توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
إِذا جاءَ نَصرُ اللَّهِ وَالفَتحُ (آيت : 1) |
جڏھن الله جي مدد ۽ سوڀ اچي،(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! تون خالق ڪائنات جي اطاعت واري مشن کي جاري رک) پوءِ جڏهن الله جي مدد اچي ۽ (مڪي جي) فتح ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي جنهن وقت توهان وٽ الله جي مدد ۽ فتح پهتي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) جڏهن خدا جي مدد اچي پهچندي ۽ (مڪي جي) فتح ٿيندي (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن اچي مدد الله جي ۽ فتح .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) جڏهن الله جي مدد اچي ۽ (مڪي جي) فتح ٿئي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن الله جي مدد اچي ۽ فتحيابي (ملي).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن آئـِي مَدد اَلله جي، ۽ پڻ سوڀ سَندِي سَتار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن الله جي مدد اچي ۽ فتح ٿئي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن الله جي مدد اچي وڃي ۽ فتح نصيب ٿي وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن اچي مدد الله جي ۽ سوڀ ملي وڃي (مڪو فتح ٿئي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) جڏهن الله تعالى جي طرفان مدد ۽ فتح نصيب ٿئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَرَأَيتَ النّاسَ يَدخُلونَ فى دينِ اللَّهِ أَفواجًا (آيت : 2) |
۽ ماڻھن کي الله جي دين ۾ ٽوليون ٽوليون ٿي گھڙندو ڏسين،(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ماڻهن کي ٽولن پٺيان ٽولا ٿي ڪري الله جي دين ۾ گهڙندو ڏسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ڏسو ٿا ته ماڻهون الله جي دين ۾ فوجون فوجون ٿي داخل ٿين ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ماڻهن جي ٽولن جا ٽولا خدا جي دين ۾ گهڙندا ڏسندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏسين تون ماڻهن کي ته داخل ٿين پيا الله جي دين ۾ ٽولا ٽولا ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ماڻهن کي ٽوليون ٿي الله جي دين ۾ گهڙندو ڏسين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون ماڻهن کي ڏسين ته الله جي دين ۾ فوج در فوج داخل ٿي رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِٺئـِي ته ماڻهو مُلڪ جا، قطارو قطار، گِھڙن ڌڻِئ جي دِين ۾، ڇَڏي ڪُفر جِي ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تمام گهڻن ماڻهن کي الله جي دين ۾ ايندو ڏسين، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (اي نبي) تون ڏسين ته ماڻهو ٽولن جا ٽولا الله جي دين ۾ داخل ٿيندا ٿا وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) تون ڏسين ماڻهو داخل ٿين پيا الله جي دين ۾ ٽولن جا ٽولا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته تون اُن وقت ڏسندين ته ماڻهن جا ڪَٽڪن جا ڪٽڪ الله تعالى جي دين ۾ داخل ٿي رهيا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ وَاستَغفِرهُ إِنَّهُ كانَ تَوّابًا (آيت : 3) |
تڏھن (تون) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر ۽ کانئس بخشش گھر. بيشڪ اُھو ٻاجھ سان موٽندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تڏهن تون پنهنجي پالڻهار جي تسبيح ۽ حمد ڪر (پوءِ دين جي غلبي لاءِ سرگرم ٿيءُ) ۽ (ڪنهن غير شعوري ڪمي بابت به) ان کان معافي گهر. بيشڪ اهو توبه قبول ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان پنهنجي رب جي تعريف سان گڏ تسبيح پڙهو ۽ توهان هميشه استغفار پڙهو، بيشڪ اهو توبه قبول ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته تون پنهنجي پروردگار جي تعريف سان گڏ تسبيح ڪندو رهج ۽ ان کان معافي گهرندو رهج بيشڪ اهو ئي توبه قبول ڪندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءَ تسبيح پڙھ پنهنجي رب جي حمد جي ۽ ان کان مغفرت گهر بيشڪ اهو آهي توبہ قبول ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تڏهن تون پنهنجي پاليندڙ جي ساراهه سان گڏ پاڪائي بيان ڪندو رهج ۽ ان کان معافي گهرندو رهج. بيشڪ اهوئي توبه قبول ڪندڙ آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان (گڏ) تسبيح پڙهه ۽ ان کان بخشش گهُر. بيشڪ اهو وڏو توبه قبول ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پَنهنجي پَروَر هيڪ جا، ڳائج ڳُڻ هزار، پوءِ مَڱ معافي تِنهن وَٽان، ۽ هَنجو تِنهن وَٽ هار، بيشڪ بَخشڻهار، سو آھِ واهِر واھ جو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تڏهن پنهنجي ڌڻيءَ جي پاڪائي بيان ڪرڻ سان سندس واکاڻ ڪندو رهجانءِ ۽ (پنهنجي ڪوتاهين جي) بخشش گهرندو رهج، بيشڪ هو وڏو درگذر ڪندڙ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيا ڪر ۽ کانئس بخشش (جي دعا) گهر، بيشڪ هو ڏاڍو توبه قبول ڪرڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ساراهه سان گڏ پاڪائي بيان ڪر رب جي ۽ کانئس دعا گهر بخشش جي، بيشڪ اهو توبهه قبول ڪندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ تون (ان خوشيءَ جي موقعي تي) پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ پاڪائي بيان ڪر ۽ ان کان بخشش جي دعا گهر. بيشڪ هُو وڏو توبه قبول ڪرڻ وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |