098 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
لَمْ يَكُنِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَالْمُشْرِكِيْنَ مُنْفَكِّيْنَ حَتّٰى تَاْتِيَهُمُ الْبَيِّنَةُ 1ۙ
اهل ڪتاب مان جيڪي ڪافر ٿيا ۽ مشرڪ ان وقت تائين (ڪفر کان) جدا ٿيڻ وارا نه هئا جيستائين انهن وٽ روشن دليل (نه) اچي.
— مولانا طاھر القادريرَسُوْلٌ مِّنَ اللّٰهِ يَتْلُوْا صُحُفًا مُّطَهَّرَةً 2ۙ
(اهو دليل) الله جي طرفان رسول (آخر زمان صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) آهن جيڪي (انهن تي) پاڪ (قرآني) ورقن جي تلاوت فرمائن ٿا.
— مولانا طاھر القادريفِيْهَا كُتُبٌ قَيِّمَةٌ 3ۭ
جن ۾ صحيح ۽ مضبوط حڪم (لکيل) آهن.
— مولانا طاھر القادريوَمَا تَفَرَّقَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَتْهُمُ الْبَيِّنَةُ 4ۭ
(انهن) اهل ڪتاب ۾ (نبي آخر زمان صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي نبوت ۽ رسالت تي ايمان آڻڻ ۽ سندن شان اقدس سڃاڻڻ بابت اڳ ۾) ڪا به ڦوٽ نه پئي هئي. مگر ان کان پوءِ جڏهن ته (بعثت محمدي صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جو) روشن دليل انهن وٽ آيو (ته اهي پاڻ ۾ ورهائجي ويا ڪنهن ان تي ايمان آندو ۽ ڪو حسد جي ڪري منڪر ۽ ڪافر ٿي ويو).
— مولانا طاھر القادريوَمَآ اُمِرُوْٓا اِلَّا لِيَعْبُدُوا اللّٰهَ مُخْلِصِيْنَ لَهُ الدِّيْنَ ڏ حُنَفَاۗءَ وَيُقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوا الزَّكٰوةَ وَذٰلِكَ دِيْنُ الْقَيِّمَةِ 5ۭ
حالانڪ انهن کي صرف اهو حڪم ڏنو ويو هو ته فقط ان جي ئي لاءِ پنهنجي دين کي خالص ڪندي الله جي عبادت ڪن، (هر باطل کان الڳ ٿي) الله جي طرف يڪسوئي پيدا ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوٰة ڏين ۽ اهوئي سڌو ۽ مضبوط دين آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَالْمُشْرِكِيْنَ فِيْ نَارِ جَهَنَّمَ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمْ شَرُّ الْبَرِيَّةِ 6ۭ
بيشڪ اهل ڪتاب مان جيڪي ڪافر ٿي ويا ۽ مشرڪ (سڀئي) جهنم جي باهه ۾ (پيا) هوندا اهي هميشه ان ۾ رهندڙ آهن، اهي ئي ماڻهو بدترين مخلوق آهن.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ اُولٰۗىِٕكَ هُمْ خَيْرُ الْبَرِيَّةِ 7ۭ
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا اُهي ئي سموري مخلوق کان بهتر آهن.
— مولانا طاھر القادريجَزَاۗؤُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتُ عَدْنٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَآ اَبَدًا ۭ رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَرَضُوْا عَنْهُ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَشِيَ رَبَّهٗ 8ۧ
انهن جي جزا سندن رب وٽ دائمي رهائش جا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون جاري آهن، اهي انهن ۾ هميشه هميشه رهندا، الله انهن کان راضي ٿي ويو آهي ۽ اهي الله کان راضي آهن، هي (مقام) اُن ماڻهو جي لاءِ آهي جيڪو پنهنجي رب کان ڊڄندو رهيو.
— مولانا طاھر القادري