توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
تَبَّت يَدا أَبى لَهَبٍ وَتَبَّ (آيت : 1) |
ابولھب جا ھٿ ڀڳا ۽ (پاڻ به) ھلاڪ ٿيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ابولهب (قريشين جي معاشرتي ۽ اقتصادي خرابين جي وڏي ڪارندي) جا هٿ ڀڳا ۽ پاڻ برباد ٿيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) شال تباه ٿين ٻئي هٿ ابولهب جا ۽ اهو تباه ٿي ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ابو لهب جا هٿ ڀڄن ۽ پاڻ برباد ٿئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هلاڪ ٿيا ٻئي هٿ ابولهب جا ۽ پاڻ هلاڪ ٿيو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ابولهب جا هٿ ڀڳا ۽پاڻ برباد ٿيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ابولهب جا ٻئي هٿ هلاڪ ٿين ۽ پاڻ به هلاڪ ٿئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَٿ ٻئـِي اَبو لهب جا، چُڪن، بِه چُڪي پاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ابو لهب جا هٿ ڀڳا ۽ چٽ ٿيو_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀڄي پيا هٿ ابولهب جا ۽ هو تباهه ٿي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڀڄي پيا (ٻئي) هٿ ابو لهب جا ۽ پاڻ به تباهه (برباد) ناڪام ٿيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اسلام دشمني ۾ حد کان لنگهڻ ڪري هيءَڳالهه پڌري پَٽ آهي ته) ابولھب جا ٻئي هٿ ڀڳا (ئي ڀڳا) ۽ هو پاڻ به برباد ٿي ويو. (بدر جي جنگ کان پوءِ هو خود ذلت جو موت مري ويو ۽ مڪي جي فتح وقت سندس ٻئي پٽ مسلمان ٿيا) .(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ابو لهب جا ٻئي هٿ ڀڄن ۽ هو تباهه ٿئي (اُن اسان جي محبوب تي هٿ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ابولهب جا ٻئي هٿ ناس ٿي ويا ۽ هو برباد ٿي ويو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ما أَغنىٰ عَنهُ مالُهُ وَما كَسَبَ (آيت : 2) |
سندس مال ۽ جيڪي ڪمايائين تنھن کانئس (الله جو عذاب) نه ٽاريو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ان کي سندس مال ۽ سندس ڪمائي (جنهن جي ڏڍ تي هو حق جي مخالفت ڪندو هو) ڪجهه به نه ڪم نه آيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ان کي سندس مال ۽ سندس ڪمائي ڪم نه آئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان کي مال ۽ جيڪي ڪمايو اٿس ڪجھ به ڪم نه آيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه فائدو ڏنو ان کي ان جي مال ۽ نه ان جيڪو ڪمايائين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ان کان سندس مال ۽ جيڪي ڪمايو اٿس ڪجهه به نه ٽاريو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان جي مال ۽ جيڪي ڪمايائين تنهن ان کان (الله جو عذاب)نه هٽايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو ميڙيائـِين، ڪِ مال سَندسِ، ڪُجھ نه ڇَڏايسِ ڪاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندس مال ۽ اعمال مٿانئس (الله جي) عذاب کي ٽاري نه سگهيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندس مال ۽ اهو جيڪو ان ڪمايو، سو سندس ڪنهن ڪم نه آيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪنهن ڪم نه آيو سندس مال جيڪو هن ڪمايو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن جيڪو به مال ڪمايو هو سو کيس (اسلام جي راهه روڪڻ ۾) بلڪل ڪم نه آيو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ان کي سندس (خانداني) مال ڪجهه فائدو نه پهچايو ۽ نه ئي ان جي ڪمائيءَ.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) نه ان جو مال سندس ڪم آيو ۽ نه ڪي اهو ڪجهه کيس ڪم آيو- جيڪو هن (جائز ناجائز ٽڪسازن سان) ڪمايو هو! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
سَيَصلىٰ نارًا ذاتَ لَهَبٍ (آيت : 3) |
ڇيئي واري باھ ۾ سگھو پوندو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) سگهوئي هو ان ڀڙڪندڙ باهه ۾ گهڙندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهو جلد باه ۾ داخل ٿيندو، جيڪا تيز ٻرندڙ هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سگهوئي هو ڄڀي واري باھ ۾ گهڙندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جلد داخل ٿيندو ڄڀيءَ واري باھ ۾ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) سگهوئي هو ڄڀيءَ واري باهه ۾ گهڙندو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جلد ڄڀيءَ واري باهه ۾ گهڙندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُلون واري آڳ ۾، آيو رَهيو اَڄاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اجهو ٿو ڀڙڪندڙ باهه ۾ پوي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ضرور ڄڀين واريءَ باهه ۾ پوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ضرور کيس وڌو ويندو ان باهه ۾ جيڪا ڄڀي واري آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) عنقريب هو باهه جي ڀَـڀَـڙَ ۾ داخل ٿيندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) عنقريب اهو ڄڀي هڻندڙ باهه ۾ وڃي ڪرندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) هو، ضرور ڄڀيءَ واري باهه ۾ داخل ٿيندو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَامرَأَتُهُ حَمّالَةَ الحَطَبِ (آيت : 4) |
۽ سندس زال به، جا ڪاٺين (جي) لَڏ کڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ سندس زال به جا (ساڻس سازشن ۾ شريڪ هئي ۽) هاڻي جهنم جو ٻارڻ) ڪاٺيون پٺيءَ تي کنيو ڦري ٿي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ان جي زال، ڪاٺين جي ڀري مٿي تي ڪڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سندس زال به جا ٻرندڙ ڪاٺيون کڻڻ واري آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان جي زال ڪاٺين جي ڀري کڻندڙ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندس زال به جا ڪاٺين کڻڻ واري آهي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان جي زال به. (باهه ۾ ويندي) جا ڪاٺين جي هڙ کڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پڻ عورت اُن جِي، قابُو ڪاٺِيَن ساڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سندس زال به، جا فتني باز آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (ساڻس گڏ) سندس زال به، ڪاٺين ڍوئڻ واري (يا چغليون هڻڻ واري) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سندس زال به جيڪا گڏ ڪندڙ آهي جهنم ۾ ان لاءِ ڪاٺيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ سندس زال به (باهه ۾ داخل ٿيندي) جيڪا چُوچِڙي ڏيندڙآهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ان جي (ناپاڪ) زال (به) جيڪا (ڪنڊن وارين) ڪاٺين جو بار (مٿي تي) کڻي گهمي ٿي، (۽ اسان جي محبوب جي پيرن کي زخمي ڪرڻ جي لاءِ رات جو سندن واٽن تي وڇائي ٿي).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ ان جي (انقلاب دشمن) زال به- جيڪا (ٻارڻ جون) ڪاٺيون کڻندڙ (۽ انقلابين و اسطي باهه ٻاريندڙ) آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فى جيدِها حَبلٌ مِن مَسَدٍ (آيت : 5) |
جنھن جي ڳچيءَ ۾ کاٻر جو نوڙ پيل آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (تون ڏسندين ته اها آڪڙيل) سندس ڳچي کاٻر جي رسي ۾ (ڪسيل) هوندي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ان جي گلي ۾ کجيءَ جو سخت رسو پوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان جي ڳيچي ۾ وٽيل رسو (ٻڌل) هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان جي ڳچيءَ ۾ رسو هوندو ڪاٻاڙ جو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ان جي ڳچيءَ ۾ ڪاٻاڙ جو رسو هوندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان جي ڳچيءَ ۾ کاٻر کان (ٺهيل) رسي هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَٿِس اُت اُهڃاڻ، ڪَنڌ ۾ رَسو ڪاٻار جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان جي ڪنڌ ۾ ڪا ٻاڙ جو نوڙ پوندو!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندس ڳچيءَ ۾ کاٻر جو رسو پيل هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سندس ڪنڌ ۾ رسو پيل هوندو کاٻر جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سندس ڳچيءَ ۾ (سونن زيورن جي بجاءِ) مُڃ (يا کاٻر) جي رسي وڌل هوندس. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ان جي ڪنڌ ۾ کجي جي کاٻر جو (اهو ئي) رسو هوندو (جنهن سان هو ڪاٺين جي ڀري ٻڌندي هئي).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ان جي ڳچيءَ ۾ کاٻر جي رسي هوندي (۽ کيس دنيا ۾ ئي گهليو ۽ رسوا ڪيو ويندو)(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |