توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
قُل أَعوذُ بِرَبِّ النّاسِ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) چؤ ته ماڻھن جي پالڻھار جي پناه گھران ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) چئو ته، آءٌ انسانيت جي (اڪيلي) پالڻهار جي پناهه ۾ اچان ٿو. (توحيد في الربوبيت).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو، آئون ان رب جي پناه ۾ آهيان جيڪو سڀني ماڻهن جو پيدا ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تون چئو ته آءُ پناھ وٺان ٿو ماڻهن جي پالڻهار کان،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چؤ ته مان پناھ وٺان ٿو ماڻهن جي رب سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) چئو ته آءُ پناه وٺان ٿو ماڻهن جي پاليندڙ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي) چؤ آءٌ پناهه وٺان ٿو ماڻهن جي پالڻهار جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻول، ته ٻِيلِي وَٺان، اَجھو ۽ آڌار، جو مِڙنِي ماڻهن جو، پَروَر پالڻهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته آءُ پناهه ٿو وٺان ماڻهن جي رب وٽان، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چؤ! مان پناهه ٿو وٺان انسانن جي رب جي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ، آئون پناهه گهران ٿو انسان جي رب کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) چؤ ته مان انسانن جي پالڻھار جي پناهه گهران ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَلِكِ النّاسِ (آيت : 2) |
ماڻھن جي بادشاھ جي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ماڻهن جي اڪيلي حاڪم جي پناهه ۾ اچان ٿو (توحيد في الصفات).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سڀني ماڻهن جو حقيقي بادشاهه آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ماڻهن جي بادشاھ،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ماڻهن جي بادشاھ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ماڻهن جي بادشاهه (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ماڻهن جي بادشاهه جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو مِڙنِي ماڻهن جو، حاڪِم هيبت دار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ماڻهن جي بادشاهه وٽان، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انسانن جي بادشاهه جي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بادشاهه انسانن جي کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن جي (حقيقي) بادشاهه جي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلٰهِ النّاسِ (آيت : 3) |
ماڻھن جي (سچي) معبود جي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ماڻهن جي اڪيلي معبود جي پناهه ۾ اچان ٿو، (توحيد في العبادت).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سڀني ماڻهن جو حقيقي معبود آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ماڻهن جي معبود جي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ماڻهن جي معبود سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ماڻهن جي معبود جي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ماڻهن جي معبود جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو مَڙنِي ماڻهن جو، ڌُران ڌَر دَربار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ماڻهن جي سائين وٽان، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انسانن جي سچي معبود جي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انسانن جي حقيقي خدا کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن جي (حقيقي) معبود جي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِن شَرِّ الوَسواسِ الخَنّاسِ (آيت : 4) |
پٺ تي ھٽي ويندڙ (شيطان) جي وَسَوَسن جي بڇڙائي کان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ دلين ۾) وسوسي وجهندڙ جي بڇڙائيءَ کان (جيڪو پردي پويان توحيد جي ٽنهي اطاعتن جي باري عقيدن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ) آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان جي شر کان جيڪو دل ۾ خاموشيءَ سان وِسوِسا وجھي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (شيطاني) وسوسي وجهندڙ جي بڇڙائي کان جو خدا جي نالي کان گهڻو پٺ تي هٽندڙ آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وسوسي وجهندڙ پٺتي هٽندڙ جي شر کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وسوسي وجهندڙ جي بڇڙائي کان جو گهڻو پٺتي هٽندڙ آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وسوسو وجهي پوئتي هٽي وڃڻ واري جي شر کان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪنان خرابِي خَر جي، جو کاري کارڻهار، لَئون لَئون ۾ لِڪي ڇِپي، پڻ ڪڍي ٻُوٿ ٻَهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهيءَ بار بار بڇڙا خيال وجهندڙ جي بُرائي کان، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ وسوسا وجهندڙ جي شر کان جيڪو ڦري ڦري پيو ايندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان شر کان جيڪو وسوسو هر هر موٽي اچي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان وسوسي وجهندڙ جي برائيءَ کان جيڪو بار بار وسوسا وجهي پوئتي هٽي ويندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى يُوَسوِسُ فى صُدورِ النّاسِ (آيت : 5) |
جيڪي ماڻھن جي سينن ۾ وَسَوَسو وجھي ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو (مختلف جماعتن ۽ نظرين جي آڙ ۾ ٽنهي اطاعتن خلاف) ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا وجهي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي جيڪي ماڻهن جي سينن ۾ وِسوِسا وجھن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا وجهي ٿو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو وسوسا وجهي ٿو ماڻهن جي سينن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا وجهي ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو ماڻهن جي سينن ۾ وسوسا وجهي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو وِجھي ماڻهن مَن ۾، وَسوَسا وِيچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو ماڻهن جي دلين ۾ بڇڙا خيال وجهي ٿو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا وجهندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو وسوسا وجهي ٿو ماڻهن جي دلين ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا (۽ بُرا خيال) وجهندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ (آيت : 6) |
جو جنن (جي جنس) مان ھجي يا ماڻھن (جي جنس) مان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنن (لڪل قوتن ۽ طريقن) مان هجي يا ماڻهن (جي جوڙيل گمراهه طريقن) مان هجي. (الله! تنهنجي اطاعت واري رستي تي هلڻ لاءِ ماڻهن ۽ گروهن جي سڀني چالبازين ۽ رڪاوٽن کان پناهه).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪي جِنن مان آهن ته ڪي انسانن مان آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنن مان هجي يا ماڻهن مان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنن ۽ ماڻهن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنن مان هجي يا ماڻهن مان هجي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جِنن مان هجي يا ماڻهن مان هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪو ماڻهن مان مَڪار، ڪو ڀُوتاڙيل، ڀُوتن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چاهي جِنن مان هجي، چاهي انسانن مان هجي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ کڻي هو جنن مان هجي، توڙي انسانن مان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڀلي اهو جنن مان هجي يا انسانن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (وسوسو وجهندڙ) جنن مان هجي يا انسانن مان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |