توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
المر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ وَالَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ الحَقُّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 1) |
المّرٰ، ھيءُ ڪتاب جون آيتون آھن، ۽ جيڪي توڏانھن تنھنجي پالڻھار وٽان نازل ڪيو ويو سو حق آھي پر گھڻا ماڻھو نه مڃيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الف- لام- ميم- را. (اي پيغمبر!) هي ڪتاب (يعني قرآن مجيد) جون آيتون آهن ۽ جيڪي تنهنجي پروردگار وٽان توتي نازل ٿيو آهي، سو حق جو امر آهي (نه ٻيو ڪجهه) پر اڪثر ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (ان تي) ايمان نٿا آڻين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) المرا . هي قرآن ڪريم جون آيتون آهن، ۽ جيڪو توهان ڏانهن رب جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي، سو (سَڀئي) حق آهي ۽ پر اڪثر ماڻهو ايمان نٿا آڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) المرا. هي ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن. ۽ اوهان جي پروردگار جي طرف کان جيڪي اوهان ڏي نازل ڪيو ويو آهي، بلڪل حق آهي پر گهڻا ماڻهو نٿا مڃين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الف، لام، ميم، هي آيتون ڪتاب جون آهن ۽ اهو جو نازل ڪيو ويو تو ڏانهن رب تنهنجي کان حق آهي پر اڪثر ماڻهون نٿا ايمان آڻين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) المرٰ (اي پيغمبر) هي قرآن جون آيتون آهن ۽ جيڪي توڏي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان لاٿو ويو آهي سو حق آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا مڃين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الف لام ميم را. هي ڪتاب جون آيتون آهن. ۽ جيڪِي ڪجهه تو ڏانهن تنهنجي پالڻهار جي طرفان نازل ڪيو وڃي ٿو سو حق آهي ۽ پر گھڻا ماڻهو ايمان نه ٿا آڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الٓـــمّٓــر کي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، قدرت جي ڪتاب جون، آهن نِشانيون نِروار، پڻ وِيو اُتاريو تو اُتي، تُنهنجي صاحب کان ستار، صَحِي ثابت ڳالهيون، وَهم نه جن ۾ وار، پرآڻين نه اِعتبار، مُوڙهل گھڻا ماڻهن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ا- ل- م- ر- هي ڪتاب جون آيتون آهن ۽ جيڪو تنهنجي ڌڻيءَ کان تو ڏي موڪليل آهي، سو حق آهي، پر گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﺏ (الف ــ لام ــ ميم ــ را) هي (الله جي) ڪتاب جون آيتون آهن ۽ جيڪي ڪجهه تنهنجي رب وٽان توتي نازل ڪيو ويو آهي، سو بلڪل حق سچ آهي، پر (تنهنجي قوم جا) گهڻا ماڻهو نٿا مڃين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ا-ل-م-ر، هي انهيءَ ڪتاب جون آيتون آهن، ۽ جيڪي ڪجهه لاٿو ويو آهي توتي تنهنجي پالڻهار جي طرفان، سو بلڪل سچ آهي پر گهڻا ماڻهو (تنهنجي قوم جا) مڃين نٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الف ــ لام ـــ ميم ـــ را، ھي (اللھ تعالى جي) ڪتاب جون ئي آيتون آھن ۽ توتي جيڪو ڪجهه تنھنجي پالڻھار جي طرفان نازل ڪيو ويو آھي سو برحق آھي. پر (پوءِ به) گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ الَّذى رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى يُدَبِّرُ الأَمرَ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم بِلِقاءِ رَبِّكُم توقِنونَ (آيت : 2) |
الله اُھو آھي جنھن آسمانن کي ريءَ ٿنڀن جي کڙو ڪيو آھي انھن کي ڏسو ٿا وري عرش ڏي متوجه ٿيو ۽ سج ۽ چنڊ کي فرمانبردار ڪيائين، جو سڀڪو ٺھرايل مُدّت تائين ھلندو آھي، (اُھو) سڀني ڪمن کي رٿيندو آھي نشانيون چٽائيءَ سان بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين پنھنجي پالڻھار جي مِلڻ جو يقين ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو الله ئي آهي، جنهن آسمان کي بلند ڪيو ۽ توهان ڏسو ٿا ته ڪوبه ٿنڀ انهن کي جهليون ڪونه بيٺو آهي. (خلقڻ بعد هو ننڊ پئجي ڪونه ويو پر) پنهنجي حڪومت (جي تخت) تي قائم رهيو (يعني مخلوقات ۾ حڪم احڪام جاري ڪندو رهيو ۽ انتظام ڪندو رهيو) ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيائين، (اهڙيءَ طرح) جو هرهڪ پنهنجي ٺهرايل مدت تائين (پنهنجي پنهنجي واٽ تي) هلي رهيو آهي. اهوئي (هن خلقت جي ڪارخاني جو) انتظام ڪري رهيو آهي ۽ (پنهنجي قدرت ۽ حڪمت جون) نشانيون الڳ الڳ ڪري بيان ٿو ڪري ان لاءِ ته اوهان کي يقين ٿي وڃي ته (هڪ ڏينهن) پنهنجي پروردگار سان ملڻو آهي (۽ عملن جو حساب ڪتاب ڏيڻو آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى اهو (خالق) آهي جنهن ٿنڀن کان بغير آسمانن کي بلند ڪيو جنهنکي توهان ڏسو پيا، ان کانپوءِ عرشِ عظيم تي رونق افروز ٿيو (جيئنڪ سندس شان وٽان آهي) ۽ سج ۽ چنڊ کي مسخر (تابعدار) ڪيو هر هڪ پنهنجي مقرر وقت تائين هلي رهيا آهن، اهوئي هر امر جي تدبير فرمائي ٿو (۽ پنهنجيون) نشانيون واضح ڪري ٿو ان لاءِ ته توهان کي قيامت جو يقين ٿئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله اهو آهي جنهن ٿنبن کان سواءِ آسمانن کي بلند ڪيو جن کي اوهين ڏسو ٿا. پوءِ عرش (جي بنائڻ) تي آماده ٿيو پڻ سج ۽ چنڊ کي (پنهنجو) تابعدار ڪيو هر هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو. اهو ئي (دنيا جي) هر هڪ ڪم جو انتظام ڪري ٿو ۽ هن غرض سان ته اوهين ماڻهين پنهنجي پالڻهار جو يقين ڪريو (پنهنجيون) آيتون کولي بيان ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله اُهو آهي جو بلند ڪري بيهاريائين آسمانن کي سواءِ ٿنڀ جي ڏسو ٿا ان کي ان کان پوءِ استواء فرمايائين عرش تي ۽ پابند ڪيائين سج ۽ چنڊ کي هر هڪ هلي ٿو واسطي مدي مقرر جي تدبير ٿو فرمائي امر جي کولي بيان ٿو ڪري نشانيون تانته اوهان پنهنجي رب جي ملاقات تي يقين ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اهو آهي جنهن ٿنڀن کان سواءِ آسمانن کي اوچو ڪيو جن کي اوهين ڏسو ٿا پوءِ عرش تي قائم ٿيو، ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳايو اٿس. هر هڪ مقررّ مُدّت تائين هلي ٿو. (هو) ڪم جي تدبير ٿو ڪري (۽) نشانين کي کولي بيان ٿو ڪري ته مَنَ اوهين پنهنجي پاليندڙ سان ملڻ جو يقين ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله اُهو آهي جنهن آسمانن کي بنا ٿنڀن جي مٿاهون ڪيو آهي جنهن کي اوهان ڏسو ٿا پوءِ اهو عرش تي قائم ٿيو (يعني پنهنجي تختِ سلطنت تي جلوه گر ٿيو) ۽ سج ۽ چنڊ کي نظام جو پابند ڪيائين. هر هڪ مقرر مدت لاءِ گشت ڪري ٿو. اهو الله ئي نظام جي تدبير ڪري ٿو پنهنجون نشانيون کولي کولي بيان ڪري ٿو ته جيئن توهان پنهنجي رب جي ملاقات جو يقين ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اُهو اَلله، جِنهن اُڀ اُڀارِيا، ري ٿَنڀِين، ڏِسِين پَسِين جن کي، نِرتئون ساڻ نگاھ، موٽِي تختگاھ، سَڀ ڪِنهن رِيت سَنڀاليو. سج، چنڊ تابِع تِنهن ڪيا، هَلن مُقرر مُدت تڪ، ڪَري هَر ڪِنهن ڪم جو، قادِر جوڙ جڪ، کوليو کوليو آيتون، بَيان ڪري بيشڪ، تان ڪريو پورِي پَڪ، پَنهنجي مولا سان ملڻِ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو آهي، جنهن بنا ٿنڀن جي آسمانن کي بنايو آهي، جي ڏسو ٿا- پوءِ عرش ڏي ڌيان ڪيائين ۽ سج ۽ چنڊ کي جڪڙيائين- جو هر ڪو مقرر ڪيل وقت تائين هلي ٿو- هو ئي سڀني ڪمن کي رٿي ٿو ۽ اوهان کي چٽائي سان آيتون ٿو ٻڌائي ته، من اوهان کي رب سان ملڻ جو يقين ٿئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو الله ئي آهي، جنهن آسمانن کي اهڙن ٿنڀن کان سواءِ بيهاريو آهي، جيڪي توهان کي ڏسڻ ۾ اچن. پوءِ عرش تي قائم ٿيو ۽ سج ۽ چنڊ کي هڪ قانون ۾ جڪڙيائين، هرهڪ شيءِ هڪڙي مقرر ڪيل وقت تائين هلندي رهي ٿي ۽ الله ئي انهيءَ ساري معاملي کي هلائي ٿو. هو نشانيون کولي کولي بيان ڪري ٿو ته مــَـن توهان پنهنجي رب جي ملاقات تي يقين ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو الله ئي آهي جنهن آسمانن کي بنا سهارن بيهاريو جيڪي توهان کي نظر ايندا هجن، پوءِ اهو پنهنجي سلطنت جي تخت تي رونق افروز ٿيو ۽ هڪ قانون جو پابند ڪيو سج ۽ چنڊ کي، سڄي نظام جي هر شيءِ هڪ مقرر مدت تائين هلي پئي، اهو (الله آهي) جيڪو ان سڀ ڪم جي تدبير ڪري پيو، کولي کولي نشانيون ٻڌائي پيو، شايد پنهنجي رب سان ملاقات جو يقين اچيوَ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اها اللھ تعالى جي ئي ھستي آھي، جنھن آسمانن کي بغير ٿنڀن جي بلند ڪيو جيڪي توھان کي (صاف) نظر اچن ٿا پوءِ ھو نگھباني ڪرڻ لاءِ جلوهه افروز ٿيو (جو ڪير به ان جي نگھباني کي ظاھري طور نٿو ڏسي سگهي). ۽ هن سج ۽ چنڊ کي ھڪ نظام ھيٺ ھلڻ جو پابند بنايو، ھي سڀ ھڪ مقرر وقت تائين ھلندا رھن ٿا. اُھو ئي ھر ڪم جي حڪمت جوڙيندڙ آھي ۽ تفصيل سان نشانيون بيان ڪري ٿو ته جيئن توھان پنھنجي پالڻھار جي روبرو پيش ٿيڻ تي يقين ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ الَّذى مَدَّ الأَرضَ وَجَعَلَ فيها رَوٰسِىَ وَأَنهٰرًا وَمِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فيها زَوجَينِ اثنَينِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 3) |
۽ اُھو (الله) آھي جنھن زمين کي پکيڙيو ۽ منجھس جبل ۽ درياء بڻايائين، ۽ منجھس سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه قِسم بڻايائين ڏينھن کي رات سان ڍڪيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ پروڙيندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اهوئي آهي جنهن زمين جو مٿاڇرو پکيڙي ڇڏيو آهي، ان ۾ جبل ٺاهيا اٿس، نديون ۽ نهرون وهائي ڇڏيون اٿس ۽ هر طرح جي ميون جا جوڙا ٻن ٻن قسمن جا ڄمايا اٿس. هن رات ڏينهن (جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ جو ۽ درجي بدرجي اچڻ) جو اهڙو قانون ٺاهي ڇڏيو آهي جو ڏينهن جي روشنيءَ کي رات جي اونداهي ڍڪي ڇڏيندي آهي. يقيناً هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون آهن، جيڪي ماڻهو غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهوئي الله آهي جنهن زمين کي پکيڙيو ۽ ان ۾ مضبوط جبل ۽ نهرون پيدا ڪيون، ۽ سڀني ميوَن مان ٻه ٻه قِسم پيدا ڪيا، (۽) رات سان ڏينهن کي لڪائي ٿو، بيشڪ انهي ۾ انهيءَ قوم لاءِ نشانيون آهن جيڪي سوچ رکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو اهو آهي جنهن زمين کي پکيڙيو ۽ ان ۾ (وڏا وڏا) جبل ۽ نديون پيدا ڪيائين ۽ هن هر قسم جي ميون جا ٻه ٻه قسم (جيئن کٽا مٺا) بنايا، اهو رات (جي پردي) سان ڏينهن کي ڍڪي ٿو. بيشڪ جيڪي ماڻهو غور فڪر ڪن ٿا تن لاءِ ان ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اُهو الله آهي جو پکيڙيائين زمين کي ۽ پيدا ڪيائين ان ۾ جبل ۽ نهرون ۽ هر قسم جي ميون مان ڪيائين انهن ۾ جوڙا ٻَه ٻهَ ڍڪي ٿو رات سان ڏينهن کي بيشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن واسطي ان قوم جي جيڪي فڪر ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هو اهو آهي جنهن زمين کي پکيڙيو ۽ ان ۾ جبل ۽ نديون پيدا ڪيائين. ۽ ان ۾ سڀ ڪنهن ميوي مان جوڙو يعني ٻه ٻه قسم پيدا ڪيائين (يعني کٽو ۽ مٺو ۽ نفيس ۽ خسيس) رات کي ڏينهن سان ڍڪي ٿو. بيشڪ ان ۾ فڪر ڪرڻ واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي آهي جنهن زمين کي وڇايو ۽ ان ۾ جبل بنايائين ۽ نهرون (وهايائين.) ۽ سڀني ميوَن مان ٻه ٻه جوڙا جوڙا بنايائين اهو رات سان ڏينهن کي ڍڪي ٿو. بيشڪ ان (ساري قدرتن) ۾ غور و فڪر ڪندڙ قوم لاءِ وڏيون نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڌَرِ پکيڙِي جِنهن ڌڻِيءَ، جِنهن تي، لَکِين رَهن لوڪ، ۽ جَبل جَڙيائـِين تِنهن ۾، ۽ دَريا، دريا ڌوڪ، ۽ مَنجھسِ ميوا موڪ، ٻِٽاجوڙيئـِين ٻاجھ سان. رات وَرِي ٿِي ڏِينهن مَٿان، اُنهِيءَ ۾ اُهڃاڻ، قوم اُنهِيء ڪاڻ، جي سَچ پَچ سوچِينِ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو ئي آهي، جنهن زمين کي پکيڙيو، منجهس جبل ۽ نهرون بنايائين ۽ ان ۾ سڀ ڪنهن ميوي جا ٻه ٻه قسم پيدا ڪيائين، هو ڏينهن کي رات سان ٿو ڍڪي، بيشڪ فڪر وارن لاءِ انهن ۾ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهوئي آهي، جنهن هيءَ ڌرتي وڇائي ڇڏي آهي، منجهس جبلن کي کوڙيو اٿائين ۽ درياءَ وهائي ڇڏيا اٿائين. انهيءَ ئي هر قسم جي ميون جا جوڙا پيدا ڪيا آهن ۽ اهوئي ڏينهن کي رات سان ڍڪي ٿو، انهن سڀني شين ۾ وڏيون نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي سوچ ويچار ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هو اهو ئي آهي جنهن هي زمين کولي پکيڙي ڇڏي ۽ ان ۾ جبلن جا ڪِل ٺوڪي ڇڏيا ۽ ان ۾ درياء وهايا، ۽ سڀني ميون جا پيدا ڪيا آهن جوڙا ان ۾ ۽ اهو ئي پکيڙي ٿو رات تي ڏينهن کي، بيشڪ انهن شين ۾ وڏيون نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي غور فڪر ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھو (الله) ئي آھي جنھن زمين کي ڦھلائي ڇڏيو ۽ ان ۾ جبل ــ درياءَ ــ ھر قسم جا ميوا ۽ ھر جنس جا جوڙا (مؤنث ۽ مذڪر) بنايا، ھو ئي رات کي ڏينھن ۾ بدلائي ٿو، انهن ڳالھين ۾ غور ڪرڻ وارن لاءِ (وڏيون) نشانيون آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَفِى الأَرضِ قِطَعٌ مُتَجٰوِرٰتٌ وَجَنّٰتٌ مِن أَعنٰبٍ وَزَرعٌ وَنَخيلٌ صِنوانٌ وَغَيرُ صِنوانٍ يُسقىٰ بِماءٍ وٰحِدٍ وَنُفَضِّلُ بَعضَها عَلىٰ بَعضٍ فِى الأُكُلِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 4) |
۽ زمين ۾ (پاڻون واڻا) ٽڪرا لڳولڳ آھن ۽ ڊاکن جا باغ آھن ۽ پوکون ۽ کجيون آھن (انھن مان ڪي) جُوھا ۽ (ڪي) ھڪ ٿُڙ واريون آھن اُنھن کي ھڪ (ئي) پاڻي پياريو ويندو آھي، ۽ اسين ميون ۾ ڪن (جي مزي) کي ڪِن کان وڌيڪ ڪندا آھيون، بيشڪ اُن ۾ سمجھندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏسو، زمين ۾ (طرحين طرحين) ٽڪرا آهن جي هڪٻئي سان مليل آهن. انهن ۾ انگورن جا باغ آهن، (ان جون) پوکون آهن. کارڪن جا وڻ آهن، جن مان ڪي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن، ته ڪي وري ڳنڍيل ڪونه آهن. سڀني کي هڪ ئي پاڻي ملي ٿو. پر (تنهن هوندي به) اسان ڪجهه ميون کي ٻين ميون کان ذائقي ۾ بهتري ڏيون ٿا. يقيناً هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن، جيڪي ماڻهو عقل کان ڪم ٿا وٺن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ زمين ۾ مختلف ٽُڪرا (ڀَلا ۽ ڍِلا) آهن جيڪي هڪ ٻئي کي قريب آهن ۽ انگورن جا باغ آهن ۽ زراعت آهي ۽ کجون آهن جن مان ڪِن کجين ۾ گھڻا گوها ٿين ٿا ۽ ڪِن ۾ فقط هڪ گوهو ٿئي ٿو، سڀني کي هڪڙو ئي پاڻي ڏنو وڃي ٿو ۽ اسان ذائقي ۾ ڪن (ميون) کي ڪن کان ڀلو ڪيو آهي، بيشڪ انهيءَ ۾ انهيءَ قوم لاءِ نشانيون آهن جيڪي عقل رکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خود زمين کي (ڏسو!) ڪيئي ٽڪر پاڻ ۾ مليل آهن. پڻ انگور جا باغ ۽ پوک ۽ کجيءَ جا وڻ ڪي هڪ پاڙ ۽ ٻن شاخن (يا ٿڙن سان) ۽ ڪي اڪيلا (هڪ ئي ٿڙ وارا) جيتوڻيڪ سڀ هڪ ئي پاڻيءَ سان اپاريا وڃن ٿا. ۽ ميون ۾ هڪڙن کي بين تي ترجيح ڏيون ٿا. بيشڪ جيڪي ماڻهو عقل وارا آهن تن جي لاءِ ان ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (۽ زمين ۾ ٽڪرا لڳو لڳ آهن ۽ باغ آهن انگورن جا ۽ پوکون آهن ۽ کجيون پاڙون مليل ۽ نه مليل پياريا ويا پاڻيءَ هڪ سان ۽ ڀلو ڪيون ٿا هڪڙن کي ٻين تي ميون ۾ بيشڪ انهن ۾ البته نشانيون آهن ان قوم لاءِ جيڪي عقل رکن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زمين ۾ هڪ ٻئي جي ڀر سان (ان جا) مختلف ٽڪرا آهن ۽ (ان ۾ ) انگورن جا باغ ۽ پوکون ۽ هڪ ٻئي سان گڏيل ٿڙن واريون ۽ جدا جدا ٿڙن واريون کجيون آهن، انهن کي هڪ ئي پاڻي پياريو وڃي ٿو ۽(پوءِ به) اسين زمين جي هڪڙن ٽڪرن کي ٻين کان پيداوار ۾ ڀلو ڪريون ٿا. بيشڪ ان ۾ سمجهدار قوم لاءِ نشانيون آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زمين ۾ هڪ ٻئي جي ڀرسان (مختلف قسم جا) ٽڪرا آهن ۽ انگورن جا باغ آهن ۽ پوکون ۽ کجورن جا وڻ آهن مليل ٿڙن وارا ۽ جدا ٿڙن وارا (انهن) سڀني کي هڪڙو پاڻي پياريو وڃي ٿو. ۽ (پوءِ به) اسان ذائقي ۾ هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏيون ٿا. بيشڪ ان ۾ عقلمند قوم لاءِ وڏيون نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀاڱا ڀيڙا ڀُونءَ جا، ۽ پوکون، باغ اَنگُور، ٽارِيُن ۽ بِنا ٽارِيُنِ، کَجِيون، وَڻ کَجُور، پِيَن پاڻِي هيڪڙو، مگر مَزي ۾ مُور، ڪن کي ڪريون، ڪن کان، زِياده ضَرُور، خُوب کُلِيل خَبرون، مَنجِھيِين مَذڪُور، جي پُورِي رکن پَروڙ، ڪارڻ تِنهِين قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ زمين ۾ لاڳيتا ٽڪرا آهن ۽ انگورن جا باغ، پوکون ۽ ٽارين خواهه بنا ٽارين جي کجيون، جن کي هڪ ئي پاڻي ٿو ملي، پر اسان ئي هڪ ميوي جو ذائقو ٻئي کان سٺو ٿا ڪريون_ انهن ۾ عقل واري قوم لاءِ (قدرت جون) نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڏسو زمين ۾ ڌار ڌار قسمن جا ٽڪرا آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان لڳولڳ آهن ۽ انگورن جا باغ آهن، ٻنيون آهن، کجيءَ جا وڻ آهن، جن مان ڪي هڪڙي ئي اُڀي ٿــڙ وارا آهن ته ڪي جــُـهڳٽي جي شڪل ۾، سڀني کي ساڳيو ئي پاڻي ملي ٿو، پر ذائقي ۾ اسان ڪنهن کي ڀلو بڻايون ٿا ته ڪنهن کي وري گهٽ درجي وارو، انهن سڀني شين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏسو زمين ۾ ڌار ڌار طبقا آهن جيڪي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، انگورن جا باغ آهن، پوکون آهن، کجيءَ جا وڻ آهن جن مان ڪي هڪ ٿڙ واريون ته ڪي ٻن ٿڙن واريون، سڀني کي ساڳيو پاڻي ملي ٿو پر مزي ۾ ڪنهن کي بهتر بڻايون ٿا ته ڪنهن کي گهٽ درجي وارو، بيشڪ انهن ۾ ڪيتريون نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ زمين ۾ ھڪ ٻئي سان لڳولڳ مختلف علائقا آھن جن ۾ انگورن جا باغ، زرعي زمين ۽ کجين جا وڻ آهن انهن ۾ ڪي ھڪ ٿڙ وارا ته ڪي ٻن ٿڙن وارا آھن. سڀني وڻن کي ھڪ جھڙو ئي پاڻي ڏنو وڃي ٿو پر کائڻ جي ذائقي ۾ ڪنھن (علائقي جي) ميوي کي اسان تمام گهڻي شھرت ڏيندا آھيون (ته ڪن علائقن جي ميون کي گهٽ درجي ۾ رکندا آھيون). بيشڪ عقل وارن جي لاءِ انهن شين ۾ (وڏيون) نشانيون آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن تَعجَب فَعَجَبٌ قَولُهُم أَءِذا كُنّا تُرٰبًا أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ أُولٰئِكَ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم وَأُولٰئِكَ الأَغلٰلُ فى أَعناقِهِم وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 5) |
۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي (سندن انڪار جو) عجب ٿيندو آھي ته سندن (ھن) چوڻ جو به عجب (ڪرڻو) آھي (جو چوندا آھن ته) جڏھن مٽي ٿينداسون ته اسين وري نئين بڻاوت ۾ بڻايا وينداسون ڇا؟ اِھي اُھي آھن جن پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو، ۽ اِھي اُھي آھن جن جي ڳچين ۾ ڳٽ ھوندا، ۽ اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي انسان!) جيڪڏهن تون ڪا عجيب ڳالهه ڏسڻ چاهين ٿو ته (سڀ کان وڌيڪ) عجيب ڳالهه انهن منڪرن جو هي قول آهي ته جڏهن اسان (مرڻ بعد ڳري سڙي) خاڪ ٿي وينداسين تڏهن اسان وري نئين خلقت ۾ آڻي اٿاريا وينداسين ڇا؟ توهان (سمجهه وارؤ) يقين ڪيو ته اهي ئي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار کان انڪار ڪيو ۽ اهي ئي آهن جن جي ڳچين ۾ ڳٽ پيل هوندا ۽ اهي ئي آهن جيڪي دوزخي هوندا ۽ هميشه دوزخ ۾ رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن تون ((اي ٻڌندڙ) انهيءَ تي) عجب ڪرين ٿو ته پوءِ عجيب ڳالهه انهن جي هي آهي ته ڇا جڏهن اسين مِٽي ٿينداسين تو پوءِ دوباره اسين پيدا ٿينداسين. اِهي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي رب سان ڪفر ڪيو، ۽ اِهي اُهي آهن جن جي ڪنڌن ۾ طوق هوندا، ۽ اهي دوزخي آهن، ۽ اهي دوزخ ۾ هميشه هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اوهان کي (ڪنهن ڳالھ تي) تعجب ٿو ٿئي ته ڪافرن جي هن چوڻ تي عجب آهي ته: جڏهن اسين (سڙي ڳري) مٽي ٿي وينداسون ته ڇا اسين (وري ٻيو ڀيرو) هڪ نئون جنم وٺي اينداسون؟ هي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار سان ڪفر ڪيو ۽ اهي ئي اهي ماڻهو آهن جن جي گردنن ۾ (قيامت جي ڏينهن) طوق پيل هوندا ۽ اهي ئي ماڻهو دوزخي آهن، جو ان ۾ هميشه رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن عجب ۾ پوندين تون ته پوءِ عجب وارو آهي چوڻ انهن جو ته ڇا جڏهن ٿينداسون مٽي ڇا تحقيق اسين پيدائش نئينءَ ۾ اينداسون؟ اهي ئي آهن جن ڪفر ڪيو رب پنهنجي جو ۽ اهيئي(آهن جو) ڳٽ (هوندا) ڳچين انهن جي ۾ ۽ اهيئي جهنمي آهن ان ۾ هميشہ رهندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) جيڪڏهن تون (سندن انڪارتي) عجب ٿو ڪرين ته انهن جو هيءُ ٻول به عجيب آهي ته ڇا جڏهن اسين مٽي ٿينداسون ته ڇا اسان کي نئين سر بنايو ويندو؟ اِهي اهي آهن جن پنهنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو. ۽ انهن جي ڳچين ۾ طوق هوندا. ۽ اهي ئي دوزخي آهن، اهي ان ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن تون (منڪرن تي) عجب ٿو ڪرين ته انهن جو هي قول به عجيب آهي ته ”ڇا جڏهن اسان (مري) مِٽي ٿينداسين ته اسان کي ٻيهر نئين سر پيدا ڪيو ويندو“؟ اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پالڻهار سان ڪفر ڪيو، ۽ اهي آهن جن جي ڳچين ۾ ڳٽ هوندا ۽ اُهي جهنمي آهن. اهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي عَجب ڪرِين، ته پوءِعَجب آهي، اُنهن جِي ڳالھ، ڇا اَسِين مِٽي، مِٽيءَ ۾، هُونداسون جِنهن حال، بَنجِي پوءِ بَحال، اَسين اِينداسون نئـِينءَ جوڙ ۾؟ اُهي، سي سَندنِ سائـِينءَ کان، جي نابِرٿيانِپٽ، ۽ اُهي، سي آهن، جن جي، ڳِچين اَندر ڳَٽ، ۽ اُهي ڄيري وارا ڄَٽ، اُهي دائـِم داخِل اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) برابر سندن چوڻ عجب جهڙو آهي، جڏهن چون ٿا ”جڏهن اسين مٽي ٿي وينداسون ته، وري جيئرا ڪيا وينداسون ڇا؟“ هي اهي آهن جن پنهنجي رب جو انڪار ڪيو آهي، انهن جي ڳچين ۾ ڳٽ وڌا ويندا، اهي ئي دوزخي آهن ۽ ان ۾ هميشه جي لاءِ رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جي توکي عجب ٿو لڳي ته عجب جهڙي ڳالهه ته ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته "جڏهن اسان مري مٽي ٿي وينداسين ته ڇا پوءِ اسان وري نئين سر پيدا ڪيا وينداسون؟" اِهي اُهي ماڻهو آهن، جن پنهنجي رب سان ڪفر ڪيو آهي، اهي ئي ماڻهو آهن، جن جي ڳچين ۾ ڳٽ پيل آهن، اهي دوزخي آهن ۽ جهنم ۾ سدائين رهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هاڻي توکي جيڪڏهن عجب ٿو لڳي ته عجب جهڙن ماڻهن جو اهو قول آهي ته جڏهن اسان مري مٽي ٿي وينداسين ته ڇا اسين وري پيدا ڪيا وينداسين؟ هي اهي ماڻهو آهن جن ڪفر ڪيو پنهنجي رب سان، ۽ هي اهي ئي ماڻهو آهن جن جي ڳچين ۾ ڳٽ پيل آهن، اهي ئي ماڻهو دوزخي آهن ۽ اهي ئي ان ۾ هميشھ رهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ھنن ماڻهن جي انڪار تي توهان تعجب ڪريو ٿا. اصل ۾ ھِنن ماڻهن جو ھي قول ئي وڏي تعجب وارو آھي ته “جڏھن اسان (مَري) مٽي ٿي وينداسين ته ڇا اسان کي وري نئين سر ٻيھر جياريو ويندو؟” انهن ماڻهن پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو آھي ۽ انهن ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ (جھالت جا) ڳَٽ پيل آھن ۽ اھي جھنمي آھن جنھن ۾ ھو ھميشه رھندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ وَقَد خَلَت مِن قَبلِهِمُ المَثُلٰتُ وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو مَغفِرَةٍ لِلنّاسِ عَلىٰ ظُلمِهِم وَإِنَّ رَبَّكَ لَشَديدُ العِقابِ (آيت : 6) |
۽ (اي پيغمبر) چڱائي (جي پھچڻ) کان اڳي ئي توکان مدائي جلد گھرندا آھن ۽ بيشڪ کانئن اڳ (ماڻھن تي) عذاب ٿي چُڪا آھن، ۽ تنھنجو پالڻھار ماڻھن کي سندن ڏوھي ھجڻ ھوندي به بخشڻ وارو آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍي عذاب ڪرڻ وارو (به) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) هي ماڻهو توسان برائيءَ جي لاءِ تڪڙ مچائي ٿا ڏين (يعني ٽوڪ طور توکي چون ٿا ته جلدي اسان تي عذاب آڻ!) ان کان اڳي جو چڱائي جي طلب ڪن، حالانڪ انهن کان اڳي اهڙا مثال ۽ واقعا ٿي گذريا آهن (جن متعلق دنيا ۾) ڪهاڻيون ۽ پهاڪا ٺهي ويا آهن. (پر هي بيوقوف انهن مان عبرت نٿا وٺن) تنهنجي پروردگار ته بيشڪ (سندن) ظلم کي درگزر ڪرڻ وارو (۽ مهلت ڏيڻ وارو) آهي. پر هن ۾ به شڪ ڪونهي ته (جيڪڏهن هو حق تي نه ايندا ته) تنهنجو پروردگار سزا ڏيڻ ۾ به ڏاڍو سخت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي (مڪه جا ڪافر) نيڪي کان اڳي عذاب طلب ڪن ٿا ۽ تحقيق انهن کان اڳ (عذاب اچڻ جا) مثال گذري چُڪا آهن، ۽ بيشڪ توهان جو رب ماڻهن کي ظلم جي باوجود به مهلت ڏئي ٿو، ۽ بيشڪ توهان جو رب سخت عذاب ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) اهي ماڻهو تو کان ڀلائي کان اڳ ۾ ئي برائيءَ (عذاب) جي جلدي مچائي رهيا آهن، جيتوڻيڪ انهن کان اڳ (ڪيترن ئي ماڻهن جون) سزائون ٿي چڪيون آهن. ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار سندن شرارتن هوندي به ماڻهن لاءِ وڏو بخشش (۽ ڪرم) وارو آهي ۽ هن ۾ شبه نه آهي ته تنهنجو پروردگار تمام سخت عذاب (ڏيڻ) وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تڪڙو ٿا گھرن تو کان مدائي چڱائيءَ کان اڳي ۽ تحقيق گذّريا اڳي انهن کان عذاب ۽ بيشڪ رب البته مالڪ آهي بخشش ماڻهن جي لاءِ باوجود ظلم انهن جي ۽ بيشڪ رب تنهنجو البته سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر) توکان ڀلائي (گهرڻ) کان اڳ ۾ بڇڙائي گهرڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا هوڏانهن انهن کان اڳي (اهڙا) عذاب (ٻين قومن تي) گذري چڪا آهن.۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ماڻهن کي سندن ظلم هوندي به معاف ڪرڻ وارو آهي. ۽ بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جو عذاب (به) سخت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو کان ڀلائي کان اڳ برائي گهرڻ ۾ تڪڙ مچائن ٿا حالانڪه انهن کان اڳ ڪيئي عذاب (جا واقعا) گذري چڪا آهن. ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ماڻهن لاءِ انهن جي ظلمن جي باوجود بخشڻ وارو آهي ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُک کان، دُک توڪنان، تَڪڙو گُھرن تَڪرار، اِنهيان اَ ڳي گُذريا، صَدمان، سو، صدبار، ماڻهن لئي مُورهِين، تُنهنجو پالڻهار، سَندنِ بيدادِيُنِ مَٿي، بيشڪ بَخشڻهار، ۽ سَندئـِي رَبَّ، ستار، سزا ڏِين ۾، سَخت گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي اوهان کان چڱائي جي پهچڻ کان اڳ تڪڙي مدائي ٿا گهرن، بيشڪ انهن کان اڳ به اهڙا عذاب آيل آهن ۽ تنهنجو رب گناهن هوندي به ماڻهن کي بخشيندڙ به آهي ۽ تنهنجو رب سخت عذاب ڏيندڙ به آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو ڀلائيءَ کان اڳ ۾ ٿا برائيءَ لاءِ تڪڙ مچائن، حالانڪه کانئن اڳ (جيڪي ماڻهو ائين هليا انهن تي الاهي عذاب جا) عبرت ڏياريندڙ مثال ٿي گذريا آهن. حقيقت اها آهي ته تنهنجو رب ماڻهن جي ڏاڍاين جي باوجود ساڻن چشم پوشيءَ کان ڪم ٿو وٺي ۽ وري اها به حقيقت آهي ته تنهنجو رب سخت سزا ڏيندڙ به آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي رسول!) اهي ئي ماڻهو بُرائي گُهرن ٿا ڀلائي کان اڳي ئي، ۽ جڏهن کانئن اڳي جيڪي ان راهه تي هليا تن تي عذاب جا عبرتناڪ مثال گذري چڪا آهن، حقيقت ۾ تنهنجو رب درگذر ڪرڻ وارو آهي باوجود ماڻهن جي زيادتين جي، ۽ اها به حقيقت آهي ته تنهنجو رب سخت سزا ڏيڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ھي ماڻهو (اسان جي طرفان ڏنل) مھلت واري وقت ۾ عذاب لاءِ جلدي مچائين ٿا حالانڪ ان کان پھريائين ٻين قومن تي عذاب اچي به چڪا آھن. بيشڪ تنھنجو پالڻھار ماڻهن جي ظلم ڪرڻ باوجود کين معاف ڪندڙ آھي ۽ سخت عذاب ڏيندڙ به آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ إِنَّما أَنتَ مُنذِرٌ وَلِكُلِّ قَومٍ هادٍ (آيت : 7) |
۽ ڪافر چوندا آھن ته ھن (پيغمبر) تي سندس پالڻھار کان ڪا (به) نشاني ڇونه نازل ڪئي وئي آھي؟ (اي پيغمبر) تون رڳو ڊيڄاريندڙ آھين ۽ سڀڪنھن قوم لاءِ ھدايت ڪرڻ وارو ھوندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو آهي سي چون ٿا ته هن ماڻهوءَ (يعني پيغمبرﷺ) تي پنهنجي پروردگار جي طرف کان ڪا نشاني ڇو نه نازل ٿي آهي. حالانڪ تون ته فقط (انڪار ۽ بدعملين جي نتيجن کان) خبردار ڪرڻ وارو هڪڙو رهنما (واٽ ڏيکاريندڙ) آهين ۽ هر قوم جي لاءِ هڪڙو رهنما پئي آيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪافر چون ٿا ته انهن جي مٿان رب جي طرفان ڇو نٿي ڪا آيت نازل ٿئي، توهان ته ڊيڄارندڙ آهيو ۽ هر قوم لاءِ هادي (پيغمبر) آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪافر چون ٿا ته هن شخص (محمد) تي سندس پروردگار کان ڪا به نشاني (اسان جي مرضيءَ موافق) ڇو ڪين نازل ٿي ٿئي! (اي رسول!) تون ته (فقط خدا کان) ڊيڄارڻ وارو آهين ۽ هر قوم جي لاءِ (وري) هڪ هدايت ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چون ٿا اهي شخص جو ڪفر ڪيائون ته ڇو نه نازل ڪئي وئي ان تي نشاني سندس رب جي طرفان تون ته فقط ڊيڄاڙيندڙ آهين ۽ واسطي هر قوم جي هدايت ڪندڙ آهي . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافر چون ٿا ته هن (رسول) تي سندس پاليندڙ جي طرفان ڪا نشاني ڇو نه لاٿي ويئي؟ (سو اي پيغمبر) تون رڳو ڊيڄاريندڙ ۽ سڀني قومن لاءِ رستو ڏيکاريندڙ آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪافر چون ٿا ته: ”هن (رسول) تي ان جي پالڻهار کان ڪا نشاني ڇو نه لاٿي وئي“؟ (اي نبي!) تون صرف ڊيڄارڻ وارو آهين ۽ هر قوم لاءِ هڪ رهنما آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَهَنَ، جن ڪُفر ڪيو، ته پاران سَندنِ پَرور، ڇو نه اُتارِي ويئـِي، آيت ڪا اِن سِر؟ تون ڄاڻوئـِي ڄَر، ۽ سُونهون سَڀ ڪِنهن قوم لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪافر چون ٿا ته ” هن تي رب جي طرفان ڪو نشان ڇو نه نازل ٿيو آهي؟“ مگر تون فقط ڊيڄاريندڙ آهين، ۽ هر قوم لاءِ واٽ ڏيکاريندڙ موڪليل آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو جن تنهنجي ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، چون ٿا ته "هن شخص تي سندس رب وٽان ڪا نشاني ڇونه لٿي آهي؟" تون ته فقط خبردار ڪندڙ آهين ۽ هرهڪ قوم لاءِ هڪڙو واٽ ڏسيندڙ هوندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چون ٿا اهي ماڻهو جن تنهنجي ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، ڇو نه لٿي آهي ڪا نشاني هن شخص تي سندس رب طرفان؟ بيشڪ تون ته رڳو ڊيڄارڻ وارو (خبردار ڪندڙ) آهين ۽ هر قوم جي لاءِ هڪ اڳواڻ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ڪافر چون ٿا ته ھن (نبي سڳوري) تي ڪا ظاھري نشاني ڇو نه نازل ڪئي وئي آھي؟ بيشڪ تون ته رڳو ڊيڄاريندڙ آھين ۽ ھر قوم ۾ ھدايت ڪندڙ ايندو ئي رھيو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ يَعلَمُ ما تَحمِلُ كُلُّ أُنثىٰ وَما تَغيضُ الأَرحامُ وَما تَزدادُ وَكُلُّ شَيءٍ عِندَهُ بِمِقدارٍ (آيت : 8) |
سڀڪا مادي (پنھنجي پيٽ ۾) جيڪو (حمل) کڻندي آھي سو الله ڄاڻندو آھي ۽ ڳڀيرڻيون جيڪي گھٽائينديون آھن ۽ جيڪي وڌائينديون آھن (سو به ڄاڻندو آھي)، ۽ سڀڪا شيء وٽس اندازي سان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله (تعاليٰ جو علم اهڙو ته وسيع ۽ عالمگير آهي جو هو) اهو به ڄاڻي ٿو ته ماديءَ جي پيٽ ۾ ڇا آهي (يعني ڪهڙي قسم جو ٻچو پيٽ ۾ آهي) ۽ پيٽ ڇو ٿا گهٽجن ۽ وڏا ٿين، هن وٽ هر شيء جو هڪ اندازو ٺهرايل ٿئي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى کي معلوم آهي جيڪو هر مؤنث جي پيٽ ۾ آهي ۽ جيڪو پيٽ ۾ گَھٽجي ٿو ۽ جيڪو زياده ٿئي ٿو ۽ هر شيءِ الله وٽ اندازي سان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سڀ ڪا مادي جيڪو (پنهنجي پيٽ ۾) حمل جهلي ٿي تنهن کي خدا ئي ڄاڻي ٿو ۽ جنهن کي ڳڀيرڻيون گهٽائين وڌائين ٿيون تن (سڀني) کي خدا ڄاڻي ٿو. ۽ ان وٽ سڀ ڪنهن شيءِ جو اندازو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله ڄاڻي ٿو اهو جو پيٽ ۾ کڻي ٿي هلي هر مادي ۽ جيڪو گهٽائين ٿيون ڳڀيرڻيون ۽ جيڪو وڌائين ٿيون ۽ هر شيءِ ان وٽ اندازي سان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سڀڪا مادي جيڪو (پنهنجي پيٽ ۾) حمل جهلي ٿي ۽ جنهن کي ڳڀيرڻيون گهٽائين ٿيون ۽ جنهن کي وڌائين ٿيون تن سڀني) کي الله ڄاڻي ٿو. ۽ ان وٽ سڀ ڪنهن شيءَ جو اندازو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله ڄاڻي ٿو جيڪو هر مادي پنهنجي پيٽ ۾ کڻي هلي ٿي ۽ ڳڀ جيتري قدر گهٽجن ۽ وڌن ٿا. ۽ هر شيءِ وٽس مقرر حد سان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سائـِين سَمجھي جيڪِي، نار کڻي، ڪو بار، پڻ جيڪِي ڳِهڻ، گَھٽائي ڳُجھ ۾، پڻ وَڌائي ڪو وار، ۽ اُنهِيء وَٽ اَندازسان، سَڀ ڪوئـِي ڪَم ڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان کي الله ڄاڻي ٿو، جيڪو هر هڪ ماديءَ جي پيٽ ۾ آهي ۽ جيڪي پيٽن ۾ گهٽجي يا وڌي ٿو، وٽس هر هڪ شيءِ جو مقرر انداز آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله هرهڪ حمل واري ماديءَ جي پيٽ کي ڄاڻي ٿو ۽ اهو به ڄاڻي ٿو، جيڪي جو ڳڀيرڻن ۾ ٺهي ٿو ۽ جيڪي جو وڌي ويجهي يا گهٽجي ٿو ۽ هر شيءِ لاءِ وٽس هڪ مقدار مقرر ٿيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله ڄاڻي ٿو هر ڪنهن حمل واريءَ جي پيٽ بابت ۽ جيڪي ڪجهه ان ۾ ٺهي ٿو تنهن کي به ڄاڻي ٿو جيڪا به ان ۾ گهٽ وڌائي ٿئي ٿي اها به خبر رکي ٿو، هر شيءِ جي لاءِ وٽس هڪ اندازو مقرر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى ھر مؤنث جي حمل کي ڄاڻي ٿو ۽ ٻچيداني ۾ جيڪا ڪجهه گهٽ وڌائي ٿئي ٿي ( هو ان کي به ڄاڻي ٿو) ھُن وٽ ھرھڪ شيءِ جي لاءِ ھڪ (ٺيڪ) اندازو مقرر آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ الكَبيرُ المُتَعالِ (آيت : 9) |
ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ وڏو مٿاھون آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو غيب ۽ شهادت (يعني لڪل ۽ ظاهر؛ غير محسوس ۽ محسوس) ٻنهي جو ڄاڻندڙ آهي ۽ سڀني کان وڏو ۽ بلند مرتبي وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) غيب ۽ حاضر جو علم رکندڙ وڏي شان وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو) ڳجھ ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ، (سڀ کان) وڏو (۽) عاليشان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڄاڻندڙ آهي ڳجھ جو ۽ ظاهر جو وڏو، مٿاهون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (هو) ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ، وڏو (۽) مٿاهون آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڳُجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو آهي سڀ کان وڏو ۽ مٿاهين شان وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڳُجِھيون، پَڌرِيون ڳالهيون، ڄاڻي ڄاڻڻهار، مٿاهُون مُختار، وَڏِي وڏائـِيءَ جو ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ڳجهي خواهه پڌري جو ڄاڻندڙ، سڀ کان وڏو عزت وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو لڪل توڙي ظاهر هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي ۽ هر حالت ۾ مٿانهون رهڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو ڄاڻي ٿو ڳجهه ۽ ظاهر، هر شيءِ جو ڄاڻو آهي، اهو سڀ کان وڏو هر حال ۾ مٿانهون آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھو سڀني لڪيل ۽ ظاھر شين جو ڄاڻندڙ آھي، (ھن جي ذات) سڀ کان وڏي ۽ مٿانھين آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَواءٌ مِنكُم مَن أَسَرَّ القَولَ وَمَن جَهَرَ بِهِ وَمَن هُوَ مُستَخفٍ بِالَّيلِ وَسارِبٌ بِالنَّهارِ (آيت : 10) |
اوھان مان جيڪو ڳالھ ھوريان ڪري ۽ جيڪووڏي سڏ ڳالھائي ۽ جيڪو رات جو لِڪي ۽ ڏينھن جو پڌرو ٿي گھمي (سي سندس علم ۾) ھڪ جھڙا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان مان ڪوبه دل ۾ ڪا ڳالهه چوي، يا زور سان پڪاري چوي، رات جي اونداهيءَ ۾ لڪل هجي يا ڏينهن جي روشنيءَ ۾ گهمندڙ هجي هن (الله) جي لاءِ هڪ جهڙي ڳالهه آهي (يعني سندس علم کان ڪابه ڳالهه لڪل ناهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) برابر آهي توهان مان جيڪو آهستي ڳالهائي ٿو ۽ جيڪو وڏي سڏ ڳالهائي ٿو ۽ جيڪو رات جو لڪائي ڪم ڪري ٿو ۽ جيڪو ڏينهن جو هلي ٿو (مطلب ته الله کي سڀ معلوم آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪو اوهان مان آهستي ڳالھ ڪري ٿو ۽ جيڪو ڏاڍيان ڳالهائي ٿو ۽ جيڪو رات جو لڪندڙ ۽ ڏينهن جو هلندڙ آهي (سي سڀئي ان وٽ) برابر آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) برابر آهي اوهان مان اهو جو هوريان ڪيائين ڳالهه ۽ اهو جو ڏاڍيان ڪيائين ان کي ۽ اهو جيڪو لڪندڙ آهي رات ۾ ۽ ظاهر ٿي هلندڙ آهي ڏينهن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو اوهان مان آهستي ڳالهه ڪري ٿو ۽ جيڪو ڏاڍيان ڳالهائي ٿو ۽ جيڪو رات جو لڪندڙ ۽ جو ڏينهن جو هلندڙ آهي سي (سڀئي ان وٽ) برابر آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ان لاءِ سڀ) برابر آهن اوهان مان ڪو آهستي ڳالهه ڪري يا ڏاڍيان ڪري ۽ ڪو رات (جي انڌاري) ۾ لڪل هجي ۽ ڪو ڏينهن (جي روشني) ۾ هلندڙ هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) برابر، ڪري بات ڳُجِھي، مان اوهان، يا پَڌرِي، ۽ جو لڪل رهي، منجھ رات، يا ڏيھ گهمندڙ، ڏِينهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان مان جيڪو به هوريان يا ڏاڍيان ٿو ڳالهائي يا ڪو ماڻهو رات جو لڪي ۽ ڏينهن جو ظاهر ٿي ٿو گهمي، سو (هن لاءِ) هڪ جهڙو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان مان کڻي ڪو آهستي ڳالهائي يا ڏاڍيان ۽ ڪو رات جي اونداهيءَ ۾ لڪل هجي يا ڏينهن ڏٺي جو وتي گهمندو، ان (الله) لاءِ مڙيو ئي برابر آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڀلي ڪوبه ماڻهو توهان مان زور سان ڳالهائي يا آهستي ۽ ڪو رات جي اونداهيءَ ۾ لڪل هجي يا هلي رهيو هجي ڏينهن جي روشنيءَ ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان مان جيڪو به ڏاڍيان ڳالهائي ٿو يا آھستي ۽ جيڪو به رات جي اونداھي ۾ لڪيل ھجي يا ڏينھن جي روشني ۾ ھلندو ڦرندو ھجي، ان جي لاءِ سڀ ھڪ جھڙو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَهُ مُعَقِّبٰتٌ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ يَحفَظونَهُ مِن أَمرِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُغَيِّرُ ما بِقَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَإِذا أَرادَ اللَّهُ بِقَومٍ سوءًا فَلا مَرَدَّ لَهُ وَما لَهُم مِن دونِهِ مِن والٍ (آيت : 11) |
اُن (ماڻھوءَ) لاءِ (ملائڪ پھريدار) ھڪ ٻئي پٺيان ايندڙ سندس پويان (مقرر) آھن جو الله جي حُڪم سان اُن جي نگھباني ڪندا آھن، بيشڪ الله ڪنھن قوم جي حالت کي (ايستائين) نه ڦيرائيندو آھي جيسين اُھي جيڪي سندين دلين ۾ آھي سو (پاڻ) نه ڦيرائين، ۽ جڏھن الله ڪنھن قوم جي مدائيءَ جو ارادو ڪندو آھي ته اُن کي ڪو ٽَرڻ ڪونه آھي، ۽ نڪي انھن جو الله کانسواءِ ڪو مددگار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انسان جي اڳيان ۽ پٺيان هڪ ٻئي پوئتان ايندڙ (قوتون) آهن جي الله جي حڪم سان سندس حفاظت ڪن ٿيون. الله تعاليٰ ڪڏهن به انهيءَ حالت کي نٿو بدلائي جنهن حالت ۾ ڪا قوم آهي جيستائين ڪه اها قوم پاڻ پنهنجي صلاحيت کي بدلائي ڇڏي. ۽ جڏهن الله تعاليٰ چاهي ٿو ته ڪنهن قوم کي (سندس صلاحيت کي ڦيرائڻ جي عيوض ۾) مصيبت پهچي ته (مصيبت پهچي وڃي ٿي) اها ڪنهن جي به ٽارڻ سان ٽري نٿي سگهي ۽ الله کان سواءِ ڪوبه ڪونهي جو هن جو ڪارساز ۽ بچائيندڙ ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انسان لاءِ فرشتا مقرر ٿيل آهن جيڪي ان جي اڳيان ۽ پويان الله جي حڪم سان سندس حفاظت ڪن ٿا، بيشڪ الله تعالى ڪنهن قوم جي حالت تبديل نٿو ڪري ايستائين جو اُهي پاڻ پنهنجي حالت تبديل نٿا ڪن، ۽ جڏهن الله ڪنهن قوم تي عذاب جو ارادو ڪندو آهي ته پوءِ ان کي ڪوبه دفع نه ڪري سگھندو آهي ۽ انهن لاءِ الله کانسوءِ ڪوبه مددگار ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (انسان ڪهڙي به حالت ۾ هجي تڏهن به) ان لاءِ سندس اڳيان ۽ سندس پويان پهريدار (فرشتا) آهن، اهي الله جي حڪم سان ان جي نگهباني ڪن ٿا. بيشڪ الله ڪنهن قوم جي حالت نه ٿو بدلائي جيستائين پنهنجي نفسي حالت پاڻ نه بدلائين. ۽ جڏهن خدا ڪنهن قوم سان برائيءَ جو ارادو ڪري ٿو ان برائيءَ کي ڪو به ڦيرڻ وارو نه آهي، ۽ سندس ان کان سواءِ ڪو والي (۽ وارث) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) واسطي ان جي هڪ ٻئي جي پويان ايندڙ (ملائڪ) آهن ۽ اڳيان ان جي ۽ پويان ان جي حفاظت ٿا ڪن ان جي امر الله جي سان بيشڪ نه ٿو بدلائي اهو جو ڪنهن قوم وٽ آهي تان جو پاڻ بدلائين اهو جو سندن ذات ۾ آهي ۽ جڏهن ارادو ٿو فرمائي الله ڪنهن قوم کي تڪليف ڏيڻ جو ته پوءِ ناهي ٽرڻ واسطي ان جي ۽ ناهي واسطي انهن جي ان جي مقابلي ۾ ڪو مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انسان لاءِ سندس اڳيان ۽ سندس پويان هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ پهريدار آهن، اهي الله جي حڪم سان ان جي نگهباني ڪن ٿا. بيشڪ الله ڪنهن قوم جي حالت نه ٿو بدلائي جيستائين جيڪي سندن دلين ۾ آهي تنهن کي اهي نه بدلائين. ۽ جڏهن الله ڪنهن قوم سان برائي جو ارادو ڪري ٿو ته ان برائي کي ڪوبه ڦيرڻ وارو نه آهي. ۽ ان کان سواءِ سندن ڪو مددگار نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انسان لاءِ هڪ ٻئي پٺيان اچڻ وارا (فرشتا) آهن جيڪي ان جي اڳيان ۽ ان جي پٺيان (هجن ٿا) الله جي حڪم سان ان جي نگهباني ڪن ٿا. بيشڪ الله ڪنهن قوم جي (بهتر) حالت کي نه ٿو بدلائي جيستائين اُهي پاڻ (نافرماني ڪري) پنهنجي حالت کي نه بدلائي ڇڏن. ۽ جنهن وقت الله ڪنهن قوم سان برائي (يعني عذاب) جو ارادو ڪري ٿو ته ان کي ڪو ٽارڻ وارو ناهي ۽ نه ئي انهن لاءِ الله کان سواءِ مددگار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اڳيان، پويان اُن جي، ڪي پَهرُون پَهريدار، چونڪِي ڏِينَسِ چوڌار، اَلله جي اَمر کان. اَلله نه ڦيري نِعمتون، جي ڪِنهِين قوم نال، تان نَه بَدلائـِينِ ڀال، پاڻورا، جي پاڻ سان. ۽ جڏهن قصد ڪري، ڪِنهن قوم تي، ڏُرت سَندو ڏاتار، پوءِ موٽائـِيندڙ نه مُورِهين، ڪو هرگز اُنِهيء هارِ، ۽ اُنهن جو، نه اِنهيان ڌار، ڪو وارڻ وارو واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله جي حڪم سان سندس اڳيان ۽ پويان سنڀال لاءِ ملائڪ مقرر ٿيل آهن. الله ڪنهن به قوم جي حالت کي تيسين نٿو بدلائي، جيسين هو پنهنجي اندر کي نه بدلائين ۽ جڏهن الله ڪنهن قوم لاءِ مصيبت جو ارادو ٿو ڪري ته ان کي ڪو به ٽاري نه ٿو سگهي، ان ڌاران ڪو ٻيو سندن مددگار ناهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هر شخص جي اڳيان توڙي پويان سندس مقرر ڪيل واري وٽيءَ وارا پهريدار آهن، جيڪي الله جي حڪم سان سندس نگهباني ڪن ٿا. حقيقت اها آهي ته الله ڪنهن به قوم جي حالت تيستائين نه بدلائيندو آهي، جيستائين هو پاڻ پنهنجي حالت نه بدلائي ۽ جڏهن الله ڪنهن قوم جي تباهي آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيندو آهي ته پوءِ اها ڪنهن جي به ٽارئي نه ٽرندي آهي ۽ نڪي الله جي مقابلي ۾ اهڙي قوم جو ڪو واهر وسيلو ٿي سگهي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان لاءِ برابر آهي سندس مقرر ڪيل نگهبان هر شخص جي اڳيان ۽ پويان لڳل (محافظ) کين سنڀالي رهيا آهن الله جي حڪم سان، حقيقت هي آهي ته الله نٿو بدلائي ڪنهن قوم جي حالت کي، جيستائين اها پاڻ پنهنجي راهه نٿي بدلائي، ۽ جڏهن ارادو ڪري الله ڪنهن قوم مٿان شامت آڻڻ جو، پوءِ اها ٽري نٿي سگهي ۽ نه وري (الله جي مقابلي ۾) اهڙي قوم جو ڪو مددگار ٿي سگهي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھر شخص جي لاءِ اڳيان ۽ پويان ڪجهه فرشتا مقرر آھن، جيڪي اللھ تعالى جي حڪم سان سندس نگراني ڪندا رھن ٿا. بيشڪ اللھ تعالى ڪنھن به قوم جي حالت ان وقت تائين نٿو بدلائي جيستائين اھا قوم (ذھني طور تي) خود پنھنجي حالت بدلائڻ لاءِ تيار نٿي ٿئي ۽ جڏھن اللھ تعالى ڪنھن قوم تي مصيبت آڻڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته پوءِ ڪير به ان (فيصلي) کي ٽاري نٿو سگهي ۽ اللھ تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير به انهن جي مدد نٿو ڪري سگهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنشِئُ السَّحابَ الثِّقالَ (آيت : 12) |
اُھو (الله) آھي جيڪو اوھان کي ڀؤ ۽ اُميد لاءِ وِڄ ڏيکاريندو آھي ۽ ڳَرن ڪڪرن کي کڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو (الله ئي) آهي جو اوهان کي کنوڻ جي تجلي (چمڪو) ڏيکاري ٿو، اها کنوڻ يا بجلي دلين ۾ هراس به پيدا ڪري ٿي ۽ اميد به پيدا ڪري ٿي. اهو ئي آهي جو ڪڪرن کي (پاڻيءَ سان) ڀرپور ڪري ٿو ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله اُهو آهي جيڪو توهان کي وِڄُ، خوف ۽ طمع سان ڏيکاري ٿو ۽ ڳَرَن ڳَرَن ڪڪرن کي هلائي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو آهي جيڪو خوف ۽ اميد پيدا ڪرڻ لاءِ اوهان کي (وڄ) ٿو ڏيکاري ۽ (پاڻي سان ڀريل) ڳرا ڪڪر ٿو اٿاري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ئي آهي جيڪو ڏيکاري ٿو اوهان کي وڄ ڊپ ۽ اميد لاءِ پيدا ٿو ڪري ڪڪر ڳرا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اُهو آهي جيڪو خوف ۽ اميد پيدا ڪرڻ لاءِ اوهان کي وڄ ٿو ڏيکاري ۽ ڳرا ڪڪر ٿو اُٿاري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي آهي جيڪو اوهان کي کِنوڻ ڏيکاري ٿو خوف ۽ اميد پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ ڳرا (پاڻي سان ڀريل) ڪڪر پيدا ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو وِڄ ڏيکاري ڏُور، آن کي، ڊَپ، اُميد ۾، پڻ بادل ڳَرا ڀَرپُور، جوڙي جَلَّ جَلالهٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو ئي آهي جو اوهان کي اميد ۽ خوف سان گڏيل حالت ۾ وڄ ٿو ڏيکاري ۽ تمام ڳرن ڪڪرن کي ٿو کڻي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آهي، جيڪو توهان کي وڄ جا چمڪاٽ ڏيکاريندو آهي، جن کي ڏسي ڀؤ به ٿيندو اٿوَ ته اميد به ٿيندي اٿوَ. اهوئي آهي، جيڪو پاڻيءَ سان ڀريل ڪڪر مٿي چاڙهيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي آهي جيڪو توهان جي آڏو کنوڻ چمڪائي ٿو جنهن کي ڏسي خوف کائو ٿا ۽ اميدون به رکندا آهيو ۽ اهو ئي پاڻيءَ سان ڀريل ڪڪر آڻي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھو (اللھ) ئي توھان ماڻهن کي (آسمان ۾) کنوڻ ڏيکاري ٿو جنھن کي ڏسي ڀؤ به ڪريو ٿا ته وري (مينھن جي اچڻ جي) اميد به رکو ٿا ۽ ھو پاڻي سان ڀريل ڪڪرن کي (برسات لاءِ) بلند ڪري ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيُسَبِّحُ الرَّعدُ بِحَمدِهِ وَالمَلٰئِكَةُ مِن خيفَتِهِ وَيُرسِلُ الصَّوٰعِقَ فَيُصيبُ بِها مَن يَشاءُ وَهُم يُجٰدِلونَ فِى اللَّهِ وَهُوَ شَديدُ المِحالِ (آيت : 13) |
۽ رعد ۽ (سڀ) ملائڪ سندس ڀؤ کان سندس ساراھ سان پاڪائي واکاڻيندا آھن، ۽ وِڄون موڪليندو آھي پوءِ اُھي جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي ڪيرائيندو آھي ۽ ڪافر الله بابت تڪرار ڪندا آھن، حالانڪ اُھو سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪڪرن جي گجگوڙ سندس حمد ۽ ساراهه ڪري ٿي. ۽ فرشتا به ان جي دهشت کان (خدا جي) حمد ۽ ساراهه ڪن ٿا. هو بجليون ڪيرائي ٿو ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي ان هيٺ آڻي موت جي مصيبت ۾ وجهي ٿو. (تنهن هوندي به) اهي (منڪر الله جي قدرت ۽ حڪمت جي انهن سڀني نشانين کان اکيون بند ڪيون ويٺا آهن جو) سندس (هستي ۽ هڪ هئڻ جي) باري ۾ بحث ۽ جهڳڙا ڪري رهيا آهن، حالانڪ هو (پنهنجي قدرت ۽ طاقت ۾) ڏاڍو سخت ۽ غالب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ وڄ الله جي تسبيح ۽ تحميد پڙهي ٿي ۽ ملائڪ به الله جي خوف کان تسبيح پڙهن ٿا، ۽ الله تعالى وڄ موڪلي ٿو پوءِ جنهن تي چاهي وڄ ڪيرائي ٿو ۽ اهي (ڪافر) الله ۾ اختلاف ڪن ٿا، ۽ الله سخت گرفت ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ گجگوڙ ڪندڙ (ڪڪر) ۽ ملائڪ سندس ڊپ کان سندس حمد سان گڏ پاڪائي بيان ڪن ٿا. ۽ اهو ئي (آسمان مان) وڄون ٿو موڪلي پوءِ جنهن تي گهري تنهن تي اهي ڪيرائي ٿو. ۽ اهي (ڪافر) الله جي ڳالھ ۾ (خواھ مخواھ) جهڳڙو ڪن ٿا، هوڏانهن هو زبردست طاقت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تسبيح پڙهي ٿو رعد ان جي حمد سان ۽ ملائڪ ان جي خوف کان ۽ موڪلي ٿو وڄون پوءِ پهچائي ٿو جنهن کي گھري ۽ اهي جھيڙو پيا ڪن الله جي(باري) ۾ ۽ اهو سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ گجگوڙ ڪندڙ (ڪڪر) ۽ ملائڪ سندس ڊپ کان سندس تعريف سان گڏ پاڪائي بيان ڪن ٿا. ۽ وڄون ٿو موڪلي پوءِ جنهن تي گهري تنهن تي اهي ڪيرائي ٿو. ۽ اهي (ڪافر) الله جي ڳالهه ۾ جهڳڙو ڪن ٿا، هوڏانهن اهو زبردست طاقت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ گجگوڙ ان جي تعريف سان گڏ ان جي پاڪائي بيان ڪري ٿي ۽ فرشتا به ان جي خوف کان (لرزندي تسبيح ۽ تعريف ڪن ٿا) ۽ اُهو کنوڻيون موڪلي ٿو پوءِ (ڪڏهن) جنهن تي چاهي اُها ان وقت ڪيرائي ٿو جڏهن اُهي الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪندڙ هجن ٿا ۽ اُهو زبردست قوت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ گوڙ، سَندسِ ساراه سان، پاڪ چَوي، پَرور، پڻ سَندسِ خوف، خيال کان، مَلائـِڪ مِهتر، ۽ وِڄون وَلهارن تي، موڪلي مُقرّر، پوءِ گُھري جِنهن سِر، قادِر ڪيرائيسِ، اُن مٿان. ۽ اُهي خُود اَلله ۾، ڪن جھيڙا، جَنگ، جِدال، بارِي بي مِثال، سَزا ڏِيڻ ۾، سَخت گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) رعد ۽ ٻيا ملائڪ سندن خوف کان سندس واکاڻ ٿا ڪن_ اهو ئي وڄون ٿو موڪلي، پوءِ جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن تي وڄ ٿو ڪيرائي ۽ هو الله بابت بحث ۽ تڪرار ٿا ڪن پر هو سخت پڪڙ ڪندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڪرن جي گاج سندس ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪندي آهي ۽ ملائڪ سندس هيبت کان ڪنبندي پيا سندس تسبيح ڪندا آهن. هو گجگوڙ واريون وڄون موڪليندو آهي، پوءِ جنهن تي به چاهيندو آهي، ٺيڪ انهيءَ وقت ڪيرائيندو آهي، جڏهن هو الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هوندا آهن. حقيقت ۾ سندس پڪڙ ڏاڍي سخت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ساراهه ڪري ٿي ڪڪرن جي گوڙ ۽ پاڪائي بيان ڪرڻ ۾ ملائڪ به ڏڪندي پاڪائي بيان ڪن ٿا، اهو موڪلي ٿو ڪڙڪيدار وڄون ۽ ڪڏهن ته جنهن تي به گُهري ڪيرائي ٿو ان کي انهيءَ حالت ۾ جڏهن ماڻهو الله جي باري ۾ تڪرار ڪندا آهن ۽ سندس چال واقعي زبردست آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪڪرن جو گجگوڙ به ھُن (اللھ) جي تعريف سان گڏ پاڪائي بيان ڪري ٿو، ملائڪ ان جي خوف کان تعريف ۽ پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ اھو ئي چمڪندڙ کنوڻ کي موڪلي ٿو پوءِ ھو جنھن تي چاھي ڪيرائي به ٿو (اھڙيون شيون ڏسڻ کان پوءِ به) ھي ڪافر اللھ تعالى جي باري ۾ جهڳڙو ڪن ٿا. بيشڪ اللھ تعالى زبردست طاقت وارو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَهُ دَعوَةُ الحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَجيبونَ لَهُم بِشَيءٍ إِلّا كَبٰسِطِ كَفَّيهِ إِلَى الماءِ لِيَبلُغَ فاهُ وَما هُوَ بِبٰلِغِهِ وَما دُعاءُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 14) |
کيس (ھر حال ۾) سڏڻ حق آھي، ۽ (ڪافر) الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھن سي (ٻي) ڪنھن (به) طرح ورندي ڏئي نه سگھندا (انھن سڏيندڙن جو مثال) رڳو انھيءَ (ماڻھوءَ) وانگر آھي جو پنھنجو ٻُڪ پاڻيءَ ڏانھن ھن لاءِ ڊگھيڙيندڙ ھجي ته پاڻي سندس وات ۾ پوي ۽ اُھو پاڻي سندس وات ۾ پوڻ وارو نه آھي، ۽ ڪافرن جو سڏڻ رڳو گمراھيءَ ۾ ھجڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن (الله) کي پڪارڻ (يعني کانئس دعا ۽ مدد گهرڻ) سچو پڪارڻ آهي. جيڪي ماڻهو هن کان سواءِ ٻين کي پڪارين ٿا تن جي پڪار اهي ٻيا ڪجهه به نٿا ٻڌن. انهن جو مثال اهڙو آهي جهڙو هڪ ماڻهو (سخت اُڃ ۾) ٻئي هٿ پاڻيءَ جي طرف وڌائي ڊگها ڪري ته بس (ائين ڪرڻ سان) پاڻي هن جي وات ۾ پهچي وڃي. حالانڪ اهو ان تائين پهچڻ وارو ئي ناهي ۽ (يقين ڪيو ته) حق جي منڪرن جي دعا يا پڪار سواءِ هن جي ڪجهه به نه آهي ته ڏنگن ڦڏن رستن تي رلڻ ڦرڻ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله جي عبادت حق آهي، جيڪي ماڻهو الله کانسواءِ بتن جي عبادت ڪن ٿا (اهي بت) انهن ڪافرن کي ڪوبه جواب نٿا ڏين، ان جو مثال هي آهي ته (ڏول ۽ رسي کانسواءِ ڪو ماڻهو کوه تي بيهَي، بيهِي) هٿن سان پاڻي طلب ڪري ٿو ته پاڻي سندس وات ۾ پهچي ۽ اهو پاڻي سندس وات ۾ پهچي نٿو سگھي، ۽ ناهي پوڄا ڪافرن جي مگر گمراهي ۾(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مصيبت جي وقت) ان کي ئي سڏڻ حق آهي ۽ جيڪي الله کان سواءِ (ٻين کي) سڏين ٿا سي کين ڪجھ به جواب نٿا ڏين مگر جيئن ڪو (اڱرين ملائڻ کان سواءِ) پنهنجا ٻئي هٿ پاڻيءَ ڏي ڊگها ڪري ته (پاڻي از خود) ان جي وات تائين پهچي هوڏانهن اهو پاڻي تائين نه پهچندو ۽ ڪافرن جو سڏڻ به بيڪار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کي سڏڻ حق آهي ۽ جيڪي سڏين ٿا (بتن کي) ان کان سواءِ نه ٿا جواب ڏين واسطي انهن جي ڪجھه مگر مثل پکيڙيندڙ (جي) هٿن پنهنجن کي پاڻيءَ ڏانهن تانته پهچي وات انهن جي ۾ ۽ ناهي اهو پهچندڙ ان کي ۽ ناهي سڏڻ ڪافرن جو مگر گمراهيءَ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان کي ئي سڏڻ حق آهي. ۽ ڪافر الله کان سواءِ جن کي سڏين ٿا سي کين ڪجهه به جواب نه ٿا ڏين مگر جيئن ڪو پنهنجا ٻئي هٿ پاڻيءَ ڏي ڊگها ڪري ته (پاڻي ازخود) ان جي وات تائين پهچي هوڏانهن اهو پاڻي ان تائين پهچڻ وارو نه آهي ۽ ڪافرن جو سڏڻ رڳو بيڪار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان کي ئي سڏڻ بر حق آهي. ۽ جيڪي ماڻهو ان (الله) کان سواءِ جن کي سڏن ٿا اُهي کين ڪجهه به جواب نه ٿا ڏين مگر جيئن ڪو پنهنجا ٻئي هٿ پاڻيءَ ڏانهن ڊگها ڪري ته پاڻي (پاڻهي) ان جي وات تائين پهچي ۽ اُهو (پاڻي) ان تائين پهچڻ وارو نه آهي. ۽ (ان طرح) ڪافرن جو (بتن کي) سڏڻ به گمراهيءَ ۾ ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بر حق، هِڪ اُنهِيء کي، دانهون مَنجھ دَرٻار، تِنهن سوا، سَڏِين جَن کي، سي نه ٻُڌنِ، ڪاٻاڪار، مگر مِثال اُن جي، ته مَٿان کوه خُوار، پاڻِي لاءِ پَکيڙيو، پَنهنجو ٻُڪ ٻِيهار، ته پُهچيسِ پَنهنجي وات ۾، نه پُهچڻو تِنهن پار، ۽ ناهِن مُونجھارٖي ڌار، ڪافِرن جون ڪِيرتوُن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان کي سڏڻ ئي حق آهي ۽ الله کانسواءِ جن کي سڏين ٿا، سي ته سندن سڏ ڪجهه به نه ٿا ٻڌي سگهن، جو ڄڻ ته ڪو پاڻيءَ ڏي رڳو هٿ ڊگهيري، ته اهو سندن وات ۾ پوي پر اهو نه پوي ۽ منڪرن جو سڏڻ بلڪل گمراهيءَ ۾ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) کيس ئي سڏڻ حق آهي، باقي ٻين جن کي به هو سندس بدران سڏين ٿا، اهي سندن دعائن جو ڪوبه جواب نٿا ڏيئي سگهن. انهن کي سڏڻ ته ائين آهي، جيئن ڪو شخص پاڻيءَ ڏانهن هٿ ڊگهيري ان کي چوي ته اچي منهنجي وات ۾ پؤ، جڏهن ته هو ان تائين پهچڻ وارو ناهي. بس اهڙيءَ ريت ڪافرن جون دعائون به ائين آهن جيئن بي نشانو تير! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان کي ئي سڏڻ برحق آهي ۽ رهيون اهي ٻيون هستيون جن کي (ڪافر) پڪارين ٿا (الله کي) ڇڏي سي سندن دعائن جو ڪو جواب ڏئي نٿا سگهن، انهن کي پڪارڻ ائين آهي جيئن پاڻي کي ڪو عرض ڪري ته منهنجي وات ۾ پهچي وڃ، پر اهو پهچي نٿو، ائين آهن ڪافرن جون دعائون جيئن بي نشان تير(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙي ھستي کي ئي پڪارڻ حق آھي، جيڪي ماڻهو اللھ تعالى کان سواءِ ٻين کي پڪارين ٿا ھو انهن کي ڪنھن به شيءِ جو جواب نٿا ڏين، جيئن ڪو شخص پنھنجا ٻئي ھٿ پاڻي ڏي ڊگها ڪري ته جيئن پاڻي ان جي وات ۾ اچي، اھڙي طريقي سان ته پاڻي ڪڏھن به سندس وات ۾ نه اچي سگهندو. ڪافرن جو پڪارڻ به اھڙي جھالت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّهِ يَسجُدُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَظِلٰلُهُم بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 15) |
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سي سَرھا ٿي ۽ ارھا ٿي الله کي سجدو ڪندا آھن ۽ سندن پاڇا (به) صبح جو ۽ سانجھيءَ جو (سجدو ڪندا آھن).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو الله جي اڳيان سجدي ۾ ڪريل آهي (يعني الله جي حڪمن ۽ قانونن جي اڳيان جهڪڻ کان سواءِ ٻيو کيس چاروئي ڪونهي.) خوشيءَ سان يا مجبوريءَ سان (سجدي ۾ ڪريل آهي) ۽ (ڏسو) سندن پاڇا به صبح توڙي شام جو (ڪهڙيءَ طرح گهٽجن ٿا ۽ وڌن ٿا ۽ ڪڏهن هيڏي ڪڏهن هوڏي ٿي وڃن ٿا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى کي اهي شيون سجدو ڪن ٿيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن خوشي سان ۽ ناخوشي سان ۽ انهن جا سايا به (سجدو ڪن ٿا) صبح ۽ شام(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي آسمانن زمين ۾ (مخلوقات مان) جيڪي به آهن سي خوشيءَ ۽ زبردستي سان انهن جا پاڇا به صبح ۽ شام جو الله کي (سندس قانون مطابق) سر بسجود آهن (سر نوڙائن ٿا)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله جي لاءِ سجدو ٿا ڪن اهي جو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن خوشيءَ ۽ مجبوريءَ سان ۽ پاڇا انهن جا صبح ۽ شام جو . (السجدة )(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪيآسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي خوشيءَ ۽ مجبوريءَ سان ۽ انهن جا پاڇا به صبح ۽ شام جو الله کي ئي سجدو ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جي لاءِ سجدو ڪري ٿو جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي خوشيءَ سان ۽ ناخوشيءَ سان ۽ انهن جا پاڇا به صبح ۽ شام. (سجدو ڪن ٿا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جُھڪن ٿا جَبَّار کي، جيڪِي اُڀ، ڀون ۾، ڪَس يا رَس، پڻ اُنهن جا اَوس، سايا صُبح، شام ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي خوشيءَ سان يا بنا خوشيءَ الله کي سجدو ڪن ٿا ۽ سندن پاڇا به صبح خواهه شام (سجدو). (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ته الله ئي آهي، جنهن کي آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ چاهيندي توڙي نه چاهيندي سجدو ڪندي رهي ٿي ۽ سڀني شين جا پاڇا به صبح توڙي شام سندس آڏو جهڪندا رهن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو الله ئي آهي جنهن کي سجدو ڪري ٿي آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ خوشي يا ناخوشي، ۽ سڀني شين جا پاڇا (ان جي آڏو جهڪن ٿا) صبح ۽ شام(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي سموري مخلوق اللھ تعالى کي چاھيندي يا نه چاھيندي سجدو ڪري ٿي ۽ ھر شيءِ جا پاڇا به صبح ۽ شام اللھ تعالى جي اڳيان سجدو ڪندا رھن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ قُل أَفَاتَّخَذتُم مِن دونِهِ أَولِياءَ لا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم نَفعًا وَلا ضَرًّا قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَم هَل تَستَوِى الظُّلُمٰتُ وَالنّورُ أَم جَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ خَلَقوا كَخَلقِهِ فَتَشٰبَهَ الخَلقُ عَلَيهِم قُلِ اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ الوٰحِدُ القَهّٰرُ (آيت : 16) |
(اي پيغمبر کانئن) پُڇ ته آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار ڪير آھي، (سندن پاران) چؤ ته الله، (وري کانئن) پڇا ڪر ته پوءِ الله کانسواءِ ٻيا اھڙا مددگار ڇو ورتا اَٿو جي پنھنجي جيئن کي نڪي سُک ۽ نڪي ڏک پھچائي سگھندا آھن؟ (۽ اي پيغمبر کين) چؤ ته انڌو ۽ سڄو ڪو برابر آھي ڇا؟ يا اونداھيون ۽ سوجھرو برابر آھن ڇا؟ الله لاءِ (اھڙا) شريڪ مُقرر ڪيا اٿن ڇا جو (انھن) الله جي مخلوقات جھڙي (خلق) خلقي ھجي جو (اُھا) خلق مٿن ھڪ جھڙي ٿي پئي آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته سڀڪنھن جو خلقڻھار الله آھي ۽ اُھوئي اڪيلو غالب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کان پڇ ته آسمانن ۽ زمين جو پروردگار ڪير آهي؟ تون (ئي) چئه ته الله ئي آهي(کانئس سواءِ ڪوبه ڪونهي)، (وري کين) چئه ته (جنهن صورت ۾ اهوئي پروردگار آهي تنهن صورت ۾) هي ڇا آهي جو توهان هن کان سواءِ ٻين کي پنهنجو ڪارساز بنائي رکيو آهي. جن کي خود پنهنجي جانين جو نفعو نقصان به پنهنجي اختيار ۾ ناهي، پڻ کين چئه ته انڌو ۽ ڏسندڙ ٻئي برابر آهن ڇا؟ يا (هيئن به ٿي سگهي ٿو) ڇا ته اونداهي ۽ روشنائي برابر ٿي وڃن يا (وري هيءَ ڳالهه آهي ڇا ته) سندن ٺهرايل شريڪن به اهڙيءَ ئي طرح مخلوقات پيدا ڪئي آهي جهڙي طرح خدا پيدا ڪئي آهي. جنهن ڪري پيدا ڪرڻ جي معاملي ۾ هنن کي شڪ شبهو پئجي ويو آهي (ته رڳو الله خالق ناهي پر ٻيا به ڪجهه خلقي ٿا سگهن). تون (کين) چئه ته الله ئي آهي جو هر شيء جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ هو (پنهنجي سڀني ڳالهين ۾) يگانو ۽ سڀني تي غالب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان پنهنجي قوم کان پڇو ته آسمانن ۽ زمينن جو رب ڪير آهي ؟ (جواب ۾) توهان فرمايو ته اهو الله آهي. رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا پوءِ توهان الله کانسوءِ (بتن کي) مددگار وٺو ٿا جيڪي پنهنجي وجود کي نفعو نقصان نٿا پهچائي سگھن. رسولِ عربي توهان فرمايو ته ڇا، نابين ۽ ڏسندڙ پاڻ ۾ برابر ٿي سگھن ٿا، ڇا اونداهي ۽ روشني برابر ٿي سگھي ٿي، ڇا انهن (ڪافرن) الله سان شريڪ بنايا آهن، ڇا انهن (ڪا شيءِ) ٺاهي آهي الله جي تخليق جهڙي پوءِ انهن کي انهن جي تخليق ۽ الله جي تخليق هڪ جهڙي معلوم ٿي آهي، توهان فرمايو الله هر شيءِ جو خالق آهي ۽ اهوئي واحدالقهار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته آسمانن ۽ زمين جو پالڻهار ڪير آهي؟ (اهي ڇا جواب ڏيندا؟ تون ئي) چوين ته الله آهي (اهو به) چوين ته ڇا اوهان ان کان سواءِ ٻيا اهڙا سرپرست ڪري ورتا آهن جي پاڻ کي به ڪنهن فائدي ۽ نقصان پهچائڻ جو اختيار نه ٿا رکن! (۽ هي به) چوين ته ڇا انڌو ۽ سٺو (ٻئي) برابر آهن؟ (هرگز نه) يا ڀلا اوندھ ۽ سوجهرو (پن پاڻ ۾) برابر ٿيندا ڇا؟ (هر گز نه) انهن الله سان اهڙا شريڪ مقرر ڪيا آهن ڇا جن خدا جي پيدا ڪرڻ وانگر ڪجھ پيدا ڪيو هجي جنهن ڪري مخلوقات مٿن مشتبه ٿي هجي (۽ سندن خدائيءَ جي قائل ٿي هجي) تون چوين ته خدا ئي هرشيءَءَ جي پيدا ڪرڻ وارو آهي ۽ اهو ئي اڪيلو (۽) زبردست آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته ڪير آهي رب آسمانن ۽ زمين جو فرماءِ ته الله فرماءِ ته ڇا پوءِ بنايا اوهان ان کانسواءِ مددگار جو نٿا مالڪ ٿين واسطي سرن پنهنجي نفعي ۽ نقصان جا فرماءِ ته ڇا برابر ٿين ٿا انڌو ۽ ڏسندڙ يا ڪي برابر ٿين ٿيون اونداهيون ۽ روشني يا بنايائون الله جي لاءِ شريڪ جو پيدا ڪيائون ان جي پيدا ڪرڻ وانگر پوءِ هڪ جهڙي ٿي خلق انهن تي فرماءِ ته الله پيدا ڪندڙ آهي هر شيءِ جو اهو هڪ، غالب آهي..(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! کين) چو ته آسمانن ۽ زمين جو پاليندڙ ڪير آهي؟ (اهي ڇا جواب ڏيندا؟ تون ئي) چو ته الله . (ان کان پوءِ) چو ته ڇا پوءِ به اوهان ان کان سواءِ ٻيا اهڙا مددگار ڪري ورتا آهن جي پاڻ کي به ڪنهن فائدي ۽ نقصان پهچائڻ جو اختيار نه ٿا رکن؟ چو ته ڇا انڌو ۽ سڄو (پاڻ ۾ ) برابر آهن. ڀلا اونداهيون ۽ سوجهرو (به پاڻ ۾ ڪي) برابر ٿيندا ڇا؟ ڀلا انهن الله سان اهڙا شريڪ مقرر ڪيا آهن ڇا؟ جن (به) الله جي پيدا ڪرڻ وانگر ڪجهه پيدا ڪيو هجي پوءِ (انهن ٻنهين جو) پيدا ڪرڻ کين هڪ جهڙو معلوم ٿئي ٿو. (اي پيغمبر! کين) چو ته الله سڀ ڪنهن شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ اهو ئي اڪيلو (۽) زبردست آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته آسمانن ۽ زمين جو پروردگار ڪير آهي؟ چؤ : ”الله“. چؤ ڇا پوءِ به اوهان ان الله کان سواءِ (بتن کي) ڪارساز بنايو آهي؟ جيڪي پنهنجي ذات لاءِ نه ڪنهن نفعي جا مالڪ آهن ۽ نه ڪنهن نقصان جا. چؤ ته ڇا انڌو ۽ ڏسندڙ پاڻ ۾ برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڀلا ڇا انڌيرا ۽ روشني پاڻ ۾ برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڀلا ڇا الله لاءِ ڪي اهڙا شريڪ بنايا اٿن؟ جن الله جي خلقڻ وانگر (ڪجهه) خلقيو هجي؟ پوءِ انهن جو پيدا ڪرڻ کين هڪ جهڙو لڳي ٿو. چؤ الله ئي هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي اُهو اڪيلو سڀني تي غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو، آهي اُڀ،زمين جو، جوڙڻ وارو ڪير؟ چَئو، درست بِنا دير، ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ. چئو، پوءِ ڪِ اُن ري اولياءَ، وَرتا اَوهان وَهلور! جي سَندنِ نفعي، نقصان جا، مالِڪ نه آهِن مُور، چَئو، مَٽ ڪِ ٿِيَنِ مُورِهين، سَڄو ۽ مَعذور؟ يا اُونداهِي ۽ نُور، مَٽ ٿِيندا مُورِهين؟ ڇا؟ سي، جوڙڻهار سان، جوڙيؤن جوڙِيوال، جن جوڙِي جائـِي جوڙ ڪا، اُن جي جوڙ مثال؟ پوءِ جوڙون ٿِيون هڪ جھڙيون، تڏهين مُنهنجِي پِيا مَتوال، چئو صاحب سَڀ ڪِنهن شيءِ جو، بَنائـِيندڙ بَحال، ۽ اُهو جَلَّ جَلال، حاڪِم قهرِي هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پڇ ته ”آسمانن ۽ زمين جو ڌڻي ڪير آهي؟“ چوندا ”الله!“ چئو ته ”ڀلا اوهان الله کي ڇڏي ٻين کي ڇو ڌڻي ڪري ورتو آهي، جي پنهنجي پاڻ کي به ڪو نفعو نٿا پهچائي سگهن؟“ پوءِ پڇ ته ”ڇا، انڌو ۽ سڄو به برابر ٿي سگهن ٿا؟“ يا ڇا، اونداهيون ۽ سوجهرو پاڻ ۾ مٽ ٿي سگهن ٿا؟“ يا انهن الله جا اهڙا شريڪ بنايا آهن، جن الله جهڙي ڪا مخلوق بنائي ڏيکاري آهي، جا کين انهيءَ جهڙي ٿي لڳي؟ چئو ته الله ئي سڀ ڪنهن شيءِ جو خالق آهي جو واحد ۽ قهار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڇينِ ته آسمانن ۽ زمين جو رب ڪير آهي؟ چؤ الله، پوءِ چوين ته جڏهن حقيقت اها آهي ته پوءِ ڇا ان کي ڇڏي اهڙن معبودن کي پنهنجو آڌار بڻايو اٿوَ، جن کي پنهنجي لاءِ به ڪنهن نفعي نقصان جي ڪا طاقت ڪانهي؟ چوين ته ڇا انڌو ۽ سڄو ٻئي برابر ٿين ٿا؟ ڇا اونداهيون ۽ روشني هڪ جهڙيون آهن؟ ۽ جيڪڏهن ائين ناهي ته ڇا سندن گهڙيل شريڪن به ڪو الله وانگر ڪجهه خلقيو آهي، جو ان ڪري خلقڻ جو معاملو انهن لاءِ هڪجهڙو ٿي پيو آهي؟ چوينِ ته فقط الله ئي هر شيءِ جو خالق آهي ۽ هو بي مثل ۽ سڀني تي غالب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کان پڇو ڪير آهي پالڻهار آسمانن ۽ زمين جو، چؤ الله! پوءِ کين چؤ جڏهن حقيقت اها آهي پوءِ توهان ان کي ڇڏي اهڙن خدائن کي پنهنجو مشڪل ڪشا بڻايو ٿا جيڪي پنهنجي لاءِ به نفعي نقصان جو اختيار نٿا رکن؟ چوين، ڇا برابر ٿي سگهي ٿو انڌو ۽ اکيون رکڻ وارو؟ ڇا برابر آهن اونداهيون ۽ سوجهرو؟ ۽ جي ائين نه آهي ته الله وانگر سندن ٺاهيل شريڪن به ڪجهه پئدا ڪيو آهي جنهن ڪري مشڪوڪ ٿي پيو آهي خلقڻ وارو معاملو انهن جي لاءِ؟ چوين (اي نبي!) الله ئي خالق آهي سڀني شين جو ۽ اهو ئي اڪيلو آهي سڀني تي غالب(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) انهن کان پُڇا ڪر ته آسمانن ۽ زمين جو مالڪ ڪير آھي؟ تون ئي کين ٻڌاءِ ته (صرف) اللھ تعالى. (ھاڻي کين) چؤ ته ڇا پوءِ توھان ان کان سواءِ اھڙا معبود ٺاھيا آھن جيڪي پنھنجو پاڻ کي به ڪو فائدو يا نقصان نٿا پھچائي سگهن؟ يا (کين چؤ ته) اونداھي ۽ روشني برابر ٿي سگهن ٿيون يا ھي اللھ تعالى سان گڏ جن کي شريڪ ڪن ٿا انهن ڪا شيءِ پيدا ڪئي ھجي، جيئن اللھ تعالى پيدا ڪري ٿو. ڇا انهن ماڻهن کي اللھ تعالى جو ۽ شريڪن جو پيدا ڪرڻ ھڪ جھڙو نظر اچي ٿو؟ (اي نبي ﷺ!) کين ٻڌاءِ ته ھر شيءِ جو پيدا ڪندڙ صرف اللھ تعالى آھي ۽ ھو اڪيلو ۽ زبردست آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسالَت أَودِيَةٌ بِقَدَرِها فَاحتَمَلَ السَّيلُ زَبَدًا رابِيًا وَمِمّا يوقِدونَ عَلَيهِ فِى النّارِ ابتِغاءَ حِليَةٍ أَو مَتٰعٍ زَبَدٌ مِثلُهُ كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ الحَقَّ وَالبٰطِلَ فَأَمَّا الزَّبَدُ فَيَذهَبُ جُفاءً وَأَمّا ما يَنفَعُ النّاسَ فَيَمكُثُ فِى الأَرضِ كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ الأَمثالَ (آيت : 17) |
(جنھن) آسمان کان پاڻي وَسايو پوءِ نيون پنھنجي قدر سارو وھيون پوءِ ڇَر اُڀامندڙ گجيءَ کي کنيو، ۽ جيڪا شيء زيورن يا سامان جي طلب ڪرڻ لاءِ باھ ۾ ڳاريندا آھن اُن تي اُن جھڙي گجي (ٿيندي) آھي، اھڙي طرح الله کَري ۽ کوٽي جو مثال ڏيندو آھي، پر گجي ته گُم ٿي ويندي آھي، ۽ جا شيء ماڻھن کي نفعو ڏيندي آھي سا زمين ۾ رھندي آھي، اھڙي طرح الله مثال ڏيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن آسمان مان پاڻي وسايو ته نديون پنهنجي قدر (يعني ڪشادگي ۽ اونهائي وغيره) آهر وهي هليون ۽ (ڪن ڪچري مان جَهڳي بڻجي پاڻيءَ جي مٿاڇري تي چڙهي ته) پاڻيءَ جو وهڪرو ان کي کڻي هليو ويو ۽ ڏسو ته اهڙيءَ ئي طرح جي جهڳي (ڪن ڪچري مان) انهيءَ وقت به چڙهي ٿي جڏهن ماڻهو زيور يا ڪا ٻي شيءِ ٺاهڻ لاءِ (ڌاتن کي) باه ۾ تپائن (يا پگهارن) ٿا. حق ۽ باطل جو مثال اهڙو ئي سمجهو جهڙو الله تعاليٰ بيان ڪري ٿو. پوءِ (ڪن ڪچري جي) جهڳي (جا ڪنهن به ڪم جي نه هئي) ائين ئي هلي ويئي ۽ جنهن شيء ۾ انسان جو نفعو هو سا زمين ۾ رهجي پيئي. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ (ماڻهن کي سمجهائڻ لاءِ) مثال ڏئي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى مينهن کي آسمان مان نازل فرمايو پوءِ پنهنجي اندازي سان وادين ۾ پاڻي وهايو، پوءِ پاڻي جي مٿان اُڀريل گَجي ظاهر ٿي، ۽ جنهن مان باه ٻارين ٿا سُونَ کي اجارڻ لاءِ يا ٻين سامانن کي تيار ڪرڻ لاءِ به ان جهڙي گَجي ظاهر ٿئي ٿي، اهڙي طرح الله تعالى حق ۽ باطل جو مثال بيان ڪري ٿو، پر پوءِ گَجي پوءِ اها سُڪي پري ٿئي ٿي، ۽ پر اُها شيءِ جيڪا ماڻهن کي نفعو ڏئي ٿي پوءِ اُها باقي رهي ٿي زمين ۾، اهڙي طرح الله تعالى مثال انهن ماڻهن لاءِ بيان فرمائي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن، آسمان مان پاڻي وسايو پوءِ پنهنجي قدر آهر واھ وهي هليا، پوءِ وهندڙ پاڻيءَ جي ريلي تي (خوش کائي) گجي (ڦيڻ آئي) ۽ ان شيءِ (معدنيات) سان به جنهن کي اهي زيور يا ٻه ڪا شيءِ بنائڻ لاءِ باھ ۾ تپائين ٿا ته اهڙي گجي اچي ٿي (پوءِ جدا ٿي وڃي ٿي) اهڙيءَ طرح خدا حق ۽ باطل جو مثال بيان ڪري ٿو (جو پاڻي حق جو مثال ۽ گجي باطل جو) غرض ته سڪي غائب ٿي وڃي ٿي ۽ جنهن شيءَ مان ماڻهن کي فائدو پهچي ٿو (پاڻي) سو زمين ۾ باقي رهي ٿو. خدا (ماڻهن جي سمجھ واسطي اهڙيءَ طرح مثال بيان ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) لاٿائين آسمان کان پاڻي پوءِ وهڻ لڳيون واديون اندازي پنهنجي سان پوءِ کنيو ڇر گجيءَ اڀاريندڙ کي ۽ ان مان جو ٻارين ٿا ان تي باھ واسطي طلب ڪرڻ زيور جي يا سامان جي گجي آهي ان جهڙي اهڙي طرح مثال ٿو ڏي الله حق ۽ باطل جو پوءِ پر گجي پوءِ وڃي ٿي گم ٿي ۽ پر جيڪو نفعو ٿو ڏي ماڻهن کي پوءِ رهي ٿو زمين ۾ اهڙي طرح بيان ٿو ڪري الله مثال .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان آسمان مان پاڻي وسايو پوءِ پنهنجي قدر آهر واهه وهيا، پوءِ وهندڙ پاڻي ڦوڪيل گجيءَ کي ڪڍيو. ۽ ڪنهن زيور يا سامان جي بنائڻ لاءِ جيڪا شيءِ باهه ۾ ڳارين ٿا تنهن ۾ به اهڙي گجي آهي. الله اهڙي طرح حق ۽ باطل جو مثال بيان ڪري ٿو. پوءِ (پاڻيءَ جي) گجي ته نابود ٿي وڃي ٿي ۽ جا شيءَ ماڻهن کي فائدو پهچائي ٿي سا زمين ۾ رهي ٿي. الله اهڙيءَ طرح مثال بيان ڪري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان آسمان مان پاڻي لاٿو (يعني مينهن وسايو) پوءِ نَيُون پنهنجي گنجائش آهر وهي هليون پوءِ وهڪري اڀريل گَـــــجِ کي کنيو. ۽ جن شين کي باهه ۾ گرم ڪن ٿا زيور يا ٻيو سامان بنائڻ لاءِ ته ان مان به اهڙي گج نڪري ٿي. اهڙي طرح الله حق ۽ باطل جو مثال ڏئي ٿو. پوءِ گج ته (پاڻيءَ جي هجي يا لوهه جي) بيڪار بنجي وڃي ٿي ۽ پر جيڪي ماڻهن لاءِ نفعي بخش آهي سو زمين ۾ رهجي وڃي ٿو. الله اهڙي طرح مثال بيان ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُتاريائـِين اُڀ ڪنان، پاڻِي پاڪ پَلُر، پوءِ درياء ڌُوڪي هَليا، سَندنِ ڪَٿ قدر، پوءِ ڇانڀي کَنئـِي ڇَر، گِجِي اُڀامَندڙ اُن مَٿان. پڻ اُن مان اَوهين جَن تي، ٻاريو باه ٻِيهار، سَبَب طَلب سِينگار، ياسودي اَندر، سُود لئي. ٻِي پڻ اُن جِهڙِي، آهي ڦِيڻ عيان، بارِي ڪري بيان، اِن پَر سَچ ۽ ڪُور جو. پوءِ گجِي وَڃي گُم ٿِي، ۽ ڀُونء ۾ رهي بَند، ۽ جنهن ۾ مطلب ماڻـهئـِين، سو پاڻِي پاڪ پَسند، اِن پَر خداوند، صفا ڏِئي سَمجھائـِڻِيُون،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو آسمان مان پاڻي ٿو وسائي، جنهن سان نئيون پنهنجي قدر آهر وهن ٿيون، پوءِ پاڻيءَ جي ڇر تي اڀامندڙ گجي ٿي اٿي ۽ جيڪي زيورن يا سامان ٺاهڻ خاطر باهه ۾ ڳاريندا آهن، ان تي به اهڙي گجي ٿئي ٿي_ ائين الله کري ۽ کوٽي جو مثال ڏئي ٿو، مگر پوءِ جهڳ سڪي ويندي آهي ۽ ماڻهن جي فائدي جو مال زمين ۾ رهي ويندو آهي، الله ان طرح مثال ٿو بيان ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ واهه پنهنجي پنهنجي گنجائش آهر ان کي کڻي هليا ۽ پاڻيءَ جي تيز وهڪري تي گج جا گولا ٿي ويا ۽ اهڙي ئي گج انهن ڌاتن تي به ٿي پوندي آهي، جن کي زيورن ۽ ٿانون ٺاهڻ لاءِ باهه تي رجايو ويندو آهي، انهيءَ مثال سان الله حق ۽ باطل جي معاملي کي چٽو ٿو ڪري، پوءِ جيڪا گج هوندي آهي سا کڄي ويندي آهي، باقي جيڪا شيءِ انسانن لاءِ نفعو ڏيندڙ آهي، سا زمين ۾ رهجي ويندي آهي، ائين مثال ڏئي الله ڳالهه سمجهائيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نازل ڪري ٿو الله آسمان مان پاڻي ۽ هر ندي ۽ نئن پنهنجي وسعت آهر ان کي کڻي ٿي، پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي ته مٿان گج به تري آئي ۽ اهڙي ئي گج انهن ڌاتن مان نڪرندي آهي جن کي باهه ۾ وجهي زيور ۽ ٿانوَ جوڙڻ لاءِ ماڻهو ڳاريندا آهن، انهيءَ مثال ئي سان الڳ ڪري ٿو الله حق ۽ باطل جي معاملي کي، پوءِ جيڪا گج هوندي آهي سا اڏامي ويندي آهي ۽ جيڪا شيءِ منافع بخش هوندي آهي انسانن جي لاءِ، اها رهجي ويندي آهي زمين ۾، اهڙيءَ طرح سمجهائي ٿو الله پنهنجي ڳالهه مثالن سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى آسمانن مان پاڻي نازل ڪيو پوءِ ضرورت آھر نالا ۽ نديون وھڻ شروع ٿي ويا ۽ وڏي سيلاب جي شڪل اختيار ڪرڻ کان پوءِ ان جي مٿان گَج پيدا ٿي جيڪا پاڻي سان گڏ ھلندي رهي ٿي. بلڪل اھڙي گج زيور وغيره کي باهه ۾ پگهرائڻ وقت به پيدا ٿيندي آھي. اھڙي طرح اللھ تعالى حق ۽ باطل جي وضاحت ڪري ٿو، پوءِ گج ته پنھنجو پاڻ ختم ٿي ويندي آھي، باقي جيڪا ماڻهن جي فائدي واري شيءِ ھوندي آھي اھا زمين تي باقي موجود رھندي آھي. اللھ تعالى اھڙي طريقي سان (حق ۽ باطل جي) پرک ڪرڻ لاءِ مثال ڏئي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِلَّذينَ استَجابوا لِرَبِّهِمُ الحُسنىٰ وَالَّذينَ لَم يَستَجيبوا لَهُ لَو أَنَّ لَهُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم سوءُ الحِسابِ وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 18) |
جن پنھنجي پالڻھار جو حُڪم قبول ڪيو تن لاءِ ڀلائي آھي، ۽ جيڪي سندس (حُڪم) قبول نه ٿا ڪن سي جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀ ۽ پڻ اوترو ساڻس (ٻيو) انھن کي ھجي جيڪڏھن عوض ڏين (ته به قبول نه ڪبو)، انھن لاءِ حساب جي سختي آھي، ۽ سندين جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا بڇڙي جاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن پنهنجي پروردگار جو حڪم قبول ڪيو تن جي لاءِ سراسر چڱائي آهي ۽ جن قبول نه ڪيو (تن جا سڀ عمل ضايع ٿي ويندا. اهي نامرادي ۽ بدحاليءَ کان بچي ڪونه سگهندا) جيڪڏهن سڄي زمين جي سڀ دولت سندن قبضي ۾ اچي وڃي ۽ ان کي وري ٻيڻو ڪيو وڃي ته اهي ماڻهو ضرور ان کي فدئي طور ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا ته من نامرادي ۽ عذاب کان کين پناه ملي، پر هرگز نه ملندي) اهي ئي ماڻهو آهن جن لاءِ حساب جي سختيءَ ٿيندي ۽ سندن ٽڪاڻو جهنم هوندو ۽ (اهو جهنم) ڪهڙو نه خراب ٽڪاڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي پنهنجي رب جو حڪم تسليم ڪن ٿا انهن لاءِ بهشت آهي، ۽ جيڪي ماڻهو الله جو حڪم تسليم نٿا ڪن، جيڪڏهن تحقيق اهي فديو ڏين ها زمين ۾ سمورين شين جيترو ۽ ايتريون ٻيون شيون (تڏهن به عذاب کان بچي نٿا سگھن) انهن لاءِ سخت حساب آهي، ۽ انهن جي جاءِ جهنم آهي، ۽ جهنم تمام خراب بيٺڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ماڻهن پنهنجي پروردگار جو چيو قبول ڪيو تن لاءِ ته ڀلائي (ئي ڀلائي) آهي. ۽ جن ماڻهن سندس چيو قبول نه ڪيو (قيامت ۾ تن جي حالت هيءَ هوندي) جو جيڪڏهن کين سموري زمين جا سڀ خزانا بلڪه ان سان گڏ اوترو ٻيو (خزانو) به ملي وڃن ته پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ ان کي خوشيءَءَ سان ڏين (تڏهن به ڪو فائدو نه ٿيندن) اهي ماڻهو اهي آهن جن کان بري طرح حساب ورتو ويندو ۽ آخر سندن ٺڪاڻو دوزخ (ئي) آهي ۽ اها ڪهڙي نه بڇڙي جڳھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن لاءِ جو حڪم مڃيائون پنهنجي رب لاءِ ڀلائي آهي ۽ جن حڪم نه مڃيو ان جو جيڪڏهن تحقيق انهن لاءِ (هجي ها) جيڪو زمين ۾ آهي سڀ ۽ مثال ان جو ان سان گڏ ته البته عوض ڏين ها ان سان اهي انهن لاءِ سخت حساب آهي ۽ جاءِ انهن جو جهنم آهي ۽ بڇڙي آرامگاھ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن پنهنجي پاليندڙ جو حڪم قبول ڪيوتن لاءِ ڀلائي آهي ۽ جن ان جو حڪم قبول نه ڪيو تن وٽ جيڪڏهن جيڪي زمين ۾ سڀئي آهي سو ۽ ان سان گڏ ٻيو اوترو هجي ته به اهو ڏيئي پاڻ کي ڇڏيائين. انهن لاءِ بڇڙو حساب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن پنهنجي پالڻهار جو حڪم قبول ڪيو انهن لاءِ ڀلائي آهي. ۽ جن سندس حڪم نه قبوليو جيڪڏهن وٽن اُهو سڀ ڪجهه هجي جيڪي زمين ۾ آهي ۽ ان سان گڏ ايترو ٻيو به هجي ته جيڪر اُهو (پاڻُ بچائڻ لاءِ) فديي ۾ ڏين. اهي ماڻهو آهن جن لاءِ برو حساب آهي، ۽ انهن جي جاءِ جهنم آهي ۽ برو ٽڪاڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن مَڃيو مالِڪ پَنهنجو، بيشڪ تن لئي ڀل، جن قبوليو ڪِين ڪِي، جي هُوند، هُجن تن نال، جيڪِي هِن زمين ۾، سَڀ ملڪِيت مال، تِنهن سان گَڏ گَنج ٻِيا، اُٽل اُن مثال، ته فِدا سَڀ فِى الحال ڪِيئون؛ تن جو ڪارو ليکو ڪال، ۽ آهي گَھر اُنهن جو، جَھَنَّم جِيءَ جَنجال، ۽ وَڏو آهي وَبال، سو هاوِي هَنڌ اُنهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن پنهنجي رب جو حڪم مڃيو، تن لاءِ ڀلائي آهي، پر جي نٿا مڃين، سي جيڪڏهن جيڪي به زمين ۾ آهي ۽ ٻيو ان جيترو به وٽن هجي، اهو گڏ ڏين، ته به انهن لاءِ سخت حساب آهي ۽ انهن جي جاءِ دوزخ آهي ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن پنهنجي رب جي حڪم کي قبوليو، تن لاءِ ڀلائي آهي ۽ جن ان جو حڪم نه قبوليو، انهن کي کڻي زمين جي سموري دولت هجي ۽ اوتري ٻي به هجينِ ته به هو الله جي پڪڙ کان بچڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه عيوضي ۾ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. اِهي اُهي ماڻهو آهن، جن کان بڇڙو حساب ورتو ويندو ۽ سندن ٺڪاڻو جهنم آهي، ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ماڻهن قبولي دعوت پنهنجي رب جي، تن لاءِ ڀلائي آهي ۽ جن ماڻهن ان کي قبول نه ڪيو، سي جيڪڏهن ان سموري دولت جا مالڪ هجن جيڪا زمين ۾ آهي ۽ ايتري ٻي به گڏ ڪن ته اها فديي ۾ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا بچڻ لاءِ الله جي پڪڙ کان، هي اهي ماڻهو آهن جن کان سختيءَ سان حساب وٺبو، ۽ انهن جو ٺڪاڻو جهنم ئي آهي، ۽ تمام خراب آهي اهو ٺڪاڻو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن پنھنجي پالڻھار جو حڪم (دل سان) مڃيو تن لاءِ ڀلائي آھي ۽ جن ماڻهن سندس حڪم قبول نه ڪيو (ته قيامت جي ڏينھن) انهن وٽ زمين جي ھر شيءِ به موجود ھجي ۽ ان جيتري ٻي به ھجي ته ھو پاڻ کي بچائڻ لاءِ اھا سڀ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. اھڙن ماڻهن جو سخت حساب ٿيندو. سندن رھڻ جي جاءِ جھنم ھوندي ۽ اھو برو ٺڪاڻو ھوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَمَن يَعلَمُ أَنَّما أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ الحَقُّ كَمَن هُوَ أَعمىٰ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 19) |
پوءِ جيڪي توڏانھن تنھنجي پالڻھار کان نازل ڪيو ويو آھي تنھن کي جيڪو ڄاڻندو آھي ته سچ آھي سو ڪو اُن جھڙو آھي ڇا جيڪو انڌو ھجي؟ سمجھ وارن کانسواءِ ڪو نصيحت نه وٺندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ائين ٿي سگهي ٿو ڇا؟ ته (هيٺ ڄاڻايل) ٻئي ماڻهو برابر هجن. اهو جيڪو چڱيءَ طرح ڄاڻي (۽ سمجهي) ٿو ته جيڪا ڳالهه تنهنجي پروردگار وٽان توتي نازل ٿي آهي سا حق آهي ۽ اهو جيڪو (هن حقيقت جي ڏسڻ کان) انڌو آهي. جيڪي دانشمند آهن (۽ عقل کان ڪم وٺن ٿا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اهو ماڻهو جيڪو ڄاڻي ٿو ته قرآن ڪريم توهان جي رب جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي، ڇا پوءِ اهو ماڻهو ان جهڙو آهي جيڪو نابين هجي. نصيحت ته فقط عقلمند حاصل ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ڀلا اهو شخص جيڪو هي ڄاڻي ٿو ته جيڪي تنهنجي پروردگار جي طرفان تو تي نازل ٿيو آهي سو (بلڪل) سچ آهي، ڪڏهن ان شخص جي برابر ٿي سگهي ٿو جيڪو صفا انڌو آهي (ڪڏهن نه! هن مان ته) فقط سمجهدار ماڻهو ئي نصيحت حاصل ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ جيڪو ڄاڻي ٿو ته بلاشڪ جيڪو نازل ڪيو ويو آهي توڏانهن تنهن جي رب جي طرفان حق آهي مثل ان جي آهي جو اهو انڌو آهي نصحيت صرف عقلمند وٺن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن جي رهڻ جي جاءِ جهنم آهي ۽ اهو بڇڙو هنڌ آهي. (اي پيغمبر !) ڇا پوءِ جيڪو ڄاڻي ٿو ته جيڪو (قرآن) تو ڏي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي سو سچ آهي سو ڪو ان جهڙو آهي جو انڌو آهي؟ عقل وارا ئي ڌيان ڪن ٿا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڀلا اُهو ماڻهو جيڪو ڄاڻي ٿو ته جيڪي تو تي تنهنجي پالڻهار وٽان نازل ٿيو آهي سو حق آهي اهو ان ماڻهو وانگر ٿي سگهي ٿو ڇا جيڪو انڌو آهي؟ نصيحت ته صرف عقل وارا ئي حاصل ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جو ڄاڻٖي پَڪ سان، ته تُنهنجِي مالِڪ ڪنان مُور، وِيو اُتاريو، تو اُتي، مُرسل ! هِي مَذڪُور، اُهو ڪِ جَڏو اُن جِھڙو، جو مُرڳوئـِي مَعذور؟، پُورِي جَن پَرور، سي سَنڀالينِ، پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اوهان ڏي جيڪي رب کان موڪليل آهي، ان کي سچ سمجهندڙ، عقل وارا انڌي وانگر چئبا ڇا؟ برابر سمجهه وارا ئي نصيحت وٺن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ائين ڀلا ڪيئن ٿيندو ته اهو شخص جيڪو تنهنجي رب جي طرفان توتي نازل ٿيل ڪتاب کي حق ڄاڻندو هجي، ان شخص جي برابر ٿئي، جيڪو ان حقيقت کان انڌو آهي؟ نصيحت ته فقط سياڻا ماڻهو ئي پرائيندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جيڪو ڄاڻي ٿو هن ڪتاب کي جيڪو نازل ڪيل آهي تنهنجي رب طرفان حق سان ۽ اهو شخص جيڪو انڌو هن حقيقت کان ٻئي برابر هجن؟ نصيحت ته سمجهو ماڻهو ئي حاصل ڪندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا جيڪو ماڻهو تنھنجي پالڻھار جي طرفان نازل ٿيندڙ (قرآن) کي حق سمجهي ٿو سو ان جھڙو ٿي سگهي ٿو جيڪو (قرآن کان) انڌو ھجي (يعني قرآن کي مڃي ئي نه)؟ بيشڪ عقل وارا ئي نصيحت وٺندا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يوفونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَلا يَنقُضونَ الميثٰقَ (آيت : 20) |
جيڪي الله جو انجام پاڙيندا آھن ۽ انجام نه ڀڃندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (نصيحت وٺندڙ) اهي ماڻهو آهن جيڪي الله سان پنهنجي (ٻانهپ جو) عهد پورو ڪن ٿا ۽ پنهنجو قول ۽ قرار نٿا ڀڃن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ماڻهو الله جي وعدي کي پورو ڪن ٿا ۽ اهي سچي وعدي کي نٿا ٽوڙين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهي) اهي ماڻهو آهن جن خدا سان جيڪو (به) وعدو ڪيو ان کي پاڙين ٿا ۽ پنهنجي انجام کي نه ٿا ٽوڙين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جو وفاداري ٿا ڪن الله سان ڪيل وعدي جي ۽ نه ٿا ڀڃن پڪو وعدو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اِهي اُهي آهن) جيڪي الله جي انجام کي پورو ڪن ٿا ۽ وعده نه ٿا ڀڃن، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي ماڻهو الله جو عهد پورو ڪن ٿا ۽ (پڪي ڪرڻ بعد پنهنجا ) انجام نه ٿا ڀڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي پارِين قول ڪرِيم سان، ۽ اَصل نه ڀَڃن اَنجام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي الله سان ڪيل انجام پاڙين ٿا ۽ ڪڏهن به انجام نٿا ڀڃن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهي ماڻهو الله سان ڪيل وعدا پاڙيندا آهن ۽ پڪو عهد ڪرڻ کان پوءِ ان کي ٽوڙيندا ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سندن (عمل هي هوندو آهي ته) پنهنجا انجام پاڙيندا آهن الله سان ۽ اهو پڪو ڪرڻ بعد ٽوڙيندا نه آهن (پنهنجو) وعدو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (قرآن کي حق سمجهڻ وارا ئي) اللھ تعالى سان ڪيل وعدي کي پورو ڪندا آھن ۽ ان کي ڪڏھن به نه ٽوڙيندا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يَصِلونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيَخشَونَ رَبَّهُم وَيَخافونَ سوءَ الحِسابِ (آيت : 21) |
۽ الله جنھن جي ڳنڍڻ جو حُڪم ڪيو تنھن کي جيڪي (ماڻھو) ڳنڍيندا آھن ۽ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن ۽ حساب جي سختيءَ جو ڀؤ ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي اهي ماڻهو آهن جيڪي انهن رشتن (يعني لاڳاپن) کي جوڙين ۽ ڳنڍين ٿا جن جي جوڙڻ ۽ ڳنڍڻ جو الله تعاليٰ حڪم ڏنو آهي. (فقط) پنهنجي پروردگار کان ڊڄن ٿا ۽ حساب (ڏيڻ) جي سختي جي خيال کان انديشي ۾ رهن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهنکي الله مِلائڻ جو حڪم ڪيو آهي ان کي مِلائن ٿا ۽ پنهنجي رب کان ڊڄن ٿا ۽ سخت حساب کان خوف ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هي) اهي شخص آهن جو، جن (تعلقات) قائم رکڻ جو خدا (کين) حڪم ڪيو تن کي برقرار رکن ٿا ۽ پنهنجي پالڻهار کان ڊڄن ٿا پڻ (قيامت جي ڏينهن) بري طرح حساب جي وٺڻ کان خوف رکن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جو ڳنڍين ٿا اهو جو امر ڪيو الله ته ڳنڍيو وڃي ۽ ڊڄن ٿا رب پنهنجي کان ۽ ڊڄن ٿا سخت حساب کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن جي ڳنڍڻ جو الله حڪم ڪيو آهي، ان کي جيڪي ڳنڍين ٿا، ۽ پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄن ٿا ۽ حساب جي سختيءَ کان ڊڄن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو ڳنڍن ٿا جنهن جي ڳنڍڻ جو الله امر ڪيو آهي ۽ پنهنجي پروردگار کان ڊڄن ٿا ۽ اهي بري پُڇاڻي کان ڊڄن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڳنڍِينِ، جن جي ڳَنڍڻ جو، اَمر ڪيو عَلام، ۽ سَندنِ خدا جي خوف کان، وِنجھلن پِيا وَريام، ۽ مَن ۾ رکن مُدام، سو نڪتو سَخت عذاب جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي، الله جنهن جي ملائڻ جو حڪم ڪيو آهي، تنهن کي ڳنڍين ٿا، رب کان ڊڄن ٿا، حساب جي سختيءَ کان خوف ٿا رکن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله جن ناتن کي ڳنڍڻ جو حڪم ڏنو آهي، انهن کي قائم رکندا آهن ۽ پنهنجي رب کان ڊڄندا آهن ۽ ان ڀؤ ۾ رهندا آهن ته متان کانئن حساب بڇڙي نموني ۾ نه ورتو وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن جو رويو هي هوندو آهي ته جن جن لاڳاپن کي الله ڳنڍڻ جو حڪم ڏنو آهي تن کي قائم رکندا آهن ۽ ڊڄندا آهن پنهنجي رب کان ته ڪٿي سختيءَ سان حساب نه ورتو وڃي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھي ئي ماڻهو انهن تعلقات کي قائم رکندا آھن جن کي قائم رکڻ جو حڪم ٿيل ھوندو آھي ۽ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن ۽ کين (قيامت جي ڏينھن) ٿيندڙ سخت پڇاڻي کان به خوف ٿيندو اٿن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ صَبَرُوا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِم وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ أُولٰئِكَ لَهُم عُقبَى الدّارِ (آيت : 22) |
۽ جن پنھنجي پالڻھار جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ صبر ڪيو ۽ نماز پڙھي ۽ جيڪي کين روزي ڏني سون تنھن مان ڳجھو ۽ پڌرو خرچيائون ۽ چڱاين سان مدايون ٽاريندا آھن تن لاءِ آخرت جو گھر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي اُهي ماڻهو آهن جن الله تعاليٰ جي محبت ڪندي (يا الله تعاليٰ جي راضپي حاصل ڪرڻ جي طلب ۾ هر طرح جي پَوڻاين ۽ سختين ۾) صبر ڪيو (۽ پنهنجي فرض اداين ۾ ثابت قدم رهيا) نماز قائم رکي جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راهه ۾) مخفي طرح توڙي ظاهرظهور خرچ ڪندا رهيا. هنن برائيءَ جي مقابلي ۾ برائي نه ڪئي، بلڪ چڱائيءَ جي هلت ڪئي. بيشڪ اهي ئي ماڻهو آهن جن جي لاءِ عاقبت جو گهر (تيار رکيل) آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو رب جي رضامندي لاءِ صبر ڪن ٿا ۽ نماز پڙهن ٿا ۽ جيڪي ڪجھه اسان انهن کي ڏنو آهي انهيءَ مان ظاهر ۽ ڳجھه ۾ خرچ ڪن ٿا ۽ برائي کي نيڪيءَ سان ميٽن ٿا انهن ماڻهن لاءِ آخرت جو گھر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (هي) اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پالڻهار جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ (جيڪا به مٿن مصيبت آئي ٿي تنهن کي) سٺائون ۽ پابندي سان نماز قائم ڪئي، ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان ڳجهو ۽ ظاهر (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪيائون ۽ ڀلائيءَ سان بڇڙائي کي ٽارين ٿا. هي اهي آهن جن جي لاءِ آخرت جي (چڱائي خاص) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن صبر ڪيو پنهنجي رب جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ ۽ قائم ڪيائون نماز ۽ خرچ ڪيائون ان مان جو رزق ڏنو اسان انهن کي ڳجهو ۽ ظاهر ۽ ٽارين ٿا نيڪيءَ سان برائي اهي انهن لاءِ ئي آخرت وارو گھر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن پنهنجي پاليندڙ جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ صبر ڪيو ۽ نماز قائم ڪئي ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان ڳجهو ۽ ظاهر خرچ ڪيائون ۽ ڀلائيءَ سان بڇڙائي کي ٽارين ٿا. انهن لاءِ ئي آخرت جو گهر آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي رضا طلب ڪندي صبر ڪن ٿا ۽ نماز قائم رکن ٿا ۽ جيڪي اسان انهن کي روزي ڏني آهي ان مان ڳجهي طرح ۽ ظاهر ظهور خرچ ڪن ٿا ۽ نيڪيءَ ذريعي برائي کي دور ڪن ٿا اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ آخرت جو گھر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي سَهن، سَندنِ سائـِينءَ جي، مَرضِيءَ خاطر مُور، ۽ پَڙهن پورٖي وَقت، نِت نِمازون نُور، ۽ ڏِين، ڏِنوسون تِنهن مَنجھان، زڪواتون ضَرُور، لِڪ اَندر، لوڪ کان، ۽ ظاهِر ۽ ظُهور، خُوبِيءَ سان، خامِيءَ کي، ڪن دَفع ۽ دُور، مُوچارو مَنظور، آخر گھر، اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن پنهنجي رب جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ صبر ڪيو ۽ نماز کي قائم ڪيو، کين مليل منجهان ڳجهو ۽ پڌرو خرچ ڪن ٿا ۽ براين کي چڱاين سان ٽارين ٿا، اهڙن لاءِ آخرت جو گهر چڱو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جي حالت اها آهي ته پنهنجي رب جي رضا خاطر صبر کان ڪم وٺن ٿا، نماز قائم ڪن ٿا، اسانجي ڏنل رزق مان لڪائي توڙي ظاهر ظهور خرچ ڪن ٿا ۽ برائيءَ کي ڀلائيءَ سان ختم ڪن ٿا، اهي ئي آهن جن لاءِ آخرت وارو گهر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن (شخصن جو حال هي هوندو آهي ته) صبر ڪندا آهن پنهنجي رب جي رضا خاطر ۽ قائم ڪندا آهن نماز ۽ خرچ ڪندا آهن اسان جي ڏنل رزق مان لڪل يا ظاهر ظهور ۽ ٽاريندا آهن چڱائيءَ سان برائي کي، اهڙن ئي ماڻهن جي لاءِ آخرت جو گهر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن پنھنجي پالڻھار خاطر مصيبتن تي صبر ڪيو، نماز قائم ڪئي، اللھ تعالى کين جيڪو رزق ڏنو ان مان لڪائي ۽ ظاھري طرح (ان جي حڪم مطابق) خرچ ڪيو ۽ برائي کي نيڪي جي ذريعي ختم ڪيو ته اھڙن ماڻهن لاءِ آخرت جو گهر آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَالمَلٰئِكَةُ يَدخُلونَ عَلَيهِم مِن كُلِّ بابٍ (آيت : 23) |
(جي) ھميشگيءَ وارا باغ آھن اُن ۾ گھڙندا ۽ سندن زالن ۽ سندن اولاد مان جيڪي سڌريل ھوندا سي (به گھڙندا) ۽ سڀڪنھن دروازي کان مٿن ملائڪ گھڙندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو عاقبت جو گهر آهي) دائمي باغ، جن ۾ اهي پاڻ به داخل ٿيندا ۽ سندن ابن ڏاڏن، زالن ۽ اولاد مان جن صالح عمل ڪيا هوندا سي به داخل ٿيندا. (اتي جي زندگي اهڙي هوندي جو) هر دروازي کان فرشتا انهن ڏي ايندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يعنى) بهشتي باغ آهن جن ۾ اهي داخل ٿيندا ۽ اهي ماڻهو ۽ انهن جي وڏن مان ۽ گھر وارن مان ۽ اولاد مان اهي بهشت ۾ داخل ٿيندا جيڪي صلاحيت وارا هوندا ۽ هر دروازي مان ملائڪ انهن وٽ ايندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (يعني) هميشه رهڻ وارا باغ جن ۾ اهي، پاڻ ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ زالن ۽ اولادن مان جي نيڪ هوندا، سي داخل ٿيندا ۽ وٽن (جنت جي) سڀ ڪنهن دروازي کان ملائڪ انهن وٽ ايندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بهشت هميشہ رهڻ وارا جو داخل ٿيندا انهن ۾ (پاڻ) ۽ جيڪي صالح هوندا انهن جي پيئرن مان ۽ انهن جي زالن مان ۽ انهن جي اولاد مان ۽ ملائڪ داخل ٿيندا انهن وٽ هر دروازي کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) رهڻ جا باغ آهن جن ۾ اُهي (پاڻ) ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ زالن ۽ اولادن مان جيڪي نيڪ ٿيا، سي داخل ٿيندا ۽ وٽن سڀ ڪنهن دروازي کان ملائڪ ايندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هميشه رهڻ وارا باغَ آهن جن ۾ اُهي داخل ٿيندا ۽ انهن جي ابن ڏاڏن ۽ انهن جي زالن ۽ انهن جي اولاد مان به جيڪي نيڪوڪار هوندا (سي به انهن باغن ۾ داخل ٿيندا) ۽ فرشتا انهن وٽ هر دروازي کان ايندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گھاٽاباغ بِهشت جا، جن ۾، ڪَندا قَرار، پڻ اَبن مَنجھان اُنهن جي، جن چڱاڪيا ڪم ڪار، پڻ ٻايون ۽ ٻار اُنهن جا؛ ۽ مَالائـِڪ موچار، هر دَر کان، داخِل تن مَٿي، واريندا هَر وار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي هميشه رهندڙ باغ آهن، تن ۾ رهندا ۽ سندن مائٽن مان اهي وڏا، زالون ۽ پٽ به، جي نيڪ هوندا، وٽن سڀ ڪنهن دروازي کان ملائڪ ايندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سدائين باغ اٿن رهڻ لاءِ ، جن ۾ هو پاڻ به داخل ٿيندا ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ سندن گهروارين ۽ سندن اولاد مان به اهي جيڪي صالح هوندا، ساڻن گڏ داخل ٿيندا. ملائڪ سندن استقبال لاءِ هر دروازي کان ايندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يعني اهڙا باغ جيڪي سندن هميشھ جي رهائشگاه هوندا، ۽ اهي پاڻ به انهن ۾ داخل ٿيندا ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ زالن ۽ سندن اولاد مان جيڪي صالح آهن سي ساڻن گڏ هوندا، فرشتا سندن استقبال لاءِ هر طرف کان ايندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ھميشه رھڻ وارا باغ (به ھوندا) جن ۾ ھو خود به داخل ٿيندا ۽ انهن جا ماءُ پيءُ، گهر واريون ۽ انهن جو اولاد جيڪي نيڪ ۽ صالح ٿي رھيا ھوندا، سي به انهن سان گڏ داخل ٿيندا ۽ فرشتا ھر طرف کان سندن استقبال ڪندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَلٰمٌ عَلَيكُم بِما صَبَرتُم فَنِعمَ عُقبَى الدّارِ (آيت : 24) |
(چوندا ته) انھي ڪري جو (ڏکن ۾) صبر ڪيو ھيؤ سلامتي آھي اوھان تي پوءِ آخرت جو گھر ڀلو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ چوندا ته) هي جو توهان (دنيا جي زندگيءَ ۾) صبر ڪيو ۽ ثابت قدم رهيؤ تنهن جي سببان (اڄ) توهان تي سلامتي هجي. پوءِ ڪهڙو نه چڱو عاقبت جو گهر آهي (جو انهن ماڻهن کي نصيب ٿيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (ملائڪ چوندا) توهان تي سلام آهي توهان جي صبر جي ڪري ته توهان کي آخرت جو بهترين گھر مليو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽) سلام عليڪم (کان پوءِ کين چوندا) ته (دنيا ۾ جيڪو) اوهان صبر ڪيو هو (هي تنهنجو بدلو ڏسو) ته آخرت جو گهر ڪهڙو (نه) مزي جهڙو آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سلام آهي اوهان تي سببان ان جي جو صبر ڪيو اوهان پوءِ ڀلو آهي آخرت وارو گھر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽ اچي چوندن ته) اوهان جيڪو صبر ڪيو هو تنهن جي ڪري اوهان لاءِ سلامتي آهي پوءِ آخرت جو گهر چڱو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرشتا چوندا) ”توهان تي سلامتي آهي توهان جي صبر سبب پوءِ آخرت جو گهر (ڪهڙو نه ) ڀلو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُکيا سَلامت رَهو، جِنهن سَبَب سَٺان بار، پوءِ اُنهن جو آخرڪار، موچارو ماڳ ٿيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (۽ چوندا ته) ”اوهان جي صبر سبب اوهان تي سلامتي هجي! هي آخرت جو ڀلو گهر آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کين چوندا: "توهان تي سلامتي آهي، توهان دنيا ۾ جهڙيءَ ريت صبر کان ڪم ورتو، ان جي ڪري ئي توهان اڄ هن جا حقدار ٿيا آهيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کين چوندا ته توهان تي سلامتي هجي توهان دنيا ۾ جيترو صبر ڪيو، ان جي صدقي اڄ هن جا حقدار آهيو، ڪهڙو نه ڀلو آهي آخرت جو گهر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (فرشتا کين چوندا ته) مصيبتن تي صبر ڪرڻ جي ڪري توھان تي سلامتي ھجي پوءِ آخرت جو گهر ڪيڏو نه بھترين گهر آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ لَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 25) |
۽ جيڪي الله جو انجام ان جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ڀڃندا آھن ۽ الله جن ڪمن جي ڳنڍڻ جو حُڪم ڪيو آھي سو ڇنندا آھن ۽ زمين ۾ فساد وجھندا آھن، انھن تي لعنت آھي ۽ انھن لاءِ بڇڙو گھر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن جو حال هي آهي جو الله جو عهد مضبوط ڪرڻ بعد وري ان کي ٽوڙي ٿا ڇڏين ۽ جن لاڳاپن ڳنڍڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي تن کي ڪپي ٿا ڇڏين ۽ ملڪ ۾ شرارتون ۽ فساد ڪندا ٿا رهن سي اهي ماڻهو آهن جن جي لاءِ لعنت آهي ۽ بري رهڻ جي جاءِ آهي، (يعني دوزخ ۾ داخل ٿيندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو پڪي وعدي کان پوءِ الله جي وعدي کي ٽوڙين ٿا ۽ انهن کي ڪٽن ٿا جنهن جي ملائڻ جو الله حڪم ڪيو آهي ۽ زمين ۾ فساد ڪن ٿا، انهن تي لعنت آهي ۽ انهن لاءِ خراب گھر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي الله جي انجام کي ان جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ڀڃن ٿا ۽ جنهن (ڀائپيءَ) کي ڳنڍڻ جو خدا حڪم ڪيو آهي تنهن کي ٽوڙين ٿا، ۽ زمين ۾ فساد پيدا ڪندا رهن ٿا، تن تي لعنت آهي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گهر (جهنم) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جو ڀڃن ٿا پڪو ڪيل وعدو الله سان پڄاڻا مضبوط ڪرڻ ان جي ۽ وڍين ٿا اهو جو امر ڪيو الله ان جو ته ڳنڍيو وڃي ۽ فساد ٿا ڪن زمين ۾ اهي انهن لاءِ لعنت آهي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گھر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي الله جي انجام کي ان جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ڀڃن ٿا ۽ جنهن جي ڳنڍڻ جو الله حڪم ڪيو آهي تنهن کي ڇنن ٿا، ۽ زمين ۾ فساد ڪن ٿا، تن تي لعنت آهي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گهرآهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو الله جي عهد کي ان جي پڪي ڪرڻ کان پوءِ ڀڃن ٿا ۽ ان (رابطن) کي ٽوڙن ٿا جن جي جوڙڻ جو الله امر ڪيو آهي ۽ زمين ۾ فساد مچائن ٿا، ان ماڻهن لاءِ لعنت آهي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گهر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڀَڃن صاحِب ساڻ، ٻول ٻَڌا پوءِ، اُنهن جي، ۽ ڇِنَنِ جِنهن کي، ڳَنڊڻ لئي، چيو پرور پاڻ، ۽ وِجھن بِگيڙ ڀُونء ۾، وِلهاڪن وٿاڻ، ڌُران ڌِڪارون اُنهن مَٿي، قادر ساڻ ڪاڻ، آخر اُنهن ڪاڻ، ڀَاڻ برابر بُڇڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي الله سان پڪو ڪيل انجام ٿا ڀڃن ۽ انهن حڪمن کي ڀڃن ٿا، جن جي ڳنڍڻ جو کين حڪم ٿيل آهي ۽ ملڪ ۾ فساد ٿا ڪن، انهن تي لعنت آهي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گهر آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪهڙونه ڀلو آهي آخرت وارو گهر! باقي جيڪي الله سان پڪو عهد ڪري، پوءِ ان کي ٽوڙين ٿا ۽ انهن ناتن کي ڇنن ٿا جن جي ڳنڍڻ جو الله حڪم ڏنو آهي ۽ زمين ۾ فساد پکيڙن ٿا، اهي ئي آهن، جيڪي لعنت جا حقدار آهن ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ نهايت بڇڙو رهڻ جو هنڌ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رهيا اهي ماڻهو جيڪي الله سان عهد پڪو ڪرڻ کان پوءِ ٽوڙين ٿا، جيڪي انهن لاڳاپن کي ڇنن ٿا جن کي الله جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ جيڪي پکيڙيندا رهن ٿا فساد کي زمين ۾، اهي ئي ماڻهو حقدار آهن لعنت جا ۽ انهن لاءِ تمام بڇڙو ٺڪاڻو آهي آخرت ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪي ماڻهو اللھ تعالى سان ڪيل وعدي کي ٽوڙين ٿا ۽ اللھ تعالى جن تعلقات کي قائم رکڻ جو حڪم ڪيو آھي، ھي اھڙن تعلقات کي ختم ڪن ٿا ۽ زمين ۾ فساد ڦھلائين ٿا، اھڙا ئي ماڻهو لعنت جا حقدار آھن ۽ انهن لاءِ بدترين گهر آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَفَرِحوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا فِى الءاخِرَةِ إِلّا مَتٰعٌ (آيت : 26) |
الله جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن لاءِ روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ گھٽ ڪندو آھي، ۽ (ڪافر) دنيا جي حياتي سان خوش ٿيندا آھن، ۽ دنيا جي حياتي آخرت ۾ ٿوريءَ وٿ کانسواءِ نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ (جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ) ماپي توري (ٿورو) رزق ڏئي ٿو. ماڻهو دنيا جي (ٿورن ڏينهن جي) زندگيءَ (۽ ان جي عارضي فائدن) تي شادمانيون ڪن ٿا. حالانڪ دنيا جي زندگي ته آخرت جي زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهي. فقط ٿورو فائدو وٺڻ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله جنهنجو چاهي رزق وڌائي ٿو ۽ گھٽائي ٿو، ۽ اهي دنيا جي حياتيءَ مان خوش ٿين ٿا، ۽ دنيا جي حياتي آخرت جي مقابلي ۾ ناهي مگر (عارضي) مال ۽ متاع(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽) الله جنهن لاءِ گهري تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو. (جنهن لاءِ گهري ته) تنگ ڪري ۽ اهي ماڻهو دنيا (فاني) جي حياتيءَ تي نهال آهن! هوڏانهن دنيا جي زندگي (نعيم) آخرت جي ڀيٽ ۾ ڪا شيءِ نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله ڪشادو ٿو ڪري رزق جنهن لاءِ گھري ۽ تنگ ٿو ڪري ۽ خوش ٿيا حياتيءَ دنيا واريءَ تي۽ ناهي حياتي دنيوي آخرت جي مقابلي ۾ مگر ٿورو سامان . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله جنهن لاءِ گهري تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري تنهن جي) تنگ ڪري ٿو. ۽ اهي دُنيا جي حياتيءَ تي خوش ٿيا، هوڏانهن دنيا جي حياتي آخرت جي مقابلي ۾ ٿوري سامان کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله جنهن لاءِ چاهي رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي)تنگ ڪري ٿو ۽ اُهي (ڪافر) دنيا جي زندگي تي خوش ٿي ويا آهن. ۽ دنيا جي حياتي آخرت جي ڀيٽ ۾ ٿورڙي سامان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) والِي وَڻيسِ، تِنهن کي، ڏي گَھڻو ڪِ، گَھٽ گُذران، ۽ هِن جَھٽ پَٽ جِھڙي جِيڻ تي، خوش ٿِي ويٺا خان، ۽ هِي جِيئڻ ٻِئي جِيئن اڳيان، ڪاشيء آهي ڪانه، مَگر جِيئَن مِهمان، چَئـِن ڏِينهن جو چُٽڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله جنهن جي وڻيس تنهنجي روزي ڪشادي يا تنگ ٿو ڪري ۽ (منڪر) دنيا جي حياتيءَ تي خوش ٿا ٿين، پر دنيا جي حياتي آخرت جي مقابلي ۾ ڪا ٿورڙي چيز آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جنهن کي وڻيس ڪشادو ٿو ڏئي ۽ جنهن کي وڻيس تنگ ٿو ڏئي، اهي ماڻهو دنيا جي زندگيءَ تي خوش آهن، جڏهن ته دنيا جي زندگي آخرت جي ڀيٽ ۾ ته ڪا شيءِ ڪانهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله جنهن کي گهرندو آهي رزق ڪشادو ڪندو آهي ۽ جنهن کي گهرندو آهي پورو پنو عطا ڪندو آهي، اهي ماڻهو مست آهن حياتي ۾ دنيا جي، ۽ جڏهن ته حياتي دنيا واري مقابلي ۾ آخرت جي ٿوري سامان کان سواءِ ڪجهه نه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اللھ تعالى جنھن لاءِ چاھيندو آھي ان جي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ جنھن لاءِ چاھيندو آھي ان جي روزي تنگ ڪندو آھي. (تعلقات ٽوڙڻ وارا ماڻهو) رڳو دنيا جي حياتي تي خوش ٿين ٿا. حالانڪ دنيا جي حياتي، آخرت جي مقابلي ۾ ٿوري سامان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى إِلَيهِ مَن أَنابَ (آيت : 27) |
۽ ڪافر چوندا آھن ته ھن جي پالڻھار کان ھن تي معجزو ڇونه نازل ڪيو ويو آھي؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن کي ڀلائيندو آھي ۽ جيڪي موٽيو تنھن کي پاڻ ڏانھن ھدايت ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي چون ٿا ته هيئن ڇونه ٿيو جو هن شخص (پيغمبرﷺ) تي سندس پروردگار وٽان (ڪا حيرت ۾ وجهندڙ) نشاني نازل ٿئي ها. (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، جنهن کي الله تعاليٰ چاهي ٿو تنهن کي (سندس ئي انڌائيءَ سبب) گمراه ڪري ڇڏي ٿو، پر جيڪو شخص الله ڏي رجوع ٿئي ٿو تنهن کي هو پنهنجي طرف وڌڻ جي راهه ڏيکاري ٿو ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (مڪه وارا) ڪافر چون ٿا ته پاڻ ڪريمن تي الله جي طرفان ڇو نٿي ڪا نشاني نازل ٿئي، توهان فرمايو بيشڪ الله تعالى جنهنکي چاهي گمراه ڪري ٿو ۽ هدايت ان کي عطا ڪري ٿو جيڪو الله ڏانهن رجوع ٿئي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو آهي چون ٿا ته هن تي (تو تي اسان جي مرضي موجب) ڪو معجزو سندس پروردگار طرفان ڇو ڪين ٿو نازل ٿئي؟ تون چوين ته بيشڪ خدا جنهن کي گهري گمراهيءَ ۾ ڇڏي ٿو ڏئي ۽ جيڪو ان ڏي رجوع ٿيو تنهن کي پاڻ تائين (پهچڻ جو) رستو ڏيکاري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چون ٿا اهي جو ڪفر ڪيائون ته ڇونه ڪئي وئي ان تي ڪا نشاني طرفان ربّ ان جي فرماءِ ته: بيشڪ الله گمراھ ٿو ڪري جنهن کي گهري ۽ هدايت ٿو ڪري پاڻ ڏانهن ان کي جو موٽيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر! تنهنجي باري ۾ ) ڪافر چون ٿا ته هن جي پاليندڙ جي طرفان هن تي نشاني ڇو نه لاٿي ويئي آهي؟ تون چو ته الله جنهن کي گهري ٿو تنهن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ جيڪو رجوع ٿيو تنهن کي پاڻ ڏي رستو ڏيکاري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪافر چون ٿا ته: ”هن (رسول ﷺ) تي سندس پالڻهار وٽان ڪا نشاني ڇو نه لٿي آهي“؟ چؤ ته: ”بيشڪ الله جنهن کي چاهي گمراهه ڪري ٿو ۽ جو ان ڏانهن رجوع ڪري ٿو ان کي پاڻ ڏانهن رهنمائي فرمائي ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَهَن، جن ڪُفر ڪَيو، ته پاران سندسِ پرور، ڇو نه اُتارِي ويئـِي، آيت ڪا اِن سِر، چئو واحد وَڻيسِ تِنهن کي، مُنجھائـٖي مُقرّر، ۽ مُڙيو، جو مِهتر، تِنهن سَنئـِين سُهائي، پاڻ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪافر چون ٿا، ”رسول تي الله وٽان ڪو نشان ڇو نه لٿو آهي؟“ چئو ته ”الله جنهن کي گهري، تنهن کي گمراهه ٿو ڪري ۽ توبه ڪندڙ کي هدايت ٿو ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ڪفر ڪيو آهي، سي چون ٿا ته "هن تي ڀلا پنهنجي رب وٽان ڪا نشاني ڇونه لٿي آهي؟" چوين ته الله جنهن کي وڻيس گمراهه ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پاڻ ڏانهن اچڻ جو رستو انهيءَ کي ڏيکاريندو آهي، جيڪو هن ڏانهن رُخ ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ماڻهو چون ٿا جن ڪفر ڪيو (رسول کي مڃڻ کان) ته، هن شخص تي ڪا نشاني پنهنجي رب طرفان ڇو نه لٿي؟ چوين، بيشڪ الله جنهن کي گُهري گمراهه ڪري ۽ جنهن کي چاهي هدايت بخشي پاڻ ڏانهن اچڻ جو رستو ڏيکاري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ڪافر چون ٿا ته ھن (نبيءَ) تي اللھ تعالى جي طرفان ڪا (ظاھري) نشاني ڇو نه نازل ڪئي وئي آھي؟ توھان چئو ته بيشڪ اللھ تعالى جنھن کي گهري گمراهه ڪندو آھي ۽ جن ماڻهن مون ڏانھن لاڙو رکيو تن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ ءامَنوا وَتَطمَئِنُّ قُلوبُهُم بِذِكرِ اللَّهِ أَلا بِذِكرِ اللَّهِ تَطمَئِنُّ القُلوبُ (آيت : 28) |
