توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الر كِتٰبٌ أُحكِمَت ءايٰتُهُ ثُمَّ فُصِّلَت مِن لَدُن حَكيمٍ خَبيرٍ (آيت : 1) |
الرٰ، (ھي) ڪتاب آھي جنھن جون آيتون مُحڪم آھن وري حِڪمت واري داناء الله وٽان بيان ڪيل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الف- لام- را. هي ڪتاب آهي جنهن جون آيتون (پنهنجي مطلبن ۽ دليلن ۾) مضبوط ڪيون ويون آهن. وري کولي کولي چٽيون ڪيون ويون آهن. هي (ڪتاب) ان جي طرف کان آهي جو وڏي حڪمت وارو ۽ سڀني ڳالهين جي خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الٓرٰ قف هن مقدس ڪتاب جي آيتن ۾ ڪو نقص ناهي ان کان پوءِ الله جي طرفان سڀني احڪامن کي جدا جدا ڪيو ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الرا. هي (قرآن) اهو ڪتاب آهي جنهن جون آيتون هڪ واقفڪار حڪيم جي طرف کان (دليلن سان) بلڪل پختيون ڪيون ويون. پڻ تفصيل وار بيان ڪيل آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الٓرٰ (هي) ڪتاب آهي جو محڪم ڪيون ويون آيتون ان جون ان کان پوءِ تفصيل سان بيان ڪيون ويون حڪمت واري خبر رکندڙ وٽان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الر. (اي پيغمبر! ماڻهن کي چئو ته هيءُ) هڪ ڪتاب آهي جنهن جي ڳالهين کي محڪم ڪيو ويو آهي وري ان کي حڪمت واري باخبر وٽان کولي بيان ڪيو ويو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الف لام را . هي ڪتاب آهي جنهن جون آيتون پُختيون ڪيون ويون آهن پوءِ صاف صاف بيان ڪيون ويون آهن حڪمت واري باخبر (الله) طرفان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الٓــرٰ جو، مالِڪ ڄاڻٖي مَام، هِي ڪتاب، جِنهن جا قاعِدا، وِيا مُحڪم ڪيا مُدام، وَرِي کوليا خُوب وِيا، اِنهِيء جا اَحڪام، وَڏي واقف، ويڄ وَٽان، پُهچايو پيغام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الف_ ل_ ر. داناءُ ۽ سڀ خبر رکندڙ وٽان هي اهڙو ڪتاب ۽ تفصيل آهي، جنهن جون آيتون مضبوط آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﲺ ــ (الف ـ لام ـ را) هيءُ ڪتاب آهي، جنهن جون آيتون مضبوط بنيادن تي قائم آهن ۽ خوب کولي چٽيءَ طرح پيش ڪيل آهن، هڪ دانائيءَ واري ۽ باخبر هستيءَ جي طرفان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ا-ل-ر حڪم آهي جنهن جون آيتون پختيون ۽ تفصيل سان بيان ٿيون آهن هڪ داناءَ باخبر هستيءَ جي طرفان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الف ـــ لام ـــ را، هي اهڙو ڪتاب آهي جنھن جون آيتون بلڪل چٽيون آهن ۽ وڏي حڪمت واري ۽ هر شيءِ جي خبر رکندڙ جي طرفان وڏي تفصيل سان بيان ڪيون ويون آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنَّنى لَكُم مِنهُ نَذيرٌ وَبَشيرٌ (آيت : 2) |
ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، آءٌ سندس طرف کان اوھان کي ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان قرآن جو اعلان ڇا آهي؟) اهو ته الله کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيو. يقين رکو ته مان (رسول) سندس طرفان اوهان ڏانهن خبردار ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري پهچائڻ وارو آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان الله تعالى کان سواءِ ڪنهنجي عبادت نه ڪريو، بيشڪ الله جي طرفان آئون توهان لاءِ ڊيڄاريندڙ ۽ بشارت ڏيندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي ته خدا کان سواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو. آءُ ته انهيءَ جي طرف کان اوهان کي (عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو ۽ (بهشت جي) خوشخبري ڏيڻ وارو (رسول) آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته نه عبادت ڪيو مگر الله تعالى جي بيشڪ مان اوهان لاءِ ان جي طرفان ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهي ڳالهيون هي آهن) ته الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو. بيشڪ آءُ اوهان کي ان جي طرفان ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي ته اوهان عبادت نه ڪيو مگر الله جي. بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ ان جي طرفان ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته سائـِين سوا، ڪِيمِ ڪريو، سيوا ۽ سَلام، آءٌ اوهان لئي عام، اُن جو کِيانتل ۽ خابَرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته اوهين الله ڌاران ڪنهن جي به بندگي نه ڪريو_ بيشڪ آءُ هن جي طرفان اوهان لاءِ ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته سواءِ الله جي ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪريو، مان سندس پاران توهانکي خبردار ڪرڻ وارو به آهيان ۽ خوشخبري ڏيندڙ به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته توهان عبادت نه ڪريو پر صرف الله جي، بيشڪ آئون سندس طرفان توهان کي خبردار ڪرڻ ۽ بشارت ڏيندڙ آهيان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هن ڪتاب ۾ چيو ويو آهي ته) توهان سڀ الله تعالى کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي به بندگي نه ڪريو. بيشڪ مان ان جي طرفان توهان ڏي عذاب کان ڊيڄاريندڙ ۽ جنت جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو ويو آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُمَتِّعكُم مَتٰعًا حَسَنًا إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَيُؤتِ كُلَّ ذى فَضلٍ فَضلَهُ وَإِن تَوَلَّوا فَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ كَبيرٍ (آيت : 3) |
۽ ته پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري ڏانھس (توبه ڪري) موٽو ته ٺھرايل مُدّت تائين اوھان کي چڱي نفعي سان فائدو ڏئي ۽ سڀڪنھن ڀلائيءَ واري کي سندس ڀلائي جو عوض ڏئي، ۽ جيڪڏھن اوھين ڦرندؤ ته بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي (اعلان آهي) ته، پنهنجي پروردگار کان معافي گهرو ۽ ڏانهس موٽو. (ائين ڪندؤ ته) هو توهان کي هڪ مقرر وقت تائين زندگيءَ جي فائدن سان بلڪل چڱيءَ طرح نوازيندو ۽ (پنهنجي قانون مطابق) هرهڪ زياده (عمل) ڪرڻ واري کي سندس وڌيڪ ڪوشش جو اجر به ڏيندو. پر جيڪڏهن (خدا پرستي ۽ نيڪ عمليءَ کان) منهن موڙيندؤ ته مونکي ڊپ آهي ته توهان تي عذاب جو وڏو ڏينهن نه اچي وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان پنهنجي رب کان بخشش طلب ڪريو ان کان پوءِ رب ڏانهن توبه تائب ٿيو، رب تعالى توهان کي مقرر وقت تائين بهترين نفعا ڏيندو ۽ (آخرت ۾) هر نيڪوڪار کي (سندس نيڪيءَ کان زياده) اجر ڏنو ويندو، ۽ جيڪڏهن توهان منهن موڙيو پوءِ بيشڪ آئون توهان تي قيامت جي عذاب جو خوف ڪريان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هي به ته پنهنجي پروردگار کان مغفرت جي دعا گهرو، پوءِ سندس بارگاھ ۾ (گناهن کان) توبه ڪريو ته اهو ئي اوهان کي هڪ مقرر مدت تائين زندگيءَ جو چڱو سامان ڏئي ۽ سڀ ڪنهن ڀلائيءَ واري کي سندن ڀلائي جو بدلو ڏئي. ۽ جيڪڏهن (سندس حڪم کان) منهن موڙيندو ته مون کي اوهان جي باري ۾ عذاب جو ڊپ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هي ته مغفرت گھرو پنهنجي رب کان تنهن کان پوءِ توبہ ڪريو ان ڏانهن ته نفعو ڏيندو اوهان کي نفعو سهڻو مدي مقرر ڪيل تائين ۽ ڏيندو هر صاحب نيڪيءَ جي کي نيڪي ان جي ۽ جيڪڏهن منهن موڙيُوَ ته پوءِ يقينًا مان ڊڄان ٿو اوهان تي عذاب ڏينهن وڏي جي کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هيءُ ته پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهرو، وري ان ڏي رجوع ٿيو ته اوهان کي هڪ مقرر مدت تائين زندگيءَ جو چڱو سامان ڏئي، ۽ سڀ ڪنهن ڀلائيءَ واري کي سندس ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي. ۽ جيڪڏهن منهن موڙيندؤ ته بيشڪ آءٌ اوهان تي وڏي ڏينهن جي عذاب (اچڻ) کان ڊڄان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي ته پنهنجي پالڻهارکان بخشش گهرو پوءِ ان ڏانهن توبه ڪيو ته توهان کي مقرر وقت تائين زندگي جو سٺو سامان ڏيندو ۽ هر زياده عبادت ڪندڙ کي زياده ثواب ڏيندو. ۽ جي اوهان مُنهن موڙيندؤ ته مون کي اوهان تي وڏي ڏينهن جي عذاب جو ڊپ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَرهايو پَنهنجي مالِڪ کان، موٽِي موٽو تِنهِين پار، تان ميڙيان ميڙڻ، سُهڻو، تان مَهل مُقرّر وار، ۽ هَر ڀَلي، سَندسِ ڀال ڏئي، توهان مان تڪرار، ۽ جي ڦِرَن، ته فَرماءِ تون، ته آءٌ اوهان هارِ، ڀَو ڀانيان ٿو بِسيار، ڏينهن وڏي جي، ڏُ ک کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هي ته پنهنجي رب کان بخشش گهرو ۽ پڻ انهيءَ ڏانهن موٽو، ته هو اوهان کي مقرر وقت تائين سٺي آسودگي ڏئي ۽ اوهان مان هر هڪ وڏي درجي جي لائق کي وڏو درجو ڏئي، پر جي اوهين منهن موڙيندؤ ته آءُ اوهان لاءِ وڏي ڏينهن جي عذاب جو انديشو رکان ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پڻ توهان پنهنجي رب کان معافي گهرو ۽ وري ڏانهس موٽي پئو ته هو هڪ مقرر ڪيل مدت تائين توهانکي تمام سٺو زندگي گذارڻ جو سامان ۽ هر فضل واري کي سندس فضل عطا ڪندو. پر جيڪڏهن توهان منهن موڙي ويندؤ ته مان توهانجي باري ۾ هڪڙي نهايت ڀوائتي ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي به ته معافي گهرو پنهنجي رب کان موٽي اچو ان ڏي ته اهو هڪ خاص مدت تائين توهان کي سهڻي زندگيءَ جو سامان ڏيندو ۽ هر فضل واري صاحب کي ان جو فضل عطا ڪندو، پر جيڪڏهن توهان منهن موڙيو ته آئون ڊڄان ٿو توهان تي عذاب جي دهشتناڪ ڏينهن کان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (۽ اهو به ٻڌائڻ لاءِ آيو آهيان ته) توهان پنھنجي پالڻھار کان گناهن جي بخشش گهرو ۽ ان ڏي موٽو (۽ گناهن کان توبہ ڪريو) ته جيئن ھو توهان کي مقرر مدت تائين خوشحالي عطا فرمائي ۽ هر ڀلائي ڪندڙ کي سندس ڀلائي جو اجر عطا ڪري ۽ جيڪڏهن توهان منھن موڙيندا ته مان توهان تي وڏي ڏينھن (يعني قيامت) جي اچڻ کان ڊڄان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلَى اللَّهِ مَرجِعُكُم وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 4) |
الله ڏانھن اوھان جو موٽڻ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شي تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اوهان سڀني کي (آخر) الله ڏي ئي موٽڻو آهي ۽ سندس قدرت کان ڪابه ڳالهه ٻاهر ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى ڏانهن توهان کي موٽڻو آهي، ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ياد رکو!) اوهان سڀني کي (نيٺ) خدا ڏي ئي موٽڻو آهي. ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) طرف الله جي آهي موٽڻ اوهان جو ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله ڏي ئي اوهان کي موٽڻو آهي. ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءَ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله ڏانهن ئي اوهان جو موٽڻ آهي ۽ اُهو هر شيءِ مٿان سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آنکي پرور پار، آخر آهي هَلڻُو، ۽ هَرڪَم کي ڪلتار، پاڻهِي آهي، پُهچڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان کي الله ڏي موٽڻو آهي، ۽ هو هر ڪم تي وس وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان سڀني کي الله ڏانهن ئي موٽي هلڻو آهي ۽ هو سڀ ڪجهه ڪري سگهندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله ڏانهن ئي توهان کي موٽڻو آهي سڀني کي ۽ اهو ئي سڀ ڪجهه ڪرڻ جي قدرت رکي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان سڀني کي الله تعالى جي طرف موٽي هلڻو آهي ۽ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلا إِنَّهُم يَثنونَ صُدورَهُم لِيَستَخفوا مِنهُ أَلا حينَ يَستَغشونَ ثِيابَهُم يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 5) |
خبردار بيشڪ اُھي پنھنجن سينن کي ھن لاءِ وٽيندا آھن ته کانئس لِڪن، خبردار جنھن دم (اُھِي) پنھنجا ڪپڙا ڍڪيندا آھن (تنھن دم ۾) جيڪي ڳجھو ڪندا آھن ۽ جيڪي پڌرا ڪندا آھن سو (الله) ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون ٻڌي ڇڏ ته، هي ماڻهو پنهنجي سينن کي ڍڪي ويڙهي ٿا ڇڏين، انهيءَ لاءِ ته الله کان لڪن (يعني پنهنجي دلين جون ڳالهيون لڪائين ٿا) پر ياد رکن ته (انسان جي ڪابه ڳالهه خدا کان لڪل ناهي) اهي ماڻهو جڏهن پنهنجا سڀ ڪپڙا پنهنجي مٿان وجهي ڇڏن (تڏهن به لڪي نٿا سگهن). جيڪي هو لڪي لڪي ڪن ۽ جيڪي ظاهرظهور ڪن ٿا سو سڀ الله کي معلوم آهي. هو ته سينن (يعني دلين) جا ڳجهه به ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! تحقيق اهي (منافق) پنهنجي سينن ۾ عداوت رکن ٿا ۽ اها الله کان لڪائڻ چاهن ٿا، خبردار ! جڏهن اهي پنهنجا ڪپڙا ڍڪين ٿا، (ان وقت به) الله سندن ظاهر ۽ باطن ڄاڻي ٿو، بيشڪ الله سينن جي علم کي ڄـاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) ڏس! هي ڪافر (تنهنجي دشمني ۾) پنهنجن سينن کي ڄڻ ته ٻيڻو ٿا ڪن ته جيئن خدا کان (پنهنجين ڳالهين کي) لڪائي ڇڏين (پر) ڏس! جڏهن اهي ماڻهو پنهنجن ڪپڙڻ ۾ (پاڻ کي لڪائي) چڱي طرح ويڙهين ٿا (تڏهن به ته) خدا (سندن ڳالهين کي) ڄاڻي ٿو جيڪي لڪائي ڪندا آهن يا ظاهر. هن ۾ شڪ ئي نه آهي جو اهو سينن جي ڀيدن کي به چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خبردار بيشڪ اهي ٻيڻا ڪن (وٽين) ٿا سينا پنهنجا تانته لڪن ان کان خبردار جنهن وقت ڍڪين ٿا ڪپڙا پنهنجا ڄاڻي ٿو جيڪي لڪائين ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا بيشڪ اهو ڄاڻندڙ آهي سيني وارين ڳالهين کي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) خبردار رهو! بيشڪ اهي ڪافر پنهنجن سينن کي موڙين ٿا. ته الله کان لِڪن (يعني راز لڪائين ٿا). خبردار رهو! جنهن وقت پنهنجن ڪپڙن سان ويڙهجن ٿا تنهن وقت به جيڪي لڪائين ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا تنهن کي ڄاڻي ٿو. بيشڪ اهو سينن جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) خبردار! بيشڪ اهي (ڪافر) پنهنجي سينن کي موڙن ٿا ته جيئن ان (الله) کان راز لڪائن. خبردار! جيڏي مهل اُهي پنهنجي ڪپڙن ۾ ويڙهجن ٿا ته به اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا، بيشڪ اُهو سينن جا راز ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَمجھ ته سَندِن سِينا، سي جڏهن ٻِيڻا ڪن ٻِيهار، جڏهن اوڇڻ سَندِن، اوڍِين سي ته ڄاڻي ڄاڻَڻهار، جيڪِي لڪائـِن لوڪ کان، ۽ جيڪِي ڪَن اِظهار، سَمجھندڙ ستار، سَڀ ڪُجھ سِينن واريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد رکو! هو پنهنجي سينن کي ٻيڻو ٿا ڪن ته الله کان (سندن ڳجهه) لڪائين. ياد رکن ته هو جڏهن ڪپڙا ٿا ڍڪين تڏهن به هو سندن ڳجها پڌرا ڪم ڄاڻي ٿو، هو ته دلين جا حال ڄاڻندڙ آهي!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) خبردار (هي ماڻهو) پنهنجن سينن کي پيا ٿا ويڙهين سيڙهين ته جيئن کانئس لڪي وڃن، خبردار جڏهن اهي ڪپڙا ڍڪيندا آهن ته الله سندن لڪايل کي به ڄاڻندو آهي ته پڌري ڪيل کي به. هو ته انهن ڳجهن کان به واقف آهي، جيڪي سينن ۾ سمايل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏسو اهي ماڻهو موڙين ٿا پنهنجي سينن کي جيئن کانئس لڪي وڃن، خبردار! جڏهن ڍڪيندا آهن پنهنجو پاڻ کي ڪپڙن سان ته الله ڄاڻي ٿو سندن لڪايل کي به ۽ ظاهر کي به، ۽ بيشڪ ڄاڻي ٿو انهن رازن کي جيڪي سينن ۾ سمايل آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڏسو ته سهي هي ماڻهو (نبي سڳوري جي سامھون اچڻ کان بچڻ لاءِ) پنھنجا سينا ڦيرين ٿا ته جيئن هو لڪي وڃن. خبردار! وري هو پاڻ کي ڪپڙن سان به لڪائين ٿا (ته جيئن سڃاڻپ ۾ نه اچن) الله تعالى ته هر ان حالت کي ڄاڻي ٿو، جيڪا هو لڪائين ٿا يا ظاهر ڪن ٿا. بيشڪ هو ته سينن ۾ لڪيل رازن به کي خوب ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ إِلّا عَلَى اللَّهِ رِزقُها وَيَعلَمُ مُستَقَرَّها وَمُستَودَعَها كُلٌّ فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 6) |
۽ ڪو چُرندڙ زمين ۾ آھي ئي نه پر سندس روزي الله تي آھي ۽ سندس رھڻ جو ھنڌ ۽ سنديس سانڀڻ جي جاءِ (الله) ڄاڻندو آھي، سڀ پڌري ڪتابن ۾ لکيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ زمين تي هلڻ وارو ڪوبه ساهدار ڪونهي جنهن جي روزيءَ جو انتظام الله تي نه هجي ۽ هو نه ڄاڻندو هجي ته سندس رهڻ جي جاءِ ڪٿي آهي، جنهن کي آخر سندس وجود سونپيو ويندو (يعني ڪٿي مرندو وغيره) اهو سڀ ڪجهه ڪتاب ۾ درج ٿيل آهي. (يعني الله تعاليٰ کي چڱيءَ طرح معلوم آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ زمين ۾ رهندڙ هر جاندار جي رزق جو ذمون الله تعالى تي آهي ۽ الله تعالى انهن جي رهڻ ۽ موٽڻ جي جاءِ به ڄاڻي ٿو. سڀني (شين) جي لکت لوحِ محفوظ ۾ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ زمين تي هلڻ وارن مان ڪو به اهڙو نه آهي جنهن جي روزي خدا جي ذمي نه هجي. ۽ خدا سندس رهڻ جي جاءِ ۽ (مرڻ کان پوءِ) کيس سونپيل جاءِ (قبر) کي به ڄاڻي ٿو، سڀ ڪجھ روشن ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ موجود آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي ڪا چرندڙ شيءِ زمين ۾ مگر الله تي رزق ان جو آهي ۽ ڄاڻي ٿو ان جي رهڻ واري جاءِ ۽ ان جي حوالي ٿيڻ جي جاءِ هر شيءِ ڪتاب روشن ۾ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زمين تي هلڻ وارو ڪوبه نه آهي پر ان جي روزي الله تي آهي، ۽ اهو ان جي رهڻ جي جاءِ کي ۽ جتي ان کي امانت رکيو وڃي ٿو، تنهن کي به ڄاڻي ٿو. سڀ ڪجهه ظاهر ڪتاب ۾ (لکيل) آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زمين تي هلڻ وارو ڪوبه ساهدار ناهي مگر ان جو رزق الله تي آهي ۽ سندس رهڻ جي جاءِ کي ڄاڻي ٿو ۽ سندس امانت رکجڻ واري جاءِ کي (به ڄاڻي ٿو.) سڀ ڪجهه پڌري ڪتاب ۾ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀُون ۾ بِلڪل ناهي ڪو، چُرندڙ ڪو چوڌار، مگر قُوت سَندسِ جو، اُن بارِيء مَٿي بار، جيئَري جاءِ اُن جِي، پڻ قبر ڪارُونڀار، سَڀ ڪُجھ ڌاروڌار، قابو کُليي ڪتاب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) زمين جي هر هڪ چرندڙ جو رزق الله تي آهي، هو انهن جي حياتيءَ خواه موت کان پوءِ جي ٺڪاڻي کي ڄاڻي ٿو، اهو سڀ پڌري ڪتاب ۾ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) زمين ۾ هلندڙ چلندڙ ڪوبه ساهوارو اهڙو نه آهي، جنهن جي رزق جو ذمو الله تي نه هجي ۽ جنهن بابت هو نه ڄاڻندو هجي ته اهو رهي ڪٿي ٿو ۽ ڪٿي ٿو سانڀيو وڃي. سڀ ڪجهه هڪڙي نهايت چٽي ڪتاب ۾ لکيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪوبه ساهه وارو چرندڙ پرندڙ اهڙو نه آهي زمين تي جنهن جو الله جي ذمي رزق نه هجي ۽ جنهن جي باري ۾ هو نه ڄاڻندو هجي ته ڪٿي ٿو رهي، ڪٿي ٿو امانت طور رکيو وڃي، اهو سڀ هڪ پڌري ڪتاب ۾ لکيل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) زمين ۾ اهڙو ڪوبه ساهوارو نه آهي جنھن جو رزق الله تعالى جي ذمي نه هجي. ھو ته ان ساهه واري جي ھميشه رھڻ واري ۽ عارضي جڳھه کي به خوب ڄاڻي ٿو. (بھرحال) ھر شيءِ واضح دفتر ۾ لکيل آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَكانَ عَرشُهُ عَلَى الماءِ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَلَئِن قُلتَ إِنَّكُم مَبعوثونَ مِن بَعدِ المَوتِ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ اُھو (الله) آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو ۽ سندس عرش پاڻي تي ھو (اھو بڻائڻ ھن ڪري آھي) ته اوھان کي پرکي ته اوھان مان عملن جي ڪري ڪير تمام چڱو آھي، ۽ جيڪڏھن انھن کي چوين ته موت کانپوءِ اوھين جياريا ويندؤ ته ڪافر ضرور چوندا ته ھي پڌرو جادو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهوئي آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي ڇهن ايامن ۾ پيدا ڪيو ۽ سندس (حڪومت جي) تخت جي فرمانروائي پاڻيءَ تي هئي ۽ هن لاءِ پيدا ڪيائين ته توهان انسانن کي آزمائي ۽ هيءَ ڳالهه ظاهر ٿي پوي ته ڪير عمل ۾ بهتر آهي. ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي چئين ته توهان کي مرڻ بعد اٿاريو ويندو ته پوءِ جيڪي ماڻهو منڪر آهن سي ضرور چوندا ته هي ته (ڪوڙيون) جادوءَ جهڙيون ڳالهيون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى اهو آهي جنهن (سَتَ) آسمان ۽ زمينون ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيون ۽ ( انهيءَ کان اڳ ۾) عرشِ عظيم پاڻيءَ تي قائم هو (تخليق ان لاءِ ٿي جو) الله تعالى آزمائي ٿو ته توهان مان نيڪ عمل ڪير ڪري ٿو، ۽ جيڪڏهن رسولِ عربي انهن کي چوي ٿو ته موت کان پوءِ توهان اٿاريا ويندا ته ڪافر فوراً چون ٿا ته ناهي هيءُ قرآن مگر صاف جادو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو ته اهو ئي (قادر مطلق) آهي جنهن آسمان ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ (تنهن وقت) سندس عرش (نائون آسمان) پاڻي تي هو (هن آسمان ۽ زمين کي هن لاءِ بڻايو) ته جيئن اوهان ماڻهن کي آزمائي ته اوهان مان ڪنهن جو عمل وڌيڪ چڱو آهي. ۽ (اي رسولٰ) جيڪڏهن تون (کين) چوندين ته اوهان سڀني کي مرڻ کان پوءِ ٻيو ڀيرو (قبرن مان) اٿاريو ويندو ته ڪافر ضرور چوندا هي ته پڪ ظاهر جادو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو (الله) ئي آهي جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمينون ڇهن ڏينهن ۾ ۽ هو عرش ان جو پاڻيءَ تي تانته آزمائي اوهان کي ته ڪير اوهان مان وڌيڪ سهڻو آهي عمل جي لحاظ سان ۽ البته جيڪڏهن چيو تو ته بيشڪ اوهان اٿاريل آهيو مرڻ کانپوءِ ته البته چوندا ڪافر ته ناهي هي مگر جادو کليل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هو اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ سندس تخت پاڻيءَ تي هو، هن لاءِ ته اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪنهن جو عمل زياده چڱو آهي. ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون چوندين ته اوهان کي مرڻ کان پوءِ (جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو ته ڪافر ضرور چوندا ته هيءَ رڳو ظاهر جادو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ سندس عرشُ پاڻيءَ مٿان هيو هن لاءِ ته توهان کي آزمائي ته توهان مان زور سهڻي عمل وارو ڪير آهي؟ ۽ (اي نبي) جيڪڏهن تون چوين ته بيشڪ مرڻ بعد اوهان اٿاريا ويندا ته ڪافر ضرور چوندا ته هي رڳو پڌرو جادو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو جِنهن اُڀ، ڀون جوڙيا، ڇَهَن ڏِينهن اَندر، پاڻيءَ مَٿي تخت تِنهن، بِيٺل هو بَرسِر، تان آزمائي اوهان کي، ته اَوهان مان آخر، موچارو مِهتر، آهي ڪير ڪَمن ۾. ۽ جي چَوندين، ته اَوهين اُٿڻا، موت پُڄاڻامُور، ته ڦِرياجي فَرمان کان، سي ظاهر چَونِ ضَرور، ته ناهي هِي مَذڪور، مگر پَڌرِي مَنڊڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن وقتن ۾ پيدا ڪيو ۽ سندن بادشاهي پاڻيءَ تي هئي_ ته اوهان کي پرکي ته، ڪير ٿو وڌيڪ سٺا ڪم ڪري ۽ جيڪڏهن تون چوندين ته ”اوهين مرڻ بعد ضرور جياربا،“ ته ڪافر ضرور چوندا ته ”اها صفا ٺڳي آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهوئي آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، جڏهن جو ان کان اڳ سندس عرش پاڻيءَ تي هو، ته جيئن توهانکي آزمائي ته توهان ۾ ڪير آهي سهڻا عمل ڪندڙ. هاڻي جيڪڏهن اي نبي! تون ٻڌائين ٿو ته اي انسانؤ! توهان مرڻ کان بعد وري اٿاريا ويندؤ ته منڪر هڪدم چوڻ لڳن ٿا ته اهو ته پڌرو جادو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هو اهو ئي آهي جنهن خلقيو آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾، جڏهن ته ان کان اڳي عرش عظيم پاڻيءَ تي هو، جيئن توهان کي پرکي ته ڪير آهي توهان ۾ سٺا عمل ڪرڻ وارو، هاڻي (اي نبي!) تون چوين ته اي انسانو! ٻيهر اٿاريا ويندؤ مرڻ کان پوءِ ته چون ٿا هڪدم منڪر ماڻهو ته اها بلڪل ئي پڌري جادوگري آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (اللھ تعالى) ئي آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ پيدا ڪيو، جڏھن ته (ان کان اڳ) سندس حڪمراني صرف پاڻي تي ھئي (توھان کي پيدا ڪرڻ جو مقصد ھي آھي) ته جيئن توھان کي آزمائي ته توھان مان ڪير نيڪ عمل ڪري ٿو؟ (اي نبيﷺ!) جيڪڏھن تون کين چوندين ته توھان سڀ موت کان پوءِ ٻيھر جيئرا ڪيا ويندا ته ھو ضرور چوندا ته ھي پڌرو جادو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَئِن أَخَّرنا عَنهُمُ العَذابَ إِلىٰ أُمَّةٍ مَعدودَةٍ لَيَقولُنَّ ما يَحبِسُهُ أَلا يَومَ يَأتيهِم لَيسَ مَصروفًا عَنهُم وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 8) |
۽ جيڪڏھن ڪنھن مُقرّر مُدّت تائين کائن عذاب کڻي ھٽايون ته ضرور چوندا ته اُن کي ڪنھن جھليو آھي؟ خبردار جنھن ڏينھن (اُھو عذاب) وٽن ايندو (تنھن ڏينھن) کائن ٽرڻو نه آھي ۽ جنھن (شيء) سان ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين وڪوڙي ويندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اسان هنن تان هڪ مقرر وقت تائين عذاب کي ٽاري رکون ته هو ضرور چوندا ته ڪهڙي ڳالهه آهي جا ان عذاب کي روڪي رهي آهي. سو ٻڌي ڇڏيو ته جنهن ڏينهن مٿن عذاب ايندو تنهن ڏينهن پوءِ ڪنهن جي به ٽارڻ سان ٽري ڪونه سگهندو ۽ جنهن ڳالهه تي اهي مسخريون ڪري رهيا آهن سان ضرور مٿن اچي ڪڙڪندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن ڪنهن وقت تائين اسين انهن تان عذاب هٽايون ٿا ته چون ٿا ته الله تعالى کي عذاب ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي، خبردار ! جنهن ڏينهن عذاب ايندو ته ڪوبه ان کي انهن تان هٽائي نه سگھندو، ۽ انهن کي اهوئي عذاب گھيري ۾ وٺندو جنهن لاءِ مذاق ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اسين ڳاڻيٽي جي ڪجھ ڏينهن تائين مٿن عذاب ڪرڻ ۾ دير به ڪريون ته اهي ماڻهو (پنهنجي شرارت سبب) يڪدم ضرور چئي ڏيندا ته (ڀلا) عذاب کي ڪهڙيءَ ڳالھ روڪيو آهي؟ چڱي طرح ٻڌي ڇڏيو، جنهن ڏينهن مٿن عذاب ايندو ته (پوءِ) اهي کيس ٽاري به نه سگهندا جنهن (عذاب) تي اهي ماڻهو ٺٺوليون ڪندا هئا سو مٿن اچي ڪڙڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جيڪڏهن پوئتي ڪنداسون انهن کان عذاب مدت مقرر ڪيل تائين البته ضرور چوندا ته ڪير ٿو روڪي ان کي خبردار جنهن ڏينهن ايندو امر انهن وٽ ناهي ڦيرايل انهن کان ۽ گھيري ۾ وٺندڙ انهن کي اهو (عذاب) جو ان سان چٿر ڪندا هئا. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن انهن کان ڪنهن ڳڻيل مدت تائين عذاب هٽائينداسون ته ضرور چوندا ته ڪهڙي شيءَ ان کي روڪي ٿي. خبردار رهو! جنهن ڏينهن مٿن (عذاب) ايندو ته انهن کان (ان کي) ڦيريو نه ويندو ۽ جنهن ڳالهه تي ٺٺوليون پيا ڪن سا مٿن اچي ڪڙڪندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اگر اسان انهن تان مقرر مدت تائين عذاب هٽائينداسين ته ضرور چوندا ڪهڙي شيءِ ان (عذاب) کي روڪي رکيو آهي؟ خبردار! جنهن ڏينهن مٿن (عذاب) ايندو ته انهن کان ٽرڻ وارو نه آهي ۽ اهو انهن کي گهيري وٺندو جنهن تي ٺٺوليون ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسين کِين عذاب کان، ڪُجھ مَهل ڏِيون مُهلت، ته اَلائـِينِ اَلبت، ڀَلا اُن کي ، بند ڪِنهن ڪيو؟ سَمجھ، ته سَندنِ سِر، جڏهن اِنيدو ڏينهن اُهو، ناهي اُهو اُنهن تان، پَلجَڻو ڪِنهن پر، ۽ جي کِلون ڪَنداهُئا کَر، تَن مَنجهو مَنجھ مُنجھائـِيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي اسين ڪنهن مقرر وقت تائين مٿانئن عذاب ٽاريون، ته ضرور چون ٿا ”هو ڇا جي ڪري روڪيو ويو؟“ ياد رکو، جنهن وقت مٿن آيو، تڏهن ڪو به مٿانئن ٽاري نه سگهندو ۽ جنهن تي هو مسخريون ڪندا هئا، سوکين گهيري ويندو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن اسان هڪڙي خاص مدت تائين کانئن عذاب ٽاريون ٿا ته چوڻ لڳن ٿا ته ڪنهن روڪيو اٿس؟ ٻڌي ڇڏيو، جنهن ڏينهن انهيءَ سزا جو وقت اچي ويو ته اها ڪنهن جي به ٽارڻ سان نه ٽرندي ۽ کين اهائي شيءِ وڪوڙي ويندي، جنهن تي هو ٺٺوليون ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي هڪ خاص مدت تائين سندن سزا کي ٽاريون ٿا ته هو وري چوڻ لڳن ٿا ته آخر ڪهڙي شيءِ هن کي روڪيو آهي؟ (ٻڌو) جنهن ڏينهن ان سزا جو وقت اچي ويو ته اهو ڪنهن جي به ٽارڻ سان ٽري نه سگهندو ۽ اها شيءِ کين وڪوڙي ويندي جنهن تي ٽوڪون پيا ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان جيڪڏھن ڪجهه وقت لاءِ مٿن ايندڙ عذاب ٽارينداسين ته ھو ضرور چوندا ته ھن (عذاب) کي ڪھڙي شيءِ روڪيو آھي؟ خبردار! جڏھن مٿن عذاب ايندو ۽ هو ڪنھن جي ٽارڻ سان نه ٽرندو ته اھا شيءِ مٿن اچي ڪڙڪندي، جنھن تي ھو ٽوڪون ڪري رھيا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَئِن أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً ثُمَّ نَزَعنٰها مِنهُ إِنَّهُ لَيَـٔوسٌ كَفورٌ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکايون ٿا (۽) وري اُھا کانئس کسيون ٿا، ته اُھو نااميد بي شڪر (بڻيو) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اسان انسان کي پاڻ وٽان رحمت جو مزو چکايون ٿا (يعني ڪا نعمت بخشيون ٿا) ۽ وري اها هٽائي ڇڏيون ٿا ته هو هڪدم مايوس ۽ ناشڪر ٿي وڃي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اسين انسان کي ڪا نعمت عطا ڪري ان کان پوءِ (وري) اُها نعمت واپس وٺون ٿا ته بيشڪ (اُن وقت) اُهو انسان يقيناً مايوس ۽ ناشڪر ٿئي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اسين انهن کي پنهنجي رحمت جو ذائقو چکايون ۽ وري ان کان کسيون ته (تنهن وقت) اهو بيشڪ نا اميد (۽) بي شڪرو ٿئي ٿو. (۽ اسان جي شڪايت ڪرڻ لڳي ٿو.)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جيڪڏهن چکائي سون انسان کي پاڻ وٽان رحمت ان کان پوءِ جو کسيو سون ان کي ان کان ته بيشڪ اهو البته گھڻو مايوس، ناشڪر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن ماڻهوءَ کي پنهنجي طرفان ڪا رحمت چکايون ٿا وري اها ان کان کسي وٺون ٿا ته بيشڪ اهو نااميد (۽) بي شڪرو ٿئي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسان انسان کي پنهنجي طرفان ڪا رحمت چکايون وري اها ان کان ڦُري وٺون ته بيشڪ اهو مايوس بنجي وڏو بي شڪر ٿي پوي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهونءَ، پنهنجي مِهر جو، جڏهن مَزو چکايوسون مُور، موٽِي کائنسِ کَسيون، مَزو سو مَذڪور، ته وانجهيو رَهي وَهلور، بيشڪ بي شڪران سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي اسين انسان کي رحمت جو مزو چکائي پوءِ اها کانئس کسيون ٿا ته، هو نااميد ۽ بي شڪر ٿئي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن اسان انسان کي پنهنجي رحمت سان نوازڻ کان پوءِ وري کيس ان کان محروم ٿا ڪريون ته هو مايوس ٿي وڃي ٿو ۽ ناشڪري ڪرڻ لڳي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي اسان پنهنجي رحمت انسان کي نوازڻ کان پوءِ وري ان کان محروم ڪريون ته هو مايوس ٿيندو آهي، ۽ هو ناشڪري ڪرڻ لڳندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏھن اسان انسان کي پنھنجي رحمت جو مزو چکائڻ کان پوءِ اھا ان کان (ڪنھن حڪمت تحت) کسي وٺون ٿا ته ھو مايوس ٿي ناشڪرو ٿي ويندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ نَعماءَ بَعدَ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ ذَهَبَ السَّيِّـٔاتُ عَنّى إِنَّهُ لَفَرِحٌ فَخورٌ (آيت : 10) |
۽ جيڪڏھن ان کي ڏک پھچڻ کانپوءِ سُک پُھچايون ته ضرور چوندو ته مون کان ڏک ويا، اھو پڪ سرھو وڏائي ڪندڙ ٿيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن کيس ڏک پهچي ٿو ۽ ان بعد کيس راحت جو مزو ٿا چکايون ٿا ته پوءِ (هڪدم غافل ٿي وڃي ٿو ۽) چوي ٿو ته هاڻي خرابيون مون کان ڀڄي ويون (هاڻي ڪهڙو غم آهي) حقيقت هيءَ آهي ته انسان (ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي) خوشيءَ ۾ ڀرجي وڃي ٿو ۽ ٻٽاڪون هڻڻ لڳي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن انسان کي تڪليف کان پوءِ نعمت عطا ڪريون ٿا ته ضرور چوندو ته مون کان سڀئي تڪليفون لهي ويون، بيشڪ (ان وقت) اهو انسان يقيناً خوش ٿيندڙ فخر ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اسين ڪنهن تڪليف کان پوءِ جا هن کي پهچي ٿي ڪنهن نعمت جو مزو چکايو ته ضرور چوندو ته مون تان تڪليفون ٽري ويون. بيشڪ اهو (جلد ئي) خوش ٿيندڙ، پاڻ ٻڌائيندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جيڪڏهن چکايون سون ان کي نعمتون تڪليف کان پوءِ جو پهتي ان کي ته البته ضرور چوندو ته (پري ٿي) ويون برايون مون کان بيشڪ اهو البته خوش ٿيندڙ فخر ڪندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اسين ماڻهوءَ کي ڪنهن تڪليف کان پوءِ جا کيس پهچي ٿي ڪنهن نعمت جو مزو چکايون ته ضرور چوندو ته مون تان برايون ٽري ويون. بيشڪ اهو خوش ٿيندڙ، پاڻ پڏائيندڙ آهي ، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اگر اسان ان کي ڪا نعمت چکايون ٿا ان تڪليف کان پوءِ جا ان کي پهچي چڪي آهي ته ضرور چوندو ته مون تان برايون ٽري ويون. بيشڪ اُهو خوش ٿيندڙ فخر ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي سُک ڏيونسِ، ڏُ ک پُٺيان، جو مَٿسِ آيو مُور، ته ٻوليندو ٻيليا!، سَڀ لَٿا مون سُور، واھ واھ!، مَنجھ وَهلور، سوماڻا ڪندڙ مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جي کيس تڪليف ملڻ بعد نعمت ڏيون ٿا ته ضرور چوي ٿو ته ”منهنجا دک دور ٿيا_ ”هو ڦونڊ جي آڪڙ ڪندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن انهيءَ مصيبت کان پوءِ جيڪا مٿس آئي هئي، اسان کيس نعمت جو ٿا مزو وٺايون ته چئي ٿو ته مون تان ته ويا سڀ ڏک لهي ۽ ڦونڊ ۾ ڀرجي ٻٽاڪون هڻڻ لڳي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي انهيءَ مصيبت کان پوءِ جيڪا مٿس آئي هئي، کيس نعمت جو مزو چکائيندا آهيون ته چوندو آهي مون تان ته سڀ ڏک ڏوجهرا ئي لهي ويا، پوءِ هو خوشيءَ ۾ نه ماپندو ۽ ڦونڊ ۾ ڀرجي ويندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (وري) جڏھن کيس تڪليف جو ذائقو چکائڻ کان پوءِ اسان کيس نعمتن جو مزو وٺرائيندا آھيون ته چوندو آھي ته منھنجي مٿان ته (ھميشه لاءِ) نحوست ختم ٿي وئي آهي، پوءِ ھو فخر ڪرڻ ۽ پاڻ پڏائڻ لڳندو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 11) |
پر جن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪي ماڻهو صبر ڪن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪن ٿا تن جو اهو حال ناهي، انهن لاءِ بخشش آهي ۽ تمام وڏو اجر به آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سواءِ انهن ماڻهن جي جن صبر ڪيو ۽ نيڪ عمل ڪيا، ۽ انهن لاءِ بخشش ۽ تمام وڏو ثواب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مگر جن ماڻهن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا انهن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگراهي (ماڻهو) جو صبر ڪيائون ۽ ڪيائون سٺا عمل اهي انهن لاءِ بخشش ۽ ثواب وڏو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن کان سواءِ جن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا انهن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ انهن ماڻهن جي جن صبر ڪيو ۽ صالح عمل ڪيائون. اُهي آهن جن لاءِ بخشش آهي ۽ وڏو اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سوا تن، جن صَبر ڪيو، پڻ چَڱِي ڪيائون ڪار، بَخشون بِسيار، پڻ اَجر وڏو اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سواءِ انهن شخصن جي جن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، انهن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان ڳالهه کان بچيل رڳو اهي ٿين ٿا، جيڪي صبر ڪندڙ ۽ نيڪ عمل ڪندڙ آهن ۽ اهي ئي آهن، جن لاءِ معافي به آهي ۽ وڏو اجر پڻ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بس انهيءَ عيب کان پاڪ رڳو صبر ڪرڻ وارا ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارا آهن، اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ گناهن جي معافي ۽ وڏو اجر به آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪي ماڻهو صبر ۽ نيڪ عمل ڪندا آھن، سي اھڙي سوچ کان بچيل آھن. اھڙن ماڻهن لاءِ ئي بخشش ۽ وڏو اجر آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَعَلَّكَ تارِكٌ بَعضَ ما يوحىٰ إِلَيكَ وَضائِقٌ بِهِ صَدرُكَ أَن يَقولوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ كَنزٌ أَو جاءَ مَعَهُ مَلَكٌ إِنَّما أَنتَ نَذيرٌ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 12) |
پوءِ (اي پيغمبر) جيڪي توڏانھن وحي ڪجي ٿو تنھن مان متان ڪي ڇڏي ڏئين ۽ (پڻ) متان دل تنگ ڪرين ڪافرن جي ھن چوڻ تي ته مٿس خزانو ڇونه لاٿو ويو يا ملائڪ ساڻس ڇونه آيو، (نه ڇڏ ۽ نه دل تنگ ڪر) ڇوته تون ڊيڄاريندڙ ئي آھين ۽ الله ھر شيء جو سنڀاليندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر!) تون هيئن ڪندين ڇا ته جيڪو وحي تو ڏي موڪليو ويو آهي، تنهن مان ڪجهه ڳالهيون ڇڏي ڏيندين ۽ ان سبب پنهنجي دل کي ڏک پهچائيندين؟ هن ڪري جو اهي ماڻهو چون ٿا ته هن ماڻهوءَ (حضرت جن) تي ڪو خزانو (آسمان مان) ڇو نه ٿو لهي اچي يا هن سان گڏ هڪڙو فرشتو ڇو نه ٿو کڙو رهي. (نه، انهن ڳالهين جي ڪري توکي غمگين ٿيڻ نه گهرجي) تنهنجي پوزيشن (منصب) هن کانسواءِ ڪجهه به ناهي ته تون (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪرڻ وارو آهين. (توتي اها ذميواري ڪانهي ته ماڻهو تنهنجيون ڳالهيون مڃين) ۽ هر شيء تي الله ئي نگهبان آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ڇا توهان وَحِي ربانيءَ جو ڪجھه حصو ڇڏيندا (يقيناً نه) ۽ (انهن جي اعتراض تي) توهان جو سينو مبارڪ تنگ ٿئي ٿو، اهي چون ٿا ته توهان تي خزانو ڇو نٿو نازل ٿئي، يا توهان سان گڏ ملائڪ ڇو نٿو اچي. (در حقيقت) توهان ته فقط ڊيڄاريندڙ آهيو، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي ڪارساز آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جا ڳالھ تو ڏي وحي جي ذريعي موڪلي وڃي ٿي ان مان متان (ٻڌائڻ وقت) شايد تون فقط هن خيال ڪري ڇڏي ڏين ۽ تون تنگ دل ٿئين ته متان هي ماڻهو چون ته هن تي خزانو ڇو ڪين نازل ڪيو ويو يا (سندس شاهدي لاءِ) هن مان ڪو فرشتو ڇو ڪين آهي. تون ته فقط(عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آهين (تو کي سندن اهو خيال نه ڪرڻ گهرجي) ۽ خدا هر ڳالھ جو ذمه دار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ شايد تون ڇڏيندڙ آهين ڪجھ ان مان جو وحي ڪيو ويو توڏانهن ۽ تنگ آهي ان جي ڪري سينو (پاڪ) تنهنجو هي جو چون ته ڇونه نازل ڪيو ويو ان تي خزانو يا آيو ان سان گڏ ملائڪ تون ته صرف ڊيڄاريندڙ آهين ۽ الله هر شيءِ جو سنڀاليندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪي تو ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو تنهن مان متان ڪجهه ڇڏي ڏين ۽ (متان) ان کان تنهنجي دل تنگ ٿئي. ڪافرن جي هن چوڻ تي ته مٿس خزانو ڇو نه لاٿو ويو يا ان سان مَلَڪُ (ڇو نه) آيو. تون رڳو ڊيڄاريندڙ آهين. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءَ جو سنڀاليندڙ آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ متان تون ان جي ڪجھه حصي کي (بيان ڪرڻ) ڇڏڻ وارو هجين جا تو ڏي وحي ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کان تنهنجو سينو تنگ ٿيندڙ هجي، انهن (ڪافرن) جي هن چوڻ تي ته: ”مٿس خزانو ڇو نه لاٿو ويو؟ يا ساڻس گڏ ڪو ملائڪ ڇونه آيو“؟ تون ته صرف ڊيڄاريندڙ آهين. ۽ الله هر شيءِ مٿان نگهبان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪَر، ڪُجھ کان ان مان، آهين لَهرائيندڙ لال!، جو توڏي،وَحِي ڪيو وَڃي، ۽ ڳالهائڻ ۾ تِنهن ڳالھ، سِينُو سوڙهو تُنهنجو، مَتان چَونِ اِهڙي چال، ته اُتسِ اُتاري ڇونَه ويئـِي، ڪا کاڻ خزاني مال، ياڪو اُنهِيء نال، مَلڪ مُوچارو آئـِيو. تون نه رڳو آهيِين خَبرون ڏِيندڙ خان! ۽ سَنڀالِينڊڙ سُبحان، سدا سَڀ ڪِنهن ٽول کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون شايد اسان جي تو ڏانهن ڪن موڪليل حڪمن کي ڇڏين ۽ تنهنجي دل هنن جي انهيءَ چوڻ کان تنگ ٿئي، ته ”ڀلا هن ڏي ڪو خزانو ڇو نه موڪليو ويو، يا ساڻس گڏ ملائڪ نه موڪليو ويو“ پر تون فقط ڊيڄاريندڙ آهن_ الله ئي هر چيز تي سنڀاليندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي نبي! متان ائين ٿئي جو تون انهن ڳالهين مان جيڪي توڏانهن وحي ڪيون ٿيون وڃن، ڪنهن شيءِ کي (بيان ڪرڻ) ڇڏي ڏين ۽ ان ڳالهه تي تنهنجو سينو تنگ ٿيڻ لڳي ته هو چوندا ته "هن شخص تي ڪو خزانو ڇونه لاٿو ويو آهي؟" يا اهو ته "هن سان گڏ ڪو فرشتو ڇونه آيو آهي؟" تون ته رڳو خبردار ڪندڙ آهين، باقي هر شيءِ جو نگهبان ته الله آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته (اي نبي!) ائين نه ٿئي ته ڪي ڳالهيون بيان ڪرڻ کان ڇڏي ڏين جيڪي وحي تو ڏانهن ڪيون پيون وڃن ۽ ان ڳالهه تي توکي مونجهارو ٿيو ته اهي چوندا ته، ڇو نه لاٿو ويو ان شخص تي ڪو خزانو؟ يا هي ته ڇو نه آيو هن سان گڏ ڪو فرشتو؟ بيشڪ تون ته فقط خبردار ڪندڙ آهين، باقي الله ئي هر شيءِ جو رکوالو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) جيڪا توڏي وحي ڪئي وڃي ٿي، اها هوبهو بيان ڪندا رهو ۽ انهن ماڻهن جي اِن چوڻ تي ته “ھن شخص جي مٿان خزانو ڇو نه لاٿو ويو يا ھن سان گڏ فرشتو ڇو نه آيو؟” تون (ڪڏھن به) دل ننڍي نه ڪجانءِ. (حقيقت ھي آھي ته) تون صرف انهن کي (جھنم کان) ڊيڄاريندڙ آھين (باقي) سڀ معاملا اللھ تعالى جي ھٿ ۾ آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِعَشرِ سُوَرٍ مِثلِهِ مُفتَرَيٰتٍ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 13) |
بلڪ (ائين) به چون ٿا ته اُھو (قرآن) پاڻ ٺاھيو اٿس، چؤ ته جيڪڏھن سچا آھيو ته (اوھين به) اُن جھڙيون ڏہ سورتون پاڻون ٺاھيل آڻيو ۽ الله کانسواءِ (ٻـين) جن کي سڏي سگھو تن کي سڏيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اهي ماڻهو هيئن ٿا چون ڇا ته، هن ماڻهوءَ (يعني حضرت جن) قرآن پنهنجي دل مان ٺاهيو آهي. (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته، جيڪڏهن توهان پنهنجي انهيءَ ڳالهه ۾ سچا آهيو ته اهڙيون ڏهه سورتون ٺاهي پيش ڪريو ۽ الله کان سواءِ جنهن کي به توهان پڪاري سگهو ٿا تنهن کي (ان ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ) پڪاري وٺو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي چون ٿا ته رسولِ عربي قرآن ڪريم کي پاڻ ٺاهيو آهي، توهان فرمايو پوءِ توهان فقط ڏَهَه سورتون قرآن جي مثال ٺاهي ڏيکاريو ۽ توهان جيڪا طاقت رکي سگھو ٿا الله کان سواءِ اُن کي پڪاريو جيڪڏهن توهان سچا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا، هي ماڻهو چون ٿا ته هن شخص (تو) هن (قرآن) کي پاڻ ٺاهيو آهي. ته تون (کين صاف کولي) چئو ته جيڪڏهن اوهين (ان ڳالھ ۾) سچا آهيو ته (وڌيڪ نه فقط) اهڙيون سورتون ته ٺاهي آڻيو ۽ خدا کان سواءِ جن کي اوهين مدد لاءِ سڏائي سگهو سڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا چون ٿا ته ٺاهيائين ان کي فرماءِ ته: پوءِ آڻيو ڏھ سورتون ان جھڙيون هٿ جون ٺاهليون ۽سڏيو ان کي جو سڏي سگھو الله کانسواءِ جيڪڏهن آهيو سچا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀل اهي چون ٿا ڇا ته اهو پاڻ ٺاهيو اٿس (کين) چو ته پوءِ ان جهڙيون ڏهه سورتون بڻايل آڻيو ۽ الله کان سواءِ جنهن کي سڏي سگهو تنهن کي سڏيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اهي چون ٿا ته اِهو (قرآن) ان (پيغمبر) پاڻ ٺاهيو آهي؟ چؤ ته: ”پوءِ ان جهڙيون ٺاهيل ڏهه سورتون آڻيو ۽ الله کان سواءِ جن (پنهنجي معبودن) کي (مدد لاءِ) سڏي سگھو ٿا ته سڏيو جيڪڏهن اوهان (پنهنجي دعويٰ ۾) سچا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، مُورک چَونِ مُورهين، هِن ٺاهِي هِيء ڳالھ؟ چئو، پوءِ جُڙتُو ڏَھ سُورتون، ڪي آڻيو اِن مِثال، ۽ سائـِين سوا، تن سَڀن سَڏيو، پُهچيو جن پيمال، سَچامَنجھ سُوال، جي مُورک! آهيو مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو چون ٿا ته ”نبيءَ قرآن کي پاڻان ٺاهيو آهي؟“ چئو ڀلا جي سچا آهيو ته اهڙيون ڏهه سورتون ته ٺاهي ڏيکاريو. ۽ ڀل الله کانسواءِ ٻين جن کي به سڏي سگهو تن کي سڏيو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهي چون ٿا ته نبيءَ اهو ڪتاب پاڻ ٺاهيو آهي؟ چڱو جيڪڏهن ائين آهي ته ان جهڙيون ڏهه پنهنجون ٺاهيل سورتون آڻي ڏيکاريو ۽ الله کان سواءِ جنهن کي وَڻيوَ تنهن کي (پنهنجي مدد لاءِ) سڏيو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي چون ٿا ته پيغمبر هيءُ ڪتاب پاڻ ٺاهيو آهي؟ چوين ته ٺاهي اچو ڏهه سورتون توهان به ان جهڙيون ۽ جيڪي ٻيا توهان جا خدا توهان جي مدد لاءِ اچي سگهن ٿا، انهن کي به سڏي وٺو الله کان سواءِ، جي توهان (کين خدا سمجهڻ ۾) سچا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا ھو چون ٿا ته هي (قرآن) هن پاڻ گهڙيو آھي. (جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته) پوءِ کين چيلنج ڏي ته توھان ڏھ سورتون ان جھڙيون ٺاھي ڏيکاريو ۽ ان ڪوشش ۾ اللھ تعالى کان سواءِ جنھن کي سڏي سگهو ٿا کين سڏيو. جيڪڏھن توھان واقعي سچا آھيو ته (سڀ ملي ڪري به) اھو ڪم ڪري ڏيکاريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِلَّم يَستَجيبوا لَكُم فَاعلَموا أَنَّما أُنزِلَ بِعِلمِ اللَّهِ وَأَن لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 14) |
پوءِ جيڪڏھن اوھان جو (اھو چوڻ) قبول نه ڪن ته ڄاڻو ته (اُھو قرآن) رڳو الله جي علم سان لاٿو ويو آھي ۽ (ڄاڻو) ته ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پوءِ اوھين اسلام تي (مُحڪم) ڇونه رھندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪڏهن (توهان جا ٺهرايل معبود) توهان جي پڪار جو جواب نه ڏين (۽ توهان اهڙيون سورتون نه ٺاهي سگهو) ته توهان سمجهي ڇڏيو ته قرآن الله ئي جي علم سان نازل ٿيو آهي. ۽ هيءَ ڳالهه به حق آهي ته هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، هاڻي ٻڌايو ته، توهان اها ڳالهه قبول ڪيو ٿا ۽ الله جي فرمانبرداري ڪيو ٿا يا نه؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن اهي توهان کي جواب نه ڏين، پوءِ توهان يقين ڪريو ته قرآن ڪريم الله جي علم سان نازل ڪيو ويو آهي. الله کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي، پوءِ ڇا توهان (هاڻي) تسليم ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن اوهان جي ڳالھ قبول نه ڪن ته ڄاڻو ته هي (قرآن) فقط خدا جي علم سان نازل ڪيل آهي. ۽ (هي به) ته خدا کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. ته ڇا اوهين اڃا اسلام به آڻيندا (يا نه؟).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن نه قبول ڪن اوهان جو (چوڻ) پوءِ يقين ڄاڻو ته تحقيق نازل ڪيو ويو آهي الله جي علم سان ۽ هي ته ناهي ڪو عبادت جو حقدار مگر اهو پوءِ ڇا اوهان مڃيندڙ آهيو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن اوهان جي ڳالهه قبول نه ڪن ته ڄاڻو ته ان کي رڳو الله جي علم سان لاٿو ويو آهي ۽ (هن ڳالهه کي به) ته ان کان سواءِ ڪو حاڪم نه آهي ڇا پوءِ اوهين حڪم تي هلڻ وارا آهيو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اگر اهي (ڪوڙا معبود) اوهان جي مدد لاءِ نه پهچن ته پوءِ يقين ڄاڻو ته هي قرآن الله جي علم سان لاٿو ويو آهي ۽ هي ته الله کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي. ڇا پوءِ اوهان فرمانبردار آهيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڏِينِئان، نه جواب ڪو، ته سَمجِھي وَڃو سڄاڻ!، ته عِلم ساڻ اَلله جي، لَٿا اِهي اُهڃاڻ، تِنهن ڌاران، ڌڻي ناهي ڪو، جوڏي، ڏينهن کي ڏاڻ، پوءِ، ڪِ اَوهين پاڻ، آهيو مَڃيندڙ مورهين؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جي اوهان جي اها ڳالهه قبول نه ڪن، ته سمجهو ته هي الله جي علم سان ئي لٿل آهي ۽ اهو به، ته ان ڌاران ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ناهي. پوءِ ڀلا هاڻ ته مڃيندڙ آهيو نه؟. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جيڪڏهن اهي توهانجي نٿا مڃين ته ڄاڻي ڇڏيو ته اهو الله جي علم مطابق نازل ٿيو آهي ۽ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. ڇا پوءِ (انهيءَ حق جي آڏو) توهان ڪنڌ جهڪائڻ وارا ٿيندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي جي اهي (توهان جا خدا) مدد لاءِ نٿا اچن توهان لاءِ، ته پوءِ سمجهي وٺو ته اهو نازل ٿيو آهي الله جي علم سان ۽ هي به ته ڪوبه حقيقي خدا ناهي الله کان سواءِ، آخر ته توهان (حق جي آڏو) ڪنڌ جهڪائيندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جيڪڏھن (اھي شريڪ) توھان کي ڪوبه جواب نه ڏين ته توھان سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ ھي قرآن اللھ تعالى جي علم سان نازل ڪيو ويو آھي. ان کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق آهي ئي ڪونه. پوءِ ڇا توھان مسلمان ٿيڻ لاءِ تيار آھيو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن كانَ يُريدُ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها نُوَفِّ إِلَيهِم أَعمٰلَهُم فيها وَهُم فيها لا يُبخَسونَ (آيت : 15) |
جيڪو دنيا جي حياتي ۽ سندس سينگار گھرندو ھجي تن کي دنيا ۾ (ئي) سندن عملن جو اجورو پورو ڏينداسون ۽ انھن کي اُن ۾ گھٽ نه ڏبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو (فقط) دنيا جي زندگي ۽ ان جي زينت چاهي ٿو تنهن لاءِ (اسان جو قانون هي آهي ته) سندس ڪوشش ۽ عمل جا نتيجا هتي (هن دنيا ۾) پورا پورا ڏئي ڇڏيون ٿا ۽ هن لاءِ هن دنيا ۾ ڪجهه به گهٽتائي ڪانه ٿي ڪئي وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو ماڻهو دنيا جي حياتي ۽ اُن جي زينت چاهي ٿو اسين کين دنيا ۾ سندن عملن جي جزا عطا ڪريون ٿا ۽ انهن کي دنيا ۾ نقصان نٿو ڏنو وڃي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي دنيا جي حياتي ۽ ان جو سينگار گهرن ٿا تن کي دنيا ۾ ئي سندن عملن جو پورو بدلو ڏيون ٿا ۽ اهي ان دنيا ۾ نقصان ۾ نه هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو شخص به ارادو ٿو ڪري حياتيءَ دنيا واريءَ جو ۽ سينگار ان جي جو ته پوءِ بدلو ڏينداسون انهن کي عملن انهن جي جو ان ۾ اهي ان ۾ نه نقصان ڏنا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي دنيا جي حياتي ۽ ان جو سينگار گهرن ٿا تن کي دنيا ۾ ئي سندن عملن جو پورو بدلو ڏينداسون ۽ کين ان (دنيا) ۾ گهٽ نه ڏنو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي ماڻهو دنيا جي زندگي ۽ ان جو سينگار چاهن ٿا ته انهن کي دنيا ۾ ئي سندن عملن جو پورو پورو بدلو ڏينداسين ۽ اُهي ان ۾ ڪونه گهٽايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو گُھري حَياتِي نَنڍڙِي، ۽ سَندسِ پڻ سِينگار، اُن ۾ عمل اُنهن جا، پاڙي ڏِيونِ پار، ۽ تِنهِين ۾ تڪرار، اوڇو نه ڏِبو اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو شخص دنيا جي حياتي ۽ سندس سينگار طلبيندو، ته اسين کيس انهيءَ ۾ ئي سندس ڪمن جو بدلو پورو ڏينداسون ۽ انهيءَ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو بس هن دنيا جي زندگي ۽ ان جي سينگار جي ڪڍ آهن، انهن جي ڪئي ڪمائيءَ جو سارو ڦل اسان کين هتي ئي ٿا ڏئي ڇڏيون ۽ ان ۾ کين ڪابه ڪــَـسُ نٿي لڳائي وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ماڻهو رڳو هن حياتي دنيا جي سونهن سوڀيا جا طالب آهن تن جي ڪيل ڪمائيءَ جو سمورو ڦل هتي ڏئي کين ڪا ڪس نه لڳائيندا آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اھو ٻڌي ڇڏيو ته) جيڪي ماڻهو دنيا جي زندگي ۽ ان جي خوشحالي چاھيندا آھن، اھڙن چاھيندڙن جي عملن جو بدلو اسان کين ھن دنيا ۾ ئي ڏئي ڇڏيندا آھيون ۽ ان ۾ ذرو به گهٽتائي نه ڪئي ويندي آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَيسَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ إِلَّا النّارُ وَحَبِطَ ما صَنَعوا فيها وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 16) |
اِھي اُھي آھن جن لاءِ آخرت ۾ باہ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي، ۽ جيڪي دنيا ۾ ڪيائون سو چٽ ٿيو ۽ جيڪي ڪمائيندا ھوا سو باطل ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر (ياد رکو ته) هي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ آخرت (جي زندگيءَ) ۾ (دوزخ جي) باهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو. (ڇو ته هو حقيقتن کان منڪر ٿي گناه جا ڪم به ڪندا هئا). جيڪي به هنن دنيا ۾ ٺاهيو سو سڀ ضايع ٿي ويندو ۽ جيڪي عمل هو ڪندا رهيا آهن سي نابود ٿي ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ آخرت ۾ باه کانسواءِ ڪجھه به ناهي، ۽ دنيا ۾ جيڪي ڪيائون سو ضايع ٿي ويو ۽ سندن عمل (ريا وارا ) باطل ٿي ويا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر (ها) هي اهي آهن جن لاءِ آخرت ۾ (دوزخ جي) باھ کان سواءِ (ٻيو) ڪجھ نه آهي. ۽ جو ڪجھ دنيا ۾ ڪيو هوندائون سو آخرت ۾ برباد ٿيندو ۽ جيڪي پيا ڪن سو برباد ٿيندن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهيئي اهي آهن جو ناهي انهن لاءِ آخرت ۾ مگر باھ ۽ برباد ٿي ويو اهو جو ڪيائون ۽ باطل آهي اهو جو ڪيو هيائون.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اِهي اُهي آهن جن لاءِ آخرت ۾ باهه کان سواءِ (ٻيو) ڪجهه نه آهي ۽ جو ڪجهه ڪيو هوندائون سو آخرت ۾ برباد ٿيندو ۽ جيڪي پيا ڪن سو بيڪار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ آخرت ۾ ڪجهه ناهي سواءِ جهنم جي. ۽ برباد ٿي ويو جيڪو هتي (دنيا ۾) بنايائون ۽ چَٽُ ٿي ويو جيڪي عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي، اُنهن لئي آخرت ۾، ڪُجھ ڪونهي، دوزخ ڌار، ۽ ڪانٽي مان ڪيريا وِيا، جيڪا مَنجھسِ، ڪنداهئا ڪار، ۽ باطِل ۽ بيڪار، جي ڪَندا آهن ڪَمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ئي آهن جن لاءِ آخرت ۾ رڳي باهه آهي ۽ جيڪي دنيا ۾ بنايائون سو سڀ اجايو ويو ۽ جيڪي ٿا ڪن سڀ غلط آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر آخرت ۾ انهن لاءِ سواءِ باهه جي ٻيو ڪجهه به ناهي. (اتي پتو پئجي ويندنِ ته) جيڪي ڪجهه دنيا ۾ گهڙيو هئائون سو سڀ چٽ ٿي وين ۽ سندن سارو عمل ته آهيئي ڪوڙ تي ٻڌل (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙن ئي ماڻهن جي لاءِ ڪوبه حصو نه آهي آخرت ۾ سواءِ باهه جي، (اتي پتو پوندن) دنيا ۾ جيڪي ٺاهيو هو سو ناس ٿي ويو ۽ باطل آهي جيڪي ڪجهه هنن ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙن ماڻهن جي لاءِ آخرت ۾ باهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ھوندو ۽ ھن دنيا ۾ انهن جيڪو ڪمايو ۽ عمل ڪيو، سو سڀ بيڪار ٿي ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَمَن كانَ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبِّهِ وَيَتلوهُ شاهِدٌ مِنهُ وَمِن قَبلِهِ كِتٰبُ موسىٰ إِمامًا وَرَحمَةً أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ مِنَ الأَحزابِ فَالنّارُ مَوعِدُهُ فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِنهُ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 17) |
(اُھو ماڻھو گمراھن جھڙو نه آھي) جيڪو پنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان پڌري حجت تي ھجي ۽ الله کان اُن لاءِ شاھد (يعني قرآن پڙھندو) ھجي ۽ اُن (قرآن) کان اڳ موسىٰ جو ڪتاب (توريت) امام ۽ رحمت (به گواہ ھجي)، اِھي (ماڻھو) اُن (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا، (پوءِ انھن جي سڀني) ٽولين مان جيڪو اُن (قرآن) جو انڪار ڪندو تنھن جي رھڻ جو ھنڌ باھ آھي، تنھنڪري (تون) کانئس شڪ ۾ نه ھُج، اُھو تنھنجي پالڻھار جي پار کان حق (لٿو) آھي پر گھڻا ماڻھو ايمان نه ٿا آڻين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري ڏسو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي پروردگار جي طرف کان هڪڙو روشن دليل رکندڙ هجي (يعني وجدان ۽ عقل جو فيصلو) ۽ ان سان گڏ هڪڙو شاهد به هن جي طرف کان اچي ويو هجي (يعني الله جو وحي) ۽ ان کان اڳي حضرت موسيٰ جو ڪتاب جو رهنمائي ڪندڙ ۽ سراسر رحمت هو سو به اچي چڪو هجي (۽ تصديق ڪندڙ هجي ته پوءِ به اهڙا ماڻهو انڪار ڪري ٿا سگهن ڇا؟ نه) هي ماڻهو مٿس ايمان آڻين ٿا ۽ (ملڪ جي مختلف) ٽولين مان جيڪي به ان جا منڪر ٿيا تن بابت يقين رکو ته انهن لاءِ (دوزخ جي) باه ئي (ٺڪاڻو) آهي، جنهن جي کين واعدو ڪيو ويو آهي. پوءِ (اي پيغمبر!) تون ان باري ۾ ڪنهن به طرح جو شڪ نه آڻ. (يعني قرآن جي دعوت جي ڪاميابي بابت ڪنهن به طرح جو شڪ نه ڪجانءِ) اهو تنهنجي پروردگار جي طرف کان حق ئي حق آهي، پر (افسوس! هيئن ٿو ٿئي جو) اڪثر ماڻهو (سچائيءَ تي) ايمان نٿا آڻين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ رسولِ عربي (۽ مؤمن) پنهنجي رب جي طرفان دليل تي ناهن (يقيناً آهن) ۽ رسولِ عربي تي جبريل امين قرآن ڪريم پڙهي ٿو ۽ قرآن ڪريم کان اڳ ۾ تورات به (جبريل جي معرفت) نازل ٿيو جيڪو رهنما ۽ رحمت هو، اهي ماڻهو قرآن ڪريم تي ايمان آڻن ٿا، ۽ جيڪي ماڻهو (ڪافر) قرآن جو انڪار ڪن ٿا پوءِ انهن جي جاءِ جهنم آهي. پوءِ (اي ٻڌندڙ) تون ڪنهن به شڪ ۾ نه ٿيءُ، بيشڪ قرآن ڪريم تنهنجي رب جي طرفان حق آهي ۽ پر اڪثر ماڻهو ايمان نٿا آڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا جو شخص پنهنجي پالڻهار جي طرفان روشن دليل تي هجي ۽ سندس قدم بقدم پٺيان ان جو هڪ شاهد هجي ۽ ان کان اڳ موسى جو ڪتاب (توريت) جيڪو (ماڻهن لاءِ) پيشوا ۽ رحمت هو (سو به سندس تصديق ڪندو هجي اهو بهتر آهي يا ڪو ٻيو؟) اهي ماڻهو سچا ايماندار آهن ۽ سڀني فرقن مان جيڪو شخص ان جو انڪار ڪري ته ان جو ٺڪاڻو بس (دوزخ جي) باھ آهي. ته تون ڪو هن جي پاسي کان شڪ ۾ نه رهج! بيشڪ هي قرآن تنهنجي پالڻهار جي طرفان برحق آهي پر گهڻا ماڻهو ايمان نه ٿا آڻين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ جيڪو هجي روشن دليل تي پنهنجي رب جي طرفان ۽ اچي ان وٽ شاهد ان جي طرفان ۽ اڳي ان کان آهي ڪتاب موسى جو امام ۽ رحمت اهي ئي ايمان آڻين ٿا ان تي ۽ جيڪو ڪفر ڪندو ان جو جماعتن مان پوءِ باھ ان جي وعدي جي جاءِ آهي پوءِ نه هج تون شڪ ۾ ان کان بيشڪ اهو حق آهي طرفان رب تنهنجي ۽ پر اڪثر ماڻهو ايمان نه ٿا آڻين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ (اهڙو ماڻهو ان جهڙو آهي) جيڪو پنهنجي پاليندڙ جي طرفان ظاهر ثابتي (عقلي دليل) تي آهي ۽ ان ثابتيءَ جي پٺيان سندس (پاليندڙ جي) طرفان هڪ شاهد (قرآن) آهي ۽ ان کان اڳ موسيٰ جو ڪتاب پيشوا ۽ رحمت هو (سوبه شاهد آهي) اهي قرآن تي ايمان آڻين ٿا. ۽ جيڪو به سڀني جماعتن مان ان جو انڪار ڪندو تنهن جي انجام جي جاءِ باهه آهي. پوءِ (اي پيغمبر!) تون قرآن جي طرفان شڪ ۾ نه ٿيءُ! بيشڪ اهو تنهنجي پاليندڙ جي طرفان حق آهي پر گهڻ ماڻهو يقين نه ٿا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ اُهو ماڻهو جيڪو پنهنجي پالڻهار پاران چِٽي دليل تي هيو؟ ۽ ان تي الله جي پاران هڪ شاهد (قرآن به) اچي ويو ۽ ان کان اڳ موسى جو ڪتاب (به شاهد آهي) جيڪو پيشوا ۽ رحمت آهي. ڇا (اهو ٻين جي برابر ٿي سگهي ٿو)؟ اِهڙا ماڻهو ته ان (قرآن) تي ايمان آڻن ٿا. ۽ (انسانن جي) سڀني ٽولن مان جيڪو به ان (قرآن) سان ڪفر ڪندو ته پوءِ ان جي وعدي جي جاءِ جهنم آهي. پوءِ تون ان بابت ڪنهن شڪ ۾ نه رهه. بيشڪ اهو تنهنجو پالڻهار پاران حق آهي ۽ پر گھڻا ماڻهو نه ٿا مڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جو صَحِي ثابـتِيء مَٿي، پاران سَندسِ پَرور، ۽ پڙهيسِ پاران اُن جي، شاهِد مُعتبر، ۽ ڪِتاب مُوسٰى مِير جو، مَهند تِنهان مِهتر، رحمت ۽ رَهبر؛ اُهي مَڃِينسِ مُورهين. ۽ ٻِين قومن مان، جو ڪندو اِنهيء کان اِنڪار، پوءِ دوزخ ديرو اُن جو؛ تون مَنجهسِ، شَڪ نه شُـمار، پَڪ تُنهنجي، پاڪ ڌَڻِيء کان، هِي نُوري حَق نِبار، پَر آڻِينِ، نه اِعتبار، ماڻهو گَھڻا مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا جيڪو شخص سندس رب کان آيل صاف رستي تي آهي ۽ ان سان گڏ ان وٽان هڪ شاهد به آهي ۽ ان کان اڳ موسيٰ جو ڪتاب به رستي ڏيکاريندڙ ۽ رحمت آهي، اهڙا ئي ان تي ايمان آڻيندڙ آهن_ ۽ ٻين فرقن مان جيڪو به سندس انڪار ڪندو، ان جو ٺڪاڻو دوزخ آهي_ ان ڪري تون ان بابت شڪ نه ڪر، بيشڪ اهو تنهنجي ڌڻي وٽان آيل حق آهي، پر گهڻا ماڻهو ايمان آڻين نٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڀلا جيڪو شخص پنهنجي رب جي طرفان هڪ پڌري ثبوت وارو هو، جنهن جي پٺيان هڪ شاهد پڻ پروردگار وٽان (ان ثبوت جي تائيد ۾) اچي ويو ۽ اڳ ۾ موسيٰ جو ڪتاب به اڳواڻ ۽ رحمت بڻجي آيل موجود هو (ڇا اهو به دنيا پرستن وانگر ان کان انڪار ڪري سگهي ٿو؟) اهڙا ماڻهو ئي ته ان تي ايمان آڻيندا ۽ انساني ٽولن مان جيڪو به انڪار ڪندو ته ان لاءِ جنهن جاءِ جو وعدو ٿيل آهي، سا دوزخ آهي، تنهنڪري اي نبي! تون ان شيءِ جي باري ۾ ڪنهن به شڪ ۾ نه پؤ، اهو ته حق ئي آهي، تنهنجي رب جي پار کان، پر گهڻا ماڻهو نٿا مڃين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو شخص پنهنجي پالڻهار جي طرفان پڌري شاهدي رکڻ وارو هو ۽ ان بعد هڪ شاهد پالڻهار طرفان ان جي تائيد ۾ (قرآن) اچي ويو ۽ اڳي ئي موسيٰ جو ڪتاب جيڪو رهنما ۽ رحمت طور آيل موجود هو (ڇا اهو دنيا پرستن وانگر ان کان انڪار ڪندو؟) اهڙا ماڻهو ان تي ايمان آڻيندا ۽ انساني ٽولن مان جيڪو ان جو انڪار ڪندو، تن لاءِ جيڪو وعدو آهي سا دوزخ آهي، پوءِ (اي پيغمبر!) تون ان شيءِ بابت شڪ ۾ نه پئجان، اهو ئي حق آهي تنهنجي رب جي طرفان، پر ڪيترا ئي ماڻهو آهن جيڪي ناهن مڃيندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا جيڪو ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي طرفان (فطري طور) واضح دليل تي قائم ھجي ۽ وري اُن (پالڻھار) جي طرفان ان وٽ (تائيد ۾) ھڪ شاھد (يعني قرآن) به موجود ھجي ۽ اُن قرآن کان پھريائين موسى ($) جو ڪتاب (تورات) به رھنمائي ۽ رحمت طور وٽس موجود ھجي (پوءِ ته انڪار ڪرڻ ناممڪن ٿي وڃي ٿو) تنھن ڪري اھڙا ماڻهو ان قرآن تي ضرور ايمان آڻين ٿا ۽ جيڪي به گروهه ان قرآن جو انڪار ڪن ٿا ته دوزخ ئي انهن سان ڪيل وعدي جي جڳھ آھي، سو توھان کي ھن قرآن جي باري ۾ ڪوبه شڪ نه ٿيڻ کپي. اھوئي اوھان جي پالڻھار جي طرفان برحق آھي. پر گهڻا ماڻهو مڃين ئي نٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أُولٰئِكَ يُعرَضونَ عَلىٰ رَبِّهِم وَيَقولُ الأَشهٰدُ هٰؤُلاءِ الَّذينَ كَذَبوا عَلىٰ رَبِّهِم أَلا لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 18) |
۽ جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي، اھي پنھنجي پالڻھار جي آڏو ڪيا ويندا ۽ شاھد چوندا ته اھي آھن جن پنھنجي پالڻھار تي ڪوڙ چيو، خبردار (انھن) ظالمن تي الله جي لعنت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جو ڪوڙ ڳالهائي خدا تي بهتان لڳائي، جيڪي ائين ڪري رهيا آهن، سي پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ پيش ڪيا ويندا ۽ ان وقت شاهد شاهدي ڏيندا ته هي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار تي ڪوڙ هنيو هو. سو ٻڌي ڇڏيو ته انهن ظالمن تي الله جي لعنت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اُن ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير ٿي سگھي ٿو جيڪو الله تعالى تي ڪوڙ مڙهي، اهي ماڻهو الله تعالى جي دربار ۾ پيش ڪيا ويندا ۽ ملائڪ شاهدي ڏيندا ته اِهي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي رب تي ڪوڙ مڙهيو هو، خبردار! الله تعالى جي لعنت ظالمن تي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪو شخص خدا تي ڪوڙ بدوڙ ٻڌي، ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو؟ اهڙا ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ پيش ڪيا ويندا پڻ شاهد چوندا ته اهي ئي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار تي ڪوڙ بدوڙ ٻڌو. ياد رکو! ظالمن تي خدا جي ڦٽڪار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪير وڌيڪ ظالم آهي ان کان جو ٺاهي هنيائين الله تي ڪوڙ اهي پيش ڪيا ويندا پنهنجي رب جي اڳيان ۽ چوندا شاهد ته هي اهي آهن جو ڪوڙ هنيائون پنهنجي رب تي خبردار الله جي لعنت آهي ظالمن تي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن الله تي ڪوڙ گهڙيو تنهن کان وڏو ظالم ڪير آهي؟ انهن کي سندن پاليندڙ جي روبرو ڪيو ويندو ۽ شاهدَ چوندا ته هي اُهي آهن جن پنهنجي پاليندڙ تي ڪوڙ ڳالهايو. خبردار رهو! (انهن) ظالمن تي الله جي لعنت آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان کان زور ظالم ڪير آهي؟ جنهن الله مٿان ڪوڙو بهتان مڙهيو. انهن کي سندن پالڻهار سامهون ڪيو ويندو ۽ شاهدَ چوندا ته (هي) اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پاليندڙ تي ڪوڙ مڙهيو هيو. خبردار! ظالمن تي الله جي لعنت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن کان ڪَسر ڪير ٻيو، آهي آزارِي؟ جِنهن جوڙيو جُڙتو ڳالهيون بَرسِر مَٿي بارِي، سَندنِ سائـِينءَ پيش ڪبا،سي تِنهن ڏِينهن ڏوهارِي، ۽ شاهِد چوندا سامَهان، هي سي پَرَجاپُوڄارِي، جي سَندنِ سائـِينءَ تي هُئا، ڪُوڙ ڪَندڙ قارِي، سَمجھ، ته لَعنت سائـِينءَ جِي، سَتمگَرن تي سارِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان کان وڌيڪ ظالم ڪهڙو چئبو جنهن الله تي ڪوڙ ٺاهيو؟ اهڙا شخص سندن ڌڻيءَ وٽ پيش ٿيندا ۽ شاهد چوندا ته ”هي اهي آهن جن سندن ڌڻيءَ تي ڪوڙ ٺاهيو،“ ياد رکو، ته ظالمن تي الله جي لعنت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله تي ڪوڙَ مڙهي؟ اهڙا ماڻهو پنهنجي رب آڏو پيش ٿيندا ۽ شاهد شاهدي ڏيندا ته اِهي آهن اُهي ماڻهو، جن پنهنجي رب تي ڪوڙ مڙهيو هو، ٻڌي ڇڏيو ته الله جي لعنت آهي ظالمن تي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان شخص کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير ٿيندو جيڪو الله تي ڪوڙ ٺآهيندو هجي، اهڙا ماڻهو پيش ٿيندا پنهنجي رب جي حضور ۾ ۽ شاهد شاهدي ڏيندا ته هي آهن اهي ماڻهو جن ڪوڙ ٺاهيو پنهنجي رب تي، (اي رسول! ٻڌ!) لعنت آهي الله جي ظالمن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (توھان پاڻ ئي ڏسي وٺو ته) ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو جيڪو اللھ تعالى تي ڪوڙ ھڻي، اھڙا ماڻهو (جڏھن) پنھنجي پالڻھار جي سامھون پيش ڪيا ويندا ته گواھي ڏيندڙ شاھدي ڏيندا ته ھي اُھي ماڻهو آھن جن پنھنجي پالڻھار تي ڪوڙ ھنيو ھو، (پوءِ) اھڙن ظالمن تي اللھ تعالى جي لعنت هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 19) |
جيڪي الله جي واٽ کان جھليندا آھن ۽ ان جي ڏنگائي گھرندا آھن، ۽ اُھي ئي آخرت کي نه مڃيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي الله جي راه کان سندس بندن کي روڪين ٿا ۽ چاهين ٿا ته ان ۾ ور وڪڙ ۽ ڏنگائي پيدا ڪن ۽ جي آخرت جا به منڪر آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي الله تعالى جي راه کان روڪن ٿا ۽ انهي واٽ کي ٽيڙو سمجھن ٿا، ۽ اِهي اِهي آخرت جو انڪار ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي خدا جي راھ کان ماڻهن کي جهلين ٿا ۽ ان ۾ وڏ ڪڍڻ گهرن ٿا ۽ اهي ئي ماڻهو آخرت جا منڪر آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي شخص جو روڪين ٿا الله جي واٽ کان ۽ طلب ڪن ٿا ان کي ڏنگو ۽ اهي ئي آخرت جا انڪاري آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي الله جي رستي کان روڪين ٿا ۽ ان ۾ ڏنگائي گُهرن ٿا. ۽ اُهي آخرت جا انڪار ڪندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي ماڻهو الله جي راهه کان روڪن ٿا ۽ ان ۾ ڏنگاڻ چاهن ٿا ۽ اُهي آخرت جا انڪاري آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) روڪينِ ربَّ جِي راه کان، ۽ ساگُھرنسِ، وَرَ وارِي، ۽ اُهي اِنڪاري، آهِن آخرت کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي الله جي راهه کان روڪين ٿا ۽ ان ۾ رنڊڪون ٿا چاهين ۽ اهي ئي آخرت کي نٿا مڃين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ظالمن تي، جيڪي الله جي واٽ کان ماڻهن کي روڪين ٿا ۽ انکي ڏِنگو ڦــِـڏو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ آخرت جو انڪار ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ئي ظالم آهن جيڪي روڪين ٿا الله جي راهه کان ماڻهن کي ۽ ان جي راهه کي موڙڻ گهرن ٿا، ۽ اهي آخرت جو انڪار ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ٻين ماڻهن کي اللھ تعالى جي رستي کان روڪين ٿا ۽ ان راهه ۾ ڏنگائي پيدا ڪرڻ گهرن ٿا سي سڀ آخرت جو انڪار ڪندڙ آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ لَم يَكونوا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما كانَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ يُضٰعَفُ لَهُمُ العَذابُ ما كانوا يَستَطيعونَ السَّمعَ وَما كانوا يُبصِرونَ (آيت : 20) |
اُھي مُلڪ ۾ ڪڏھن عاجز ڪرڻ وارا نه آھن ۽ الله کانسواءِ (ٻيا ڪي) انھن جا مددگار نه آھن، انھن کي ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو، جو ٻُڌي نه ٿي سگھيا ۽ نه ٿي ڏٺائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ماڻهو نڪي زمين ۾ (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا آهن (يعني الله جي ڪمن کي روڪي ڪين سگهندا) نڪي الله کان سواءِ انهن جو ڪوئي ڪارساز آهي. انهن کي ٻيڻو عذاب ٿيندو. (ڇو ته سندن سرڪشي ۽ ضديت اهڙي ته هئي جو) نڪي حق جي ڳالهه ٻڌي سگهندا هئا، نڪي (حقيقت جي روشني) ڏسي سگهندا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي (ڪافر) زمين ۾ عذاب الاهي کي روڪي نٿا سگھن ۽ انهن وٽ الله کان سواءِ ڪي به مددگار ناهن، انهن لاءِ عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو (يعنى) اُهو (عذاب) جيڪو نه ٻُڌي سگھندا ۽ نه ڏِسي سگھندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو روءِ زمين ۾ خدا کي عاجز ڪري نه ٿا سگهن ۽ نه (وري) خدا کان سواءِ ڪو سندن سرپرست ئي ٿيندو. انهن لاءِ عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو. اهي ماڻهو (ساڙ کان) نه ته (حق جي ڳالھ) ٻڌي سگهندا هئا ۽ نه ئي ڏسي سگهندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهن عاجز ڪندڙ زمين ۾ ۽ ناهن واسطي انهن جي سواءِ الله جي ڪي مددگار ٻيڻو ڪيو ويندو انهن لاءِ عذاب نه ٿا طاقت رکن ٻڌڻ جي ۽ نه هئا جو ڏسن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي مُلڪ ۾ عاجز ڪرڻ وارا نه آهن ۽ نه الله کان سواءِ انهن جا ڪي مددگار آهن. انهن لاءِ عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو. اهي (سخت ناراضپي ڪري) نه ته پيا ٻڌي سگهن ۽ نه پيا ڏسن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي زمين ۾ (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه هئا ۽ نه ئي انهن جا الله جي مقابلي ۾ ٻيا ڪي مددگار هئا. انهن تي عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو. نه اُهي (حق) ٻڌي سگهندا هيا ۽ نه اهي (حق) ڏسي سگهندا هيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهي ڏاڍا ناهِن ڏيہ ۾، ۽ نه آهِن ڌَڻِيان ڌار، اُهکي ويل اُنهن لئي، اولياءَ، ڪي آڌار؛ اُنهن لئي، عذاب کي، ٻِيڻو ڪبو ٻِيهار، نه ٻُڌِي سَگھنِِ ٻاڪار، ۽ نه ڏِسِي سگھن ڪُجھ ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙا نڪي الله کان زمين ۾ کٽي سگهيا ۽ نڪي الله ڌاران سندن ڪو به حمايتي آهي، هنن لاءِ ٻيڻو عذاب آهي، جو هو نڪي (حق) ٻڌي سگهندا هئا نڪي ڏسي سگهندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي زمين ۾ الله کان زور نه هئا ۽ نڪي الله کانسواءِ سندن ڪو مددگار ئي هو، انهن کي هاڻي ٻيڻو عذاب ملندو. هو نه ڪنهن جي ٻڌي ٿي سگهيا ۽ نه وري پاڻ ئي ٿي ڪجهه ڏٺائون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي نه ته (الله کي) بي وس ڪرڻ وارا زمين ۾ هئا ۽ نه وري سندن ڪوبه الله جي مقابلي ۾ حمايتي هو، هاڻي ته کين ڏنو ويندو ٻيڻو عذاب، اهي نه ته سگهه رکندا هئا ڪنهن جي ٻُڌڻ جيي ۽ نه وري پاڻ کي ئي سمجهه هوندي هين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھو زمين ۾ (اللھ تعالى کي) بي وس ڪرڻ وارا نه ھئا ۽ نه ئي انهن جو اللھ تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو مددگار ھو. سو کين ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو ڇاڪاڻ جو ھو (حق ڳالهه کي) نه غور سان ٻڌندا ھئا ۽ نه ئي ان کي اکيون پٽي ڏسندا ھئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 21) |
اِھي اُھي آھن جن پاڻ کي ڇيئو لاتو ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کانئن ڀلجي ويو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجون جانيون تباهه ڪيون ۽ (زندگيءَ ۾) جيڪي جيڪي (حق جي خلاف) ڪوڙ ٺاهيائون سي سڀ (آخرت ۾) کانئن گم ٿي ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ماڻهن پنهنجي نفسن کي نقصان ۾ وڌو ۽ انهن جا هٿرادو بُت غائب ٿي ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجو پاڻ ئي نقصان ڪيو ۽ جيڪي افترا پردازيون ڪندا هئا سي (سڀ قيامت ۾ کين ڇڏي) گم ٿي وينديون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهيئي اهي آهن جو نقصان ۾ وڌائون سر پنهنجا ۽ گم ٿيو انهن کان اهو جو هٿ جو ٺاهيو هيائون.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي اهي آهن جن جو پنهنجو پاڻ کان نقصان ٿيو ۽ جيڪي ٺاهه پيا ٺاهين سي انهن کان گم ٿي ويندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي آهن جن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو ۽ اُهو سڀ انهن کان گم ٿي ويو جيڪي ٺاهه ٺاهيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاڻهِي وِڌائون پاڻ کي، نِسورو نُقصان، ۽ وِڃائجِي کانئُنِ وِيا، جي ٿاڦِيندا هُئا ٿان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙن شخصن پنهنجي پاڻ کي نقصان ۾ وڌو ۽ جيڪي ٺاهه ٿي ٺاهيائون سي وڃائجي وين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ئي ماڻهو آهن، جن پنهنجو پاڻ کي ٽوٽي ۾ وڌو آهي ۽ کانئن اهو سڀ ڪجهه گم ٿي ويو، جيڪي گهڙيو هئائون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي ئي ماڻهو هئا جن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو ۽ گم ٿي ويو اهو سڀ انهن کان جيڪو انهن پاڻ ٺاهيو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ئي ماڻهن پنھنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو آهي ۽ جيڪي ڪجهه ھو ڪوڙ ھڻندا ھئا، سي سڀ انهن جا ضايع ٿي ويا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا جَرَمَ أَنَّهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 22) |
بيشڪ اِھي (ماڻھو) ضرور آخرت ۾ ڇيئي وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اهي ماڻهو آخرت ۾ سڀني کان زياده تباه حال ٿيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهي سببان بيشڪ اِهي اِهي آخرت ۾ گھڻي نقصان وارا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي ئي آخرت ۾ سخت نقصان وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ يقينًا اهي آخرت ۾ اهي ئي زياده نقصان وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اُهي ئي آخرت ۾ سخت نقصان وارا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي بلڪل حق آهي ته يقينًا اُهي آخرت ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هرگز سي حيران، جُوکا ٻِئي جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اهي ئي آخرت ۾ نقصان پرائيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڪ ئي پڪ اهي ماڻهو ئي آخرت ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽوٽي ۾ پيل هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) لازم آهي ته وڌ ۾ وڌ اهي آخرت ۾ گهاٽي (نقصان) ۾ رهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته اھڙا ماڻهو آخرت ۾ به وڏي نقصان ۾ رھندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَخبَتوا إِلىٰ رَبِّهِم أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 23) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن نويا سي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ پنهنجي پروردگار جي طرف قرار ورتو سي بهشتي آهن ۽ بهشت (جي نعمتن) ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ پنهنجي رب تعالى ڏانهن دل سان جھڪيا، اهي جنتي آهن، اهي جنت ۾ هميشه رهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ پنهنجي پالڻهار جي اڳيان عاجزي سان جهڪيا سي بهشتي آهن جيڪي ان ۾ هميشه رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون نيڪ عمل ۽ جھڪيا طرف رب پنهنجي اهي جنتي آهن اهي ان ۾ هميشہ رهندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ پنهنجي پاليندڙ اڳيان عاجزي ڪيائون سي بهشتي آهن. اهي ان ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ۽ پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ عاجزي ڪندا رهيا اهي جنتي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَڃيو جن مُورهين، پڻ چڱا ڪيئون ڪم ڪار، ۽ پَنهنجي پرور پاڪ کي، نَمِيا نيڪوڪار، اُهي جَنّتِي جُونجھار، سدا ساڪن اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ سندن ڌڻيءَ ڏي جهڪيا، سي ئي بهشتي آهن ۽ اهي ان ۾ هميشه رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ پاڻ کي پنهنجي رب آڏو فنا ڪري ڇڏيائون ته بيشڪ اهي جنتي آهن ۽ جنت ۾ هو سدائين رهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (باقي اهي ماڻهو) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ سٺا عمل ڪيا ۽ اهي عاجزي ڪندا رهيا پنهنجي رب جي اڳيان، ته بيشڪ اهي ئي جنتي آهن، اهي هميشه اتي رهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) باقي رهيا اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ پنھنجي پالڻھار جي آڏو نوڙت اختيار ڪئي، اھڙائي ماڻهو جنتي آھن ھو اُن ۾ ھميشه رھندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَثَلُ الفَريقَينِ كَالأَعمىٰ وَالأَصَمِّ وَالبَصيرِ وَالسَّميعِ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 24) |
انھن ٻن ٽولين جو مثال انڌي ۽ ٻوڙي ۽ ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ وانگر آھي، (اھي) مثال ۾ برابر آھن ڇا؟ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن ٻن ٽولين جو مثال اهڙو آهي جيئن هڪڙا انڌا ۽ ٻوڙا ۽ ٻيا ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ، پوءِ ٻڌايو ته ڇا ٻئي ٽوليون برابر ٿي سگهن ٿيون؟ ڇا توهان غور ۽ فڪر به نٿا ڪريو؟ (افسوس!)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ٻنهي ٽولن (مؤمنن ۽ ڪافرن) جو مثال انڌي ۽ ڏِسندڙ ۽ گونگي ۽ ٻُڌندڙ جهڙو آهي. ڇا اهي (ٻئي ٽولا) پاڻ ۾ برابر ٿا سگھن ٿا؟ (يقيناً نه) ڇا پوءِ توهان نصيحت نٿا حاصل ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ڪافر، مسلمان) انهن ٻنهي ڌرين جو مثال انڌي ٻوڙي ۽ ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ جو آهي. ڇا ٻنهي جو مثال برابر آهي ۽ پوءِ اوهين سوچيو ڇو ڪين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مثال ٻنهي جماعتن جو مثل انڌي ۽ ٻوڙي ۽ ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ جي آهي ڇا برا برا ٿيندا مثال جي لحاظ سان؟ ڇا پوءِ نه ٿا نصيحت وٺو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (انهن) ٻنهين جماعتن جو مثال انڌي، ٻوڙي، ۽ ڏسندڙ، ٻڌندڙ جو آهي. ڇا ٻنهين جو حال برابر آهي؟پوءِ اوهين ڌيان ڇو نه ٿا ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ٻنهين ڌرين (مسلمانن ۽ ڪافرن) جو مثال ائين آهي جيئن هڪ هجي انڌو ۽ ٻوڙو ۽ ٻيو هجي ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ. ڇا اهي ٻئي پاڻ ۾ برابر ٿي سگھن ٿا؟ ڇا اوهان پوءِ (به) نصيحت نه ٿا قبول ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قِصّو ٻِن قومن جو، آهي اِن آچار، اَنڌو اَ کيُنِ کان هيڪڙو، ۽ گنگو مَنجھ گُفتار، ٻيو سَڄو ۽ ڪَن سَرهُون، ڇاپورا ٻَئـِي پار؟، پوءِ آخر ڪِنهن آڌار، پُرجِھي ڪِين پِرائيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ٻنهي ڌرين جو مثال انڌي ۽ ٻوڙي، سڄي ۽ ٻڌندڙ وانگر آهي، ڇا اهي ڪي برابر آهن؟ پوءِ ڇو نٿا نصيحت وٺو؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ٻنهي ڌرين جو مثال ائين آهي، جيئن هڪ ماڻهو ته هجي انڌو ۽ ٻوڙو ۽ ٻيو هجي ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ، ڇا اهي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڇا توهان (هن مثال مان) ڪو سبق نه پرائيندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن ٻنهي ٽولن جو مثال ائين آهي جيئن هڪ هجي انڌو ۽ ٻوڙو ۽ ٻيو هجي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارو، ڇا اهي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڇا توهان (ان مان) سبق نٿا وٺو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ٻنھي ڌرين جو مثال ايئن آھي جيئن ھڪ ماڻهو انڌو ۽ ٻوڙو ھجي ۽ ٻيو ماڻهو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي طاقت رکندو ھجي، ڇا ھي ٻئي ھڪ جھڙا ٿي سگهن ٿا؟ پوءِ توھان نصيحت ڇو نٿا وٺو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 25) |
۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو (اُن چيو ته) آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄارندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي حقيقت آهي ته اسان نوح کي سندس قوم ڏي پيغمبر ڪري موڪليو. هن چيو ته، (اي منهنجي قوم!) مان توهان کي (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) کليو کلايو خبردار ڪرڻ وارو آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق نوح کي اسان پيغمبر ڪري سندس قوم ڏانهن موڪليو، (نوح چيو) بيشڪ آئون توهان لاءِ صاف ڊيـڄاريندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان نوح کي سندن قوم ڏي موڪليو (کين چيائين ته) بيشڪ آءُ اوهان لاءِ (خدائي عذاب کان) پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق موڪليوسون نوح کي سندس قوم ڏانهن بيشڪ مان اوهان لاءِ کليل ڊيڄاريندڙ آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي موڪليو (انهن کي چيائين ته) بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو (چيائين ته) ”آءٌ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نُوح سَندسِ نيات ڏي، موڪليوسون مُور، ته اوهان لئي ضرور، آئون کُليَلِ آهيان خابَرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان نوح کي سندن قوم ڏي هن حڪم سان موڪليو ته، آءُ اوهان لاءِ چٽو ڊيڄاريندڙ آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ حالتون ساڳيون اهڙيون ئي هيون جڏهن) اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو هو، (هن چين) "مان توهانکي کولي ٿو خبردار ڪريان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ اسان موڪليو نوح کي سندس قوم ڏي (انهن حالتن ۾) (هن چيو) بيشڪ آئون توهان کي خبردار ٿو ڪريان صاف صاف(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اھڙي طرح اسان نوح ($) کي پنھنجي قوم ڏانھن (نبوت ڏئي) موڪليوسين، (ھُن قوم کي چيو ته) بيشڪ مان توھان کي (برن عملن جي انجام کان) ڊيڄاريان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَن لا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 26) |
ته الله کانسواءِ (اوھين ٻئي جي) عبادت نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏکوئيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪريو. مان ڊڄان ٿو ته متان اوهان تي عذاب جو دردناڪ ڏينهن نه اچي وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (پيغام هي آهي ته) توهان فقط الله تعالى جي عبادت ڪريو، (جيڪڏهن توهان نه مڃو ته) تحقيق آئون توهان تي قيامت جي دردناڪ عذاب جو خوف ڪريان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو. بيشڪ آءُ اوهان کي دردناڪ ڏينهن (قيامت جي) عذاب کان ڊيڄاريان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه عبادت ڪيو مگر الله جي بيشڪ مان ڊڄان ٿو اوهان تي عذاب ڏينهن دردناڪ جي کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو. بيشڪ آءٌ اوهان تي درد ناڪ ڏينهن جي عذاب (اچڻ) کان ڊڄان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جو اوهان الله کان سواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪيو. بيشڪ آءٌ اوهان تي دردناڪ ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته ڪريو نه ڪِنهن کي ڪُرنَشُون، هِڪ مالِڪ ڌاران مُور، آئون ساريان آن تي سُور، ڪِنهن ڏاڍي ڏُکـئي ڏِينهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪريو، مون کي اوهان لاءِ دردناڪ ڏينهن جي عذاب جو ڊپ آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪريو، نه ته مونکي ڊپ آهي ته ڪنهن ڏينهن توهان تي دردناڪ عذاب اچي پوندو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته بندگي نه ڪريو ٻئي ڪنهن جي به سواءِ الله جي، نه ته مون کي خوف آهي ته توهان تي عذاب ايندو هڪ ڏينهن (وڏو) دردناڪ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اوھان اللھ تعالى کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي به عبادت نه ڪريو (اِيئَن ڪندا ته) مان توھان تي تڪليف واري ڏينھن جي عذاب اچڻ کان ڊڄان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما نَرىٰكَ إِلّا بَشَرًا مِثلَنا وَما نَرىٰكَ اتَّبَعَكَ إِلَّا الَّذينَ هُم أَراذِلُنا بادِىَ الرَّأىِ وَما نَرىٰ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ بَل نَظُنُّكُم كٰذِبينَ (آيت : 27) |
پوءِ سندس قوم مان ڪافر ٽوليءَ چيو ته توکي پاڻ جھڙي ماڻھو کانسواءِ (ٻيو) نٿا ڏسون ۽ اسان مان بي سوچ خسيسن کان سواءِ (ٻيو) تنھنجو تابعدار نه ٿا ڏسون، ۽ پاڻ کان اوھان جي ڪا زيادتي نه ٿا ڏسون بلڪ اوھان کي ڪوڙ ڀائيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن تي قوم جي انهن سردان جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي هئي، چيو ته، اسان تو ۾ هن کان سواءِ ٻي ڪابه ڳالهه ڪانه ٿا ڏسون ته، تون به اسان وانگر هڪڙو انسان آهين ۽ جيڪي ماڻهو تنهنجي پٺيان لڳا آهن، تن ۾ به انهن ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه نٿو ڏسجي جي حقير(۽) ذليل آهن. (يعني جيڪي مسڪين توتي ايمان آڻي رهيا آهن سي اهي آهن جن کي اسان ڌڪاريندا رهيا آهيون ۽ کين نفرت سان ڏسندا رهيا آهيون) ۽ اهي ماڻهو بنا سوچڻ سمجهڻ جي تنهنجي پٺيان لڳي پيا آهن. اسان ته اوهان ماڻهن ۾ پاڻ کان ڪابه بهتري ۽ برتري ڪانه ٿا ڏسون. (يعني اوهان اسان کا ڪنهن به ڳالهه ۾ افضل ڪونه ٿا ڏسجو) بلڪ اسان ته سمجهون ٿا ته توهان ڪوڙا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ نوح جي قوم مان ڪافر سردارن (هي) چيو ته اسين توکي پاڻ جهڙو بشر ڏسون ٿا ۽ اسين تنهنجا تابعدار اهي ماڻهو ڏسون ٿا جيڪي اسان مان راءِ جا ڪمزور آهن، ۽ اسين توکي پاڻ کان ڀلو نٿا سمجھون، بلڪ اسان کي يقين آهي ته توهان ڪوڙا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ سندس قوم جي ڪافر سردارن چيو ته اسين تو کي رڳو پاڻ جهڙو سمجهون ٿا ۽ اسين ته ڏسون ٿا ته اهي پيروي ڪندڙ ٿيا به آهن ته بس اسان جا ڪي رذيل ماڻهو (سي به سواءِ سوچڻ سمجهڻ جي) ۽ اسين ته پاڻ تي اوهان جي ڪا به فضيلت نه ٿا ڏسون. بلڪه اوهان کي (بلڪل) ڪوڙو سمجهون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چيو سردارن جن ڪفر ڪيو هو قوم ان جي مان ته نه ٿا ڏسون توکي مگر بشر اسان جھڙو ۽ نه ٿا ڏسون توکي جو تابعداري ڪئي تنهنجي مگر انهن شخصن جو اهي اسان مان ذليل آهن ظاهر ڏسڻ ۾ ۽ نه ٿا ڏسون اوهان جي لاءِ اسان تي ڪا فضيلت بلڪ گمان ڪيون ٿا اوهان کي ڪوڙا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سندس قوم جي ڪافر سردارن چيو ته اسين توکي رڳو پاڻ جهڙو ماڻهو ڏسون ٿا ۽ اسين توکي نه ٿا ڏسون جو ڪنهن تنهنجي پيروي ڪئي هجي انهن کان سواءِ جيڪي اسان مان گهٽ درجي وارا ظاهر بين آهن. ۽ اسين پاڻ کان مٿي اوهان جي ڪا فضيلت نه ٿا ڏسون بلڪ اوهان کي ڪوڙو خيال ڪريون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان جي قوم جي ڪافر سردارن چيو ته: ”اسان ته توکي پاڻ جهڙو بشر ئي ڏسون ٿا ۽ اسان نه ٿا ڏسون جو تنهنجي ڪنهن پيروي ڪئي هجي سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي اسان مان نيچ ۽ سطحي سوچ رکڻ وارا آهن، ۽ اسان اوهان جي ڪا فضيلت پاڻ مٿان نه ٿا ڏسون بلڪه اسان اوهان کي ڪوڙو سمجهون ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَچهرِيءَ سَندسِ قوم مان، جي ڦِريا کَـئـون فَرمان، اُتو، ته اسان ئـِي جِھڙو، آهِيـين تون اِنسان، ۽ لَڙھ نه لَڳاتُنهنجٖي، ڪي خاص اَسان مان، خان، مَگر مِسڪين، مت ۾، مَٿاڇرا مَستان، ۽ پَسون نه، اَسِين پاڻ تي، اصل اوهان جو شان؛ اَوهان ۾ گمان، ڪريو ٿا ڪُوڙن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهيءَ تي سندس قوم جي ڪافر وڏيرن چيو ”اسين ته توکي پاڻ جهڙو ماڻهو ئي ٿا سمجهون ۽ اسين ته تنهنجا تابعدار رڳا هلڪڙيءَ سمجهه وارا مسڪين ٿا ڏسون! اسين اوهان کي پاڻ کان ڪجهه به وڌيڪ نٿا سمجهون، بلڪ اوهان کي ڪوڙا ٿا ڀانيون!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موٽ ۾ سندس قوم جي چڱن مڙسن جن سندس ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو هو چيو ته "اسان جي نظر ۾ ته تون بس اسان جهڙو ئي هڪ انسان آهين ۽ اسان ڏسون ٿا ته اسان جي قوم مان به بس اهي ماڻهو جيڪي اسان وٽ گهٽ درجي وارا هئا، بنا سوچ جي کڻي تنهنجي ڪڍ لڳا آهن ۽ اسانکي ته اهڙي ڪا به ڳالهه ڏسڻ ۾ نٿي اچي، جنهن ۾ توهان اسان کان مٿڀرو هجو، بلڪه اسان ته سمجهون ٿا ته توهان ڪوڙا آهيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جواب ۾ جن کيس مڃڻ کان انڪار ڪيو هو سندس قوم جي سردارن چيو اسان جي نظر ۾ تون (ڪجهه ناهين) فقط انسان اسان جهڙو، ۽ اسان ڏسي رهيا آهيون ته جيڪي تنهنجي ڪڍ لڳا آهن، اهي (بنا سوچ جي) قوم مان فقط نيچ ماڻهو آهن، ۽ اسان ته اهڙي ڪابه ڳالهه نٿا ڏسون جنهن ۾ اسان تي توهان کي ڪا فضيلت هجي پر ڀانيون ٿا توهان کي ڪوڙو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سندس قوم جي ڪافر سردارن چيو ته اسان توکي پاڻ جھڙو ئي انسان ٿا ڏسون، اسان مان رڳو ڏتڙيل (۽ غريب) ماڻهن بغير سوچي سمجهي توتي ايمان آندو آھي ۽ اسان اوھان ۾ پاڻ کان مٿي معيار واري ڪابه شيءِ نٿا ڏسون، بلڪ اسان توھان کي ڪوڙو ٿا سمجهون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى رَحمَةً مِن عِندِهِ فَعُمِّيَت عَلَيكُم أَنُلزِمُكُموها وَأَنتُم لَها كٰرِهونَ (آيت : 28) |
(نوح) چيو ته اي منھنجي قوم (مون کي) ڏسيو ته سھين ته جيڪڏھن (آءٌ) پنھنجي پالڻھار جي پڪي حجت تي ھجان ۽ پاڻ وٽان مون کي رحمت ڏني ھجيس ۽ (جنھن جي حقيقت) اوھان کان لڪائي وئي ھجي ته اُن (جي مڃڻ) جو ھن ھوندي اوھان کي ڇو زور ڪريون جو اوھين اُن کي بڇان ڀائيندا ھجو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حضرت) نوح چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! اوهان ڪڏهن هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار جي طرفان هڪ روشن دليل تي آهيان ۽ هن پاڻ وٽان هڪ رحمت به مونکي بخشي هجي (يعني حق جي راه ڏيکاري هجي) پر اها رحمت اوهان کي ڏسڻ ۾ نه اچي ته (مان جيڪي ڪري رهيو آهيان تنهن کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهان) ڇا اسان توهان کي زور سان راهه ڏيکاريون، اگرچه توهان ان کان بيزار آهيو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) نوح چيو اي منهنجي قوم ڇا توهان مون کي اها خبر ٻُڌائيندا ته جيڪڏهن آئون پنهنجي رب جي طرفان ڪنهن دليل تي آهيان ۽ مون کي الله نبوت ڏني آهي پوءِ توهان ان کان اکيون پوريو ٿا، ڇا آئون توهان کي (اُها حُجت) ڳچيءَ ۾ وجھان ٿو جيڪا توهان کي نٿي وڻي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نوح) چيو ته اي منهنجي قوم! مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي پاليندڙ جي طرفان ظاهر ثابتيءَ تي هجان ۽ مون کي پاڻ وٽان رحمت (نبوت) ڏني هجيس، جيڪا اوهان کي سمجھ ۾ نٿي اچي ته ڇا پوءِ آءُ اوهان کي (زبردستي) ان جي مڃڻ تي مجبور ڪري سگهان ٿو ۽ اوهين ان کي ناپسند ڪندا رهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين: اي قوم منهنجي! خبر ڏيو جيڪڏهن آهيان مان روشن دليل تي طرفان رب پنهنجي ۽ ڏنائين مون کي (خاص) رحمت پاڻ وٽان پوءِ انڌائي وڌي وئي اوهان تي ته ڇا زوري مڙهينداسون اوهان تي ۽ اوهان واسطي ان جي نه پسند ڪندڙ آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نوح چيو ته اي منهنجي قوم مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پاليندڙ جي طرفان ظاهر ثابتي تي هجان ۽ مون کي پاڻ وٽان رحمت (نبوت( ڏني هجيس پوءِ اها اوهان کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته ڇا پوءِ اسين اوهان کي ان (جي مڃڻ) تي مجبوري ڪري سگهون ٿا هوڏانهن اوهين ان کي ناپسند ڪرڻ وارا هجو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (نوح چيو)”اي منهنجي قوم! ٻڌايو ته سهي اگر آءٌ پنهنجي پالڻهار پاران روشن دليل تي هجان ۽ ان مون کي پاڻ وٽان رحمت به ڏني هجي پوءِ اُها اوهان تي پوشيده ڪئي وئي هجي. ته ڇا اوهان تي اها زبردستي مڙهي سگهون ٿا حالانڪه اوهان ان کي ناپسند ڪندڙ هجو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائين اِهڙي چال، ته ڪيئن ٿا ڀانيو ڀائرو؟ جي ڌُران هُوندسِ، ڌَڻيمِ کان، سرثابت صحِي ڳالھ، پڻ مون سان پَنهنجي مِهر سان، ڀلي ڪيا ڀال، اکيون اَوهان جون اُن کان، پوريون، پوءِ پئمال!، پوءِ ڇا اوهان تي اَسين، مَڙهيون هِيء مقال، ته هُجو اوهين جِنهن حال، بُرو ڀائيندڙ اُن کي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي قوم! ڀلا ڏسو ته جي آءُ پنهنجي رب جي ڏنل صاف رستي تي هجان ۽ هن مون کي پاڻ وٽان رحمت ڏني هجي ۽ اوهان کي اها ڏسڻ ۾ نه ايندي هجي، ته اوهان جي ناپسند ڪرڻ باوجود اسين ڪو اوهان تي زور ڪري مڙهينداسون؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چين: "اي منهنجي قوم! مونکي ٻڌايو ته جيڪڏهن مان پنهنجي رب جي طرفان هڪ پڌري ثبوت تي به بيٺل هوس ۽ وري هن مونکي پنهنجي خاص رحمت سان به نوازي ڇڏيو، جيڪا کڻي توهانکي نظر نه ايندي هجي ته پوءِ باقي اسان وٽ ٻيو ڪهڙو ذريعو آهي، جو توهان مڃڻ نه گهرندا هجو ته به اهو زوريءَ کڻي توهانجي مٿان مڙهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن چين، قومي ڀائرو! ٿورو سوچيو، جي آئون هيس قائم پڌري شاهدي تي پنهنجي رب جي طرفان ۽ هن مون کي نوازيو رحمت سان پنهنجي پر اها نظر نه آئي توهان کي، پوءِ ڪهڙو ذريعو آهي جو توهان مڃڻ نه گهرو پوءِ به زبردستي توهان تي مڙهيون؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان تي نوح ($) چيو ته اي منھنجي قوم! ڀلا ھي ٻڌايو ته جيڪڏھن مان پنھنجي پالڻھار جي طرفان چٽي دليل تي ھجان ۽ ھُن مون کي پنھنجي طرفان رحمت (يعني نبوت) به ڏني ھجي پوءِ اھا نبوت ۽ اھو دليل توھان کي نظر ئي نه اچي ( ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟) پوءِ اوھان جنھن شيءِ کان نفرت ڪريو ٿا سو اسان توھان کي زبردستي مجبور ته نٿا ڪري سگهون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مالًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَما أَنا۠ بِطارِدِ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَلٰكِنّى أَرىٰكُم قَومًا تَجهَلونَ (آيت : 29) |
۽ اي منھنجي قوم (آءٌ) اوھان کان اُن بابت ڪو مال نٿو گھران، منھنجو اجورو الله کانسواءِ ٻئي تي نه آھي ۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نه آھيان، ڇوته اُھي پنھنجي پالڻھار کي ملڻ وارا آھن پر آءٌ اوھان کي جاھل قوم ڏسان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مان جيڪي ڪجهه ڪري رهيو آهيان تنهن جي عيوض ۾ توهان کان مال دولت ڪونه ٿو گهران، منهنجي خدمت جي مزدوري فقط الله تي آهي ۽ (هيءَ ڳالهه به سمجهي ڇڏيو ته) جن ماڻهن ايمان آندو آهي (سي اوهان جي نظر ۾ ڪيتروئي ذليل هجن پر) مان ائين ڪرڻ وارو ناهيان جو کين پاڻ وٽان تڙي ڪڍان، هنن کي به پنهنجي پروردگار سان (هڪ ڏينهن) ملڻو آهي ( جيڪو اسان سڀني جي عملن جو حساب وٺڻ وارو آهي.) پر (مان توهان کي ڪهڙيءَ طرح سمجهائي باز آڻيان) مان ته ڏسان ٿو توهان اهڙا ماڻهو آهيو جو (حقيقت کان) جاهل آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي منهنجي قوم آئون توهان کان تبليغ جي عيوض دولت نٿو گھُران، منهنجو ثواب منهنجي رب تعالى وٽ آهي ۽ آئون مؤمنن کي پاڻ کان پري ڪونه ڪندس، بيشڪ اهي پنهنجي رب تعالى سان ملاقات ڪندا ۽ پر آئون توهان کي جاهِل قوم ڏسان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اي منهنجي قوم! آءُ اوهان کان ان سلي ۾ ڪجھ مال (ته) نه ٿو گهران منهنجي مزدوري ته فقط خدا کان سواءِ ٻئي تي نه آهي ۽ آءُ (اوهان جي چوڻ تي) ايمان وارن کي ته تڙيندس ڪين (ڇو ته) اهي به ضرور پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ حاضر ٿيندا. پر آءُ اوهان کي جاهل قوم ڏسان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اي منهنجي قوم! نه ٿو گھران مان اوهان کان ان تي ڪو مال ناهي اجورو منهنجو مگر الله تي ۽ ناهيان مان تڙيندڙ انهن کي جو ايمان آندائون بيشڪ اهي ملندڙ آهن رب پنهنجي سان ۽ پر مان ڏسان ٿو اوهان کي اهڙي قوم (جو حقيقت کان) ناواقف آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اي منهنجي قوم! آءٌ اوهان کان ان (پيغام پهچائڻ) تي ڪجهه مال نه ٿو گهران. منهنجي مزدوري الله کانسواءِ ٻئي تي نه آهي ۽ آءٌ ايمان وارن کي تڙڻ وارو نه آهيان. بيشڪ اهي پنهنجي پاليندڙ سان ملڻ وارا آهن پر آءٌ اوهان کي جاهل قوم ڏسان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اي منهنجي قوم! آءٌ هن (تبليغ) تي توهان کان مال نه ٿو گهران. منهنجي مزدوري ڪنهن تي ڪونهي سواءِ الله جي ۽ آءٌ ايمان وارن کي تڙڻ وارو نه آهيان. بيشڪ اُهي پنهنجي پالڻهار سان ملڻ وارا آهن ۽ پر آءٌ ته اوهان کي جاهل قوم سمجھان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آئون، نَه اوهان کان گُھران، مزدورِي، ڪو مال، مُنهنجو بار ناهي، مگر، بارِيءَ تي بحال، ۽ آئون، نَه اصل آهيان، لوڌِيندڙ، سي لال، جن مَڃيو، ته آهن مِلڻا، سندنِ سائِينء نال، پر آئون اوهان کي، ٿو ڏِسان، اهڙو پَنٿ پَئمال، ته سوا سوچڻ ڳالھ، لايوزور جِھْلَ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اي قوم! آءُ اوهان کان ڪو مال نٿو گهران. منهنجو اجر ته فقط الله تي آهي، آءُ ڪو (غريب) مومنن کي (اوهان خاطر) لوڌيندس ڪو نه، هو ته پڪ پنهنجي رب سان ملندا، پر آءُ اوهان کي جاهل ماڻهو ٿو سمجهان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي قوم! مان هن ڪم لاءِ توهان کان ڪو مال ڪونه ٿو گهران، منهنجو اجر ته الله جي ذمي آهي ۽ مان انهن ماڻهن کي به تـڙڻ وارو نه آهيان، جن منهنجي ڳالهه مڃي آهي، هو پاڻيهي پنهنجي رب وٽ پيش ٿيڻ وارا آهن. پر مان ڏسان ٿو ته توهان ماڻهو آهيو ئي جهالت ۾ پيل (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اي منهنجا قومي ڀائرو! نٿو گهران هن ڪم لاءِ توهان کان ڪو مال، منهنجو اجر ته بس آهي الله جي حوالي، ۽ آئون تڙڻ وارو نه آهيان انهن ماڻهن کي جن مڃيو منهنجي ڳالهه کي، بيشڪ اهي ئي ملڻ وارا آهن پنهنجي رب کي ۽ آئون ته بس اهو ڏسان پيو قوم وارا، توهان بنهه جاهل آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجي قوم! مان اوھان کان سمجهائڻ جو معاوضو ته نٿو گهران، منھنجو معاوضو ته اللھ تعالى وٽ آھي ۽ جن ڏتڙيل ماڻهن ايمان آندو آھي انهن کي مان پاڻ کان ڇو پري ڪريان؟ ھي (ويچارا) ته پنھنجي پالڻھار سان ملاقات ڪرڻ وارا آھن، حقيقت ۾ مان توھان کي جاھل ئي ڏسان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيٰقَومِ مَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن طَرَدتُهُم أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 30) |
۽ اي منھنجي قوم جيڪڏھن کين تڙيندس ته مون کي الله کان ڪير ڇڏائيندو، پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! (مون کي ٻڌايو ته) جيڪڏهن مان هنن ماڻهن کي پاڻ وٽان ڪڍان (۽ الله جي طرفان مون کان پڇاڻو ٿئي جنهن الله وٽ عزت جو مدار آهي، ايمان ۽ عمل تي، نه ڪي دولت ۽ دنيائي پوزيشن تي) ته پوءِ الله جي مقابلي ۾ ڪير آهي جو منهنجي مدد ڪندو؟ (افسوس آهي اوهان تي) ڇا توهان غور نٿا ڪيو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي منهنجي قوم جيڪڏهن آئون مؤمنن کي پري ڪندس ته پوءِ الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير منهنجي مدد ڪندو، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اي منهنجي قوم! جيڪڏهن آءُ انهن (ويچارن غريب ايماندارن) کي ڪڍي ڇڏيان ته خدا (جي عذاب) کان (بچائڻ) ۾ منهنجي مدد ڪير ڪندو؟ ته ڇا اوهين ايترو به نه ٿا سوچيو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اي منهنجي قوم! ڪير مدد ڪري مون کي (ڇڏائيندو) الله کان جيڪڏهن تڙيندس مان انهن کي ڇا پوءِ نه ٿا نصيحت وٺو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اي منهنجي قوم! جيڪڏهن آءٌ انهن کي تڙيندس ته ڪير مون کي الله جي عذاب کان ڇڏائيندو؟ پوءِ نصيحت ڇو نه ٿا پرايو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اي منهنجي قوم! جيڪڏهن آءٌ انهن کي تڙيندس ته الله جي ڏمر کان منهنجي مدد ڪير ڪندو؟ ڇا پوءِ توهان نصيحت نه ٿا پِرايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي قوم! ڏِيندمِ ڪير، آڏو هَٿ اَلله کان، جي تَڙيمِ تَن، ڪِنهن وير، پوءِ ڇو پرايو ڪِين ٿا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اي قوم! جي آءُ انهن کي لوڌيان ته الله وٽان ڪير مون کي ڇڏائيندو؟ پوءِ اوهين ايترو به ڇو نٿا سمجهو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي قوم! جيڪڏهن مان انهن ماڻهن کي پاڻ کان تـڙيو ته الله جي پڪڙ کان منهنجي واهر ڪير ڪندو؟ توهان جي سمجهه ۾ ڇا ايتري ڳالهه به نٿي اچي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اي منهنجي قوم! مون کي (ان وقت) ڪير بچائيندو الله جي پڪڙ کان جي آئون اهي ماڻهو تڙيان، ڇا ايترو به توهان نٿا سمجهو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجي قوم! جيڪڏھن مان انهن (ويچارن) کي پاڻ کان پري ڪندس ته پوءِ مون کي اللھ تعالى جي عذاب کان ڪير بچائيندو؟ ڇا توھان ايتري ڳالھ به نٿا سمجهي سگهو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ إِنّى مَلَكٌ وَلا أَقولُ لِلَّذينَ تَزدَرى أَعيُنُكُم لَن يُؤتِيَهُمُ اللَّهُ خَيرًا اللَّهُ أَعلَمُ بِما فى أَنفُسِهِم إِنّى إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 31) |
۽ آءٌ اوھان کي نٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آھن ۽ نڪي (ڪو) ڳُجھ ڄاڻندو آھيان ۽ نڪي چوان ٿو ته آءٌ ملائڪ آھيان ۽ جن کي اوھان جون اکيون ھيڻو ڏسن ٿيون تن لاءِ نٿو چوان ته الله کين ڪا چڱائي نه ڏيندو، جيڪي سندين دلين ۾ آھي سو الله چڱو ڄاڻندڙ آھي، (جي چوندس ته) آءٌ انھيءَ مھل ظالمن مان ٿيندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) مان توهان کي ائين ڪونه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آهن، نڪي ائين ٿو چوان ته مان غيب جون ڳالهيون ڄاڻان ٿو، نه وري منهنجي هيءَ دعويٰ آهي ته مان فرشتو آهيان. مان هيئن به ڪونه ٿو چوان ته جن ماڻهن کي توهان حقارت جي نظر سان ڏسو ٿا تن کي الله تعاليٰ ڪابه ڀلائي نه ڏيندو (جيئن اوهان جو اعتقاد آهي) الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو جيڪي انهن ماڻهن جي دلين ۾ آهي. جيڪڏهن مان (اوهان جي خواهش مطابق) ائين چوان (ته جيئن ئي اهڙي ڳالهه وات مان ڪڍندس) تيئن ئي ظالمن منجهان ٿي پوندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آئون اها دعويٰ نٿو ڪريان ته مون وٽ الله تعالى جا خزانا آهن ۽ آئون (بذاتِ خود) علم غيب کي ڄاڻان ٿو، آئون اها دعويٰ نٿو ڪريان ته آئون ملائڪ آهيان ۽ آئون اها دعويٰ به نٿو ڪريان ته جيڪي ماڻهو توهان جي نظرن ۾ گھٽ آهن انهن کي الله هرگز ڪو خير نه ڏيندو. الله انهن جي دلين کان واقف آهي (۽ جيڪڏهن بالفرض ايئن چيو ته) بيشڪ آئون ان وقت ظالمن ٿي پوندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آءُ ته اوهان کي اهو نه ٿو چوان ته مون وٽ خدائي خزانا آهن ۽ نه (وري چوان ٿو ته) غيب ڄاڻان ٿو ۽ نه چوان ٿو ته آءُ فرشتو آهيان ۽ جيڪي ماڻهو اوهان جي نظرن ۾ ذليل آهن تن لاءِ آءُ هي نٿو چوان ته خدا هنن سان ڪڏهن به ڀلائي نه ڪندو. انهن ماڻهن جي دلين جي ڳالھ ته خدائي وڌيڪ ڄاڻي ٿو. (۽ جيڪڏهن ائين چوندس ته) بيشڪ آءُ پڪ ظالمن مان ٿيندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿو چوان مان اوهان کي ته مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نه ٿو ڄاڻان مان غيب ۽ نه ٿو چوان مان ته بيشڪ مان ملائڪ آهيان ۽ نه ٿو چوان مان انهن لاءِ جو گھٽ ٿيون سمجھن اکيون اوهان جون انهن کي ته هرگز نه ڏيندو انهن کي الله ڀلائي الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جو ڪجھ انهن جي اندر ۾ آهي بيشڪ مان ان وقت البته نا انصافن مان آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آءٌ اوهان کي نه ٿو چوان ته ڪو مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نه آءٌ ڳجهه کي ڄاڻان ٿو ۽ نه ڪي چوان ٿو ته آءٌ مَلَڪُ آهيان ۽ آءٌ انهن کي به نه ٿو چوان جن کي اوهان جون اکيون حقير ڏسن ٿيون ته الله انهن کي هرگز ڀلائي نه ڏيندو. جيڪي انهن جي دلين ۾ آهي تنهن کي الله گهڻو ڄاڻندڙ آهي. (ائين چوندس ته) بيشڪ آءٌ، ان وقت ظالمن مان ٿيندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ اوهان کي نه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نه آءٌ (ازخود) غيب ڄاڻندڙ آهيان ۽ نه ٿو چوان ته آءٌ ڪو ملائڪ آهيان ۽ جن کي اوهان جون اکيون حقير ڏسن ٿيون تن لاءِ نه ٿو چوان ته الله انهن کي ڪا ڀلائي نه ڏيندو. الله زور ڄاڻندڙ آهي جيڪي انهن جي دلين ۾ آهي (اگر ائين چوان ته) ان وقت بيشڪ آءٌ بي انصافن مان ٿي پوندس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نَه چوان ته مون وٽ مالِڪ جا، ڀانڊارا ڀرپُور، ۽ مون کي ناهي مُورهين، پَرپُٺ جِي پَرُوڙ،۽ نه چَوان ته آئون آهيان، مَلَڪُ نِسورو نُور، ۽ نه چَوان ته چڱائـِي تن کي، مالِڪ نه ڏِيندو مُور، جن کي اوهان جون اکيون، ڌِڪارينِ ٿِيون دُور، اَلله واقِف اُن ڪنان، جي مَن ۾، سَندنِ مَذڪور، ظالِمن مان ضرور، آئون آهيان، جي ائـِين چَوان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آءُ اوهان کي ائين ڪو نه ٿو چوان ته منهنجي هٿ ۾ الله جا خزانا آهن، نڪي آءُ سندس ڳجهه ٿو ڄاڻان، نڪي چوان ٿو ته آءُ فرشتو آهيان. ۽ جيڪي شخص اوهان جي نظر ۾ گهٽ درجي جا آهن، آءُ انهن لاءِ ائين نٿو چوان ته الله هنن کي درجا نه ڏيندؤ. هنن جي اندر کي ته الله ئي ڄاڻي ٿو_ ائين ڪريان ته جيڪر آءُ ظالم ٿي پوان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مان توهان کي ائين ڪونه ٿو چوان ته مون وٽ ڪو الله جا خزانا آهن، نڪي اهو ٿو چوان ته مونکي غيب جو علم آهي ۽ نه مان اهو ٿو چوان ته مان ڪو فرشتو آهيان ۽ اهو به مان نٿو چئي سگهان ته جن کي توهان جون اکيون حقارت سان ٿيون ڏسن، انهن کي الله ڪا ڀلائي نه ڏني آهي، انهن جي اندر جو حال الله ئي ٿو بهتر ڄاڻي، جيڪڏهن مون ائين چيو ته پڪ ڄاڻو ته ظالم ٿي پوندس" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه وري آئون چوان ٿو توهان کي ته مون وٽ ڪي خزانا آهن الله جا، ۽ نه ائين ٿو چوان ته مون وٽ غيب جو علم آهي ۽ نه اها هام ٿو هڻان ته آئون ڪو فرشتو آهيان، ۽ نه ائين چئي ٿو سگهان ته جن ماڻهن کي حقارت سان ڏسن ٿيون توهان جون اکيون تن کي ناهي ڏني الله ڪابه ڀلائي، الله ئي سڀڪجهه ڄاڻي ٿو سندن دلين جي حال کي، جيڪڏهن آئون ائين چوان ته ظالم ٿيندس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ مان اوھان کي اھو به نٿو چوان ته مون وٽ اللھ تعالى جا ڪي (لڪيل) خزانا آھن، نه ئي مون کي غيب جو علم آھي ۽ نه ئي منھنجي اھا دعوى آھي ته مان ڪو فرشتو آھيان ۽ جيڪي ماڻهو توھان جي نگاهه ۾ حقير آھن انهن جي باري ۾ مان نٿو چئي سگهان ته کين اللھ تعالى ڀلائي نه ڏيندو، اللھ تعالى انھن جي دلين کان خوب واقف آھي (جيڪڏھن مان کين پاڻ کان پري ڪيو ته) پَڪ سان مان ناانصافي ڪندڙن مان ٿيندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا يٰنوحُ قَد جٰدَلتَنا فَأَكثَرتَ جِدٰلَنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 32) |
چيائون اي نوح بيشڪ تو اسان سان جھڳڙو ڪيو پوءِ اسان سان گھڻو جھيڙو ڪيئي جيڪڏھن سچن مان آھين ته اسان سان جيڪو انجام ڪرين ٿو سو اسان وٽ آڻ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن تي انهن ماڻهن چيو ته، اي نوح! تو اسان سان بحث ڪيا ۽ گهڻائي بحث ڪري چڪين (هاڻي انهن ڳالهين مان ورندو ڪجهه به ڪين) جيڪڏهن تون سچو آهين ته جنهن ڳالهه جو تو واعدو ڏنو آهي (يعني چيو آهي ته، اوهان تي عذاب ايندو ۽ برباد ٿي ويندؤ) اها آڻي ڏيکار.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو ته اي نوح تون اسان سان جھڳڙو ڪرين ٿو پوءِ توهان اسان سان جھڳڙو وڌايو پوءِ تون وعدو ڪيل عذاب آڻ، جيڪڏهن تون سچن مان آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (انهن) چيو ته اي نوح! بيشڪ تون اسان سان رهيو آهين ۽ اسان سان گهڻو جهڳڙو ڪيو اٿئي پوءِ جيڪڏهن تون سچو آهين ته جنهن (عذاب) جي تون ڌمڪي ڏيندو آهين سو اسان تي آڻ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون اي نوح! بيشڪ جھڳڙو ڪيئي اسان سان پوءِ گھڻو ڪيئي جھڳڙو اسان سان پوءِ آڻ اسان وٽ جنهن جو وعدو ٿو ڏين اسان کي جيڪڏهن آهين تون سچن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته نوح! بيشڪ تو اسان سان جهڳڙو ڪيو پوءِ اسان سان گهڻو جهڳڙو ڪيو اٿئي پوءِ اسان سان جيڪو وعدو ڪرين ٿو سو اسان تي آڻ جيڪڏهن تو سچن مان آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اي نوح! بيشڪ تو اسان سان بحث ڪيو پوءِ تو گهڻو ئي بحث ڪيو اسان تي اُهو (عذاب) آڻ جنهن کان تون اسان کي ڌمڪائين ٿو. جي تون سچن مان آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، نوح اَسان ساڻ، وِڙهِين پوءِ وَڌايئـِي وِيڙھ کي، ڏيکارِين جِنهن ڏُ ک جِي، ڪامل!، اسان کي ڪاڻ، سو هاڻِ اسان تي آڻ، جي صحي سَچن مان آهيِـين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اي نوح! تو اسان سان بحث ڪيو ۽ تمام گهڻو بحث ڪيو، هاڻ جي سچو آهين ته جيڪو عذاب ٿو چوين سو آڻي ڏيکار.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ انهن ماڻهن چيو ته"اي نوح! تو اسان سان جهڳڙو ڪيو آهي ۽ تمام گهڻو ڪيو اٿئي، هاڻي ته بس آڻ اهو عذاب جنهن جي اسان کي ڌمڪي پيو ڏين، جيڪڏهن سچو آهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخرڪار انهن ماڻهن چيو ته، اي نوح! تو اسان سان جهڳڙو ڪيو ۽ گهڻو ئي ڪيو ته بس اسان جي لاءِ آڻ اهو عذاب جنهن جي تون اسان کي ڌمڪي پيو ڏين، جي تون واقعي سچو آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جواب ۾ انهن چيو ته اي نوح! تو اسان سان جهڳڙو ڪيو ۽ گهڻو ئي جهڳڙو ڪري ورتو. بس! جيڪڏھن تون سچو آھين ته ھاڻي ئي اسان جي مٿان عذاب آڻ، جنھن جي تون اسان کي ڌمڪي ڏئين ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ إِنَّما يَأتيكُم بِهِ اللَّهُ إِن شاءَ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 33) |
(نوح) چيو ته اُھو اوھان وٽ رڳو الله آڻيندو جيڪڏھن اُن گھريو ته ۽ اوھين (ڀڄي) عاجزي ڪرڻ وارا نه آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نوح چيو ته جيڪڏهن الله کي منظور هوندو ته بيشڪ هو اوهان تي اها ڳالهه آڻي ڪڍندو ۽ اوهان کي اها طاقت نه ٿيندي جو (کيس ان ڳالهه کان) عاجز ڪري ڇڏيو (يعني کيس روڪي سگهو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) نوح چيو عذاب ته الله آڻيندو جيڪڏهن پاڻ چاهي ۽ توهان عذاب ٽاري نٿا سگھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نوح چيو ته اوهان وٽ رڳو الله ئي عذاب آڻيندو جيڪڏهن ان گهريو ۽ توهين الله کي عاجز ڪري نه ٿا سگهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته: بس آڻيندو اوهان وٽ ان کي الله جيڪڏهن گھرندو ۽ ناهيو اوهان عاجز ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نوح چيو ته ان کي اوهان وٽ رڳو الله ئي آڻيندو جيڪڏهن ان گهريو ۽ اوهين (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”اُهو ته صرف الله توهان تي آڻيندو جي اهو چاهي ۽ اوهان (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي آڻيندو سو اوهان تي،جي گُھريو سَچي سائـِينءَ، ۽ اُنهيء کان آئين، ڏاڍا ناهيو ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”ان کي ته رڳو الله ئي آڻي سگهي ٿو، جي هو گهري ته ۽ تڏهن اوهين کٽي نه سگهندا_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نوح جواب ڏنو: "اهو ته الله ئي آڻيندو جيڪڏهن گهريائين ۽ توهانکي اها طاقت ناهي، جو ان کي روڪي سگهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (نوح) جواب ڏنو، اهو ته آڻڻ وارو الله ئي آهي جي چاهيندو ته، ۽ توهان کي ڪابه طاقت ناهي جو ان کي روڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نوح ($) چيو ته بيشڪ توھان تي عذاب ته اللھ تعالى ئي آڻيندو، جيڪڏھن ھو چاھيندو (بھرحال) توھان ان عذاب کي ٽاري نٿا سگهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يَنفَعُكُم نُصحى إِن أَرَدتُ أَن أَنصَحَ لَكُم إِن كانَ اللَّهُ يُريدُ أَن يُغوِيَكُم هُوَ رَبُّكُم وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 34) |
۽ جيڪڏھن آءٌ اوھان کي نصيحت ڏيڻ گھران ته جيڪڏھن الله اوھان جو ڀُلائڻ گھرندو ته منھنجي نصيحت اوھان کي ڪو نفعو نه ڏيندي، اُھو اوھان جو پالڻھار آھي، ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن الله جي مشيت (ارادو ۽ خواهش) اها آهي ته اوهان کي تباهه ڪري ته پوءِ مان توهان کي ڪيتري به نصيحت ڪرڻ گهران ته به منهنجي نصيحت ڪجهه به فائدو نه ڪندي، اهوئي اوهان جو پروردگار آهي ۽ ان ڏانهن ئي اوهان کي موٽڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پوءِ توهان کي منهنجي نصيحت ڪو فائدو نه ڏيندي، جيڪڏهن آئون چاهيان ته توهان کي نصيحت ڪريان ۽ جيڪڏهن الله توهان کي گمراه ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو اهو توهان جو رب آهي، ۽ ان ڏانهن توهان کي موٽايو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نوح چيو ته آءُ گهران ته اوهان جي (ڪيتري به) خيرخواهي ڪريان پر جيڪڏهن خدا کي اوهان جو برغلائڻ منظور آهي ته منهنجي سڃاڻپ ڪجھ به اوهان جي ڪم نه ٿي اچي سگهي. اهو اوهان جو پروردگار آهي ۽ ان ڏي اوهان کي موٽي وڃڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه نفعو ڏيندي اوهان کي نصيحت منهنجي جيڪڏهن ارادو ڪيو مون ته نصيحت ڪيان اوهان کي جيڪڏهن الله ارادو فرمائي ته اوهان کي گمراھ ڪري اهوئي پالڻهار اوهان جو آهي ۽ ان ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن آءٌ اوهان کي نصيحت ڪرڻ گهرندس (پر) جي الله اوهان کي گمراهه ڪرڻ گهرندو هوندو ته منهنجي نصيحت اوهان کي فائدو نه ڏيندي. اهو اوهان جو پاليندڙ آهي. ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان کي منهنجي نصيحت نفعو نه ڏيندي اگر آءٌ اوهان کي نصيحت ڪرڻ چاهيان جي الله اوهان کي گمراهه ڪرڻ جو ارادو ڪيو هجي. اُهو اوهان جو پالڻهار آهي، ۽ اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، وَٽَ مُنهنجي واعظ مان، آنکي نه مِلندي مُور، کڻِي اوهان کي ڪيترو، وَعظ ڪريان وَهلور!، جڏهين اِرادو اَلله ڪيو، ته مُنجھائـِينان مَغْرور!، اَهنجو حاڪِم، سو حُضور، ۽ آخر هَلندا اُن ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن الله اوهان کي گمراهه ڪرڻ چاهيندو ته آءُ کڻي اوهان کي نصيحت ڪرڻ گهرندس ته به اوهان کي نصيحت مان فائدو ڪو نه ٿيندو. هو اوهان جو ڌڻي آهي ۽ ان ڏي اوهين موٽندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي جي مان توهانجي ڪا خيرخواهي ڪرڻ به گهران ته منهنجي خيرخواهي توهان کي ڪو فائدو نٿي پهچائي سگهي، جڏهن الله ئي توهان کي ڀٽڪائي ڇڏڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو هجي، اهوئي توهانجو رب آهي ۽ ڏانهس ئي توهان موٽايا ويندؤ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هاڻي توهان کي ڪوبه فائدو نه ڏيندي منهنجي خيرخواهي جي آئون ارادو ڪريان به توهان جي خيرخواهيءَ جو، جڏهن ته الله ارادو ڪيو هجي توهان کي گمراهه ڪرڻ جو، اهو ئي توهان جو پالڻهار آهي ۽ ان ڏي توهان کي موٽڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏھن اللھ تعالى ئي توھان کي (توھان جي برن ڪمن جي ڪري) گمراهه ڪرڻ جو ارادو ڪيو آھي ته ھاڻي مان نصيحت ڪرڻ به چاھيان ته به اھا نصيحت اوھان کي ڪڏھن به فائدو نه ڏئي سگهندي. اُھوئي توھان سڀني جو پالڻھار آھي ۽ توھان سڀ ان ڏانھن ئي موٽايا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل إِنِ افتَرَيتُهُ فَعَلَىَّ إِجرامى وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تُجرِمونَ (آيت : 35) |
بلڪ (ھيئن به) چوندا آھن ته (ھن پيغمبر) اُھو پاڻون ٺاھيو آھي، چئو ته جيڪڏھن مون اُن کي پاڻ ٺاھيو آھي ته منھنجو ڏوھ مون تي آھي ۽ جيڪي اوھين ڏوھ ڪندا آھيو تنھن کان آءٌ بيزار آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله جو حڪم ٿيو ته اي نوح!) هي ماڻهو هيئن ٿا چون ڇا ته هن ماڻهو (يعني نوح) پنهنجي دل مان هيءَ ڳالهه (يعني هدايت ۽ وحي جي ڳالهه) گهڙي ٺاهي ٻڌائي آهي؟ تون چئي ڏي ته جيڪڏهن هيءَ ڳالهه مون گَهڙي ٺاهي ٻڌائي آهي ته منهنجو ڏوهه مون تي آهي ۽ توهان جيڪي گناهه ڪيو ٿا (تن جو بدلو توهان کي ملندو) مان انهن لاءِ ذميوار ڪونه آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي چون ٿا ته توهان پاڻ قرآن ڪريم تيار ڪيو آهي، توهان فرمايو جيڪڏهن (بالفرض) مون قرآن ڪريم تيار ڪيو آهي ته ان جو گناه مون تي آهي ۽ آئون توهان جي گناه کان بيزار آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ڇا (مڪي جا ڪافر به) چون ٿا ته قرآن کي هن (تو) ٺاهيو آهي (کين) چئو ته جيڪڏهن مون ان کي ٺاهيو آهي ته منهنجو ڏوھ مون تي آهي ۽ جيڪي اوهين (ڏوھ ڪري) ڏوهاري ٿي رهيا آهيو تنهن جي ذمه کان آءُ آزاد آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا چون ٿا ته پاڻ ٺاهيائين ان کي فرماءِ ته جيڪڏهن پاڻ ٺاهيو هوندو مون ان کي ته پوءِ مون تي آهي گناھ منهنجو ۽ مان بيزار آهيان ان کان جو گناھ ڪيو ٿا. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر!) ڀلا اهي چون ٿا ڇا ته اهو (قرآن) پاڻ ٺاهيو اٿس (کين) چو ته جيڪڏهن مون ان کي ٺاهيو آهي ته منهنجو ڏوهه مون تي ئي آهي ۽ جيڪي ڏوهه اوهين ڪريو ٿا تن کان آءٌ بيزار آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي) ڇا اهي چون ٿا ته هي (قرآن) پاڻ ٺاهيو اٿس. چئو ته: ”جيڪڏهن مون ان کي ٺاهيو آهي ته منهنجو ڏوهه مون تي آهي ۽ آءٌ ان کان بيزار آهيان جيڪي اوهان ڏوهه ڪيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڇون، ته هِي هُن ٺاهيو؟ چَئو ٺاهينمِ جي اِيءُ ٺاھ، مُون تي مُنهنجو گُناه، ۽ آئون بيزار اَهنجي بار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا هو چون ٿا ته ”اهو پاڻ ٺاهيو اٿس؟“ چئو ته ”جي مون اهو پاڻ ٺاهيو آهي ته ان جو گناهه مون تي آهي ۽ آءُ اوهان جي گناهن کان بيزار آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ڇا اهي ماڻهو چون ٿا ته هن ماڻهوءَ اهو سڀ ڪجهه پاڻ ٺاهيو آهي؟ چوين ته جيڪڏهن اهو مون پاڻ ٺاهيو آهي ته منهنجو ڏوهه مون تي ئي آهي ۽ جيڪو ڏوهه توهان پيا ڪريو، مان ان کان آجو آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! ڇا هي چون ٿا ته هن هي پاڻ ٺاهيو آهي؟ چوين، هي جي مون ٺاهيو آهي ته مون تي ئي منهنجي ڏوهه جي ذميواري آهي ۽ آئون ان کان آجو آهيان جيڪو توهان ڏوهه ڪري رهيا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ) ھي ماڻهو توهان جي لاءِ چون ٿا ته ھي قرآن ھُن خود ٺاھيو آھي. انهن کي چؤ ته جيڪڏھن مان ان کي ٺاھيو آھي ته ان (جرم ) جي ذميداري مون تي ئي آھي ۽ جيڪو (ڄاڻي واڻي) ايمان نه آڻڻ جي صورت ۾ توھان جرم ڪري رھيا آھيو (ان جي ذِميدارِي توھان تي آھي) مان ان جو ذِميدار نه آھيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأوحِىَ إِلىٰ نوحٍ أَنَّهُ لَن يُؤمِنَ مِن قَومِكَ إِلّا مَن قَد ءامَنَ فَلا تَبتَئِس بِما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
۽ نُوح ڏانھن وحي ڪيو ويو ته جنھن ايمان آندو آھي تنھن کانسواءِ تنھنجي قوم مان ٻيو ڪوبه ڪڏھن ايمان نه آڻيندو تنھنڪري جيڪي ڪندا آھن تنھن تي تون رنج نه ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ حضرت نوح کي وحي ڪيو ويو ته تنهنجي قوم مان جن ماڻهن ايمان آندو آهي تن کان سواءِ هاڻي ٻيو ڪوبه ايمان نه آڻيندو، پوءِ جيڪي اهي (ڪافر) ڪري رهيا آهن، تنهن تي (اجايو) ڏک ۽ غم نه ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) نوح ڏانهن وحي موڪلي وئي ته تنهنجي قوم مان ٻيو ڪوبه تو تي ايمان نه آڻيندو سواءِ انهن مؤمنن جي جيڪي ايمان آڻي چڪا آهن، پوءِ تون انهي جو ڏک نه ڪر جيڪي ڪجھه اهي ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نوح ڏي وحي موڪليو ويو هو ته جنهن ايمان آندو (تنهن آندو) انهن کان سواءِ تنهنجي قوم مان هز گز ايمان نه آڻيندو ته پوءِ اهي جيڪي چالاڪيون پيا ڪن تنهن تي (ڪو به) غم نه ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وحي ڪيو ويو نوح ڏانهن ته تحقيق شان هي آهي ته اصل ايمان نه آڻيندو قوم تنهنجيءَ مان مگر اهو جو تحقيق ايمان آندائين پوءِ نه غمگين ٿيءُ ان تي جو ڪيائون ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نوح ڏي حڪم موڪليو ويو ته جنهن ايمان آندو آهي تنهن کانسواءِ تنهنجي قوم مان ٻيو ڪوبه ايمان نه آڻيندو پوءِ اهي جيڪي پيا ڪن تنهن تي تون غمگين نه ٿيءُ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نوح ڏانهن وحي ڪئي وئي ته تنهنجي قوم مان ڪوبه ايمان ڪونه آڻيندو سواءِ انهن جي جيڪي ايمان آڻي چڪا. پوءِ تون ڏکارو نه ٿيءُ انهن ڪمن تي جيڪي اهي ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَحِي ڪيو وِيو نُوح ڏي، ته تُنهنجِي نيات نِيا، جن مَڃيو، تن مَڃيو، نه مَڃِيندا ٻيا، جيڪِي ڪن پِيا، ڳڻتِي نه کاءُ، تِنهن ڳالھ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان نوح کي واقف ڪيو ته، تنهنجي قوم مان جن ايمان آندو تن کان سواءِ هاڻ ٻيو ڪو ايمان نه آڻيندو، ان ڪري سندن ڪمن تي تون غم نه ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نوح ڏانهن وحي ڪيو ويو ته تنهنجي قوم مان جن ايمان آندو سو آندو، هاڻي ڪوبه نه آڻيندو، تنهنڪري سندن ڪرتوتن جي ڏک ۾ نه پؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ وحي ڪيو ويو نوح ڏانهن ته جن ماڻهن ايمان آندو سو آندو تنهنجي قوم مان، هاڻي ٻيو ڪوبه ايمان نه آڻيندو، تنهن ڪري ڏک ڪرڻ ڇڏي ڏي سندن ڪرتوتن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان نوح ($) کي ٻڌائي ڇڏيوسين ته تنھنجي قوم مان جن به ماڻهن کي ايمان آڻڻو ھو سي آڻي چڪا، ٻيا ماڻهو بهرحال ايمان آڻڻ جي موڊ ۾ ئي نه آھن. تون اُنهن جي عملن تي غم کائڻ ڇڏي ڏي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 37) |
۽ اسان جي روبرو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي جوڙ ۽ ظالمن بابت مون کي نه چئج، ڇوته اُھي ٻوڙيا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (حضرت نوح کي خدا فرمايو ته) اسان جي نظرداريءَ هيٺ ۽ اسان جي حڪم مطابق هڪڙي ٻيڙي ٺاهڻ شرع ڪري ڏي، ۽ هنن ظالمن جي باري ۾ هاڻي اسان کي ڪجهه به عرض معروض نه ڪر. يقيناً اهي ماڻهو غرق ٿيڻ وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون (اي نوح) اسان جي حڪم مطابق اسان جي نگراني ۾ ٻيڙي تيار ڪر ۽ تون ظالمن سان مخاطب نه ٿيءُ، بيشڪ اهي ٻُڏندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ بسم الله ڪري) اسان جي روبرو ۽ اسان جي روبرو اسان حڪم سان ٻيڙي بنائي ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي تن جي باري ۾ مون کي سفارش نه ڪر! (ڇو ته) انهن کي ضرور ٻوڙيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٺاھ تون ٻيڙي اسان جي نگاهن اڳيان ۽ اسان جي حڪم سان ۽ نه ڳالهاءِ مون سان انهن جي باري ۾ جن ظلم ڪيو بيشڪ اهي ٻوڙايل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان جي اکين جي سامهون ۽ اسان جي حڪم سان ٻيڙي بناءِ . ۽ ظالمن جي باري ۾ مون سان ڳالهه نه ڪر! ڇو ته انهن کي ٻوڙيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون ٻيڙي ٺاهه اسان جي سامهون اسان جي حڪم مطابق ۽ ظالمن جي باري ۾ مون سان نه ڳالهائجانءِ، بيشڪ اُهي ٻوڙيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان جي اکين اڳيان، اَمر اَسان جي ساڻ، جَلدي ٻيڙِي جوڙتون، ڪُڇ مَ تن ڪاڻ، جاڙُون ڪيون، جن پاڻ، اُهي غَرق، گُم گُھمسان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون اسان جي نظر ۽ حڪم هيٺ ٻيڙي ٺاهه ۽ ظالمن بابت مون سان منهن نه اڙاءِ، ڇو ته هو ٻڏندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسانجي نظرداريءَ هيٺ اسانجي وحيءَ مطابق هڪ ٻيڙي ٺاهڻ شروع ڪر ۽ ٻڌ، جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي تن بابت مونکي نه چئجانءِ . اهي سمورا هاڻي غرق ٿيڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هڪ ٻيڙي ٺاهڻ شروع ڪر اسان جي نظرداري هيٺ اسان جي وحي مطابق ۽ ڪابه سفارش نه ڪجان مون وٽ جن ماڻهن هي ظلم ڪيو آهي انهن جي باري ۾، اهي هاڻي غرق ٿيڻ وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون اسان جي نگراني ۾ وحي جي ذريعي ڏنل ھدايتن مطابق ھڪ ٻيڙو ٺاھ، پر (رحمدلي جو مظاھرو ڪندي) ظالمن جي باري ۾ اسان کي التجا نه ڪجانءِ . بيشڪ ھاڻي ھي سڀ ماڻهو غرق ٿيڻ وارا آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَصنَعُ الفُلكَ وَكُلَّما مَرَّ عَلَيهِ مَلَأٌ مِن قَومِهِ سَخِروا مِنهُ قالَ إِن تَسخَروا مِنّا فَإِنّا نَسخَرُ مِنكُم كَما تَسخَرونَ (آيت : 38) |
۽ ٻيڙي بڻائڻ لڳو، جڏھن ڪڏھن سندس قوم مان ڪا ٽولي وٽانئس لنگھي ٿي (ته) مٿس ٺـٺوليون ڪيائون، (نوح) ٿي چيو ته جيڪڏھن اوھين اسان تي ٺـٺوليون ڪريو ٿا ته اسين (به) اھڙيون ٺـٺوليون اوھان تي ڪنداسون جھڙيون ٺـٺوليون (اوھين) ڪريو ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن تي حضرت نوح ٻيڙي ٺاهڻ لڳو ۽ جڏهن جڏهن سندس قوم جا (هٺيلا) سردار وٽائنس لنگهندا هئا تڏهن (کيس ٻيڙي ٺاهڻ ۾ مشغول ڏسي) مسخريون ڪرڻ لڳندا هئا. حضرت نوح کين چوندو هو ته، توهان مون تي ٽوڪون ٿا ڪيو ته (ڀلي ڪيو) اهڙيءَ ئي طرح اسان به (توهان جي بيوقوفين تي هڪڙي ڏينهن) کِلنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت نوح) ٻيڙي تيار ڪري رهيو هو، ۽ جڏهن به ڪو سردار سندس قوم جو اتان لگھندو هو ته ساڻس مذاق ڪندا هئا. نوح چيو جيڪڏهن توهان اسان سان مذاق ڪريو ٿا ته اسين به توهان تي مذاق ڪنداسين جيئن توهان مذاق ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نوح ٻيڙي بنائڻ لڳو ۽ جڏهن به سندس قوم جا ڪي سردار وٽائنس لنگهيا ٿي ته مٿس چٿرون ٿي ڪيائون. نوح (جواب ۾) چين ٿي ته جيڪڏهن هاڻي اوهين اسان تي مسخريون ڪريو ٿا ته جيئن توهين (اسان تي) کلو ٿا تئين اسين (اوهان تي ڪنهن وقت) کلنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٺاهي پيو ٻيڙي ۽ جڏهن به لنگھيا ان کان سردار قوم ان جي مان ته (چٿر سان) کلندي لنگھيا اتان فرمايائين ته: جيڪڏهن چٿر سان کلو ٿا اسان تان پوءِ تحقيق اسين به کلنداسون اوهان تان جيئن کلو ٿا (اسان تان) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نوح ٻيڙي بنائڻ لڳو ۽ جڏهن به سندس قوم جا ڪي سردار وٽانئس لنگهيا ته ان تان مسخريون ڪيائون. نوح چيو ته جيڪڏهن اوهين اسان تان مسخريون ڪريو ٿا ته اسين به اوهان تان مسخريون ڪنداسون جيئن اوهين مسخريون ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ٻيڙي ٺاهڻ لڳو. ۽ جڏهن سندس قوم جا سردار ان وٽان لنگهندا هئا ته ان تي ٺٺول ڪندا هئا. چيائين: ”جيڪڏهن (اڄ) اوهان اسان تان ٺٺول ڪيو ٿا ته (سڀاڻي) اسان به اوهان تي ٺٺول ڪنداسين جيئن اوهين ٺٺول ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪشتِيءَ جو ڪم ڪار، پيو ڪري ته سَندسِ قوم مان، جَڏهن لَنگھيو مٿانئسِ مارڪو، ته کِلنِ مَٿسِ خُوار، جي کِلو اَوهين اَسان تان، ٻوليائين ٻِيهار، اَسين به آخرڪار، کِلنداسون، جِيئن کِلو اوهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ٻيڙي ٺاهڻ لڳو ۽ جڏهن سندس قوم جو ڪو وڏيرو لنگهندو هو ته مٿس مسخريون ڪندو هو، چيائين ” جي اوهين ٿا اسان تي چٿرون ڪريو، ته اسين به اوهان تي ائين ٿا چٿرون ڪريون جيئن اوهين ٿا ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نوح ٻيڙي ٺاهيندو رهيو ۽ سندس قوم جي سردارن مان جيڪو ٿي اتان لنگهيو، تنهن مٿس چٿرون ٿي ڪيون. هن چين: "جيڪڏهن توهان اسان تي کلو ٿا ته اسان به توهان تي ائين کلون ڪنداسون، جيئن توهان کلون ڪريو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نوح ٺاهيندو رهيو ٻيڙي ۽ سندس قوم جي سردارن مان جيڪو به سندس ڀرسان لنگهندو هو ته ٺٺوليون ڪندو هو، (نوح) چين، جي توهان اسان تي کلو ٿا ته اسان به توهان تي ائين ئي کلنداسون جيئن توهان کلي رهيا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھو ٻيڙو ٺاھي رھيو ھو ته سندس قوم جي سردارن مان جيڪو به اتان گذري پيو ته مٿس کلندي ٽوڪون ڪندو ھو، تنھن تي (نوح $ ) چيو ته جيڪڏھن توھان اسان تي ٽوڪون ڪريو ٿا ته اهو وقت به ايندو جواسان به توھان تي ٽوڪون ڪنداسين، جيئن توھان ٽوڪون ڪريو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَسَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 39) |
پوءِ جنھن کي عذاب پھچندو تنھن کي سگھوئي ڄاڻندؤ جو (اُھو) ان کي خوار ڪندو ۽ مٿس سدائين عذاب (پيو) لھندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو وقت پري ناهي جڏهن اوهان کي معلوم ٿي ويندو ته اهو ڪير آهي جنهن تي اهڙو عزاب ايندو جو کيس خوار خراب ڪندو ۽ وري (آخرت ۾ به) دائمي عذاب مٿس نازل ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جلدي توهان معلوم ڪندا ته عذاب ڪنهن تي اچي ٿو جيڪو ان کي خوار ڪري ٿو ۽ ڪنهن تي هميشه وارو عذاب نازل ٿئي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان کي جلد خبر پوندي ته ڪنهن تي ٿو عذاب نازل ٿئي. جيڪو (دنيا ۾) کين خوار ڪري ۽ ڪنهن تي (قيامت ۾) دائمي عذاب ٿو نازل ٿئي؟.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جلد ڄاڻندؤ ته ڪير آهي جو اچي ٿو ان وٽ عذاب جو خوار ٿو ڪري ان کي ۽ لهي ٿو ان تي عذاب هميشہ وارو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ڄاڻيندو ته ڪنهن تي عذاب ايندو جو ان کي خوار ڪندو ۽ ان تي هميشة رهڻ وارو عذاب لهندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جلدي ڄاڻندؤ ته ڪنهن تي عذاب ٿو اچي جو ان کي خوار ٿو ڪري ۽ (آخرت ۾ به) ان تي هميشه رهڻ وارو عذاب ٿو اچي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سِگھوئي سَمجھندا، ته ڪير اُهو آهي؟ اَچي عَذاب جِنهن مَٿي، رکيسِ لَڄ لاهي، ڪَڙڪي مَٿسِ ڪاهي، جَنجل جٽادار ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اجهو ٿي خبر پويوَ، ته ڪنهن تي ٿو خوار ڪندڙ عذاب اچي ۽ مٿس دائمي عذاب پوي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ستت ئي توهانکي خبر پئجي ويندي ته ڪنهن تي ٿو اهو عذاب اچي جيڪو انکي خوار ڪندو ۽ ڪنهن تي ٿي اها سزا پئي جيڪا ٽارئي نه ٽرندي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جلد ئي توهان کي معلوم ٿي ويندو ته ڪنهن تي ٿو اهو عذاب اچي جيڪو ان کي خوار ڪندو ۽ ڪنهن تي ٿي اها آفت ٽٽي جيڪا ٽاريندي نه ٽرندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان کي جلد ئي خبر پئجي ويندي ته ڪنھن تي دنيا ۾ ذليل ڪرڻ وارو عذاب اچي ٿو ۽ قيامت ۾ وري مٿس ھميشه عذاب ٿيندو رھندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ قُلنَا احمِل فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ وَمَن ءامَنَ وَما ءامَنَ مَعَهُ إِلّا قَليلٌ (آيت : 40) |
(انھيءَ ڪم ۾ ھوا) ايتري تائين جو اسان جو حُڪم آيو ۽ تنور اُڀاميو چيوسون ته سڀڪنھن جنس (جي جانورن) مان ٻه ٻه (نر ۽ مادي) ۽ جن بابت حڪم ٿي چڪو آھي (ته ھلاڪ ڪبا) تن ڌاران ٻيا پنھنجي گھر وارا ۽ جن ايمان آندو سي منجھس چاڙھ، ۽ ٿورن کانسواءِ مٿس ايمان نه آندو ھوائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هي سڀ ڪجهه يعني مسخري وغيره ٿيندي رهي) تان جو جڏهن وقت اچي ويو ته ان جي (مقرر ڪيل) ڳالهه ظهور ۾ اچي ۽ (فطرت جو) تنور جوش ۾ آيو تڏهن اسان (حضرت نوح عليه السلام کي) حڪم ڏنو ته هر قسم (جي جانورن) جا ٻه ٻه جوڙا ٻيڙيءَ ۾ چاڙهه ۽ پنهنجي اهل عيال کي به پاڻ سان گڏ وٺي هل، پر اهل عيال ۾ اهي ماڻهو داخل ناهن جن بابت اڳ ئي چيو ويو آهي (ته غرق ٿيڻ وارا آهن) پڻ انهن ماڻهن کي به پاڻ سان کڻ جن ايمان آندو آهي ۽ نوح سان گڏ ايمان ڪونه آندو هئائون، سواءِ ڪن ٿورن ماڻهن جي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ايستائين جو اسان جو حڪم پهتو ۽ زمين مان جوش سان پاڻي نڪرڻ لڳو، اسان حڪم ڪيو ته ان ٻيڙيءَ ۾ هر قسم جي جانورن مان جوڙو جوڙو سوار ڪر ۽ سڀئي هلاڪ ٿيا (طوفان ۾) مگر جنهنکي بچايو ويو، ۽ جنهن ماڻهو ايمان آندو، ۽ نوح سان گڏ تمام ٿورڙن ماڻهن ايمان آندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نيٺ جڏهن اسان جو حڪم (عذاب) پهتو ۽ تنور اڀاميو ته اسان حڪم ڪيو ته (اي نوح!) هر قسم جي جانورن مان (نر مادي جو) جوڙو (يعني) ٻه کڻ ۽ جنهن جي (هلاڪت) جو حڪم شروع ۾ ٿي چڪو آهي انهن کان سواءِ تنهنجا سڀ ٻار ٻچا ۽ جن ايمان آندو آهي انهن سڀني کي ٻيڙي ۾ وهار. ۽ ان سان ايمان به ٿورن ماڻهن ئي آندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تان جو جڏهن آيو امر اسان جو ۽ اڀاميو تنور ته چيو سون سوار ڪر ان ۾ هر جنس جي (نر مادي) جوڙي مان ٻه ٻه ۽ پنهنجي اهل کي مگر اهو جو اڳي ٿي چڪو آهي ان تي حڪم ۽ انهن کي جو ايمان آندائون (سوار ڪر) ۽ نه ايمان آندو ان سان گڏ مگر ٿورن (ماڻهن) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نيٺ جڏهن اسان جو حڪم پهتو ۽ تنور اڀاميو. اسان چيو ته سڀ ڪنهن قسم مان جوڙو نر ۽ مادي ۽ پنهنجا ٻار ٻچا ان کان سواءِ جنهن تي (هلاڪ ٿيڻ جو) حڪم ٿي چڪو. ۽ ايمان وارا ان ۾ چاڙهه. ۽ سواءِ ٿورن جي ٻين ان سان گڏ ايمان نه آندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ايستائين جو جڏهن اسان جو امر آيو ۽ تنورَ (چشمي وانگر) ٻُنڀُ ڏنو اسان چيو: ”(اي نوح) ان ۾ هر جانور جا جوڙا ٻه ٻه (نر ۽ مادي) کڻ ۽ پنهنجي گهر وارن کي (به کڻ) سواءِ ان جي جنهن تي (هلاڪت جو) فرمان ٿي چڪو آهي ۽ جن به ايمان آندو آهي (تن کي به کڻ.)“ ۽ ان سان گڏ نه ايمان آندو هيو، سواءِ ڪن ٿورڙن جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان جڏهن، اَمر اسان جو آئيو ۽، اُڌمِي چُلھ چوڌار، پوءِ چيوسون ته، اُنهِيءَ ۾، چاڙھ تون، هر جوڙي مان جونجھار!، نر ۽ نار، ٻَه، ٻَه ڄڻا، پڻ تُنهنجا ٻَچا ٻار، مَگر، مَهند ٿيو، جن تي، قول برقرار، ۽ جن مَڃيو، ۽ نه مَڃيو اُن گڏ، ڪن ڳاڻ ڳڻين ڌار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تان جو جڏهين اسان جو حڪم آيو ۽ تنور اٻڙيو، تڏهن حڪم ڪيوسون، ته هر ڪنهن جوڙي مان ٻه ٻه ٻيڙيءَ تي چاڙهه ۽ تنهنجي گهر وارا به، سواءِ انهن جي، جنهن لاءِ عذاب جو حڪم ٿيل آهي ۽ مومن به، ۽ هن تي ايمان ڪن ٿورڙن آندو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تانجو جڏهن اسان جو حڪم اچي ويو ۽ تنور مان پاڻي اڀاميو ته اسان چيو ته "هر قسم جي جانورن جو جوڙو ٻيڙيءَ ۾ کڻ ۽ پنهنجي گهروارن کي به، سواءِ انهن جي جن جي پڌرائي اڳي ئي ٿي چڪي آهي، ان ۾ چاڙهه ۽ انهن کي به کڻ جن ايمان آندو آهي" ۽ اهي ته هئا ئي ٿورڙا جن نوح سان گڏ ايمان آندو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تان جو جڏهن اچي ويو اسان جو حڪم ته اهو تنور اڀامي پيو، ته اسان (الله) چيو، کڻ ٻيڙيءَ ۾ هر قسم جي جانورن جو (هڪ هڪ) جوڙو جوڙو ۽ پنهنجي گهر وارن کي به، سواءِ انهن ماڻهن جي جن لاءِ اڳي ئي حڪم اچي چڪو آهي ان ۾ سوار ڪر ايمان وارن کي، اهي ٿورا ماڻهو هئا جن نوح سان گڏ ايمان آندو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخرڪار اسان جي (عذاب وارو) حڪم اچي پھتو ۽ تنور ڇوهه سان ڀڙڪو کاڌو ته اسان (نوح $ کي) چيو ته ھاڻي تون ھر قسم جي جانورن مان ھڪ ھڪ جوڙي نر ۽ مادي، پنھنجي گهر وارن ۽ ايمان آڻيندڙ سڀني کي ٻيڙي ۾ ويھار پر انهن ماڻهن کي بلڪل نه ويھارجانءِ جن جي تباهه ٿيڻ جو پروانو جاري ٿي چڪو آھي. پوءِ (نوح $) سان گڏ تمام ٿورڙا ماڻهو ھئا جن ايمان آندو ھو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ اركَبوا فيها بِسمِ اللَّهِ مَجر۪ىٰها وَمُرسىٰها إِنَّ رَبّى لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 41) |
۽ (نوحؑ) چيو ته منجھس چڙھو الله جي نالي سان سندس ھلڻ ۽ سندس بيھڻ آھي، ڇوته منھنجو پالڻھار ضرور بخشيندڙ مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (حضرت نوح سنگتين کي) چيو ته، ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. الله جي نالي سان ان ٻيڙيءَ کي هلڻو آهي ۽ الله ئي جي نالي سان ان کي بيهڻو آهي. بيشڪ منهنجو پروردگار بخشيندڙ ۽ رحمت ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) نوح چيو توهان انهي ٻيڙيءَ ۾ الله جو نالو وٺي سوار ٿيو جيڪو ان ٻيڙي کي هلائي ٿو ۽ بيهاري ٿو، بيشڪ منهنجو رب گھڻو بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نوح (پنهنجي ساٿين کي) چيو ته ان ۾ سوار ٿيو. ان جو هلڻ ان جو بيهڻ الله جي نالي سان آهي. بيشڪ منهنجو پروردگار وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فرمايائين ته سوار ٿيو ان ۾ الله جي نالي سان هلڻ ان جو آهي ۽ بيهڻ ان جو بيشڪ رب منهنجو البته بخشڻهار، مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نوح چيو ته ان ۾ سوار ٿيو، ان جو هلڻ ۽ ان جو بيهڻ الله جي نالي سان آهي. بيشڪ منهنجو پاليندڙ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (نوح) چيو: ”ان (ٻيڙيءَ) ۾ سوار ٿيو ان جو هلڻ ۽ بيهڻ الله جي نالي سان آهي. بيشڪ منهنجو پالڻهار وڏو بخشڻهار، ٻاجهارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، چڙهو اُن ۾ ۽ چَئو، نالي ساڻ سَتّار، مَنجھ ڇولئين ڇُٽڻ اُن جو، پڻ لنگھٖي پَوڻ پار، بيشڪ بَخشڻهار، پڻ سانيمِ، سَٻاجَھو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نوح چيو ”اچي هن ۾ چڙهو، هن جو هلڻ ۽ بيهڻ سڀ الله جي نالي سان آهي. بيشڪ منهنجوڌڻي بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نوح چين: "چڙهي پئو ان ۾، الله جي ئي نالي سان آهي، ان جو هلڻ به ته ان جو بيهڻ به، منهنجو رب ڏاڍو غفور رحيم آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (نوح) چين، انهيءَ ۾ سوار ٿي وڃو، الله جي نالي سان آهي ان جو هلڻ ۽ ان جو بيهڻ، بيشڪ منهنجو رب وڏو بخشڻهار ۽ رحم وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ نوح ($) ايمان آڻيندڙن کي چيو ته ھن ٻيڙي ۾ سوار ٿيو، ھن ٻيڙي جو ھلڻ ۽ ھن جو بيھڻ اللھ تعالى جي نالي سان ئي آھي. بيشڪ منھنجو پالڻھار وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهِىَ تَجرى بِهِم فى مَوجٍ كَالجِبالِ وَنادىٰ نوحٌ ابنَهُ وَكانَ فى مَعزِلٍ يٰبُنَىَّ اركَب مَعَنا وَلا تَكُن مَعَ الكٰفِرينَ (آيت : 42) |
۽ اُھا جبلن جھڙين لھرين ۾ کين (کڻي) ھلڻ لڳي، ۽ نوحؓ پنھنجي پٽ کي سڏيو ۽ اُھو ڪناري تي ھو ته اي مُنھنجا پُٽ اسان سان چڙھ ۽ ڪافرن سان گڏ نه ھُج.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اهڙين لهرن ۾ جي جبلن وانگر اٿن ٿيون ٻيڙي انهن (ماڻهن) کي کڻي وڃي رهي آهي ۽ حضرت نوح پنهنجي پٽ کي سڏ ڪيو جو ڪناري وٽ بيٺو هو ۽ چيائين ته، اي منهنجا پٽ! اسان سان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيءُ ۽ ڪافرن سان نه رهي پئو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اها ٻيڙي انهن کي وٺي جبلن جيڏين موجن ۾ هلڻ لڳي ۽ نوح پنهنجي پُٽ کي پڪاريو ۽ اهو علاحده جاءِ تي هو، (نوح پڪاريو ته) اي منهنجا پٽ مون سان گڏ (ٻيڙي ۾) سوار ٿيءُ ۽ ڪافرن سان گڏ نه ٿيءُ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اها جبلن جهڙين لهرين ۾ انهي کي کڻي هلي ۽ نوح پنهنجي پٽ کي سڏيو ۽ اهو هن کان جدا هڪ ڪناري ۾ هو فرمايو ته اي منهنجا پٽڙا (هيڏانهن اچ!) اسان سان سواري ٿيءُ ۽ ڪافرن سان گڏ نه ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اها هلڻ لڳي انهن سان (پاڻيءَ جي) موجن ۾ (جيڪي) جبلن وانگر هيون ۽ سڏيو نوح پٽ پنهنجي کي ۽ هو ڪناري تي ته اي پٽڙا منهنجا! سوار ٿي اسان سان گڏ ۽ نه هج ڪافرن سان گڏ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اها جبلن جهڙين لهرين ۾ انهن کي کڻي هلي ۽ نوح پنهنجي پٽ کي سڏيو ۽ اهو هڪ ڪناري ۾ هو ته اي منهنجا پٽڙا! اسان سان گڏ سوار ٿيءُ ۽ ڪافرن سان گڏ نه ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اها جبلن جهڙين لهرن ۾ کين کڻي هلي رهي هئي، ۽ نوح پنهنجي پُٽ کي سڏيو ۽ اُهو ڪناري تي هيو ته: ”اي منهنجا پُٽڙا! اسان سان گڏ سوار ٿي ۽ ڪافرن سان گڏ نه هُج“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِيءَ هَلي پيئـِي اُنهن سان، مَنجھ ڇولِيُنِ جِيئن ڇَپر، نُوح سَندسِ نِينگرٖي، پُڪاريو اِن پَر، حاضرهو ڪُنڊ تي، ته مُنهنجا پٽ، پِسر!، چَڙھ اسان سان اَندر، ۽ بيدِينَنِ ڀيڙو ڪِيمِ ٿِيء(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هوءَ انهن کي جبل جيڏين لهرن ۾ وٺي هلڻ لڳي ۽ نوح سندس پٽ کي، جو ڪناري تي هو، چيو ”پٽڙا! اسان سان گڏ اچي چڙهه ۽ ڪافرن سان گڏ نه ٿيءُ!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻيڙي انهن کي کڻي ڇولين جي وچ ۾ هلندي رهي ۽ هڪ هڪ ڇولي ڄڻ ته جبل هئي. نوح جو پٽ پري ڪنڌيءَ تي بيٺو هو، نوح سڏي چيس: "پٽـڙا! اسان سان اچي چڙهه، ڪافرن سان گڏ نه ٿـيءُ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اها (ٻيڙي) ماڻهن کي کنيو پئي وئي ۽ هڪ هڪ لهر جبل وانگر اُٿي رهي هئي ۽ نوح سڏ ڪري چيو پنهنجي پٽ کي جيڪو پرڀرو بيٺو هو، اي پٽ! اسان سان اچي گڏ سوار ٿي ۽ انهن سان گڏ نه رهه جيڪي ڪافر آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اھو ٻيڙو جبلن جھڙين ڇولين ۾ سوارين کي کڻي ھلي رھيو ھو (ان دوران) نوح ($) پنھنجي پٽ کي سڏيو جيڪو ٿورو پرڀرو (پريشاني واري حالت ۾) بيٺو ھو. کيس چيائينس ته اي منهنجا پٽڙا! اسان سان گڏ (ٻيڙي ۾) سوار ٿي وڃ، تون انهن ڪافرن سان گڏ شامل نه ٿيءُ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ سَـٔاوى إِلىٰ جَبَلٍ يَعصِمُنى مِنَ الماءِ قالَ لا عاصِمَ اليَومَ مِن أَمرِ اللَّهِ إِلّا مَن رَحِمَ وَحالَ بَينَهُمَا المَوجُ فَكانَ مِنَ المُغرَقينَ (آيت : 43) |
چيائين ته (اھڙي) جبل تي پناھ وٺندس جو مون کي پاڻيءَ کان بچائيندو، (نوحؑ) چيو ته اڄ الله جي عذاب کان ڪو بچائيندڙ ڪونھي پر جنھن تي (پاڻ) رحم ڪري (سو بچي سگھندو)، ايتري ۾ ٻنھي جي وچ ۾ لھر اچي پئي ۽ (اُھو) ٻڏلن مان ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن چيو ته، مان ڪنهن جبل تي پناه وٺندس، جو مون کي پاڻيءَ (۾ ٻڏڻ) کان بچائي وٺندو. حضرت نوح چيس ته، (تون ڪهڙي خام خيال ۾ گرفتار ٿي ويو آهين) اڄ الله جي (ٺهرايل) ڳالهه کان بچائڻ وارو ڪوبه ڪونهي. سواءِ ان جي جنهن تي الله پاڻ رحم ڪري ۽ (ڏسو) ٻنهي جي وچ ۾ هڪڙي لهر اچي ويئي. پوءِ هو انهن مان ٿيو جيڪي ٻڏڻ وارا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پٽ چيو جلدي آئون جبل تي پناه وٺندس جيڪو مون کي پاڻي کان بچائيندو، نوح چيو، اڄ توکي الله جي عذاب کان ڪير به بچائي نٿو سگھي سواءِ ان جي جنهن تي پاڻ رحم ڪري، ايتري ۾ پيءُ پٽ جي وچ ۾ پاڻيءَ جون موجون اچي ويون، پوءِ پٽ غرق ٿي ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن چيو (مون کي معاف ڪر!) آءُ ته هاڻي ڪنهن جبل جو سهارو وٺان ٿو جيڪو مون کي پاڻي (۾ ٻڏڻ) کان بچائيندو. نوح کيس چيو (اڙي بدبخت) اڄ خدا جي عذاب کان ڪوئي بچائڻ وارو نه آهي پر جنهن تي خدا رحم فرمائي ۽ (اها ڳالھ ٿي رهي هئي ته) ايتري ۾ ٻنهي پيءُ پٽ وچ ۾ لهر اچي ويئي پوءِ ٻڏندڙن مان ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته جلد پناھ وٺندس مان جبل ڏانهن جو بچائيندو مون کي پاڻيءَ کان فرمايو (حضرت نوح) ناهي ڪو بچائيندڙ اڄ الله جي امر کان مگر جنهن تي رحم ڪري ۽ اچي وئي ٻنهي جي وچ ۾ لهر پوءِ ٿي پيو ٻڏلن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته آءٌ جبل تي ٿيندس جو مون کي پاڻيءَ کان بچائيندو. نوح چيو ته اڄ الله جي حڪم کان ڪوبه بچائيندڙ نه آهي پر جنهن تي پاڻ رحم ڪري (سو بچندو) ايتري ۾ ٻنهين جي وچ ۾ لهر اچي ويئي پوءِ اهو ٻڏندڙن مان ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”آءُ هاڻي ئي ڪنهن جبل جي وڃي پناهه ٿو وٺان جيڪو مون کي پاڻي کان بچائيندو“. (نوح) چيو ته: ”اڄ الله جي عذاب کان بچائڻ وارو ڪوبه نه آهي سواءِ ان جي جنهن تي پاڻ رحم ڪري. ۽ ايتري ۾ ٻنهين جي وچ ۾ لهر اچي وئي ۽ اُهو ٻڏڻ وارن مان ٿي ويو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، چَڙهندسِ ڏُونگرچوٽِئـِين بَچائيندمِ، کَـئون بَحر، چي، ناهي اَڄ اَلله کان، پناه ڏِيندڙ پَهر، مَگر جنهن سان مِهر ٿِئي، پوءِ ڦِريَنِ وِچان لَهر، پِئَ ڏِسندي تنهن پَهر، ٿِيو لُڙھ ۾، لهوارن مان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”آءُ اجهو ٿو ڪنهن جبل تي پناهه وٺان، جو مون کي پاڻيءَ کان بچائيندو.“ چيائين ”اڄ الله جي امر کان، سندس رحم ڪرڻ بنا ڪو به نه بچائي سگهندو.“ اتي ٻنهي وچ ۾ لهر اچي وئي ۽ هو ٻڏي ويو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن جواب ڏنس ته "مان هاڻي ئي ٿو چڙهي وڃان ڪنهن جبل تي، جيڪو مونکي پاڻيءَ کان بچائي وٺندو". نوح چيس: "اڄ ڪابه شيءِ الله جي حڪم کان بچائڻ واري ڪونهي، سواءِ ان جي جو الله ئي ڪنهن تي ڪو رحم ڪري". ايتري ۾ هڪ ڇولي ٻنهي جي وچ ۾ اچي وئي ۽ هو به ٻڏڻ وارن ۾ شامل ٿي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن مُڙي جواب ڏنو، آئون هاڻي ڪنهن جبل تي چڙهي ٿو وڃان جيڪو مون کي پاڻيءَ کان بچائيندو. (نوح) چيو، ڪابه بچائڻ واري شيءِ اڄ اهڙي نه آهي جيڪا الله جي حڪم کان بچائي، سواءِ ان جي جنهن تي الله پاڻ رحم ڪري، ۽ ايتري ۾ هڪ لهر ٻنهي جي وچ ۾ اچي وئي، پوءِ اهو به شامل ٿي ويو غرق ٿيڻ وارن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پُٽ جواب ڏنو ته مان ھاڻي ئي جبل تي چڙھي ويندس، ھو مون کي پاڻي کان بچائيندو.(نوح $ ) چيس ته (پُٽ) اڄ اللھ تعالى جي حڪم کان ڪير به بچائڻ وارو نه آھي، سواءِ ان جي جنھن تي ھو پاڻ رحم ڪري (ته اھوئي بچي سگهي ٿو) ايتري ۾ (پيءُ ۽ پُٽ) ٻنھي جي وچ ۾ هڪ ڇولي آئي، پوءِ ھو غرق ٿيندڙن ۾ شامل ٿي ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقيلَ يٰأَرضُ ابلَعى ماءَكِ وَيٰسَماءُ أَقلِعى وَغيضَ الماءُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَاستَوَت عَلَى الجودِىِّ وَقيلَ بُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
۽ فرمايو ويو ته اي زمين (تون) پنھنجو پاڻي چُھي وڃ ۽ اي آسمان (تون پنھنجو پاڻي) بند ڪر ۽ پاڻي سُڪايو ويو ۽ ڪم پورو ڪيو ويو ۽ (ٻيڙي جبل) جوديءَ تي بيٺي ۽ چيو ويو ته (شل) ظالمن جي قوم ناس ٿئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ الله جو) حڪم ٿيو ته، اي زمين پنهنجو پاڻي پئي ڇڏ ۽ اي آسمان برسات کي بند ڪر، پوءِ پاڻي لهي ويو ۽ حادثي پڄاڻي ڪئي ۽ ٻيڙي جودي جبل تي بيهي رهي. ۽ (الله جو) فيصلو ٿيو ته نامرادي ۽ ناڪامي انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي ظالم آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ حڪم ڪيو ويو ته اي زمين تون پنهنجو پاڻي جذب ڪر ۽ اي آسمان تون رڪجي وڃ ۽ پاڻي سڪي ويو ۽ وعدو پورو ڪيو ويو (عذاب جو) ۽ ٻيڙي اچي جوڌي (جبل) تي بيٺي ۽ چيو ويو هي عذاب آهي ظالم قوم لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن (خدا جي طرفان) حڪم ڏنو ويو ته اي زمين پنهنجي پاڻي کي ڳهي ڇڏ ۽ اي آسمان (وسڻ کان) رڪجي وڃ ۽ پاڻي سڪي ويو ۽ (ماڻهن جو) ڪم پورو ڪيو ويو ۽ ٻيڙي جودي جبل تي وڃي بيٺي ۽ هر (چئني) طرف پڪاريو ويو ته ظالم ماڻهو (خدا جي رحمت) کان پري آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو ويو ته اي زمين! چوسي ڇڏ پاڻي پنهنجو ۽ اي آسمان! رڪجي پؤ ۽ سڪايو ويو پاڻي ۽ ختم ڪيو ويو معاملو ۽ برابر ٿي بيٺي جودي (جبل) تي ۽ چيو ويو ته هلاڪت آهي ظالم قوم جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيو ويو ته اي زمين! پنهنجي پاڻيءَ کي ڳهي ڇڏ ۽ اي آسمان! رُڪجي وڃ ۽ پاڻي سڪايو ويو ۽ ڪم پورو ڪيو ويو ۽ ٻيڙي جوديءَ (جبل) تي بيٺي. ۽ چيو ويو ته ظالم قوم تي لعنت هجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چيو ويو ته: ”اي زمين! پنهنجو پاڻي ڳِهي ڇڏ! ۽ اي آسمان رڪجي وڃ“! ۽ پاڻي سُڪايو ويو ۽ ڪم پورو ڪيو ويو (يعني فيصلو چُڪايو ويو) ۽ (ٻيڙي) جُودي جبل تي (وڃي) بيٺي ۽ چيو ويو ته ظالمن جي قوم لاءِ (رحمت کان) دوري آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي ڌَرتي! ڳيھ پاڻي پَنهنجو، ۽ بادل! بُوند بِيهار، پاڻِي وِيو پاتار ۾، ۽ لَهِي ويِو ڪم ڪار، اَچي جُودِي جَبل تي، ڪِشتئَ ڪيو قرار، تَڙ تَڙ ٿي تَنوار، ته بيدِي بيدادن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) حڪم ٿيو ته ”اي زمين! پنهنجو پاڻي ڳهي وڃ ۽ اي آسمان! بس ڪر! ”پاڻي گهٽجي ويو، ڪم ختم ٿيو ۽ ٻيڙي اچي ”جودي“ (جبل) تي بيٺي. چيو ويو ته ”ڪافر قوم تي لعنت آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حڪم ٿيو: "اي زمين پنهنجو سمورو پاڻي چــُـهي وڃ ۽ اي آسمان رڪجي وڃ". سو پاڻي لهي ويو ۽ فيصلو چڪتو ڪيو ويو ۽ ٻيڙي اچي جودي جبل تي لڳي ۽ چيو ويو ته پري ٿي وئي ظالمن جي قوم! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ حڪم ٿيو، اي زمين! پنهنجو سمورو پاڻي چهي وڃ ۽ اي آسمان! رڪجي وڃ، پوءِ پاڻي زمين ۾ لهي ويو ۽ چُڪتو ڪيو ويو فيصلو ۽ ٻيڙي رڪجي وئي جودي جبل تي ۽ چيو ويو ته پري ٿي وئي قوم ظالمن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اللھ تعالى جي طرفان) چيو ويو ته اي زمين! پنھنجو پاڻي چُھي وڃ ۽ اي آسمان! پاڻي وسائڻ بند ڪر، پوءِ گڏ ٿيل پاڻي سڪي ويو ۽ اللھ تعالى جو حڪم پورو ٿي چڪو، ٻيڙو جودي جبل سان وڃي لڳو ۽ چيو ويو ته ظالم قوم (رحمت کان) محروم ڪئي وئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنادىٰ نوحٌ رَبَّهُ فَقالَ رَبِّ إِنَّ ابنى مِن أَهلى وَإِنَّ وَعدَكَ الحَقُّ وَأَنتَ أَحكَمُ الحٰكِمينَ (آيت : 45) |
۽ نوحؑ پنھنجي پالڻھار کي سڏيو ۽ چيائين اي منھنجا پالڻھار منھنجو پٽ (به) منھنجي گھر وارن منجھان آھي ۽ بيشڪ تنھنجو انجام بلڪل سچو آھي ۽ تو حاڪمن جو حاڪم آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نوح پنهنجي پروردگار کان دعا گهري ۽ چيو ته، اي منهنجا پروردگار! منهنجو پٽ ته منهنجي گهر جي ماڻهن مان آهي ۽ يقيناً تنهنجو واعدو سچو آهي. توکان بهتر فيصلي ڪرڻ وارو ڪوبه ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نوح پنهنجي رب کي پڪاريو پوءِ عرض ڪيائين اي منهنجا رب بيشڪ منهنجو پٽ منهنجي اهل مان آهي ۽ بيشڪ تنهنجو وعدو (نجات جو) سچو آهي ۽ تون بهترين فيصلو ڪندڙ آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ( ۽ جڏهن نوح جو پٽ ٻڏڻ تي هو ته) نوح پنهنجي پروردگار کي سڏيو ۽ عرض ڪيو ته اي منهنجا پروردگار! منهنجو پٽ ته منهنجي گهروارن مان آهي (تو وعدو ڪيو هو ته تنهنجي گهروارن کي بچائيندس) ۽ بيشڪ تنهنجو وعدو سچو آهي ۽ تون سڀني حاڪمن کان وڏو حاڪم آهين. (تون منهنجي پٽ کي بچائي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سڏيو نوح رب پنهنجي کي پوءِ عرض ڪيائين اي منهنجا رب! بيشڪ منهنجو پٽ اهل منهنجي مان آهي ۽ بيشڪ وعدو تنهنجو حق آهي ۽ تون وڌيڪ حاڪم آهين حاڪمن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نوح پنهنجي پاليندڙ کي سڏيو پوءِ چيائين ته اي منهنجا پاليندڙ! منهنجو پٽ منهنجي گهر وارن مان آهي ۽ بيشڪ تنهنجو وعدو سچو آهي ۽ تون سڀني حاڪمن کان وڏو حاڪم آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نوح پنهنجي پالڻهارکي سڏيو پوءِ چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار منهنجو پُٽ (به ته) منهنجي گهراڻي مان هيو ۽ بيشڪ تنهنجو وعدو سچو آهي، ۽ تون سڀ حاڪمن کان وڏو (۽ ڀلو) حاڪم آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نُوح سَندسِ سائينءَ کي، پُڪاريو اِن پر، چي، آگا!،سَندمِ آل مان، مُنهنجو پُٽ، پِسر، ۽ واحِد تُنهنجا واعِدا، سَچاسربِسر، تون آهِين زور زَبر، حاڪِم حاڪمن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نوح سندس ڌڻيءَ کي پڪاري چيو ته ”منهنجا ڌڻي! بيشڪ منهنجو پٽ منهنجي گهر وارن مان آهي ۽ تنهنجو واعد سچو آهي، جو تون سڀ کان وڏو حاڪم آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نوح پنهنجي رب کي پڪاريو ۽ چيائين: "اي منهنجا رب! منهنجو پٽ به ته منهنجي گهروارن مان آهي ۽ تنهنجو وعدو ته سچو آهي ۽ تون سڀني حاڪمن کان وڏو حاڪم آهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پڪاريو نوح پنهنجي رب کي، چيائين اي منهنجا رب! بيشڪ منهنجو پٽ منهنجي گهر وارن مان آهي ۽ بيشڪ تنهنجو وعدو به سچو آهي ۽ تون سڀني حاڪمن کان وڏو (۽ ڀلو) حاڪم آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (عذاب دوران) نوح ($) پنھنجي پالڻھار کي سڏيو ۽ چيائين ته پالڻھار! بيشڪ منھنجو پُٽ منھنجي گهر وارن مان آھي ۽ تنھنجو وعدو به سچو آھي (ته تون منھنجي گهر وارن کي بچائيندين سو ان کي بچاءِ) ۽ فيصلي ڪرڻ وارن کان تون ئي بھترين فيصلو ڪندڙ آھين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ يٰنوحُ إِنَّهُ لَيسَ مِن أَهلِكَ إِنَّهُ عَمَلٌ غَيرُ صٰلِحٍ فَلا تَسـَٔلنِ ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ إِنّى أَعِظُكَ أَن تَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 46) |
(الله) فرمايو ته اي نوح اُھو تنھنجي گھر وارن مان نه آھي، ڇوته اَڻ سڌريل ڪمن وارو آھي، تنھنڪري جنھن جي توکي ڪا خبر نه آھي تنھن بابت مون کان نه پُڇ، آءٌ توکي نصيحت ڪريان ٿو ته متان جاھلن مان ٿئين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (خدا) فرمايو ته، اي نوح هو تنهنجي گهرجي ماڻهن مان ناهي. هو ته سراسر بدعمل آهي. پوءِ جنهن حقيقت جو توکي علم ناهي تنهن بابت سوال نه ڪر، مان توکي نصيحت ٿو ڪيان ته جاهلن مان نه ٿيءُ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو اي نوح تحقيق اهو تنهنجي اهل مان ناهي (ڇو ته) تحقيق انهي جا عمل صالح ناهن. پوءِ تون مون کان اهو سوال نه ڪر جنهن جو توکي ڪو علم ناهي. تحقيق آئون توکي نصيحت ڪريان ٿو ته متان تون نادانن مان ٿي پوين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (خدا فرمايو) ته اي نوح (تون ڇا ٿو چوين) پڪ اهو تنهنجي گهروارن مان نه آهي، بيشڪ ان جا ڪم خراب آهن ته (ڏس) جنهن جو تو کي علم نه آهي تنهن جي باري ۾ مون کي درخواست نه ڪندو ڪر، نادانن جهڙيون ڳالهيون نه ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين اي نوح! تحقيق اهو ناهي اهل تنهنجي مان بيشڪ اهو غير صالح عمل وارو آهي.وءِ نه سوال ڪر مون کان اها ڳالھ جو ناهي توکي ان جو علم بيشڪ مان نصيحت ٿو ڪيان توکي هن کان ته هجين بي خبرن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) "الله فرمايو ته اي نوح! پڪ اهو تنهنجي گهر وارن مان نه آهي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرمايائين: ”اي نوح! اهو تنهنجي گهراڻي مان نه آهي، بلاشڪ ان جا عمل ناشائسته آهن. پوءِ مون کان اهو نه گھر جنهن جي تو وٽ ڄاڻ نه آهي. بيشڪ آءٌ تو کي نصيحت ڪيان ٿو متان تون نادانن مان ٿين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي،نُوح! هِي نَه تُنهنجِي آل مان، هِن رَکي نه چَڱي چال، پوءِ جنهنجِي، سُڌنه توکي، سو مون کي، نه ڪر سُوال، آئون توکي ٿو ڪريان، هِيءَ نَصِحيت نِهال!، ته سوا سَمجھڻ ڳالھ، نه ٿِي مُورکن مان، مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”نوح! هو تنهنجي گهر وارن مان ناهي، هو بدڪار آهي، پوءِ جنهن جي توکي خبر ناهي. ان بابت سوال نه ڪر، آءُ توکي نصيحت ٿو ڪريان، ته تون جاهل نه ٿيءُ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جواب ۾ فرمايو ويو: "اي نوح! اهو تنهنجي گهروارن مان ناهي، بيشڪ ان جا عمل چڱا نه آهن، تنهنڪري تون مون کان اها شيءِ نه گهر، جنهن جي حقيقت کي تون نٿو ڄاڻين، مان توکي فهمائش ٿو ڪريان ته پاڻ کي جاهلن جهڙو نه ڪر" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جواب ۾ فرمايو ويو، اي نوح! اهو ناهي تنهنجي گهر وارن مان. انهيءَ جا عمل خراب آهن، تنهن ڪري تون ان ڳالهه جي مون کي درخواست نه ڪر جنهن جي حقيقت نٿو ڄاڻين، آئون توکي نصيحت ٿو ڪريان ته تون پاڻ کي نه بڻاءِ جاهلن وانگر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اللھ تعالى) جواب ۾ فرمايو ته اي نوح! اِھو پُٽ ته تنھنجي گهر وارن ۾ شامل ئي نه آھي، ھو ته هڪ بدعمل ماڻهو آھي. مون کي اھڙو عرض نه ڪندو ڪر جنھن جي باري ۾ توکي ڪابه خبر نه ھجي، بيشڪ مان توکي سمجهايان ٿو ته آئندهه جاھل ماڻهن منجهان نه ٿجانءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبِّ إِنّى أَعوذُ بِكَ أَن أَسـَٔلَكَ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَإِلّا تَغفِر لى وَتَرحَمنى أَكُن مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 47) |
(نوحؓ) چيو ته اي منھنجا پالڻھار جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي مون کي خبر نه آھي تنھن بابت توکان پڇڻ جي آءٌ تو وٽان پناھ گھران ٿو، ۽ جي تون نه بخشيندين ۽ رحم نه ڪندين ته ڇيئي وارن مان ٿيندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (نوح) عرض ڪيو ته، اي منهنجا رب! مان هن ڳالهه کان تنهنجي پناه ٿو گهران ته اهڙيءَ ڳالهه جو سوال ڪيان جنهن جي حقيقت جو علم مون کي ڪونهي، جيڪڏهن تون مون کي نه بخشين ۽ رحم نه ڪرين ته مان انهن ماڻهن منجهان ٿي پوندس جيڪي نقصان هيٺ آيا ۽ تباهه ٿي ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نوح عرض ڪيو تحقيق آئون تو کان (آئيندهه ان سوال بابت) پناه گھران ٿو جنهن جو مون کي ڪو علم ناهي، ۽ جيڪڏهن تو مون کي بخش نه ڪيو ۽ رحم نه ڪيو ته آئون نقصان وارن مان ٿي پوندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نوح عرض ڪيو ته پروردگار آءُ تو کان پناھ ٿو گهران جنهن جو مون کي علم نه آهي تنهن لاءِ درخواست ڪريان جيڪڏهن تون (منهنجا قصور) معاف نه ڪندين ۽ مون تي رحم نه ڪندين ته آءُ نقصان پائڻ وارن مان ٿيندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عرض ڪيائين ته اي منهنجا رب! بيشڪ مان پناھ وٺان ٿو تو سان هن کان جو سوال ڪيان تو کان اها ڳالھ جو ناهي مون کي ان جو علم ۽ جيڪڏهن نه بخشيندين مون کي ۽ نه رحم ڪندين مون تي ته ٿي پوندس نقصان وارن مان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نوح چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! جنهن جو مون کي علم نه آهي تنهن بابت توکان پڇڻ کان تو وٽان پناهه گهران ٿو. ۽ جيڪڏهن تون مونکي معاف نه ڪندين ۽ مون تي رحم نه ڪندين ته آءٌ نقصان پائڻ وارن مان ٿيندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نوح چيو: ”اي منهنجا مالڪ! بيشڪ آءٌ تو کان پناهه گهران ٿو جو تو کان اُها (شيءِ ) گھران جنهن جو مون کي علم نه آهي. ۽ جيڪڏهن تون مون کي معاف نه ڪندين ۽ مون تي رحم نه ڪندين ته آءٌ نقصان وارن منجھان ٿي پوندس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پِنان پَناھ تُنهنجي، سانيمِ!، ربَّ، سَتّار، هِن کان، ته گُھران، جِنهن جِي، نه مُون کي، سُڌسَنڀار، ۽ جي نه مَرهِيندِين مُون کي، ۽ نه ڪندِين ٻاجھ ٻِيهار، ته بيشڪ برقرار، هُوندسِ اَڻ هُوندن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي ڌڻي! آءُ توکان پناهه ٿو گهران جو توکي انهي لاءِ سوال ڪريان، جنهن جي مون کي ڄاڻ نه هجي، هاڻ جي تون مون کي نه بخشيندين ۽ مون تي رحم نه ڪندين ته آءُ ته نقصان ۾ پوندس!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نوح عرض ڪيو: "اي منهنجا رب! مان تنهنجي پناهه ٿو گهران ان کان جو توکان اها شيءِ گهران، جنهن جي مونکي ڪا ڄاڻ ڪانهي، جيڪڏهن تو مونکي معاف نه ڪيو ۽ رحم نه ڪيو ته مان برباد ٿي ويندس" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (نوح) عرض ڪيو، اي منهنجا رب! آئون پناهه ٿو گهران توکان ان ڳالهه جي ته اها شيءِ گهران جنهن بابت مون کي ڪا ڄاڻ ئي نه آهي، ۽ جيڪڏهن تو مون کي معاف نه ڪيو ۽ رحم نه فرمايو مون تي ته آئون بنهه برباد ٿي ويندس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (نوح $ ) فوراً چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! مان توکان اھڙي شيءِ جي پناهه ٿو گهران جنھن جي مون کي ڪابه خبر نه ھجي (ھاڻي) جيڪڏھن تون مون کي معاف نه ڪيو ۽ مون تي رحم نه ڪيو ته مان نقصان کڻڻ وارن مان ٿي ويندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قيلَ يٰنوحُ اهبِط بِسَلٰمٍ مِنّا وَبَرَكٰتٍ عَلَيكَ وَعَلىٰ أُمَمٍ مِمَّن مَعَكَ وَأُمَمٌ سَنُمَتِّعُهُم ثُمَّ يَمَسُّهُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 48) |
چيو ويو ته اي نوحؑ اسان جي طرف کان سلامتي ۽ برڪتن سان لھ جي توتي ھجن ۽ انھن ٽولين تي (به) جيڪي توساڻ آھن، ۽ (ٻيون ڪي) جماعتون ھونديون جن کي آسودو ڪنداسون وري انھن (مان ڪافرن) کي اسان وٽان ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حڪم ٿيو ته، اي نوح! هاڻي ٻيڙيءَ مان لهه. اسان جي طرفان توتي سلامتي ۽ برڪتون هجن، پڻ انهن جماعتن تي جي توسان آهن ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جماعتون (پوءِ اچڻ واريون) آهن جن کي اسان (زندگيءَ جي فائدن سان) حصيدار ڪنداسين. پر پوءِ کين (بدعملن جي بدلي ۾) اسان جي طرف کان دردناڪ عذاب پهچندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) حڪم ڪيو ويو ته اي نوح (ٻيڙيءَ مان) هيٺ لهه اسان جي طرفان سلامتي ۽ برڪت سان جيڪا تنهنجي مٿان ۽ انهن سوارن جي مٿان آهي جيڪي توسان گڏ هئا، ۽ ڪجھه ماڻهن (ڪافرن) کي اسين (دنيا جو) نفعو ڏينداسين ان کان پوءِ کين دردناڪ عذاب پهچندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ جڏهن طوفان ويو ته) حڪم ڏنوسين اي نوح! اسان جي طرفان سلامتيءَ سان ۽ برڪتن سان ٻيڙي مان لھ! جي (برڪتون) تو تي آهن ۽ انهن مان ڪجھ ماڻهن تي ۽ (تو کان پوءِ) ڪجھ ماڻهو اهڙا به آهن جن کي اسين ٿورن ڏينهن کان پوءِ آسودو ڪنداسين. پوءِ (وري) اسان جي طرفان سندن نافرماني سبب مٿن دردناڪ عذاب پهچندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو ويو ته اي نوح! لھ تون سلامتيءَ سان اسان جي طرفان ۽ برڪتن سان توتي ۽ امتن تي انهن مان جو گڏ توسان آهن ۽ امتون جو جلد نفعو ڏيندا سون انهن کي ان کانپوءِ پهچندو انهن کي اسان جي طرفان عذاب دردناڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيو ويو ته اي نوح! اسان جي طرفان سلامتيءَ سان ۽ برڪتن سان لهي وڃ جي (برڪتون) توتي آهن ۽ انهن جماعتن تي به جيڪي توسان گڏ آهن ۽ ڪيترن جماعتن کي اسين (ڪجهه وقت) آسودو ڪنداسون (پر) پوءِ کين اسان جي طرفان دردناڪ عذاب پهچندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيو ويو: ”اي نوح! (ٻيڙي مان) لهي وڃ اسان جي طرفان سلامتي ۽ برڪتن سان جيڪي تو تي آهن ۽ انهن جماعتن تي آهن جيڪي تو سان گڏ آهن. ۽ ڪي جماعتون اهڙيون ٿينديون جن کي اسان آسودو ڪنداسين پوءِ انهن کي اسان جي طرفان دردناڪ عذاب پهچندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، نوح نبي! لَھ تون، سَلامت خُوشحال، اَسان پاران تو مَٿي، ۽ برڪتون بحال، پڻ جيڪي آهن اُمتون، ناليرا! تو نال ۽ آهِن ٻِيون اُمّتون، جن سُکيو رکون ڪي سال، وَٺندو وَڏو وَبال، وَرِي اسان کان، اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيو ويو ”اي نوح! تون اسان وٽان پاڻ تي خواهه تنهنجي همراهه امت تي، سلامتيون ۽ برڪتون کڻي لهه! ۽ ٻين ڪن امتين کي اسين اول ڪجهه راحت ڏينداسون، پوءِ هنن کي اسان وٽان دردناڪ عذاب ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حڪم ٿيو: "اي نوح هيٺ لهه، اسان جي طرفان سلامتي ۽ برڪتون آهن توتي ۽ انهن ٽولن تي جيڪي توسان گڏ آهن ۽ ڪي ٽولا اهڙا به هوندا جن کي اسان ڪنهن مدت تائين زندگيءَ جو سامان عطا ڪنداسون، پوءِ کين اسان وٽان دردناڪ عذاب رسندو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حڪم ٿيو اي نوح! لهي وڃ، سلامتي آهي اسان جي طرفان ۽ برڪتون توتي ۽ انهن ٽولن تي جيڪي تو سان گڏ آهن، ۽ ڪي ٽولا اهڙا به آهن جن کي زندگيءَ جا سامان عطا ڪنداسين پوءِ کين اسان جي طرفان عذاب رسندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اللھ تعالى جي طرفان) چيو ويو ته: اي نوح! ٻيڙي مان لھي اچ (ھاڻي وري زمين تي زندگي گذار) تنھنجي ۽ توسان گڏ جيڪي امتي باقي بچيا آھن، تن سڀني تي سلامتي ۽ برڪتون آھن، (پر ھڪڙي ڳالھ ياد رک ته) انهن مان ڪجهه امتي اھڙا به ٿيندا، جن کي اسين خوشحالي ڏينداسين (وري ھو به ظلم جي ڪمن ۾ لڳي ويندا) پوءِ انهن کي به اسان جي طرفان تڪليف وارو عذاب پھچندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تِلكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيها إِلَيكَ ما كُنتَ تَعلَمُها أَنتَ وَلا قَومُكَ مِن قَبلِ هٰذا فَاصبِر إِنَّ العٰقِبَةَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 49) |
اِھي (قصا) ڳُجھين خبرن مان آھن جي تو ڏانھن وحي ڪريون ٿا، ھن کان اڳ نڪي (ان کي) تون ڄاڻندو ھئين ۽ نڪا تنھنجي قوم ڄاڻندي ھئي، پوءِ صبر ڪريو، بيشڪ پڇاڙي پرھيزگارن لاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اهي غيب جي خبرن مان آهن جي اسان وحي جي ذريعي توکي ٻڌائي رهيا آهيون هن کان اڳي اهي ڳالهيون نڪي تون ڄاڻندو هئين نڪي تنهنجي قوم. پوءِ (تون به) صبر ڪر ۽ استقامت رک (۽ پنهنجي فرض ادائي ۾ ثابت قدم رهه ۽ منڪرن جي جهل ۽ شرارتن جي ڪري دلگير نه ٿيءُ) بيشڪ (ڪامياب) پڇاڙي انهن لاءِ آهي جيڪي متقي آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي غيب جون خبرون آهن جيڪي اسين رسولِ عربي ڏانهن موڪليون ٿا. انهن ڳالهين کي اڳ ۾ نه توهان ڄاڻندڙ هئا ۽ نه ئي توهان جي قوم ڄاڻندڙ هئي، رسولِ عربي توهان صبر ڪريو، بيشڪ سهڻي پڇاڙي پرهيزگارن لاءِ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) هي غيب جون ڪي خبرون آهن جن کي اسين تو ڏي وحيءَ جي ذريعي پهچايون ٿا (جن کي) هن کان اڳ نه تون ڄاڻندو هئين ۽ نه وري تنهنجي قوم ئي (ڄاڻندي هئي) تون صبر ڪر، هن ۾ شڪ نه آهي ته آخرت (جون خوبيون) پرهيزگارن لاءِ ئي آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي خبرن غيب جي مان (ڪجھ) آهي وحي ڪيون ٿا انهن کي تو ڏانهن نه ڄاڻندو هئين انهن کي تون ۽ نه قوم تنهنجي اڳي هن کان، پوءِ صبر ڪر بيشڪ چڱي پچاڙي پرهيزگارن لاءِ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر!) اهي (ڳالهيون ) ڳجهه جيخبرن مان آهن جي اسين توڏي وحي ڪريون ٿا هن کان اڳ نه تون ۽ نه تنهنجي قوم انهن کي ڄاڻندي هئي. پوءِ صبر ڪر! بيشڪ پڇاڙي پرهيزگارن لاءِ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي (ڳالهيون) ڳُجهه جي خبرن مان آهن جيڪي اسان تو ڏانهن وحي ڪيون ٿا. هن کان اڳ نه تون انهن کي ڄاڻندو هئين نه تنهنجي قوم .. پوءِ صبر ڪر.. بيشڪ (چڱي) پڇاڙي پرهيزگارن لاءِ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهي ڳالهيون ڳُجھ جون، توڏي ڪريون وِير! وَحِي، تو، ۽ تُنهنجِي قوم کي، هِن کان اڳ، نه سُڌ صَحِي، پوءِ سَڀ ڪُجھ وَڃ سَهِي، پَڇاڙيءَ پاڪن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اي رسول!) هي ڳجهه جون خبرون آهن، جي توڏي ٿا موڪليون ته_ تون خواهه تنهنجي قوم هن کان اڳ انهن کي نه ڄاڻندي هئي_ پوءِ صبر ڪر، بيشڪ نيڪن جي پڇاڙي چڱي آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اهي غيب جون خبرون آهن، جيڪي اسان توڏانهن وحي ڪري رهيا آهيون. هن کان اڳ نه تون انهن کي ڄاڻندو هئين ۽ نه تنهنجي قوم، پوءِ صبر ڪر، پڇاڙي ته متقين جي ئي ٿيڻي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) اهي خبرون غيب جون اسان تو ڏي وحي ڪري رهيا آهيون، انهن کي اڳي تون نه ڄاڻندو هئين ۽ نه وري تنهنجي قوم هن کان اڳي ٿي ڄاتو، پوءِ صبر ڪر، پڄاڻي بهرحال پرهيزگارن جي حق ۾ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ھي آھن غيب جون خبرون، جيڪي اسان توکي وحيءَ جي ذريعي ٻڌايون ٿا، تون ۽ تنھنجي قوم کي ھن کان اڳ اھڙن واقعن جي ڪابه خبر نه ھئي. (توکي به ھي قوم تڪليف ڏئي ٿي تنھن ڪري) تون ثابت قدم رهه. بيشڪ سھڻو انجام پرھيزگارن جو ئي ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِن أَنتُم إِلّا مُفتَرونَ (آيت : 50) |
۽ عادين ڏانھن سندن ڀاءُ ھود کي (موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، اوھين رڳو ٺاھ ٺاھيندڙ آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان عاد (قوم) ڏي سندس برادريءَ مان حضرت هود کي پيغمبر ڪري موڪليو، حضرت هود کين چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! الله جي ٻانهپ ڪريو. کانئس سواءِ اوهان جو ڪوبه معبود (يا حاڪم يا بادشاه) ڪونهي، يقين ڪريو ته توهان هن کان سواءِ ڪجهه به نه آهيو ته (حقيقت جي خلاف) ڪوڙا ٺاهه ٺاهيندڙ آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ عاد (قوم) ڏانهن اسان سندن ڀاءُ (حضرت) هود کي (پيغمبر ڪري موڪليو سين) هود چيو اي منهنجي قوم توهان ان الله جي عبادت ڪريو جنهن کان سواءِ ڪو معبود ناهي، توهان ته الله تي ڪوڙ مڙهيندڙ آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اسان) عاد قوم ڏي سندن ڀاءُ هود کي (پيغمبر بنائي موڪليو ۽ هن کين) چيو اي منهنجي قوم! فقط خدا جي عبادت ڪريو ان کان سواءِ اوهان جو ڪوئي معبود نه آهي. اوهين رڳو ڪوڙ گهڙيندڙ آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (قوم) عاد ڏانهن انهن جي ڀاءُ هود کي (موڪليوسون) فرمايائين ته: اي منهنجي قوم! عبادت ڪيو الله جي ناهي واسطي اوهان جي ڪو عبادت جي لائق سواءِ ان جي ناهيو اوهان مگر ٺاھ ٺاهيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ عاد (جي قوم) ڏي اسان سندن ڀاءُ هود کي موڪليو. ان چيو ته اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو ان کان سواءِ اوهان جو ڪو حاڪم نه آهي. اوهين رڳو ڪوڙ گهڙيندڙ آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ عاد ڏانهن سندن (قومي) ڀاءُ هود کي (موڪليوسين). چيائين: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو ان کان سواءِ اوهان جو ڪو معبود ناهي. اوهان رڳو ڪوڙا بهتان مڙهيندڙ آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ حضرت هُود عاد ڏي، سَندنِ ڀاءُڀَلير، چي، عزيزو! اَلله کي، پوڄيو وير سَوير، سچي سائين، تنهن سوا، ڪونهي اهنجوڪير، آهِن هِي ڍِڳ ڍير، ٺلهو ٺاھ اوهان جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ”عاد“ قوم ڏي سندن ڀاءُ ”هود“ (موڪليوسون) چيائين ”اي قوم! الله جي بندگي ڪريو، اوهان لاءِ ان ڌاران ٻيو ڪو به سائين ناهي_ اوهين رڳو ٺاهه ٿا ٺاهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ عاد ڏانهن اسان سندن ڀاءُ هود کي موڪليو، هن چين: "اي منهنجي قوم! الله جي ٻانهپ ڪريو، توهانجو انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، توهان ته رڳو ڪوڙا ٺاهه کڻي ٺاهيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ موڪليوسين عاد وارن ڏي سندن ڀاءُ هود کي، هن چين، اي قومي ڀائرو! الله جي بندگي ڪريو، ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه توهان جو خدا ناهي، توهان ته رڳو ڪوڙ ئي ڪوڙ ٺاهي رکيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (اھڙي طرح) عاد قوم ڏانھن سندس ڀاءُ ھود ($) کي موڪليوسين، ھن چيو ته: اي منھنجي قوم! اللھ تعالى جي عبادت ڪريو، ان کان سواءِ اوھان جو ٻيو ڪير به معبود نه آھي، توھان رڳو ڪوڙ گهڙيندا آھيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰقَومِ لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى الَّذى فَطَرَنى أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 51) |
اي منھنجي قوم اوھان کان (ھن پيغام پھچائڻ تي) ڪو اجورو نٿو گھران، منھنجو اجورو رڳو انھي تي آھي جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي، پوءِ اوھين ڇونه ٿا سمجھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مان هن ڳالهه جي لاءِ توهان کان ڪو عيوضو (يا انعام) ڪونه ٿو گهران. منهنجي بدلو يا اجر ته انهيءَ تي آهي جنهن مونکي پيدا ڪيو. پوءِ ڇا توهان _اهڙي صاف ڳالهه به) نٿا سمجهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي منهنجي قوم آئون توهان کان انهيءَ (نصيحت) جو ڪوبه اجورو طلب نٿو ڪريان، منهنجو ثواب انهيءَ (الله) جي ذمي آهي جنهن مون کي پيدا ڪيو. ڇا پوءِ توهان عقل کان ڪم نٿا وٺو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي منهنجي قوم! آءُ اوهان کان ان (پيغام پهچائڻ) جي ڪا مزدوري نه ٿو گهران. منهنجي مزدوري فقط ان تي آهي جنهن مون کي پيدا ڪيو. ڇا پوءِ توهين (ايترو به) نه ٿا سمجهو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي منهنجي قوم! نه ٿو گھران اوهان کان ان تي ڪو اجورو ناهي اجورو منهنجو مگر ان تي جو پيدا ڪيائين مون کي ڇا پوءِ عقل نه ٿا رکو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي منهنجي قوم! آءٌ اوهان کان ان (پيغام پهچائڻ) تي ڪا مزدوري نه ٿو گهران. منهنجي مزدوري ان تي ئي آهي جنهن مون کي پيدا ڪيو. ڇا پوءِ به عقل کان ڪم نه ٿا وٺو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي منهنجي قوم! آءٌ ان تي اوهان کان ڪا مزدوري نه ٿو گهران. منهنجو اجر رڳو ان تي ئي آهي جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي. ڇا پوءِ به عقل کان ڪم نه ٿا وٺو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي قوم! اوهان کان، ڪِين گُھران، ڪو پورهيو پائـِي پار، مُنهنجو ڪِنهن تي ناهي، مگر تِنهن باريءَ مَٿي بار، جوڙيَسِ جِنهن جَبَّار، پوءِ ڇو پِرايو ڪين ٿا؟.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي قوم! آءُ اوهان کان انهيءَ بابت ڪو اجر نٿو گهران، منهنجو اجر ته فقط ان تي آهي، جنهن مون کي پيدا ڪيو، پوءِ ڇو نٿا پروڙيو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي منهنجي قوم! انهيءَ ڪم تي مان توهان کان ڪوبه اجورو نٿو گهران، منهنجو اجر ته انهيءَ جي ذمي آهي، جنهن مونکي پيدا ڪيو آهي. ڇا توهان عقل نه ڌاريندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي قومي ڀائرو! (ان ڪم لاءِ) نٿو توهان کان ڪنهن به اجوري جو سوال ڪريان، منهنجو (اصل) اجورو ته (فقط) ان تي آهي جنهن مون کي پئدا ڪيو آهي، ڇا توهان عقل کان بنهه ڪم نٿا وٺو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجي قوم! (مان توھان سان خيرخواھي ڪريان ٿو) مان توھان کان سمجهائڻ جومعاوضو ته نٿو گهران، منھنجومعاوضو ته اللھ تعالى وٽ آھي، جنهن مون کي پيدا ڪيو آھي، اوھان ان ڳالھ کي ڇو نٿا سمجهو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيٰقَومِ استَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا وَيَزِدكُم قُوَّةً إِلىٰ قُوَّتِكُم وَلا تَتَوَلَّوا مُجرِمينَ (آيت : 52) |
۽ اي منھنجي قوم پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبه ڪريو ته اوھان تي لڳولڳ وسندڙ ڪڪر موڪليندو ۽ اوھان جي سگھ تي سگھ وڌائيندو ۽ اوھين ڏوھي ٿي منھن نه ڦيريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! پنهنجي پروردگار کان (پنهنجي غلطين ۽ گناهن جي) مغفرت (يعني معافي) گهرو ۽ (آئنده جي لاءِ) سندس حضور ۾ توبهه ڪيو. هو توهان جي لاءِ مينهن وسائيندڙ ڪڪر موڪلي ٿو (جن سان توهان جون پوکون ۽ باغ سرسبز ٿين ٿا) ۽ توهان جي قوتن ۾ نيون نيون قوتون وڌائي ٿو. (جنهن ڪري ترقيون ڪري رهيا آهيو) ۽ (ڏسو) ائين نه ٿئي جو گناهه ڪري (حق ۽ حقيقت کان) منهن موڙي ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي منهنجي قوم توهان پنهنجي رب کان بخشش طلب ڪريو ان کان پوءِ الله ڏانهن موٽو جيڪو توهان جي مٿان مسلسل مينهن وسائي ٿو ۽ توهان جي (موجوده) قوت ۾ وڌيڪ ترقي پيدا ڪندو ۽ توهان مجرم ٿي (تبليغ کان) منهن نه ڦيرائجو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي منهنجي قوم! پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهرو، وري ان جي بارگاھ ۾ (پنهنجن گناهن بابت) توبه ڪريو ته هو اوهان تي گهڻو مينهن وسائي، ۽ اوهان جي طاقت ۾ وڌيڪ قوت عطا ڪندو ۽ اوهين گنهگار ٿي منهن نه موڙيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اي منهنجي قوم! مغفرت گھرو رب پنهنجي کان ان کان پوءِ توبہ ڪيو ان ڏانهن ته موڪليندو آسمان کان اوهان تي زور سان بارش وسندڙ ۽ وڌائيندو اوهان کي قوت ۾ پهرين قوة اوهان جي کان ۽ نه منهن موڙيو مجرم ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اي منهنجي قوم! پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهرو وري ان ڏي رجوع ٿيو ته اوهان تي گهڻو مينهن وسائي. ۽ اوهان جي (پهرين) طاقت تي (ٻي) طاقت اوهان کي وڌائي ڏي ۽ اوهين گنهگار ٿي منهن نه موڙيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اي منهنجي قوم! پنهنجي پالڻهارکان بخشش گهرو پوءِ ان ڏانهن موٽ ڪيو ته اوهان تي آسمان مان گهڻي بارش وسائيندو ۽ اوهان جي طاقت مٿان طاقت وڌائيندو ۽ اوهان ڏوهاري بنجي مُنهن نه موڙيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بَخشايو، اي ڀائرو!، بارِيءَ ڪنان بار، موٽِي موٽو اُن ڏي، ته توهان تي تڪرار، وَسائي وَڏڦُرو، گُونگهٽ مِينهن، مَلهار، ۽ زور اوهان تي، زور سان، ٻيڻو ڏي ٻِيهار، ۽ بندا ٿِي بَدڪار، مُنهن نه موڙيو مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اي قوم! پنهنجي ڌڻيءَ کان بخشش گهرو، وري ان ڏي موٽو، ته هو اوهان تي آسمانن مان خوب مينهن وسائيندو ۽ اوهان جي طاقت کي گهڻو وڌائيندو ۽ ڏوهاري ٿي منهن نه موڙيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي منهنجي قوم! پنهنجي رب کان معافي گهرو، پوءِ انهيءَ ڏانهن موٽي پئو، هو توهان تي آسمان مان واهڙ وهائي ڇڏيندو ۽ توهان کي طاقت ۾ گهڻو وڌائي ڇڏيندو، ڏوهاري بڻجي (بندگيءَ کان) منهن نه موڙيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي منهنجي قوم جا ماڻهو! معافي گهرو پنهنجي رب کان، پوءِ ان ڏي موٽ کائو، هو آسمان جا منهن توهان تي کولي ڇڏيندو ۽ وڌائي ڇڏيندو توهان جي اڄ جي طاقت کي ۽ منهن نه موڙيو ڏوهارين جيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجي قوم! پنھنجي پالڻھار کان گناھن جي بخشش گهرو ۽ گناهه ڪرڻ کان توبہ ڪريو ته ھو توھان تي آسمان مان (رحمت جا) مينھن وسائيندو ۽ توھان جي (موجود مالي) طاقت کي اڃا به گهڻو مضبوط ڪندو پر ڏوھاري ماڻهن وانگر توهان منھن نه ڦيرجو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا يٰهودُ ما جِئتَنا بِبَيِّنَةٍ وَما نَحنُ بِتارِكى ءالِهَتِنا عَن قَولِكَ وَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 53) |
چيائون ته اي ھُود اسان وٽ ڪوئي دليل نه آندو اٿئي ۽ اسين تنھنجي چوڻ تي پنھنجن معبودن کي ڇڏڻ وارا نه آھيون ۽ نڪي توکي مڃيندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هنن ماڻهن) چيو ته، اي هود! تون اسان وٽ ڪو (مضبوط) دليل ته ڪونه کڻي آيو آهين ۽ اسان تنهنجي چوڻ تي پنهنجي معبودن (ديوتائن) کي ڇڏي ڪونه ڏينداسين. اسان توتي ايمان آڻڻ وارا هرگز نه آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو اي هود تو اسان وٽ ڪو صاف دليل نه آندو آهي ۽ اسين تنهنجي چوڻ سان پنهنجي معبودن کي ڪونه ڇڏينداسين ۽ اسين توتي ايمان نه آڻينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيو ته اي هود! تو اسان وٽ ظاهر ثابتي نه آندي آهي ۽ اسين تنهنجي چوڻ تي پنهنجن ٺاڪرن (معبودن) کي ڇڏڻ وارا نه آهيون ۽ نه اسين تو کي مڃن وارا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته اي هود! نه آندو تو اسان وٽ ڪو روشن دليل ۽ ناهيون اسين ڇڏيندڙ معبودن پنهنجن کي چوڻ تنهنجي سان ۽ ناهيون اسين توتي ايمان آڻيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته اي هود! تو اسان وٽ ظاهر ثابتي نه آندي آهي ۽ اسين تنهنجي چوڻ تي پنهنجن ٺاڪرن (معبودن) کي ڇڏڻ وارا نه آهيون ۽ نه اسين توکي مڃڻ وارا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اي هود! تو اسان تي ڪو چِٽو دليل ڪو نه آندو آهي ۽ اسان تنهنجي چوڻ تي پنهنجا معبود ڇڏڻ وارا نه آهيون ۽ نه ئي اسان تو تي ايمان آڻڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هرگز هود! اسان ڏي، نه آندئـِي ڪو اُهڃاڻ، پَنهنجا پِيْر نه ڇڏيون، تُنهنجي چَوڻ ساڻ، اَسين اَصل ته ڪاڻ، وِسهڻ وارا، نه آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اي هود! تو اسان وٽ ڪو معجزو نه آندو آهي ۽ اسين نڪي تنهنجي چوڻ تي پنهنجن سائين کي ڇڏينداسون نڪي توکي وسهنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جواب ڏنو: "اي هود، تون اسان وٽ ڪا چٽي ثابتي کڻي نه آيو آهين ۽ تنهنجي چوڻ تي اسان پنهنجن معبودن کي ڇڏڻ وارا نه آهيون ۽ نڪي توتي ايمان آڻڻ وارا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جواب ڏنو، اي هود! تو اسان وٽ ڪابه چٽي نشاني (ثابتي) نه آندي آهي، پوءِ ڇڏي نٿا سگهون اسان پنهنجي خدائن کي رڳو تنهنجي چوڻ تي، ۽ توتي ته اسين ايمان آڻڻ وارا نه آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن چيو ته: اي ھود! (اسان سمجهون ٿا ته) تو اسان وٽ ڪوبه چٽو دليل نه آندو آھي، رڳو تنھنجي چوڻ تي اسان پنھنجي معبودن کي ته نٿا ڇڏي سگهون ۽ نه ئي تنھنجي مٿان ايمان آڻي سگهون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن نَقولُ إِلَّا اعتَرىٰكَ بَعضُ ءالِهَتِنا بِسوءٍ قالَ إِنّى أُشهِدُ اللَّهَ وَاشهَدوا أَنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 54) |
اسين توکي رڳو (ھي ڳالھ) چئون ٿا ته اسان جي ڪِن بُتن توکي ڪي ايذايو آھي، (ھود) چيو بيشڪ آءٌ الله کي شاھد ڪريان ٿو ۽ اوھين به شاھد ھُجو تحقيق آءٌ انھن کان بيزار آھيان جن کي (الله سان) شريڪ بڻائيندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان جيڪي به چئي سگهون ٿا، سو هي آهي ته اسان جي معبودن مان ڪنهن معبود جي توتي مار پئي آهي يا پٽ لڳي آهي (تنهن ڪري اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين). (تنهن تي) هود چيو ته، مان الله کي شاهد ٿو ڪريان ۽ اوهان به شاهد رهو ته جن هستين کي توهان خدا سان شريڪ ٺهرايو آهي تن کان مان بيزار آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسين ته اهو چئون ٿا ته اسان جا ڪجھه بت توکي هلاڪ ڪري ڇڏيندا، هود چيو بيشڪ آئون الله کي شاهد بنايان ٿو ۽ توهان شاهدي ڏيو ته بيشڪ آئون توهان جي شرڪ کان بَري آهيان جيڪو توهان الله سان ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسين ائين ئي چئون ٿا ته اسان جي ٺاڪرن مان ڪنهن تو کي ضرر پهچايو (مجنون ڪيو) آهي. (ان ڪري) تون اهڙيون ڳاليهون ٿو ڪرين. هود چين ته بيشڪ آءُ خدا کي شاهد ٿو ڪريان ۽ اوهين به شاهد رهو ته اوهين الله کان سواءِ (جن کي) سندس شريڪ بنايو ٿا انهن کان آءُ بيزار آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نٿا چئون اسين مگر (هيءَ ڳالھ ته) پهچائي توکي بعضي معبودن اسان جي برائي (دماغي خلل) فرمايائين ته بيشڪ مان شاهد ٿو بنايان الله کي ۽ شاهدي ڏيو اوهان ته بيشڪ مان بيزار آهيان انهن کان جو شريڪ بنايو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسين ائين ئي چئون ٿا ته اسان جي ٺاڪرن مان ڪنهن توکي ضرر پهچايو آهي. هود چيو ته بيشڪ آءٌ الله کي شاهد ڪريان ٿو ۽ اوهين به شاهد ٿي رهو ته جن کي اوهين (الله سان) شريڪ ڪريو ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان ته اهوئي چئون ٿا ته اسان جي معبودن مان ڪنهن توکي بري طرح بيمار ڪيو آهي“. فرمايائين: ”بيشڪ آءٌ الله کي شاهد بنايان ٿو ۽ اوهان به شاهد هجو ته آءٌ انهن کان بيزار آهيان جن کي اوهان شريڪ بنايو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻولويون، نه هِن سوا،ته توکي، لڳت لائـِي، ڪِنهن ڀلاري ڀائـِي، اوليائن مان، اسان جي. چي، ساکِي ڪريان ستار، ۽ اوهين ڏِجا اِي شاهدِي، ته اُن ڌاران، جَن ڌاريَنِ، ڀانيو ڀائيوار، آهيان اُن بِين کان، بلڪل آئون بيزار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين ته ائين ئي ٿا چئون ته توتي اسان جي ڪنهن سائين خرابي وڌي آهي_ ”چيائين“ آءُ الله کي شاهد ٿو ڪريان ۽ اوهان به شاهد رهو، ته آءُ الله کانسواءِ انهن کان بيزار آهيان جن کي اوهين ان جهڙا ٿا سمجهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان ته چئون ٿا ته اسان جي معبودن مان ڪنهن جي ڪا توتي مار پئي آهي". هود چين: "مان الله جي شاهدي ٿو پيش ڪريان ۽ توهان شاهد ٿجو ته توهان الله کانسواءِ ٻين کي به خدائيءَ ۾ شريڪ بڻايو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان ائين ٿا سمجهون ته توتي اسان جي خدائن مان ڪنهن جي مار پئي آهي، (هود) چين، آئون شاهدي الله جي پيش ڪريان ٿو ۽ توهان به شاهد رهو ته آئون (الله کان سواءِ جن ٻين خدائن کي مڃو ٿا) انهن کان بيزار آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر اسان توکي ايترو چئون ٿا ته لڳي ٿو ته توکي اسان جي ڪن معبودن جي ڪا پِٽ لڳي آھي. (ھود $ ) چيو ته مان اللھ تعالى کي شاھد بڻايان ٿو ۽ توھان به شاھد رھجو ته مان انهن (معبودن) کان بيزار آھيان جن کي اوھان اللھ تعالى کان سواءِ شريڪ ڪريو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِن دونِهِ فَكيدونى جَميعًا ثُمَّ لا تُنظِرونِ (آيت : 55) |
اُن (الله) ڌاران پوءِ مون سان سڀئي مدائي ڪريو وري مون کي مُھلت نه ڏيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان سڀ گڏجي منهنجي خلاف جيڪي به تدبيرون ڪري سگهو ٿا سي ضرور ڪيو ۽ مون کي (ڪجهه به) مهلت نه ڏيو (پوءِ ڏسو ته نتيجو ڇا ٿو نڪري).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان سڀئي مون لاءِ منصوبو تيار ڪري ان کان پوءِ مون کي مهلت نه ڏيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهين سڀئي مون سان مڪاري ڪريو ۽ مون کي (ساھ پٽڻ جي) مهلت به نه ڏيو (مون کي پرواھ نه آهي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کانسواءِ پوءِ رٿ رٿيو مون لاءِ سڀئي ان کان پوءِ نه مهلت ڏيو مون کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تن کان آءٌ بيزار آهيان، سواءِ الله جي پوءِ اوهين سڀئي مون سان برائي ڪريو، وري مون کي مهلت نه ڏيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ ان (الله) جي. پوءِ اوهان سڀ ملي منهنجي خلاف سازشون ڪيو پوءِ مون کي بلڪل مُهلت نه ڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڀلي سِٽون سِٽيو، مِڙِي سَڀ مون هارِ، آنکي اِختيار، مُهلت نه ڏيومِ مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهيءَ کان سواءِ اوهين ڀل سڀ گڏجي مون تي داؤ هلايو ۽ مو نکي مهلت نه ڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منهنجو انهن سان ڪوبه واسطو ناهي، توهان سڀئي گڏجي منهنجي خلاف جيڪا ڪرڻي اٿوَ سان ڪريو ۽ مونکي ڪا مهلت نه ڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان سڀ گڏجي منهنجي خلاف پنهنجي ڪرڻي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيو ۽ مون کي ڪا مهلت نه ڏيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان (اللھ) کان سواءِ باقي توھان ۽ توھان جا سڀ شريڪ ملي ڪري به منھنجي خلاف جيڪو وڻيوَ سو ڪريو، مون کي صفا مھلت نه ڏجو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّى تَوَكَّلتُ عَلَى اللَّهِ رَبّى وَرَبِّكُم ما مِن دابَّةٍ إِلّا هُوَ ءاخِذٌ بِناصِيَتِها إِنَّ رَبّى عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 56) |
تحقيق مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار الله تي ڀروسو ڪيو آھي، ڪو (جاندار) چرندڙ نه آھي جنھنجي پيشانيءَ (جي چڳه) اُن (الله) کانسواءِ ٻيو ڪو (ھٿ ۾) وٺندڙ ھجي بيشڪ منھنجو پالڻھار سڌيءَ واٽ تي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) منهنجو ڀروسو الله تي آهي جو منهنجو به پروردگار آهي ۽ اوهان جو به. ڪوبه چرندڙ ساهه وارو ڪونهي جو سندس قبضي کان ٻاهر هجي. منهنجو پرورگار (حق ۽ عدل جي) سڌي واٽ تي آهي (يعني سندس راهه ظلم جي راهه ٿي نٿي سگهي.).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ مون الله تي توڪل ڪئي آهي جيڪو منهنجو ۽ توهان جو رب آهي هر جاندار تي الله تعالى جو تصرف ۽ غلبو آهي، بيشڪ منهنجو رب سنئين رستي تي ملي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇو ته آءُ فقط خدا تي ڀروسو رکان ٿو جيڪو منهنجو به پالڻهار آهي ۽ اوهان جو به پاليندڙ آهي. ۽ روءِ زمين تي جيترا به هلندڙ آهن تن جي چوٽي سندس هٿ ۾ آهي. هن ۾ شڪ ئي ڪونهي ته منهنجو پروردگار (انصاف جي) سڌي راھ تي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ مون توڪل ڪئي الله تي رب منهنجي ۽ رب اوهان جي تي ناهي ڪابه چرندڙ شيءِ مگر اهو وٺندڙ آهي پيشانيءَ ان جي کي بيشڪ رب منهنجو رستي سڌي تي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ مون الله تي ڀروسو ڪيو جو منهنجو پاليندڙ ۽ اوهان جو پاليندڙ آهي. ڪوبه زمين تي هلندڙ نه آهي پر ان جي چوٽي سندس هٿ ۾ آهي. بيشڪ منهنجو پاليندڙ سڌي رستي تي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ مون الله مٿان ڀروسو ڪيو آهي جيڪو منهنجو ۽ اوهان جو پروردگار آهي. ڪوبه چُرندڙ ساهدار اهڙو ناهي مگر اهو ان جي پيشاني کان پڪڙيندڙ آهي. بيشڪ منهنجو پالڻهار سڌي راهه تي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رکيم، ربَّ ڪريم تي، پَنهنجا سَڀ ڪم ڪار، مون ۽ اوهان جو، آهي سو، سَڀ ڏينهن جو ڏاتار، ناهي اُڀ، زمين ۾، چُرندڙ ڪو چوڌار، مَگر مَهار اُن جِي، جَھلِيندڙ جَبّار، سانيمِ ربُّ، ستار، صَحِي سَنئـِينءَ واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، مون الله تي ڀروسو ڪيو آهي جو منهنجو خواهه اوهان جو ڌڻي آهي_ هر ڪو چرندڙ سندس ئي قبضي ۾ آهي_ بيشڪ منهنجو ڌڻي سنئين رستي تي آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منهنجو آسرو ته الله تي آهي، جيڪو منهنجو به رب آهي ۽ توهانجو به رب آهي. ڪوبه ساهوارو اهڙو نه آهي، جنهن جي پيشاني سندس هٿ ۾ نه هجي. بيشڪ منهنجو رب سنئين راهه تي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) منهنجو ڀروسو الله تي آهي جيڪو منهنجو به رب آهي ته توهان جو به رب. ڪوبه ساهه وارو اهڙو نه آهي جنهن جي چوٽي سندس هٿ ۾ نه هجي، بيشڪ منهنجو رب سڌيءَ راهه تي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ مان اللھ تعالى تي ڀروسو رکان ٿو جيڪو منھنجو ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، اھڙو ڪوبه ساھوارو نه آھي جنھن جي ڳچي ان (اللھ) جي ھٿ ۾ نه ھجي، بيشڪ منھنجي پالڻھار جو ڪم صحيح طريقي تي ھوندو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن تَوَلَّوا فَقَد أَبلَغتُكُم ما أُرسِلتُ بِهِ إِلَيكُم وَيَستَخلِفُ رَبّى قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّونَهُ شَيـًٔا إِنَّ رَبّى عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 57) |
پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ ته (مون کي ڇا ٿيندو) بيشڪ جنھن پيغام سان اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھيان سو اوھان کي پھچايم، ۽ منھنجو پالڻھار اوھان کانسواءِ ٻيءَ قوم کي اوھان جي جاءِ تي وھاريندو، ۽ اوھين کيس ڪُجھ ذرو نقصان پھچائي نه سگھندؤ، بيشڪ منھنجو پالڻھار سڀني شين تي نگھبان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪڏهن (تنهن هوندي به) توهان منهن موڙيو ته (ياد رکو ته) جنهن ڳالهه لاءِ مون کي پيغمبر ڪري موڪليو ويو آهي، سا ڳالهه مون پهچائي (ان کان وڌيڪ منهنجي اختيار ۾ ڪجهه به ناهي) ۽ (مون کي ته هيئن ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته) منهنجو پروردگار (توهان کي برباد ڪري) ڪنهن ٻي قوم کي توهان جي جاءِ ڏيندو، ۽ توهان سندس ڪجهه به (ڪم) بگاڙي نه سگهندؤ. يقيناً منهنجو پروردگار هر شيء تي نگهبان آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن اهي منهن موڙن پوءِ تحقيق مون توهان وٽ تبليغي حڪم پهچايا، ۽ منهنجو رب جلدي توهان جي قوم کي تبديل ڪندو ۽ رب تعالى کي توهان ڪنهن شيءِ جو نقصان پهچائي نٿا سگھو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ جو محافظ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهين به جيڪڏهن اوهين سندس حڪم کان منهن موڙيو ته جيڪو حڪم ڏئي آءُ اوهان ڏي موڪليو ويو آهيان سو ته مون به پهچايو ۽ منهنجو پروردگار (اوهان جي نافرماني تي اوهان کي هلاڪ ڪري) اوهان کانسواءِ ٻيءَ قوم کي اوهان جو جانشنين ڪندو ۽ اوهين کيس ڪجھ به نقصان پهچائي نه سگهندو. بيشڪ منهنجو پالڻهار سڀ ڪنهن شيءِ جي نگهباني ڪندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيندؤ پوءِ تحقيق پهچايم اوهان کي اهو (پيغام) جو موڪليو ويس مان ان سان ۽ پويان آڻيندو رب منهنجو قوم کي سواءِ اوهان جي ۽ نه نقصان ڏيندؤ ان کي ڪابه شيءِ بيشڪ رب منهنجو هر شيءِ تي نگھبان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيندو ته جنهن (پيغام) سان مون کي اوهان ڏي موڪليو ويو آهي سو مون اوهان کي پهچائي ڏنو آهي ۽ منهنجو پاليندڙ اوهان کان سواءِ ٻيءَ قوم کي جانشين ڪندو ۽ ان کي ڪجهه به نقصان پهچائي نه سگهندو. بيشڪ منهنجو پاليندڙ سڀ ڪنهن شيءَ جي نگهباني ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جي اوهان مُنهن ڦيريندئو (ته ڀلي ڦيريو) پوءِ بيشڪ مون اوهان کي اُهو پيغام پهچائي ڇڏيو آهي جنهن سان مون کي اوهان ڏانهن موڪليو ويو هيو. ۽ منهنجو پالڻهار اوهان جي جاءِ تي ڪنهن ٻي قوم کي جانشين بنائي ڇڏيندو، ۽ اوهان ان کي ڪنهن به شيءِ جو نقصان پهچائي نه سگهندؤ. بيشڪ منهنجو پالڻهار هر شيءِ تي نگهبان آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڦِرن، ته فَرماءِ تُون، ته اوهان کي اُهڃاڻ، جن سان مُڪو، مُون ويو، سي پُهچايمِ پَرياڻ، ۽ مَٽي ڇَڏِينِئان مون ڌڻي، ڪِنهن صالح قوم ساڻ، ۽ ذَرو زِيان، نه ڏيئـِي سگھو، اُن کي اَوهين اَڄاڻ!، سَڀ شيءِ مَٿي سُڄاڻ، پَهريدار پاڻ ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جي منهن موڙيو ته مون بيشڪ اوهان ڏي آيل ڌڻي جو حڪم اوهان کي رسايو منهنجو رب اوهان جي جاءِ تي ٻيون قومون وسائيندو ۽ اوهين هن کي ڪجهه به نقصان رسائي نه سگهندؤ_ بيشڪ منهنجو ڌڻي هر چيز تي نگهبان آهي_“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن توهان منهن موڙيو ٿا ته موڙيو، جيڪو پيغام ڏيئي مونکي توهان ڏانهن موڪليو ويو آهي سو ته مان توهانکي پهچائي چڪو آهيان. هاڻي منهنجو رب توهانجي جاءِ تي ٻي ڪنهن قوم کي آڻيندو ۽ توهان سندس ڪجهه به بگاڙي نه سگهندؤ، بيشڪ منهنجي رب جي هر شيءِ تي نظر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي توهان منهن موڙيو ٿا ته ڀلي موڙيو، جيڪو به پيغام ڏئي مون کي موڪليو ويو آهي توهان ڏي، سو توهان کي پهچايم، هاڻي منهنجو رب ٻي قوم آڻيندو توهان جي جاءِ تي، ۽ توهان ان کي ذري برابر به نقصان ڏئي نٿا سگهو، بلاشڪ منهنجو رب ته هر شيءِ تي نگهبان آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏھن توھان منھن موڙيو ٿا ته بيشڪ مون کي توھان ڏانھن جنھن مقصد لاءِ موڪليو ويو ھو، سو اهو پيغام مان توھان کي پھچائي ڇڏيو (ھاڻي لڳي ٿو ته) منھنجو پالڻھار اوھان جي جاءِ تي ٻي ڪنھن قوم کي جانشين مقرر ڪندو ۽ توھان ان کي ڪوبه نقصان نٿا پھچائي سگهو، بيشڪ منھنجو پالڻھار ھر شيءِ جو نگھبان آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا هودًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَنَجَّينٰهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 58) |
۽ جنھن مھل اسان جو عذاب پھتو (تنھن مھل) ھود کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ کين سخت عذاب کان ڇڏايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو تڏهن اسان پنهنجي رحمت سان هود کي بچائي ورتو ۽ انهن ماڻهن کي به بچائي ورتو جن ساڻس گڏ (سچائي تي) ايمان آندو هو، ۽ اهڙي عذاب کان بچايو جو وڏو سخت عذاب هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن انهن تي اسان جو عذاب آيو ته اسان هود ۽ مؤمنن کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني. ۽ اسان انهن کي سخت عذاب کان بچايو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اسان جو (عذاب جو) حڪم پهتو ته هود کي ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو تن کي اسان پنهنجي رحمت سان بچايو ۽ کين سخت عذاب کان بچايوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن آيو امر اسان جوته ڇڏايوسون هود کي ۽ انهن کي جو ايمان آندائون ان رحمت سان پاڻ وٽان ۽ ڇڏايو سون انهن کي عذاب سخت کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اسان جو (عذاب جو) حڪم پهتو ته هود کي ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو تن کي اسان پنهنجي رحمت سان بچايو. ۽ کين سخت عذاب کان بچايو سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اسان جو حڪمِ (عذاب) پهتو ته اسان هود کي ۽ جن ساڻس گڏ ايمان آندو هيو تن کي پنهنجي رحمت سان بچايو. ۽ اسان کين سخت عذاب کان نجات ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن اَمر اَسان جو آيو، ته بَچايو سون بحال، هُود ۽ جن مَڃيو، پنهنجِي رحمت نال، ۽ جَبري، کان جَنجال، آجو ڪيوسون، اُنهن کي.278(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن اسان جو حڪم پهتو، ته پنهنجي طرفان رحمت سان هود ۽ سندس مومن ساٿين کي بچايوسون ۽ کين سخت عذاب کان بچايوسون_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن اسان جو حڪم پهچي ويو ته اسان پنهنجي رحمت سان هود کي ۽ انهن ماڻهن کي جن ساڻس گڏ ايمان آندو هو، بچائي ورتو ۽ ڏاڍي سخت عذاب کان کين بچايوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پوءِ جڏهن اسان جو حڪم اچي ويو ته اسان پنهنجي ٻاجهه سان هود ۽ انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو هو، انهن کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني ۽ سخت عذاب کان کين بچائي ورتو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏھن اسان جو حڪم (يعني عذاب) اچي پھتو ته اسان ھود ($) ۽ ايمان آڻيندڙن کي پنھنجي رحمت سان بچايوسين ۽ کين سخت عذاب کان به نجات ڏني سين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتِلكَ عادٌ جَحَدوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم وَعَصَوا رُسُلَهُ وَاتَّبَعوا أَمرَ كُلِّ جَبّارٍ عَنيدٍ (آيت : 59) |
۽ اھو حال عادين جو آھي جو پنھنجي پالڻھار جي نشانين جو انڪار ڪيائون ۽ پنھنجي پيغمبرن جي نافرماني ڪيائون ۽ سڀڪنھن ھٺيلي فساديءَ جي حُڪم جا تابعدار ٿيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي آهي بيان عاد قوم جو. هنن پنهنجي پروردگار جون نشانيون (تڪبر ۽ خود غرضيءَ کان) ڪوڙيون ٺهرايون ۽ سندس رسولن جي نافرماني ڪئي ۽ هرهڪ تڪبر ڪندڙ سرڪش جي حڪم جي پيروي ڪئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها عاد (جي قوم) هئي جنهن پنهنجي رب جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ رسولن جي بي فرماني ڪئي، ۽ هر سرڪش ماڻهوءَ جي انهن تابعداري ڪئي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) ۽ اها عاد (جي قوم) آهي جن پنهنجي پاليندڙ جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ سندس پيغمبر جي نافرماني ڪئي پڻ هر سرڪش (خدا جي) دشمن جي حڪم تي هلندا رهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هي عاد (قوم) آهي جو انڪار ڪيائون آيتن رب پنهنجي جو ۽ بي فرماني ڪيائون ان جي رسولن جي ۽ تابعداري ڪيائون هر مغرور ضد ڪندڙ جي امر جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اها عاد (جي قوم) آهي جن پنهنجي پاليندڙ جي ڳالهين جو انڪار ڪيو ۽ ان جي رسولن جي نافرماني ڪيائون ۽ سڀ ڪنهن سرڪش ضديءَ جي حڪم جي تابعداري ڪيائون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اها عاد (جي قوم) هئي. جن پنهنجي پالڻهار جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ سندن رسولن جي نافرماني ڪيائون ۽ هر سرڪش ۽ وڏي وير رکڻ واري جي حڪم جي پيروي ڪيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي عاد، جن نه مَڃيا، پَرور سَندن جا پار، ۽ پَنهنجي پيغمبر جي هَليا، ٻولِي کان ٻَهار، ۽ لَڳا لڳاتار، هرڪِنهن زَبر ضِدِئ پُٺيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها هئي عاد قوم، جن سندن ڌڻيءَ جي حڪم جو انڪار ڪيو، سندس رسول کي نه مڃيو ۽ هر ڪنهن ضديءَ ظالم جو چوڻ ورتو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي اٿوَ عاد، جن پنهنجي رب جي آيتن کان انڪار ڪيو ۽ رسولن جي ڳالهه نه مڃيائون ۽ هر ڏاڍائي ڪندڙ حق جي دشمن جي چوڻ تي هليا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي آهن عاد، جن انڪار ڪيو آيتن جو جيڪي آيل هيون پنهنجي رب طرفان ۽ ڳالهه نه مڃيائون پنهنجي رسول جي ۽ پيروي ڪندا رهيا هر ڏاڍي حق جي دشمن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اھا عاد قوم ئي ھئي جنھن پنھنجي پالڻھار جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ پنهنجي رسول سڳورن کي نه مڃيو ۽ ھر سرڪش ۽ مغرور ماڻهوءَ جي تابعداري ڪندا رھيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ عادًا كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِعادٍ قَومِ هودٍ (آيت : 60) |
۽ ھن دُنيا ۾ (به) ۽ قيامت جي ڏينھن (به) پويان لعنت لاتي وين، خبردار تحقيق عادين پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو، خبردار عادين کي لعنت ھجي جو ھود جي قوم ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) دنيا ۾ هنن تي لعنت وسي (يعني الله جي رحمت جي برڪتن کان محروم رهيا.) ۽ قيامت جي ڏينهن به (مٿن لعنت پيئي) سو ٻڌي ڇڏيو ته عاد جي قوم پنهنجي پروردگار جي ناشڪري ڪئي ۽ پڻ ٻڌي ڇڏيو ته عاد جي لاءِ محروميءَ جو اعلان ٿيو جا هود جي قوم هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن تي لعنت لڳائي وئي هن دنيا ۾ ۽ قيامت جي ڏينهن ۾، خبردار ! بيشڪ عاد (قوم) پنهنجي رب جو انڪار ڪيو، خبردار ! عذاب آهي عاد تي (يعنى) قوم هود تي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هن دنيا ۾ به سندن پويان لعنت ٿاڦي ويئي ۽ آخرت جي ڏينهن به (لڳي رهندن) ڏسو! عاد قوم پنهنجي پروردگار جو انڪار ڪيو. ڏسو! هود جي قوم عاد (اسان جي بارگاھ مان) تڙيل پيئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پويان لڳايا ويا هن دنيا ۾ لعنت ۽ قيامت جي ڏينهن خبردار بيشڪ عاد (قوم) ڪفر ڪيو رب پهنجي سان خبردار ڦٽڪار آهي عاد، هود جي قوم لاءِ. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هن دنيا ۾ ۽ قيامت جي ڏينهن سندن پويان لعنت لاتي ويئي. خبردار ٿيو! بيشڪ عاد (جي قوم ) پنهنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو. خبردار ٿيو! عاد تي لعنت پئي جا هود جي قوم هئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هن دنيا ۾ انهن پٺيان لعنت لڳائي وئي ۽ قيامت جي ڏينهن (به لعنتي هوندا.) خبردار! بيشڪ (قومِ) عاد پنهنجي پالڻهار سان ڪفر ڪيو. خبردار! هود جي قوم عاد لاءِ (رحمت کان) دوري آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هن ڏيھ م ۽ ڏِينهن قِيام ۾، وَرتئون دَڳَ ڌِڪار، سَمجھ، ته سَندنِ سائـِينءَکان، عاد ڪيو اِنڪار، تَباهِي تڪرار، عاد عَزازت هُودلئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن پٺيان هن دنيا خواهه قيامت جي لعنت پيئي_ ياد رکو ته عاد سندس ڌڻيءَ کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ياد رکو ته هود جي قوم عاد تي لعنت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ هن دنيا ۾ به لعنت پين ته قيامت جي ڏينهن به. ٻڌو! عاد پنهنجي رب سان ڪفر ڪيو. ٻڌي ڇڏيو! پري اڇلايا ويا عاد، هود جي قوم جا ماڻهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آخرڪار مٿن پئي هن دنيا ۾ به لعنت ۽ ڏينهن قيامت ۾ به. (ٻڌو!) حقيقت ۾ عاد ڪفر ڪيو پنهنجي رب سان، (ٻڌو!) پري اڇليا ويا عاد قوم هود جا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (آخرڪار) مٿن ھن دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به لعنت پوندي رھندي. خبردار! بيشڪ عاد قوم پنھنجي پالڻھار (جي آيتن) جو انڪار ڪيو، سو ڏسي وٺو! عاد قوم جيڪا ھود ($) جي قوم ھئي سا (رحمت کان) محروم ڪئي وئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ هُوَ أَنشَأَكُم مِنَ الأَرضِ وَاستَعمَرَكُم فيها فَاستَغفِروهُ ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى قَريبٌ مُجيبٌ (آيت : 61) |
۽ ثمود جي قوم ڏانھن سندن ڀاءُ صالحؑ کي موڪليوسون، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو ان کانسواءِ (ڪو ٻيو) معبود نه آھي، اُنھيءَ اوھان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ منجھس اوھان کي آباد ڪيائين تنھنڪري کانئس بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبه ڪريو، بيشڪ منھنجو پالڻھار ويجھو (۽) قبول ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان ثمود قوم ڏانهن سندس برادريءَ مان حضرت صالح کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن کين چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! الله جي ٻانهپ ڪيو. کائنس سواءِ اوهان جو ڪوبه معبود ڪونهي. (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) اهوئي آهي جنهن اوهان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ وري ان ۾ ئي اوهان کي رهايو. (يعني زمين کي اوهان سان آباد ڪيو ۽ رونق ڏني) پوءِ اوهان کي گهرجي ته کانئس بخشش گهرو ۽ سندس طرف رجوع ٿي زندگي بسر ڪريو. يقين رکو ته منهنجي پروردگار (هرهڪ کي) ويجهڙو آهي ۽ (هرهڪ جي) دعائن جو جواب ڏيندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ثمود قوم ڏانهن سندن ڀاءُ صالح (پيغمبر ڪري موڪليوسين) (حضرت) صالح چيو اي منهن جي قوم توهان ان الله جي عبادت ڪريو جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ناهي، انهيءَ (رب) توهان کي زمين مان پيدا فرمايو ۽ توهان کي زمين ۾ آباد ڪيو، پوءِ توهان الله کان بخشش طلب ڪريو ۽ الله ڏانهن وَرو، بيشڪ منهنجو رب قريب آهي دعائون قبول ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اسان) ثمود قوم ڏي سندن ڀاءُ صالح کي (پيغمبر بنائي) موڪليو ته ان (پنهنجي قوم کي) چيو، اي منهنجي قوم! خدا جي عبادت ڪريو، ان کان سواءِ ڪو به اوهان جو معبود نه آهي، ان اوهان کي زمين (جي مٽيءَ) مان پيدا ڪيو ۽ ان ۾ اوهان کي رهايائين سو ان کان معافي گهرو، وري ان جي بارگاھ ۾ توبه ڪريو. بيشڪ منهنجو پروردگار (هر شخص جي) ويجهو (پڻ سڀ جي) ٻڌي ۽ دعا قبول ڪندو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ثمود ڏانهن ڀاءُ انهن جي صالح کي (موڪليوسون) فرمايائين ته اي منهنجي قوم الله جي عبادت ڪيو ناهي اوهان جي واسطي ڪو عبادت جي لائق ان کان سواءِ ان پيدا ڪيو اوهان کي زمين مان ۽ آباد ڪيائين اوهان کي ان ۾ پوءِ مغفرت گھرو ان کان تنهن کانپوءِ توبہ ڪيو ان ڏانهن بيشڪ رب منهنجو ويجھو، (دعائون) قبول ڪندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ثمود جي قوم ڏي سندن ڀاءُ صالح کي (موڪليوسون) ان چيو ته اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو. ان کان سواءِ اوهان جو ڪوبه حاڪم نه آهي. ان وهان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ ان ۾ اوهان کي رهايائين سو ان کان معافي گهرو، وري ان ڏي رجوع ٿيو. بيشڪ منهنجو پاليندڙ ويجهو (۽ دعا) قبول ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ثمود ڏانهن سندن (قومي) ڀاءُ صالح کي (موڪليوسين). ان چيو: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو ان کان سواءِ اوهان جو ڪو معبود ناهي. ان اوهان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ ان ۾ اوهان کي آباد ڪيائين پوءِ ان کان بخشش گهرو پوءِ ان ڏانهن رجوع ڪيو. بيشڪ منهنجو پالڻهار تمام ويجهو، دعائون قبول ڪندڙ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صالِح قوم ثمود ڏي، سَندسِ ڀاء ڀَلار، چي، قوم! نه ڪِنهن کي پُوڄِيو، ري ڏيہ ڌڻِي ڏاتار، اَصل اوهان لئي، ناھِ ڪا، دَرگاهَ، تِنهن ڌار، آنکي مُٺ مِثيءَ مان ، جوريو جِنهن جَبَّار، وَرِي اوهان کي اُن ۾، ڏِنئـِين وَڏِي ڄَمار، پوءِ مرمرَهايو اُن ڪنان، وَرِي وَرو تِنهن پار، سَندمِ رَبَّ، سَتَّار، اُنائـِيندڙ ۽ اوڏَڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ثمود ڏي سندن ڀاءُ صالح کي موڪليوسون چيائين ”اي قوم! الله جي بندگي ڪريو، اوهان لاءِ الله ڌاران ڪو به سائين ناهي_ هن اوهان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ اوهان کي ان ۾ آباد ڪيائين، پوءِ ان کان بخشش گهرو، وري ان ڏي مهاڙ ڪريو، بيشڪ منهنجو ڌڻي ويجهو آهي ۽ دعا ٻڌندڙ آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ثمود ڏانهن اسان سندن ڀاءُ صالح کي موڪليو، هن چين: "اي منهنجي قوم! الله جي ٻانهپ ڪريو، انهيءَ کان سواءِ توهانجو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. اهوئي آهي، جنهن توهانکي ڌرتيءَ مان پيدا ڪيو آهي ۽ اتي ئي توهانکي آباد ڪيو اٿائين، سو کانئس بخشش گهرو ۽ ڏانهس موٽو، بيشڪ منهنجو رب ويجهو ۽ قبول ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ثمود ڏانهن اسان موڪليو سندن ڀاءُ صالح کي، هن چين، اي منهنجي قوم! بندگي ڪريو الله جي، توهان جي لاءِ ڪوبه خدا ناهي ان کان سواءِ، اهو ئي آهي جنهن توهان کي پئدا ڪيو زمين مان، ۽ هتي توهان کي آباد ڪيائين، تنهن ڪري توهان کانئس معافي گهرو، ۽ موٽي اچو ڏانهس، بيشڪ منهنجو رب ويجهو آهي ۽ اهو دعائن جو جواب ڏيڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (اھڙي طرح) ثمود قوم ڏانھن سندس ڀاءُ صالح ($) کي موڪليوسين، ھن چيو ته: اي منھنجي قوم! اللھ تعالى جي عبادت ڪريو، اوھان جو ان کان سواءِ ٻيو ڪير به معبود نه آھي، ھن توھان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ ان زمين ۾ ئي توھان کي ٺڪاڻو ڏنائين پوءِ توھان ان کان گناھن جي بخشش گهرو ۽ گناھن کان رڪجي ان ڏي (توبَہ ڪري) موٽو. بيشڪ منھنجو پالڻھار (تمام) ويجهو به آهي ته دعائن کي قبول ڪندڙ به آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا يٰصٰلِحُ قَد كُنتَ فينا مَرجُوًّا قَبلَ هٰذا أَتَنهىٰنا أَن نَعبُدَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا وَإِنَّنا لَفى شَكٍّ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ مُريبٍ (آيت : 62) |
چيائون ته اي صالح ھن کان اڳ بيشڪ اسين تو ۾ (ڪيئي) اُميدون رکندا ھواسون (جي ھاڻي بند ٿيون) اسان جي ابن ڏاڏن جن کي پوڄيو تن جي پوڄڻ کان اسان کي ڇو ٿو جھلين؟ ۽ جنھن ڏانھن اسان کي سڏين ٿو تنھن کان اسين بلڪل شڪ ۾ پيل آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ماڻهن چيو ته، اي صالح! هن کان اڳي ته تون اهڙي (اعليٰ دل ۽ دماغ وارو) ماڻهو هئين جو اسان سڀني جون تو ۾ ڏاڍيون اميدون هيون، پوءِ ڇا تون اسان کي روڪين ٿو ته انهن معبودن (ديوتائن) جي پوڄا نه ڪريون جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن. (هيءَ ڪهڙي ڳالهه آهي؟) اسان کي به انهيءَ ڳالهه ۾ وڏو شڪ آهي، جنهن جي اسان کي دعوت ڏئي رهيو آهين ۽ جنهن کي اسان جون دليون قبول ئي نٿيون ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو اي صالح هن کان اڳ ۾ تو ۾ اسان جون وڏيون اميدون هيون ڇا تون اسان کي انهن بتن جي عبادت کان منع ڪرين ٿو جن جي اسان جا وڏا عبادت ڪندا هئا، بيشڪ اسين تنهنجي تبليغ ۾ شڪ ڪندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي چوڻ لڳا، اي صالح! هن کان اڳ ته قوم ۾ اسان کي اميدون هيون. ڇا تون اسان کي انهن جي عبادت کان روڪين ٿو جن جي اسان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا آيا آهن ۽ جنهن دين ڏي تون اسان کي سڏين ٿو تنهن ۾ اسان کي وڏو شڪ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته اي صالح! تحقيق هئين اسان ۾ اميد رکيل اڳي هن کان ڇا روڪين ٿو اسان کي ته عبادت ڪيون انهن جي جو عبادت ڪندا رهيا پيئر اسان جا ۽ بيشڪ اسين البته شڪ ۾ آهيون ان کان جو سڏين ٿو اسان کي ان ڏانهن شڪ ۾ وجھندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته صالح! هن کان اڳ تو ۾ اسان کي اميدون هيون. ڇا تون اسان کي انهن جي عبادت ڪرڻ کان روڪين ٿو جن جي اسان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا آيا آهن ۽ جنهن ڏي تون اسان کي سڏين ٿو تنهن ۾ اسان کي وڏو شڪ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اي صالح! بيشڪ هن کان اڳ اسان ۾ تون اميدن ڀريو (مقبول شخصيت) هئين. ڇا تون اسان کي انهن جي عبادت کان روڪين ٿو؟ جن کي اسان جا پيئر پوڄيندا هئا ۽ بلاشڪ اسان کي ته ان ۾ حيران ڪندڙ شڪ آهي جنهن ڏانهن تون اسان کي سڏين ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، صالح! اسان ۾ اڳ هُئين، اُميد ڀَريو انسان، ڇا؟ روڪيِـين اسان کي، اُن ڪنان،ته ڏِيون تن تي ڏان، اَبا، ڏاڏا اسان جا، هُئا پُوڄِيندا، جي ٿان، ۽ جنهن ڏي، اسان کي، ڪوٺئـِين، مُرسل مِهربان!، گَڏيل مَنجھ گُمان، اَسين آهيون، اُنهِيء ڳالھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”صالح! تو ۾ اسان کي هن کان اڳ ڏاڍيون اميدون هيو، ڇا، تون اسان کي انهن جي بندگيءَ کان ٿو روڪين، جن جي اسان جا وڏا عبادت ڪندا هئا؟ ۽ تون اسان کي جيڏانهن سڏين ٿو، ان بابت اسين نهايت شڪ ۾ آهيون جو دل نٿي مڃي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن چيس: "اي صالح! هن کان اڳ ته تون اسان منجهه اهڙو ماڻهو هئين، جنهن ۾ وڏيون اميدون هيون، ڇا تون اسانکي انهن معبودن جي پوڄا کان روڪڻ ٿو گهرين، جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا؟ تون جنهن طريقي ڏانهن اسانکي سڏين پيو، ان بابت اسان وڏي شڪ ۾ پيل آهيون، جنهن ته ويتر منجهائي ڇڏيو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (انهن چيو)، اي صالح! تون اسان ۾ اهڙو شخص هئين هن کان اڳ جنهن ۾ وڏيون اميدون هيون، ڇا تون اسان کي انهن خدائن جي پوڄا کان روڪين ٿو جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، ان ۾ شڪ آهي اسان کي جنهن لاءِ تون سڏين پيو، ان اسان کي مونجهاري ۾ وڌو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن چيو ته: (اي صالح!) تون ته اسان ۾ وڏو قابل ماڻهو سمجهيو ويندو ھئين ۽ (اسان کي) تو ۾ وڏيون اميدون به ھيون، ڇا تون اسان کي انهن جي عبادت ڪرڻ کان روڪين ٿو جن جي عبادت اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا آھن؟ اسان (توحيد بابت) شڪ ۾ آھيون ۽ جنھن ڳالھ ڏانھن تون اسان کي سڏين ٿو سا دل کي مُنجهائيندڙ آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَءاتىٰنى مِنهُ رَحمَةً فَمَن يَنصُرُنى مِنَ اللَّهِ إِن عَصَيتُهُ فَما تَزيدونَنى غَيرَ تَخسيرٍ (آيت : 63) |
(صالح) چيو ته اي منھنجي قوم (مون کي اوھين) ڏسو ته سھين ته جيڪڏھن آءٌ پنھنجي پالڻھار کان چٽيءَ حُجت تي ھجان ۽ پنھنجي طرف کان مون تي ٻاجھ ڪئي ھجيس ته جيڪڏھن (آءٌ اوھان جو چيو مڃي) سندس نافرماني ڪريان ته الله کان مون کي ڪير ڇڏائيندو؟ پوءِ اوھان مون لاءِ رڳو نقصان وڌايو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) صالح چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! اوهان ڪڏهن هن ڳالهه تي غور به ڪيو آهي ته جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار جي طرف کان (مليل) روشن دليل تي به هجان (يعني خدا مون کي صحيح عقل به ڏنو هجي) ۽ پوءِ به مان سندس حڪم جي انحرافي ڪريان ۽ نافرماني ڪريان ته پوءِ ڪير آهي جو الله جي مقابلي ۾ منهنجي مدد ڪندو. (توهان جو مون کي چئو ٿا ته ابن ڏاڏن جي رسمن خلاف خدا جو حڪم ڇڏي ڏيان، سو) توهان مون کي ڪو فائدو نه ٿا پهچايو، پر اٽلندو نقصان ۽ تباهيءَ جي طرف وٺي وڃڻ ٿا چاهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) صالح چيو اي منهنجي قوم ڇا توهان مون کي ٻڌائيندا ته آئون جيڪڏهن بي فرماني ڪريان ته پوءِ منهنجي ڪير مدد ڪندو ان کان پوءِ جو مون کي پنهنجي رب جا طرفان حجت ۽ نبوت ملي چڪي آهي. پوءِ توهان ته مون کي نقصان ۾ وجھو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) صالح چين ته اي منهنجي قوم! مون کي هي ٻڌايو ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي پالڻهار جي طرفان ثابتيءَ تي هجان ۽ مون کي پاڻ وٽان رحمت (نبوت) عطا ڪئي هجيس ته پوءِ ڪير مون کي خدا (جي عذاب) کان ڇڏائيندو جيڪڏهن آءُ سندس نافرماني ڪندس، پوءِ اوهين نقصان پهچائڻ کان سواءِ مون لاءِ ٻيو ڪو به زياده ڪم نه ٿا ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين اي منهنجي قوم! خبر ڏيو جيڪڏهن هجان مان روشن دليل تي طرفان رب پنهنجي ۽ ڏنائين مون کي طرفان پنهنجي رحمت ته پوءِ ڪير مدد ڪري ڇڏائيندو مون کي الله کان جيڪڏهن بي فرماني ڪئي مون ان جي پوءِ نه ٿا وڌايو اوهان مون کي سواءِ نقصان جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) صالح چيو ته اي منهنجي قوم! مون کي هيءَ ته ٻڌايو ته جيڪڏهن آ، پنهنجي پاليندڙ جي طرفان ظاهر ثابتيءَ تي هجان ۽ مون کي پاڻ وٽان رحمت ڏني هجيس ته پوءِ ڪير مون کي الله کان ڇڏائيندو جيڪڏهن آءٌ سندس نافرماني ڪندس، پوءِ اوهين نقصان پهچائڻ کانسواءِ مون لاءِ ٻيو ڪوبه زياده ڪم نه ٿا ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (صالح) چيو: ”اي منهنجي قوم! مون کي ٻڌايو ته سهي جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پالڻهار پاران چِٽي دليل تي هجان. ۽ ان مون کي پاڻ وٽان رحمت ڏني هجي پوءِ به جي آءٌ سندس بي فرماني ڪيان ته ڪير آهي جيڪو الله (جي عذاب کان) بچائڻ ۾ منهنجي مدد ڪندو؟ پوءِ اوهان نقصان پهچائڻ کان سواءِ مون لاءِ ٻيو ڪجهه ڪونه ٿا وڌايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڪِيئن ٿا ڀانيو ڀائرو، ته سانيمِ، کان سُڄاڻ، هُوندسِ، جي حق مَٿي، ۽ مَٿمِ مِهر ڪَئـِين پاڻ، پوءِ اِيندمِ ڪير اَلله کان، آڏو اِي اَڄاڻ!، جي وِڌمِ ساڻِس ڪاڻ؛ پوءِ نَفعو نه ڏِيومِ، نُقصان ري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي قوم! ڀلا ڏسو، جيڪڏهن آءُ پنهنجي ڌڻيءَ جي طرفان صاف رستي تي هجان ۽ هن مون کي پاڻ وٽان رحمت ڏني هجي، پوءِ آءُ سندس نافرماني ڪريان، ته ڪير مون کي الله کان بچائيندو؟ اوهين ته مون تي رڳو نقصان پيا وجهو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) صالح چيو: "اي قوم! توهان ٿورو ان ڳالهه تي به ڪو غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن مون وٽ پنهنجي رب وٽان آيل هڪ چٽو ثبوت هو ۽ وري هن پنهنجي رحمت سان به مونکي نوازي ڇڏيو ته پوءِ الله جي پڪڙ کان مونکي ڪير بچائيندو، جي مان سندس بي فرماني ڪندس؟ توهان منهنجي ڪهڙي ڪم اچي سگهو ٿا، سواءِ ان جي جو مونکي اڃا وڌيڪ نقصان ۾ وجهي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (صالح) چين، اي قومي ڀائرو! توهان ان ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جڏهن آئون صاف شاهدي تي آهيان پنهنجي رب طرفان ۽ هن نوازيو مون کي پنهنجي رحمت سان، پوءِ ڪير بچائيندو مون کي الله جي پڪڙ کان جي آئون سندس نافرماني ڪريان؟ توهان منهنجي ڪهڙي ڪم ايندؤ جو وڌيڪ نقصان ۾ وڃان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) صالح ($) چيو ته: اي منھنجي قوم! ڀلا اھو ته ٻڌايو جيڪڏھن مان پنھنجي پالڻھار جي طرفان چٽي دليل تي ھجان ۽ ھُن پنھنجي طرف کان مون کي رحمت (۽ نبوت) به عطا ڪئي ھجي پوءِ جيڪڏھن مان ان جي نافرماني ڪريان ته مون کي اللھ تعالى (جي عذاب) کان ڪير بچائيندو؟ توھان ته رڳو منھنجي نقصان ۾ واڌارو ڪري سگهو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيٰقَومِ هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ قَريبٌ (آيت : 64) |
۽ اي منھنجي قوم ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني (مُعجزو) آھي پوءِ ان کي ڇڏيو ته الله جي زمين ۾ (جتي وڻيس اُتي) چَري ۽ ان کي ڪو ايذاءُ نه پھچايو نه ته پوءِ اوھان کي ستت ئي عذاب اچي وٺندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! ڏسو، هي الله جي ڏاچي (يعني سندس نالي تي ڇڏي ڏنل ڏاچي) توهان جي لاءِ هڪ (فيصلو ڪندڙ) نشاني آهي. پوءِ ان کي ڇڏي ڏيو ته الله جي زمين تي چرندي وتي. ان کي ڪنهن به قسم جو ايذاءُ نه پهچائجو، نه ته هڪدم اوهان تي عذاب اچي ڪڙڪندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي منهنجي قوم هي الله جي ڏاچي آهي جيڪا توهان لاءِ نشاني آهي پوءِ توهان ان کي ڇڏي ڏيو ته الله جي زمين ۾ کائي ۽ توهان ان کي ڪا تڪليف نه ڏيو پوءِ توهان کي فوراً عذاب پهچندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اي منهنجي قوم! هي خدا جي (موڪليل) ڏاچي آهي جا اوهان لاءِ (منهنجي نبوت جو) هڪ معجزو آهي ته ان کي (سندس حال تي) ڇڏي ڏيو ته خدا جي زمين مان (جتان چاهي) کائي ۽ کيس ڪا به تڪليف نه پهچايو (نه ته) اوهان کي جلد (خدا جو) عذاب اچي وٺندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اي منهنجي قوم! هيءَ ڏاچي الله جي اوهان لاءِ نشاني آهي پوءِ ڇڏيو ان کي ته کائي الله جي زمين ۾ ۽ نه هٿ هڻو ان کي برائيءَ (جي ارادي) سان پوءِ وٺندو اوهان کي عذاب ويجھو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اي منهنجي قوم! هي الله جي ڏاچي اوهان لاءِ هڪ نشاني آهي پوءِ ان کي ڇڏيو ته الله جي زمين مان کائي ۽ ان کي ڪجهه به ضرر نه پهچايو نه ته اوهان کي جلد عذاب اچي وٺندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اي منهنجي قوم! هي الله جي ڏاچي آهي جيڪا اوهان لاءِ نشاني آهي. پوءِ ان کي ڇڏي ڏيو ته الله جي زمين ۾ کائيندي رهي ۽ ان کي بُري ارادي سان هٿ به نه لايو نه ته اوهان کي جلدي عذاب پڪڙيندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، عزيزو اَلله جِي جي، هِي آهي اُٺ اِظهار، آهي اوهان لاءِ، مُعجزو، نِشانِي نِروار، پوءِ مولٰي جي مُلڪ ۾، ڇَڏيوسِ، ته چَري ڇُلنگار، پوءِ، تِنهن کي ڪِنهن تڪلِيف جو، لايو نه هٿ هڪيار، پوءِ اوڏو ڪو آزار، پَڪڙِينِئان پَڪ سان .(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي قوم! هيءَ الله جي اٺڻي اوهان لاءِ نشاني آهي، ان کي ڇڏيو ته الله جي زمين ۾ چرندي رهي ۽ ان کي برائي وارو هٿ نه لڳائجو، نه ته اوهان کي يڪدم عذاب اچي ويندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي منهنجي قوم وارؤ! ڏسو هيءَ الله جي ڏاچي توهان جي لاءِ هڪ نشاني آهي، انکي ڇڏي ڏيو ته الله جي زمين ۾ چرندي وتي ۽ ان سان ڪابه هٿ چراند نه ڪجو، نه ته بنا دير جي توهان تي الله جو عذاب ايندو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اي منهنجي قوم! هيءَ ڏاچي آهي الله جي توهان جي لاءِ هڪ نشاني، ان کي ڇڏي ڏيو ته چرندي وتي الله جي زمين ۾ ۽ ان سان ڪابه هٿ چراند نه ڪجؤ، نه ته بنا دير جي توهان تي الله جو عذاب اچي ڪڙڪندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجي قوم! ھي اللھ تعالى جي ڏاچي توھان لاءِ نشاني طور آھي، ھن کي آزاد ڇڏي ڏجو، اللھ تعالى جي زمين ۾ جتان به چرندي وتي ھن جي مرضيءَ تي ڇڏيل آھي، توهان ھن کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش نه ڪجو ورنه توھان تي فوراً عذاب ايندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَعَقَروها فَقالَ تَمَتَّعوا فى دارِكُم ثَلٰثَةَ أَيّامٍ ذٰلِكَ وَعدٌ غَيرُ مَكذوبٍ (آيت : 65) |
پوءِ اُن جو کُچون ڪپي (ماري) وڌائون پوءِ (صالحؑ) چيو ته اوھين پنھنجن گھرن ۾ (ڇڙا) ٽي ڏينھن فائدو وٺو، اُھو فائدو ڪوڙو نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر ماڻهن (زياده ضد ۾ اچي) ان کي ماري ڇڏيو. تڏهن حضرت صالح کين چيو ته، (هاڻي توهان کي فقط) ٽن ڏينهن (جي مهلت آهي) پنهنجي گهرن ۾ کائي پي وٺو. هيءَ (خدائي) واعدو آهي، هرگز ڪوڙو نه ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن ڏاچيءَ کي هلاڪ ڪيو، پوءِ صالح چيو ته اوهان ٽي ڏينهن پنهنجي گھرن ۾ نفعو وٺو (پوءِ) هي وعدو (عذاب جو) ڪوڙو ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهين به هنن ماڻهن ان جا پير وڍي کيس (ماري) ڇڏيو، تڏهن صالح چين ته اوهين پنهنجن گهرن ۾ ٽي ڏينهن مزا ڪري وٺو! اهو خدا جو وعدو آهي. جيڪو ڪڏهن ڪوڙو نه ٿو ٿئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ٽنگون وڍيائون ان جون پوءِ فرمايائين نفعا وٺو جاءِ پنهنجيءَ ۾ ٽي ڏينهن اهو وعدو ڪوڙو ڪيل نه آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان جا پير وڍيائون پوءِ صالح چيو ته اوهين پنهنجن گهرن ۾ ٽي ڏينهن مزا ڪري وٺو! اهو انجام ڪوڙو نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان جا پير وڍيائون. (ان کي قتل ڪيائون) پوءِ صالح چيو ته: ”اوهان پنهنجي گهرن ۾ ٽي ڏينهن مزا ماڻي وٺو. اهو وعدو آهي جيڪو (ڪڏهن) ڪوڙو نه ٿيندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ گُڏيائون اُن کي، تڏهن وراڻيون وَريام، ته پورا ٽي ڏِينهن، خُوش گُذاريو، پَنهنجي گَھرن، مَنجھ گام، ۽ پَڪو اِهو اَنجام، ڪوڙُو آهي، ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هنن ان کي ماريو تڏهن چيائين ”هاڻي اوهين پنهنجي گهرن ۾ ٽي ڏينهن گذاري وٺو_ انهيءَ وعدي ۾ ڪوڙ بلڪل ڪونهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر انهن ڏاچيءَ کي ماري وڌو. تنهن تي صالح کين چتاءُ ڏنو ته "هاڻي بس ٽي ڏينهن پنهنجن گهرن ۾ مزا ماڻي وٺو، اهو وعدو آهي جو ڪوڙو ٿيڻو ئي ناهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر انهن (ڏاچيءَ کي) ماري وڌو، تنهن تي (صالح) کين چتاءُ ڏنو ته بس فقط ٽي ڏينهن پنهنجن گهرن ۾ گهاريو، هي اهڙو مدو آهي جيڪو ڪوڙو نه ٿيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر (افسوس) ھنن ماڻهن ان (ويچاري) ڏاچيءَ کي ماري وڌو. پوءِ صالح ($) چيو ته (ھاڻي) توھان صرف ٽي ڏينھن باقي پنھنجي گهرن ۾ مزي سان زندگي گذاريو، اهو ڪوڙو وعدو نه آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا صٰلِحًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَمِن خِزىِ يَومِئِذٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 66) |
پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو (تنھن مھل) صالح ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون ۽ قيامت جي ڏينھن جي خواري کان (به) تحقيق تنھنجو پالڻھار طاقت وارو ۽ غالب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو تڏهن اسان صالح کي ۽ انهن کي، جن ساڻس گڏ ايمان آندو هو، پنهنجي رحمت سان بچائي ورتو ۽ ان ڏينهن جي خواري ۽ خرابيءَ کان ڇوٽڪارو ڏنو. (اي پيغمبر!) بيشڪ تنهنجو پرورگار ئي آهي جو قوت وارو ۽ سڀني تي غالب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن انهن تي اسان جو عذاب آيو ته اسان (حضرت) صالح ۽ جن ماڻهن ان سان گڏ ايمان آندو، انهن کي پنهنجي رحمت سان ان ڏينهن جي خواري واري عذاب کان نجات ڏني، بيشڪ توهان جو رب وڏي قوت وارو غالب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن اسان جو (عذاب جو) حڪم پهتو ته صالح کي ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو تنهن کي اسان پنهنجي مهربانيءَ سان بچايوسون بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي طاقت وارو (۽) زبردست آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن آيو امر اسان جو ته ڇڏايو سون (حضرت) صالح کي ۽ انهن کي جو ايمان آندائون ان سان گڏ رحمت سان پاڻ وٽان ۽ خواري ان ڏينهن جي کان بيشڪ رب تنهنجو اهوئي طاقت وارو غالب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن اسان جو (عذاب جو) حڪم پهتو ته صالح کي ۽ ن ان سان گڏ ايمان آندو تن کي اسان پنهنجي مهربانيءَ سان بچايو ۽ ان ڏينهن جي خواريءَ کان (به کين بچايوسون) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي طاقت وارو (۽) زبردست آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن اسان جو حڪمِ (عذاب) آيو ته اسان صالح کي ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو هيو تن کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني ۽ ان ڏينهن جي خواري کان به (بچايوسين.) بيشڪ تنهنجو پالڻهار طاقتور غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جڏهن اَمرسان ، جو آيو، هاڪاري هيڪار، ته ڪيو سون پَنهنجي، ڪرم سان، آجو ڪنان آزار، صالح، ڪِ، سَندسِ ساٿ کي، جن آندو اِعتبار، اُن ڏِينهن جي خُوارِيءَ کان، پَنهنجي ٻاجھ سان ٻيهار، سَندِئي رَبَّ سَتار، اُهو وراوَر، زَبر گھڻون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن اسان جو حڪم آيو، تڏهن پنهنجي رحمت سان صالح ۽ ساڻس گڏ ايمان آڻيندڙن کي ان ڏينهن جي خواريءَ کان بچايوسون، بيشڪ تنهنجو ڌڻي قوت ۽ غلبي وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ جڏهن اسانجي فيصلي جو وقت اچي ويو ته اسان پنهنجي رحمت سان صالح کي ۽ انهن ماڻهن کي جن ساڻس گڏ ايمان آندو هو، بچائي ورتو ۽ انهيءَ ڏينهن جي خواريءَ کان سندن بچاءُ ڪيوسون، بيشڪ تنهنجو رب وڏي سگهه وارو ۽ غالب آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نيٺ جڏهن اسان جي فيصلي جو وقت آيو ته اسان ان وستيءَ کي هيٺ مٿي ڪيو بچائي ورتو صالح کي ۽ انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو (صالح سان) پنهنجي رحمت سان ۽ ان ڏينهن جي خواريءَ کان محفوظ رکيو، بيشڪ تنهنجو رب ئي طاقتور غالب آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏھن اسان جو عذاب آيو ته صالح ( $) ۽ ان سان گڏ ايمان آڻيندڙن کي اسان پنھنجي رحمت سان بچايو ۽ کين (قيامت واري ڏينھن) خواري کان نجات ڏني سين. بيشڪ تنھنجو پالڻھار وڏو طاقتور ۽ زبردست آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَخَذَ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 67) |
۽ (انھن) ظالمن کي ھڪ خوفناڪ آواز ورتو پوءِ صبح جو پنھنجن حويلين ۾ ڪرونڊڙا ٿي مري ويا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو هو تن کي هڪ وڏي زور واري ڪڙڪي اچي پڪڙيو. جڏهن صبح ٿيو، تڏهن سڀ پنهنجي گهرن ۾ اونڌا ٿيا پيا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ظالم وڏي آواز واري عذاب ۾ گرفتار ٿيا. پوءِ اهي صبح جي وقت پنهنجي گھرن ۾ گوڏن ڀر ڪِري مُئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن ظالمن کي سخت (هيبتناڪ) آواز اچي ورتو جو اهي صبح جو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا پيل رهجي ويا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ورتو انهن کي جو ظلم ڪيائون خوفناڪ آواز پوءِ صبح ڪيائون گھرن پنهنجن ۾ ڪرونڊڙا ٿيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن ظالمن کي سخت آواز اچي ورتو جو اُتي صبح جو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا ڪريا پيا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ظالمن کي خوفناڪ آواز اچي ورتو پوءِ صبح ان حال ۾ ڪيائون جو پنهنجي گهرن ۾ اونڌا پيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، وَرتو واڪي تن کي، ڪياجن ڪَلُور، پوءِ جُھورِي، سَندن جاين ۾، ٿِيا آسري اَسور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ظالمن کي هڪ سخت آواز اچي دٻايو، جنهن ڪري هو سندس گهرن ۾ ائين اونڌا ٿي پئجي رهيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جن ماڻهن ظلم ڪيو هو، تن کي هڪ زبردست ڪڙڪي پڪڙي ورتو ۽ هو پنهنجين وسندين ۾ ڊونڊڙا ٿي پئجي رهيا(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ باقي جن ماڻهن ظلم ڪيو هو تن کي هڪ سخت ڪڙڪي واري آواز ورتو ۽ هو پنهنجي ڳوٺن ۾ اونڌا پيل هئا ڄڻ ڪڏهن اتي هئا ئي ڪونه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جن جن ماڻهن ظلم ڪيو هو تن سڀني کي ھڪ رڙِ (جي آواز) اچي وڪڙ ۾ ورتو ۽ ھو پنھنجي گهرن ۾ اونڌا مئل پيا ھئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا إِنَّ ثَمودَا۟ كَفَروا رَبَّهُم أَلا بُعدًا لِثَمودَ (آيت : 68) |
ڄڻڪ منجھس رھيا ئي نه ھوا، خبردار ثمودي پنھنجي رب کان منڪر ٿيا، ٻڌو! ثمودين تي لعنت ھجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ هو اهڙو اوچتو مري ويا) گويا انهن گهرن ۾ ڪڏهن رهيائي ڪونه هئا، سو ٻڌي ڇڏيو ته ثمود قوم پنهنجي پروردگار جي ناشڪري ڪئي ۽ پڻ ٻڌي ڇڏيو ته ثمود جي قوم (هر طرح جي نعمتن کان) محروم رهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) گوياڪ اهي اتي رهيا ئي ڪونه هئا، خبردار ! بيشڪ ثمود جي قوم پنهنجي رب جو انڪار ڪيو، خبردار ! لعنت آهي ثمود تي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهڙا ميٽجي ويا جو ڄڻ ته انهن ۾ هئا ئي ڪين ته ڏسو! قوم ثمود پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪئي (کيس سزا ڏئي ويئي) خبردار ٿيو! ته ثمود جي قوم (خدا جي بارگاھ مان) ڌڪاريل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڄڻ ته نه رهيا هئا نهن ۾ خبردار بيشڪ ثمود ڪفر ڪيو پنهنجي رب سان خبردار هلاڪت آهي ثمود جي لاء .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڄڻ ته انهن ۾ رهيا ئي نه هئا. خبردار ٿيو! ته ثمود (جي قوم) پنهنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو. خبردار ٿيو! ته ثمود (جي قوم) تي لعنت پيئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڄڻ ته اُهي ان ۾ رهيا ئي نه هئا. خبردار! بيشڪ ثمود پنهنجي پالڻهار سان ڪفر ڪيو. خبردار! ثمود لاءِ (رحمت کان) دوري آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَرمزونه ماڻيئون اُن ۾؛ پُورِي رِيت پَرور، ته ثمود سَندِن ربَّ کان، مُنڪر ٿيا مُور، ته بَربادِي ڀَرپُورو، ثابِت آهي، ثَمُود لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو ڄڻ ته هو انهن ۾ ڪڏهن رهيا ئي نه هئا! يا د رکو ثمودين سندن ڌڻيءَ جو انڪار ڪيو، ان ڪري ثمودين تي لعنت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ، جو ڄڻ ته هو انهن ۾ رهيائي ڪونه هئا، ٻڌو، ثمود پنهنجي رب سان ڪفر ڪيو، پوءِ ٻڌي ڇڏيو ته ثمودين تي ڦٽڪار هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) خبردار ٿيو! حقيقت ۾ ثمود جي قوم ڪفر ڪيو هو پنهنجي رب سان، ٻڌي ڇڏيو، پري اڇلايا ويا ثمود وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ايئن لڳي پيو ته) ڄڻ انهن گهرن ۾ ڪير آباد ئي ڪونه ھو، بيشڪ ثمود قوم پنھنجي پالڻھار جي آيتن جو انڪار ڪيو، سو ڏسي وٺو! ثمود قوم کي جيڪا (رحمت کان) محروم ڪئي وئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا سَلٰمًا قالَ سَلٰمٌ فَما لَبِثَ أَن جاءَ بِعِجلٍ حَنيذٍ (آيت : 69) |
۽ بيشڪ اسانجا قاصد ابراھيمؑ وٽ خوشخبري (ڏيڻ) لاءِ آيا (پوءِ) سلام ڏنائون، (ابراھيمؑ) سلام ورايو پوءِ ڀُڳل گابي (جي گوشت آڻڻ) ۾ ڪا دير نه ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان جا موڪليل (فرشتا) حضرت ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي آيا. هنن چيو ته اوهان تي سلامتي هجي. ابراهيم چيو ته، توهان تي به سلامتي هجي. پوءِ حضرت ابراهيم هڪدم هڪڙو ڀڳل گابو کڻي آيو (۽ کائڻ لاءِ سندن اڳيان رکيائين جو کين رواجي مهمان سمجهيو هئائين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ (حضرت) ابراهيم وٽ اسان جي فرشتن (پُٽ ڄمڻ جي) مبارڪ آندي، فرشتن چيو السلام عليڪم، ابراهيم چيو وعليڪم السلام، پوءِ فوراً (ابراهيم) انهن کي ڳائي گوشت جو ڪباب پيش ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان جا موڪليل (فرشتا) ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي آيا ۽ هنن سلام ڪيو. ۽ ابراهيم بنا دير جي گابي جو ڀڳل گوشت آندو (۽ گڏجي کائڻ ويٺو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق آيا قاصد اسان جا ابراهيم وت بشارت سان چيائون سلام- فرمايائين سلام پوءِ نه دير ڪيائين ته آندائين گابو ڀڳل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان جا موڪليل (ملائڪ) ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي آيا. انهن سلام ڪيو. ابراهيم سلام ورايو. پوءِ ڀڳل گابي (جي گوشت) آڻڻ ۾ دير نه ڪيائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان جا موڪليل (ملائڪ) ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي آيا چيائون: ”سلام.“ ابراهيم به ”سلام“ چيو. پوءِ دير نه ڪيائين جو ڀُڳل گابي (جو گوشت مهماني ۾ ) پيش ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان جا ابراهيم کي، آيا کِيانتا، سِين کِير، چئون سَلام، سَلام چئـِين، پوءِ وٖير نه لاٿِي وِير، ته آڻي رَکيو اَمير، گابو ڀُڃيل، اُنهن اڳيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان جا ملائڪ ابراهيم ڏي مبارڪ کڻي آيا، چيائون ”سلام!“ چيائين ”سلام“ ۽ يڪدم تريل گابو کڻي آيو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ابراهيم وٽ اسان جا فرشتا خوشخبري کڻي آيا، چيائون: توتي سلام هجي. ابراهيم چين ته توهان تي به سلام هجي، پوءِ اڃان ڪا ويرم ئي نه ٿي ته ابراهيم هڪڙو ڀـُـڳل گابو (سندن مهمانيءَ طور) کڻي آيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏسو اسان جا فرشتا آيا ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي، چيائون توتي سلامتي هجي، چيو (ابراهيم) سلام هجي توهان تي به، پوءِ اڃا ويرم ئي نه گذري ته ڀُڳل گابو انهن جي مهماني لاءِ (ابراهيم) آندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اھڙي طرح) اسان جا موڪليل فرشتا ابراھيم ($ ) ڏي خوشخبري کڻي آيا، (اچڻ سان ئي) کيس سلام ڪيو. ابراھيم ($) سلام جو جواب ڏنو. ۽ ٿوري دير ۾ سندن سامھون گابي جو ڀُڳل گوشت کڻي آيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا رَءا أَيدِيَهُم لا تَصِلُ إِلَيهِ نَكِرَهُم وَأَوجَسَ مِنهُم خيفَةً قالوا لا تَخَف إِنّا أُرسِلنا إِلىٰ قَومِ لوطٍ (آيت : 70) |
پوءِ جنھن مھل سندن ھٿن کي اُن (گوشت) ڏانھن نه پھچندو ڏنائين (تنھن مھل) کين اوپرو ڀانيائين ۽ کائن دل ۾ ڊنون چيائون ته نه ڊڄ اسان کي لُوط جي قوم ڏانھن موڪليو ويو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن ڏٺائين ته هنن جا هٿ طعام ڏي نٿا وڌن تڏهن هنن جي باري ۾ بدگمان ٿيو ۽ دل ۾ ڊنو (ته هيءَ الاجي ڪهڙي ڳالهه آهي.) (پر) هنن چئي ڏنو ته ڊڄ نه، اسان ته (الله جي طرف کان) لوط جي قوم ڏانهن موڪليا ويا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن ابراهيم ڏٺو ته اهي ڪباب نٿا کائن ته انهن کي ڌاريو سمجھائين ۽ انهن مان خوف محسوس ڪيائين، فرشتن چيو تون اسان کان خوف نه ڪر بيشڪ اسين لوط جي قوم ڏانهن موڪليا ويا آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن ڏٺائين ته سندن هٿ ان (گوشت) ڏي نٿا وڌن ته کين ڌاريون سمجهيائين ۽ انهن کان ڊپ ٿيس انهن چيو ته ڊڄ نه! اسين ته لوط جي قوم ڏي (سندن سزا لاءِ) موڪليا ويا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن ڏٺائين هٿن انهن جي کي جو نه ٿا پهچن ان ڏانهن ته اوپرو ڀانيائين انهن کي ۽ دل جو دل ۾ ڪيائين انهن کان خوف چيائون ته نه خوف ڪر تحقيق اسان موڪليا ويا آهيون لوط جي قوم ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ڏٺائين ته سندس هٿ ان (گوشت) تائين نه ٿا اچن ته کين ڌاريون سمجهيائين ۽ انهن کان ڊپ ٿيس. انهن چيو ته نه ڊڄ! اسان کي لوط جي قوم ڏي موڪليو ويو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن انهن جي هٿن ڏي ڏٺائين ته ان (کاڌي) ڏانهن نه ٿا وڌن ته انهن کي اجنبي سمجهيائين ۽ انهن کان خوف محسوس ڪيائين. چيائون: ”نه ڊڄ بلاشڪ اسان لوط جي قوم طرف موڪليا ويا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِٺائـِين جڏهين، ته اُنهن جا، هَٿ نه وَرن، اُن ڏي، ڀانيئـِين اَڀُويون اُنهن کي، ۽ تن کان ڊِنوتَڏهِين، چَيائون ته ڪَنبَ نه ڪڏهين، اَسين قاصِد قوم لوط ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جڏهن ڏٺائين ته سندن هٿ انهيءَ ڏي نٿا وڌن، ته کٽڪو ٿيس ۽ دل ۾ ڊپ ٿيس_ چيائون ”ڊڄ نه! اسين ”لوط“ جي قوم ڏي موڪليل آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جڏهن ڏٺائين ته سندن هٿ کاڌي ڏانهن نٿا وڌن ته کانئن شڪجي پيو ۽ دل ۾ انهن کان ڀؤ ٿي پيس. انهن (ملائڪن) چيس ته "ڊڄ نه، اسان ته لوط جي قوم ڏانهن موڪليا ويا آهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر هن ڏٺو ته سندن هٿ کاڌي لاءِ نه پيا وڌن ته هو کانئن شڪجي پيو، ۽ دل ۾ به خوف محسوس ڪرڻ لڳو، انهن (فرشتن) چيس، خوف نه ڪر، اسان ته موڪليا ويا آهيون قومِ لوط ڏانهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن (ابراھيم ($) ڏٺو ته ھي فرشتا کاڌو کائڻ لاءِ ھٿ ئي نٿا وڌائين ته کيس شڪ به ٿيو ته ڊپ به. (ملائڪ ان جو شڪ ۽ ڊپ سمجهي ويا) انهن چيس ته ڊپ نه ڪر اسان کي لوط ($) جي قوم ڏانھن (عذاب ڏيڻ ۽ توھان کي پُٽ جي خوشخبري ڏيڻ لاءِ) موڪليو ويو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَامرَأَتُهُ قائِمَةٌ فَضَحِكَت فَبَشَّرنٰها بِإِسحٰقَ وَمِن وَراءِ إِسحٰقَ يَعقوبَ (آيت : 71) |
۽ سنديس زال جا بيٺل ھُئي سا کِلي پوءِ ان کي اسحاق جي (ڄمڻ جي) ۽ اسحاق جي پٺيان يعقوب جي مُبارڪ ڏنيسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سندس گهرواري (ساره) به (تنبوءَ ۾) بيٺي (ٻڌي رهي) هئي. هوءَ کلي ويٺي (ڇو ته پهريون انديشو لهي ويس ۽ خوش ٿي) پوءِ اسان کيس (پنهنجي فرشتن هٿان) اسحاق (جي پيدا ٿيڻ) جي خوشخبري ڏني ۽ هن ڳالهه جي ته اسحاق کان پوءِ يعقوب جو ظهور ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) ابراهيم جي گھر وارِي بيٺل هئي جيڪا کِلَڻَ لڳي پوءِ اسان ان کي اسحاق (پُٽ) ۽ ان کان پوءِ يعقوب (پوٽي) جي مبارڪ ڏني.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ابراهيم جي زال (ساره) بيٺي هئي اها (هي خبر ٻڌي) کلي ته اسان (انهن فرشتن جي ذريعي) اسحاق (جي پيدا ٿيڻ) جي خوشخبري ڏني ۽ ان اسحاق کان پوءِ يعقوب جي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ زال ان جي بيٺل آهي پوءِ کلڻ لڳي پوءِ بشارت ڏني سون ان کي اسحاق جي ۽ پڄاڻان اسحاق جي يعقوب جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندس زال بيٺي هئي پوءِ ان کليو. پوءِ اسان کيس اسحاق (جي ڄمڻ) جي ۽ اسحاق جي پٺيان يعقوب (جي ڄمڻ) جي خوشخبري ڏني. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان (ابراهيم) جي زال بيٺل هئي. پوءِ کِلي پئي پوءِ اسان کيس (پٽ) اسحاق جي ۽ اسحاق جي پويان (پوٽي) يعقوب جي خوشخبري ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بِيبِي بِيٺل اُن جِي، پوءِ کِڙِي کَٽڻهار، پوءِ ڏني سُونسِ، اسحاق جِي، واڌائـِي تنهن وار، ۽ ٻاجَھؤَن کِير ٻِيهار، اسحاق پُٺيان، يعقوب جِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن بيبي بيٺل هئي، جا کلڻ لڳي، ته اسان ان کي اسحاق جي مبارڪ ڏني ۽ اسحاق کان پوءِ يعقوب جي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ابراهيم جي زال به بيٺي هئي، اهو ٻڌي هوءَ کلي ويٺي. پوءِ اسان ان کي اسحاق ۽ اسحاق کان پوءِ يعقوب جي خوشخبري ڏني (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ زال (ابراهيم جي) پاسي ۾ بيٺي هئي، اها کلڻ لڳي خوشخبري ٻڌي جيڪا ڏني سين اسحاق جي ۽ اسحاق کان پوءِ يعقوب جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پُٽ جي خوشخبري ٻڌائڻ وقت) سندس گهر واري (بي بي سارهه سانئڻ) به بيٺي ھئي ۽ (خوشخبري) ٻڌي کلي ڏنائين، اسان کيس پُٽ اسحاق ۽ اسحاق کان پوءِ پوٽي يعقوب جي خوشخبري ٻڌائي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَت يٰوَيلَتىٰ ءَأَلِدُ وَأَنا۠ عَجوزٌ وَهٰذا بَعلى شَيخًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 72) |
چيائين ته مون لاءِ افسوس آھي آءٌ ھن حالت ۾ ڄڻينديس ڇا جو آءٌ پاڻ ڪراڙي جھور آھيان ۽ ھيءُ منھنجو مڙس ٻڍو آھي، ھي ته ھڪ عجيب ڳالھ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن چيو ته، افسوس مون تي! ڇا هيئن به ٿي ٿو سگهي ته مونکي اولاد ٿئي جڏهن ته مان گهڻي ٻڍڙي ٿي وئي آهيا، ۽ هيءُ منهنجو مڙس (حضرت ابراهيم) به پوڙهو ٿي چڪو آهي. هيءَ ته وڏي عجب جي ڳالهه آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (بيبي صاحبه) چوڻ لڳي واه آئون ٻار ڄڻينديس ۽ آئون ته عمر رسيده آهيان ۽ هي منهنجو گھر وارو (ابراهيم) به عمر رسيده آهي، بيشڪ هي ڳالهه تعجب واري آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان چيو ته اڙي هاءِ ڇا آءُ (ٻار) ڄڻينديس، آءُ ٻڍي آهيان ۽ هي منهنجو مڙس (به) ٻڍو آهي. هيءَ ته هڪ عجيب ڳالھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو (بيبي صاحبہ) اي عجب! ڇا مان ڄڻيندس ۽ مان پوڙهي آهيان ۽ هي مڙس منهنجو آ پوڙهو هيءَ البته شيءِ عجيب آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته اڙي هاءِ! ڇا آءٌ ڄڻينديس ۽ آءٌ ٻڍي آهيان ۽ هي منهنجو مڙس (به) ٻڍو آهي. هيءَ ته هڪ عجيب ڳالهه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”هاءِ حيراني ڇا آءٌ ٻار ڄڻيندس؟ حالانڪه آءٌ ڪراڙي ٿي چڪي آهيان ۽ هي منهنجو مڙس به عمر رسيده آهي. بيشڪ هي ته وڏي عجيب شيءِ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ووءِ، ووءِ! آئون وَڏڙِي، ڪِيئَن ڄَڻِينديسِ ٻار، ۽ هِي وَرَم، وڏِي ڄَمار، هِيءَ عَجب جِھڙِي ڳالهڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هاءِ افسوس! آءُ ٻار ڄڻينديس! آءُ پوڙهي آهيان، ۽ هي منهنجو مڙس به پوڙهو، اها ته عجيب ڳالهه آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هوءَ چوڻ لڳي: "هاءِ مــُـٺيس، ڇا مان هاڻي ڄڻينديس! جڏهن جو مان ڪراڙي جــُـهور ٿي وئي آهيان ۽ هيءُ منهنجو مڙس به ڪراڙو آهي؟ هيءَ ته ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهيءَ (زال) چيو، هاءِ منهنجي ڪمبختي! ڇا هاڻي مون کي اولاد ٿيندو جڏهن ته آءٌ جهور پوڙهي آهيان ۽ بيشڪ هي منهنجو مڙس به پوڙهو آهي؟ اها ته عجيب ڳالهه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (گهر واريءَ حيران ٿيندي) چيو ته: اَلاڙي! مان ٻار ڪيئن ڄڻينديس! مان ته صفا پوڙھي ٿي چڪي آھيان ۽ منھنجو مڙس به (ويچارو) جهونڙو ٿي ويو آھي. بيشڪ اھا ته ھڪ عجيب خوشخبري آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا أَتَعجَبينَ مِن أَمرِ اللَّهِ رَحمَتُ اللَّهِ وَبَرَكٰتُهُ عَلَيكُم أَهلَ البَيتِ إِنَّهُ حَميدٌ مَجيدٌ (آيت : 73) |
چيائون ته الله جي حُڪم تي عجب ڇو ٿي ڪرين اي ھن گھر وارؤ اوھان تي الله جي ٻاجھ ۽ سندس برڪتون آھن، بيشڪ اھو (الله) ساراھيل وڏائيءَ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن چيو ته، ڇا تون الله جي ڪمن تي عجب ٿي کائين. اوهان تي الله جي رحمت ۽ برڪتون هجن اي (ابراهيم جي) گهر جا ماڻهو (سندس فضل ۽ ڪرم لاءِ هيءَ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي) بيشڪ اهوئي آهي جو سڀني ڪامل صفتن سان موصوف آهي ۽ اهو ئي آهي جنهن جي لاءِ هر طرح جي بزرگي ۽ شان آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرشتن چيو ڇا تون الله جي قدرت تي عجب ڪرين ٿي. اي اهلِ بيت توهان تي الله جون رحمتون ۽ برڪتون آهن، بيشڪ الله تعالى گھڻو ساراهيل گھڻو احسان ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن فرشتن چيو ته ڇا تون الله جي حڪم (قدرت) تي عجب ٿي ڪرين. اي اهل بيت (نبوت) اوهان تي خدا جي رحمت ۽ سندس برڪتون آهن. بيشڪ اهو ساراهيل وڏي شان وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ڇا عجب ٿي ڪرين الله جي امر ۾ الله جي رحمت ۽ ان جون برڪتون اوهان تي آهن اي گھر وارؤ! بيشڪ اهو ساراهيل،عزت وارو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته ڇا تون الله جي حڪم تي عجب ٿي ڪرين. اي گهر وارؤ! اوهان تي الله جي رحمت ۽ سندس برڪتون آهن. بيشڪ اهو ساراهيل وڏي شان وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرشتن) چيو: ”ڇا تون الله جي حڪم تي عجب ٿي ڪرين؟ اي (ابراهيم جي) گهر وارؤ ! اوهان تي الله جي رحمت ۽ ان جون برڪتون آهن. بيشڪ اُهو ساراهيل وڏي شان وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، قادِر جي ڪَمن ۾، ڪِهڙا وَٺِين وِيچار، رَحمتون ربَّ پاڪ جون، پڻ بَرڪتون بِسيار، اُن جون، اوهان مَٿي، اي اَهل بيت! اَطهار، ساساراهِيل سَهوار، پڻ وَڏِي وڏائـِئ جو ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”ڇا الله جي ڪم تي عجب ٿي ڪرين؟ اي هن گهر وارؤ! اوهان تي ته الله جو رحمتون ۽ برڪتون آهن، بيشڪ اهو واکاڻ لائق ۽ سڳورو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ملائڪن چيو: "الله جي حڪم تي ٿي تعجب ڪرين؟ ابراهيم جا گهر وارؤ! توهان تي الله جي رحمت ۽ سندس برڪتون آهن ۽ بيشڪ الله نهايت ساراهه جوڳو ۽ وڏي شان وارو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (فرشتن) وراڻيو، تون حيرت ٿي ڪرين الله جي حڪم تي؟ توهان تي رحمتون الله جون آهن ۽ توهان تي سندس برڪتون آهن (ابراهيم جا) گهر وارؤ، بيشڪ (الله) وڏي تعريف جوڳو وڏي شان وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرشتن چيو ته ڇا توکي اللھ تعالى جي فيصلي تي تعجب ٿئي ٿو؟ اي ابراھيم جا گهر وارؤ! توھان تي ته اللھ تعالى جي رحمت ۽ ان جون برڪتون آھن (پريشان نه ٿيو) بيشڪ اللھ تعالى ئي تعريف جي لائق ۽ وڏي شان وارو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا ذَهَبَ عَن إِبرٰهيمَ الرَّوعُ وَجاءَتهُ البُشرىٰ يُجٰدِلُنا فى قَومِ لوطٍ (آيت : 74) |
پوءِ جنھن مھل ابراھيمؑ کان ڀؤ لٿو ۽ خوشخبري پُھتس (ته اُن وقت) لُوط جي قوم بابت اسان سان تڪرار ڪرڻ لڳو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن حضرت ابراهيم جي دل مان انديشو دور ٿي ويو ۽ کيس خوشخبري ملي تڏهن هو لوط جي قوم جي باري ۾ اسان سان جهڳڙو ڪرڻ لڳو. (يعني اسان جي فرشتن کان هر هر سوال پڇڻ لڳو ته ايندڙ بلا لوط جي قوم تان ٽري وڃي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن (حضرت) ابراهيم تان خوف لٿو ۽ ان کي مبارڪ ملي ته فرشتن سان لوط جي قوم بابت سوال جواب ڪرڻ لڳو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن ابراهيم (جي دل) مان ڊپ ويو ۽ کيس (اولاد جي) خوشخبري به ملي ته اسان سان لوط جي قوم جي باري ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳو (ناز سان سفارش ڪرڻ لڳو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن پري ٿيو ابراهيم کان ڊپ ۽ آئي ان وٽ بشارت ته تڪرار ڪرڻ لڳو اسان سان قوم لوط جي باري ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ابراهيم تان ڊپ لٿو ۽ وٽس خوشخبري آئي ته اسان سان لوط جي قوم جي باري ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ابراهيم تان ڊپ لٿو ۽ ان وٽ (اولاد جي) خوشخبري آئي ته اسان سان لوط جي قوم بابت جهڳڙو ڪرڻ لڳو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جڏهن اِبراهِيم لٿو خوف، ۽ مِليسِ کِير، ته پِيو وَڳي اَسان سان وِير، پاران پَهر لوط جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن ابراهيم تان ڊپ لٿو ۽ سرهائي آيس، تڏهن وري اسان سان لوط جي قوم بابت جهڳڙڻ لڳو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن ابراهيم جو ڊپ دور ٿيو ۽ (اولاد جي خوشخبريءَ جي ڪري) سندس دل خوش ٿي وئي ته لوط جي قوم جي باري ۾ اسان سان جهڳڙو ڪرڻ لڳو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن لٿي ابراهيم تان گهٻراهٽ اولاد جي ملندڙ خوشخبريءَ بابت، ته سندس دل خوش ٿي ته هن اسان سان تڪرار ڪيو قوم لوط جي باري ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏھن ابراھيم ($) جو ڊپ لٿو ۽ پوڙھائپ ۾ پُٽ جي خوشخبري ٻڌڻ سان خوش ٿيو ته وري لوط ($) جي قوم جي باري ۾ اسان (جي فرشتن) سان ويھي بحث ڪرڻ لڳو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ إِبرٰهيمَ لَحَليمٌ أَوّٰهٌ مُنيبٌ (آيت : 75) |
ڇوته اِبراھيم بُردبار نرم دل (الله ڏانھن) موٽندڙ ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حقيقت اها آهي ته، حضرت ابراهيم وڏو بردبار، تمام نرم دل ۽ (هر حال ۾) الله جي طرف رجوع ٿي رهڻ وارو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ ابراهيم گھڻو بردبار گھڻو آزي ڪندڙ، گھڻو الله ڏانهن رجوع ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ ابراهيم بردبار نرم دل (هر ڳالھ ۾ خدا ڏي) رجوع ڪرڻ وارو هئو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ ابراهيم البته بردبار نرم دل (الله ڏانهن) موٽندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ابراهيم بردبار، نرم دل، رجوع ٿيڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ابراهيم وڏو بردبار، نرم دل (اسان ڏانهن) رجوع ڪرڻ وارو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِبراهِيم آهي، بِلڪُل بُردبار، زاريون ڪندڙ زار ۽ رُجوع ٿيندڙ ربَّ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، ابراهيم نهٺو، نرم دل ۽ الله ڏي موٽندڙ هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ ابراهيم ڏاڍو بردبار ۽ نرم دل انسان هو ۽ هر حالت ۾ اسان ڏي رجوع ڪندڙ هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ ابراهيم وڏو بردبار هو ۽ اسان سان لنؤ لڳل هئس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ابراھيم ( $) وڏو بردبار، رحمدل ۽ ھر حال ۾ (اللھ تعالى ڏي) رجوع ڪندڙ ھو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰإِبرٰهيمُ أَعرِض عَن هٰذا إِنَّهُ قَد جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَإِنَّهُم ءاتيهِم عَذابٌ غَيرُ مَردودٍ (آيت : 76) |
(چيوسون ته) اي ابراھيمؑ اِن خيال کان مُڙي وڃ، تحقيق تنھنجي پالڻھار جو حُڪم اچي چڪو آھي، ۽ کين اَڻ ٽر عذاب اچڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اسان جي فرشتن کيس چيو ته) اي ابراهيم، هاڻي هن ڳالهه جو خيال ڇڏي ڏي. تنهنجي پروردگار جي (ٺهرايل) ڳالهه اچي وئي آهي ۽ هنن ماڻهن تي عذاب اچي رهيو آهي. جو ڪنهن به طرح ٽرڻ وارو ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (ملائڪن چيو) اي ابراهيم تون ان ڳالهه تان لهي وڃ، بيشڪ انهن تي تنهنجي رب جو عذاب ايندو، ۽ بيشڪ انهن تي اهو عذاب ايندو جيڪو قطعاً روڪيو نه ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اسان چيو ته) اي ابراهيم هن ڳالھ ۾ ضد نه ڪر (هن باري ۾) جيڪو حڪم تنهنجي پروردگار جو هئو سو قطعي اچي چڪو ۽ بيشڪ انهن تي اهڙو عذاب اچڻ وارو آهي جيڪو ڪهڙي به طرح ٽري نه ٿو سگهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ابراهيم! منهن موڙ هن کان تحقيق شان هي آهي ته بلاشڪ آيو امر رب تنهنجي جو ۽ بيشڪ اهي ايندڙ آهي انهن وٽ عذاب نه موٽايل.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ابراهيم! هن خيال کان مڙي وڃ! بيشڪ ڳالهه هيءَ آهي ته تنهنجي پاليندڙ جو (عذاب جو) حڪم اچي چڪو آهي ۽ بيشڪ مٿن اڻ ٽر عذاب اچڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ابراهيم ان ڳالهه کان مُڙي وڃ. بيشڪ ڳالهه هي آهي ته تنهنجي رب جو حڪمِ (عذاب) اچي چڪو آهي. ۽ بيشڪ انهن تي نه ٽرندڙ عذاب اچڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اِبراهيم!، اِن ڪنان مُوڙ مُنهن مَهتاب!، اَمر تُنهنجي آگي جو، آيو جُنبِي جَناب!، ۽ اُنهن تي عذاب، اَڻٽر، آهي اَچڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چيوسون) ”ابراهيم! انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي ڏي، انهيءَ لاءِ تنهنجي ڌڻيءَ جو حڪم اچي ويو_ انهن تي اڻ ٽر عذاب ايندو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (نيٺ اسان جي ملائڪن چيس) اي ابراهيم! انهيءَ ڳالهه کان مڙي وڃ، تنهنجي رب جو حڪم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي انهن ماڻهن تي اهو عذاب اچڻو آهي ۽ ڪنهن جي به ٽارئي نه ٽرندو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي ابراهيم! (اسان جي فرشتن) کيس چيو مڙي وڃ ان خيال کان، بيشڪ اهو حڪم اچي چڪو تنهنجي رب طرفان، ۽ هاڻي انهن ماڻهن تي اهو عذاب اچي رهندو جيڪو ڪنهن جي ٽارئي نه ٽرندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (فرشتن چيو ته) اي ابراھيم! ان ڳالھ کي ڇڏي ڏي (يعني لوط $ جي قوم کي بچائڻ جي طرف داري نه ڪر) بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو فيصلو ٿي چڪو آھي ۽ کين عذاب ٿيڻو ئي ٿيڻو آھي (اھو عذاب) ڪنھن جي ٽارڻ سان نه ٽري سگهندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالَ هٰذا يَومٌ عَصيبٌ (آيت : 77) |
۽ جڏھن اسان جا قاصد لُوط وٽ آيا (تڏھن) سندن (اچڻ) سببان خفي ٿيو ۽ انھن جي سببان تنگدل ٿيو ۽ چيائين ته ھي ڏينھن سخت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن اسان جا فرشتا حضرت لوط وٽ پهتا تڏهن هو سندن اچڻ تي خوش ڪونه ٿيو ۽ سندن موجودگيءَ کيس پريشان ڪري وڌو، هن چئي ڏنو ته اڄوڪو ڏينهن وڏي مصيبت جو ڏينهن آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اسان جا فرشتا لوط وٽ پهتا ته لوط غمگين ٿيو ۽ سندس دل پريشان ٿي ۽ چيائين ته هي ڏينهن تمام سخت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اسان جا موڪليل فرشتا (ڇوڪرن جي صورت ۾) لوط وٽ آيا ته هنن جي ڪري ڏک ٿيس ۽ سندن اچڻ ڪري تنگ دل ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته هي (اڄوڪو ڏينهن) وڏي مصيبت جو ڏينهن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن آيا قاصد اسان جا لوط وٽ ته پريشان ڪيو ويو انهن سان ۽ تنگدل ٿيو انهن جي ڪري ۽ فرمايائين ته هي ڏينهن سخت آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اسان جا موڪليل (ملائڪ) لوط وٽ آيا ته انهن کي ڏسي ناخوش ٿيو ۽ انهن جي ڪري دل تنگ ٿيس ۽ چيائين ته هي ڏينهن سخت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اسان جا موڪليل (فرشتا) لوط وٽ آيا ته انهن جي اچڻ سان غمگين ٿي پيو. ۽ انهن جي سبب تنگ دل ٿي پيو ۽ چيائين ته: ”هي ڏاڍو سخت ڏينهن آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آياقاصد اسان جا، جڏهن لُوط مَٿي لَهِي، ته ڏُکياپِينِ ڏِيل ۾ ۽ سوڙهاٿيا صَحِي، چي هرگز آهي هِيءُ، ڏاڍو ڏُ کيو ڏِينهن ڪو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن اسان جا ملائڪ ”لوط“ وٽ آيا ته هو انهن بابت رنج ۽ تنگدل ٿيو ۽ چوڻ لڳو ”اڄوڪو ڏينهن سخت آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن اسان جا فرشتا لوط وٽ پهتا ته هو انهن جي اچڻ کان سخت گهٻرائجي ويو ۽ دل ۾ ڏاڍي مونجهه ٿيس ۽ چوڻ لڳو ته اڄ ته ڏاڍو مصيبت جو ڏينهن آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن پهتا اسان جا فرشتا لوط وٽ ته هو سندن اچڻ سبب بيحد گهٻرائجي ويو ۽ دل ۾ مونجهه ٿيس، چوڻ لڳو اڄوڪو ڏينهن وڏي مصيبت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن اسان جا فرشتا (سُھڻن ڇوڪرن جي شڪل ۾) لوط ($) وٽ آيا ته کين ڏسي ڏاڍو گهٻرائجي ۽ ڏکارو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته اڄوڪو ڏينھن ته ڪو وڏي مصيبت اچڻ وارو ٿو لڳي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجاءَهُ قَومُهُ يُهرَعونَ إِلَيهِ وَمِن قَبلُ كانوا يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ قالَ يٰقَومِ هٰؤُلاءِ بَناتى هُنَّ أَطهَرُ لَكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَلا تُخزونِ فى ضَيفى أَلَيسَ مِنكُم رَجُلٌ رَشيدٌ (آيت : 78) |
۽ سندس قوم ڏانھس ڊوڙندي آئي، ۽ (اُھي) اڳي بُڇڙا ڪم ڪندا ھئا، چيائين ته اي منھنجي قوم ھيءُ منھنجون ڌيئرون اوھان جي (نڪاح) لاءِ ڏاڍيون سٺيون آھن پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجي مھمانن (سان بڇڙي ھلت ڪري) ۽ مونکي لڄي نه ڪريو، اوھان ۾ ڪو ڀلارو مڙس ڪونھي ڇا (جو اوھان کي جھلي) ؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سندس قوم جا ماڻهو (ڌارين جي اچڻ جي خبر ٻڌي) ڊوڙندا (وٽس) آيا. هو اڳ ئي بڇڙن (فاحش) ڪمن ڪرڻ جا عادي ٿي ويا هئا. حضرت لوط کين چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! هي (شهر ۾ رهندڙ زالون) منهنجون نياڻيون آهن (يعني حضرت لوط کين پنهنجي ڌيئرن وانگر ڀائيندو هو ۽ کين سندن مردن ڇڏي ڏنو هو) اهي (زالون) اوهان جي لاءِ جائز ۽ پاڪ آهن. پوءِ (انهن ڏي وڃو ۽ بي شرميءَ جا ڪم ڇڏي ڏيو) الله کان ڊڄو منهنجي مهمانن جي باري ۾ مون کي شرمندو ۽ خوار نه ڪيو. ڇا اوهان ۾ ڪو هڪڙو به چڱو مڙس ڪونهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ لوط وٽ سندس قوم وارا تڪڙا تڪڙا اچڻ لڳا، ۽ ان کان اڳ اهي خراب عمل ڪندا هئا، لوط چيو اي منهنجي قوم هي منهنجي قوم جون نياڻيون آهن، اهي توهان لاءِ وڌيڪ پاڪ آهن، پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ مون کي منهنجي مهمانن وٽ شرمندو نه ڪريو، ڇا توهان ۾ هڪ ماڻهو به هدايت وارو ناهي!(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سندس قوم (ڇوڪرن جو ٻڌي بري ارادي سان) وٽس ڊوڙندي آئي ۽ اهي ماڻهو هن کان اڳ به بڇڙا ڪم ڪندا هئا. لوط (جڏهن هنن کي ايندو ڏٺو ته) چيو اي منهنجي قوم! هي منهنجي قوم جون ڇوڪريون (موجود) آهن تن سان نڪاح ڪريو اهي اوهان لاءِ (جائز ۽) پاڪ صاف آهن، ته خدا کان ڊڄو ۽ مون کي منهنجن مهمانن جي باري ۾ خوار نه ڪريو ڇا اوهان مان ڪو به سمجهدار آدمي نه آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آئي ان وٽ قوم ان جي ڊوڙندا ان ڏانهن ۽ اڳ ۾ ڪندا هئا برايون فرمايائين ته اي منهنجي قوم! هي ڌيئرون (قوم) منهنجون آهن اهي پاڪ (حلال) آهن اوهان لاءِ پوءِ ڊڄو الله کان ۽ نه خوار ڪيو مون کي منهنجن مهمانن (جي معاملي) ۾ ڇا ناهي اوهان مان ڪو مڙس هدايت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندس قوم ان ڏي ڊوڙندي آئي ۽ انهن هن کان اڳ بڇڙا ڪم پئي ڪيا. لوط چيو ته اي منهنجي قوم! هي منهنجيون ڌيئرون آهن. اهي اوهان لاءِ زياده پاڪ آهن پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجن مهمانن جي باري ۾ مون کي خوار نه ڪريو. ڇا اوهان مان ڪو به سڌريل ماڻهو نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ سندس قوم وٽس ڊوڙندي آئي. ۽ اڳ به اُهي بدڪاريون ڪندا هئا. (لوط) چيو: ”اي منهنجي قوم! هي منهنجون نياڻيون آهن اُهي اوهان لاءِ (بطريق نڪاح) پاڪيزه (يعني حلال) آهن. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ مون کي منهنجي مهمانن ۾ خوار نه ڪيو. ڇا اوهان مان ڪوبه سڌريل ماڻهو نه آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آيا ڀَري ڀايات تِنهن، ويا ڊُڪاياتِنهن پار، اَ ڳ ۾ اُنهِيان، ڪندا هُئا، فِعل بُرابدڪار، چي، اي عزيزو مُنهنجا!، آهن اوهان هارِ، هِي پاڪ نِياڻيون مُنهنجون؛ پوِ ڏَور ڀَر ڏاتار، ۽ مُنهنجي مِهمانن ۾ ڪِيَن خُوار، ڇاساڱو سَمجھدار ۾، مَرد ڪو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندس قوم وٽس بي اختيار ڊوڙندي آئي، جو اهي انهيءَ کان اڳ بدڪاريون ڪندا هئا، چيائين ”منهنجي قوم! هي منهنجيون نياڻيون اوهان لاءِ پاڪ آهن، الله کان ڊڄو ۽ مهمانن بابت مون کي خوار نه ڪريو، ڇا اوهان ۾ ڪو چڱو مڙس ئي ڪونهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهن مهمانن جي ايندي ئي) سندس قوم جا ماڻهو وٽس ڊوڙندا آيا، هو ته اڳيئي بدڪارين جا هيراڪ هئا. لوط چين: "ڀائرو! هي منهنجون نياڻيون اٿوَ، اهي توهان لاءِ وڌيڪ پاڪ آهن، ڪجهه الله کان ڊڄو ۽ مونکي منهنجن مهمانن ۾ خوار نه ڪريو. ڇا توهان ۾ ڪو به سڌريل ماڻهو ڪونهي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن مهمانن جي اچڻ شرط سندس قوم جا ماڻهو بي اختيار وٽس ڊوڙندا آيا، ۽ هو اڳي ئي عادي هئا اهڙين بدڪارين جا، (لوط) انهن کي چيو، ڀائرو! هي منهنجون نياڻيون موجود آهن هي توهان جي لاءِ وڌيڪ پاڪائي واريون آهن، الله جو خوف ڪريو ۽ مون کي ذليل نه ڪريو منهنجي مهمانن بابت، ڇا توهان ۾ ڪوبه چڱو ماڻهو ڪونهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (سُھڻن ڇوڪرن جو ٻُڌي) قوم جا ماڻهو وٽس ڀڄندا آيا. ھي ته اھڙي بري ڪم ڪرڻ جا اڳي ئي ھيراڪ ھئا (انھن جو اھڙو خراب موڊ ڏسي لوط $ ) چيو ته اي منھنجا قومي ڀائرو! (ايئن نه ڪريو) منھنجي قوم جون نياڻيون موجود آھن (انھن سان نڪاح ڪريو) اوھان لاءِ اھو ھڪ پاڪيزهه طريقو آھي (ٻيلي) اللھ تعالى کان ڊڄو ۽ مھمانن جي معاملي ۾ مون کي خوار نه ڪريو. ڇا توھان ۾ اھڙو ڪو چڱو مڙس ڪونھي؟ (جيڪو توھان کي مھمانن جي عزت ڪرڻ جو احساس ڏياري.) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا لَقَد عَلِمتَ ما لَنا فى بَناتِكَ مِن حَقٍّ وَإِنَّكَ لَتَعلَمُ ما نُريدُ (آيت : 79) |
چيائون ته تون پڪي طرح ڄاڻي چڪو آھين ته اسان کي تنھنجي ڌيئرن ۾ ڪا احتياجي ڪانه آھي، ۽ توکي ته معلوم آھي جو اسين گھرون ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (خبيث) ماڻهن چيو ته توکي ته خبر آهي ته تنهنجي انهن نياڻين سان اسان جو ڪوبه واسطو ڪونهي ۽ توکي چڱيءَ طرح معلوم آهي ته اسان ڇا ڪرڻ چاهيون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو تون ڄاڻين ٿو ته اسان کي تنهنجي قوم جي نياڻين جي ڪا ضرورت ناهي، ۽ بيشڪ تون اسان جي ارادي کان واقف آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هنن (بدبختن) جواب ڏنو ته، تو کي ته چڱيءَ طرح خبر آهي ته تنهنجي قوم جي ڌيئرن جي اسان کي ڪا ضرورت نه آهي جا ڳالھ اسين چاهيون ٿا سا تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته البته تحقيق (چڱيءَ طرح) ڄاڻين ٿو ته ناهي اسان جو تنهنجي (قوم جي) نياڻين ۾ ڪو حق ۽ بيشڪ تون البته ڄاڻين ٿو ته اهو جو ارادو ڪيون ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته بيشڪ تون ڄاڻين ٿو ته اسان کي تنهنجي ڌيئرن سان ڪو غرض نه آهي. ۽ جيڪي اسين گهرون ٿا تنهن کي تون ته ڄاڻين ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”تون ڄاڻين ٿو ته اسان کي تنهنجي نياڻين سان ڪو غرض نه آهي، ۽ بيشڪ تون ڄاڻين ٿو جيڪي اسان چاهيون ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَٿيئـِي سُڌ، ته اسان جو، تُنهنجي نِياڻين ۾ نه حق، ۽ جيڪِي مَـڱون ٿامُشفِق!، سو تون پَروڙِين پاڻ پِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”توکي ته خبر آهي ته اسان کي تنهنجي ڌيئرن جي ڪا ضرورت ڪانهي ۽ جيڪي اسان کي گهرجي سو به ڄاڻين ٿو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن وراڻي ڏني: "توکي ته خبر آهي ته تنهنجي نياڻين ۾ اسانجو ڪو حق (حصو) ڪونهي ۽ توکي ته اها به خبر آهي ته اسانکي ڇا گهرجي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جواب ڏنو، توکي ته معلوم ئي آهي ته تنهنجي نياڻين ۾ اسان جو ڪوبه حصو ناهي، ۽ تون اهو به ڄاڻين ٿو ته اسان ڇا ٿا گهرون؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن چيو ته: (اي لوط!) توکي ته خبر آھي ته اسان جو تنھنجي نياڻين سان ڪھڙو ڪم؟ تون چڱي طرح سمجهين ٿو ته اسان ڇا ٿا چاھيون؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لَو أَنَّ لى بِكُم قُوَّةً أَو ءاوى إِلىٰ رُكنٍ شَديدٍ (آيت : 80) |
(لُوط) چيو ته جيڪڏھن مون کي اوھان سان مقابلي جي سگھ ھجي ھا يا ڪنھن ڏاڍي اوٽ جي پناھ وٺان ھا (ته جيڪي ڪرڻو ھو سو ڪريان ھا).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت لوط چيو ته، شال ائين هجي ها جو مون کي اوهان جي مقابلي ڪرڻ جي طاقت هجي ها، يا ڪو مضبوط سهارو (ڪنهن جماعت جي مددگاري) هجي ها جنهن جو آسرو يا پناه يا مدد وٺي سگهان ها!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) لوط چيو جيڪڏهن تحقيق مون کي جسماني طاقت، يا قبيلي جي طاقت هجي ها ( ته آئون توهان سان مقابلو ڪريان ها)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) لوط چيو ته افسوس! جيڪو مون کي اوهان جي مقابلي لاءِ ڪا طاقت هجي يا ڪنهن مضبوط قلعي ۾ پناھ وٺان ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته جيڪڏهن تحقيق مون کي اوهان سان (مقابلي ڪرڻ جي) طاقت هجي ها يا پناھ وٺان ها مضبوط اوٽ ڏانهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) لوط چيو ته (افسوس) جيڪر مون کي اوهان جي مقابلي لاءِ ڪا طاقت هجي يا ڪنهن مضبوط جماعت ۾ رهيل هجان ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”هائو جي مون ۾ اوهان سان مقابلي جي طاقت هجي ها! يا آءٌ ڪنهن مضبوط قلعي ۾ پناهه وٺان ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هُوندهُجي هامون ۾، طاقت توهان ساڻ، يا پَناه وَٺان ها پاڻ، ڏاڍي ڪِنهن ڏَڍ ڏي. قَالُوْايٰلُوْطُ اِنَّارُسُلُ رَبِّكَ لَنْ يَّصِلُوْاۤاِلَيْكَ فَاَسْرِبِاَهْلِك بَقِطْعٍ مِّنَ الَّيْلِ وَلَايَلْتَفِتْ(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هاءِ! جي مون کي ڪا طاقت هجي ها يا ڪنهن مضبوط جاءِ ۾ پناهه وٺي سگهان ها!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) لوط چيو: "(افسوس) جيڪر مون وٽ ايتري طاقت هجي ها جو توهانکي جهلي سگهان ها يا ڪو مضبوط سهارو ئي هجي ها، جو ان جي اوٽَ وٺان ها" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (لوط) چيو، ڪاش مون وٽ ايتري طاقت هجي ها جو توهان کي سڌو ڪريان ها يا مضبوط سهاري جي پناهه وٺان ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هڪ وڏي آھ ڀري لوط $ ) چيو ته ڪاش! مون ۾ ايتري طاقت ھجي ھا يا مون کي اھڙو مضبوط سھارو ملي وڃي ھا (جو مان مھمانن جي عزت بچائي سگهان ھا.) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا يٰلوطُ إِنّا رُسُلُ رَبِّكَ لَن يَصِلوا إِلَيكَ فَأَسرِ بِأَهلِكَ بِقِطعٍ مِنَ الَّيلِ وَلا يَلتَفِت مِنكُم أَحَدٌ إِلَّا امرَأَتَكَ إِنَّهُ مُصيبُها ما أَصابَهُم إِنَّ مَوعِدَهُمُ الصُّبحُ أَلَيسَ الصُّبحُ بِقَريبٍ (آيت : 81) |
(ملائڪن) چيو ته اي لُوط اسين تنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون (اُھي) تو وٽ ڪڏھن نه پھچي سگھندا پوءِ (تون) پنھنجي گھر وارن سوڌو ڪجھ رات ڏئي نِڪر ۽ اوھان کي جڳائي ته ڪو ھڪڙو پوءِ تي ڪافرن جي عذاب ڏانھن نه واجھائي پر تنھنجي زال (واجھائيندي)، ھن ڪري ته جو (عذاب) اُن (ڪافرن جي) قوم کي پھچندو سو اُن کي (به) پھچڻو آھي، سندن (عذاب پھچڻ جي) انجام جي مھل صبح آھي، صُبح ويجھو نه آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تڏهن) انهن مهمانن (يعني فرشتن) چيو ته، اي لوط! اسان تنهنجي پروردگار جا موڪليل آهيو. (گهٻرائڻ جي ڳالهه ئي ڪانهي) هي ماڻهو ڪڏهن به تو وٽ پهچي نه سگهندا (جو توکي ايذاءُ ڏين يا توتي غالب پون). تون هيئن ڪر جو جڏهن رات جو هڪ حصو گذري وڃي تڏهن پنهنجي گهر جي ماڻهن کي پاڻ سان وٺي نڪري هليو وڃ ۽ اوهان مان ڪوبه هيڏي هوڏي نه ڏسي (يعني ڪنهن به ڳالهه جو فڪر نه ڪري)، پر تنهنجي گهرواري (تو سان گڏ نه هلندي. هو پٺتي رهجي پوندي ۽) جيڪو هنن ماڻهن تي (حادثو) اچڻو آهي سو مٿس به (يعني تنهنجي زال تي به) ايندو. انهن ماڻهن جي لاءِ عذاب جو مقرر وقت صبح آهي ۽ صبح جي اچڻ ۾ ڪا دير ڪانهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرشتن چيو اي لوط بيشڪ اسين تنهنجي رب جي طرفان موڪليل آهيون اهي توهان تائين پهچي نه سگھندا پوءِ تون پنهنجي گھر وارِي کان سواءِ ٻين سڀني گھر جي ڀاتين کي رات جي ڪجھه حصي ۾ وٺي روانو ٿيءُ ۽ توهان مان ڪوبه پويان نه نهاري، بيشڪ جيڪو عذاب انهي قوم تي ايندو اهو ان عورت تي به ايندو بيشڪ صبح جي وقت انهن تي عذاب ايندو، ڇا صبح قريب ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن (فرشتن) چيو اي لوط (گهٻرائي نه!) اسين تنهنجي پالڻهار جي طرفان آيل آهيون. هي ماڻهو تو وٽ ڪڏهن به نه پهچي سگهندا. پوءِ تون پنهنجي ماڻهن کي رات جو ئي وٺي نڪر! ۽ اوهان مان ڪو به منهن ڦيري هيڏي نه ڏسي سواءِ تنهنجي زال جي، ڇو ته ان تي به اهو ئي عذاب نازل ٿيندو جيڪو انهن ماڻهن تي نازل ٿيندو. ۽ ان (عذاب جو) وعدو بس صبح آهي. ڇا صبح ويجهو نه آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (ملائڪن) چيو ته اي لوط بيشڪ اسين تنهنجي رب جا قاصد آهيون هرگز نه پهچندا توڏانهن پوءِ نڪري وڃ اهل پنهنجي سان رات جي ڪنهن حصي ۾ ۽ نه (پوئتي) واجھائي اوهان مان ڪو هڪڙو مگر زال تنهنجي بيشڪ شان هي آهي ته پهچندڙ آهي ان کي جيڪو پهچندو انهن کي بيشڪ انهن جي وعدي جو وقت صبح (وارو) آهي ڇا صبح ويجھي ناهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (مهمانن) چيو ته اي لوط! بيشڪ اسين تنهنجي پاليندڙ جا موڪليل آهيون اهي تو وٽ ڪڏهن به پهچي نه سگهندا پوءِ تون پنهنجي ماڻهن کي راتو رات وٺي نڪر! ۽ اوهان مان ڪوبه منهن ڦيري نه ڏسي سواءِ تنهنجي زال جي، ڇو ته جو (عذاب) انهن کي پهچندو سو ان کي پهچڻ وارو آهي. بيشڪ سندن انجام جو وقت صبح آهي. ڇا صبح ويجهو نه آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرشتن) چيو: ”اي لوط! بيشڪ اسان تنهنجي پالڻهار طرفان موڪليل آهيون اهي تو تائين پهچي نه سگهندا سو تون پنهنجي گهروارن کي وٺي رات جي پوئين حصي ۾ نڪر ۽ اوهان مان ڪو مُنهن ڦيري (پوئتي) نه واجھائي سواءِ تنهنجي زال جي. بيشڪ ان کي به اهو (عذاب) پهچڻ وارو آهي جيڪو انهن کي پهچندو. بيشڪ سندن (انجام جي) وعدي وارو وقت صبح آهي. ڇا صبح ويجهو نه آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائون اِهڙِي چال، اي لُوط!، اسين آهيون، ريٻارا، تُنهنجي رّبَّ جا، نه پُهچندوئـِي پئمال، پوءِ پهر، پهرڪو رات مان، پَنهنجي پَهر نال، ۽ هرگز اوهان مان هيڪڙو، نه لڙي تِن ڏي لال!، بنابِيوِي تُنهنجِي؛ ته ڀلا! کِيس بَحال، رَسندسِ، جيڪِي رَسڻو، هِن جَڏن کي جَنجال، سَندنِ صُبح تي سَنڀال؛ ڇاصُبح ناآهي، اوڏڙو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ملائڪن چيو ”لوط! اسين تنهنجي ڌڻيءَ جا موڪليل آهيون، هي توکي پهچي نه سگهندا، سو تون ڪجهه رات بعد گهر وارن کي وٺي نڪر ۽ اوهان مان ڪو به پوئتي نه ڏسي، مگر تنهنجي زال. ان کي ته اهو ئي عذاب رسندو جو هنن کي رسندو! هنن جو وقت آهي صبح، ڇا، صبح ويجهو ناهي؟“ (_) پوءِ جڏهن اسان جو حڪم آيو، تڏهن اسان زمين جو مٿيون پاسو هيٺ ڪيو ۽ مٿس تنهنجي رب جا نشان ڪيل پڪا پٿر لڳو لڳ وساياسون ۽ ٻين ظالمن کان به اهڙو عذاب پري ناهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (تڏهن فرشتن) چيو: "اي لوط ! اسان تنهنجي رب جا موڪليل آهيون، اهي ماڻهو توسان پڄي نه سگهندا. سو اڃان ڪجهه رات هجي ته پنهنجي گهروارن سميت نڪري پؤ ۽ ها، توهان مان ڪوبه پوئتي ڪنڌ ورائي نه ڏسي، مگر تنهنجي زال (گڏ نه هلندي) ڇو جو ان سان به اهوئي ٿيڻو آهي، جيڪو انهن سان ٿيڻو آهي. انهن جي برباد ٿيڻ لاءِ صبح جو وقت مقرر آهي، صبح ٿيڻ ۾ باقي ڪهڙي دير آهي!" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (فرشتن) کيس چيو، اي لوط! اسان موڪليل آهيون تنهنجي رب جا، هي تنهنجو ڪجهه بگاڙي نه سگهندا پنهنجو اهل عيال وٺي نڪري وڃ بس رات هوندي ئي ۽ خيال ڪجانءِ ته ڪوبه ماڻهو پوئتي مڙي نه نهاري، پر تنهنجي زال تو سان نه ويندي، ان کي به اهو ئي ڪجهه ٿيڻو آهي جيڪو هنن ماڻهن کي ٿيندو، انهن جي بربادي لاءِ صبح جو وقت مقرر آهي ۽ ان ۾ دير به ڪيتري آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ھاڻي فرشتن ڀڙڪو کاڌو ۽) چيائون اي لوط! (تون پري ٿي بيھه) اسان تنھنجي پالڻھار جا موڪليل فرشتا آھيون، ھي (بدمعاش) توکي ھرگز به ھٿ نه لائي سگهندا، تون رات جي پھر ۾ ئي پنھنجي ايمان وارن کي وٺي ھتان جلدي نڪري وڃ ۽ ڪير به پوئتي نه نھاري. تون پنھنجي گهر واريءَ کي گڏ نه کڻجانءِ، ان کي به اھوئي عذاب ملندو جيڪو هنن (بدمعاشن) کي ملندو، انهن جي عذاب جو وقت صبح جو مقرر ٿيل آھي، سو صبح جو وقت اچي پھتو آھي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا جاءَ أَمرُنا جَعَلنا عٰلِيَها سافِلَها وَأَمطَرنا عَلَيها حِجارَةً مِن سِجّيلٍ مَنضودٍ (آيت : 82) |
پوءِ جنھن مھل اسان جو حُڪم پھتو ته اُن (ڳوٺ) کي ھيٺ مٿي ڪيوسون ۽ اُن تي پڪي مٽيءَ جا ڳوڙھا لڳولڳ وسايا سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن سان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو تڏهن (اي پيغمبر!) اسان ان (آباديءَ) جون سڀ بلنديون (يعني بلند عمارتون) هيٺاهينءَ ۾ بدلائي ڇڏيون (يعني ڪيرائي زمين جي برابر هموار ڪري ڇڏيون) ۽ انهن (علائقن) تي باه ۾ پڪل پٿر لاڳيتا وسايا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن اسان جو عذاب پهتو ته اسان انهن ڳوٺن کي اُٿلائي ڇڏيو ۽ اسان انهن جي مٿان مسلسل مٽيءَ مان پڪل پٿر وسايا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن اسان جو (عذاب جو) حڪم پهتو ته اسان ان (زمين) جي مٿئين پاسي کي ان جو هيٺيون پاسو ڪيو ۽ ان تي چهنب دار پٿر تهن تي تھ وساياسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن آيو امر اسان جو ته ڪيوسون! مٿئين (حصي) ان (ڳوٺ) جي کي هيٺيون حصو ان جو ۽ وساياسون ان تي پٿر باھ ۾ پچايل لاڳيتا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن اسان جو (عذاب جو) حڪم پهتو ته اسان ان (زمين) جي مٿئين پاسي کي ان جو هيٺيون پاسو ڪيو ۽ ان تي پٿر وساياسون، مٽيءَ جي پٿرن مان تهن تي تهه. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن اسان جو حڪمِ (عذاب) پهتو ته اسان ان ڳوٺ جي مٿئين حصي کي هيٺيون حصو ڪري (اونڌو ڪري) ڇڏيو ۽ اسان انهن تي مٽيءَ جا پٿريلا ڪُڪُرا وسايا جيڪي تهن مٿان تهه ٿي ڪِريا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، آينِ اَمر اَسان جو، بَرسِر جڏهن بَڻِي، پوءِ مَٿيان سَندنِ، مَٿان ڪري، ڇڏياسون هيٺ هَڻِي، ۽ پَڪل پَهڻ اُن تي، وَسايا سُون وَڻِي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن اسان جو حڪم آيو، تڏهن اسان زمين جو مٿيون پاسو هيٺ ڪيو ۽ مٿس پڪا پٿر لڳو لڳ وساياسون(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن اسانجي فيصلي جو وقت اچي ويو ته اسان انهيءَ آباديءَ کي مٿي کڻي اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ مٿس پڪل مٽيءَ جي پٿرن جو وسڪارو لائي ڏنو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن اسان جي فيصلي جو وقت اچي ويو ته اسان ان بستيءَ کي (هيٺ مٿي) زير زبر ڪري ڇڏيو ۽ ان تي پڪل مٽيءَ جا ڳوڙها لڳاتار وسائيندا رهياسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن اسان جي عذاب جو وقت اچي پھتو ته اسان ان شھر کي پاڙان پٽي مٿي ابتو ڪري هيٺ اڇلايوسين،۽ ان تي لڳاتار مٽيءَ جا پڪل (بُھڻ جا) سروٽا وسائيندا رھياسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ وَما هِىَ مِنَ الظّٰلِمينَ بِبَعيدٍ (آيت : 83) |
جو تنھنجي پالڻھار وٽان نشان ٿيل ھوا، ۽ اُھا (سزا) ظالمن کان پري نه ھئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جي پٿر تنهنجي پروردگار جي حضور ۾ (انهيءَ مطلب لاءِ) نشان ڪيا ويا هئا. اها بستي ۽ علائقا هنن ظالمن (يعني مڪي جي شريرن) کان پري ڪونه آهن (اهي مڪي جا ظالم پنهنجي مسافريءَ وقت اتان لنگهندا رهن ٿا ۽ جيڪڏهن چاهين ته ان مان عبرت وٺي سگهن ٿا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جن تي الله جي طرفان نشان لڳل هئا، ۽ اهي پٿر ظالمن کان پري ناهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن تي تنهنجي پالڻهار جي طرفان نشان ڪيل هئا. ۽ اها زمين انهن ظالمن (مڪي جي ڪافرن) کي پري نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نشان ڪيل رب تنهنجي وٽان ۽ ناهن اهي ظالمن کان پري. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جي تنهنجي پاليندڙ وٽ نشان ڪيل هئا. ۽ اها (زمين) انهن ظالمن (مڪي وارن) کان پري نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي تنهنجي پالڻهار وٽان نشان ڪيل هئا (ته ڪهڙي پٿر سان ڪهڙو ظالم مرندو). ۽ اها (سزا) ظالمن کان (هاڻي به) پري نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ گھاڻِي اِيء گَھڻِي، ڏُورناهي، ڏاڍن ڪَنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهنجي رب جا نشان ڪيل ۽ ٻين ظالمن کان به اهڙو عذاب پري ناهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن مان هرهڪ پٿر تنهنجي رب وٽ نشان ٿيل هو ۽ اهڙي سزا ظالمن کان ڪا پري ته ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن مان هر ڳوڙهو نشان لڳل هو پنهنجي رب وٽان، ۽ اها سزا ظالمن کان پري نه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) توهان جي پالڻھار جي طرفان ھڪ ھڪ سروٽو نشان ٿيل ھو (۽ ٺيڪ وڃي ان نشاني تي ڪريو ٿي) اي مڪي وارؤ! توھان جھڙن ظالمن کان اھو شھر ڪو پري ته ناھي (وڃي ڏسو) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ وَلا تَنقُصُوا المِكيالَ وَالميزانَ إِنّى أَرىٰكُم بِخَيرٍ وَإِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ مُحيطٍ (آيت : 84) |
۽ مدين (جي قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيبؑ کي موڪليوسون، (شعيب) چيو ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبُود ڪونھي، ۽ ماڻ ۽ تور گھٽائي نه ڏيو آءٌ اوھان کي آسودو ڏسان ٿو آءٌ اوھان تي وڪوڙيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان مدين (قبيلي) ڏانهن سندن ڀاءُ حضرت شعيب کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! الله جي ٻانهپ ڪريو، کائنس سواءِ ڪوبه اطاعت لائق ڪونهي ۽ ماپ ۽ تور ۾ گهٽتائي نه ڪريو. مان ڏسي رهيو آهيان ته توهان خوشحال ۽ آسودا آهيو (يعني خدا توهان کي گهڻوئي رزق ڏنو آهي، پوءِ بي شڪريءَ کان پاڻ کي بچايو) مان ڊڄان ٿو ته توهان تي اهڙو عذاب جو ڏينهن نه اچي ڪڙڪي، جو سڀني تي ڇانئجي وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مدين شهر وارن ڏانهن سندن ڀاءُ (حضرت) شعيب کي (پيغمبر ڪري موڪليوسين)، شعيب چيو اي منهنجي قوم توهان ان الله جي عبادت ڪريو، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ناهي، ۽ ماپ ۽ تور ۾ گھٽتائي نه ڪريو، بيشڪ منهنجي نظر ۾ توهان مالدار آهيو، ۽ بيشڪ آئون توهان تي قيامت جي ڏينهن واري عذاب جو خوف ڪريان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان مدين وارن ڏي سندن ڀاءُ شعيب کي پيغمبر بنائي موڪليو. ان (پنهنجي قوم کي) چيو اي منهنجي قوم! خدا جي عبادت ڪريو ان کان سواءِ ڪير به معبود نه آهي پڻ ماپ ۽ تور کي گهٽ ڪري نه ڏيو. آءُ اوهان کي آسودگي ۾ ڏسي رهيو آهيان ۽ بيشڪ آءُ اوهان تي ان ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو جيڪو (سڀني کي) وڪوڙي ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ طرف مدين جي انهن جي ڀاءَ شعيب کي (موڪليوسون) فرمايائين ته اي منهنجي قوم! عبادت ڪيو الله جي ناهي واسطي اوهان جي ڪو معبود ان کان سواءِ ۽ نه گھٽايو ماپ ۽ تور بيشڪ مان ڏسان ٿو اوهان کي آسودگيءَ ۾ ۽ بيشڪ مان خوف ٿو رکان اوهان تي عذاب ڏينهن گھيري ڪندڙ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مدين ڏي سندن ڀاءُ شعيب کي (موڪليو سون) ان چيو ته اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو ان کان سواءِ اوهان جو ڪوبه حاڪم نه آهي ۽ ماپ ۽ تور کي گهٽ ڪري نه ڏيو. بيشڪ آءٌ اوهان کي آسودو ڏسان ٿو. ۽ بيشڪ آ، اوهان تي وڪوڙيندڙ ڏينهن جي عذاب (اچڻ) کان ڊڄان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مدين (وارن) ڏانهن انهن جي ڀاءُ شعيب کي (موڪليوسين). چيائين: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيواوهان لاءِ ان کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي. ۽ ماپ ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪيو. بيشڪ آءٌ اوهان کي آسودو ڏسان ٿو ۽ بيشڪ آءٌ اوهان تي وڪوڙيندڙ ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ شعيب، شهر مَديَن ڏي، سَندنِ ڀاءُ ڀَلير، چي، عزيزو! الله کي، پُوڄيو وير سَوير، ڪونهي اَهنجو ڪير؟ ڏڻِي ڌاران اُن جي. ۽ توڙان تور، ڀَرَپَ ۾، ڪُپت ڪريو ڪانه، آئون اوهان کي، ٿو ڏِسان، آسودا اِنسان، ۽ اُن ڏِينهن جي عذاب کان، اوهان تي عيان، ڀَوڀانيان بي گمان، جوگھيريندڙ، گُھمسان سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مدين ڏي سندن ڀاءُ شعيب (موڪليوسون) چيائين ”اي قوم! الله جي بندگي ڪريو، ان ڌاران اوهان جو ڪو به سائين ڪونهي، ماپ تور ۾ گهٽتائي نه ڪريو_ آءُ اوهان کي سکيو ٿو ڏسان ۽ اوهان لاءِ گهيريندڙ ڏينهن جي عذاب جو ڊپ اٿم!. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مدين وارن ڏانهن اسان سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليو، هن چيو: "اي منهنجي قوم! الله جي ٻانهپ ڪريو، ان کان سواءِ توهانجو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي ۽ ماپ تور ۾ کوٽ نه ڪريو. اڄ ته مان توهانکي سٺي حالت ۾ ڏسي رهيو آهيان، پر مونکي ڊپ آهي ته ڪنهن ڏينهن توهان تي اهڙو عذاب ايندو، جيڪو سڀني کي وڪوڙي ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ مدين وارن ڏانهن سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليوسين، هن چَين، اي منهنجا قومي ڀائرو! بندگي ڪريو الله جي، ان کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪوبه خدا ناهي، ۽ نه ڪريو کوٽ ماپ ۽ تور ۾، بيشڪ آئون توهان کي ڏسان ٿو سٺي حالت ۾، پر مون کي ڊپ آهي ته توهان تي عذاب ايندو (جيڪو) سڀاڻي سڀني کي وڪوڙي ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اھڙي طرح) مدين شھر وارن ڏانھن اسان سندن ڀاءُ شعيب ($) کي موڪليو. ھن چيو ته: اي منھنجي قوم! اللھ تعالى جي عبادت ڪريو توھان جو ان کان سواءِ ٻيو ڪير به معبود ناھي. توهان ماپ ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو، مان ته توھان کي خوشحال ڏسان ٿو پر مون کي اھو ڀؤ آھي ته توھان تي (ماپ تور ۾ کوٽ ڪرڻ جي ڪري) ڪنھن ڏينھن ڪو اھڙو عذاب نه اچي جيڪو سڀني کي وڪوڙي ڇڏي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيٰقَومِ أَوفُوا المِكيالَ وَالميزانَ بِالقِسطِ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 85) |
۽ اي منھنجي قوم ماڻ ۽ تور انصاف سان پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سندين شيون گھٽائي نه ڏيو ۽ نڪي مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو وجھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! ماپ ۽ تور انصاف سان پوري پوري ڪندا ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن شيون (سندن حق کان) گهٽ نه ڏيو. ملڪ ۾ شرات ۽ فساد نه پکيڙيندا وتو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي منهنجي قوم توهان ماپ ۽ تور انصاف سان پوري ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن شيون کُٽائي نه ڏيو ۽ توهان زمين ۾ فساد برپا نه ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اي منهنجي قوم! ماپ ۽ تور کي انصاف سان پورو ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ نه ڏيو. ۽ زمين ۾ فساد ٿي بگيڙو نه وجهو!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اي منهنجي قوم! پوري ڪيو ماپ ۽ تور انصاف سان ۽ نه گھٽائي ڏيو ماڻهن کان شيون انهن جون ۽ نه ڦرو زمين ۾ فساد ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اي منهنجي قوم! ماپ ۽ تور کي انصاف سان پورو ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ نه ڏيو. ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجهو! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اي منهنجي قوم! ماپ ۽ تور انصاف سان پوري ڪيو. ۽ ماڻهن کي انهن جون شيون گهٽائي نه ڏيو ۽ زمين ۾ خرابي ۽ فساد نه مچائيندا وتو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پُورو ڀَريو ڀائرو!، پڻ توريو ساڻ سُپت، ۽ مال سَندِن ۾ ماڻهن سان، ڪريو ڪانه ڪُپت، ۽ ڀُونء ۾ ڪِنِهين ڀَت، ڀِروڪِين بِگاڙ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اي قوم! ماپ ۽ تور انصاف سان پوري ڏيو، ماڻهن کي شيون گهٽ نه ڏيو ۽ ملڪ ۾ بگاڙ نه وجهندا وتو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي منهنجي قوم! انصاف سان پوري ماپ تور ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن شين ۾ گهٽ نه ڏيو ۽ ڌرتيءَ تي فساد نه پکيڙيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اي قومي ڀائرو! چڱيءَ طرح انصاف سان پورو پورو توريو ۽ ماپيو ۽ گهٽائي سان نه ڏيو ماڻهن کي انهن جون شيون ۽ نه پکيڙيو زمين ۾ فساد(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجي قوم! ماپ ۽ تور انصاف سان ڪندا ڪريو ۽ ماڻهن کي پنھنجيون شيون گهٽائي نه ڏيو ۽ نه زمين ۾ فساد ڦھلائيندا وتو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَقِيَّتُ اللَّهِ خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 86) |
جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو ته الله جي بچايل بچت اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ آءٌ اوھان تي نگھبان نه آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن توهان منهنجي ڳالهه مڃي ته پوءِ جيڪي الله جو ڏنل (ڌنڌي ۾) پچي پوي، تنهن ۾ ئي توهان جي ڀلائي آهي ۽ ڏسو (منهنجو ڪم ته فقط نصيحت ڪرڻ آهي.) مان ڪو توهان تي نگهبان ڪونه آهيان (جو زور سان اوهان کي پنهنجي راهه تي هلايان).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى جو ڏنل (حلال مال) توهان لاءِ بهتر آهي جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو ۽ آئون توهان تي نگهبان ناهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو ته خدا جي بقيه اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي. ۽ آءُ ته اوهان تي ڪو نگهبان ته نه آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بچايل (بچت) الله جي ڀلي آهي اوهان لاءِ جيڪڏهن آهيو مؤمن ۽ ناهيان مان اوهان تي محافظ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله جي بچايل بچت (جائزو نفعو) اوهان لاءِ گهڻي چڱي آهي جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو ۽ آ، اوهان تي نگهبان نه آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله جو بچايل نفعو اوهان لاءِ زور ڀلو آهي جي اوهان ايمان وارا آهيو. ۽ آءٌ اوهان تي نگهبان نه آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن لئي ڏِنو الله، جو بِهتر بَقادار، جي آن کي اِعتبار؛ آئون واهِي، نه اوهان تي آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي اوهين مومن آهيو ته الله جي حلال ڪيل بچت اوهان لاءِ چڱي آهي، باقي آءُ اوهان تي چوڪيدار ڪو نه آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي ڏنل بچت (نفعو) توهان لاءِ ڀلي آهي، جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو، باقي مان ڪو توهان تي نگهبان نه آهيان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله جي (طرفان) ڏنل بچت سٺي آهي توهان جي لاءِ جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو ۽ آئون توهان تي ڪو رکوالو نه آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماپ ۽ تور ۾ انصاف سان ڪمايل فائدو ئي اللھ تعالى جي بچت آھي، جيڪڏھن توھان ايمان وارا آھيو ته اها ئي بچت توھان لاءِ بھتر آھي. مان (بھرحال) اوھان تي نگراني ڪرڻ وارو ته نه آھيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا يٰشُعَيبُ أَصَلوٰتُكَ تَأمُرُكَ أَن نَترُكَ ما يَعبُدُ ءاباؤُنا أَو أَن نَفعَلَ فى أَموٰلِنا ما نَشٰؤُا۟ إِنَّكَ لَأَنتَ الحَليمُ الرَّشيدُ (آيت : 87) |
چيائون ته اي شعيب تنھنجي نماز توکي حڪم ڪيو آھي ڇا ته جنھن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تنھن کي يا پنھنجن مالن ۾ جيڪي ڪرڻ گھرندا آھيون سو ڇڏي ڏيون، (چٿر ڪري چيائون) ته بيشڪ بردبار سنئين رستي وارو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ماڻهن چيو ته، اي شعيب! تنهنجون اهي نمازون (جي تون پنهنجي خدا جي لاءِ پڙهين ٿو) توکي هي حڪم ٿيون ڏين ڇا ته، اسان کي اچي چئين ته هنن معبودن (ديوتائن) کي ڇڏي ڏيون جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا رهيا آهن؟ يا (اسان کي اچي چئين ته) توهان کي اهو اِختيار ڪونهي ته توهان پنهنجي مال دولت بابت جيئن وڻيو تيئن ڪيو؟ (اسان کي بيشڪ پنهنجي مال بابت اِختيار آهي) بس رڳو تون ئي هڪ نرم دل ۽ ايماندار ماڻهو وڃي رهيو آهين؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو اي شعيب ڇا تنهنجي نماز توکي حڪم ڪري ٿي ته اسين بتن جي عبادت کي ڇڏي ڏيون، يا جيڪو اسين پنهنجي مالن ۾ ڪريون ٿا اهو نه ڪريون جيڪو اسين چاهيون، بيشڪ تون ته وڏو عقلمند ۽ هدايت وارو آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهي) چوڻ لڳا اي شعيب ڇا تنهنجي نماز (جا تون پڙهين ٿو سا) تو کي هي سيکاري ٿي ته جن (بتن) جي پوڄا پاٽ اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا انهن کي اسين ڇڏي ڏيون يا جو ڪجھ (واڌارو) پنهنجن مالن ۾ ڪرڻ گهرون ٿا سو ڇڏي ڏيون؟ بس تون ئي هڪ بردبار ۽ سمجھ وار (وڃي رهيو) آهين!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته اي شعيب! ڇا نماز تنهنجي امر ڪري ٿي توکي ته ڇڏيون ان کي جو پوڄين پيا پيئر اسان جا يا هي ته ڪيون مالن پنهنجن ۾ جيڪي گھرون اسين بيشڪ تون البته تون ئي بردبار هدايت وارو آهين.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته اي شعيب! ڇا تنهنجي نماز توکي حڪم ڪري ٿي ته جن جي اسان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا آيا آهن تن کي (ڇڏي ڏيون) يا جو ڪجهه (واڌارو) پنهنجن مالن ۾ ڪرڻ گهرون ٿا سو ڇڏي ڏيون؟ بيشڪ تون ته بردبار سڌريل آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اي شعيب ! ڇا تنهنجي نماز تو کي اهو حڪم ڏئي ٿي ته اسان انهن (معبودن) کي ڇڏي ڏيون؟ جن جي اسان جا پيئر (ابا، ڏاڏا) عبادت ڪندا هئا. يا جيڪو واڌارو پنهنجي مالن ۾ ڪرڻ چاهيون ٿا سو ڇڏي ڏيون. (ٺٺول ڪندي چيائون) بيشڪ تون ته وڏو بردبار هدايت يافته آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائون اِهڙِي چال، اي شعيب! نماز تُنهنجي، توکي چوي، ته تن کي، ڦِٽو ڪريون فِى الحال، پِيَنِ اسان جي پُوڄِيو، جن کي صَديون سال، يا وَٺون، وِڪڻون جِيئن وَڻي، پَهنجِي مُوڙِيءَ مال، تون کانڌيرو خُوشحال، رَڄ چَڱيرو راڄ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”شعيب! ڇا، تنهنجي نماز توکي ائين ٿي چوي ته اسين انهن کي ڇڏيون، جن جي بندگي اسان جا وڏا ڪندا هئا يا پنهنجي دولت بابت جيڪو وڻي سو ڪرڻ ڇڏي ڏيون؟ بس تون ئي عقلمند ديندار آهين؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جواب ڏنو: "اي شعيب! ڇا تنهنجي نماز ٿي توکي تلقين ڪري ته اسان انهن معبودن کي ڇڏي ڏيون، جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا؟ يا وري پنهنجو مال ملڪيت پنهنجي مرضيءَ مطابق وڌائڻ ڇڏي ڏيون، بس تون ئي هڪڙو بردبار ۽ سچ تي هلندڙ بچيو آهين!" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جواب ڏنو، اي شعيب! ڇا تنهنجي نماز توکي اهو سيکاريو آهي ته انهن سمورن خدائن کي ڇڏيون جن جي پوڄا اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا يا اسان کي پنهنجا ئي مال پنهنجي مرضيءَ مطابق استعمال ڪرڻ جو اختيار نه هجي، بس رڳو تون ئي وڏي ظرف وارو ۽ سڌي واٽ وارو ماڻهو بچيو آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن چيو ته: اي شعيب! ڇا توکي تنهنجي نماز اھو ٿي سيکاري ته اسان جا ابا ڏاڏا جن جي عبادت ڪندا ھئا تن معبودن کي ڇڏي ڏيون ۽ ڇا اسان پنھنجي مرضيءَ سان پنھنجو مال به خرچ نه ڪري سگهون (واهه ــ واهه!) بيشڪ تون ته ڪو وڏو نرم دل ۽ چڱو مڙس ٿو لڳين! (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ يٰقَومِ أَرَءَيتُم إِن كُنتُ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَرَزَقَنى مِنهُ رِزقًا حَسَنًا وَما أُريدُ أَن أُخالِفَكُم إِلىٰ ما أَنهىٰكُم عَنهُ إِن أُريدُ إِلَّا الإِصلٰحَ مَا استَطَعتُ وَما تَوفيقى إِلّا بِاللَّهِ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 88) |
(شعيبؑ) چيو ته اي منھنجي قوم (اوھين ڏسو ته سھي ته آءٌ) جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار کان چِٽي حُجّت تي ھجان ۽ پنھنجي پار کان چڱي روزي مون کي ڏني ھجيس (ته اوھان جو چيو ڪئن مڃيندس) ۽ جنھن کان اوھان کي جھليان ٿو تنھن کان اوھان (کي جھلڻ) جي ابتڙ ھلڻ نٿو گھران، جيڪي ٿي سگھيم سو سڌارڻ کانسواءِ نه گھرندس، ۽ الله (جي فضل) کانسواءِ مون کي ڪا سگھ نه آھي، مٿس ڀروسو ڪيم ۽ ڏانھس موٽان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت شعيب چيو ته، اي منهجي قوم جا ماڻهو! توهان هن ڳالهه تي غور نه ڪيو آهي ڇا ته، جيڪڏهن مون کي الله جي طرف کان هڪ روشن دليل مليل هجي ۽ (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) مون کي چڱي روزي ڏيئي رهيو هجي ۽ (ته پوءِ به مان چپ ڪري ويهي رهان ۽ توهان کي حق جي طرف نه سڏيان) ۽ مان ائين به ڪونه ٿو چاهيان ته جنهن ڳالهه کان توهان کي روڪيان ٿو تنهن کان توهان کي ته روڪيان پر پاڻ ان جي خلاف عمل ڪيان. (مان جيڪي توهان کي چوان ٿو تنهن تي پاڻ به عمل ڪيان ٿو). مان هن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو چاهيان ته جيتري قدر منهنجي وس ۾ آهي اوتري قدر حالتن سڌارڻ جي ڪوشش ڪريان، منهنجو ڪم جيڪڏهن سرانجام ٿيڻو آهي ته فقط انهيءَ تي ڀروسو ٿو ڪيان ۽ انهيءَ ئي ڏانهن رجوع ٿو ٿيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) شعيب چيو اي منهنجي قوم توهان مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن مون کي پنهنجي رب جي طرفان نبوت ملي آهي ۽ مون کي پاڻ وٽان حلال رزق عطا ڪيو اٿس، ۽ آئون اهو ڪم ڪرڻ نٿو چاهيان جنهن لاءِ آئون توهان کي منع ڪريان، آئون پنهنجي توفيق مطابق اصلاح چاهيان ٿو. ۽ منهنجي توفيق، الله جي مدد سان آهي، الله تعالى تي مون توڪل ڪئي آهي ۽ آئون الله تعالى ڏانهن رجوع ٿيان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) شعيب چيو اي منهنجي قوم! ڇا اوهين سمجهو ٿا ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي پروردگار جي طرفان روشن دليل تي آهيان ۽ هن مون کي (حلال) روزي کائڻ لاءِ ڏني آهي (ته) آءُ به اوهان وانگر حرام کائڻ لڳان) ۽ آءُ ته نه ٿو گهران ته جنهن ڪم ڪرڻ کان اوهان کي منع ڪريان اوهان جي ابتڙ (وري) خود ان کي ڪريان. آءُ ته جيستائين مون کان ٿي سگهي سڌاري کان سواءِ (ڪجھ ٻيو) چاهيان ئي نه ٿو. ۽ منهنجي تائيد ته خدا کانسواءِ ٻئي ڪنهن کان ٿي به نٿي سگهي. ان تي ئي مون ڀروسو ڪيو آهي ۽ ان ڏي ئي رجوع ڪريان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اي منهنجي قوم! خبر ڏيو جيڪڏهن هجان مان روشن دليل تي رب پنهنجي کان ۽ ڏنائين مونکي پاڻ وٽان رزق سهڻو ۽ نه ٿو ارادو ڪيان ته مخالفت ڪيان اوهان جي ان ڏانهن جو روڪيان ٿو اوهان کي ان کان نه ٿو ارادو ڪيان مگر درست ڪرڻ جو جيستائين ڪري سگھان ۽ ناهي توفيق منهنجي مگر الله جي طرفان ان تي توڪل ڪئي مون ۽ ان ڏانهن موٽان ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) شعيب چيو ته اي منهنجي قوم! مون کي هيءَ ته ٻڌايو ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پاليندڙ جي طرفان ظاهر ثابتيءَ تي هجان ۽ مون کي پنهنجي طرفان چڱي روزي ڏني هجيس. (ته پوءِ به آءٌ سندس تبليغ نه ڪريان؟) ۽ آءٌ نٿو گهران ته موٽي اچي پاڻ اهو ڪم ڪريان جنهن کان اوهان کي جهليان ٿو. آءٌ سڌارو ئي ڪرڻ گهران ٿو جيترو مون کان ٿي سگهي ٿو. ۽ الله (جي فضل) کان سواءِ مون کي ڪا طاقت نه آهي. مٿس ئي ڀروسو ڪريان ٿو ۽ ان ڏي ئي رجوع ٿيان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”اي منهنجي قوم! مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پالڻهار وٽان چِٽي دليل تي هجان ۽ ان مون کي پاڻ وٽان سهڻو رزق به ڏنو هجي. (ته آءٌ ان جو حڪم ڪيئن نه مڃان) ۽ آءٌ نه ٿو چاهيان ته اوهان جي مخالفت ڪري پاڻ اُهو ڪم ڪيان جنهن کان اوهان کي منع ڪيان ٿو. منهنجو ٻيو ڪو ارادو نه آهي سواءِ سُڌاري جي جيتريقدر مون کان ٿي سگھيو. ۽ الله کان سواءِ مون کي ڪا توفيق نه آهي. مون ان تي ڀروسو ڪيو ۽ ان جي طرف موٽان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئـِين، ڪِئين ٿا ڀانيو ڀانيو ڀائرو! ته سانيمِ، کاڻ سُڄاڻ، جي آئون هُوندسِ، حق مَٿي، سَچِي ثابتِيءَ ساڻ، پڻ پاڻان ڏِٺائـِينمِ پاڻ، ڀَتو ڀَلِيء ڀَت سان. ۽ جِنهن کان، آن کي جَھليان، ڪِين گُھران ٻِي ڪار، سچي سڌاري سوا، پَنهجِي پُڄت هار، ۽ مون ۾ مَڻياناهي مگر، سانيمِ، ساڻ سَتار، بار مَٿسِ، ۽ تِنهن پار، وَر وَر وَرندو آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي قوم! ڀلا ڏسو، ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي رب جي ڏسيل رستي تي هجان ۽ هن مون کي سٺي نعمت ڏني هجي (ته پوءِ آءُ ڪيئن چپ ڪندس؟) آءُ نٿو چاهيان آءُ جنهن جي اوهان کي منع ڪريان ان جي ابتڙ هلان، آءُ ته فقط پنهنجي پڄت آهر سڌارو ٿو گهران، منهنجي توفيق فقط الله جي مدد سان آهي، آءُ ان تي ئي ڀروسو رکان ٿو ۽ ان ڏي ئي مهاڙ ٿو ڪريان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) شعيب چين: "اي منهنجي قوم! توهان پاڻ ئي سوچيو ته جيڪڏهن مان پنهنجي رب وٽان هڪڙي چٽي ثبوت وارو به هجان ۽ وري هن مونکي پاڻ وٽان ڀلو رزق به عطا ڪيو (ته پوءِ مان ڪيئن ٿو توهانجي گمراهين ۽ حرام کائڻ ۾ توهانجو ساٿي بڻجي سگهان؟) ۽ مان هرگز اهو نٿو چاهيان ته جن ڳالهين کان توهانکي روڪيان ٿو، اهي پاڻ ڪريان. مان ته فقط سڌارو آڻڻ ٿو چاهيان، جيتريقدر به منهنجو وس پڄي ۽ مان الله جي توفيق کانسواءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهان، منهنجو ڀروسو ته انهيءَ تي ئي آهي ۽ هر ڳالهه ۾ انهيءَ ڏانهن ئي رجوع ڪندو آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو (شعيب)، ڀائرو! توهان پاڻ ئي سوچيو جي آئون هڪ پڌري شاهدي هيٺ پنهنجي رب طرفان هئس ۽ هن مون کي سٺو رزق به عطا ڪيو، ته پوءِ ڪيئن ٿو توهان جي گمراهين ۽ حرام خورين ۾ توهان سان شريڪ ٿيان انهن ۾؟ آئون ائين به نٿو چاهيان ته جن ڳالهين کان توهان کي روڪيان ٿو سي وري پاڻ اختيار ڪريان، آئون ته رڳو اصلاح ڪرڻ گهران ٿو جيترو منهنجو وس هلي، الله جي توفيق تي دارومدار آهي ان تي ڀروسو آهي ۽ رجوع به ان ڏي ڪندو آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) شعيب ($) چيو ته: اي منھنجي قوم! ڀلا اھو ٻڌايو ته جيڪڏھن مان پنھنجي پالڻھار جي طرفان چٽي دليل تي ھجان ۽ ھُن پنھنجي طرفان سٺي (۽ پاڪيزهه) روزي به عطا ڪئي ھجي ۽ مان نٿو چاھيان ته ڪو اھڙو ڪم ڪريان جنھن کان مان توھان کي منع ڪريان، مان ته پنھنجي وَسَ آھر ئي اصلاح ڪرڻ گهران ٿو. اللھ تعالى کان سواءِ مون کي ٻي ڪابه طاقت نه آھي، ان تي ئي ڀروسو رکان ٿو ۽ (ھر ڪم لاءِ) ان ڏانھن ئي لاڙو رکندو آھيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيٰقَومِ لا يَجرِمَنَّكُم شِقاقى أَن يُصيبَكُم مِثلُ ما أَصابَ قَومَ نوحٍ أَو قَومَ هودٍ أَو قَومَ صٰلِحٍ وَما قَومُ لوطٍ مِنكُم بِبَعيدٍ (آيت : 89) |
۽ اي منھنجي قوم اوھان کي مون سان دشمني ڪرڻ اھڙي عذاب جو سبب نه بڻجي جھڙو عذاب نوح جي قوم يا ھود جي قوم يا صالح جي قوم کي پُھتو، ۽ لُوط جي قوم اوھان کان ڪا پري نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! ائين نه ٿئي جو مون سان ضد ۾ اچي (يعني ذاتي دشمنيءَ جي ڪري) اهڙي ڳالهه ڪري ويهو جو توهان تي به اهڙو عذاب اچي ڪڙڪي جهڙو نوح جي قوم يا هود جي قوم يا صالح جي قوم تي اچي نازل ٿيو. ۽ لوط جي قوم (وارو معاملو) ته توهان کان گهڻو پري ناهي (يعني اهو ٻين کان پوءِ ٿيو آهي ۽ اوهان سڀني کي معلوم آهي. تنهن ڪري عبرت وٺو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي منهنجي قوم منهنجي مخالفت جي ڪري متان توهان کي عذاب پهچي جيڪو (حضرت) نوح، هود ۽ صالح جي قوم کي پهتو، ۽ لوط جي قوم تي (عذاب وارو زمانو) توهان کان پري ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اي منهنجي قوم! (متان) اوهان جي مون سان دشمني اوهان کان (ائين) ڪرائي جو اوهان کي اهڙو (عذاب) پهچي جهڙو نوح جي قوم يا هود جي قوم يا صالح جي قوم کي پهتو. ۽ لوط جي قوم (جو زمانو) ته (ڪو اهڙو) اوهان کان پري نه آهي. (ان مان سبق سکو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اي منهنجي قوم! هرگز نه ڀڙڪائي اوهان کي مخالفت منهنجي (الله جي نافرمانيءَ تي) متان پهچي اوهان کي مثل ان جي جو پهتو قوم نوح جي کي يا قوم هود جي کي يا قوم صالح جي کي ۽ ناهي قوم لوط جي اوهان کان پري.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اي منهنجي قوم! (متان) اوهان جي مون سان دشمني اوهان کان (ائين) ڪرائي جو اوهان کي اهڙو (عذاب) پهچي جهڙو نوح جي قوم يا هود جي قوم يا صالح جي قوم کي پهتو. ۽ لوط جي قوم اوهان کان پري نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اي منهنجي قوم! ائين نه ٿئي جو منهنجي مخالفت اوهان کي اهي (عذاب) پهچائي جيڪي قومِ نوح يا قومِ هود يا قومِ صالح کي پهتا هئا. ۽ لوط جي قوم ته توهان کان پري ناهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀَرڪائينِيان نَه ڀائرو!، مُنهنجي مَت، مَٿي هِن ڳالھ، ته رَسي اوهان کي، رَسيو جِھڙو جِي جَنجال، نُوح، صالح ۽ هُود جي، قومن کا ڪالھ، ۽ سَندِي لُوط لال، پَهر نه اوهان کان، پَر ڀَري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اي قوم! ائين نه ٿئي، جو مون سان ضد ڪرڻ ڪري اوهان تي نوح يا هود يا صالح جي قومن جهڙا عذاب پون ۽ لوط جي قوم به اوهان کان پري ڪانهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي منهنجي قوم! مون سان توهانجي دشمني متان توهانکي انهيءَ حد تي پهچائي جو نيٺ توهان تي به اهڙو ئي عذاب اچي وڃي، جهڙو نوح، هود ۽ صالح جي قومن تي آيو هو ۽ لوط جي قوم ته توهان کان گهڻو پري به نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اي منهنجا قومي ڀائرو! منهنجي خلاف توهان جو ضد ڪٿي اها نوبت نه آڻي جو توهان تي به اهڙو عذاب اچي جهڙو قوم نوح يا قوم هود يا قوم صالح تي آيو ۽ قومِ لوط تي ته توهان کان گهڻو (وقت) پري ڪونهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجي قوم! متان توھان کي مون سان دشمني ان حد تائين وڃي پھچائي جو اوھان جي مٿان به اھڙو عذاب نه اچي جيڪو نوح، ھود ۽ صالح (ؓ) جي قومن تي اچي چڪو آھي ۽ لوط ($) جي قوم (جو اَنجام) ته توھان کان گهڻو پري به ناھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاستَغفِروا رَبَّكُم ثُمَّ توبوا إِلَيهِ إِنَّ رَبّى رَحيمٌ وَدودٌ (آيت : 90) |
۽ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري اڳيانس توبه ڪريو، تحقيق منھنجو پالڻھار مھربان (سڀڪنھن جو) سڄڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله کان (پنهنجي گناهن جي) معافي گهرو ۽ سندس طرف موٽو. منهنجو پروردگار وڏي رحمت وارو ۽ وڏي محبت وارو آهي (هو اوهان تي رحمت ڪندو ۽ اوهان سان محبت رکندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان پنهنجي رب کان بخشش طلب ڪريو ان کان پوءِ الله ڏانهن (موٽو) بيشڪ منهنجو رب ٻاجھارو پيار ڀريو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي پروردگار کان معافي گهرو وري سندس بارگاھ ۾ توبه ڪريو، بيشڪ منهنجو پالڻهار وڏو مهربان گهڻي محبت ڪندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مغفرت طلب ڪيو رب پنهنجي کان ان کان پوءِ موٽو ان ڏانهن بيشڪ رب منهنجو مهربان پيار ڪندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهرو وري ان ڏي رجوع ٿيو. بيشڪ منهنجو پاليندڙ نهايت رحم وارو گهڻي محبت ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي پالڻهار کان بخشش گهرو ۽ پوءِ ان ڏانهن موٽو. بيشڪ منهنجو پالڻهار ٻاجهارو گهڻي محبت ڪرڻ وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَرهايو پَنهنجِي مالِڪ کان، وَر ڏانهنسِ وَهلور!، مُنهنجو مالِڪ مُور، مِهربان ۽ محبتِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڪري الله کان بخشش گهرو، وري ان ڏي، موٽو، بيشڪ منهنجو ڌڻي رحم ڪندڙ محبت رکندڙ آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري پنهنجي رب کان معافي گهرو ۽ انهيءَ ڏانهن موٽي پئو، بيشڪ منهنجو رب ٻاجهارو ۽ پنهنجي مخلوق سان محبت ڪرڻ وارو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏسو! پنهنجي رب کان معافي گهرو ۽ ان ڏي موٽي اچو، بيشڪ منهنجو رب رحيم آهي هو مخلوق سان محبت رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجي پالڻھار کان گناھن جي بخشش گهرندا رھو ۽ گناھن کان بچندي ان ڏي رجوع ڪريو. بيشڪ منھنجو پالڻھار وڏو رحم ڪندڙ ۽ محبت رکندڙ آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا يٰشُعَيبُ ما نَفقَهُ كَثيرًا مِمّا تَقولُ وَإِنّا لَنَرىٰكَ فينا ضَعيفًا وَلَولا رَهطُكَ لَرَجَمنٰكَ وَما أَنتَ عَلَينا بِعَزيزٍ (آيت : 91) |
چيائون ته اي شعيب جيڪي تون چوين ٿو تنھن مان گھڻو نٿا سمجھون ۽ توکي پاڻ مان بلڪل ھيڻون ڏسون ٿا، ۽ جيڪڏھن تنھنجو ڪڙم نه ھجي ھا ته توکي پٿرن سان ماريون ھا، ۽ تون اسان تي ڪو سردار نه آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ماڻهن چيو ته اي شعيب! تون جيڪي به چئين ٿو تنهن مان گهڻيون ڳالهيون ته اسان جي سمجهه ۾ ئي نه ٿيون اچن، ۽ اسان ڏسون ٿا ته تون اسان ماڻهن ۾ هڪ ڪمزور ماڻهو آهي. جيڪڏهن (توسان) تنهنجي برادريءَ جا ماڻهو شامل نه هجن ها ته اسان ضرور توکي سنگسار ڪري ڇڏيون ها (يعني پٿر هڻي ماريون ها) اسان جي اڳيان تنهنجي ڪابه هلندي پڄندي يا طاقت ڪانهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو اي شعيب اسان کي تنهن جون گھڻيون ڳالهيون سمجھه ۾ نه ٿيون اچن ۽ بيشڪ اسان جي نظرن ۾ تون ضعيف آهين ۽ جيڪڏهن تنهنجو قبيلو نه هجي ها ته اسين توکي سنگسار ڪريون ها، ۽ تون اسان وٽ معزز ناهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي چوڻ لڳا اي شعيب! جيڪي ڳالهيون تون ڪرين ٿو انهن مان گهڻيون ته اسان جي سمجھ ۾ ئي نه ٿيون اچن ۽ پڪ اسان تو کي پنهنجن ماڻهن ۾ گهڻو ڪمزور ٿا سمجهون پر جيڪڏهن تنهنجو قبيلو نه هجي ها ته تو کي (ڪڏهين جو) سنگسار ڪري ڇڏيون ها، ۽ تون ته اسان تي ڪنهن طرح به غالب اچي نٿو سگهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته اي شعيب! نه ٿا سمجھون گھڻو ان مان جو چوين ٿو ۽ بيشڪ اسين البته ڏسون ٿا توکي پاڻ ۾ ضعيف ۽ جيڪڏهن نه هجي ها ڪٽنب تنهنجو ته البته سنگسار ڪيون ها توکي ۽ ناهين تون اسان تي غالب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته اي شعيب! جيڪي تون چوين ٿو تنهن مان گهڻيون ڳالهيون اسين نه ٿا سمجهون ۽ بيشڪ اسين ڏسون ٿا ته تون اسان ۾ ڪمزور آهين. ۽ جيڪڏهن تنهنجو ڪڙم قبيلو نه هجي ها ته اسين توکي سنگسار ڪريون ها ۽ تنهنجي اسان وٽ ڪا عزت نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اي شعيب! گهڻيون ڳالهيون اسان کي سمجهه ۾ نه ٿيون اچن جيڪي تون چوين ٿو ۽ بيشڪ اسان تو کي پاڻ ۾ ڪمزور ڏسون ٿا، ۽ جي تنهنجو قبيلو نه هجي ها ته اسان تو کي سنگسار ڪيون ها ۽ تون اسان جي مٿان وڏي حيثيت وارو نه آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، گَھڻو نه ڄاڻون تِنهن مَنجھان، شعيب! چوِين جا ڳالھ، توکي پَسون پاڻ ۾، هِيڻون هرڪِنهن حال، ۽ هُوندهُجي هاڪِين ڪِي، تُنهنجِي نيات نِهال، سَٽي سَنگسار توکي، لاشڪ ڪيوسون لال!، ته مَرد مَٿير مَجال، تون نه اسان ۾ آهِيـين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”شعيب! اسين ته تنهنجي ڳالهين مان گهڻيون سمجهيون ئي نٿا- اسين ته توکي پاڻ ۾ بي زور به ڏسون پيا_ جي اسان کي تنهنجي عزازت (مٽي مائٽي) جو خيال نه هجي ها ته جيڪر سنگسار ڪريون ها ۽ نه ته اسان کي تولاءِ ڪا به عزت ڪانهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن چيو: "اي شعيب! تنهنجون گهڻيون ڳالهيون ته اسانکي سمجهه ۾ ئي نٿيون اچن ۽ اسان ڏسون پيا ته تون اسان ۾ هڪڙو ڪمزور ماڻهو آهين، تنهنجي برادري نه هجي ها ته اسان ڪڏهوڪو توکي سنگسار ڪري ڇڏيون ها ۽ تون اسان کان ڪو ڏاڍو نه آهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جواب ڏنو، اي شعيب! سمجهه ۾ نٿيون اچن ڪيتريون ئي ڳالهيون تنهنجون ۽ اسان اهو به ڏسون پيا ته تون اسان ۾ ڪمزور ماڻهو آهين ۽ تنهنجي برادري نه هجي ها ته اسان توکي سنگسار ڪريون ها ۽ توکي ته ايتري طاقت به ناهي جو اسان کان زور ٿي وڃين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن جواب ڏنو: اي شعيب! تون جيڪو چوين ٿو انهن مان گهڻيون ڳالھيون ته اسان کي سمجهه ۾ ئي نٿيون اچن ۽ اسان وٽ تنھنجي (انتھائي) ڪمزور پوزيشن آھي، جيڪڏھن تنھنجي ھلڪي سلڪي برادري نه ھجي ھا ته اسان توکي (ڪڏھوڪو) پٿر ھڻي ماري ڇڏيون ھا ۽ تنھنجي ڪھڙي مجال جو تون اسان کان ڏاڍو ٿيندين؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ يٰقَومِ أَرَهطى أَعَزُّ عَلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَاتَّخَذتُموهُ وَراءَكُم ظِهرِيًّا إِنَّ رَبّى بِما تَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 92) |
(شعيب) چيو ته اي منھنجي قوم اوھان وٽ منھنجو ڪڙم الله کان وڌيڪ پيارو آھي ڇا؟ ۽ اُن (الله جي حُڪم) کي پنھنجي پٺيءَ پويان اُڇلي ڇڏيو اٿوَ، تحقيق جيڪي ڪندا آھيو سو منھنجي پالڻھار جي قابو ۾ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت شعيب فرمايو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! توهان تي الله کان وڌيڪ منهنجي برادريءَ جو دٻاءُ آهي ڇا؟ (يعني الله جو ايترو به خيال نٿا رکو جيترو منهنجي برادريءَ جو) ۽ (الله توهان جي نظر ۾ ڪجهه به ناهي جو) هن (جي حڪم) کي پنهنجي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو اٿو. (چڱو ٻڌي ڇڏيو ته) جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو منهنجي پروردگار جي احاطه (علم) کان ٻاهر ناهي. (يعني الله تعاليٰ اوهان جا عمل ڄاڻي ٿو ۽ ضرور انهن جو حساب وٺندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) شعيب چيو اي منهنجي قوم توهان کي منهنجو قبيلو الله کان وڌيڪ عزت وارو آهي، ۽ توهان الله کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي، بيشڪ منهنجو رب توهان کي توهان جي عملن جي جزا ڏيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) شعيب چيو اي منهنجي قوم! ڇا منهنجو ڪٽنب قبيلو اوهان وٽ الله کان وڌيڪ عزت وارو آهي ۽ اوهان ان (الله) کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. بيشڪ منهنجو پالڻهار جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي گهيرو ڪندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اي منهنجي قوم! ڇا ڪٽنب منهنجو وڌيڪ غالب آهي اوهان تي الله کان ۽ ورتو اوهان ان کي پويان پنهنجي پٺتي اڇلايل بيشڪ رب منهنجو ان کي جو ڪيو ٿا گھيري ۾ رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) شعيب چيو ته اي منهنجي قوم! ڇا منهنجو ڪڙم قبيلو اوهان وٽ الله کان زياده عزت وارو آهي ۽ اوهان ان (الله) کي پنهنجي پٺي پويان ڀلائي ڇڏيو آهي. بيشڪ منهنجو پاليندڙ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي گهيرو ڪندڙ (ڄاڻندڙ) آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (شعيب) چيو: ”اي منهنجي قوم! ڇا منهنجو قبيلو اوهان وٽ الله کان وڌيڪ عزت وارو آهي؟ ۽ اوهان ان کي پٺيءَ پويان ڇڏيو آهي؟ بيشڪ منهنجو پالڻهار جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا ان کي گهيرو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَراڻيو وِينجھار، اي قوم! قرِيب مُنهنجا، عجب!، اوهان کي لڳن، ڏاڍا کان ڏاتار، ۽ پُٺيان پَنهنجي، اُن کي، ترڪ ڪيان تَڪرار، ڪريو جي ڪم ڪار، آگَمِ آگاه اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي قوم! ڇا، اوهان کي منهنجي عزازت الله کان وڌيڪ عزت واري ٿي لڳي، جو اوهان هن کي وساري پٺيءَ پوئتي کڻي ڇڏيو آهي؟ بيشڪ، منهنجو ڌڻي اوهان جي ڪمن کي گهيريندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) شعيب چين: اي منهنجي قوم! " ڇا منهنجي برادري توهان لاءِ الله کان به ڏاڍي آهي، جو (برادريءَ کان ته ڊڄو ٿا ۽) الله کي (الله جي حڪم کي) پٺيءَ پويان ڪري ڇڏيو اٿوَ؟ پڪ ڄاڻو ته جيڪي ڪجهه ڪيو پيا سو الله جي پڪڙ کان ٻاهر ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (شعيب) چيو، ڀائرو! ڇا منهنجي برادري توهان لاءِ الله کان به وڌيڪ ڳري آهي جو توهان (ان جو ڊپ ڪيو ٿا) پر الله کي پٺي پويان ڪري ڇڏيو؟ بيشڪ توهان جيڪي ڪريو پيا اهو الله جي پهچ کان ٻاهر ناهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) شعيب ($) چيو ته: اي منھنجي قوم! اوھان کي اللھ تعالى جي مقابلي ۾ منھنجي (ننڍڙي) برادري وڌيڪ عزت واري نظر اچي ٿي. (نعوذباللھ) توھان اللھ تعالى (جي لحاظ) کي ئي پوئتي ڦٽي ڪري ڇڏيو آھي. بيشڪ منھنجي پالڻھار توھان جي ھر عمل کي گهيري ۾ ورتو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ سَوفَ تَعلَمونَ مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَمَن هُوَ كٰذِبٌ وَارتَقِبوا إِنّى مَعَكُم رَقيبٌ (آيت : 93) |
۽ اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي پر تي عمل ڪريو آءٌ (به) عمل ڪندڙ آھيان، سگھوئي ڄاڻندؤ ته ڪنھن کي عذاب پھچي ٿو جو کيس خوار ڪندو ۽ جيڪو ڪوڙو آھي تنھن کي به، ۽ انتظار ڪريو آءٌ (به) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! توهان پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪندا رهو. مان به (پنهنجي جاءِ تي) عمل ۾ سرگرم آهيا، (يعني پنهنجي فرض ادائي ڪندو رهندس) تمام جلد اوهان کي معلوم ٿيندو ته ڪنهن تي ٿو عذاب اچي جو ان کي خوار خراب ڪري ۽ ڪير سچ پچ ڪوڙو آهي. ترسو، مان به توهان سان گڏ ترسان ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي منهنجي قوم توهان پنهنجي جاءِ ته عمل ڪريو بيشڪ آئون به عمل ڪندڙ آهيان، توهان جلدي معلوم ڪندا ته ڪنهن تي عذاب اچي ٿو جيڪو ان کي خوار ڪري ٿو، ۽ ڪير ڪوڙو آهي، ۽ توهان انتظار ڪريو بيشڪ آئون به توهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اي منهنجي قوم! اوهين پنهنجي جاءِ تي (جو چاهيو) ڪم ڪريو آءُ به ڪم ڪريان ٿو. نيٺ ڄاڻندو ته ڪنهن تي عذاب اچي ٿو جو ان کي خوار ڪندو ۽ ڪير ڪوڙو آهي ۽ اوهين به انتظار ڪريو آءُ به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اي منهنجي قوم! عمل ڪيو اوهان جاءِ پنهنجيءَ تي بيشڪ مان به عمل ڪندڙ آهيان جلدي ڄاڻندؤ ته ڪير ٿو اچي ان وٽ عذاب جو ٿو خوار ڪري ان کي ۽ ڪير آهي جو اهو ڪوڙو آهي ۽ انتظار ڪيو بيشڪ مان اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اي منهنجي قوم! اوهين پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪريو آءٌ به ڪم ڪندڙ آهيان. نيٺ ڄاڻندو ته ڪنهن تي عذاب اچي ٿو جو ان کي خوار ڪندو ۽ ڪير ڪوڙو آهي؟ ۽ انتظار ڪريو آءٌ به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اي منهنجي قوم! اوهان پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪيو بيشڪ آءٌ به ڪم ڪندڙ آهيان. سگهوئي اوهان ڄاڻندؤ ته ڪنهن تي عذاب اچي ٿو؟ جو ان کي خوار ڪري ٿو ۽ ڪير ڪوڙو آهي؟ ۽ انتظار ڪيو آءٌ به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مِٽَمِ!، پَنهنجي ماڳ تي، ڪريو اوهين ڪم ڪار، آئون بِه ڪَندڙ آهيان؛ پوءِ سِگھڙِي پَونديان سار، ته ڪِنهن تي اَچي عذاب سو، جو ڪريسِ خُوب خوار، ۽ ڪهڙو اُهو ڪُوڙ مَٿي؟؛ ۽ ويٺاڏِسوڪا وار، آئون پڻ اِنتظار، اَوهان ڀيڙو آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تڏهن اي قوم! اوهين پيا پنهنجي منهن ڪم ڪريو ۽ آءُ به پيو ڪريان، اجهو ٿي خبر پويوَ ته ڪنهن تي خوار ڪندڙ عذاب اچي ۽ ڪير ڪوڙو آهي، اوهين به پيا واٽ ڏسو، آءُ به اوهان سان گڏ پيو واٽ ڏسان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي منهنجي قوم! توهان پنهنجي طريقي تي ڪم ڪندا رهو ۽ مان به پنهنجي طريقي تي ڪم ڪندو رهندس، سگهوئي توهانکي ســُـڌ پئجي ويندي ته ڪنهن تي ٿو ذلت وارو عذاب اچي ۽ ڪير ڪوڙو آهي. توهان به انتظار ڪريو، مان به توهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي منهنجي قوم جا ماڻهو! توهان ڪم ڪندا رهو پنهنجي طريقي تي ۽ آئون پنهنجي طريقي تي ڪم ڪندو رهندس. جلد توهان کي معلوم ٿي ويندو ته ڪنهن تي ذلت وارو عذاب اچي ٿو ۽ ڪير آهي جيڪو ڪوڙو آهي. توهان انتظار ڪريو ۽ آئون به توهان سان گڏ آهيان انتظار ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجي قوم! توھان پنھنجي جاءِ تي ڪم ڪندا رھو، مان به ڪم ڪريان ٿو. جلد ئي اوھان کي خبر پئجي ويندي ته خوار ڪرڻ وارو عذاب ڪنھن تي اچي ٿو؟ ۽ ڪير ڪوڙو آھي؟ بس انتظار ڪريو مان به توھان سان گڏ انتظار ڪريان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا جاءَ أَمرُنا نَجَّينا شُعَيبًا وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَأَخَذَتِ الَّذينَ ظَلَمُوا الصَّيحَةُ فَأَصبَحوا فى دِيٰرِهِم جٰثِمينَ (آيت : 94) |
۽ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو تنھن مھل شعيبؑ کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ ظالمن کي سخت ڪڙڪي (اچي) پڪڙيو پوءِ پنھنجن گھرن ۾ گوڏن ڀر مري ويا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پوءِ جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو (تڏهن ڇا ٿيو جو) اسان شعيب کي ۽ انهن کي جن ساڻس گڏ ايمان آندو هو پنهنجي رحمت سان بچائي ورتو ۽ جيڪي ماڻهو ظالم هئا تن کي هڪ سخت آواز اچي پڪڙ ڪئي. پوءِ جڏهن صبح ٿيو تڏهن (ڏٺو ويو ته) اهي پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ اونڌا ٿيا پيا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اسان جو عذاب پهتو ته اسان شعيب ۽ جن ماڻهن ساڻس گڏ ايمان آندو انهن کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني، ۽ ظالمن کي زوردار آواز سان هلاڪ ڪيو پوءِ صبح جي وقت پنهنجي گھرن ۾ گوڏن ڀر ڪريل هئا (مري ويا)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اسان جو (عذاب جو) حڪم آيو ته اسان شعيب ۽ انهن کي جن ان سان گڏ ايمان آندو هو رحم سان بچايو ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو تن کي سخت آواز اچي ورتو پوءِ اهي صبح جو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا ڪريا پيا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن آيو امر اسان جو ته ڇڏايوسون شعيب کي ۽ انهن کي جو ايمان آندائون گڏ ان سان رحمت سان پاڻ وٽان ۽ ورتو انهن کي جو ظلم ڪيائون ڪڙڪي دار آواز پوءِ صبح ڪيائون گھرن پنهنجن ۾ گوڏن تي ڪرندڙ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اسان جو حڪم پهتو ته شعيب کي ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو تن کي اسان پنهنجي مهربانيءَ سان بچايو، ۽ جن ظلم ڪيو تن کي سخت آواز اچي ورتو پوءِ اهي صبح جو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا ڪريا پيا هئا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اسان جو حڪمِ (عذاب) آيو ته اسان شعيب کي ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو هيو تن کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو تن کي خوفناڪ آواز پڪڙيو پوءِ انهن صبح ان حال ۾ ڪيو جو پنهنجي گهرن ۾ اونڌا پيل هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آيو جڏهن اُنهن تي، اَسان جو فَرمان، ته ڇَڏايوسون شُعيب کي، پڻ آندو جن اِيمان، ۽ اُهي به ڀيڙا اُنهِيء سان، سين اَسان جي اِحسان، ۽ ڪڙڪي قابو، سي ڪيا، جن ڪيا ظُلم، زِيان، پوءِ پِره سان پِريشان، ٿِيا جُھورِي سَندنِ جاين ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن اسان جو حڪم آيو، تڏهن پنهنجي رحمت سان شعيب ۽ ساڻس گڏ ايمان آڻيندڙن کي بچايوسون ۽ ظالمن کي اهڙي سخت آواز اچي ورتو، جو سندن گهرن ۾ اونڌا ٿي پئجي رهيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ جڏهن اسان جي فيصلي جو وقت اچي ويو ته اسان پنهنجي رحمت سان شعيب ۽ سندس ساٿي مؤمنن کي بچائي ورتو ۽ جن ماڻهن ظلم پئي ڪيو، تن کي هڪڙي زبردست ڌڌڪي هڻي ڊاهي وڌو، جو هو پنهنجي گهرن ۾ اونڌا ٿي پئجي رهيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن اسان جي فيصلي جو وقت اچي ويو ته اسان بچائي ورتو شعيب کي ۽ انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ان سان گڏ رحمت پنهنجي سان ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو هو تن کي هڪ سخت ڪڙڪيدار (آواز) اهڙو پڪڙيو جو هو پنهنجن ڳوٺن ۾ بنا چرپر جي پيا رهيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏھن اسان جو عذاب آيو ته شعيب ( $) ۽ ان سان گڏ جن ماڻهن ايمان آندو تن سڀني کي اسان پنھنجي رحمت سان بچايوسين ۽ جن جن ماڻهن به ظلم ڪيو هو تن سڀني کي ھڪ رڙِ جي آواز اچي وڪڙ ۾ ورتو ۽ ھو پنھنجي گهرن ۾ اونڌا مئل پيا ھئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَأَن لَم يَغنَوا فيها أَلا بُعدًا لِمَديَنَ كَما بَعِدَت ثَمودُ (آيت : 95) |
ڄڻڪ منجھن رھيا ئي نه ھوا، خبردار مدين وارن تي ڦِٽ ھجي جھڙي ثمود قوم تي لعنت ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي اهڙو ته اوچتو تباهه ٿي ويا جو) گويا هو ڪڏهن به انهن گهرن ۾ رهيائي ڪون هئا. سو ٻڌي ڇڏيو ته مدين جي قبيلي جي لاءِ به اهڙي ئي محرومي ۽ ناڪاميابي رهي جهڙي ثمود جي قوم لاءِ ٿي هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) گوياڪ اهي اتي رهيا ئي ڪونه هئا، خبردار ! عذاب ۾ گرفتار ٿيا مدين وارا جيئنڪ ثمود وارا عذاب ۾ گرفتار ٿيا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهي اهڙا نابود ٿيا) ڄڻ ته انهن گهرن ۾ رهيا ئي نه هئا. خبردار ٿيو! جيئن ثمود جي قوم (خدا جي بارگاھ) مان ڌڪاريل آهي تئين مدين وارو به ڌڪاريل آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڄڻ ته نه رهيا هئا ان ۾ خبردار هلاڪت آهي مدين لاءِ جيئن هلاڪ ٿيا ثمود .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڄڻ ته انهن ۾ رهيا ئي نه هئا. خبردار ٿيو! مدين وارن تي لعنت پيئي جيئن ثمود (جي قوم) تي لعنت پيئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڄڻڪ ان ۾ رهيا ئي نه هئا. خبردار! مدين وارن لاءِ (رحمت کان) دوري ٿي وئي، جيئن ثمود لاءِ (رحمت کان) دوري ٿي وئي هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَر نه مَزا ماڻيئون اُن ۾، پوءِ مَدين لئي مُور، دُورِي تِنهن دَستور، جِيئن تڙيو ساٿ ثَـمود جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو ڄڻ ته انهن ۾ رهيا ئي ڪونه هئا! ياد رکو! مدين وارن تي به ثمودين جهڙي ئي لعنت آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڄڻڪ اتي ڪڏهن رهيا ئي نه هئا، ٻڌو، مدين وارا به اڇلائي پري ڦـٽو ڪيا ويا جيئن ثمود وارا پري اڇلايا ويا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڄڻ ته اهي اتي انهن ۾ رهيا ئي ڪونه هئا. ٻڌو! مدين وارا به (رحمت کان) پري اڇلايا ويا جيئن ثمود وارا اڇلايا ويا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڄڻ ته انهن گهرن ۾ ڪير آباد ئي ڪونه ھو. مدين وارا به (رحمت کان) ايئن محروم ڪيا ويا جيئن ثمود قوم محروم ڪئي وئي هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 96) |
۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجين نشانين ۽ پڌري حُجّت سان موڪليوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين ۽ چٽيءَ سَندَ سان پيغمبر ڪري موڪليو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين ۽ معجزن سان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان موسى کي پنهنجين نشانين ۽ ظاهر دليلن سان موڪليو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق موڪليوسون موسى کي آيتن پنهجين ۽ حجت پڌريءَ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي پنهنجين نشانين ۽ ظاهر دليل سان موڪليو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان موسى کي پنهنجي نشانين ۽ روشن دليل سان موڪليو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ موڪليو سون مُورهين، مُوسٰى مِهربان، پَنهنجي پَڌراين سان، پڻ نِشانبر نِشان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان موسيٰ کي پنهنجا حڪم ۽ چٽا دليل ڏيئي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ موسيٰ کي اسان پنهنجن نشانين ۽ چٽيءَ ســَـنـَـدَ سان گڏ موڪليو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ موڪليو اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين ۽ پڌري مقرري جي سَنَد سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اھڙيءَ طرح) اسان موسى ($) کي به پنھنجون نشانيون ۽ واضح دليل ڏئي ڪري موڪليو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاتَّبَعوا أَمرَ فِرعَونَ وَما أَمرُ فِرعَونَ بِرَشيدٍ (آيت : 97) |
فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پوءِ (سڀ ماڻھو) فرعون جي حُڪم جي پويان لڳا، ۽ فرعون جو حُڪم سڌو نه ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن، پر اُهي سردار فرعون جي ڳالهه تي هليا، ۽ فرعون جي ڳالهه سچائي ۽ سڌائي جي ڳالهه نه هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون ۽ ان جي لشڪر ڏانهن موڪليو پوءِ انهن فرعون جي حڪم جي تابعداري ڪئي، ۽ فرعون جو حڪم صحيح نه هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرعون ۽ سندس سردارن ڏي، ته ماڻهن فرعون جو ئي حڪم مڃيو (پر موسى جي هڪ به نه ٻڌائون) هوڏانهن فرعون جو حڪم ڪو، سوچيل سمجهيل نه هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرعون ۽ سردارن ان جي ڏانهن پوءِ تابعدار ٿيا امر فرعون جي جا ۽ ناهي امر فرعون جو سڌو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون ۽ سندس سردارن ڏي، پوءِ انهن فرعون جي حڪم جي تابعداري ڪئي هوڏانهن فرعون جو حڪم برابر نه هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن پوءِ انهن فرعون جي حڪم جي پيروي ڪئي. حالانڪه فرعون جو حڪم چڱائي وارو نه هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فِسادِي فِرعون ڏي، پڻ اُنهيء جي ايوان، پوءِ فرمودي فِرعون جا، تابِع ٿيا تعبان، فِرعون جو فَرمان، سُهڻو ناهي ساٿ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) فرعون ۽ سندس سردارن ڏي موڪليو پر هنن فرعون جي حڪم کي ئي مڃيو_ ۽ فرعون جو حڪم صحيح نه هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون ۽ سندس دربارين ڏانهن پر انهن فرعون جي حڪم جي پيروي ڪئي، جڏهن جو فرعون جي حڪم ۾ ڪابه سچائي نه هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن موڪليو پر انهن وري تابعداري ڪئي فرعون جي حڪم جي،جڏهن ته فرعون جو حڪم سچ تي ٻڌل نه هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون ۽ ان جي سردارن ڏانھن، پر انهن ماڻهن فرعون جي حڪم جي پيروي ڪئي. حالانڪ فرعون جو حڪم صحيح به نه ھو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَقدُمُ قَومَهُ يَومَ القِيٰمَةِ فَأَورَدَهُمُ النّارَ وَبِئسَ الوِردُ المَورودُ (آيت : 98) |
قيامت جي ڏينھن (فرعون) پنھنجي قوم جو اڳواڻ ٿيندو پوءِ کين باھ ۾ گھيڙيندو، ۽ جنھن گھٽ ۾ گھيڙيا ويندا سو بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) قيامت جي ڏينهن هو (يعني فرعون) پنهنجي قوم جي اڳيان هوندو (جهڙيءَ طرح دنيا ۾ به گهمراهيءَ ۾ سڀني کان اڳ ۾ هو) ۽ هنن کي دوزخ ۾ پهچائيندو، پوءِ ڏسو ته ڪهڙي نه بڇڙي پهچڻ جي جاءِ آهي اها جتي هو پهچندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قيامت جي ڏينهن فرعون پنهنجي قوم جي اڳواڻي ڪري پوءِ انهن کي جهنم ۾ لاهيندو، ۽ دوزخ تمام خراب جاءِ آهي داخل ٿيڻ جي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) قيامت جي ڏينهن پنهنجي قوم جي اڳيان ٿيندو. پوءِ کين باھ تي آڻيندو ۽ بڇڙو آهي اهو گهيڙ جنهن تي اهي پهتا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اڳيان ٿيندو قوم پنهنجيءَ کان قيامت جي ڏينهن پوءِ ارادو ڪندو انهن کي باھ ۾ ۽ بڇڙي آهي اچڻ واري جاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) قيامت جي ڏينهن پنهنجي قوم جي اڳيان ٿيندو پوءِ کين باهه تي آڻيندو ۽ بڇڙو آهي اهو گهيڙ جنهن تي پهتا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو قيامت واري ڏينهن سندس قوم اڳيان هوندو پوءِ انهن کي باهه ۾ آڻي وجھندو. ۽ ڪهڙو برو گھيڙ آهي جتي آندا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قوم سَندسِ جِي، قِيام ڏينهن وَٺِي هَلندو وَاڳ، پوءِ آندائـِين اُنهن کي، مَٿي مَڱر ماڳ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو سندس قوم جو اڳواڻ ٿي کين اچي دوزخ ۾ داخل ڪندو ۽ اهو داخلو بڇڙو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قيامت جي ڏينهن هو پنهنجي قوم جي اڳيان هوندو ۽ پنهنجي اڳواڻيءَ هيٺ کين ڪاهي وڃي باهه تي آڻيندو. ڪهڙو نه بڇڙو آهي اهو ماڳ جنهن تي ڪو اچي سهڙي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو اڳيان هوندو پنهنجي قوم جي قيامت جي ڏينهن ۽ پنهنجي اڳواڻي ۾ کين دوزخ ڏي وٺي ويندو، ڪهڙي بڇڙي جاءِ آهي جتي ڪير پهچي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قيامت جي ڏينھن فرعون پنھنجي قوم جي اڳيان اڳيان ھوندو ۽ انهن سڀني کي (فرعون جي قيادت ۾ ئي) جھنم ڏانھن وٺي وڃبو. اھا ڪيڏي نه بري جاءِ آھي، جتي ڪير وڃي پھچي!(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأُتبِعوا فى هٰذِهِ لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ بِئسَ الرِّفدُ المَرفودُ (آيت : 99) |
۽ ھن (دنيا) ۾ (به) لعنت انھن کي پويان لڳائي ويئي ۽ قيامت جي ڏينھن (به) جيڪو (لعنت جو) انعام ملين سو بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هن دنيا ۾ به لعنت سندن پٺيان لڳي (جو سندن بدنامي پئي ڳائجي) ۽ قيامت ۾ به (جتي آخرت جي عذاب جا حقدار ٿيا) سو ڏسو ته ڪهڙو نه بڇڙو بدلو آهي جو سندن حصي ۾ آيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي لعنتي هوندا هن دنيا ۾ ۽ قيامت جي ڏينهن، اهو انعام تمام خراب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (هن دنيا ۾ به) سندن پويان لعنت لڳائي ويئي ۽ قيامت جي ڏينهن به (پويان هوندن) ڪهڙو نه بڇڙو انعام آهي جيڪو کين مليو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ لاڳيتا ڪيا ويندا منجھ هن (دنيا) جي لعنت ۽ ڏينهن قيامت جي برو آهي انعام عطا ٿيل.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندن پويان هن (دنيا) ۾ (به) لعنت لڳائي ويئي ۽ قيامت جي ڏينهن (به). بڇڙو آهي اهو انعام جو کين مليو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هن دنيا ۾ انهن پٺيان لعنت لڳائي وئي آهي ۽ قيامت واري ڏينهن به (مٿن لعنت هوندي.) برو صِلو آهي جو کين ڏنو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِن ۾ لَعنت پُٺ لڳا، پڻ مَهندان محشر ماڳ، اِهو لَعنت وارو لاڳ، بِلڪُل آهي بُڇڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو هتي به لعنت ۾ پيا ۽ قيامت ڏينهن به، اهو کين مليل انعام بڇڙو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن ماڻهن جي ڪڍ لعنت هن دنيا ۾ به پئي ته قيامت جي ڏينهن به، ڪهڙو نه بڇڙو آهي اهو انعام جيڪو ڪنهن انعام ماڻڻ واري کي ملي! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن ماڻهن تي اها لعنت پئي دنيا ۾ به ۽ قيامت جي ڏينهن به پوندي، ڪهڙو نه بڇڙو انعام آهي جيڪو ڪنهن کي ملي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مٿن ھن دنيا ۾ به لعنت پئي ۽ قيامت واري ڏينھن به لعنت پوندن. ڪيڏو نه برو بدلو آھي جيڪو کين ڏنو ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ القُرىٰ نَقُصُّهُ عَلَيكَ مِنها قائِمٌ وَحَصيدٌ (آيت : 100) |
(اي پيغمبر) اھي ڳوٺن جون خبرون آھن جي توتي بيان ڪريون ٿا انھن مان (ڪي) قائم (آھن) ۽ (ڪي) ناس ٿيل.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هي (اڳوڻين) آبادين جي خبرن مان ڪن جو بيان آهي جو اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون، انهن مان ڪي ته هن وقت تائين قائم آهن ۽ ڪي بلڪل اجڙي ويون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي (اڳين) ڳوٺاڻن جون خبرون آهن جيڪي اسين توهان تي بيان ڪريون ٿا ڪي (ڳوٺ) انهن مان موجود آهن ۽ ڪي ختم ٿي چڪا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) اهي (انهن) ڪن اڳين جون خبرون آهن جن جو حال تو کي ٻڌايون ٿا ڪي (اڃا تائين) انهن مان قائم آهن ۽ ڪن جي پاڙ پٽجي وئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي خبرن ڳوٺن جي مان آهن ٿا بيان ڪيون انهن کي توتي بعضي انهن مان قائم آهن ۽ (بعضي) ڪٽيل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر!) اهي (انهن) ڳوٺن جون ڪجهه خبرون آهن جن جو حال توکي ٻڌايون ٿا ڪي انهن مان (اڃان تائين) بيٺل آهن ۽ ڪن جي پاڙ پڱجي وئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ڳوٺن جون ڪجهه خبرون آهن جن مان تو کي ٻڌايون ٿا انهن مان ڪي بيٺل (آباد) آهن ۽ ڪي نابود ٿي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گامن جون، ڪُجھ گھوٽ!، کوليون سون خَبرون تو مٿي، تن مان، قائـِم ڪي ڪوٽ، پڻ ڳاهيل آهن ڳوٺ ڪي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ڳوٺن جا ڪجهه احوال هئا جي اسان توکي ٻڌايا، انهن مان ڪي قائم آهن ۽ ڪي ختم ٿيل. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي پيغمبر! اهي ڪن ڳوٺن جون خبرون آهن، جيڪي اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون، انهن مان ڪي اڄ به قائم آهن ۽ ڪي برباد ٿي ويا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو احوال اسان توکي (اي نبي) ڪن وستين جو جيڪو ٻڌائي رهيا آهيون انهن مان ڪي اڃا موجود آهن ۽ ڪن جو لابارو ٿي ويو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ھي ھيون انهن شھرن جون خبرون جيڪي اسان توکي ٻڌايون ٿا، انهن شھرن مان ڪي شھر ته اڄ به موجود آھن ۽ ڪن شهرن کي ته پاڙون ئي پٽي تباهه ڪري ڇڏيوسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن ظَلَموا أَنفُسَهُم فَما أَغنَت عَنهُم ءالِهَتُهُمُ الَّتى يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ مِن شَيءٍ لَمّا جاءَ أَمرُ رَبِّكَ وَما زادوهُم غَيرَ تَتبيبٍ (آيت : 101) |
۽ اسان انھن تي ظلم نه ڪيو پر ھنن پاڻ تي (پاڻھين) ظلم ڪيو پوءِ جنھن مھل تنھنجي پالڻھار جو حُڪم پھتو (ته) سندن معبودن جن کي الله کان سواءِ سڏيندا ھوا کائن ڪُجھ به نه ٽاريو، ۽ ھلاڪي کانسواءِ (ٻيو ڪي) کين نه وڌايائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان مٿن ظلم ڪونه ڪيو. بلڪ خود هنن ئي پاڻ تي ظلم ڪيو. سو (ڏس ته) جڏهن تنهنجي پروردگار جي (ٺهرايل ڳالهه) اچي ويئي تڏهن هنن جا اهي معبود ڪنهن به ڪم نه آيا، جن کي الله کان سواءِ (يعني الله کي ڇڏي) پڪاريندا هئا. انهن (کين) ڪجهه به فائدو ڪونه پهچايو. اٽلندو سندن تباهيءَ جو باعث ٿيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن تي ظلم نه ڪيو پر انهن پنهنجي نفسن تي پاڻ ظلم ڪيو پوءِ جڏهن تنهنجي رب جو عذاب انهن تي نازل ٿيو ته سندن بُت جن جي عبادت ڪندا هئا، اهي کين بچائي نه سگھيا، ۽ بتن انهن کي برباد ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان مٿن ظلم نه ڪيو پر انهن پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو پوءِ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جو (عذاب جو) حڪم اچي پهتو ته نه کين سندن ٺاڪر ئي ڪم آيا جن کي خدا کي ڇڏي سڏيندا هئا ۽ نه (وري) انهن کين هلاڪ ٿيڻ کان سواءِ ڪجھ فائدو ئي پهچايو (بلڪه انهن جي پوڄا سبب مٿن عذاب آيو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ظلم ڪيو سون انهن تي ۽ پر ظلم ڪيائون سرن پنهنجن تي پوءِ نه ٽاري انهن کان معبودن انهن جي جو عبادت ڪندا هئا (انهن جي) الله کان سواءِ ڪا شيءِ جڏهن آيو امر رب تنهنجي جو ۽ نه وڌايائون انهن کي سواءِ هلاڪت جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان مٿن ظلم نه ڪيو پر پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيائون. پوءِ جڏهن تنهنجي پاليندڙ جو حڪم پهتو تڏهن سندن ٺاڪر (معبود) جن کي الله کان سواءِ سڏيندا هئا، سي انهن کي ڪجهه به ڪم نه آيا ۽ هلاڪيءَ کانسواءِ انهن لاءِ انهن (ٺاڪرن) ڪجهه به نه وڌايو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن سان ظلم نه ڪيو۽ پر پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيائون پوءِ انهن کي ڪجهه نه بچائي سگهيا انهن جا اُهي معبود جن کي الله کان سواءِ سڏيندا هئا. جنهن وقت تنهنجي پروردگار جو حڪمِ (عذاب) پهتو . ۽ هلاڪت کان سواءِ انهن جي لاءِ انهن (معبودن) ڪجهه نه وڌايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان نه آزاريون اُنهن کي، پر پاڻِهين آزارئيون پاڻ، پوءِ سَندنِ وَسِيلن واهرن، ڪُجھ نه ڇَڏايَنِ ڪاڻ، ڌَڻيءَ ڌاران جن کي، ڏِيندا هُئا ڏاڻ، جڏهن آيو اَمر اُنهن کي، سَندِئي رَبَّ سُڄاڻ، ۽ ري ويراني وَٿاڻ، اوڄ نه ڏِنائون اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان هنن تي ظلم نه ڪيو پر هنن ئي پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو_ پوءِ جڏهن ڌڻيءَ جو حڪم پهتو تڏهن سندن جن سائين کي الله کانسواءِ پڪاريندا هئا تن ڪو فائدو نه ڏنو، الٽو کين نقصان ڏنائون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان ته مٿن ڪو ظلم نه ڪيو هو، انهن ته پاڻ سان پاڻ ئي ناحق ڪيو هو ۽ جڏهن الله جو حڪم اچي ويو ته سندن اهي معبود جن کي هو الله کي ڇڏي پڪاريندا هئا، انهن جي ڪنهن ڪم نه آيا ۽ کين سواءِ برباديءَ جي ٻيو ڪجهه به نه ڏنائون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان ته نه ڪيو انهن تي ظلم پر انهن ظلم ڪيو پنهنجو پاڻ تي ۽ جڏهن حڪم اچي ويو انهن تي الله جو ته سندن اهي خدا جن کي هو پڪاريندا هئا الله کي ڇڏي، سي سندن ڪنهن به ڪم اچي نه سهگيا ۽ انهن ته کين تباهي ۽ بربادي کان سواءِ ٻيو ڪوبه فائدو نه ڏنو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان مٿن ڪوبه ظلم نه ڪيو هو بلڪ انهن پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ھو ۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار جو عذاب آيو ته سندن معبودن مان جن جي ھو اللھ تعالى کي ڇڏي عبادت ڪندا ھئا ڪير به ڪم نه اچي سگهيو ۽ انهن معبودن ويتر سندن تباھيءَ ۾ واڌارو آڻي ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذٰلِكَ أَخذُ رَبِّكَ إِذا أَخَذَ القُرىٰ وَهِىَ ظٰلِمَةٌ إِنَّ أَخذَهُ أَليمٌ شَديدٌ (آيت : 102) |
۽ ائين تنھنجي پالڻھار جو اُن مھل ڳوٺن (وارن) کي اُن حالت ۾ پڪڙڻ ٿيندو آھي جڏھن اُھي ظُلم ڪندڙ ٿيندا آھن، بيشڪ سندس پڪڙ سخت ڏکوئيندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ تنهنجي پروردگار جي پڪڙ اهڙي ئي ٿيندي آهي جڏهن هو انساني آبادين کي ظلم ڪندي پڪڙيندو آهي. (يعني جڏهن ماڻهو ظلم ڪندا آهن ۽ الله تعاليٰ سندن ظلمن جي ڪري کين پڪڙ ڪندو آهي) يقيناً سندس پڪڙ ڏاڍي دردناڪ ۽ سخت هوندي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهڙي طرح تنهنجي رب جو عذاب آهي جڏهن ڳوٺ وارن تي پڪڙ ڪري ٿو ۽ اهي ظالم آهن، بيشڪ الله جي پڪڙ سخت ڏکوئيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) اڳوڻن ماڻهن جي سرڪشيءَ سبب جڏهن تنهنجو پروردگار عذاب ۾ پڪڙي ٿو ته ان جي پڪڙ اهڙي ئي هوندي آهي. بيشڪ سندس پڪڙ ته تمام دردناڪ (۽) سخت هوندي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهڙي طرح آهي پڪڙ رب تنهنجي جي جڏهن پڪڙي ٿو ڳوٺن کي ۽ اهي ظلم ڪندڙ آهن بيشڪ پڪڙ ان جي دردناڪ سخت آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙيءَ طرح تنهنجي پاليندڙ جي پڪڙ آهي جڏهن ڳوٺن کي پڪڙي ٿو ۽ اهي ظالم هوندا آهن. بيشڪ سندس پڪڙ سخت دردناڪ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تنهنجي پالڻهار جي پڪڙ ائين (هوندي) آهي جڏهن ڳوٺن کي پڪڙيندو آهي ان حال ۾ جو اهي ظلم ڪندڙ هوندا آهن. بيشڪ ان جي پڪڙ سخت دردناڪ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ انپر تُنهنجي پرورجِي، آهي پَڪڙ پَڇار، جڏهن وَرتئـِـين، واهڻِين هُو جي ڪندڙ جفا جاڙ، پَڪڙ مَنجھ، پَڇاڙ، آهي ڏاڍو ڏُکيو اُن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ائين آهي تنهنجي ڌڻيءَ جي پڪڙ! جڏهن تنهنجو ڌڻي ظالم ڳوٺن کي پڪڙ ڪندو آهي_ بيشڪ سندس پڪڙ دردناڪ ۽ سخت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ تنهنجو رب جڏهن ڪنهن ظالم آباديءَ کي پڪڙيندو آهي ته سندس پڪڙ اهڙي ئي هوندي آهي ۽ حقيقت اها آهي ته سندس پڪڙ ڏاڍي سخت ۽ دردناڪ هوندي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن پڪڙ ڪندو آهي تنهنجو رب ڪنهن وستيءَ جو جيڪا ظالم رهي هوندي آهي، ته سندس پڪڙ بيشڪ اها هوندي آهي جيڪا حقيقت ۾ سخت دردناڪ هوندي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنھنجو پالڻھار اھڙي طريقي سان ئي ظالم ماڻهن کي پڪڙيندو آھي. بيشڪ ان جي پڪڙ انتھائي دردناڪ ۽ سخت ھوندي آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِمَن خافَ عَذابَ الءاخِرَةِ ذٰلِكَ يَومٌ مَجموعٌ لَهُ النّاسُ وَذٰلِكَ يَومٌ مَشهودٌ (آيت : 103) |
بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ انھيءَ لاءِ نشاني آھي جو آخرت جي عذاب کان ڊنو، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ ماڻھن کي ميڙبو ۽ اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ (سڀ) حاضر ٿيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ هن ڳالهه ۾ انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ وڏي عبرت رکيل آهي، جيڪو آخرت جي عذاب جو خوف رکندڙ هجي. هي (آخرت جو ڏينهن) اهو ڏينهن آهي جڏهن سڀ انسان هڪ هنڌ گڏ ڪيا ويندا ۽ هي اهو ڏينهن آهي جنهن جو نظارو ڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهي ۾ اُن ماڻهو لاءِ نشاني آهي جيڪو آخرت جي عذاب جو خوف رکي ٿو. انهي ڏينهن تي ماڻهو گڏ ڪيا ويندا ۽ اهو (ڏينهن) حاضريءَ جو ڏينهن هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي جو هن ۾ ان شخص لاءِ جيڪو آخرت جي عذاب کان ڊڄي ٿو. (اسان جي قدرت جي) نشاني آهي. هي اهو ڏينهن هوندو جو سموري (جهان جا) ماڻهو ڪٺا ڪيا ويندا. ۽ اهو ئي اهو ڏينهن هوندو جو (اسان جي بارگاھ ۾) سڀ حاضر ڪيا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي واسطي ان جي جيڪو خوف ٿو رکي آخرت جي عذاب جو اهو ڏينهن آهي جو گڏ ڪيا ويندا ان لاءِ ماڻهو ۽ اهو ڏينهن آهي حاضر ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ان (ڳالهه) ۾ ان لاءِ نشاني آهي جو آخرت جي عذاب کان ڊنو. اهو هڪ ڏينهن آهي جنهن ۾ سڀني ماڻهن کي گڏ ڪيو ويندو ۽ اهو هڪ ڏينهن آهي جنهن ۾ سڀئي حاضر ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آهي ان ماڻهو لاءِ جيڪو آخرت جي عذاب جي خوف کان ڊڄي ٿو. اُهو هڪ ڏينهن آهي جنهن لاءِ سڀ ماڻهن کي گڏ ڪيو ويندو ۽ اُهو ڏينهن آهي جنهن ۾ سڀني کي حاضر ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِن ۾، آهي اُنهيء لئي، نِشانِي نِروار، عذاب آخرت کان، جو وِجھلي ويرو تار، اُهامَهل، ماڻهو جنهن ۾، ڪَٺي مَنجھ قطار، ۽ اُهو ڏِينهن، آهي جنهن ۾، حاضرِي هيڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن واقعن ۾ ان ماڻهوءَ لاءِ وڏي عبرت آهي، جو آخرت جي عذاب کان ڊڄي ٿو. اهو ڏينهن اهڙو هوندو، جو ان ۾ سڀ ماڻهو ڪٺا ڪبا ۽ اهو حاضريءَ جو ڏينهن آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ ان ۾ هڪڙي نشاني آهي، هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو آخرت جي عذاب کان ڊڄي. اهو هڪڙو ڏينهن هوندو جنهن ۾ سڀ ماڻهو گڏ ڪيا ويندا، پوءِ ان ڏينهن جيڪي ڪجهه به ٿيندو سڀني جي اکين آڏو هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت اها آهي ته ان ۾ هڪ نشاني آهي هر ان شخص لاءِ جيڪو عذابِ آخرت کان ڊڄي، اهو هڪ اهڙو ڏينهن هوندو جنهن ۾ سڀ ماڻهو گڏ ڪيا ويندا ۽ ان ڏينهن جيڪي ڪجهه ٿيندو سو سڀني جي آڏو ٿيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ انهن واقعن ۾ آخرت جي عذاب کان ڊڄندڙن جي لاءِ نشاني آھي. بيشڪ اھو ڏينھن سڀني ماڻهن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ وارو آھي، پوءِسڀ جا سڀ ان ڏينھن روبرو پيش ٿيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما نُؤَخِّرُهُ إِلّا لِأَجَلٍ مَعدودٍ (آيت : 104) |
۽ مُقرّر مُدت کانسواءِ ان کي نه ٿا ڍر ڏيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان انهيءَ ڏينهن کي پٺتي نه رکيو آهي، پر فقط هن لاءِ ته هڪ مقرر وقت تي ان جو ظهور ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ان ڏينهن کي پوئتي نٿا ڪريون، مگر مقرر وقت لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسين ان کي هڪ مقرر مدت لاءِ ئي ان ۾ دير ڪري رهيا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿا پوئتي ڪيون ان کي مگر واسطي مدي مقرر جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسين ان کي هڪ مقرر مدت لاءِ ئي پٺتي ڪريون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان کي پوئتي نه ٿا ڪيون مگر هڪ مقرر وقت لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِنهِين کي، تڪرار، ڪنهن ٽاڻي ٻَڌل لئي، ٽاريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان انکي رڳو ٿوري مدت لاءِ پٺتي وڌو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان ان کي آڻڻ ۾ ڪا گهڻي دير نه ڪري رهيا آهيون، بس ان لاءِ هڪڙو مدو مقرر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ان جي آڻڻ ۾ گهڻي دير نه پيا ڪريون، بس ان لاءِ مدو مقرر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ته ان ڏينھن کي ٿوري وقت لاءِ پوئتي رکيو آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يَأتِ لا تَكَلَّمُ نَفسٌ إِلّا بِإِذنِهِ فَمِنهُم شَقِىٌّ وَسَعيدٌ (آيت : 105) |
جنھن ڏينھن (اُھو) ايندو ته ڪو ماڻھو اُن (الله) جي موڪل کانسواءِ نه ڳالھائيندو، پوءِ اُنھن مان ڪي بدبخت ھوندا ۽ ڪي نيڪ بخت ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن اهو ڏينهن اچي ويندو تڏهن ڪنهن کي به مجال نه ٿيندو جو الله جي اجازت کان سواءِ زبان کولي (۽ ڳالهائي) پوءِ (انهيءَ ڏينهن انسانن جا ٻه قسم هوندا) ڪي اهڙا هوندا جن جي لاءِ محرومي آهي ۽ ڪي اهڙا جن لاءِ سعادت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن اهو ڏينهن ايندو ته الله جي حڪم کان سواءِ ڪوبه ڳالهائي نه سگھندو، پوءِ ڪي ماڻهو انهن مان نيڪ بخت ۽ ڪي بد بخت آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن اهو ڏينهن ايندو ته خدا جي حڪم کان سواءِ ڪو به ماڻهو ڳالهائي به نه سگهندو پوءِ ڪجھ ماڻهو انهن مان بدبخت هوندا ۽ ڪجھ نيڪ بخت.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن ايندو نه ڳالهائيندو ڪو نفس مگر اذن ان جي سان پوءِ انهن مان بدبخت آهن ۽ نيڪ بخت آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن وقت اهو (ڏينهن) ايندو ته ڪوبه شخص سندس اجازت کانسواءِ نه ڳالهائيندو پوءِ ڪي انهن مان بدبخت هوندا ۽ ڪي نيڪ بخت. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن اُهو ڏينهن ايندو ته ان (الله) جي موڪل کان سواءِ ڪوبه ڳالهائي نه سگهندو. پوءِ انهن مان ڪي بدبخت هوندا ۽ ڪي بختاور.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو ڏينهن آيو، ته ماڻهو نه ڪُڇي، ڪو مُور، مگر موڪل سان، اُن جي، جو غالب، ربُّ غفور، پوءِ، ڪي بُڇڙا بي شعُور، ۽ ڪي نيڪ نصيب، اُنهن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن هو ايندو، ته ڪو به شخص سندس اجازت کانسواءِ نه ڳالهائي سگهندو، پوءِ ڪي انهن مان نڀاڳا هوندا ۽ ڪي سڀاڳا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن اهو ڀرجي ايندو ته پوءِ ڪنهن کي به ڪجهه ڪــُـڇڻ جي ڪا مجال نه هوندي، الله جي اجازت کانسواءِ ، پوءِ ڪي ماڻهو ان ڏينهن بدبخت هوندا ۽ ڪي سٺي بخت وارا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن ايندو ته ڪنهن کي ڪڇڻ جي اجازت نه هوندي سواءِ ان (الله) جي طرفان، پوءِ ان ڏينهن ڪي بدبخت هوندا ۽ ڪي نيڪ بخت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏھن اھو ڏينھن برپا ٿيندو ته اللھ تعالى جي اجازت کان سواءِ ڪير به نه ڳالھائي سگهندو. انهن مان ڪجهه نڀاڳا ماڻهو ھوندا ۽ ڪي وري سڀاڳا ھوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَمَّا الَّذينَ شَقوا فَفِى النّارِ لَهُم فيها زَفيرٌ وَشَهيقٌ (آيت : 106) |
پوءِ جيڪي بدبخت ٿيا سي باہ ۾ (گھڙندا) انھن کي منجھس چيڪَ ۽ دانھَن ھوندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو جيڪي ماڻهو محروم رهيا سي دوزخ ۾ هوندا ۽ هنن لاءِ اتي روئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر بد بخت پوءِ اهي جهنم ۾ گڏهن وانگر دانهون ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جيڪي ماڻهو بدبخت آهن. اهي دوزخ ۾ هوندا ۽ انهيءَ ۾ سندن هاءِ گهوڙا ۽ دانهون هونديون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پر اهي جو بدبخت ٿيا پوءِ باھ ۾ هوندا انهن لاءِ ان ۾ (گڏھ وانگر) ڦونگارا ۽ وڏو آواز هوندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ بدبخت ته باهه ۾ هوندا ان ۾ انهن جون رڙيون ۽ دانهون هونديون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪي بدبخت هوندا سي جهنم ۾ هوندا ۽ ان ۾ انهن جون رڙيون ۽ دانهون هونديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر پوءِ ٿيا، جي پاڻهِين، نِڀاڳا نادان، پوءِ اُهي آهن آگ ۾، مَنجهسِ تنهن مَڪان، ۽ رَڙيون، رانڀاڙا اُنهن جا، فرياديون، فغان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي نڀاڳا هوندا سي دوزخ ۾ هوندا، جو ان ۾ سندن رڙيون ۽ دانهون هونديون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي بدبخت هوندا سي جهنم ۾ پوندا (جتي گرميءَ ۽ اڃ سبب) پيا ســَـهڪندا ۽ سـُـڏڪندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهي ماڻهو جيڪي بدبخت هوندا سي دوزخ ۾ ويندا (جتي گرمي ۽ اڃ جي سختي ڪري پيا سهڪندا ۽ رڙهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي نڀاڳا ھوندا، سي جھنم ۾ ويندا، جتي گرمي جي ڪري سندن رڙيون ۽ ڪُوڪراٽ لڳا پيا ھوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ إِنَّ رَبَّكَ فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 107) |
مگر جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو ان کانسواءِ آسمانن ۽ زمين جي بقا ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، بيشڪ تنھنجو پالڻھار جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو انهيءَ (روڄ راڙي جي) حالت ۾ رهندا جيستائين ڪه زمين ۽ آسمان قائم آهن. (۽ ان جي خلاف ڪجهه نه هوندو) سواءِ هن صورت جي جو تنهنجو پروردگار (ٻيءَ طرح) چاهي. بيشڪ تنهنجو پروردگار پنهنجن ڪمن ۾ اختيار وارو آهي. جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو. (ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي جهنم ۾ هميشه هميشه هوندا جيستائين آسمان ۽ زمين هوندا، مگر جيترو رسولِ عربيءَ جي رب چاهيو، بيشڪ توهان جو رب جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو جيستائين آسمان ۽ زمين آهن هميشه ان ۾ رهندا. پر جڏهن تنهنجو پروردگار (نجات ڏيڻ) گهري، بيشڪ تنهنجو پورودگار جيڪي گهري ٿو. سو ئي ڪري ڇڏي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هميشہ رهندڙ آهن ان ۾ جيستائين قائم آهن آسمان ۽ زمين مگر جيڪي گھري رب تنهنجو بيشڪ تنهنجو رب ڪندڙ آهي واسطي ان جي جو ارادو ٿو فرمائي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ۾ (ايتري مدت) رهندا جيتري (سڀ) آسمان ۽ زمين رهيا آهن سواءِ ايتري وقت جي جيترو تنهنجو پاليندڙ گهري. بيشڪ تنهنجو پاليندڙ جيڪي گهري ٿو تنهن کي ڪرڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ان ۾ هميشه رهندا جيستائين (ان وقت وارا)آسمان ۽ زمين قائم رهندا سواءِ ان جي جيڪو تنهنجو پروردگار چاهي. بيشڪ تنهنجو پالڻهارجيئن چاهي تيئن ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُونِ هميشه اُن ۾، جانِسين زمين، آسمان، مگر مالِڪ تُنهنجو، گُھري بي گمان، سَندئـِي رَبُّ، سُبحان، جو گُھري، سو ڪري سَگھي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (۽) ان ۾ هميشه رهندا، جيسين آسمان ۽ زمين قائم آهن سواءِ انهيءَ جي جو تنهنجو ڌڻي گهري، بيشڪ، تنهنجي ڌڻيءَ کي جيڪي وڻي سو ڪري سگهي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ حالت ۾ هو سدائين رهندا جيستائين آسمانَ ۽ زمين قائم آهن، باقي جيئن تنهنجو رب گهري، بيشڪ تنهنجو رب جيئن وڻيس تيئن ڪري سگهي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهيءَ حالت ۾ هميشه رهندا جيستائين قائم آهن آسمان ۽ زمين، جيستائين ٻيو ڪجهه چاهي تنهنجو رب، بيشڪ تنهنجو رب پورو اختيار رکي ٿو ۽ جيڪي گهري سو ڪري ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ھي ماڻهو ھميشه لاءِ جھنم ۾ رھندا جيستائين (قيامت واري ڏينھن جا موجود) آسمان ۽ زمين قائم رھيا يا وڌيڪ تنھنجو پالڻھار جيڪو چاھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار جو ڪجهه چاھي ٿو سو ئي ڪري ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمَّا الَّذينَ سُعِدوا فَفِى الجَنَّةِ خٰلِدينَ فيها ما دامَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ إِلّا ما شاءَ رَبُّكَ عَطاءً غَيرَ مَجذوذٍ (آيت : 108) |
۽ جيڪي نيڪ بخت ڪيا ويا سي بھشت ۾ (گھڙندا) مگر جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو (ان کانسواءِ) آسمانن ۽ زمين جي بقا ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، (اِھا) بخشش اَڻ کٽ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن سعادت (ڪامراني) حاصل ڪئي سي بهشت ۾ هوندا ۽ ان ۾ ئي رهندا جيستائين ڪه زمين ۽ آسمان قائم آهن (ان جي خلاف ڪجهه ٿيڻوئي ناهي) سواءِ ان حالت جي جو تنهنجو پروردگار (ٻيءَ طرح) چاهي. اها (سعيدن سڀاڳن لاءِ) بخشش آهي جا هميشه لاءِ جاري رهڻ واري آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پر اهي ماڻهو جيڪي نيڪ بخت آهن اهي بهشت ۾ هميشه هميشه هوندا، جيستائين آسمان ۽ زمين هوندا مگر جيترو رسولِ عربي جي رب چاهيو اها عطا هميشه هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جي ماڻهو نيڪ بخت آهن اهي ته بهشت ۾ هوندا (۽) جيستائين آسمان ۽ زمين (باقي) آهن اهي هميشه ان ۾ رهندا. پر جڏهن تنهنجو پروردگار گهري هيءَ اها عنايت آهي جا ڪڏهين به قطع نه ٿيندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر اهي شخص جو نيڪ بخت بنايا ويا پوءِ بهشت ۾ (هوندا) هميشہ رهندڙ ان ۾ جيستائين جو قائم رهيا آسمان ۽ زمين مگر جيترو گھريو رب تنهنجي بخشش نه ختم ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نيڪ بخت ته جنت ۾ هوندا ان ۾ پيا رهندا ايتري مدت جيتري (سڀ) آسمان ۽ زمين رهيا آهن سواءِ ايتري وقت جي جيترو تنهنجو پاليندڙ گهري. (اهو) بي انتها انعام آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پر جيڪي بختاور ڪيا ويا سي جنت ۾ هوندا. اُهي ان ۾ هميشه رهندا جيستائين (ان وقت وارا)آسمان ۽ زمين قائم رهندا سواءِ ان جي جيڪي تنهنجو پروردگار چاهي. اُهو بي انتها انعام آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر نيڪ نصِيب ٿِيا، سي جَنَّت مَنجھ جُوان، سدا سُکيا اُن ۾، جاسِين زمين، آسمان، مگر مالِڪ تُنهنجو، جيڪي گُھري بي گُمان؛ اُهوئـِي اِحسان، ڪڏهن ناهي ڪَپجڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي سڀاڳا آهن، سي جنت ۾ پوندا_ منجهس هميشه رهندا_ جيسين آسمان ۽ زمين قائم آهن_ سواءِ انهيءَ جي جو تنهنجو ڌڻي گهري، اها بند نه ٿيڻ واري بخشش هوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سٺي بخت وارا سو جنت ۾ ويندا ۽ اهي اتي سدائين رهندا، جيستائين آسمان ۽ زمين قائم آهن، باقي جيئن تنهنجي رب جي مرضي. اهڙي بخشش ملندن جيڪا ڪڏهن به بند نه ٿيندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رهيا اهي ماڻهو جن جا ڀاڳ ڀلارا هوندا سي جنت ۾ ويندا ۽ اتي هو هميشه رهندا جيستائين قائم آهن آسمان ۽ زمين، سواءِ ان جي جو ٻيو ڪجهه چاهي تنهنجو رب. اهڙي ته بخشش کين ملندي جيڪا اڻ کٽ هوندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) باقي رھيا سڀاڳا ماڻهو سي ھميشه لاءِ جنت ۾ رھندا. جيستائين (قيامت واري ڏينھن جا موجود) آسمان ۽ زمين قائم رھيا يا وڌيڪ تنھنجو پالڻھار جيڪو چاھي (بھرحال) مٿن ڪيل نعمتون ڪڏھن به ختم نه ٿي سگهنديون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلا تَكُ فى مِريَةٍ مِمّا يَعبُدُ هٰؤُلاءِ ما يَعبُدونَ إِلّا كَما يَعبُدُ ءاباؤُهُم مِن قَبلُ وَإِنّا لَمُوَفّوهُم نَصيبَهُم غَيرَ مَنقوصٍ (آيت : 109) |
تنھنڪري اِھي جيڪا پوڄا ڪندا آھن تنھن کان تون شڪ ۾ نه رھ، جھڙو سندن پيءُ ڏاڏا اڳ پوڄيندا ھوا اِن کانسواءِ اِھي نه پوڄيندا آھن، ۽ اسين کين اَڻ کٽ (عذاب) جو سندن پورو حصّو ڏيندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر!) هي ماڻهو جيڪي (خدا کان سواءِ ٻين هستين جي) بندگي ٿا ڪن تن جي باري ۾ توکي ڪوبه شڪ نه هئڻ گهرجي (هو ضرور پنهنجو ڪيتو لوڙيندا) اهي اهڙيءَ ئي طرح بندگي ڪري رهيا آهن، جهڙيءَ طرح کانئن اڳي سندن ابا ڏاڏا ڪندا رهيا آهن. ضرور هيئن ٿيڻو آهي ته اسان هنن (جي عملن جي نتيجن) جو حصو هنن کي پورو پورو ڏينداسين، بنا ڪنهن گهٽتائيءَ جي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (اي ٻڌندڙ) تون ان شڪ ۾ نه پئو ته اهي بتن جي عبادت ڇوٿا ڪن، اهي نٿا پوڄا ڪن بتن جي مگر جيئن هن کان اڳ سندن وڏا پوڄا ڪندا هئا، ۽ بيشڪ اسان انهن سڀني کي سواءِ ڪنهن ڪميءَ جي سندن پورو حصو ڏينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اهي ماڻهو (خدا کانسواءِ) جنهن جي عبادت ڪن ٿا تنهن کان تون شڪ ۾ نه ٿيءُ. جيئن سندن ابا ڏاڏا هن کان اڳ پوڄا ڪن ٿا. ۽ اسين ضرور (قيامت جي ڏينهن) انهن کي (عذاب جو) پورو پورو حصو جنهن مان ڪو به گهٽ ڪيل نه هوندو ڏينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه هج شڪ ۾ ان کان جو عبادت ڪن ٿا هي نه ٿا عبادت ڪن مگر جيئن عبادت ڪندا هئا پيئر انهن جا اڳ ۾ ۽ بيشڪ اسين البته پورو ڏيندڙ آهيون انهن کي ڀاڱو انهن جو نه کٽل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر!) هي (ڪافر) جيڪا پوڄا ڪن ٿا تنهن کان تون شڪ ۾ نه ٿيءُ. جيئن سندن ابا ڏاڏا هن کان اڳ پوڄا ڪندا هئا تيئن ئي اهي پوڄا ڪن ٿا. ۽ بيشڪ اسين انهن کي سندن حصو پورو ڏيڻ وارا آهيون جنهن مان ڪجهه به گهٽ ڪيل نه هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اي مخاطب!) تون ان معبودن بابت شڪ ۾ نه هج جن جي اهي عبادت ڪن ٿا. اهي ائين ئي عبادت ڪن ٿا جيئن اڳ انهن جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا. ۽ بيشڪ اسان انهن کي (عذاب جو) پورو پورو حصو ڏيڻ وارا آهيون بنا ڪنهن ڪمي جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ تِـنِئان، شَڪ ۾،تون نه ٿِي، هِي جي ٺَلها پوڄِينِ ٿان، نه پوڄين، مگر جيئن پوڄيا، اڳي آستان، سَندنِ مَهنديَنِ مائـِٽَّنِ، پوءِ آهيون اسين عيان، ذَرو، ڌار زِيان، پُورو ڏِيندڙ پورهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سو جن جي هي عبادت ڪن ٿا، ان بابت ذرو به شڪ نه ڪج، هي به رڳو ائين ٿا سندن بندگي ڪن جيئن سندن وڏا اڳ ۾ ڪندا هئا_ اسين پڪ سان کين سندن حصو پورو پورو پهچائي ڏينداسون.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي نبي! تون انهن معبودن بابت ڪنهن به شڪ ۾ نه هــُـج، جن جي اهي پوڄا پيا ڪن. اهي ته رڳو ائين ٿا پوڄا ڪن، جيئن اڳي سندن ابا ڏاڏا ڪندا هئا ۽ اسان سندن حـصو کين پورو پورو ڏينداسون، بنا ڪنهن گهٽتائيءَ جي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سو اي نبي! تون ڪنهن به شڪ ۾ نه رهه انهن خدائن بابت جن جي اهي عبادت ڪري رهيا آهن (لڪير جا فقير آهن) پوڄا پيا ڪن اهڙيءَ طرح جيئن سندن ابا ڏاڏا اڳي ڪندا هئا ۽ اسان کين سندن حصو ڀرپور ڏينداسين بنا ڪنهن ڪٽ سٽ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ھي ماڻهو جنھن جي پوڄا ڪري رھيا آھن انهن جي باري ۾ (ھروڀرو) ھُرُ کُر ۾ نه پؤ، جيئن اڳ ۾ ھنن جا ابا ڏاڏا پوڄا ڪندا ھئا ھي به انهن جي ڊول (۽ طريقي) تي پوڄا ڪري رھيا آھن. بيشڪ اسان کين بغير ڪنھن گهٽتائي جي پنھنجو پورو حصو ڏينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 110) |
۽ بيشڪ موسىؑ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ منجھس اختلاف پيو، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حڪم اڳي نه ٿي چڪي ھا ته سندن وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ھا، ۽ اُھي کانئس وڏي شڪ ۾ پيل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو هو، پوءِ ان ۾ اختلاف ڪيا ويا ۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار اڳ ۾ ئي هڪڙي ڳالهه ٺهرائي نه ڇڏي هجي ها (يعني هيءَ ڳالهه ته دنيا ۾ هر انسان کي خدا جي قانون موجب مهلت ملڻي آهي) ته ضرور انهن جي وچ ۾ (هڪدم) فيصلو ڪيو وڃي ها ۽ انهن (منڪرن) کي ان بابت شڪ ۽ گمان آهي جو منجهي پيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي تورات عطا ڪيو پوءِ ان ۾ اختلاف ڪيو ويو، ۽ جيڪڏهن توهان جي رب جو روزِ جزا تي فيصلو رکيل نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ (دنيا ۾) فيصلو ٿي وڃي ها، ۽ بيشڪ اهي انهيءَ متعلق شڪ ۾ مبتلا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان موسى کي (توريت) ڪتاب عطا ڪيو ته ان ۾ (به) اختلاف ڪيو ويو. پر جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جي طرفان (عذاب ۾ دير ڪرڻ جو) قطعي حڪم شروع کان نه ٿيل هجي ها ته انهن ۾ پڪ (ڪڏهين جو) فيصلو ٿي به وڃي ها. ۽ هي ماڻهو (مڪي جا ڪافر) به هن (قرآن) جي باري ۾ تمام اونهي شڪ ۾ پيل آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڏنو سون موسى کي ڪتاب پوءِ اختلاف ڪيو ويو ان ۾ ۽ جيڪڏهن نه هجي ها حڪم جو اڳي ٿيو رب تنهنجي کان ته البته فيصلو ڪيو وڃي ها انهن ۾ ۽ بيشڪ اهي البته شڪ ۾ آهن ان کان شڪ ۾ وجھندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو پوءِ ان ۾ اختلاف ڪيو ويو. ۽ جيڪڏهن هڪ (مقرر) ڳالهه نه هجي جا تنهنجي پاليندڙ جي طرفان اڳي ٿي چڪي آهي ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ها ۽ بيشڪ ان ۾ کين وڏو شڪ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان موسى کي ڪتاب ڏنو پوءِ ان ۾ اختلاف ڪيو ويو. ۽ جيڪڏهن اڳ ۾ ئي تنهنجي پالڻهار جي ڳالهه مقرر ٿي نه چُڪي هجي ها ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ها. ۽ بيشڪ اُهي هن بابت حيران ڪندڙ شڪ ۾ مبتلا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِنوسون مُوسٰى مِير کي، صَحِيفو صَحِي، پوءِ اُبتڙ سَٽِي ويئـِي اُن ۾، پَنهنجي ڳالھ پَهِي، ۽ توڙان، تو ڌڻِئ کان، جي ويو نَه قَلم وَهِي، ته تن وِچ ڪيو وِيو فيصلو؛ آهي حَقِيقت هِي، ته آهن گَڏِيل گُنَهِيْ، اِن کان، اَنُومان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان موسيٰ کي به ڪتاب ڏنو هو، سو ان ۾ به اختلاف ڪيو ويو، ۽ جي تنهنجي رب وٽان ڪا ڳالهه اڳ ٺهرايل نه هجي ها ته سندن وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ها ۽ بيشڪ اهي ان کان شڪ ۽ ٻڏتر ۾ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن کان اڳ موسيٰ کي به ڪتاب ڏئي چڪا آهيون ۽ ان بابت به اختلاف ڪيو ويو هو (جيئن اڄ هن قرآن جي باري ۾ پيو ڪيو وڃي جيڪو توکي ڏنو ويو آهي) جيڪڏهن تنهنجي رب جي طرفان هڪڙي ڳالهه اڳي ئي طيءِ ٿيل نه هجي ها ته انهن اختلاف ڪندڙن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ها، اهي ماڻهو هن جي باري ۾ وڏي شڪ ۾ پيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هن کان اڳي ڏئي چڪا آهيون موسيٰ کي ڪتاب جنهن جي باري ۾ به اختلاف ڪيو ويو هو، (جيئن هن ڪتاب جي باري ۾ ٿئي پيو) تنهنجي رب طرفان اڳي ئي هڪ ڳالهه طئي ڪيل نه هجي ها ته انهن اختلافين جي وچ ۾ اڳي ئي فيصلو ڪجي ها. حقيقت ۾ ته ماڻهو شڪ ۽ مونجهاري ۾ پيل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان موسى ($) کي ڪتاب ڏنو ته ان ۾ به اختلاف پيدا ڪيو ويو (ھاڻي مڪي جا ماڻهو به قرآن جي باري ۾ اختلاف ڪن ٿا. اي نبيﷺ!) جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جي طرفان اڳ ۾ ڳالھ طئي ٿيل نه ھجي ھا ته انهن اختلاف ڪندڙن جي وچ ۾ ڪڏھو ڪو فيصلو ٿي وڃي ھا. بيشڪ ھي ماڻهو (قرآن جي باري ۾) وڏي شڪ ۾ به پيل آھن ۽ منجهيل به آھن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ كُلًّا لَمّا لَيُوَفِّيَنَّهُم رَبُّكَ أَعمٰلَهُم إِنَّهُ بِما يَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 111) |
۽ جنھن مھل (اُٿاريا ويندا ته) سڀڪنھن کي تنھنجو پالڻھار سندن اعمالن جو پورو بدلو ڏيندو، ڇوته جيڪي ڪندا آھن تنھنجي اُھو خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (يقين ڪر ته) سڀني جي لاءِ هيئن ئي ٿيڻو آهي ته جڏهن وقت اچي ويندو تڏهن تنهنجو پروردگار سندن عملن جو بدلو کين پورو ڏيئي ڇڏيندو. جيڪي جيڪي ماڻهو ڪري رهيا آهن، تنهن جي الله تعاليٰ کي پوري پوري خبر پوي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ هر هڪ (انسان) کي تنهنجو رب سندن عملن جي پوري جزا ڏيندو، بيشڪ الله تعالى سندن عملن کان خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ تنهنجو پروردگار سندن ڪرتوتن جو بدلو ڀرپور ڏيندو (ڇو ته) جيڪي سندن ڪم آهن انهن کان اهو چڱيءَ طرح واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ سڀئي جيڪي به آهن البته ضرور پورو بدلو ڏيندو انهن کي رب تنهنجو عملن انهن جي جو بيشڪ اهو ان جي جيڪو ڪن ٿا خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر!) بيشڪ سڀني کي تنهنجو پاليندڙ سندن عملن جو پورو پورو بدلو ڏيندو جيڪا هي ڪن ٿا تنهنجي اهو خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ سڀني کي انهن جي عملن جو تنهنجو پالڻهار ضرور پورو بدلو ڏيندو. بيشڪ اهو (الله) جيڪي اهي عمل ڪن ٿا تن کان خبروار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سائـِين تُنهنجو سَڀن کي، پُورا ڏِيندڙ پار، جيڪِي ڪَن ڪم ڪار، تن تي واهِي واه جو!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پڪ سان سڀني کي سندن رب سندن عملن جو پورو بدلو ڏيندو ۽ هو پڪ سندن ڪمن کان واقف آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اها به حقيقت آهي ته تنهنجو رب کين سندن عملن جو پورو پورو بدلو ڏيندو. پڪ ڄاڻو ته هو انهن جي سڀني عملن کان واقف آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اها به حقيقت آهي ته پورو پورو بدلو ضرور ڏيندو تنهنجو رب سندن عملن جو، بيشڪ اهو سندن سڀني حرڪتن کان بلڪل باخبر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجو پالڻھار سڀني کي پنھنجي عملن جو پورو بدلو ڏيندو. بيشڪ ھو سندن ھر عمل کي خوب ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَمَن تابَ مَعَكَ وَلا تَطغَوا إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 112) |
پوءِ جئن توکي حُڪم ڪيو ويو آھي تئن تون مُحڪم رھ ۽ جن توسان توبه ڪئي (سي به محڪم رھن) ۽ حد کان نه لنگھو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڪري توکي گهرجي ته جهڙيءَ طرح توکي حڪم ڏنو ويو آهي تهڙيءَ طرح تون ۽ اُهي سڀ جيڪي (خدا ڏي) موٽي توسان شامل ٿيا آهن، (حق جي راهه تي) مضبوط ۽ محڪم ٿي وڃو ۽ حدن کان ٻاهر نه وڃو، يقين ڪيو ته جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو خدا ڏسي رهيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان ۽ مؤمن حڪم موجب قائم رهو ۽ توهان حد کان نه وڌو، بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي رسول) جيئن تو کي حڪم ڪيو ويو آهي تئين تون ۽ اهي جن تو سان (ڪفر کان توبه) ڪئي آهي بلڪل ثابت قدم رھ ۽ سرڪشيءَ نه ڪريو.بيشڪ اوهين جيڪي ڪريو ٿا تنهن کي اهو ڏسندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ استقامت ڪر جيئن امر ڪيو وئين تون ۽ جنهن توبہ ڪئي گڏ توسان ۽ نه حد کان لنگھيو بيشڪ اهو الله ان کي جو ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيئن توکي حڪم ڪيو ويو آهي تيئن سڌو رهه ۽ جن توسان گڏ توبه ڪئي سي به. ۽ حد کان نه لنگهو. بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي اهو ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ثابت قدم رهه جيئن توکي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ اهو به جنهن تو سان گڏ رجوع ڪيو آهي ۽ (اي انسانو) سرڪشي نه ڪيو. بيشڪ اهو (الله) ڏسندڙ آهي اوهان جيڪي ڪم ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پُورو بِيھ پاڻ تون، جِيئَن مِلئـِي حُڪم حُضور، پڻ جي توسان گڏيا تائـِب ٿِيا، مَڃيائون مَذڪور، ۽ نه مُنجھو؛ ڪريو، جو مُور، اُهو ڏِسندڙ آهي، اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيئن توکي حڪم ڏنل آهي تيئن پختو رهه، ۽ اهي به، جن توسان گڏ توبه ڪئي آهي نا فرمان نه ٿيو بيشڪ هو اوهان جي ڪمن کي ڏسو ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري اي نبي! تون ۽ تنهنجا اهي ساٿي جيڪي (ڪفر ۽ بغاوت کان ايمان ۽ تابعداريءَ ڏانهن) موٽي آيا آهن، پوريءَ طرح سنئينءَ واٽ تي ثابت قدم ٿي بيهو، جيئن توکي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ٻانهپ جي حد کان اڳتي نه وڌو، جيڪو ڪجهه توهان ڪريو پيا الله تنهن کي ڏسي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سو (اي نبي!) تون ۽ تنهنجا ساٿي جيڪي ڪفر ۽ بغاوت کان ايمان ڏي موٽيا آهن، سڌي راهه تي ثابت قدم رهن جيئن حڪم ڏنل حد نه اورانگهين جيڪي توهان ڪريو پيا توهان جو رب ڏسي رهيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) جيڪو توهان کي حڪم ڏنو ويو آھي ان مطابق توهان ۽ توهان جا ساٿي جن رجوع ڪيو آھي، سڀ حق تي ڄمي بيھو ۽ حد کان نه وڌو. بيشڪ اللھ تعالى توھان جي ھر عمل کي ڏسي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَركَنوا إِلَى الَّذينَ ظَلَموا فَتَمَسَّكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن أَولِياءَ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 113) |
۽ ظالمن ڏانھن لاڙو نه ڪريو نه ته اوھان کي باھ لڳندي ۽ الله کان سواءِ ڪو اوھان جو دوست نه آھي وري مدد نه ڏبوَ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيئن به نه ڪجو جو ظالمن جي طرف جهڪي پئو (۽ هنن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي عملن ۾ گهٽتائي ڪيو ۽ سندن دليون وٺڻ جي ڪوشش ڪيو) جنهن ڪري (انهن جي ويجهو هئڻ سبب) توهان کي به باهه جي لهس اچي وڃي. الله کان سواءِ اوهان جو ڪوبه رفيق ڪونهي. پوءِ (جيڪڏهن ان کان جدا ٿيندؤ ته) ڪوبه توهان جي مدد ڪونه ڪندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ظالمن ڏانهن لاڙو نه ڪريو. (بالفرض توهان لاڙو ڪيو) ته توهان کي باه پهچندي، ۽ الله تعالى کان سواءِ توهان جو ڪو مددگار نه هوندو ان کان پوءِ توهان جي مدد نه ڪئي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مسلمانو!) جن ماڻهن (اسان جي نافرماني ڪري) پاڻ تي ظلم ڪيو اهي انهن ڏي مائل نه ٿجو نه ته اوهان کي به (دوزخ جي) باھ اچي لڳندي. ۽ خدا کان سواءِ ٻيا ڪي به اوهان جا سرپرست نه آهن ۽ نه وري ڪو مدد ئي ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه لاڙو ڪيو انهن ڏانهن جو ظلم ڪيائون پوءِ لڳي اوهان کي باھ ۽ ناهن اوهان لاءِ سواءِ الله جي ڪي مددگار تنهن کان پوءِ نه مدد ڪيا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ظالمن ڏي نه جهڪو نه ته اوهان کي باهه لڳندي. ۽ الله کان سواءِ اوهان جا ڪي به مددگار نه آهن. وري (ڪٿي به) اوهان کي مدد نه ملندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ماڻهن ڏانهن نه جهڪو جن ظلم ڪيو ورنه اوهان کي به جهنم جي باهه ڇُهندي ۽ اوهان لاءِ الله کان سواءِ ڪي مددگار نه هوندا پوءِ اوهان جي مدد نه ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پاسو نه ڏِيو، تن پاڻ، جن ڪيا ظُلم، زيادتيون، پوءِ چَنبڙٖي چِيْھَ اوهان کي، ڄيرو ڄِڀيُنِ ساڻ، ۽ اولياءُ، ڪو اَلله ري،ڪونهِي اوهان ڪاڻ، اُهکِي ويل اَڄاڻ!، وَرِي نه مِلندا واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ظالمن ڏانهن نه جهڪو نه ته اوهين دوزخ ۾ پوندا ۽ خدا کانسواءِ اوهان جو ڪو به مددگار نه هوندو، پوءِ ڪا به مدد نه ملندوَ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن ظالمن ڏانهن ٿورڙو به نه جــُـهڪو، نه ته توهان به باهه ۾ اچي ويندؤ ۽ الله کانسواءِ توهان کي ڪوبه اهڙو مددگار نه ملندو نڪي توهانکي ڪٿان ڪا مدد ئي ملندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه جهڪو انهن ظالمن ڏي، نه ته توهان به لپيٽ ۾ اچي ويندؤ دوزخ جي، ۽ نه ملندو توهان کي الله کان سواءِ ڪوبه واهرو (جيڪو توهان کي بچائي)، نه وري ڪٿان کان ڪا مدد ئي ملندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مؤمنو!) ظالمن جي اڳيان ڪڏھن به نه جهڪجو ورنه توھان به باهه جي عذاب جي وڪڙ ۾ اچي ويندا ۽ اوھان کي اللھ تعالى کان سواءِ ٻيو ڪوبه مددگار نه ملندو ۽ توھان جي ڪابه مدد نه ڪئي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ طَرَفَىِ النَّهارِ وَزُلَفًا مِنَ الَّيلِ إِنَّ الحَسَنٰتِ يُذهِبنَ السَّيِّـٔاتِ ذٰلِكَ ذِكرىٰ لِلذّٰكِرينَ (آيت : 114) |
۽ ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۽ پوياڙي جي وقتن ۾ ۽ ڪو وقت رات ۾ (به) نماز پڙھ، تحقيق چڱايون مداين کي نينديون آھن، نصيحت وٺندڙن لاءِ اِھا نصيحت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نماز قائم ڪيو، انهيءَ وقت جڏهن ڏينهن شروع ٿيڻ تي هجي ۽ انهيءَ وقت جڏهن رات جو پهريون حصو گذري ويو هجي. ياد رکو ته، نيڪيون برائين کي کڻي ٿيون وڃن. هيءَ نصيحت آهي انهن لاءِ جيڪي نصيحت وٺندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان صبح ۽ شام نماز پڙهو ۽ رات جي ڪجھه حصي ۾ نماز ادا ڪريو، بيشڪ نيڪيون، براين کي ختم ڪن ٿيون، اها نصيحت آهي نصيحت قبول ڪندڙن لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) ڏينهن جي ٻنهي ڪنارن ۽ رات جي ڪجھ گهڙين ۾ نماز قائم ڪر (ڇو ته) نيڪيون پڪ گناهن کي پري ڪن ٿيون ۽ اسان کي ياد ڪرڻ وارن لاءِ اهي ڳاليهون نصيحت ۽ سبق آموز آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قائم ڪر نماز ٻن پاسن ڏينهن جي ۾ ۽ ڪجھ حصي ۾ رات مان بيشڪ نيڪيون مٽائين ٿيون براين کي اها نصيحت آهي نصيحت وٺندڙن لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڏينهن جي ٻن پاسن ۾ ۽ رات جي ڪجهه گهڙين ۾ نماز قائم ڪر. بيشڪ نيڪيون براين کي دور ڪن ٿيون. اها ياد رکڻ وارن لاءِ هڪ نصيحت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نماز قائم ڪر ڏينهن جي ٻنهين پاسن ۾ ۽ رات جي گهڙين ۾. بيشڪ نيڪيون براين کي ميٽي ڇڏن ٿيون. هي نصيحت آهي ياد رکڻ وارن لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻه پاسا، ڏِينهن، پَل رات مان، پَرھ نِمازون نُور، چَڱايون چَگاين کي، ميٽي ڇَڏينِ مُور، مَنجھ اِنهِيءَ مَذڪُور، سارڻ سارِيندڙن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڏينهن جي ٻنهي طرفن ۽ رات جي ڪجهه حصن ۾ نماز کي قائم رک، بيشڪ نيڪ ڪم بڇڙن ڪمن کي ميٽين ٿا، اها ڳالهه نصيحت وٺندڙن لاءِ هڪ نصيحت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نماز قائم ڪر ڏينهن جي ٻنهي ڇيڙن تي ۽ ڪجهه رات گذرڻ تي، بيشڪ نيڪيون بدين کي مٽائي ٿيون ڇڏين، الله کي ياد رکڻ وارن لاءِ اها نصيحت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏس نماز قائم ڪر ڏينهن جي ٻن ڇيڙن تي ۽ ڪجهه رات گذرڻ تي. بيشڪ نيڪيون دور ڪن ٿيون براين کي. اها ياد ڏيارڻ واري شيءِ آهي انهن لاءِ جيڪي الله کي ياد رکڻ وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نماز قائم ڪريو صبح، شام ۽ ٿورو وقت رات جي اونداهه ٿيڻ کان پوءِ (يعني صبح، عصر، مغرب ۽ عشاء جون نمازون) بيشڪ نيڪيون برائين کي ميٽائين ٿيون، نصيحت مڃيندڙن لاءِ اها ھڪ وڏي نصيحت آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاصبِر فَإِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 115) |
۽ صبر ڪر بيشڪ الله ڀلارن جو اجر نه وڃائيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ صبر ڪيو (يعني حق جي راه ۾ سڀ تڪليفون ۽ مصيبتون ثابت قدميءَ سان سهندا رهو) ڇو ته بيشڪ الله تعاليٰ نيڪ عملن جو اجر ضايع نٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان صبر ڪريو بيشڪ الله تعالى نيڪوڪارن جو اجر ضايع نٿو ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) تون صبر ڪر! ڇو ته خدا نيڪي ڪرڻ وارن جو اجر وڃائي نه ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ صبر ڪر پوءِ بيشڪ الله نه ٿو ضايع ڪري اجر نيڪو ڪارن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ صبر ڪر ڇو ته الله نيڪي ڪرڻ وارن جو اجر نه ٿو وڃائي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ صبر ڪر پوءِ بيشڪ الله نيڪي ڪرڻ وارن جو اجر نه ٿو وڃائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بَرسِر سَھ بار، پوءِ اَلله جَلَّ جَلالہٗ، وِڃائي نَه وار، اُجَرن سَندي، اَجر مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ صبر ڪر، جو بيشڪ الله نيڪو ڪارن جي اجر کي نٿو وڃائي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ صبر ڪر، الله نيڪي ڪندڙن جو اجر ڪڏهن به نه وڃائيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ صبر اختيار ڪر، بيشڪ الله نه وڃائيندو آهي ذرو به نيڪي ڪندڙن جو اجر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) صبر ئي ڪر، بيشڪ اللھ تعالى نيڪوڪارن جي اجر کي ڪڏھن به ضايع نٿو ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَولا كانَ مِنَ القُرونِ مِن قَبلِكُم أُولوا بَقِيَّةٍ يَنهَونَ عَنِ الفَسادِ فِى الأَرضِ إِلّا قَليلًا مِمَّن أَنجَينا مِنهُم وَاتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا ما أُترِفوا فيهِ وَكانوا مُجرِمينَ (آيت : 116) |
پوءِ اوھان کان اڳ اڳين صدين وارن مان (گھڻا) سمجھ ڀريا ڇونه ٿيا جو (ماڻھن کي) ملڪ ۾ فساد (وجھڻ) کان جھلين ھا پر ڪي ٿورڙا ٿيا جن کي منجھائن بچايوسون، ۽ جيڪي ظالم ھوا سي جنھن (مال) ۾ آسودا ڪيا ويا تنھنجي پٺيان لڳا ۽ اُھي ڏوھاري ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (ڏسو ته) هيئن ڇو نه ٿيو جو جيڪي پيڙهيون اوهان کي اڳي ٿي گذريون تن ۾ ڪي نيڪ ماڻهو به رهن ها جيڪي ٻين ماڻهن کي گناهن ۽ شرارتن ۽ فساد کان روڪين ها، پر ائين ڪونه ٿيو سواءِ ڪن ٿورين پيڙهين جي جن کي اسان (تباهه ٿيڻ کان) ڇوٽڪارو ڏنو. ظلم ڪندڙ ته انهيءَ ئي راهه تي هلندا رهيا جنهن ۾ هنن (پنهنجي نفساني لذتن جي) آسودگي محسوس ڪئي هئي ۽ اُهي سڀ (حق جي حڪمن جا نافرمان) ڏوهاري ۽ گهنگار هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪي اُمتون توهان کان اڳ ۾ گذريون آهن انهن ۾ اهڙا عقلمند ماڻهو ڇو نه هئا، جيڪي ٻين کي زمين ۾ فساد ڪرڻ کان روڪين ها، مگر ٿورڙا انهن مان اهي هئا جن کي اسان نجات ڏني، ۽ (انهن مان) جيڪي ظالم هئا سي عيش پرستي ۾ هئا ۽ اهي ئي مجرم هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪي تو کان اڳ ٿي گذريا آهن انهن مان ڪجھ ماڻهو اهڙا عقل وارا ڇو ڪين ٿيا جيڪي ماڻهن کي روءِ زمين تي فساد پيدا ڪرڻ کان منع ڪن ٿا. (اهڙا ماڻهو هئا) پر ٿورڙا ۽ هي اهي هئا جن کي اسان (عذاب کان) بچائي ورتو، پڻ جن ماڻهن نافرماين ڪئي هئي انهن (لذتن) جي پٺيان پيل هئا جيڪي کين ڏنل هيون ۽ اهي ڏوهاري ته هئا ئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڇو نه هئا زمانن ۾ اڳي اوهان کان صاحب سمجھ جا جو روڪين ها فساد کان زمين ۾ مگر ٿورا انهن مان جو ڇڏايا سون انهن مان ۽ تابع ٿيا اهي جو ظلم ڪيائون ان کي جو آسودا ڪيا ويا ان ۾ ۽ هئا مجرم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهان کان اڳين (برباد ڪيل) جماعتن مان سمجهه ڀريا ڇو نه ٿيا جو زمين ۾ فساد کان روڪين پر سواءِ ٿورن جي جن کي اسان انهن مان بچايو (تن زمين ۾ فساد کان روڪيو) ۽ ظالم ان شيءِ جي پٺيان لڳا جنهن سان انهن کي آسودو ڪيو ويو هو ۽ اهي ڏوهاري هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اوهان کان اڳين امتن مان اهڙا سمجهه ڀريا ڇونه ٿيا! جيڪي (ماڻهن کي) زمين ۾ فساد (ڦهلائڻ) کان روڪن ها. سواءِ انهن مان ٿورڙن ماڻهن جي جن کي اسان نجات ڏني. ۽ ظالم ماڻهو ته انهن شين جي پويان پئجي ويا جن ۾ کين آسودگي ڏني وئي هئي ۽ اُهي ڏوهاري هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهان کان، اڳين جُڳن مان، باقي هُئا جيڪر، جي ڀُونءَ ۾ جَھلِينِ بِگيڙ کان. مگر مُختصر، اُنهن مان آخِر، جان ڇَڏائـِي سُون ، جن جي. ۽ ڪيا جن ڪَلُور، پُٺِيءَ لَڳاتِنهن لوڀ جي، مال مِليَنِ، جو مُور؛ ۽ هُئا ڏوهارِي ڏيھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪي امتون اوهان کان اڳ گذري چڪيون آهن، انهن ۾ ٻيا اهڙا سمجهه ڀريا ڇو نه ٿيا، جو ملڪ ۾ فساد کان منع ڪن ها! سواءِ انهن ٿورن جي، جن کي اسان عذاب کان بچايو هو ۽ جيڪي نافرمان هئا، سي جنهن آسودگيءَ ۾ هئا، ان ۾ ئي پيا رهيا ۽ ڏوهاري هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڇو نه انهن قومن مان جيڪي توهان کان اڳ ٿي گذريون آهن، اهڙا چڱا ماڻهو پوئتي رهيا، جيڪي ماڻهن کي زمين ۾ فساد ڪرڻ کان روڪين ها؟ اهڙا ماڻهو نڪتا به ته ڪي تمام ٿورا، جن کي اسان انهن قومن منجهان بچائي ورتو هو، نه ته ظالم ته انهن مزن جي ڪڍ لڳا رهيا، جن جا سامان کين جهجها ڏنا ويا هئا ۽ اهي ڏوهاري ٿي رهيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇو نه توهان کان اڳ وارين قومن ۾ اهڙا ڀلارا ماڻهو موجود هئا جيڪي ماڻهن کي روڪين ها فساد ڪرڻ کان زمين ۾؟ اهڙا ماڻهو هئا به ته تمام ٿورا، جن کي بچائي ورتوسين انهن قومن مان، نه ته اهي ماڻهو جيڪي ظالم هئا انهن مزن جي پٺيان لڳا رهيا، جن کي گهڻا سامان ڏنا ويا ۽ اهي مجرم بڻجي ويا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توھان کان اڳ جيڪي امتون ٿي گذريون آھن، انهن مان ڇو نه اھڙا سمجهدار ماڻهو پيدا ٿيا جيڪي زمين ۾ ماڻهن کي فساد ڪرڻ کان روڪين ھا؟ (۽ جيڪڏهن ھئا به ته) ٿوري تعداد ۾. پوءِ اسان فسادين مان صرف انهن ٿورن کي ئي بچايوسين ۽ ظالم ماڻهو وري خوشحالي جي مزن جي پويان لڳا رھيا، ھو سڀ ڏوھاري ماڻهو ھئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما كانَ رَبُّكَ لِيُهلِكَ القُرىٰ بِظُلمٍ وَأَهلُها مُصلِحونَ (آيت : 117) |
۽ (اي پيغمبر) تنھنجو پالڻھار اھڙو نه آھي جو ڳوٺن کي سندن سڌريل رھاڪُن ھوندي ظلم سان ناس ڪري ڇڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رک ته) هيئن هرگز ٿي نٿو سگهي جو تنهنجو پروردگار بستين ۽ آبادين کي ناحق تباهه ڪري ڇڏي، اگرچه انهن جا رهاڪو پاڻ کي سڌارڻ وارا هجن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان جو رب نيڪي ڪرڻ جي ڪري ڪنهن ڳوٺ وارن کي ظلم سان هلاڪ ڪندڙ ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تنهنجو پالڻهار اهڙو (بي انصاف) نه آهي جو ڳوٺن کي ظلم سان برباد ڪري ۽ اتي جا رهاڪو چڱا ڪم ڪندا هجن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي رب تنهنجو تانته هلاڪ ڪري ڳوٺن کي ۽ اهل انهن جو سڌريل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر!) تنهنجو پاليندڙ اهڙو نه آهي جو ڳوٺن کي ظلم سان برباد ڪري هوڏانهن اتي جا رهڻ وارا چڱا ڪم ڪندڙ هجن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تنهنجو پالڻهار ائين نه آهي جو ڳوٺن کي بي انصافي سان برباد ڪري ان حال ۾ جو ان جا رهواسي اصلاح ڪندڙ هجن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌڻِي تُنهنجو، سي ديهون، اَصل نه ڪَري اُجاڙ، ساڻ جَفاجاڙ، ۽ سُڌريل، ساڪِن جن جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهنجو ڌڻي اهڙو نه آهي، جو ڳوٺن کي ظلم سان ناس ڪري ۽ انهن جا رهاڪو سڌارو ڪندڙ هجن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنجو رب اهڙو نه آهي جو ناحق آبادين کي برباد ڪري ڇڏي، جڏهن ته انهن جا رهاڪو سڌارو آڻڻ وارا هجن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه آهي تنهنجو رب اهڙو جيڪو وسندين کي ناحق برباد ڪري جڏهن ته ان جا باسي اصلاح ڪندڙ هجن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن شھرن ۾ اصلاح ڪرڻ وارا ماڻهو موجود ھجن ته اللھ تعالى ايئن نه آھي جو انهن شھرن کي ڪڏھن به ظلم سان برباد ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَجَعَلَ النّاسَ أُمَّةً وٰحِدَةً وَلا يَزالونَ مُختَلِفينَ (آيت : 118) |
۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھري ھا ته (سڀني) ماڻھن کي ھڪ ئي مذھب (تي) ڪري ھا ۽ (اُھي) سدائين مختلف (مذھب تي) رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن تنهنجو پروردگار چاهي ها ته سڀني ماڻهن کي هڪ امت بنائي ها (يعني سڀ هڪ ئي راهه تي گامزن هجن ها. پر توهان ڏسي رهيا آهيو ته هن ائين نه چاهيو ۽ هتي جدا جدا ٽوليون ۽ جدا جدا واٽون ٿيون) ۽ ماڻهو ائين ئي جدا جدا راهن تي هلندا رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان جو رب چاهي ها ته سڀني ماڻهن کي هڪ اُمت ڪري ها، ۽ هميشه اهي اختلاف ۾ رهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن تنهنجو پالڻهار گهري ها ته بيشڪ سڀ ماڻهو هڪ ئي (قسم جي) امت بنائي ڇڏي ها (پر هنن ائين نه چاهيو تنهن ڪري) ماڻهو هميشه پاڻ ۾ اختلاف ڪندا رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن گھري ها رب تنهنجو ته البته ڪري ها ماڻهن کي امت هڪ ۽ هميشہ هوندا اختلاف ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن تنهنجو پاليندڙ گهري ها ته ماڻهن کي هڪ جماعت ڪري ها هوڏانهن اهي هميشة اختلاف ڪندا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن تنهنجو پالڻهار چاهي ها ته (سڀ) ماڻهن کي هڪ امت بنائي ڇڏي ها ۽ اهي هميشه اختلاف ڪندا رهندا .(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي تُنهنجي پرور پاڻ، ڪيو اِرادو اَصل کان، ته ڪَيائـِين مِڙِني ماڻهئـِين، هِڪ اُمّت ساٿ سُڄاڻ، ۽ هُونِ هَميشه پاڻ ۾، ڇُلنگِيون مَنجھ ڇِڪتاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن تنهنجو ڌڻي گهري ته سڀني ماڻهن کي هڪڙي طريقي تي رکي، هو هميشه اختلاف ئي ڪندا رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ تنهنجو رب جيڪڏهن چاهي ها ته سڀني انسانن کي هڪڙي ئي امت بڻائي ٿي سگهيو، پر هاڻي ته هو جدا جدا طريقن تي ئي هلندا رهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي تنهنجو رب گهري ها ته سڀني انسانن کي هڪڙو ٽولو بڻائي ڇڏي ها، پر هاڻي اهي هلندا رهندا ڌار ڌار طريقن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جو پالڻھار جيڪڏھن چاھي ھا ته سڀني ماڻهن کي (شروع ۾ئي) ھڪ گروه (يعني امت) بنائي ڇڏي ھا پر (ھاڻي) سندس نظام تحت ھي ماڻهو مختلف طريقن تي ئي ھلندا رھندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا مَن رَحِمَ رَبُّكَ وَلِذٰلِكَ خَلَقَهُم وَتَمَّت كَلِمَةُ رَبِّكَ لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 119) |
پر جن تي تنھنجي پالڻھار رحم ڪيو (سي ھڪ ئي مذھب تي رھندا)، ۽ کين انھيءَ لاءِ (الله) پيدا ڪيو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جو ٻولُ پورو ٿيو جو جنن ۽ ماڻھن مان گڏي دوزخ ضرور ڀريندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جن تي تنهنجي پروردگار رحم ڪيو (سي اختلاف ڪونه ڪندا، ڇو ته اُهي حقيقت کي پروڙي ويندا ۽ قبول ڪندا) ۽ کين انهيءَ ئي لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي ۽ (وري ڏسو ته فڪر ۽ عمل جي انهيءَ ئي اختلاف جو نتيجو آهي جو) تنهنجي پروردگار جي (ٺهرايل) ڳالهه پوري بيٺي جو ضرور هيئن ٿيندو ته مان جهنم کي جنن توڙي انسانن سان ڀري ڇڏيندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر جنهنکي توهان جو رب چاهي، ۽ انهي لاءِ انهن کي پيدا ڪيو اٿس ۽ توهان جي رب جو وعدو پورو ٿيو ته آئون ضرور جهنم کي جِنن ۽ انسانن سان ڀريندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جنهن تي تنهنجو پروردگار رحم فرمائي. ۽ ان لاءِ ته هن انهن کي پيدا ڪيو. ۽ (تنهن ڪري ئي) تنهنجي پالڻهار جو حڪم قطعي پورو ٿيو جو اسين پڪ جهنم کي جنن ۽ انسانن سڀني مان ڀرينداسين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر جنهن تي رحم ڪري رب تنهنجو ۽ ان جي لاءِ پيدا ڪيائين انهن کي ۽ پورو ٿيو فرمان رب تنھنجي جو ته البته ضرور ڀريندس جھنم کي جنن ۽ ماڻهن مان گڏي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سواءِ انهن جي جن تي تنهنجي پاليندڙ رحم ڪيو ۽ ان (اختلاف) لاءِ ته انهن کي پيدا ڪيو اٿس. ۽ تنهنجي پاليندڙ جي ڳالهه به پوري ٿي ته جهنم کي جنن ۽ انسانن سڀني مان ڀريندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ ان جي جنهن تي تنهنجو پالڻهار رحم ڪري. ۽ ان لاءِ ئي ته انهن کي پيدا ڪيائين. ۽ تنهنجي پالڻهار جو فرمان پورو ٿيو ته: ”آءُ ضرور جهنم کي جِنن ۽ انسانن سان ڀريندس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر جِنهن تي، مِهر مالِڪ ڪَئـِي ۽ جوڙيئـِين به جنهن ڪاڻ، ۽ تُنهنجي پَرور پاڪ جو، پُورو ٿِيو پَرياڻ، ته مِڙئـِي جِنَن، ماڻهن ساڻ، بِلڪُل ڀَرِيندسِ باه کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جن تي تنهنجي ڌڻيءَ جي رحمت ٿئي ۽ انهيءَ لاءِ ئي انهن کي خلقيائين_ تنهنجي ڌڻيءَ جي اها ڳالهه پوري ٿيندي، ته آءُ جهنم کي جنن ۽ انسانن ٻنهي سان ڀريندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڀٽڪڻ کان رڳو اهي ئي ماڻهو بچي ويندا، جن تي تنهنجي رب جي رحمت ٿيل آهي. انهيءَ (بااختيار نموني ۾ هلڻ ۽ آزمائش ۾ پوڻ) لاءِ ته هن کين پيدا ڪيو آهي ۽ تنهنجي رب جي اها ڳالهه پوري ٿي، جيڪا چئي هئائين ته مان جهنم کي جنن ۽ انسانن سڀني سان ڀري ڇڏيندس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ گمراهين کان رڳو اهي بچندا جن تي رحمت آهي تنهنجي رب جي، ۽ جنهن ڳالهه لاءِ کين پيدا ڪيو ويو هو سا پوري ٿي ڳالهه تنهنجي رب جي جيڪا هن چئي هئي ته آئون دوزخ کي جنن ۽ انسانن سڀني سان ڀري ڇڏيندس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) باقي (حق کي قبول ڪرڻ جي صورت ۾) جن ماڻهن تي تنھنجو پالڻھار رحم ڪندو ته ھو اختلافن کان بچي ويندا. ان مقصد لاءِ ئي انسان کي پيدا ڪيو ويو آھي ۽ تنھنجي پالڻھار جي (اھا) ڳالھ پوري ٿي ته مان جنن ۽ انسانن سان جھنم کي ضرور ڀريندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكُلًّا نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ الرُّسُلِ ما نُثَبِّتُ بِهِ فُؤادَكَ وَجاءَكَ فى هٰذِهِ الحَقُّ وَمَوعِظَةٌ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 120) |
۽ (اي پيغمبر) پيغمبرن جي خبرن مان تو وٽ ايترو بيان ڪريون ٿا جنھن سان تنھنجي دل کي مضبوط ڪريون، ۽ اُنھن (خبرن) ۾ حق ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت ۽ سمجھاڻي آئي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) رسولن جي احوالن مان جيڪي جيڪي قصا اسان توکي ٻڌايون ٿا (يعني جن جن نمونن سان ٻڌايون ٿا) تن سڀني ۾ هيءَ ئي ڳالهه (يعني مقصد رکيل) آهي ته تنهنجي دل کي تسڪين (تسلي) ڏيون (ته اڳي به ماڻهن رسولن جي مخالفت ڪئي تنهن ڪري تون پاڻ کي ارمان ۾ جهوري نه وجهه) ۽ (ٻي هيءَ ڳالهه ته انهن قصن مان) توکي حق جو اجر ملي ويو. (يعني سچائي جا روشن دليل ملي ويا) ۽ پڻ نصيحت (ته فقط نصيحت وٺندڙ نصيحت تي هلندا) ۽ پڻ (انهن قصن ۾) مؤمنن جي لاءِ (حق جي) يادگيري ڏياري ويئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي سمورن نبين جا قصا، اسان توهان تي (انهي لاءِ) بيان ڪريون ٿا ته توهان جي دل تي اهي ثابت ٿي بيهن، ۽ توهان وٽ قرآن ڪريم ۾ حق آيو آهي ۽ اهو مؤمنن لاءِ واعظ ۽ نصيحت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) اڳين نبين جي ڳالهين مان اسين انهن سڀني ڳالهين کي تو سان ذڪر ڪريون ٿا جن سان اسين تنهنجيءَ دل کي مضبوط ڪري ڇڏينداسون. ۽ ان ئي ڳالهين ۾ تو وٽ حق (قرآن) ۽ مومنن جي لاءِ نصيحت ۽ ياداشت به آئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سڀ ٿا بيان ڪيون اسين توتي خبرن رسولن جي مان اهو جو ثابت ٿا رکون ان سان دل تنهنجي ۽ آيو تو وٽ هن ۾ حق ۽ نصيحت ۽ ياد ڪرڻ جھڙي ڳالھ مؤمنن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سڀ ڪجهه رسولن جي انهن خبرن مان جن سان تنهنجي دل کي مضبوط ڪريون ٿا توکي ٻڌايون ٿا. ۽ هن (سورت) ۾ تو وٽ سچي حقيقت ۽ نصيحت ۽ مومن لاءِ ياد دهاني آئي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نبين جي واقعن مان سڀ قصا تو تي بيان ڪيون ٿا هن لاءِ ته ان سان تنهنجي دل کي پختو ڪيون. ۽ هن (سورت) ۾ به تو وٽ حق آيو آهي ۽ نصيحت ۽ يادگيرو آهي ايمان وارن لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَڀ خبرون کوليون تو مَٿي، مُرسلن جون مَهندار!، جَن سان ڪريون تُنهنجو، قَلب بَرقرار، ۽ آيَئـِي حَق هِن ۾، پڻ نَصِحيت نِبار، تن لئي سَارسَنڀار، جي مَڃِيندڙ مَذڪور کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين پيغمبرن جي قصن مان اهي سڀ قصا توکي ٻڌايون ٿا، جن سان تنهنجي دل کي مضبوط ڪريون ٿا، انهن ۾ تو وٽ سچ پهتو آهي ۽ مومنن لاءِ نصيحت ۽ يادگيري آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! اهي پيغمبرن جا قصا جيڪي اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون، اهي اُهي شيون آهن، جن وسيلي اسان تنهنجي دل کي مضبوط ٿا ڪريون، انهن منجهان توکي حقيقت جي ڄاڻ ملي ۽ ايمان آڻڻ وارن کي نصيحت ۽ ســُـجاڳي نصيب ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) اهي قصا جيڪي توکي ٻڌايون ٿا (ڪيترن) پيغمبرن جا، هي اهي ڳالهيون آهن جن سان تنهنجي دل کي مضبوط ڪريون ٿا، ۽ انهن ۾ توکي حقيقت جو علم ٿيو ۽ نصيحت ۽ سجاڳي ملي ايمان آڻيندڙن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) نبين سڳورن جا هي واقعا اسان توکي ان ڪري ٻڌايون ٿا ته جيئن تنھنجي دل کي مضبوط ڪريون، انهن واقعن ۾ توکي اصل حقيقت جي ڄاڻ ملي ۽ مؤمنن کي وري نصيحت ۽ ياد دھاني ٿئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقُل لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّا عٰمِلونَ (آيت : 121) |
۽ (اي پيغمبر) جيڪي نه مڃيندا آھن تن کي چؤ ته اوھين پنھنجي جاءِ عمل ڪريو، اسين (به) عمل ڪندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو ايمان نٿا آڻين (۽ حق جي دعوت جو مقابلو ڪري رهيا آهن) تن کي چئي ڏي ته توهان پنهنجي جاءِ تي (يعني جيئن وڻيوَ ۽ پڄيوَ تيئن) ڪم ڪندا رهو. اسان به (پنهنجي جاءِ تي) عملن ۾ سرگرم آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان، ڪافرن کي فرمايو ته توهان پنهنجي جاءِ تي عمل ڪريو، بيشڪ اسين پنهنجو عمل ڪندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) جيڪي ايمان نه ٿا آڻين تن کي چئو ته اوهين پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪريو. اسين به (بجاءِ خود) ڪم ڪندڙ آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فرماءِ واسطي انهن جي جيڪي نه ٿا ايمان آڻين ته عمل ڪندا ڪيو پنهنجي جاءِ تي بيشڪ اسين عمل ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي ايمان نه ٿا آڻين تن کي چو ته اوهين پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪريو. اسين به ڪم ڪندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ايمان نه ٿا آڻن انهن کي چئو ته: ”اوهان پنهنجي جاءِ تي عمل ڪيو. بيشڪ اسان به عمل ڪندڙ آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي نَه وِسَهَنِ، چَئو تن، ته ڪريو اوهين ڪم ڪار، پَنهنجي ماڳ مَڪان تي، اَسِين بِه ڪندڙ برقرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ايمان نه آڻيندڙن کي چئو ته ”اوهان پنهنجي جاءِ عمل ڪندا رهو ۽ اسين به عمل ڪري رهيا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جيڪي ماڻهو ايمان نٿا آڻين، انهن کي چئي ڇڏ ته توهان پنهنجي طريقي تي هلندا رهو ۽ اسان پنهنجي طريقي تي عمل ڪندڙ آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چئي ڇڏ (اي نبي!) انهن ماڻهن کي جيڪي ايمان نٿا آڻين، ته توهان پنهنجو ڪم ڪندا رهو، اسان پنهنجو ڪم ڪنداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون انهن ماڻهن کي چؤ جن ايمان نه آندو ته توھان پنھنجي جاءِ تي عمل ڪندا رھو، بيشڪ اسان به پنھنجي جاءِ تي عمل ڪري رھيا آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَانتَظِروا إِنّا مُنتَظِرونَ (آيت : 122) |
۽ انتظار ڪريو، اسين (به) انتطار ڪندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (نتيجي لاءِ) منتظر رهو. اسان به منتظر آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان انتظار ڪريو، بيشڪ اسين به انتظار ڪندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (نتيجي جو) اوهين به انتظار ڪريو اسين به منتظر آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽انتظار ڪيو بيشڪ اسين انتظار ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽انتظار ڪريو. اسين (به) انتظار ڪندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انتظار ڪيو، بيشڪ اسان به انتظار ڪندڙ آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ويٺاڏِسو ڪاوار، اَسين به ڏِسَندڙ آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهين به واٽ نهاريندا رهو ۽ اسين به واٽ نهاريندا رهون ٿا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نتيجي جو انتظار توهان به ڪريو ۽ اسان به انتظار پيا ڪريون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نتيجي جو توهان انتظار ڪريو، اسان به انتظار ۾ آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (نتيجي جو) انتظار توھان به ڪريو ۽ اسان به نتيجي جي انتظار ۾ آھيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّهِ غَيبُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَيهِ يُرجَعُ الأَمرُ كُلُّهُ فَاعبُدهُ وَتَوَكَّل عَلَيهِ وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 123) |
۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ رڳو الله کي (معلوم) آھي ۽ سڀ ڪم ڏانھس موٽايو ويندو آھي پوءِ سندس عبادت ڪر ۽ مٿس ڀروسو رک، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن کان تنھنجو پالڻھار بي خبر نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رک ته) الله ئي کي آسمان ۽ زمين جي لڪل ڳالهين جو علم آهي. ۽ سڀ ڪم سندس ئي اڳيان رجوع ٿين ٿا. تنهن ڪري سندس ئي بندگيءَ ۾ لڳو رهه (يعني سڀ فرض ۽ حڪم بجا آڻيندو رهه) ۽ مٿس ڀروسو رک (ته آخر نيڪ ماڻهو ڪامياب ٿيندا ۽ بد ماڻهو نقصانن هيٺ ايندا) تنهنجو پروردگار انهن عملن کان غافل ناهي، جيڪي جيڪي ماڻهو ڪري رهيا آهن (هو ماڻهن جا سڀ عمل ڄاڻي ٿو ۽ انهن جو حساب وٺي ٿو ۽ جزا ۽ سزا ڏئي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آسمانن ۽ زمينن جو غيب الله تعالى وٽ آهي. ۽ سڀئي عمل الله ڏانهن موٽايا ويندا، پوءِ توهان الله جي عبادت ڪريو ۽ انهي تي توڪل ڪريو، ۽ توهان جو رب توهان جي عملن کان بي خبر ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي لڪل ڳالهين جو علم خاص خدا کي ئي آهي. ۽ ان ڏي ئي هر ڳالھ ڦري گهري موٽي ٿي. اوهين به سندس عبادت ڪريو ۽ انهيءَ تي ڀروسو رکو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا خدا تنهن کان بي خبر نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ واسطي الله جي آهن لڪل (ڳالهيون) آسمانن ۽ زمين جون ۽ ان ڏانهن موٽايو ٿو وڃي امر سڀ جو سڀ پوءِ عبادت ڪر ان جي ۽ توڪل ڪر ان تي ۽ ناهي رب تنهنجو غافل ان کان جو ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳجهه الله وٽ آهي ۽ ان ڏي ئي سڄي ڪم کي موٽايو وڃي ٿو پوءِ سندس عبادت ڪر، ۽ مٿس ڀروسو ڪر. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان تنهنجو پاليندڙ بي خبر نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آسمانن ۽ زمين جو غيب الله وٽ آهي ۽ ان ڏانهن هر معاملو موٽايو وڃي ٿو پوءِ سندس عبادت ڪر ۽ ان تي ڀروسو رک. ۽ تنهنجو پالڻهار بي خبر نه آهي جيڪي اوهين عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهِن سَڀ اَلله لئ، اُڀ ڀُوين جا اَسرار، ۽ اُن ڏي آخِرڪار، هر معاملو موٽائـِبو. پو پُوڄ اَڪيلي اُن کي ۽ رک بَرسِر مَٿسِ بار، ۽ ڪَرو جي ڪَم ڪار، تِنِئان، والِي نه تُنهنجو ويسلو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن ۽ زمين جي غيب جون ڳالهيون الله کي معلوم آهن ۽ سڀئي ڪم ان ڏانهن موٽن ٿا، پوءِ تون ان جي عبادت ڪر، ان تي ڀروسو رک ۽ جيڪي ڪم اوهين ڪندا رهو ٿا تن کان اوهان جو ڌڻي بي خبر نه آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين جا جيڪي به ڳجهه آهن، سڀئي الله جي هٿ ۾ آهن ۽ سڀ ڪم ڏانهس ئي موٽن ٿا. تنهنڪري اي نبي! تون سندس ئي بندگي ڪر ۽ مٿس ئي ڀروسو رک، جيڪي به توهان ڪريو ٿا، تنهنجو رب ان کان بي خبر ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله جي قدرت جي قبضي ۾ آهي اهو سڀ معاملو جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ لڪل آهي، ۽ سڀ معاملو ان ڏي ئي موٽايو وڃي ٿو، تنهنڪري (اي نبي!) تون سندس بندگي ڪر ۽ ڀروسو ان تي رک، ۽ تنهنجو رب ان کان بي خبر ناهي جيڪي ڪجهه توهان ڪري رهيا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي غيب جو علم صرف اللھ تعالى وٽ آھي ۽ ھر معاملو ان جي طرف ئي موٽي ٿو . (پوءِ اي پيغمبر!) تون ان جي عبادت ڪر، ان تي ڀروسو رک ۽ جيڪو توھان عمل ڪريو ٿا، ان کان تنھنجو پالڻھار بي خبر نه آھي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |