توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
لِإيلٰفِ قُرَيشٍ (آيت : 1) |
قريشين کي اُلفت ڏيارڻ لاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) قريشن کي چاهه ڏيڻ جي ڪري، (جو اهي ڪعبي جا متولي آهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قريش وارا رغبت رکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) قريش کي مانوس ڪرڻ لاءِ،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سببان محبت ڏيارڻ قريشين جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) قريشن کي چاهه ڏيڻ جي ڪري (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قريشن کي رغبت ڏيارڻ لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪارڻ سُک قُريشِيَن، سُک سَندنِ ئـِي ڪاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (عجب کائو) قريش جي چاهه تي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيئن ته قريش هِري ويا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن رغبت هئي قريش(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قريشن کي هيرائڻ خاطر.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إۦلٰفِهِم رِحلَةَ الشِّتاءِ وَالصَّيفِ (آيت : 2) |
جو سياري ۽ اونھاري جي سفر سببان کين اُلفت ڏيارڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان عزت ۽ احترام جو نتيجو آهي جو چوڌاري قبيلن ۽ ملڪن انهن کي) سياري ۽ اونهاري جي مسافريءَ سان انهن (جي قافلن) کي چاهت سان (حفاظت ۾) رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يعنى) اهي اونهاري ۽ سياري ۾ سفر جي رغبت رکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سردي ۽ گرمي جي مسافري سان مانوس ڪري ڇڏيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) محبت ڏيارڻ انهن جي سفر سياري ۽ اونهاري جي سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سياري ۽ اونهاري جي مسافريءَ سان انهن کي چاهه ڏيڻ جي ئي ڪري (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن کي سياري ۽ اونهاري جي سفر سان مانوس ڪيوسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِياري ۽ سانول جا، سانگ ٻئـِي سُک ساڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يعني سندن سياري ۽ اونهاري جي مسافريءَ جي چاهه تي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (يعني) سياري ۽ اونهاري جي سفرن جا هيراڪ ٿي ويا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (يعني) رغبت سفرن سياري ۽ اونهاري جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سردي ۽ گرمي جي (بي خطر) سفر جي ڪري هو (صفا) هِري مِري ويا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَليَعبُدوا رَبَّ هٰذَا البَيتِ (آيت : 3) |
تنھنڪري گُھرجين ته ھِن گھر جي (انھيءَ) پالڻھار جي عبادت ڪن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ليڪن قريشين ان ڪعبي جي امين بنجڻ واري ذميواريءَ کي وساري ڇڏيو آهي،) سو کين جڳائي ته اهي هن گهر جي مالڪ جي عبادت ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهي هن بيت الله جي رب جي عبادت ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته انهن کي هاڻي هن گهر (ڪعبه) جي مالڪ جي عبادت ڪرڻ گهرجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ گهرجي ته عبادت ڪن هن گهرجي رب جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي هن گهر جي مالڪ جي عبادت ڪن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن کي گهرجي ته هن گهر (بيت الله) جي مالڪ جي عبادت ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گُھرجي ته گَھر ڌَڻِئ کي، پوڄِينِ، پوءِ پاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ گهرجين ته هن پاڪ جاءِ جي ڌڻيءَ جي بندگي ڪن، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ کين گهرجي ته هن گهر (ڪعبي) جي رب جي عبادت ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ کين عبادت ڪرڻ گهرجي هن گهر جي رب جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنهنڪري کين گهرجي ته هو هن گهر (يعني ڪعبة الله) جي پالڻھار جي عبادت ڪن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى أَطعَمَهُم مِن جوعٍ وَءامَنَهُم مِن خَوفٍ (آيت : 4) |
جنھن کين بُک ۾ کاڄ کاريايو، ۽ کين ڀؤ کان امن ڏنو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن انهن کي (ڪعبي جي ڪري تجارت ۾ سهولت ڏيئي) بک کان کاڌو ڏنو ۽ (قبيلن جي ڦرلٽ جي) ڊپ کان بچايو. (ته جيئن مطمئن ٿي ڪعبي کي خدائي نظام جو مرڪز بنائن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن انهن کي بک ۾ روزي عطا ڪئي، ۽ انهن کي خوف مان امن ڏنائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن انهن کي بک ۾ کاڌو ڏنو ۽ ڊپ کان بچايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن کارايو انهن کي بک کان ۽ امن ڏنو انهن کي خوف کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن انهن کي بک کان کاڌو ڏنو. ۽ ڊپ کان بچايو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن انهن کي بک ۾ کاڌو کارايو ۽ انهن کي خوف کان امن ڏنائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڀَرپاسي بُک وِچان، سُهنجي ڏِنَين سانجاڻ، ۽ هَر سونڪي کان سُڄاڻ، اَمن ڏِنائـِين اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو کين بک ۾ رزق رسائي ٿو ۽ حملن کان پناهه ٿو ڏئي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن کين بک کان بچائي کائڻ لاءِ ڏنو ۽ ڀؤ کان بچائي امن عطا ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن کين کاڌو کارايو بچائي بک کان ۽ امن ڏنو بچائي خوف کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن کين بک ۾ کاڌو کارايو ۽ خوف مان (ڪڍي) امن (وارو ماحول) ڏنو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |