083 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 36 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
وَيْلٌ لِّـلْمُطَفِّفِيْنَ 1ۙ
بربادي آهي ماپ تور ۾ گهٽتائي ڪرڻ وارن جي لاءِ.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْنَ اِذَا اكْتَالُوْا عَلَي النَّاسِ يَسْتَوْفُوْنَ ڮ 2
اهي ماڻهو جڏهن (ٻين) ماڻهن کان ماپي وٺن ٿا ته (انهن کان) پورو وٺن ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا كَالُوْهُمْ اَوْ وَّزَنُوْهُمْ يُخْسِرُوْنَ 3ۭ
۽ جڏهن انهن کي (پاڻ) ماپي يا توري ڏين ٿا ته گهٽتائي ڏين ٿا.
— مولانا طاھر القادرياَلَا يَظُنُّ اُولٰۗىِٕكَ اَنَّهُمْ مَّبْعُوْثُوْنَ 4ۙ
ڇا اهي ماڻهو ان ڳالهه تي يقين نٿا رکن ته اهي (مرڻ کانپوءِ وري) اٿاريا ويندا؟
— مولانا طاھر القادريلِيَوْمٍ عَظِيْمٍ 5ۙ
هڪ وڏي سخت ڏينهن جي لاءِ.
— مولانا طاھر القادرييَّوْمَ يَقُوْمُ النَّاسُ لِرَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 6ۭ
جنهن ڏينهن سڀئي ماڻهو تمام جهانن جي پالڻهار جي حضور بيهندا.
— مولانا طاھر القادريكَلَّآ اِنَّ كِتٰبَ الْفُجَّارِ لَفِيْ سِجِّيْنٍ 7ۭ
اهو حق آهي ته بدڪردارن جو عمل نامو سجين (يعني جهنمين جي دفتر) ۾ آهي.
— مولانا طاھر القادريوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا سِجِّيْنٌ 8ۭ
۽ توهان ڇا ڄاڻو ته سِجين ڇا آهي؟
— مولانا طاھر القادريكِتٰبٌ مَّرْقُوْمٌ 9ۭ
(هي جهنم جي قيد خاني ۾ ان وڏي دفتر ۾) لکيل (هڪ) ڪتاب آهي (جنهن ۾ هر جهنمي جو نالو ۽ ان جا عمل درج آهن).
— مولانا طاھر القادريوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ ۙ10
ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ تباهي هوندي.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْنَ يُكَذِّبُوْنَ بِيَوْمِ الدِّيْنِ ۭ11
جيڪي ماڻهو قيامت جي ڏينهن کي ڪوڙو چون ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَمَا يُكَذِّبُ بِهٖٓ اِلَّا كُلُّ مُعْتَدٍ اَثِيْمٍ ۙ12
۽ ان کي ڪوبه ڪوڙو نٿو چوي سواءِ هر ان شخص جي جيڪو، سرڪش ۽ گنهگار آهي.
— مولانا طاھر القادرياِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰـتُنَا قَالَ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ ۭ13
جڏهن ان تي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي (يا سمجهي) ٿو ته (هي ته) اڳين ماڻهن جون ڪهاڻيون آهن.
— مولانا طاھر القادريكَلَّا بَلْ ۫ رَانَ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ مَّا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ 14
(ائين) هرگز ناهي بلڪه (حقيقت اها آهي ته) انهن جي دلين تي انهن (برن) عملن جو ڪٽ چڙهي ويو آهي جيڪي اهي ڪندا هئا (تنهنڪري آيتون انهن جي دلين تي اثر نٿيون ڪن).
— مولانا طاھر القادريكَلَّآ اِنَّهُمْ عَنْ رَّبِّهِمْ يَوْمَىِٕذٍ لَّمَحْجُوْبُوْنَ ۭ15
حق اهو آهي ته بيشڪ ان ڏينهن کين سندن پالڻهار جي ديدار کان (محروم ڪرڻ لاءِ) پردي پٺيان ڪيو ويندو.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ اِنَّهُمْ لَصَالُوا الْـجَــحِيْمِ ۭ16
پوءِ اهي جهنم ۾ داخل ڪيا ويندا.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ يُقَالُ هٰذَا الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَ ۭ17
پوءِ انهن کي چيو ويندو: هي اهو (جهنم جو عذاب) آهي جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا.
— مولانا طاھر القادريكَلَّآ اِنَّ كِتٰبَ الْاَبْرَارِ لَفِيْ عِلِّيِّيْنَ ۭ18
اهو (به) حق آهي ته بيشڪ نيڪوڪارن جو عمل نامو عليين يعني (جنت جي دفتر) ۾ آهي.
— مولانا طاھر القادريوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا عِلِّيُّوْنَ ۭ19
۽ توهان کي خبر عليين ڇا آهي؟
— مولانا طاھر القادريكِتٰبٌ مَّرْقُوْمٌ ۙ20
(هي جنت جي مٿاهين درجي ۾ ان وڏي دفتر ۾) لکيل (هڪ) ڪتاب آهي (جنهن ۾ انهن جنتين جا نالا ۽ عمل درج آهن جن کي اعليٰ مقام ڏنا ويندا).
— مولانا طاھر القادري