092 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 21 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
وَالَّيْلِ اِذَا يَغْشٰى 1ۙ
رات جو قسم جڏهن اها ڇائنجي وڃي (۽ هر شيءِ کي پنهنجي اونداهي ۾ لڪائي وٺي).
— مولانا طاھر القادريوَالنَّهَارِ اِذَا تَجَلّٰى 2ۙ
۽ ڏينهن جو قسم جڏهن اهو چمڪي اٿي.
— مولانا طاھر القادريوَمَا خَلَقَ الذَّكَرَ وَالْاُنْثٰٓى 3ۙ
۽ ان ذات جو (قسم) جنهن (هر شيءِ ۾) نر ۽ مادي کي پيدا فرمايو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ سَعْيَكُمْ لَشَتّٰى 4ۭ
بيشڪ توهان جي ڪوشش مختلف (۽ جدا) آهي.
— مولانا طاھر القادريفَاَمَّا مَنْ اَعْطٰى وَاتَّقٰى 5ۙ
پوءِ جنهن (پنهنجو مال الله جي واٽ ۾) ڏنو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪيائين.
— مولانا طاھر القادريوَصَدَّقَ بِالْحُسْنٰى 6ۙ
۽ ان (مال خرچڻ ۽ پرهيزگاري جي ذريعي) چڱائي (يعني سچي دين ۽ آخرت) جي تصديق ڪيائين.
— مولانا طاھر القادريفَسَنُيَسِّرُهٗ لِلْيُسْرٰى 7ۭ
ته اسان عنقريب ان کي آساني (يعني رضاءِ الاهي) جي لاءِ سهولت ڏينداسين.
— مولانا طاھر القادريوَاَمَّا مَنْۢ بَخِلَ وَاسْتَغْنٰى 8ۙ
۽ جنهن ڪنجوسي ڪئي ۽ (الله جي واٽ ۾ مال خرچ ڪرڻ کان) بي پرواهه رهيو.
— مولانا طاھر القادريوَكَذَّبَ بِالْحُسْنٰى 9ۙ
۽ ان (ائين) چڱائي (يعني سچي دين ۽ آخرت) کي ڪوڙو سمجهيائين.
— مولانا طاھر القادريفَسَنُيَسِّرُهٗ لِلْعُسْرٰى ۭ10
ته پوءِ اسان عنقريب ان کي ڏکيائي (يعني عذاب ڏانهن وڌڻ) جي لاءِ سهولت فراهم ڪنداسين (ته جيئن اهو جلدي عذاب جو حقدار بڻجي).
— مولانا طاھر القادريوَمَا يُغْنِيْ عَنْهُ مَالُهٗ ٓ اِذَا تَرَدّٰى ۭ11
۽ ان جو مال کيس ڪنهن ڪم نه ايندو جڏهن اهو تباهي (جي کڏ) ۾ ڪرندو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ عَلَيْنَا لَلْهُدٰى ڮ 12
بيشڪ (حق جي) واٽ ڏيکارڻ اسان جي ذمي آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاِنَّ لَنَا لَـلْاٰخِرَةَ وَالْاُوْلٰى 13
۽ بيشڪ اسين ئي دنيا ۽ آخرت جا مالڪ آهيون.
— مولانا طاھر القادريفَاَنْذَرْتُكُمْ نَارًا تَلَظّٰى ۚ14
سو مون توهان کي (جهنم جي) باهه کان ڊيڄاري ڇڏيو آهي جيڪا ڀڙڪي رهي آهي.
— مولانا طاھر القادريلَا يَصْلٰىهَآ اِلَّا الْاَشْقَى ۙ15
جنهن ۾ انتهائي بدبخت کان سواءِ ڪير به داخل نه ٿيندو.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْ كَذَّبَ وَتَوَلّٰى ۭ16
جنهن (سچي دين کي) ڪوڙو چيو ۽ (رسول جي اطاعت کان) منهن ڦيريو.
— مولانا طاھر القادريوَسَيُجَنَّبُهَا الْاَتْقَى ۙ17
۽ ان (باهه) کان ان وڏي پرهيزگار شخص کي بچايو ويندو.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْ يُؤْتِيْ مَالَهٗ يَتَزَكّٰى ۚ18
جيڪو پنهنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته (پنهنجي جان ۽ مال جي) پاڪيزگي حاصل ڪري.
— مولانا طاھر القادريوَمَا لِاَحَدٍ عِنْدَهٗ مِنْ نِّعْمَةٍ تُجْزٰٓى ۙ19
۽ ڪنهن جو ان تي ڪوبه احسان ناهي جنهن جو بدلو ڏنو پيو وڃي.
— مولانا طاھر القادرياِلَّا ابْتِغَاۗءَ وَجْهِ رَبِّهِ الْاَعْلٰى ۚ20
مگر (اهو) فقط پنهنجي عظيم رب جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ (مال خرچ ڪري رهيو آهي).
— مولانا طاھر القادري