089 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
وَالْفَجْرِ 1ۙ
ان صبح جو قسم (جنهن سان رات جي اونداهي ختم ٿي ويئي).()
— مولانا طاھر القادريوَلَيَالٍ عَشْرٍ 2ۙ
۽ ڏهه (بابرڪت) راتين جو قسم.()
— مولانا طاھر القادريوَّالشَّفْعِ وَالْوَتْرِ 3ۙ
۽ ٻڌي جو قسم ۽ اڪي جو قسم.()
— مولانا طاھر القادريوَالَّيْلِ اِذَا يَسْرِ 4ۚ
۽ رات جو قسم جڏهن گذري وڃي (مراد هر رات آهي يا بطور خاص مزدلفه جي رات يا قدر جي رات).
— مولانا طاھر القادريهَلْ فِيْ ذٰلِكَ قَسَمٌ لِّذِيْ حِجْرٍ 5ۭ
بيشڪ ان ۾ عقلمند جي لاءِ وڏو قسم آهي.
— مولانا طاھر القادرياَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ ۽ 6
ڇا توهان نه ڏٺو ته توهان جي رب عاد جي (قوم) سان ڪهڙو (سلوڪ) ڪيو؟
— مولانا طاھر القادرياِرَمَ ذَاتِ الْعِمَادِ ۽ 7
(جيڪي اهل) ارم هئا (۽) وڏن وڏن ٿنڀن (وانگر ڊگها، وڏين ماڙين) وارا هئا.
— مولانا طاھر القادريالَّتِيْ لَمْ يُخْلَقْ مِثْلُهَا فِي الْبِلَادِ ۽ 8
انهن جهڙو (دنيا جي) ملڪن ۾ (ڪوبه) پيدا نه ڪيو ويو.
— مولانا طاھر القادريوَثَـمُوْدَ الَّذِيْنَ جَابُوا الصَّخْرَ بِالْوَادِ 9
۽ ثمود (سان ڪهڙو سلوڪ ٿيو) جن (قريٰ) وادي ۾ جبلن کي ڪٽي (پٿرن مان سوين شهر تعمير ڪري) ڇڏيا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَفِرْعَوْنَ ذِي الْاَوْتَادِ ۽ 10
۽ فرعون جو (ڇا حشر ٿيو) جيڪو وڏن لشڪرن وارو (يا ماڻهن کي ميخن سان سزا ڏيڻ وارو) هو.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْنَ طَغَوْا فِي الْبِلَادِ ۽ 11
(هي) اهي ماڻهو (هئا) جن پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ سرڪشي ڪئي هئي.
— مولانا طاھر القادريفَاَكْثَرُوْا فِيْهَا الْفَسَادَ ۽ 12
پوءِ انهن ۾ وڏو فساد پکيڙيو هو.
— مولانا طاھر القادريفَصَبَّ عَلَيْهِمْ رَبُّكَ سَوْطَ عَذَابٍ ڌ 13
پوءِ توهان جي رب انهن تي عذاب جا ڪوڙا وسايا.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ رَبَّكَ لَبِالْمِرْصَادِ ۭ14
بيشڪ توهان جو رب (سرڪشن ۽ نافرمانن جي) خوب تاڙ ۾ آهي.
— مولانا طاھر القادريفَاَمَّا الْاِنْسَانُ اِذَا مَا ابْتَلٰىهُ رَبُّهٗ فَاَكْرَمَهٗ وَنَعَّمَهٗ ڏ فَيَقُوْلُ رَبِّيْٓ اَكْرَمَنِ ۭ15
مگر انسان (اهڙو آهي) جو جڏهن سندس رب ان کي (راحت ۽ آرام ڏيئي) آزمائي ٿو ۽ ان کي عزت سان نوازي ٿو ۽ ان کي نعمتون ڏئي ٿو ته هو چوي ٿو: منهنجي پالڻهار مون تي ڪرم فرمايو.
— مولانا طاھر القادريوَاَمَّآ اِذَا مَا ابْتَلٰىهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهٗ ڏ فَيَقُوْلُ رَبِّيْٓ اَهَانَنِ ۚ16
پر جڏهن اهو کيس (تڪليف ۽ ڏک ڏيئي) آزمائي ٿو ۽ مٿس ان جو رزق تنگ ڪري ٿو ته هو چوي ٿو: منهنجي رب مون کي ذليل ڪري ڇڏيو.
— مولانا طاھر القادريكَلَّا بَلْ لَّا تُكْرِمُوْنَ الْيَتِيْمَ ۙ17
اها ڳالهه ناهي بلڪه (حقيقت اها آهي ته عزت، مال ۽ دولت ملڻ تي) توهان يتيمن جو قدر ۽ عزت نٿا ڪريو.
— مولانا طاھر القادريوَلَا تَحٰۗـضُّوْنَ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ ۙ18
۽ نه ئي توهان مسڪينن (يعني غريبن محتاجن) کي کاڌو کارائڻ جي (معاشري ۾) هڪٻئي کي ترغيب ڏيو ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَتَاْكُلُوْنَ التُّرَاثَ اَكْلًا لَّمًّا ۙ19
۽ ميراث جو سمورو مال ويڙهي (پاڻ ئي) کائي ٿا وڃو (ان مان مفلسن جو حق نٿا ڪڍو).
— مولانا طاھر القادريوَّتُحِبُّوْنَ الْمَالَ حُبًّا جَمًّا ۭ20
۽ توهان مال ۽ دولت سان حد درجي جي محبت رکو ٿا.
— مولانا طاھر القادري