توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
إِنّا أَعطَينٰكَ الكَوثَرَ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي ڪوثر عطا ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) بيشڪ اسان توکي (قرآن جهڙي نعمت جي) تمام وڏي ڀلائي ڏني آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي بيشڪ اسان توهان کي تمام گھڻي ڀلائي عطا ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) بيشڪ اسان تو کي ڪوثر عطا ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان عطا ڪيون توکي ڪوثر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي ڪوثر ڏنو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان تو کي گھڻي کان گھڻو (خيرِ ڪثير) ڏنو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بي شڪ بي اَنداز، توه ڪيا سون تو مٿي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان توکي ”ڪوثر“ عطا ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) اسان توکي ڪوثر (دنيا توڙي آخرت جي هر نيڪي ۽ هر ڀلي شيءِ بي حساب) عطا ڪري ڇڏي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) اسان توکي عطا ڪيو ڪوثر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) بيشڪ اسان توکي (ڀلائين جو ذخيرو يعني) ڪوثر عطا ڪئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَصَلِّ لِرَبِّكَ وَانحَر (آيت : 2) |
تنھنڪري پنھنجي پالڻھار جي لاءِ نماز پڙھ ۽ قرباني ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ تون پنهنجي پالڻهار جي (پالڻهاريءَ کي عام ڪرڻ جي فرض ادائگي) لاءِ نماز پڙهه ۽ قرباني ڪر!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان پنهنجي خالق لاءِ نماز پڙهو ۽ قرباني ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته تون پنهنجي پالڻهار لاءِ نماز پڙھ ۽ قرباني ڪندو رھ(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي لاءِ نماز پڙھ ۽ قرباني ڪر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ تون پنهنجي پاليندڙلاءِ نماز پڙهه (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون پنهنجي پالڻهار لاءِ نماز پڙهه ۽ قرباني ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ دُعا گُھر ڌَڻِئ کان، پڻ ڪر نَذر نِياز،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڪري تون پنهنجي رب جي نماز پڙهه ۽ قرباني ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ تون پنهنجي رب لاءِ ئي نماز پڙهه ۽ قرباني ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ پڙهه نماز پنهنجي رب لاءِ ۽ قرباني ڪر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو پنھنجي پالڻھار لاءِ نماز پڙهه ۽ قرباني ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ شانِئَكَ هُوَ الأَبتَرُ (آيت : 3) |
بيشڪ تنھنجو ويري ئي بي نسل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ تنهنجو دشمن ئي بي نسل آهي. (جو ان جو نالو نشان مٽجي ويندو.((ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان جو مخالف ئي هر ڀلائي کان پري آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ تنهنجو دشمن بي نسل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ دشمن تنهنجو اهو ئي بي بنياد آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ قرباني ڪر! بيشڪ تنهنجو دشمن ئي بي نسل آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تنهنجو دشمن نِپُٽو (بي اولاد يا بي نام و نشان) رهندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توسان جو ناساز، نانگو، نِپٽو آھِ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ تنهنجو دشمن ئي پاڙ پٽيل آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ تنهنجو دشمن ئي پاڙ پٽيل (بي نسل) آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ تنهنجو دشمن پاڙ پٽيل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجو دشمن ئي بي اولاد آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |