081 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 29 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
اِذَا الشَّمْسُ كُوِّرَتْ ۽ 1
جڏهن سج کي ويڙهي بي نور ڪيو ويندو.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا النُّجُوْمُ انْكَدَرَتْ ۽ 2
۽ جڏهن تارا (پنهنجي ڪهڪشائن مان) هيٺ ڪري پوندا.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا الْجِبَالُ سُيِّرَتْ 3
۽ جڏهن جبل (غبار بڻائي فضا ۾) هلايا ويندا.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا الْعِشَارُ عُطِّلَتْ ۽ 4
۽ جڏهن حمل واريون ڏاچيون بيڪار ڇٽل گهمنديون (ڪير به انهن جي سان لهڻ وارو نه هوندو).
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا الْوُحُوْشُ حُشِرَتْ ۽ 5
۽ جڏهن وحشي جانور (ڊپ ۾ ورتل) گڏ ڪيا ويندا.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا الْبِحَارُ سُجِّرَتْ ۽ 6
۽ جڏهن سمنڊ ۽ دريا (سڀئي) اڀاريا ويندا.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا النُّفُوْسُ زُوِّجَتْ ۽ 7
۽ جڏهن روح (جسمن سان) ملايا ويندا.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا الْمَوْءٗدَةُ سُىِٕلَتْ ۽ 8
۽ جڏهن زندهه دفن ڪيل ڇوڪريءَ کان پڇيو ويندو.
— مولانا طاھر القادريبِاَيِّ ذَنْۢبٍ قُتِلَتْ 9ۚ
ته اها ڪهڙي گناهه سبب ماري ويئي هئي.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا الصُّحُفُ نُشِرَتْ ۽ 10
۽ جڏهن اعمالناما کوليا ويندا.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا السَّمَاۗءُ كُشِطَتْ ۽ 11
۽ جڏهن آسماني طبقن کي ڦاڙي پنهنجي جاين تان هٽايو ويندو.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا الْجَــحِيْمُ سُعِّرَتْ ۽ 12
۽ جڏهن جهنم (جي باهه) ڀڙڪائي ويندي.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا الْـجَنَّةُ اُزْلِفَتْ ۽ 13
۽ جڏهن جنت ويجهي ڪئي ويندي.
— مولانا طاھر القادريعَلِمَتْ نَفْسٌ مَّآ اَحْضَرَتْ ۭ14
هر ماڻهو ڄاڻي وٺندو جيڪو ڪجهه ان حاضر ڪيو آهي.
— مولانا طاھر القادريفَلَآ اُقْسِمُ بِالْخُنَّسِ ۙ15
ته آئون قسم کڻان ٿو انهن (آسماني ستارن) جو جيڪي (ظاهر ٿيڻ کانپوءِ) پوئتي هٽي وڃن ٿا.
— مولانا طاھر القادريالْجَوَارِ الْكُنَّسِ ۙ16
جيڪي بنا جهل، پل هلندا رهن ٿا (وري پڌرا ٿي) لڪي وڃن ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَالَّيْلِ اِذَا عَسْعَسَ ۙ17
۽ رات جو قسم جڏهن ان جي اونداهي وڃڻ لڳي.
— مولانا طاھر القادريوَالصُّبْحِ اِذَا تَنَفَّسَ ۙ18
۽ صبح جو قسم جڏهن ان جي روشني اچڻ لڳي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّهٗ لَقَوْلُ رَسُوْلٍ كَرِيْمٍ ۙ19
بيشڪ هي (قرآن) وڏي عزت ۽ بزرگي واري رسول جو (پڙهيل) ڪلام آهي.
— مولانا طاھر القادريذِيْ قُوَّةٍ عِنْدَ ذِي الْعَرْشِ مَكِيْنٍ ۙ20
جيڪي (حق جي دعوت، رسالت جي تبليغ ۽ روحاني قابليت ۾) قوت ۽ همت وارا آهن (۽) عرش جي مالڪ جي حضور وڏي عزت ۽ مرتبي (۽ شان، عظمت) وارا آهن.
— مولانا طاھر القادري