توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 1) |
الرٰ، ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الف- لام- را هي آيتون آهن روشن ۽ واضح ڪتاب جون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الٓرٰ ۔ هيءُ قرآن ڪريم جون صاف آيتون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الرا. هي ظاهر روشن ڪتاب جون آيتون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الف، لام، را هي آيتون ڪتاب روشن جون آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الر. اهي ظاهر ڪتاب جون آيتون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الف لام را. هي روشن ڪتاب جون آيتون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الٓــــرٰ کي، سَمجھٖي هِڪ سُبحان، هِي حُڪم پاڪ ڪتاب جا، جَن ۾ کُلِيل خُوب بَيان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الف_ لام_ را_ هي پڌري ڪتاب جون آيتون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﲺ (الف ـ لام ـ را) هي انهيءَ ڪتاب جون آيتون آهن، جيڪو پنهنجو مطلب کولي بيان ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ا-ل-ر هي آيتون آهن ان ڪتاب جون جيڪي پنهنجو مطلب صاف بيان ڪن ٿيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الف ـــ لام ـــ را ــ ھي آيتون واضح دليلن واري ڪتاب جون آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا أَنزَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 2) |
بيشڪ اسان اُن کي قُرآن عربي (ٻوليءَ وارو) ڪري نازل ڪيو ته مانَ اوھين سمجھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان هن قرآن کي عربي زبان ۾ نازل ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان چڱيءَ طرح سمجهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان قرآن ڪريم کي عربيءَ ۾ نازل فرمايو ان لاءِ ته توهان سمجھي سگھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان هن (ڪتاب) قرآن کي عربي زبان ۾ نازل ڪيو آهي ته جيئن اوهين سمجهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان نازل ڪيو ان کي قرآن عربي تانته اوهان سمجهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان عربي (زبان) ۾ قرآن لاٿو آهي مَنَ اوهين سمجهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان هن کي قرآن بنائي عربيءَ ۾ لاٿو آهي ته جيئن توهان سمجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُتاريو سون اُن کي، عَربِيءَ مَنجھ زِبان، تان ڀَلارو قُرآن، پَڙِهي مانَ پِرائيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان هن کي عربي قرآن ڪري لاٿو آهي، ته اوهين سمجهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان ان کي نازل ڪيو آهي قرآن بڻائي عربي زبان ۾، ته جيئن توهان (عرب وارا) ان کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان نازل ڪيو آهي ان کي قرآن بڻائي عربي زبان ۾ جيئن توهان (عرب) ان کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مڪي جا رھڻ وارو!) بيشڪ اسان ھن ڪتاب کي عربي ٻولي ۾ قرآن جي صورت ۾ نازل ڪيو آھي ته جيئن توھان (ان کي آسانيءَ سان) سمجهي سگهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نَحنُ نَقُصُّ عَلَيكَ أَحسَنَ القَصَصِ بِما أَوحَينا إِلَيكَ هٰذَا القُرءانَ وَإِن كُنتَ مِن قَبلِهِ لَمِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 3) |
(اي پيغمبر) اسين توڏانھن ھن قرآن ۾ پنھنجي وحي موڪلڻ سان ڏاڍو چڱو قصّو توکي پڙھي ٻڌايون ٿا، ۽ تون ھن کان اڳ بيشڪ بي خبرن مان ھئين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هن قرآن کي وحي طور موڪلڻ سان توکي اسان بهترين طريقي سان (گذريل) واقعا ۽ حالتون ٻڌايون ٿا ۽ يقيناً قرآن جي نازل ٿيڻ کان اڳي تون انهن ماڻهن منجهان هئين جيڪي (انهن احوالن کان) بي خبر هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسين توهان جي مٿان تمام سهڻو قصو بيان ڪريون ٿا، انهي سببان جو اسان توهان ڏانهن هن قرآن ڪريم کي وحي ڪيو آهي، ۽ هن کان اڳ توهان انهي کان بي خبر هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) اسين تو تي هي قرآن نازل ڪري تو سان هڪ تمام سٺو قصو بيان ڪريون ٿا، توڙي جو تون هن کان اڳ (هن قصي کان) صفا بيپرواھ هئين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اسين بيان ڪيون ٿا توتي قصن مان تمام سهڻي کي سببان ان جي جو وحي ڪيوسون توڏانهن هي قرآن جيتوڻيڪ هئين تون اڳي ان کان البته خبر نه رکندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر!) اسين توڏي هن قرآن جي موڪلڻ سان توکي تمام چڱو بيان ٻڌايون ٿا.۽ بيشڪ هن کان اڳ تون بي خبرن مان هئين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) اسان تو کي هڪ تمام سهڻو قصو ٻڌايون ٿا هن قرآن جي ذريعي جيڪو اسان تو ڏي وحي ڪيو آهي ۽ توڙي جو هن کان اڳ تون (هن واقعي کان) بي خبرن مان هئين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قِصّو، قِصّن ۾ سُهڻو، توسان ڪريون بيان، جِيئن ڪيوسون وَحِي توڏي، ڪامل! مَنجھ هِن قرآن، بي خَبرن ۾خان!، توڻي اَ ڳي هُئـِين اِن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن قرآن جي وحيءَ ڪري اسين توکي تمام سٺي خبر ٻڌايون ٿا، انهيءَ کان اڳ تون به اڻ واقف هئين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اسان هن قرآن کي توڏانهن وحي ڪري تمام سهڻي انداز ۾ واقعا ۽ حقيقتون توکي بيان ڪري ٻڌايون ٿا، نه ته ان کان اڳ ته تون (انهن ڳالهين کان) بلڪل ئي اڻڄاڻ هئين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) اسان سهڻي انداز ۾ بيان ڪريون ٿا واقعا ۽ حقيقتون تو ڏانهن وحي ڪري توکي ٻڌايون ٿا هن قرآن ۾، نه ته هن کان اڳ ۾ تون (انهن ڳالهين کان) بلڪل ئي بي خبر هئين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي ﷴ ﷺ ھاڻي) اسان توکي وحي جي ذريعي ھن قرآن جي بھترين قصن مان (ھڪ قصو) بيان ڪري ٻڌايون ٿا، ان کان پھريائين توهان کي (ان قصي جي باري ۾) ڪابه شيءِ معلوم نه ھئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ قالَ يوسُفُ لِأَبيهِ يٰأَبَتِ إِنّى رَأَيتُ أَحَدَ عَشَرَ كَوكَبًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ رَأَيتُهُم لى سٰجِدينَ (آيت : 4) |
(ياد ڪر) جڏھن يوسفؑ پنھنجي پيءُ کي چيو ته اي ابا مون يارھن تارا ۽ سج ۽ چنڊ ڏٺا انھن کي ڏٺم ته مون کي سجدو ٿا ڪن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ٻڌو ته) ڇا ٿيو جو حضرت يوسف پنهنجي پيءُ کي اچي چيو ته، اي منهنجا بابا! مون (خواب ۾) ڏٺو (ته) يارهن تارا آهن ۽ سج ۽ چنڊ به آهن ۽ ڏٺم ته اهي سڀ مون کي سجدو ڪري رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يعنى) جنهن وقت يوسف پنهنجي پيءُ (يعقوب) کي چيو ته اي منهنجا بابا بيشڪ آئون خواب ڏسان ٿو ته يارهن تارا ۽ سج ۽ چنڊ، ڏسان پيو ته اهي سمورا مون کي سجدو ڪري رهيا آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو ياد ڪريو) جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو اي بابا! مون ٻارنهن ستارن ۽ سج ۽ چند کي (خواب ۾) ڏٺو آهي ته اهي سڀ مون کي سجدو ڪري رهيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (ياد ڪر) جڏهن چيو يوسف واسطي پيءُ پنهنجي اي پيءُ منهنجا! بيشڪ مون ڏٺا يارهن تارا ۽ سج ۽ چنڊ ڏٺو مون انهن کي پنهنجي لاءِ سجدا ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن يوسف پنهنجي پيءَ کي چيو ته اي بابا! مون خواب ۾ يارهن تارن ۽ سج ۽ چنڊ کي ڏٺو آهي مون انهن کي پنهنجي سامهون سجدو ڪندي ڏٺو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ان وقت جي ڳالهه آهي) جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو: ”اي بابا مون (سپني) ۾ يارهن ستارا ۽ سج ۽ چنڊ ڏٺا آهن انهن کي ڏسان ٿو ته مون کي سجدو ڪندڙ آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن يوسف، بابسِ کي چيو، ته بابمِ! ڀَلارا، ته سُوٺمِ سِج ۽ چَنڊ کي، يارهن ٻِيا تارا، سَجدي ۾ سارا، مون لئي ڏِٺمِ مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ياد ڪر) جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي چيو، ”بابا! مون يارهن ستارا سج ۽ چنڊ کي ڏٺو ۽ کين پاڻ لاءِ سجدو ڪندي ڏٺو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها ان وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو ته "ابا! مون خواب لڌو آهي ته يارهن تارا ۽ سج ۽ چنڊ آهن ۽ اهي مونکي سجدو ڪري رهيا آهن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو ته، اي منهنجا پيءُ! بيشڪ مون هڪ خواب ڏٺو آهي ته يارهن تارا آهن ۽ سج ۽ چنڊ آهن اهي مون کي سجدو ڪري رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (قصو ھيئن آھي ته) جڏھن يوسف پنھنجي پيءُ کي چيو ته “بابا سائين! مون (خواب ۾) ڏٺو آھي ته يارنھن ستارا، سج ۽ چنڊ مون کي سجدو ڪري رھيا آھن.” (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ يٰبُنَىَّ لا تَقصُص رُءياكَ عَلىٰ إِخوَتِكَ فَيَكيدوا لَكَ كَيدًا إِنَّ الشَّيطٰنَ لِلإِنسٰنِ عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 5) |
(يعقوبؑ) چيو ته اي منھنجا پٽ پنھنجو خواب پنھنجن ڀائرن وٽ بيان نه ڪج نه ته تولاءِ ڪو ڦند ڦيريندا، بيشڪ شيطان انسان جو پڌرو ويري آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پيءُ) چيو ته اي منهنجا پٽ! پنهنجي هن خواب جو حال ڀائرن کي نه ٻڌائجانءِ. متان هو تنهنجي خلاف ڪنهن منصوبي جون تجويزون ٺاهڻ لڳن. ياد رک ته شيطان انسان جو کليو ۽ چٽو دشمن آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يعقوب چيو اي منهنجا پٽ (يوسف) تون اهو خواب پنهنجن ڀائرن کي نه ٻڌاءِ پوءِ اهي تنهنجي لاءِ ڪا رِٿ رِٿيندا، بيشڪ شيطان انسان لاءِ صاف دشمن آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يعقوب چيو اي پٽ! (خبردار) پنهنجو اهو خواب پنهنجن ڀائرن کي نه ٻڌائج! (نه ته) اهي تنهنجي لاءِ ڪا مڪاري رٿيندا. پڪ ڄاڻ ته شيطان انسان جو ظاهر دشمن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته اي پٽ منهنجا! نه بيان ڪر خواب پنهنجو ڀائرن پنهنجن تي پوءِ رٿيندا تنهنجي لاءِ رٿ بيشڪ شيطان واسطي انسان جي کليل دشمن آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (يعقوب) چيو ته اي منهنجا پٽڙا! پنهنجو خواب پنهنجن ڀائرن وٽ بيان نه ڪج نه ته توسان برائي ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪندا. بيشڪ شيطان انسان جو پڌرو دشمن آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”اي منهنجا ٻچڙا! پنهنجو اِهو خواب ڀائرن سان بيان نه ڪجانءِ نه ته توسان فريب ڪاري ڪندا. بيشڪ شيطان انسان جو چِٽو دشمن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پُٽمِ پَنهنجن ڀائن سان، کول نه تُنهنجو خواب، پوءِ رِٿِينِ رِٿ تولئي، ڪا خار وِچان خراب، اِبليس آدم باب، دُشمن ڌُران ئـِي پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”پٽڙا! تون پنهنجو خواب پنهنجن ڀائرن کي نه ٻڌائج، نه ته هو تولاءِ خاص رٿون رٿيندا، بيشڪ شيطان انسان جو پڌرو دشمن آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جواب ۾ پڻس چيس ته "پٽـڙا! پنهنجو اهو خواب پنهنجن ڀائرن کي نه ٻڌائجانءِ ، نه ته هو تنهنجي خلاف سٽون سٽيندا. حقيقت اها آهي ته شيطان انسان جو کليو کلايو دشمن آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جواب ۾ (سندس پيءُ) چيو: اي پٽڙا! نه ٻڌائجان اهو خواب پنهنجي ڀائرن کي، نه ته اهي توکي ستائڻ لاءِ پٺيان پئجي ويندا. حقيقت هيءَ آهي ته شيطان انسان جو دشمن آهي بلڪل ئي پڌرو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پيءُ) چيو ته: “منھنجا پٽڙا! اھو خواب تون پنھنجي ڀائرن کي نه ٻڌائجانءِ نه ته ھو تنھنجي خلاف سازش ڪندا (ڇوته) شيطان انسان جو پڌرو دشمن آھي. ”(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذٰلِكَ يَجتَبيكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَيُتِمُّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَعَلىٰ ءالِ يَعقوبَ كَما أَتَمَّها عَلىٰ أَبَوَيكَ مِن قَبلُ إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ إِنَّ رَبَّكَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 6) |
۽ اھري طرح تنھنجو پالڻھار توکي سڳورو ڪندو ۽ توکي خوابن جو تعبير سيکاريندو ۽ پنھنجي نعمت توتي ۽ يعقوبؑ جي اولاد تي اھڙي طرح پوري ڪندو جھڙي اڳ تنھنجي پيءُ ڏاڏي ابراھيمؑ ۽ اسحاقؑ تي پوري ڪيائين، بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي منهنجا پٽ! جهڙيءَ طرح تو ڏٺو آهي ته يارهن تارا ۽ سج ۽ چنڊ تنهنجي اڳيان جهڪيا آهن) تهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار توکي بزرگيءَ (۽ پيغمبريءَ) لاءِ چونڊيو آهي ۽ هيءَ ڳالهه سيکارڻ وارو آهي ته ڳالهين (۽ واقعن) جو نتيجو ۽ مطلب ڪهڙيءَ طرح ٺهرائجي ۽ معلوم ڪجي (يعني الله تعاليٰ توکي عقل ۽ حڪمت ڏيڻ وارو آهي) پڻ جهڙيءَ طرح هو (يعني الله تعاليٰ) هن کان اڳي تنهنجي وڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي پنهنجي نعمت پوري ڪري چڪو آهي. تهڙيءَ طرح توتي ۽ يعقوب جي گهراڻي تي به نعمت پوري ڪندو. بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهڙي طرح توهان کي توهان جي رب انتخاب فرمايو ۽ توهان کي خواب جي تعبير جو علم عطا ڪيو ۽ توهان تي پنهنجيون نعمتون پوريون ڪيون ۽ يعقوب جي اولاد تي، جيئنڪ هن کان اڳ توهان جي ڏاڏي، پڙ ڏاڏي ابراهيم ۽ اسحاق تي نعمتون ڪيون، بيشڪ توهان جو رب ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي (تو ڏٺو آهي) ائين ئي ٿيندو جو تنهنجو پالڻهار تو کي برگزيده ڪندو ۽ تو کي خوابن جي تعبير جو مطلب بيان ڪرڻ سيکاريندو ۽ جيئن هن کان اڳ تنهنجن ابن ڏاڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي پنهنجون نعمتون پوريون ڪري چڪو آهي اهڙي ريت تو تي ۽ يعقوب جي اولاد تي پنهنجون نعمتون پوريون ڪندو. بيشڪ تنهنجو پالڻهار وڏو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهڙي طرح برگزيدو بنائيندو توکي رب تنهنجو ۽ سيکاريندو توکي تعبير خوابن جو ۽ پوري ڪندو نعمت پنهنجي توتي ۽ يعقوب جي اولاد تي جيئن پورو ڪيائين ان کي پيءُ ڏاڏي تنهنجي تي اڳ ۾ ابراهيم ۽ اسحاق تي بيشڪ تنهنجو رب ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙيءَ طرح تنهنجو پاليندڙ توکي پسند ڪندو ۽ توکي ڳالهين جو مطلب بيان ڪرڻ سيکاريندو ۽ توتي ۽ يعقوب جي اولاد تي پنهنجي نعمت پوري ڪندو جيئن هن کان اڳ تنهنجن ابن ڏاڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي ان کي پورو ڪيائين. بيشڪ تنهنجو پاليندڙ (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح (ٿيندو جيئن تو خواب ڏٺو آهي) تنهنجو پالڻهار توکي چونڊيندو ۽ توکي ڳالهين جو مطلب (يعني خوابن جي تعبير جو علم) سيکاريندو ۽ تو تي ۽ يعقوب جي اولاد تي پنهنجي نعمت پوري ڪندو جيئن هن کان اڳ تنهنجي ٻنهين پيئرن (يعني ڏاڏي ۽ پڙ ڏاڏي) ابراهيم ۽ اسحاق تي ان کي پورو ڪيو هئائين. بيشڪ تنهنجو پالڻهار ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اِنپر پَرور تُنهنجو،ڀَلو ڪَندئـِي بِهتر، ۽ سيکارِيندئـِي سوڻن جون، ماهِيتون مِهتر! ۽ توتي پَنهنجون نِعمتون، پُوريون ڪندو پَرور، ۽ ڪيائين ڪُٽنب يَعقوب تي، پُورِيون جِھڙِي پر، اَ ڳي تُنهنجي ٻِن اَبن، اِبراهيم، اِسحاق سِر، سَمجھندڙ سَربَسر، ڏاهو تُنهنجو ڏيھ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙي طرح تنهنجو ڌڻي توکي خاص ٻانهو بڻائيندو، توکي خوابن جي تعبير جو به علم ڏيندو ۽ هو پنهنجي نعمتن کي توتي ۽ يعقوب جي خاندان تي پورو ڪندو، جيئن هن کان اڳ تنهنجي ڏاڏي ابراهيم ۽ اسحاق تي پوريون ڪيائين- بيشڪ تنهنجو رب وڏي علم ۽ ڏاهپ وارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ائين ئي ٿيندو (جيئن تو خواب ۾ ڏٺو آهي ته) تنهنجو رب توکي (پنهنجي ڪم لاءِ ) چونڊي وٺندو ۽ توکي ڳالهين جي تـَـههَ تائين پهچڻ جو علم ڏيندو ۽ توتي ۽ يعقوب جي اولاد تي پنهنجي نعمت اهڙيءَ طرح مڪمل ڪندو، جهڙيءَ ريت هن کان اڳ هو تنهنجي وڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي ڪري چڪو آهي، بيشڪ تنهنجو رب ڄاڻندڙ وڏو داناءُ آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ائين ئي ٿيندو (جيئن تو خواب ۾ ڏٺو آهي) ته تنهنجو رب توکي (پنهنجي ڪم لاءِ) چونڊيندو ۽ توکي ڳالهين جي تهن تائين پهچڻ سيکاريندو ۽ توتي پنهنجي نعمت ۽ يعقوب جي اولاد تي اهڙيءَ طرح پوري ڪندو جيئن هن کان اڳي تنهنجي وڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي ڪري چڪو آهي، بيشڪ تنهنجو رب ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (۽ مون کي لڳي ٿو ته) تنھنجو پالڻھار توکي (ڪنھن خاص مقصد لاءِ) چونڊيندو، توکي ڳالھين جي اصل حقيقت تائين پھچڻ جي صلاحيت عطا ڪندو، توتي ۽ يعقوب ($) جي اولاد تي پنھنجي نعمت پوري ڪندو، جيئن ھُن اڳ ۾ تنھنجي ابي ڏاڏي ابراھيم ۽ اسحاق (ؐ) تي مڪمل ڪئي ھئي. بيشڪ تنھنجو پالڻھار وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد كانَ فى يوسُفَ وَإِخوَتِهِ ءايٰتٌ لِلسّائِلينَ (آيت : 7) |
بيشڪ يُوسفؑ ۽ سندس ڀائرن (جي قصي) ۾ پڇندڙن لاءِ (گھڻيون) نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو (سچيون حقيقتون) پڇندڙ هجن (۽ سمجهه رکندڙ هجن) تن جي لاءِ حضرت يوسف ۽ سندس ڀائرن جي معاملي ۾ (نصيحت ۽ عبرت جون) وڏيون نشانيون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ (حضرت) يوسف ۽ سندس ڀائرن جي قصي ۾ سوال ڪندڙن لاءِ نشانيون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) يوسف ۽ سندس ڀائرن جي قصي ۾ پڇڻ واري (يهودا) لاءِ (تنهنجي نبوت جون) پڪ ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق يوسف ۽ ان جي ڀائرن ۾ نشانيون هيون پڇندڙن لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ يوسف ۽ سندس ڀائرن (جي بيان) ۾ پڇڻ وارن لاءِ نشانيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ يوسف ۽ ان جي ڀائرن (جي قصي) ۾ پڇڻ وارن لاءِ نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يُوسُف ۽ سَندسِ ڀائرن ۾، نِشانِي نِروار، پَڌرِي پُڇندڙن لئي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ يوسف ۽ سندس ڀائرن ۾ پڇندڙن لاءِ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ يوسف ۽ سندس ڀائرن جي قصي ۾ انهن پڇندڙن لاءِ وڏيون نشانيون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت هيءَ آهي ته يوسف ۽ سندس ڀائرن جي قصي ۾ نشانيون آهن پڇڻ وارن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ يوسف ۽ ڀائرن جي واقعي ۾ سوال پڇڻ وارن لاءِ وڏيون نشانيون آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ قالوا لَيوسُفُ وَأَخوهُ أَحَبُّ إِلىٰ أَبينا مِنّا وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنَّ أَبانا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 8) |
جڏھن (پاڻ ۾) چيائون ته بيشڪ يُوسفؑ ۽ سندس (سڳو) ڀاءُ (بن يامين) اسان جي پيءُ وٽ اسان کان ڏاڍا پيارا آھن جيتوڻيڪ اسين (گھڻا ڄڻا) ڏاڍي ٽولي آھيون، بيشڪ اسان جو پيءُ پڌري ڀُل ۾ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هيئن ٿيو جو (يوسف جا ويڳا ڀائر پاڻ ۾) چوڻ لڳا ته اسان جي پيءُ کي يوسف ۽ سندس ڀاءٌ (بن يامين) اسان سڀني کان گهڻو وڌيڪ پيارا آهن. حالانڪ اسان هڪ پوري جماعت آهيون. (يعني اسان جو تعداد وڏو آهي.) يقيناً اسان جو پيءُ صريح غلطيءَ تي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن انهن چيو ته يوسف ۽ سندس ڀاءُ اسان جي پيءُ کي اسان کان وڌيڪ پيارا آهن، حلانڪ اسين گھڻا آهيون، بيشڪ اسان جو والد گھڻي محبت ۾ گرفتار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن (يوسف جي ڀائرن) چيو ته جيتوڻيڪ اسين گهنار آهيون تڏهن به يوسف ۽ سندس سڳو ڀاءُ (بنيامين) اسانجي پيءُ وٽ تمام گهڻو پيارو آهي. تحقيق اسان جو بابو ظاهر غلطي تي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن چيائون ته البته يوسف ۽ انجو ڀاءُ وڌيڪ پيارا آهن پيءُ اسان جي وٽ اسان کان حالانڪ اسين مضبوط جماعت آهيون بيشڪ پيءُ اسانجو البته کليل گهڻي محبت ۾ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن انهن چيو ته يوسف ۽ سندس ڀاءُ اسان جي پيءُ وٽ اسان کان زياده پيارا آهن هوڏانهن اسين زبردست جماعت آهيون. بيشڪ اسان جو پيءُ پڌري گمراهيءَ ۾ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (قصي جي شروعات هيئن آهي جو) جڏهن (ڀائرن پاڻ ۾) چيو ته: ”واقعي يوسف ۽ ان جو ڀاءُ اسان جي پيءُ کي اسان کان وڌيڪ پيارا آهن حالانڪه اسان (ڏهه ڄڻا) طاقتور جماعت آهيون. بيشڪ اسان جو پيءُ پڌري ڀُل ۾ (يعني گهڻي محبت ۾ گم) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَراڻيئون جِنهن وار، ته يُوسف ۽ ڀاءُ اُن جو، پَنهنجي پِيء سڳوري پار، ٻَئـِي پِيارا پاڻ کان، ۽ طاقت اَسين تڪرار، آهي بي اِختِيار، پَنهنجي پِيء، پَڌرِيءَ ڀُل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن (سندس ڀائرن) چيو ته ”يوسف ۽ ڀاڻس بابي کي وڌيڪ پيارا آهن، جيتوڻيڪ اسين زبردست ٽولو آهيون، بيشڪ بابو صفا غلطيءَ ۾ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو قصو هيئن آهي ته سندس ڀائرن پاڻ ۾ چيو ته "يوسف ۽ ڀاڻس ٻئي اسان جي پيءُ کي اسان کان وڌيڪ پيارا آهن، حالانڪه اسان ته هڪڙو سڄو جٿو آهيون، سچي ڳالهه اها آهي ته ابو بلڪل ڀٽڪي ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (قصو هينئن آهي ته) جڏهن سندس ڀائرن چيو ته يوسف ۽ سندس ڀاءُ ٻئي ڏاڍا پيارا آهن ابي کي اسان سڀني کان، ۽ جڏهن ته اسان هڪ ٽولو آهيون. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته بابو ٿڙي ويو آهي سنئين راهه کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھڪ ڏينھن ڀائرن پاڻ ۾ صلاح ڪندي چيو ته: يوسف ۽ سندس ڀاءُ (بن يامين) کي اسان جو پيءُ پاڻ کان وڌيڪ ڀانئين ٿو، حالانڪ اسان ھڪ مضبوط ٽولو آھيون، (جيڪو والد صاحب جي هر وقت خدمت ۾ مصروف هوندو آهي) . بيشڪ اسان جو پيءُ ظاھر ظھور وڏي غلطي تي آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اقتُلوا يوسُفَ أَوِ اطرَحوهُ أَرضًا يَخلُ لَكُم وَجهُ أَبيكُم وَتَكونوا مِن بَعدِهِ قَومًا صٰلِحينَ (آيت : 9) |
(ھاڻي گھرجي ته) يُوسفؑ کي ڪُھو يا کيس ڪنھن ملڪ ۾ ڦٽي ڪري اچو ته اوھان جي پيءُ جي مھاڙ اوھان لاءِ نرالي ٿئي ۽ اُن (ڪم) کان پوءِ اوھين سڌريل ٿجو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (چڱي ڳالهه هيءَ آهي ته) يوسف کي ماري ڇڏيون يا ڪنهن جاءِ ۾ (ڪاڏي به) اڇلائي ڇڏيون. ته پوءِ اسان جي پيءُ جو توجهه (ڌيان ۽ پيار) رڳو اسان جي طرف رهي ۽ هن (يوسف) جي نڪري وڃڻ بعد اسان جا سڀ ڪم سنوارجي وڃن (يا اسان ان گناهه بعد صالح ٿيون ۽ اڳتي اهڙا ڪم نه ڪيون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان (سڀئي گڏجي) يوسف کي قتل ڪريو يا اهڙي زمين ۾ يوسف کي اُڇلايو جو توهان جي والد جو توجه توهان ڏانهن ٿي پوي ۽ توهان انهي کان پوءِ الله کان پنهنجي گناه جي معافي وٺي ڇڏجو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (خير) ته هاڻي مناسب هئين آهي ته يا ته يوسف کي ماري ڇڏيو يا (گهٽ ۾ گهٽ) کيس ڪنهن هنڌ (هلي) اڇلي اچو ته پوءِ توهان جي والد جو پيار اوهان ڏي ٿيندو، ۽ تنهن کان (نيٺ) اوهين سڀئي (بابي جي توجه سان) چڱا مڙس ٿي ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قتل ڪيو يوسف کي يا اڇلايو ان کي (پرانهين) زمين ۾ ته خالي ٿئي اوهان لاءِ منهن (مبارڪ) اوهان جي پيءُ جو ۽ ٿجو ان کان پوءِ (توبہ ڪري) قوم صالح.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يوسف کي قتل ڪريو يا کيس ڪنهن زمين ۾ اڇلايو ته اوهان جي پيءُ جو منهن رڳو اوهان ڏي ئي ٿئي ۽ اوهين ان کان پوءِ سڌريل ماڻهو ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يوسف کي قتل ڪيو يا ڪنهن (نامعلوم) زمين ۾ ڦٽي ڪري اچو ته توهان جي پيءُ جو توجهه توهان ڏانهن ئي ٿئي ۽ ان کان پوءِ اوهان صالحن جي جماعت ٿي وڃجو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قَتل ڪريو يُوسُف کي، يا سَٽيوسِ سُڃ اَندر، ته مُورهِين ٿئي مُنهن پان ڏي، پَنهنجي پاڪ پِڌر، ۽ سُڌريل قوم سَڌر ، تِنهن پُڄاڻا، پاڻ ٿِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يوسف کي ماريو، يا ڪٿي اڇلايوس، ته بابي جو ڌيان اوهان ڏانهن ٿيندو ۽ پوءِ اوهان جا سڀ ڪم بڻجي ويندا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يوسف کي قتل ڪريو يا ڪٿي اڇلائي اچوس، تان ته توهانجي پيءُ جو رخ پوءِ فقط توهان ڏانهن ٿي پوي، ائين ڪري پوءِ کڻي نيڪ ٿي رهجو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قتل ڪيون يوسف کي يا کيس ڪٿي ڦٽو ڪريون جيئن بابي جو توجهه توهان ڏي وري ٿي وڃي، ۽ اهو ڪم ڪرڻ کان پوءِ وري (اڳي وانگر) سٺا ٿي رهون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان جو حل ھي آھي ته) يوسف کي ئي قتل ڪري ڇڏيو يا کيس ڪٿي وڃي اڇلائي اچو ته جيئن توھان جي ابي جي توجھه توھان ڏي ئي رھي، ان کي رستي تان ھٽائڻ کان پوءِ ئي توھان جي حالت بهتر ٿي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ قائِلٌ مِنهُم لا تَقتُلوا يوسُفَ وَأَلقوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ يَلتَقِطهُ بَعضُ السَّيّارَةِ إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 10) |
منجھائن (ھڪ) چوندڙ چيو ته يُوسف کي نه ماريو ۽ جيڪڏھن (ڪي) ڪندڙ آھيو ته کوھ جي تري ۾ (کڻي) اُڇلايوس ته ڪو واٽھڙو کيس ڪڍي ويندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن مان هڪڙي چوندڙ چيو ته، يوسف کي قتل نه ڪيو. جيڪڏهن اوهان کي ڪجهه ڪرڻو آهي ته ڪنهن اونهي کوهه جي تري ۾ کيس ڦٽو ڪيو. (واٽ ويندڙ قافلن مان) ڪوئي قافلو (ان وٽان لنگهندو ۽) کيس ڪڍي وٺندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن مان هڪڙي چيو ته توهان يوسف کي قتل نه ڪريو بلڪ ان کي ڪنهن اونداهي کوه ۾ اڇلايو ته ڪو مسافر ان کي کڻي وڃي جيڪڏهن توهان ايئن ڪرڻ چاهيو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هنن مان هڪ چوڻ واري چيو ته يوسف کي قتل ته نه ڪريو باقي جيڪڏهن اوهان کي ائين ئي ڪرڻو آهي ته کيس ڪنهن ٻٽي کوھ ۾ اڇليو. ڪوئي مسافر کيس ڪڍي ويندو (۽ اوهان جو مطلب حاصل ٿي ويندو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو هڪ چوندڙ انهن مان ته نه قتل ڪيو يوسف کي ۽ اڇلايو ان کي اونداهين کوھ ۾ ته وٺي ويندو ان کي ڪو واٽ ويندڙن مان جيڪڏهن آهيو ڪندڙ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن مان هڪ ڳالهائيندڙ چيو ته يوسف کي قتل نه ڪريو ۽ کيس کوهه جي تري ۾ اڇليو ته ان کي ڪي مسافر کڻي وڃن جيڪڏهن اوهين (ڪجهه) ڪرڻ وارا آهيو (ته ائين ڪريو). (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن مان هڪ چوندڙ چيو ته: ”يوسف کي قتل نه ڪيو ۽ ان کي ڪنهن اونداهي کوهه جي تري ۾ اڇلايو ته کيس ڪو (ايندڙ ويندڙ) قافلو کڻي ويندو. اگر اوهان ڪجهه ڪرڻ وارا آهيو“. (ته ائين ڪيو).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِنهن چَوندڙ چيو اُنهن مان، ته يُوسُف نه ماريو مُور، ۽ اُڇليوسِ اُونداهٖي کوه ۾، جي ڪَرڻو اَٿان ڪَلُور، ته زِنده مانَ ضرور، ڪڍيسِ، ڪو قافلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن مان هڪ چيو ته، ”جيڪڏهن اوهان کي اهو ڪم ڪرڻو آهي ته يوسف کي ماريو نه، بلڪه ڪنهن اونداهي کوهه ۾ وجهوس، ته ڪو واٽهڙو کڻي وڃيس.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان تي منجهانئن هڪڙي چيو ته "يوسف کي قتل نه ڪريو، جيڪڏهن ڪجهه ڪرڻو اٿوَ ته ان کي ڦٽل کوهه جي تري ۾ اڇليو ته ڪو ايندڙ ويندڙ قافلو ڪڍي کڻي ويندو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن مان هڪ چيو (ٻين کي قائل ڪيو) ته نه ڪريو قتل يوسف کي، اگر ڪجهه ڪرڻو اٿوَ ته پوءِ کيس ڦٽو ڪريو ڪنهن ڦٽل کوهه ۾، ڪو ايندڙ ويندڙ قافلو کيس اتان ڪڍي پاڻ سان وٺي ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) صلاح ڏيندڙن مان ھڪ چيو ته جيڪڏھن توھان کي (يوسف مان) جان ئي ڇڏائڻي آھي ته پوءِ کيس قتل نه ڪريو، بلڪ ان کي کوهه ۾ اڇلائي اچو ته جيئن ڪو اچڻ وارو قافلو ان کي ڪڍي کڻي وڃيس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا يٰأَبانا ما لَكَ لا تَأمَ۫نّا عَلىٰ يوسُفَ وَإِنّا لَهُ لَنٰصِحونَ (آيت : 11) |
(يعقوبؑ کي) چيائون ته اي بابا توکي ڇا ٿيو آھي يُوسفؑ جي نسبت ۾ توکي اسان تي ھن ھوندي به ڪو ڀروسو نٿو ٿئي جو اسين سندس خيرخواہ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اها صلاح ڪري سڀ گڏجي پيءُ وٽ ويا ۽) چيائون ته اي اسان جا بابا! ڇو توهان يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نٿا ڪيو؟ (۽ ڪاڏي به اسان سان گڏجي هلڻ نٿا ڏيو) حالانڪه اسان ته دل و جان سان سندس خير خواهه آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڀائرن چيو اي اسان جا والد تون يوسف جي باري ۾ اسان تي ڇو نٿو ڀروسو ڪرين، ۽ بيشڪ اسين سندس خيرخواه آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سڀني (يعقوب کي) چيو اي بابا! نيٺ ان جو ڇا سبب آهي جو اوهين يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نه ٿا ڪريو؟ هوڏانهن اسين ته سندس سڄڻ آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته اي اسان جا پيءُ ڇا (ٿيو) آهي توکي جو نه ٿو ڀروسو ڪرين اسان تي يوسف جي باري ۾ ۽ بيشڪ اسين انجي لاءِ البته خير خواهه آهيون.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته اي اسان جا پيءُ! توکي ڇا ٿيو آهي جو تون يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نه ٿو ڪرين ۽ اسين سندس خيرخواهه آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اي اسان جا پيءُ تو کي ڇا ٿيو آهي؟ جو تون يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نه ٿو ڪرين حالانڪه پڪ سان اسان سندس خير خواه آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، باب! اسان تي ڀَروسو، ڇوڪرِين نَه يُوسُف ڪاڻ، ۽ اَسِين گَھڻگُھرا اُن جا، پُورا آهيون پاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تڏهن وڃي چيائون ”بابا! ڇو تون اسان تي يوسف بابت اعتبار نٿو ڪري؟ اسين ته ان جا خيرخواهه آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها رٿ رٿي انهن وڃي پنهنجي پيءُ کي چيو ته "ابا! ڇو ڀلا تون يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نه ٿو ڪرين، حالانڪه اسان ته سندس سچا خير خواهه آهيون؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهيءَ رٿ تي انهن پيءُ کي چيو، بابا سائين! ائين ڇو آهي جو تون اسان تي يوسف جي باري ۾ ڀروسو نٿو ڪرين؟ بيشڪ اسين ته خيرخواهه آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (صلاح ڪرڻ کان پوءِ سڀ گڏجي پيءُ وٽ آيا ۽) چيائون ته: بابا سائين! توھان يوسف جي باري ۾ اسان تي ڇو ڀروسو نٿا ڪريو؟ اسان ته ان جا خيرخواهه آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَرسِلهُ مَعَنا غَدًا يَرتَع وَيَلعَب وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 12) |
سڀاڻي اسان سان کيس موڪل ته کائي ۽ کيڏي ۽ اسين سندس نگھبان آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سڀاڻي کيس اسان سان گڏ (ٻيلي ۾) وڃڻ ڏيو ته کائي پيئي مزا ماڻي ۽ راند روند ڪري. اسان سندس حفاظت جو ذمو ٿا کڻون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سڀاڻي ان کي اسان سان ڇڏ ته ميوا کائي ۽ راند ڪري ۽ بيشڪ اسين سندس محافظ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين سڀاڻي کيس اسان سان ڇڏيو ته (جهنگ) جا ميوا خوب کائي ۽ کيڏي ۽ اسين سندس نگهبان آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) موڪل تون انکي اسان سان گڏ صبحاڻي ته (ميوا) کائي ۽ راند ڪري ۽ بيشڪ اسين ان جي لاءِ البته حفاظت ڪندڙ آهيون.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڀاڻ کيس اسان سان گڏ موڪل ته خوب کائي ۽ کيڏي ۽ اسين ان جا نگهبان آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سڀاڻي ان کي اسان سان گڏ موڪل ته خوب کائي ۽ کيڏي ۽ بيشڪ اسان سندس حفاظت ڪرڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇَڏِينسِ ته کيلي ۽ خُوشيون ڪري، صُباح اَسان ساڻ، ۽ پَهريدار پاڻ، اَسِين آهيون اُن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون ان کي سڀاڻي اسان ساڻ موڪل ته هو کائي ۽ کيڏي_ اسين ان جي پوري سنڀال رکنداسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سڀاڻي اسان سان موڪل ڏينس ته ڪجهه کائيندو پيئندو به ۽ کيڏي ڪڏي به وٺندو، اسان سندس حفاظت لاءِ موجود آهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان کي موڪل ڏي ته سڀاڻي اسان سان گڏ هلي ۽ ڪجهه کائي پيئي ۽ راند روند ڪري، اسين سندس محافظ آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سڀاڻي کيس موڪل ڏجو ته اسان سان گڏ ھلي کائي ۽ کيڏي. بيشڪ اسان سندس حفاظت لاءِ ڪافي آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ إِنّى لَيَحزُنُنى أَن تَذهَبوا بِهِ وَأَخافُ أَن يَأكُلَهُ الذِّئبُ وَأَنتُم عَنهُ غٰفِلونَ (آيت : 13) |
(يعقوبؑ) چيو ته اوھان جو کيس نئَڻ مون کي ضرور مونجھو ٿو ڪري ۽ ڊڄان ٿو ته (متان) کيس بگھڙ کائي ۽ کانئس اوھين بي خبر ھجو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پيءُ) چيو ته هيءَ ڳالهه مون کي غم ۾ ٿي وجهي ته توهان کيس پاڻ سان وٺي وڃو ۽ مان ڊڄان ٿو ته متان هيئن ٿئي جو کيس بگهڙ ماري کائي ۽ اوهان هن کان غافل رهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يعقوب چيو توهان ان کي وٺي ويندا ته مون کي (سندس جدائيءَ جي ڪري) دلي ڏک پهچندو ۽ مون کي انديشو آهي ته متان ان کي بگھڙ کائي وڃي ۽ توهان ان کان بي خبر هجو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يعقوب چيو ته اوهان جو ان کي وٺي وڄڻ مون کي (ڏاڍو) ڏکيو ٿو لڳي ۽ آءُ ڊڄان ٿو ته متان کيس بگهڙ کائي ۽ اوهين ان کان بي خبر هجو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته بيشڪ مان البته ڏکوئي ٿي مون کي هيءَ ڳالهه ته وٺي وڃو اوهان ان کي ۽ ڊڄان ٿو هن کان ته کائي ان کي بگهڙ ۽ اوهان ان کان غافل هجو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يعقوب چيو ته اوهان جو ان کي وٺي وڃڻ مون کي ڏکيو ٿو لڳي ۽ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان کيس بگهڙ کائي ۽ اوهين ان کان بي خبر هجو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”مون کي اِها ڳالهه غمناڪ بنائي ٿي ته اوهان ان کي وٺي وڃو ۽ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان ان کي بگهڙ کائي وڃي ۽ اوهان ان کان بي خبر هجو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڳارٖيمِ اِهاڳالھ، ته مُون کان نِيوسِ، نال اوهان، ۽ بَگھڙ کائيسِ بَر۾، اِي آهٖيمِ خوف خيال، ۽ هُجو اَوهِين جِنهن حال، اَوَس اُن کان ويسلا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هن جو وٺي وڃڻ مون کي غم ۾ وجهندو، جو مون کي ڊپ آهي، هن کي ڪو بگهڙ نه کائي وڃي ۽ اوهان ان کان بي خبر هجو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پيءُ چيو: "توهانجو ان کي وٺي وڃڻ منهنجي دل کي جهوري ٿو وجهي ۽ مونکي ڀؤ ٿو ٿئي ته متان بگهڙ نه کائي وڃيس ۽ ان مهل توهان جو ان ڏي ڌيان نه هجي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پيءُ چيو، بيشڪ مون کي ڏاڍو ڏکيو ٿو ٿئي توهان جو ان کي وٺي وڃڻ، ڊڄان ٿو آئون ته متان ان کي بگهڙ کائي نه وڃي، ۽ جنهن وقت ان کان توهان غافل هجو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پيءُ) چيو ته يوسف جو مون کان پري رھڻ منھنجي لاءِ ڏکيو آھي ۽ مان ڊڄان ٿو ته متان (راند ڪندي) توھان غفلت جو مظاھرو ڪريو ۽ کيس بگهڙ اچي کائي وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا لَئِن أَكَلَهُ الذِّئبُ وَنَحنُ عُصبَةٌ إِنّا إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 14) |
چيائون ته اسان جي (گھڻن ڄڻن جي) ڏاڍي ٽولي ھوندي به جيڪڏھن کيس بگھڙ کاڌو ته اسين انھيءَ مھل ضرور ٽوٽي وارا ھونداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن چيو ته، ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو بگهڙ کيس کائي وڃي، ۽ اسان جي هڪ وڏي ٽولي موجود هجي. جيڪڏهن ائين ٿئي ته پوءِ اسان ته نڪما ۽ بيڪار ثابت ٿينداسين. (يا نقصان هيٺ اينداسين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو ته اسان گھڻا آهيون اُن هوندي به جيڪڏهن يوسف کي بگھڙ کاڌو ته اسين بيشڪ ان وقت نقصان وارا آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي چوڻ لڳا ته جڏهين اسين پاڻ ۾ گهڻا (به) آهيون (پوءِ به) جيڪڏهن کيس بگهڙ کاڌو ته (پوءِ) پڪ اسين (نڪما) گهاٽي کڻڻ وارا ٿينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڀ چوڻ لڳا ته البته جيڪڏهن کاڌو ان کي بگهڙ حالانڪ اسين (مضبوط) جماعت آهيون بيشڪ اسين ان وقت البته نقصان وارا آهيون.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته جيڪڏهن ان کي بگهڙ کاڌو هوڏانهن اسين (زبردست) جماعت آهيون ته اسين ان وقت نقصان وارا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”جيڪڏهن ان کي بگهڙ کائي ۽ اسان مضبوط جماعت به (موجود) هجون ته بيشڪ اسان ان وقت نقصان وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، بَگھڙ کائـِيندسِ ڪِيئَن ڀَلا!، اَسين جُنگ جَماعت گڏ، ۽ آهِيون هِيڻان هَڏ، اَسين اِهڙي حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”جي اسان جي زبردست ٽوليءَ هوندي بگهڙ کائي وڃيس ته، پوءِ اسين ڪجهه به نه آهيون!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جواب ڏنو: "جيڪڏهن اسانجي هوندي کيس بگهڙ کاڌو، جڏهن جو اسان چڱو جٿو آهيون ته پوءِ ته اسان ڪنهن ڪم جا نه ٿياسون"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جواب ڏنو، جي اسان جي هوندي کيس بگهڙ کائي ويو جڏهن ته اسين هڪ چڱو ٽولو آهيون، ته اسان وڏا بيڪار هونداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن چيو ته: (بابا سائين!) اسان جي ھيترن طاقتور ماڻهن ھوندي به جيڪڏھن کيس بگهڙ کائي وڃي ته پوءِ اسان واقعي نڪما ئي رھياسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا ذَهَبوا بِهِ وَأَجمَعوا أَن يَجعَلوهُ فى غَيٰبَتِ الجُبِّ وَأَوحَينا إِلَيهِ لَتُنَبِّئَنَّهُم بِأَمرِهِم هٰذا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 15) |
پوءِ جنھن مھل کيس نيائون (ته) اُن کي کوھ جي تري ۾ اڇلڻ جي پڪ ڪيائون، ۽ ڏانھس وحي ڪيوسون ته سندن ھن واقعي جي کين ضرور سڌ ڏيندين ۽ اُھي (توکي) نه ڄاڻندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن اهي ماڻهو (پيءُ کان موڪل وٺي) يوسف کي پاڻ سان وٺي ويا ۽ سڀني هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته کيس کوهه جي تري ۾ وڌو وڃي (۽ ائين ڪري گذريا) تڏهن اسان (يعني الله تعاليٰ) يوسف کي وحي موڪليو ته (نااميد نه ٿيءُ) هڪڙو ڏينهن ضرور اچڻو آهي جڏهن تون سندن هي معاملو کين ٻڌائيندين، ۽ هو نٿا ڄاڻن (ته آخر ڇا ٿيڻو آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن ڀائر يوسف کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا ۽ يوسف کي اونداهي واري کوهه ۾ وجھڻ جو پڪو ارادو ڪيائون، ۽ اسان (فوراً) يوسف ڏانهن وحي موڪلي ته (اهو وقت ايندو جو) تون انهن کي سندن انهي ڪم کان واقف ڪندين ۽ اهي نه ڄاڻندا هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نيٺ يوسف کي جڏهن اهي وٺي ويا ۽ هن ڳالھ تي ٻڌي ڪيائون ته کيس انڌي کوھ ۾ اڇليون ۽ (نيٺ انهن ائين ڪيو) ته اسان يوسف کي وحي ڪيو ته (نه ڊڄ) اسين جلد تو کي وڏي رتبي تي رسائينداسون، (۽ تون) کين ان ڪم (خراب بابت) ٽوڪيندين جڏهن انهن کي ان طرف ڌيان به نه هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن وٺي ويا انکي ۽ متفق ٿي فيصلو ڪيائون ته وجهن ان کي اونداهين کوھ جي ۾ ۽ وحي موڪليون سون ان ڏانهن ته البته ضرور خبر ڏيندين تون انهن کي هن معاملي جي ۽ اهي نه سمجهندا هوندا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ان کي وٺي ويا ۽ ان کي کوهه جي تري ۾ (ڦٽو) ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيائون ۽ اسان ان ڏي وحي ڪئي ته تون انهن کي سندن هن ڪم جي خبر ڏيندين ۽ اهي (توکي ان وقت) نه سڃاڻي سگهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن کيس وٺي ويا ۽ متفق ٿيا ته ان کي اونداهي کوهه جي تري ۾ اڇلائن. ۽ اسان ان ڏانهن وحي ڪئي ته (هڪ وقت ايندو جو) تون انهن کي سندن هن ڪم جي خبر ڏيندين ۽ اُهي ان (ڪم جي نتيجن )کي نه ٿا ڄاڻن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن نِيائونسِ نال، مِڙٖيئـِي مِڙياهِن ڳالھ تي، ته اُڇلِينَس اُونداهٖي کُوھ ۾، پوءِ چَيوسونسِ اِنهيءَ چال، ته سِگھو سُڻائـِيندِين تن کي، اِهو اُنهن جو اَحوال، توکي جِنهِين حال، صَحِي سُڃاڻن ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن ان کي وٺي ويا ۽ يڪراءِ ٿيا ته کيس ڪنهن اونداهي کوهه ۾ وجهن ته اسان کيس وحي موڪليو ته، ”تون انهن کي ان ڳالهه جي خبر ڏيندين ۽ هو توکي نه سڃاڻندا هوندا!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ائين جڏهن هو کيس وٺي ويا ۽ سڀني گڏجي طيءِ ڪيو ته کيس ڦٽل کوهه جي تري ۾ ڦٽو ڪن، ته وري اسان يوسف ڏي وحي ڪيو ته "ڪو وقت ايندو، جڏهن تون انهن کي اها حرڪت ڄاڻائيندين، اهي پنهنجي ڪم جي نتيجي کان بي خبر آهن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙيءَ طرح زور ڀري جڏهن هو ان کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا ته انهن طئي ڪيو ته کيس هڪ ڦٽل کوهه ۾ وجهن، ته اسان وحي ڪيو (يوسف کي) ته ڪو وقت ايندو جڏهن انهن تي سندن اها حرڪت تون کوليندين، ۽ هي پنهنجي فعل کان اڻڄاڻ آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اجازت ملڻ کان) پوءِ جڏھن ھو کيس وٺي ويا ته سڀني گڏجي فيصلو ڪيو ته کيس کوهه ۾ اڇلايون (پوءِ بي ديدا ٿي هنن کيس واقعي اڇلائي ڇڏيو) پر اسان يوسف کي وحي ڪئي ته (پرواهه نه ڪر) ھڪ وقت ايندو جو تون انهن سڀني کي ان واقعي جو تفصيل ٻڌائيندين، (ھن وقت) ھو پنھنجي ڪيل ڪم جي نتيجي کان بي خبر آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجاءو أَباهُم عِشاءً يَبكونَ (آيت : 16) |
۽ پنھنجي پيءُ وٽ رات جو روئيندا آيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو پنهنجي پيءُ وٽ شام جو رئندا پٽيندا آيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رات جي وقت اِهي پنهنجي پيءُ وٽ روئيندي آيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي پنهنجي پيءُ وٽ رات جو (مڪر ڪري) رئيندا پٽيندا آيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آيا پيءُ پنهنجي وٽ رات جو سومهاڻيءَ وقت روئن پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي پنهنجي پيءُ وٽ رات جو روئندا آيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي پيءُ وٽ رات جو (ڪوڙ جو) روئندا آيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَندنِ اَبي وَٽ آيا، سُور رُوئيندي شام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو شام جو پنهنجي پيءُ وٽ روئندا آيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رات جو هو روئندا پنهنجي پيءُ وٽ آيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي آيا پنهنجي پيءُ وٽ سانجهيءَ جو روئيندا پٽيندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ رات جو پنھنجي پيءُ وٽ روئيندا پٽيندا آيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا يٰأَبانا إِنّا ذَهَبنا نَستَبِقُ وَتَرَكنا يوسُفَ عِندَ مَتٰعِنا فَأَكَلَهُ الذِّئبُ وَما أَنتَ بِمُؤمِنٍ لَنا وَلَو كُنّا صٰدِقينَ (آيت : 17) |
چيائون ته اي بابا اسين ڊڪون پورائڻ وياسون ۽ يُوسف کي پنھنجي وسلن تي ڇڏيوسون پوءِ اُن کي بگھڙ کاڌو ۽ توڻي اسين سچا آھيون ته به تون اسان کي وسھندڙ نه ٿيندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) چيائون ته، اي اسان جا بابا! اسان هڪ ٻئي سان ڊوڙون پڄائڻ ۾ لڳي وياسين، ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسين، پوءِ هيئن ٿيو جو هڪڙو بگهڙ اچي نڪتو ۽ يوسف کي (ماري) کائي ويو. (اسان ڄاڻون ٿا ته) توهان اسان جي ڳالهه تي يقين نه ڪندؤ اگرچه اسان ڪيترو به سچا هجون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو اي بابا اسان جا، بيشڪ اسين ڊوڙي اڳتي نڪري وياسين ۽ يوسف کي اسان پنهنجي سامان وٽ ڇڏي وياسين پوءِ اُن کي بگھڙ کائي ويو، ۽ توهان ڪڏهن به اسان تي يقين نه ڪندا جيتوڻيڪ اسين سچا هجون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چوڻ لڳا اي بابا! اسين ته گڏجي ڊوڙ پورائڻ لڳاسون ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسين ايتري ۾ بگهڙ اچي کيس کاڌو ۽ اسين اگرچه سچا به هجون پر اوهان کي اسان جي ڳالھ تي پڪ ئي ڪين ايندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته اي اسان جا پيءُ! بيشڪ اسين وياسين ڊوڙ پيا پڄايون ۽ ڇڏيو سون يوسف کي سامان پنهنجي وٽ پوءِ کائي ويو ان کي بگهڙ ۽ ناهين تون مڃيندڙ اسان کي جيتوڻيڪ هجون اسين سچا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائون ته اي اسان جا پيءُ! اسين گڏجي ڊوڙ پورائڻ لڳاسون ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسون پوءِ ان کي بگهڙ کاڌو. ۽ تون اسان تي يقين ڪونه ڪندين توڙي اسين سچا هجون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اي اسان جا پيءُ! اسان ڊوڙ ۾ مقابلو ڪرڻ وياسين ۽ اسان يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيو پوءِ کيس بگهڙ کائي ويو. ۽ تون اسان تي يقين ڪونه ڪندين توڙي جو اسان سچا هجون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته بابا وِياسون راند تي، چِٽڻ تِير تَمام، يُوسُف پَنهنجن وَٿنِ وَٽ، وِهاريوسون وَريامَ! ته يُوسُف کي کائـِي وِيو، بَگھڙ ڪو بَدنام، توڻِي هُجون سَچا هُمام! ته به تون نه اسان کي، وِسَهڻون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوڻ لڳا، ”بابا! اسين پاڻ ۾ ڊوڙڻ لڳاسون ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسون، کيس بگهڙ کائي ويو. اسين کڻي سچا هجون، ته به اسان کي نه وسهندين! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چيائون: "ابا اسان ڊوڙ پڄائڻ ۾ لڳي وياسون ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسين ته ايتري ۾ بگهڙ کيس کائي ويو. تون ته اسان جي ڳالهه تي يقين نه ڪندين توڻي جو اسان سچا هجون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيائون، اي بابا! اسان ڊوڙ جي مقابلي ۾ لڳي ويا هئاسين ۽ ڇڏيو هوسين يوسف کي پنهنجي سامان وٽ، ته کيس کائي ويو بگهڙ ۽ توهان ته اسان جي ڳالهه تي يقين نه ڪندؤ پوءِ کڻي اسان سچا ئي (ڇو نه) هجون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چيائون ته: بابا سائين! اسان گوءِ جي مقابلي ۾ لڳا پيا ھئاسين، يوسف کي پنھنجي سامان وٽ بيھاريو هو ته کيس بگهڙ کائي ويو، لڳي ٿو ته تون سچ ٻڌائڻ جي صورت ۾ به اسان تي يقين نه ڪندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجاءو عَلىٰ قَميصِهِ بِدَمٍ كَذِبٍ قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ وَاللَّهُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 18) |
۽ سندس پھراڻ تي ڪوڙو رت لائي آندائون، (يعقوب) چيو ته (ائين نه آھي) بلڪ اوھان جي نفسن اوھان لاءِ (اُن) ٺاھ کي ٺاھيو آھي، تنھنڪري (مون کي) چڱو صبر ڪرڻ گھرجي، ۽ جيڪي اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن تي الله کان مدد گھري وڃي ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت (ڪنهن ٻڪريءَ جو) لڳائي کڻي آيا. پيءُ (اهو ڏسي) چيو ته، نه (مان اها ڳالهه مڃي نٿو سگهان) هيءَ ته هڪڙي (هٿراڌو ٺاهيل) ڳالهه آهي، جا اوهان جي نفس اوهان کي سهڻي ڪري سيکاري آهي. (۽ توهان سمجهو ٿا ته ڪارگر چالاڪي ڪري چڪا آهيو) خير مونکي ته هاڻي صبر ئي ڪرڻو آهي. اهڙو صبر جو وڻندڙ هجي ۽ توهان جيڪو ڪجهه بيان ڪيو ٿا تنهن بابت الله کان ئي مدد گهرڻي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت هڻي آيا، يعقوب فرمايو توهان اهو ڪم پنهنجي طرفان ڪيو آهي، پوءِ (مون لاءِ) صبر بهتر آهي ۽ الله (منهنجو) مددگار آهي انهي بابت جيڪو توهان چئو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ماڻهو يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت لڳائي کڻي آيا. يعقوب چيو (ائين نه آهي) پر اوهان جي نفس بچاءَ جي لاءِ هي ڳالھ ٺاهي آهي (نه ته قميص ضرور ڦاٽل هجي ها) پوءِ صبر ۽ شڪر آهي ۽ جيڪي اوهين چئو ٿا تنهن تي خدا کان ئي مدد گهرڻي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آندائون قميص ان جي تي رت ڪوڙو لڳائي فرمايائين بلڪ ٺاهيو اوهان لاءِ نفسن اوهان جي امر کي پوءِ صبر ڪرڻ ڀلو آهي ۽ الله مدد ورتل آهي ان تي جو ٿا ٺاهي بيان ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي ان جي قميص تي ڪوڙو رت لڳائي کڻي آيا. يعقوب چيو ته (ائين نه آهي) پر اوهان جي نفسن اوهان کي هڪ ڳالهه چڱي ڪري ڏيکاري آهي پوءِ صبر ڪرڻ ئي چڱو آهي. ۽ جيڪي اوهين بيان ٿا ڪريو تنهن تي الله کان مدد گهران ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان جي قميص تي ڪوڙو رت لڳائي کڻي آيا. (يعقوب) چيو: ”بلڪه اوهان جي نفسن اوهان لاءِ (هن من گھڙت) ڳالهه کي آسان ۽ خوش نُما بنايو آهي. پوءِ صبر ڀلو آهي. ۽ الله کان مدد گهران ٿو ان تي جيڪي اوهان بيان ڪيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آندائون قَمِيص اُن جِي، ڪِنهن ڪُوڙٖي رَت ساڻ، چي، اَهنجي جِيَن، جَھلڪايو، ڪو ڪم اَوهان جي ڪاڻ، پوءِ صَبر آهي سُهڻو، اَئـِين، جي ڏِيو اُهڃاڻ، پَرور آهي پاڻ، ٻيلِي اِن ٻولِيءَ مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت لڳائي آيا_ چيائين ته ”ها، اوهين پنهنجي دليئون هڪ ڳالهه گهڙي آيا آهيو! هاڻي صبر ئي چڱو آهي! ۽ جيڪي ڳالهيون ڪريو ٿا، انهن ۾ الله ئي مدد ڪري!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هو يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت لڳائي کڻي آيا هئا. اهو ٻڌي سندن پيءُ چيو: "اصل ڳالهه اها آهي ته توهانجي نفسن توهان لاءِ هڪ وڏي ڪم کي سؤلو بڻائي ڇڏيو. هاڻي بس صبر ڪرڻ ئي چڱو آهي. جيڪا ڳالهه پيا ٿا ٺاهيو، تنهن تي اهو الله ئي آهي جنهن کان مدد وٺڻي آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هو لڳائي آيا هئا هن جي قميص تي رت ڪوڙ بدوڙ جو، اهو ٻڌي سندن پيءُ چيو، اصل ۾ سهولت توهان جي لاءِ توهان جي نفس آسان ڪري ڇڏي، پوءِ صبر ڪندس چڱيءَ طرح (جيڪي ڳالهه توهان ٺاهي آهي) ان تي الله کان ئي مدد وٺي سگهجي ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان ڳالھ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ) ھنن يوسف جي نقلي رت لڳل قميص اچي پيش ڪئي (يعقوب $ قميص ڏسي) چيو ته: (ايئن نه آھي) بلڪ توھان کي پنھنجي نفس (ڪوڙي) ڳالھ ٺاھڻ آسان بنايو آھي. (بس!) منھنجي لاءِ صبر ڪرڻ ئي بھتر آھي، توھان جيڪو ڪجهه بيان ڪريو ٿا مان ان تي اللھ تعالى کان ئي مدد گهران ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجاءَت سَيّارَةٌ فَأَرسَلوا وارِدَهُم فَأَدلىٰ دَلوَهُ قالَ يٰبُشرىٰ هٰذا غُلٰمٌ وَأَسَرّوهُ بِضٰعَةً وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 19) |
۽ (اُن کوھ تي) قافلو آيو پوءِ پنھنجي پاڻي ڀريندڙ کي موڪليائون جنھن پنھنجو ٻوڪو وڌو، چيائون وھ واھ! ھي نينگر آھي، ۽ کيس ھڪ (چڱي) وٿ سمجھي لڪايائون، ۽ جيڪي ڪيائون ٿي سو الله ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا ٿيو جو هڪڙو قافلو (ان کوهه وٽان) لنگهيو ۽ قافلي وارن پاڻيءَ جي لاءِ پنهنجو پخالي موڪليو. پوءِ جيئن ئي هن پنهنجو ڏول لٽڪايو (۽ پاڻيءَ سان ڀريل سمجهي مٿي ڇڪيائين) تئين ئي (ڇا ڏسي ته هڪڙو جوان ڇوڪر ان ڏول ۾ ويٺو آهي ۽ هن) پڪاري چيو ته، ڪهڙي نه خوشيءَ جي ڳالهه آهي! هي ته هڪ جوان ڇوڪر آهي! ۽ قافلي وارن هن کي واپار جو سرمايو سمجهي لڪائي ڇڏيو (ته متان ڪو ان جي دعويٰ ڪري کسي نه وٺي) ۽ هو جيڪي ڪري رهيا هئا سو الله جي علم کان لڪل ڪونه هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ هڪ قافلو آيو پوءِ انهن پاڻي ڀرڻ وارو موڪليو پوءِ ان پنهنجو دِلو (کوهه ۾) وڌو، ان (خوشي مان) چيو واه واه هيءُ ته (خوبصورت) ڇوڪرو آهي، ۽ انهن (حضرت) يوسف کي تجارتي مال طور لڪائي رکيو، ۽ الله تعالى انهن جي عملن کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (خدا جي قدرت جو) هڪ قافلو (اتي) اچي لٿو ته هنن پنهنجي پاڻي ڀرڻ واري کي موڪليو ۽ ان پنهنجو ڏول (کوھ ۾) وڌو ئي ته (يوسف منجهس ويهي رهيو ته هن ڇڪي ڪڍيو) چيائين واھ! هي ته ڇوڪرو آهي! ۽ قافلي وارن کيس قيمتي سوغات سمجهي لڪائي ڇڏيو. هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪري رهيا هئا تنهن کان خدا چڱيءَ طرح واقف هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آيو هڪ قافلو پوءِ موڪليائون پاڻي ڀريندڙ پنهنجي کي پوءِ لاٿائين ٻوڪو پنهنجو چيائين ته واھ واھ خوشخبري - هيءُ ڇوڪرو آهي ۽ لڪايائون ان کي قيمتي شيءِ سمجهي ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪن پيا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هڪ قافلو آيو پوءِ انهن پنهنجي پاڻي ڀرڻ واري کي موڪليو پوءِ ان پنهنجو ڏول وڌو، چيائين ڪهڙي خوشيءَ جي ڳالهه آهي هي ڇوڪرو آهي! ۽ ان کي واپار جو مال ٺهرائي لڪايائون. هوڏانهن جيڪي پئي ڪيائون تنهن کي الله ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هڪ قافلو آيو پوءِ انهن پنهنجي پاڻي ڀرڻ واري کي موڪليو سو ان پنهنجو ڏول لڙڪايو. (يوسف کي ڏسي)چيائين: ”واهه خوشخبري جي ڳالهه آهي! هي هڪ نينگرو آهي.“ ۽ ان کي تجارت جو قيمتي سامان سمجهي لڪايائون. ۽ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪم اُهي ڪري رهيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪاهي آيو قافلو، ڪو ويجھو تِنهِين واءِ، پوءِ ماڻهو ڪو موڪليؤن، پنهنجو، پاڻيء لاءِ، کلي پَنهنجِي کُوه ۾، نيڪ کَڻِي جان ناءِ، واه ڙي!! واڌايون، ٻَھ ٻَھ! ٿو ٻولاءِ، دِلي ۾ دِلجاءِ، هِي ڇَٽِيھ لکڻُو ڇوڪرو! مخفِي رکيائونسِ مُورهِين، ڪري موڙِي مال، ۽ الله ڄاڻُو اُن جو، جيڪِي ڪن ڪُلال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هڪ قافلو اچي نڪتو، انهن سندن همراهه موڪليو، جنهن پنهنجو ڏول کوهه ۾ وڌو، چوڻ لڳو، ”وڏي خوشي، هن ڇوڪري نڪرڻ تي!“ ۽ ان کي وٿ سمجهي لڪائي ڇڏيائون_ پر الله کي سندن ڪمن جي خبر هئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هوڏانهن هڪ قافلو اچي نڪتو ۽ انهن پنهنجي پاڻي ڀريندڙ کي پاڻي آڻڻ لاءِ موڪليو، پاڻي ڀريندڙ جو کوهه ۾ پنهنجو ڏول وڌو ته (يوسف کي ڏسي) وٺي رڙ ڪيائين: "مبارڪ هجيوَ، هتي ته هڪڙو ڇوڪرو آهي". انهن ماڻهن ان کي واپار جو مال سمجهي کڻي سانڍيو، حالانڪه جيڪي ڪجهه هو ڪري رهيا هئا، الله ان کان باخبر هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هوڏاهن هڪ قافلو آيو جنهن پنهنجي پاڻي واري کي پاڻي ڀرڻ لاءِ موڪليو، هن کوهه ۾ پنهنجو ڏول لاٿو ته (يوسف کي ڏسي) واڪو ڪري چيو، مبارڪ هجيو! هتي هڪ ڇوڪرو آهي. ۽ انهن کيس واپار جو مال سمجهي لڪائي ڇڏيو. ۽ الله ته ان کان باخبر هو جيڪي ڪجهه هو ڪري رهيا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ) ھڪ قافلو آيو جنھن پنھنجي ماڻهوءَ کي پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهه تي موڪليو، ان جڏھن پنھنجو ڏول (يا بالٽي) کوهه ۾ وڌي ته (کيس ڇوڪرو نظر آيو ۽) چيائين واهه ــ واهه ھتي ته ھڪ ڇوڪرو آھي. قافلي وارن (ان کي ڪڍي) وڪڻڻ جو مال سمجهي کيس لڪائي ڇڏيو. بيشڪ اللھ تعالى ھر شيءِ کان خوب واقف آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَشَرَوهُ بِثَمَنٍ بَخسٍ دَرٰهِمَ مَعدودَةٍ وَكانوا فيهِ مِنَ الزّٰهِدينَ (آيت : 20) |
۽ کيس (ڀائرن) ھلڪيءَ بھا سان وڪيو جو ڪي ٿورا پئسا ھوا، سندس حق ۾ بيزاري ڪندڙ ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ) هنن يوسف کي تمام ٿورڙن پئسن تي، جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا درهم هئا. (مصر جي بازار ۾) وڪڻي ڇڏيو، ۽ هو هن معاملي ۾ (وڏي قيمت وٺڻ لاءِ ايترو) خواهشمند به نه هئا. (ڇو ته کين مفت ۾ ملي ويو هو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن يوسف کي چند کوٽن درهمن جي عيوض وڪڻي ڇڏيو، انهن کي انهيءَ ۾ ڪا دلچسپي نه هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جڏهن سندس ڀائرن کي خبر پئي ته اچي کيس غلام سڏيو) ۽ انهن، يوسف کي ٿورڙن کوٽن ٽڪن تي وڪيو ۽ اهي (يوسف) کان بيزار ئي هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وڪڻيائون ان کي ملھ هلڪي درهمن ڳڻيلن (ٿورن) سان ۽ هئا ان (جي حق) ۾ رغبت نه رکندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کي انهن وڪيو گهٽ قيمت تي جي ڳڻيل پائليون هيون. ۽ اهي ان کان بيزار ٿي رهيا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ڀائرن) کيس گهٽ قيمت تي چند درهمن جي عيوض وِڪيو ۽ اُهي ان (يوسف) جي باري ۾ بي رغبت هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي وِڪيائون اُن کي، ٿورٖي ناڻي نال، ۽ ڳاڻ ڳَڻيا ڪي مِصر جا، روپيا رَيال، بَها مَنجھ بَحال، هُئا گھڻو گَھٽائـِيندڙ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڀائرن ان کي گهٽ قيمت ۾ ٿورڙن درهمن ۾ وڪيو، جو اهي ان جا ڪجهه قدردان نه هئا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ انهن تمام ٿورڙي قيمت تي ڪن ٿورڙن درهمن جي عيوض کيس وڪڻي ڇڏيو، جو هو ان جي قيمت جي معاملي ۾ گهڻي جي لالـچ وارا نه هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آخرڪار ٿورڙي قيمت تي هنن کيس چند درهمن ۾ وڪڻي ڇڏيو. هو سندس قيمت جي معاملي ۾ ڪجهه وڌيڪ جي اميد ۾ به نه هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قافلي وارن کيس (مصر وڃي) تمام گهٽ قيمت تي چند درھمن (يعني روپين) ۾ وڪڻي ڇڏيو (ڇو ته) کين ھن ٻار جي قدر ۽ قيمت جي خبر ئي نه ھئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ الَّذِى اشتَرىٰهُ مِن مِصرَ لِامرَأَتِهِ أَكرِمى مَثوىٰهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ وَلِنُعَلِّمَهُ مِن تَأويلِ الأَحاديثِ وَاللَّهُ غالِبٌ عَلىٰ أَمرِهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 21) |
۽ مصر وارن مان جنھن کيس ڳڌو تنھن پنھنجي زال (زليخا) کي چيو ته ھن جي چڱي تعظيم ڪج مانَ اسان کي ڪو فائدو ڏئي يا کيس پٽيلو ڪري رکون، ۽ ا ھڙي طرح يُوسفؑ کي مصر ۾ جاءِ ڏني سون، ۽ ھن لاءِ ته کيس خوابن جو تعبير سيکاريون، ۽ الله پنھنجي ڪم تي غالب آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مصر جي ماڻهن مان جنهن شخص يوسف کي (فلي وارن کان) خريد ڪيو هو سو (هن کي پنهنجي گهر وٺي آيو ۽) پنهنجي زال کي چيائي ته هن کي عزت سان رهائجانءِ. عجب ناهي ته هو اسان کي فائدو پهچائي، يا اسان کيس پنهنجي (گود جو يا دين جو) پٽ ڪري رکون ۽ (ڏسو) اهڙيءَ طرح اسان مصر جي سر زمين ۾ يوسف جو قدر ڄمايو. ۽ مقصد هو ته کيس ڳالهين ۽ واقعن جا نتيجا ۽ مطلب ڪڍي سمجهائي ۽ سيکاري ڇڏيون ۽ الله کي جيڪو ڪم ڪرڻو هوندو آهي سو ڪري ئي رهندو آهي. (ڇو ته هو قدر ۽ غالب آهي) پر گهڻا ماڻهو (اهي حقيقتون) نٿا ڄاڻن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مصر جي جنهن ماڻهو يوسف کي خريد ڪيو اُن پنهنجي گھر واري کي چيو ته يوسف کي عزت سان رکو اُميد ته اسين ان مان نفعو وٺنداسين يا اسين ان کي نپايل پٽ بنائينداسين، ۽ اهڙي طرح اسان يوسف کي انهيءَ زمين (مصر) ۾ مضبوطي سان ٽڪايو، ۽ اسان يوسف کي خوابن جو تعبير سيڪاريو، ۽ الله تعالى پنهنجي ڪم تي غالب آهي ۽ پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي (يوسف کي وٺي مصر پهتا ۽ اتي وڏي فائدي سان کين وڪيائون) ۽ مصر جي ماڻهن مان (عزيز مصر) جنهن کيس خريد ڪيو هيو پنهنجي زال (زليخا) کي چيو ته هن کي عزت ۽ آبرو سان رک! عجب نه آهي ته جو هن مان فائدو پهچي يا (وري) کيس پنهنجو پٽ ئي بنايون ۽ ائين اسان يوسف کي ملڪ (مصر) ۾ (جڳھ ڏئي) قابض بڻايو ۽ مطلب هي هئو ته اسين کيس خواب جي ڳالهين جو تعبير سيکاريون. ۽ خدا ته پنهنجي ڪم تي (هر طرح) غالب (۽ قادر) آهي پر گهڻا ماڻهو (ان کي) نٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو ان شخص جو خريد ڪيائين ان کي مصر مان زال پنهنجيءَ کي ته عزت سان بناءِ جاءِ رهڻ ان جي کي ويجهو آهي جو نفعو ڏئي اسان کي يا رکون اسين ان کي پٽيلو ڪري ۽ اهڙي طرح قوت ڏني اسان يوسف کي زمين ۾ ۽ تانته سيکاريون ان کي تعبير خوابن جو ۽ الله غالب آهي ڪم پنهنجي تي ۽ پر اڪثر ماڻهو نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مصر مان جنهن ان کي خريد ڪيو تنهن پنهنجي زال کي چيو ته هن کي عزت سان رک! مَنَ اسان کي فائدو ڏئي يا اسين ان کي پٽيلو ڪري رکون. ۽ اهڙي طرح اسان يوسف کي ان ملڪ ۾ طاقت ڏني ۽ هن لاءِ ته اسين ان کي ڳالهين جو مطلب بيان ڪرڻ سيکاريون. ۽ الله پنهنجي ڪم تي غالب آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مصر مان جنهن ان کي خريد ڪيو هيو تنهن پنهنجي زال کي چيو: ”هن کي عزت ۽ احترام سان رهاءِ مَن اسان کي نفعو ڏئي يا اسان کيس پٽيلو بنايون“. ۽ اهڙي طرح اسان يوسف کي سر زمينِ (مصر) ۾ مضبوطي سان رهايو. هن لاءِ ته اسان کيس ڳالهين جي حقيقت (خوابن جي تعبير جو علم) سيکاريون. ۽ الله پنهنجي ڪم تي غالب آهي ۽ پر گھڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جِنهن وَرتِس مِصر مَنجھان، تِنهن چيو، سَندسِ زال، ته چڱِي ڏِئـِيسِ جاءِ ڪا، خاطِر اِن خِيال، تان لاڀ ڏِينِئُون، سو لال، يا پاليُونسِ پُٽ ڪري. ۽ اِنپر ڏِناسون يُوسُف کي، مَنجھ مِصر ماڳ مَڪان، ۽ خُوب سيکاريون خوابن جا، تِنهن کي، باب بَيان، ۽ اَلله سَندسِ اَمر تي، آهي غالِب بي گُمان، پَر اَڪثر هِي انسان، نه سوچِينِ، سَچِيءَ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سندس مصر واري خريدار پنهنجي زال کي چيو، ته ”ان کي چڱيءَ طرح رکج، شايد اسان جي ڪم اچي يا کيس پٽيلو بڻايون.“ ۽ اهڙيءَ طرح اسان يوسف کي ملڪ ۾ ڄمايو، ته کيس خوابن جو تعبير سيکاريون، الله پنهنجي ڪم تي غالب آهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا سمجهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مصر جي جنهن شخص کيس خريد ڪيو ان پنهنجي زال کي چيو ته "هن کي مڙيئي مانَ سان رکجانءِ جو ٿي سگهي ٿو ته هيءُ اسان لاءِ ڪارائتو ثابت ٿئي يا اسان هن کي پٽيلو بڻايون". اهڙيءَ ريت اسان يوسف لاءِ انهيءَ سرزمين ۾ پير کوڙڻ جي واٽ ڪڍي ۽ کيس معاملن جي سمجهه جي تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪيو، الله پنهنجو ڪم پورو ڪري رهندو آهي پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جنهن شخص کيس خريد ڪيو تنهن مصر ۾ پنهنجي زال کي چيو ته، هن کي سهڻي نموني ۾ رکجان، من هي اسان جي لاءِ ڪارائتو ٿئي يا اسان کيس پٽيلو بڻايون، ۽ اهڙيءَ طرح اسان پير کوڙڻ لاءِ يوسف ڪاڻ ان سرزمين ۾ صورت ڪڍي، ۽ کيس معاملن جي سمجهڻ لاءِ تعليم جو انتظام ڪيو، ۽ الله پنهنجو ڪم ڪري ئي ڇڏيندو آهي پر ڪيترا ئي آهن اهڙا ماڻهو جيڪي سمجهن ئي نه ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مصر جي جنھن ماڻهوءَ کيس خريد ڪيو، ان پنھنجي گهر واريءَ کي چيو ته ھن ٻار کي وڏي لاڏ ڪوڏ سان پالجانءِ، ٿي سگهي ٿو ته ھي ٻار اسان جي لاءِ فائديمند ثابت ٿئي يا اڳتي ھلي کيس پُٽ طور رکون، اھڙي طريقي سان اسان يوسف کي ان سرزمين مصر ۾ ٺڪاڻو مھيا ڪيوسين ۽ کيس معاملن جي اصل حقيقت سمجهڻ جي صلاحيت عطا ڪئي. اللھ تعالى پنھنجي ارادن کي (ھر حال ۾) پورو ڪندو آھي پر گهڻا ماڻهو ان ڳالھ جو اندازو نٿا ڪري سگهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 22) |
۽ جنھن مھل (يُوسفؑ) پنھنجي جوانيءَ کي پھتو (ته) حِڪمت ۽ علم ڏنوسون، ۽ اھڙي طرح ڀلارن کي بدلو ڏيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پوءِ جڏهن يوسف ڦوهه جوانيءَ کي پهتو تڏهن اسان کيس ڪمن ڪرڻ جي قابليت ۽ قوت ۾ گهڻو علم عطا ڪيو، اسان نيڪ عمل ڪندڙن کي (سندن نيڪ عمليءَ جو) اهڙوئي بدلو عطا ڪندا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن يوسف پنهنجي پوري جواني تي پهتو ته اسان ان کي نبوت عطا ڪئي، ۽ نيڪوڪارن کي اسين اهڙي جزا ڏيون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ يوسف جڏهن جواني کي پهتو ته اسان کيس حڪم (نبوت) ۽ علم عطا ڪيو. ۽ نيڪي ڪندڙن کي اسين اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن پهتو جوانيءَ پنهنجي کي ته ڏنو سون ان کي حڪم ۽ علم ۽ اهڙي طرح بدلو ڏيندا سون محسنن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽جڏهن (يوسف) پنهنجي طاقت کي پهتو ته اسان کيس حڪم ۽ علم ڏنو. ۽ اهڙي طرح اسين نيڪي ڪندڙن کي بدلو ڏيون ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اهو پنهنجي عمر جي پختگي (يعني جواني جي جوڀن) کي پهتو ته اسان کيس قوتِ فيصله ۽ علم ڏنو. ۽ اهڙي طرح اسان نيڪوڪارن کي بدلو ڏيندا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن پهتو پَنهنجي زور کي، ٿِيو جُنگ جُوان، ته ڏِنِي سون ڏاهپ اُن کي، پڻ عِلم ۽ عرفان، نيڪن کي نِڌان، اِن نموني نَوازيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن هو سندس جوانيءَ کي پهتو، ته اسان کيس ڏاهپ ۽ علم ڏنو ۽ اهڙي طرح نيڪن کي بدلو ڏيندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن هو ڦوهه جوانيءَ کي رسيو ته اسان کيس فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت ۽ علم عطا ڪيو. اهڙيءَ طرح اسان نيڪ ماڻهن کي اجورا ڏيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن هو پنهنجي ڦوهه جوانيءَ کي پهتو ته اسان کيس فيصلي جي قوت ۽ علم عطا ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح اسان نيڪ ماڻهن کي اجورو ڏيندا آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن اھو (ٻار) بالغ ٿيو (۽ جوانيءَ کي پھتو) ته اسان کيس فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت ڏني ۽ علم عطا ڪيوسين. اسان نيڪوڪار ماڻهن کي اھڙي طريقي سان ئي بدلو ڏيندا آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَرٰوَدَتهُ الَّتى هُوَ فى بَيتِها عَن نَفسِهِ وَغَلَّقَتِ الأَبوٰبَ وَقالَت هَيتَ لَكَ قالَ مَعاذَ اللَّهِ إِنَّهُ رَبّى أَحسَنَ مَثواىَ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
۽ جنھن زال جي گھر ۾ اُھو ھو تنھن سندس نفس کي راڻيو ٿي ۽ دروازا بند ڪيائين ۽ چيائين ته اوري آءُ، (يوسف) چيائين ته الله جي پناھ گھريم انھي منھنجي نپائيندڙ (يعني عزيز) مون کي چڱي ھنڌ رکيو آھي، ھيءَ (ڳالھ) سچي آھي ته ظالم نه ڇٽندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) جنهن عورت جي گهر ۾ يوسف رهندو هو (يعني عزيز جي زال) سا مٿس (عاشق ٿي پيئي ۽) حيلا هلائڻ لڳي ته هو به (موهجي) بي اختيار ٿي ڳالهه مڃي وجهي، هن عورت (هڪڙي ڏينهن) دروازا کڻي بند ڪيا، ۽ چئي ڏنائين ته مون ڏي هليو آءُ. يوسف چيو ته، معاذالله (خدا پناهه ڏئي، مون کان اهڙو ڪم ڪڏهن به نه پڄندو) تنهنجو مڙس منهنجو سائين آهي. هن مون کي عزت سان (گهر ۾) جاءِ ڏني آهي (مان سندس امانت ۾ خيانت ڪونه ڪندس). ۽ حدن کان ٻاهر لنگهڻ وارا ظالم ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه ٿا سگهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن بيبيءَ جي گھر ۾ پاڻ رهيل هئا انهيءَ کين تدبير سان پاڻ ڏانهن راغب ڪيو ۽ دروازا بند ڪيائين ۽ چيائين ته تون مون ڏانهن اچ، يوسف چيو آئون الله کان پناه گھران ٿو، بيشڪ منهنجي رب مون کي سٺي جاءِ تي رکيو آهي، بيشڪ ظالمن کي نجات نٿي ملي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن عورت (زليخا) جي گهر ۾ يوسف رهندو هو، تنهن پنهنجي (ناجائز) مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ خود سندس آرزو ڪئي، ۽ هن سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ (بي خود ٿي) چوڻ لڳي آءُ!(هلي آءُ) يوسف چيو معاذ الله! اهو (تنهنجو مڙس) منهنجو مالڪ آهي، جنهن مون کي سٺي طرح رکيو آهي (آءُ اهڙو ظلم ڪئين ڪندس) بيشڪ اهڙو ظلم ڪرڻ وارا ڪامياب نه آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نرميءَ سان طلب ڪيائين ان کان انهيءَ عورت جو اهو ان جي گهر ۾ هو نفساني خواهش ان جي ۽ بند ڪيائين دروازا ۽ چيائين ته اچ تنهنجي لاءِ (تيار آهيان) فرمايائين ته الله جي پناھ، بيشڪ اهو مربي منهنجو آهي جنهن سهڻو رکيو جاءِ رهڻ منهنجيءَ کي بيشڪ شان هي آهي ته نه ڪامياب ٿيندا ظالم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهو جنهن (زال) جي گهر ۾ هو تنهن ان کي پنهنجي هوس پوري ڪرڻ لاءِ لالچايو ۽ دروازا بند ڪيائين ۽ چوڻ لڳي ته (ويجهو) اچ. يوسف چيو ته الله جي پناهه (ٿو گهران) بيشڪ اهو (تنهنجو مرد) منهنجو مُربّي آهي مون کي چڱي طرح رکيو اٿس. بيشڪ ڳالهه هيءَ آهي ته ظالم ڪامياب نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهو (يوسف) جنهن عورت جي گهر ۾ هيو ان سندس ذات کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ چاهيو ۽ دروازا بند ڪيائين ۽ چيائين: ”(قريب) اچ“. (يوسف) چيو: ”الله جي پناهه! بيشڪ منهنجي رب ته مون کي سهڻي منزلت سان رکيو آهي. (۽ آءُ وري اهڙا ڪم ڪيان!) بيشڪ ظالم ماڻهو ڇوٽڪارو نه لهندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جِنهن جي گُھر ۾ گھاريئـِين تِنهن ڇِڪيَسِ پنهنجي پار، ۽ ٻَڌئـِين دَرٻَهار، چي، هِيءَ، ته تيار تولَئي. چي، اَلله ڏي پَناه مون، هُوسَندمِ سَردار، جِنهن ماڳ ڏِنِم موچار، مُوزِي نه ڇُٽنڊا مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن عورت جي گهر ۾ رهندو هو، ساکيس پنهنجي لاءِ ڦسلائڻ لڳي ۽ دروازا بند ڪري چيائين ته، ”اچ! آءُ توکي ئي گهران ٿي“. چيائين ”الله بچائي! بيشڪ منهنجي رب مون کي چڱي حال ۾ رکيو آهي! ۽ ظالم پڪ نه ڇٽندا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن عورت جي گهر ۾ هو هئو، اها کيس هرکائڻ لڳي ۽ هڪ ڏينهن دروازا بند ڪري چيائينس ته "هيڏانهن اچ"، يوسف چيس: "الله جي پناهه، منهنجي مالڪ ته مونکي نهايت سٺي انداز ۾ رکيو (۽ مان اهو ڪم ڪريان) اهڙا ظالم ته ڪڏهن به ڇوٽڪارو نه لهندا آهن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جنهن عورت جي گهر ۾ هو رهيو هو سا کيس ورغلائڻ لڳي ۽ هڪ ڏينهن دروازا بند ڪري کيس چيائين، هلي اچ. يوسف چيو، الله جي پناهه، بيشڪ منهنجي رب سٺي عزت بخشي (جو آئون اهڙو ڪم ڪريان؟) بيشڪ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا اهڙا ظالم(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ يوسف جنھن عورت جي گهر ۾ رھندو ھو، اھا عورت مٿس ھرکي پئي ۽ اُن ھڪڙي ڏينھن (گهر جا سڀ) دروازا بند ڪري (کيس) چيو ته ھيڏي اچ (يوسف سندس سڏڻ واري انداز کي سمجهي ويو) ۽ چيائين ته: اللھ تعالى جي پناهه! بيشڪ منھنجي پالڻھار مون کي انتھائي سٺو رکيو آھي (سو مان اھڙو ظلم وارو ڪم نٿو ڪري سگهان) بيشڪ ظالم ماڻهو ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد هَمَّت بِهِ وَهَمَّ بِها لَولا أَن رَءا بُرهٰنَ رَبِّهِ كَذٰلِكَ لِنَصرِفَ عَنهُ السّوءَ وَالفَحشاءَ إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُخلَصينَ (آيت : 24) |
۽ بيشڪ (اُھا) ان ڏانھن لڙي ۽ (يُوسفؑ) به اُن ڏانھن لڙيو، جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جو دليل نه ڏسي ھا (ته جيڪي ٿيڻو ھو سو ٿئي ھا)، اھڙي طرح (انھي ڪري ٿيو) ته بڇڙائي ۽ بي حيائي کانئس ٽاري سون، سچ آھي ته اھو اسان جي خالص ٻانھن مان ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ حقيقت هيءَ آهي ته اها عورت يوسف جي پٺيان پئجي چڪي هئي، ۽ (حالت اهڙي بڻجي چڪي هئي جو بي اختيار ٿي) يوسف به هن ڏانهن لاڙو ڪري ها، جيڪڏهن سندس پروردگار جو دليل سندس سامهون نه اچي وڃي ها. (سو ڏسو) اهڙيءَ طرح (اسان انساني نفس جي هن سخت آزمائش ۾ به هن کي حق جي دليل جي وسيلي هوشيار رکيو) انهيءَ لاءِ ته برائي ۽ بي شرميءَ جون ڳالهيون کانئس دور رکون. بيشڪ هو اسان جي انهن ٻانهن مان هو، جيڪي بزرگيءَ لاءِ چونڊيا ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيبي ان جو ارادو ڪيو ۽ يوسف به عنقريب ان جو ارادو ڪري ها جيڪڏهن الله جو دليل نه ڏسي ها، اهڙي طرح اسان اُن تان بُرائي ۽ بدڪاري کي پري ڪري ڇڏيو، بيشڪ يوسف اسان جي مخلص ٻانهن مان هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) زليخا ته هن سان (بڇڙو) ارادو ڪري ئي چڪي هئي. پر جيڪڏهن هي پنهنجي پروردگار جو دليل نه ڏسي چڪو هجي ها ته ارادو ڪري وهي ها (اسان کيس اهڙي طرح بچايو) ته جيئن هن کان برائيءَ ۽ بدڪاريءَ کي پري رکون. بيشڪ هو اسان جي خالص عبدن مان هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق پڪو ارادو ڪيو (انهيءَ عورت) ان جو ۽ پڪو ارادو ڪري ها (يوسف به) جيڪڏهن نه ڏسي ها دليل رب پنهنجي جو.هڙيءَ طرح تانته ڦيرايو اسين ان کان بڇڙائي ۽ بيحيائي بيشڪ اهو اسان جي مخلص ٻانهن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ زال ان جو ارادو ڪيو. ۽ ان زال جو ارادو ڪيو، جيڪڏهن پنهنجي پاليندڙ جو دليل نه ڏسي ها(ته اهو ڪم ڪري ها) اهڙيءَ طرح (دليل ڏيکاريوسون) ته جيئن ان کان برائي ۽ بي حيائي کي ڦيريون. بيشڪ اهو اسان جي پسند ڪيل ٻانهن مان هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ عورت سندس (يعني يوسف ) جو ارادو ڪيو ۽ اهو به ان جو ارادو ڪري ها جي پنهنجي رب جو دليل نه ڏسي ها. اهڙي طرح (دليل ڏيکاريوسين ته) جيئن ان کان برائي ۽ بي حيائي کي پري ڪيون. بيشڪ اُهو اسان جي چونڊيل ٻانهن مان هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِنپر روڪيون، اُن ڪنان، بُرافِعل، فُجور، هو مُقررّ مُور، سَندئون، سَچن ٻانهن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن ته ڏانهس لاڙو ڪيو ۽ هو به لاڙو ڪريس ها، جي سندس رب جو دليل نه ڏسي ها! انهيءَ لاءِ ته اسين کانئس ننڍن وڏن گناهن کي دور رکون، بيشڪ اسان جي سچن بندن مان هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هوءَ ڏانهس وڌي ۽ يوسف به ان ڏانهن وڌي ها جيڪڏهن پنهنجي رب جو دليل (برهان) نه ڏسي وٺي ها، اهو انڪري ٿيو ته جيئن اسان کانئس بــَـدي ۽ بيحيائيءَ کي دور ڪري ڇڏيون، درحقيقت هو اسانجي چونڊيل ٻانهن مان هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هوءَ ڏانهس وڌي ۽ هو به ان ڏي وڌي ها جي ڏسي نه وٺي ها پنهنجي رب جو دليل (برهان)، اهو ان ڪري ٿيو جو اسان کانئس بدي ۽ بي حيائي دور ڪريون، حقيقت ۾ هو اسان جي چونڊيل ٻانهن مان هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انڪار جي باوجود اھا عورت نه مُڙي) يوسف ڏانھن خود وڌي (ھاڻي بحيثيت انسان) ھو به ان عورت ڏانھن وڌي ھا پر جيڪڏھن ھو پنھنجي پالڻھار جي دليل (يعني صحيح فيصلي ڪرڻ واري صلاحيت) کي سامھون نه رکي ھا. اھڙي طرح ئي اسان صحيح فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت جي ڪري ان کان برائي ۽ بيحيائي دور ڪئي سين، حقيقت ھي آھي ته ھو اسان جي مخلص ٻانھن مان ھو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاستَبَقَا البابَ وَقَدَّت قَميصَهُ مِن دُبُرٍ وَأَلفَيا سَيِّدَها لَدَا البابِ قالَت ما جَزاءُ مَن أَرادَ بِأَهلِكَ سوءًا إِلّا أَن يُسجَنَ أَو عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 25) |
۽ ٻئي دروازي ڏانھن ڊوڙيا ۽ زال ان (يُوسف) جو پھراڻ پٺيءَ کان ڦاڙيو ۽ سندس مڙس کي دروازي وٽ مليا، (زليخا) چيو ته جيڪو تنھنجي گھر واريءَ سان مدائي ڪرڻ جو ارادو ڪري تنھنجي سزا قيد ڪرڻ يا ڏکوئيندڙ عذاب کانسواءِ (ٻي ڪا) نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) ٻئي دروازي جي طرف ڊوڙيا. (اهڙيءَ طرح ڊوڙيا جو انهن مان هرهڪ ٻئي کان اڳتي ٿيڻ ٿي چاهيو. يوسف هن لاءِ ته ان عورت کان ڀڄي جند ڇڏائي، ۽ عورت وري هن لاءِ ته کيس ڀڄي نڪرڻ کا روڪي وجهي) ۽ ان عورت يوسف جي قميص کي پٺئين پاسي کان ڇڪيو ۽ ڦاڙي وڌائين ۽ (پوءِ اوچتو) ٻنهي ڏٺو ته ان عورت جو مڙس دروازي وٽ بيٺو آهي. تڏهن عورت (پنهنجي گناهه لڪائڻ لاءِ هڪدم ٺاهه ٺاهي ورتو ۽) چيائين ته جيڪو ماڻهو تنهنجو گهر واريءَ سان بڇڙي ڪم جو ارادو ڪري تنهن جي سزا ڪهڙي هئڻ گهرجي؟ ڇا هيءَ سزا نه هئڻ گهرجي ته کيس قيد ۾ وڌو وڃي يا (ڪا ٻي) دردناڪ سزا ڏني وڃي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ٻَئِي دروازي ڏانهن ڊوڙيا ۽ بيبي سندن قميص پوئين پاسي کان ڦاڙي ڇڏي ۽ بيبيءَ جي گھر واري کي دروازي تي ڏٺائون، بيبي چيو جيڪو شخص توهان جي گھر واريءَ سان خراب ڪم جو ارادو رکي ان جي سزا جيل يا ڪوڙا ٿي سگھن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ٻئي ڄڻا دروازي ڏي ڊوڙيا ۽ زليخا سندس قميص کي پٺيءَ کان ڇڪي ڦاڙيو ۽ انهن ٻنهي دروازي وٽ زليخا جي مڙس کي ڏٺو زليخا يڪدم (پنهنجي مڙس کي) چوڻ لڳي ته جيڪو تنهنجي زال سان بدڪاري جو ارادو ڪري تنهن جي سزا هن کانسواءِ ٻي نه آهي جو يا ته کيس قيد ڪيو وڃي يا (وري مٿس) دردناڪ عذاب ڪيو وڃي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڊوڙيا ٻئي دروازي ڏانهن ۽ ڦاڙيائين قميص ان جي پٺيءَ کان ۽ مليا ان جي مڙس کي دروازي وٽ چيو (زليخا) ناهي سزا ان جي جو ارادو ڪيائين اهل تنهنجي سان برائيءَ جو مگر هيءَ ته قيد ڪيو وڃي يا عذاب دردناڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ٻئي دروازي ڏي ڊوڙيا ۽ زال ان جي قميص کي پٺيءَ کان ڦاڙيو ۽ انهن ٻنهين دروازي وٽ (ان) زال جي مڙس کي ڏٺو. چوڻ لڳي ته جنهن تنهنجي گهر وارن سان برائيءَ جو ارادو ڪيو تنهنجي سزا ان کي قيد ڪرڻ يا درد ناڪ عذاب کان سواءِ ٻي ڪابه نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ٻئي دروازي ڏانهن ڊوڙيا ۽ ان (عورت) سندس قميص کي پٺيءَ کان (ڇڪي) ڦاڙيو ۽ ٻنهين ان عورت جي مڙس (عزيزِ مصر) کي دروازي وٽ ڏٺو. چوڻ لڳي: ”ان ماڻهو جي سزا ڪهڙي آهي؟ جنهن تنهنجي گهر واريءَ سان برائي جو ارادو ڪيو. ٻي ڪهڙي (سزا) ٿي سگهي ٿي سواءِ هن جي جو قيد ڪيو وڃي يا دردناڪ عذاب ڏنو وڃي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀَڄندي اڳ ۾ آيو، دُولہ مَٿي دَر، چولو پُٺيانسِ چِيريو؛ پڻ وَنئـِي جو وَر، دَر تي بيٺل ديکيو، پوءِ پُڪارئـِين اِن پر، ڇاهي سَزا تِنهن سَندِي، جنهن گَھاڙيو تُنهنجو گَھر؟ ڪجيس قيد مگر، يا آزارِيندڙ عَذاب ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ٻئي دروازي ڏي ڊوڙيا ۽ هن سندس قميص کي پٺيان ڦاڙي وڌو ۽ ٻنهي ان جي مڙس کي دروازي وٽ ڏٺو_ عورت چيو ”جيڪو تنهنجي زال سان بڇڙو ارادو رکي ان جي سزا اها ئي ٿيندي ته ان کي قيد ڪجي يا دردناڪ عذاب ڏجي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ يوسف ۽ هوءَ هڪ ٻئي جي پويان وٺي در ڏانهن ڀڳا ۽ هن پــُـٺيءَ کان يوسف جي قميص (ڇــِـڪ ڏئي) ڦاڙي وڌي. دروازي وٽ ٻنهي سندس مڙس کي موجود ڏٺو، ان کي ڏسندي ئي عورت چوڻ لڳي: "ڪهڙي سزا آهي، انهيءَ شخص لاءِ جيڪو تنهنجي گهرواريءَ تي بري نيت رکي؟ ٻي ڪهڙي، سواءِ هن جي جو ان کي قيد ڪيو وڃي يا ان کي سخت سزا ڏني وڃي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نيٺ يوسف ۽ هوءَ هڪ ٻئي پويان در ڏي ڀڳا، هن يوسف جي قميص پويان ڇڪي ڦاڙي وڌي، ٻنهي ان جي مڙس کي ڏٺو در وٽ، سندس ئي عورت کيس چوڻ لڳي، ڪهڙي سزا آهي ان شخص لاءِ جيڪو تنهنجي گهرواريءَ تي بري نيت رکي، ان جي سزا قيد ڪرڻ يا سخت عذاب ڏيڻ آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (آخرڪار يوسف پاڻ کي بچائڻ لاءِ ۽ عورت کيس زوري ڦاسائڻ لاءِ ڀڳا) ٻئي دروازي تي پھتا ته عورت (انتھائي چري ٿي) سندس پويان کان قميص ڇڪي ڦاڙي وڌي، دروازي تي (اتفاق سان) ٻنھي مڙس کي بيٺل ڏٺو (ان تي ان عورت جون وايون بتال ٿي ويون) چوڻ لڳي اھڙي ماڻهوءَ جي ڪھڙي سزا ھئڻ گهرجي جيڪو تنھنجي گهر واريءَ سان برائي ڪرڻ جو ارادو ڪري؟ اھڙو ماڻهو ته جيل ۾ (ئي) ھئڻ گهرجي يا کيس دردناڪ سزا ڏجيس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ هِىَ رٰوَدَتنى عَن نَفسى وَشَهِدَ شاهِدٌ مِن أَهلِها إِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن قُبُلٍ فَصَدَقَت وَهُوَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 26) |
(يُوسفؑ) چيو ته ھن مون کي منھنجي نفس کان راڻيو ٿي ۽ سندس گھر جي ڀاتين مان ھڪ شاھد شاھدي ڏني، ته جيڪڏھن ھن جو پھراڻ اڳ کان ڦاڙيو ويو آھي ته (زليخا) سچي آھي ۽ اُھو ڪوڙن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تنهن تي) يوسف چيو ته، خود هن مون تي حيلا هلايا (۽ مونکي مجبور ڪري ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مان اهڙو ڪم نه ڪيو) ۽ پوءِ (ڇا ٿيو جو) انهيءَ عورت جي ڪٽنب وارن مان هڪڙي شاهد شاهدي ڏني، (هن چيو) ته يوسف جي قميص (ڏسڻ گهرجي) جيڪڏهن اڳيان ڦاٽل آهي ته عورت سچي ۽ يوسف ڪوڙو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يوسف چيو انهيءَ مون کي تدبير سان پاڻ ڏانهن راغب ڪيو ۽ بيبيءَ جي گھر وارن مان هڪ (معصوم) شاهد گواهي ڏني ته جيڪڏهن يوسف جي قميص اڳيان ڦاٽل آهي ته پوءِ بيبي سچي آهي ۽ اُهو ڪوڙن مان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يوسف چيو هن ئي مون کي پنهنجي هوس پوري ڪرڻ لاءِ لالچايو ۽ زليخا جي ئي قبيلي وارن مان هڪ شاهدي ڏيڻ واري (کير پياڪ ٻار) شاهدي ڏني ته جيڪڏهن ان جي قميص اڳ کان ڦاٽي آهي ته اها سچي آهي ۽ هي ڪوڙن مان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو (حضرت يوسف) ته انهيءَ طلب ڪيائن مون کان نفساني (خواهش) منهنجي ۽ شاهدي ڏني شاهدي ڏيندڙ اهل ان جي مان ته جيڪڏهن آهي قميص ان جي ڦاڙي وئي اڳ کان پوءِ سچ چيو (زليخا) ۽ اهو ڪوڙن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يوسف چيو ته هن ئي مونکي پنهنجي هوس پوري ڪرڻ لاءِ لالچايو ۽ زال جي گهر جي ڀاتين مان هڪ شاهد شاهدي ڏني ته جيڪڏهن ان جي قميص اڳ کان ڦاٽي آهي ته اها سچي آهي ۽ اهو ڪوڙن مان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (يوسف) چيو ته: ”هن پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ منهنجي ذات جي باري ۾ لالچايو“ (ايتري ۾ خود) عورت جي گهر ڀاتين مان هڪ شاهدي ڏني ته جيڪڏهن ان (يوسف)جي قميص اڳيان ڦاٽل آهي پوءِ اُها سچي آهي ۽ هو ڪوڙن مان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اِنهيءَ عورت مون کي، ڇِڪيو پَنهنجي پار، ۽ ڪِنهن شاهد ڏِني، شاهدِي، گھر سَندسِ مان ڀار، ته اِنهيء جي آبي کي، جي آهي اڳيان ڏار، پوءِ هُن صَفاسَچ چيو ۽ بِيبِيءَ مَٿي نه بار، آهي اِهو اِظهار، ڪوڙن جي قطار مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يوسف چيو ”هن ئي مون کي پنهنجي لاءِ برغلايو“ ۽ مائي جي خاندان مان هڪ شاهد شاهدي ڏني ته“ جي ان جي قيمص اڳيان ڦاٽل آهي، ته زال سچي آهي ۽ هو ڪوڙو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يوسف چيو: "اهائي مونکي هَوَس پوري ڪرڻ لاءِ ورغلائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي". انهيءَ عورت جي پنهنجي ڪٽنب جي هڪ شخص (حالتن تي ٻڌل) شاهدي پيش ڪئي ته "جيڪڏهن يوسف جي قميص اَڳَ کان ڦاٽل آهي ته عورت سچي آهي ۽ هو ڪوڙو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يوسف چيو، اها مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. عورت جي ڪٽنب مان هڪ شخص (حالتن تحت) شاهدي ڏني ته، جي هن (يوسف) جي قميص ڦاٽل آهي اڳيان ته اها (عورت) سچي آهي ۽ هي ڪوڙو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ويچاري يوسف) چيو ته: سائين! ھن ته پنھنجي مطلب لاءِ مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پَئي (ان موقعي تي مڙس سان گڏ عورت جي خاندان جو به هڪ ماڻهو گڏ بيٺو ھو) تنھن معاملي کي سمجهندي چيو ته جيڪڏھن سندس قميص اڳيان ڦاٽل آھي ته عورت سچي آھي ۽ ھو ڪوڙو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن كانَ قَميصُهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ فَكَذَبَت وَهُوَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 27) |
۽ جيڪڏھن سندس پھراڻ پٺيءَ کان ڦاڙيو ويو آھي ته (زليخا) ڪوڙي ۽ اھو سچن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن قميص پٺئين پاسي کان ڦاٽل آهي ته عورت ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ يوسف سچو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن اُن جي قميص پويان ڦاٽل آهي ته پوءِ بيبي ڪوڙي آهي ۽ اُهو سچن مان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪڏهن ان جي قميص پٺ کان ڦاٽي آهي ته هي ڪوڙي آهي ۽ هو سچن مان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن آهي قميص ان جي ڦاڙي وئي پٺيءَ کان پوءِ ڪوڙ هنيو (زليخا) ۽ اهو (يوسف) سچن مان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن ان جي قميص پٺ کان ڦاٽي آهي ته زال ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ اهو سچن مان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن سندس قميص پويان ڦاٽل آهي ته اُها (عورت) ڪوڙي آهي ۽ هو (يوسف) سچن مان آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڦاٽل آهي، هُن جو، پُٺ کان پيراهن، ته ڪُوڙ ڪيو هِن، ۽ هُو آهي صَفا سَچن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي هن جي قميص پٺيان ڦاٽل آهي، ته هو ڪوڙي آهي، هو سچو آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جي ان جي قميص پــُـٺ کان ڦاٽل آهي ته عورت ڪوڙي آهي ۽ هيءُ سچو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي هن جي قميص پٺ کان ڦاٽل آهي ته عورت ڪوڙي آهي ۽ هيءُ سچو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏھن سندس قميص پويان ڦاٽل آھي ته عورت ڪوڙي آھي ۽ ھو سچو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا رَءا قَميصَهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ قالَ إِنَّهُ مِن كَيدِكُنَّ إِنَّ كَيدَكُنَّ عَظيمٌ (آيت : 28) |
جنھن مھل (عزيز) پھراڻ پٺيءَ کان ڦاٽل ڏٺو (ته) چيائين ته (اي زالون) اھو (چوڻ) اوھان جي مڪرن مان آھي، ڇوته اوھان جو مڪر وڏو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن ان عورت جي مڙس ڏٺو ته يوسف جي قميص پٺئين پاسي کان ڦاٽل آهي، تڏهن (حقيقت سمجهيائين ۽) عورت کي چيائين ته ڪجهه به شڪ ناهي ته هيءُ توهان عورتن جي مڪرن مان هڪ مڪر آهي، ۽ توهان عورتن جا مڪر وڏا مڪر آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن بيبيءَ جي گھر واري ڏٺو ته قميص پويان ڦاٽل آهي ته چيائين ته بيشڪ اهو ڪم توهان جي اٽڪلن مان آهي، بيشڪ عورتن جو مڪر تمام وڏو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن عزيز مصر سندس قميص پٺيان ڦاٽل ڏٺي ته (زال کي) چوڻ لڳو ته اهو اوهان (زالن) جي مڪرن مان (هڪ مڪر) آهي. بيشڪ اوهان (زالن) جو مڪر تمام وڏو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن مصر جي عزيز ان جي قميص ڏٺي ته ڦاڙي وئي (هئي) پٺيءَ واري پاسي کان ته چيائين (ته اي زليخا!) بيشڪ اهو (مڪر) اوهان جي مڪرن مان آهي بيشڪ مڪر اوهان جو وڏو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ان جي قميص کي پٺيءَ کان ڦاٽل ڏٺائين ته چيائين ته اهو اوهان (زالن) جي مڪرن مان (هڪ مڪر) آهي. بيشڪ اوهان (زالن) جو مڪر وڏو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ان (عزيزِ مصر) سندس قميص پويان ڦاٽل ڏٺي ته چيائين: ”بيشڪ اِهو اوهان (زالن) جي مڪر مان آهي. بيشڪ اوهان جو مڪر تمام وڏو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پُٺيان سَندسِ پيراهن کي، جڏهن ڏِٺائين ڏار، هِي مَڪر اوهان جو عورتون، ٻوليائين ٻِيهار، آهي وَڏو اِظهار، مَڪر اوهان جو عورتون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن مڙس سندس قميص پٺيان ڦاٽل ڏٺي، ته چيائين ”اوهان (زالن) جي چالاڪي آهي، بيشڪ اوهان (زالن) جون چالاڪيون به وڏيون آهن!. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن مڙس ڏٺو ته يوسف جي قميص پـُـٺ کان ڦاٽل آهي ته چيائين ته "اهي توهان زالن جا مڪر آهن ۽ سچ پچ ته توهان زالن جا مڪر ڏاڍا خطرناڪ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن هن (مڙس) ڏٺو ته قميص پٺ کان ڦاٽل آهي ته هي چوڻ لڳو، اهي توهان عورتن جون چالاڪيون آهن، بيشڪ توهان جون چالبازيون غضب جون آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن مڙس سندس قميص کي پويان ڦاٽل ڏٺو ته چيائين ته ھي توھان عورتن جون ترڪتاليون آھن. بيشڪ توھان جون ترڪتاليون سڀني کان خطرناڪ ھونديون آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يوسُفُ أَعرِض عَن هٰذا وَاستَغفِرى لِذَنبِكِ إِنَّكِ كُنتِ مِنَ الخاطِـٔينَ (آيت : 29) |
(اي) يوسف اِن (ڳالھ) کان منھن موڙ، ۽ (اي زليخا) تون (به) پنھنجي مدائيءَ جي بخشش گھر، ڇوته تون ئي خطا وارن مان آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (وري عزيز چيو ته) اي يوسف هن (معاملي) کي درگذر ڪري ڇڏ (يعني جيڪي ٿيو تنهن کي وساري ڇڏ) ۽ (زال کي چيائين ته) پنهنجي گناهه جي معافي گهر، بيشڪ تون ئي خطا وار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي يوسف انهيءَ ڳالهه کي لڪائي ڇڏ ۽ اي بيبي تون پنهنجي گناه جي بخشش طلب ڪر، بيشڪ تون تون قصور واري آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (يوسف کي چيائين) اي يوسف: هن کي ڇڏي ڏي ۽ (زال کي چيائين ته) تون پنهنجي گناھ جي معافي گهر ڇو ته تون ئي پڪ ڏوهارين مان آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي يوسف! درگذر ڪر هن کان ۽ معافي گهر گناھ پنهنجي جي بيشڪ تون هئينءَ خطا ڪرن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي يوسف! ان (ڳالهه) کان منهن موڙ (نه پکيڙ). ۽ اي زال تون پنهنجي گناهه جي معافي گهر! بيشڪ تون خطا وارن مان آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي يوسف تون ان ڳالهه کي درگذر ڪر. ۽ (اي عورت) تون پنهنجي گناهه جي معافي گُهر، بيشڪ تون ئي خطا ڪارن مان آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُنهن موڙيو يُوسُف!، هِن ڪنان، ۽ مڱ توهان مَعافي مُور، اِي ڪامڻ! سَندِئي قُصور، تون خاطِين مَنجھان خاطرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يوسف! هن ڳالهه کي ڇڏي ڏي ۽ (اي زال!) تون پنهنجي قصور جي معافي وٺ، بيشڪ تون ئي ڏوهاري آهين!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يوسف تون انهيءَ معاملي کي ٽاري ڇڏ ۽ اي عورت! تون پنهنجي قصور جي معافي وٺ، حقيقت ۾ ڏوهه تنهنجو ئي هو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يوسف ان ڳالهه کي درگذر ڪر ۽ اي عورت! تون پنهنجي قصور جي معافي گهر، تون ئي حقيقت ۾ ڏوهاري هئين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (مڙس چيو ته پُٽ) يوسف! ھاڻي تون ان ڳالھ کي در گذر ڪر ۽ اَڙي مائي! تون پنھنجي ڏوهه جي معافي گهر، بيشڪ تون ئي ڏوھي آھين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ نِسوَةٌ فِى المَدينَةِ امرَأَتُ العَزيزِ تُرٰوِدُ فَتىٰها عَن نَفسِهِ قَد شَغَفَها حُبًّا إِنّا لَنَرىٰها فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
۽ شھر ۾ ڪيترين زالن پچاريو ته عزيز جي زال پنھنجي جوان ٻانھي کي سندس نفس کان (بڇڙي ڪم لاءِ) راڻيندي آھي، بيشڪ (يُوسف جو) پيار سندس دل ۾ پيھي ويو آھي، اسين کيس پڌري گمراھيءَ ۾ ضرور ڏسنديون آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ جڏهن هي قصو مشهور ٿيو تڏهن) شهر جون ڪي عورتون (چور پچور ڪري) چوڻ لڳيون ته ڏسو ته سهي عزيز جي زال پنهنجي غلام تي (عاشق ٿي) حيلا هلائڻ لڳي ته من هن کي ريجهائي ٺاهي وجهي. هوءَ سندس محبت ۾ موهجي ويئي آهي. اسان جي خيال ۾ ته هوءَ ظاهرظهور بدچاليءَ ۾ پئجي ويئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ شهر جي عورتن عزيز جي گھر واري چيو ته تو هڪ نوجوان (غلام) کي پاڻ ڏانهن راغب ڪيو آهي، بيشڪ اُن جي محبت تنهنجي دل ۾ سمائجي وئي آهي، بيشڪ اسين انهيءَ کي صاف گمراهي ۾ ڏسئون ٿيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مصر) شهر ۾ زالون چرچو ڪرڻ لڳيون ته عزيز (مصر) جي زال پنهنجي غلام سان (ناجائز) مطلب حاصل ڪرڻ جي هوس رکي ٿي. بيشڪ (غلام لاءِ) محبت سندس دل ۾ ڄمي وئي آهي. اسين ته پڪ کيس ظاهر غلطي ۾ (ورتل) ڏسون ٿيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو عورتن شهر ۾ ته زال (مصر جي) عزيز جي ٿي طلب ڪري نوجوان پنهنجي کان نفساني (خواهش) ان جي تحقيق بي اختيار بنايائين ان کي محبت ۾ بيشڪ اسين البته ڏسون ٿيون ان کي گمراهيءَ کليل ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ شهر ۾ ڪن زالن چيو ته عزيز جي زال پنهنجي غلام کي پنهنجي هوس پوري ڪرڻ لاءِ لالچائي ٿي.بيشڪ (غلام لاءِ ) محبت سندس دل ۾ ڄمي وئي آهي. بيشڪ اسين ان کي ظاهر گمراهيءَ ۾ ڏسون ٿيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ شهر ۾ ڪن عورتن چيو ته: ”عزيز (مصر) جي زال پنهنجي غلام کي پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ لالچائي ٿي. بيشڪ ان جي محبت سندس دل ۾ گَهرُ ڪري وئي آهي. بيشڪ اسان کيس کليل گمراهي (يعني گَهَرِي محبت) ۾ ڏسون ٿيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چيو گَھراڻـيُن گام ۾، وَزِير وڏي جي زال، گُھري سَندسِ گولي کان، پَنهنجو خام خيال، محبت کان مَن اُن جو، چيرئـِين اِهڙي چال، ڀانيوسِ ٿِيون بَحال، بِلڪُل پَڌرِيءَ ڀُل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شهر جي ڪن عورتن چيو ته ”عزيز جي زال پنهنجي غلام کي پنهنجي لاءِ ڦسلائي ٿي ۽ سندس دل ۾ هن جي محبت گهر ڪيو اٿس پڪ! اسين ته ان کي پڌري غلطي ۾ ڏسون ٿيون!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) شهر جون عورتون پاڻ ۾ چؤپچو ڪرڻ لڳيون ته "عزيز جي گهرواري پنهنجي نوجوان ٻانهي کي ورغلائڻ جي ڪڍ آهي. محبت صفا مست ڪري ڇڏيو اٿس. اسانجي خيال ۾ ته اها پڌري گمراهيءَ ۾ آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چؤ پچو ڪئي پاڻ ۾ عورتن جيڪي شهر جون هيون ته، عزيز جي زال پٺيان لڳل آهي پنهنجي غلام جي، کيس بي وس ڪيو آهي محبت، اسان جي خيال ۾ اها سڌي سنئين ڀليل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخرڪار اھا ڳالھ ظاھر ٿي ٻاھر پھتي ته شھر جي عورتن پاڻ ۾ ويهي تبصرو ڪندي چيو ته: عزيز (يعني بادشاهه) جي زال پنھنجي نوجوان غلام تي ھِرکي سندس محبت ۾ چري ٿي پئي آھي. (اَدي اھا ته وڏي ضلالت جي ڳالھ آھي جو ڪاڏي غلام ۽ ڪاڏي راڻي) اسان ته کيس (اخلاق کان) صفا ڪريل ٿا ڏسون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا سَمِعَت بِمَكرِهِنَّ أَرسَلَت إِلَيهِنَّ وَأَعتَدَت لَهُنَّ مُتَّكَـًٔا وَءاتَت كُلَّ وٰحِدَةٍ مِنهُنَّ سِكّينًا وَقالَتِ اخرُج عَلَيهِنَّ فَلَمّا رَأَينَهُ أَكبَرنَهُ وَقَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ وَقُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما هٰذا بَشَرًا إِن هٰذا إِلّا مَلَكٌ كَريمٌ (آيت : 31) |
پوءِ جنھن مھل (زليخا) سندن گلا ڪرڻ ٻڌي (ته) انھن ڏانھن (ماڻھو) موڪليائين ۽ انھن لاءِ مجلس تيار ڪيائين ۽ منجھائن ھر ھڪ کي ڪپ ڏنائين ۽ چيائين ته (اي يُوسفؑ) مٿن نِڪر، جنھن دم کيس ڏٺائون ته کيس وڌيڪ (سھڻو) ڄاتائون ۽ پنھنجا ھٿ وڍيائون، ۽ چيائون ته الله پاڪ وڏو آھي ھيءُ (نينگر) ماڻھو نه آھي، پر ھڪ سڳورو ملائڪ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن عزيز جي زال (سندن) مڪاريءَ جون هي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هنن کي گهرايائين ۽ هنن جي لاءِ مسندون (يعني، طول وهاڻا) ترتيب سان تيار رکايائين (۽ طعام اڳيان رکايائين) ۽ (دستور موجب) هرهڪ کي هڪ هڪ ڇري ڏنائين (ته کائڻ ۾ ڪم آڻين)، پوءِ (جڏهن هي سڀ ڪجهه ٿي چڪو تڏهن) يوسف کي چيائين ته هنن زالن جي سامهون نڪري اچ. جڏهن (يوسف آيو ۽) انهن عورتن کيس ڏٺو تڏهن (کيس اهڙو ڏٺائون جو) سندس بهتريءَ جو اعتراف ڪيائون، (يعني قبول ڪيائون ته بيشڪ هو اعليٰ شان وارو آهي) هنن (حيرانيءَ ۾ ڇرين سان) پنهنجا هٿ ڪپي وڌا ۽ (بي اختيار) چئي ڏنائون ته سبحان الله! هيءِ انسان ته نه آهي. ضرور ڪو فرشتو آهي ۽ وڏي مرتبي وارو فرشتو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن بيبيءَ انهن عورتن جون گلائون ٻُڌيون ته انهن کي دعوت ڏياري ۽ انهن لاءِ بهترين بيٺڪ تيار ڪرائي ۽ بيبي انهن مان هر هڪ عورت کي ڇُري ڏني ۽ چيو ته (اي يوسف) تون انهن جي سامهون اچ، پوءِ جڏهن عورتن يوسف کي ڏٺو ته اهو نهايت خوبصورت هو ۽ پنهنجي هٿن کي ڪٽي وڌائون ۽ چيائون الله کان پناه گهرئون ٿيون هي ته انسان ناهي، هي ته ڪو خوبصورت فرشتو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن زليخا سندن ٽوڪيون ٻڌيون ته هن، انهن عورتن کي سڏائي ۽ انهن جي لاءِ هڪ خاص مجلس تيار ڪيائين. ۽ انهن مان هر هڪ کي چاقو (۽ هڪ هڪ نارنج ڏئي ۽ چيائين ته جڏهن اوهان جي اڳيان اچي ته وڍي هڪ ڦار کيس ڏجو) ۽ يوسف کي چيائين ته هاڻي هنن اڳيان ته نڪري وڃ! ته جڏهن انهن عورتن کيس ڏٺو ته ان کي تمام حسن وارو ڏسي سڀني (بي خودي مان) پنهنجا پنهنجا هٿ وڍي ڇڏيا ۽ چوڻ لڳا ته خدا پاڪ آهي، هي آدمي ته نه آهي! هي ته ڪو عزت وارو فرشتو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن ٻڌو (زليخا) مڪر انهن جو ته قاصد موڪليائين انهن ڏانهن ۽ تيار ڪيائين انهن لاءِ ٽيڪ ڏيئي ويهڻ واري جاءِ ۽ ڏنائين هر هڪ کي انهن مان ڇري ۽ چيائين ته (اي يوسف!) ٻاهر نڪر انهن جي اڳيان پوءِ جڏهن ڏٺائون ان کي ته وڏو حسين سمجهيائون ان کي ۽ ڪٽيائون هٿ پنهنجا ۽ چيائون ته پاڪائي آهي الله جي لاءِ ناهي هي بشر، ناهي هي مگر ملائڪ عزت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن (عزيز جي زال) انهن (زالن) جي گِلا ٻڌي تڏهن انهن ڏي (ماڻهو) موڪليائين ۽ انهن لاءِ هڪ مجلس تيار ڪيائين ۽ انهن مان هر هڪ کي چاقو ڏنائين ۽ (يوسف کي) چيائين ته انهن جي اڳيان نڪري آءُ. پوءِ جڏهن انهن (عورتن) ان کي ڏٺو ته ان کي وڌيڪ (حُسن وارو) سمجهڻ لڳيون ۽ (بيخبري ۾ ) پنهنجن هٿن کي وڍيائون ۽ چوڻ لڳيون ته الله پاڪ آهي هيءَ آدمي نه آهي هيءَ ته ڪو سڳورو مَلَڪُ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ان عورتن جون مڪارانه گلائون ٻڌائين ته انهن کي گهرايائين ۽ انهن لاءِ مجلس تيار ڪيائين (هر هڪ اڳيان ميوا رکيائين) ۽ انهن مان هر هڪ کي ڇُري ڏنائين ۽ (يوسف کي) چيائين ته هنن جي اڳيان نڪري اچ. پوءِ جڏهن انهن کيس ڏٺو ته وڏو حسين ڏٺائون ۽ (نظارهِ حسنِ يوسفي ۾) پنهنجا هٿ وڍي ويٺيون ۽ چوڻ لڳيون: ”الله جي پناهه هي ته بشر نه آهي هي ته ڪو ملائڪ سڳورو ئي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَڏهن ٻُڌائـِين ٻوليون، پوءِ ڪوٺِيئـِينِ پَنهنجي پار، ۽ طُول وِهاڻا تَڪيا، ڪيئـِين تن لئي تيار، هَرهِڪ کي ڏِنئـِين اُنهن مان، ڪاتِي ڪاٽڻ هار. چي، نِڪر نِرمل! اُنهن مَٿي، پوءِ ويکــئونِس جِنهن وار، ڳَرِي ڀانيوسِ ڳالهڙِي، ٿيون سُڌٻُڌکان ٻَهار، ڪپيائون هَٿ پَنهنجا، ۽ ٻوليائون ٻِيهار، ته پاڪائـِي پَرور کي، جِنهن جوڙيو هِي جِنسار، مگر مَلڪ موچار، هِي ماڻهو ناهي مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سو جڏهن هن انهن عورتن جي گلا جي خبر ٻڌائين، ته انهن کي دعوت موڪليائين، انهن لاءِ طول وهاڻا تيار رکيائين، انهن مان هر هڪ کي ڇري ڏنائين ۽ (يوسف کي) چيائين ته ”انهن جي اڳيان اچ!“ جڏهن انهن کيس ڏٺو ته حيران ٿيون ۽ پنهنجا هٿ ڪپي وڌائون، چوڻ لڳيون، ”پاڪ آهي الله! هي ماڻهو ته نه آهي! هي ته ڪو وڏو فرشتو آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن جڏهن سندن اهي مڪاريءَ واريون ڳالهيون ٻڌيون ته کين گـُـهرائي ورتائين ۽ انهن لاءِ طول وهاڻن جي نشست تيار ڪرايائين ۽ دعوت ۾ هرهڪ کي هڪ هڪ ڇـُـري ڏنائين (پوءِ جنهن وقت هو ميوا وڍي کائي رهيون هيون ته) يوسف کي اشارو ڪيائين ته انهن جي سامهون نڪري اچ، جڏهن انهن عورتن جي نگاهه مٿس پئي ته هوش وڃائي ويٺيون ۽ پنهنجا هٿ ڪپي وڌائون ۽ بي اختيار ٿي چوڻ لڳيون ته "اوڻاين کان پاڪ ته الله آهي، باقي هيءُ شخص انسان ناهي، هيءُ ته ڪو سٻاجهڙو ملائڪ آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن هن (عورت) ٻڌيون اهڙيون مڪريليون ڳالهيون ته کين سڏائي ورتائين ۽ انهن جي لاءِ طول ۽ وهاڻن جي نشست جو بندوبست ڪيو ۽ مهماني ۾ هر ڪنهن آڏو هڪ ڇري رکيائين. پوءِ عين انهيءَ وقت (جڏهن اهي ميوا وڍي کائي رهيون هيون) هن يوسف کي اشارو ڪيو، اهو جيئن سندن سامهون آيو ته کيس ڏسندي ئي دنگ رهجي ويون، پنهنجا هٿ ڪپي ويٺيون، چوڻ لڳيون، عيبن کان پاڪ الله آهي، هي شخص انسان نه آهي، هي ته ڪو ڀلارو فرشتو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏھن راڻي کي انهن عورتن جي تبصري جي خبر پئي ته ھُن سڀني کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ انهن لاءِ گول ڊگهن وھاڻن سان سينگاريل ھڪ دعوت ڪئي پوءِ سڀني جي آڏو (فروٽ سان گڏ ھڪ تيز) ڇُري به رکيائين، راڻي يوسف کي (سڏي) حڪم ڪيو ته انهن (مهمانن) جي اڳيان اچ (۽ ضرورت جون شيون پيش ڪر) جڏھن انهن عورتن يوسف کي ڏٺو ته دنگ رھجي ويون ۽ (بي خيالي ۾) پنھنجي ھٿن کي چيري وڌائون ۽ بي ساخته چيائون ته: اللھ تعالى جي پناهه! ھي انسان آھي ئي ڪونه، ھي ته ڪو ڀلارو فرشتو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَت فَذٰلِكُنَّ الَّذى لُمتُنَّنى فيهِ وَلَقَد رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ فَاستَعصَمَ وَلَئِن لَم يَفعَل ما ءامُرُهُ لَيُسجَنَنَّ وَلَيَكونًا مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 32) |
(زليخا) چيو اِھو اُھو آھي جنھن (جي محبت) ۾ اوھين مون کي ٽوڪينديون ھُيؤ، ۽ بيشڪ سندس نفس کان کيس راڻيم ٿي پوءِ پاڻ بچايائين، ۽ کيس جيڪي حُڪم ڪريان ٿي سو جيڪڏھن نه ڪندو ته ضرور قيد ڪيو ويندو ۽ ضرور بي فرمانن مان ٿيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تڏهن (عزيز جي زال) چيو ته، هاڻي ته ڏٺوَ؟ اهو اٿو اهو ماڻهو جنهن جي باري ۾ توهان مون کي طعنا ڏنا هئا. هائو! بيشڪ مون سندس دل کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ چاهيو هو، پر هو بي قابو نه ٿيو (يعني پنهنجي دل تي ضابطو نه وڃايائين) ۽ (هاڻي کيس ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته) جيڪڏهن منهنجو چوڻ نه مڃيندو (۽ پنهنجي ضد تي اڙيو رهندو) ته ضرور قيد خاني ۾ وڌو ويندو ۽ بي عزتيءَ ۾ پوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيبي چيو هي اُهو آهي جنهن لاءِ توهان مون تي ملامت ڪئي ٿي، ۽ بيشڪ مون انهي کي تدبير سان پاڻ ڏانهن راغب ڪيو ٿي، پر پاڻ معصوم رهيو، ۽ جيڪڏهن يوسف ايئن نه ڪيو جيڪو مون کيس حڪم ڪيو آهي ته ان کي قيد ڪيو ويندو ۽ اهو ضرور خوار ماڻهن مان ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تڏهن زليخا انهن کي) چيو ته بس! هي اهو ته آهي جنهن لاءِ اوهان سڀني مون کي ٽوڪيو ٿي ۽ هاءُ هن کان آءُ پنهنجو مطلب پورو ڪرڻ واري هيس پر هن پاڻ کي بچايو. ۽ جيڪو حڪم ان کي ڪريان ٿي سو جيڪڏهن نه ڪندو ته ضرور کيس قيد ڪيو ويندو ۽ ذليل به ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو (زليخا) پوءِ اهوئي آهي اهو جو طعنا هنيا اوهان مون کي ان (باري) ۾۽ البته تحقيق طلب ڪئي مون ان کان سندس نفساني (خواهش) پوءِ پاڻ بچايائين ۽ البته جيڪڏهن نه ڪندو جيڪو امر ٿي ڪيان ان کي ته البته ضرور قيد ڪيو ويندو ۽ البته ضرور ٿيندو (ظاهر ۾) بي عزت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چوڻ لڳي ته اِهو اُهو آهي جنهن جي ڪري اوهان مونکي بُرو ڀلو چيو.۽ بيشڪ مون ان کي لالچايو پر هن پاڻ کي بچايو. ۽ جيڪو حڪم ان کي ڪريان ٿي سو جيڪڏهن نه ڪندوته ضرور کيس قيد ڪيو ويندو ۽ خوار ماڻهن مان ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چوڻ لڳي: ”هي اهو ئي آهي جنهن جي باري ۾ اوهين مون کي ملامت ڪنديون هيئو. ۽ بيشڪ مون ان کي لالچايو هيو پر پاڻ کي بچايائين. ۽ (هاڻي به) جيڪڏهن ائين نه ڪندو جيئن کيس حڪم ڪيان ٿي ته کيس ضرور قيد ڪيو ويندو ۽ پڪ سان بي آبرو ڪيو ويندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هِي، سو اُهو لال، جِنهن تان، ڇِينڀِيان مُون کي ڇوريون، ۽ جيڏيون گُھريمِ جنهن سان، ويترئـِي وِصال، هِي سالِم ساراسال، پاڪ رکي پِيو پاڻ کي. ۽ جي نه مڃيندو مُورهين، چوانسِ جيڪاڳالھ، قيد اڄ يا ڪالھ، ۽ ٿِيندوخُوارن مان خَلق ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) عورت چيو ته ”ڏسو، هي اهو آهي، جنهن لاءِ اوهين مون کي ڇيڀينديون هيون، سچ پچ ته مون ان کي پنهنجي لاءِ ڦسلايو، مگر هو پاڪ رهيو، هاڻ جيڪي چوانس ٿي سو جي نه ڪندو، ته هو ضرور قيد ڪبو ۽ بي عزت ٿيندو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) عزيز جي زال چين: "ڏِٺوَ، اهو اٿوَ اهو شخص جنهن جي باري ۾ مونکي پئي مهڻا ڏِنوَ. برابر مون هن کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هيءُ پاڻ بچائي ويو. جيڪڏهن منهنجو چيو نه مڃيندو ته قيد ۾ پوندو ۽ خوار خراب ٿيندو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ عزيز جي زال چين، ”ڏٺوَ! هي آهي! اهو شخص جنهن جي باري ۾ ملامت ڪنديون هيون مون کي، بيشڪ مون کيس ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويو، ۽ هي جيڪڏهن منهنجو چيو نه مڃيندو ته قيد ڪيو ويندو، ۽ ڏاڍو خوار خراب ٿيندو“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) راڻي چيو ته: اھو ئي ته آھي اُھو غلام! جنھن جي ڪري توھان (پَرپُٺ) مون تي ملامت ڪري رھيون ھيون. مون کيس گهڻو ئي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھو بچي ويو ھاڻي به جيڪڏھن ھُن منھنجو ارادو پورو نه ڪيو ته ھو قيد ٿيندو ۽ وڏو خوار ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبِّ السِّجنُ أَحَبُّ إِلَىَّ مِمّا يَدعونَنى إِلَيهِ وَإِلّا تَصرِف عَنّى كَيدَهُنَّ أَصبُ إِلَيهِنَّ وَأَكُن مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 33) |
(يُوسفؑ) چيو اي منھنجا پالڻھار جنھن (ڪم) ڏانھن مون کي سڏين ٿيون تنھن کان مون کي قيد پسند آھي، ۽ جيڪڏھن سندن مڪر مون کان نه ٽاريندين ته انھن ڏانھن لڙندس ۽ جاھلن مان ٿيندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (يوسف اها ڌمڪي ٻڌي الله کان دعا گهري) چيائين ته اي منهنجا رب! مون کي قيد ۾ رهڻ هن ڳالهه کان گهڻو وڌيڪ پسند آهي جنهن ڳالهه ڏانهن هي عورتون مون کي سڏي رهيون آهن. جيڪڏهن تون (منهنجي مدد نه ڪندين ۽) هنن جي مڪارين جي ڄار کان نه بچائيندين ته عجب ناهي ته مان هنن ڏانهن جهڪي پوان ۽ انهن ماڻهن منجهان ٿي پوان جيڪي جاهل ۽ ناشناس آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يوسف دعا گھري اي منهنجا رب جنهن ڪم لاءِ مون کي اهي سڏين ٿيون ان کان مون لاءِ قيد بهتر آهي، ۽ جيڪڏهن تو مون تان انهن جو فريب نه لاٿو ته آئون انهن ڏانهن جھڪي پوندس ۽ آئون جاهلن مان ٿي پوندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي يوسف منهنجي بارگاھ ۾) عرض ڪيو، اي منهنجا پالڻهار! جنهن ڪم ڏي هي عورتون مون کي سڏين ٿيون ان کان مون کي قيد خانو وڌيڪ وڻي ٿو. جيڪڏهن تون سندن مڪر کي دفع نه ڪندين ته (شايد) آءُ انهن ڏي مائل ٿي وڃان ۽ آءُ جاهلن ۾ ڳڻيو ويندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عرض ڪيائين ته: اي منهنجا پالڻهار! قيد (۾ پوڻ) وڌيڪ پيارو آ مون لاءِ ان کان جو سڏين ٿيون مون کي انهيءَ ڏانهن ۽ جيڪڏهن نه ڦيرائيندين تون مون کان مڪر انهن جو ته لاڙو ڪندس مان انهن ڏانهن ۽ ٿي پوندس جاهلن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يوسف چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! جنهن ڪم ڏي مونکي سڏين ٿيون تنهن کان قيدخانو مون وٽ زياده پسند آهي ۽ جيڪڏهن تون مون کان انهن جي مڪر کي دفع نه ڪندين ته (شايد) آءٌ انهن ڏي مائل ٿيندس آءٌ جاهلن مان ٿيندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (يوسف) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي قيد ان ڪم کان زياده محبوب آهي جنهن ڏانهن مون کي سڏن ٿيون ۽ جيڪڏهن تون انهن جي مڪر کي مون کان نه هٽائيندين ته آءٌ انهن جي (ڳالهين) طرف مائل ٿي ويندس ۽ آءٌ نادانن مان ٿي پوندس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي سانيمِ! سڏِينِمِ جيڏهين، حاڪمياڻيون حُضور؛ مُون لئي قيد، اُنهيء ڪم کان، موچارو مَنظور، مون کان، تون تن جو، جي نه ڦرِيندِين فُتور، ته مُڙندسِ تن ڏي مُور، ۽ ٿِيندسِ مُورکن مان مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (يوسف) چيو ته ”اي منهنجا ڌڻي! مون کي قيد ان کان وڌيڪ وڻي ٿو، جنهن ڏانهن هو مون کي سڏين ٿيون، ۽ جي تون مون کان هنن جي داءَ کي نه هٽائيندين، ته آءُ انهن ڏانهن مڙي پوندس ۽ نادان ٿي پوندس!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يوسف چيو: "اي منهنجا رب! قيد مونکي منظور آهي، ان ڳالهه کان جو مان اهو ڪم ڪريان جنهن ڏانهن مونکي ڇڪين پيا ۽ جيڪڏهن تو سندن چالبازيون مون کان پري نه ڪيون ته مان ته سندن ڄار ۾ ڦاسي پوندس ۽ جاهلن ۾ شامل ٿي ويندس" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يوسف چيو، اي منهنجا رب! جنهن ڪم لاءِ سڏين ٿيون ان کان قيد خانو مون کي منظور آهي ۽ جي تو کين سندن حرڪتن کان نه ٽاريو ته آئون سندن ڄار ۾ ڦاسي پوندس (مائل ٿي پوندس) ۽ جاهلن ۾ شامل ٿي ويندس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اھو ٻڌي) يوسف دعا گهري ته: اي منھنجا پالڻھار! جنھن ڪم لاءِ ھي مون کي سڏن ٿيون ان کان ته مون کي قيد ۾ رهڻ پسند آھي. جيڪڏھن تون مون کي انهن جي مڪارين کان نه بچائيندين ته مان انهن ڏي مائل ٿي ويندس ۽ پوءِ مان به جاھل ماڻهن ۾ وڃي شمار ٿيندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاستَجابَ لَهُ رَبُّهُ فَصَرَفَ عَنهُ كَيدَهُنَّ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 34) |
پوءِ سندس پالڻھار ان جي دُعا قبول ڪئي ۽ کانئس اُنھن جو مڪر ٽاريائين، ڇوته اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (ڏسو) سندس پروردگار سندس دعا قبول ڪئي ۽ کانئس انهن عورتن جون مڪاريون دفع ڪري ڇڏيائين، بيشڪ اهوئي آهي (دعائن جو) ٻڌندڙ ۽ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ الله تعالى يوسف جي دعا قبول ڪئي ۽ ان تان عورتن جو فريب پري ڪيو، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ سندس پالڻهار هن جي ٻڌي. پوءِ ان کان زالن جي مڪر کي دفع ڪيائين. بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ دعا قبول ڪئي ان جي رب ان جي پوءِ ڦيرايائين ان کان مڪر انهن جو بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سندس پاليندڙ سندس دعا قبول ڪئي پوءِ ان کان عورتن جي مڪر کي دفع ڪيائين. بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ سندس پالڻهار ان جي دعا قبول ڪئي پوءِ عورتن جي مڪر کي ان کان دور ڪيائين. بيشڪ اُهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِي دُعا اُن جِي، ڪئـِي مِڙيئـِي مَنظور، حِيلا اُنهن جا، اُن ڪنان، هَٽايا حُضور، سو مالِڪ آهي مُور، سُڻندڙ سَمجھندڙ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تڏهن سندس رب ان جي دعا قبول ڪئي ۽ انهن جي داءَ کي کانئس دور رکيائين، بيشڪ هو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ سندس رب دعا قبول ڪئي ۽ انهن عورتن جون چالبازيون کانئس پري ڪري ڇڏيائين، بيشڪ اهوئي آهي، جيڪو سڀني جي ٻڌي ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سندس دعا قبول ڪئي سندس رب ۽ انهن عورتن جون حرڪتون کانئس دفع ڪيائين، بيشڪ اهو ئي سڀ ڪجهه ٻڌي ڄاڻي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پالڻھار سندس دعا کي قبول فرمايو، کيس انهن عورتن جي ترڪتالين کان بچايو. بيشڪ ھو ٻڌندڙ ۽ وڏي علم وارو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ بَدا لَهُم مِن بَعدِ ما رَأَوُا الءايٰتِ لَيَسجُنُنَّهُ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 35) |
وري به نشانين جي ڏسڻ کان پوءِ کين ھيءَ (ڳالھ) نظر آئي ته ڪجھ وقت تائين کيس ضرور قيد وجھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (ڇا ٿيو جو) اگرچه اهي ماڻهو (يعني عزيز ۽ سندس خاندان جا ماڻهو) نشانيون ڏسي چڪا هئا (ته بيشڪ يوسف پاڪ دامن ۽ بلند اخلاق انسان آهي) تڏهن به کين هيءَ ڳالهه مناسب نظر آئي ته هڪ خاص مدت لاءِ يوسف کي قيد خاني ۾ وڌو وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يوسف جي پاڪ دامني جي ثبوت ملڻ کان پوءِ انهن جي راءِ بيٺي ته يوسف کي ڪجھه وقت لاءِ قيد ڪيو وڃي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (عزيز مصر ۽ سندن ماڻهن) توڙي جو (يوسف جي پاڪدامنيءَ جون) نشانيون ڏٺيون هئائون پوءِ به کين مناسب معلوم ٿيو ته ڪجھ ميعاد لاءِ کيس قيد ۾ رکجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ظاهر ٿيو انهن لاءِ پڄاڻان ان جي جو ڏٺائون نشانيون ته البته ضرور قيد ڪندا ان کي ڪجھ وقت تائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ان کان) پوءِ (يوسف جي سچائي جي) نشانين ڏسڻ تي انهن کي هيءَ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته ان کي هڪ مدت تائين قيد ۾ رکن ۽ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ کين (سندس پاڪدامني جون) نشانيون ڏسڻ بعد اهو مناسب لڳو ته کيس هڪ مدت تائين قيد ۾ رکن. (جيستائين عوام کان اهو واقعو وسري وڃي).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن بَعد ڀَليون نِشانِيون، سوٺائون صَحِي، وَڻِينِ هِيئـِين کي هِي، ته ڪو وقت رَکنسِ قيد ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڪن نشانين ڏسڻ بعد هنن کي ائين ٺيڪ لڳو، ته هن کي ڪجهه وقت تائين قيد ڪجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ انهن ماڻهن کي اهو خيال آيو ته هڪ مدت لاءِ کيس قيد ۾ رکن، توڻي جو هو (سندس بيقصور ۽ پاڪدامن هجڻ جون) چٽيون نشانيون ڏسي به چڪا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ انهن ماڻهن کي اها ڳالهه ذهن ۾ آئي ته اهي هڪ عرصي جي لاءِ کيس قيد ڪن (جڏهن ته اهي پنهنجين) عورتن جون بدحاليون ڏسي چڪا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ وڏ گهراڻن وارن کي (يوسف جي بيڏوھي هجڻ جون) نشانيون ڏسڻ کان پوءِ ھي ڳالھ سمجهه ۾ آئي ته ھن (نوجوان) کي ڪجهه وقت لاءِ قيد ڪيو وڃي (ته جيئن اسان جي گهرن جو ماحول سڌري وڃي) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَدَخَلَ مَعَهُ السِّجنَ فَتَيانِ قالَ أَحَدُهُما إِنّى أَرىٰنى أَعصِرُ خَمرًا وَقالَ الءاخَرُ إِنّى أَرىٰنى أَحمِلُ فَوقَ رَأسى خُبزًا تَأكُلُ الطَّيرُ مِنهُ نَبِّئنا بِتَأويلِهِ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 36) |
۽ ساڻس ٻه جوان قيد ۾ گھڙيا، انھن مان ھڪ چيو ته مون پاڻ کي (ننڊ ۾) ڏٺو ته شراب نپوڙيان ٿو، ۽ ٻئي چيو ته مون پاڻ کي مٿي تي ماني کڻندو ۽ منجھانئس پکين کي کائيندو ڏٺو، اسان کي اُن جي تعبير جي خبر ڏي، بيشڪ اسين توکي ڀلارن مان ڏسون ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) يوسف سان گڏ ٻه جوان مرد ٻيا به قيد خاني ۾ داخل ٿيا. انهن مان هڪ (يوسف کي) چيو ته، مون کي (خواب ۾) ڏسڻ ۾ آيو آهي ته مان شراب (ٺاهڻ) جي لاءِ (انگورن جو) عرق ڪڍي رهيو آهيان. ٻئي چيو ته، مون کي ڏسڻ ۾ آيو آهي ته مٿي تي ماني کنئي اٿم ۽ پکي ان کي کائي رهيا آهن (۽ ٻنهي عرض ڪيو ته) اسان کي ٻڌاءِ ته، هن ڳالهه جو نتيجو ڪهڙو نڪرڻو آهي. اسان ڏسون ٿا ته تون بيشڪ وڏو نيڪ ماڻهو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ قيد ۾ (حضرت) يوسف سان گڏ ٻه (بادشاه جا) غلام به داخل ٿيا. انهن ٻنهي مان هڪڙي چيو ته تحقيق آئون خواب ۾ ڏسان ٿو ته آئون شراب نپوڙيان پيو ۽ ٻئي چيو تحقيق آئون خواب ۾ ڏسان ٿو ته آئون مٿي تي مانيون کڻان پيو ان مان پکي کائن پيا، اسان کي انهن (خوابن) جو تعبير ٻڌاءِ، بيشڪ اسين توکي نيڪوڪار ڏسون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ يوسف سان گڏ ٻيا به ٻه جوان ماڻهو (قيد خاني ۾) داخل ڪيا ويا. (ڪجھ ڏينهن کان پوءِ) انهن مان هڪ چيو ته مون خواب ۾ ڏٺو آهي ته آءُ شراب (بنائڻ لاءِ انگور) نپوڙي رهيو آهيان ۽ ٻئي چيو، مون (خواب ۾) پاڻ کي ڏٺو ته منهنجي مٿي تي مانيون آهن ۽ تن مان پکي ٿا کائن (يوسف) اسان کي ان جو تعبير ٻڌاءِ ڇو ته اسين تو کي نيڪن مان سمجهون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ داخل ٿيا گڏ ان سان قيد ۾ ٻه جوان، چيو هڪڙي انهن ٻنهي مان ته تحقيق مان ڏسان ٿو پاڻ کي ته نپوڙيان پيو شراب ۽ چيو ٻئي ته بيشڪ مان ڏسان پيو پاڻ کي ته کڻان پيو مٿان مٿي پنهنجي ماني جو کائن پيا پکي ان مان خبر ڏي مون کي ان جي تعبير جي بيشڪ اسين ڏسون ٿا توکي نيڪو ڪارن مان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان سان گڏ قيدخاني ۾ ٻه جوان داخل ٿيا. انهن مان هڪ چيو ته آءٌ (خواب ۾ ) پاڻ کي شراب نپوڙيندي ڏسان ٿو. ۽ ٻئي چيو ته آءٌ (خواب ۾ ) پاڻ کي پنهنجي مٿي تي ماني کڻندي ڏسان ٿو، جنهن مان پکي کائين ٿا. اسان کي ان جو تعبير ٻڌاءِ . بيشڪ اسين توکي نيڪ ڪم ڪندڙن مان ڏسون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ساڻس گڏ ٻه نوجوان به قيد ۾ داخل ٿيا. انهن مان هڪڙي چيو ته: ”مون پاڻ کي (خواب ۾) ڏٺو ته شراب نپوڙي رهيو آهيان“ ۽ ٻئي چيو ته: ”مون پنهنجو پاڻ کي (خواب ۾) ڏٺو آهي ته پنهنجي مٿي تي ماني کڻان پيو ان مان پکي کائن پيا“. (ٻنهين چيو ته: ”اي يوسف!) اسان کي ان (خوابن) جو تعبير ٻڌاءِ، بيشڪ اسان تو کي نيڪوڪارن مان ڏسون ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پُوريا ساڻسِ پور ۾، ٻَه ساٿِي سزاياب، هِڪ چيو ته ڪر نِنڊ۾، نِچُوڙيان شراب، ٻئي چيو ته، مانِي ڪا مَٿمِ، کـڻان پيو مَنجھ خواب، پَٽيو کِين پکي پِيا، اُنهيءَ مان عُقاب، ڪَر تعبِير تِنهنجو، صَحِي بَرصواب، نيڪن مان نَواب!، بيشڪ توکي ڀانيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ساڻس قيد ۾ ٻه جوان به پيا، انهن مان هڪ چيو ته ”آءُ خواب ڏسان ٿو: شراب ٿو نچوڙيان_ ”ٻئي چيو ته ”آءُ پيو ڏسان ته مٿي تي مانيون کنيون اٿم ۽ ان مان پکي پيا کائن، اسان کي انهن جو تعبير ٻڌاءِ، تون اسان کي نيڪ لڳين ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قيد خاني ۾ ٻه ٻيا جوان به ساڻس گڏ داخل ٿيا. هڪ ڏينهن انهن مان هڪڙي چيو: "مان خواب لڌو آهي ته مان شراب ٿو نپوڙي ڪڍان". ٻئي چيو ته "مان خواب ۾ ڏٺو آهي ته منهنجي مٿي تي مانيون رکيون آهن ۽ پکي انهن کي کائي رهيا آهن". ٻنهي چيو: "اسانکي انهن جو تعبير ٻڌاءِ ، اسين ڏسون پيا ته تون ڏاڍو نيڪ ماڻهو آهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيل ۾ ٻه غلام ٻيا به ساڻس گڏ داخل ٿيا، انهن مان هڪ کيس هڪ ڏينهن چيو، مون خواب ڏٺو آهي ته نپوڙيان پيو شراب ۽ ٻئي چيو، مون ڏٺو آهي ته منهنجي مٿي تي آهن مانيون رکيل جيڪي پکي کائي رهيا آهن، ٻنهي چيو: اسان کي تعبير ٻڌاءِ تون اسان کي هڪ ڀلارو مآڻهو لڳين ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (يوسف قيد ۾ پھتو) ۽ ان سان گڏ ٻه ٻيا نوجوان به قيد خاني ۾ داخل ٿيا (ڪجھ عرصي بعد) انهن مان ھڪ (نوجوان) کيس چيو ته مون (خواب ۾) ڏٺو آھي ته مان شراب نپوڙي رھيو آھيان. ٻئي چيو ته مان ڏسان ٿو ته منھنجي مٿي تي مانيون رکيل آھن، جنھن مان پکي کائي رھيا آھن، تون اسان کي (انھن خوابن جي) تعبير ٻڌاءِ . بيشڪ تون اسان جي نظر ۾ نيڪ ماڻهو آھين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لا يَأتيكُما طَعامٌ تُرزَقانِهِ إِلّا نَبَّأتُكُما بِتَأويلِهِ قَبلَ أَن يَأتِيَكُما ذٰلِكُما مِمّا عَلَّمَنى رَبّى إِنّى تَرَكتُ مِلَّةَ قَومٍ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 37) |
(يُوسفؑ) چيو ته جيڪو طعام اوھين کائيندا آھيو سو اوھان وٽ ايندو ئي نه پر اوھان وٽ ان جي اچڻ کان اڳيئي سندس تعبير آءٌ اوھان کي ڏسيندس، اِھو (تعبير ڪرڻ) انھن (ڳالھين) مان آھي جي منھنجي رب مونکي سيکاريون آھن، بيشڪ مون اُن قوم جي پر ڦٽي ڪئي آھي جيڪي الله کي نه مڃيندا آھن ۽ اُھي آخرت جا به مُنڪر آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت يوسف جواب ۾ چيو ته، (گهٻرايو نه) توهان جو مقرر طعام توهان وٽ اچي تنهن کان اڳ ئي مان توهان جي خوابن جو تعبير توهان کي ٻڌائي ڏيندس. هن ڳالهه جو علم (يعني خوابن جو تعبير ڪرڻ) به انهن ڳالهين منجهان آهي جي مون کي منهنجي پروردگار سيکاريون آهن. مان انهن ماڻهن جي ملت (يا مذهب) ڦٽي ڪيو آهي جيڪي الله تي ايمان نه ٿا رکن ۽ آخرت جا به منڪر آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) يوسف چيو اڃان توهان جو طعام ئي توهان وٽ نه ايندو ته آئون توهان ٻنهي کي توهان جي خوابن جو تعبير ٻڌائيندس، اهي (تعبير) انهن عملن مان آهن جيڪي مون کي منهنجي رب سيکاريا آهن، بيشڪ مون انهي قوم جي دين کي ڇڏيو آهي جيڪي الله تي ايمان نٿا آڻن ۽ اهي آخرت کي به نٿا مڃن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يوسف چيو جو کاڌو اوهان کي (قيد خاني ۾) ڏنو وڃي ٿو اهو ايندو به نه ته آءُ توهان کي ان جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي تعبير ٻڌائندس. ۽ خواب جو تعبير به انهن ڳالهين مان آهي جيڪي منهنجي پورودگار مون کي سيکاريون آهن مون انهن ماڻهن جو مذهب ترڪ ڪري ڇڏيو آهي جيڪي خدا تي ايمان نه ٿا آڻين ۽ اهي ماڻهو آخرت جا به انڪاري آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (حضرت يوسف) فرمايو ته نه ايندو اوهان وٽ اهو طعام جو ڏنا ٿا وڃو اهو پر خبر ڏيندس اوهان کي ان جي تعبير جي ان کان اڳي جو اچي اوهان وٽ اهو ان مان آهي جيڪو پڙهايو آهي مون کي رب منهنجي بيشڪ مون ڇڏيو مذهب ان قوم جو جيڪي نه ٿا ايمان آڻين الله تي ۽ اهي ئي آخرت جا انڪاري آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يوسف چيو ته جو کاڌو اوهان کي کائڻ لاءِ ڏنو وڃي ٿو سو اوهان وٽ اڃان ايندو ئي نه ته اوهان وٽ ان جي اچڻ کان اڳي ئي ان جو تعبير اوهان کي ٻڌائيندس. اهو (تعبير ڪرڻ) ان (علم) مان آهي جو مونکي منهنجي پاليندڙ سيکاريو آهي. بيشڪ مون ان قوم جو دين ڇڏيو جي الله تي ايمان نه ٿا آڻين۽ اهي آخرت جو انڪار ڪندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”جيڪو کاڌو اوهان کي کائڻ لاءِ ڏنو وڃي ٿو ان جي توهان وٽ اچڻ کان اڳ ئي اوهان کي ان جو تعبير ٻڌائيندس. اهو (تعبير) ان علمن مان آهي جيڪي مون کي منهنجي رب سيکاريا آهن. بيشڪ مون ان قوم جو مذهب ڇڏيو آهي جيڪي الله تي ايمان نه ٿا رکن ۽ اُهي آخرت جا به منڪر آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يُوسُف چيو، ته کائو، جو نه اِيندان اُهو طعام، ڏَسِيندسِ اوهان کي اُن جو، مَهند تِنهن کان مام، سائين جو، سيکاريمِ، اِها اُنهيء مان اِنعام، ڇَڏيمِ پَنٿ تِنهن پَهر جو، جي نه مَڃِينِ رَبُّ عَلام، پڻ آخرت کان اَظلام، اُهي مُنڪر آهِين مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اوهان کي ملندڙ کاڌي جي اچڻ کان اڳ اوهان کي ان جي حقيقت ٻڌائيندس، اها انهيءَ ڪري آهي، جيڪو مون کي پنهنجي رب سيکاريو آهي_ مون ته انهن جو مذهب ڇڏي ڏنو آهي، جي الله تي ايمان نٿا رکن ۽ اهي آخرت جا به منڪر آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يوسف چين: "هتي جيڪا ماني توهانکي ملندي آهي، انهيءَ جي اچڻ کان اڳيئي مان توهانکي انهن خوابن جو تعبير ٻڌائيندس. اهو علم انهن علمن منجهان آهي، جيڪي منهنجي رب مونکي عطا ڪيا آهن. ڳالهه اها آهي ته مان انهن ماڻهن جو دين ڇڏيو، جيڪي الله تي ايمان نٿا آڻين ۽ آخرت جو انڪار ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يوسف چين، هتي جيڪو کاڌو توهان کي ملندو آهي ان جي اچڻ کان پهرين انهن جو تعبير توهان کي ٻڌائيندس، هي انهن علمن مان هڪ علم آهي جيڪي منهنجي رب مون کي عطا ڪيا آهن. حقيقت ۾ آئون انهن ماڻهن جو طريقو ڇڏي جيڪي ايمان نٿا آڻين الله تي، ۽ اهي آخرت جو انڪار ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يوسف چيو ته جيل ۾ ماني ملڻ واري ٽائيم کان اڳ ئي مان توھان کي (خوابن جو) تعبير ٻڌائيندس، اھا تعبير ٻڌائڻ درحقيقت ان علم مان آھي جيڪو منهنجي پالڻھار مون کي سيکاريو آھي، بيشڪ مان اھڙن ماڻهن جي طريقي کي ڇڏي چڪو آھيان، جيڪي اللھ تعالى تي ايمان نٿا آڻين ۽ اهي آخرت جا انڪاري آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتَّبَعتُ مِلَّةَ ءاباءى إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ ما كانَ لَنا أَن نُشرِكَ بِاللَّهِ مِن شَيءٍ ذٰلِكَ مِن فَضلِ اللَّهِ عَلَينا وَعَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 38) |
۽ پنھنجي پيءُ ڏاڏن ابراھيمؑ ۽ اسحاقؑ يعقوبؑ جي دين جي پيروي ڪئي اٿم، ڪنھن شيءِ کي الله سان شريڪ ڪرڻ اسان کي نه جڳائيندو آھي، اھو اسان تي ۽ ٻـين ماڻھن تي الله جو فضل آھي پر گھڻا ماڻھو شڪرانو نه ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مون پنهنجي ابن ڏاڏن يعني ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي ملت جي پيروي ڪئي آهي. اسان (ابراهيم جو اولاد) ائين نٿا ڪري سگهون جو الله سان ڪنهن به شيء کي شريڪ ٺهرايون. اها (ملت يا مذهب) الله جو هڪ فضل آهي جو هن اسان تي ۽ ماڻهن تي ڪيو آهي. پر گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (هن نعمت جو) شڪر بجا نٿا آڻين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مون پنهنجي پيءُ ڏاڏي (يعنى) (حضرت) ابراهيم ۽ اسحاق ۽ (حضرت) يعقوب جي دين جي پيروي ڪئي آهي اسان کي ايئن صحيح ناهي جو اسين الله سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ ڪريون، اسان تي ۽ (گھڻن) ماڻهن تي اهو الله تعالى جو فضل آهي ۽ پر اڪثر ماڻهو شڪرگذار ناهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آءُ ته پنهنجي پيءُ ڏاڏي ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي مذهب جو تابعدار آهيان. اسان کي مناسب نه آهي جو اسين خدا (جي ذات) سان ڪنهن کي (سندس شريڪ ڪريون، اها به خدا جي هڪ مهرباني آهي اسان تي به ۽ سڀني ماڻهن تي پر ڪيترائي ماڻهو سندس شڪر (به) ادا نه ٿا ڪن. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تابعداري ڪئي مون پنهنجي پيءُ، ڏاڏي جي دين جي، ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي نه ٿو مناسب رهي اسان لاءِ ته شريڪ بنايون الله سان ڪا شيءِ اهو الله جو فضل آهي اسان تي ۽ ماڻهن تي ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا شڪر ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مون پنهنجن ابن ڏاڏن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي دين جي پيروي ڪئي. اسان کي لائق نه آهي ته ڪنهن به شيءَ اهو اسان تي ۽ (سڀني) ماڻهن تي الله جو فضل آهي پر گهڻا ماڻهو احسان نه ٿا مڃين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مون پنهنجي ابن ڏاڏن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي دين جي پيروي ڪئي آهي. اسان کي اهو حق ناهي جو الله سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ ڪيون. اُهو اسان تي ۽ ماڻهن تي الله جو فضل آهي (جو ان اسان کي پاڻ کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو بندو نه بنايو آهي) ۽ پر گهڻا ماڻهو شڪر نه ٿا ادا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پنهنجي پاڪ پِيَن جِي، پڪ پرهيمِ پَر، اِبراهيم، اِسحاق ۽ يعقوب جِي، جي پارس پيغمبر، شان نه اَسان جو، ڪِنهن شئ کي، پاڙيون سِين پرور، اِي ڀلي ربَّ جي ڀال مان، اسان ۽ انسانن سِر، پر اِنسانن مان اَڪثر، نه ڳائـِين ڳُڻنِ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آءُ پنهنجي وڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي مذهب تي هلان ٿو_ ۽ اسان کي نه جڳائي، جو اسين ڪنهن کي به الله سان عبادت ۾ ڀائيوار ڪريون_ اهو اسان تي ۽ ٻين ماڻهن تي الله جو فضل آهي مگر گهڻا ماڻهو شڪر نه ٿا ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مون پنهنجن ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو دين اختيار ڪيو آهي، اسانکي نٿو جڳائي ته الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪريون. حقيقت ۾ اهو ته الله جو فضل آهي اسان تي به ۽ سڀني انسانن تي به (ته هن پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو اسانکي بندو نه بڻايو آهي) پر گهڻا ماڻهو شڪر نٿا ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اختيار ڪيو آهي طريقو بزرگن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جو، اهو ڪم ناهي اسان جو ته شريڪ ڪريون الله سان ڪنهن (ٻئي) کي، حقيقت ۾ اهو ته الله جو فضل آهي اسان ۽ سڀني انسانن تي (پاڻ کان سواءِ ٻئي جو بندو ناهي بڻايو) پر گهڻا ماڻهو شڪر نٿا ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ مان پنھنجي ابي ڏاڏي ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب (ؓ) جي طريقي جي پيروي اختيار ڪئي آھي سو اسان کي نٿو جڳائي ته اسان اللھ تعالى سان گڏ ڪنھن ٻئي کي شريڪ ڪريون. ھي (توحيد وارو عقيدو اختيار ڪرڻ) اسان ۽ سڀني ماڻهن تي اللھ تعالى جو خاص فضل آھي پر گهڻا ماڻهو شڪرگذاري نٿا ڪن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ ءَأَربابٌ مُتَفَرِّقونَ خَيرٌ أَمِ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 39) |
اي منھنجا سنگتي قيدي (ھيءَ ڳالھ سمجھندا آھيو ته) ڌارو ڌار گھڻا رب چڱا آھن يا اڪيلو غالب الله (چڱو آھي) ؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي منهنجا جيل جا ساٿيو! (توهان ڪڏهن هن ڳالهه تي غور به ڪيو آهي ته) جدا جدا معبودن جي هئڻ بهتر آهي يا هڪ الله جو، جيڪو يگانو ۽ سڀني تي غالب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي قيد جا ساٿي ڇا ! جُدا جُدا رب بهتر آهن يا هڪ الله ؟ جيڪو واحد القهار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي منهنجي قيد خاني جا ساٿيو! (ڪجھ سوچيو ته) ڀلا جدا جدا (ڪيئي) معبود چڱا آهن يا اڪيلو زبردست الله؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي منهنجا جيل وارا ٻه ساٿيو! (اهو ته ٻڌايو) ڇا جدا جدا رب سٺا آهن يا هڪ الله (سڀني تي) غالب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ٻئي قيدخاني جا رهڻ وارو! ڇا جدا جدا گهڻا مالڪ چڱا آهن يا اڪيلو زبردست الله؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي منهنجي قيدخاني جا ٻئي ساٿيو! ڇا الڳ الڳ گهڻا رب ڀلا آهن يا هڪ الله جيڪو سڀني تي غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُڻو ساٿِي بَند جا! ته ڌَڻِي ڌارو ڌار، ڀَلابَندنِ هارِ، يا سائـِين سَٻر هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي قيدي دوستو! جدا جدا سائين چڱا آهن، يا اهو هڪ الله، جو سڀني کان زبردست آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي جيل جا ساٿيو! توهان پاڻ ئي سوچيو ته گهڻا ڌار ڌار رب سٺا يا اهو هڪ الله جو سڀني تي غالب آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) منهنجا جيل جا ساٿيو! توهان پاڻ ئي سوچيو ته گهڻا ڌار ڌار چڱا آهن رب يا اهو هڪ الله جيڪو سڀني تي غالب آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي قيد جا ساٿيو! ڇا جدا جدا گهڻا پالڻھار ھجڻ صحيح آھي يا اڪيلو زبردست اللھ ؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما تَعبُدونَ مِن دونِهِ إِلّا أَسماءً سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ أَمَرَ أَلّا تَعبُدوا إِلّا إِيّاهُ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 40) |
الله کانسواءِ جن جي اوھين پوڄا ڪندا آھيو اُھي رڳو نالا آھن جي اوھان ۽ اوھان جي پيءُ ڏاڏن نالا رکيا آھن انھن جي بابت الله ڪا سندَ نازل نه ڪئي آھي، الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي حڪومت نه آھي، حُڪم ڪيائين ته خاص اُن (الله) کانسواءِ ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، اُھو دين قائم آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان ان (خدا) کان سواءِ جن هستين جي بندگي ٿا ڪيو تن جي حقيقت هن کان وڌيڪ ڇا آهي ته فقط ڪي نالا آهن جي توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن کڻي رکيا آهن. الله تعاليٰ انهن جي لاءِ ڪابه سند نازل نه ڪئي آهي. حڪومت ته الله ئي جي لاءِ آهي. سندس فرمان هي آهي ته، سندس ئي بندگي ڪيو، ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪيو. اهوئي سنئون سڌو دين آهي، پر گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (اها ڳالهه به) نٿا ڄاڻن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان ته انهن (بتن) جي عبادت ڪريو ٿا جن جا نالا توهان ۽ توهان جي وڏن رکيا آهن الله تعالى انهيءَ لاءِ ڪو دليل نه موڪليو آهي، عبادت جو حڪم ته فقط الله لاءِ آهي، الله حڪم فرمايو ته توهان ان کان سواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو، اهو دين ثابت آهي، ۽ پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (افسوس) اوهين ته خدا واحد کي ڇڏي رڳو انهن ڪجھ نالن جي پوڄا ڪريو ٿا جن کي اوهان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن من گهڙت ٺاهيو آهي. خدا تعالى ته هنن لاءِ ڪو به دليل نازل نه فرمايو (آهي) حڪومت ته فقط خاص الله جي لاءِ ئي آهي. ان ته حڪم ڪيو آهي ته ان کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو. اهو ئي سڌو دين آهي (افسوس جو) گهڻا ماڻهو نه ٿا سمجهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿا عبادت ڪيو ان کان سواءِ پر نالن جي جو رکيا اوهان ۽ پيءُ ڏاڏن اوهان جي نه نازل ڪيو الله ان لاءِ ڪو دليل ناهي حڪم (جو اختيار) پر الله لاءِ امر ڪيائين اهو ته نه عبادت ڪيو مگر ان جي اهوئي دين قيم آهي ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهين الله کان سواءِ رڳو ڪن نالن جي بندگي ٿا ڪريو جيڪي اوهان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کڻي رکيا آهن الله انهن جي ڪابه ثابتي نه لاٿي آهي. الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي حڪومت نه آهي. حڪم ڪيو اٿس ته ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي بندگي نه ڪريو. اهو ئي سڌو دين آهي. پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان (الله) کي ڇڏي اوهان جن جي بندگي ڪيو ٿا سي رڳو ڪجھه نالا آهن جيڪي خود اوهان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن. الله انهن جي باري ۾ ڪو دليل نه لاٿو آهي. حڪم جو اختيار صرف الله کي آهي. ان حڪم ڪيو آهي ته ڪنهن جي پوڄا نه ڪيو سواءِ ان جي. اهو درست دين آهي ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهين نه پُوڄيو اُن سَوا، مگر نام نشان، اَوهان، ۽ اوهان جي مائٽنِ، جي ٺَلها ٺاهيان ٿان، ڪا ثابتي سُبحان، اُن لئي اُتارِي ڪانڪا. حُڪم هِڪ اَلله جو، تِنهن حُڪم ڪيو حُضور، ته شيوا نه ڪريو، تِنهن سوا، دُرست اُهو دستور، پر ماڻهو گھڻا مُور، سَمجھن نَه صحِي ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين الله کي ڇڏي رڳو ڪن نالن جي عبادت ڪريو ٿا جن کي اوهان ۽ اوهان جي وڏن رکيو آهي، الله هن بابت ڪا سند نه لاٿي آهي ۽ حڪم جو اختيار ته رڳو الله کي آهي ان حڪم ڪيو آهي ته خاص ان کانسواءِ ٻي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو، اهو سڌو دين آهي، مگر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان کي ڇڏي توهان جن جي بندگي ڪريو پيا، اهي انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهن ته رڳو ڪي نالا آهن، جيڪي توهان ۽ توهانجي ابن ڏاڏن رکيا آهن. الله انهن لاءِ ڪابه ســَـنــَـدَ نازل نه ڪئي آهي. حڪم هلائڻ جو اختيار الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به ناهي، ان جو حڪم آهي ته سندس ذات کانسواءِ توهان ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪريو. اهوئي زندگي گذارڻ جو سڌو رستو آهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهيءَ کي ڇڏي بندگي ڪريو ٿا توهان جن جي، سي ڪجهه ناهن فقط نالا آهن جيڪي کڻي لکيا آهن توهان جي ابن ڏاڏن، ڪابه نازل ناهي ڪئي الله انهن جي لاءِ ڪا سَند، بيشڪ حڪومت جو اختيار الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي لاءِ نه آهي ته ان جي ذات کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي بندگي ڪريو، اهو ئي زندگي گذارڻ جو سڌو سنئون طريقو آهي پر گهڻا ماڻهو ڄاڻن نٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان اللھ تعالى کان سواءِ جن جي عبادت ڪريو ٿا سي صرف نالا ئي ته آھن، جيڪي توھان ۽ توھان جي وڏڙن رکيا آھن، اللھ تعالى انهن جي ڪابه ثابتي نه لاٿي آھي. حڪم ڪرڻ جو اختيار (حقيقت ۾) صرف اللھ تعالى کي آھي، ھو ئي حڪم ڏئي ٿو ته ان کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، اھوئي صحيح ۽ سچو دين آھي، پر گهڻا ماڻهو (ان ڳالھ کي) سمجهن ئي نٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰصىٰحِبَىِ السِّجنِ أَمّا أَحَدُكُما فَيَسقى رَبَّهُ خَمرًا وَأَمَّا الءاخَرُ فَيُصلَبُ فَتَأكُلُ الطَّيرُ مِن رَأسِهِ قُضِىَ الأَمرُ الَّذى فيهِ تَستَفتِيانِ (آيت : 41) |
اي منھنجا قيدي سنگتي اوھان مان ھڪڙو پنھنجي بادشاھ کي شراب پياريندو، ۽ ٻيو سوريءَ چاڙھيو ويندو ۽ سندس مٿي مان پکي کائيندا، جنھن بابت پڇو ٿا سو ڪم پورو ٿي ويو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي منهنجا جيل جا ساٿيو! (هاڻي پنهنجي پنهنجي خواب جو مطلب ٻڌي ڇڏيو) توهان مان هڪڙو (اهو آهي جنهن خواب ۾ ڏٺو ته، انگور نچوڙي رهيو آهي) اهو (قيد مان ڇٽندو ۽ اڳوڻي دستور موجب) پنهنجي ساٿين کي شراب پياريندو ۽ ٻيو ماڻهو (اُهو آهي جنهن ڏٺو ته سندس مٿي تي کنيل ماني پکي کائي رهيا آهن) اهو سوريءَ تي چاڙهيو ويندو ۽ پکي هن جومٿو (پٽي پٽي) کائيندا. سو جنهن ڳالهه بابت اوهان پڇو ٿا سا فيصل ٿي ويئي ۽ فيصلو اهوئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي منهنجا قيد جا ساٿي، توهان ٻنهي مان هڪڙو پنهنجي بادشاه کي شراب پياريندو، ۽ پر ٻِئي کي ڦاسي ڏني ويندي پوءِ ان جي مٿي کي پکي کائيندا، جنهن ڳالهه جو توهان پڇيو ٿي انهي بابت الله جو اهوئي فيصلو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي منهنجي قيد خاني جا ساٿيو! (چڱو هاڻي تعبير ٻڌو) توهان مان هڪ جنهن انگور ڏٺا (آزاد ٿي) پنهنجي مالڪ کي شراب پيارڻ جو ڪم ڪندو ۽ ٻيو (جنهن پنهنجي سر تي مانيون ڏٺيون آهن) سو سوريءَ تي چاڙهيو ويندو ۽ پکي سندس سر کي (چکي چکي) کائيندا. جنهن امر کي اوهين پڇو ٿا اهو (اهو ئي آهي) ۽ طي ٿي چڪو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي منهنجا قيد وارا ساٿيو! پر هڪڙو اوهان مان پوءِ پياريندو بادشاھ کي شراب ۽ پر ٻيو پوءِ ڦاسي ڏنو ويندو، پوءِ کائيندا پکي ان جي مٿي مان، فيصلو ڪيو ويو اهو امر جو ان (جي باري) ۾ اوهان پڇو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ٻئي قيدخاني جا رهڻ وارو! اوهان ٻنهين مان هڪڙو ته پنهنجي مالڪ کي شراب پياريندو ۽ ٻئي کي ته سوريءَ تي چاڙهيو ويندو، پوءِ پکي ان جي مٿي مان کائيندا. جنهن ڪم جو اوهين ٻئي پڇو ٿا تنهن جو فيصلو ٿي چڪو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي منهنجا قيدخاني جا ٻئي ساٿيو! اوهان مان هڪ (جي خواب جو تعبير هي آهي ته) اِهو پنهنجي رب (شاهِ مصر) کي شراب پياريندو. ۽ پر ٻيو (ان جي خواب جو تعبير هي آهي ته) اُهو ڦاهي چاڙهيو ويندو پوءِ پکي ان جي مٿي مان (گوشت) کائيندا. ان ڪم جو فيصلو ٿي چڪو آهي جنهن جي باري ۾ پڇو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سڻو ساٿِي قيد جا! خبر اَهنجي خواب، اوهان ٻن مان هِڪڙو، پيارِيندو شراب، خادمِ پنهنجي خان کي، ٻِيو سُورِيء چڙهي شِتاب، پوءِ کِيندسِ ماس مَغز مان، اچي ڪي عُقاب، بَيان پُڇو جِنهن باب، اِهو نِياء نبيريو ويو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي قيدي دوستو! اوهان مان هڪ ته پنهنجي مالڪ کي شراب پياريندو ۽ ٻيو سوريءَ چاڙهبو ۽ ان جي مٿي کي پکي کائيندا، جنهن ڪم بابت اوهين پڇو ٿا، سو ان طرح فيصل ٿي چڪو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي قيدي ساٿيو! توهانجي خوابن جو تعبير هي آهي ته توهان مان هڪڙو ته پنهنجي آقا (مصر جي بادشاهه) کي شراب پيئاريندو، باقي رهيو ٻيو، سو ان کي ڦاسي ڏني ويندي ۽ پکي ان جو ميڄالو پٽي کائيندا. فيصلو ٿي ويو آهي ان ڳالهه جو جيڪا توهان پڇي آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) منهنجا جيل جا ساٿيو! توهان جي خوابن جو تعبير هي آهي ته توهان مان هو پنهنجي ڌڻي (مصر جي بادشاهه) کي ّرٻ پياريندو ۽ ٻيو ته اهو ڦاسيءَ چڙهندو ۽ کائيندا پکي ان جو مٿو پٽي پٽي، ڳالهه جو فيصلو ٿي ويو آهي جنهن بابت پڇا پيا ڪريو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ھاڻي ويجهو ٿيو ته توھان کي خوابن جي تعبير ٻڌايان) اي قيدخاني جا ساٿيو! توھان مان ھڪڙو ته پنھنجي بادشاهه کي شراب پياريندو ۽ ٻئي کي ڦاسي تي لٽڪايو ويندو ۽ سندس مٿي کي پکي پَٽي کائيندا، جيڪو توھان تعبير پڇيو سو توھان کي ٻڌائي ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ لِلَّذى ظَنَّ أَنَّهُ ناجٍ مِنهُمَا اذكُرنى عِندَ رَبِّكَ فَأَنسىٰهُ الشَّيطٰنُ ذِكرَ رَبِّهِ فَلَبِثَ فِى السِّجنِ بِضعَ سِنينَ (آيت : 42) |
۽ انھن ٻنھي مان جنھن لاءِ گمان ھوس ته (نيٺ) ڇٽندو تنھن کي چيائين ته پنھنجي بادشاھ وٽ مون کي ياد ڪج، پوءِ شيطان سندس بادشاھ وٽ کانئس يادگيري وسارائي ڇڏي تنھنڪري (يُوسفؑ) ڪيترائي ورھيه قيد ۾ رھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ حضرت يوسف جنهن ماڻهوءَ جي باري ۾ سمجهيو ته ڇٽي ويندو، تنهن کي چيو ته جڏهن پنهنجي سائينءَ وٽ وڃين تڏهن مون کي ياد ڪجانءِ. (يعني منهنجو حال کيس ضرور ٻڌائجانءِ، پوءِ ٻڌايل تعبير مطابق جڏهن اهو ڇٽي ويو تڏهن) شيطان هن کان اها ڳالهه وسارائي ڇڏي ته پنهنجي سائينءَ جي حضور ۾ پهچي يوسف کي ياد ڪري. پوءِ يوسف ڪي سال (وڌيڪ) قيد خاني ۾ رهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ٻنهي مان جنهنجي رهائيءَ جو يقين ٿيو ان کي يوسف چيو ته تون منهنجو ذڪر پنهنجي بادشاه وٽ ڪجئين پوءِ شيطان کانئس اها ڳالهه وسارائي ڇڏي پوءِ ڪيترا سال يوسف قيد ۾ رهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هنن ٻن مان جنهن بابت يوسف سمجهيو هو ته هي آزاد ٿيندو تنهن کي چيائين ته پنهنجي مالڪ وٽ منهنجي ڳالھ به ڪج! (ته آءُ بي ڏوهو قيد ۾ آهيان) ته شيطان ان کان سندس مربيءَ وٽ ڳالھ ڪرڻ ڀلائي ڇڏي ته يوسف قيد خاني ۾ ڪيئي سال رهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائين ان کي جو سمجهيائين ته يقينًا اهو ڇٽندڙ آهي انهن ٻنهي مان ته ياد ڪجان مون کي مربيءَ پنهنجي وٽ پوءِ وسارايو ان کان شيطان ياد ڏيارڻ مربيءَ پنهنجي کي پوءِ رهيو پيو هو جيل ۾ ڪجھ سال .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن کي خيال ڪيائين ته اهو ٻنهين مان بچڻ وارو آهي تنهن کي چيائين ته پنهنجي مالڪ وٽ منهنجي ڳالهه ڪج. پوءِ شيطان ان کان سندس مُربّي وٽ ڳالهه ڪرڻ ڀلائي ڇڏي پوءِ يوسف قيدخاني ۾ ڪجهه سال رهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ٻنهين مان جنهن جي باري ۾ سمجهيائين ته اُهو ڇٽڻ وارو آهي ان کي چيائين ته: ”پنهنجي مالڪ وٽ منهنجو ذڪر ڪجانءِ“. پوءِ شيطان ان کان پنهنجي مالڪ اڳيان ذڪر ڪرڻ وساري ڇڏيو. پوءِ ڪيئي سال (يوسف) قيد ۾ رهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن لئي ڀانئين، ته ٻن مان ڇُٽندو، تنهن کي چيائين اِهڙي چال، ته ڪَج سِندئـِي سائـِينءَ وٽ، مُنهنجِي سار سَنڀال، پوءِ شيطان سَندسِ سائـِين جِي، ڏِنيسَ وِساري ڳالھ، تِنهن سبب وَڌِيڪ سال، ڪي تان ڪاٽيئـِين قيد ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن مان جنهن جي ڇٽڻ جو گمان هو، ان کي چيائين ته ”پنهنجي مالڪ وٽ منهنجو ذڪر ڪج!“ پوءِ شيطان ان کان سندس مالڪ وٽ ذڪر وسارائي ڇڏيو، ان ڪري قيد ۾ ڪجهه سال ٻيا به رهڻو پيس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ انهن مان جنهن جي باري ۾ خيال هو ته هو ڇٽي ويندو، تنهن کي يوسف چيو ته "پنهنجي آقا (مصر جي بادشاهه) سان منهنجي ڳالهه ڪجانءِ". (پر) شيطان کيس غفلت ۾ وڌو جو هن کان پنهنجي آقا سان هن جي ڳالهه ڪرڻ وسري وئي ۽ يوسف ڪيترائي سال قيدخاني ۾ پيو رهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پوءِ جنهن بابت خيال هو ته بچي ويندو، ان کي يوسف چيو پنهنجي ڌڻي (مصر جي بادشاهه) سان منهنجو ذڪر ڪجان، (پر) هو وساري ويٺو شيطان جي غفلت ۾ وجهڻ سبب پنهنجي ڌڻي (بادشاهه مصر) سان ڳالهه ڪرڻ ۽ يوسف جيل ۾ ڪيترا ئي سال پيو رهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن شخص لاءِ کيس خيال ھو ته ھو آزاد ٿي ويندو، ان کي چيائين ته: تون پنهنجي بادشاهه سان منھنجو احوال ڪجانءِ. پر شيطان کيس بادشاهه سان ڳالھ ڪرڻ وساري ڇڏي ۽ ايئن يوسف ($) ڪيترائي سال قيد ۾ بند رھيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ المَلِكُ إِنّى أَرىٰ سَبعَ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعَ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ يٰأَيُّهَا المَلَأُ أَفتونى فى رُءيٰىَ إِن كُنتُم لِلرُّءيا تَعبُرونَ (آيت : 43) |
۽ بادشاھ چيو ته مون (ننڊ) ۾ ست ٿُلھيون ڳـئون ڏٺيون آھن جن کي ستن ڏٻرين کاڌو ٿي ۽ (پڻ) ست ساوا سنگ ۽ ٻيا ست سُڪا (ڏٺا اٿم)، اي سردارؤ جيڪڏھن اوھين خواب جو تعبير ڪندا آھيو ته منھنجي خواب جو مون کي تعبير ٻڌايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو هڪڙي ڏينهن) بادشاهه (پنهنجي سڀني درٻارين کي سڏائي) چيو ته، مان (خواب ۾) ڇا ٿو ڏسان ته ست ٿلهيون متاريون ڳئون آهن جن کي ست ڏٻريون هيڻيون ڳئون ڳهي ڳڙڪائي ويون آهن ۽ ست تازا ساوا سنگ آهن ۽ ست سڪل آهن. اي درٻار جا اميرؤ! جيڪڏهن توهان خوابن جو تعبير ڪندا آهيو ته ٻڌايو ته، منهنجي خواب جو مطلب ڇا آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (ريان بن وليد) بادشاه چيو مون خواب ۾ سَتَ متاريون ڳئون ڏٺيون آهن انهن کي سَتَ اَڀريون ڳئون کائي رهيون آهن ۽ سَتَ سنگ ساوا ۽ سَتَ سنگ سڪل ڏٺا اٿم، اي منهنجي دربار وارا جيڪڏهن خواب جو تعبير ڪڍو ٿا ته منهنجي (مذڪوره) خواب جو تعبير ٻڌايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تڏهين بادشاھ (به خواب ڏٺو ۽) چيائين: مون ڏٺو آهي ته ست ٿلهيون ڍڳيون آهن تن کي ست ڏٻريون ڍڳيون کائين ٿيون ۽ ستن ساون سنگن کي ۽ ٻين (ستن) سڪلن (سنگن) کي به (ڏسان ٿو) اي (منهنجي) درٻار جا سردارو! جيڪڏهن اوهان کي منهنجي خواب جو تعبير اچي ٿو ته منهنجي (هن) خواب جو تعبير ٻڌايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو بادشاھ ته بيشڪ مان ڏسان پيو ست ڳئون ٿلهيون کائين پيون انهن کي ست ڏٻريون ۽ ست سنگ ساوا ۽ ٻيا سڪل، (اي درٻاري) سردارؤ! فتوى ڏيو مون کي منهنجي خواب (جي باري) ۾ جيڪڏهن آهيو جو خواب جي تعبير ڪيو ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بادشاهه چيو ته آءٌ (خواب ۾ ) ست ٿلهيون ڍڳيون ڏسان ٿو جن کي ست ڏٻريون (ڍڳيون) کائين ٿيون، ۽ ستن ساون سنگن کي ۽ ٻين (ستن) سڪلن (سنگن) کي به (ڏسان ٿو). اي سردارو! جيڪڏهن اوهين خواب جو تعبير ڪندڙ آهيو ته مون کي منهنجي خواب جو تعبير ٻڌايو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بادشاهه چيو ته: ”آءٌ (خواب ۾) ڏسان ٿو ته ست متاريون ڍڳيون آهن جن کي ست ڏُٻريون ڍڳيون کائن ٿيون ۽ ست ساوا سنگ آهن ۽ ٻيا (ست) سُڪل سنگ آهن. اي سردارئو! مون کي منهنجي خواب جو جواب ٻڌايو؟ جيڪڏهن اوهان خوابن جو تعبير ڄاڻو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بادشاه اِن ڀَت، چيو، ته ڏِسان ٿو خواب ۾، سَت ڍَڳا مَواڙڪي، جن کي ،کِيْنِ سَت نِست، ۽ ساوا سنگ سَت ٻيا، سُڪل سَنگ پڻ سَت، خاصا! سَندمِ خواب جِي، مُون کي ڏِيو ماهِيت، آهيو جي اَلبت، خبرون ڏِيندڙ خواب جون .(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بادشاهه چيو ته ”آءُ خواب ۾ ڏسان ٿو ته ست ڏٻريون ڳئون ستن ٿلهين کي کائي رهيون آهن ۽ ست سنگ ساوا آهن ۽ ان کانسواءِ ست ٻيا سڪا آهن. اي درٻاريو! جي خواب جو تعبير ڪري سگهو ٿا، ته مون کي هن خواب جو تعبير ٻڌايو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هڪ ڏينهن بادشاهه چيو: "مان خواب لڌو آهي ته ست متاريون ڳئون آهن، جن کي ست ڏٻريون ڳئون کائي رهيون آهن ۽ اَنَ جا ست سنگ ساوا آهن ۽ ٻيا ست وري سڪل. اي درٻار وارؤ! مونکي ان خواب جو تعبير ڪري ٻڌايو، جيڪڏهن توهان خوابن جو مطلب ڪڍي سگهو ٿا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هڪ ڏينهن بادشاهه چيو، مون ڏٺو آهي خواب ته ست متاريون ڳئون آهن جن کي کائي رهيون آهن ست ڪمزور ڳئون ۽ اَن جا ست سنگ ساوا آهن ۽ ٻيا ست سُڪا آهن. اي درٻار وارؤ! مون کي ان خواب جو تعبير ٻڌايو، جي توهان خوابن جا تعبير ڄاڻو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ ھڪ ڏينھن) بادشاھ (پنھنجي درٻارين کي) چيو ته خواب ۾ مون ست ٿلھيون ڳئون ڏٺيون آھن، جن کي (ٻيون) ست ڏٻريون ڳئون کائي رھيون آھن ۽ (ڪڻڪ جا) ست ساوا سنگ ۽ ست سُڪل سنگ (به) ڏٺا آھن، اي سردارؤ! جيڪڏھن توھان خوابن جو تعبير ڄاڻو ٿا ته مون کي منھنجي خواب جو تعبير ٻڌايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ وَما نَحنُ بِتَأويلِ الأَحلٰمِ بِعٰلِمينَ (آيت : 44) |
چيائون (اھي) پريشان خواب آھن، ۽ اسين ڪوڙن خوابن جو تعبير نه ڄاڻندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) درٻارين (غور و فڪر ڪرڻ بعد) چيو ته، اهي ته پريشان (منجهيل) خواب ۽ خيال آهن. (اهڙي ڳالهه آهي ئي ڪانه جنهن جو ڪو خاص مطلب هجي. اسان سچن خوابن جو مطلب ته ڪڍي سگهندا آهيون پر) پريشان خوابن جو مطلب اسان کي معلوم ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) دربار وارن عرض ڪيو ته اهي پريشان خواب آهن، ۽ اسين پريشان خوابن جو تعبير نٿا ڄاڻون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هنن عرض ڪيو هي ته پريشان خواب ئي آهن. ۽ اسين اهڙي (پريشان) خواب جو تعبير ٻڌايو...(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته پريشان ڪندڙ خواب آهن ۽ نه آهيون اسين خوابن جا تعبير ڄاڻندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته هي خيالي خواب آهن. ۽ اسين (اهڙن) خوابن جو تعبير ڄاڻندڙ نه آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اهي خيالي خواب آهن ۽ اسان اهڙن خيالي خوابن جو تعبير ڄاڻڻ وارا نه آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آهن خالِي خواب جا، اِهي خيال خراب، پڻ خبرن، مَنجھان خواب، اَسين وَڌيڪ واقف نه آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ته ”هي اجايا خواب آهن! ۽ اسين اجاين خوابن جو تعبير نه ڄاڻون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن چيو: "اهي ته پريشان خوابن جون ڳالهيون آهن ۽ اسان اهڙن خوابن جو مطلب ڄاڻندڙ نه آهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ماڻهن چيو، اهي اجاين خوابن جون ڳالهيون آهن ۽ اسان نٿا ڄاڻون تعبير اهڙن خوابن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سردارن چيو ته (سائين!) ھي ته رڳو خيالي خواب آھن. اھڙن خيالي خوابن جو تعبير اسان ڪھڙو ٻڌائينداسين؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ الَّذى نَجا مِنهُما وَادَّكَرَ بَعدَ أُمَّةٍ أَنا۠ أُنَبِّئُكُم بِتَأويلِهِ فَأَرسِلونِ (آيت : 45) |
۽ جيڪو ٻنھي مان ڇُٽو ھو ۽ گھڻي دير کانپوءِ ياد آيس تنھن چيو ته ان جي تعبير جي آءٌ توکي سُڌ ڏيندس پوءِ مونکي موڪليو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪوماڻهو انهن ٻن قيدين مان ڇٽي ويو هو ۽ جنهن کي هڪ مدت بعد (هاڻي يوسف جي) ڳالهه ياد آئي تنهن (بادشاه جو خواب ٻڌي) چئي ڏنو ته مان اوهان کي هن خواب جو مطلب ٻڌائيندس. توهان مون کي (هڪڙيءَ جاءِ ڏي) وڃڻ ڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهي غلام عرض ڪيو جيڪو قيد مان آزاد ٿيو هو (اها ڳالهه ان کي گھڻي دير سان ياد آئي) ته آئون توهان کي ان خواب تو تعبير ٻڌائيندس پوءِ توهان مون کي قيد ۾ وڃڻ ڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪو هنن ٻن مان آزاد ٿيو هئو (ساقي) ۽ کيس هڪ زماني کان پوءِ يوسف جي ڳالھ) ياد آئي، چيائين ته مون کي (قيد خاني تائين) وڃڻ ڏيو ته آءُ هن (خواب) جو تعبير ٻڌائيندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو ان جو ڇٽي آيو انهن ٻنهي مان ۽ ياد ڪيائين گهڻي مدت کان پوءِ ته مان خبر ڏيندس اوهان کي ان جي تعبير جي پوءِ مون کي موڪليو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو انهن ٻنهين مان بچيو هو ۽ مدّت کان پوءِ ياد آيس ان چيو ته آءٌ اوهان کي ان جو تعبير ٻڌايان ٿو پوءِ مون کي موڪليو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو شخص جيڪو انهن ٻنهين مان ڇٽو هيو ۽ مدت کان پوءِ (يوسف سان ڪيل وعدو) ياد آيس ان چيو ته: ”آءٌ ٿو اوهان کي ان جي تعبير جي خبر ٻڌايان سو (جيل ۾ يوسف سان ملڻ لاءِ) مون کي موڪليو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن ٻن مان تنهن ٻوليو، جو اُنهن مان ٿيو آزاد، مُدت پُڄاڻا ڪيترِي، يُوسف آيو ياد، ته موڪليومِ ته مُراد، آن کي ٻُڌايان اُن جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو ٻن قيدين مان ڇٽو هو، تنهن کي مدت کان پوءِ ڳالهه ياد آئي، چيائين ته ”مون کي موڪليو ته آءُ اوهان کي خواب جي تعبير آڻي ڏيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ٻن قيدين مان جيڪو ڇٽي ويو هو ۽ وڏي عرصي کانپوءِ ان وقت ڳالهه ياد آيس، تنهن چيو: "مان ٿو توهان کي ان جو تعبير ٻڌايان. مونکي ٿورو (قيدخاني ۾ يوسف وٽ) موڪليو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن ٻن قيدين مان جيڪو بچي ويو هو، ان کي گهڻي عرصي بعد ڳالهه ياد آئي، ان چيو، آئون توهان کي ٻڌائيندس ان جو تعبير، ٿورو (جيل ۾ يوسف سان) ملڻ ڏيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ٻن ڄڻن مان جيڪو قيد مان آزاد ٿيو ھو، ڪافي عرصي کان پوءِ ان کي يوسف ياد آيو ۽ بادشاهه کي چيائين ته: سائين! مان توھان کي خوابن جي تعبير ٻڌائي سگهان ٿو پر مون کي پھريائين (جيل خاني ۾) وڃڻ جي اجازت ڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يوسُفُ أَيُّهَا الصِّدّيقُ أَفتِنا فى سَبعِ بَقَرٰتٍ سِمانٍ يَأكُلُهُنَّ سَبعٌ عِجافٌ وَسَبعِ سُنبُلٰتٍ خُضرٍ وَأُخَرَ يابِسٰتٍ لَعَلّى أَرجِعُ إِلَى النّاسِ لَعَلَّهُم يَعلَمونَ (آيت : 46) |
(پوءِ بندي خاني ڏانھن ويو چيائين) اي سچا يُوسفؑ ستن ٿلھين ڳئن بابت جن کي ستن ڏٻرين کاڌو ۽ ستن ساون سنگن ۽ ٻـين (ستن) سُڪن بابت تعبير ٻڌاءِ ته آءٌ ماڻھن ڏانھن موٽان ته مانَ اُھي ڄاڻن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اُهو ساقي قيد خاني ۾ ويو ۽ چيائين ته) اي يوسف! اي سچا صديق! اسان کي هن (خواب) جو تعبير ٻڌاءِ. ستن ٿلهين متارين ڳئن کي ست ڏٻريون ڳئون ڳڙڪائي رهيون آهن ۽ ست سنگ ساوا آهن ۽ ست سڪل آهن. هن لاءِ (ته انهن) ماڻهن ڏي موٽي وڃي سگهان (جن مون کي موڪليو آهي ۽ کين تعبير به ٻڌايان) عجب ناهي ته هو (تنهنجو علم بزرگي ۽ مرتبو) معلوم ڪري وٺن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي يوسف اي نهايت سچا تون اسان کي تعبير ٻڌاءِ ته ست ڳئون متاريون آهن جن کي ست اڀريون ڳئون کائي رهيون آهن ۽ ست سنگ ساوا آهن ۽ ست سنگ سڪل آهن (تون تعبير ٻڌاءِ) ته آئون دربار ۾ وڃان من ماڻهن کي به معلومات ٿِئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مطلب ته هو ويو ۽ يوسف کي چيائين ته) اي يوسف اي وڏا سچا! ٿورو اسان کي هي ته ٻڌائي ته ست متاريون ۽ تازيون ڍڳيون کائن ٿيون ۽ ستن ساون سنگن ۽ ٻين (ستن) سڪلن (سنگن) جو تعبير (ڇا آهي؟) ته آءُ ماڻهن ڏي موٽي وڃان (۽ ٻڌايان) ته انهن کي به تنهنجو قدر) معلوم ٿئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي يوسف! اي سچا! فتوى ڏي اسان کي ستن ڳئن ٿلهين (جي باري) ۾ جو کائين پيون انهن کي ست ڏٻريون ڳئون ۽ ستن سنگن ساون ۽ ٻين سڪلن (جي باري) ۾ تانته مان موٽي وڃان ماڻهن ڏانهن تانته اهي ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي يوسف! اي سچا! ستن ٿلهين ڍڳين جو جن کي ڏٻريون ست (ڍڳيون) کائين ٿيون ۽ ستن ساون سنگن ۽ ٻين (ستن) سُڪلن (سنگن) جو اسان کي تعبير ٻڌاءِ ته آءٌ ماڻهن ڏي موٽي وڃان (پوءِ ) مَنَ اهي ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيائين) ”يوسف اي سچار! تون اسان کي (هن خواب جو) تعبير ٻڌاءِ ست متاريون ڍڳيون آهن جن کي ست ڏٻريون ڍڳيون کائن ٿيون ۽ ست ساوا سنگ آهن ۽ ٻيا (ست) سڪل آهن. تان ته آءٌ (اهو تعبير کڻي) ماڻهن وٽ موٽي وڃان، مَنَ اُهي ڄاڻن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي يُوسف! يار سچا، ڏي ڪامل! اسان کي ڪَل، سَڻڀا سَتابا سَت ڍڳا، تن کي کائـِينِ سَت ٿَڪل، سَت سِٽا ساواگھڻا، سَت سَنگ ٻيا سُڪل، تان ماڻهن ڏي مُرسل! موٽان، ته ڪن معلوم سي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”اي سچا يوسف! ست ڏٻريون ستن ٿلهين ڳئن کي کائن ٿيون_ ۽ ست ساوا سنگ آهن ته، ست سڪا (به) آهن، اسان کي هن جو تعبير ٻڌاءِ! ته ماڻهن ڏي موٽي وڃان ته هو معلوم ڪن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن وڃي چيو: "اي يوسف سچار! مونکي هن خواب جو مطلب ته ٻڌاءِ ته ست متاريون ڳئون آهن، جن کي ست ڏٻريون ڳئون کائي رهيون آهن ۽ ست ساوا سنگ آهن ۽ ست ســُـڪا ته مان انهن وٽ واپس وڃان ته مــَـن (سمورو مطلب) کين معلوم ٿي وڃي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن چيو، اي يوسف اي سچائيءَ جا صاحب! مون کي ان خواب جو مطلب ٻڌاءِ ته ست متاريون ڳئون آهن جن کي کائن پيون ست ڏٻريون ڳئون ۽ ست ساوا سنگ آهن ۽ ست سُڪل، ته جيئن آئون انهن ماڻهن وٽ موٽي وڃان جيئن اهي (تعبير) ڄاڻي سگهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جيل پھچڻ کان پوءِ) چيائين يوسف! تون وڏو سچو آھين، ھن خواب جو تعبير به ٻڌاءِ ته ست ٿلھيون ڳئون آھن جن کي ست ڏٻريون ڳئون کائي رھيون آھن، (ڪڻڪ جا) ست ساوا سنگ آھن ۽ ست سڪل سنگ آھن. بس! انهن جو تعبير ٻڌاءِ ته جيئن مان ماڻهن کي وڃي ٻڌايان. شايد ھو (تنھنجي سچائي کي) سمجهي وڃن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ تَزرَعونَ سَبعَ سِنينَ دَأَبًا فَما حَصَدتُم فَذَروهُ فى سُنبُلِهِ إِلّا قَليلًا مِمّا تَأكُلونَ (آيت : 47) |
(يوسف) چيو ته ست ورھيه ساندہ پوک ڪندا رھو، پوءِ جيڪو فصل لُڻو تنھن مان جيڪي کائو تنھن کانسواءِ ٻيو (سڀ) سندن سَنگن ۾ (رکي) ڇڏيو انھن ٿورن کانسواءِ جيڪي اوھين کائو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يوسف چيو ته، (هن خواب جي تعبير ۽ جيڪي ان بابت ڪرڻ گهرجي سو هي آهي ته) ست سال لاڳيتا (پاڻي گهڻو هوندو ۽) توهان کيتي ڪندا رهندؤ. (انهن سالن ۾ پيداوار گهڻي ٿيندي) پوءِ جڏهن فصل لهڻ جو وقت اچي تڏهن جيڪي اٿؤ تنهن کي سنگن ۾ ئي رهڻ ڏيو (انهيءَ لاءِ ته اَنُ سڙي خراب نه ٿئي) ۽ فقط ايترو ٿورو مقدار ( ان جو) سنگن کان جدا ڪري وٺو جيترو کائڻ لاءِ (ضروري) هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يوسف فرمايو توهان مسلسل ست سال اناج پوکيو، پوءِ لابارو ڪري انهي اناج کي سنگن ۾ ڇڏي ڏيو مگر ٿوررو اناج (اُن مان صاف ڪريو) جيترو کائي سگھو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يوسف چيو (ان جو تعبير هي آهي ته) اوهين سانده ست سال پوک ڪندا رهندو ته جيڪو (فصل) اوهين لڻو تنهن کي ان جي سنگن ۾ ڇڏيو سواءِ ٿوري (ان) جي جيڪو اوهين پاڻ کائو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته پوک پوکيندؤ ست سال لاڳيتا پوءِ جيڪو لابارو ڪيو پوءِ ڇڏيو ان کي ان جي سنگن ۾ پر ٿورو ان مان جيڪو کائو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يوسف چيو ته اوهين ست سال محنت سان پوکيو. پوءِ جيڪي لُڻو تنهن کي ان جي سنگن ۾ ڇڏيو سواءِ ٿوري (اَنَ) جي جو اوهين کائو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (يوسف) چيو ته: ”اوهان ست سال محنت سان مسلسل پوک ڪندا. پوءِ جيڪو لُڻو ان کي ان جي سنگن ۾ ڇڏيو سواءِ ٿوري (اناج) جي جيڪو اوهان کائو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سانده سَت سال اوهين، ساري پوکيندا سَر، پوءِ جيڪي لُئان، ڇَڏيو تنهن، سَندسِ سِٽن اَندر، مگر مُختصر، جو کِيندا پَنهنجي پيٽ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اوهين ست سال جيڪا لڳو لڳ کيتي ڪريو، ته ان کي پنهنجي ٿوري کاڌي جي حصي کان سواءِ باقي کي سنگن ۾ رهڻ ڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يوسف چيو: "ست سال ساندهه توهان پوک ڪندؤ، ان عرصي ۾ جيڪو فصل توهان لڻو، ان مان بس ڪو ٿورو حصو جيڪو کائڻ لاءِ گــُـهرجيوَ ڪڍي، باقي سارو اَن سنگن ۾ ئي رهڻ ڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يوسف چيو، ست سال سانده توهان پوک ڪندؤ وڏي محنت سان، پوءِ جيڪي لڻو تنهن کي رهڻ ڏيو ان جي سنگن ۾، سواءِ ٿوري اَنَ جي جيڪو توهين کائو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (يوسف $ ) چيو ته توھان پورا ست سال لڳاتار پوک ڪندا رھندا پوءِ جڏھن توھان فصل لُڻو ته ان مان صرف ضرورت مطابق اناج ڪڍجو (باقي اناج انهن سنگن ۾ ئي ڇڏي محفوظ ڪندا وڃجو) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ سَبعٌ شِدادٌ يَأكُلنَ ما قَدَّمتُم لَهُنَّ إِلّا قَليلًا مِمّا تُحصِنونَ (آيت : 48) |
وري اُن کانپوءِ ست سال سختيءَ جا ايندا انھن لاءِ جيڪي (اَن) اڳي رکي ڇڏيو ھوندوَ سو جيڪي بچائي رکندؤ تنھن مان ٿورڙي کانسواءِ (ٻيو سڀ) کائي ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ انهن (ستن سالن) بعد ٻيا ست (سال) تمام سخت مصيبت جا سال ايندا، جن ۾ (اڳين ستن سالن جو اناج وغيره) کاڄي ويندو جو توهان اڳ ئي گڏ ڪري رکيو هوندو. پر ٿورڙو جو توهان روڪي رکيو هوندو سو وڃي بچندو. (ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُن کان پوءِ ست سال ڏڪار جا ايندا جو توهان جي گڏ ڪيل اناج کي کائي ويندا، مگر ٿورو جيڪو توهان (ٻج لاءِ) بچائي سگهو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهن کان پوءِ سخت (ڏڪر جا) ست سال ايندا جن ۾ اوهان ماڻهن انهن ستن سالن لاءِ اڳ ۾ ئي ڪٺو ڪري رکيو هوندو تنهن کي کائي ڇڏيندا، سواءِ ٿوري (ان) جي جنهن کي (اوهان ٻج لاءِ) رکيو هوندو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ايندا پڄاڻان ان جي ست سخت (سال) جيڪي کائيندا اهو جو اڳي رکيو اوهان انهن لاءِ پر ٿورو ان مان جو بچائي رکندؤ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري ان کان پوءِ ست سختيءَ جا (سال) ايندا جيڪي اوهان انهن (ستن سالن) لاءِ (منهنجي چوڻ جي موافق) گڏ ڪري رکيو هوندو تنهن کي کائي ڇڏيندا سواءِ ٿوري (اَنَ) جي جنهن کي (ٻج لاءِ ) حفاظت سان رکندا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان کان بعد ست سال سخت ڏڪار جا ايندا. اُهي اَنُ (اناج) کي کائي ويندا جيڪو اوهان انهن (ستن سالن) لاءِ گڏ ڪري رکيو هوندو سواءِ ٿوري (اناج) جي جنهن کي حفاظت سان بچائي رکندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِنهن کان پوءِ اَچن ورِي، ڏاڍا ست ڏُڪار، کِيندا جيڪِي ميڙيان، اَڳم اُنهن هارِ، ڪن ٿورن داڻن ڌار، جي تُخم رکو، تُخمِين سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان کان پوءِ ٻيا اهڙا سخت ست سال ايندا، جو اوهين ان سڀ اڳ ڪٺي ٿيل ان کي ان ٿوري کانسواءِ کائي ويندا، جو اوهان سنڀالي رکيو هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ست سال ڏاڍا سخت ايندا، انهيءَ عرصي ۾ اهو سڀ اناج کاڄي ويندو، جيڪو توهان انهيءَ وقت لاءِ گڏ ڪري رکيو هوندو، باقي وڃي اهو رهندو، جيڪو توهان خاص طرح سانڍي رکيو هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان کان پوءِ وري ايندا اهڙا ئي ست سال تمام سختي (ڏڪار) جا، انهن ۾ اَن کاڄي ويندو اهو سڀ جيڪو توهان بچايو هوندو سواءِ ٿوري مقدار جي اهو (ٻج لاءِ) ڪم ايندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري پوءِ سخت ڏڪار جا ست سال ايندا ، ھاڻي توھان گڏ ڪيل اناج کائيندا، جيڪو پورن ستن سالن تائين ھلندو. پوءِ جيڪو ٿورو گهڻو بچندو اهو (ٻج لاءِ بچائي)محفوظ رکندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ يَأتى مِن بَعدِ ذٰلِكَ عامٌ فيهِ يُغاثُ النّاسُ وَفيهِ يَعصِرونَ (آيت : 49) |
وري اُن کانپوءِ اھڙو ورھ ايندو جنھن ۾ ماڻھن تي مينھن وسايو ويندو ۽ منجھس (ڊاک وغيرہ) نپوڙيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان کان پوءِ وري اهڙو سال ايندو جنهن ۾ ماڻهن لاءِ خوب مينهن وسندو ۽ ماڻهو ان سال ۾ (ميون ۽ اناج مان) عرق ۽ تيل جام ڪڍندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ کانپوءِ اهڙو سال ايندو جنهن ۾ بارشون پونديون ۽ ان سال ۾ (ماڻهو ميوَن جو) رس ڪڍندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري تنهن کان پوءِ هڪ سال (اهڙو ايندو جنهن ۾ ماڻهن لاءِ مينهن وسندو ۽ ان ۾ رس نپوڙيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ايندو پڄاڻان ان جي هڪ اهڙو سال جو ان ۾ مينهن وسايا ويندا ماڻهو ۽ ان ۾ رس ڪڍندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري ان کان پوءِ هڪ سال ايندو جنهن ۾ ماڻهن تي مينهن وسندو ۽ ان ۾ (رس) نپوڙيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان کان بعد هڪ سال ايندو جنهن ۾ ماڻهن تي (خوب) بارش برسائي ويندي ۽ ان ۾ ميوا نپوڙيندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن کان پوءِ وَرھ اَچي، جِنهن ماڻِينِ، ماڻهو وَس، ۽ قِسمِين قِسمِين رَس، ڪڍندا چاڙهي چِيچڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کان پوءِ هڪ سال ايندو، جنهن ۾ ماڻهن لاءِ مينهن وسندو ۽ ان ۾ شيرو به نچوڙيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان کان پوءِ وري هڪ سال اهڙو ايندو، جنهن ۾ رحمت جي برسات جي شڪل ۾ ماڻهن جون دانهون قبوليون وينديون ۽ هو رس نپوڙيندا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان کان پوءِ ايندو هڪ سال اهڙو جنهن ۾ رحمت جي بارش سان ماڻهن جي فرياد رسي ٿيندي ۽ هو رس نپوڙيندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (۽) وري پوءِ ھڪ سال اھڙو ايندو جنھن ۾ ماڻهن جي فائدي لاءِ برسات وسندي ۽ کين فصل ذريعي وڏي خوشحالي نصيب ٿيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ فَلَمّا جاءَهُ الرَّسولُ قالَ ارجِع إِلىٰ رَبِّكَ فَسـَٔلهُ ما بالُ النِّسوَةِ الّٰتى قَطَّعنَ أَيدِيَهُنَّ إِنَّ رَبّى بِكَيدِهِنَّ عَليمٌ (آيت : 50) |
۽ بادشاھ چيو ته يُوسفؑ کي مون وٽ آڻيو، جنھن مھل وٽس قاصد آيو (ته ان وقت يُوسفؑ) چيو ته پنھنجي بادشاھ ڏانھن موٽ پوءِ کانئس پُڇ ته انھن زالن جو ڪھڙو حال ھو جن پنھنجا ھٿ وڍيا، ڇوته منھنجو پالڻھار سندن مِڪر کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جڏهن انهيءَ ساقيءَ اها ڳالهه بادشاهه کي ٻڌائي تڏهن) بادشاهه چيو ته، يوسف کي (بنا دير) مون وٽ وٺي اچو. پر جڏهن (بادشاهه جو) پيغام پهچائيندڙ يوسف وٽ پهتو تڏهن هن چيو ته، (مان ائين نه هلندس) توهان پنهنجي بادشاهه ڏي موٽي وڃو ۽ (منهنجي طرفان) دريافت ڪيو ته انهن عورتن جو معاملو ڪهڙو هو، جن پنهنجا هٿ ڪپي وڌا هئا. (مان چاهيان ٿو ته پهريائين ان ڳالهه جو فيصلو ٿئي) جيڪي مڪاريون انهن ڪيون هيون، منهنجو پروردگار انهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بادشاه چيو يوسف کي مون وٽ وٺي اچو، پوءِ جڏهن يوسف وٽ قاصد پهتو، يوسف چيو تون پنهنجي بادشاه ڏانهن موٽي وڃ، پوءِ اُن کان انهن عورتن جو احوال معلوم ڪر جن پنهنجا هٿ ڪٽيا هئا، بيشڪ منهنجو رب انهن جي فريب کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو تعبير ٻڌندي ئي) بادشاھ حڪم ڪيو ته يوسف کي مون ڏي ته وٺي اچو. پوءِ جڏهن (سرڪاري) چوبدار (اهو حڪم کڻي) يوسف وٽ آيو ته يوسف فرمايو ته تون پنهنجي آقا وٽ وڃي کيس چئو ته (تو کي) انهن عورتن جو حال به معلوم آهي! جن (مون کي ڏسي) پنهنجا هٿ وڍي ڇڏيا هئا. ڇا! آءُ سندن طالب هئس يا اهي (منهنجون؟) بيشڪ منهنجو خدا سندن مڪرن کان چڱيءَ طرح آگاھ هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو بادشاھ ته آڻيو مون وٽ ان کي پوءِ جڏهن آيو ان وٽ قاصد ته چيائين موٽ بادشاھ پنهنجي ڏانهن پوءِ پڇ ان کان ته ڪهڙو حال آهي انهن عورتن جو جن وڍيا پنهنجا هٿ؟ بيشڪ رب منهنجو انهن جي مڪر کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بادشاهه چيو ته ان کي مون وٽ وٺي اچو. پوءِ جڏهن ان وٽ قاصد آيو ته ان چيو ته تون پنهنجي مالڪ ڏي موٽي وڃ پوءِ ان کان پڇ ته انهن عورتن جي حقيقت حال ڇا آهي جن پنهنجا هٿ وڍيا. بيشڪ منهنجو پاليندڙ انهن جي مڪر کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بادشاهه چيو: ”ان کي مون وٽ وٺي اچو“. پوءِ جڏهن ان (يوسف) وٽ قاصد آيو ته ان کي چيائين: ”پنهنجي مالڪ وٽ موٽي وڃ پوءِ ان کان پڇ ته انهن عورتن جو ڇا حال آهي؟ جن پنهنجا هٿ ڪٽيا هيا. بيشڪ منهنجو پالڻهار انهن جي مڪر کي ڄاڻڻ وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ فرمايو سُلطان، ته اُن کي مون وٽ آڻيو. جڏهن وَٽِس آيو، خاطو ته چيسِ، خان، پُڇُ سَندِئـِي سائـِينءَ ڪنان، تن بِيبِين جو بيان، جن پَنهنجا هَٿ پاڻهِين ڪپيا، ٿِي حيرت ۾ حيران سانيمِ رَبّ سُبحان، ڄاڻو اُنهن جي ڄار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بادشاهه چيو ”ان کي مون وٽ آڻيو.“ جڏهن وٽس قاصد پهتو ته چيائين“ پنهنجي سائين وٽ موٽي وڃ ۽ پڇ ته انهن زالن جو ڪهڙو حال آهي، جن پنهنجا هٿ ڪپايا! بيشڪ منهنجو رب انهن عورتن جي مڪر کي خوب ڄاڻي ٿو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بادشاهه چيو: انهيءَ کي مون وٽ آڻيو. پوءِ جڏهن نياپي وارو وٽس پهتو ته ان کي چيائين ته "پنهنجي آقا ڏي موٽي وڃ ۽ پڇيس ته انهن عورتن جو ڇا معاملو هو، جن پنهنجا هٿ ڪپي وڌا هئا؟ منهنجو رب ته انهن جي مڪاريءَ کان واقف آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بادشاهه چيو، ان کي مون وٽ وٺي اچو، پر جڏهن قاصد يوسف وٽ پهتو ته هن (يوسف) چيس، موٽي وڃي رب (بادشاهه) کان پڇ ته انهن عورتن جو معاملو ڇا ٿيو جن پنهنجا هٿ ڪپيا هئا؟ بيشڪ منهنجو رب ته انهن جي مڪاري کان واقف آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جڏھن درٻار ۾ اھا تعبير ٻڌائي وئي ته) بادشاهه چيو ته اُن (يوسف) کي مون وٽ وٺي اچو، جڏھن قاصد يوسف ($) وٽ پھتو (۽ کيس سڄو احوال ٻڌايو تنھن تي) يوسف ($) چيو ته تون پنھنجي بادشاهه ڏي موٽي وڃ ۽ ان کان پڇ ته جن عورتن پنھنجا ھٿ چيريا ھئا انهن جي معاملي جو ڇا ٿيو؟ بيشڪ منھنجو پالڻھار انهن عورتن جي ترڪتالين کان خوب واقف آھي، (پر توکي ڪابه خبر نه آھي) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ ما خَطبُكُنَّ إِذ رٰوَدتُنَّ يوسُفَ عَن نَفسِهِ قُلنَ حٰشَ لِلَّهِ ما عَلِمنا عَلَيهِ مِن سوءٍ قالَتِ امرَأَتُ العَزيزِ الـٰٔنَ حَصحَصَ الحَقُّ أَنا۠ رٰوَدتُهُ عَن نَفسِهِ وَإِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 51) |
(بادشاھ عورتن کان) پڇيو ته اوھان جو ڇا حال ھو جڏھن يُوسفؑ کي سندس نفس کان راڻيوَ ٿي، چيائون ته الله پاڪ آھي ڪا بُڇڙائي مٿس نه ڄاتي سون، عزيز جي زال چيو ته ھاڻي حق پڌرو ٿيو، مون کيس سندس نفس کان راڻڻ گھريو ھو ۽ اُھو بيشڪ سچن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تنهن تي) بادشاهه (انهن عورتن کي گهرايو ۽) چيو ته صاف صاف ٻڌايو ته توهان کي ڪهڙو معاملو پيش آيو هو، جڏهن اوهان يوسف تي حيلا هلايا ته کيس پنهنجي طرف مائل ڪري وجهو. انهن ورندي ڏني ته ماشا الله! اسان هن ۾ برائيءَ جي ڪابه ڳالهه ڪانه ڏٺي. (اهو ٻڌي) عيزيز جي زال به (بي اختيار) چئي ڏنو ته جيڪا سچي حقيقت هئي سا هاڻي ظاهر ٿي پيئي. بيشڪ مان ئي هيس جنهن يوسف تي حيلا هلايا ته من سندس دل (مون ڏي) مائل ٿئي. بيشڪ هو (پنهنجي بيان ۾) بلڪل سچو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بادشاه عورتن کي چيو توهان جو واقعو ڪيئن ٿي گذريو جڏهن توهان يوسف کي پاڻ ڏانهن راغب ڪيو ٿي، سڀني چيو پناه بَخُدَا اسان يوسف ۾ ڪابه بُرائي نه ڏٺي، عزيز جي گھر واري چيو هينئر حق ظاهر ٿي پيو مون يوسف کي پاڻ ڏانهن راغب ڪيو هو ۽ بيشڪ يوسف يقيناً سچو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (آخر بادشاھ انهن عورتن کي سڏايو ۽) پڇيو ته جڏهن اوهان يوسف کان پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ جي تمنا ڪئي هئي ته اوهان کي ڪهڙو معاملو پيش آيو هو؟ چوڻ لڳيون، الله پاڪ آهي! اسان کي ان جي ڪا برائي معلوم نه ٿي. (تڏهن) عزيز (مصر) جي زال (زليخا) چوڻ لڳي هاڻي ته سچي پچي ڳالھ سڀني تي ظاهر ٿي ته (اصل ڳالھ هيءَ آهي ته مون خود ان کان پنهنجو) مطلب حاصل ڪرڻ جي تمنا ڪئي هئي. بيشڪ اهو پڪ سچو آهي (اها ڳالھ چوبدار يوسف کي اچي ٻڌائي ته چيائين).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته ڪيئن آهي معاملو اوهان جو جڏهن طلب ڪئي اوهان يوسف کان ان جي نفس (جي خواهش)، چيو عورتن ته پاڪائي آهي الله جي لاءِ نه ڄاتي سون ان تي ڪابه برائي چيو زال عزيز جي ته هاڻي ظاهر ٿيو حق مون طلب ڪئي هئي ان کان نفساني خواهش ان جي ۽ بيشڪ اهو البته سچن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بادشاهه (عورتن کي) چيو ته اوهان جو مطلب ڇا هو جڏهن اوهان يوسف کي پنهنجي هوس پوري ڪرڻ لاءِ لالچايو ٿي. چوڻ لڳيون ته الله پاڪ آهي اسان کي ان جي ڪا برائي معلوم نه ٿي. عزيز جي زال چيو ته هاڻي سچي ڳالهه ظاهر ٿي پئي. مون ئي ان کي لالچايو ٿي، ۽ بيشڪ اهو سچن مان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بادشاهه (عورتن کان) پڇيو ته: ”اوهان جو مطلب ڇا هيو؟ جڏهن اوهان يوسف کي پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ لالچايو ٿي“؟ چوڻ لڳيون: ”الله جي پناهه اسان ان ۾ ڪا برائي ڪا نه ڏٺي“. عزيزِ (مصر) جي زال چيو ته: ”هاڻي سچي ڳالهه ظاهر ٿي پئي مون کيس لالچايو هيو ۽ بيشڪ اُهو سچن مان آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي اَهنجِي ڪهڙِي ڳالھ، جڏهن يُوسف، پاڻ کي، ڪيئان وَس وِصال لئي، چي، ربَّ رکيس شال، اَثر نه ڄاتو سون اُن تي، ڪو بَدِيء جو بَحال، هاڻي حق ظاهر ٿيو، اُتو عزيز جِي زال، مون ئـِي اُنهِيءَ پاڻ کي، ٿِي ڦِسلايو فِى الحال، ۽ هِيءُ لاکيڻُو لال، سَچ پَچ، سَچ ٻولين مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اوهان جو ڪهڙو واقعو آهي، جڏهن اوهان يوسف کي پنهنجي لاءِ ڦسلايو ٿي؟“ چيائون ته ”الله بچائي! اسان ان ۾ ڪا خرابي ڪا نه ڄاتي. ”عزيز جي زال چوڻ لڳي،“ هاڻي حق ظاهر ٿي ويو ۽ مون ئي ان کي پنهنجي لاءِ ٿي ڦسلايو، ۽ بيشڪ اهو ئي سچو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهن تي بادشاهه عورتن کان پڇا ڪئي ته "توهان ڇا محسوس ڪيو هو جڏهن توهان يوسف کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي؟" سڀني ائين چيو ته "بي عيب الله آهي، اسان ته منجهس بديءَ جو ڪو ذرڙو به نه ڏٺو.“ عزيز جي زال چوڻ لڳي: "هاڻي ته سچي ڳالهه کلي پئي آهي ته اها مان هــُـئس، جنهن هن کي ٿيڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. بيشڪ هو بلڪل سچو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان تي بادشاهه پڇيو انهن عورتن کان، توهان تي ڇا وهيو واپريو هو جڏهن يوسف کي توهان ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي؟ سڀني هڪ وات ٿي چيو، الله جي ذات ئي عيبن کان پاڪ آهي، اسان ان ۾ ڪنهن برائيءَ جو ذرو به نه ڏٺو. عزيز جي زال چيو هاڻي پڌرو ٿي چڪو آهي حق، آئون ئي هيس جنهن هن کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، بيشڪ هو سچو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان تي بادشاهه عورتن کي چيو ته: اوھان جي يوسف ($) جي باري ۾ ڪھڙي راءِ آھي؟ جڏھن توھان ھن کي پنھنجي نفساني خواھش پوري ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. انهن سڀني چيو ته: اللھ تعالى جي پناهه! اسان ھن ۾ (ڪابه) برائي واري ڳالھ نه ڏٺي سين، بادشاهه جي زال ڏٺو ته ھاڻي سچي ڳالھ ته ظاھر ٿي وئي آھي (سو شرمساري وچان چيائين ته) مون ئي کيس ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. بيشڪ ھو سچن ماڻهن مان آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ لِيَعلَمَ أَنّى لَم أَخُنهُ بِالغَيبِ وَأَنَّ اللَّهَ لا يَهدى كَيدَ الخائِنينَ (آيت : 52) |
(يُوسفؑ چيو ته) اِھو ھن لاءِ ھو ته (عزيز) ڄاڻي ته مون پرپٺ سندس خيانت نه ڪئي ھئي ۽ الله خيانت ڪندڙن جو فريب پورو ٿيڻ نه ڏيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (يوسف چيو ته) مون اها ڳالهه هن ڪري چئي ته کيس معلوم ٿي وڃي (يعني عزيز کي معلوم ٿي وڃي) ته مان هن جي پرپٺ سندس معاملي ۾ خيانت ڪانه ڪئي، ۽ پڻ هن ڪري چئي ته (ظاهر ٿي پوي ته) الله تعاليٰ خيانت ڪندڙن جي تدبيرن لاءِ ڪڏهن به (ڪاميابيءَ جي) راهه نه ٿو کولي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يوسف چيو) ته هي مون ان لاءِ ڪيو ته عزيز کي معلوم ٿئي ته مون سندس پرپُٺِ ڪابه خيانت نه ڪئي هُئي ۽ (هي به معلوم ٿئي ته) بيشڪ الله تعالى خيانت ڪندڙ جي رٿ کي ڪامياب نٿو ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها ڳالھ مون ان لاءِ کولي ته جيئن بادشاھ کي معلوم ٿئي ته مون عزيز جي پر پٺ سندس امانت ۾ خيانت ڪا نه ڪئي ۽ خدا خيانت ڪرڻ وارن جي مڪاري ڪڏهن هلڻ نه ٿو ڏئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان جي ڪري (ڪيم) تانته يقين ڪري ته بيشڪ مون نه خيانت ڪئي ان سان غائبانه حالت ۾ ۽ بيشڪ الله نه ٿو هلڻ ڏئي مڪر خيانت ڪندڙ جي کي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (يوسف چيو ته) اهو (سڀ) هن لاءِ آهي ته عزيز ڄاڻي ته مون پرپٺ سندس خيانت نه ڪئي ۽ هن ڳالهه کي به ته الله دغابازن جي مڪر کي هلڻ نه ٿو ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (يوسف چيو) اُهو هن لاءِ ته اُهو (بادشاهه) ڄاڻي ته مون پَرپُٺِ ان سان خيانت نه ڪئي آهي ۽ بيشڪ الله خيانت ڪرڻ وارن جي مڪر کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِها صفائـِي اِن ڪري، ته خُوب ڄاڻي خان، ته ڪِنهن پر پَرپُٺ اُن جِي، ڪَيمِ خِيانت ڪانه، صاب نه وجھي سُبحان، ڪُو ڪٽ ڪُپتِين جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (يوسف چيو) ”اهو هن لاءِ ڪيم ته عزيز کي خبر پوي، ته مون غير حاضريءَ ۾ سندس خيانت نه ڪئي آهي ۽ الله ڪپتين جي فريب کي هلڻ نه ڏيندو.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يوسف چيو: "ان مان منهنجو مقصد اهو هو ته (عزيز کي) خبر پوي ته مان پرپٺ ساڻس ڪا خيانت نه ڪئي هئي ۽ جيڪي خيانت ڪندڙ هوندا آهن، الله انهن جي هلايل حيلن کي هلڻ نه ڏيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (يوسف چيو) منهنجو مطلب هو ته (عزيز) ڄاڻي ته مون ساڻس خيانت نه ڪئي هئي اندر ئي اندر ۾، ۽ اها ڳالهه ته جيڪي خيانت ڪندا آهن تن جي حرڪتن کي الله ڪاميابي نه ڏيندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يوسف ($) چيو ته (منھنجي جيل مان نه نڪرڻ جو مقصد به اھو ئي ھو ته) جيئن بادشاهه کي خبر پئي ته مون سندس پرپٺ ڪابه خيانت نه ڪئي ھئي، بيشڪ اللھ تعالى خيانت ڪندڙن کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أُبَرِّئُ نَفسى إِنَّ النَّفسَ لَأَمّارَةٌ بِالسّوءِ إِلّا ما رَحِمَ رَبّى إِنَّ رَبّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 53) |
۽ (آءٌ) پنھنجي نفس کي پاڪ نٿو ڀانيان، تحقيق نفس بڇڙائيءَ ڏانھن ڇڪيندو آھي پر جنھن تي مُنھنجو رب رحم ڪري، بيشڪ منھنجو پالڻھار بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مان پنهنجي نفس جي پاڪائيءَ جي دعويٰ نٿي ڪريان. انسان جو نفس ته برائي جي لاءِ ڏاڍو اڀاريندڙ آهي. (ان جي غلبي کان بچڻ سولو ناهي) سواءِ ان حالت جي جو منهنجو پروردگار پنهنجو رحم ڪري. بيشڪ منهنجو پروردگار وڏو بخشيندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آئون پنهنجي پاڪيزگيءَ جو اظهار نٿو ڪريان، بيشڪ نفس ته بُرن ڪمن ڏانهن چوي ٿو، مگر جنهن تي منهنجو رب رحم ڪري ٿو، بيشڪ منهنجو رب بخشيندڙ رحم ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (هوئن ته) آءُ به پاڻ کي (ترڪ اولى کان) ... نه ٿو چوان ڇو ته (بظاهر بشر آهيان) ۽ نفس ته سدائين برائيءَ ڏي ڇڪيندو ئي رهي ٿو پر جنهن تي منهنجو پروردگار رحم فرمائي (۽ گناھ کان بچائي) بيشڪ منهنجو پروردگار وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿو پاڪ ڀانيان مان نفس پنهنجي کي بيشڪ نفس البته وڏو امر ڪندڙ آهي برائيءَ جو پر جنهن تي رحم ڪري رب منهنجو بيشڪ رب منهنجو بخشڻهار مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آءٌ پنهنجي نفس کي پاڪ نه ٿو چوان. بيشڪ نفس ته برائي جو گهڻو حڪم ٿو ڪري مگر جنهن وقت منهنجو پاليندڙ رحم ڪري. بيشڪ منهنجو پاليندڙ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ پنهنجي نفس جي پاڪيزگي بيان نه ٿو ڪيان، بيشڪ نفس ته برائيءَ تي گھڻو اڀارڻ وارو آهي سواءِ ان جي جو منهنجو پالڻهار رحم فرمائي. بيشڪ منهنجو پالڻهار بخشڻهار ٻاجهارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پاڪ نه چايان پاڻ کي، هِي نفس نِدورو، آهي اَڀراين تي، زور ڪندڙ زورو، مگر ڪري رَبُّ رحم جو، جنهن تي، نظر نِسورو، سانيمِ سَڳورو، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آءُ پنهنجي نفس کي پاڪ نٿو سمجهان ڇو ته نفس ته برائيءَ جو ئي حڪم ٿو ڪري سواءِ انهيءَ جي، جو ڌڻي رحم ڪري، بيشڪ منهنجو ڌڻي بخشڻهار مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان ڪو پاڻ کي خطائن کان خالي نٿو چوان، نفس ته مڙيوئي برائيءَ لاءِ اڀاريندو آهي، سواءِ ان جي جنهن تي منهنجي رب جي رحمت ٿئي، بلاشڪ منهنجو رب ڏاڍو بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه آئون ڪو پاڪ ٿو ڀانئيان پنهنجي نفس کي، بيشڪ نفس اماره برائيءَ تي اڀاري ٿو سواءِ ان جي جنهن تي منهنجي رب جي رحمت ٿئي، بيشڪ منهنجو رب وڏو معاف ڪندڙ مهربان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بھرحال انسان ڪمزور آھي سو) مان پنھنجو پاڻ کي پاڪ نٿو سمجهان، بيشڪ (انسان جو) نفس ته برائي ڪرڻ تي اڀاريندو رھي ٿو پر جنھن تي منھنجو پالڻھار رحم ڪري (۽ کيس بچائي وٺي) بيشڪ منھنجو پالڻھار وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ المَلِكُ ائتونى بِهِ أَستَخلِصهُ لِنَفسى فَلَمّا كَلَّمَهُ قالَ إِنَّكَ اليَومَ لَدَينا مَكينٌ أَمينٌ (آيت : 54) |
۽ بادشاھ چيو ته کيس مون وٽ آڻيو ته (آءٌ) کيس پاڻ لاءِ مقرر ڪريان، پوءِ جنھن مھل ساڻس ڳالھايائين (تنھن مھل سندس سياڻپ سمجھي) چيائين ته تون اڄ اسان وٽ وڏي مرتبي وارو امانت وارو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (وري) بادشاهه حڪم ڏنو ته، يوسف کي مون وٽ وٺي اچو ته کيس خاص پنهنجي (ڪمن) لاءِ مقرر ڪيان. پوءِ جڏهن (هو آيو ۽) ڳالهه ٻولهه ڪيائين (تڏهن بادشاهه) چيو ته، اڄ تون اسان جي نظر ۾ وڏي اقتدار (عزت ۽ پوزيشن) وارو ۽ امانتدار (سچو ۽ ايماندار) انسان آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بادشاه چيو، يوسف کي مون وٽ وٺي اچو ته آئون ان کي خاص پنهنجي (ڪمن) لاءِ مقرر ڪريان، پوءِ يوسف سان جڏهن بادشاه ڳالهايو ته ان کي چيائين ته تون اڄ کان وٺي اسان وٽ معزز (۽) امين آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بادشاھ حڪم ڏنو ته يوسف کي مون ڏانهن وٺي اچو ته آءُ کيس پنهنجو ذاتي ڪم لاءِ خاص (ماڻهو) ڪندس پوءِ جڏهن هن يوسف سان ڳالهيون ڪيون (ته يوسف جي عاليشان قابليت ثابت ٿي) هن حڪم ڏنو ته اڄ (کان) اسان جي سرڪار ۾ بلڪل باوقار ۽ معتبر آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو بادشاھ آڻيو مون وٽ ان کي ته چونڊي رکان مان ان کي سر پنهنجي لاءِ پوءِ جڏهن ڳالهايائين ان سان ته چيائين بيشڪ تون اڄ (کان ئي) اسان وٽ مرتبي وارو امانت وارو آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بادشاهه چيو ته کيس مون وٽ وٺي اچو ته ان کي خاص پنهنجي ڪم لاءِ مقرر ڪريان. پوءِ جڏهن ان سان ڳالهايائين، ته چيائين ته بيشڪ تون اڄ اسان وٽ مرتبي وارو امانت دار آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بادشاهه چيو ته: ”ان کي مون وٽ وٺي اچو ته آءٌ ان کي پنهنجي (خاص ڪمن) لاءِ مخصوص ڪيان“. پوءِ جڏهن ان سان (روبرو) ڳالهايائين ته چيائين: ”بيشڪ تون اڄ کان اسان وٽ مرتبي وارو امانتدار آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چيو بادشاه، ته اُن کي مُون وٽ آڻِيو، ته پَسند ڪريانسِ پاڻ لئي، درٻارِي درگاه، جڏهن ٻَهڳڻ ساڻسِ ٻوليون، ته چيائـِين، مان چاه، اڄ کان اَسان وٽ شاھ! عُهديدار، اَمِين تون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بادشاهه چيو ”يوسف کي مون وٽ وٺي اچو، ته آءُ کيس پنهنجي خاص ڪم تي مقرر ڪريان، ”پوءِ جڏهن ساڻس ڳالهايائين ته چيائين ”تون اڄ کان اسان وٽ باعزت ۽ اعتبار وارو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بادشاهه چيو: "انهيءَ کي مون وٽ وٺي اچو ته جيئن مان کيس خاص طرح پنهنجي ڪم لاءِ مقرر ڪريان". پوءِ جڏهن يوسف ساڻس گفتگو ڪئي ته هن چيو: "هاڻي تون اسان وٽ وڏي مرتبي وارو آهين ۽ تنهنجي امانتداريءَ تي پورو پورو اعتبار آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيو بادشاهه، ان کي مون وٽ وٺي اچو جيئن کيس خاص ڪريان پنهنجي لاءِ، پوءِ جڏهن گفتگو ڪئي ساڻس يوسف ته هن چيو، بيشڪ تون اڄ کان اسان وٽ مانَ مرتبي وارو امانت دار آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بادشاهه چيو ته: ان کي مون وٽ وٺي اچو ته جيئن مان کيس پنھنجن خاص ماڻهن ۾ شامل ڪريان ۽ جڏھن بادشاهه اُن سان روبرو ڳالهايو ته (هو ايترو متاثر ٿيو جو کيس) چيائين ته بيشڪ توھان اسان وٽ وڏي عزت وارا ۽ وڏا امانتدار آھيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ اجعَلنى عَلىٰ خَزائِنِ الأَرضِ إِنّى حَفيظٌ عَليمٌ (آيت : 55) |
(يوسف) چيو ته مون کي ھن مُلڪ (مصر) جي خزانن تي مقرر ڪر، تحقيق آءٌ نگھبان (سڀني ڪمن جو) وڌيڪ ڄاڻندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يوسف چيس ته، مون کي ملڪ جي خزاني جي باري ۾ مختيار ڪري ڇڏ، جو مان حفاظت ڪري ٿو سگهان (۽ مان ايمانداريءَ سا خزانو سنڀاليندس ۽ ملڪ جي ڀلي لاءِ ڪم آڻيندس) ۽ مان هن ڪم جو ڄاڻندڙ آهيان (بادشاهه هن کي ملڪ جو مختيار ڪري ڇڏيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يوسف چيو مون کي زمين (مصر) جي خزانن تي مقرر ڪر، بيشڪ آئون حفاظت ڪندڙ ڄاڻندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يوسف فرمايو، (جيئن توهان منهنجي قدرداني ڪئي آهي ته) مون کي ملڪي خزاني تي مقررڪريو. ڇو ته آءُ ان جو امانت دار خزانچي (۽ ان جي حساب ڪتاب جو به) واقف آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته مقرر ڪر تون مون کي زمين جي خزانن تي بيشڪ مان حفاظت ڪندڙ ڄاڻندڙ آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يوسف چيو ته تون مون کي ملڪ جي خزانن تي مقرر ڪر. بيشڪ آءُ نگهباني ڪندڙ وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (يوسف) چيو ته: ”مون کي ملڪ جي خزانن تي مقرر ڪر. بيشڪ آءٌ نگهباني ڪندڙ ڄاڻندڙ آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀونءَ جي ڀانڊارن تي، ڪر خزانچِي مُون کي خان، آئون آهيان بي گمان، واهي واقِف واھ جو!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”تڏهن مون کي ملڪ جي خزانن تي مقرر ڪر، آءُ چڱو سنڀاليندڙ ۽ ڄاڻو آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يوسف چيو: "ملڪ جا خزانا منهنجي حوالي ڪري ڇڏ، مان حفاظت به ڪري ڄاڻان ۽ علم وارو به آهيان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (يوسف) چيو، مون کي حوالي ڪريو ملڪ جا خزانا، جو آئون حفاظت ڪرڻ وارو آهيان ۽ علم به رکان ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يوسف ($) چيو ته (رڳو عھدا نه پر) زمين جا سمورا خزانا ئي منھنجي حوالي ڪري ڇڏ، منھنجي اندر انهن جي حفاظت ڪرڻ جي طاقت به آھي ته قابليت به . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذٰلِكَ مَكَّنّا لِيوسُفَ فِى الأَرضِ يَتَبَوَّأُ مِنها حَيثُ يَشاءُ نُصيبُ بِرَحمَتِنا مَن نَشاءُ وَلا نُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
۽ اھڙي طرح يُوسف کي (انھي) ملڪ ۾ مرتبي وارو ڪيوسون، جتي وڻندو ھوس تِتي ٽڪندو ھو، جنھن لاءِ وڻندو اٿؤن تنھن تي ٻاجھ پھچائيندا آھيون ۽ نيڪَن جو اجر نه وڃائيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اهڙيءَ طرح اسان مصر جي سرزمين ۾ يوسف جا قدم ڄمايا جو جيڪا ئي جاءِ وڻيس تنهن کي پنهنجي مرضيءَ موجب رهڻ لاءِ ڪم آڻي. (اهڙيءَ طرح) اسان جنهن کي چاهيون ٿا تنهن کي پنهنجي رحمت سان نوازيون ٿا، ۽ نيڪ عمل ڪندڙن جو اجر ڪڏهن به ضايع نٿا ڪيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهي طريقي سان يوسف کي زمين (مصر) ۾ مضبوط بنايو جو (مصر ۾) جنهن جاءِ تي چاهي رهي سگھيو ٿي، اسين جنهنکي چاهيون پنهنجي رحمت سان نوازيون ٿا، ۽ اسين نيڪوڪارن جي اجر کي ضايع نٿا ڪريون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نيٺ يوسف شاهي خزانن جو آفيسر مقرر ٿيو) ۽ اسان اهڙيءَ طرح يوسف کي مصر ملڪ جو قابض بنايو جو ان ۾ جتي چاهي (ته) رهي. اسين جنهن کي گهرون ٿا ته ان تي فضل (۽ احسان) ڪريون ٿا ۽ اسين نيڪ ماڻهن جو اجر اڪارت نه ٿا ڪريون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهڙيءَ طرح قوت ڏني سون يوسف کي زمين ۾ رهي پيو ان مان جتي گهري پهچايون ٿا رحمت پنهنجي جنهن کي گهرون ۽ نه ٿا ضايع ڪيون بدلو ڀلائي ڪندڙن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان يوسف کي (ان) ملڪ ۾ طاقت ڏني. ان (ملڪ) ۾ جتي گهرندو هو اتي رهندو هو. جنهن کي اسين گهرون ٿا تنهن کي پنهنجي رحمت پهچايون ٿا. ۽ اسين نيڪي ڪندڙن جو اجر نه ٿا وڃايون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح اسان يوسف کي ملڪ ۾ اقتدار ڏنو. (اهو مختار هيو) ان ۾ جتي چاهي (پنهنجي رهڻ جي) جاءِ بنائي. اسان جنهن کي چاهيون پنهنجي رحمت پهچايون ٿا ۽ نيڪي ڪرڻ وارن جو اجر نه ٿا وڃايون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِنپر ڏِنوسون يُوسف کي، مِصر ۾ مَڪان، وڻيسِ تِتي ولهارن ۾، سَير ڪري سُلطان، پهچايوسون پَنهنجِي ٻاجھ ۾؛ جنهنکي گهرون بي گمان، ۽ ڀاڙي مان ڀَلن جي، ذَرو نه ڪريون زِيان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ائين اسان يوسف کي ملڪ ۾ مرتبي وارو ڪيو، جوجتي وڻندو هوس اتي ٽڪندو هو، اسان کي جنهن لاءِ وڻندو آهي ان تي ٻاجهه ڪندا آهيون ۽ نيڪن جو اجر نه وڃائيندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح اسان ان سرزمين ۾ يوسف لاءِ اقتدار جو رستو کوليو. هن کي اختيار هو ته جتي وڻيس اتي پنهنجي جڳهه بڻائي. اسان پنهنجي رحمت سان جنهن کي به گهرون نوازي ڇڏيندا آهيون ۽ نيڪ ماڻهن جو اجورو هرگز نه وڃائيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان اقتدار جي راهه يوسف لاءِ ان سرزمين ۾ آسان ڪئي، کيس اختيار هو ته جتي وڻيس پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي، اسان جنهن کي گهرندا آهيون پنهنجي رحمت سان ان کي نوازيندا آهيون ۽ نيڪ ماڻهن جو اجر اسان وٽ وڃائبو نه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙي طريقي سان اسان يوسف ($) کي (مصر جي) سرزمين تي حڪومت عطا ڪئي، ھر جڳھ ھو پنھنجي مرضيءَ سان رهڻ ۾ بااختيار هو . (هن کان ڪير به پڇڻ وارو نه هو) اسان جنھن کي چاھيون پنھنجي رحمت سان نوازيندا آھيون ۽ اسان نيڪوڪارن جو ڪڏھن به اجر ضايع نه ڪندا آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَأَجرُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 57) |
۽ جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪندا رھيا تن لاءِ آخرت جو اجر ضرورڀلو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو (الله تي) ايمان آڻين ۽ (بدعملين کان) بچندا رهن تن جي لاءِ ته آخرت جو اجر ان کان (يعني دنيائي دولت ۽ حڪمت کان) گهڻو بهتر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ آخرت جو اجر انهن ماڻهن لاءِ بهتر آهي جيڪي ايمان آڻن ٿا ۽ پرهيزگاري ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ڪندا رهيا انهن لاءِ آخرت جو اجر ان کان (وري) گهڻو سٺو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته ثواب آخرت جو ڀلو آهي انهن لاءِ جن ايمان آندو ۽ پرهيزگار بڻيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ آخرت جو اجر انهن لاءِ گهڻو چڱو آهي جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري پيا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آخرت جو اجر ڀلو آهي انهن لاءِ جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ڪندا رهيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُنهن لئي آخرت ۾، عُمدا اَجر عيان، آندو جن اِيمان، پڻ آهِن پَلِيندا پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پڻ جن ايمان آندو ۽ نيڪ ٿيا تن لاءِ آخرت جو اجر ڀلو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ آخرت جو اجر انهن ماڻهن لاءِ ته اڃان به ڀلو آهي، جن ايمان آندو ۽ الله کان ڊڄندي گذاريائون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اجر آخرت جو وڌيڪ سٺو آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جن ايمان آندو ۽ خدا ترسيءَ سان ڪم ڪندا رهيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ آخرت وارو اجر اڃا به وڌيڪ بھتر آھي، انهن ماڻهن لاءِ جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري اختيار ڪندا رهيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجاءَ إِخوَةُ يوسُفَ فَدَخَلوا عَلَيهِ فَعَرَفَهُم وَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 58) |
۽ يُوسف جا ڀائر آيا پوءِ وٽس ويا ته کين سڃاتائين ۽ اُھي کيس نه سڃاڻندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (سڪار جي ستن سالن بعد ڏڪار وارن سالن ۾ ڇا ٿيو جو) يوسف جا (وڏا) ڀائر (ڪنعان مان مصر ڏي انُ خريد ڪرڻ لاءِ) آيا. پوءِ ان جي روبرو ٿيا (ته) يوسف انهن کي (ڏسندي ئي) سڃاڻي ورتو، پر هنن ڪونه سڃاتو، (نڪي کين ٻڌايائين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ يوسف جا ڀائر (ڪنعان شهر مان) يوسف جي دربار ۾ پهتا، پوءِ يوسف انهن کي سڃاتو ۽ انهن يوسف کي نه سڃاتو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ جيئن ته ڪنعان ۾ ڏڪر هئو تنهن ڪري) يوسف جا (پيئتا) ڀائر (اناج) خريدڻ لاءِ مصر ۾ آيا ۽ يوسف وٽ ويا ته ان کين يڪدم سڃاتو پر هنن کيس نه سڃاتو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آيا ڀائر يوسف جا پوءِ داخل ٿيا ان (محل) ۾ پوءِ سڃاتائين انهن کي ۽ اهي ان کي نه سڃاڻندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ يوسف جا ڀائر آيا پوءِ ان جي روبرو ٿيا، پوءِ ان کين سڃاتو ۽ اهي کيس سڃاڻي نه سگهيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ڏڪر دوران) يوسف جا ڀائر (اَناج وٺڻ) آيا پوءِ وٽس داخل ٿيا (يعني سندس روبرو ٿيا) پوءِ پاڻ کين سڃاتائين ۽ اُهي کيس سڃاڻي نه سگهيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آيا اَدل يُوسف جا، پوءِ پهتا وَٽسِ پاڻ، پوءِ سُڄاتنِ سُڄاڻ، ۽ هُو اَڻ سُڃاتو، اُن جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (جڏهن) يوسف جا ڀائر آيا، ۽ وٽس ويا، ته هن کين سڃاتو پر هنن کيس نه سڃاتو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يوسف جا ڀائر مصر آيا ۽ اچي وٽس حاضر ٿيا. هـُـن کين سڃاڻي ورتو پر هو کانئس اڻ ڄاڻ هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آيا ڀائر يوسف جا مصر ۾ ۽ ان وٽ حاضر ٿيا، هن کين سڃاڻي ورتو پر اهي کيس سڃاڻندڙ ڪونه هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (خوشحاليءَ جي ستن سالن کان پوءِ اناج وٺڻ لاءِ) يوسف ($) جا ڀائر وٽس حاضر ٿيا، ھن کين (چڱيءَ طرح) سڃاتو پر ھو کيس نه سڃاڻي سگهيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم قالَ ائتونى بِأَخٍ لَكُم مِن أَبيكُم أَلا تَرَونَ أَنّى أوفِى الكَيلَ وَأَنا۠ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 59) |
۽ جنھن مھل انھن لاءِ سندن سامان تيار ڪيائين (تنھن مھل کين) چيائين ته پنھنجي پيئيتي ڀاءُ کي مون وٽ آڻيو، اوھين نه ٿا ڏسو ڇا ته آءٌ پورو ماڻ ڏيان ٿو ۽ آءٌ چڱو مھماني ڪندڙ آھيان؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن يوسف انهن کي سامان (اناج وغيره) مهيا ڪيو تڏهن (سندن رواني ٿيڻ وقت) کين چيائين ته، وري اچو ته پنهنجي ويڳي ڀاءِ (بن يامين) کي به پاڻ سان وٺيو اچجو. توهان چڱيءَ طرح ڏٺو آهي ته مان پوري ماپ سان (ان توري) ٿو ڏيان ۽ (ٻاهرين مسافرن جي لاءِ) بهترين مهمان نواز آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن يوسف انهن کي سفر جو سامان مُهيا ڪيو ته يوسف چيو ته توهان مون وٽ پنهنجو پيئتو ڀاءُ آڻجو، ڇا توهان نٿا ڏسو ته بيشڪ آئون (اَنَ جي) پوري ماپ ڏيان ٿو ۽ آئون بهترين ميزبان آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن (يوسف سندن اناج) جو سامان ٺيڪ ڪيو ۽ (انهن موڪلايو) ته يوسف (انهن کي) چيو ته (هاڻي جو اچو ته) پنهنجي پيئتي ڀاءُ کي (جنهن کي گهر ڇڏي آيا آهيو مون وٽ آڻجو. ڇا اوهين نٿا ڏسو ته آءُ ماپ به بلڪل پوري ٿو ڏيان آءُ تمام سٺو مهمان نواز آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن تيار ڪرائي ڏنائين انهن کي سامان انهن جو ته فرمايائين آڻيو مون وٽ ڀاءُ پنهنجو طرفان پيءُ اوهان جي ڇا نه ٿا ڏسو ته بلاشڪ مان پوري ٿو ڏيان ماپ ۽ مان ڀلو مهمان نواز آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن انهن لاءِ سندن سامان تيار ڪيائين تڏهن چيائين ته اوهين پنهنجي پيئتي ڀاءُ کي مون وٽ وٺي اچو. ڇا اوهين نه ٿا ڏسو ته آءُ پوري ماپ ڏيان ٿو ۽ آءُ سڀني کان چڱو مهمان نواز آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن لاءِ سندن سامان تيار ڪرايائين ته چيائين: ”اوهان پنهنجي پِيئيتي ڀاءُ (بن يامين) کي مون وٽ وٺي اچجو. ڇا اوهان نه ٿا ڏسو ته آءٌ پوري ماپ (يعني ان جي تور) ڏيان پيو ۽ آءٌ بهترين مهمان نواز آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڀاءُ اَوهان جو آڻجو، جڏهن ڀَري ڏِنائينِ بار، جو اوهان جي اَبي مَنجھان، آهي اَوهان هارِ، ڏِسو ته اوهان کي ٿو ڏِيان، مان ڀَري موچار، ۽ خاصو خِدمت گار، آئون آيلنِ لئي آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جنهن وقت انهن لاءِ سندن سامان تيار ڪرايائين، تڏهن چيائين ”پنهنجي ڀاءُ کي مون وٽ آڻيو، ڇا اوهين نٿا ڏسو، ته آءُ پوري ماپ ٿو ڏيان، ۽ سٺي مهماني ڪندڙ به آهيان؟. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن هن سندن سامان تيار ڪرايو ته هلندي وقت کين چيائين ته پنهنجي پيئيتي ڀاءُ کي مون وٽ آڻجو. ڏسو نٿا ته مان ڪيئن ٿو ماڻَ ڀري ڏيانوَ ۽ ڪهڙو نه سٺو مهمان نواز آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پوءِ جڏهن هن سندن سامان تيار ڪرايو ته وڃڻ وقت کين چيائين، پنهنجي ماٽيلي ڀاءُ کي مون وٽ آڻجؤ، ڏسو نٿا ته ڪهڙيءَ طرح آئون پورو ماپي ڏيان پيو ۽ ڪهڙو نه سٺو مهمان نواز آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن ھُن (خود) انهن جي لاءِ سامان تيار ڪرايو ۽ چيائين ته ايندڙ دفعي توھان پنھنجي نڳي ڀاءُ کي به ضرور مون وٽ وٺي اچجو . توھان کي اندازو به ٿي ويو ھوندو ته مون پوري انصاف سان تور ڪري سامان ڏنو آھي ۽ مان بھترين مھمان نوازي ڪندڙ آھيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن لَم تَأتونى بِهِ فَلا كَيلَ لَكُم عِندى وَلا تَقرَبونِ (آيت : 60) |
پوءِ جيڪڏھن کيس مون وٽ نه آڻيندؤ ته اوھان لاءِ مون وٽ ڪا مئپ ڪانھي ۽ نڪي مون کي ويجھا ٿجو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪڏهن توهان کيس مون وٽ نه آڻيندؤ ته، پوءِ ياد رکو ته نڪي مون وٽان اوهان کي (اناج جي) ڪجهه لپ ملندي، نڪي منهنجي ويجهو ايندؤ (يعني اوهان کي رڳو پاڻ وٽ اچڻ به نه ڏيندس).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن توهان ان کي مون وٽ نه آندو ته آئون توهان کي اَنُ ڪونه ڏيندس ۽ نه توهان مون کي ويجھا ٿجو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن اوهان مون وٽ هن کي نه آندو ته اوهان لاءِ مون وٽ نه ڪجھ (اناج وغيره) هوندو (۽ نه وري) مون وٽ پهچي سگهندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن نه آڻيندؤ مون وٽ ان کي پوءِ ناهي ماپ اوهان لاءِ مون وٽ ۽ نه ويجها اچجو مون کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن اوهان ان کي مون وٽ نه آندو ته اوهان لاءِ مون وٽ ڪو ماپ (اناج) نه آهي ۽ اوهين منهنجي ويجهو نه اچجو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن اوهان ان کي مون وٽ نه آندو ته مون وٽ اوهان لاءِ (اناج جي) ڪا ماپ نه هوندي ۽ اوهان منهنجي ويجهو به نه اچجو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُون وَٽ، نه اُن کي، جي اَوهان آندو ساڻ، پوءِ مُون وَٽ نه آن لئي ماڻ، پڻ اوڏامُون نَه اَچجو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تڏهن به جي اوهين هن کي مون وٽ نه آڻيندا_ ته اوهان لاءِ مون وٽ ڪو به ماڻ ناهي، نڪي مون وٽ اچجو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن توهان ان کي نه آڻيندؤ ته پوءِ مون وٽ توهان لاءِ ڪوبه اناج ڪونهي. منهنجي ويجهوئي نه اچجو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن توهان کيس نه آندو ته پوءِ توهان جي لاءِ ڪوبه اناج نه هوندو مون وٽ ۽ توهان مون کي ويجها به نه اچجؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏھن توھان اُن ڀاء کي نه وٺي ايندا ته پوءِ (اِيئَن سمجهندا ته) توھان لاءِ مون وٽ ڪوبه اناج نه آھي ۽ توھان منھنجي ويجهو اچڻ جي ڪوشش به نه ڪجو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا سَنُرٰوِدُ عَنهُ أَباهُ وَإِنّا لَفٰعِلونَ (آيت : 61) |
چيائون سگھو ان بابت (ڪنھن بھاني سان) سندس پيءُ کي راڻينداسون ۽ ضرور اسين (ايئن) ڪرڻ وارا ٿينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن چيو ته، اسان سندس پيءُ کي انهيءَ لاءِ گهڻوئي ترغيب ڏينداسين (۽ ان جا فائدا ڏيکارينداسين). اسان ضرور ائين ڪنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڀائرن چيو اسين اها گُھر سندس والد کان ڪنداسين ۽ بيشڪ اسين ايئن ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هنن چيو ته اسين سندن والد سان ان باري ۾ وڃڻ سان ئي عرض ڪنداسون ۽ اسين ضرور اهو ڪم ڪنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته جلد طلب ڪنداسون ان کي پيءُ ان جي کان ۽ بيشڪ اسين البته ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته اسين سندس پيءُ کان اُن جي گُهر ڪنداسون ۽ ضرور اسين (اهو ڪم) ڪنداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اسان ان جي پيءُ کان ان جي گهُر ڪنداسين ۽ اسان ضرور (ائين) ڪنداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، گُھرنداسُونسِ، بابَسِ کان، اِهو ڪم اَسان سِر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون اسين ان بابت جلدي بابي کي سمجهائينداسون ۽ ائين ضرور ڪنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن چيو: "اسان ڪوشش ڪنداسون ته سندس پيءُ کيس موڪلڻ تي راضي ٿي پوي ۽ اهو ڪم اسان ضرور ڪنداسون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن چيو، اسان ڪوشش ڪنداسين ته راضي ٿئي بابو سائين ان کي موڪلڻ تي ۽ اسان ائين ضرور ڪنداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن چيو ته (سائين!) اسان ان جي پيءُ کان ان جي اجازت گهرندا سين (بھرحال) اسان کيس ضرور وٺي اينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ لِفِتيٰنِهِ اجعَلوا بِضٰعَتَهُم فى رِحالِهِم لَعَلَّهُم يَعرِفونَها إِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِم لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 62) |
۽ (يوسف) پنھنجن ماڻھن کي چيو ته سندين موڙي سندين مڏين ۾ وجھي ڇڏيو پوءِ جڏھن پنھنجن گھرن ڏانھن موٽي وڃن مانَ انھي کي سڃاڻن مانَ اُھي وري اچن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يوسف پنهنجي خدمتگارن کي حڪم ڏنو ته، انهن ماڻهن جي پونجي (يعني موڙي جنهن سان ان خريد ڪيو هئائون) سندن ٻورن ۾ رکي ڇڏيو. جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي گهر ڏي موٽندا تڏهن گهڻو امڪان آهي ته پنهنجي پونجي ڏسي سڃاڻي وٺندا (ته موٽائي ڏني ويئي آهي) ۽ پوءِ عجب ناهي ته ٻيهر موٽي اچن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ يوسف پنهنجي غلامن کي حڪم ڪيو ته انهن جي رقم انهن جي خُرجينن ۾ وجھي ڏيو شايد اهي ان کي سڃاڻين، جڏهن اهي پنهنجي گھر ڏانهن موٽن ته من اهي موٽي اچن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ يوسف پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏنو ته سندن (سڀ) رقم سندن ٻورين ۾ (لڪائي رکو) ته جيئن جڏهن اهي پنهنجي اهل (عيال) وٽ موٽي وڃن ته پنهنجي پونجيءَ کي سڃاڻن (۽ ان طمع تي) شايد وري موٽي اچن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائين واسطي خادمن پنهنجي ته رکي ڇڏيو موڙي سندن سامانن سندن ۾ شايد اهي سڃاڻن ان کي جڏهن موٽندا پنهنجي اهل ڏانهن شايد اهي موٽي اچن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ يوسف پنهنجن خدمتگارن کي چيو ته اوهين سندن موڙي (ڏنل پئسا) سندن سامان ۾ رکي ڇڏيو ته جنهن وقت موٽي پنهنجي گهر وارن وٽ پهچن(ته) مَنَ ان کي سڃاڻن. (۽) من وري اچن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (يوسف) پنهنجي خدمتگارن کي چيو ته: ”انهن جي (اناج لاءِ ڏنل) رقم سندن ٻورن ۾ رکي ڇڏيو تانجو جڏهن اُهي پنهنجي گهر وارن وٽ موٽن ته ان کي سُڃاڻن من اُهي موٽي اچن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَندسِ سپاهِيُن کي، پاٻوهِيائـِين اِن پَر، ته رکو رقم اِنهن جي، مَنجھ ٻورن، تن ٻِيهر، جڏهين وَريا وَڳر ڏي پَنهنجي، ته سُڃاڻن، سوزَر، تان وَڃِي ڪَن ڪو وَر، اَسان تان، اِن آسري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يوسف نوڪرن کي چيو ته سندن رقم سندن ٻورن ۾ وجهي ڇڏيو، ته هي سندن گهرن ڏانهن موٽن ته من ان رقم کي سڃاڻن ۽ ٻيهر موٽن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يوسف پنهنجي غلامن کي چيو ته "اناج جي عيوض انهن جيڪو مال ڏنو آهي، اهو لڪائي ورائي سندن ٻورن ۾ رکي ڇڏيو، اميد ته گهر واپس پهچي اهو سڃاڻندا ۽ پوءِ اميد آهي ته موٽي ايندا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيو يوسف اشارو غلامن کي ته، جيڪو مال انهن اناج جي بدلي ۾ ڏنو آهي اهو سندن سامان ۾ رکو، يوسف ان اميد تي ائين ڪيو ته گهر پهچي هو ان کي سڃاڻي وٺن ۽ شايد وري به موٽي (وٽس ملڻ لاءِ) اچن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ يوسف ($) پنھنجي ملازمن کي چيو ته انهن جي ڏنل رقم سندن ئي سامان ۾ واپس وجهي ڇڏيو ته جيئن ئي ھو گهر پھچي رقم ڏسندا ته ( اسان جي ڀلائي واري انداز کي سمجهي ويندا ۽) وري ٻيھر ضرور ايندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا رَجَعوا إِلىٰ أَبيهِم قالوا يٰأَبانا مُنِعَ مِنَّا الكَيلُ فَأَرسِل مَعَنا أَخانا نَكتَل وَإِنّا لَهُ لَحٰفِظونَ (آيت : 63) |
پوءِ جنھن مھل پنھنجي پيءُ وٽ (ڪنعان ۾) موٽي آيا (تنھن مھل) چيائون ته اي ابا (اَنَّ) مئي ڏيڻ اسان کان روڪيو ويو آھي تنھنڪري اسان مان اسان جي ڀاءُ (بنيامين) کي موڪل (ته) مئپ وٺون ۽ اسين سندس ضرور نگھبان آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي پيءُ وٽ موٽي ويا تڏهن کيس چيائون ته، اسان جا بابا! آئينده لاءِ ان جو وڪرو اسان جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري اسان جي ڀاءُ (بن يامين) کي اسان سان گڏ موڪل ڏي ته ان خريد ڪري اچون ۽ اسان سندس حفاظت ڪندڙ آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهي جڏهن پنهنجي پيءُ ڏانهن موٽيا، انهن چيو ته اي اسان جا والد، اسان جو اَنُ روڪيو ويو آهي پوءِ تون اسان سان گڏ اسان جي ڀاءُ کي اجازت ڏي ته اَنُ آڻيون ۽ بيشڪ اسين سندس محافظ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته جڏهن اهي پنهنجي والد وٽ موٽي آيا ته سڀني گڏجي عرض ڪيس ته اي بابا! (اسان کي وري) اناج ملڻ کان انڪار ڪيل آهي ته پوءِ اوهين اسان سان گڏ اسان جي ڀاءُ بنيامين کي موڪل ڏي ته جيئن اسان وري (به) اناج آڻيون ۽ ان جي چڱيءَ طرح حفاظت ڪنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن موٽيا پنهنجي پيءُ جي طرف ته چيائون اي پيءُ اسان جا! روڪيو ويو اسان کان اناج (ماپي) ڏيڻ پوءِ گڏ موڪل اسان سان ڀاءُ اسان جو ته ان کان ماپي وٺون ۽ يقينًا اسين ان لاءِ البته حفاظت ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن موٽي پنهنجي پيءُ وٽ آيا تڏهن چيائون ته اي اسان جا پيءٌ! اسان کان ماپ (يعني اناج) روڪيو ويو آهي پوءِ اسان سان گڏ اسان جي ڀاءُ کي موڪل ته اَنُ ماپي وٺي اچون ۽ اسين ضرور ان جي نگهباني ڪنداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن پنهنجي پيءُ وٽ موٽي آيا ته چيائون: ”اي اسان جا پيءُ اسان کان اناج روڪيو ويو آهي سو اسان سان گڏ اسان جي ڀاءُ کي موڪل ته اَنُ ماپي (توري) وٺي اچون ۽ بلاشڪ اسان سندس محافظ هونداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽِي سَندنِ مائـِٽ وَٽ، جڏهن پهتا پاڻ، چيائون، ته اَبا! اَسان کان، مَنع ڪيو وِيو ماڻ، پوءِ اَدو ساسان سان ڇَڏ، ته ڀَريون اَن، سَستي اگھ ساڻ، اَسِين اُنِهيءَ ڪاڻ، هر ويلي واهِي آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن سندن پيءُ وٽ پهتا، چيائون ته ”بابا! اسان کي اڳتي ان نه ملندو، ان ڪري اسان سان ادي کي ڇڏ، ته اسان کي ان ملي ۽ اسين ضرور کيس سنڀالينداسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن هو پنهنجي پيءُ وٽ واپس پهتا ته چيائون: "ابا اڳتي لاءِ اسانکي اناج ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، تنهنڪري اسانجي ڀاءُ کي اسان سان موڪل ڏي ته اسان اَنُ وٺي اچون ۽ اسان ان جي حفاظت جا ذميوار آهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن اهي پنهنجي پيءُ وٽ پهتا ته چيائون، بابا سائين! آئنده منع ڪيو ويو آهي اسان کي اناج ڏيڻ کان جيڪڏهن اسان سان گڏ ڀاءُ کي نه موڪليو ويو، ۽ اسان سندس حفاظت جا ذميوار آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن ھو موٽي پنھنجي پيءُ وٽ آيا، چيائون ته بابا سائين! اسان کي (آئنده) اناج ڏيڻ کان منع ڪيو ويو آھي، اسان سان گڏ اسان جي ڀاءُ (بن يامين) کي به گڏ موڪل ته اناج وٺي اچون. بيشڪ اسان سندس حفاظت ڪنداسون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ هَل ءامَنُكُم عَلَيهِ إِلّا كَما أَمِنتُكُم عَلىٰ أَخيهِ مِن قَبلُ فَاللَّهُ خَيرٌ حٰفِظًا وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 64) |
(يعقوب کين) چيو ته ھن جي نسبت اوھان تي اھڙو ئي اعتبار ٿو ڪريان جھڙو اڳ سندس ڀاءُ جي به نسبت اوھان تي اعتبار ڪيو ھوم، پوءِ الله چڱو نگھبان آھي، ۽ اُھو ٻاجھارن کان کان وڏو ٻاجھارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پيءُ (اهو ٻڌي) چيو ته، ڇا هن جي باري ۾ اهڙيءَ طرح اوهان تي اعتبار ڪريان جهڙيءَ طرح اڳي سندس ڀاءُ (يوسف) جي باري ۾ ڪري چڪو آهيان؟ سو الله ئي سڀني کان بهتر حفاظت ڪندڙ آهي ۽ ڪو به ڪونهي جو کانئس وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) يعقوب چيو ان لاءِ آئون توهان تي ڪهڙو اعتبار ڪريان ٿو جهڙو اُن جي ڀاءُ (يوسف) لاءِ مون هن کان اڳ اعتبار ڪيو هو، پوءِ الله بهترين محافظ آهي، ۽ اهوئي ارحم الراحمين آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يعقوب چيو ته آءُ هن جي باري ۾ اوهان جو اعتبار نه ٿو ڪريان پر ائين ئي جيئن هن کان اڳ هن جي ماءُ ڄائي ڀاءُ جي باري ۾ ڪيو هو. ته خدا هن جو سڀ کان وڌيڪ حفاظت ڪرڻ وارو آهي ۽ اهو ئي سڀ کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته ڇا اعتبار ڪيان اوهان تي ان جي باري ۾ مگر جيئن اعتبار ڪيو مون اوهان تي ان جي ڀاءُ جي باري ۾ اڳ ۾ پوءِ الله ڀلو آهي حفاظت ڪندڙ ۽ اهو وڌيڪ مهربان آهي، مهربانن کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يعقوب چيو ته آءُ ان جي باري ۾ اوهان تي اعتبار نه ٿو ڪريان مگر جيئن هن جي ڀاءُ جي باري ۾ هن کان اڳ اوهان تي اعتبار ڪيم. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (يعقوب) چيو: ”ڇا ان بابت آءٌ اوهان تي ائين اعتبار ڪيان؟ جيئن هن کان اڳ سندس ڀاءُ (يوسف) بابت اوهان تي اعتبار ڪيو هيم. پوءِ الله ئي بهتر حفاظت ڪندڙ آهي ۽ اُهو سڀني رحم ڪرڻ وارن کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آئون نه اوهان تي، اِن جو، ڪريان اِعتبار، مگر جھڙو مَهندو رکيمِ، آن تي، ڀاء سَندسِ جو بار، پوءِ خداحافِظ هيڪڙو مِڙني کان موچار، بِهتر برقرار، ۽ اُهومِڙنِئان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”آءُ ته اوهان ته اهڙو ئي اعتبار ٿو ڪريان، جهڙو اڳ يوسف بابت ڪيو هئيم، پر الله سڀ کان ڀلو نگهبان آهي ۽ هو سڀ کان زياده مهربان آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پيءُ جواب ۾ چين: "ڇا مان هن جي معاملي ۾ به توهان تي ائين ئي اعتبار ڪريان، جيئن اڳي سندس ڀاءُ جي معاملي ۾ ڪيو هو؟ الله ئي حفاظت ڪرڻ جي لحاظ کان سڀني کان ڀلو آهي ۽ هو سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهي"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پيءُ جواب ڏنو، ڇا آئون ان معاملي ۾ ائين اعتبار ڪريان توهان تي، جهڙو ان جي ڀاءُ جي باري ۾ اڳ ۾ ڪيو هئم؟ الله ئي سٺو حفاظت ڪرڻ وارو آهي، ۽ اهو ئي سڀني کان وڌيڪ رحم فرمائڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (يعقوب $ ) چيو ته ڇا مان ھن جي باري ۾ توھان تي اھڙي طرح اعتبار ڪريان جيئن اڳ ۾ سندس ڀاءُ (يوسف) جي باري ۾ ڪري چڪو آھيان؟ بس! اللھ تعالى ئي بھترين حفاظت ڪندڙ آھي ۽ اھوئي سڀني کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا فَتَحوا مَتٰعَهُم وَجَدوا بِضٰعَتَهُم رُدَّت إِلَيهِم قالوا يٰأَبانا ما نَبغى هٰذِهِ بِضٰعَتُنا رُدَّت إِلَينا وَنَميرُ أَهلَنا وَنَحفَظُ أَخانا وَنَزدادُ كَيلَ بَعيرٍ ذٰلِكَ كَيلٌ يَسيرٌ (آيت : 65) |
پوءِ جنھن مھل پنھنجو سامان کوليائون (ته اُن وقت) پنھنجي موڙي پاڻ وٽ موٽايل ڏٺائون، چيائون ته اي اسان جا ابا (ٻيو) اسان کي ڇا گھرجي، (جو) ھي اسان جي موڙي اسان ڏانھن وري موٽايل آھي (ته موٽي وڃون)، ۽ پنھنجن گھر وارن لاءِ اَن آڻيون ۽ پنھنجي ڀاءُ جي نگھباني ڪنداسون ۽ ھڪ اُٺ جو بار وڌيڪ به وٺنداسون، اِھو (جيڪي اَن آندو اٿئون سو) ماڻ ٿورو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن انهن ماڻهن پنهنجو سامان کوليو تڏهن ڇا ڏسن ته سندن موڙي کين موٽائي ڏني ويئي آهي. سو (پيءُ کي) چيائون ته، اي اسان جا بابا! هن کان وڌيڪ اسان کي ٻيو ڇا گهرجي؟ ڏس، هيءَ اسان جي پونجي آهي، جا اسان کي موٽائي ڏني ويئي آهي. (اسان کي هن ان به ڏنو ته قيمت به موٽائي ڏني. پوءِ اسان کي موڪل ڏي ته بن يامين کي پاڻ سان وٺي وري وڃون) ۽ پنهنجي ڪٽنب جي لاءِ سيڌو وٺي اچون اسان پنهنجي ڀاءِ جي حفاظت ڪنداسين ۽ هڪ اُٺ جو بار به وڌيڪ وٺنداسين. هي ان (جو هاڻي آندو اٿئون) بلڪل ٿورو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن جڏهن پنهنجو سامان کوليو ته اُن ۾ پنهنجي رقم ڏٺي جيڪا کين واپس ڪئي وئي، انهن چيو بابا اسان کي وڌيڪ ڇا گُھرجي، هيءُ اسان جي رقم آهي جيڪا اسان کي واپس ڏني وئي آهي، ۽ اسين پنهنجي گھر لاءِ اَنُ آڻيون ۽ پنهنجي ڀاءُ جي حفاظت ڪريون ۽ اَنَ جو به هڪ اُٺُ وڌيڪ آڻيون، هي اَنُ اسان جي گھر وارن لاءِ ڪافي ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن پنهنجا پنهنجا اسباب کوليا ته پنهنجي پنهنجي پونجي کي ڏٺائون ته ساڳي واپس ڪيل آهي ته (پنهنجي پيءُ کي) چوڻ لڳا اي بابا! اسان کي (ٻيو) ڇا گهرجي! (ڏس ته) هيءَ اسان جي رقم به ته اسان کي واپس ڏني ويئي آهي ۽ (اناج مفت ۾ مليو هاڻي بنيامين کي اسان سان ڇڏ ته) اسين پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ اناج آڻيون ۽ پنهنجي ڀاءُ جي پوري حفاظت (به) ڪريون ۽ هڪ اٺ جو بار وڌيڪ اناج آڻيون (هي جو هينئر آندوسين) ٿورو اناج هو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن کوليائون سامان پنهنجي کي ته لڌائون موڙيءَ پنهنجيءَ کي موٽائي وئي هئي انهن ڏانهن چيائون ته اي پيءُ اسان جا! ڇا گهرون اسين؟ هيءَ موڙي اسان جي موٽائي وئي آهي اسان ڏانهن ۽ اناج آڻيون اهل پنهنجي لاءِ ۽ حفاظت ڪنداسون ڀاءُ پنهنجي جي ۽ وڌيڪ وٺنداسون اناج هڪ اٺ جي بار جو اهو ماپي ورتل ان ٿورو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله گهڻو چڱو نگهبان آهي ۽ اهو سڀني رحم ڪندڙن کان گهڻو رحم ڪرڻ وارو آهي. ۽ جڏهن انهن پنهنجو سامان کوليو تڏهن ڏٺائون ته سندن موڙي (ڏنل قيمت) انهن ڏي واپس ڪئي وئي آهي. چيائون ته اي اسان جا پيءٌ! اسان کي (ٻيو) ڇا گهرجي. هيءُ اسان جي موڙي اسان ڏي واپس ڪئي وئي آهي (سو موٽي وينداسون) ۽ پنهنجن گهر وارن لاءِ (ٻيهر) اَنُ آڻينداسون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن پنهنجو سامان کوليائون ته (ان ۾) پنهنجي رقم لڌائون جيڪا کين موٽائي وئي هئي. چيائون: ”اي اسان جا پيءُ !اسان کي ٻيو ڇا کپي؟ هي اسان جي رقم آهي جا اسان کي موٽائي وئي آهي. ۽ اسان پنهنجي گهر وارن لاءِ (ضرور) اَنُ آڻينداسين ۽ اسان پنهنجي ڀاءُ جي حفاظت ڪنداسين ۽ هڪ اٺ جو بار وڌيڪ وٺنداسين. اهو (اناج جو اڳ آندو اٿئون) ٿوري مقدار ۾ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جڏهن کوليئون پَنهنجو بار، ته لَڌائون لاڳت پنهنجي، واپس وَرائـِي ويئـِي؛ وَراڻيئون تِنهن وار. بابا! ڀلا ڇاکپي، هي ناڻو پَنهنجو نِهار، موٽايا وِيا مهر سان، پيسا اَسان جي پار، آڻينداسون اُن ڪنان، گُذر پنهنجي گَھر ٻار، ۽ پَنهنجي ڀاءُ ڀلي تي، چونڪِي ڏِيندسون چوڌار، ۽ اُٺ وَڌيڪ آڻينداسون، ڪاهي مَنجھ قطار، آهي اِهو اِظهار، سودو سَهانگو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن سامان کوليائون ۽ رقم کي کين واپس مليل ڏٺائون ته وري اچي چيائون ”بابا! اسان کي ٻيو ڇا کپي؟ جو هيءَ اسان کي موڙي به موٽي ملي آهي! اسين عيال لاءِ ان آڻينداسون ۽ اسان جي ڀاءُ جي سنڀال ڪنداسون ۽ اٺ جو ان وڌيڪ آڻينداسون، جو اهو ان آڻڻ سولو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن انهن پنهنجو سامان کوليو ته ڏٺائون ته سندن مال به کين موٽائي ڏنو ويو آهي. اهو ڏسي چوڻ لڳا ته "اي ابا! اسانکي ٻيو ڇا کپي؟ ڏس ته اسانجو مال به اسانکي موٽائي ڏنو ويو آهي. هاڻي ته اسان وينداسون ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن لاءِ اَن وٺي اينداسون ۽ پنهنجي ڀاءُ جي به حفاظت ڪنداسون ۽ اَنَ جو هڪ وڌيڪ اٺ به آڻينداسون ۽ ايترو وڌيڪ اَنُ ملڻ تمام سؤلو آهي"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن کوليو انهن پنهنجو سامان ته ڏٺائون ته سندن ڏنل مال به کين موٽائي ڏنو ويو آهي، هي ڏسي انهن چيو، بابا سائين! اسان کي ڀلا ٻيو ڇا کپي، ڏسو هي اسان جو مال به اسان کي موٽائي ڏنو ويو آهي، ۽ اسان هاڻي وينداسين ۽ پنهنجي ڀاءُ جي حفاظت سان گڏ اهل وعيال جي لاءِ سامان آڻينداسين ۽ هڪ اٺ جو بار وڌيڪ آڻڻ آسان ٿيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏھن انهن پنھنجو سامان کوليو ته ڏٺائون ته سندن ڏنل رقم واپس ڪئي وئي آھي (تنھن تي) چيائون ته: بابا سائين! پاڻ کي باقي ڇا کپي؟ اسان جي رقم به اسان کي موٽائي ڏني وئي آھي، ھاڻي ته ضرور وينداسين، پنھنجي گهر وارن لاءِ اناج آڻينداسين، پنھنجي ڀاءُ (بن يامين) جي حفاظت ڪنداسين ۽ هڪ اُٺ سامان جو وڌيڪ به وٺي اينداسين (بن يامين جي ھلڻ ڪري پڪ سان) ھاڻي اناج ملڻ ۾ اڃا به آساني ٿيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لَن أُرسِلَهُ مَعَكُم حَتّىٰ تُؤتونِ مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ لَتَأتُنَّنى بِهِ إِلّا أَن يُحاطَ بِكُم فَلَمّا ءاتَوهُ مَوثِقَهُم قالَ اللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 66) |
(يعقوب کين) چيو ته (آءٌ) اوھان سان ان کي (ايسين) ڪڏھن نه موڪليندس جيسين مون وٽ انجام ڪري الله جو سُنھن (نه) کڻندؤ ته اوھين ڪنھن اوکائي پوڻ کانسواءِ ان کي مون وٽ ضرور آڻيندؤ، پوءِ جنھن مھل کيس پنھنجو پڪو انجام ڏنائون (ته يعقوب) چيو ته جيڪي اسين چئون ٿا تنھن تي الله نگھبان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حضرت يعقوب) چيو ته، مان ڪڏهن به کيس توهان سان گڏ نه موڪليندس جيستائين توهان مون سان الله جي نالي ته عهد اقرار نه ڪندؤ. (توهان پهريائين عهد اقرار ڏيو ته) سواءِ هن صورت جي جو اسان پاڻ گهيري هيٺ اچي وڃون (۽ بيوس ٿي پئون) اسان ضرور هن کي تو وٽ موٽائي آڻينداسين. پوءِ جڏهن هنن پيءُ کي (سندس چوڻ مطابق) پنهنجو پڪو قول ڏنو تڏهن هن فرمايو ته اسان جيڪو قول ۽ اقرار ڪيو تنهن تي الله نگهبان هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) يعقوب چيو آئون ان کي توهان سان گڏ ڪونه ڇڏيندس ايستائين جو توهان مون کي الله جو قسم کڻي پڪو وعدو نه ڏيو ته ان کي ضرور واپس آڻيندا، مگر جيڪڏهن مجبور ٿي پئو، پوءِ انهن جڏهن يعقوب کي پڪو وعدو ڏنو، يعقوب چيو جيڪو اسان ڳالهايو، الله اُن تي گواه آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يعقوب چيو ته جيستائين اوهين منهنجي روبرو خدا سان وعدو نه ڪندو ته اوهين هن کي مون وٽ سلامت وٺي ايندو پر هاءُ جڏهن اوهان خود گهيري ۾ اچي وڃو (ته ٻي ڳالھ آهي نه ته) آءُ اوهان سان گڏ هن کي ڪڏهن به نه ڇڏيندس. جڏهن انهن سندس سامهون وعدو ڪيو ته يعقوب چيو ته اسين جيڪي چئون ٿا خدا ان جو ضامن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته هرگز نه موڪليندس ان کي اوهان سان گڏ تانجو ڏيو مون کي پڪو عهد الله جو ته البته ضرور آڻيندؤ مون وٽ ان کي مگر هي جو گهيراءُ ڪيو وڃي اوهان کي پوءِ جڏهن ڏنائون ان کي پڪو عهد پنهنجو ته فرمايائين الله ان تي جو چئون ٿا نگهبان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي ڀاءُ جي نگهباني ڪنداسون ۽ هڪ اُٺ جو بار وڌيڪ وٺنداسون. اهو ماڻ ڏيڻ (بادشاهه کي) آسان آهي. يعقوب چيو (تيستائين) ان کي اوهان سان گڏ نه موڪليندس جيستائين اوهين مون کي الله جو عهد نه ڏيندو (يعني قسم نه کڻندو) ته اوهين ان کي مون وٽ ضرور وٺي ايندو پر جيڪڏهن اوهين سڀئي پڪڙجي پئو (ته پوءِ لاچاري آهي) پوءِ جڏهن کيس پنهنجو پڪو انجام ڏنائون ته يعقوب چيو ته جيڪا اسين ڳالهه ڪريون ٿا تنهن تي الله نگهبان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (يعقوب) چيو: ”ان کي اوهان سان گڏ هرگز نه موڪليندس جيستائين اوهان الله جو قسم کڻي پڪو عهد نه ڏيندؤ، ته کيس مون وٽ ضرور (موٽائي) وٺي ايندؤ. سواءِ هن جي جو اوهان ڪنهن مصيبت ۾ گھيرجي وڃو“. پوءِ جڏهن ان کي پڪو انجام ڏنائون ته چيائين: ”جيڪي اسان چئون ٿا الله ان تي نگهبان آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آئون نَه ڇَڏيان اُن کي، اَصل اوهان ساڻ، تان ڏِيو پرور پاڪ جو، پَڪو ڪو پَرياڻ، ته موٽِي آڻيدَسِ، مون وٽ، سَلامت سُڄاڻ، مگر مَجبورًا پاڻ، پِيو پَڪڙ جِي ڪِنهن ڳالھ ۾. پوءِ جڏهن ڏِٺائون اُن کي، اَلله جو اَنجام، چي، ڪريون جو ڪَلام، اَلله شاهد اُن مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”آءُ تيسين هن کي اوهان سان نه ڇڏيندس، جيسين اوهين پڪو قسم کڻو ته هن کي ضرور مون وٽ آڻيندا، سواءِ انهيءَ جي جو گرفتار ٿي پئو.“ پوءِ جڏهن ساڻس قسم کنيائون، تڏهن چيائين ”اسان جي قول تي الله شاهد آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن پيءُ چيو: مان ان کي توهان سان تيستائين نه ڇڏيندس، جيستائين توهان الله جو عهد ڏئي مون سان وعدو نه ڪيو ته ان کي ضرور مون وٽ موٽائي آڻيندؤ، سواءِ ان حالت جي جو توهان ئي ڪنهن پڪڙ ۾ اچي وڃو". جڏهن هنن ساڻس پڪو وعدو ڪيو ته هن چين: "ڏسو اسانجي انهيءَ وعدي تي الله ضامن آهي"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سندن پيءُ چيو، آئون ان کي هرگز توهان سان نه موڪليندس جيستائين توهان مون کي قسم نه ڏيو الله جي نالي جو ته ان کي موٽائي ضرور آڻيندؤ پر اهو ته متان ڪٿي گهيرجي نه وڃو، جڏهن انهن کيس انجام ڏنو ته هن (يعقوب) چيو، الله اسان جي ڳالهه تي نگهبان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (يعقوب $ ) چيو ته: مان ھن کي توھان سان ھرگز نه موڪليندس، جيستائين اوھان سڀ اللھ تعالى جي نالي تي وعدو نه ڪندا ته توھان ھن کي ضرور مون وٽ واپس وٺي ايندا پر جيڪڏھن توھان ڪنھن جي پڪڙ ۾ اچي ويا ته پوءِ اھا مجبوري ھوندي. تڏھن انهن سڀني پڪو وعدو ڪيو، يعقوب ($) چيو ته اللھ تعالى ئي اسان جي ھن ٿيل ڳالھ ٻولھ تي نگھبان آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ يٰبَنِىَّ لا تَدخُلوا مِن بابٍ وٰحِدٍ وَادخُلوا مِن أَبوٰبٍ مُتَفَرِّقَةٍ وَما أُغنى عَنكُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَعَلَيهِ فَليَتَوَكَّلِ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 67) |
۽ چيائين ته اي پٽؤ اوھين ھڪ دروازي کان نه گھِڙجو ۽ الڳ الڳ دروازن مان گھڙجو، ۽ آءٌ اوھان کان الله جي تقدير مان ڪابه شيء ٽاري نه ٿو سگھان، الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جو حُڪم نه آھي، مٿس ڀروسو ڪيم، ۽ سڀڪنھن ڀروسي ڪندڙ کي مٿس ڀروسو ڪرڻ گھرجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پيءُ هنن کي (رواني ٿيڻ وقت) چيو ته، اي منهنجا پٽؤ! (ڏسو جڏهن مصر ۾ پهچو تڏهن شهر جي) هڪ ئي دوازي مان داخل نه ٿجو. جدا جدا دوروازن مان داخل ٿجو. مان توهان کي ڪنهن به اهڙيءَ ڳالهه کان بچائي نٿو سگهان جا الله جي حڪم سان ٿيڻي هجي. (پر پاڻ کي پنهنجي وس آهر سڀ تدبيرون ڪرڻ گهرجن) حڪومت فقط الله جي آهي. مان فقط مٿس ڀروسو رکيو آهي. ۽ اهوئي آهي جنهن تي سڀني ڀروسو رکندڙن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) يعقوب چيو ته اي منهنجا پٽ توهان هڪ دروازي مان (شهر ۾) داخل نه ٿجو پر مختلف دروازن مان داخل ٿجو، ۽ آئون توهان کي تقدير الاهي کان بچائي نٿو سگھان، حڪم ته فقط الله جو هلي ٿو، ۽ الله تي مون توڪل ڪئي آهي، ۽ توڪل ڪندڙن کي گھرجي ته الله تي توڪل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ يعقوب (پٽن کي هلڻ مهل نصيحت ڪندي) چيو ته اي پٽو! ڏسجو سڀئي گڏ) هڪ در مان داخل نه ٿجو (متان نظر نه لڳيو) پر جدا جدا درن مان داخل ٿجو آءُ اوهان کان ان (مصيبت) کي ٽاري نه ٿو سگهان جا خدا جي طرفان (اچي). حڪم ته (دراصل) الله جي لاءِ ئي آهي. مون مٿس ڀروسو ڪيو آهي ۽ ڀروسو ڪرڻ وارن کي مٿس ڀروسو ڪرڻ گهرجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائين ته اي منهنجا پٽ! نه داخل ٿجو هڪ دروازي کان ۽ داخل ٿجو جدا جدا دروازن کان ۽ نه بچائيندس مان اوهان کي الله کان ڪجھ به ناهي حڪم پر الله جي لاءِ ان تي توڪل ڪئي مون ۽ ان تي پوءِ جڳائي ٿو ته توڪل ڪن توڪل ڪندڙ، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائين ته اي منهنجا پٽئو! اوهين هڪ دروازي کان داخل نه ٿيجو پر جدا جدا دروازن کان داخل ٿيجو. ۽ آءُ اوهان تان الله جي ڪنهن به ڳالهه کي ٽاري نه ٿو سگهان. الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو حڪم نه آهي.ان تي ئي ڀروسو ڪريان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چيائين: ”اي منهنجا پٽئو! (شهر ۾) هڪ دروازي مان داخل نه ٿجو ۽ (پر) جدا جدا دروازن مان داخل ٿجو. ۽ آءٌ اوهان تان الله جي ڪا ڳالهه ٽاري نه ٿو سگهان. الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو حڪم نه آهي. مون ان مٿان ڀروسو ڪيو ۽ ڀروسو ڪندڙن کي ان تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پُٽڙا! نه گِھڙو هِڪ دَرکان، گِھڙو دَرن کان ڌار، ۽ آئون نه ڇَڏايان اَوهان کي، واحِد ڪنان وار، هرگز نه حُڪم ٻِئي جو، مگر مالڪ هارِ، تَوَڪَّل رکيمِ، تنهن مَٿي، سونپيمِ سڀ ڪم ڪار، ۽ تِنهن بارِي مَٿي بار، رکڻ گھرجي رَکندڙِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چيائين ”پٽڙا! اوهين سڀ هڪ دروازي مان نه گهڙ جو، پر ڌار ڌار دروازن مان گهڙجو، آءُ اوهان تان الله جي طرفان ڪجهه به ٽاري نٿو سگهان_ حڪم ته فقط الله جي ئي اختيار آهي، مون ان تي ڀروسو ڪيو آهي ۽ هر ڪنهن کي ان تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ هن چين: "پٽڙؤ (انهيءَ شهر ۾) هڪ ئي دروازي مان اندر نه گهڙجو، پر جدا جدا دروازن مان وڃجو. تنهن هوندي به مان الله جي مرضيءَ جي ڀيٽ ۾ توهان لاءِ ڪجهه نٿو ڪري سگهان. حڪم انهيءَ کانسواءِ ٻئي ڪنهن جو به نٿو هلي، انهيءَ تي ئي مون ڀروسو ڪيو آهي ۽ جنهن کي به ڀاڙڻو آهي ته انهيءَ تي ئي ڀاڙي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پوءِ هن چيو، منهنجا ٻچڙؤ! (مصر جي شهر ۾) داخل نه ٿجؤ هڪڙي دروازي مان، پر داخل ٿجؤ مختلف دروازن مان، ۽ آئون توهان کي نٿو بچائي سگهان الله جي مرضيءَ کان، ان الله کان سواءِ ڪنهن جو حڪم نٿو هلي، انهيءَ تي مون ڀروسو ڪيو، ۽ جنهن کي به ڀروسو ڪرڻو هجي ته انهيءَ تي ئي ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جڏھن ھو ٻيھر اناج وٺڻ لاءِ روانا ٿيڻ لڳا ته) يعقوب ($) کين وڌيڪ چيو ته: اي منھنجا پٽڙو! شھر ۾ توهان سڀ ھڪ طرف کان داخل نه ٿجو بلڪ مختلف طرفن کان داخل ٿجو پوءِ به (بھرحال) مان توھان تان اللھ تعالى جي طرفان ايندڙ ڪنھن به شيءِ کي ٽاري نٿو سگهان، حڪم صرف ان جو ئي ھلندو، مون ان تي ڀروسو ڪيو ۽ سڀني ڀروسو ڪندڙن کي ان تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا دَخَلوا مِن حَيثُ أَمَرَهُم أَبوهُم ما كانَ يُغنى عَنهُم مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ إِلّا حاجَةً فى نَفسِ يَعقوبَ قَضىٰها وَإِنَّهُ لَذو عِلمٍ لِما عَلَّمنٰهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 68) |
۽ جھڙي طرح سندن پيءُ کين حُڪم فرمايو ھو تھڙي طرح جنھن مھل (مصر جي دروازن کان) گھڙيا، (تنھن مھل جيڪا سختي پھچين ھا) ته سندن پيءُ الله جي تقدير مان کائن ڪجھ به ٽاري نه ٿي سگھيو (اھو حُڪم ڪرڻ) يعقوب جي دل ۾ رڳو ھڪ خيال ھو جو اُن کي پورو ڪيائين، ۽ جيڪي کيس سيکاريو ھوسون تنھن سببان (اُھو) علم وارو ھو پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ) جڏهن هي ماڻهو (مصر ۾) داخل ٿيا اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح پيءُ حڪم ڏنو هو تڏهن اها ڳالهه (يا نصيحت) الله جي (مشيت جي) مقابلي ۾ ڪجهه به ڪم اچڻ واري نه هئي. پر يعقوب جي دل ۾ هڪ خيال پيدا ٿيو هو جنهن مطابق هن اهو عمل ڪيو. (انسان جو فرض آهي پنهنجي ڪوشش ڪرڻ، پر نتيجو الله جي هٿ ۾ آهي) بيشڪ هو (حضرت يعقوب) علم وارو هو، جو اسان ئي (يعني الله تعاليٰ) هن کي علم ڏنو هو. پر اڪثر ماڻهو (هن ڳالهه جي حقيقت) نٿا ڄاڻن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پيءُ جي حڪم موجب جڏهن اهي (شهر ۾) داخل ٿيا، يعقوب انهن تان تقدير الاهي ڦيرائي نٿي سگھيو مگر اها يعقوب جي دلي خواهش هئي جنهن جو پاڻ اظهار ڪيو، ۽ بيشڪ (حضرت) يعقوب اسان جي عطا ڪيل علم جو وڏو ماهر هو ۽ پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اهي سڀ ڀائر جيئن سندن والد حڪم ڏنو هون تئين (مصر ۾) داخل ٿيا. پر جو خدا جي طرف کان اچڻو هو تنهن کي يعقوب ڪجھ به ٽاري نه ٿي سگهيو پر (هاءُ) يعقوب جي دل ۾ هڪ آرزو هئي جنهن کي هن اهڙي طرح پورو ڪيو ڇو ته هن ۾ ته شڪ نه آهي جو جيئن ته کيس اسان تعليم ڏني هئي علم وارو (ته) هئو ئي مگر گهڻا ماڻهو (ان کان به واقف نه آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن داخل ٿيا اتاهين جو امر ڪيو انهن کي پيءُ سندن ته، نٿي بچايائين انهن کي الله کان ڪجھ به پر هڪ خواهش (جيڪا هئي) دل يعقوب جي ۾ پورو ڪيائين ان کي ۽ بيشڪ اهو البته صاحب علم جو آهي ان سببان جو علم ڏنوسون ان کي ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڀروسي ڪرڻ وارن کي پوءِ ان تي ئي ڀروسو ڪرڻ کپي. ۽ جتان انهن کي سندن پيءُ حڪم ڪيو هو تتان جڏهن داخل ٿيا ته اها (تدبير) انهن تان الله جي ڪنهن به ڳالهه کي ٽاري نه ٿي سگهي پر يعقوب جي دل ۾ هڪ خطرو هو جنهن کي پورو ڪيائين. ۽ جو ڪجهه اسان کيس سيکاريو هو تنهن جو ان کي علم هو پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن (شهر ۾ جدا جدا دروازن مان) داخل ٿيا جيئن کين سندن والد حڪم ڏنو هيو. اها (احتياطي تدبير) انهن تان الله جي ڪنهن ڳالهه کي ٽاري نه ٿي سگهي مگر يعقوب جي دل جي هڪ خواهش هئي جنهن کي ان پورو ڪيو. ۽ بيشڪ اهو (يعقوب) علم وارو هيو ان ڪري جو اسان کيس علم سيکاريو هيو ۽ پر گھڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جڏهن اُتان آئـِيا، پيء چَينِ جِنهن پَر، اُنهن کان، ڪاڻ ڪرِيم جِي، نه لاٿيسِ مُورمگر، يَعقوب پورِي پاڻ ڪئـِي، جا هُيسِ هِينِئين اَندر، ۽ اُهو واقف اُن ڪنان، جِنهنجي ڪيڻسِ ڏِني سون ڪَر، پر آدمِي اَڪثر، صحِي نه سَمجھن ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سندن پيءُ جي ڏسڻ موجب ئي شهر ۾ گهڙيا_ هو الله جي طرفان مٿانئن ڪجهه به ٽاري نٿي سگهيو، پر رڳو يعقوب جي دل جو هڪ خيال هو، جو پورو ڪيائين ۽ هو اسان جي طرفان ڏنل علم وارو هو پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ٿيو به ائين ته جڏهن هو پنهنجي پيءُ جي ڏنل هدايت مطابق شهر ۾ داخل ٿيا ته سندس اهو حيلو الله جي مشيت جي ڀيٽ ۾ ڪنهن ڪم نه آيو. بس يعقوب جي دل ۾ جيڪو کــُـٽڪو هو، تنهن جي لاهڻ جي پنهنجي سِر ڪوشش ڪئي هئائين، بيشڪ هو اسان جي ڏنل تعليم جي ڪري وڏي علم وارو هو، پر گهڻا ماڻهو معاملي جي اصل حقيقت کي ڄاڻن ئي نٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ائين ئي ٿيو، هو داخل ٿيا پنهنجي پيءُ جي چوڻ مطابق شهر ۾ (الڳ الڳ دروازن مان) ته سندس احتياطي تدبير الله جي چاهت جي مقابلي ۾ ڪنهن به ڪم جي نه رهي بس جيڪو کٽڪو يعقوب جي دل ۾ هو تنهن کي هٽائڻ لاءِ هن پنهنجي ڪوشش ڪئي، بيشڪ اهو علم وارو هو جيڪا کيس تعليم ڏني وئي هئي پر گهڻا ماڻهو معاملي جي حقيقت کي نٿا ڄاڻن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏھن ھو پنھنجي پيءُ جي حڪم مطابق شھر ۾ (مختلف طرفن کان) داخل ٿيا پر اهو احتياط ڪرڻ صرف يعقوب ($) جو ھڪ خيال ھو، جيڪو پورو ڪيو ويو. باقي اھا احتياط اللھ تعالى جي فيصلي کي ٽاري نه پئي سگهي. بيشڪ يعقوب ($) کي به ڪجهه علم ھو جيڪو اسان کيس سيکاريو ھو پر گهڻا ماڻهو حقيقت کي سمجهندا ئي نه آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَخاهُ قالَ إِنّى أَنا۠ أَخوكَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 69) |
۽ جنھن مھل يُوسف وٽ ويا تنھن مھل اُن پنھنجي (سڳي) ڀاءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏني چيائين ته سچ پچ آءٌ تنھنجو ڀاءُ آھيان تنھنڪري جيڪي ڪيو اٿن تنھن تي ڏک نه ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن اهي ماڻهو (يوسف جا ڀائر) يوسف وٽ پهتا تڏهن هن پنهنجي ڀاءُ (بن يامين) کي پاڻ وٽ ويهاريو (۽ رهايو) ۽ کيس (مخفي طرح) ٻڌايو ته مان تنهنجو ڀاءُ (يوسف) آهيان. سو جيڪا (بدهلت اهي ڀائر توسان) ڪندا رهيا آهن، تنهن تي غم نه ڪر (۽ خوش ٿي جو هاڻي زماني پلٽو کاڌو آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن (اهي ڀائر) (حضرت) يوسف وٽ حاضر ٿيا ته (حضرت) يوسف پنهنجي سڳي ڀاءُ (بن يامين) کي پاڻ سان ويهاريو، يوسف چيو بيشڪ آئون تنهنجو (سڳو) ڀاءُ آهيان پوءِ تون ان جو ڏک نه ڪر جيڪو انهن ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اهي يوسف وٽ پهتا ته يوسف پنهنجي سڳي ڀاءُ کي پاڻ وٽ (بغل ۾) جاءِ ڏني ۽ (آهستي) هن (بنيامين) کي چيائين ته آءُ تنهنجو ڀاءُ (يوسف) آهيان، ته پوءِ جيڪي (بدسلوڪيون) هي تو سان ڪن ٿا ان جو تون ڪجھ ڏک نه ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن داخل ٿيا يوسف وٽ ته جاءِ ڏنائين پاڻ وٽ ڀاءُ پنهنجي کي فرمايائين ته بلاشڪ مان ڀاءُ تنهنجو آهيان پوءِ نه غمگين ٿي تون ان تي جو ڪيو هيائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن يوسف وٽ لنگهي آيا تڏهن ان پنهنجي (سڳي) ڀاءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏني (کيس) چيائين ته آءُ تنهنجو ڀاءُ آهيان پوءِ ڪجهه پئي ڪيو اٿن تنهن جي ڪري تون غمگين نه ٿيءُ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن يوسف وٽ داخل ٿيا ته پنهنجي ڀاءُ (بن يامين) کي پاڻ وٽ جڳهه ڏنائين چيائين: ”آءٌ تنهنجو ڀاءُ آهيان سو تون غمگين نه ٿي انهن ڪمن تي جيڪي اُهي ڪندا رهيا آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن اُهي يُوسف وَٽ، پُهتا اَچِي پاڻ، ته سَڳي ڀاءُ سَندسِ کي، سُکِي ڪيائـِين ساڻ، چي، آئون تُنهنجو آهيان، صَحِي ڀاءُ سُڄاڻ!، پوءِ، ڪَر نه غَم تِنهن ڪاڻ، هِي جي ڪندا هُئا ڪَمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن يوسف وٽ پهتا ته هن ڀاڻس کي پاڻ وٽ ترسايو ۽ چيائين ”آءُ تنهنجو سڳو ڀاءُ آهيان، پوءِ هنن جي ڪمن بابت افسوس نه ڪر.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو يوسف وٽ حاضر ٿيا ته هن پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ وٽ الڳ گهرايو ۽ ٻڌايائينس ته "مان تنهنجو اهوئي ڀاءُ آهيان (جيڪو وڃائجي ويو هوس) هاڻي تون انهن ڳالهين جو ڪو ڏک نه ڪر، جيڪي اهي ڪندا آيا آهن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن حاضر ٿيا (اهي) يوسف وٽ ته هن ڌار گهرايو پنهنجي ڀاءُ کي ۽ کيس ٻڌايائين ته، آئون تنهنجو ڀاءُ آهيان (جيڪو وڃائجي ويو هو) تون انهن جو ڏک نه ڪر جيڪي هنن ڪيو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏھن ھو سڀ ڀائُر يوسف ($) وٽ پھتا ته ھن پنھنجي ڀاءُ (بن يامين) کي پاڻ وٽ گهرائي چيو ته آ تنھنجو ڀاءُ (يوسف) آھيان، ھي ڀائر جيڪو ڪجهه ڪندا رھيا آھن، تون ان تي ڏک نه ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا جَهَّزَهُم بِجَهازِهِم جَعَلَ السِّقايَةَ فى رَحلِ أَخيهِ ثُمَّ أَذَّنَ مُؤَذِّنٌ أَيَّتُهَا العيرُ إِنَّكُم لَسٰرِقونَ (آيت : 70) |
پوءِ جنھن مھل اُنھن لاءِ سندن سامان سنبرايائين (تنھن مھل) پنھنجي (سڳي) ڀاءُ جي مڏيءَ ۾ پيالو لڪايائين وري آواز ڪندڙ آواز ڪيو ته اي قافلي وارؤ اوھين ضرور چور اھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن يوسف انهن ماڻهن جو سامان (سندن رواني ٿيڻ لاءِ) مهيا ڪيو تڏهن پنهنجو (چانديءَ جو) پيالو (مخفي طرح) پنهنجي ڀاءُ بن يامين جي ٻوريءَ ۾ وجهي ڇڏيو، (انهيءَ لاءِ ته نشانيءَ طور وٽس رهي). پوءِ (ڇا ٿيو جو جڏهن اهي ماڻهو روانا ٿيا ۽ شاهي عملدارن ڏٺو ته فلاڻو پيالو آهي ئي ڪونه، تڏهن کين شڪ پيو ۽ سندن پٺيان ويا، ۽) هڪ پڪاريندڙ (انهن جي پٺيان) پڪاري چيو ته، اي قافلي وارؤ! (اتي بيهو). بيشڪ توهان چور آهيو. (ٻيو ڪو ماڻهو اتي ڪونه هو، جنهن ۾ شڪ پوين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن يوسف انهن کي سفر جو سامان مُهيا ڪيو ته پيالو پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ رکيو ان کان پوءِ يوسف اعلان ڪرايو ته اي قافلي وارا بيشڪ توهان چور آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن يوسف انهن جي سفر جو سامان (اناج وغيره) ٺيڪ ڪرايو ته پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ پاڻيءَ جو پيالو (سندس اشاري سان) رکايو ويو. وري هڪ منادي واري وڏي آواز چيو ته اي قافلي وارو! (هجي نه هجي) پڪ اوهين ماڻهو چور آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن تيار ڪرائي ڏنائين انهن کي سامان سندن ته رکرايائين پاڻي پيئڻ جو پيالو پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ ان کان پوءِ سڏ ڪيو سڏ ڪندڙ اي قافلي وارؤ! بلاشڪ اوهان البته چور آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن انهن لاءِ سندن سامان تيار ڪيائين تڏهن پيئڻ جي پيالي کي پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ رکيائين پوءِ هڪ سڏڪندڙ سڏ ڪيو ته اي قافلي وارو! بيشڪ اوهين چور آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن انهن جو سامان کين مهيا ڪيائين ته (شاهي) پيالو پنهنجي ڀاءُ (بن يامين) جي ٻوري ۾ رکيائين. پوءِ هڪ سڏيندڙ سڏ ڪيو: ”اي قافلي وارؤ! بيشڪ اوهان چور آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن ڀَري ڏِنائين بار، ته ڀاءُ سَندسِ جي بار ۾، رکايو ڳُجھ ڳوھ ۾، وَٽو ڪو وِينجھار، ورِي هوڪو ڦيريو، هاڪاري هيڪار، اَوس چور چَڪار، اي اوٺِيڙا! آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن هنن جو سامان تيار ڪرايائين، تڏهن ڀاڻس جي ٻوري ۾ پيالو وجهي ڇڏيائين، پوءِ ڍنڍورچي پڪاريو ته ”اي قافلي وارؤ! اوهين پڪ چور آهيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن يوسف ڀائرن جو سامان ڀــَـرائي رهيو هو ته هن پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ پنهنجو پيالو رکي ڇڏيو. پوءِ هڪڙي سڏڻ واري سڏ ڪري چيو: "او قافلي وارؤ! توهان ته چور آهيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن يوسف انهن جو سامان ٻڌرائڻ لڳو ته هن پنهنجو پيالو پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ رکرائي ڇڏيو، پوءِ هڪ پَڙهي ڏيڻ واري پڪاري چيو ته، اي قافلي وارؤ! توهان چور آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏھن يوسف ($) انهن جو سامان تيار ڪرايو ته ھُن پاڻي پيئڻ وارو پيالو پنھنجي ڀاءُ (بن يامين) جي سامان ۾ رکي ڇڏيو. پوءِ جڏھن ھو شھر کان ٻاھر نڪتا ته سڏڻ واري کين سڏ ڪيو ۽ چيو ته اي قافلي وارؤ! توھان چور آھيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا وَأَقبَلوا عَلَيهِم ماذا تَفقِدونَ (آيت : 71) |
(قافلي وارن ٻڌي) انھن ڏانھن مُنھن ڪري چيو ته ڇا وڃايو اٿو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (ڀائر) پڪاريندڙ جي طرف متوجهه ٿيا، ۽ پڇيائون ته ڇا وڃايو اٿوَ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن قافلي وارن سامهون ٿي پڇيو ته ڪهڙي شيءِ (توهان کان) گُم ٿي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو ٻڌي) سڏڻ واري ڏي موٽيا ۽ چيائون (آخر) اوهان جي ڪهڙيءَ شيءِ گم ٿي وئي آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سامهون ئي انهن ڏانهن (پڇيائون ته) ڇا گم ڪيو اٿوَ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن (قافلي وارن) انهن (نوڪرن) ڏي منهن ڪري چيو ته اوهان ڪهڙي شيءَ وڃائي آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ڏانهن متوجهه ٿي چيائون: ”توهان ڇا وڃايو آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاٻوهِيائون پاڻ، ۽ ڳالهايؤن رُوبَرُو، ڇا وِڃايان؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن ڏانهن مهاڙ ڪري چيو ”ڇا وڃايو اٿو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن موٽي اچي پڇين: "توهان جو ڇا ويو آهي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن ڏانهس منهن ڪري پڇيو ته توهان جي ڪهڙي شيءِ وڃائجي وئي آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڀائرن پوئتي مُڙي جواب ڏنو ته توھان جي ڪھڙي شيءِ وڃائجي وئي آھي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا نَفقِدُ صُواعَ المَلِكِ وَلِمَن جاءَ بِهِ حِملُ بَعيرٍ وَأَنا۠ بِهِ زَعيمٌ (آيت : 72) |
چيائون ته بادشاھ جو پيالو وڃايو اٿون ۽ جنھن اُھو (لھي) آندو تنھن لاءِ اُٺ جو بار (انعام) آھي ۽ آءٌ (ان انجام) جو ذمي وار آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (شاهي نوڪرن) چيو ته اسان کي شاهي پيالو نٿو لڀي. جيڪو ئي اهو آڻي ڏئي تنهن کي اٺ جي بار جيترو (ان) انعام ملندو ۽ (انهن جي سردار چيو ته) مان ان ڳالهه جو ضامن آهيان (يعني انعام ڏيڻ جو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اعلان ڪندڙن چيو ته بادشاه جو پيالو گم ٿي ويو آهي ۽ جيڪو پيالو حاضر ڪندو اُن کي اُٺَ جي کڻڻ جيترو اَنُ ڏنو ويندو (انعام طور) ۽ آئون ڏيڻ لاءِ ضامن آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيو ته اسان کي بادشاھ جو پيالو نه ٿو ملي. ۽ آءُ ضامن آهيان ته جيڪو ماڻهو ان کي آڻيندو تنهن کي هڪ اٺ جي ٻار (جو اناج) انعام ۾ ملندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته گم ڪيو اٿئون پاڻي پيئڻ وارو پيالو بادشاھ جو ۽ ان جي لاءِ جو آندائين اهو بار اٺ جو آهي ۽ مان ان جو ضامن آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائون ته اسان بادشاهه جو ماپ (پيالو) وڃايو آهي ۽ جيڪو ان کي آڻيندو تنهن لاءِ اٺ جو بار آهي ۽ آءُ ان جو ضامن آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (سرڪاري ملازم) چوڻ لڳا: ”اسان کي بادشاهه جو پيالو نه ٿو لڀي. جيڪو ان کي (ڳولي) آڻيندو ان لاءِ هڪ اُٺ جو بار (انعام) آهي ۽ آءٌ ان جو ضامن آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وِڃايو سُون، مِير مِصر جو ماڻ، ۽ آڻِيندو جو اُن کي، اُن جو اُٺ اُنهِيء ڪاڻ، ۽ آئون اُنِهيءَ ساڻ، ٻولين ٻَڌل آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”بادشاهه (جي ماپ) وارو پيالو وڃايو اٿئون ۽ جيڪو اهو آڻيندو ان کي ان جو اُٺ ڏبو، آءُ انهيءَ لاءِ ٻڌل آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سرڪاري نوڪرن چيو: "بادشاهه جو پيالو نٿو لڀي". (۽ سندن جمعدار چيو) جيڪو آڻي ڏيندو اُن لاءِ اناج جو اُٺ انعام آهي. مان ان جو ذمو کڻان ٿو"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سرڪاري نوڪرن چيو، بادشاهه جو پيالو اسان کي نٿو ملي (سندن جمعدار چيو) جيڪو شخص اهو آڻيندو ان لاءِ هڪ اٺ جو بار انعام آهي، آئون ان جو ذمو کڻان ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ملازمن چيو ته بادشاهه کي پاڻي پيارڻ وارو پيالو وڃائجي ويو آھي ۽ اسان کي ان جي انچارج چيو آھي ته جيڪو به ان کي آڻيندو، تنھن کي ھڪ اُٺ سامان جو (انعام طور) ڏنو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد عَلِمتُم ما جِئنا لِنُفسِدَ فِى الأَرضِ وَما كُنّا سٰرِقينَ (آيت : 73) |
چيائون ته الله جو قسم آھي ته اوھان کي خبر ھوندي ته اسين ھن لاءِ نه آيا آھيون ته مُلڪ ۾ ڏڦيڙ وجھون ۽ نڪي اسين چور آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (ڀائرن) چيو ته، الله ٿو ڄاڻي ته اسان هتي انهيءَ لاءِ ڪونه آيا هئاسين ته اچي ڪو فساد يا شرارت ڪريون ۽ هيءَ ڳالهه توهان چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا (ڇو ته اڳي به هڪ ڀيرو اسان هتي رهي ويا آهيون ۽ اسان جو اهو وڙ نه هو جو چوري ڪريون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قافلي وارن الله جو قسم کڻي چيو ته يقيناَ توهان ڄاڻو ٿا ته اسين هن زمين ۾ فساد ڪرڻ نه آيا آهيون ۽ نه ئي اسين چور آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هنن چيو خدا جو قسم اوهين ته ڄاڻو ٿا ته (اوهان جي ملڪ) ۾ اسين (ڪو) فساد ڪرڻ لاءِ (ته) نه آيا هئاسين ۽ نه وري اسين (ڪي) چور آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته قسم آهي الله جو البته تحقيق ڄاتو اوهان ته نه آيا سون اسين تانته فساد ڪيون زمين ۾ ۽ ناهيون اسين چور .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته الله جو قسم! اوهان کي معلوم ٿي چڪو آهي ته اسين ملڪ ۾ فساد ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون ۽ نه اسين چور هواسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (يوسف جي ڀائرن) چيو: ”الله جو قسم! اوهان ڄاڻو ٿا ته اسان زمين ۾ فساد ڦهلائڻ نه آيا آهيون ۽ نه ئي اسان چور آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائون ته قسم ڪلتار، معلوم اوهان کي مُورِهين، نه آياسون ته ڀُون بِگيڙيون، ۽ نه آهِيون چورچَڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”خدا جو قسم، اوهان کي خبر آهي ته اسين نڪي ملڪ ۾ نکيڙ وجهڻ آيا آهيون نڪي اسين چور آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن چيو: "الله جو قسم! توهان چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته اسان هن ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ نه آيا آهيون ۽ نڪي اسان چور آهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن ڀائرن چيو، خدا جو قسم! توهان ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته اسان ماڻهو فساد ڪرڻ لاءِ هن ملڪ ۾ نه آيا آهيون ۽ اسان نه آهيون چوريون ڪرڻ وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڀائرن چيو ته: الله تعاليٰ جو قسم! توھان کي ته چڱي طرح معلوم آھي ته اسان ھن سرزمين تي فساد ڦھلائڻ لاءِ نه آيا آھيون ۽ نه ئي اسان چور آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا فَما جَزٰؤُهُ إِن كُنتُم كٰذِبينَ (آيت : 74) |
(وري نوڪرن) چيو ته جيڪڏھن ڪوڙا ھُجو ته اُن (چور) جي سزا ڪھڙي آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (نوڪرن) چيو ته چڱو، جيڪڏهن توهان ڪوڙا ثابت ٿيؤ ته، پوءِ ٻڌايو ته، چور جي سزا ڪهڙي هئڻ گهرجي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اعلان ڪندڙن چيو ته توهان وٽ چور جي سزا ڪهڙي آهي جيڪڏهن توهان (پنهنجي ڳالهه ۾) ڪوڙا ٿي پيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن انهن نوڪرن چيو جيڪڏهن اوهين ڪوڙا نڪتا ته پوءِ چور جي ڪهڙي سزا ٿيندي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون پوءِ ڪهڙي آهي سزا ان جي جيڪڏهن آهيو ڪوڙا؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته پوءِ ان (ڪم) جي سزا ڇا آهي جيڪڏهن اوهين ڪوڙا هجو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون ته: ”ان (چور) جي سزا ڇا هوندي؟ جي اوهان ڪوڙا هجو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چي، ڪِهڙي تِنهنجِي ڪار، جي ڪُوڙا ٿِيا قول ۾. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”ڀلا جي اوهين ڪوڙا هوندا ته پوءِ ان جي ڪهڙي سزا آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هنن چين: "چڱو جيڪڏهن توهان جي ڳالهه ڪوڙي نڪتي ته پوءِ چور جي سزا ڇا آهي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن چيو، چڱو! ان جي ڪهڙي سزا آهي جيڪڏهن توهان جي ڳالهه ڪوڙي نڪتي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ملازمن چيو ته: جيڪڏھن توھان ڪوڙا نڪتا ته پوءِ ٻڌايو ته اُن چور جي سزا ڇا ھوندي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا جَزٰؤُهُ مَن وُجِدَ فى رَحلِهِ فَهُوَ جَزٰؤُهُ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 75) |
چيائون ته اُن جي سزا (ھيء) آھي ته جنھنجي مڏيءَ مان اُھو لڌو سو (پاڻ) ان جو بدلو آھي، اھڙي طرح اسين ظالمن کي سزا ڏيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (ڀائرن) چيو ته، چور جي سزا هيءَ ٿئي جو جنهن جي ٻوريءَ مان چوريءَ جو مال نڪري سوئي پاڻ پنهنجي سزا ٿئي، (يعني پنهنجي ڏوهه جي بدلي ۾ کيس روڪي رکيو وڃي) اسان زيادتي ڪندڙن کي اهڙيءَ ئي طرح سزا ڏيندا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن (ڀائرن) چيو سزا هي آهي ته جنهن جي سامان مان چوري ملي ته اهو ئي ان جي عيوض ٻانهون ٿيندو، اسين (پنهنجي والد حضرت يعقوب جي شريعت موجب) چورن کي اهڙي سزا ڏيون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هنن (بي ڌڙڪ) چئي ڏنو ته ان جي سزا هوءَ آهي ته جنهن جي ٻوريءَ مان اهو پيالو نڪتو ته اهو ئي خود ان جو بدلو آهي، ته اهو مال جي بدلي ۾ غلام بنايو وڃي اسين ته پاڻ وٽ ظالمن (چورن) کي اهڙي طرح سزا ڏيندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون سزا ان جي خود اهو آهي جو لڌو ويو سامان ان جي مان پوءِ اهو سزا ان جي آهي اهڙيءَ طرح سزا ڏيندا سون ظالمن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (يوسف جا ڀائر) چوڻ لڳا ته ان (ڪم) جي سزا هيءَ آهي ته جنهن جي سامان ۾ ملي سو پاڻ ان جي سزا آهي. اهڙيءَ طرح اسين ظالمن کي سزا ڏيون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”ان جي سزا اها آهي جو جنهن جي سامان مان نڪري ته اُهو خود ان جي سزا (۾ رکيو ويندو) آهي. اهڙي طرح اسان ظالمن کي سزا ڏيندا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، لَڌو جِنهن جي لَڏ ۾، تِنهن ڪارڻ اِهاڪار، اُهو پاڻ اُنِهيء جو پار، اِئين بَدلو بيداين ڏِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”ان جي سزا اها آهي ته جنهن جي ٻوري مان اهو نڪتو، اهو ئي ان جو بدلو آهي، اسين ظالمن کي اها ئي سزا ڏيندا آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن چيو: "انهيءَ جي سزا؟ جنهن جي به ٻوري مان شيءِ نڪري ته اهو پاڻ ئي پنهنجي سزا طور جهليو وڃي. اسان وٽ ته اهڙن ظالمن جي اهائي سزا آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن چيو، ان جي سزا اها ته جنهن جي سامان مان اهو نڪري ته اهو پنهنجي سزا ۾ رکيو وڃي، اسان وٽ ته اها سزا آهي اهڙن ظالمن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڀائرن چيو ته: جنھن جي سامان مان (اِھا شيءِ) نڪري اچي، ان کي ئي پڪڙيو وڃي. اسان ظالمن کي اھا ئي سزا ڏيندا آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبَدَأَ بِأَوعِيَتِهِم قَبلَ وِعاءِ أَخيهِ ثُمَّ استَخرَجَها مِن وِعاءِ أَخيهِ كَذٰلِكَ كِدنا لِيوسُفَ ما كانَ لِيَأخُذَ أَخاهُ فى دينِ المَلِكِ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ وَفَوقَ كُلِّ ذى عِلمٍ عَليمٌ (آيت : 76) |
پوءِ (يُوسف) پنھنجي ڀاءُ جي ٻوري (ڳولڻ) کان اڳ انھن (ٻـين) جون ٻوريون ڳولڻ شروع ڪيون وري اُھو (پيالو) پنھنجي ڀاءُ جي ٻوري مان ڪڍيائين، اھڙي طرح يُوسف کي تجويز سيکاري سون، جو بادشاہ جي قانون موجب پنھنجي ڀاءُ کي الله جي گھُر کانسواءِ وٺي نٿي سگھيو، جنھن کي گھرندا آھيون تنھن کي درجن ۾ مٿاھون ڪندا آھيون، ۽ ھر ڪنھن سياڻي جي مٿان سياڻو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (نوڪرن جي سردار) هنن جي ٻورن جي تلاشي شروع ڪئي. پهريائين يوسف جي وڏن ڀائرن جي ٻورن جي تلاشي ورتائون، (۽ ڪجهه به نه لڌائون) پوءِ يوسف جي ڀاءُ (بن يامين) جي ٻوري (ڏٺائون ۽ ان مان) اهو پيالو ڪڍي ورتائون (سو ڏسو ته) اهڙيءَ طرح اسان (يعني الله تعاليٰ) يوسف جي لاءِ (بن يامين کي پاڻ وٽ رهائڻ جي) مخفي تدبير ڪري ڇڏي. هو (يوسف) بادشاهه جي قانون سبب ائين ڪري نٿي سگهيو (ته پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ وٽ روڪي رهائي، اگرچه ائين ڪرڻ لاءِ هن جي دل بيقرار هئي) سواءِ هن صورت جي جو الله کي (ان جي راهه ڪڍڻ) منظور هجي (سو الله تعاليٰ غيبي تجويز ڪري راهه ڪڍي ڏني) اسان (يعني الله تعاليٰ) جنهن کي چاهيون ٿا تنهن کي مرتبن ۾ بلند ڪري ڇڏيون ٿا ۽ هر علم واري جي مٿان هڪ (اعليٰ) علم واري هستي آهي (جنهن جو علم سڀني کي گهيرو ڪيو بيٺو آهي، يعني الله جي هستي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (حضرت يوسف جي سڳي ڀاءُ) بن يامين جي خرجين کان پهرين ٻِيَنِ ڀائرن جا خرجين تلاش ٿيا، ان کان پوءِ پيالو (حضرت يوسف جي سڳي ڀاءُ) بن يامين جي خرجين مان نڪتو، اهو حيلو يوسف کي اسان سيکاريو، يوسف مصر جي قانون موجب پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ وٽ روڪي نٿي سگھيو، مگر جيڪو الله چاهي، اسين جنهن لاءِ گُھرون ان جا درجا بلند ڪريون ٿا، ۽ هر ڄاڻون جي مٿان ٻيو وڌيڪ ڄاڻون آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ يوسف پنهنجي ڀاءُ جي ٻوري کان اڳ ۾ انهن جي ٻورين جي تلاشيءَ وٺڻ شروع ڪئي. پوءِ ان جي (پيالي) کي پنهنجي ڀاءُ جي ٻوري مان ڪڍيائين. اهڙي طرح اسان يوسف جي ڀاءُ کي روڪڻ لاءِ اها تدبير ٻڌائي. (ڇو ته) بادشاهُ (مصر) جي قانون موجب پنهنجي ڀاءُ کي روڪي نه ٿي سگهيو، پر هاءُ جنهن کي خدا گهري. اسين جنهن کي چاهيون ٿا ان جا درجا بلند ڪري ڇڏيون ٿا. ۽ (دنيا ۾) هر صاحب علم کان وڌيڪ هڪ ٻيو عالم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ شروع ٿيو ٻورين (ڳولڻ) انهن (ٻين) جي کي اڳي (ڳولڻ) ٻوريءَ ڀاء پنهنجي جي کي تنهن کان پوءِ ڪڍيائين ان کي پنهنجي ڀاءُ جي ٻوريءَ مان اهڙي طرح رٿ ڏني سون واسطي يوسف جي نه هو تانته وٺي ڀاءُ پنهنجي کي قانون بادشاھ جي ۾ مگر هي جو گهري الله بلند ڪيون ٿا درجا ان جا جنهن کي گهرون ۽ مٿان هر صاحب علم جي گهڻي علم وارو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (يوسف) پنهنجي ڀاءُ جي ٻوري کان اڳ ۾ انهن جي ٻورن جي تلاشي وٺڻ شروع ڪئي. پوءِ ان (پيالي) کي پنهنجي ڀاءُ جي ٻوري مان ڪڍيائين. اهڙيءَ طرح اسان يوسف لاءِ تدبير ڪئي. (ڇو ته) الله جي گُهر کان سواءِ بادشاهه جي قانون موجب پنهنجي ڀاءُ کي (قيد ڪري) وٺي نه ٿي سگهيو. اسين جنهن کي گهرون تنهن جا درجا بلند ڪريون ٿا. ۽ سڀ ڪنهن ڄاڻڻ واري کان مٿي هڪ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (يوسف) پنهنجي ڀاءُ جي سامان کان اڳ انهن جي سامان جي تلاشي ورتي پوءِ پنهنجي ڀاءُ جي سامان مان (گم شده پيالو) ڪڍيائين. اهڙي طرح اسان يوسف لاءِ تدبير ڪئي. (ڇو ته) پنهنجي ڀاءُ کي بادشاهِ (مصر) جي قانون مطابق (قيد ۾) وٺي نه ٿي سگهيو مگر هي ته جيڪي الله چاهي. ۽ اسان جنهن جا چاهيون درجا بلند ڪيون ٿا. ۽ هر علم واري مٿان هڪ علم وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جانچيئين اُنهن جو بار، اڳ ڀاڻسِ جي بار کان، ورِي لَڌو ڀاڻسِ جي بار مان، سو ٽويو ٽِيلهيدار، اِنپر رِٿي سون يُوسف لئي، نه ته ڀاڻسِ کي ڀَلار، نه وَٺِي هارا جا رِيت ۾، مگر گُھري غَفّار، وڻي تِنهن کي وَڏا ڏيون، دَرجا دِلقرار، ۽ آهي سمجھدار، سڀ ڪِنهن سَمجھدار مٿان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن ڀاڻس جي ٻوري کان اڳ ٻين جا ٻورا ڏٺا، پوءِ ڀاڻس جي ٻوري مان پيالو ڪڍيائين، ائين اسان يوسف لاءِ رٿ رٿي، جو الله جي گُهر کان سواءِ بادشاهه جي قانون موجب هو ڀاڻس کي هٿ ڪري نٿي سگهيو، اسين جنهن جا چاهيون درجا بلند ڪريون ٿا، ۽ هر علم واري مٿان هڪ وڏي علم وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ يوسف پنهنجي (سڳي) ڀاءُ جي ٻوري کان اڳ هنن جي ٻورن جي تلاشي وٺڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي (سڳي) ڀاءُ جي ٻورن مان گم ٿي ويل شيءِ ڪڍي ورتائين. اهڙيءَ طرح اسان يوسف خاطر اٽڪل هلائي. هــُـن کي اهو اختيار نه هو، جو بادشاهه جي دين (ملڪي قانون) موجب پنهنجي ڀاءُ کي روڪي سگهي، سواءِ ان جي جو الله جي مرضي ائين هجي. اسان جنهن جا به چاهيون درجا بلند ڪري ڇڏيون ٿا ۽ هڪ علم وارو اهڙو آهي، جيڪو هر علم واري کان مٿڀرو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تڏهن يوسف سندن ٻورين جي تلاشيءَ ۾ پنهنجي ڀاءُ کان اڳي انهن جي ورتي پوءِ اها گم ٿيل شيءِ ڳولي ڪڍي پنهنجي ڀاءُ جي، اهڙيءَ طرح اسان تائيد ڪئي پنهنجي تدبير سان يوسف جي، هي ان جو ڪم نه هو ته بادشاهه جي دين (مصر جي قانون) ۾ پنهنجي ڀاءُ کي پڪڙي ها، پر هي ته جيئن الله ئي گهري. اسين جنهن کي گهرندا آهيون ان جا درجا بلند ڪندا آهيون ۽ مٿاهون آهي هڪ علم رکندڙ سڀني علم وارن کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ يوسف ($) سڀ کان پھريائين ٻين سڀني ڀائرن جي سامان جي تلاشي ورتي (پر پيالو نه مليو) آخر ۾ پنھنجي ڀاءُ (بن يامين ) جي سامان مان اُھو پيالو ھٿ ڪيو. يوسف ($) کي اھو طريقو اسان ئي سيکاريو، ملڪي قانون مطابق هو پنھنجي ڀاءُ کي (اللھ تعالى جي سيکاريل ان ترڪيب کان سواءِ پاڻ وٽ) نه پيو رکي سگهي. اسان جنھن جا چاھيون درجا بلند ڪندا آھيون ۽ ھر علم واري جي مٿان به ڪو ٻيو وڏو علم وارو ھوندو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا إِن يَسرِق فَقَد سَرَقَ أَخٌ لَهُ مِن قَبلُ فَأَسَرَّها يوسُفُ فى نَفسِهِ وَلَم يُبدِها لَهُم قالَ أَنتُم شَرٌّ مَكانًا وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما تَصِفونَ (آيت : 77) |
چيائون ته جيڪڏھن (ھن) چوري ڪئي آڳي ته اڳ سندس ڀاءُ (به) بيشڪ چوري ڪئي ھئي، پوءِ ان (ڳالھ) کي يوسف پنھنجي دل ۾ لڪايو ۽ کين اُھا پڌري نه ڪيائين، (دل ۾) چيائين ته اوھين بڇڙي مان وارا آھيو، ۽ جيڪي بيان ڪريو ٿا سو الله چڱو ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جڏهن بن يامين جي ٻوريءَ مان پيالو نڪري آيو تڏهن) ڀائرن چيو ته، (هن چوري ڪئي آهي ته اها ڪا عجب جهڙي ڳالهه ڪانهي). هن کان اڳي سندس سڳي ڀاءِ (يوسف) به چوري ڪئي هئي. تڏهن يوسف (جنهن جي اڳيان هاڻي اهو معاملو پيش ڪيو ويو هو) اها ڳالهه پنهنجي دل ۾ رکي، ۽ هنن لاءِ ظاهر نه ڪيائين (ته منهنجي منهن تي مون کي چور بنائي رهيا آهيو ۽ فقط ايترو) چيائين ته سڀني کان بري جڳهه (يعني حالت) توهان جي چئبي (جو پنهنجي ڀاءُ تي ڪوڙو الزام لڳائي رهيا آهيو) ۽ جيڪي توهان بيان ڪري رهيا آهيو تنهن کي الله تعاليٰ بهتر ڄاڻيندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قافلي وارن چيو اگر بن يامين چوري ڪئي آهي (ته عجب ناهي) پوءِ بيشڪ ان کان اڳ سندس ڀاءُ به چوري ڪئي هئي، پوءِ اها ڳالهه يوسف پنهنجي دل ۾ رکي ۽ ان کي ڀائرن لاءِ ظاهر نه ڪيو، يوسف چيو ته توهان خراب مڪان جا آهيو، ۽ جيڪو توهان چئو ٿا ان کي الله خوب ڄاڻي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نيٺ بنيامين روڪيو ويو ته اهي چوڻ لڳا جيڪڏهن ان چوري ڪئي ته (ڪهڙو تعجب) ان جي ڀاءُ (يوسف) به هن کان اڳ چوري ڪئي هئي ته يوسف (ان جو جواب نه ڏنو) ان کي دل ۾ لڪايو (پر) هي چيائين ته اوهين ماڻهو وڏا خانه خراب (برا ماڻهو) آهيو ۽ جيڪي (سندس ڀاءُ جي چوري بابت) بيان ڪريو ٿا تنهن کان خدا چڱيءَ طرح واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته جيڪڏهن چوري ڪئي اٿس ته پوءِ تحقيق چوري ڪئي ڀاءُ ان جي به اڳ ۾ پوءِ رکيو ان کي يوسف دل پنهنجيءَ ۾ ۽ نه ظاهر ڪيائين ان کي فرمايائين (دل ۾) ته اوهان بدتر آهيو درجہ جي لحاظ سان ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي اوهان بيان ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (يوسف جا ڀائر) چوڻ لڳا ته جيڪڏهن ان چوري ڪئي آهي ته ان جي ڀاءُ به هن کان اڳ چوري ڪئي هئي. پوءِ يوسف ان ڳالهه کي پنهنجي دل ۾ لڪايو ۽ ان کي انهن جي اڳيان ظاهر نه ڪيائين (پنهنجي دل ۾ ) چيائين ته اوهين خوار آهيو. ۽ جيڪي اوهين بيان ڪريو ٿا تنهن کي الله گهڻو ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”جي هن چوري ڪئي آهي ته بيشڪ هن جو ڀاءُ (يوسف) به ان کان اڳ چوري ڪري چڪو آهي“. پوءِ يوسف ان ڳالهه کي پنهنجي دل ۾ لڪايو ۽انهن تي ظاهر نه ڪيائين. چيائين: ”اوهان بدتر حال وارا آهيو ۽ جيڪي اوهان بيان ڪيو ٿا الله ان کي چڱي طرح ڄاڻڻ وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائون اِهڙِي چال، جي هِن چورِي، هِيءَ ڪئـِي، ته چوري ڪئـِي، اِنهيان اڳي، سَندسِ ڀاء بَحال، يُوسف سَندسِ جان ۾، گُھجِهي رکي سا ڳالھ، ۽ ذَرو ظاهر نه ڪئـِي، تَن سان حقِيقت حال، چي اَوهين بِلڪُل بُڇڙا، پاڙي مَنجھ پيمال!، ۽ جيڪِي چَئو چَپن نال، واحِد واقِف اُن ڪنان(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”جي هن چوري ڪئي آهي ته ڀاڻس به اڳ چوري ڪئي هئي،“ اها ڳالهه يوسف پنهنجي اندر ۾ لڪائي ۽ هنن سان ظاهر نه ڪيائين پر (دل ۾) چيائين ”اوهين بُري درجي وارا آهيو ۽ جيڪي ٿا بيان ڪريو سو الله چڱي طرح ڄاڻي ٿو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ڀائرن چيو: "اهو جيڪڏهن چوري ڪري ته تعجب جي ڳالهه ناهي، هن کان اڳ سندس ڀاءُ (يوسف) به چوري ڪئي هئي". يوسف (اهو ٻڌي) ان کي پنهنجي دل ۾ رکيو ۽ ان جي حقيقت مٿن نه کوليائين، بس (چپن ۾) ايترو سو چيائين ته ڏاڍا بڇڙا ماڻهو آهيو (منهنجي منهن تي ئي مون تي) جيڪو الزام ٿا هڻو، ان جي حقيقت الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن ڀائرن چيو، هي چوري ڪري ته ڪا عجب جي ڳالهه ناهي، چوري ڪئي سندس ڀاءُ (يوسف) هن کان اڳي، پي ويو يوسف انهن جي اها ڳالهه، پر انهن تي ڪابه حقيقت نه کوليائين، دل ۾ چيائين، ڏاڍا برا آهيو توهان ماڻهو، (منهنجي روبرو) مون تي به الزام پيا لڳايو. الله ئي ان جي حقيقت چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڀائرن چيو ته: جيڪڏھن ھن چوري ڪئي آھي ته (اھا ڪا وڏي ڳالھ نه آھي) ھن کان اڳ ھن جو ڀاءُ به چوري ڪري چڪو آھي. پوءِ يوسف ($) اھو ٻڌي (ڪاوڙ جو ڍُڪ پي ويو پر) انهن جي اڳيان اصل حقيقت ظاھر نه ڪئي، پر دل ۾ چوندو رھيو ته توھان ئي وڏا برا ماڻهو آھيو، جيڪو چئو ٿا ان کي اللھ تعالى خوب ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ إِنَّ لَهُ أَبًا شَيخًا كَبيرًا فَخُذ أَحَدَنا مَكانَهُ إِنّا نَرىٰكَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 78) |
چيائون ته اي عزيز ھن جو پيءُ پوڙھو وڏيءَ ڄمار وارو آھي اِن ڪري اسان مان ھڪڙو سندس بدران وٺ، اسين توکي نيڪن مان ڏسون ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (ڀائرن يوسف کي) چيو ته، اي عزيز! هن (بن يامين) جو پيءُ تمام پوڙو ماڻهو آهي (۽ هن سان گهڻو پيار اٿس) سو سندس بدران اسان مان ڪنهن کي به روڪي رک (پر هن کي نه روڪ). اسان ڏسون ٿا ته، توهان انهن ماڻهن منجهان آهيو جيڪي نيڪي ۽ احسان ڪندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو اي عزيز (بادشاهِ مصر) بيشڪ بن يامين جو هڪ پيرسن والد آهي پوءِ ان جي عيوض اسان مان ڪوبه پاڻ وٽ غلام بناءِ، بيشڪ اسين توکي احسان ڪندڙ سمجھون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تنهن تي) هنن چيو اي عزيز! هن (بنيامين) جو والد تمام پوڙهو (آدمي) آهي (۽ هن کي گهڻو چاهيندو آهي) ته تون اسان مان ڪنهن هڪ کي وٺ (پر هن کي ڇڏ) ڇو ته اسين اوهان کي ڏاڍو نيڪ ماڻهو سمجهون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته اي (مصر جا) عزيز! بيشڪ ان جو پيءُ پوڙهو وڏي عمر وارو آهي پوءِ وٺ هڪڙي اسان جي کي ان جي بجاءِ يقينًا اسين ڏسون ٿا توکي احسان ڪندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چوڻ لڳا ته اي عزيز! هن جو پيءُ بلڪل ٻڍو آهي پوءِ اسان مان هڪ کي ان جي بدران (کڻي) وٺ (يعني قيد ڪر). اسين توکي نيڪي ڪندڙن مان ڏسون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اي عزيز! هن جو پيءُ وڏي عمر وارو بزرگ آهي سو تون ان جي عيوض اسان مان ڪنهن هڪ کي پڪڙ (يعني قيد ڪر). بيشڪ اسان تو کي احسان ڪرڻ وارن مان ڏسون ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آهي عزيز! اُن جو، والد وڏِي ڄَمار، پوءِ اَسان مان، اِن بجاءِ، هِڪ جَھل جوابدار، توکي، اَسِين تڪرار، ڀاليرن مان ڀائـِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوڻ لڳا ”حاڪم! هن جو پيءُ پوڙهو آهي، تنهنڪري هن بدران اسان مان ڪو جهل، اسان توکي ڏاڍو نيڪ ٿا ڏسون!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن چيو: "اي بااختيار حاڪم (عزيز)! هن جو پيءُ ڏاڍو پوڙهو مڙس آهي، هن جي بدران اسان مان ڪنهن کي کڻي جهل، (قيد ڪر)اسان توکي ڏاڍو احسان ڪندڙ ٿا ڏسون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن چيو، اي اقتدار وارا صاحب! هن جو پيءُ تمام پوڙهو ماڻهو آهي، هن جي بدران اسان مان ڪنهن هڪ کي رک، اسان ڏٺو آهي توکي تمام نيڪ ماڻهو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڀائرن چيو ته اي بادشاهه! بيشڪ ھن جو پيءُ (ويچارو) تمام جُهونو آھي، ان جي جاءِ تي تون اسان مان ڪنھن کي روڪي رک. بيشڪ اسان توکي وڏو نيڪوڪار سمجهون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ مَعاذَ اللَّهِ أَن نَأخُذَ إِلّا مَن وَجَدنا مَتٰعَنا عِندَهُ إِنّا إِذًا لَظٰلِمونَ (آيت : 79) |
چيائين الله پناھ ۾ رکي جنھن وٽ پنھنجو سامان لڌوسون تنھن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي پڪڙيون (جيڪڏھن وٺون ته) انھي مھل اسين ظالم آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يوسف چيو ته، انهيءَ ڳالهه کان الله جي پناهه! جو اسان انهيءَ ماڻهو کي ڇڏيون، جنهن وٽان اسان جو سامان نڪتو، ۽ ٻئي ماڻهو کي پڪڙي رکون! جيڪڏهن ائين ڪيون ته پوءِ ته اسان ظالم چئباسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يوسف چيو نعوذ بالله اسين ڪنهن (بي گناهه) کي گرفتار ڪريون. اسين ان کي گرفتار ڪنداسين جنهن وٽان اسان کي سامان مليو آهي، (اسان ايئن ڪيو ته) ان وقت اسين ظالم هونداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يوسف چيو معاذالله! (اهو ڪئين ٿي سگهي ٿو) اسان جنهن وٽان پنهنجي شيءَءَ لڌي آهي ان کي ڇڏي ٻئي کي پڪڙيون (جيڪڏهن ائين ڪيون) ته اسين بلڪل بي انصاف ٿينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته پناھ ۾ رکي الله هن کان جو وٺون اسين مگر ان کي جو لڌو سون سامان پنهنجو ان وٽ بلاشڪ اسين ان وقت البته ظالم آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائين ته الله پناهه ڏئي! هن ڳالهه کان ته جنهن وٽ پنهنجو سامان لڌوسون تنهن کان سواءِ ٻئي کي وٺون. بيشڪ اسين تڏهن ظالم آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”الله جي پناهه جو اسان جنهن وٽ پنهنجو سامان لڌو ان کان سواءِ ٻئي کي پڪڙيون. پوءِ ته بلاشڪ ان وقت اسان ظالمن مان هونداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، رکي شال ربُّ، ته اسين وِجھون ٻِئي کي وَٽ، مگر ڀاتوسون پَنهنجو، وَٽِ جِنهن وَٽ، تَڏهن ته اَسِين نِپٽ، آزارِيندڙ آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”الله جي پناهه! جو جنهن وٽان سڳ لهون، ان بدران ڪو ٻيو پڪڙيون، تڏهن ته اسين ظالم چئباسين!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يوسف چين: "الله جي پناهه، ٻئي ڪنهن کي اسان ڪيئن ٿا جهلي سگهون؟ جنهن وٽان اسان پنهنجو سامان لڌو آهي، انکي ڇڏي ٻئي کي جهليوسون ته ظالم ٿي پونداسون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يوسف چين، پناهه الله جي، ٻئي ڪنهن کي اسان ڪيئن ٿا رکي سگهون، جنهن وٽان اسان مال لڌو آهي ان کي ڇڏي ٻئي کي رکڻ ۾ وڏا ظالم ٿينداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يوسف ($) چيو ته اللھ تعالى جي پناهه! اسان جنھن وٽان پنھنجو سامان لڌو آھي ان کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي ڇو پڪڙيون؟ جيڪڏھن ايئن ڪنداسين ته بيشڪ اسان ظالمن ۾ شمار ٿينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمَّا استَيـَٔسوا مِنهُ خَلَصوا نَجِيًّا قالَ كَبيرُهُم أَلَم تَعلَموا أَنَّ أَباكُم قَد أَخَذَ عَلَيكُم مَوثِقًا مِنَ اللَّهِ وَمِن قَبلُ ما فَرَّطتُم فى يوسُفَ فَلَن أَبرَحَ الأَرضَ حَتّىٰ يَأذَنَ لى أَبى أَو يَحكُمَ اللَّهُ لى وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 80) |
جنھن مھل کانئس نا اميد ٿيا (تنھن مھل) نويڪلا ٿي صلاح ڪندڙ ٿيا، سندن وڏي (ڀاءُ) چيو ته نه ڄاڻندا آھيو ڇا؟ ته اوھان جي پيءُ اوھان کان الله جو پڪو انجام قسم تي ورتو آھي ۽ اڳ اوھان يوسف جي نسبت ۾ ڪجھ نه گھٽايو ھو، تنھنڪري (جيسين) منھنجو پيءُ مون کي موڪل (نه) ڏيندو يا الله مون لاءِ حُڪم نه ڪندو تيسين آءٌ ھن مُلڪ مان ڪڏھن نه نڪرندس، ۽ اُھو چڱو حُڪم ڏيڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن اهي، (ڀائر) يوسف کان نااميد ٿيا (ته هو اسان جي اها ڳالهه نه مڃيندو) تڏهن مشوري (صلاح و مصلحت) ڪرڻ لاءِ (ڪنهن جاءِ تي) نويڪلا ويهي رهيا. انهن ۾ جيڪو وڏو (روبن نالي) هو تنهن چيو ته، توهان کي معلوم آهي ته بابي (بن يامين جي باري ۾) الله کي شاهد ٺهرائي اوهان کان عهد ورتو هو ۽ ان کان اڳي يوسف جي معاملي ۾ اوهان وڏو قصور ڪري چڪا آهيو. تنهن ڪري مان ته هاڻي هن ملڪ مان ڪونه نڪرندس، جيستائين ڪه بابا پاڻ حڪم نه ڏئي، يا وري الله تعاليٰ منهنجي لاءِ ڪو ٻيو فيصلو ڪري ۽ هو سڀني کان بهتر فيصلو ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن اهي يوسف کان نااميد ٿيا ته اڪيلا ٿي صلاحون ڪرڻ لڳا، ڀائرن مان وڏي ڀاءُ چيو ته ڇا توهان کي معلوم ناهي ته بيشڪ توهان جي والد توهان کان الله جو پڪو وعدو ورتو هو ۽ ان کان اڳ به توهان يوسف جي باري ۾ ڪوتاهي ڪئي هئي، پوءِ آئون ته قطعاً هتان ڪونه هلندس ايستائين جو منهنجو والد مون کي اجازت ڏي يا مون لاءِ الله حڪم فرمائي، ۽ اهوئي سڀني کان بهتر حڪم ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن ان کان ناميد ٿيا ته اڪيلا ٿي مشورا ڪرڻ لڳا. انهن جي وڏي (ڀاءُ يهودا) چيو ته اوهان کي معلوم نه آهي ته اوهان جي پيءُ اوهان کان الله جو عهد ورتو هو ۽ ان کان اڳ يوسف جي باري ۾ اوهان قصوروار آهيو. ته (ڀائرو) جيستائين منهنجو والد مون کي اجازت (نه) ڏئي يا خود خدا مون کي ڪو حڪم (نه) ڏئي آءُ هن سرزمين تان هرگز نه هٽيندس. ۽ خدا ته سڀني کان چڱو فيصلو ڪندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن نا اميد ٿيا ان کان ته اڪيلا ٿي ويٺا صلاح ڪندڙ چيو وڏي انهن جي ته ڇا نه ڄاتو اوهان ته بيشڪ پيءُ اوهان جي تحقيق ورتو اوهان کان پڪو وعدو الله جو؟ ۽ اڳ ۾ اهو آهي جو ڪيو اوهان يوسف سان پوءِ هرگز نه ڇڏيندس مان (هن) زمين کي تان جو موڪل ڏئي مون کي پيءُ منهنجو يا حڪم ڪري الله مون لاءِ ۽ اهو حڪم ڏيندڙن ۾ ڀلو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ان کان نااميد ٿيا ته اڪيلا ٿي مشورو ڪرڻ لڳا. انهن جي وڏي (ڀاءُ) چيو ته ڇا اوهان کي معلوم نه آهي ته اوهان جي پيءٌ اوهان کان الله جو عهد (قسم) ورتو آهي ۽ هن کان اڳ يوسف جي باري ۾ اوهان قصور ڪيو آهي. پوءِ تيستائين آءُ هن ملڪ کان جدا نه ٿيندس(يعني نه نڪرندس) جيستائين منهنجو پيءُ مون کي موڪل (نه) ڏئي يا مون لاءِ الله فيصلو (نه) ڪري. ۽ اهو سڀني کان چڱو فيصلو ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ان (يوسف )کان مايوس ٿي ويا ته اڪيلائي ۾ مشورو ڪرڻ لڳا. انهن مان وڏي چيو ته: ”ڇا اوهان نه ٿا ڄاڻو ته اوهان جي پيءُ اوهان کان الله جو قسم کڻائي پڪو عهد ورتو هيو ۽ هن کان اڳ يوسف جي باري ۾ اوهان اڳرايون ڪري چڪا آهيو. پوءِ آءٌ هن ڌرتي مان تيستائين نه نڪرندس جيستائين منهنجو پيءُ مون کي اجازت ڏئي يا مون لاءِ الله ڪو فيصلو فرمائي ۽ اُهو بهتر فيصلو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، وانجِھياجِنهن وار، ته ٿيا نيڪ نويڪلا، ڪرڻ لڳاڪُنڊ ۾، ويچارا وِيچار، وَڏي سَندنِ وَراڻيو، ڇا اَٿان نه سماچار؟ وَرتا قسم ڪلتار، پِيء پَنهنجي، پاڻ کان. پڻ بابت ڀاءُ يُوسف جي، ڪَيئان اڳ قُصور، اَبو نه اِجازت ڏيمِ، تان مِصر نه ڇَڏيان مُور، يا فرمائي مُنهنجو فيصلو، پَرورپاڪ حُضور، ۽ الله آهي ضَرور، فائـِق فيصلن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن انهيءَ کان نا اميد ٿيا ته، پاسي تي ويهي صلاح ڪرڻ لڳا، وڏي چين ته ”اوهان کي خبر ناهي ته بابو اوهان کان الله جو قسم کڻائي چڪو آهي؟ ۽ هن کان اڳ اوهان يوسف لاءِ حد اُڪريا آهيو، انهي ڪري آءُ تيسين هي شهر نه ڇڏيندس، جيسين مون کي بابو موڪل ڏئي يا الله مون لاءِ ڪو فيصلو ڪر ي۽ الله ئي بهتر حاڪم آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن هو يوسف کان مايوس ٿي ويا ته ڪنڊ ۾ وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا، جيڪو سڀني کان وڏو هو، تنهن چين: "توهانکي خبر ناهي ته توهان جي پيءُ توهان کان الله جو نالو وجهي پڪو وعدو ورتو هو ۽ هن کان اڳ يوسف جي باري ۾ جيڪو قصور توهان ڪري چڪا آهيو، سو به معلوم اٿوَ، مان ته هتان هٽندس ئي نه جيستائين منهنجو پيءُ مونکي اجازت نه ڏئي يا وري الله ئي منهنجي باري ۾ ڪو فيصلو ڪري، جو هو سڀني کان ڀلو فيصلو ڪندڙ آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن اهي يوسف کان مايوس ٿيا ته هڪ ڪنڊ ۾ وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪئي، چيو سڀني کان وڏي (ڀاءُ)، توهان ڄاڻو ٿا ته توهان جو والد توهان کان وٺي چڪو آهي عهد ۽ انجام الله جي نالي تي، ۽ هن کان اڳي توهان جيڪا زيادتي ڪري چڪا آهيو يوسف جي باري ۾، هاڻي آئون هتان هرگز نه ويندس جيستائين حڪم نه ڏئي منهنجو والد يا وري فيصلو فرمائي الله منهنجي باري ۾، ۽ اهو ئي سٺو فيصلو ڪندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏھن ڀائر نااميد ٿي ويا ته پاڻ ۾ اڪيلا ٿي صلاح ۽ مشورو ڪرڻ لڳا، انهن مان وڏي ڀاءُ چيو ته ڇا توھان کي ياد نه آھي ته توھان جي بابا سائين توھان سڀني کان اللھ تعالى جي نالي تي وعدو ورتو ھو ۽ ھن کان اڳ توھان يوسف جي باري ۾ به ڪوتاھي ڪري چڪا آھيو. (بھرحال) مان ته ھتان ڪاڏي به نه چُرندس، جيستائين مون کي منھنجو ابو اجازت نه ڏي يا اللھ تعالى ئي منھنجي لاءِ ڪو فيصلو ڪري، بيشڪ ھو سڀني کان وڌيڪ بھتر فيصلو ڪندڙ آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ارجِعوا إِلىٰ أَبيكُم فَقولوا يٰأَبانا إِنَّ ابنَكَ سَرَقَ وَما شَهِدنا إِلّا بِما عَلِمنا وَما كُنّا لِلغَيبِ حٰفِظينَ (آيت : 81) |
اوھين پنھنجي پيءُ وٽ موٽي وڃو پوءِ چئو ته اي ابا تنھنجي پُٽ چوري ڪئي، ۽ جيڪو ڄاتوسون ان کانسواءِ ٻئي (ڳالھ) جي شاھدي نه ڏنيسون ۽ ڳُجھ (جي خبر) نه ڄاڻندا ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان بابا ڏي موٽي وڃو ۽ کيس وڃي چئو ته، اي اسان جا بابا! (اسان ڇا ڪيون) تنهنجي پٽ (بن يامين پرائي ملڪ ۾) چوري ڪئي، جيڪا ڳالهه اسان کي چڱيءَ طرح معلوم ٿي، اها ئي توکي اسان ٺيڪ ٺيڪ ٻڌائي آهي. اسان ڪو غيب جي ڳالهين جي خبر رکندڙ ڪونه هئاسين (جو اڳ ئي ڄاڻي ڇڏيون ها ته بن يامين اهڙو ڪم ڪندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان پنهنجي والد ڏانهن موٽي پوءِ ان کي عرض ڪريو ته اي اسان جا والد بيشڪ تنهنجي پٽ (بن يامين) چوري ڪئي، ۽ اسان شاهدي نه ڏني مگر جنهن ڳالهه جي اسان کي معلومات هئي ۽ اسين غيب جا محافظ نه هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين پنهنجي والد ڏي واپس وڃو ۽ ان سان وڃي عرض ڪيو ته اي بابا! اوهان جي صاحبزادي چوري ڪئي ۽ اسان ته پنهنجي سمجھ مطابق (کيس واپس آڻڻ جو) انجام ڪيو هئو ۽ اسين ڪو غيبي (آفت) جا واقف ته ڪين هئاسين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) موٽو طرف پيءُ پنهنجي پوءِ چئو اي پيءُ اسان جا! بيشڪ پٽ تنهنجي چوري ڪيائين ۽ نه شاهدي ڏني سون مگر ان جي جيڪو ڄاڻون پيا ۽ نه هئاسون واسطي غيب جي حفاظت ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهين پنهنجي پيءُ وٽ موٽي وڃو پوءِ چئو ته اي اسان جا پيءٌ! بيشڪ تنهنجي پٽ چوري ڪئي. ۽ جيڪي اسان ڄاتو تنهن جي ئي اسان شاهدي ڏني.۽ اسين ڳجهه جي علم جا ياد رکندڙ نه هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پنهنجي پيءُ وٽ موٽي وڃو پوءِ چئوس ته: ”اي اسان جا پيءُ بيشڪ تنهنجي پُٽ چوري ڪئي. (سو اهو گرفتار ٿي ويو) ۽ اسان فقط ان جي شاهدي ڏني هئي جيڪي اسان ڄاتو هيو ۽ اسان غيب جا نگهبان نه هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽو پنهنجي مائٽ ڏي، پوءِ چئو ته اَباجان!، تُنهنجي پٽ چورِي ڪئـِي، ۽ ساک اسان کي ڪانه، مگر جو معلوم ٿيو، اسان کي عيان، ۽ پَرپُٺ پاسبان، هرگز هُئاسون ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين بابي ڏي وڃو ۽ چئوس ته بابا! تنهنجي پٽ چوري ڪئي ۽ اسين اهو ئي ٿا چئون، جيڪا خبر اٿئون، باقي غيب ته اسين نٿا ڄاڻون! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان وڃي پيءُ کي چئو ته "ابا تنهنجي پٽ چوري ڪئي آهي، اسان هن کي چوري ڪندي نه ڏٺو آهي، جيڪي اسانکي معلوم ٿيو آهي سو ٿا ٻڌايون ۽ اسان غيب جي چوڪسي ڪندڙ ته نه هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان واپس وڃي پنهنجي پيءُ کي چئو ته، بابا سائين! توهان جي پٽ چوري ڪئي آهي، اسان کيس چوري ڪندي نه ڏٺو جيڪي ڪجهه اسان کي معلوم ٿيو اهو بيان پيا ڪريون، اسان ڳُجهه جي حفاظت ڪندڙ نه هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بس!) توھان سڀ بابا سائين ڏانھن موٽي وڃو ۽ کيس چئو ته بابا سائين! تنھنجي پُٽ (بن يامين) چوري ڪئي آھي، اسان کيس چوري ڪندي نه ڏٺو آھي پر جيڪو اسان کي معلوم ٿيو آھي اھوئي بيان ڪريون ٿا، باقي اندر جي ڳالھ جا اسان ذميدار نه آھيون.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَسـَٔلِ القَريَةَ الَّتى كُنّا فيها وَالعيرَ الَّتى أَقبَلنا فيها وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 82) |
۽ جنھن ڳوٺ ۾ ھواسون انھي کان ۽ جنھن قافلي ۾ آياسون تنھن کان پُڇا ڪر، اسين ضرور سچا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (هي به کيس چئي ڏجو ته) توهان انهي شهر جي ماڻهن کان پڇا ڪيو جتي اسان رهيا هئاسين، پڻ انهيءَ قافلي جي ماڻهن کان پڇا ڪيو جنهن ۾ اسان آيا آهيون. اسان (پنهنجي بيان ۾) بلڪل سچا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ان ڳوٺاڻن کان پڇو جنهن ڳوٺ ۾ اسين هئاسين ۽ ان قافلي وارن کان پڇو جيڪي مصر مان اناج کڻي آيا آهن ۽ بيشڪ اسين (ان ڳالهه ۾) سچا آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهين ان شخص (مصر) جي ماڻهن کان جتي اسين هئاسين معلوم ڪريو پڻ ان قافلي (وارن کان) به جنهن ۾ اسين آيا آهيون (پڇو) ۽ اسين بلڪل سچا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پڇا ڪر ڳوٺ کان جو هئا سون ان ۾ ۽ قافلي کي جو آيا آهيون ان ۾ ۽ بيشڪ اسين البته سچا آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن ڳوٺ ۾ هئاسون ان کان ۽ جنهن قافلي ۾ آيا آهيون تنهن کان پڇا ڪر ۽ اسين سچا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ڳوٺ (وارن) کان پڇا ڪر جنهن ۾ اسان هئاسين ۽ ان قافلي (وارن) کان (پڇي ڏس) جنهن ۾ اسان آيا آهيون ۽ بيشڪ اسان سچا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڳالھ پُڇ، تِنهن ڳوٺ کان، جِنهن ۾ هُئاسِين، يا قافلي قَطار کان، جِنهن ۾ آياسِين، ۽ آهيون سَچا اَسين، بلڪل اِن بَيان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون کڻي انهن کي پڇي ڏس، جنهن ڳوٺ ۾ هئاسين، ۽ جنهن قافلي سان ويا هئاسون ۽ اسان بلڪل سچ ٿا چئون_“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون ان ڳوٺ جي ماڻهن کان پڇي ڏس، جتي اسان هئاسون، انهيءَ قافلي کان به پڇا ڪر، جنهن سان گڏجي آيا آهيون. اسان بلڪل سچا آهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پڇي ڏسو انهيءَ بستيءَ جي ماڻهن کان، جتي اسان هئاسين ۽ ان قافلي کان پڇو جنهن سان گڏ اسان آيا آهيون، ۽ اسين پنهنجي بيان ۾ بلڪل سچا آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان ان شھر وارن کان به پڇي سگهو ٿا جتي ھي واقعو پيش آيو ۽ ان قافلي وارن کان به جنھن سان اسان گڏ ھئاسون. بيشڪ اسان سچ ڳالھايون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ بَل سَوَّلَت لَكُم أَنفُسُكُم أَمرًا فَصَبرٌ جَميلٌ عَسَى اللَّهُ أَن يَأتِيَنى بِهِم جَميعًا إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 83) |
(يعقوب) چيو ته (نه!) بلڪ اوھان جي نفس اوھان لاءِ (ڪا) ڳالھ ٺاھي آھي، تنھنڪري چڱو صبر ڪرڻ (منھنجو ڪم) آھي، اميد آھي ته الله انھن سڀني کي مون وٽ آڻيندو، ڇوته اُھو ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڀائرن ائين ڪيو ۽ ڪنعان ۾ اچڻ سان اهي سڀ ڳالهيون پيءُ کي ٻڌايائون) هن (ٻڌي) چيو ته نه، هيءَ اهڙي ڳالهه آهي جا اوهان جي نفس اوهان کي سمجهائي آهي (۽ سچي ڪري ڏيکاري آهي، پر بن يامين هرگز چوري ڪانه ڪئي آهي.) خير! منهنجي لاءِ ته صبر کان سواءِ ٻيو چاروئي ڪونهي، صبر ته اهڙو جو سهڻو صبر هجي. الله (جي فضل) کان پري ناهي ته هو (ڪنهن ڏينهن) انهن سڀني کي گڏ مون وٽ آڻي ڪڍي. اهو آهي جو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) يعقوب فرمايو ڳالهه در اصل هِي آهي ته توهان اهو منصوبو دليان تيار ڪيو آهي، پوءِ (منهنجو) صبر بهتر آهي، مون کي الله ۾ اميد آهي ته مون کي منهنجا ٽَئِي پٽ ملائيندو، بيشڪ اهو الله خوب ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نيٺ) جڏهن انهن وڃي ڳالھ ڪئي ته) يعقوب چيو (هن چوري ڪا نه ڪئي آهي) پر اها ڳالھ اوهان پاڻ بڻائي آهي ته (خير!) صبر سٺو آهي. (مون کي) خدا ۾ اميد آهي ته سڀني (پٽن) کي مون وٽ رسائي. بيشڪ اهو ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته بلڪ سينگاريو اوهان لاءِ نفسن اوهان جي امر کي پوءِ صبر سهڻو آهي ويجهو آهي جو الله آڻي مون وٽ انهن سڀني کي بيشڪ اهو ئي گهڻو ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يعقوب چيو ته (نه) پر اوهان جي نفسن اوهان کي هڪ ڳالهه چڱي ڪري ڏيکاري آهي. پوءِ صبر ڪرڻ چڱو آهي. مَنَ الله انهن سڀني کي مون وٽ آڻي. بيشڪ اهو ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (يعقوب) چيو: ”بلڪه اوهان پنهنجي طرفان ڳالهه ٺاهي آهي. هاڻي صبر ئي سهڻو آهي. من الله انهن سڀني کي مون وٽ آڻي. بيشڪ اُهو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي“. (يعني الله جي هر ڪم ۾ حڪمت آهي)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاٻوهِيائـِين پاڻ، ته جائـِي جِيَنِ اوهان جي، صُورت ۾ سينگاريو، ڪو ڪم اوهان جي ڪاڻ، پوءِ صبر آهي سُهڻو، هر حالت ۾ هاڻ، آسرو اَلله ۾، ته مون وٽ، سڀ آڻيندو ساڻ، سوئـِي سُرت سُڄاڻ، پڻ حِڪمتِي هُشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ته ”اهو اوهان دليؤن ٺاهه ٺاهيو آهي، بس مون لاءِ صبر چڱو آهي ۽ الله لاءِ ته آسان آهي، جو هو سڀني کي مون سان ملائي، بيشڪ اهو ڄاڻندڙ، ڏاهپ وارو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (يعقوب اهو قصو ٻڌي) چيو: "دراصل توهانجي نفس توهان لاءِ وري به هڪ وڏيءَ ڳالهه کي آسان ڪري ڇڏيو. پوءِ صبر ڪرڻ ئي چڱو آهي، اميد آهي الله ۾، ته هو سڀئي آڻي مون سان ملائيندو. هو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ سندس سڀ ڪم حڪمت تي ٻڌل آهن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پيءُ اهو داستان ٻڌي چيو، اصل ۾ توهان جي نفس هڪ ٻي ڳالهه کي آسان ڪيو، چڱو ان تي به چڱيءَ طرح صبر ڪندس، اميد آهي ته الله انهن سڀني کي آڻي مون سان ملائي، اهو ئي سڀڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ ان جا سڀ ڪم حڪمت تي ٻڌل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڀائر ڳوٺ پھتا ۽ بابا سائينءَ کي سڄو احوال ٻڌايو) يعقوب ($) چيو ته توھان جي نفس توھان جي لاءِ ھڪ ٻي ڳالھ کي آسان ڪري ڇڏيو آهي. تنهنڪري صبر ڪرڻ ئي بھتر آھي، ٿي سگهي ٿو ته اللھ تعالى انهن سڀني کي وري اچي مون سان ملائي، بيشڪ ھو وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰأَسَفىٰ عَلىٰ يوسُفَ وَابيَضَّت عَيناهُ مِنَ الحُزنِ فَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 84) |
۽ کانئن مُنھن موڙيائين ۽ چيائين مون کي يُوسف لاءِ افسوس آھي ۽ سندس ٻئي اکيون ڏک کان اڇيون ٿيون پوءِ اُھو ڏک ڀريل ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هن (يعني حضرت يعقوب) انهن ماڻهن کان منهن ڦيرائي ڇڏيو ۽ (جيئن ته هن نئين زخم اڳيئن زخم کي تازو ڪري وڌو تنهن ڪري) پڪار ڪيائين ته هاءِ يوسف جي فراق جو درد! ۽ غم جي شدت سبب (روئندي روئندي) سندس اکيون سفيد ٿي ويون ۽ سندس سينو غم سان ٽمٽار ٿي ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) يعقوب سڀني کان منهن ڦيرايو ۽ چوڻ لڳو هاءِ ! مون کي يوسف جي جدائي تي نهايت افسوس آهي ۽ انهي صدمي جي ڪري (حضرت) يعقوب جون ٻئي اکيون سفيد ٿي ويون پوءِ پاڻ ڏُکويل هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ يعقوب انهن کان منهن ڦيري ڇڏيو ۽ (روئي) چوڻ لڳو هاءِ افسوس يوسف تي ۽ (ايترو ته رنو جو) اکيون ان غم کان اڇيون ٿي پيس، اهو وڏو ڏک سهڻ وارو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ منهن ڦيرايائين انهن کان ۽ چيائين اي افسوس آهي يوسف (جي جدائيءَ) تي ۽ سفيد ٿيون ٻه اکيون ان جون غم جي ڪري پوءِ اهو ڏک کائيندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن کان منهن موڙيائين ۽ چيائين ته افسوس! مون کي يوسف جو غم آهي. ۽ ان جون ٻئي اکيون غم کان اڇيون ٿيون. پوءِ اهو ڏک ڀريل هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کان مُنهن موڙيائين ۽ چيائين: ”هاءِ يوسف!“ ۽ غم کان سندس اکيون اڇيون ٿي ويون پوءِ اُهو غم کي اندر ۾ کائيندڙ هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُنهن موڙيئـِين اُنهن ڪنان، چي، يُوسف جو ارمان!، اَڇاٿِيا اَرمان کان، اُن جا، عينَ عيان، هُئو سو حيران، ڳِڙڪائـِيندڙ ڳَـڻـتِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کانئن منهن ڦيرائي چيائين ”هاءِ يوسف!“ ۽ روئندي اکيون اڇيون ٿي ويس! ۽ هو غم کي پي رهيو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ هو انهن کي پٺي ڏئي ويهي رهيو ۽ چوڻ لڳو: "هاءِ يوسف". هو اندر ئي اندر ۾ پيو ڏک ۾ جــُـهرندو رهيو ۽ سندس اکيون اڇيون ٿي ويون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هو انهن کان منهن مَٽي ويهي رهيو ۽ چوڻ لڳو، هاءِ يوسف. هو دل ئي دل ۾ غم کان ڳري رهيو هو ۽ اڇيون ٿي ويون هيون سندس اکيون، هو غم ۾ بنهه ڀريل هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اھو چئي) ھو پنھنجي پٽن کان منھن ڦيري ويھي رھيو ۽ (ٿڌو ساهه ڀري) چيائين ته مون کي يوسف جو وڏو ڏک آھي ۽ غم کان سندس اکيون ڏسڻ کان لاچار ٿي ويون ۽ ڏک کان اندر ئي اندر ۾ ڳرندو پيو وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا تَاللَّهِ تَفتَؤُا۟ تَذكُرُ يوسُفَ حَتّىٰ تَكونَ حَرَضًا أَو تَكونَ مِنَ الهٰلِكينَ (آيت : 85) |
(۽ سندس گھراڻي وارن) چيو ته الله جو قسم آھي ته تون سدائين يوسف کي ساريندو آھين جيسين بيمار ٿئين يا مري وڃين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پيءُ جو هي حال ڏسي پٽ) چوڻ لڳا ته، والله! تون هميشه يوسف جي يادگيريءَ ۾ لڳو رهندين تان جو (انهيءَ غم ۾) ڳري ڪنڊا ٿي وڃين يا مري وڃين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پٽن چيو توهان ته هميشه يوسف کي ياد پيا ڪريو ايستائين جو توهان قريب الموت ٿيندا يا توهان فوت ٿي ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو ڏسي سندس پٽ) چوڻ لڳا، اوهين ته هميشه يوسف کي ايستائين ياد ڪندا رهندو جو يا ته بيمار ٿيو يا جان تان هٿ کڻندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته قسم آهي الله جو ته هميشہ آهين تون جو ياد ڪرين پيو يوسف کي تان جو ٿي پوين بيمار يا ٿي پوين وفات ڪندڙ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته الله جو قسم! تون هميشة يوسف کي ياد ڪندين تانجو بيمار پئجي رهندين يا مري ويندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”الله جو قسم تون هميشه يوسف کي ياد ڪندو رهندين تانجو تون بيمار ٿي پئين يا فوت ٿي وڃين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، قَسم رَبَّ، ڪرِيم جو، پيو يوسف ڪرِين ياد، تان بِنہ ٿِئـِين برباد، يامُئلنِ مان مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”بابا! الله جو قسم! تون ته يوسف کي ساريندي شايد پاڻ کي ڳاري يا ماري ڇڏيندين!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پٽن چيس: "الله جو قسم! تون ته پيو ٿو يڪو يوسف کي ياد ڪرين". تانجو پاڻ کي ڳاري ڇڏيندين يا ماري ڇڏيندين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (پٽن) چيو، خدا جي واسطي! تون ته بس يوسف کي ئي ساريندو رهين ٿو، نوبت هي اچي پهتي آهي جو سندس غم ۾ پاڻ کي ڳاري ختم ڪري ڇڏيندين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پُٽن چيس ته الله تعاليٰ جو قسم! تون سدائين يوسف کي ئي ياد ڪندو رھين ٿو، لڳي ٿو ته تون ان غم ۾ پاڻ کي ڳاري يا ماري ڇڏيندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ إِنَّما أَشكوا بَثّى وَحُزنى إِلَى اللَّهِ وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 86) |
چيائين ته آءٌ پنھنجو ڏک ۽ بيقراري الله جي جناب ۾ بيان ڪندو آھيان ۽ الله جي طرف کان اھو ڄاڻندو آھيان جو اوھين نه ڄاڻندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پيءِ چيو ته، مان پنهنجي حاجت ۽ پنهنجو غم الله جي درگاهه ۾ پيش ٿو ڪيان (مان ڪو توهان جي شڪايت يا گلا ڪونه ٿو ڪيان) مون کي الله وٽان اها ڳالهه معلوم ٿي آهي جيڪا توهان کي معلوم ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) يعقوب چيو آئون پنهنجي سخت پريشاني ۽ ڏک جو فرياد الله جي دربار ۾ عرض ڪريان ٿو ۽ الله جا اهي علم ڄاڻان ٿو جيڪي توهان نٿا ڄاڻو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يعقوب چيو (آءُ اوهان کي ڪجھ نه ٿو چوان) آءُ ته پنهنجي بيقراري ۽ ڏک جي شڪايت خدا سان ئي ڪريان ٿو ۽ خدا جي پاسي کان جيڪي ڳالهيون آءُ ڄاڻان ٿو اوهين نه ٿا ڄاڻو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته هن کان سواءِ ناهي جو بيان ڪيان ٿو مصيبت پنهنجي ۽ ڏک پنهنجو الله وٽ ۽ ڄاڻان ٿو الله جي طرفان اهو جو نه ٿا ڄاڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يعقوب چيو ته آءُ پنهنجو رنج ۽ پنهنجو غم الله جي اڳيان بيان ڪريان ٿو ۽ جا ڳالهه اوهين نه ٿا ڄاڻو سا آءُ الله جي طرفان ڄاڻان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (يعقوب) چيو: ”آءٌ پنهنجي بي قراري ۽ پنهنجي غم جي فرياد الله سان ڪيان ٿو ۽ الله جي طرفان جيڪي آءٌ ڄاڻان ٿو سو اوهان نه ٿا ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، وِره، وِڇوڙو پَنهنجو، سَلان سائـِين ساڻ، ۽ اُهو نه اوهان کي ڄاڻ، جيڪِي ڄاڻان ڄاڻڻهار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”آءُ ته پنهنجو ڏک الله جي اڳيان ئي ظاهر ٿو ڪريان ۽ آءُ الله جي طرفان اهو ٿو ڄاڻان، جو اوهين نه ٿا ڄاڻو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چين: "مان پنهنجي پريشانيءَ ۽ غم جي دانهن ته رڳو الله کي ئي ڏيان ٿو ۽ الله کي جيئن مان ٿو سڃاڻان توهان نٿا سڃاڻو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيائين، آئون پنهنجي پريشاني ۽ غم جو فرياد ڪنهن ٻئي وٽ نٿو ڪريان سواءِ الله جي، ۽ جهڙيءَ طرح آئون واقف آهيان الله کان توهين نٿا ڄاڻو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يعقوب ($) چيو ته: مان پنھنجي بي قراري ۽ پنھنجو ڏکڙو اللھ تعالى جي اڳيان ئي بيان ڪريان ٿو ۽ اللھ تعالى جي طرفان جيڪو ڪجهه مان ڄاڻان ٿو اھو توھان نٿا ڄاڻو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰبَنِىَّ اذهَبوا فَتَحَسَّسوا مِن يوسُفَ وَأَخيهِ وَلا تَا۟يـَٔسوا مِن رَوحِ اللَّهِ إِنَّهُ لا يَا۟يـَٔسُ مِن رَوحِ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الكٰفِرونَ (آيت : 87) |
اي منھنجا پٽؤ وڃو ۽ يُوسف ۽ سندس ڀاءُ جي ڳولا ڪريو ۽ الله جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو، ڇوته الله جي ٻاجھ کان ڪافرن جي قوم کانسواءِ (ٻيو) ڪو (به) نا اميد نه ٿيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (وري چيائين ته) اي منهنجا فرزندؤ! (هڪ ڀيرو وري به مصر) وڃو ۽ يوسف ۽ سندس ڀاءُ جو پتو لهو. الله جي رحمت کان نااميد نه ٿيو، الله جي رحمت کان نااميد فقط اهي ماڻهو ٿين ٿا جيڪي منڪر آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي منهنجا پٽ توهان وڃي يوسف ۽ سندس ڀاءُ کي تلاش ڪريو ۽ الله تعالى جي رحمت کان نااميد نه ٿيو، بيشڪ ڪافر قوم کان سواءِ الله تعالى جي رحمت مان ڪير به نااميد نٿو ٿئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي منهنجا پٽو! هڪ دفعو وري مصر) وڃو ۽ يوسف ۽ سندس ڀاءُ کي (جيئن پوءِ تئين) ڳولي وٺي اچو ۽ خدا جي رحمت (۽ عنايت) مان سواءِ ڪافرن جي ٻيو ڪو به نااميد نه ٿيندو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي پٽ منهنجا! وڃو اوهان پوءِ جاچ ڪيو يوسف ۽ ان جي ڀاءُ جي ۽ نه نا اميد ٿيو الله جي رحمت کان بلاشڪ نه ٿا نا اميد ٿين الله جي رحمت مان مگر قوم ڪافر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي منهنجا پٽؤ! وڃو! پوءِ يوسف ۽ سندس ڀاءُ جي ڳولا ڪريو ۽ الله جي رحمت کان نااميد نه ٿيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي منهنجا پٽ! وڃو يوسف ۽ ان جي ڀاءُ جي تلاش ڪيو ۽ الله جي رحمت مان مايوس نه ٿيو. بيشڪ الله جي رحمت مان صرف اُهي مايوس ٿين ٿا جيڪي ڪافر آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پُٽڙا!، وَڃو ڳوليو، يُوسف ۽ سندسِ ڀاءُ، رَکو، نه ربَّ جِي رَحم ۾، نا اُميدِي ڪا، ربَّ پاڪ جي رَحم جِي، آهي ڳالھ اِها، ته ڪافِر قوم سوا، اَصل نه لاهِن آسرو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پٽڙؤ! وڃو ۽ يوسف ۽ ڀاڻس کي ڳولي آڻيو، الله جي رحمت کان مايوس نه ٿيو، بيشڪ الله جي رحمت کان ڪافر ئي نااميد رهن ٿا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پٽڙؤ! وڃو وڃي يوسف ۽ سندس ڀاءُ جو ڪو پتو لهو، الله جي رحمت کان نااميد نه ٿيو، سندس رحمت کان ته ڪافر ئي نااميد ٿيندا آهن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) منهنجا ٻچڙؤ! وڃي ڳوليو يوسف کي ۽ سندس ڀاءُ کي ۽ مايوس نه ٿيو الله جي رحمت کان، بيشڪ مايوس ٿيندا آهن الله جي رحمت کان فقط اهي ڪافر قوم جا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجا پٽڙو! چڱو وڃو ۽ وڃي يوسف ۽ سندس ڀاءُ (بن يامين) جي چڱيءَ طرح ڳولا ڪريو. (ياد رکو ته) اللھ تعالى جي رحمت کان مايوس نه ٿجو. بيشڪ اللھ تعالى جي رحمت کان صرف ڪافر ئي مايوس ٿيندا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا دَخَلوا عَلَيهِ قالوا يٰأَيُّهَا العَزيزُ مَسَّنا وَأَهلَنَا الضُّرُّ وَجِئنا بِبِضٰعَةٍ مُزجىٰةٍ فَأَوفِ لَنَا الكَيلَ وَتَصَدَّق عَلَينا إِنَّ اللَّهَ يَجزِى المُتَصَدِّقينَ (آيت : 88) |
پوءِ جنھن مھل يوسف وٽ آيا (تنھن مھل) چيائون ته اي عزيز اسان کي ۽ اسان جي گھر وارن کي ڏک پھتو آھي ۽ نڪمو سامان کڻي آيا آھيون پوءِ اسان کي پوري مئپ ڏي ۽ اسان کي (ڪجھ) خيرات (به) ڏي، ڇوته الله خيرات ڪندڙن کي چڱو بدلو ڏيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن (پيءُ حڪم جي تعميل ڪري اهي ماڻهو مصر پهتا ۽) يوسف وٽ ويا تڏهن (پنهنجي وري اچڻ جو سبب بيان ڪري) چيائون ته، اي عزيز! اسان ۽ اسان جي ڪٽنب جا ماڻهو تنگي ۽ سختيءَ جا ڏينهن گذاري رهيا آهيون، تنهن ڪري (مجبور ٿي اناج جي طلب ۾ وري نڪتا آهيون) اسان تمام ٿوري پونجي کڻي آيا آهيون، (اها قبول ڪر ۽ ان جي) پوري تور عنايت ڪر (يعني پئسا ٿورا وٺ، پر ان اوترو ئي ڏي) ۽ (اهو سودو واپار نه سمجهه پر) اسان کي (محتاج سمجهي) خيرات ڏي. الله تعاليٰ خيرات ڪندڙن کي ان جو وڏو اجر ٿو ڏئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ڀائر جڏهن يوسف جي دربار ۾ حاضر ٿيا، انهن چيو اي مصر جا بادشاه اسان کي ۽ اسان جي گھر وارن کي سخت تڪليف پهتي آهي ۽ اسين ٿورڙي رقم کڻي آيا آهيون، پوءِ تون اسان کي گھڻو اَنُ ڏي ۽ تون اسان تي خيرات ڪر، بيشڪ الله خيرات ڪندڙن کي ثواب عطا ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن اهي (ٻيون دفعو) يوسف وٽ آيا ته (ڏاڍين آزين سان) عرض ڪيائون ته اي عزيز! اسان کي ۽ اسان جي (سموري) قبيلي کي (ڏڪر ڪري) وڏي تڪليف ٿي رهي آهي ۽ اسين ٿوري موڙي کڻي آيا آهيون ته اسان کي ان جي عوض) پورو اناج ڏي ۽ فقط قيمت تي نه پر اسان کي پنهنجو) صدقو خيرات به ڏي! بيشڪ الله خيرات ڪندڙن کي چڱو بدلو ڏئي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن داخل ٿيا ان وٽ ته چيائون اي عزيز! پهتي اسان کي ۽ اهل اسان جي کي تڪليف ۽ آندي اسان موڙي ناقص پوءِ پوري ڪري ڏي اسان کي ماپ ۽ صدقو ڏي اسان کي بيشڪ الله (سهڻو) بدلو ڏئي ٿو صدقي ڪندڙن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇو ته الله جي رحمت کان ڪافر قوم کان سواءِ ٻيا نااميد نه ٿا ٿين. پوءِ جڏهن يوسف وٽ لنگهي آيا تڏهن چيائون ته اي عزيز! اسان کي ۽ اسان جي گهرو وارن کي تڪليف پهتي آهي ۽ اسين تو وٽ نڪمي موڙي کڻي آيا آهيون پوءِ تون اسان کي پورو ماپ ڏي ۽ اسان کي خيرات (به) ڏي! بيشڪ الله خيرات ڪندڙن کي چڱو بدلو ڏئي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن اهي (مصر ۾) يوسف وٽ داخل ٿيا چيائون: ”اي عزيز!”اسان کي ۽ اسان جي گهروارن کي (ڏڪر سبب) تڪليف پهتي آهي ۽ اسان هي ٿورڙي رقم آندي آهي پوءِ تون اسان کي (اناج) پوري تور ڏي ۽ اسان تي خيرات به ڪر. بيشڪ الله خيرات ڪندڙن کي بدلو ڏئي ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جَڏهن وَٽسِ وَرِي آيا، ته چيائون اِهڙي چال، ته راجا! رَسيو سُون رَنج وڏو، پڻ اسان جي عيال، ۽ آندو اَٿئون ٿورڙو، نُول ناڻُو نال، پوءِ ڀَر برابر اسان لئي، پڻ ڪر ڀَلايون ڀال، ڀَلو ڪري بحال، ڏاتار ڏِيندڙن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن يوسف وٽ وري آيا، چيائون ”حاڪم! اسان ۽ اسان جي مائٽن کي سخت تڪليف ٿي آهي، اسان موڙي به ردي آندي آهي، پر تون اسان کي پورو ان ڏي ۽ ڪجهه خيرات به ڏي، بيشڪ الله خيرات ڪندڙن کي چڱو بدلو ٿو ڏئي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن هو مصر وڃي يوسف آڏو حاضر ٿيا ته عرض ڪيائون ته "اي بااختيار حاڪم، اسان ۽ اسانجا ٻارٻچا سخت مصيبت ۾ آهيون، اسان تمام ٿورڙي موڙي کڻي آيا آهيون، تون اسانکي ماڻَ ڀري ڏي ۽ اسانکي خيرات طور ڏي، الله خيرات ڏيندڙن کي اجر ڏيندو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن انهن ماڻهن مصر وڃي يوسف وٽ حاضري ڏني ته انهن عرض ڪيو، اي اقتدار وارا سردار! اسين اهل و عيال سميت سخت مصيبت ۾ مبتلا آهيون ۽ اسين معمولي موڙي کڻي آيا آهيون، توهان اسان کي ڀرپور اناج عنايت ڪريو ۽ خيرات ڏيو، بيشڪ الله خيرات ڪندڙن کي سٺي جزا ڏيندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ڀائر جڏھن يوسف ($) وٽ پھتا ۽ چيائون ته: اي بادشاه! اسان ۽ اسان جا گهر وارا تمام وڏي مصيبت ۾ اچي ويا آھن. (ھن ڀيري) اسان رقم به ٿوري آندي آھي پر اسان کي اناج خيرات جي شڪل ۾ اوترو ئي ڏجانءِ (جيترو اڳ ۾ ڏيندو ھئين) بيشڪ اللھ تعالى خيرات ڪندڙن کي چڱو بدلو ڏيندو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ هَل عَلِمتُم ما فَعَلتُم بِيوسُفَ وَأَخيهِ إِذ أَنتُم جٰهِلونَ (آيت : 89) |
(يُوسف) کين چيو ته جڏھن اوھين بي سمجھ ھيؤ ته جيڪي اوھان يُوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڪيو سو ڄاتو اٿوَ؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو حال ٻڌي يوسف جي دل ڀرجي آئي ۽) چيائين ته توهان کي ياد آهي ته توهان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڪهڙي هلت ڪئي هئي، جڏهن توهان کي ڄاڻ سڃاڻ ڪانه هئي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مصر جي بادشاه (يوسف) چيو توهان کي معلوم آهي ته توهان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڇا ڪيو هو، جڏهن توهان نه ٿي سمجھا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هاڻي ته يوسف کان نه رهيو ٿيو) چيائين ته ڇا اوهان کي معلوم آهي جيڪي اوهان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو تڏهين اوهين جاهل هئا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته ڇا ڄاڻو ٿا؟ اهو جو ڪيو اوهان يوسف ۽ ان جي ڀاءُ سان جڏهن اوهان نه ڄاڻندڙ هيئو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يوسف چيو ته ڇا اوهان کي معلوم آهي جيڪي اوهان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڪيو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (يوسف) چيو: ”ڇا اوهان کي معلوم آهي ته اوهان يوسف ۽ ان جي ڀاءُ سان ڇا (سلوڪ) ڪيو هيو؟ جنهن وقت اوهان نادان هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هَيئان ڪِي هِينئـِين سان، اِها ڳُجھڙِي ڳالھ؟ يُوسُف ۽ ڀاڻِس سِين، جيڪي ڪَيئان ڪالھ، هُئا مَنجھ جِنهن حال، اَوهين مُورک مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”جڏهن اوهان کي سمجهه ڪانه هئي، تڏهن جيڪي يوسف ۽ ڀاڻس سان ڪيؤ تنهن جي ڪا خبر اٿوَ؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اهو ٻڌي يوسف پاڻ جهلي نه سگهيو ۽) چيائين: "خبر اٿوَ ته توهان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڇا ڪيو هو جڏهن توهان نادان هيؤ؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهو ٻڌي يوسف) چيو توهان کي ڪجهه معلوم به آهي ته توهان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڇا ڪيو هو جڏهن توهان بي سمجهه هئا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اھو ٻڌي) يوسف ( $ ) کان رھي نه سگهيو ۽ چيو ته: (اي خيرات گهرڻ وارو!) ڇا توھان کي ياد آھي ته توھان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان اڳ ڇا ڪري چڪا آھيو؟ جڏھن ته توھان کي (ان جي انجام جي) ڪا سمجهه نه ھئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا أَءِنَّكَ لَأَنتَ يوسُفُ قالَ أَنا۠ يوسُفُ وَهٰذا أَخى قَد مَنَّ اللَّهُ عَلَينا إِنَّهُ مَن يَتَّقِ وَيَصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 90) |
چيائون ته تون ئي پڪ يُوسف آھين ڇا؟ چيائين (ھائو) آءٌ يُوسف آھيان ۽ ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، بيشڪ الله اسان تي ٻاجھ ڪيو آھي، جيڪو پرھيز گاري ڪندو ۽ صبر ڪندو ته الله ڀلارن جو اجر نه وڃائيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هي ٻڌي ڀائر حيران ٿي ويا ۽ هاڻي عزيز جي شڪل ۽ آواز تي غور ڪري سمجهي ورتائون ۽) چيائون ته، ڇا في الحقيقت تون ئي يوسف آهين؟ يوسف چيو ته، هائو مان يوسف آهيان ۽ هي (بن يامين) منهنجو ڀاءُ آهي. تحقيق الله تعاليٰ اسان تي احسان ڪيو ۽ حقيقت هيءَ آهي ته جيڪو به برائين کان پاڻ بچائي ٿو ۽ (مصيبتن ۾) ثابت قدم رهي ٿو تنهن جي لاءِ الله تعاليٰ (پنهنجي قانون مطابق) نيڪ عملن جو اجر ڪڏهن به ضايع نٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڀائرن چيو ڇا تون، واقعي تون يوسف آهين ؟ بادشاه چيو آئون يوسف آهيان ۽ هي منهنجو سڳو ڀاءُ (بن يامين) آهي، تحقيق الله تعالى اسان تي احسان فرمايو آهي، بيشڪ جيڪو ماڻهو الله کان ڊنو ۽ ان صبر ڪيو پوءِ بيشڪ الله نيڪوڪارن جو ثواب ضايع نٿو ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تڏهن اهي ڪن هڻن لڳا) چوڻ لڳا ته ڇا! تون ئي يوسف آهين؟ يوسف چيو هاءُ! آءُ ئي يوسف آهيان ۽ هي منهنجو ڀاءُ آهي. بيشڪ مون تي خدا پنهنجو (فضل ۽ ڪرم) ڪيو ان ۾ شڪ نه آهي جو جيڪو شخص (هن کان) ڊڄي ٿو ۽ مصيبت ۾ صبر ڪري ته خدا ڪڏهين به اهڙن نيڪ بندن جو اجر نٿو وڃائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ڇا پڪ تون ئي البته يوسف آهين؟ فرمايائين ته مان يوسف آهيان ۽ هيءُ ڀاءُ منهنجو آهي تحقيق احسان ڪيو الله اسان تي بيشڪ جيڪو به تقوى ڪندو ۽ صبر ڪندو پوءِ بيشڪ الله نه ٿو ضايع ڪري اجر نيڪو ڪارن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن وقت اوهين بي سمجهه هئا. انهن چيو ته ڇا پڪ تون ئي يوسف آهين. ان چيو ته آءٌ يوسف آهيان ۽ هي منهنجو ڀاءُ آهي. الله اسان تي احسان ڪيو آهي. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪو (الله کان) ڊڄي ٿو ۽ صبر ڪري ٿو ته الله اهڙن نيڪي ڪرڻ وارن جو اجرضايع نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”ڇا واقعي تون يوسف آهين“؟ چيائين: (هائو) ”آءٌ يوسف آهيان ۽ هي منهنجو ڀاءُ (بن يامين) آهي. بيشڪ الله اسان تي احسان ڪيو. بيشڪ جيڪو الله کان ڊڄي ٿو ۽ صبر ڪري ٿو ته پوءِ بيشڪ الله نيڪوڪارن جو اجر ضايع ڪونه ٿو ڪري“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، تون ڪِ يُوسف پاڻ؟ چي، آءٌ يُوسف، هِيءُ ڀاءُ مون، اَلله پاڪ اَسان مَٿي، ڪيا وَڙ وَڏاڻ، جو ڊڄِي ۽ ڊاءِ ڌڻي جي، سَهي صَبر ساڻ، پوءِ ڏاتار، نيڪن ڏاڻ، ذَرو ضايع ڪِين ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”ڇا، سچ پچ تون ئي يوسف آهين؟“ چيائين ”هائو ۽ هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي، الله اسان تي وڏو احسان ڪيو آهي، ياد رکو! جيڪو به نيڪ ٿي صبر ڪندو، ته پوءِ الله (اهڙن) ڀلن ماڻهن جو اجر نه ٿو وڃائي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هنن ڇرڪ ڀري چيو: "هان! اهو تون ئي آهين ڇا يوسف؟" چيائين: "هائو مان يوسف آهيان ۽ هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي. الله اسان تي احسان ڪيو، حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن ڪو تقويٰ ۽ صبر کان ڪم وٺي ته الله اهڙن نيڪن جو اجر نه وڃائيندو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن حيرت مان چيو، هان! ڇا تون يوسف آهين؟ هن وراڻيو، ها آئون يوسف آهيان ۽ هي منهنجو ڀاءُ آهي. الله تعاليٰ اسان تي احسان فرمايو آهي، حقيقت ۾ ڪو ماڻهو تقويٰ ۽ صبر کان ڪم وٺي ته پوءِ الله تعاليٰ وٽ ضايع نٿو ٿئي اجر اهڙن نيڪ ماڻهن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڀائرن (ڇرڪ ڀري) چيو ته: اَلا! ڇا تون ئي يوسف آھين؟ ھن چيو ته ھائو! مان ئي يوسف آھيان ۽ ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، اللھ تعالى اسان تي احسان فرمايو آھي، بيشڪ جيڪو اللھ تعالى کان ڊڄندو ۽ صبر ڪندو آھي اللھ تعالى اھڙن نيڪوڪارن جو اجر ضايع نه ڪندو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا تَاللَّهِ لَقَد ءاثَرَكَ اللَّهُ عَلَينا وَإِن كُنّا لَخٰطِـٔينَ (آيت : 91) |
چيائون ته الله جو قسم آھي ته بيشڪ الله توکي اسان کان ڀلو ڪيو آھي ۽ بيشڪ اسين خطا ڪندڙ ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هي ٻڌي ڀائرن جو ڪنڌ شرم ۽ پشيمانيءَ کان هيٺ ٿي ويو ۽) چيائون ته قسم آهي خدا جو ته، بيشڪ الله تعاليٰ توکي اسان تي فضيلت ۽ بزرگي ڏني آهي ۽ بيشڪ اسان سراسر قصوروار هئاسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڀائرن چيو قسم آهي الله جو بيشڪ الله توکي اسان کان ڀَلو ڪيو آهي ۽ بيشڪ اسين خطادار هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هنن چيو خدا جو قسم، خدا تو کي اسان تي پڪ فضيلت عطا فرمائي آهي ۽ بيشڪ اسين پڪ ئي (پيرن کان چوٽيءَ تائين) خطا وارا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون قسم آهي الله جو ته البته تحقيق ڀلو بنايو توکي الله اسان کان ۽ بيشڪ هئا سون البته خطا ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته الله جو قسم آهي ته بيشڪ الله توکي اسان تي فضيلت ڏني آهي ۽ اسين خطا ڪندڙ هئا سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”الله جو قسم بيشڪ الله تو کي اسان تي فضيلت ڏني آهي ۽ اسان ئي خطاڪار هئاسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سائينءَ جو سوڳنڌ، توکي، اَسان کان، توڙ کان، ڪيو خاصو خُداوند، ۽ اَسِين خاطِي، هُئاسون خاطرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”الله جو قسم! بيشڪ الله توکي اسان کان ڀلو ڪيو آهي اسين ئي ڏوهاري آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن چيو: "الله جو قسم! بيشڪ توکي الله اسان تي فضيلت ڏني ۽ اسان سچ پچ گنهگار هئاسون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن چيو، خدا جو قسم! توکي فضيلت ڏني آهي الله تعاليٰ اسان تي، ۽ اسان واقعي خطاڪار هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڀائرن چيو ته الله تعاليٰ جو قسم! اللھ تعالى توکي اسان تي وڏي فضيلت بخشي آھي بيشڪ اسان ئي ڏوھي آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لا تَثريبَ عَلَيكُمُ اليَومَ يَغفِرُ اللَّهُ لَكُم وَهُوَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 92) |
(يوسف) چيو ته اڄ اوھان تي ڪا ميار نه آھي، الله اوھان کي بخشيندو، ۽ اُھو (سڀني) ٻاجھارن کان بلڪل ٻاجھارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يوسف چيو ته، اڄ جي ڏينهن (منهنجي طرفان) توهان تي ڪابه سرزنش ڪانهي (يعني مان توهان کي ڪابه ميار ڪونه ٿو ڏيان، جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي چڪو) الله تعاليٰ شال اوهان جو قصور بخشي ۽ هو سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) يوسف فرمايو اڄ توهان تي ڪابه ميار ناهي، الله توهان جي خطا معاف فرمائي، ۽ اهوئي ارحم الراحمين آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يوسف چيو هاڻي اڄ کان اوهان تي ڪا به ميار نه آهي. خدا توهان جا گناھ معاف فرمائي. اهو ته سڀ کان وڌيڪ رحيم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته: ناهي ميار اوهان تي اڄ بخشيندو الله اوهان کي ۽ اهو وڌيڪ رحم ڪندڙ آهي رحم ڪندڙن کان ((احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يوسف چيو ته اڄ اوهان تي ڪا ميار نه آهي. الله اوهان کي معاف ڪندو. ۽ اهو سڀني رحم ڪندڙن کان وڏو رحم ڪرڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”اڄ اوهان تي ڪا ميار (۽ ڪا پڪڙ) ناهي. الله اوهان کي بخشيندو ۽ اهو سڀ رحم ڪرڻ وارن کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَوهان مَٿي، ناهي ڪا، مُورهِين اَڄ مَيار، بَخشِيندان بَخشڻهار ۽ اُهو مِڙنِئان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”ٺهيو اڄ اوهان تي ڪا به ميار ڪانه آهي، شل بخشيوَ، بيشڪ اهو وڏو رحيم ۽ مهربان آهي_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن جواب ڏنو: "اڄ توهان تي ڪا ميار ڪانهي، الله شل معاف ڪريوَ، هو سڀني کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن چيو، توهان تي ڪابه ميار ناهي اڄ، (بس) الله توهان کي معاف ڪري، ۽ اهو ئي سڀني کان وڌيڪ معاف ڪندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يوسف ($) چيو ته: اڄ توھان تي ڪابه ميار نه آھي، اوھان سڀني کي اللھ تعالى معاف ڪندو، ھو سڀني رحم ڪندڙن کان به وڌيڪ رحم ڪندڙ آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اذهَبوا بِقَميصى هٰذا فَأَلقوهُ عَلىٰ وَجهِ أَبى يَأتِ بَصيرًا وَأتونى بِأَهلِكُم أَجمَعينَ (آيت : 93) |
ھي منھنجو پھراڻ نيو پوءِ اُھو منھنجي پيءُ جي مُنھن تي گھمايو ته ڏسندڙ ٿيندو، ۽ مڙئي پنھنجي گھر جا آدمي مون وٽ آڻيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هاڻي توهان هيئن ڪيو جو) منهنجي هيءَ قميص (نشانيءَ طور) پاڻ سان کڻي وڃو ۽ منهنجي پيءِ جي منهن تي وجهو ته سندس اکيون روشن ٿي پون ۽ (پوءِ) پنهنجي گهراڻي جي سڀني ماڻهن کي وٺي مون وٽ اچو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان وڃو ۽ هي منهنجي قميص کڻي منهنجي والد محترم جي منهن تي گھمايو (ته فوراً) سندس اکيون روشن ٿينديون، ۽ توهان پنهنجو سمورو خاندان مون ڏانهن وٺي اچو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي منهنجي قميص کڻي وڃو ۽ وڃي منهنجي پيءُ جي منهن تي وجهو ته اکين وارو ٿي پوندو. ۽ اوهين سڀئي پنهنجا ٻار ٻچا وٺي مون ڏي اچو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) کڻي وڃو قميص منهنجي هيءَ پوءِ وجهو ان کي منهنجي پيءُ جي منهن تي ته ايندو ڏسندڙ ٿي ۽ آڻيو مون وٽ اهل پنهنجو سمورو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هيءُ منهنجي قميص کڻي وڃو پوءِ ان کي منهنجي پيءُ جي منهن تي وجهو ته اکين وارو ٿي پوي. ۽ اوهين پنهنجي سڀني گهر وارن کي مون وٽ وٺي اچو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) منهنجي هيءَ قميص کڻي وڃو پوءِ ان کي منهنجي پيءُ جي مُنهن تي وجهو ته ڏسڻ وارو ٿي پوندو ۽ اوهان پنهنجي سڀ گهر وارن کي مون وٽ وٺي اچو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِيء ______ مُنهنجو، موٽِي نِيو مُور، پوءِاُڇليوسِ اَبي جي مُنهن تان، ته ٿِـئيسِ نظر نُور، ۽ آڻِيو وَٽمِ اَهڳور!، پَنهنجي ساري ساٿ کي. 301(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هيءَ منهنجي قميص کڻي وڃي بابي جي اکين تي گهمايو، ته سندس نظر ٿي پوندي ۽ پنهنجي سڀني ڀاتين کي مون وٽ آڻيو“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منهنجي هيءَ قميص کڻي وڃو، پوءِ ابي جي منهن تي لڳايو، هو وري سڄو ٿي پوندو ۽ پنهنجو سمورو ڪٽنب مون وٽ وٺي اچو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) کڻي وڃو منهنجي هيءَ قميس ۽ منهنجي والد جي منهن تي رکو، سندس نظر موٽي ايندي ۽ وٺي اچو پنهنجي اهل و عيال کي مون وٽ سمورو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي منهنجي قميص کڻي وڃو اھا منھنجي بابا سائين جي چھري (مبارڪ) تي رکو ته سندس اکيون روشن ٿي وينديون، پوءِ سموري خاندان کي ھيڏانھن وٺي اچو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا فَصَلَتِ العيرُ قالَ أَبوهُم إِنّى لَأَجِدُ ريحَ يوسُفَ لَولا أَن تُفَنِّدونِ (آيت : 94) |
۽ جنھن مھل قافلو (مصر مان) نڪتو (ته) سندن پيءُ چيو ته جيڪڏھن (اوھين) مون کي ڀورڙو نه ڄاڻو ته مون کي يُوسف جي بوءِ اچي ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ وري جڏهن (اهي ڀائر يوسف جي حڪم موجب قميص کڻي روانا ٿيا ۽) قافلي مصر جو ملڪ ڇڏيو تڏهن (هوڏي ڪنعان ۾) سندن پيءُ چوڻ لڳو ته، جيڪڏهن توهان ماڻهو هيئن نه چئو ته، پوڙهائي سبب منهنجو عقل کسجي ويوي آهي، ته مان چئي ڏيندس ته مون کي يوسف جي خوشبوءِ اچي رهي آهي (۽ مون کي ان ڳالهه جو يقين آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اهو قافلو (مصر مان ڪنعان ڏانهن) روانو ٿيو ته (حضرت) يعقوب چيو ته بيشڪ آئون يوسف جي خوشبوءِ محسوس ڪريان ٿو، جيڪڏهن توهان مون کي ڪم عقل نٿا سمجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيئن ئي قافلو مصر کان هليو ته انهن جي والد (يعقوب) چيو هئو ته اوهين جيڪڏهن مون کي ڀورڙو نه سمجهو ته (هڪ ڳالھ چوان؟ اها هيءَ ته) مون کي يوسف جي بوءِ اچي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن جدا ٿيو قافلو (مصر کان) ته چيو پيء انهن جي بيشڪ مان محسوس ڪري رهيو آهيان خوشبوءِ يوسف جي کي جيڪڏهن ناقص العقل نه سمجهو مون کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن قافلو (مصر کان) هليو تڏهن سندن پيءُ (ڪنعان ۾ ) چيو ته سچ پچ مون کي يوسف جي بوءِ اچي ٿي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن قافلو (مصر کان) روانو ٿيو ته سندن پيءُ (ڪنعان ۾ ويـٺي) چيو ته: ”بيشڪ آءٌ يوسف جي خوشبوءِ محسوس ڪيان ٿو. جي اوهان مون کي بي وقوف نه سمجهو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن نِڪتو قَافلُو، ته بابنِ ڪيو بَيان، بيئسڪ بوءِ يوسف جِي، اچيم ٿي عيان، جيڪر اي جوان!، مون کي، چَريو ائـِين نه چَئو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن قافلو موٽيو ته سندن پيءُ چوڻ لڳو ”جي مون کي چريو نه سمجهو، مون کي يوسف جي بوءِ اچي رهي آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن اهو قافلو (مصر کان) روانو ٿيو ته سندن پيءُ (ڪنعان ۾) چيو: "مونکي يوسف جي خوشبوءِ ٿي اچي، پوءِ کڻي توهان مونکي پـِـيريءَ جي ڪري مــَـت کسيل ئي سمجهو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن هي قافلو (مصر مان) روانو ٿيو، ته انهن جي پيءُ چيو ڪنعان ۾، مون کي خوشبو اچي پئي يوسف جي، توهان متان چئو ته آئون سودائي ٿي ويو آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن قافلو (مصر کان) ھليو ته ھوڏانھن سندن بابا سائين (ڳوٺ ۾ موجود پنهنجي گهر جي ڀاتين کي) چيو ته جيڪڏھن توھان مون کي سودائي قسم جو ماڻهو نه سمجهو ته حقيقت ھي آھي ته مون کي يوسف ($) جي خوشبو محسوس ٿي رھي آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا تَاللَّهِ إِنَّكَ لَفى ضَلٰلِكَ القَديمِ (آيت : 95) |
چيائون ته الله جو قسم ته تون اڳئين ويساري ۾ آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ٻڌندڙن) چيو ته، والله تون ته اڃا تائين پنهنجي پراڻي غلطيءَ ۾ غلطان آهي. (يعني يوسف جو ته نالو نشان به ڪونه رهيو ۽ تون وري سندس موٽي ملڻ جا خواب لهي رهيو آهين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (پوٽن) چيو قسم آهي الله جو بيشڪ توهان (پراڻي) محبت ۾ مبتلا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهي (قبيلي وارا، پوٽا ۽ ٻيا) چوڻ لڳا ته خدا جو قسم آهي ته بيشڪ تون پنهنجي پراڻي (خيال) محبت ۾ مبتلا آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته قسم آهي الله جو ته بيشڪ تون البته پنهنجي پراڻيءَ محبت ۾ آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن مون کي ڀورڙو نه سمجهو. انهن چيو ته الله جو قسم آهي ته بيشڪ تون پنهنجي پراڻي غلطيءَ ۾ آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”الله جو قسم بيشڪ تون پنهنجي پراڻي محبت ۾ گم آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائون قسم ڪلتار، تون بلڪل پُراڻِيءَ ڀل ۾، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”الله جو قسم! تون اڃا پراڻيءَ غلطيءَ ۾ آهين!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) گهروارن چيس: "الله جو قسم! تون ته اڃان تائين پنهنجي اڳوڻي سوداءَ ۾ ئي پيل آهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) گهر جي ڀاتين چيس، خدا جو قسم! توهان اڃا تائين پراڻي سوداءَ ۾ پيل آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) گهر ۾ موجود ڀاتين چيو ته الله تعاليٰ جو قسم! تون اڃا پراڻي سوداءَ ۾ ئي مبتلا آھين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا أَن جاءَ البَشيرُ أَلقىٰهُ عَلىٰ وَجهِهِ فَارتَدَّ بَصيرًا قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 96) |
جنھن مھل خوشخبري ڏيندڙ آيو ته سندس مُنھن تي اھو (پھراڻ) گھمايائين ته موٽي ڏسندڙ ٿيو، چيائين ته اوھان کي نه چيو ھوم ڇا، ته آءٌ الله جي پار کان اھو ڄاڻندو آھيان جو اوھين نه ڄاڻندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر پوءِ جڏهن (قافلي ڪنعان ۾ پهچي ويو ۽) خوشخبري ٻڌائيندڙ (ڊوڙندو ڊوڙندو) آيو، هن (اچڻ شرط) يوسف جي قميص يعقوب جي چهري تي وڌي ته سندس اکيون وري روشن ٿي پيون، تڏهن حضرت يعقوب فرمايو ته، مون اوهان کي چيو ڪين هو ته مون کي الله تعاليٰ کان اها ڳالهه معلوم ٿي آهي جا توهان نٿا ڄاڻو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن خوشخبري ڏيندڙ آيو ته ان (حضرت) يوسف جي قميص (حضرت) يعقوب جي منهن تي گھمائي ته (حضرت) يعقوب جي نظر موٽي آئي، يعقوب چيو ڇا مون توهان کي نه چيو هو ته بيشڪ آئون الله کان اهي علم ڄاڻان ٿو جيڪي توهان نٿا ڄاڻو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن يوسف جي خوشخبري ڏيڻ وارو آيو تڏهن ان اها قميص سندس منهن تي وڌي پوءِ هو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. تڏهن يعقوب (پٽن کي) چيو ڇا مون اوهان کي نه چيو هو ته جيڪا ڳالھ اوهين نه ٿا ڄاڻو سا آءُ خدا جي طرفان ڄاڻان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن آيو بشارت ڏيندڙ ته وڌائين ان کي منهن ان جي تي پوءِ موٽي ٿيو ڏسندڙ فرمايائين ته ڇا نه چيو هو مون اوهان کي؟ ته بيشڪ مان ڄاڻان ٿو الله جي طرفان اهو جو اوهان نه ٿا ڄاڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن خوشخبري ڏيندڙ آيو تڏهن ان اها (قميص) ان جي منهن تي وڌي پوءِ هو وري ڏسڻ واسڻ لڳو. چوڻ لڳو ته ڇا مون اوهان کي نه چيو هو ته جيڪا ڳالهه اوهين نه ٿا ڄاڻو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن خوشخبري ڏيندڙ آيو ته اُها (قميص) سندس چهري تي وڌائين ته ڏسڻ وارو ٿي پيو. چيائين: ”ڇا مون اوهان کي نه چيو هيو ته آءٌ الله جي طرفان اُهو ڄاڻان ٿو جيڪي اوهان نه ٿا ڄاڻو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِجَڏهن کِيانتو آئيو، کَڻِي خبر چار، پوءِ اَڇلئـِينس اُن جي، مُنهن تان، ته ٿيو نِهارو نروار، چي، آنکي ڇا اڳم، ٻوليمِ ڪِين ٻِيهار؟ ته پاران پالڻهار، جيڪي ڄاڻان، ڄاڻو ڪِين سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن مبارڪ ڏيندڙ آيو ۽ يوسف جي قميص سندس اکين تي گهمايائين ته چٽيون ٿي پيون، چيائين، ”ڇا، مون اوهان کي نه چيو هو، ته آءُ الله جي طرف کان اهو ٿو ڄاڻان، جو اوهين نٿا ڄاڻو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن خوشخبري آڻيندڙ اچي ويو ته هن اها قميص ان (يعقوب) جي منهن تي کڻي وڌي ۽ پوءِ سندس نظر موٽي آئي، تڏهن چيائين: "مان توهانکي نه پئي چيو ته مان الله وٽان اهو ٿو ڄاڻان جيڪو توهان نٿا ڄاڻو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جڏهن اچي ويو خوشخبري ڏيندڙ، ته يوسف جي قميص يعقوب جي منهن تي رکي ته (واقعي) موٽي آئي. ان جي نظر، تڏهن هن چيو ته، آئون توهان کي نه چوندو هئس ته آئون اهو ڪجهه ڄاڻان ٿو الله جي طرفان، جيڪو توهان نٿا ڄاڻو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏھن خوشخبري آڻيندڙ اُتي آيو ته ھُن (اھا قميص) بابا سائين جي چھري مبارڪ تي رکي ته سندس نظر موٽي آئي ۽ چيائين ته ڇا مان توھان کي نه چيو ھو ته مان جيڪا ڳالھ اللھ تعالى جي طرفان ڄاڻان ٿو سا توھان نٿا ڄاڻو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا يٰأَبانَا استَغفِر لَنا ذُنوبَنا إِنّا كُنّا خٰطِـٔينَ (آيت : 97) |
چيائون ته اي اسان جا ابا اسان لاءِ اسان جي گناھن جي بخشش گھُر اسين بيشڪ گنھگار آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (ڀائر شرم ۽ پشيمانيءَ ۾ ٻڏي) چوڻ لڳا ته، اي اسان جا بابا! اسان جي گناهن جي مغفرت لاءِ (الله جي حضور ۾) دعا ڪر، بيشڪ اسان سراسر خطاوار هئاسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو اي اسان جا والد تون اسان جي گناهن جي بخشش (الله کان) طلب ڪر، بيشڪ اسين خطادار آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن عرض ڪيو ته اي بابا! اسان لاءِ اسان جي گناهن جي (خدا جي بارگاھ مان) معافي گهر! بيشڪ اسين (ڏاڍا) گنهگار آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته اي پيءُ اسان جا! مغفرت وٺي ڏي اسان کي گناهن اسان جن جي بيشڪ اسين هياسون خطا ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سا آءُ الله جي طرفان ڄاڻان ٿو. انهن چيو ته اي اسان جا پيءُ! اسان لاءِ اسان جي گناهن جي معافي گهر! بيشڪ اسين غلطي ڪندڙ هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اي اسان جا پيءُ! اسان لاءِ اسان جي گناهن جي معافي گُهر بيشڪ اسان ئي خطاڪار هئاسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، بابا!بَخشاءِ اَسان جا، تون بَديون ۽ بار، هُئاسون هَموار، خاطِي اَسِين خاطرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”بابا! اسان جي گناهن جي بخشش گهر! اسين بيشڪ گنهگار هئاسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سڀئي چوڻ لڳا: "ابا تون اسانجي گناهن جي بخشش لاءِ دعا گهر، برابر اسان ڏوهي هئاسون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (سڀني) چيو، بابا سائين! دعا گهرو اسان سڀني جي گناهن جي بخشش جي لاءِ، واقعي اسين گنهگار هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پُٽن چيو ته بابا سائين! تون اسان جي گناھن جي معافي لاءِ دعا گهر. بيشڪ اسان ئي ڏوھي ھئاسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ سَوفَ أَستَغفِرُ لَكُم رَبّى إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 98) |
(يعقوب) چيو ته آءٌ سِگھو اوھان لاءِ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرندس، ڇوته اُھو ئي بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پيءِ چيو ته، اهو وقت پري ناهي جڏهن مان پنهنجي پروردگار کان اوهان جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندس، هو وڏو بخشيندڙ ۽ وڏي رحمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) يعقوب چيو عنقريب آئون توهان لاءِ پنهنجي رب کان بخشش طلب ڪندس، بيشڪ اهوئي غفور رحيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يعقوب چين ته آءُ اوهان لاءِ جلد ئي پنهنجي پروردگار کان معافي گهرندس. بيشڪ اهو ئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته جلد مغفرت گهرندس اوهان لاءِ رب پنهنجي کان بيشڪ اهو ئي بخشڻهار مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته آءُ اوهان لاءِ پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهرندس. بيشڪ اهو ئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (يعقوب) چيو: ”جلد اوهان لاءِ پنهنجي پالڻهار کان بخشش گهرندس. بيشڪ اُهو بخشڻهار ٻاجهارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سِگھو گُھرندسِ سائـِين کان، مَعافِي آن لئي مُور، هرگز پاڪ حُضور، اُومَرهِيندڙ ۽ مِهرڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ته ”آءُ جلد ئي پنهنجي رب کان دعا گهرندس، بيشڪ هو بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چيو: "مان ضرور پنهنجي رب کي توهان جي بخشش لاءِ ٻاڏائيندس، هو ڏاڍو غفور رحيم آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيائين، آئون توهان جي بخشش خاطر دعا گهرندس پنهنجي رب کان، اهو ئي وڏو بخشڻهار مهربان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يعقوب ($) چيو ته مان پنھنجي پالڻھار کان توھان جي معافي لاءِ دعا ضرور گهرندس، بيشڪ ھو وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا دَخَلوا عَلىٰ يوسُفَ ءاوىٰ إِلَيهِ أَبَوَيهِ وَقالَ ادخُلوا مِصرَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ (آيت : 99) |
جنھن مھل يُوسف وٽ پُھتا (ته اُن وقت) پنھنجي ماءُ پيءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏنائين ۽ چيائين جيڪڏھن الله گھريو ته مصر ۾ بي ڀوا ٿي گِھڙو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن (حضرت يعقوب سندس بي بي ۽ سندس پٽ ٻين ماڻهن سميت حضرت يوسف جي خواهش مطابق ڪنعان کان روانا ٿيا ۽ مصر واري شهر جي ٻاهران) يوسف سان مليا تڏهن هن پنهنجي پيءُ ۽ (ويڳي) ماءُ کي (عزت سان) پنهنجي پاسي ۾ جاءِ ڏني ۽ چيو ته، هاڻي شهر ۾ هلو. خدا گهريو آهي ته توهان جي لاءِ هر طرح جي سلامتي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن اهي (سڀئي) يوسف وٽ پهتا ته يوسف پنهنجي پيءُ ماءُ کي پاڻ سان ويهاريو ۽ چيو ته جيڪڏهن الله چاهيو ته توهان مصر ۾ امن وارا ٿي داخل ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نيٺ) جڏهن وري اهي ماڻهو (يعقوب سميت) هليا ۽ يوسف (کين) شهر کان ٻاهر وٺڻ آيو ته جڏهن اهي ماڻهو يوسف وٽ پهتا يوسف پنهنجي پيءُ ماءُ کي پاڻ سان وٺي (کين) چيو ته هاڻي انشاءَ الله وڏيءَ دلجاءِ سان مصر هلو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن داخل ٿيا يوسف وٽ ته جاءِ ڏنائين پاڻ وٽ پيءُ ماءُ پنهنجن کي ۽ چيائين ته داخل ٿيو مصر ۾ جيڪڏهن گهريو الله امن وارا ٿيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن يوسف وٽ لنگهي آيا تڏهن پنهنجي ماءُ پيءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏنائين ۽ چيائين ته جيڪڏهن الله گهريو آهي ته مصر ۾ امن سان داخل ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن (سڀ گهراڻي وارا) يوسف وٽ داخل ٿيا ته پنهنجي ماءُ پيءُ کي پاڻ وٽ (معزز ترين) جاءِ ڏنائين ۽ چيائين ته:”هلو شهر ۾ داخل ٿيو جيڪڏهن الله گهريو ته شهر ۾ امن سان رهندئو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ يُوسُف وَٽ جِنهن وار،ساٿ سلامت آئـِيو، گوهر گَلي لايا، پِيَسِ، ساڻ پيار، چي، گِھڙو مِصر ۾ اَمن سان، اِنشاءَ الله هارِ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن يوسف وٽ پهتا، تڏهن هن ماءُ پيءُ کي پاڻ سان گڏ ويهاري چيو ته ”جي الله گهريو ته هاڻي مصر ۾ امن سان رهو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن اُهي يوسف وٽ پهتا ته هن پنهنجي پيءُ ماءُ کي پاڻ سان گڏ ويهاريو ۽ پنهنجي سڄي ڪٽنب وارن کي چيائين ته "هاڻي هلو شهر ۾، الله گهريو ته امن ۽ آرام سان رهندؤ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن اهي ماڻهو پهتا يوسف وٽ ته هن پنهنجي والدين کي پاڻ سان گڏ ويهاريو ۽ ڪٽنب وارن کي چيائين، هاڻي شهر ۾ هلو، الله گهريو ته امن ۽ سڪون سان رهندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يوسف ($) شھر کان ٻاھر نڪري سندن استقبال لاءِ بيٺو پوءِ جڏھن ھو سڀ يوسف ($) وٽ پھتا ته ھن پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ کي پاڻ سان گڏ ويھاريو ۽ چيو ته توھان سڀ مصر شھر ۾ داخل ٿيو. ان شاءَ اللھ تعالى توھان سڀ ھتي سڪون سان رھندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَرَفَعَ أَبَوَيهِ عَلَى العَرشِ وَخَرّوا لَهُ سُجَّدًا وَقالَ يٰأَبَتِ هٰذا تَأويلُ رُءيٰىَ مِن قَبلُ قَد جَعَلَها رَبّى حَقًّا وَقَد أَحسَنَ بى إِذ أَخرَجَنى مِنَ السِّجنِ وَجاءَ بِكُم مِنَ البَدوِ مِن بَعدِ أَن نَزَغَ الشَّيطٰنُ بَينى وَبَينَ إِخوَتى إِنَّ رَبّى لَطيفٌ لِما يَشاءُ إِنَّهُ هُوَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 100) |
۽ پنھنجي ماءُ پيءُ کي تخت تي وھاريائين ۽ اُھي ڏانھس سجدو ڪندي ڪريا، ۽ (يُوسف) چيو ته اي منھنجا ابا ھيءُ منھنجي اڳين خوابن جو تعبير آھي، بيشڪ منھنجي پالڻھار ان کي سچو ڪيو، ۽ (الله) مون سان تڏھن بيشڪ احسان ڪيو جڏھن مون کي قيد مان ٻاھر ڪڍيائين ۽ منھنجي ۽ منھنجي ڀائرن جي وچ ۾ شيطان جھيڙو وڌو تنھن کانپوءِ اوھان کي ٻھراڙيءَ کان (شھر) ۾ آندائين، ڇوته منھنجو پالڻھار جنھن لاءِ وڻيس تنھن تي احسان ڪندڙ آھي، سچ آھي ته اُھو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (جڏهن شهر ۾ داخل ٿيا تڏهن) هن پنهنجي ماءُ پيءُ کي تخت تي مٿي وهاريو ۽ (ڏسو ان وقت ڇا ٿيو جو) سڀ سندس اڳيان سجدي ۾ ڪري پيا (۽ مصر جي دستور مطابق هن جي عهدي جي تعظيم بجا آندائون) ان وقت (کيس پنهنجي ننڍپڻ وارو خواب ياد آيو ۽ بي اختيار) پڪاري چيائين ته، اي بابا! هي آهي تعبير انهيءَ خواب جو، جيڪو گهڻي مدت اڳي مون ڏٺو هو. منهنجي پروردگار ان کي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو. هي سندس ئي احسان آهي جو مون کي قيد مان ٻاهر ڪڍيائين، توهان سڀني کي بيابان مان ڪڍي مون وٽ پهچايائين، ۽ هي سڀ ڪجهه هن واقعي کان پوءِ ٿيو، جو شيطان منهنجي ۽ منهنجي ڀائرن جي وچ ۾ اختلاف وجهي ڇڏيو هو. بيشڪ منهنجو پروردگار انهن ڳالهين جي لاءِ جي ڪرڻ چاهي ته بهترين تدبير ڪندڙ آهي. بيشڪ اهوئي آهي جو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ (۽ پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) يوسف پنهنجي پيءُ ماءُ کي پنهنجي تخت تي ويهاريو ۽ انهن سڀني (حضرت) يوسف کي (تعظيمي) سجدو ڪيو، ۽ (حضرت) يوسف چيو اي منهنجا بابا هيءُ منهنجي پهرين خواب جو تعبير آهي جنهنکي منهنجي رب سچو ڪري ڏيکاريو، ۽ بيشڪ مون تي الله احسان فرمايو جو مون کي قيد مان ٻاهر ڪڍيو، ۽ توهان کي ٻهراڙيءَ مان (شهر ۾) آندو، ان کان پوءِ جو منهنجي ۽ منهنجي ڀائرن جي وچ ۾ شيطان نااتفاقي پيدا ڪئي، بيشڪ منهنجو رب جنهن ڳالهه کي چاهي آسان ڪري ڇڏي ٿو، بيشڪ اهو ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آخر (اتي پهچي) يوسف پنهنجي پيءُ ماءُ کي تخت تي وهاريو ۽ سڀئي يوسف جي ادب جي لاءِ سندس سامهون سجدي ۾ ڪري پيا. (تنهن وقت) يوسف چيو اي بابا! هي تعبير آهي انهيءَ پهرين خواب جو، منهنجي پروردگار ان کي سچو ڪيو. بيشڪ هن مون تي احسان ڪيو جڏهن مون کي هن قيد مان ڪڍيو ۽ جيتوڻيڪ مون ۾ ۽ منهنجي ڀائرن ۾ شيطان ٻيائي وڌي هئي، تنهن کان پوءِ به اوهان ماڻهن کي ڳوٺ (ڪنعان) مان (مصر شهر) ۾ آندو ۽ مون سان (ملايو) بيشڪ منهنجو پرودگار جيڪو ڪرڻ چاهي ٿو تنهنجي تدبير چڱي طرح ڄاڻي ٿو. بيشڪ اهو ئي سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بلند وهاريائين پيءُ ماءُ پنهنجن کي تخت تي ۽ ڪري پيا ان لاءِ سجدو ڪندڙ ۽ چيائين ته اي پيءُ منهنجا! هيءُ منهنجي اڳ ۾ ڏٺل خواب جو تعبير آهي تحقيق بنايو ان کي رب منهنجي سچو ۽ تحقيق احسان ڪيائين مون سان جڏهن ڪڍيائين مون کي جيل مان ۽ آندائين اوهان کي ٻهراڙيءَ مان ان کان پوءِ جو جهيڙو وڌو شيطان مون ۾ ۽ ڀائرن منهنجن ۾ بيشڪ رب منهنجو مهربان آهي جنهن لاءِ گهري بيشڪ اهو ئي ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ کي تخت تي وهاريائين ۽ سڀئي يوسف جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پيا. ۽ ان چيو ته اي منهنجا پيءٌ! هيءَ منهنجي اڳئين خواب جو تعبير آهي، بيشڪ منهنجي پاليندڙ ان کي سچو ڪيو. ۽ مون تي احسان ڪيائين جڏهن مون کي قيدخاني مان ڪڍيائين. ۽ منهنجي وچ ۾ ۽ منهنجن ڀائرن جي وچ ۾ شيطان جهڳڙو وجهي چڪو هو، ان کان پوءِ اوهان کي ٻهراڙيءَ کان (هت شهر ۾ ) آندائين.بيشڪ منهنجو پاليندڙ جيڪي گهري ٿو سو تدبير سان ڪري ٿو. بيشڪ اهو ئي (سڀ ڪجهه)ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ کي کڻي تخت تي ويهاريائين ۽ اهي سڀ (يوسف) لاءِ سجدي ۾ ڪري پيا ۽ چيائين: ”اي منهنجا پيءُ! هي منهنجي اڳئين خواب جو تعبير آهي، بيشڪ منهنجي پروردگار ان کي سچو ڪيو. ۽ بيشڪ مون سان احسان ڪيائين جڏهن مون کي جيل مان ڪڍيائين ۽ اوهان سڀني کي ٻهراڙي مان (شهر ۾) آندائين ان کان پوءِ جو شيطان منهنجي ۽ منهنجي ڀائرن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪيو هيو. بيشڪ منهنجو پالڻهار جيڪو چاهي ان لاءِ بهترين تدبير ڪرڻ وارو آهي. بيشڪ اُهو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ گڏ وهاريئـِين گادِيء تي، مائـِٽ سَندسِ موچار، ۽ ڪِريا برقرار، سَڀ ٿِي سَلامِي اُن جا. چي، اَبا! سوڻمِ، اڳـئين جو، آهي اِي تعبير، سچو ڪيو تِنهن کي، سانيمِ، ربَّ سُڌير، ۽ قيدان ڪَڍيمِ قَدِير، جڏهن ڀلي مون تي ڀال ڪيا. آن کي آندو ٻَهر کان، مَنجھ مِصر مِهربان، جِنهن بعد، مون ۽ ڀائن ۾، شور وِڌو شيطان، وَڻيسِ تِنهن سان، وَڙ ڪري، سانيمِ رَبُّ سُبحان، داناءُ، سودَيَّان، پڻ حِڪمتي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن کين تخت تي ويهاريو ۽ انهن کي تعظيم ڪندي ڪنڌ جهڪايو! يوسف چيو ”بابا! هي منهنجي اڳوڻي خواب جو تعبير آهي! جنهن کي منهنجي رب سچو ڪري ڏيکاريو آهي ۽ مون کي قيد مان ڪڍي مون تي بيشڪ احسان ڪيو اٿس، منهنجي ڀائرن جي وچ ۾ شيطان اختلاف وڌو، پوءِ اوهان کي ٻهراڙي مان آندائين، بيشڪ منهنجو ڌڻي جنهن لاءِ گهري چڱي رٿ ڪندڙ آهي_ ۽ اهو وڏي ڏاهپ وارو ۽ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (شهر ۾ پهچڻ کان بعد) پنهنجي پيءُ ماءُ کي مٿي چاڙهي پاڻ سان گڏ تخت تي ويهاريائين ۽ سڀني بي اختيار ٿي سندس آڏو جهڪي سجدو ڪيو، يوسف چيو: "ابا اهو آهي تعبير منهنجي ان خواب جو جيڪو مان اڳ ڏٺو هو. منهنجي پالڻهار ان کي سچو ڪيو. انهيءَ جو احسان آهي، جو ان مونکي قيد مان ڪڍيو ۽ توهانکي ٻهراڙيءَ مان هت آندو حالانڪه شيطان ته منهنجي ۽ منهنجي ڀائرن جي وچ ۾ ڏڦيڙ وجهي چڪو هو، حقيقت اها آهي ته منهنجو رب اڻ لکي انداز ۾ پنهنجي مشيت پوري ڪندو آهي، بيشڪ هو ڏاڍو ڄاڻندڙ وڏو داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (شهر ۾ داخل ٿيڻ بعد) هن پنهنجي والدين کي پاڻ سان تخت تي ويهاريو ته سڀ سندس آڏو سجدي ۾ پيا. يوسف چيو! بابا سائين! هي تعبير آهي منهنجي ان خواب جو، جيڪو اڳي مون ڏٺو هو، منهنجي رب ان کي حقيقت بنايو، ان جو احسان آهي جو هن مون کي قيد مان ڪڍيو ۽ توهان کي ٻهراڙيءَ مان آڻي مون سان (هت) ملايو، جڏهن ته فساد وجهي چڪو هو شيطان منهنجي ۽ منهنجي ڀائرن جي وچ ۾، بيشڪ منهنجو رب غير محسوس تدبيرن سان پنهنجي مرضي پوري ڪندو آهي، بيشڪ اهو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھن پنھنجي ماءُ پيءُ (يعني چنڊ ۽ سج) کي تخت تي ويھاريو ۽ (يارنھن ڀائرن يعني يارنھن ستارن سميت) سڀني جهڪي کيس سجدو ڪيو، ھاڻي يوسف ($) چيو ته بابا سائين! اھا تعبير آھي ان خواب جي، جيڪو مون اڳ (ننڍپڻ) ۾ ڏٺو ھو، جنھن کي منھنجي پالڻھار اڄ سچو ڪري ڏيکاريو ۽ منھنجي پالڻھار مون تي وڏا احسان ڪيا آهن. ھڪ ته مون کي قيد مان ڪڍيو. ٻيو ته توھان سڀني کي ٻھراڙيءَ مان ھتي آندو، حالانڪ شيطان منھنجي ۽ منھنجي ڀائرن جي وچ ۾ فساد وجهي چڪو ھو. بيشڪ منھنجو پالڻھار جو گهرندو آھي تنھن کي انتھائي غير محسوس طريقي سان پورو ڪندو آھي. بيشڪ اھوئي وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبِّ قَد ءاتَيتَنى مِنَ المُلكِ وَعَلَّمتَنى مِن تَأويلِ الأَحاديثِ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنتَ وَلِيّۦ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ تَوَفَّنى مُسلِمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 101) |
(يُوسف چيو ته) اي منھنجا پالڻھار بيشڪ مون کي بادشاھي ڏني اٿئي ۽ مون کي خوابن جو تعبير سيکاريو اٿئي، اي آسمانن ۽ زمين جا بڻائيندڙ، تون دُنيا ۽ آخرت ۾ منھنجو وارث آھين، مون کي مسلمان ڪري مار ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ يوسف دعا گهري ته) اها منهنجا پرورگار! تو مون کي حڪومت عطا فرمائي ۽ ڳالهين جو مطلب ۽ نتيجو ڪڍڻ سيکاريو. اي آسمانن ۽ زمين جي بنائڻ وارا! تون ئي منهنجو ڪارساز آهين. دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به. تون (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) ائين ڪجانءِ جو دنيا مان لاڏاڻو ڪيان ته تنهنجي فرمابرداريءَ جي حالت ۾ ڪيان ۽ انهن ماڻهن ۾ داخل ٿيان جيڪي تنهنجا نيڪ ٻانها آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي منهنجا رب تحقيق تو مون کي مصر جي بادشاهي عطا ڪئي ۽ تو مون کي خوابن جو تعبير سيکاريو، تون آسمانن ۽ زمينن جو پيدا ڪندڙ آهين، تون منهنجو دنيا ۽ آخرت ۾ مددگار آهين، تون مون کي مسلمان ڪري مار ۽ تون مون کي پنهنجي صالح بندن سان ملاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تنهن کان پوءِ يوسف دعا گهري ته) پالڻهار! تون مون کي ملڪ به عطا فرمايو ۽ مون کي خواب جو تعبير به سيکاريو. (اي) آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪندڙ! تون دنيا ۽ آخرت ۾ منهنجو سرپرست ۽ مالڪ آهين. مون کي (دنيا مان) اسلام تي کڻ ۽ مون کي نيڪن سان شامل ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي منهنجا ربّ! تحقيق ڏني تو مون کي بادشاهي ۽ سيکاريئي مون کي تعبير خوابن جو (اي) ٺاهيندڙ آسمان جا ۽ زمين جا! تون ئي ڪارساز منهنجو آهين دنيا ۾ ۽ آخرت ۾ وفات ڪراءِ مون کي مسلمان ڪري ۽ شامل ڪر مون کي صالحن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي منهنجا پاليندڙ بيشڪ تو مون کي حڪومت ڏني ۽ تو مون کي ڳالهين جو تعبير (مطلب بيان ڪرڻ) سيکاريو. اي آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪندڙ! تون دُنيا ۽ آخرت ۾ منهنجو ڪارساز آهين. مون کي اسلام تي مار ۽ مون کي نيڪن سان ملاءِ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ تو مون کي بادشاهت ڏني ۽ تو مون کي ڳالهين جي حقيقت (خوابن جي تعبير) سيکاري. اي آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ وارا! تون دنيا ۽ آخرت ۾ منهنجو ڪارساز آهين. مون کي اسلام تي وفات ڏي ۽ مون کي صالحن سان ملاءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُنهنجا مولىٰ!، مُلڪ مان، تو دانا ڏِنمِ دان، پڻ سيکارينَمِ سُوڻن جا، مَطلب مِهربان، تون اُپائيندڙ اُڀن جو، پڻ ڀُؤنء جو بي گمان، تون مددگار مُنهنجو، مَنجھ هِن ۽ هُن جھان، مارجينمِ مُسلمان، پڻ موچارن سان مٖيڙ مُون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي رب! بيشڪ تو مون کي بادشاهي عطا ڪئي آهي ۽ مون کي خوابن جو تعبير به سيکاريئي، آسمانن، زمين جا مالڪ! تون ئي دنيا ۽ آخرت ۾ منهنجو مددگار آهي، مون کي مسلمان ڪري مارج ۽ نيڪن سان گڏج!.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منهنجا رب! تو مونکي حڪومت ڏني ۽ ڳالهين جي مطلب لهڻ جو علم ڏنو، اي آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ، تون ئي دنيا ۽ آخرت ۾ منهنجو ڪارساز آهين، منهنجو خاتمو اسلام تي ڪر ۽ مونکي صالحن ۾ شامل ڪر" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي رب سائين! تو مون کي حڪومت بخشي ۽ مون کي ڳالهين جي تهه تائين پهچڻ سيکاريو، اي خالق آسمانن ۽ زمين جا! تون ئي منهنجو سرپرست آهين دنيا ۽ آخرت ۾، منهنجو خاتمو اسلام تي ڪر ۽ مون کي شامل ڪر نيڪن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجا پالڻھار! توئي مون کي بادشاھت عطا ڪئي ۽ ڳالھين جي اصل حقيقت تائين پھچڻ به توئي سيکاريو. بيشڪ تون ئي آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آھين، دنيا ۽ آخرت ۾ تون ئي منھنجو معاملو ٺاهيندڙ آھين، مون کي مسلمان جي حيثيت ۾ وفات ڏجانءِ ۽ نيڪ ماڻهن ۾ شامل ڪجانءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ أَجمَعوا أَمرَهُم وَهُم يَمكُرونَ (آيت : 102) |
(اي پيغمبر) اھو (قصو) ڳُجھين خبرن مان آھي جو تو ڏانھن وحي ڪريون ٿا، انھن جڏھن فريب ڪندڙ ٿي پنھنجي ڪم جو پڪو ارادو ڪيائون تڏھن تون وٽن ڪونه ھئين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هيءَ غيب جي خبرن مان هڪ خبر آهي، جيڪا توکي وحي جي رستي ٻڌائي اٿئون، نه ته (ظاهر آهي ته) جنهن وقت يوسف جا ڀائر گڏجي سازش ۽ منصوبو ٺاهي رهيا هئا ۽ مخفي رٿون رٿي رهيا هئا تنهن وقت تون انهن وٽ ڪونه بيٺو هئين (جو سڀ ڪجهه ڏسي ٻڌي وٺين ها).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي غيب جون خبرون آهن جيڪي اسان رسولِ عربيءَ ڏانهن وحي ڪيون آهن ۽ توهان (بظاهر) انهن وٽ موجود نه هئا جڏهن انهن (يوسف لاءِ) منصوبه بندي ڪئي ۽ اهي فريب ڪري رهيا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) اهو قصو غيب جي خبرن مان آهي جنهن کي اسين تو ڏي وحي ڪريون ٿا. (تو کي معلوم ٿئي ٿو نه ته) جنهن وقت يوسف جا ڀائر پاڻ ۾ پنهنجي ڳالھ جي صلاح ڪري رهيا هئا ۽ (کيس مارڻ جو) مشورو ڪري رهيا هئا تون انهن وٽ موجود ڪين هئين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو خبرن غيب جي مان آهي وحي ڪيون ٿا ان کي توڏانهن ۽ نه هئين تون انهن وٽ جڏهن متفق ٿي ڪيائون ڪم پنهنجو حالانڪ اهي ٿا فريب ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو (قصو) غيب جي خبرن مان آهي جنهنجو اسين توڏي وحي ڪريون ٿا. ۽ تون انهن وٽ نه هئين جنهن وقت انهن پنهنجي ڪم جو پڪو ارادو ڪيو هو ۽ انهن فريب ٿي ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو (قصو) غيب جي خبرن مان آهي جنهن کي تو ڏانهن وحي ڪيون ٿا. ۽ تون انهن (يوسف جي ڀائرن) وٽ نه هئين جنهن وقت اُهي پنهنجي سازشي تدبير تي گڏ ٿيا ۽ اُهي فريب ڪري رهيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهي ڳالهيون ڳُجھ جون، توڏي موڪليون ٿا مير! ۽ جڏهن ڪَٺي ٿيا، سَندنِ ڪم تي، نه هُئين وَٽنِ تون وير!، ۽ جڏهن سِٽينَ منجھ سرِير، سِٽائون سِٽائـِڻيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي نبي! اهي غيب جون خبرون آهن، جي تو ڏي وحي ڪري موڪليل آهن، انهن جڏهن دل ۾ فريب رکي ڪجهه ڪرڻ ٿي گهريو، تڏهن تون انهن وٽ ڪونه هئين! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! هيءُ قصو غيب جي خبرن منجهان آهي، جيڪي اسان توتي وحي ڪري رهيا آهيون، نه ته تون ته انهن وٽ موجود نه هئين، جڏهن يوسف جي ڀائرن پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪري ســِـٽ ســِـٽي هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) هي قصو غيب جي خبرن مان آهي جيڪو اسان توتي وحي پيا ڪريون، ۽ نه تون ان وقت موجود هئين جڏهن يوسف جي ڀائرن ٻَڌي ڪري پاڻ ۾ سازش ڪئي هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ) ھي ھيون غيب جون خبرون، جيڪي اسان توکي وحي جي ذريعي ٻڌايون. جڏھن (يوسف جا ڀائر) گڏجي سازش ڪري رھيا ھئا، بھرحال تون ان وقت موجود نه ھئين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَكثَرُ النّاسِ وَلَو حَرَصتَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 103) |
۽ (اي پيغمبر) جيتوڻيڪ حرص ڪرين ته به گھڻا ماڻھو ايمان آڻيندڙ نه آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر! هيءَ ڳالهه به ياد رک ته) اڪثر ماڻهن جو حال هي آهي جو تون ڪيترو به چاهين (۽ ڪيترا به دليل پيش ڪرين ته به) هو ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ڪيترو به چاهيو تڏهن به گھڻا ماڻهو ايمان نه آڻيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪيترو به گهرين پر گهڻا ماڻهو ايمان آڻڻ وارا آهن ئي ڪين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ گهڻا ماڻهو جيتوڻيڪ تو حرص ڪيو مؤمن ناهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ توڙي تون ڪيترو ئي گهرين (ته به) گهڻا ماڻهو يقين ڪرڻ وارا نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اڪثر ماڻهو ايمان آڻڻ وارا نه آهن توڙي جو تون (ڪيتري به ) خواهش ڪرين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهون گھڻامورهِين، نه آڻيندا ايمان، ۽ توڻِي خواهش خان!، ڪرِين تون ڪيترِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان ڪيترو به حرص رکو ته به گهڻا ماڻهو ايمان نه آڻيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر تون کڻي ڪيترو به پاڻ پتوڙين انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر تون ڪيترو به گُهرين انهن مان گهڻا ماڻهو مڃڻ وارا ئي نه آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) گهڻا ماڻهو تنھنجي چاھڻ سان به ايمان ڪونه آڻيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما تَسـَٔلُهُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 104) |
۽ (تون) اُن (قرآن جي پُھچائڻ) تي کانئن ڪو اُجورو نه گھرندو آھين، اُھو (قرآن) جھانن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حالانڪ هنن کان هن ڳالهه جي لاءِ ڪابه مزوري نٿو گهرين. هي (جيڪي تون ماڻهن کي ٻڌائين ٿو سو ته) سڄي جهان لاءِ عمدو پيغام ۽ نصيحت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان انهن کان ڪو اجورو طلب نٿا ڪريو، هيءُ قرآن ته سڀني جهانن وارن لاءِ نصيحت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هوڏانهن تون انهن کان (تبليغ رسالت جو) ڪو به اجورو نٿو گهرين ۽ هي (قرآن) ته سموري جهان جي لاءِ نصيحت (ئي نصيحت) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿو گهرين تون ان تي ڪو اجورو ناهي اهو مگر نصيحت واسطي جهانن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هوڏانهن تون انهن کان ان تي ڪو عيوضو نه ٿو گهرين. اهو جهان وارن لاءِ نصيحت کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حالانڪه تون ان (تبليغ) تي انهن کان ڪو معاوضو نه ٿو گهرين. اهو (قرآن) ٻيو ڪجهه ناهي مگر جهان وارن لاءِ نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُنهن کان عِوض اُن جو، نه مير! مڱِين تون مُور، هِيء ناهي، مگر مَذڪُور، جُملي جَھانن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون هن قرآن جي عيوض کانئن ڪو اجورو ڪو نه ٿو گهرين، هو ته جهانن جي لاءِ نصيحت ئي آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حالانڪه تون ته کانئن ڪو اجورو به ڪونه ٿو گهرينِ. اها ته هڪڙي نصيحت آهي، جيڪا دنيا جي سڀني ماڻهن لاءِ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ته (تون) کانئن نٿو گهرين ان خدمت تي ڪو اجر. هي ته هڪ اهڙي نصيحت آهي جيڪا دنيا وارن لاءِ عام آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون انهن کان سمجهائڻ جو ڪو معاوضو به ته نٿو گهرين، ھي (قرآن) ته تمام جھانن وارن لاءِ ھڪ نصيحت آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَأَيِّن مِن ءايَةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَمُرّونَ عَلَيها وَهُم عَنها مُعرِضونَ (آيت : 105) |
۽ ڪيتريون ئي نشانيون آسمانن ۽ زمين ۾ آھن جن تان لنگھندا آھن ۽ اُھي (ڏِسي ڪري) اُنھن (تي ڌيان ڏيڻ) کان مُنھن موڙيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) آسمانن ۽ زمين ۾ (الله جي قدرت ۽ حڪمت جون) ڪيتريون ئي نشانيون آهن جن وٽان ماڻهو لنهگن ٿا ۽ اکيون کڻي ڏسن به نٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آسمانن ۽ زمينن ۾ ڪيتريون ئي الله جون نشانيون آهن جن جي مٿان اهي (ڪافر) گذرن ٿا پر اهي انهن جا انڪاري آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ آسمانن ۽ زمينن ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيتريون ئي نشانيون آهن جن کي اهي ماڻهو (رات ڏينهن) ڏسندا رهندا آهن ۽ (وري) ان کان منهن ڦيريندا رهندا اهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيتريون نشانيون آهن آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جو لنگهن ٿا انهن کان ۽ اهي انهن کان منهن موڙيندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن جن تان انهن جو گذرڻ ٿئي ٿو ۽ اهي انهن کان منهن موڙيندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن جن تان اهي گذرندا رهن ٿا ۽ اهي انهن کان مُنهن موڙيندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهن اَڀن، ۽ ڀُون ۾، ڪئين قُدرتون ڪَلتار، آڏي ڪَنڌ اُن کان، لنگِھينِ لڳا تار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن ۽ زمين ۾ قدرت جون ڪيتريون ئي نشانيون آهن، جن وٽان هو هميشه منهن ڦيرائي ٿا لنگهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون موجود آهن، جن وٽان اهي ماڻهو لنگهندا به رهن ٿا، پر منهن موڙيندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيتريون ئي نشانيون آهن آسمانن ۽ زمين ۾، جن تان اهي ماڻهو لنگهندا رهندا آهن پر ذرو به توجهه نٿا ڏين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (مڪي جا ماڻهو توهان کان نشانيون گهرن ٿا بيشڪ) آسمانن ۽ زمين ۾ ڪيتريون ئي نشانيون موجود آھن، جتان ھي ماڻهو گذرندا رھن ٿا پر پوءِ به انهن نشانين کان ڪن لاٽار ڪري ھليا ويندا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما يُؤمِنُ أَكثَرُهُم بِاللَّهِ إِلّا وَهُم مُشرِكونَ (آيت : 106) |
۽ منجھانئن گھڻا الله تي ايمان نه آڻيندا آھن پر اُھي (الله سان) شريڪ بڻائيندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن مان گهڻن ماڻهن جو حال هي آهي جو الله تي ايمان آڻين ٿا ته هن حال ۾ آڻين ٿا جو ان سان گڏ شريڪ به ٺهرايا وڃن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن مان گھڻا اهڙا آهن جيڪي الله تي ايمان نٿا آڻن ۽ اهي مشرڪ آهن،(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ گهڻن جي ته هيءَ حالت آهي جو اهي خدا تي ته ايمان نه ٿا آڻين پر شرڪ ڪندا رهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿا ايمان آڻين گهڻا انهن مان الله تي مگر حالانڪ اهي شرڪ ڪندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن مان گهڻا الله تي رڳو هن حال ۾ ايمان آڻين ٿا جو اُهي (ان سان ٻين کي) شريڪ ڪندڙ (به) آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن مان گھڻا ماڻهو الله تي ايمان رکڻ جي باوجود به شرڪ ڪرڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُنهن مان، گھڻااَلله ۾، نه آڻِين اِعتبار، مَگر مَنجھ ڪم ڪار، گھڻا گڏينِ، اُن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن مان ڪيترائي الله تي ايمان نٿا آڻين ۽ ان ساڻ ٻين کي ڀائيوار ٿا بنائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن مان گهڻا ته الله کي به مڃن ٿا، پر ائين جو ساڻس گڏ ٻين کي به شريڪ ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن مان مڃين ٿا گهڻا الله کي پر ان سان گڏ ٻين ڪيترن کي شريڪ به ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڪن لاٽار ڪرڻ وارن ۾) اڪثريت انهن ماڻهن جي آھي، جيڪي اللھ تعالى کي مڃيندا به آھن پر وري ان سان گڏ ٻين کي شريڪ به ڪري وٺندا آھن. (يعني اهي مشرڪ آهن)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَأَمِنوا أَن تَأتِيَهُم غٰشِيَةٌ مِن عَذابِ اللَّهِ أَو تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 107) |
(اُھي) الله جي عذاب مان پاڻ وٽ ڇِپ اچڻ کان يا قيامت جي اوچتي اچڻ کان بي ڀَوَا ٿيا آھن ڇا؟ جو اُھي نه ڄاڻندا ھُجن؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا اهي ماڻهو هن ڳالهه کان پاڻ کي سلامت ٿا سمجهن ته الله جي عذاب مان ڪا آفت مٿن اچي وڃي ۽ ڇانئجي وڃي؟ يا اوچتو ئي اوچتو قيامت اچي وڃي ۽ هو بي خبريءَ ۾ پيا هجن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي الله جي اوچتي عذاب کان امن وارا آهن، يا اهي امن وارا آهن قيامت جي اوچتي اچڻ کان، ۽ اهي نٿا سمجھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا کين ان ڳالھ جو ڊپ ڪونهي ته ڪو الله جو عذاب مٿن اچي پوي جو کين وڪوڙي وڃي يا مٿن اوچتو قيامت ئي اچي وڃي ۽ کين خبر به نه پوي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ امن وارا ٿيا؟ هن کان جو اچي انهن وٽ ڇانئجي ويندڙ الله جو عذاب يا اچي انهن وٽ قيامت اوچتو ۽ اهي نه ٿا خبر رکن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ کين هن ڳالهه کان ڊپ ڪونهي ته ڪا الله جي عذاب مان ڍڪڻ واري (آفت) مٿن اچي پوي يا (حساب جي) گهڙي مٿن اوچتي اچي ۽ انهن کي خبر به نه پوي.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ اهي هن کان بي خوف ٿي ويا؟ جو انهن تي الله جي عذاب جي ڇانئجي وڃڻ واري آفت اچي وڃي يا انهن تي اوچتو (قيامت جي) گھڙي اچي وڃي ۽ کين خبر به نه هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ اَمن مِليئان ان کان، ته اچي اوهان سر، اَلله جي عذاب ما، ڪا ڇايا ڇِپَ چَپر، يا پَروڙيو نه ڪِنهن پر، ته اچي قِيامَت اوچتِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو الله جي عذاب جي ڇپ ڪرڻ يا سندن بيخبريءَ ۾ قيامت جي اوچتو اچڻ کان بي ڊپا ٿيا آهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڀلا اهي اهڙا بي ڊپا ٿي ويا آهن ڇا ته الله جي عذاب واري آفت کين اچي سوگهو نه ڪندي يا وري سندن بي خبريءَ ۾ قيامت جي گهڙي اوچتو ئي اوچتو اچي مٿن نه ڪڙڪندي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي مطمئن آهن ته کين سوگهو نه اچي ڪندو ڪو عذاب الله جي طرفان يا بي خبريءَ ۾ قيامت جي گهڙي مٿن اوچتي اچي نه ويندي ۽ کين خبر به نه پوندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا ھي ماڻهو اللھ تعالى جي عذاب جي وڪڙ ۾ اچڻ ۽ اچانڪ قيامت برپا ٿيڻ کان لاپرواهه ٿيا ويٺا آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل هٰذِهِ سَبيلى أَدعوا إِلَى اللَّهِ عَلىٰ بَصيرَةٍ أَنا۠ وَمَنِ اتَّبَعَنى وَسُبحٰنَ اللَّهِ وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 108) |
(اي پيغمبر) چؤ ته ھيءُ منھنجي واٽ آھي پڌري حُجّت سان الله ڏانھن سڏيان ٿو آءٌ ۽ منھنجا تابعدار به (سڏيندا آھن)، ۽ الله پاڪ آھي ۽ مان مشرڪن مان نه آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته منهنجي واٽ ته هيءَ آهي جو مان انهيءَ روشنيءَ جي مدار تي جا منهنجي سامهون آهي الله جي طرف (ماڻهن کي) سڏيان ٿو ۽ (انهيءَ راهه ۾) جن ماڻهن منهنجي پٺيان قدم کنيو آهي، سي به (ساڳيءَ طرح خدا جي طرف ماڻهن کي) سڏين ٿا ۽ پاڪائي هجي الله جي لاءِ. مان شرڪ ڪرڻ وارن مان ڪونه آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو منهنجو هي رستو آهي آئون (توهان کي) الله ڏانهن سڏيان ٿو،آئون ۽ منهنجا تابعدار صاف دليل تي آهيون، ۽ آئون الله جي پاڪائي بيان ڪريان ٿو ۽ آئون مشرڪن مان ناهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) انهن کي چئو! ته منهنجو طريقو ته هي آهي جو آءُ (ماڻهن کي) خدا جي پاسي سڏيان ٿو. آءُ ۽ منهنجو تابع (ٻئي ڄڻا) پڪي (پختي) دليل تي آهيون. ۽ خدا (هر عيب ۽ نقص کان پاڪ صاف آهي ۽ آءُ مشرڪن مان نه آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته هيءُ رستو منهنجو آهي سڏيان ٿو مان الله ڏانهن دليل تي آهيان مان ۽ جيڪي تابع ٿيا منهنجا ۽ پاڪائي آهي الله جي ۽ ناهيان مان مشرڪن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول کين) چو ته هيءُ منهنجو رستو آهي. آءُ سمجهه سان الله ڏي سڏيان ٿو ۽ منهنجا تابعدار به. ۽ الله پاڪ آهي ۽ آءٌ شريڪ ڪندڙن مان نه آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته هيءَ منهنجي واٽ آهي آءٌ الله ڏانهن سڏيان ٿو پوري سوچ سمجهه تي آهيان آءٌ ۽ جنهن به منهنجي پيروي ڪئي. ۽ الله پاڪ آهي ۽ آءٌ شرڪ ڪرڻ وارن مان نه آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو هِي ڌُران مُنهنجو ڌيڙ، ڏيٺ مَٿي، ڏاتار ڏي، آءٌ سَڏيان ۽ مُنهنجي پُٺيان، هليو جيڪو ميڙ، ۽ قادِر پاڪ، ڪنان ڪٖيڙ، ۽ آئون نَه مُشرڪن مان مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته هيءَ منهنجي واٽ آهي، جنهن ڏي الله کان آيل چٽي دليل سان آءُ ۽ منهنجا تابعدار سڏيون ٿا ۽ الله، پاڪ آهي، آءُ ان سان ٻئي کي ڀائيوار بنائيندڙ نه آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) صاف طرح چئي ڇڏين ته "منهنجو رستو ته هيءُ آهي، مان الله ڏانهن سڏيان ٿو. مان پاڻ به روشنيءَ ۾ پنهنجو رستو چٽو ڏسي رهيو آهيان ۽ جيڪي منهنجي پٺيان هلن ٿا، اهي به ۽ الله جي ذات پاڪ آهي ۽ شرڪ ڪندڙن سان منهنجو ڪوبه واسطو ناهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تون کين صاف چئي ڏي ته، منهنجو رستو هي آهي ته آئون سڏيان ٿو الله ڏي، آئون پاڻ ڏسي رهيو آهيان روشني ۾ پنهنجي راهه ۽ منهنجا ساٿي پڻ، ۽ پاڪ آهي الله ۽ منهنجو ڪوبه واسطو نه آهي شرڪ ڪندڙن سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!کين) ٻڌائي ڇڏيو ته ھي منھنجو رستو آھي، مان ته (صرف) اللھ تعالى ڏانھن ئي ماڻهن کي سڏيان ٿو، مان ۽ منھنجا مڃيندڙ به عقلمندي واري رستي تي آھن، اللھ تعالى جي ذات پاڪ آھي ۽ مان مشرڪن ۾ شامل نه آھيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم مِن أَهلِ القُرىٰ أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَدارُ الءاخِرَةِ خَيرٌ لِلَّذينَ اتَّقَوا أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 109) |
۽ (اي پيغمبر) اسان توکان اڳ شھر وارن مان مڙسن کانسواءِ ٻيو ڪونه موڪليوسون جن ڏانھن وحي ڪيوسون، پوءِ ڇونه زمين ۾ گھمي ڏسندا آھن ته جيڪي کانئن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي؟ ۽ آخرت جو گھر انھن لاءِ ڀلو آھي جيڪي ڊڄندا آھن، پوءِ ڇونه ڄاڻندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳي اسان ڪنهن به رسول کي نه موڪليو آهي، پر هن طرح جو هو شهر جي رهاڪن مان هڪڙو ماڻهو هو ۽ اسان مٿس وحي نازل ڪيو هو (ائين ڪڏهن ڪونه ٿيو جو آسمان مان فرشتا لٿا هجن). پوءِ ڇا هي ماڻهو (جيڪي تنهنجي رسول هئڻ تي عجب کائي رهيا آهن) سي زمين تي گهميا ڦريا ڪونه آهن؟ جو ڏسن ها ته انهن ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي (نه خراب) ٿي جيڪي اڳي گذري ويا آهن ۽ جيڪي ماڻهو (برائين کان پاڻ کي) بچائين ٿا تن جي لاءِ يقيناً آخرت جو گهر گهڻو بهتر آهي. پوءِ (اي انسانو!) توهان (اها ڳالهه) نه سمجهندؤ ڇا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه موڪليا اسان توهان کان اڳ (پيغمبر ڪري) مگر اهي مرد هئا جن ڏانهن اسان وحي موڪلي اهي شهرن جا رهندڙ هئا، ڇا پوءِ انهن زمين ۾ سير نه ڪيو آهي ! پوءِ اهي ڏسن ها ته انهن کان اڳين ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي، ۽ پرهيزگارن لاءِ آخرت جو گھر (بهشت) تمام بهتر آهي، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تو کان اڳ ۾ به اسان ڳوٺن ۾ رهڻ وارن ڪجھ مردن کي (پيغمبر بنائي) پئي موڪليو آهي جو اسان مٿن وحي نازل ڪندا هئاسون. ته ڇا اهي ماڻهو روءِ زمين تي گهميا ڦريا نه آهن؟ جو غور ڪن ها ته جي ماڻهو انهن کان اڳ ٿي گذريا آهن تن جي پڇاڙي ڪئين ٿي؟ ۽ جن ماڻهن پرهيزگاري اختيار ڪئي تن لاءِ آخرت جو گهر (دنيا کان) پڪ (ڪيئي) درجا وڌيڪ آهي ڇا اهي ماڻهو نٿا ڄاڻن؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه (رسول بنائي) موڪليو اسان تو کان اڳي مگر مڙسن کي وحي موڪليو سون انهن ڏانهن ڳوٺن وارن مان ڇا پوءِ نه گهمي ڏٺائون زمين ۾ پوءِ ڏسن ته ڪيئن هئي پڇاڙي انهن جي جيڪي گذريا اڳي انهن کان ۽ البته آخرة وارو گهر ڀلو آهي انهن جي لاءِ جو پرهيزگار بڻيا ڇا پوءِ نه ٿا سمجهو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان توکان اڳ رڳو ڳوٺن جي رهڻ وارن مان مردن کي (رسول ڪري) موڪليو جن ڏي اسان وحي ڪيو ٿي. ڇا پوءِ زمين ۾ نه گهميا آهن ته ڏسن ته جيڪي انهن کان اڳي هئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ ۽ بيشڪ آخرت جو گهر پرهيزگارن لاءِ گهڻو چڱو آهي. ڇا پوءِ عقل کان ڪم نه ٿا وٺو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو کان اڳ به ڳوٺن وارن ڏي اسان رڳو مردن کي ئي رسول بنائي موڪليو هيو جن ڏانهن اسان وحي ڪئي هئي. ڇا پوءِ اهي زمين ۾ نه ٿا گهمن؟ پوءِ ڏسن ته جيڪي انهن کان اڳ هئا انهن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ ۽ آخرت جو گهر پرهيزگارن لاءِ ڀلو آهي. ڇا پوءِ عقل کان ڪم نه ٿا وٺن؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه موڪلياسون مَهند توئان ، مگر مَرد مُنِير، وَهڻائـِي وارن مان، تن ڏي، وَحي ڪريو ٿا ويرَ! ڇاڀُون نه گُھميا ڀورڙا؟ پوءِ سوچِينِ مَنجھ سَرِير، ته اڳينِ ساڻ اَخِير، ڪِهڙِي قَهرِي ڪار ٿِيئـِي بيشڪ ڀلو انهن لئي، آهي آخِر گھر، جي ڪَنبيا قادِر ڀَر، پوءِ ڇو پُرجھو ڪِين ٿا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان توکان اڳ شهر وارن ماڻهن مان ئي ڪنهن مرد کي وحي ڪري پئي موڪليو آهي، پوءِ ڇو نٿا زمين ۾ گهمي ڏسو، ته انهن کان گذريل قومن جي پڇاڙي ڪهڙي بري ٿي هئي؟ ۽ نيڪن لاءِ آخرت جو گهر ئي ڀلو آهي، پوءِ ڇو نٿا سمجهو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! توکان اڳ اسان جيڪي به پيغمبر موڪليا هئا، سي سڀ انسان ئي هئا ۽ انهن ئي ڳوٺن جي رهاڪن مان هئا ۽ انهن ڏانهن ئي اسان وحي ڪندا رهيا آهيون. پوءِ اِهي ماڻهو زمين ۾ گهميا ڦريا ناهن ڇا جو اها پڇاڙي نه ڏٺي اٿن، جيڪا کانئن اڳ ٿي گذريل قومن جي ٿي؟ بيشڪ آخرت جو گهر انهن ماڻهن لاءِ وڌيڪ ڀلو آهي جن (پيغمبرن جي ڳالهه مڃي) تقويٰ اختيار ڪئي. ڇا اڃان به سمجهه نه ڌاريندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) جيڪي (رسول) توکان اڳي اسان موڪليا، سي سڀئي انسان ئي هئا، انهن ڏي وحي موڪليا ويا ۽ رهاڪو هئا انهن ئي ڳوٺن جا، پوءِ ڇا اهي هليا ڦريا نه آهن زمين ۾ جو کين نظر نه آئي انهن قومن جي پڄاڻي، جيڪي گذري چڪيون آهن کانئن اڳي ئي؟ پڪ سان آخرت جو گهر وڌيڪ ڀلو آهي(جن پيغمبرن جي ڳالهه مڃي) انهن تقويٰ اختيار ڪئي، ڇا اڃا به توهان نه سمجهندا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان توکان اڳ جيڪي به رسول وحي سان گڏ موڪليا، سي سڀ جا سڀ شھرن جا رھندڙ مرد ھئا. ڇا ھي ماڻهو زمين ۾ گهميا ڦريا نه آھن جو ڏسن ته انهن کان پھريان گذري ويل ماڻهن جو ڪھڙو انجام ٿيو؟ جيڪي ماڻهو پرھيزگاري اختيار ڪندڙ آھن تن جي لاءِ ئي آخرت جو گهر وڌيڪ بھتر آھي. ڇا توھان جي دماغ ۾ اڃا به اها ڳالھ نه ويھندي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
حَتّىٰ إِذَا استَيـَٔسَ الرُّسُلُ وَظَنّوا أَنَّهُم قَد كُذِبوا جاءَهُم نَصرُنا فَنُجِّىَ مَن نَشاءُ وَلا يُرَدُّ بَأسُنا عَنِ القَومِ المُجرِمينَ (آيت : 110) |
(ايستائين ڍر ڏنيسون) جيستائين پيغمبر (مدد پھچڻ کان) نا اميد ٿيڻ لڳا ۽ (سندين قوم) ڀانيو ته انھن سان ڪوڙو انجام ڪيو ويو آھي وٽن اسان جي مدد پھتي پوءِ جنھن کي گھريوسون تنھن کي ڇوٽڪارو ڏنو ويو، ۽ گنھگار قوم کان اسان جو عذاب نه ٽاريو ويندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ انهن اڳوڻين قومن تي هڪدم عذاب ڪونه آيو هو، هنن کي مهلت ملندي رهي) تان جو جڏهن الله جا رسول (هنن جي ايمان آڻڻ کان) نااميد ٿي پيا ۽ ماڻهن خيال ڪيو ته کين ڪوڙا واعدا يا دڙڪا ڏنا ويا هئا، تڏهن (پوءِ اوچتو) اسان جي مدد انهن (رسولن) کي اچي پهتي. پوءِ اسان جن کي چاهيو تن کي بچائي ورتو ۽ (جيڪي منڪر ڏوهاري هئا تن جي لاءِ) ائين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي ته ڏوهارين کان اسان جو عذاب ٽري وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ايستائين جو پيغمبر (پنهنجي تبليغ کان) نااميد ٿيا ۽ ماڻهن سمجھو ته رسولن انهن کي غلط چيو آهي انهن وٽ اسان جي مدد پهتي، پوءِ اسان جنهنکي چاهيو ان کي نجات ڏني، ۽ اسان جو عذاب گنهگار قوم تان ڦيرايو نٿو وڃي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اڳين نبين رسالت جي تبليغ) ايتري قدر ڪئي جو جڏهن (قوم جي ايمان آڻڻ کان) مايوس ٿيا ۽ انهن ڄاتو ته کين ڪوڙو ڪيو ويو ته انهن وٽ اسان جي (خاص) مدد اچي پهتي. پوءِ اسان جنهن کي چاهيو ته نجات ڏني ۽ اسان جو عذاب گنهگار ماڻهن جي سرن کان ٽاريو نه ٿو وڃي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانجو جڏهن نا اميد ٿيا رسول ۽ خيال ڪيائون ته بلاشڪ اهي تحقيق ڪوڙا ڪيا ويا ته آئي انهن وٽ مدد اسان جي پوءِ بچايا ويا اهي جو گهريو اسان ۽ نه ٿو موٽايو وڃي عذاب اسان جو مجرم قوم کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (کين ڊگهي مهلت ڏني سون) ايتري تائين جو جڏهن رسول نااميد ٿيا ۽ (ماڻهو) خيال ڪرڻ لڳا ته انهن سان ڪوڙ ڪيو ويو هو ته انهن کي اسان جي مدد پهتي، پوءِ جنهن کي گهريوسون تنهن کي بچايو ويو ۽ اسان جو عذاب ڏوهاري قوم تان نه ٿو ٽاريو وڃي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (رسول ايندا رهيا ۽ نافرمان ماڻهو انڪار ڪندا رهيا) ايستائين جو جڏهن رسول (قوم کان) مايوس ٿيا ۽ (قوم وارن) سمجهيو ته انهن سان ڪوڙ ڪيو ويو آهي ته ان وقت انهن (رسولن) وٽ اسان جي مدد پهتي پوءِ اسان جنهن کي گهريو نجات ڏني. ۽ اسان جو عذاب ڏوهاري قوم کان نه ٿو ٽاريو وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان جڏهن ويٺا وانجھجِي، مُرسل مِهربان، ۽ ڪَيائون گُمان، ته ڪوڙو کِينِ ڪوٺيو وِيو. تڏهن آئـِي اُنهن کي، اَسان جي آڌار، پوءِ وَڻي ڪريون اُن کي، آجو ڪَنان آزار، ۽ ٽاري نَه ٽولي، بَد مٿان، طاقت ڪا تڪرار، حِيلن سان هزار، اَسان جي عذاب کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تان جو جڏهن اهي نبي نا اميد ٿيا، قوم به سمجهيو ته ساڻن ڪوڙو انجام ڪيل آهي، تڏهن اسان جي مدد وٽن آئي، پوءِ جنهن کي گهريوسون سو ڇڏيوسون، پر گنهگارن تان ته ڪو به اسان جو عذاب ٽاري نٿو سگهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اڳين پيغمبرن سان به اهوئي ٿيندو رهيو ته هو سالن جا سال ماڻهن کي سمجهائيندا رهيا پر هنن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو) تانجو جڏهن پيغمبر ماڻهن کان مايوس ٿي ويا ۽ ماڻهن به سمجهيو ته انهن سان ڪوڙ ڳالهايو ويو آهي ته پوءِ اسانجي مدد اچي کين پهتي، پوءِ اهڙي موقعي تي اسان جنهن کي مرضي پوي بچائي وٺندا آهيون ۽ ڏوهارين کان ته اسانجو عذاب ٽاري ئي نه ٿو سگهجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ايستائين جو اڳين رسولن سان به ائين ٿيو جو انهن وڏي عرصي تائين نصيحت ڪئي، ماڻهن ٻڌو ئي ڪونه، تانجو اهي رسول جيئن مايوس ٿيا، ماڻهن ڄاتو ته ساڻن ڪوڙ ڪيو ويو ته اوچتو اسان جي مدد پهتي پوءِ جن کي گهرندا آهيون بچائيندا آهيون ۽ اسان جو عذاب ٽاري نٿو سگهجي ڏوهارين تان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ماڻھن جي ايمان نه آڻڻ جي ڪري معاملو ايتري تائين وڃي پھتو) جو گهڻا رسول سڳورا (ويچارا) بلڪل مايوس ٿي ويا ۽ وري قوم جي ماڻهن به (کين مايوس ڏسندي) وڌيڪ اندازو ڪري ورتو ته بيشڪ رسولن سان (به مدد جا) ڪوڙا وعدا ڪيا ويا آهن (اھڙي حالت ۾) پيغمبرن وٽ اسان جي جلدي مدد پھتي. پوءِ اسان جنھن کي چاھيو تن کي عذاب کان بچايو ۽ ڏوھارين مٿان موڪليل عذاب ڪڏھن به نه ٽاريو ويندو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد كانَ فى قَصَصِهِم عِبرَةٌ لِأُولِى الأَلبٰبِ ما كانَ حَديثًا يُفتَرىٰ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ كُلِّ شَيءٍ وَهُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 111) |
بيشڪ ڌيان وارن لاءِ انھن (پيغمبرن) جي قِصّن ۾ عِبرت آھي، (ھي قرآن) بڻاوتي آکاڻي نه آھي پر جيڪي (ڪتاب) کانئس اڳ آھن تن کي سچو ڪندڙ آھي ۽ سڀڪنھن شيء لاءِ نکيڙ آھي ۽ ايمان واري قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً انهن ماڻهن جي قصن ۾ سمجهه وارن ماڻهن لاءِ وڏي عبرت (۽ نصيحت جو سبق) رکيل آهي، هي (يعني قرآن مجيد) ڪا دل مان گهڙي ٺاهي ڪڍيل ڳالهه ناهي، پر انهيءَ ڪتاب جي تصديق آهي جو هن کان اڳي اچي چڪو آهي. پڻ انهن ماڻهن لاءِ جي يقين رکن ٿا (هدايت جي) سڀني ڳالهين جو تفصيل آهي (يعني جدا جدا ڪري چٽيون هدايتون ڏنل آهن) ۽ (اهو قرآن) سچي راهه ڏيکاريندڙ ۽ سراسر رحمت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهن قصن ۾ عقلمندن لاءِ عبرت آهي، هي (قرآن) هٿرادو ٺاهيل ڳالهه ناهي پر (قرآن ڪريم) اڳين (آسماني ڪتابن) جي به تصديق ڪري ٿو ۽ (ان ۾) هر شيءِ جو تفصيل ۽ هدايت ۽ رحمت ان قوم لاءِ آهي جيڪي ايمان آڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن ۾ شڪ نه آهي ته انهن ماڻهن جي ڳالهين ۾ عقلمندن جي لاءِ (کليل) عبرت (۽ نصيحت) آهي. هي (قرآن) ڪا اهڙي تهڙي ڳالھ نه آهي جو (اجايو سجايو) ٺاهي وٺجي بلڪه (جي آسماني ڪتاب) هن کان اڳ ۾ موجود آهن تن جي تصديق آهي ۽ هر ڳالھ جو تفصيل پڻ ايماندارن لاءِ (ته سموري) هدايت ۽ رحمت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق آهي قصن انهن جي ۾ عبرت سمجهدارن جي لاءِ ناهي اهڙي ڳالھ ٺاهي وڃي ۽ پر تصديق آهي ان جي جيڪو (نازل ڪيو ويو) ان کان اڳي ۽ تفصيل هر شيءِ جو ۽ هدايت ۽ رحمت (ان) قوم جي لاءِ جو ايمان آڻين ٿا. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ انهن (پيغمبرن) جي قصي ۾ عقل وارن لاءِ هڪ نصيحت آهي. هي (قرآن) بنايل ڳالهه نه آهي پر ان ڪلام جي موافق آهي جيڪو ان جي اڳيان آهي. ۽ سڀ ڪنهن شيءَ کي کولي بيان ڪندڙ آهي ۽ ايمان واريءَ قوم لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ انهن (رسولن) جي قصن ۾ سمجهدارن لاءِ عبرت آهي. (هي قرآن) هٿ جي ٺاهيل ڳالهه نه آهي ۽ پر انهن (ڪتابن) جي تصديق آهي جي ان کان اڳيان آهن ۽ هر شيءِ جو تفصيل آهي ۽ هدايت ۽ رحمت آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عِبرت اُنهن جي، قِصن ۾، مَت ڌَڻِيَن لئي مُور، جُڙتو جوڙيو، جو وَڃي، سو مُور نَه هِي مَذڪور، پَرَ اُن کان پِهريَن جِي، پُورِي پَرک پَروڙ، ۽ صَفائـِي سَڀ ڳالھ جِي، ۽ هدايت حضور، بَخشش پڻ ڀَرپُور، جي سَمجھنِ سَچ، تَنهن ساڀ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ سمجهه وارن لاءِ انهن جي قصن ۾ سمجهاڻي آهي_ هيءُ قرآن ڪا هٿ جي ٺاهيل ڳالهه نه آهي، هي ته اڳ آيل (پاڪ ڪتابن) جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ هر ڳالهه کي چٽائي ۽ تفصيل سان بيان ڪندڙ آهي ۽ ايمان واري قوم لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آڳاٽن ماڻهن جي انهن قصن ۾ عقل وارن لاءِ سبق پرائڻ جو سامان آهي. اهو جيڪي ڪجهه به قرآن ۾ ٻڌايو پيو وڃي سي ڪي گهڙيل ڳالهيون ناهن، بلڪه (هنن جي وسيلي) جيڪي ڪتاب هن کان اڳ آيا آهن، انهن جي تصديق (ٿي رهي) آهي ۽ پڻ هر شيءِ کي کولي سمجهايو پيو وڃي ۽ ايمان آڻڻ وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اڳين ماڻهن جي انهن قصن ۾ عبرت آهي عقل ۽ هوش وارن جي لاءِ، هي جيڪي ڪجهه (قرآن) بيان ڪيو پيو وڃي، اهي جڙتو ڳالهيون نه آهن پر جيڪي ڪتاب ان کان اڳي آيل آهن، تن جي تصديق آهي ۽ تفصيل هر شيءِ جو۽ هدايت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ گذريل قومن جي واقعن ۾ عقل وارن لاءِ وڏي عبرت موجود آھي، قرآن مجيد ۾ جيڪي به واقعا بيان ڪيل آھن، سي ڪي ھٿ جا ٺاھيل نه آھن، بلڪ اھي پھريائين آيل آسماني ڪتابن ۾ به بيان ڪيل آھن. قرآن مجيد انهن واقعن جي تصديق به ڪري ٿو ۽ ھر شيءِ کي تفصيل سان به بيان ڪري ٿو ۽ ھي قرآن، مڃڻ وارن لاءِ ھدايت جو ذريعو به آھي ته رحمت به . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |