080 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 42 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
عَبَسَ وَتَوَلّىٰٓ 1ۙ
۽ سندن چهري (مبارڪ) تي ناپسنديدگي ظاهر ٿي ۽ رخِ (انور) ڦيريائون.
— مولانا طاھر القادرياَنْ جَاۗءَهُ الْاَعْـمٰى 2ۭ
ان ڪري جو وٽن هڪ نابين آيو (جنهن کين گفتگوکان روڪيو).
— مولانا طاھر القادريوَمَا يُدْرِيْكَ لَعَلَّهٗ يَزَّكّىٰٓ 3ۙ
۽ اوهان کي ڇا خبر شايد هو (توهان جي توجهه سان وڌيڪ) پاڪ ٿي وڃي ها.
— مولانا طاھر القادرياَوْ يَذَّكَّرُ فَتَنْفَعَهُ الذِّكْرٰى 4ۭ
يا (اوهان جي) نصيحت قبول ڪري ها ته نصيحت کيس (وڌيڪ) فائدو ڏئي ها.
— مولانا طاھر القادرياَمَّا مَنِ اسْتَغْنٰى 5ۙ
پر جيڪو شخص (دين کان) بي پرواهه آهي.
— مولانا طاھر القادريفَاَنْتَ لَهٗ تَصَدّٰى 6ۭ
ته توهان ان جي (اسلام آڻڻ جي) لاءِ وڌيڪ اهتمام فرمايو ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَمَا عَلَيْكَ اَلَّا يَزَّكّٰى 7ۭ
حالانڪ اوهان تي ڪوبه ذميواري (جو بار) ناهي جيتوڻيڪ اهو پاڪائي (ايمان) اختيار نه به ڪري.
— مولانا طاھر القادريوَاَمَّا مَنْ جَاۗءَكَ يَسْعٰى 8
۽ اهو جيڪو اوهان وٽ (پاڻ خير گهرڻ جي) ڪوشش ڪندي آيو.
— مولانا طاھر القادريوَهُوَ يَخْشٰى 9ۙ
۽ اهو (پنهنجي پالڻهار کان) ڊڄي به ٿو.
— مولانا طاھر القادريفَاَنْتَ عَنْهُ تَلَهّٰى ۚ10
ته توهان ان کان بي ڌياني فرمايو ٿا.
— مولانا طاھر القادريكَلَّآ اِنَّهَا تَذْكِرَةٌ ۚ11
(اي محبوب مڪرم!) ائين ناهي بيشڪ هي (قرآني آيتون) ته نصيحت آهن.
— مولانا طاھر القادريفَـمَنْ شَاۗءَ ذَكَرَهٗ ۘ12
جيڪو گهري ان کي قبول (۽ ياد) ڪري وٺي.
— مولانا طاھر القادريفِيْ صُحُفٍ مُّكَرَّمَةٍ ۙ13
(اِهي) معزز ۽ مڪرم ورقن ۾ (لکيل) آهن.
— مولانا طاھر القادريمَّرْفُوْعَةٍ مُّطَهَّرَةٍۢ ۙ14
جيڪي انتهائي بلند مرتبي وارا (۽) پاڪ آهن.
— مولانا طاھر القادريبِاَيْدِيْ سَفَرَةٍ ۙ15
اهڙن سفيرن (۽ ڪاتبن) جي هٿان (اڳتي پهتا) آهن.
— مولانا طاھر القادريكِرَامٍۢ بَرَرَةٍ ۭ16
جيڪي وڏا ڪرامت وارا (۽) فرمانبرداري جا پيڪر آهن.
— مولانا طاھر القادريقُتِلَ الْاِنْسَانُ مَآ اَكْفَرَهٗ ۭ17
تباهه ٿئي (اهو بدبخت منڪر) انسان ڪهڙو نه ناشڪرو آهي (جيڪو هيڏي وڏي نعمت ماڻي به ان جو قدر نٿو ڪري).
— مولانا طاھر القادريمِنْ اَيِّ شَيْءٍ خَلَقَهٗ ۭ18
الله ان کي ڪهڙي شيءِ مان پيدا فرمايو آهي؟
— مولانا طاھر القادريمِنْ نُّطْفَةٍ ۭ خَلَقَهٗ فَقَدَّرَهٗ ۙ19
مني جي ڦڙي مان ان کي پيدا ڪيائين، پوءِ ان سان گڏ ئي ان جو (خاصيت ۽ جنس جي لحاظ کان) تعين فرمايائين.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ السَّبِيْلَ يَسَّرَهٗ ۙ20
پوءِ (شڪل، صورت ٺاهڻ، واڌ ويجهه ڪرڻ ۽ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ماءُ جي پيٽان نڪرڻ جي) ان جي لاءِ واٽ آسان فرمايائين.
— مولانا طاھر القادري