توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
أَرَءَيتَ الَّذى يُكَذِّبُ بِالدّينِ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) انھي کي ڏٺيءِ ڇا جيڪو عملن جي بدلي ملڻ کي ڪوڙ ڀانئيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ڇا تو ان کي ڏٺو جو (زبان سان ته اطاعت جو اقرار ڪري ٿو، پر عملن جي) بدلي ملڻ واري ڏينهن کي ڪوڙو ڪري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان ان ماڻهوءَ کي نه ڏٺو جيڪو دين جي تڪذيب ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا تو ان شخص کي به ڏٺو جو روز جزا کي ڪوڙو ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ڏٺو تو ان کي جيڪو ڪوڙو چوي پيو قيامت کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) ڇا تو ان کي ڏٺو جو (عملن جي)بدلي ملڻ کي ڪوڙو ڪري ٿو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو ان ماڻهو کي ڏٺو جيڪو دين کي ڪوڙو چوي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَکـئـِين اُن ماڻهوءَ جو، هُوند ڏِٺئـِي ڪو حال؟ جو مزوري مِلڻ کي، ڪوڙِي چَئي ڪُلال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان شخص کي ڏٺو اٿيئي، جو دين يعني بدلي جي ڏيڻ واري ڏينهن جو انڪار ٿو ڪري؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) ڇا تو ڏٺو ان شخص کي، جيڪو حساب ڪتاب کي ڪوڙو ٿو سڏي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تو ڏٺو ان ماڻهو کي جيڪو ڪوڙو ڀانئي ٿو آخرت جي جزا سزا کي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تو اُن ماڻهوءَ کي ڏٺو جيڪو قيامت واري ڏينھن کي ڪوڙو ڪري ٿو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَذٰلِكَ الَّذى يَدُعُّ اليَتيمَ (آيت : 2) |
پوءِ اُھو آھي جو ڇوري ٻار کي ڌِڪيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هي (اطاعت جو ڪوڙو دعويدار ۽ بدلي جي ڏينهن جو منڪر) اهو آهي، جيڪو يتيم (جون ضرورتون پوريون ڪرڻ بجاءِ ان) کي لوڌي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهو ئي آهي جيڪو يتيم کي جھڻڪي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي ته اهو (بدبخت) آهي جيڪو يتيم کي لوڌي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اهو ئي آهي جيڪو ڌڪا ڏئي ٿو يتيم کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ هي اهو آهي جو يتيم کي لوڌي ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ هي اُهو ماڻهو آهي جيڪو يتيم کي ڌڪا ڏئي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇِينڀي ڇورڙن کي، سوئـِي خام خيال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اِهو اُهو ئي ماڻهو آهي، جو يتيمن کي لوڌي ٿو (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي ته آهي، جيڪو يتيم کي ڌِڪا ڏئي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهو ئي ته آهي جيڪو ڌڪا ڏئي ٿو ڇوري ٻار کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اُهو ئي شخص آهي جيڪو يتيم کي ڌڪا ڏئي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 3) |
۽ (ڪنھن کي) مسڪين جي کارائڻ تي رغبت نه ڏياريندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مسڪين کي (پاڻ به کاڌو نٿو کارائي ۽ ٻين کي به) کاڌي کارائڻ جي رغبت نه ٿو ڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مسڪينن کي طعام کارائڻ لاءِ (ڪنهنکي) شوق نٿو ڏياري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ مسڪين کي کاڌي کارائڻ جي رغبت (به) نه ٿو ڏئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿو رغبت ڏياري مسڪين جي کاڌي کارائڻ تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مسڪين کي کاڌي کارائڻ جي رغبت (به) نه ٿو ڏئي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مسڪين کي کاڌي کارائڻ جي رغبت نه ٿو ڏئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُسريو، نه اُسري، مَٿي قُوت ڪَنگال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مسڪينن کي کارائڻ لاءِ نٿو همٿائي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مسڪين کي کاڌو کارائڻ لاءِ نه ٿو اُڀاري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ترغيب ڏئي ٿو کاڌي کارائڻ جي مسڪين کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ مسڪين کي کاڌي کارائڻ جو تاڪيد نٿو ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَوَيلٌ لِلمُصَلّينَ (آيت : 4) |
پوءِ انھن نمازين لاءِ وَيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انسانيت جي ڪمن ۾ کٽل اهو ماڻهو پاڻ کي ديندار ظاهر ڪرڻ لاءِ بنا اخلاص واري نمازن تي زور ٿو ڏئي) پوءِ ويل انهن نمازين لاءِ هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ويل آهي انهن نمازين لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ويل انهن نمازين لاءِ آهي (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ويل آهي انهن نمازين جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ويل انهن نمازين لاءِ هجي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ بربادي آهي (انهن) نمازين لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آهي وادِي وَيل جِي، تِن نِمازِين نال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهن نمازين لاءِ خرابي آهي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ تباهي آهي انهن نماز پڙهندڙن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ويل آهي انهن نمازين لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اهڙن نماز پڙهندڙن لاءِ ويل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ هُم عَن صَلاتِهِم ساهونَ (آيت : 5) |
جي پنھنجين نمازن کان ويسلا رھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي پنهنجيءَ نماز (جي روح ۽ مقصد) کان غافل آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي پنهنجي نمازن ۾ غافل آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي پنهنجيءَ نماز کان غافل آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي پنهنجي نماز کان غافل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي پنهنجيءَ نماز کان غافل آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي پنهنجي نماز کان غافل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي سَندنِ دُعا، دُرُود کان، آهِن ڀُليل بَحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي سندن نمازن کان غافل رهن ٿا، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي پنهنجين نمازن جي باري ۾ غافل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي پنهنجي نمازن ۾ ڪن ٿا سستي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي پنھنجي نمازن کان غافل رهن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ هُم يُراءونَ (آيت : 6) |
اُھي جيڪي رياءُ ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ڏيکاءُ ڪن ٿا. (نمازون هن لاءِ پڙهن ٿا ته، پاڻ کي ٺلهي دينداري جو دلبو ڏين ۽ ماڻهو انهن کي نيڪ نمازي چون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ئي ڏيکاءُ لاءِ عمل ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي ڏيکاءُ ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جيڪي رياء ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي ڏيکاءُ ڪن ٿا(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي رياڪاري ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَن خُوشامد خير ۾، چَلن اِهائي چال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي رڳو ظاهر داري ٿا ڪن، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ڏيکاءَ لاءِ ڪم ڪندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ڪن ٿا رياءُ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهي ڏيکاءَ (خاطر ڪم) ڪن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَمنَعونَ الماعونَ (آيت : 7) |
۽ اُڌاريون شيون جھليندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ساڳي وقت هوڏانهن سندن حالت هيءَ آهي جو ضرورت جي عام ۽ معمولي) نه روڪڻ جهڙين شين (کي به ٻين کان) روڪين ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ گھريلو استعمال جون شيون هڪ ٻئي کي نٿا ڏين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ روزمره جون معمولي شيون ٻين کي ڏيڻ کان پاڻ کي روڪين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ روڪين ٿا عام استعمال جون شيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اڻ روڪڻ جهڙي شيءِ (ٻين کان) روڪين ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اهڙا ڪنجوس آهن جو) عام استعمال جون معمولي شيون به (ڪنهن کي) نه ٿا ڏين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بَند رکن ٿا ڀال، اُهکِي، سُهکِي عام سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ عام ضرورت جون شيون روڪين ٿا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ عام استعمال جون معمولي شيون به (ماڻهن کي) ڏيڻ کان انڪار ڪندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نٽائن ٿا (ماڻهن کان) معمولي شيون ڏيڻ کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (ضرورت ۾ ايندڙ) معمولي شيون به روڪين ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |