096 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ 1ۚ
(اي حبيب!) پنهنجي رب جي نالي سان (شروعات ڪندي) پڙهو جنهن (هر شيءِ کي) پيدا فرمايو.
— مولانا طاھر القادريخَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ 2ۚ
ان انسان کي (ماءُ جي رحم ۾) ڄؤر وانگر لٽڪيل وجود مان پيدا ڪيائين
— مولانا طاھر القادرياِقْرَاْ وَرَبُّكَ الْاَكْرَمُ 3ۙ
پڙهو ۽ توهان جو رب تمام وڏو ڪريم آهي.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ 4ۙ
جنهن قلم جي ذريعي (لکڻ پڙهڻ جو) علم سيکاريو.
— مولانا طاھر القادريعَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ يَعْلَمْ 5ۭ
جنهن انسان کي (ان کان علاوه به) اهو (ڪجهه) سيکاريو جيڪو هو نه ڄاڻندو هو.
— مولانا طاھر القادريكَلَّآ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَيَطْغٰٓى 6ۙ
(مگر) حقيقت اها آهي ته (نافرمان) انسان سرڪشي ڪري ٿو.
— مولانا طاھر القادرياَنْ رَّاٰهُ اسْتَغْنٰى 7ۭ
انهيءَ ڪري ته هو پنهنجو پاڻ کي (دنيا ۾ ظاهري طور) بي پرواهه سمجهي ٿو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ اِلٰى رَبِّكَ الرُّجْعٰى 8ۭ
بيشڪ (هر انسان کي) توهان جي رب ڏانهن ئي موٽڻو آهي.
— مولانا طاھر القادرياَرَءَيْتَ الَّذِيْ يَنْهٰى 9ۙ
ڇا توهان ان شخص کي ڏٺو جيڪو روڪي ٿو.
— مولانا طاھر القادريعَبْدًا اِذَا صَلّٰى ۭ10
(الله جي) ٻانهي کي جڏهن هو نماز پڙهي ٿو. (يا (الله جي محبوب ۽ پسنديده) ٻانهي (محمد مصطفي صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) کي جڏهن اهي نماز پڙهن ٿا.
— مولانا طاھر القادرياَرَءَيْتَ اِنْ كَانَ عَلَي الْهُدٰٓى ۙ11
ڀلا ڏسو ته جيڪڏهن اهو هدايت تي هجي ها.
— مولانا طاھر القادرياَوْ اَمَرَ بِالتَّقْوٰى ۭ12
يا هو (ماڻهن کي) پرهيزگاري جو حڪم ڏئي ها (ته ڪهڙو نه بهتر هجي ها).
— مولانا طاھر القادرياَرَءَيْتَ اِنْ كَذَّبَ وَتَوَلّٰى ۭ13
هاڻي ٻڌايو! جيڪڏهن هُن (سچي دين کي) ڪوڙو چيو آهي ۽ (توهان کان) منهن ڦيريو اٿس (ته ان جو ڇا حشر ٿيندو)؟
— مولانا طاھر القادرياَلَمْ يَعْلَمْ بِاَنَّ اللّٰهَ يَرٰى ۭ14
ڇا هو نٿو ڄاڻي ته الله (ان جي سموري ڪردار کي) ڏسي رهيو آهي؟
— مولانا طاھر القادريكَلَّا لَىِنْ لَّمْ يَنْتَهِ ڏ لَنَسْفَعًۢا بِالنَّاصِيَةِ ۙ15
خبردار! جيڪڏهن هو (رسول جي گستاخي ۽ سچي دين جي دشمنيءَ کان) نه مڙيو ته ضرور اسان (کيس) پيشاني جي وارن کان جهلي گِهلينداسين.
— مولانا طاھر القادرينَاصِيَةٍ كَاذِبَةٍ خَاطِئَةٍ ۭ16
اها پيشاني جيڪا ڪوڙي (۽) خطاڪار آهي.
— مولانا طاھر القادريفَلْيَدْعُ نَادِيَهٗ ۙ17
پوءِ هو پنهنجن ساٿين کي (مدد جي لاءِ) سڏي.
— مولانا طاھر القادريسَـنَدْعُ الزَّبَانِيَةَ ۙ18
اسان به عنقريب (پنهنجي) سپاهين (يعني جهنم جي عذاب تي مقرر ملائڪن) کي سڏينداسون.
— مولانا طاھر القادريكَلَّا ۭ لَا تُطِعْهُ وَاسْجُدْ وَاقْتَرِبْ ڙ 19
ڪڏهن به نه! توهان هن جي ڪئي جي پرواهه نه ڪريو، ۽ (اي محبوب مڪرم!) توهان سجدي ۾ رهو ۽ (اسان کي وڌيڪ) ويجها ٿيندا وڃو.
— مولانا طاھر القادري