توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
قُل أَعوذُ بِرَبِّ الفَلَقِ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) چؤ ته صبح جي پالڻھار جي پناھ گھران ٿو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) چئو ته، صبح جي (مالڪ ۽) پالڻهار جي پناهه ۾ اچان ٿو. (جيڪو سڄي مخلوق کي ان وقت پنهنجي پالڻهاريءَ جي ڀاڪر ۾ وٺي ٿو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو، آئون ان رب کان پناه وٺان ٿو جيڪو صبح کي پيدا ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تون چئو ته آءُ پناھ گهران ٿو صبح جي مالڪ جي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چؤ ته پناھ ٿو وٺان صبح جي رب سان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) چئو ته صبح جي مالڪ جي پناهه وٺان ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) چؤ آءٌ پناهه گهران ٿو صبح جي پروردگار جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻول، ته ٻِيلِي ٿو وَٺان، اَجھو ۽ آڌار، صُبح جو سائين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته آءُ صبح جي سائينءَ وٽان پناهه گهران ٿو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چؤ! مان پناهه ٿو وٺان صبح جي رب جي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ، آئون پناهه ٿو گهران صبح جي رب جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) چؤ ته مان صبح جي پالڻھار جي پناهه گهران ٿو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان عرض ڪريو ته آئون (هڪ) ڌماڪي سان انتهائي تيزي سان (ڪائنات کي) وجود ۾ آڻيندڙ رب جي پناهه گهران ٿو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي نبي!) چئه؛ آئون صبح جي رب جي پناهه ۾ اچان ٿو (جو هن جي ذات جو تصور، انساني ذهن لاءِ هميشه صبح جي تازي پهر وانگر هجي ٿو، جيڪو مايوسين جي ڏائڻ کان بچائي ٿو)(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
مِن شَرِّ ما خَلَقَ (آيت : 2) |
جيڪي پيدا ڪيو اٿس تنھنجي بڇڙائي کان.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) انهن جي بڇڙائيءَ کان (ان جي پناهه ۾ اچان ٿو) جن کي پيدا ڪيو اٿس.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) آئون ان شر کان پناه وٺان ٿو جيڪو ان پيدا ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هر شيءِ جي بڇڙائي کان جا (به) ان پيدا ڪئي (آهي) پناھ وٺان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان جي برائيءَ کان جيڪي پيدا ڪيائين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) انهن جي بڇڙائي کان جن کي پيدا ڪيو اٿس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هر ان (شيءِ جي) شر کان جيڪا پيدا ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪنان خرابي خلق جي، جيڪي جوڙيائـِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر مخلوق جي بڇڙائي ءَ کان، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هر انهيءَ شيءِ جي شر کان جيڪا هن خلقي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هر ان شر کان جيڪو هن پيدا ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هر ان شيءِ جي برائي کان جيڪا هُن (ڪائنات ۾) پيدا ڪئي آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) هر ان شيءِ جي شر (۽ نقصان) کان جيڪا اُن پيدا فرمائي آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) هر ان شيءِ جي شر کان (پناهه طلبيان ٿو) جنهن کي هن پيدا ڪيو آهي (پر اها مخلوق پنهنجي اجري فطرت کي گدلو ڪري ماڻهن کي غلام بنائڻ جي غلاظت ۾ ٿڦجي ويل آهي)(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمِن شَرِّ غاسِقٍ إِذا وَقَبَ (آيت : 3) |
۽ اونداھي ڪندڙ (رات) جي بڇڙائي کان جڏھن اُھا پکڙجي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ انڌيري رات جي بڇڙائيءَ کان جڏهن ڇانئجي وڃي ٿي. (جنهن ۾ حق جون مخالف قوتون ويهي سازشون تيار ڪن ٿيون.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ان چنڊ جي شر کان جنهن وقت اهو بي نور ٿئي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انڌيري رات جي پڇاڙي کان جڏهن ڇانئجي وڃي ٿي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اونداهيءَ رات جي برائيءَ کان جڏهن ڇانئجي وڃي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انڌيري رات جي بڇڙائي کان جڏهن ڇانئجي وڃي ٿي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انڌيري رات جي شر کان جڏهن ڇانئجي وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ رولاڪن کان رات جي، جڏهن ڇمن تي ڇائين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) گگهه اونداهيءَ جي بڇڙائيءَ کان جڏهن اها ڇائنجي وڃي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ رات جي اونداهيءَ جي شر کان جڏهن اها پکڙجي وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان شر کان جيڪو رات جي اوندهه ۾ پکڙجي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ رات جي اونداهيءَ (۾ ٿيندڙ براين) کان جڏهن اُها چڱي ريت ڇانئجي وڃي ٿي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (خاص ڪري) اونداهي رات جي شر کان جڏهن (ان جي) اونداهي پکڙجي وڃي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ رات جي اونداهيءَ جي شر کان (به پناهه ۾ اچان ٿو) جڏهن اها ڇانئجي وڃي ٿي (ته رات جي پيٽ ۾ قومن ۽ انسانيت کي غلام بنائڻ جون سازشون رٿجن ٿيون)-(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمِن شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِى العُقَدِ (آيت : 4) |
۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪيندڙين (عورتن) جي بڇڙائي کان.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪيندڙ (مخالف قوتن) جي بڇڙائيءَ کان (جيڪي عقيدن ۽ ارادن کي غلط بياني ۽ پروپيگنڊا جي نفيس حيلن ذريعي بدلائڻ گهرن ٿيون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ آئون انهن عورتن جي شر کان پناه وٺان ٿو جيڪي ڳنڍن ۾ ڦوڪون ڏين ٿيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ گنڊين ۾ ڦوڪيندڙين جي بڇڙائي کان،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪ ڏيندڙين جي برائيءَ کان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪيندڙن جي بڇڙائي کان (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪيندڙ عورتن جي شر کان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڳنڍيون ڦوڪيندڙن جي، سوڻيان سَدائـِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪندڙ رَنن جي بڇڙائي کان، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڳنڍين تي ڦوڪ ڏيڻ وارين (يا وارن) جي شر کان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان شر کان جيڪو ڦوڪيندڙ جي ڳنڍ ۾ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڳنڍين تي دم ڪندڙ عورتن (۽ مردن) جي برائي کان. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪ ڏيندڙ جادوگراڻين (۽ جادوگرن) جي شر کان.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ ڳنڍين تي ڦوڪيندڙن جي شر کان(به پناهه ۾ اچان ٿو)- (جيڪي غلاميءَ جي دستاويزن ۽ معيشت کي وياج جي ور چاڙهڻ وارن دستاويزن کي سنڀالي رکن ٿا) (جن ڳنڍين سان هو باطل قوتن کي ڳنڍي، حق جي پاسدارن کي ڇنڻ جي ڪرت ۾ رڌل رهن ٿا)(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمِن شَرِّ حاسِدٍ إِذا حَسَدَ (آيت : 5) |
۽ مَسَھُوء جي بڇڙائيءَ کان جڏھن (اُھو) مَسَھائي ڪري.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ حسد ڪندڙ جي بڇڙائيءَ کان جڏهن حسد ڪري ٿو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ آئون پناه وٺان ٿو حسد ڪندڙ جي ان شر کان جڏهن اهو حسد ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ حسد ڪندڙ جي بڇڙائي کان جڏهن حسد ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ حسد ڪندڙ جي برائيءَ کان جڏهن حسد ڪري ٿو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ حسد ڪندڙ جي بڇڙائي کان جڏهن حسد ڪري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ حسد ڪندڙ (ماڻهو) جي شر کان جنهن وقت اهو حسد ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن بُڇان ڀائـِين، تِنهن بُڇڙي جي بِه بُڇاڻ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ حاسد جي بڇڙائي کان ، جڏهن هو (ٻئي تي نعمت ٿيل ڏسي) کامي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پڻ ساڙ (حسد) ڪرڻ واري جي شر کان جڏهن اهو ساڙ (حسد) ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان شر کان جيڪو حاسد جڏهن اهو حسد ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ساڙ سڙي جي برائي کان جڏهن هو ساڙ ڪري. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ حسد ڪرڻ واري جي شر کان جڏهن اهو حسد ڪري.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ هر ساڙيلي جي شر کان (به پناهه ۾ اچان ٿو- جڏهن اهو ساڙ ڪري ٿو (۽ انساني آزاديءَ جي نظرين ۽ پاسدارن تي سڙندو رهي ٿو)(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |