093 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
وَالضُّحٰى 1ۙ
قسم آهي منجهند جي وقت جو (جڏهن سج بلند ٿي پنهنجو نور پکيڙيندو آهي). يا (اي محبوب مڪرم!) قسم آهي چاشت (وانگر اوهان جي نوراني چهري) جو (جنهن جي روشني تاريڪ روحن کي روشن ڪري ڇڏيو). يا قسم آهي چاشت جي وقت (جيان توهان جي آفتاب رسالت جي بلند ٿيڻ) جو (جنهن جي نور گمراهي جي اونداهين کي روشني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.)
— مولانا طاھر القادريوَالَّيْلِ اِذَا سَـجٰى 2ۙ
۽ قسم آهي رات جو جڏهن اها ڇائنجي وڃي. يا (اي حبيب مڪرم!) قسم آهي ڪاري رات (وانگر اوهان جي خوشبودار زلفن جو) جڏهن اهي (اوهان جي نوراني چهري تي يا ڪلهن تي) پکڙجي وڃن. يا قسم آهي رات (وانگر اوهان جي ذات جي حجاب جو) جڏهن ته ان (توهان جي حقيقت جي نور کي ڪيئي پردن ۾) لڪايو آهي.
— مولانا طاھر القادريمَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَمَا قَلٰى 3ۭ
توهان جي پالڻهار (جڏهن کان توهان کي چونڊيو آهي) توهان کي نه ڇڏيو اٿس ۽ نه ئي (جڏهن کان توهان کي محبوب بڻايو آهي) ناراض ٿيو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَلَلْاٰخِرَةُ خَيْرٌ لَّكَ مِنَ الْاُوْلٰى 4ۭ
۽ بيشڪ (هر) پوئين گهڙي اوهان جي لاءِ اڳين کان بهتر (يعني عظمت ۽ بلندي جو سبب) آهي.
— مولانا طاھر القادريوَلَسَوْفَ يُعْطِيْكَ رَبُّكَ فَتَرْضٰى 5ۭ
۽ توهان جو رب عنقريب توهان کي (ايترو ڏيندو) جو توهان راضي ٿي ويندؤ.
— مولانا طاھر القادرياَلَمْ يَجِدْكَ يَتِيْمًـا فَاٰوٰى 6۠
(اي محبوب!) ڇا ان توهان کي يتيم نه لڌو پوءِ ان (توهان کي معزز ۽ مڪرم) ٺڪاڻو ڏنو. يا ڇا ان توهان کي (مهربان) نه لڌو پوءِ ان (توهان جي ذريعي) يتيمن کي جڳهه ڏني.
— مولانا طاھر القادريوَوَجَدَكَ ضَاۗلًّا فَهَدٰى 7۠
۽ ان توهان کي پنهنجي محبت ۾ بي اختيار ۽ گم ڏٺو ته مقصود تائين پهچائي ڇڏيائين. يا ۽ ان توهان کي ڀٽڪيل قوم جي وچ ۾ (رهنمائي ڪندڙ) ڏٺو ته (انهن کي توهان جي ذريعي) هدايت ڏنائين.
— مولانا طاھر القادريوَوَجَدَكَ عَاۗىِٕلًا فَاَغْنٰى 8ۭ
۽ ان توهان کي (وصالِ حق جو) حاجتمند ڏٺو ته (پنهنجي ديدار جي لذت سان نوازي هميشه جي لاءِ هر طلب کان) بي نياز ڪري ڇڏيائين. يا ۽ ان توهان کي (سخي ۽ ڏاتار) ڏٺو ته ان (توهان جي واسطي) سان محتاجن کي غني ڪري ڇڏيائين.
— مولانا طاھر القادريفَاَمَّا الْيَتِيْمَ فَلَا تَقْهَرْ 9ۭ
پوءِ اوهان به ڪنهن يتيم تي سختي نه فرمايو.
— مولانا طاھر القادريوَاَمَّا السَّاۗىِٕلَ فَلَا تَنْهَرْ ۭ10
۽ (پنهنجي دَر جي) ڪنهن سوالي کي نه جِهڻڪيو.
— مولانا طاھر القادريوَاَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ ۧ11
۽ پنهنجي رب جي نعمتن جو (خوب) ذڪر ڪريو.
— مولانا طاھر القادري