توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
القارِعَةُ (آيت : 1) |
سخت ٺوڪيندڙ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اها ڪڙڪيدار دلين کي) کڙڪائيندڙ،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قارعت !(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (دلين کي) کڙکڙائڻ واري،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) دل دهلائيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (دلين کي) کڙڪائيندڙ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (دليون) دهلائيندڙ. (قيامت)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُها ڪَڙڪيدار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”کڙڪائيندڙ!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تمام وڏي کڙڪائيندڙ! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تمام وڏو حادثو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اچانڪ) کڙڪائيندڙ (آفت) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَا القارِعَةُ (آيت : 2) |
(اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اها) کڙڪائيندڙ ڇا آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قارعت ڇا آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اها) کڙکڙائڻ واري ڇا آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا آهي دل دهلائيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اها) کڙڪائيندڙ ڇا آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اُها دليون) دهلائيندڙ ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُها ڪَڙڪيدار ڪِهڙي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”ڇا آهي کڙڪائيندڙ؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا آهي اها تمام وڏي کڙڪائيندڙ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا آهي اهو تمام وڏو حادثو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اچانڪ) کڙڪائيندڙ (آفت) ڇا آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَدرىٰكَ مَا القارِعَةُ (آيت : 3) |
۽ ڪنھن سمجھايئي ته (اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته (اها) کڙڪائيندڙ ڇا آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته قارعت ڇا آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تو کي ڪهڙي خبر ته (اها) کڙکڙائڻ واري ڇا آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته ڇا آهي دل دهلائيندڙ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته (اها) کڙڪائيندڙ ڇا آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته (دليون) دهلائيندڙ ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِنهن ڪَڙڪيدار جِي، توکي ڏِنِي سُڌ سَنڀار؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکي ڪنهن سمجهايو ته ”کڙڪائيندڙ“ ڇا آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توکي ڪهڙي خبر ته اها تمام وڏي کڙڪائيندڙ ڇا آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته ڇا آهي اهو تمام وڏو حادثو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توکي ڪهڙي خبر ته (اچانڪ) کڙڪائيندڙ (آفت) ڇا آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يَكونُ النّاسُ كَالفَراشِ المَبثوثِ (آيت : 4) |
جنھن ڏينھن ماڻھو پکيڙيلن پتنگن جان ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ڏينهن ماڻهو پڪڙيلن پتنگن وانگر ٿيندا،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن (قيامت جي ڏينهن) ماڻهو منتشر پتنگن وانگر هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن ماڻهو پکڙيل مڪڙن وانگر (ميدان محشر ۾) هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن هوندا ماڻهو پروانن پکڙيلن وانگر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن ماڻهو پکڙيل پتنگن وانگر ٿيندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن ماڻهو پکڙيل پتنگن وانگر (پريشان) ٿي ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏِينهن ماڻهو ماڻهن ۾، ڪَهِئَ وارِي ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو ڏينهن آهي، جنهن ۾ ماڻهو پکڙيل پتنگن وانگر هوندا (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو آهي اُهو ڏينهن، جڏهن ماڻهو ٽـِـڙيل پکڙيل پتنگن وانگر هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ڏينهن جڏهن هوندا ماڻهو پکڙيل پتنگن وانگر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن ماڻهو ٽڙيل پکڙيل پتنگن وانگر (پريشان) هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ المَنفوشِ (آيت : 5) |
۽ جبل تنبيل رڱيل اُن جان ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جبل رنگارنگي پڃيل اُن جهڙا ٿيندا (جيڪي هوا ۾ اڏامندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان ڏينهن جبل پڃيل اُنَّ وانگر هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جبل رنگارنگي پڃيل ان جهڙا ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هوندا جبل اُنَ تُنبيل وانگر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جبل رنگارنگي اُن پڃيل جهڙا ٿيندا (تنهن ڏينهن اها کڙڪائيندي) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جبل پِڃيَلَ رنگين اُن وانگر ٿي ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُوندا ڏُونگر ڏيہ جا، پَشم پِڃيل جا پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جبل پڃيل اُن وانگر هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جبل رنگارنگي پــِـڃيل اُن وانگر هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هوندا جبل رنگ برنگي پڃيل اُن وانگر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جبل رنگ برنگي پڃيل اُن وانگر ٿي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَمّا مَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ (آيت : 6) |
پوءِ جنھن (جي عملن) جا ترارا ڳرا ٿيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان وقت حساب ڪتاب ٿيندو) پوءِ جنهن جا (دنيا ۾ ڪيل نيڪوڪارين وارا) عمل ڳرا ٿيندا،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جنهن ماڻهو جون نيڪيون ڳريون هونديون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جنهن جي (چڱن ڪمن) جو پڙو ڳرو هوندو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پر جيڪو ڳرا ٿيا تورارا ان جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جنهن جا (چڱا) عمل ڳرا ٿيندا(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهو ماڻهو جنهن (جي نيڪين) جا پُڙ ڳرا ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر پُڙ جِنهن جا پوءِ ٿيا، بارِي اَندر بار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جن جو (چڱن) ڪمن جو پاسو ڳرو ٿيندو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جنهن جا پــُـڙ ڳؤرا ٿيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جنهن جا ڳرا ٿيا پُڙ تارازي (ساهمي) جا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جنھن جي (نيڪين جي) وزن جو پُڙ ڳرو هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 7) |
سو دلپسند گذران ۾ ھوندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (پنهنجي مرضيءَ تي) پسند ڪيل آرام ۾ هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهو جنت ۾ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سو پسند ڪيل آرام ۾ هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اهو پسند ڪيل معاش ۾ هوندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سو پسند ڪيل آرام ۾ هوندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهو من پسند آرام (جي زندگي) ۾ هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي آسودا گُذران ۾، سَدا باغ بَهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سي دلپسند حياتيءَ ۾ هوندا (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو دل گهرئي عيش ۾ هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهو هوندو دل پسند عيش ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو خوشيءَ واري زندگي ۾ هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمّا مَن خَفَّت مَوٰزينُهُ (آيت : 8) |
۽ جنھن (جي عملن) جا ترارا ھلڪا ٿيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنهن جا عمل هلڪا ٿيندا،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پر جنهن ماڻهو جون نيڪيون هلڪيون هونديون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن جي (نيڪ عملن) جو پڙو هلڪو ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر اهو جو هلڪا ٿيا تورارا ان جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن جا عمل هلڪا ٿيندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن (جي نيڪين) جا پُڙ هلڪا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَر پُڙ پاسا جِنهن جا، هَلڪا ٿياهيڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن جي ڪمن جو پاسو هلڪو ٿيندو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جنهن جا پــُـڙ هلڪا ٿيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جنهن جا هوندا هلڪا پڙ تارازي (ساهمي) جا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جنھن جي (نيڪين جي) وزن جو پُڙ هلڪو هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأُمُّهُ هاوِيَةٌ (آيت : 9) |
تنھن (جي رھڻ) جي جاءِ ھاوِيَه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن جي رهڻ جي جاءِ هاويه ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان جي رهڻ جي جاء هاويه آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ان جو ٺڪاڻو “هاويه” هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ان جي جاء هاويہ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تنهن جي رهڻ جي جاءِ هاويه ٿيندي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان جو ٽِڪاڻو هاويه هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آهي ماء اُن جِي، تَتَل باھِ تيار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تن جو ٺڪاڻو ٿيندي ”هاوي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان جو ٺڪاڻو اونهي کڏ (هاويـھ) هوندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ان جي هوندي رهڻ جي جاءِ اونهي کڏ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان جي جاءِ هاويه (۾) هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَدرىٰكَ ما هِيَه (آيت : 10) |
۽ ڪنھن سمجھايئي ته ھاويه ڇا آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته هاويه ڇا آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته اها ڇا آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تو کي ڪهڙي خبر ته اها “هاويه” ڇا آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته اها ڇا آهي؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته هاويه ڇا آهي؟(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته اُها هاويه ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي تَتَل باھِ جِو، ڪو پُورو پَتو پار؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکي ڪنهن سمجهايو، ته اها ڇا آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها هاويــھ (اونهي کڏ) ڇا آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها ڇا آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توکي ڪهڙي خبر ته هاويه ڇا آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نارٌ حامِيَةٌ (آيت : 11) |
ھڪ ٻرندڙ باھ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اها ڀڙڪندڙ) تمام گرم باهه آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها هڪ ٻرندڙ باه آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اها) تمام گرم باھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هڪ شعلا هڻندڙ باھ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اها) تمام گرم باه آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُها ڀڙڪندڙ باهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) دَوزخ دَهشتدار، ٻَرندڙ ٻارَ هِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها ”ساڙيندڙ باهه“ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اها) ڀڙڪندڙ باهه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) باهه آهي ٻرندڙ (سخت)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُها ڀڙڪندڙ باهه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |