090 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 20 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
لَآ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِ 1ۙ
آئون هن شهر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو.
— مولانا طاھر القادريوَاَنْتَ حِـۢلٌّ بِهٰذَا الْبَلَدِ 2ۙ
(اي محبوب مڪرم!) ان ڪري جو اوهان هن شهر ۾ تشريف فرما آهيو. ()
— مولانا طاھر القادريوَوَالِدٍ وَّمَا وَلَدَ 3ۙ
(اي محبوب مڪرم! اوهان جي) والد (آدم يا ابراهيم عليهما السلام) جو قسم ۽ (ان جو) قسم جنهن جي ولادت ٿي. ()
— مولانا طاھر القادريلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِيْ كَبَدٍ 4ۭ
بيشڪ اسان انسان کي تڪليف ۾ (مبتلا رهندڙ) پيدا ڪيو آهي.
— مولانا طاھر القادرياَيَحْسَبُ اَنْ لَّنْ يَّقْدِرَ عَلَيْهِ اَحَدٌ 5ۘ
ڇا هو اهو گمان ڪري ٿو ته ان تي هرگز ڪوبه قابو پائي نه سگهندو؟
— مولانا طاھر القادرييَقُوْلُ اَهْلَكْتُ مَالًا لُّبَدًا 6ۭ
هو (وڏي فخر سان) چوي ٿو ته مون تمام گهڻو مال خرچ ڪيو آهي.
— مولانا طاھر القادرياَيَحْسَبُ اَنْ لَّمْ يَرَهٗ ٓ اَحَدٌ 7ۭ
ڇا هو اهو سمجهي ٿو ته کيس (اهي فضول خرچيون ڪندي) ڪنهن به نه ڏٺو.
— مولانا طاھر القادرياَلَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ عَيْنَيْنِ 8ۙ
ڇا اسان ان جي واسطي ٻه اکيون ناهن ٺاهيون؟
— مولانا طاھر القادريوَلِسَانًا وَّشَفَتَيْنِ 9ۙ
۽ (ان کي) هڪ زبان ۽ ٻه چپ (ناهن ڏنا)؟
— مولانا طاھر القادريوَهَدَيْنٰهُ النَّجْدَيْنِ ۚ10
۽ اسان ان کي (چڱائي ۽ برائي جا) ٻه چٽا رستا (به) ڏيکاريا.
— مولانا طاھر القادريفَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَةَ ڮ 11
اهو ته (دين حق ۽ عمل خير جي) اڙانگي لڪ ۾ داخل ئي ناهي ٿيو.
— مولانا طاھر القادريوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْعَقَبَةُ ۭ12
۽ توهان ڇا سمجهيو آهي ته اهو (دين حق جي مجاهدي جو) لڪ ڇا آهي.
— مولانا طاھر القادريفَكُّ رَقَبَةٍ ۙ13
اهو (غلامي ۽ محڪومي جي زندگي مان) ڪنهن ڪنڌ جو آزاد ڪرائڻ آهي.
— مولانا طاھر القادرياَوْ اِطْعٰمٌ فِيْ يَوْمٍ ذِيْ مَسْغَبَةٍ ۙ14
يا بک واري ڏينهن (يعني ڏڪر ۽ اڻ هوند جي زماني ۾ غريبن ۽ تنگدست ماڻهن کي) کاڌو کارائڻ آهي (يعني انهن جي معاشي بدحالي ۽ آزمائش جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي).
— مولانا طاھر القادرييَّـتِيْمًـا ذَا مَقْرَبَةٍ ۙ15
رشتيدار يتيم کي.
— مولانا طاھر القادرياَوْ مِسْكِيْنًا ذَا مَتْرَبَةٍ ۭ16
يا سخت غربت جي ستايل محتاج کي جيڪو رڳو مٽي تي ويهندڙ (۽ بي گهر) آهي.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ كَانَ مِنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَتَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَةِ ۭ17
پوءِ (شرط اهو آهي ته اهڙي جدوجهد ڪندڙ) اهو شخص انهن ماڻهن مان هجي جن ايمان آندو آهي ۽ هڪٻئي کي صبر ۽ برداشت جي نصيحت ڪن ٿا ۽ پاڻ ۾ مهرباني ۽ شفقت جي تاڪيد ڪن ٿا.
— مولانا طاھر القادرياُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْمَيْمَنَةِ ۭ18
اهي ئي ماڻهو ساڄي طرف وارا (يعني سعادت ۽ بخشش وارا) آهن.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِنَا هُمْ اَصْـحٰبُ الْمَشْــَٔــمَةِ ۭ19
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو اهي کاٻي طرف وارا (يعني بدبخت ۽ عذاب وارا) آهن.
— مولانا طاھر القادريعَلَيْهِمْ نَارٌ مُّؤْصَدَةٌ ۧ20
انهن تي (هر طرف کان) بند ڪيل باهه (ڇانيل) هوندي.
— مولانا طاھر القادري