توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
قُل يٰأَيُّهَا الكٰفِرونَ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر ڪافرن کي) چؤ ته اي ڪافرؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! انهن ڪافرن کي) چئو ته، اي ڪافرؤ! (منهنجو ۽ توهان جو طريقو هڪ نٿو ٿي سگهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو، اي ڪافرو !(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي پيغمبر) تون چوين ته اي ڪافرو!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماء ته اي ڪافرو! .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) چئو ته اي ڪافرو! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) چؤ ته اي ڪفر ڪرڻ وارئو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو ته اَڙي ڪافِرو!، بي شُڪر، بي دِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته اي ڪافرو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چئي ڇڏ ته اي ڪافرؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ ته اي ڪافرؤ!(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ! وڏي واڪي) چؤ ته اي ڪافرؤ! (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا أَعبُدُ ما تَعبُدونَ (آيت : 2) |
نڪي آءٌ ان جي عبادت ڪندس جنھنجي اوھين عبادت ڪندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (توهان جا ۽ منهنجا رستا، منزل ۽ مقصود الڳ الڳ آهن) آءٌ ان جي عبادت نٿو ڪريان جنهن جي (ذهن جي تراشيل سوين جيئرن ۽ مئلن معبودن جي) اوهين عبادت (۽ پيروڪاري) ڪريو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) آئون انهن جي عبادت نٿو ڪريان جن جي توهان عبادت ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آءُ انهن کي نه ٿو پوڄان جن جي اوهين پوڄا (پاٺ) ڪريو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿو عبادت ڪيان مان انهن جي جن جي اوهان عبات ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آءٌ ان جي عبادت نٿو ڪريان جنهن جي اوهين عبادت ڪريو ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آءٌ انهن (ڪوڙن معبودن)کي نه ٿو پوڄيان جن کي توهان پوڄيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آئون اَصل نه پُوڄيان، سي ٽول ٽِڪاڻا ٽِين، جِن کي پُوڄيو پَنڌ ڪريو، ڳرهيو حال حَزِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آءُ انهن جي بندگي نٿو ڪريان، جن جي اوهين ٿا ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان انهن جي عبادت نٿو ڪريان، جن جي توهان عبادت ٿا ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آئون نٿو عبادت ڪريان انهن جي جن جي توهان عبادت ڪريو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان اُنهن جي عبادت نه ڪندس، جن جي عبادت توهان ڪريو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا أَنتُم عٰبِدونَ ما أَعبُدُ (آيت : 3) |
۽ نڪي اوھين ان جي عبادت ڪندؤ جنھن جي آءٌ عبادت ڪندو آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نڪي اوهين ان جي عبادت ڪريو ٿا، جنهن (اڪيلي خالق ڪائنات) جي آءٌ عبادت (۽ پيروڪاري) ڪريان ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه توهان عبادت ڪندڙ آهيو جنهن رب جي آئون عبادت ڪريان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن (خدا) جي آءُ عبادت ڪريان ٿو تنهن جي (وري) اوهين عبادت نه ٿا ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه اوهان عبادت ڪندڙ آهيو ان جي جنهن جي مان عبادت ڪيان ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نڪي اوهين ان جي عبادت ڪريو ٿا جنهن جي آءٌ عبادت ڪريان ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه ئي توهان پوڄيندڙ آهيو ان (اڪيلي الله) کي جنهن جي آءٌ پوڄا ڪيان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ڏِنان ڏان، جِن تي، آئون اُن جو ڏانِي ڪِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نه اوهين انهي جي بندگي ٿا ڪريو، جنهن جي آءُ ٿو ڪريان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نڪي توهان ئي عبادت ڪرڻ وارا آهيو انهيءَ جي، جنهن جي مان عبادت ڪريان ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه توهان ان جي عبادت ڪندؤ جنهن جي ڪريان ٿو آئون عبادت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ نه ئي توهان عبادت ڪندڙ آهيو، جنھن جي مان عبادت ڪريان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا أَنا۠ عابِدٌ ما عَبَدتُم (آيت : 4) |
