي نه آھي ۽ نڪي آسمان ۾.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اي اسان جا پروردگار! اسان جيڪي به لڪايون ٿا سو به تون ڄاڻين ٿو ۽ جيڪي به ظاهر ڪيون ٿا سو به تون ڄاڻين ٿو. آسمان ۽ زمين جي ڪابه شيءِ ڪانهي جا الله کان لڪل هجي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي اسان جا رب بيشڪ تون ڄاڻين ٿو اهو سڀ ڪجھه جيڪو اسين مخفي ۽ ظاهر ڪريون ٿا، ۽ الله تعالى کان ڪابه شيءِ زمينن ۽ آسمانن ۾ ڳجھي ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي اسان جا پالڻهار! جيڪي اسين لڪايون ٿا ۽ جيڪي اسين ظاهر ڪريون ٿا تون (سڀ کان) چڱيءَ طرح واقف آهين. ۽ خدا کان ڪا به شيءِ لڪل نه آهي (نه) زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اسان جا پالڻهار! بلاشڪ تون ڄاڻين ٿو جيڪي لڪايون ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيون ٿا ۽ نه ٿي ڳجھي رهي الله کان ڪا به شيءِ زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اي اسان جا پاليندڙ! جيڪي اسين لڪائي (ڪريون) ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪريون ٿا تنهن کي تون ڄاڻين ٿو ۽ الله کان ڪابه شيءُ نه زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾ ڳجهي رهي ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي اسان جا مالڪ! بيشڪ تون ڄاڻين ٿو جيڪي اسان لڪايون ٿا ۽ جيڪي اسان ظاهر ڪيون ٿا“. ۽ الله تي ڪا شيءِ ڳجهي نه ٿي رهي نه زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سانيمِ! سَمجِهين تو ٿو، جيڪِي ڳُجھون ڪريون يا پَڌرو، لِک نه لِڪٖي، مَنجھ ڀُون ۽ نَه اَندر اُڀ، اَلله تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي اسان جا رب! اسين جيڪي به ڳجهو يا پڌرو ڪريون ٿا، سو تون ڄاڻين ٿو ۽ زمين ۽ آسمان جي ڪا به شيءِ الله کان ڳجهي نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي اسانجا رب! تون ڄاڻين ٿو جيڪو اسين لڪايون ٿا يا جيڪو ظاهر ڪريون ٿا" ۽ بيشڪ الله کان ته ڪابه شيءِ ڳجهي ناهي، نڪي زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) منهنجا پالڻهار! بيشڪ تون ڄاڻين ٿو جيڪي ڪجهه لڪايون ٿا اسين يا ظاهر ڪريون ٿا ۽ حقيقت هيءَ آهي ته الله کان ڪابه شيءِ لڪل نه آهي زمين ۾ ۽ نه وري آسمانن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي اسان جا پالڻھار! تون اسان جي سڀني ظاھري ۽ لڪيل شين کي ڄاڻي ٿو ۽ زمين ۽ آسمان ۾ ڪابه شيءِ اللھ تعالى کان لڪيل نه آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اي اسان جا رب! بيشڪ تون اُهو (سڀ ڪجهه) ڄاڻين ٿو جيڪو اسان لڪايون ٿا ۽ جيڪو اسان ظاهر ڪريون ٿا، ۽ الله تي ڪا به شيءِ نه زمين ۾ ڳجهي آهي ۽ نه ئي آسمان ۾ (لڪل آهي).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اي اسان جا پالڻهار! اسين جيڪو ڪجهه لڪائيندا آهيون، تون اهو به ڄاڻين ٿو ۽ جيڪو ڪجهه ظاهر ڪيئون ٿا اهو به تنهنجي علم ۾ آهي، آسمان ۽ زمين ۾ ڪائي شيءِ ڪانهي جيڪا توکان ڳجهي هجي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى وَهَبَ لى عَلَى الكِبَرِ إِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبّى لَسَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 39) |
سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن مون کي ٻڍاپي ۾ اسماعيل ۽ اسحاق عطا ڪيو، ڇوته منھنجو پالڻھار ضرور دُعا ٻڌندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (حضرت ابراهيم چيو ته،) سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي، جنهن ٻڍاپڻ جي حالت ۾ به مون کي اسماعيل ۽ اسحاق (ٻه پٽ) عطا فرمايا. بيشڪ منهنجو پروردگار (پنهنجي ٻانهن جون) دعائون ٻڌي ۽ قبول ڪري ٿو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) سڀئي تعريفون ان الله لاءِ آهن جنهن مون کي پيرسنيءَ ۾ (ٻه پُٽ) اسماعيل ۽ اسحاق عطا ڪيا، بيشڪ منهنجو رب يقيناً دُعا ٻڌندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان خدا جا (لک لک) شڪر آهن جنهن مون کي ٻڍاپي ۾ اسماعيل ۽ اسحاق (ٻه) فرزند عطا فرمايا بيشڪ منهنجو پروردگار دعا جي ٻڌڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڀ ساراھ الله جي لاءِ هي جنهن عطا ڪيو مون کي ٻڍڙائپ ۾ اسماعيل ۽ اسحاق بيشڪ رب منهنجو البته دعا ٻڌندڙ آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن مون کي ٻڍاپڻ ۾ اسماعيل ۽ اسحاق بخشي ڏنا. بيشڪ منهنجو پاليندڙ دعا ٻڌندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ”شڪر ان الله جو جنهن مون کي ڪراڙپ ۾ اسماعيل ۽ اسحاق (جهڙا ٻه پُٽ) عطا ڪيا. بيشڪ منهنجو پروردگار دعا ٻڌندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) شُڪر ربَّ، رزاق، جنهن وَڏپڻ ۾ وَڙ ڪيا، اسماعيل ۽ اسحاق، سانيمِ سُڻندڙ سڏڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سڀ ساراهه ان الله کي ٿي سونهي، جنهن مون کي ڪراڙپ ۾ اسماعيل ۽ اسحاق عطا ڪيا، منهنجو رب بيشڪ دعا ٻڌندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) "شڪر آهي انهيءَ الله جو جنهن مونکي هن ڪراڙپ ۾ اسماعيل ۽ اسحاق جهڙا پٽ عطا ڪيا. حقيقت اها آهي ته منهنجو رب بيشڪ دعا ٻڌي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) شڪر آهي ان الله جو، جنهن هن پوڙهائپ ۾ مون کي پٽ عطا ڪيا آهن اسماعيل ۽ اسحاق، حقيقت هيءَ آهي ته منهنجو رب ضرور دعا ٻڌندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) شڪر آھي ان اللھ تعالى جو جنھن مون کي پوڙھائپ ۾ اسماعيل ۽ اسحاق (ؐ) عطا ڪيا. بيشڪ منھنجو پالڻھار ضرور دعا ٻڌندڙ آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) سڀئي تعريفون الله جي لاءِ آهن جنهن مون کي ڪراڙپ ۾ اسماعيل ۽ اسحاق عليهما السلام ٻه پٽ) عطا فرمايا، بيشڪ منهنجو رب دعا خوب ٻڌندڙ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (۽ ابراهيم چيو:) هر طرح جي واکاڻ الله جي لاءِ ئي آهي جنهن پوڙهپ ۾ مون کي اسماعيل ۽ اسحاق عطا فرمايا. بي شڪ! منهنجو پالڻهار (پنهنجن ٻانهن جون) دعائون ٻڌندو ۽ قبول ڪندو آهي، (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
رَبِّ اجعَلنى مُقيمَ الصَّلوٰةِ وَمِن ذُرِّيَّتى رَبَّنا وَتَقَبَّل دُعاءِ (آيت : 40) |
اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي اولاد مان ڪن کي نماز پڙھندڙ ڪر، اي اسان جا پالڻھار منھنجي دُعا قبول ڪر.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اي منهنجا پروردگار! مون کي توفيق ڏي ته مان نماز قائم رکان ۽ منهنجي نسل کي به ائين ڪرڻ جي توفيق ملي. اي پروردگار منهنجي هيءَ دعا شال تنهنجو حضور ۾ قبول پوي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي منهنجا رب تون مون کي نمازي بناءِ ۽ منهنجي اولاد مان نمازي پيدا ڪر، اي اسان جا رب ۽ تون منهنجي دُعا کي قبول ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي منهنجا پالڻهار! مون کي ۽ منهنجي اولاد کي (به) نماز جو پابند بنائي! اي منهنجا پروردگار! منهنجي دعا قبول فرمائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي منهنجا رب! بناءِ مونکي نماز قائم ڪندڙ ۽ منهنجي اولاد مان اي اسان جا رب! ۽ قبول ڪر منهنجي دعا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اي منهنجا پاليندڙ! مون کي ۽ منهنجي اولاد مان نماز قائم ڪرڻ وارا ڪر! اي اسان جا پاليندڙ! ۽ منهنجي دعا قبول ڪر! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي منهنجا پالڻهار! مون کي نماز قائم رکڻ وارو بناءِ ۽ منهنجي اولاد مان به ڪن کي. اي اسان جا پالڻهار ! ۽ تون منهنجي دعا قبول ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُنهنجا خُداوند! ڪر مُون ۽ مُنهنجن ٻَچن کي، نِماز جو پابند، ۽ سانيمِ!،سُڻيمِ سَڏڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي منهنجا رب! مون کي ۽ منهنجي اولاد کي نمازي ڪر ۽ منهنجي دعا قبول فرماءِ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي منهنجا رب! مونکي نماز قائم ڪرڻ وارو ڪر ۽ منهنجي اولاد کي به، اي اسانجا پاليندڙ! ۽ منهنجي دعا قبول ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي منهنجا رب! مون کي بناءِ نماز قائم ڪندڙ ۽ منهنجي اولاد مان به (اهي ماڻهو اٿار جيڪي ائين ڪن) پالڻهار! منهنجي دعا قبول فرماءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجا پالڻھار! مون کي ۽ منھنجي اولاد کي نماز قائم ڪندڙ بناءِ، اي اسان جا پالڻھار! منھنجي دعا کي قبول فرماءِ. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اي منهنجا رب! مون کي ۽ منهنجي اولاد کي نماز قائم رکڻ وارا بناءِ، اي اسان جا رب! ۽ تون منهنجي دعا قبول فرماءِ.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پالڻهار! مون کي توفيق ڏي ته مان نماز قائم ڪريان ۽ منهنجي نسل کي به ان جي توفيق ملي. پالڻهار! منهنجي اها دعا تنهنجي حضور ۾ (شل) قبول پوي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
رَبَّنَا اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِلمُؤمِنينَ يَومَ يَقومُ الحِسابُ (آيت : 41) |
اي اسان جا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي ۽ مؤمنن کي (انھي ڏينھن) بخش جنھن ڏينھن حساب کڙو ٿيندو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اي اسان جا پروردگار! جنهن ڏينهن عملن جو حساب ورتو ويندو تنهن ڏينهن مون کي، منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ انهن سڀني کي جيڪي ايمان آڻين (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) بخشي ڇڏجانءِ (۽ حساب جي سختيءَ ۾ نه وجهجهانءِ).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي اسان جا رب تون مون کي ۽ منهنجي پيءُ ماءُ ۽ مؤمنن کي بخش ڪر، ان ڏينهن جڏهن حساب ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي اسان جا پالڻهار! جنهن ڏينهن (عملن جو) حساب ٿئي، مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ سڀني ايماندارن کي معاف ڪر!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اسان جا رب! مونکي بخش ۽ منهنجي پيءُ ماءُ کي ۽ مؤمنن کي جنهن ڏينهن قائم ٿيندو حساب .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اي اسان جا پاليندڙ! مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ ايمان وارن کي جنهن ڏينهن (عملن جو) حساب ڪتاب قائم ٿيندو تنهن ڏينهن معاف ڪر! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي اسان جا پرودگار ! مون کي بخش ڪر ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي به ۽ ايمان وارن کي به (بخش) جنهن ڏينهن حساب قائم ٿيندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُون ۽ مُنهنجي مائـِٽِين، مَرهيِين مِهربان!، پڻ آندو جَن ايمان، جڏهن ليکو ٿِئي لوڪ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي اسان جا رب! مون کي ۽ منهنجي پيءُ ماءُ کي ۽ مومنن کي بخش، جنهن ڏينهن حساب ٿيندو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي منهنجا رب! مونکي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ سڀني ايمان وارن کي ان ڏينهن بخشي ڇڏجانءِ، جڏهن جو حساب ڪتاب قائم ٿيندو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پروردگار! معاف ڪجانءِ مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ سڀني ايمان وارن کي ان ڏينهن جڏهن حساب قائم ڪيو ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي اسان جا پالڻھار! قيامت واري ڏينھن مون کي، منھنجي ماءُ پيءُ ۽ سڀني ايمان آڻيندڙن کي معاف فرمائجانءِ. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اي اسان جا رب! مون کي بخش ڪر ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي (بخش ڪر) ۽ ٻين سڀني مومنن کي به، جنهن ڏينهن حساب قائم ٿيندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پالڻهار! جنهن ڏينهن عملن جو حساب چڪائجي ته مون کي ۽ منهنجي ابي امڙ ۽ انهن مڙني کي- جن ايمان آندو (پنهنجي فضل وڪرم سان) بخشي ڇڏجان. (۽ حساب ڪتاب جي سختيءَ ۾ نه وجهجان). (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ غٰفِلًا عَمّا يَعمَلُ الظّٰلِمونَ إِنَّما يُؤَخِّرُهُم لِيَومٍ تَشخَصُ فيهِ الأَبصٰرُ (آيت : 42) |
۽ جيڪي ظالم ڪندا آھن تنھن کان الله کي ئي بي خبرنه ڀانءِ، الله رڳو کين انھي ڏينھن تائين ڍر ڏني آھي جنھن ڏينھن اکيون ٽڙي وينديون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) اهو خيال نه ڪجانءِ ته الله هنن ظالمن جي ڪمن کان غافل آهي (يعني مڪي جي رئيسن جي ڪمن کان) دراصل الله تعاليٰ هنن جو معاملو انهيءَ ڏينهن لاءِ پوئتي رکي ڇڏيو آهي، جنهن ڏينهن (بدعملن جي نتيجن جون تباهيون ظهور ۾ اينديون. انهيءَ ڏينهن انهن ماڻهن جو حال اهڙو ٿيندو جو خوف ۽ حيرت کان) سندن اکيون ڦاٽي پونديون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان الله تعالى کي ظالمن جي عملن کان بي خبر نه سمجھو، انهن کي مهلت ڏني وئي آهي اُن ڏينهن لاءِ ته انهن جون اکيون (خوف جي ڪري) کُلي وينديون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي هي ظالم (مڪي جا ڪافر) ڪن ٿا تنهن کان خدا کي غافل نه سمجهو (پر مٿن يڪدم عذاب نه ڪرڻ جو سبب هي آهي جو ان ڏينهن تائين مهلت ڏئي ٿو جنهن ڏينهن ماڻهن جي اکين جا ڏوڏا (خوف کان) نڪري ايندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هر گز نه سمجھ الله کي غافل ان کان جيڪي ظالم ڪن ٿا تحقيق ۽ ڍر ٿو ڏي انهن کي ان ڏينهن جي لاءِ جو کلي پونديون ان ۾ اکيون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) ظالم جيڪي ڪن ٿا تنهن کان تون الله کي بي خبر نه سمجهه! الله انهن کي رڳو ان ڏينهن تائين ڍر ڏئي ٿو جنهن ڏينهن (انهن جون) اکيون ٽڙي پونديون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله کي تون انهن ڪمن کان بي خبر نه سمجهه جيڪي ظالم ڪن ٿا. انهن کي رڳو ان ڏينهن تائين مهلت ڏئي ٿو جنهن ۾ اکيون (خوف سبب) ڦاٽي پونديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀانئـٖي مَ، بي خبر، اُنهن ڪَنان اَلله کي، ڏاڍا، ڪن جي ڏيھ ۾، ڏاڍايون ڏَمر، تِهن ڏاڍي ڏِينهن سِين، مُهلت ڏينِ مگر، کِڙي ٿِينديون کيريون، اکيون جِنهن اَندر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ظالمن جي ڪمن کان الله کي بيخبر نه سمجهه، الله کين ان ڏينهن تائين ڍر ڏني آهي، جنهن ڏينهن اکيون ٽڙي وينديون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ظالم ماڻهو جيڪي ڪن ٿا، تون الله کي ان کان غافل نه سمجهه، الله ته پيو ٿو انهن کي ان ڏينهن تائين ڍر ڏئي، جڏهن اکيون ڦاٽي وينديون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تون ائين نه ڀانءِ ته الله انهن ماڻهن کان غافل آهي جيڪي هي ظالم ڪري رهيا آهن، بيشڪ اهو (الله) ته کين ٽاري رهيو آهي ان ڏينهن لاءِ، جڏهن سندن هي حال هوندو ته اکيون ڦوٽارجي ويل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ظالمن جي ڪمن ڪارين کان توهان اللھ تعالى کي بي خبر نه سمجهو، هو ته کين ان ڏينھن تائين ڍر ڏئي ٿو جنھن ڏينھن سندن اکيون ڦوٽارجي وينديون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ الله کي انهن ڪمن کان ڪڏهن به بي خبر نه سمجهو جيڪي ظالم ڪن پيا، بس هو ته انهن (ظالمن) کي رڳو ان ڏينهن جي لاءِ مهلت پيو ٿو ڏئي جنهن ۾ (خوف ۾ ورتل) اکيون ڦوٽاريل رهجي وينديون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي پيغمبر!) ائين نه ڀائنجانءِ ته الله انهن ظالمن جي ڪرتوتن کان غافل آهي (يعني مڪي جي رئيسن جي ڪرتوتن کان!). اصل ۾، الله انهن جو معاملو ان ڏينهن تائين پوئتي ڪري ڇڏيو آهي جڏهن (عملن جي نتيجن جون هلاڪتون ظاهر ٿينديون. ان ڏينهن ماڻهن جو اهڙو حال ٿيندو جو خوف ۽ حيرت جي شدت سبب) سندن اکيون ڦاٽل رهجي وينديون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
مُهطِعينَ مُقنِعى رُءوسِهِم لا يَرتَدُّ إِلَيهِم طَرفُهُم وَأَفـِٔدَتُهُم هَواءٌ (آيت : 43) |
پنھنجا ڳاٽ کڻندڙ ڊوڙندڙ ھوندا پاڻ ڏانھن سندن نظر وري نه سگھندي، ۽ سندين دليون پيون دھڪنديون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) حيران پريشان هوندا، نظرون مٿي هونديون ۽ ان حالت ۾ ڊوڙندا رهندا، سندن نگاهون موٽڻ واريون نه هونديون ۽ دليون (خوف ۽ حيرانگيءَ ۾) هر خيال کان خالي رهجي وينديون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) (۽ اهي) منهن مٿي کڻي (خواريءِ کان) ڊوڙندا، انهن جون نظرون هڪ جاءِ تي کُپي وينديون ۽ انهن جون دليون حيران هونديون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ پنهنجا ڳاٽا مٿي کڻي ڀڄندا ويندا سندن نظر پاڻ ڏي وري نه سگهندي. (جتي نظر پوندين اتي ئي کتل هوندين) ۽ سندن دليون بدحواس هونديون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڊوڙندڙ مٿي ڪندڙ مٿن پنهنجن کي نه موٽندي انهن ڏانهن اک انهن جي ۽ دليون انهن جون اڏامندڙ هونديون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پنهنجا ڳاٽا مٿي کڻي ڀڄندا ويندا سندن نظر پاڻ ڏي وري نه سگهندي. ۽ سندن دليون بدحواس هونديون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پنهنجا ڳاٽا مٿي ڪري ڊوڙندا (ميدانِ محشر ڏانهن) ان حال ۾ اکيون ڇنڀي به نه سگهندا ۽ انهن جون دليون بدحواس هونديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڀاڳاٽ اُنهن جا، هَلندڙ ڏونھ حشر، نَظر نه وَرندو اُنهن جو، پاڻ ڏي، ڪِنهن پر، ۽ هِينئان هيبت ڀَر، تِنهن ويل، هُوندنِ وائـِڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ڪنڌ کنيو ڀڄندا ويندا، پاڻ ڏي سندن نظر ڪان وري سگهندي ۽ سندن دليون پيون دهڪنديون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪنڌ مٿي ڪيو ڊوڙندا ويندا، اکيون هڪ هنڌ کتل ۽ دليون هوا وانگر پيون هٿن کان نڪتيون وينديون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پنهنجا مٿا مٿي کڻي ڊوڙندا وتندا نظرون مٿي کتل آهن ۽ سندن دليون پيون هٿن مان وينديون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھو منھن مٿي ڪري اُڀا ڀڄندا ويندا. پاڻ ڏي ته نظر ڪري ئي نه سگهندا ، سندن دليون ڏڪنديون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اُهي ماڻهو (حشر جي ميدان ڏانهن) پنهنجو مٿو مٿي کڻي ڊوڙندا وڃي رهيا هوندا ان حال ۾ جو سندن پنبڻيون به نه ڇنڀنديون هونديون ۽ انهن جون دليون ڌڙڪڻ کان خالي ٿي رهيون هونديون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) حيران- هيسيل- مٿا، مٿي کڻي ڊڪندا وتندا- نگاهون هوندن، جيڪي ورندن ئي ڪونه (اکيون ڏرا ڏيئي وينديون) ۽ دليون هوندن جيڪي (اطمينان کان) خالي خالي هونديون. (يعني دلين ۾ رڳو خوف ۽ دهشت ڀريل هوندن)(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَأَنذِرِ النّاسَ يَومَ يَأتيهِمُ العَذابُ فَيَقولُ الَّذينَ ظَلَموا رَبَّنا أَخِّرنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ نُجِب دَعوَتَكَ وَنَتَّبِعِ الرُّسُلَ أَوَلَم تَكونوا أَقسَمتُم مِن قَبلُ ما لَكُم مِن زَوالٍ (آيت : 44) |
۽ (اي پيغمبر) ماڻھن کي اُن ڏينھن کان ڊيڄار (جنھن ڏينھن) کين عذاب پھچندو پوءِ ظالم چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي ويجھي مُدّت توڻي مُھلت ڏي ته تنھنجي سڏڻ کي قبول ڪريون ۽ پيغمبرن جي فرمانبرداري ڪريون، (چيو ويندن ته) ھن کان اڳ اوھين قسم نه کڻندا ھيؤ ڇا ته اوھان کي ڪو زوال نه ٿيندو؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) ماڻهن کي انهيءَ ڏينهن جي اچڻ بابت خبردار ڪري ڇڏ، جنهن ڏينهن عذاب اچي ڪڙڪندو. انهيءَ ڏينهن ظالم چوندا ته، اي پروردگار ٿوري وقت لاءِ اسان کي مهلت ڏي. (اسان هاڻي هرگز انڪار ۽ سرڪشي نه ڪنداسين ۽) تنهنجي پڪار جو جواب ڏينداسين ۽ پيغمبرن جي پيروي ڪنداسين. (پر کين جواب ملندو ته) ڇا توهان اهي ئي نه آهيو جو هن کان اڳي قسم کڻي کڻي چوندا هئو ته اسان تي ڪنهن به طرح جو زوال نه ايندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان ماڻهن کي ان ڏينهن کان ڊيڄاريو (جڏهن) انهن تي عذاب ايندو، پوءِ ظالم چوندا اي اسان جا رب تون اسان کي ٿورڙي وقت لاءِ مهلت ڏي، اسين تنهنجو حڪم قبول ڪريون ۽ پيغمبرن جي تابعداري ڪريون، الله فرمائيندو توهان دنيا ۾ قسم نه کڻندا هئا ته اسان کي ڪوبه زوال نه ايندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) ماڻهن کي ان ڏينهن کان ڊيڄار (جنهن ڏينهن) مٿن عذاب نازل ٿيندو ته جن ماڻهن نافرماني ڪئي هئي (بيزاري سان) عرض ڪندا ته اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ٿوري ٻي مهلت ڏي (هاڻي) اسين تنهنجي سڏڻ تي (ضرور) اٿي کڙا ٿينداسون (ته کين جواب ملندو) ڇا اوهين اهي ماڻهو نه آهيو جيڪي هن کان اڳ ۾ به (ان ڳالھ تي) قسم کائيندا هئا ته توهان کي ڪنهن قسم جو زوال نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڊيڄار ماڻهن کي ان ڏينهن کان جو ايندو انهن وٽ عذاب پوءِ چوندا اهي جو ظلم ڪيائون ته اي اسان جا پالڻهار! مهلت ڏي اسان کي مدت ويجھي تائين ته قبول ڪيون سڏ تنهنجي کي ۽ تابعداري ڪيون رسولن جي ڇا نه قسم کڻندا هيئو اوهان اڳ ۾ ته ناهي اوهان لاءِ ڪو زوال .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) تون ماڻهن کي ان ڏينهن کان ڊيڄار، جنهن ڏينهن مٿن عذاب اچي پوندو پوءِ ظالم چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي ٿوريءَ مدت تائين مهلت ڏي ته اسين تنهنجي سڏ جو جواب ڏيون، ۽ (تنهنجي) رسولن جي پيروي ڪريون (کين چيو ويندو ته) ڇا هِن کان اڳ اوهان قسم نه کنيا هئا ته اوهان کي زوال نه آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي نبي) ماڻهن کي ان ڏينهن کان ڊيڄار جڏهن انهن مٿان عذاب اچي پوندو پوءِ ظالم چوندا: ”اي اسان جا پروردگار! اسان کي ٿوري دير مهلت ڏي ته تنهنجي دعوت قبول ڪيون ۽ رسولن جي پيروي ڪيون“. (چيو ويندو) ”ڇا هن کان اڳ اوهان قسم نه کنيا هئا؟ ته اوهان کي (ڪڏهن به) زوال نه ايندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهن کي، تِنهن مَهل جو، ڏي ڪو خوف خيال، جِنهن ڏِينهن اِيندو اُنهن مَٿي، جَبرو ڪو جَنجال، پوءِ چَونِ اِهڙي چال سان، جاڙون ڪيون جَال، وَجھ ويجھو ڌَڻيمِ ڏِيئـِين، ڪوٿورو، ٿوري نال، ته مَڃون تُنهنجِي ڳالھ، ۽ وَٺون پُٺ پيغمبرِين. اَوهان ڪِ، قَسم اڳ نه کَنيا؟ ته موت نَه اَسان لئي مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ماڻهن کي ان ڏينهن کان ڊيڄار، جڏهن سخت عذاب وقت اهي ظالم چوندا ”اي اسان جا رب! اسان کي ٿورو وقت مهلت ڏي، ته تنهنجي حڪم کي مڃيون ۽ رسولن جي تابعداري ڪريون“(چئين) هن کان اڳ اوهان ان طرح قسم نه کڻندا هئا ڇا ته، اسان کي ڪجهه نقصان نه پهچندو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ڊيڄارينِ انهيءَ ڏينهن کان جڏهن عذاب اچي پڪڙيندن، ان وقت اهي ظالم چوندا ته "اي اسانجا رب! اسانکي ٿورڙي مهلت ڏي ته اسان تنهنجي سڏ جو جواب ڏيون ۽ رسولن جي پيروي ڪريون". (پر کين کــُـتو جواب ملندو ته) "ڇا توهان اهي ماڻهو ناهيو، جيڪي هن کان اڳ قسم کڻي چوندا هيؤ ته اسان تي ته هن دنيا ۾ زوال اچڻو ئي ناهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) ڊيڄار ماڻهن کي ان ڏينهن کان جڏهن ورائيندن اچي عذاب، ان وقت چوندا اهي ظالم ته، اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ٿورڙي مهلت ڏي، اسان تنهنجي دعوت قبول ڪنداسين ۽ تابعداري ڪنداسين رسولن جي (کين صاف جواب ڏنو ويندو) ڇا توهان اهي ماڻهو نه آهيو جن اڳي قسم کڻي چيو هو ته اسان کي زوال اچڻو ئي ناهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان ماڻهن کي ان ڏينھن کان ڊيڄاريو جنھن ڏينھن کين عذاب گهيري ۾ وٺندو. پوءِ ظالم ماڻهو چوندا ته اي اسان جا پالڻھار! اسان کي ڪجهه وقت لاءِ مھلت ڏي ته ھاڻي اسان تنھنجي ھر حڪم کي مڃينداسين ۽ تنھنجي موڪليل رسولن جي پيروي ڪنداسين (کين جواب ڏنو ويندو ته) ڇا توھان ھن کان اڳ قسم نه کڻندا ھئا ته توھان تي ڪڏھن به تباھي نه ايندي؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان ماڻهن کي ان ڏينهن کان ڊيڄاريو جڏهن مٿن عذاب اچي پهچندو ته اُهي جيڪي ظلم ڪندا رهيا هئا چوندا: اي اسان جا رب! اسان کي ٿوري دير جي لاءِ مهلت ڏي جيئن اسان تنهنجي دعوت کي قبول ڪري وٺون ۽ رسولن جي پيروي ڪريون. (انهن کي چيو ويندو) ته ڇا توهان ئي پهريان قسم نه کڻندا رهيا ته توهان کي ڪڏهن به زوال نه ايندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي پيغمبر!) ماڻهن کي ان ڏينهن کان خبردار ڪر جڏهن مٿن عذاب اچي ڪڙڪندو ان ڏينهن ظلم ڪندڙ چوندا: پالڻهار! ٿوري وقت جي لاءِ اسان کي مهلت ڏي، اسين (هاڻي هرگز انڪار ۽ هٺيلائپ نه ڪنداسين ۽) تنهنجي سڏ تي جيءُ چونداسين ۽ پيغمبرن جي پيروڪاري ڪنداسين، (پر انهن کي جواب ملندو:) ڇا توهين اهي ئي ناهيو جيڪي هن کان اڳ قَسم کڻي چوندا هيؤ ته اسان تي زوال اچڻو ئي ناهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَسَكَنتُم فى مَسٰكِنِ الَّذينَ ظَلَموا أَنفُسَهُم وَتَبَيَّنَ لَكُم كَيفَ فَعَلنا بِهِم وَضَرَبنا لَكُمُ الأَمثالَ (آيت : 45) |
۽ اوھين انھن جي جاين ۾ ٽڪيؤ جن پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ اوھان کي پڌرو ٿيو ته انھن سان ڪئن ڪيوسون ۽ اوھان کي ڪيئي مثال بيان ڪياسون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ توهان انهن ماڻهن (اڳين تباهه ٿيل قومن) جي بستين ۾ آباد ٿيا هئو، جن پنهنجي جانين تي ظلم ڪيو هو ۽ توهان کي چٽيءَ طرح معلوم ٿيو هو ته اسان هنن سان ڇا ڇا ڪيو (اسان کين تباهه ڪري ڇڏيو ته به توهان عبرت نه ورتي) توهان کي (سمجهائڻ لاءِ) طرحين طرحين مثال به اسان بيان ڪري ٻڌايا (پوءِ به توهان سرڪشيءَ کان باز نه آيؤ).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان انهن ظالمن جي گھرن ۾ ٽِڪيا جن پنهنجي نفسن سان ظلم ڪيو ۽ توهان بخوبي معلوم ڪيو ته اسان انهن ظالمن سان ڇا ڪيو ۽ اسان توهان لاءِ مثال بيان ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ڇا اوهين اهي نه آهيو جو) جن ماڻهن (اسان جي نافرماني ڪري) پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو، انهن جي گهرن ۾ اوهين به رهيا، هوڏانهن اوهان تي هي به ظاهر ٿي چڪو هو ته اسان انهن سان ڪهڙو برتاءُ رکيو ۽ اسان اوهان جي (سمجهائڻ) لاءِ مثال به بيان ڪيا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رهيئو اوهان جاين انهن جي ۾ جو ظلم ڪيائون سرن پنهنجي تي ۽ ظاهر ٿيو اوهان لاءِ ته ڪيئن ڪيوسون انهن سان ۽ بيان ڪياسون اوهانجي لاءِ مثال .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽اوهين انهن جي جاين ۾ رهيو جن پاڻ تي ظلم ڪيو، ۽ اوهان تي ظاهر ٿيو ته ڪيئن اسان انهن سان ڪيو. ۽ اسان اوهان لاءِ (انهن جا) مثال بيان ڪيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حالانڪه اوهان انهن ماڻهن جي جاين ۾ رهي چڪا هيؤ جن پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو هيو ۽ اوهان تي ظاهر ٿي چڪو هيو ته اسان انهن سان ڇا معاملو ڪيو ۽ اسان اوهان لاءِ مثال به بيان ڪيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هوڏانهن حوِيليون، تن جون، وَسايان وَهلور! پاڻهِي پَنهنجي جِيءَ سان، ڪيا جن ڪَلُور، ۽ ڪِيئنَ ڪيوسون اُنهن سان، سو ظاهر ٿِيان ضَرُور، ۽ اَسان مِڙيئـِي مَذڪور، خُوب اَوهان تي کوليا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين انهن جي جاين ۾ رهيا، جن پاڻ تي ظلم ڪيو هو، اوهان چڱيءَ طرح ڏٺو ته انهن سان ڪهڙي حالت ڪئي سون، ۽ اوهان لاءِ مثال بيان ڪيا ويا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حالانڪه توهان انهن قومن جي آبادين ۾ رهي چڪا آهيو، جن پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو هو ۽ توهان تي اها ڳالهه ظاهر ٿيل هئي ته اسان انهن سان ڇا ڪيو هو ۽ اسان ته انهن جا مثال ڏئي به توهان کي پئي سمجهايو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رهي چڪا آهيو توهان انهن قومن جي جاين ۾ جن پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو هو ۽ ڏسي چڪا هئا ته اسان ڪهڙو ظلم ڪيو ساڻن ۽ توهان کي به سمجهائي چڪا هئاسين انهن جا مثال ڏئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان انهن شھرن ۾ به رھي چڪا آھيو جن جي رهاڪن پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ھو ۽ اوھان کي خبر به ھئي ته اسان انهن سان ڪھڙو حشر ڪيو ھو؟ اسان توھان کي بار بار انهن جا مثال به ڏيندا ھئاسين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان (پنهنجي واري تي) انهن ئي ماڻهن جي (ڇڏيل) ماڙين ۾ رهيا ٿي (جن پنهنجي پنهنجي دور ۾) پنهنجي جانين تي ظلم ڪيو هو حالانڪه توهان تي ظاهر ٿي چڪو هو ته اسان انهن سان ڪهڙو معاملو ڪيو هو ۽ اسان توهان جي (سمجهه جي) لاءِ مثال به بيان ڪيا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) توهين انهن ماڻهن جي وسندين ۾ وسيا هيئو جن پنهنجو پاڻ سان ناانصافي ڪئي هئي ۽ توهان تي چڱيءَ طرح واضح ٿي ويو هيو ته اسين انهن سان ڇا ڪيو هيو! پڻ توهان جي لاءِ هر طرح جا مثال به بيان ڪياسون (پوءِ به توهين هٺيلائپ کان نه مڙيؤ). (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقَد مَكَروا مَكرَهُم وَعِندَ اللَّهِ مَكرُهُم وَإِن كانَ مَكرُهُم لِتَزولَ مِنهُ الجِبالُ (آيت : 46) |
۽ بيشڪ انھن پنھنجو وڏو مڪر ڪيو ۽ الله وت سندن مڪر (جي سزا) آھي، ۽ سندن مڪر ڪو اھڙو نه آھي جنھن سان جبل ٽري وڃن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) انهن ماڻهن پنهنجون سڀ تدبيرون ڪري ڇڏيون هيون، ۽ اگرچه هنن جون تدبيرون اهڙيون هيون جو جبلن کي به پنهنجي جاءِ تان لوڏي هٽائي ڇڏين ته به الله وٽ هنن جي سڀني تدبيرن جو جواب هو. ( يعني الله تعاليٰ هنن جي تدبيرن کي ناڪامياب ڪري ڇڏيو ۽ هو عذاب کي روڪي نه سگهيا).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بيشڪ انهن وڏيون خفيه تدبيرون ڪيون ۽ الله تعالى وٽ سندن مڪر جو علم ۽ جزا آهي، ۽ جيتوڻيڪ انهن جي مَڪر سان جبل (پنهنجي جاءِ تان) هٽي وڃن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ماڻهو پنهنجون چالون هلندا رهيا. ۽ اهي ڪڏهن نه مڙيا هوڏانهن سندن سڀ حالتون خدا جي نظر ۾ هيون ۽ جيتوڻيڪ سندن مڪاريون ايتري قدر ته هيون جو جن کان جبل پنهنجي جاءِ کان هٽي وڃن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تحقيق مڪر هلايون (وڏو) مڪر پنهنجو ۽ الله وٽ رٿ انهن جي آهي ۽ ناهي مڪر انهن جو تانته هليا وڃن ان سان جبل.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ انهن پنهنجيون (وڏيون) تدبيرون ڪيون هيون ۽ انهن جون تدبيرون الله جي اڳيان هيون. ۽ انهن جي تدبير اهڙي نه هئي جنهن سان جبل هٽي وڃن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ انهن پنهنجي طرفان وڏيون مڪاريون ڪيون ۽ الله وٽ انهن جي هر مڪر جو ٽوڙ هيو. توڙِي جو انهن جون مڪاريون اهڙيون هيون جن سان جبلَ هٽي وڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سِٽِيئون سِٽ، پَنهنجِي،سَندنِ سِٽ، به سائـِين وَٽ، ۽ اِهڙِي نَه سَندنِ سِٽ، جِنهن سان، جَبل جُنبن جاءِ تان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ انهن پنهنجي وڏي رٿ رٿي هئي ۽ الله وٽ سندن اها رٿ آهي، پر سندن رٿ ڪا اهڙي نه آهي جنهن سان جبل به ٿڙي سگهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اُهي پنهنجون سڀ چالبازيون هلائي چڪا هئا، پر انهن جي هرهڪ ســِـٽيل ســِـٽ جي جوابي تدبير الله وٽ موجود هئي، توڻي جو انهن جون سٽون ته اهڙيون زوردار هيون، جو انهن سان جبل به (پنهنجي جاءِ تان) هٽي وڃن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن پنهنجا سڀ مڪر ۽ فريب ڪيا پر سندن ٽوڙ الله وٽ مڪر جو هو، جڏهن ته سندن تدبيرون اهڙيون غضب جون هيون جو انهن سان جبل به هٽي وڃن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن پنھنجا وڏا وڏا منصوبا ٺاھيا هئا ۽ اللھ تعالى وٽ به انهن جي منصوبن کي ناڪام ڪرڻ جو انتظام ھو ۽ انهن جا منصوبا اھڙا ته مؤثر ھئا جنهن سان جبل به پنھنجي جاءِ تان هٽي وڃن ھا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن (دولت ۽ اقتدار جي نشي ۾ بدمست ٿي) پنهنجي طرفان وڏيون چالبازيون ڪيون جڏهن ته الله وٽ انهن جي هر فريب جو ٽوڙ هو، توڻي جو انهن جون مڪر واريون تدبيرون اهڙيون هيون جو انهن سان جبل به اکڙي وڃن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) انهن ماڻهن پنهنجون سڀ مڪاريون ڪري ڇڏيون هيون ۽ توڙي جو انهن جون مڪاريون اهڙيون هيون جو پهاڙن کي پنهنجين جاين تان ٿيڙي وجهن، پر الله وٽ انهن جي مڙني مڪارين جو جواب هيو!- (مطلب ته انهن جي ڪابه مڪاري نتيجن کي روڪي نه سگهي). (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلا تَحسَبَنَّ اللَّهَ مُخلِفَ وَعدِهِ رُسُلَهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 47) |
پوءِ (اي پيغمبر) الله کي پنھنجن پيغمبرن سان پنھنجي وعدي جي خلافي ڪندڙ ھرگز نه ڀانءِ، ڇوته الله غالب (اُن ڏينھن) بدلي وٺڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ اهڙو خيال نه ڪيو ته الله پنهنجي رسولن سان جيڪو واعدو ڪري چڪو آهي، تنهن جي خلاف ڪندو (نه نه هو ضرور حق کي فتح ڏيندو ۽ ظالمن کي تباهه ڪندو) يقين ڪيو ته الله (سڀني تي) غالب آهي ۽ (بدعملن جي) سزا ڏيندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ توهان نه سمجھو ته الله تعالى رسولن سان ڪيل وعدن کي پورو نه ڪندو، بيشڪ الله تعالى غالب انتقام وٺندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پر اهي ڪجھ نه هيون) ته تون اهو خيال (به) نه ڪج ته خدا تعالى پنهنجي پيغمبرن سان وعدي خلافي ڪندو، بيشڪ خدا (سڀ کان) زبردست بدلو وٺڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ هرگز نه سمجھ تون الله کي مخالفت ڪندڙ وعدي پنهنجي جي رسولن پنهنجن سان بيشڪ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله کي پنهنجن رسولن سان وعدي جي خلافي ڪندڙ هرگز نه سمجهه! بيشڪ الله زبردست (۽) بدلي وٺڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله کي پنهنجي رسولن سان وعدي خلافي ڪرڻ وارو هرگز نه سمجهه. بيشڪ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رَبَّ سَندسِ رَسُولن سان، واعدو توڙمَ سَار، غالِب، رَبُّ، غَفَّار، وير وَٺندڙ، وير ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون الله کي پنهنجي نبين سان وعدي خلافي ڪندڙ نه سمجهه! بيشڪ الله غالب، بدلو وٺندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري اي نبي! تون ڪڏهن به اهو گمان نه ڌارجانءِ ته ڪو الله پنهنجن رسولن سان ڪيل وعدن جي خلاف ڪندو، الله زبردست آهي ۽ انتقام وٺندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) هرگز گمان نه ڪر ته الله پنهنجا ڪيل وعدا رسولن سان ٽوڙيندو، بيشڪ الله غالب آهي ۽ بدلو وٺڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) تون ھرگز ايئن نه سمجهه ته ڪو اللھ تعالى رسولن سان ڪيل وعدي کان ڦري ويندو. بيشڪ اللھ تعالى زبردست انتقام وٺندڙ آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ الله کي هرگز پنهنجي رسولن سان وعدي خلافي ڪرڻ وارو نه سمجهو! بيشڪ الله غالب، بدلو وٺندڙ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) تنهنڪري ايئن نه سمجهجو ته الله پنهنجن رسولن سان جيڪو واعدو ڪري چڪو آهي ان جي ابتڙ ڪندو (ائــــين ٿــــيڻ مـمڪن ڪـــونهي). هـــو (سڀ تي) غالب آهي ۽ (بڇڙن لڇڻن جي) سزا ڏيڻ وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يَومَ تُبَدَّلُ الأَرضُ غَيرَ الأَرضِ وَالسَّمٰوٰتُ وَبَرَزوا لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 48) |
جنھن ڏينھن ھيءَ زمين مٽائي ٻي زمين ڪئي ويندي ۽ آسمان (به) ۽ (سڀ ماڻھو) الله ھڪڙي زبردست جي آڏو ٿيندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن هيءَ زمين بدلجي هڪ ٻي زمين ٿي پوندي ۽ آسمان به بدلجي ويندا ۽ سڀ ماڻهو هڪ غالب خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيندا. (ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جنهن ڏينهن زمين مَٽجي ويندي سواءِ زمين جي ۽ آسمان (مٽجي ويندا) ۽ سڀئي الله تعالى وٽ گڏ ٿيندا جيڪو واحدالقهار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پر ڪڏهن؟) جنهن ڏينهن هيءَ زمين بدلائي ٻي ڪئي ويندي ۽ (اهڙي طرح) آسمان (به بدلايا ويندا) ۽ سڀ ماڻهو اڪيلي قهار خدا جي سامهون (پنهنجي پنهنجي جڳھ مان نڪري) کڙا ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن مٽائي ويندي هيءَ زمين ٻيءَ زمين سان ۽ آسمان ۽ ظاهر ٿي ايندا الله، هڪ، غالب جي لاءِ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن هيءَ زمين ئي زمين سان بدلائي ويندي ۽ آسمان به. ۽ (سڀئي) اڪيلي زبردست الله جي اڳيان حاضر ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن (هي) زمين ٻي زمين سان بدلائي ويندي ۽ سڀ آسمان به (بدلايا ويندا) ۽ سڀ (ماڻهو) الله اڳيان پڌرا پيش ٿيندا جيڪو اڪيلو آهي سڀني تي غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن ڀُون بَدلبِي، ٻِيءَ ڀُون سان ۽ اُڀ بَجا، ٻِيو اُڀ، ۽ آيا سائـِين اڳيان سَڀ، جو حاڪِم قهرِي هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن هيءَ زمين مٽائي ٻي زمين ڪئي ويندي ۽ آسمان پڻ، سڀ هڪ الله زبردست جي اڳيان اچي حاضر ٿيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڊيڄارينِ ان ڏينهن کان جڏهن زمين ۽ آسمان بدلائي ڇا مان ڇا ڪيا ويندا ۽ سمورا الله الواحد القهار جي آڏو پڌري پٽ اچي حاضر ٿيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن کان ڊيڄار انهن کي جڏهن زمين ۽ آسمان بدلائي ڇا مان ڇا ڪيا ويندا ۽ اهي سڀ الله واحد زبردست آڏو حاضر ٿي ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قيامت واري ڏينھن ھن زمين ۽ آسمانن جي نظام کي بلڪل نئين نظام ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ سڀ ماڻهو اڪيلي اللھ جي سامھون حاضر ڪيا ويندا جيڪو زبردست آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جنهن ڏينهن (هي) زمين ٻي زمين سان تبديل ڪئي ويندي ۽ سڀئي آسمان به تبديل ڪيا ويندا ۽ سڀئي ماڻهو الله جي سامهون حاضر هوندا جيڪو هڪ آهي سڀني تي غالب آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جنهن ڏينهن، هيءَ زمين بدلجي هڪ ٻي روپ ۾ اچي ويندي ۽ سڀ ماڻهو اڪيلي- غالب الله جي حضور ۾ حاضر ٿيندا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَتَرَى المُجرِمينَ يَومَئِذٍ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 49) |
۽ اُن ڏينھن گنھگارن کي زنجيرن ۾ ٻَڌل ڏسندين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ تون انهيءَ ڏينهن گنهگارن کي ڏسندين ته زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ان ڏينهن توهان مجرمن کي ڏسندا ته اُهي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون ان ڏينهن گنهگارن کي ڏسندين ته زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏسندين گنهگارن کي ان ڏينهن جڪڙيل زنجيرن ۾ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تون ان ڏينهن گنهگارن کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏسندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون ان ڏينهن ڏوهارين کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏسندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن ڏِينهن ڏوهين ڏِسندين، بَنديل مَنجھ بندن، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن گهنگارن کي زنجيرن ۾ ٻڌل ڏسندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏينهن تون ڏوهارين کي ڏسندين ته زنجيرن ۾ هٿـئين پيرئين جڪڙيل هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تون ڏسندين ڏوهارين کي ان ڏينهن ته زنجيرن ۾ هٿ پير ٻڌل هوندن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون ان ڏينھن ڏوھارين کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏسندين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ان ڏينهن توهان ڏوهارين کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏسندؤ.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) تون ان ڏينهن ڏوهين کي ڏسندين ته زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
سَرابيلُهُم مِن قَطِرانٍ وَتَغشىٰ وُجوهَهُمُ النّارُ (آيت : 50) |
سندن ڪپڙا گندرف مان ھوندا ۽ سندن مُنھن کي باھ وڪوڙيندي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) هنن جون قميصون گندڪ جون هونديون. (جنهن جي گسڻ سان باهه ٻرندي آهي) ۽ چهرا باه جي ڄڀين سان ڍڪجي ويندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) انهن جا پهراڻ گرم ٽامي جا هوندا ۽ انهن جي چهرن کي باه ڍڪيندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سندن (بدن جا) ڪپڙا قطران جا هوندا ۽ سند منهن کي باھ (چوڌاري) وڪوڙيل هوندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪپڙا انهن جا گندرف مان هوندا ۽ وڪوڙي ويندي منهن انهن جي کي باھ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) سندن پوشاڪون گندرف جون هونديون ۽ سندن منهن کي باهه ويڙهي ويندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جا لباس (باهه کي ڀڙڪائيندڙ) گندرف مان هوندا۽ انهن جي چهرن کي باهه وڪوڙي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گَندرف گَنديون سَندنِ، ۽ مَچ ويڙِهيندنِ مُنهنڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن ڪپڙا گندرف جا هوندا_ ۽ سندن منهن کي باهه وڪوڙي ڇڏيو هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڏامـَـرَ جا چولا پاتل هوندن ۽ باهه جون ڄـڀـيون مــُـنهن کي ويڙهي ويندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏامر جا ڪپڙا پاتل هوندن ۽ ڇانيل هوندن سندن منهن تي باهه جا اُلا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) کين گندرف ۽ ڏامر جو لباس پارايو ويندو ۽ سندن چھرن تي (ڏامر جي ڪري) باهه چنبڙيل ھوندي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) انهن جا لباس گندرف (يا اهڙي تيل) جا هوندا (جيڪو باهه کي خوب ڀڙڪائيندو آهي) ۽ انهن جي چهرن کي باهه ويڙهي ويندي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) انهن جا پهراڻ، گندرف جا هوندا ۽ چهرا، پڄريل ٽانڊن سان ڍڪيل هوندن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
لِيَجزِىَ اللَّهُ كُلَّ نَفسٍ ما كَسَبَت إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 51) |
ھن لاءِ ته سڀڪنھن جيءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو اُن کي الله بدلو ڏئي، بيشڪ الله جلد حساب ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ائين هن لاءِ ٿيندو ته الله تعاليٰ هر انسان کي سندس ڪمائيءَ جي مطابق بدلو ڏئي. بيشڪ الله حساب وٺڻ ۾ بلڪل تيز آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته الله هر نفس کي سندس عمل موجب جزا ڏئي، بيشڪ الله تعالى جلد حساب ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جيئن خدا هر شخص کي سندس ڪئيءَ جو بدلو ڏئي، (چڱي جو چڱو بڇڙي جو بڇڙو) بيشڪ خدا تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته بدلو ڏي الله هر نفس کي جيڪي ڪمايائين بيشڪ الله تڪڙو حساب ڪرڻ وارو آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ته جيئن سڀڪنهن نفس جيڪي ڪمايو آهي تنهن جو الله ان کي بدلو ڏئي. بيشڪ الله جي طرفان جلد حساب ٿيڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته جيئن الله هر شخص کي ان جو بدلو ڏئي جيڪي ان ڪمايو آهي. بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان جيڪي جنهن ڪمايو، تِنهن جو پُوروڏِبسِ پار، تَڪڙو آهي تڪرار، هادِي حرف حِساب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته جيئن الله هر جان کي هن جي ڪمائي جو بدلو ڏي_ بيشڪ الله جلد حساب وٺندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تانته الله هر ساهواري کي سندس ڪــَـئي جو بدلو ڏئي، الله کي ته حساب وٺندي ڪا دير ئي نه لڳندي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ان لاءِ ته الله هر ڪنهن جيوَ کي سندس ڪمائيءَ جو بدلو ڏئي ٿو، بيشڪ الله کي حساب وٺڻ ۾ دير نٿي لڳي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو سڀ ان ڪري ھوندو) ته جيئن اللھ تعالى ھر ڪنھن کي سندن اعمال جو بدلو ڏي. بيشڪ اللھ تعالى جلد حساب وٺندو آھي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ته جيئن الله هر ماڻهو کي انهن (عملن) جو بدلو ڏي جيڪي ان ڪمايا آهن. بيشڪ الله حساب ۾ جلدي فرمائيندڙ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ائين ان ڪري ٿيندو ته جيئن الله هر ڪنهن کي سندس ڪمائيءَ جي مطابق بدلو ڏئي ڇڏي. بي شڪ ! هو حساب چڪائڻ ۾ ڏاڍو تيز آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
هٰذا بَلٰغٌ لِلنّاسِ وَلِيُنذَروا بِهِ وَلِيَعلَموا أَنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَلِيَذَّكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 52) |
اِھو (قرآن) ماڻھن کي پھچائڻو آھي ته اُن سان ڊيڄاريا وڃن ۽ ڄاڻن ته انھي ھڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪو معبود نه آھي ۽ ڌِيان وارا نصيحت وٺن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) هي انسانن جي لاءِ هڪ پيغام آهي، جو هن لاءِ موڪليو ويو آهي ته ماڻهن کي خبردار ڪيو وڃي ۽ هو معلوم ڪن ته سندن معبود (جنهن جي ٻانهپ ڪجي سو) هڪ ئي معبود آهي ۽ پڻ هن لاءِ ته سمجهه وارا ماڻهو ان مان نصيحت وٺن (۽ گناهه ڇڏي چڱا عمل ڪن).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) هيءُ (قرآن) ماڻهن لاءِ نصيحت آهي ۽ ڀلي ته انهيءَ کان خوف ڪن ۽ ڀلي اُهي معلوم ڪن ته معبود برحق فقط هڪ الله تعالى آهي ۽ ڀلي ته عقلمند انهيءَ مان نصيحت حاصل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي (قرآن) اهڙن ماڻهن جي لاءِ هڪ قسم جو اطلاع آهي ته جيئن ماڻهو ان جي ذريعي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريا وڃن ۽ جيئن هن ڳالھ جي پڪ ٿئين ته فقط اهو خدا هڪ ئي معبود آهي پڻ هن ڪري ته جيڪي عقل وارا آهن (سي) نصيحت (۽ عبرت) حاصل ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هيء پيغام پهچائڻ آهي ماڻهن لاءِ ۽ تانته ان سان ڊيڄاريا وڃن ۽ تانته ڄاڻن ته بلاشڪ اهوئي معبود هڪ آهي ۽ تانته نصيحت وٺن عقل وارا. ع(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) هيءَ (قرآن) ماڻهن لاءِ هڪ اطلاع آهي. ۽ هن لاءِ آهي ته ان سان کين ڊيڄاريو وڃي ۽ هن لاءِ ته ڄاڻن ته اهو ئي اڪيلو معبود آهي ۽ هن لاءِ ته عقل وارا ڌيان ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي (قرآن سڀ ) ماڻهن لاءِ اطلاع آهي ۽ (موڪليو ويو آهي) هن لاءِ ته ان جي ذريعي کين ڊيڄاريو وڃي ۽ هن لاءِ ته ڄاڻن ته صرف اُهو (الله) ئي اڪيلو معبود آهي ۽ هن لاءِ ته عقل وارا نصيحت وٺن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ماڻهنِ پُهچائـِڻُو مُورِهين، حُڪم حَقانِي، هِيءُ، تان اُن جِي خَبر کين پوي، وَڃن لُڙ لَهِي، پڻ سَمجھنِ، ته سائـِين هِڪ اُهو، ٻِيا سَڀ ٻَهِي، پڻ ساڱائـِينِ صَحِي، حاصل جن کي حوصلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو قرآن رڳو ماڻهن لاءِ پهچائڻو آهي ته جيئن اهو ٻڌي ڊڄن ۽ سمجهن، ته ان هڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪو به ڪارساز ڪونه آهي ۽ جيئن عقل وارا نصيحت حاصل ڪن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هيءُ هڪڙو پيغام آهي، سڀني انسانن لاءِ ۽ ان لاءِ موڪليو ويو آهي ته جيئن ان وسيلي کين ڊيڄاريو وڃي ۽ هو ڄاڻي وٺن ته اصل ۾ معبود ته فقط هڪڙو ئي آهي ۽ جيڪي سياڻا آهن سي ڪو هوش ڌارين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو هڪ پيغام آهي سڀني انسانن جي لاءِ موڪليل ان لاءِ ته کين خبردار ڪيو وڃي ۽ اهي ڄاڻي وٺن ته حقيقت ۾ خدا بس هڪ ئي آهي ۽ جيڪي عقل رکن ٿا سي هوش ۾ اچن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي سڀني انسانن جي لاءِ ھڪ اطلاع آھي ته جيئن ان جي ذريعي کين ڊيڄاريو وڃي ۽ ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته بيشڪ ھڪ اللھ کان سواءِ ٻيو ڪير به معبود نه آھي ته جيئن عقل مند ماڻهو ان اطلاع مان نصيحت حاصل ڪن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) هي (قرآن) ماڻهن جي لاءِ مڪمل طور پيغام جو پهچائڻ آهي، ته جيئن کين ان جي ذريعي ڊيڄاريو وڃي ۽ هي ته اُهي چڱيءَ طرح ڄاڻي ڇڏين ته بس اُهوئي (الله) اڪيلو معبود آهي ۽ اِهو ته عقلمند ماڻهو نصيحت حاصل ڪن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) هي (قرآن) انسانن جي لاءِ هڪ پيغام آهي ۽ ان لاءِ موڪليو ويو آهي ته ماڻهن کي خبردار ڪجي ۽ ماڻهو اهو معلوم ڪري وٺن ته انهن جو معبود هڪ ئي معبود آهي، پڻ ان لاءِ به ته سمجهدار ماڻهو، ان مان نصيحت ماڻين.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |