084 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 25 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
اِذَا السَّمَاۗءُ انْشَقَّتْ 1ۙ
جڏهن (سڀئي) آسماني گولا ڦاٽي پوندا.
— مولانا طاھر القادريوَاَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ 2ۙ
۽ پنهنجي رب جو حڪم (چيرجي پوڻ) بجا آڻيندا ۽ (اهائي حڪم جي تعميل) ان جي لائق آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا الْاَرْضُ مُدَّتْ 3ۙ
۽ جڏهن زمين (ذرا ذرا ڪري) پکيڙي ويندي.
— مولانا طاھر القادريوَاَلْقَتْ مَا فِيْهَا وَتَخَلَّتْ 4ۙ
۽ جيڪو ڪجهه ان جي اندر آهي اها ان کي ڪڍي ٻاهر اڇلائيندي ۽ خالي تي ويندي.
— مولانا طاھر القادريوَاَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ 5ۭ
۽ (اها به) پنهنجي رب جو حڪم (چيرجي پوڻ) بجا آڻيندي ۽ (اهائي فرمانبرداري) ان جي لاِئق آهي.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا الْاِنْسَانُ اِنَّكَ كَادِحٌ اِلٰى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلٰقِيْهِ 6ۚ
اي انسان! تون پنهنجي پالڻهار تائين پهچڻ ۾ سخت تڪليفون برداشت ڪرين ٿو نيٺ توکي ان سان وڃي ملڻو آهي.
— مولانا طاھر القادريفَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ بِيَمِيْنِهٖ 7ۙ
پوءِ جنهن ماڻهو جو عمل نامو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو.
— مولانا طاھر القادريفَسَوْفَ يُحَاسَبُ حِسَابًا يَّسِيْرًا 8ۙ
ته عنقريب ان کان آسان حساب ورتو ويندو.
— مولانا طاھر القادريوَّيَنْقَلِبُ اِلٰٓى اَهْلِهٖ مَسْرُوْرًا 9ۭ
۽ اهو پنهنجي گهروارن ڏانهن مسرور ۽ خوش ٿي موٽندو.
— مولانا طاھر القادريوَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ وَرَاۗءَ ظَهْرِهٖ ۙ10
۽ مگر اهو ماڻهو جنهن جو عمل نامو سندس پٺيءَ پويان ڏنو ويندو.
— مولانا طاھر القادريفَسَوْفَ يَدْعُوْا ثُبُوْرًا ۙ11
ته اهو عنقريب موت کي سڏيندو.
— مولانا طاھر القادريوَّيَصْلٰى سَعِيْرًا ۭ12
۽ اهو جهنم جي ڀرڪندڙ باهه ۾ داخل ٿيندو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّهٗ كَانَ فِيْٓ اَهْلِهٖ مَسْرُوْرًا ۭ13
بيشڪ اهو (دنيا ۾) پنهنجي گهروارن سان ڏاڍو خوش گذاريندو هو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّهٗ ظَنَّ اَنْ لَّنْ يَّحُوْرَ ڔ 14
بيشڪ ان اِهو گمان ڪري ورتو هو ته هُو حساب جي لاءِ (الله وٽ) هرگز موٽي نه ويندو.
— مولانا طاھر القادريبَلٰٓى ڔ اِنَّ رَبَّهٗ كَانَ بِهٖ بَصِيْرًا ۭ15
ڇونه! بيشڪ ان جو رب ان کي چڱي طرح ڏسندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريفَلَآ اُقْسِمُ بِالشَّفَقِ ۙ16
سو مون کي قسم آهي شفق (يعني شام جي ڳاڙهاڻ يا ان کانپوءِ واري سوجهري) جو.
— مولانا طاھر القادريوَالَّيْلِ وَمَا وَسَقَ ۙ17
۽ رات جو ۽ انهن شين جو جن کي هو (پنهنجي دامن ۾) سميٽي ٿي.
— مولانا طاھر القادريوَالْقَمَرِ اِذَا اتَّسَقَ ۙ18
۽ چنڊ جو جڏهن هو پورو ڏيکاءُ ڏي ٿو.
— مولانا طاھر القادريلَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَنْ طَبَقٍ ۭ19
يقيناً توهان هڪ طبقي کان ٻئي طبقي ضرور سواري ڪندا ويندؤ.
— مولانا طاھر القادريفَـمَا لَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ۙ20
پوءِ انهن کي ڇا ٿيو آهي جو (قرآني اڳڪٿي جي سچائي ڏسي به) ايمان نٿا آڻين؟
— مولانا طاھر القادري