توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِأَصحٰبِ الفيلِ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) نه ڏٺئي ڇا؟ ته تنھنجي پالڻھار ھاٿي وارن سان ڪئن ڪيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پاليندڙ (طاقت جي گهمنڊ ۾ مبتلا) هاٿيءَ وارن سان ڪيئن ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان نه ڏٺو ته توهان جي رب هاٿين وارن (ابرهه ۽ ان جي لشڪر) سان ڇا ڪيو؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ڇا تو نه ڏٺو تنهنجي پروردگار هاٿي وارن سان ڇا ڪيو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو ته ڪهڙي طرح ڪيو رب تنهنجي هاٿين وارن سان ڇا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پاليندڙ هاٿيءَ وارن سان ڪيئن ڪيو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پالڻهار هاٿي وارن سان ڇا ڪيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِٺئـِي ڪِين ته ڪِيئن ڪيو، تنهنجي پَروَر پاڪ؟ هاٿِيَن جي ساٿين سان، جِن جِي هيڏِي هُئـِي هاڪ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا توکي معلوم ناهي، ته تنهنجي رب هاٿين وارن جو ڪهڙو حال ڪيو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي رب هاٿيءَ وارن سان ڇا ڪيو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي پيغمبر!) ڇا تو نه ڏٺو، ڇا ڪيو تنهنجي رب (ابرهه جي) هاٿي وارن (لشڪرن) سان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان نه ڏٺو ته توهان جي پالڻھار هاٿين وارن سان ڇا ڪيو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم يَجعَل كَيدَهُم فى تَضليلٍ (آيت : 2) |
سندن بڇڙي رٿ کي ناس نه ڪيائين ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا (ڪعبته الله کي ڊاهڻ متعلق) سندن شرارت کي ناڪام نه ڪيائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا الله تعالى سندن رٿ کي باطل ۽ ضايع نه ڪيو؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا سندن تدبير غلط نه ڪيوسون؟ (بيشڪ ڪيوسون)،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڪيائين انهن جي رٿ کي ناڪام .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا سندن شرارت کي بيڪار نه ڪيائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن جي سازش کي بيڪار نه ڪيائين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِ اُجڙ ڪيائين نه اُنهن جو حملو هيبتناڪ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا سندن چالاڪين کي چٽ نه ڪري ڇڏيائين؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا هن سندن سٽيل ســِـٽ کي بيڪار نه ڪري ڇڏيو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا ان (الله) ڪيو نه هو انهن جي (بڇڙي) رٿ کي ناڪام؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن جي سازشن کي ناڪام نه ڪري ڇڏيو؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَرسَلَ عَلَيهِم طَيرًا أَبابيلَ (آيت : 3) |
۽ وَلر وَلر پکي مٿن موڪليائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مٿن ولرن جا ولر پکي موڪليائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن تي پکين جا ولر موڪليا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ مٿن ولرن جا ولر ابابيل (پکي) موڪلياسين،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ موڪليائين انهن جي مٿان پکي، ابابيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مٿن ولرن جا ولر پکي موڪليائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن تي اڏامندڙ پکين جا ولر موڪليائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَٿن پَکِي موڪليائين، بلڪل ڪي بيباڪ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مٿن پکين جا ولر موڪليائين، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مٿن پکين جا ولرن جا ولر موڪليائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ موڪليائين انهن تي پکي ولرن جا ولر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن جي مٿان ولرن جا ولر پکي موڪليا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَرميهِم بِحِجارَةٍ مِن سِجّيلٍ (آيت : 4) |
جن ڪنڪريٽ جون پھڻيون کين ھنيون ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن انهن کي (پنهنجي پيرن ۽ چهنبن ۾ جهليل) ڪڪريءَ جون پٿريون هنيون ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جن انهن کي باه مان پڪل ٺڪريون هنيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن هنن کي ڪڪري جون پٿريون هنيون ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چُٽين پيا انهن کي پٿرين سان پڪيءَ مٽيءَ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن انهن کي ڪڪريءَ جون پٿريون هنيون ٿي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن انهن کي پڪل مٽيءَ جي پٿرين سان پئي چُٽيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي چُٽيو ڪَڙهيل ڪَڪَريون، چِيريون ڪَننِ چاڪ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن کين پڪيون پهڻيون ٿي چٽيون، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن کين پڪل مٽيءَ جي پٿرين سان ٿي چــُـٽيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اڇلائي هڻن پيا انهن تي پٿريون پڪل مٽيءَ جون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي انهن کي پڪل سروٽن (يعني بُهڻ) جون (ننڍڙيون) پٿريون هڻن پيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَجَعَلَهُم كَعَصفٍ مَأكولٍ (آيت : 5) |
پوءِ اولڙ گاھ جان کين ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ انهن کي اولڙ گاهه جهڙو (پائمال) ڪري ڇڏيائين. (پوءِ اي مڪي جا مشرڪو! هي سڀ ڪجهه اوهان جي اکين جي سامهون ٿيو، سو اوهان حق سان ٽڪر کائڻ لاءِ طاقت جي ڪهڙي گهمنڊ ۾ آهيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن کي کاڌل بوسي وانگر ڪيائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ انهن کي چٻاڙيل گاھ جهڙو ڪري ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪري ڇڏيائين انهن کي کاڌل اولڙ وانگر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن کي اولڙ گاهه جهڙو ڪري ڇڏيائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن کي لتاڙيل گاهه وانگر ڪري ڇڏيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جِن جو کِيرو خاڪ، ڪيائـِين اُن ڪانن جِيئن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کين اهڙو ڪري ڇڏيائين جهڙو اولڙ گاهه!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ کين ائين ڪري ڇڏيائون جهڙو (جانورن جو) چٻاڙيل بــُـهه (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڪيائين انهن کي اولڙ لتاڙيل گاهه وانگر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (الله تعالى) انهن سڀني کي جانورن جي کاڌل گاهه وانگر ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |