085 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 22 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
وَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الْبُرُوْجِ 1ۙ
برجن (يعني ڪهڪشائن) واري آسمان جو قسم.
— مولانا طاھر القادريوَالْيَوْمِ الْمَوْعُوْدِ 2ۙ
۽ ان ڏينهن جو قسم جنهن جو وعدو ڪيو ويو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَشَاهِدٍ وَّمَشْهُوْدٍ 3ۭ
جيڪو (ان ڏينهن) حاضر ٿيندو ان جو قسم ۽ جيڪو ڪجهه حاضر ڪيو ويندو ان جو قسم.
— مولانا طاھر القادريقُتِلَ اَصْـحٰبُ الْاُخْدُوْدِ 4ۙ
کاهين وارا (ماڻهو) تباهه ڪيا ويا.
— مولانا طاھر القادريالنَّارِ ذَاتِ الْوَقُوْدِ 5ۙ
(يعني) ان ڀڙڪندڙ باهه (وارا) جيڪا وڏي ٻارڻ سان (ٻاري ويئي) هئي.
— مولانا طاھر القادرياِذْ هُمْ عَلَيْهَا قُعُوْدٌ 6ۙ
جڏهن اهي ان جي ڪنارن تي ويٺا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَّهُمْ عَلٰي مَا يَفْعَلُوْنَ بِالْمُؤْمِنِيْنَ شُهُوْدٌ 7ۭ
۽ اهي پاڻ شاهد آهن جيڪو ڪجهه اهي ايمان وارن سان ڪري رهيا هئا (يعني انهن کي باهه ۾ اڇلائي اڇلائي ٻاري رهيا هئا).
— مولانا طاھر القادريوَمَا نَقَمُوْا مِنْهُمْ اِلَّآ اَنْ يُّؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ 8ۙ
۽ انهن کي (ايمان وارن) جي طرفان ٻيو ڪجهه (به) ناپسند نه هو سواءِ ان جي جو انهن الله تي ايمان آندو هو جيڪو غالب (۽) حمد، ثنا جو لائق آهي.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ شَهِيْدٌ 9ۭ
جنهن جي لاءِ آسمانن ۽ زمين جي (سموري) بادشاهي آهي، ۽ الله هر شيءِ تي شاهد آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ فَتَنُوا الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ ثُـمَّ لَمْ يَتُوْبُوْا فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَلَهُمْ عَذَابُ الْحَرِيْقِ ۭ10
بيشڪ جن ماڻهن مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي تڪليف ڏني پوءِ توبه (به) نه ڪيائون ته انهن جي لاءِ جهنم جو عذاب آهي. ۽ انهن جي لاءِ (خاص) باهه ۾ ٻرڻ جو عذاب آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۀ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْكَبِيْرُ ۭ11
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا انهن لاءِ جنتون آهن جن جي هيٺان نهرون جاري آهن، اِهائي وڏي ڪاميابي آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ بَطْشَ رَبِّكَ لَشَدِيْدٌ ۭ12
بيشڪ توهان جي رب جي پڪڙ تمام سخت آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّهٗ هُوَ يُبْدِئُ وَيُعِيْدُ ۚ13
بيشڪ اُهوئي پهريون دفعو پيدا فرمائي ٿو ۽ اُهوئي ٻيهر پيدا فرمائيندو.
— مولانا طاھر القادريوَهُوَ الْغَفُوْرُ الْوَدُوْدُ ۙ14
۽ اُهو وڏو بخشڻهار تمام گهڻي محبت فرمائيندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريذُو الْعَرْشِ الْمَجِيْدُ ۙ15
عرش جو مالڪ (يعني پوري ڪائنات جي اقتدار جي تخت جو مالڪ) وڏي شان وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريفَعَّالٌ لِّمَا يُرِيْدُ ۭ16
اُهو جيڪو به ارادو فرمائي ٿو (ان کي) چڱيءَ طرح ڪرڻ وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ الْجُــنُوْدِ ۙ17
ڇا توهان وٽ لشڪرن جي خبر پهتي آهي؟
— مولانا طاھر القادريفِرْعَوْنَ وَثَـمُــوْدَ ۭ18
فرعون ۽ ثمود (جي لشڪرن) جي.
— مولانا طاھر القادريبَلِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فِيْ تَكْذِيْبٍ ۙ19
بلڪه اهڙا ڪافر (هميشه حق کي) ڪوڙو چوڻ ۾ (ئي ڪوشان) آهن.
— مولانا طاھر القادريوَّاللّٰهُ مِنْ وَّرَاۗىِٕهِمْ مُّحِيْــطٌ ۚ20
۽ الله انهن جي چئني پاسن کان (کين) گهيري ڇڏيو آهي.
— مولانا طاھر القادري