008 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 75 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
يَسْــــَٔـلُوْنَكَ عَنِ الْاَنْفَالِ ۭ قُلِ الْاَنْفَالُ لِلّٰهِ وَالرَّسُوْلِ ۚ فَاتَّقُوا اللّٰهَ وَاَصْلِحُوْا ذَاتَ بَيْنِكُمْ ۠ وَاَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ٓ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 1
(اي نبي مڪرم!) توهان کان غنيمت جي مال بابت پڇن ٿا. فرمايو: غنيمت جي مال جو مالڪ الله ۽ رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) آهن. پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي سان معاملن کي ٺيڪ رکو ۽ الله ۽ سندس رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي اطاعت ڪريو جيڪڏهن توهان ايمان وارا آهيو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِرَ اللّٰهُ وَجِلَتْ قُلُوْبُهُمْ وَاِذَا تُلِيَتْ عَلَيْهِمْ اٰيٰتُهٗ زَادَتْهُمْ اِيْـمَانًا وَّعَلٰي رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُوْنَ ښ 2
ايمان وارا (ته) صرف اهي ئي ماڻهو آهن جو جڏهن (انهن جي سامهون) الله جو ذڪر ڪيو ويندو آهي (ته) انهن جون دليون (ان جي عظمت ۽ جلال جي تصور کان) ڊڄي وينديون آهن ۽ جڏهن مٿن ان جون آيتون تلاوت ڪيون وينديون آهن ته اهي (محبوب جي ڪلام جون لذت ڀريون ۽ مٺاس پيدا ڪندڙ ڳالهيون) انهن جي ايمان کي وڌائي ڇڏينديون آهن ۽ اُهي (هر حال ۾) پنهنجي رب تي ڀروسو (قائم) رکن ٿا (۽ ڪنهن ٻي جي طرف نٿا ڏسن).
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۭ
(هي) اُهي ماڻهو آهن جيڪي نماز قائم رکن ٿا ۽ جو ڪجهه کين عطا ڪيو آهي ان مان (ان جي واٽ ۾) خرچ ڪندا رهن ٿا.
— مولانا طاھر القادرياُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُؤْمِنُوْنَ حَقًّا ۭ لَهُمْ دَرَجٰتٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ وَمَغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْـمٌ 4ۚ
(حقيقت ۾) اِهي ئي ماڻهو سچا مومن آهن، انهن جي لاءِ سندن رب جي بارگاهه ۾ (وڏا) درجا آهن ۽ بخشش ۽ عاليشان رزق آهي.
— مولانا طاھر القادريكَــمَآ اَخْرَجَكَ رَبُّكَ مِنْۢ بَيْتِكَ بِالْـحَقِّ ۠ وَاِنَّ فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ لَكٰرِهُوْنَ 5ۙ
(اي حبيب!) جيئن توهان جي رب توهان کي توهان جي گهر کان حق جي (عظيم مقصد) سان (جهاد جي لاءِ) ٻاهر ڪڍي آندو حالانڪه مسلمانن جو هڪ ٽولو (ان تي) خوش نه هو.
— مولانا طاھر القادرييُـجَادِلُوْنَكَ فِي الْـحَقِّ بَعْدَمَا تَبَيَّنَ كَاَنَّـمَا يُسَاقُوْنَ اِلَى الْمَوْتِ وَهُمْ يَنْظُرُوْنَ 6ۭ
اُهي توهان سان حق جي معاملي ۾ (ان بشارت جي) ظاهر ٿيڻ کانپوءِ به جهيڙو ڪرڻ لڳا (ته الله جي مدد ايندي ۽ محمدي صلي الله عليه وآلہٖ وسلم لشڪر کي فتح نصيب ٿيندي) ڄڻ اُهي موت جي طرف ڪاهيا پيا وڃن ۽ اُهي (موت کي اکين سان) ڏسي رهيا آهن.
— مولانا طاھر القادريوَاِذْ يَعِدُكُمُ اللّٰهُ اِحْدَى الطَّاۗىِٕفَتَيْنِ اَنَّهَا لَكُمْ وَتَوَدُّوْنَ اَنَّ غَيْرَ ذَاتِ الشَّوْكَةِ تَكُوْنُ لَكُمْ وَيُرِيْدُ اللّٰهُ اَنْ يُّـحِقَّ الْـحَقَّ بِكَلِمٰتِهٖ وَيَقْطَعَ دَابِرَ الْكٰفِرِيْنَ 7ۙ
۽ (اُهو وقت ياد ڪريو) جڏهن الله توهان سان (مڪي جي ڪافرن جي) ٻن ٽولن مان هڪ تي غلبي ۽ فتح جو واعدو فرمايو هو ته اهو يقيناً توهان جي لاءِ آهي ۽ توهان اهو ٿي گهريو ته بنا هٿيار وارو (ڪمزور ٽولو) توهان جي هٿ اچي ۽ الله اهو ٿي چاهيو ته پنهنجي ڪلام سان حق کي حق ثابت ڪري ۽ (دشمنن جي وڏي هٿياربند لشڪر تي مسلمانن جي سوڀ جي صورت ۾) ڪافرن جي (قوت ۽ شان و شوڪت جي) پاڙ پٽي ڇڏي.
— مولانا طاھر القادريلِيُحِقَّ الْـحَقَّ وَيُبْطِلَ الْبَاطِلَ وَلَوْ كَرِهَ الْمُجْرِمُوْنَ 8ۚ
ته جيئن (بدر جي لڙائيءَ هن عظيم ڪاميابي جي ذريعي) حق کي حق ثابت ڪري ۽ باطل کي باطل ڪري توڻي جو ڏوهاري (حق ۽ باطل جي لڙائيءَ جي هن نتيجه خيزي کي) ناپسند ئي ڪندا رهن.
— مولانا طاھر القادرياِذْ تَسْتَغِيْثُوْنَ رَبَّكُمْ فَاسْتَجَابَ لَكُمْ اَنِّىْ مُـمِدُّكُمْ بِاَلْفٍ مِّنَ الْمَلٰۗىِٕكَةِ مُرْدِفِيْنَ 9
(اُهو وقت ياد ڪريو) جڏهن توهان پنهنجي پالڻهار کي (مدد جي لاءِ) فرياد پئي ڪيو ته ان توهان جو فرياد قبول فرمايو (۽ فرمايائين) ته آئون هڪ هزار هڪٻئي پٺيان اچڻ وارن ملائڪن جي ذريعي توهان جي مدد ڪرڻ وارو آهيان.
— مولانا طاھر القادريوَمَا جَعَلَهُ اللّٰهُ اِلَّا بُشْرٰي وَلِتَطْمَىِٕنَّ بِهٖ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَمَا النَّصْرُ اِلَّامِنْ عِنْدِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَزِيْزٌ حَكِيْمٌ ۧ10
۽ ان (مدد جي صورت) کي الله صرف خوشخبري بنايو (هو) ۽ (اِهو) ان ڪري ته ان سان توهان جون دليون مطمئن ٿي وڃن ۽ (حقيقت ۾ ته) الله جي بارگاهه مان مدد کانسواءِ ڪابه (ٻي) مدد ناهي، بيشڪ الله (ئي) غالب حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادرياِذْ يُغَشِّيْكُمُ النُّعَاسَ اَمَنَةً مِّنْهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيْكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً لِّيُطَهِّرَكُمْ بِهٖ وَيُذْهِبَ عَنْكُمْ رِجْزَ الشَّيْطٰنِ وَلِيَرْبِطَ عَلٰي قُلُوْبِكُمْ وَيُثَبِّتَ بِهِ الْاَقْدَامَ ۭ11
جڏهن ان پنهنجي طرفان (توهان کي) راحت ۽ سڪون (فراهم ڪرڻ) جي لاءِ توهان تي ننڊ جي ڳَهر طاري فرمائي ۽ توهان تي آسمان تان پاڻي لاٿو ته جيئن ان جي ذريعي توهان کي (ظاهري ۽ باطني) پاڪائي عطا فرمائي ۽ توهان کان شيطان (جي باطل وسوسن) جي پليتائي کي دور ڪري ڇڏي ۽ توهان جي دلين کي (يقين جي قوت) سان مضبوط ڪري ۽ ان سان توهان جا قدم (چڱيءَ طرح) ڄمائي.
— مولانا طاھر القادرياِذْ يُوْحِيْ رَبُّكَ اِلَى الْمَلٰۗىِٕكَةِ اَنِّىْ مَعَكُمْ فَثَبِّتُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۭسَاُلْقِيْ فِيْ قُلُوْبِ الَّذِيْنَ كَفَرُوا الرُّعْبَ فَاضْرِبُوْا فَوْقَ الْاَعْنَاقِ وَاضْرِبُوْا مِنْهُمْ كُلَّ بَنَانٍ ۭ12
(اي حبيب مڪرم! پنهنجي شان جو اهو منظر به ياد ڪريو) جڏهن توهان جي رب (جنگ بدر جي موقعي تي) ملائڪن کي پيغام موڪليو ته (رسول جي اصحابن مدد جي لاءِ) مان (به) توهان سان گڏ آهيان، سو توهان (خوشخبري ۽ مدد جي ذريعي) ايمان وارن کي ثابت قدم رکو آئون هاڻي ئي (ويڙهاڪ) ڪافرن جي دلين ۾ (محمدي صلي الله عليه وآلہٖ وسلم لشڪر جو) رعب ۽ دٻدٻو وجهي ٿو ڇڏيان، سو توهان (چڙهائي ڪندڙ ڪافرن جي) ڪنڌن کان مٿي ڌڪ هڻجو ۽ (انهن جي سازشن ۽ جنگي حربن جي جواب ۾) انهن جي سَنڌ سَنڌ کي ٽوڙي ڇڏجو.
— مولانا طاھر القادريذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ شَاۗقُّوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۚ وَمَنْ يُّشَاقِقِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ فَاِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 13
اهو ان ڪري جو انهن الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو شخص الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي مخالفت ڪري ٿو ته بيشڪ الله (ان کي) سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريذٰلِكُمْ فَذُوْقُوْهُ وَاَنَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابَ النَّارِ 14
اِهو (دنيا جو عذاب) آهي سو توهان ان کي (ته) چکيو ۽ بيشڪ ڪافرن جي لاءِ (آخرت ۾) دوزخ جو (ٻيو) عذاب (به) آهي.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا لَقِيْتُمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا زَحْفًا فَلَا تُوَلُّوْهُمُ الْاَدْبَارَ ۚ15
اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان (جنگ جي ميدان ۾) ڪافرن سان مقابلو ڪريو (کڻي اهو) وڏو لشڪر هجي پوءِ به انهن کي پٺي نه ڏيو.
— مولانا طاھر القادريوَمَنْ يُّوَلِّهِمْ يَوْمَىِٕذٍ دُبُرَهٗ ٓ اِلَّا مُتَحَرِّفًا لِّقِتَالٍ اَوْ مُتَحَيِّزًا اِلٰي فِئَةٍ فَقَدْ بَاۗءَ بِغَضَبٍ مِّنَ اللّٰهِ وَمَاْوٰىهُ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 16
۽ جيڪو ان ڏينهن انهن کي پٺي ڏيندو، سواءِ ان جي ته جنگ جي (ئي) لاءِ ڪا چال طور ڪري رهيو هجي يا پنهنجي (ئي) ڪنهن لشڪر سان (تعاون جي لاءِ) ملڻ چاهيندو هجي، ته واقعي اهو الله جي ڏمر سان موٽيو ۽ ان جو ٺڪاڻو دوزخ آهي، ۽ اُهو (تمام ئي) بڇڙو ٺڪاڻو آهي.
— مولانا طاھر القادريفَلَمْ تَقْتُلُوْهُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ قَتَلَهُمْ ۠ وَمَا رَمَيْتَ اِذْ رَمَيْتَ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ رَمٰى ۚ وَلِيُبْلِيَ الْمُؤْمِنِيْنَ مِنْهُ بَلَاۗءً حَسَـنًا ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَـمِيْعٌ عَلِيْمٌ 17
(اي اسلام جي لشڪر جا سپاهيو!) انهن (ناجائز چڙهائي ڪندڙ) ڪافرن کي توهان قتل نه ڪيو بلڪه الله انهن کي قتل ڪيو ۽ (اي حبيب مڪرم!) جڏهن توهان (انهن تي پٿريون) اڇلايون هيون (اُهي) توهان نه اڇلايون هيون بلڪه (اُهي ته الله اڇلايون هيون) ۽ اهو (ان ڪري) ته اهو ايمان وارن کي پنهنجي طرفان سٺن انعامن سان نوازي، بيشڪ الله خوب ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريذٰلِكُمْ وَاَنَّ اللّٰهَ مُوْهِنُ كَيْدِ الْكٰفِرِيْنَ 18
اها (ته هڪ مهرباني ۽ احسان) آهي ۽ (ٻيو) اهو ته الله ڪافرن جي مڪر ۽ فريب کي ڪمزور ڪندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنْ تَسـْتَفْتِحُوْا فَقَدْ جَاۗءَكُمُ الْفَتْحُ ۚ وَاِنْ تَنْتَهُوْا فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۚ وَاِنْ تَعُوْدُوْا نَعُدْ ۚ وَلَنْ تُغْنِيَ عَنْكُمْ فِئَتُكُمْ شَـيْــــًٔـا وَّلَوْ كَثُرَتْ ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ مَعَ الْمُؤْمِنِيْنَ ۧ19
(اي ڪافرؤ!) جيڪڏهن توهان فيصلائتي فتح گهري هئي ته يقيناً توهان وٽ (حق جي) فتح اچي چڪي ۽ جيڪڏهن توهان (هاڻي به) موٽو ته اهو توهان جي حق ۾ ڀلو آهي، ۽ جيڪڏهن توهان وري اِهائي (شرارت) ڪندؤ (ته) اسان (به) وري اهائي (سزا) ڏينداسين ۽ توهان جو لشڪر توهان کي هرگز ڪافي نه ٿيندو توڻي جو ڪيترو ئي گهڻو هجي ۽ بيشڪ الله مومنن سان گڏ آهي.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَلَا تَوَلَّوْا عَنْهُ وَاَنْتُمْ تَسْمَعُوْنَ ښ 20
اي ايمان وارؤ! توهان الله جي ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي اطاعت ڪريو ۽ ان کان منهن نه موڙيو حالانڪه توهان ٻڌي رهيا آهيو.
— مولانا طاھر القادري