توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
قُل هُوَ اللَّهُ أَحَدٌ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) چؤ ته الله اڪيلو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! تنهنجي مڃيندڙن لاءِ بنيادي نقطو الله تعاليٰ جي عظمت آهي، کين) چئون ته، الله پنهنجي ذات ۽ صفتن ۾ اڪيلو ئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو، الله تعالى هڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تون چئو ته الله هڪڙو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماء ته الله هڪ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) چئو ته الله هڪڙو ئي آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) چؤ اُهو الله آهي جو اڪيلو آهي. (پنهنجي ذات ۽ صفات ۾)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، آهي حق اِهو، ته اَلله آهي هيڪڙو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته اهو (پاڪ) الله هڪ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چؤ ته الله اڪيلو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ، اهو الله آهي اڪيلو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) (ماڻهن کي) ٻڌاءِ ته اهو الله تعالى اڪيلو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ الصَّمَدُ (آيت : 2) |
الله بي احتياج آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله پاڻ بي پرواه آهي. (باقي سڀئي زندگي ۽ اوسر جي لاءِ سندس محتاج آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى بي نياز آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله برحق بي پرواھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله بي نياز آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله ئي بي پرواه آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله بي نياز آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله بي اِحتياج سو، نه ڪِنهن سان سڱ سِهو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله بي نياز آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله هر شيءِ کان بي نياز آهي ۽ سڀ ان جا محتاج آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله سڀ کان بي نياز آهي، سڀ سندس محتاج آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى (سڀني کان) بي نياز آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَم يَلِد وَلَم يولَد (آيت : 3) |
نڪي ڄڻيائين، ۽ نڪي ڄڻيو ويو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نه (ڪنهن کي) ڄڻيو اٿس ۽ نه ان کي ڪنهن ڄڻيو آهي. (بلڪ سڀني کي توليد جي بجاءِ تخليق جي عمل سان پيدا ڪيو اٿس).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نه ان جو ڪو اولاد آهي، ۽ نه اهو ڪنهن مان پيدا ٿيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نه (ڪنهن کي) ڄڻيو اٿس ۽ نه ان کي ڪنهن ڄڻيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ڄڻيائين ۽ نه ڄائو ويو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نه (ڪنهن کي) ڄڻيو اٿس ۽ نه هن کي ڪنهن ڄڻيو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نه (ڪنهن کي) ڄڻيائين ۽ نه ڪنهن مان ڄائو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڄائـِين، نه ڄائو ڪونهيس ڪيڙ ڪِهو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نه هن مان ڪو ڄائو آهي، نه هو ڪنهن مان ڄائو آهي_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نه ڪنهن کي ڄڻيو اٿس ۽ نه پاڻ ئي ڄڻيو ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه سندس ڪو اولاد آهي ۽ نه پاڻ ڪنهن جو اولاد آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نه هن جي ڪا اولاد آهي ۽ نه ئي هو خود ڪنھن جي اولاد آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَم يَكُن لَهُ كُفُوًا أَحَدٌ (آيت : 4) |
۽ سندس برابر ڪوبه ڪونھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ان جو (همسر يا ان جو مثال يا ان جو) مَٽ آهي ئي ڪونه.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه ئي ڪو سندس مثال آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان جو ڪو به مٽ نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه آهي ان جي برابر ڪو هڪڙو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه ان جو ڪو مَٽ آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه ئي ان جو ڪو همسر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن جيڏو، جنهن جِھو، هرگز ناهي هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هن جو ڪو به ثاني شريڪ نه آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نه وري ڪو سندس مــَـٽُ ثاني ئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه وري ڪو سندس مٽ ثاني آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (مخلوق مان) ڪير به هُن جي برابر نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |