توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالعَصرِ (آيت : 1) |
پوياڙيءَ جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) زماني جو (هر) دور شاهد آهي،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي نبوت جي زماني جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نماز) عصر جو قسم ته.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) زماني جو قسم آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) زماني جو قسم آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) زماني جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) شاهِد شِير شراب جو، پڻ ظاهِر حال زمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) زمانو شاهد آهي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي زماني جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم زماني جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي زماني جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الإِنسٰنَ لَفى خُسرٍ (آيت : 2) |
ته بيشڪ ماڻھو گھاٽي ۾ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته بيشڪ انسان (فرد جي حيثيت ۾ توڙي جماعت جي حيثيت ۾ پهنجي مقصدن ماڻڻ ۾) وڏي نقصان ۾ رهيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انسان يقيناً خساري ۾ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ انسان نقصان ۾ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ انسان البته خساري ۾ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته بيشڪ انسان وڏي نقصان ۾ آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته بيشڪ انسان خساري ۾ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته نِسوري نُقصان ۾، آهِن ڪُل اِنسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته سڀ انسان ٽوٽي ۾ آهن (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته بيشڪ انسان يقيناً خساري ۾ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ انسان وڏي خساري ۾ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته بيشڪ انسان (وڏي) خساري ۾ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَتَواصَوا بِالحَقِّ وَتَواصَوا بِالصَّبرِ (آيت : 3) |
سواءِ انھن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ ھڪ ٻئي کي سچ جي وصيّت ڪيائون، ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصّيت ڪيائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر انهن ماڻهن کان سواءِ جن (خدا جي عطا ڪيل حياتيءَ جي طريقي کي مڃي) ايمان آندو ۽ (پوءِ ان طريقي مطابق) چڱا ڪم ڪيا ۽ هڪ ٻئي کي حق (جي واٽ اختيار ڪرڻ) جي نصيحت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي (ان واٽ تي) ثابت قدم رهڻ جي نصيحت ڪئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي حق جي نصيحت ڪئي ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي صبر جي نصيحت ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن کان سواءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا ۽ هڪ ٻئي کي حق جو حڪم ڪيو ۽ صبر (ڪرڻ) جي وصيت ڪندا رهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر جن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيائون ۽ حق جي تلقين ڪيائون ۽ صبر جي تلقين ڪيائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن کان سواءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ هڪ ٻئي کي حق جي نصيحت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي نصيحت ڪئي (۳)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون ۽ هڪ ٻئي کي حق جي نصيحت ۽ صبر جي وصيت ڪيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَگر جِن مَڃيو، ٿيا نيڪِئَ ۾ نِيشان، ۽ آڇيئون حَق هَر آن، پڻ سَبق ڏِنائون صبر جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سواءِ انهن جي، جي ايمان آڻين ٿا ۽ چڱا ڪم ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي سچائيءَ جو تاڪيد ڪندا رهيا ۽ صبر جو تاڪيد ڪندا رهيا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سواءِ انهن ماڻهن جي، جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا ۽ هڪ ٻئي کي حق جي نصيحت ۽ صبر جي تلقين ڪندا رهيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا ۽ نصيحت ڪئي هڪ ٻئي کي حق جي ۽ تلقين ڪندا رهيا صبر جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر اُهي ماڻهو بچي ويندا: جن ايمان آندو ــ نيڪ عمل ڪيا ــ هڪ ٻئي کي حق ڳالهه ڪرڻ جي نصيحت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي (تڪليفن تي) صبر ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا رهيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |