009 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 129 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
بَرَاۗءَةٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ 1ۭ
الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي طرفان بيزاري (۽ دستبرداري) جو اعلان آهي انهن مشرڪن جي طرف جن سان توهان (صلح ۽ امن جو) معاهدو ڪيو هو (پر انهن معاهدو ٽوڙيندي جنگ شروع ڪري ڇڏي.)
— مولانا طاھر القادريفَسِيْحُوْا فِي الْاَرْضِ اَرْبَعَةَ اَشْهُرٍ وَّاعْلَمُوْٓا اَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْـجِزِي اللّٰهِ ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ مُـخْزِي الْكٰفِرِيْنَ 2
پوءِ (اي مشرڪؤ!) توهان زمين ۾ چار مهينن (تائين) گهمي ڦري وٺو (ان مهلت جي خاتمي تي توهان کي جنگ کي منهن ڏيڻو پوندو) ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته توهان الله کي هرگز عاجز نٿا ڪري سگهو ۽ بيشڪ الله ڪافرن کي خوار ڪندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاَذَانٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖٓ اِلَى النَّاسِ يَوْمَ الْـحَجِّ الْاَكْبَرِ اَنَّ اللّٰهَ بَرِيْۗءٌ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ ڏ وَرَسُوْلُهٗ ۭ فَاِنْ تُبْتُمْ فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۚ وَاِنْ تَوَلَّيْتُمْ فَاعْلَمُوْٓا اَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْـجِزِي اللّٰهِ ۭ وَبَشِّرِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِعَذَابٍ اَلِــيْـمٍ 3ۙ
(هي آيتون) الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي طرفان تمام ماڻهن ڏانهن حجِ اڪبر جي ڏينهن (عام) اعلان آهي ته الله مشرڪن کان بيزار آهي ۽ ان جو رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) به (انهن جي ذميواري کان آجو آهي)، پوءِ (اي مشرڪو!) جيڪڏهن توهان توبه ڪريو ته اها توهان جي حق ۾ بهتر آهي ۽ جيڪڏهن توهان منهن موڙيو ته ڄاڻي وٺو ته توهان هرگز الله کي عاجز نٿا ڪري سگهو، ۽ (اي حبيب!) توهان ڪافرن کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌايو.
— مولانا طاھر القادرياِلَّا الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ ثُـمَّ لَمْ يَنْقُصُوْكُمْ شَيْــــًٔـا وَّلَمْ يُظَاهِرُوْا عَلَيْكُمْ اَحَدًا فَاَتِـمُّــوْٓا اِلَيْهِمْ عَهْدَهُمْ اِلٰى مُدَّتِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُتَّقِيْنَ 4
سواءِ انهن مشرڪن جي جن سان توهان معاهدو ڪيو هو پوءِ انهن توهان سان (پنهنجو عهد پورو ڪرڻ ۾) ڪا گهٽتائي نه ڪئي ۽ نه توهان جي مقابلي تي ڪنهن جي مدد (يا پٺڀرائي) ڪين ته توهان انهن جي عهد کي ساڻن مقرر ڪيل مدت تائين پورو ڪريو، بيشڪ الله پرهيزگارن کي پسند فرمائي ٿو.
— مولانا طاھر القادريفَاِذَا انْسَلَخَ الْاَشْهُرُ الْـحُرُمُ فَاقْتُلُوا الْمُشْرِكِيْنَ حَيْثُ وَجَدْتُّـمُــوْهُمْ وَخُذُوْهُمْ وَاحْصُرُوْهُمْ وَاقْعُدُوْا لَهُمْ كُلَّ مَرْصَدٍ ۚ فَاِنْ تَابُوْا وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَـخَــلُّوْا سَـبِيْلَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
پوءِ جڏهن حرمت وارا مهينا گذري وڃن ته توهان (اعلان موجب جن) مشرڪن (نئين سر جنگ شروع ڪري ڏني اٿوَ، جنگ جي دوران انهن) کي جتي به ڏسو قتل ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي گرفتار ڪريو ۽ کين قيد ڪريو ۽ انهن کي (پڪڙڻ ۽ گهيراءُ ڪرڻ) هر گَهٽُ تي انهن جي تاڙ ۾ ويهو، پوءِ جيڪڏهن اُهي توبه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪواة ڏيڻ لڳن ته انهن جو رستو ڇڏي ڏيو. بيشڪ الله وڏو بخشيندڙ نهايت مهربان آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاِنْ اَحَدٌ مِّنَ الْمُشْرِكِيْنَ اسْتَجَارَكَ فَاَجِرْهُ حَتّٰي يَسْمَعَ كَلٰمَ اللّٰهِ ثُـمَّ اَبْلِغْهُ مَاْمَنَهٗ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْلَمُوْنَ 6ۧ
۽ جيڪڏهن مشرڪن مان ڪوبه توهان کان پناهه جي گهر ڪري ته ان کي پناهه ڏيئي ڇڏيو ته جيئن اُهو الله جو ڪلام ٻڌي پوءِ توهان کيس سندس امن واري جاءِ تائين پهچائي ڇڏيو، اهو ان ڪري جو اُهي (حق جو) علم نٿا رکن.
— مولانا طاھر القادريكَيْفَ يَكُوْنُ لِلْمُشْرِكِيْنَ عَهْدٌ عِنْدَ اللّٰهِ وَعِنْدَ رَسُوْلِهٖٓ اِلَّا الَّذِيْنَ عٰهَدْتُّمْ عِنْدَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ ۚ فَـمَا اسْتَقَامُوْا لَكُمْ فَاسْتَقِيْمُوْا لَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُتَّقِيْنَ 7
(ڀلا) مشرڪن جي لاءِ الله وٽ ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) وٽ ڪو عهد ڪيئن ٿو ٿي سگهي سواءِ انهن ماڻهن جي جن سان توهان مسجد حرام وٽ (حديبيه ۾) معاهدو ڪيو آهي پوءِ جيستائين اُهي توهان سان (عهد تي) قائم رهن توهان انهن سان قائم رهو. بيشڪ الله پرهيزگارن کي پسند فرمائي ٿو.
— مولانا طاھر القادريكَيْفَ وَاِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ لَا يَرْقُبُوْا فِيْكُمْ اِلًّا وَّلَا ذِمَّةً ۭ يُرْضُوْنَكُمْ بِاَفْوَاهِهِمْ وَتَاْبٰي قُلُوْبُهُمْ ۚ وَاَكْثَرُهُمْ فٰسِقُوْنَ 8ۚ
(ڀلا انهن کان عهد پاڙڻ جي اميد) ڪيئن ڪري سگهجي ٿي، انهن جو حال ته اهو آهي جو جيڪڏهن توهان تي غلبو حاصل ڪن ته نه توهان جي حق ۾ ڪنهن مائٽيءَ جو لحاظ ڪن ۽ نه ڪنهن عهد اقرار جو، اُهي توهان کي پنهنجي منهن سان راضي رکن ٿا ۽ انهن جون دليون (انهن ڳالهين کان) انڪار ڪن ٿيون ۽ انهن مان گهڻا عهد ٽوڙيندڙ آهن.
— مولانا طاھر القادرياِشْتَرَوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ ثَـمَنًا قَلِيْلًا فَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِهٖ ۭ اِنَّهُمْ سَاۗءَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 9
انهن الله جي آيتن جي بدلي (دنيا جي مفاد جي) ٿورڙي قيمت ورتي پوءِ ان (جي دين) جي واٽ کان (ماڻهن کي) روڪين ٿا، بيشڪ تمام برو ڪم آهي جيڪو اُهي ڪندا رهن ٿا.
— مولانا طاھر القادريلَا يَرْقُبُوْنَ فِيْ مُؤْمِنٍ اِلًّا وَّلَا ذِمَّةً ۭ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُعْتَدُوْنَ 10
نه اُهي ڪنهن مسلمان جي حق ۾ مائٽي جو لحاظ ڪن ٿا ۽ نه عهد اقرار جو، ۽ اُهي ئي ماڻهو (سرڪشي ۾) حد کان وڌندڙ آهن.
— مولانا طاھر القادريفَاِنْ تَابُوْا وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتَوُا الزَّكٰوةَ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ ۭ وَنُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لِقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 11
پوءِ (به) جيڪڏهن اُهي توبه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪواة ادا ڪرڻ لڳن ته (اُهي) دين ۾ توهان جا ڀائر آهن، ۽ اسان (پنهنجون) آيتون انهن ماڻهن جي لاءِ تفصيل سان بيان ڪريون ٿا جيڪي علم ۽ ڏاهپ رکن ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَاِنْ نَّكَثُوْٓا اَيْمَانَهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ عَهْدِهِمْ وَطَعَنُوْا فِيْ دِيْنِكُمْ فَقَاتِلُوْٓا اَىِٕمَّةَ الْكُفْرِ ۙ اِنَّهُمْ لَآ اَيْـمَانَ لَهُمْ لَعَلَّهُمْ يَنْتَهُوْنَ 12
۽ جيڪڏهن اُهي (توهان سان پُرامن باهمي تعلقات واري) پنهنجي عهد کان پوءِ پنهنجا قسم ٽوڙين، (نئين سر جنگ شروع ڪن) ۽ توهان جي دين ۾ ٽوڪ چٿر ڪن ته توهان (فتني، فساد ۽ دهشتگردي جو امڪان ختم ڪرڻ جي لاءِ انهن) ڪفر جي اڳواڻن سان (دفاعي) جنگ ڪريو، بيشڪ انهن جي قسمن جو ڪوبه اعتبار نه آهي ته جيئن اُهي (پنهنجي شرارت کان) باز اچن.
— مولانا طاھر القادرياَلَا تُقَاتِلُوْنَ قَوْمًا نَّكَثُوْٓا اَيْـمَانَهُمْ وَهَـمُّوْا بِاِخْرَاجِ الرَّسُوْلِ وَهُمْ بَدَءُوْكُمْ اَوَّلَ مَرَّةٍ ۭ اَتَـخْشَوْنَهُمْ ۚ فَاللّٰهُ اَحَقُّ اَنْ تَـخْشَوْهُ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 13
ڇا توهان اهڙي قوم سان جنگ نه ڪندؤ جن پنهنجا قسم ٽوڙي ڇڏيا (يعني امن جا معاهدا ٽوڙي جنگ جي حالت بحال ڪئي) ۽ رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) کي جلاوطن ڪرڻ جو ارادو ڪيو حالانڪه پهرين انهن توهان سان (عهد ٽوڙڻ ۽ جنگ جي) شروعات ڪئي، ڇا توهان انهن کان ڊڄو ٿا جڏهن ته الله وڌيڪ حقدار آهي ته توهان ان کان ڊڄو جيڪڏهن توهان مومن آهيو.
— مولانا طاھر القادريقَاتِلُوْهُمْ يُعَذِّبْهُمُ اللّٰهُ بِاَيْدِيْكُمْ وَيُـخْزِهِمْ وَيَنْصُرْكُمْ عَلَيْهِمْ وَيَشْفِ صُدُوْرَ قَوْمٍ مُّؤْمِنِيْنَ ۙ14
توهان انهن سان (امن قائم ڪرڻ جي لاءِ) جنگ ڪريو، الله توهان جي هٿان انهن کي عذاب ڏيندو ۽ کين خوار ڪندو ۽ انهن (جي مقابلي) ۾ توهان جي مدد فرمائيندو ۽ ايمان وارن جي سينن کي شفا بخشيندو.
— مولانا طاھر القادريوَيُذْهِبْ غَيْظَ قُلُوْبِهِمْ ۭ وَيَتُوْبُ اللّٰهُ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 15
۽ انهن جي دلين جو غم ۽ غصو دور فرمائيندو ۽ جنهن جي گهرندو توبه قبول فرمائيندو، ۽ الله وڏي علم وارو وڏي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادرياَمْ حَسِبْتُمْ اَنْ تُتْرَكُوْا وَلَمَّا يَعْلَمِ اللّٰهُ الَّذِيْنَ جٰهَدُوْا مِنْكُمْ وَلَمْ يَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلَا رَسُوْلِهٖ وَلَا الْمُؤْمِنِيْنَ وَلِيْجَةً ۭ وَاللّٰهُ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ16
ڇا توهان اهو ٿا سمجهو ته توهان (مصيبتن ۽ مشڪلاتن کان گذرڻ بنا ائين ئي) ڇڏي ڏنا ويندؤ حالانڪه (اڃان) الله اهڙن ماڻهن کي جدا ناهي فرمايو جن توهان مان جهاد ڪيو آهي ۽ (جن) الله کانسواءِ ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) کانسواءِ ۽ اهل ايمان کانسواءِ (ڪنهن کي) راز محرم ناهي بنايو، ۽ الله انهن ڪمن کان خوب واقف آهي جيڪي توهان ڪريو ٿا.
— مولانا طاھر القادريمَا كَانَ لِلْمُشْرِكِيْنَ اَنْ يَّعْمُرُوْا مَسٰجِدَ اللّٰهِ شٰهِدِيْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِهِمْ بِالْكُفْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ حَبِطَتْ اَعْـمَالُهُمْ ښ وَفِي النَّارِ هُمْ خٰلِدُوْنَ 17
مشرڪن جي لاءِ اهو جائز نه آهي ته اُهي الله جون مسجدون آباد ڪن ان حال ۾ ته اُهي پاڻ پنهنجي ڪفر تي شاهد آهن، انهن ماڻهن جا سمورا عمل باطل ٿي چڪا آهن ۽ اُهي هميشه دوزخ ۾ ئي رهڻ وارا آهن.
— مولانا طاھر القادرياِنَّـمَا يَعْمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰهِ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَاَقَامَ الصَّلٰوةَ وَاٰتَى الزَّكٰوةَ وَلَمْ يَـخْشَ اِلَّا اللّٰهَ فَعَسٰٓى اُولٰۗىِٕكَ اَنْ يَّكُوْنُوْا مِنَ الْمُهْتَدِيْنَ 18
الله جون مسجدون صرف اُهوئي آباد ڪري سگهي ٿو جنهن الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ ان نماز قائم ڪئي ۽ زڪواة ادا ڪئي ۽ الله کانسواءِ (ڪنهن کان) نه ڊنو. سو اميد آهي ته اِهي ئي ماڻهو هدايت لهڻ وارن مان ٿي ويندا.
— مولانا طاھر القادرياَجَعَلْتُمْ سِقَايَةَ الْـحَاۗجِّ وَعِـمَارَةَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ كَـمَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَجٰهَدَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰه ِ ۭ لَا يَسْتَوٗنَ عِنْدَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۘ19
ڇا توهان (رڳو) حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ مسجد حرام جي آبادي ۽ مرمت جو بندوبست ڪرڻ (جي عمل) کي ان شخص جي (عملن) جي برابر قرار ڏنو آهي جنهن الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ ان الله جي واٽ ۾ جهاد ڪيو؟ اهي ماڻهو الله جي بارگاهه ۾ برابر نٿا ٿي سگهن، ۽ الله ظالم قوم کي هدايت نٿو فرمائي۔
— مولانا طاھر القادرياَلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَهَاجَرُوْا وَجٰهَدُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِاَمْوَالِهِمْ وَاَنْفُسِهِمْ ۙ اَعْظَمُ دَرَجَةً عِنْدَ اللّٰهِ ۭ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ 20
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ انهن هجرت ڪئي ۽ الله جي واٽ ۾ پنهنجي مال ۽ پنهنجي جانين سان جهاد ڪندا رهيا اُهي الله جي بارگاهه ۾ درجي جي لحاظ کان تمام وڏا آهن، ۽ اُهي ماڻهو ئي مراد کي پهچڻ وارا آهن.
— مولانا طاھر القادري