توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالعٰدِيٰتِ ضَبحًا (آيت : 1) |
ھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حملو ڪندڙن جي) هانبارو هڻي ڊوڙندڙن (گهوڙن) جو پريشان حال (ڊوڙڻ شاهد آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي (مجاهدن جي) انهن گھوڙن جو جيڪي هانڀارو هڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) قسم آهي هنبارو هڻي ڊوڙندڙن (غازين جي گهوڙن) جو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي ڊوڙندڙن گهوڙن جو هانڀارو هڻي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) قسم آهي هنبارو هڻي ڊوڙندڙن (گهوڙن) جو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي هانبارو هڻي ڊوڙندڙ گهوڙن جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پيٽ وَڄائي پَنڌ ۾، ڀَڄندڙ ڏِين بَيان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شاهد آهن: هانبارو هڻي ڊوڙندڙ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي انهن (گهوڙن) جو جيڪي ڦوڪارا هڻندي پيا ڊوڙندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم آهي گهوڙن جو جيڪي ڀڄن ٿا هانباري سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي گهوڙن جو جيڪي وڏا ساهه کڻي ڊوڙندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَالمورِيٰتِ قَدحًا (آيت : 2) |
پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ چڻنگن ڪڍندڙن جو (جيڪي پٿرن تي نعلن هڻڻ سان نڪرنديون آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ قسم آهي انهن گھوڙن جو جيڪي سُنب هڻي پٿرن مان چڻگون ڪڍن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پوءِ چڻنگن ڪڍندڙن جو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چڻگون ڪڍندڙن جو سنب هڻي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ چڻنگن ڪڍندڙن جو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ پٿرن کي سُمب هڻي چڻنگن ڪڍندڙن جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کڻندڙ پوءِ کُرن سان، چِڻنگون مَنجھ چوگان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پٿرن تي سنبن سان چڻنگون ڪڍندڙ گهوڙا، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (پنهنجن سنبن سان) چڻنگون اٿاريندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ سنبن سان ڪڍن ٿا چڻنگون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (پٿريلي زمين تي) ٽَپَ ٽَپَ سان چڻنگون ڪڍندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَالمُغيرٰتِ صُبحًا (آيت : 3) |
پوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) صبح جي وقت (سوير ننڊ جي غلبي وقت) لٽ ڪندڙن جو،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ قسم انهن گھوڙن جو جيڪي صبح جي وقت دشمنن تي حملو ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ صبح جي وقت ڇاپو هڻندڙن جو، (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ لُٽِ ڪندڙن جو صبح جي وقت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ صبح جي وقت حملو ڪندڙن جو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ صبح جي مهل حملو ڪرڻ وارن جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ لُٽِيندڙ پِرھ سان، مارِي مَنجھ ميدان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي صبح جو اچي لُٽ ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ صبح ساجهر ئي وڃي ڪاهه ڪندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇاپو هڻن ٿا (لٽندڙن تي) صبح سويري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) صبح جي وقت حملو ڪندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَثَرنَ بِهِ نَقعًا (آيت : 4) |
جو اُن مھل رئي اُٿارين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ان وقت (ڊوڙڻ سببان) رَئي اٿاريندڙن جو،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ قسم آهي انهن گھوڙن جو جيڪي غبار اُڏائن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان وقت ريتي اڏائيندڙن جو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اڏائن پيا ان سان غبار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان وقت رئي اٿاريندڙن جو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان وقت ڌوڙ اڏائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُٿارِئون پوءِ تان، ڌُوڙيو، سِين دامان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پوءِ ان سان غبار کڙو ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ان وقت ڌڌڙ اڏائيندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اُڏارين ٿا ان مهل دز کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (تيز هلڻ دوران) مٽي اڏاريندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَوَسَطنَ بِهِ جَمعًا (آيت : 5) |
پوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ان گهڙيءَ (ستلن جي) ٽولي جي وچ ۾ اچي پوندڙن جو،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ قسم آهي انهن گھوڙن جي جيڪي (دشمنن جي) صفن ۾ اندر وڃن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان وقت (دشمن جي) دل ۾ گهڙي وڃن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ وچ ۾ پون ٿا ان سان لشڪر ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان گهڙيءَ (دشمنن جي) ٽولي جي وچ ۾ اچي پوندڙن جو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهي ان وقت (دشمنن جي) لشڪر جي وچ ۾ اچي پون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڦِريا وِچان فوج جي، ديـمِيَن درميان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پوءِ وڃي فوجن جي وچ ۾ گهڙن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ انهيءَ حالت ۾ ڪنهن ميڙ جي وچ ۾ ڪاهي پوندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ گِهڙي پون ٿا ان حالت ۾ ڪنهن ميڙ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهڙي حالت ۾ (دشمن جي وچ ۾) ڪاهي پوندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الإِنسٰنَ لِرَبِّهِ لَكَنودٌ (آيت : 6) |
ته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انسان جي معمولي خدمت جي عيوض گهوڙن جي، ان لاءِ ايڏي قرباني شاهد آهي ته) بيشڪ انسان پنهنجي پالڻهار جو وڏو بي شڪر آهي. (جو معمولي دولت جي هوس ۾ پنهنجي مالڪ جا ضابطا ٽوڙي ٿو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انسان (ڪافر) پنهنجي خالق جو يقيناً ناشڪر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مطلب ته قسم آهي) ته ان انسان پنهنجي پروردگار جو ناشڪرو آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ انسان پنهنجي رب جو البته بي شڪر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته بيشڪ انسان پنهنجي پاليندڙ جو وڏو بي شڪر آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ انسان پنهنجي پالڻهار جو وڏو ناشڪر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) شاهِد سڀ هِن ڳالھ تي، گھوڙا ۽ گَمسان، ته ماڻهو مالِڪ سَندسِ جو، آهي بلڪل بي شُڪران،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته بيشڪ انسان سندس رب جو وڏو بي شڪر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اصل ڳالهه اها آهي ته انسان پنهنجي رب جو ڏاڍو ناشڪرو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت ۾ انسان پنهنجي رب جو وڏو ناشڪرو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ انسان پنھنجي پالڻھار جو وڏو ناشڪرو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ لَشَهيدٌ (آيت : 7) |
۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ هو انهيءَ (عمل سان پنهنجي ناشڪري واري حالت) تي پاڻ به شاهد آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اهو (پنهنجي) ان ڳالهه تي (پاڻ) گواه آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو پڪ پاڻ به ان (ڳالھ) کان واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اهوان تي البته شاهد آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ هو پاڻ انهيءَ (پنهنجي حالت) تي شاهد (به) آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اُهو پاڻ ان (ناشڪري) تي شاهد آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ساکي اِنهِئَ سُڌ مَٿي، آهي خُود اِنسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو پاڻ به انهي کان واقف آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ ڳالهه جو هو پاڻ ئي شاهد آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ حقيقت ۾ پاڻ ئي ان تي شاهد آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هو (پنھنجي اِن ناشڪريءَ جو) خود گواهه به آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّهُ لِحُبِّ الخَيرِ لَشَديدٌ (آيت : 8) |
۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ هو مال جي محبت ۾ (انڌو ٿيل) آهي (جو ڪمايل ۽ ڦٻايل مال کي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهي ٿو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اهو مال جي محبت ۾ يقيناً شديد آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اهو مال جو ڏاڍو حريص آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اهو مال جي محبت ۾ البته سخت آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ هو مال جي محبت ۾ سخت آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اُهو مال جي محبت ۾ ڏاڍو سخت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَنجِھين مُحبت مال جي، آھِ هر طرح حيران،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو مال جي سخت محبت رکندڙ آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مال ۽ دولت جي محبت ۾ به ڏاڍو سخت ڦاٿل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ اهو مال ۽ دولت جي محبت ۾ بري طرح مبتلا آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هو مال جي محبت ۾ انڌو ٿي ويندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَلا يَعلَمُ إِذا بُعثِرَ ما فِى القُبورِ (آيت : 9) |
(اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا پوءِ هو ان وقت کي نٿو ڄاڻي، جڏهن (حساب ڪتاب لاءِ) انهن کي اٿاربو، جيڪي قبرن ۾ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اهو نٿو ڄاڻي جنهن وقت مُئلن کي زندهه ڪري اُٿاريو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا اهو هي ڳالھ نه ٿو ڄاڻي ته جڏهن مئل قبرن مان ڪڍيا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ نه ٿو ڄاڻي جڏهن اٿاريا ويندا قبرن وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ ان وقت کي نٿو ڄاڻي جڏهن انهن کي اٿاربو جيڪي قبرن ۾ آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ نه ٿو ڄاڻي جڏهن انهن کي اٿاريو ويندو جيڪي قبرن ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ هيڪر هيڪ مَنون ٿِي، ڌَري ڇو نه ڌِيان؟ ته مُئا اُٿيَن، جِنهن مَهل ۾، سَڏ مٿي سُبحان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، کيس انهي وقت جي ڄاڻ ڪانهي؟ جڏهن قبرن وارا جيئرا ڪبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا ان وقت کي نٿو ڄاڻي ڇا، جو جڏهن قبرن ۾ جيڪي (پوريل) آهي سو ٻاهر ڪڍيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهو نٿو ڄاڻي ته جڏهن اٿاريا ويندا اهي جيڪي قبرن ۾ (مدفون) آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اُن کي معلوم ناهي ته جيڪي قبرن ۾ (دفن ٿيل) آهن، تن سڀني کي ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريو ويندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَحُصِّلَ ما فِى الصُّدورِ (آيت : 10) |
۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي سينن ۾ (مال جي محبت ۽ هوس کي مجبورين جا بهانا بنائڻ واري سندن چال) آهي، تنهن کي پڌرو ڪبو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي راز کوليا ويندا جيڪي سينن ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ دلين جا ڳجھ ظاهر ڪيا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ظاهر ڪيو ويندو جيڪو سينن ۾ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي سينن ۾ آهي سو ظاهر ڪبو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي سينن ۾ آهي سو ظاهر ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ خُوب طرح کوليا وِيا، جِي سِينَن ۾ سامان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ دلين جا ڳجهه ظاهر ٿيندا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سينن ۾ جيڪو (سانڍيل) آهي، ان کي ٻاهر ڪڍي جاچيو ويندو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پڌرو ڪيو ويندو اهو جيڪي لڪل آهي سينن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (انهن جي) سينن جي رازن کي ظاهر ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ رَبَّهُم بِهِم يَومَئِذٍ لَخَبيرٌ (آيت : 11) |
بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ سندن پاليندڙ انهن جي سموري حال کان ان ڏينهن پورو واقف هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهن جو رب ان ڏينهن انهن جي احوال کان يقيناً خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ ان ڏينهن سندن پروردگار سندن حال کان چڱيءَ طرح واقف هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ انهن جو رب انهن کان ان ڏينهن البته خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ سندن پاليندڙ سندن حال کان ان ڏينهن پورو واقف آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ سندن پالڻهار ان ڏينهن انهن (جي عملن) کان خبروار هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سچو صاحب اُنهن جو، بي شڪ بي گمان، اُنهِئَ ڏِينهن اُتانِ، آهي پَهريدار پاڻ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ ان ڏينهن سندن رب سندن حال کان خوب واقف هوندو!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ سندن رب انهيءَ ڏينهن کانئن چڱيءَ طرح واقف هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ انهن جو رب انهن کان ان ڏينهن چڱيءَ طرح واقف هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ سندن پالڻھار ان ڏينھن انهن جي حال کان چڱي ريت باخبر هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |