توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
أَلهىٰكُمُ التَّكاثُرُ (آيت : 1) |
(اي ماڻھو) پاڻ ۾ گھڻائي (تي مرڪڻ) اوھان کي ويسلو ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اوهان کي (دولت، معتبرائپ ۽ منصب ۾) واڌاري جي حرص (۽ هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي هوس) غافل ڪيو. (جو اوهان انسانيت جي صحيح منزل مقصود کان به ڀٽڪي ويؤ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ملڪيت جي ڪثرت توهان کي غافل بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نسل ۽ دولت جي (گهڻي ٿيڻ جي) حرص اوهان کي غافل ڪري ڇڏيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) غافل ڪيو اوهان کي گهڻي جي طلب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان کي زيادتي جي حرص غافل ڪيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) گهڻائي جي چاهت توهان کي غافل ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن کي موهيو مال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان کي گهڻي مال ميڙڻ جي هٻڇ اهڙو غلطان ڪيو (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کي گهڻي ۾ گهڻي ۽ هڪ ٻئي کان وڌيڪ دنيا حاصل ڪرڻ جي فڪر غفلت ۾ وجهي ڇڏيو آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ماڻهن جي گهڻائي توهان کي دنيا ميڙڻ جي حرص ۾ غافل ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کي (دنيا جي) گهڻي جي ڪڍ لڳڻ (آخرت کان) غافل ڪري ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
حَتّىٰ زُرتُمُ المَقابِرَ (آيت : 2) |
تان جو قبرن کي ڏٺوَ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اوهان پنهنجي طلب کي پنهنجي بنيادي ضرورتن موجب رکڻ بجاءِ هوس وڌائيندا رهيؤ) تان جو وڃي قبرن کي پهتؤ (يعني مري ويئو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ايستائين جو توهان قبرن تي پهتا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ايتري تائين جو اوهان قبرن کي ڏٺو مري ويا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانجو ڏٺيون اوهان قبرون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ايتري تائين جو اوهان قبرن کي ڏٺو (يعني مري ويئو) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ايستائين جو توهان قبرون (وڃي) ڏٺيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان وَڃِي بُٺيون ڀـيٽيان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو وڃي قبرن تائين پهتا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تان جو (ان جي فڪر ۾) وڃي ٿا قبر ۾ پئو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تان جو انهيءَ فڪر ۾ قبر تائين پهچو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ايستائين جو توهان قبرن تائين وڃي پھتا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 3) |
ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (زندگي رڳو) ائين نه آهي، (جيڪڏهن عقل ۽ فهم کان ڪم وٺو ته ان روش جي بڇڙاين ۽ تباهه ڪارين کي) اوهين ڄاڻي وٺندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! توهان جلد معلوم ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خبردار! اوهين ڄاڻي وٺندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ها ها جلد ڄاڻندؤ اوهان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ائين نه آهي (جيئن خيال ڪريو ٿا) اوهين ڄاڻي وٺندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يقينًا ! توهان جلد ڄاڻي وٺندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ ته سِگھو سَمجھندا، سڀ حقِيقت حال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) خبردار! (انهي جو نتيجو) جلد ئي ڄاڻندؤ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلڪل نه، سگهوئي توهان کي معلوم ٿي ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه! (خبردار) جلد توهان کي معلوم ٿي ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هرگز نه! عنقريب توهان کي (حقيقت جي) خبر پئجي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 4) |
وري (چئون ٿا ته) سگھوئي ڄاڻندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري (چئون ٿا ته زندگي) ائين نه آهي، اوهين (ان روش جي تباهه ڪارين کي جلد ئي) ڄاڻي وٺندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ خبردار ! توهان جلد معلوم ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري (چئون ٿا ته) ائين نه آهي اوهين ڄاڻي وٺندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ها ها جلد ڄاڻندؤ اوهان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري (چئون ٿا ته) ائين نه آهي اوهين ڄاڻي وٺندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وري به يقينًا توهان جلدي ڄاڻي وٺندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي به صَحِيح سَمجھندا، اوڏِيهر اَحوال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري به (ٿا چئون ته) خبردار! جلد ئي ڄاڻندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري به (ٻڌي ڇڏيو ته) بلڪل نه، سگهوئي توهان کي پتو پئجي ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري (ٻڌو) هرگز نه، جلد توهان کي معلوم ٿي ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (وري ٻڌايان ٿو ته) ايئن هرگز ناهي. عنقريب توهان کي (حقيقت جي) خبر پئجي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا لَو تَعلَمونَ عِلمَ اليَقينِ (آيت : 5) |
نه نه! جيڪڏھن پڪي ويساھ سان ڄاڻو ھا (ته ويسلو نه ويھو ھا).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پڪ سان ائين نه آهي، جيڪڏهن (اوهان به) يقيني طرح (گهرائيءَ ۾ وڃي غور ڪرڻ) سان ڄاڻو ها (ته غافل نه ٿيو ها).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! جيڪڏهن توهان کي يقيناً معلوم هجي ها ته (ملڪيت جي حرص ۾ غافل نه ٿيو ها)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڏسو! جيڪڏهن اوهان کي يقيني طور تي معلوم هجي ها (ته هرگز غافل نه ٿيو ها).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ها ها جيڪڏهن ڄاڻندؤ اوهان علم يقين جو ته .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ائين نه آهي جيڪڏهن يقيني طرح سان ڄاڻو ها (ته غافل نه ٿيو ها) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هائو جي اگر (دنيا ۾ ئي پنهنجي انجام کي) اوهان يقيني طرح ڄاڻو ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڄاڻو، ڄاڻ يَقِين جو، ته اِيئن نه هُجي اَڄ ڪالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) خبردار! جيڪڏهن پڪي ڄاڻ هجيوَ ها، ته (ائين هر گز نه ڪريو ها). (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڏهن به نه، جيڪر توهان يقين واري علم جي بنياد تي (انهيءَ روش جي نتيجي کي) ڄاڻندا هجو ها (ته ائين نه ڪريو ها) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه، جي توهان ڄاڻو ها يقين جي علم سان (ته ائين نه ٿئي ها)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) خبردار! جيڪڏهن توهان يقين سان ڄاڻو ها (ته هرگز ان کان غافل نه ٿيو ها) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَتَرَوُنَّ الجَحيمَ (آيت : 6) |
قسم آھي ته ضرور دوزخ کي ڏسندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ) قسم سان (قيامت ۾) دوزخ کي ضرور ڏسندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان بيشڪ جهنم ڏسندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين ضرور دوزخ کي ڏسندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته ضرور ڏسندؤ دوزخ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) قسم آهي ته دوزخ کي ضرور ڏسندؤ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان ضرور جهنم کي ڏسندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهِين ڏِسندا اکين سان، جَھنّم جِئَ جَنجال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين ضرور دوزخ ڏسندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان دوزخ ضرور ڏسندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان ضرور ڏسندؤ دوزخ کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي) توهان ضرور بضرور جھنم کي ڏسندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ لَتَرَوُنَّها عَينَ اليَقينِ (آيت : 7) |
وري به ان کي يقين واريءَ اک سان ضرور ڏسندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري ان ڏينهن (دوزخ ۾ داخل ٿي) ان کي يقيني طرح سان ڏسندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ توهان يقيناً ان کي اکين سان ڏسندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري ان کي يقيني طرح ڏسندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ البته ضرور ڏسندؤ ان کي يقين جي اک سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري ان کي يقيني طرح ڏسندؤ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ان کي يقين جي اک سان ڏسندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِسنداسِ ڏِسڻ يَقِين جو، تنهان بَعد بَحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اُن کي پڪ جهڙين اکين سان ڏسندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري به (ٻڌي ڇڏيو ته) توهان ان کي بلڪل يقين سان ڏسندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري (ٻڌو) توهان ضرور ڏسندؤ ان کي يقين سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (وري ٻڌايان ٿو ته) توهان اُن کي يقين جي اک سان ضرور ڏسندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ لَتُسـَٔلُنَّ يَومَئِذٍ عَنِ النَّعيمِ (آيت : 8) |
وري اُن ڏينھن نعمتن بابت اوھان کان ضرور پڇبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري ان ڏينهن (خدا جي طرفان اوهان کي عطا ڪيل سڀني) نعمتن بابت اوهان کان پڇبو (ته انهن کي اوهان پنهنجي خواهشن ۽ هوس جي تسڪين لاءِ ڇو استعمال ڪيو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ يقيناً توهان کان ان ڏينهن الله جي طرفان ڏنل نعمتن بابت ضرور سوال پڇيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اوهان کان ان ڏينهن (قيامت ۾) ضرور نعمت بابت پڇيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ البته ضرور پڇيا ويندؤ ان ڏينهن نعمتن جي باري ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري ان ڏينهن نعمت بابت اوهان کان پڇيو ويندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان ڏينهن ضرور توهان کان نعمتن جي باري ۾ پڇيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي بابت هَر ڪِنهن ڀال، پُڇبان اَوس اُن ڏينهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهي وقت اوهان کان نعمتن جو پڇاڻو ٿيندو!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ انهيءَ ڏينهن ضرور توهان کان انهن نعمتن جي باري ۾ پڇا ڪئي ويندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ضرور توهان کان پڇيو ويندو ان ڏينهن هنن نعمتن جي باري ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان ڏينھن توهان کان نعمتن جو ضرور پڇاڻو ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |