توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَيلٌ لِكُلِّ هُمَزَةٍ لُمَزَةٍ (آيت : 1) |
(انھيءَ) سڀڪنھن گلا ڪندڙ عيب ڳوليندڙ لاءِ ويل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هر اهو شخص هلاڪ ۽ برباد ٿيو جو گلاخور ۽ ٽوڪ هڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هر انهيءَ انسان لاء ويل آهي جيڪو عيب ڳوليندڙ چغلخور آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وڏي خرابي آهي سڀ ڪنهن چغل خور ۽ ٽوڪ هڻندڙ لاءِ،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هلاڪت آهي هر گلا ڪندڙ، عيب ڳوليندڙ جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وڏي خرابي هجي سڀڪنهن گلا خور ٽوڪ هڻندڙ لاءِ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بربادي آهي هر هڪ (روبرو) طعني هڻندڙ (پرپٺ) گلا ڪندڙ لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَر مَرچُو، مِهڻيدار لئي، واويلا ۽ وو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) خرابي آهي هر ڪنهن عيب جو ئي ڪندڙ ۽ ٽوڪون ڪندڙ لاءِ، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تباهي آهي هر ان ماڻهوءَ لاءِ، جيڪو منهن تي مهڻا ڏيندڙ ۽ پرپٺ گلا ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تباهي آهي هر ان ماڻهو لاءِ جيڪو سامهون طعنا هڻي، پرپٺ گلا ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (وڏو) ويل آهي هر اُن شخص لاءِ جيڪو ماڻهن کي منھن تي مِھڻا ڏئي ٿو ۽ پر پٺ (ويھي) گلا ڪري ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى جَمَعَ مالًا وَعَدَّدَهُ (آيت : 2) |
جنھن مال گڏ ڪيو ۽ اُھو ڳڻي ڳڻي رکيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن (جي زندگيءَ مقصد) مال کي ميڙي ۽ ان جي ڳڻ ڳڻان رهيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن مال جمع ڪيو ۽ ان کي ڳڻيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن مال کي ميڙي ۽ ان کي ڳڻي ڳڻي رکيو آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن گڏ ڪيو مال ۽ ڳڻي ٿو ان کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن مال کي ميڙي ۽ ان کي ڳڻي رکيو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن مال گڏ ڪيو ۽ ان کي ڳڻي رکيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ميڙيو جِنهن مال کي، ڳَـڻئـِين بِه اَٽالا او،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو مال کي ميڙيندو ۽ ان کي ڳڻيندو ٿو رهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن مال گڏ ڪيو ۽ ان کي ڳڻيندو (سانڍي رکندو) رهي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن گڏ ڪيو مال ۽ ان کي وري ڳڻي ٿو رکي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن مال گڏ ڪيو ۽ ان کي (بار بار) ڳڻي رکيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَحسَبُ أَنَّ مالَهُ أَخلَدَهُ (آيت : 3) |
ڀانئيندو آھي ته سندس مال سدائين رھندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خيال ڪري ٿو ته، سندس مال (مصيبتن کان بچائڻ لاءِ) ساڻس سدائين گڏ رهندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (ڇا) اهو ڀانئي ٿو ته بيشڪ ان جو مال هميشه ان وٽ رهندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو سمجهي ٿو ته سندس مال ان کي سدائين جيئرو (۽) باقي رکندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڀانئين ٿو ته بيشڪ ان جو مال هميشہ رهائيندو ان کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) خيال ڪري ٿو ته سندس مال ان کي سدائين رهائيندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو سمجهي ٿو ته سندس مال وٽس سدائين رهندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مال مُدامِي معاف ٿيسِ، اِيئن ڀُليو ڀانئي ٿو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ڇا) اهڙو ماڻهو ڀانئي ٿو ته سندس مال کيس سدائين جيئرو رکندو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀانئي ٿو ته سندس مال وٽس سدائين رهندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سمجهي ٿو ضرور اهو مال سدائين وٽس رهندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو سمجهي ٿو ته سندس مال ان وٽ هميشه (موجود) رهندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا لَيُنبَذَنَّ فِى الحُطَمَةِ (آيت : 4) |
ھرگز ائين نه آھي ضرور حُطمه ۾ اُڇلائبس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ائين هرگز نه ٿيندو (ائين سمجهڻ سندس ناداني آهي) ضرور ان کي پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري (هلاڪت) ۾ اڇلايو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! اهو يقينا حطمه ۾ اڇلايو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هرگز نه! ضرور ان کي حطمه (باھ) ۾ اڇلايو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه البته ضرور اڇلايو ويندو حطمہ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ائين نه ٿيندو ضرور ان کي پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري باهه ۾ اڇلايو ويندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هرگز نه، ضرور اُهو پرزا پرزا ڪري ڇڏيندڙ باهه ۾ پوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَڻبو هَڏ حُطمة ۾، پَڪ بِه ٿِيندسِ پو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر گز نه! هو ضرور ”حطمه“ ۾ اڇلائبو_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڏهن به نه، هو ته ڀورا ڀورا ڪري ڇڏڻ واريءَ جاءِ ۾ اڇلايو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه! هو ته چڪنا چور ڪندڙ جاءِ ۾ اڇلايو ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ٿي ئي نٿو سگهي! اِهو ماڻهو ضرور حُطمہ ۾ اڇلايو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَدرىٰكَ مَا الحُطَمَةُ (آيت : 5) |
۽ ڪنھن سمجھايئي ته حُطَمَه ڇا آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري ڇا آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته حطمه ڇا آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري (حطمه) ڇا آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته ڇا آهي حطمہ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽توکي ڪهڙي خبر ته پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري ڇا آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته پرزا پرزا ڪري ڇڏيندڙ باهه ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حقيقت حُطمة ڪِهڙي؟ سا ڪِنهن سنجھائـِي تو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکي ڪنهن سمجهايو ته ”حطمه“ ڇا آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها ڀورا ڀورا ڪري ڇڏڻ واري جاءِ ڇا آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪهڙي خبر توهان کي ته اها چڪنا چور ڪندڙ جاءِ ڇا آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته حطمہ ڇا آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نارُ اللَّهِ الموقَدَةُ (آيت : 6) |
الله جي ٻاريل باھ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اها الله جي (مڪافات واري) ڀڙڪايل باهه آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها الله تعالى جي ٻرندڙ باه آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها خدا جي ٻاريل باھ آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله جي ٻاريل باھ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها الله جي ٻاريل باهه آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اها الله جي ڀڙڪايل باهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي پاڪ اَلله جو، ٻارڻ ٻارِيَل ڪو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هوءَ خدا جي ڀڙڪايل باهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي باهه، ڏاڍي ڀڙڪايل (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) باهه جيڪا الله جي آهي ڀڙڪايل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (حُطمہ) الله تعالى جي طرفان ڀڙڪايل باهه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّتى تَطَّلِعُ عَلَى الأَفـِٔدَةِ (آيت : 7) |
جا دلين تي پھچندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جا (شعلن سان) دلين کي وٺي وڃي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪا دلين تائين پهچي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جا (پيرن کي لڳي ته) دلين تائين چڙهي وڃي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪا پهچي ٿي دلين تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جا دلين کي وٺي وڃي ٿي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جا سينن تائين چڙهندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَڙهيو ۽ چَنبڙيو وَڃي، جو نرن مَٿان جو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جا دلين کي چهٽي ويندي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪا وڃي دلين تائين پهچندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪا پهچندي وڃي دلين تائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪا (دوزخين جي) دلين تائين وڃي پهچندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّها عَلَيهِم مُؤصَدَةٌ (آيت : 8) |
بيشڪ اُھا مٿن در بند ڪيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اها مٿن دميل هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اها باه انهن تي بند ڪئي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي بند ڪيا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اها انهن تي بند ڪيل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اها مٿن دميل هوندي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُها انهن تي هر طرف کان بند ڪيل هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِرتان هُوندنِ سو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها مٿن دمي ويندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها مٿن ڍڪ ڏئي بند ڪئي ويندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اها انهن جي مٿان ڍڪي بند ڪئي ويندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اها (باهه) انهن تي هر طرف کان بند ڪيل هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فى عَمَدٍ مُمَدَّدَةٍ (آيت : 9) |
(جنھن حالت ۾ اُھي) ڊگھن ٿنڀن ۾ (ٻڌل ھوندا).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڊگهن ٿينڀن ۾ (سوگهي ٿيل هوندي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (۽ انهن کي) وڏن ٿنڀن سان (جڪڙيو ويندو)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) باھ جي ڊگهن ٿنڀن ۾ وجهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڊگهن ٿنبن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڊگهن ٿنڀن ۾ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڊگهن ٿنڀن ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ويڙهيل وَڏن ٿَنڀن ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو اهي ڊگهن ٿنڀن ۾ (ٻڌل) هوندا(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ان حالت ۾ جو هو) تمام اوچن ٿنڀن ۾ (وڪوڙيل هوندا) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙي (حال ۾) (ٻڌل هوندا) ڊگهن ٿنڀن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جڏهن ته اهي) وڏن ڊگهن ٿنڀن ۾ (ٻڌل هوندا). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |