توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 1) |
سڀ ساراھ (خاص) جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خاص ساراهه الله جي لاءِ آهي (يعني سهڻين ۽ چڱين صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي) جو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سڀئي تعريفون الله تعالى لاء آهن جيڪو رب آهي جهانن جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سڀ حمد فقط الله لاءِ ئي آهي (جيڪو) سڀني جهانن جو پالڻهار(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڀ ساراهه (ثابت) آهي الله جي لاءِ جيڪو پالڻهار جهانن جو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڳائي جبار کي، سَڀڪائي ساراه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سڀ ڪا ساراهه جهانن جي پالڻهار الله کي جڳائي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تعريف الله جي لاءِ ئي آهي، جيڪو ساريءَ ڪائنات جو رب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سڀ ساراھ اللہ جي لاءِ جيڪو پالڻھار آھي جھانن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن، (جيڪو) سمورن جھانن جو پالڻھار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الرَّحمٰنِ الرَّحيمِ (آيت : 2) |
(جو) ٻاجھارو مھربان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نهايت مهربان ٻاجھارو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وڏو مهربان نهايت رحم وارو(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) گهڻو مہربان هميشہ رحم ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (جو) وڏومهربان ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پالڻهار پرٿڻين، هردم هميشاه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو بي حد مهربان، نهايت ٻاجهه وارو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيحد مــِـهر وارو ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وڏو مھربان رحم وارو آھي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيحد مھربان ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مٰلِكِ يَومِ الدّينِ (آيت : 3) |
قيامت جي ڏينھن جو مالڪ (آھي).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهي ڏينهن جو مالڪ آهي، جنهن ڏينهن ماڻهن کي سندن ڪمن جو بدلو ملندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مالڪ آهي ڏينهن قيامت جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو (بدلي ڏيڻ واري) ڏينهن قيامت جو مالڪ آهي(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مالڪ آهي ڏينهن جزا جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بدلي واري ڏينهن جو مالڪ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سخي سٻاجھو گھڻو، مالڪ محشرگاه(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انصاف جي ڏينهن جو مالڪ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حساب ڪتاب جي ڏينهن جو مالڪ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مالڪ آھي حساب جي ڏينھن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بدلي ڏيڻ واري ڏينھن (يعني قيامت) جو مالڪآهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِيّاكَ نَعبُدُ وَإِيّاكَ نَستَعينُ (آيت : 4) |
تنھنجي ئي عبادت ڪيون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گھرون ٿا(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي خدا) اسان فقط تنهنجي ٻانهپ ڪريون ٿا ۽ فقط توکان مدد گهرون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خاص تنهنجي عبادت ڪريون ٿا ۽ خاص توکان مدد وٺون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي الله) اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خاص تنهنجي ٿا عبادت ڪيون ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا . .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي الله!) اسان تنهنجي ئي بندگي ڪيون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توئيِ پوڄيون، توهان ئي پنون حِمايت هرگاه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (يا الله!) اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسين تنھنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گھرون ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي الله!) اسين تنھنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اهدِنَا الصِّرٰطَ المُستَقيمَ (آيت : 5) |
اسان کي سڌي واٽ ڏيکار.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي خدا) اسان کي (سعادت) جي سڌي واٽ ڏيکار.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان کي سڌي رستي تي هلاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ثابت قدم رک اسان کي واٽ سڌيءَ تي(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هلاءِ اسان کي واٽ سڌيءَ تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان کي سڌي رستي سان هلاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُهائيون سَئـِين واٽڙي، واٽ اُنهن جي واه!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون اسان کي سڌي واٽ ڏيکار. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان کي سڌو رستو ڏيکار (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان کي ھلاءِ سڌي رستي تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي الله!) اسان کي سڌو رستو ڏيکار. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
صِرٰطَ الَّذينَ أَنعَمتَ عَلَيهِم (آيت : 6) |
جا انھن جي واٽ آھي جن تي فضل ڪيو اٿئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن ماڻهن جي واٽ (ڏيکار) جن تي تو نعمتون ڪيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رستو انهن ماڻهن جو جن تي تو نعمت ڪئي آهي (بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) واٽ انهن جي جن کي تو نعمت عطا ڪئي (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) واٽ انهن جي جو نعمت ڪئي تو انهن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (يعني) انهن ماڻهن جو رستو جن تي تو انعام ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَن کي توڙان توڙ ڪئيِ نِعمتون نيباه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جا انهن جي واٽ آهي، جن تي تو انعام ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ماڻهن وارو رستو جن تي تو انعام فرمايو، (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انھن ماڻھن واري رستي تي جن تي تو انعام فرمايو، (القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن جو رستو جن تي تو انعام فرمايو، (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
غَيرِ المَغضوبِ عَلَيهِم وَلَا الضّالّينَ (آيت : 7) |
انھن جي (واٽ) جن تي ( تنھنجو) ڏمر ٿيل آھي ۽ نه گمراھن جي (واٽ).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن جي واٽ جن تي غضب پيو، ۽ نه انهن جي راھ جي گمراھ ٿيا ۽ واٽ ڀلجي ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نه انهن جورستو جن تي تون ناراض آهين ۽ نه گمراهن جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نه (واٽ انهن جي) جن تي ڏمر ٿيو ۽ نه (واٽ) انهن جي جيڪي گمراھ ٿيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه انهن جي (واٽ) جن تي غضب ڪيل آهي ۽ نه گمراهن جي (واٽ) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نه انهن ماڻهن جو (رستو) جن مٿان ڏمر ٿيل آهي، ۽ نه گمراهن جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَن تي ڪاوڙ ناهِ ڪا، ۽ نه گَس ڪنان گمراه، آمين يا الله! اِهو عرض اگھائيِـين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي نه ڏمر هيٺ آيا ۽ نه گمراهه ٿيا. (هيءَ دعا قبول ڪر!)(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن تي نڪي ڪو ڏمر ڪيل آهي ۽ نه ئي ڀٽڪي ويل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ڏمر ھيٺ نہ آيا، ۽ ناھن ڀٽڪي ويل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهي ئي ماڻهو آهن) جن تي نه ته تنھنجوڏمر آهي ۽ نه ئي اهي گمراهيءَ جي رستي تي آهن.(آمين)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |