082 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
اِذَا السَّمَاۗءُ انْفَطَرَتْ 1ۙ
جڏهن (سمورا) آسماني گولا ڦاٽي پوندا.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا الْكَوَاكِبُ انْـتَثَرَتْ 2ۙ
۽ جڏهن سيارا ڪري وکري ويندا.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا الْبِحَارُ فُجِّرَتْ 3ۙ
۽ جڏهن سمنڊ (۽ دريا) اُڀري وهي ويندا.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا الْقُبُوْرُ بُعْثِرَتْ 4ۙ
۽ جڏهن قبرون هيٺ مٿي ڪيون وينديون.
— مولانا طاھر القادريعَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ وَاَخَّرَتْ 5ۭ
ته هر ماڻهو ڄاڻي وٺندو ته ڪهڙو عمل ان اڳتي موڪليو ۽ (ڪهڙو) پٺيان ڇڏي آيو هو.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا الْاِنْسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِيْمِ 6ۙ
اي انسان! توکي ڪهڙي شيءِ پنهنجي رب ڪريم بابت دوکي ۾ وڌو.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْ خَلَقَكَ فَسَوّٰىكَ فَعَدَلَكَ 7ۙ
جنهن (ماءُ جي رحم ۾ هڪ مني جي ڦڙي مان) توکي پيدا ڪيو، پوءِ ان توکي (عضوا بنائڻ جي لاءِ شروع ۾) ٺيڪ ۽ سڌو ڪيو، پوءِ ان تنهنجي جوڙجڪ ۾ مناسب تبديلي آندي.
— مولانا طاھر القادريفِيْٓ اَيِّ صُوْرَةٍ مَّا شَاۗءَ رَكَّبَكَ 8ۭ
جنهن صورت ۾ به گهريو ان توکي ٺاهي ڇڏيو.
— مولانا طاھر القادريكَلَّا بَلْ تُكَذِّبُوْنَ بِالدِّيْنِ 9ۙ
حقيقت ته اها آهي (۽) توهان ان جي ابتڙ قيامت جي ڏينهن کي ڪوڙو چئو ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَاِنَّ عَلَيْكُمْ لَحٰفِظِيْنَ ۙ10
حالانڪ توهان تي نگهبان ملائڪ مقرر آهن.
— مولانا طاھر القادريكِرَامًا كَاتِبِيْنَ ۙ11
(جيڪي) تمام معزز آهن (توهان جا عمل ناما) لکندڙ آهن.
— مولانا طاھر القادرييَعْلَمُوْنَ مَا تَفْعَلُوْنَ 12
اهي انهن (سڀني ڪمن) کي ڄاڻن ٿا جيڪي توهان ڪريو ٿا.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الْاَبْرَارَ لَفِيْ نَعِيْمٍ ۚ13
بيشڪ نيڪوڪار نعمت واري جنت ۾ هوندا.
— مولانا طاھر القادريوَاِنَّ الْفُجَّارَ لَفِيْ جَحِيْمٍ ښ 14
۽ بيشڪ بدڪار (ساڙيندڙ) جهنم ۾ هوندا.
— مولانا طاھر القادرييَّصْلَوْنَهَا يَوْمَ الدِّيْنِ 15
۽ اهي ان ۾ قيامت جي ڏينهن داخل ٿيندا.
— مولانا طاھر القادريوَمَا هُمْ عَنْهَا بِغَاۗىِٕبِيْنَ ۭ16
۽ اهي ان (جهنم) مان (ڪڏهن به) غائب نه ٿي سگهندا.
— مولانا طاھر القادريوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۙ17
۽ توهان کي ڪهڙي خبر ته قيامت جو ڏينهن ڇا آهي؟
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ مَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۭ18
پوءِ توهان ڇا سمجهيو ته قيامت جو ڏينهن ڇا آهي؟
— مولانا طاھر القادرييَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَـيْــــًٔا ۭ وَالْاَمْرُ يَوْمَىِٕذٍ لِّلّٰهِ ۧ19
(هي) اهو ڏينهن آهي جڏهن ڪوبه ماڻهو ڪنهن جي لاءِ ڪنهن شيءِ جو ڌڻي نه هوندو، ۽ ان ڏينهن سمورو حڪم الله ئي جو هوندو.
— مولانا طاھر القادري