(اِھي اُھي آھن) جن ايمان آندو ۽ سندن دليون الله جي ذڪر سان آرامي ٿينديون آھن، خبردار الله جي ذڪر سان دليون آرام وٺنديون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جيڪي ماڻهو الله ڏي رجوع ٿيا سي) اهي ماڻهو آهن جن ايمان آندو ۽ سندن دلين کي خدا جي ذڪر سان آرام ۽ قرار اچي ويو ۽ ياد رکو ته الله جو ذڪر ئي آهي جنهن سان دلين کي آرام ۽ قرار ملي ٿو (۽ شڪ شبهي، خوف ۽ غم جا سڀ ڪنڊا نڪري ٿا وڃن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ سندن دليون الله جي ذڪر سان مطمئن ٿيون، خبردار ! الله جي ذڪر سان مؤمنن جون دليون مطمئن ٿين ٿيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهي شخص آهن جن ايمان آندو ۽ انهن جي دلين کي خدا جي ياد سان تسلي ٿئي ٿي. ياد رکو! ته خدا جي يادگيريءَ سان ئي دلين کي تسلي ٿئي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي شخص جو ايمان آندائون ۽ سڪون ٿا وٺن قلب انهن جا الله جي ذڪر سان خبردار الله جي ذڪرسان سڪون وٺن ٿا قلب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يعني انهن کي جن ايمان آندو ۽ سندن دلين کي الله کي ياد ڪرڻ سان آرام ملي ٿو. خبردار ٿيو! الله کي ياد ڪرڻ سان ئي دلين کي آرام ملي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (هي اهي ماڻهو آهن) جن ايمان آندو ۽ الله جي ذڪر سان سندن دليون مطمئن ٿين ٿيون. خبردار الله جي ذڪر سان دليون اطمينان حاصل ڪن ٿيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آندو جن اِيمان ۽ قَلب قَراريا اُنهن جا، سارڻ سين سُبحان جي؛ سارڻ سِين سُبحان، سَمجھ ته سُکِي جان ۽ قَلب اَچنِ قَرار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ايمان آندو ۽ سندن دليون الله جي يادگيريءَ سان ٺريل ۽ آرامي آهن، ياد رکو الله جي يادگيريءَ سان دلين ۾ آرام ٿو اچي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙائي ماڻهو آهن جن (هن نبيءَ جي دعوت تي) ايمان آندو آهي ۽ سندن دلين کي الله کي ياد ڪرڻ سان اطمينان حاصل ٿي ويندو آهي. ٻڌي ڇڏيو ته، الله کي ياد ڪرڻ سان ئي دلين کي اطمينان ملندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙا ماڻهو آهن جن ايمان آندو ۽ (هن نبي جي دعوت کي) مڃيو، پنهنجي دلين سان الله جي ياد ۾ کين اطمينان ملي ٿو، خبردار! الله جي ياد سان ئي دلين کي اطمينان ملي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن ايمان آندو آهي اھڙن ماڻهن جي دلين کي اللھ تعالى جي ذڪر سان ئي سڪون نصيب ٿيندو آھي، وري ٻُڌو! اللھ تعالى جي ذڪر سان ئي دلين کي قرار ملندو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ طوبىٰ لَهُم وَحُسنُ مَـٔابٍ (آيت : 29) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن لاءِ (آخرت ۾) خوشي ۽ چڱي جاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن لاءِ نعمتون ۽ خوشحاليون آهن ۽ (آخرت) تمام چڱي رهڻ جي جاءِ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا انهن لاءِ فرحت آهي ۽ انهن لاءِ پڇاڙي سهڻي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ (بهشت ۾) طوبى ۽ خوشحالي ۽ انجام بخير آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي شخص جو ايمان آندائون ۽ ڪيائون نيڪ عمل مبارڪ آهي انهن لاءِ موٽڻ جي سهڻي جاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ خوشي ۽ چڱي جاءِ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون انهن لاءِ مبارڪباد آهي ۽ بهترين جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيا، جي اِيمان تي، ۽ چَڱا ڪَيئون ڪَم ڪار، تِنِين لئي تَڪرار، مُبارڪون ۽ ماڳ چڱو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، تن لاءِ خوشيءَ ۽ چڱي جاءِ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جن ماڻهن حق جي دعوت کي مڃيو ۽ نيڪ عمل ڪيا، ڀلا ٿيا انهن جا ڀاڳ ۽ پڇاڙي به ٿيندن ڏاڍي سهڻي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جن ماڻهن حق جي دعوت کي مڃيو ۽ سٺا عمل ڪيا سي ڀاڳ وارا آهن ۽ انهن جي لاءِ ئي سٺي آهي پڄاڻي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن لاءِ (آخرت ۾) اطمينان ۽ رھڻ جي سھڻي جاءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذٰلِكَ أَرسَلنٰكَ فى أُمَّةٍ قَد خَلَت مِن قَبلِها أُمَمٌ لِتَتلُوَا۟ عَلَيهِمُ الَّذى أَوحَينا إِلَيكَ وَهُم يَكفُرونَ بِالرَّحمٰنِ قُل هُوَ رَبّى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ مَتابِ (آيت : 30) |
اھڙي طرح توکي ھڪ اھڙيءَ ٽوليءَ ڏانھن جو بيشڪ کانئن اڳ ڪيتريون ٽوليون گذري ويون آھن ھن لاءِ موڪليوسون ته جيڪي توڏانھن وحي ڪيوسون سو کين پڙھي ٻڌائين ۽ اُھي رحمان جا مُنڪر آھن، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو منھنجو پالڻھار آھي اُن کانسواءِ ٻيو ڪو مَعبُود نه آھي، ۽ مٿس ڀروسو ڪيم ۽ ڏانھس منھنجو موٽڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) اهڙيءَ طرح هيءَ ڳالهه ٿي جو اسان توکي هڪڙي امت ڏانهن (پيغمبر ڪري) موڪليو جنهن امت کان اڳي گهڻيون ئي امتون ٿي گذريون آهن (۽ انهن امتن ۾ سچائيءَ جا پيغمبر پنهنجي پنهنجي زمانن ۾ ظاهر ٿي چڪا آهن) ۽ هن لاءِ (توکي پيغمبر ڪري) موڪليوسين ته جيڪا ڳالهه توتي نازل ڪئي اٿئون سان ماڻهن کي پڙهي ٻڌائين ۽ انهن ماڻهن جو حال هي آهي جو منڍ کان ئي خدائي رحمان جا مڃيندڙ ئي نه آهن. تون (کين) چئي ڏي ته اهوئي منهنجو پروردگار آهي. ڪوبه معبود ڪونهي سواءِ هن جي. انهيءَ تي ئي مون ڀروسو ڪيو آهي ۽ سندس ئي طرف رجوع ٿو ٿيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهڙي طرح اسان توهان کي هن اُمت ۾ موڪليو آهي جنهن کان اڳ امتون گذري چڪيون آهن، ان لاءِ توهان انهن کي قرآن ڪريم پڙهي ٻڌايو حالانڪ اِهي الله جو انڪار ڪن ٿا. رسولِ عربي توهان فرمايو الله منهنجو رب آهي ان کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي، مون الله تي توڪل ڪئي آهي ۽ الله ڏانهن منهنجو رجوع ٿيڻ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي حبيب) جيئن اسان ٻيا رسول موڪليا) تئين اسان تو کي هن امت ڏي موڪليو آهي، جنهن کان اڳ ٻيون به ڪيتريون ئي امتون گذري چڪيون آهن ته جيئن اهو قرآن جيڪو اسان تو تي وحي جي ذريعي موڪليو آهي کين پڙهي ٻڌائي، اهي ماڻهو نه رڳو تنهنجا (پر ماڳهين) خدا جا به انڪاري آهن. کين چئو ته اهو ئي منهنجو پروردگار آهي، ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي، مٿس ئي ڀروسو رکان. ان ڏي ئي رجوع ڪريان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهڙي طرح رسول بنائي موڪليوسون توکي هڪ امت ۾ جو تحقيق گذريون اڳي ان کان امتون تانت پڙهي ٻڌائين تون انهن کي اهو جو وحي ڪيوسون توڏانهن ۽ اهي انڪار ٿا ڪن رحمٰن جو فرماءِ ته اهو ربّ منهنجو آهي ناهي ڪو معبود بالحق ان کان سواءِ ان تي توڪل ڪئي آ مون ۽ ان ڏانهن منهنجو موٽڻ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) اهڙي طرح اسان توکي اهڙي جماعت ۾ موڪليو آهي جنهن کان اڳي ڪيتريون جماعتون گذري چڪيون آهن هن لاءِ ته جيڪو (قرآن) اسان تو ڏي وحي ڪيو آهي سو انهن کي پڙهي ٻڌائين ۽ اهي رحمان جو انڪار ڪن ٿا. تون چو ته اهو ئي منهنجو پاليندڙ آهي ان کان سواءِ ڪو عبادت جي لائق نه آهي. ان تي ئي مون ڀروسو ڪيو آهي ۽ ان ڏي ئي مون کي موٽڻو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي !) اهڙي طرح اسان تو کي اهڙي امت ۾ (رسول بنائي) موڪليو آهي جو بيشڪ ان کان اڳي (گھڻيون) امتون گذري چڪيون آهن هن لاءِ ته تون انهن کي اُهو (قرآن) پڙهي ٻڌائين جو اسان تو ڏانهن وحي ڪيو آهي ۽ اُهي وڏي مهربان (الله) جو انڪار ڪن ٿا. تون چؤ ته اُهو منهنجو پالڻهار آهي ان کان سواءِ ڪو معبود ناهي. مون ان مٿان ڀروسو ڪيو ۽ ان ڏانهن ئي منهنجو موٽڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِنپر توکي اُمّت ڏي مُڪو سون مَهندار! جن کان اڳي اُمتون، لنگھيون لڳاتار، تان توڏي، جو وَحِي ٿيو، ساپڙھ مَٿِن پَچار، ۽ ڏيهَن جي ڏاتار کان، ٿا اُهي ڪَن اِنڪار، چَئو، سائـِين مُنهنجو، سو صَحِي، ٻِيو ڌَڻِي نَه جِنهن کان ڌار، اُنِهئَ تي رَکيمِ بار، ۽ اُن ڏي، مُون کي موٽڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان طرح توکي هڪ امت ڏي موڪليو اٿئون، جنهن کان اڳ ڪيتريون ئي امتون گذريون آهن، ته جيڪي اسان توڏي موڪليو آهي، سو کين پڙهي ٻڌائين، اهي رحمان جا منڪر آهن، چئو ته اهو منهنجو رب آهي، ان ڌاران ڪو ٻيو سائين ناهي، مون ان تي ڀروسو ڪيو آهي ۽ ان ڏي ئي موٽڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اهڙيءَ طرح اسان توکي رسول بڻائي موڪليو آهي، اهڙيءَ قوم ۾، جنهن کان اڳ ڪيتريون ئي قومون ٿي گذريون آهن ته جيئن تون انهن کي اهو پيغام ٻڌائين، جيڪو اسان توتي نازل ڪيو آهي، توڻي جو اهي نهايت مهربان الله جا انڪاري بڻيل آهن. چوين ته اهوئي منهنجو رب آهي، هن کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، ان تي ئي ڀروسو ڪيم ۽ ان ڏانهن ئي منهنجو موٽڻ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ان سان اسان توکي رسول ڪري هڪ اهڙي قوم ڏي موڪليو آهي جنهن کان اڳ ۾ ڪيئي قومون گذري چڪيون آهن جيئن تون ٻڌائين انهن ماڻهن کي اهو پيغام، جيڪو اسان توتي نازل ڪيو آهي ان حالت ۾ جو اهي منڪر آهن پنهنجي ٻاجهاري خدا جا، کين چؤ ته اهو ئي منهنجو رب آهي ان بنا ٻيو ڪوبه معبود ناهي، ۽ انهيءَ تي ئي ڀروسو ڪيو اٿم ۽ اهو ئي منهنجي لاءِ سڀڪجهه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) اسان توکي به اھڙي قوم ڏانھن رسول بنائي موڪليو آھي، جنھن کان اڳ به ڪيتريون قومون ٿي گذريون آھن ته جيئن کين ھي ڪتاب (قرآن) پڙھي ٻڌائين، جيڪو اسان توڏي وحي جي ذريعي موڪليو آھي. ھن وقت ھي ماڻهو رحمان جو انڪار ڪن ٿا. تون کين ٻڌاءِ ته منھنجو پالڻھار ئي رحمان آھي. ان کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آھي. مون ان تي ڀروسو ڪيو ۽ ان ڏانھن ئي مون کي واپس موٽڻو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو أَنَّ قُرءانًا سُيِّرَت بِهِ الجِبالُ أَو قُطِّعَت بِهِ الأَرضُ أَو كُلِّمَ بِهِ المَوتىٰ بَل لِلَّهِ الأَمرُ جَميعًا أَفَلَم يَا۟يـَٔسِ الَّذينَ ءامَنوا أَن لَو يَشاءُ اللَّهُ لَهَدَى النّاسَ جَميعًا وَلا يَزالُ الَّذينَ كَفَروا تُصيبُهُم بِما صَنَعوا قارِعَةٌ أَو تَحُلُّ قَريبًا مِن دارِهِم حَتّىٰ يَأتِىَ وَعدُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 31) |
۽ جيڪڏھن سچ پچ قرآن اھڙو ھجي ھا جو اُن سان جبل ھلائجن ھا يا اُن سان زمين ٽڪر ٽڪر ڪجي ھا يا اُن سان مئلن کي ڳالھرائجي ھا (ته به اُھي ايمان نه آڻين ھا) بلڪ سڀ ڪم الله جي وس ۾ آھن، اڃا مؤمنن نه ڄاتو آھي ڇا ته جيڪڏھن الله گھُري ھا ته سڀني ماڻھن کي ھدايت ڪري ھا، ۽ ڪافرن کي سندن ڪرتوتن سببان سدائين سزا پھچندي آھي يا ايستائين سندن گھرن جي آس پاس پئي پھچندي جيسين الله جو انجام ايندو، بيشڪ الله پنھنجي انجام کي نه ڦيرائيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) جيڪڏهن ائين ٿي سگهي ها جو ڪنهن قرآن سان جبل هلڻ لڳن ها يا زمين جا وڏا وڏا مفاصلا (هڪ پلڪ ۾) لتاڙي سگهجن ها يا مُردا ڳالهائڻ لڳن ها (ته ضرور هن قرآن سان به ائين ئي ٿئي ها) پر نه (ائين ڪونه ٿو ٿئي ڇو ته) سڀني ڳالهين جو اختيار فقط الله کي آهي (۽ سندس سنت ناهي ته ائين ڪري، هو پنهنجو ڪلام واٽ ڏيکارڻ لاءِ نازل ٿو ڪري. نه عجائبات ڏيکارڻ لاءِ) پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو آهي سي (هن ڳالهه کان) نااميد نه ٿيا آهن ڇا (ته نه مڃڻ وارا ڪڏهن به نه مڃيندا؟ هنن هيءَ ڳالهه نه سمجهي آهي ڇا؟ ته) جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته، سڀني ماڻهن کي (هڪ ئي) حق جي راهه ڏيکاري ڇڏي ها (پر هن ائين نه چاهيو. سندس حڪمت جو فيصلو هي ٿيو ته هن دنيا ۾ هر ڪنهن جي ايمان ۽ عمل جي آزمائش ٿئي) ۽ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي (اهي ائين مڃڻ وارا ناهن) انهن کي سندن ڪرتوتن جي بدلي ۾ ڪانه ڪا مصيبت پهچندي رهندي، يا هيئن ٿيندو جو سندن رهڻ جي جاين جي نزديڪ اچي نازل ٿيندي تان جو اهو وقت اچي وڃي جڏهن الله جو واعدو ظهور ۾ اچڻ وارو هجي، بيشڪ (سندس واعدو سچو آهي) هو ڪڏهن به واعدي خلافي نٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اهڙو قرآن نازل ٿئي ها جنهن سان جبل هَلن ها يا زمين چيرجي پئي ها، يا مُئل ماڻهو ڳالهائن ها، (تڏهن به ڪافر نه مڃن ها) ها! سڀ ڪم الله جي اختيار ۾ آهن، ڇا اڃان مؤمن (ڪافرن جي ايمان آڻن کان) نااميد نه ٿيا آهن جيڪڏهن الله چاهي ها ته سمورن ماڻهن کي هدايت ڏي ها، ۽ اهي (مڪه وارا) ڪافر هميشه پنهنجي بداعمالي جي ڪري ڪنهن مصيبت ۾ گرفتار ٿيندا يا سندن گھرن جي ويجھو ڪا مصيبت ايندي ايستائين جو الله جو وعدو اچي، بيشڪ الله تعالى وعده جي خلافي نٿو ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اهڙو قرآن (به نازل ٿيل) هجي ها پنهنجي برڪت سان جبلن کي هلائجي يا ان جي ڪري زمين (جو پنڌ يڪدم) پورو ڪجي يا ان جي ذريعي سان مئل اٿي ڳالهائين (تڏهن به اهي ايمان نه آڻيندا) پر (حقيقت هي آهي ته) سمورو ڪم الله جي وس ۾ آهي. ڇا پوءِ به ايمان وارن نه سمجهيو ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته سڀني ماڻهن جي هدايت ڪري ها ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو تن تي سندن (ڪڌن) ڪرتوتن جي سزا ۾ ڪا (نه ڪا) مصيبت پهچندي رهندي يا (مٿن نه پئي) ته سندن گهرن جي ويجهو (ضرور) پئي لهندي جيستائين خدا جو وعدو (فتح مڪه) اچي پورو ٿئي. بيشڪ خدا پنهنجي وعدي خلافي نٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (۽ جيڪڏهن تحقيق قرآن هلايا وڃن ها ان سان جبل يا ٽڪرا ڪئي وڃي ها ان سان زمين يا ڳالهرايا وڃن ها ان سان مئل بلڪه الله جي لاءِ آهي اختيار سمورو ڇا پوءِ نااميد نه ٿيا اهي شخص جو ايمان آندائون ته جيڪڏهن گھري ها الله ته البته هدايت ڪري ها سڀني ماڻهن کي ۽ هميشہ آهن اهي شخص جو ڪفر ڪيائون پهچندي رهندي انهن کي سببان ان جي جو ڪيائون سزا يا لهندي ويجھو گھرن انهن جي کان تانجو اچي وعدو الله جو بيشڪ الله نٿو مخالفت ڪري وعدي جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن ڪو قرآن اهڙو هجي ها جنهن سان جبلن کي هلائجي يا ان سان زمين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪجي يا ان جي ذريعي مئلن سان ڳالهائجي (تڏهن به اهي ايمان نه آڻيندا) پر سمورو ڪم الله جي وس ۾ آهي. ڇا پوءِ به ايمان وارن نه سمجهيو ته جيڪڏهن الله گهري ته سڀني ماڻهن کي هدايت ڪري. ۽ ڪافرن جيڪي ڪيو آهي تنهن جي ڪري هميشة کين ڪا نه ڪا مصيبت پهچندي رهندي يا (اها مصيبت) سندن گهرن جي ويجهو پيئي لهندي. جيستائين الله جو وعدو اچي. بيشڪ الله پنهنجو وعدو نٿو ڦيرائي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اگر ڪو قرآن اهڙو هجي ها جنهن سان جبلَ هلائجن ها يا زمين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو وڃي ها يا ان جي ذريعي مُئلن سان ڳالهرائجي ها (ته به اهي نه مڃن ها). بلڪه هر ڪم الله جي اختيار ۾ آهي. ڇا پوءِ به ايمان وارا نه ٿا سمجهن ته جي الله چاهي ها ته سڀ ماڻهن کي هدايت ڪري ها. ۽ هميشه ڪافرن کي سندس ڪرتوتن سبب ڪانه ڪا مصيبت پهچندي رهندي يا انهن جي گهرن جي آس پاس لهندي رهندي جيستائين الله جو وعدو اچي پهچي. بيشڪ الله وعدي خلافي ڪونه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪر رَئـِي جَبلن کي، ڪجي سِين قرآن، يا اُن سان ٽُڪر ٽُڪر، ڪَجي ڀُون کي بي گمان، يا مُئا ڳالهائـِينِ مُورهِين، اُنهِيءَ ساڻ عيان، صاحِب لئي، سُبحان، اُٽلو سَڀ اِختياريون. ڇامُؤمِنن مَعلوم نه ڪيو؟ جي گُھري رَبُّ سائـِين، ته سَنئـِين سُهائـِين، مِڙِني ماڻهن مُورهين. ۽ ڦِريا جي فَرمان کان، تن ڪيا جي ڪم ڪار، تِنهن سبب رَسندا، تن رهن، واقعا ويروتار، ياڳَلِي سَندنِ ڳوٺ جِي، يا ويجھا مَنجھ وَلهار، جاسِين اَچي الله جي، وَعدي جِھڙِي وار، وَعدو نه ڦيري وار، اَلله جَلَّ جَلالہٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جي سچ پچ قرآن اهڙو هجي ها، جنهن سان جبلن کي هلائجي ها يا ان سان زمين کي ٽڪر ٽڪر ڪجي ها، يا ان سان مئلن کي ڳالهرائجي ها، (ته به اهي ڪافر ايمان نه آڻين ها،) بلڪ سڀ ڪم الله جي هٿ ۾ آهن، ڇا، اڃا مومنن نه ڄاتو آهي، ته جي الله گهري ها ته سڀني ماڻهن کي هدايت ڪري ها؟ ۽ منڪرن کي سندن ڪرتوتن سبب هميشه سزا ملندي آهي، يا الله جي انجام اچڻ تائين سندن گهر وٽ پيئي پهچندي، بيشڪ الله پنهنجي انجام کي نٿو ڦيرائي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڀلا ڇا ٿئي ها، جيڪڏهن ڪو اهڙو قرآن لاٿو وڃي ها، جنهن جي زور تي جبل هلڻ لڳن ها يا زمين ڦاٽي پوي ها يا مئا قبرن مان نڪري ڳالهائڻ لڳن ها (اهڙيون نشانيون ڏيکارڻ ته ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي) پر سڀ ڪجهه الله جي ئي هٿ ۾ آهي. پوءِ ڀلا ايمان وارا (ڪافرن جي گُهر جي موٽ ۾ ڪنهن نشانيءَ جي ظاهر ٿيڻ جو آسرو ڪن ٿا ڇا ۽ اهو ڄاڻي) اڃان مايوس نه ٿيا آهن ڇا ته جيڪڏهن الله چاهي ها ته سڀني انسانن کي هدايت جي راهه تي آڻي ڇڏي ها؟ جن ماڻهن الله سان ڪفر ڪيو آهي، انهن تي سندن عملن جي ڪري ڪا نه ڪا آفت ايندي ئي رهي ٿي يا سندن گهرن جي ڀرسان ڪٿي نازل ٿئي ٿي. ائين ٿيندو رهندو، تانجو الله جو وعدو اچي پورو ٿئي، بيشڪ الله پنهنجي وعدي جي ابتـڙ نه ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇا ٿي پوي ها جيڪڏهن ڪو اهڙو قرآن لاٿو وڃي ها جنهن جي زور سان جبل لُڏڻ لڳن ها يا ڦاٽي پوي ها ان سان زمين يا ڳالهائڻ لڳن ها قبرن مان نڪري مردا؟ (اهي نشانيون ڏيکارڻ مشڪل ناهن) پر الله وٽ ته سمورو اختيار آهي، پوءِ ڇا آس لڳايل آهن ايمان وارا (ڪافرن جي گُھر تي ڪنهن نشاني ظاهر ٿيڻ لاءِ) مايوس الله کان ناهن، جيڪڏهن اُهو گهري ها ته سڀني انسانن کي هدايت ڏئي ها، ۽ جن ڪفر جو رويو اختيار ڪيو آهي الله سان، تن تي سندن ڪرتوتن سبب ڪا نه ڪا آفت ايندي رهي ٿي يا سندن گهر جي ويجهو نازل ٿئي پئي، هي سلسلو هلندو ئي رهندو تان جو اچي پورو ٿيندو وعدو الله جو، بيشڪ الله خلاف ورزي نٿو ڪري پنهنجي وعدي جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏھن قرآن جي اچڻ سان جبل ھلڻ لڳن ھا، زمين ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ھا ۽ قرآن جي ذريعي مُئل ماڻهو ڳالهائڻ لڳن ھا (ته به ھي ماڻهو ايمان نه آڻيندا) اهي سڀ اختيار اللھ تعالى وٽ ئي آھن. ڇا مؤمن ماڻهو اڃا به (ڪافرن جي انڪار کان) نااميد نه ٿيا آھن، (يعني مؤمنن کي اڃا به اھا اميد آھي ته ھي ڪافر ايمان آڻيندا)؟ جيڪڏھن اللھ تعالى چاھي ھا ته سڀني انسانن کي ھدايت نصيب ڪري ھا. (توھان ڏسو ٿا ته) ڪافر ھميشه اھڙي حالت ۾ رهندا آھن جو مٿن سندن عملن جي نتيجي ۾ ڪانه ڪا مصيبت ايندي رھي ٿي يا سندن گهرن جي ڀرسان ھيانءُ ڏاريندڙ واقعا ٿيندا رھن ٿا. اھو سلسلو ايستائين ھلندو رهندو جيستائين اللھ تعالى جو وعدو (يعني قيامت) اچي وڃي. بيشڪ اللھ تعالى پنھنجي وعدي جي خلاف ورزي نه ڪندو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَأَملَيتُ لِلَّذينَ كَفَروا ثُمَّ أَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 32) |
۽ (اي پيغمبر) بيشڪ توکان اڳ پيغمبرن تي ٺـٺوليون ڪيون ويون ھيون پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏنم وري کين پڪڙيم، پوءِ منھنجو عذاب ڪئن ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳي به ائين ئي پئي ٿيو آهي جو پيغمبرن تي ٺٺوليون ۽ مسخريون ڪيون ويون ۽ مون (پنهنجي قانون موجب) پهريائين کين ڍر ڏني، پوءِ انهن کي پڪڙ ڪيم. سو ڏسو ته اسان جو ٺهرايل بدلو (جو کين ڏنو ويو سو) ڪهڙو هو، (۽ ڪهڙيءَ طرح ظهور ۾ آيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق توهان کان اڳ ۾ آيل رسولن سان به مذاق ڪئي وئي پوءِ اسان ڪجھه وقت ڪافرن کي مهلت ڏني ان کان پوءِ انهن کي پڪڙيوسين، پوءِ (ڏسو) ته منهنجو عذاب ڪيئن انهن کي پهتو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي حبيب) تو کان اڳ به ڪيترن ئي پيغمبرن تي مسخري ڪئي وئي آهي ته مون (ڪجھ وقت) ڪافرن کي ڍر ڏنيم پوءِ کين پڪڙيم (پوءِ) منهنجي سزا ڪئين هئي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق چٿر ڪئي وئي رسولن سان اڳي توکان پوءِ مهلت ڏني مون انهن کي جو ڪفر ڪيائون ان کان پوءِ پڪڙيو مون انهن کي پوءِ ڪهڙي طرح هو عذاب منهنجو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) توکان اڳ رسولن تي مسخري ڪئي ويئي پوءِ (اول) ڪافرن کي ڍر ڏنيم (ان کان) پوءِ کين پڪڙيم. پوءِ منهنجي سزا ڪيئن هئي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ تو کان اڳ به رسولن سان مذاق ٿيندي رهي آهي پوءِ مون ڪافرن کي مهلت ڏني پوءِ کين پڪڙيم. پوءِ منهنجو عذاب ڪيئن هيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توکان مَهندِيَنِ مُرسلن تان ٿِيون مَسخريون مگر، پوءِ ڦِريا جي فرمان کان، ڍيليمِ تن ڍِنگھر، پوءِ پَڪڙيمِ اُنهن کي، گھيري مَنجھ گَنگهر، سَزا ڪِيئَن سَگھر، آخِر آهي، مُنهنجِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اوهان کان اڳ آيل نبين تي به مسخريون ٿيون آهن، پوءِ ڪافرن کي ڪجهه مهلت ڏنيم ۽ پوءِ کين پڪڙ ڪيم، پوءِ ڪيئن هو منهنجو عذاب؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کان اڳ گهڻن ئي رسولن تي ٽوڪبازيون ٿينديون رهيون آهن، مگر مان هميشه ڪافرن کي ڍر ڏني ۽ نيٺ کين پڪڙي ورتو، پوءِ ڏسو ته منهنجي سزا ڪهڙي نه سخت هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٺٺوليون ڪيون ويون آهن ڪيترن ئي رسولن تي تو کان اڳي، پر اسان هميشھ ڍر ڏني آهي انهن ڪافرن کي ۽ آخرڪار کين پڪڙي ئي ورتو، پوءِ ڏسو اها سزا ڪيتري نه سخت هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) توکان اڳ به آيل رسولن جو مذاق اُڏايو ويو پر مون ڪافرن کي (ڪافي) ڍر ڏني (پوءِ به ھو نه سڌريا) آخرڪار مون سندن پڪڙ ڪئي. سو ڏسو ته ڪيئن ھئي منھنجي سزا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَمَن هُوَ قائِمٌ عَلىٰ كُلِّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ قُل سَمّوهُم أَم تُنَبِّـٔونَهُ بِما لا يَعلَمُ فِى الأَرضِ أَم بِظٰهِرٍ مِنَ القَولِ بَل زُيِّنَ لِلَّذينَ كَفَروا مَكرُهُم وَصُدّوا عَنِ السَّبيلِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
سڀڪنھن ماڻھو جيڪي ڪمايو تنھن جي جيڪو خبر رکندڙ ھجي (سو بيخبر بتن جھڙو آھي) ڇا؟ ۽ (ڪافرن) الله جا شريڪ مقرّر ڪيا آھن، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُنھن (جي وصفن) جا نالا بيان ڪريو، يا کيس اُھو جتائيندا آھيو ڇا جيڪي (ھو) زمين ۾ نه ڄاڻندو آھي؟ يا (بنا حقيقت جي الله سان شريڪ ڪرڻ اِھي) ڇڙيون ڳالھيون آھن، بلڪ ڪافرن کي سندن بڇڙو خيال سھڻو ڪري ڏيکاريو ويو آھي ۽ اُھي سنئين واٽ کان روڪيا ويا آھن، ۽ جنھن کي الله گمراھ ڪري تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو ڪونه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جنهن (الله جي علم ۽ قدرت جو هي ڪمال آهي جو) هر جان تي نگاه رکي ٿو ۽ ڏسي ٿو ته ڪنهن پنهنجي عملن سان ڪهڙي ڪمائي ڪئي (سو الله انهن جهڙو سمجهيو وڃي ٿو ڇا جن کي ڪافرن معبود کڻي ٺهرايو آهي؟) ۽ هنن (اهڙين معبودن کي) الله سان شريڪ ٺهرايو آهي. (اي پيغمبر!) انهن (ڪافرن مشرڪن) کان پڇ ته (اهي شريڪ ۽ معبود ڪير آهن؟) انهن جو صفتون ته بيان ڪيو يا وري توهان (مشرڪ) الله کي اهڙي ڳالهه ٻڌائڻ ٿا چاهيو ڇا جا خود کيس به معلوم ناهي ته زمين ڪهڙي هنڌ آهي؟ يا خالي ڏيکاوَ جي ڳالهه آهي ڇا (جنهن جي ڪا حقيقت يا اصليت آهي ئي ڪانه؟) اصل حقيقت هي آهي ته منڪرن جي نگاهن ۾ سندن مڪاريون سهڻيون ڏسڻ ۾ آيون اهن ۽ حق جي راه ۾ قدم کڻڻ کان روڪجي ويا آهن ۽ جنهن تي الله تعاليٰ (ڪاميابيءَ جي) راهه بند ڪري ڇڏي، تنهن لاءِ ڪير آهي جو کيس راهه ڏيکارڻ وارو ٿي سگهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ الله بي خبر ٿي سگھي ٿو جيڪو هر شخص جي عملن تي نگران آهي ۽ اهي الله لاءِ شريڪ بنائن ٿا، توهان فرمايو ته انهن جون صفتون ٻڌايو، يا توهان الله کي اها ڳالهه ٻڌايو ٿا، جنهن کان پاڻ زمين ۾ واقف ناهي، يا فقط ظاهري طرح اها ڳالهه (شرڪ واري) چئو ٿا پر ڪافرن کي پنهنجون اٽڪلون پسند اچن ٿيون ۽ الله تعليٰ انهن کي سنئين رستي کان روڪي ڇڏيو آهي، ۽ جنهنکي الله گمراه ڪري ٿو پوءِ ان لاءِ ڪوبه هادي ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا جو (خدا) هر شخص جي ڪرتوتن جي خبر رکي ٿو (تن کي ائين ئي ڇڏي ڏيندو؟ ڪڏهين نه! پڻ انهن ماڻهن خدا جا (ڪيترائي شريڪ بنائي ڇڏيا. (اي پيغمبر) کين چئو ته آخر اوهان انهن جا نالا ته ٻڌايو يا اوهين خدا کي اهڙن شريڪن جي خبر ڏيو ٿا جن کي اهو ڄاڻي به نه ٿو ته اهي زمين ۾ (ڪي) آهن يا (فقط مٿاڇري) ڳالھ ڪريو ٿا (پر اصل هئين آهي ته) ڪافرن کي سندن مڪاريون سهڻيون ڪري ڏيکاريون ويون آهن ۽ هي (ڄڻ ته) سڌي گس کان روڪيا ويا آهن. پڻ الله جنهن شخص کي گمراهي ۾ ڇڏي ڏئي ته ان جي هدايت ڪرڻ وارو ڪو به نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ اهو جيڪو نظرداري ڪندڙ آهي هر نفس تي جيڪي ڪري ٿو ۽ بنايائون الله جي لاءِ شريڪ فرماءِ ته: نالا ته وٺو انهن جا يا خبر ڏيو ٿا ان جي جيڪو نه ٿو ڄاڻي زمين ۾ يا ظاهري ڳالھ سان بلڪه سينگاريو ويو انهن لاءِ جو ڪفر ڪيائون فريب انهن جو ۽ روڪيا ويا واٽ کان ۽ جنهن کي گمراھ ٿو ڪري الله پوءِ ناهي ان لاءِ ڪو هدايت ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ (الله) جيڪو سڀ ڪنهن ماڻهو (جي مٿي) تي جيڪي ان ڪيو آهي تنهن جي بدلي ڏيڻ لاءِ موجود آهي (سو بيخبر بُتن جهڙو آهي) ۽ ڪافرن الله جا شريڪ مقرر ڪيا آهن (اي محمد ؑ! کين) چو ته انهن جا نالا ٻڌايو. ڀلا الله کي اهڙي ڳالهه ٻڌايو ٿا ڇا جنهن کي زمين ۾ نه ٿو ڄاڻي يا ته بي ڀروسي جهڙي ڳالهه سان (انهن کي الله جا شريڪ چو ٿا) پر (حقيقت هيءَ آهي ته) ڪافرن کي سندن غلط خيال چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي ۽ انهن کي (الله جي) رستي کان روڪيو ويو آهي. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري تنهن کي ڪو به رستو ڏيکارڻ وارو نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ اُهو (پروردگار) جيڪو هر جان تي ان جي عملن جي نگهباني ڪري رهيو آهي (انهن بتن جهڙو آهي؟) ۽ (اهي بت جيڪي) الله لاءِ شريڪ بنايا اٿن چؤ انهن جا نالا ته ٻڌايو! ڇا اوهان الله کي ان شيءِ جي خبر ڏيو ٿا؟ جيڪا زمين ۾ نه ٿو ڄاڻي. يا (بي حقيقت) ظاهري ڳالهين سان (ان جا شريڪ بنايو ٿا). بلڪه ڪافرن لاءِ انهن جو فريب خوشنما بنايو ويو آهي ۽ انهن کي رستي کان روڪيو ويو آهي. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ان لاءِ ڪو هدايت ڪرڻ وارو ناهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇا؟ جو، هرجان تي، قائـِم ڪاردار، سَنڀالِيندڙ سڀ کي، جي ڪيائـِين ڪَم ڪار، ۽ ڇاجوڙيئون، جوڙڻهارسان، جُڙتو جوڙڻهار؟ چَئو، وَٺو واحِد سامهان، نالاتن نِروار، ڇا اوهين ڏِيوٿا اُن کي، تِنهنجِي خبر چار، جِنهن کي، بلڪل ڀُونء ۾، نه ڄاڻي ڄاڻڻهار، يا ڪريو ٿا ڪُفار، مَٿاڇريون ڳالهيون. بِلڪلُ وَڻايا،تَن وِيا، سَندنِ ٺڳيون ٺاھ، ۽ روڪيا ويا راه کان، جِنهن کي مُنجھائي اَللهَ، ڪونهي ڪو هَمراه، رَهبر اُن جو راه ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا جيڪو هر شخص جي ڪمن مٿان ڄڻ ته بيٺو آهي ۽ هنن انهيءَ الله جا ڀائيوار بنايا آهن، چئو ته سندن نالا وٺو، ڇا، اوهين کيس زمين جي اها خبر ٿا ڏيو، جا هو نٿو ڄاڻي، يا ٺلهيون ڳالهيون آهن؟ پر ڪافرن کي سندن خيال سهڻا ڪري ڏيکاريل آهن ۽ کين سنئين واٽ کان روڪيو ويو آهي ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري تنهن لاءِ ڪو به واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا پوءِ جنهن جي هرهڪ ساهواري جي ڪئي تي نظر آهي (تنهن سان ٿا سينو ساهن) ماڻهن الله جا شريڪ گهڙيا آهن؟ اي نبي! چوين ته (جيڪڏهن اهي سچ پچ الله جا پنهنجا بڻايل شريڪ آهن ته) انهن جا نالا ته ٻڌايو ته اهي ڪير آهن؟ ڇا توهان الله کي ٿا اهڙيءَ ڳالهه جي خبر ڏيو، جيڪا زمين ۾ ته هن کي سُجهي ئي نٿي؟ يا جيڪو ٿو وات ۾ اچيوَ چئي ٿا ڏيو؟ اصل ڳالهه اها آهي ته جن ماڻهن حق جي دعوت مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، انهن لاءِ سندن چالبازيون ڏسڻ ۾ سهڻيون بڻايون ويون آهن ۽ هو سڌيءَ راهه کان روڪيا ويا آهن. پوءِ جنهن کي الله گمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏي، انکي ڪو دڳ لائڻ وارو ئي ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇا اهو جيڪو نظر رکي ٿو سڀني ساهوارن جي ڪمائي تي (ان جي مقابلي ۾ ڪوششون ٿين پيون) شريڪ مقرر ڪيا ماڻهن الله جا. (اي نبي!) کين چئو (ڇا اهي خدا جا پنهنجا ٺاهيل شريڪ آهن) ته سندن ڪجهه نالا ته وٺو، ته اهي ڪير آهن، ڇا الله کي هڪ نئين ڳالهه جي خبر پيا ڏيو زمين ۾ جيڪا هو نٿو ڄاڻي؟ يا جيڪي وات ۾ اچي ٿو چئي ٿا ڏيو؟ حقيقت ۾ جن ماڻهن حق کي نه مڃيو آهي تن جا مڪر (سهڻا) بنايا ويا آهن ۽ اهي روڪيا ويا آهن سڌي راهه کان، پوءِ جنهن کي گمراهيءَ ۾ الله اڇلي ڇڏي، تنهن کي ڪوبه راهه ڏيکاريندڙ نه ملندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا جيڪا ھستي ھر ساھواري جي ھر عمل تي نظر رکڻ واري آھي (سا بيخبر بتن جھڙي آھي)؟ پوءِ به ماڻهن اللھ تعالى جا شريڪ بنايا آھن. (اي نبيﷺ!) کانئن پڇا ڪريو ته ڀلا (اھي ڪير آھن) انهن جا نالا ته ٻڌايو؟ يا توھان اللھ تعالى کي اھڙي خبر ٻڌايو ٿا جيڪا پوري دنيا ۾ ھو نٿو ڄاڻي يا اھا رڳو توھان جي وات جي ٻٽاڪ آھي. (حقيقت ھي آھي ته) اھڙن ڪافرن جي لاءِ سندن ترڪتالين کي سھڻو بنايو ويو آھي، تنھن ڪري ھو سڌي راھ کان محروم ڪيا ويا آھن ۽ جنھن کي اللھ تعالى (سندن ڪرتوتن سبب) گمراھيءَ ۾ ڌڪي ان کي ڪير به سڌي راھ نٿو ڏيکاري سگهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَهُم عَذابٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَقُّ وَما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 34) |
اُنھن لاءِ دنيا جي حياتيءَ ۾ عذاب آھي ۽ بيشڪ آخرت جي سزا ته بلڪل سخت آھي، ۽ کين الله (جي عذاب) کان ڪو بچائڻ وارو نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن جي لاءِ دنيا جي زندگيءَ ۾ به عذاب اهي ۽ آخرت ۾ به ۽ آخرت جو عذاب يقيناً گهڻو وڌيڪ سخت ٿيندو ۽ ڪوبه ڪونهي جو هنن کي الله (جي قانون جي پڪڙ) کان بچائي سگهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن لاءِ دنيا جي حياتيءَ ۾ عذاب آهي پر آخرت جو عذاب وڌيڪ سخت آهي، ۽ انهن کي عذابِ الاهي کان ڪوبه بچائيندڙ ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن لاءِ دنيا جي زندگي ۾ (به) عذاب آهي ۽ آخرت جو عذاب ته پڪ اڃا به سخت ظاهر ٿيندو. ۽ انهن کي الله (جي عذاب) کان ڪو به بچائڻ وارو نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن لاءِ عذاب آهي حياتي دنيا جي ۾ ۽ البته آخرت جو عذاب تمام سخت آهي ۽ ناهي انهن لاءِ الله ڪو بچائيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن لاءِ دنيا جي حياتيءَ ۾ عذاب آهي ۽ آخرت جو عذاب ته اڃان به سخت آهي. ۽ انهن کي الله (جي عذاب) کان ڪو به بچائڻ وارو نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن لاءِ دنياوي زندگي ۾ عذاب آهي ۽ يقيناً آخرت جو عذاب اڃا به سخت آهي ۽ کين الله (جي عذاب) کان ڪو بچائڻ وارو ناهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِن حياتِئَ خَسِيس ۾، اُنهن لئي آزار، ۽ عَذاب آخرت ۾، جَبرو جَٽادار، ۽ هُوندو نه سَندنِ هارِ، ڪو جھالائُو، جَلِيل کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن لاءِ دنيا ۾ عذاب آهي ۽ آخرت جو عذاب ته تمام سخت آهي، الله کان کين ڪو به بچائيندڙ ناهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙن ماڻهن لاءِ ته دنيا جي زندگيءَ ۾ ئي عذاب آهي ۽ آخرت جو عذاب ته اڃان به وڌيڪ سخت اٿن. ڪوبه ناهي، جيڪو کين الله کان بچائڻ وارو هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙن ئي ماڻهن لاءِ عذاب آهي دنيا جي حياتيءَ ۾، ۽ آخرت جو عذاب ته ان کان وڌيڪ سخت آهي، ۽ ڪوبه اهڙو نه آهي جيڪو کين الله کان بچائڻ وارو هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن لاءِ ھن دنيا جي حياتيءَ ۾ عذاب آھي ۽ آخرت وارو عذاب ته ان کان به وڌيڪ سخت آھي ۽ کين اللھ تعالى (جي عذاب) کان ڪير به بچائڻ وارو نه ھوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَثَلُ الجَنَّةِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ أُكُلُها دائِمٌ وَظِلُّها تِلكَ عُقبَى الَّذينَ اتَّقَوا وَعُقبَى الكٰفِرينَ النّارُ (آيت : 35) |
جنھن بھشت جو پرھيزگارن سان انجام ڪيو ويو آھي تنھن جو بيان (ھيءُ) آھي، ته ان جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، (۽) اُن جا ميوا ھميشہ آھن ۽ اُن جي ڇانوَ (سدائين رھندڙ آھي) پرھيزگارن جي اھا پڇاڙي آھي، ۽ ڪافرن جي پڇاڙي باھ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) متقي (پرهيزگار) انسانن جي لاءِ جنهن جنت جو واعدو ڪيو ويو آهي تنهن جو مثال ائين آهي جيئن هڪ باغ هجي، جنهن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هجن (جن جي پاڻيءَ سببان اهي باغ هميشه سرسبز ۽ شاداب رهن) انهن جا ميوا به دائمي آهن (۽ ڪڏهن به ختم ٿيڻ وارا ناهن) ۽ انهن جي وڻن جي ڇانو به دائمي هوندي اها آهي انهن ماڻهن جي پڇاڙي جن تقويٰ جي راهه اختيار ڪئي، پر ڪافرن جي پڇاڙي آهي باهه (جنهن ۾ هو سڙندا رهندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مثال ان بهشت جو جنهن جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي (هي آهي ته) ان جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، ان جا ميوا ۽ سايا هميشه لاءِ هوندا، اها پرهيزگارن جي پڇاڙي بهشت آهي، ۽ ڪافرن جي جزا دوزخ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن باغ (بهشت) جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي (تنهن جي صفت هيءَ آهي) ته ان جي هيٺان نهرون جاري هونديون، ان جا ميوا سدا بهار ۽ ان جي ڇانوَ به، اهو پرهيزگارن جو بدلو آهي، ۽ ڪافرن جو بدلو (دوزخ جي) باھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مثال بهشت جو جو وعدو ڏنا ويا پرهيزگار وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون ميوو انهن جو هميشہ آهي ۽ پاڇو انهن جو اها پڇاڙي انهن جي آهي پرهزگار ٿيا ۽ پڇاڙي ڪافرن جي باھ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن جنت جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي تنهن جو بيان هيءَ آهي ته ان جي هيٺان واه وهن ٿا. ان جا ميوا ۽ ان جي ڇانوَ هميشة رهڻ وارا آهن. اهو پرهيزگارن جو بدلو آهي، ۽ ڪافرن جو بدلو باهه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان جنت جي صفت جنهن جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي هي آهي جو ان جي هيٺان نهرون وهن ٿيون. ان جا ميوا ۽ ان جا پاڇولا هميشه رهڻ وارا آهن. اها پڇاڙي آهي انهن جي جن پرهيزگاري ڪئي ۽ ڪافرن جي پڇاڙي باهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀَلن سان جِنهن باغ جو، اَڳتي آهي اَنجام، هَر هَنڌ هيٺان اُن جي، جَر وَهن ٿا جام، ميوا موڪ اُن جا، پڻ مَلهارِيون مُدام، جَن سَنڀالِيو سِيل کي، اُنهن جو، اِهو اَنجام، ۽ باھِ بَنھ بَدنام، عاقِبَت اِنڪاريئـِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نيڪن سان جنهن بهشت جو وعدو ڪيل آهي، ان جو مثال اهڙو آهي، جنهن جي هيٺان نهرون ٿيون وهن ۽ سندس ميوا ۽ ڇانو هميشه لاءِ هوندا، اها نيڪن جي پڇاڙي آهي، پر ڪافرن جي پڇاڙي ته باهه ئي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پرهيزگارن لاءِ جنهن جنت جو وعدو ڪيو ويو آهي اها ته اهڙي آهي، جنهن جي هيٺان واهيون پيون وهنديون، ان جا ميوا هر موسم ۾ ملندڙ ۽ ان جي ڇانوَ سدائين هوندي، اها آهي پڇاڙي انهن جي جيڪي الله کان ڊڄي هلن ٿا ۽ حق جو انڪار ڪندڙن جي پڇاڙي دوزخ جي باهه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن جنت جو وعدو ڪيل آهي خدا ترس ماڻهن جي لاءِ، ان جون نشانيون هي آهن ته ان جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، ميوا آهن سدائين رهڻ وارا ۽ هميشھ واري ڇانوَ هوندي، اها پڇاڙي آهي پرهيزگارن جي ۽ ڪافرن جي پڇاڙي دوزخ جي باهه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پرھيزگارن سان جنھن جنت جو وعدو ڪيو ويو آھي ان جي ھيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وھن ٿيون، ان جا ميوا ۽ ان جي ڇانو ھميشه لاءِ ھوندي. اھو پرھيزگار ماڻهن جو بدلو آھي ۽ وري ڪافرن جو انجام باهه آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَفرَحونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَمِنَ الأَحزابِ مَن يُنكِرُ بَعضَهُ قُل إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ وَلا أُشرِكَ بِهِ إِلَيهِ أَدعوا وَإِلَيهِ مَـٔابِ (آيت : 36) |
۽ جن کي ڪتاب ڏنو اٿئون سي جيڪي توڏانھن نازل ڪيو ويو آھي تنھن سان سرھا ٿيندا آھن ۽ (انھن) جماعتن مان ڪو اھڙو آھي جو ان جي ڪن (ڳالھين) جو انڪار ڪندو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ مون کي انھيءَ کانسواءِ ٻيو حُڪم نه ڪيو ويو آھي ته الله جي عبادت ڪريان ۽ ساڻس ڪنھن کي شريڪ نه ڪريان، ڏانھس (ماڻھن کي) سڏيان ٿو ۽ ڏانھس منھنجو موٽڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي (يعني يهودي ۽ نصاريٰ) سي هن ڳالهه تي خوش ٿا ٿين جا توتي نازل ڪئي وئي آهي ۽ انهن جماعتن ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جن کي ان (يعني قرآن) جي ڪن ڳالهين کان انڪار آهي. سو تون چئي ڏي ته، مون کي ته بس اهوئي حڪم ڏنو ويو آهي ته، الله جي بندگي ڪيان ۽ ڪنهن به هستيءَ کي ساڻس شريڪ نه ٺهرايان. انهيءَ ئي (الله) جي طرف اوهان کي سڏيان ٿو ۽ انهيءَ ئي جي طرف منهنجو رخ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو جن کي اسان قرآن ڪريم عطا ڪيو آهي اهي قرآن ڪريم مان خوش ٿين ٿا، ۽ ڪافرن مان ڪي ماڻهو قرآن جي ڪجھه حصي جو انڪار ڪن ٿا. رسولِ عربي توهان فرمايو ته مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آئون الله جي عبادت ڪريان ۽ ان سان شريڪ نه ڪريان، الله ڏانهن آئون پڪاريان ٿو ۽ الله ڏانهن منهنجو موٽڻ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي حبيب) جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي اهي ته جيڪي (حڪم) تو تي نازل ڪيل آهن، سڀني سان خوش آهن ۽ ڪي فرقا ان جي ڪن ڳالهين کان انڪاري آهن تون (کين) فرماءِ ته اوهين (مڃو يا نه مڃو) مون کي ته هي حڪم مليل آهي ته آءُ خدا جي عبادت ڪريان، ڪنهين کي سندس شريڪ نه بنايان آءُ (سڀني کي) ان ڏي سڏيان ٿو ۽ هر شخص کي نيٺ ان ڏي هلڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جو ڏنوسون انهن کي ڪتاب خوش ٿا ٿين ان تي جو نازل ڪيو ويو تو ڏانهن ۽ جماعتن مان ڪو اهو آهي جو انڪار ٿو ڪري ان جي بعض جو فرماءِ ته: مان صرف امر ڪيو ويو آهيان هي ته عبادت ڪيان الله جي ۽ نه شريڪ ڪيان مان ان سان ان ڏانهن سڏيان ٿو ۽ ان ڏانهن موٽڻ منهنجو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي سي جيڪو (ڪتاب) توڏي نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي خوش ٿين ٿا ۽ انهن جماعتن مان ڪي اهڙا آهن جي ان جي ڪجهه ڳالهين جو انڪار ڪن ٿا. تون چو ته مون کي هي ئي حڪم ڪيو ويو آهي ته آءُ الله جي عبادت ڪريان ۽ ان سان (ڪنهن کي به) شريڪ نه ڪريان. ان ڏي ئي (ماڻهن کي) سڏيان ٿو ۽ ان ڏي ئي منهنجو موٽڻ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جن کي اسان ڪتاب (تورات) ڏنو آهي سي جيڪو تو تي نازل ڪيو ويو آهي ان تي خوش ٿين ٿا ۽ مختلف گروهن مان ڪجھه ماڻهو آهن جيڪي ان جي ڪجهه حصي جو انڪار ڪن ٿا. چؤ ته: ”مون کي ته صرف اهو حڪم ڏنو ويو آهي ته آءٌ الله جي عبادت ڪيان ۽ ان سان شرڪ نه ڪيان. ان ڏانهن سڏيان ٿو ۽ ان ڏانهن ئي منهنجو موٽڻ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، اَسان جَن کي، ڏِنو سون ڪتاب، جو توڏي اُتاريو وِيو، تِنهن تي شاديون ڪَن شتاب، ۽ اُن جا بَعض باب، ڪي قومون مَڃِينِ ڪِين ڪِي. چئو، حُڪم ٿِيمِ، هِڪ اَلله لئي، ٻَڌان آئون ٻانهون، ۽ ٻِيو ٻِيلي نَه گڏيان اُن سان، ڏيان تِنهن دَر دانهون، ۽ آخِر اوڏانهون، مُون کي آهي، موٽڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن ڪجهه توڏي نازل ٿئي ٿو، ته ڪتاب وارا خوش ٿا ٿين، پر جماعتن مان ڪي ان جي ڪن ڳالهين جو انڪار ٿا ڪن، چئو ته مون کي فقط اهو حڪم ٿيل آهي ته الله جي عبادت ڪريان ۽ ساڻس ڪو به شريڪ نه سمجهان ۽ ان ڏانهن ئي سڏيان ٿو ۽ ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! جن ماڻهن کي اسان اڳي ڪتاب ڏنو هو، سي انهيءَ ڪتاب کان جيڪو توتي نازل ڪيو ويو آهي، خوش آهن ۽ مختلف ٽولن مان ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي ان جي ڪن ڳالهين کي نٿا مڃين. تون چوين ته "مونکي ته اهوئي حڪم ڏنو ويو آهي ته فقط الله جي ئي بندگي ڪريان ۽ ساڻس ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريان، تنهنڪري مان ته ڏانهس ئي سڏيان ٿو ۽ ڏانهس ئي منهنجو ورڻ آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن کي اسان ڏنو هو ڪتاب (اي نبي!) سي ان ڪتاب کان خوش آهن، جيڪو نازل ڪيو ويو آهي توتي، ۽ مختلف ٽولن ۾ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ان جي ڪن ڳالهين کي نٿا مڃن، تون ڏي ته، مون کي بندگيءَ جو حڪم ڏنو ويو آهي صرف الله جي ۽ ان ڳالهه کان جهليو ويو آهي ته ڪنهن کي به ساڻس شريڪ نه ڪيان، ان ڏي ئي سڏيان ۽ ان ڏي منهنجو موٽڻ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنوسين (يعني يھودي ۽ عيسائي اي نبيﷺ!) ھو تنھنجي مٿان نازل ٿيندڙ ڪتاب کان خوش ٿين ٿا ۽ وري انهن ئي ٽولن مان ڪجهه ھن ڪتاب (يعني قرآن) جي ڪن ڳالھين جا انڪاري به آھن. (اي نبيﷺ!) چؤ ته (ڪير خوش ٿئي ٿو يا ڪير انڪار ڪري ٿو) مون کي ته حڪم ڏنو ويو آھي ته مان صرف اللھ تعالى جي عبادت ڪريان ۽ ان سان گڏ ڪنھن کي به شريڪ نه ڪريان. مان سڀني کي ان جي ئي دعوت ڏيان ٿو ۽ (بس!) منھنجو لاڙو ان طرف ئي آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ حُكمًا عَرَبِيًّا وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَما جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا واقٍ (آيت : 37) |
۽ اھڙي طرح اُن (قرآن) کي (ھڪ) حُڪم (ڪندڙ) عربي (ٻوليءَ) ۾ موڪليوسون، ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن تو پاڻ وٽ علم جي اچڻ کان پوءِ سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين ته الله وٽان نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو بچائيندڙ لھندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهڙيءَ طرح (هيءَ ڳالهه ٿي جو) اسان ان (قرآن) کي هڪ عربي فرمان جي شڪل ۾ (يعني عربي زبان ۾) نازل ڪيو. جيڪڏهن (انهيءَ قرآن جي) علم حاصل ڪرڻ بعد به تون هنن ماڻهن جي خواهشن جي پيروي ڪندين ته پوءِ سمجهي ڇڏ ته الله جي مقابلي ۾ نڪو تنهنجو ڪوئي ڪارساز هوندو، نڪو توکي ڪو بچائڻ وارو هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهڙي طرح اسان قرآن ڪريم کي عربيءَ ۾ فيصله ڪُن ڪري نازل ڪيو آهي، ۽ جيڪڏهن (اي ٻڌندڙ) تو انهن جي سڌن جي تابعداري ڪئي علم اچڻ کان پوءِ به، ته پوءِ تنهنجو الله کان سواءِ ڪو مددگار ۽ بچائيندڙ نه آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ائين اسان هن قرآن کي عربي (زبان) جو فرمان نازل فرمايو ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن ان کان پوءِ جو تو ڏي علم (قرآن) اچي چڪو، سندن نفساني خواهشن جي پيروي ڪئي ته ياد رک ته پوءِ خدا جي طرف کان نه ڪو تنهنجو سرپرست هوندو (۽) نه ڪو ئي بچائڻ وارو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهڙي طرح نازل ڪيوسون ان کي حڪم عربي (۾) ۽ البته جيڪڏهن تابعداري ڪئي تو انهن جي سڌن جي پڄاڻان ان جي جو آيو تو وٽ علم ته ناهي تولاءِ الله جي طرفان ڪو مدد گار ۽ نه ڪو بچائيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان ان (قرآن) کي عربي زبان ۾ حاڪم ڪري نازل ڪيو آهي ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون سندن خواهشن جي تابعداري ڪندين ان کان پوءِ جو توکي علم پهچي چڪو آهي ته توکي الله (جي عذاب) کان (بچائڻ لاءِ) تنهنجو نه ڪو دوست ۽ نه ڪو بچائڻ وارو ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح اسان ان (قرآن) کي حڪم (يعني دستور العمل) بنائي عربي ۾ لاٿو آهي. ۽ جيڪڏهن تون انهن (ڪافرن) جي سڌن جي پيروي ڪندين ان کان پوءِ جو تو وٽ علم اچي چڪو ته تو لاءِ الله جي مقابلي ۾ نه ڪو مددگار هوندو ۽ نه ڪو بچائڻ وارو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اِنپر اُتارِياسون اُهي، عَربِيء ۾ اَحڪام، ۽ جي تابِع ٿيندِين، تن جي، خواهِش سَندو، خام، جنهن بعد آيئـِي عِلم مَنجھان، پوءِ ڄاڻ نه پَنهنجو ڄام! واهِر، ڪو وَريام، پڻ جَھالائو جِلِيل کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ائين قرآن کي عربيءَ ۾ حڪم ڪندڙ موڪليو سون ۽ جيڪڏهن تون علم جي اچڻ کان پوءِ انهن جي خواهش تي هلندي ته پوءِ الله جي پاران نه ڪو تنهنجو حمايتي ٿيندو ۽ نه بچائيندڙ!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ هدايت سان اسان هي عربي فرمان توتي نازل ڪيو آهي. هاڻي جيڪڏهن اهو علم تو وٽ پهچي وڃڻ کان پوءِ به تون ماڻهن جي خواهشن جي ڪڍ لڳندين ته الله جي مقابلي ۾ تنهنجو نڪي ڪو دوست آهي ۽ نه ڪو سندس پڪڙ کان بچائڻ وارو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان انهيءَ هدايت سان عربي فرمان توتي لاٿو آهي، هاڻي تو جيڪڏهن ماڻهن جي خواهشن جي پيروي ڪئي جڏهن ته تو وٽ آيل آهي (اسان جو) علم، ته تنهنجو الله جي مقابلي ۾ ڪوبه مددگار ناهي ۽ نه ڪير توکي سندس پڪڙ کان بچائيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙي طرح اسان ھن قرآن کي خاص “عربي فرمان” طور نازل ڪيو آهي ۽ جيڪڏھن صحيح علم اچڻ کان پوءِ به تون انهن جي خواھشن جي پيروي ڪندين ته اللھ تعالى جي مقابلي ۾ ڪير به تنھنجي مدد ڪندڙ ۽ بچائڻ وارو نه ھوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ وَجَعَلنا لَهُم أَزوٰجًا وَذُرِّيَّةً وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ لِكُلِّ أَجَلٍ كِتابٌ (آيت : 38) |
۽ بيشڪ توکان اڳ (ڪيترائي) پيغمبر موڪلياسون ۽ کين زالون ۽ اولاد ڏنوسون، ۽ ڪنھن پيغمبر کي الله جي حُڪم کان سواءِ ڪو مُعجزو آڻڻ نه جڳائيندو آھي، ھر ڪنھن مُدّت لاءِ لکيل حُڪم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان توکان اڳي به (گهڻائي) پيغمبر موڪليا ۽ (اهي به تو وانگر انسان هئا) اسان کين زالون ۽ اولاد ڏنو هو ۽ ڪنهن به پيغمبر لاءِ هيءَ ڳالهه ڪانه ٿي جو هو (پنهنجو پاڻ) ڪا نشاني (يا معجزو) آڻي ڏيکاري پر تڏهن جڏهن الله جو حڪم ٿيو هجي. هر وقت لاءِ هڪ ڪتاب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق رسولِ عربيءَ کان اڳ ۾ اسان پيغمبر موڪليا ۽ انهن جو گھر واريون ۽ اولاد هئا، ۽ ڪنهن رسول کي اختيار ناهي جو الله جي اجازت کان بغير ڪو معجزو آڻي، هر مدت لاءِ لکت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان تو کان اڳ ۾ (به) ڪيترائي پيغمر موڪليا پڻ اسان کين زالون به ڏنيون ۽ اولاد (به عطا ڪيا) ۽ ڪنهن پيغمبر جي اها مجال نه هئي جو ڪو به معجزو خدا جي اجازت کان سواءِ آڻي ڏيکاري. هر هڪ (وعدي ڪيل) وقت جي لاءِ (اسان وٽ) هڪ (قسم جي) تحرير (هوندي) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البت تحقيق موڪلياسون رسول اڳي توکان ڏنيون سون انهن کي زالون ۽ اولاد ۽ نه ٿو هجي واسطي ڪنهن رسول جي ته آڻي ڪو معجزو مگر الله جي اذن سان واسطي هر مدي جي لکت آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ تو کان اڳي اسان ڪيترا رسول موڪليا ۽ کين زالون ۽ اولاد ڏنوسون. ۽ ڪنهن به رسول لاءِ هيءَ ڳالهه (جائز) نه هئي ته الله جي حڪم کان سواءِ ڪا نشاني آڻي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان تو کان اڳ ڪيترا رسول موڪلي چڪا آهيون ۽ اسان انهن لاءِ زالون ۽ اولاد به ڪيا. ۽ ڪنهن رسول جو اُهو ڪم ناهي جو ڪا نشاني آڻي سواءِ الله جي حڪم جي. هر مُدي لاءِ هڪ لکت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُرسل توکان مَهندا ڀَرا، موڪلياسُون مُور، ۽ زالون، پُٽ ضَرُور، عَطا ڪياسون، اُنهن کي. ۽ ڪِنهن مُرسل وَس نه مُور، ته آڻي آيت مُعجزو، اَلله جَلّ جَلالہٗ، مگر ڪري منظور، آهي هَر اَنجام لَئي، لِکيل حُڪم حُضور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ توکان اڳ رسول موڪلياسون ۽ سندن زالون ۽ اولاد بناياسون ۽ ڪنهن به رسول لاءِ ائين ناهي، جو هو الله جي حڪم کانسواءِ ڪو معجزو آڻي، هر هڪ وقت لاءِ خاص حڪم آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توکان اڳ اسان گهڻائي رسول موڪلي چڪا آهيون ۽ انهن کي اسان زالن ۽ ٻارن وارو ئي بڻايو هو ۽ ڪنهن به رسول کي اها طاقت نه هئي ته الله جي حڪم کانسواءِ ڪابه نشاني پاڻ آڻي ڏيکاري. هر دور لاءِ هڪ ڪتاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان موڪليا آهن ڪيترا ئي رسول توکان اڳ ۾ ۽ کين اسان بڻايو هو زالن ۽ ٻارن وارو، ۽ ڪنهن به رسول کي اها طاقت ڪانه هئي ته ڪابه نشاني آڻي پاڻ ڏيکاري سواءِ الله جي حڪم جي، هر دور جي لاءِ هڪ ڪتاب آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) توکان اڳ اسان جيترا به رسول موڪليا ھئا تن کي اسان گهر واريون ۽ اولاد به عطا ڪيو ھو ۽ ڪنھن رسول جي اختيار ۾ اھا ڳالھ نه ھئي جو ھو اللھ تعالى جي حڪم کان سواءِ ڪا نشاني آڻي سگهي ۽ ھر دور جي حساب سان خاص حڪم ڏنا ويندا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَمحُوا اللَّهُ ما يَشاءُ وَيُثبِتُ وَعِندَهُ أُمُّ الكِتٰبِ (آيت : 39) |
جيڪي الله کي وڻندو آھي سو ميٽيندو آھي ۽ قائم رکندو آھي، ۽ وٽس اصل ڪتاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ جيڪا ڳالهه چاهي ٿو تنهن کي ميساري (يا فنا ڪري) ٿو ڇڏي ۽ جيڪا چاهي ٿو تنهن کي قائم رکي ٿو ۽ ڪتاب جو اصل بنياد وٽس ئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى جي مرضي آهي جنهن تقدير کي ميٽي ۽ جنهن تقدير کي ثابت رکي ۽ الله تعالى وٽ لوحِ محفوظ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پوءِ ان مان) جنهن کي خدا گهري ٿو سو مٽائي ٿو ۽ (جيڪي گهري ٿو سو) باقي رکي ٿو. ۽ وٽس اصل ڪتاب (لوح محفوظ موجود) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ميٽي ٿو الله جيڪي گهري ۽ ثابت ٿو رکي ۽ ان وٽ آهي اصل ڪتاب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڀ ڪنهن وعدي لاءِ لکيل (حڪم) آهي. (ان کان پوءِ ان مان) الله جيڪي گهري ٿو سو مٽائي ٿو ۽ (جيڪي گهري ٿو سو) باقي رکي ٿو. ۽ ان وٽ ئي اصل ڪتاب (لوح محفوط) آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله جنهن (لکت) کي چاهي ميٽائي ٿو ۽ (جو چاهي) باقي رکي ٿو ۽ ان وٽ ئي اصل ڪتاب (يعني لوح محفوظ) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ميٽي يا ثابِت رکي، جِنهن لئي گُھري غَفُور، ۽ وَٽِس ضَبط ضَرُور، آهي اصل ڪتاب جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله کي جيڪي وڻي ٿو سو ميٽي ٿو ۽ قائم ٿو رکي، وٽس اصل ڪتاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جيڪي وڻيس سو مــِـٽائي ڇڏي ٿو ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي قائم رکي ٿو ۽ اصل ڪتاب (ام الڪتاب) ته وٽس ئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ختم ڪندو آهي الله جيڪي گُهرندو آهي ۽ قائم رکندو آهي ۽ اصل ڪتاب ”ام الڪتاب“ انهيءَ وٽ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ھر شيءِ جي لاءِ ھڪ وقت مقرر آھي) پوءِ اھا اللھ تعالى جي ئي مرضي آھي ته هو جنھن حڪم کي ختم ڪري يا جنھن کي برقرار رکي. حقيقت ھي آھي ته اصل حڪم ته ان وٽ ئي موجود آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن ما نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَعَلَينَا الحِسابُ (آيت : 40) |
۽ (اي پيغمبر) جيڪو انجام ساڻن ڪريان ٿو (تنھن مان) جيڪڏھن توکي ڪجھ ڏيکاريان يا توکي ماريان ته (بھرحال) توتي پيغام پھچائڻ ۽ اسان تي حساب وٺڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هنن ماڻهن سان (يعني مڪي جي ڪافرن سان نتيجن جي ظاهر ٿيڻ جا) جيڪي واعدا ڪيا آهن سي (هرڀرو هڪ ئي وقت ظهور۾ اچڻا ناهن) ممڪن آهي ته انهن مان ڪي ڳالهيون اسان توکي تنهنجي زندگيءَ ۾ ڏيکاريون ۽ ائين به ممڪن آهي ته، ان کان اڳي ئي تنهنجي (زندگيءَ جو) وقت پورو ڪري ڇڏيون. بهرحال جيڪي تنهنجي ذمي آهي سو آهي فقط حق جو پيغام پهچائڻ، هنن کان (سندن ڪمن جو) حساب وٺڻ اسان جو ڪم آهي (نه تنهنجو). (ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان کي اسين وعدي موجب ڪجھه ڏيکاريون (ڪافرن تي عذاب) يا توهان کي وصال ڪرايون، پوءِ توهان تي فقط تبليغ ڪرڻ آهي ۽ اسان تي حساب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي وعدا (عذاب وغيره جا) اسين انهن ڪافرن سان ڪريون ٿا، چاهي انهن مان ڪي تنهنجي هوندي پورا ڪريون يا تو کي انهن کان اڳ ۾ ئي کڻي وٺون (ٻنهي صورتن ۾) تو تي رڳو پيغام پهچائڻ فرض آهي ۽ انهن کان حساب وٺڻ اسان جو ڪم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڏيکاريون توکي بعض اهو جو وعدو ٿا ڏيون انهن کي يا وفات ڪرايون توکي پوءِ توتي صرف (پيغام) پهچائڻ آهي ۽ اسان تي حساب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) جيڪو انجام انهن سان ڪريون ٿا تنهن مان ڪجهه جيڪڏهن توکي ڏيکاريون يا توکي (ڏيکارڻ کان اڳي) ماريون ته (ٻنهين صورتن ۾ ) توتي رڳو پيغام پهچائڻ ۽ اسان تي حساب وٺڻ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن سان ڪيل وعدن مان ڪجھه اگر اسان توکي ڏيکاريون يا توکي ان کان اڳ وفات ڏياريون. (اُهو اسان جي وس آهي) تو تي ته صرف پيغام پهچائڻ آهي ۽ حساب وٺڻ اسان تي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا توکي ڏيکاريون تِنهن مَنجھان، جو ٻولايون ٻِيهار، يا پساه پورا ڪريون، مَهند سَندئـِي مَهندار!، توتي پُهچائـِڻ پار، ۽ اَسان تي، ليکو لوڪ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن عذاب جو ساڻن انجام ڪيل آهي ان مان ڪجهه جيڪڏهن تنهنجي روبرو ڏيکارجي، يا تنهنجي بعد ته به توتي رڳو حڪم رسائڻ آهي ۽ حساب اسان تي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! جنهن سخت وعيد جي ڌمڪي اسان کين ڏئي رهيا آهيون، تنهن مان ڪجهه کين تنهنجي جيئري ئي ڏيکاريون يا ان جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي توکي کڻي وٺون، تنهنجو ڪم رڳو پيغام پهچائي ڇڏڻ آهي ۽ حساب وٺڻ اسان جو ڪم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) جنهن بڇڙي نتيجي جي ڌمڪي اسان ماڻهن کي ڏئي رهيا آهيون ان جو حصو اسان تنهنجي حياتيءَ ۾ ڏيکاريون (يا توکي کڻي وٺون)، تنهنجو ڪم نياپو رسائڻ آهي ۽ حساب وٺڻ اسان جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان جيڪي (عذاب جا) وعدا ڪريون ٿا انهن مان ڪجهه توکي توهان جي زندگيءَ ۾ پورا ڪري ڏيکاريون يا انهن کي پوري ڪرڻ کان پھريائين ئي اسان توکي (وفات جي صورت ۾) پاڻ وٽ گهرائي وٺون. بيشڪ تنھنجي مٿان صرف (پيغام) پھچائڻ جي ذميداري آھي، باقي حساب ڪتاب وٺڻ اسان جي مٿان آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها وَاللَّهُ يَحكُمُ لا مُعَقِّبَ لِحُكمِهِ وَهُوَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 41) |
اڃا نه ڏسندا آھن ڇا ته اسين زمين کي سندس چوڌاري گھٽائيندا آھيون، ۽ الله جو به حُڪم ڪندو آھي ته سندس حُڪم کي ڪو روڪڻ وارو نه آھي، ۽ اُھو (الله) سگھو حساب وٺندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا هي ماڻهو ڏسن نٿا ته اسان هن سرزمين (ملڪ عرب) جو قصد ڪري رهيا آهيون؟ ان کي هر طرف گهٽائيندا (۽ مڪي جي ظالمن جي طاقت ٽوڙيندا) ٿا وڃون. (يعني جلد مسلمان سڄو عرب ملڪ فتح ڪري وٺندا). ۽ الله ئي آهي جو (آخر) فيصلو ڪري ٿو. ڪوبه ڪونهي جو سندس فيصلو ٽاري سگهي. هو حساب وٺڻ ۾ بلڪل تکو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي نٿا ڏسن ته بيشڪ اسين زمين کي ڪنارن کان کٽُايون پيا ۽ الله تعالى فيصلو ڪري ٿو ۽ سندس حڪم کي ڪير به ڦيرائي نٿو سگھي ۽ اهوئي تڪڙو حساب ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن نه ڏٺو ته اسين زمين کي (فتوحات اسلام سان) سندس سڀني پاسن کان (ڪفر جي اثر ۾) گهٽائيندا ٿا اچون ۽ خدا جيڪي (گهري ٿو) حڪم ڪري ٿو. سندس حڪم کي ڪو به رد ڪرڻ وارو نه آهي. ۽ هو تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺائون ته تحقيق اسين اچون ٿا زمين کي گهٽايون ٿا ان کي پاسن ان جي کان ۽ الله حڪم ٿو فرمائي ناهي ڪو پوئتي ڪندڙ واسطي حڪم ان جي ۽ اهو جلد حساب ڪندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا انهن نه ڏٺو ته اسين (سندن) زمين کي ان جي پاسن کان گهٽائيندا ٿا اچون. ۽ الله حڪم ڪري ٿو سندس حڪم کي ڪوبه رد ڪرڻ وارو نه آهي. ۽ ان جي طرفان جلد حساب ٿيڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڇا نه ٿا ڏسن ته اسان ڪيئن زمين کي ان جي پاسن کان گهٽائيندا (يعني سندن گھيرو تنگ ڪندا) اچون ٿا. ۽ الله حڪم ڪري ٿو ڪو به ان جي حڪم کي رد ڪرڻ وارو نه آهي. ۽ اُهو جلد حساب وٺڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا وَرتئون نه ويچار؟ ته اَسِين اَچون زَمِين کي، ڀيريون ڀيريون ڀَڃندا، ڪَپر ڪَنڌيون ڪِنار، ۽ اَلله هَلائي حُڪم ٿو، پَنهنجي پَسندِي هار، هرگز نه سَندسِ حُڪم کي، ڪو وارڻ وار وار، ۽ تِکو سو تڪرار، بابن ڀيٽڻ، باب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا هو نٿا ڏسن ته اسين چوڌاري زمين کي گهٽائي رهيا آهيون؟ الله ئي حڪم ڪري ٿو، سندس حڪم کي ڪو به روڪڻ وارو نه آهي ۽ اهو تمام جلد حساب وٺندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهي ماڻهو ڏسن نٿا ته اسين ڌرتي کي سندس ڪنارن کان گهٽائيندا ٿا اچون؟ حڪومت ته الله ٿو ڪري، ڪوبه سندس فيصلن کي پوئتي موٽائڻ وارو ڪونهي ۽ هو حساب ڪرڻ ۾ ڪا دير نه ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هي ماڻهو ڏسن نٿا ته اسان هن زمين تي هلندا پيا اچون ۽ ان جو گهيرو هر طرف کان تنگ ڪندا پيا اچون؟ ۽ الله حڪومت ڪري رهيو آهي ڪوبه سندس فيصلي تي نظر ثاني ڪندڙ ناهي ۽ کيس حساب وٺڻ ۾ دير نٿي لڳي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا ھي ماڻهو نٿا ڏسن ته اسان زمين جي چئني پاسن کان (اڳتي وڌندا) اچون ٿا ۽ انهن (ڪافرن) جي لاءِ زمين کي ھر طرف کان سوڙھو ڪندا وڃون ٿا، اللھ تعالى ئي حڪم ھلائيندو آھي، ان جي حڪم کي ڪير به نافذ ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهي ۽ ھو جلد حساب وٺندو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقَد مَكَرَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلِلَّهِ المَكرُ جَميعًا يَعلَمُ ما تَكسِبُ كُلُّ نَفسٍ وَسَيَعلَمُ الكُفّٰرُ لِمَن عُقبَى الدّارِ (آيت : 42) |
۽ جيڪي کائن اڳ ھوا تن بيشڪ فريب ڪيو پوءِ سڀ بڇڙي سزا الله جي ھٿ ۾ آھي، سڀڪو جيءُ جيڪا ڪمائي ڪندو آھي (سا الله) ڄاڻندو آھي، ۽ ڪافر سگھو ڄاڻندا ته ڪنھن لاءِ آخرت جو گھر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو هنن کان اڳي ٿي گذريا آهن تن به (حق جي دعوت جي مقابلي ۾) مخفي تدبيرون ڪيون هيون. سو ياد رکو ته) هر طرح جون تدبيرون الله جي لاءِ آهن. اهو ڄاڻي ٿو ته هر انسان ڪهڙي ڪمائي ڪري رهيو آهي ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪافرن کي معلوم ٿي ويندو ته ڪنهن جي لاءِ پڇاڙي چڱي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق توهان کان اڳ ۾ به انهن (ڪافرن) فريب ڪيا پوءِ الله انهن سڀني کي سندن مڪر جي ڪري سزا ڏيندو، الله ڄاڻي ٿو جيڪو عمل هر انسان ڪري ٿو، ۽ ڪافر عنقريب معلوم ڪندا ته بهشت ڪنهن لاءِ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جي ماڻهو انهن کان اڳ هئا انهن پڪ ڪيئي تدبيرون ڪيون مگر تدبيرن جو بدلو ڏيڻ ته خدا جو حڪم آهي. سڀ ڪو نفس جيڪي ڪري ٿو تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو ۽ جلد ڪافر به ڄاڻندا ته آخرت جي بهتري ڪنهن جي لاءِ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تحقيق رٿ رٿي انهن جو اڳي انهن کان هئا پوءِ الله جي لاءِ آهي رٿ سموري ڄاڻي ٿو جيڪي ڪمائي ٿو هر نفس ۽ جلد ڄاڻندا ڪافر ته ڪنهن لاءِ آخرت جو گهر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي انهن کان اڳ هئا تن بيشڪ (ڪم بگاڙڻ لاءِ) ڳجهي تدبير ڪئي (پرڪارگر نه ٿي) ڇو ته سڀ تدبيرون الله جي هٿ ۾ آهن. سڀڪو نفس جيڪي ڪري ٿو تنهن کي الله ڄاڻي ٿو. ۽ ڪافر جلد ڄاڻندا ته ڪنهن لاءِ آخرت جو گهر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ انهن ماڻهن به فريب ڪيو هيو جيڪي انهن کان اڳ هئا پوءِ انهن سڀني تدبيرن کي ٽوڙڻ الله جي اختيار ۾ آهي. اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي هر نفس ڪمائي رهيو آهي. ۽ ڪافر سگهو ئي ڄاڻندا ته آخرت جو گهر ڪنهن جي لاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَڪر ڪيائون مُورهين، جي مهند، تِنئان مَڪار، آهن مَڪر اُنهن جا، سڀ صاحب وَٽ سَتار، ڄاڻي سو هَر ڄَڻي. ڪيا جي ڪَم ڪار، ۽ سَمجِھي وِيندا سِگھڙٖي، جَن اَنڌن ڪيو اِنڪار، ته آهي، آخِرڪار، ماڳ موچارو ڪِنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کان اڳ به قومن اٽڪلون ڪيون آهن مگر سڀ ڪا اٽڪل الله جي هٿ ۾ آهي_ هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي خيال کي ڄاڻي ٿو ۽ ڪافرن کي جلدي پتو پوندو ته آخرت جو گهر ڪنهن لاءِ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن کان اڳ ۾ جيڪي ماڻهو ٿي گذريا آهن تن به ڏاڍيون اٽڪلون ڪيون، پر اصلي تدبير ته ساري جو ساري الله جي ئي هٿ ۾ آهي، اُهو ڄاڻي ٿو ته ڪير ڪهڙي ڪمائي پيو ڪري ۽ سگهوئي حق جا منڪر ڄاڻي وٺندا ته پڇاڙي ڪنهن جي ٿي چڱي ٿئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن کان جيڪي ماڻهو ٿي گذريا آهن اڳي، اهي به وڏيون چالون کيڏندا رهيا، پر اصل فيصلي واري چال الله وٽ آهي، اهو ڄاڻي ٿو ته ڪير ڪهڙي ڪمائي ڪري رهيو آهي ۽ ڄاڻندا سگهوئي حق جا منڪر ته پڇاڙي ڪنهن جي خير واري ٿي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھن کان اڳ گذري ويل ماڻهن به وڏيون سازشون ڪيون هيون پر اصل منصوبه بندي ته اللھ تعالى جي ھٿ ۾ آھي، ماڻهو جيڪو ڪجهه ڪري ٿو، ھن کي سڀ معلوم آھي، سو ڪافرن کي جَلد خبر پئجي ويندي ته سھڻو انجام ڪنھن جو ٿيندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَقولُ الَّذينَ كَفَروا لَستَ مُرسَلًا قُل كَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينى وَبَينَكُم وَمَن عِندَهُ عِلمُ الكِتٰبِ (آيت : 43) |
۽ ڪافر چوندا آھن ته تون پيغمبر نه آھين، (کين) چؤ ته منھنجي وچ ۾ ۽ اوھان جي وچ ۾ الله شاھد بس آھي ۽ اُھو (به) جنھن وٽ ڪتاب جو علم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) حق جا منڪر چون ٿيا ته تون خدا جو موڪليل نه آهين، تون چئه ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ خدا جي شاهدي بلڪل ڪافي آهي ۽ انهن جي شاهدي جن کي ڪتاب جو علم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ڪافر چون ٿا ته توهان الله جا رسول ناهيو، رسولِ عربي توهان فرمايو منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ الله بهترين گواه آهي (مطلب ته آئون سچو پيغمبر آهيان) ۽ انهن مؤمنن جي گواهي ڪافي آهي جن وٽ ڪتاب جو علم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي حبيب) ڪافر ماڻهو چون ٿا ته تون پيغمبر نه آهين ته تون (کين) چئو ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ (منهنجي رسول هئڻ بابت) شاهديءَ لاءِ خدا ۽ اهو شخص ڪافي آهي، جنهن وٽ (آسماني) ڪتاب جو علم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چون ٿا اهي جو ڪفر ڪيائون ته ناهين تون پيغمبر فرماء ته ڪافي آهي الله شاهد منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ۽ اهو جو ان وٽ ڪتاب جو علم آهي. . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافر چون ٿا ته تون ( الله جو) موڪليل نه آهين. (کين) چو ته منهنجي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ الله شاهد بس آهي ۽ (اهو به) جنهن وٽ ڪتاب جو علم آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن چيو ته: ”تون رسول ناهين“. چؤ ته: ”منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ الله شاهد ڪافي آهي ۽ اُهو شخص جنهن وٽ ڪتاب جو علم آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَهَن، جن ڪُفر ڪيو، ته تون نَه مُرسل مُور، چئو، مُون ۽ اَوهان جي وِچ ۾، گواه بَس غَفُور، ۽ پڻ جِنهِين وَٽ ضرور، آهي عِلم ڪِتاب جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منڪر چون ٿا ته تون رسول ناهين، چئو ته اوهان ۽ منهنجي وچ ۾ الله ڪافي آهي ۽ اهو ماڻهو به، جنهن وٽ (اڳ آيل) ڪتاب جو علم آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهي منڪر چون ٿا ته تون الله جو موڪليل نه آهين، چوين ته "منهنجي ۽ توهانجي وچ ۾ الله جي شاهدي ڪافي آهي ۽ پڻ ان شخص جي شاهدي جنهن کي (آسماني) ڪتاب جو علم آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي چون ٿا جن انڪار ڪيو آهي ته توهان الله جا موڪليل نه آهيو، چوين ته منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ الله جي شاهدي ڪافي آهي ۽ هر ان شخص جي شاهدي پڻ جيڪو علم رکي ٿو آسماني ڪتاب جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ايترو ڪجهه ٻڌائڻ کان پوءِ به) ڪافر چون ٿا ته تون پيغمبر نه آھين. انهن کي چؤ ته منھنجي ۽ توھان جي وچ ۾ اللھ تعالى جي شاھدي ڪافي آھي ۽ انهن جي به جن کي آسماني ڪتاب جو علم آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |