088 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 26 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
هَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ الْغَاشِـيَةِ 1ۭ
ڇا توهان کي (هر شيءِ تي) ڇانئجي ويندڙ قيامت جي خبر پهتي آهي.
— مولانا طاھر القادريوُجُوْهٌ يَّوْمَىِٕذٍ خَاشِعَةٌ 2ۙ
ان ڏينهن ڪيترائي منهن ذليل ۽ خوار هوندا.
— مولانا طاھر القادريعَامِلَةٌ نَّاصِبَةٌ 3ۙ
(الله کي وساري دنيا جي) محنت ڪرڻ وارا (ڪجهه ڏينهن جي عيش ۽ آرام لاءِ سخت) تڪليفون سهڻ وارا.
— مولانا طاھر القادريتَصْلٰى نَارًا حَامِيَةً 4ۙ
ڀڙڪندڙ باهه ۾ وڃي ڪرندا.
— مولانا طاھر القادريتُسْقٰى مِنْ عَيْنٍ اٰنِيَةٍ 5ۭ
(کين) ٽهڪندڙ چشمي مان (پاڻي) پياريو ويندو.
— مولانا طاھر القادريلَيْسَ لَهُمْ طَعَامٌ اِلَّا مِنْ ضَرِيْعٍ 6ۙ
انهن جي لاءِ ڪنڊيدار سڪل زهريلن وڻن کانسواءِ ڪو به کاڌو نه هوندو.
— مولانا طاھر القادريلَّا يُسْمِنُ وَلَا يُغْنِيْ مِنْ جُوْعٍ 7ۭ
(هي کاڌو) نه ٿلهو ڪندو ۽ نه ئي بک پري ڪندو.
— مولانا طاھر القادريوُجُوْهٌ يَّوْمَىِٕذٍ نَّاعِمَةٌ 8ۙ
(ان جي ابتڙ) ڪيترائي منهن ان ڏينهن (حسين) چمڪدار ۽ ٻهڪندڙ هوندا.
— مولانا طاھر القادريلِّسَعْيِهَا رَاضِيَةٌ 9ۙ
پنهنجين (نيڪ) ڪوششن جي ڪري خوش هوندا.
— مولانا طاھر القادريفِيْ جَنَّةٍ عَالِيَةٍ ۙ10
عاليشان جنت ۾ (رهندڙ) هوندا.
— مولانا طاھر القادريلَّا تَسْمَعُ فِيْهَا لَاغِيَةً ۭ11
ان ۾ ڪابه فضول ڳالهه نه ٻڌندا (جيئن بي دين انهن سان دنيا ۾ ڪندا هئا).
— مولانا طاھر القادريفِيْهَا عَيْنٌ جَارِيَةٌ ۘ12
ان ۾ وهندڙ چشما هوندا.
— مولانا طاھر القادريفِيْهَا سُرُرٌ مَّرْفُوْعَةٌ ۙ13
ان ۾ مٿانهان (وڇايل) تخت هوندا.
— مولانا طاھر القادريوَّاَكْوَابٌ مَّوْضُوْعَةٌ ۙ14
۽ پيالا (وڏي فضيلت سان) رکيل هوندا.
— مولانا طاھر القادريوَّنَمَارِقُ مَصْفُوْفَةٌ ۙ15
۽ غاليچا ۽ وهاڻا قطار سان رکيل هوندا.
— مولانا طاھر القادريوَّزَرَابِيُّ مَبْثُوْثَةٌ ۭ16
۽ نرم، نفيس قالين ۽ مسندون وڇايل هونديون.
— مولانا طاھر القادرياَفَلَا يَنْظُرُوْنَ اِلَى الْاِبِلِ كَيْفَ خُلِقَتْ ۪17
(منڪر تعجب ڪن ٿا ته جنت ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪيئن بڻجي ويندو ته) ڇا اهي ماڻهو اٺ ڏانهن نٿا ڏسن ته اهو ڪيئن (عجيب بناوٽ تي) بڻايو ويو آهي؟
— مولانا طاھر القادريوَاِلَى السَّمَاۗءِ كَيْفَ رُفِعَتْ ۪18
۽ آسمان ڏانهن (نٿا ڏسن) ته اهو ڪيئن (عظيم وسعتن سان گڏ) بيهاريو ويو آهي؟
— مولانا طاھر القادريوَاِلَى الْجِبَالِ كَيْفَ نُصِبَتْ ۪19
۽ جبلن کي (نٿا ڏسن) ته اهي ڪيئن (زمين مان اڀاري) بيهاريا ويا آهن؟
— مولانا طاھر القادريوَاِلَى الْاَرْضِ كَيْفَ سُطِحَتْ ۪20
۽ زمين کي (نٿا ڏسن) ته اها ڪيئن (گول هجڻ جي باوجود) وڇائي ويئي آهي؟
— مولانا طاھر القادري