۽ نڪي آءٌ ان جي عبادت ڪندس جنھنجي اوھان عبادت ڪئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (معبودن متعلق اسان جو اهو اختلاف عارضي ناهي، بلڪ بنيادي ۽ اصولي آهي سو) نه آءٌ ان جي عبادت ڪندس، جنهن جي اوهان عبادت ڪئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه آئون عبادت ڪندس انهن جي جن جي توهان عبادت ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن کي اوهين پوڄيو ٿا آءُ تن جي پوڄا ڪڏهين به ڪرڻ وارو نه آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهيان مان عبادت ڪندڙ انهن جي جن جي عبادت ڪئي اوهان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه آءٌ ان جي عبادت ڪندس جنهن جي اوهان عبادت ڪئي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه آهيان آءٌ پوڄا ڪندڙ (انهن ڪوڙن معبودن جي) جن جي توهان پوڄا ڪئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهِين بِه ٻَڌل نه اُن سان، جِنهن کي جُھڪان ساڻ يقين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نڪي آءُ ڪڏهن انهن جي بندگي ڪرڻ وارو آهيان جن جي بندگي توهان ڪئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نه وري مان ئي عبادت ڪرڻ وارو آهيان انهن جي، جن جي توهان عبادت ڪئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه آئون عبادت ڪندڙ آهيان جن جي عبادت توهان ڪئي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ نه ئي مان اُنهن جي عبادت ڪندڙ آهيان جن جي توهان عبادت ڪئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا أَنتُم عٰبِدونَ ما أَعبُدُ (آيت : 5) |
۽ نڪي اوھين ان جي عبادت ڪندؤ جنھنجي آءٌ عبادت ڪندو آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نه اوهين ان جي عبادت (۽ پيروڪاري) ڪندؤ جنهن جي آءٌ عبادت (۽ ان جي قانونن جي پيروڪاري) ڪريان ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه توهان عبادت ڪندا ان جي جنهن جي آئون عبادت ڪريان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن جي آءُ عبادت ڪريان ٿو اوهين ان جي عبادت ڪرڻ وارا نه آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه اوهان عبادت ڪندڙ آهيو ان جي جنهن جي مان عبادت ڪيان ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه اوهين ان جي عبادت ڪندؤ جنهن جي آءٌ عبادت ڪريان ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه ئي اوهان پوڄا ڪندڙ آهيو ان (اڪيلي الله) جي جنهن جي آءٌ پوڄا ڪيان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آئون نه نمان اُن کي، جِن نَمو آئـِين نابِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نڪي اوهين انهي جي بندگي ڪندا، جنهن جي آءُ ٿو ڪريان_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نه توهان انهيءَ جي عبادت ڪرڻ وارا آهيو، جنهن جي مان عبادت ٿو ڪريان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه توهان ان جي عبادت ڪندڙ آهيو جنهن جي آئون عبادت ڪندو آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ نه ئي توهان ان جي عبادت ڪندڙ آهيو جنھن جي مان عبادت ڪريان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَكُم دينُكُم وَلِىَ دينِ (آيت : 6) |
اوھان لاءِ اوھان جو دين ۽ مون لاءِ منھنجو دين آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اوهان لاءِ اوهان جو دين ۽ مون لاءِ منهنجو دين آهي. (نتيجا پاڻهي ٻڌائيندا ته ڪاميابي ڪنهن جي حصي ۾ اچي ٿي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان لاءِ توهان جو دين آهي ۽ منهنجي لاء منهنجو دين آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان لاءِ اوهان جو دين ۽ مون لاءِ منهنجو دين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اوهان لاءِ اوهان جو دين آهي ۽ مون لاءِ منهنجو دين آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان لاءِ اوهان جو دين ۽ مون لاءِ منهنجو دين آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان جي واسطي توهان جو دين آهي ۽ منهنجي لاءِ منهنجو دين (ڪافي) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن لئي اَهنجو دين، مون لئ، دِين بِه مُنهنجو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان لاءِ اوهان جو دين ۽ مون لاءِ منهنجو دين.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان لاءِ توهان جو دين آهي ۽ مون لاءِ منهنجو دين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان جي لاءِ توهان جي جزا ۽ منهنجي لاءِ منهنجي جزا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنهنڪري توهان جي لاءِ توهان جو دين ۽ منھنجي لاءِ منھنجو دين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |