079 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 46 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
وَالنّٰزِعٰتِ غَرْقًا 1ۙ
انهن (ملائڪن) جو قسم جيڪي (ڪافرن جو ساهه سندن جسمن جي هڪ هڪ عضوي مان) تمام سختي سان ڇڪي ڪڍن ٿا. (يا توانائي جي انهن لهرن جو قسم جيڪي مادي ۾ داخل ٿي ڪيميائي جوڙن ۾ سختي سان ٽوڙ ڦوڙ ڪن ٿيون).
— مولانا طاھر القادريوَّالنّٰشِطٰتِ نَشْطًا 2ۙ
۽ انهن (ملائڪن) جو قسم جيڪي (مومنن جي ساهه جا) بند تمام آهستي کولين ٿا. (يا تونائي جي انهن لهرن جو قسم جيڪي مادي جي اندران ڪيميائي جوڙن کي تمام آهستي ۽ آرام سان ٽوڙين ٿيون).
— مولانا طاھر القادريوَّالسّٰبِحٰتِ سَبْحًا 3ۙ
۽ انهن (ملائڪن) جو قسم جيڪي (زمين ۽ آسمان جي وچ ۾) تيزيءَ سان ترندا رهن ٿا.(يا توانائي جي انهن لهرن جو قسم جيڪي آسماني خلا ۽ فضا ۾ بنا روڪ ٽوڪ هلنديون رهن ٿيون).
— مولانا طاھر القادريفَالسّٰبِقٰتِ سَبْقًا 4ۙ
پوءِ انهن (ملائڪن) جو قسم جيڪي لامارو ڏيئي (ٻين کان) اڳتي نڪري وڃن ٿا. (يا پوءِ توانائي جي انهن لهرن جو قسم جيڪي رفتار، طاقت ۽ ڪشش جي لحاظ کان ٻين لهرن کان اڳتي نڪري وڃن ٿيون).
— مولانا طاھر القادريفَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًا 5ۘ
پوءِ انهن (ملائڪن) جو قسم جيڪي مختلف ڪمن جي رٿابندي ڪن ٿا. (يا پوءِ توانائي جي انهن لهرن جو قسم جيڪي گڏيل عمل سان ڪائناتي نظام جي بقا لاءِ توازن ۽ تدبير کي قائم رکن ٿيون).
— مولانا طاھر القادرييَوْمَ تَرْجُفُ الرَّاجِفَةُ 6ۙ
(جڏهن انهن کي هن ڪائنات جي نظام کي تباهه ڪرڻ جو حڪم ٿيندو ته) ان ڏينهن (ڪائنات جي) هر چرپر ڪندڙ شيءِ سخت حرڪت ۾ اچي ويندي.
— مولانا طاھر القادريتَتْبَعُهَا الرَّادِفَةُ 7ۭ
پويان ايندڙ هڪ ٻيو زلزلو ان کان پوءِ ايندو.
— مولانا طاھر القادريقُلُوْبٌ يَّوْمَىِٕذٍ وَّاجِفَةٌ 8ۙ
ان ڏينهن (ماڻهن جون) دليون ڊپ ۽ پريشاني وچان ڪنبي رهيون هونديون.
— مولانا طاھر القادرياَبْصَارُهَا خَاشِعَةٌ 9ۘ
انهن جو اکيون (ڊپ ۽ رعب کان) جهڪيل هونديون.
— مولانا طاھر القادرييَقُوْلُوْنَ ءَاِنَّا لَمَرْدُوْدُوْنَ فِي الْحَافِرَةِ ۭ10
(ڪافر) چون ٿا: ڇا اسان اڳ واري زندگي ڏانهن موٽايا وينداسين؟
— مولانا طاھر القادريءَاِذَا كُنَّا عِظَامًا نَّخِرَةً ۭ11
ڇا جڏهن اسان سڙيل (کوکليون) هڏيون ٿي وينداسين (تڏهن به جيئرا ڪيا وينداسين)؟
— مولانا طاھر القادريقَالُوْا تِلْكَ اِذًا كَرَّةٌ خَاسِرَةٌ ۘ12
اهي چون ٿا: اهو (موٽڻ) ته ان وقت وڏي نقصان وارو موٽڻ هوندو.
— مولانا طاھر القادريفَاِنَّـمَا ھِيَ زَجْرَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
پوءِ ته اِهو هڪ ئي ڀيري سخت خوفناڪ آواز سان (ڪائنات جي تمام جسمن جو) ڦاٽڻ هوندو.
— مولانا طاھر القادريفَاِذَا هُمْ بِالسَّاهِرَةِ ۭ14
پوءِ اُهي (سڀئي ماڻهو) اوچتو (حشر جي) کليل ميدان ۾ اچي گڏ ٿيندا.
— مولانا طاھر القادريهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ مُوْسٰى ۘ15
ڇا اوهان وٽ موسٰي (عليه السلام) جي خبر پهتي آهي؟
— مولانا طاھر القادرياِذْ نَادٰىهُ رَبُّهٗ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى ۚ16
جڏهن سندس پالڻهار کيس طويٰ جي پاڪ وادي ۾سڏيو هو.
— مولانا طاھر القادرياِذْهَبْ اِلٰى فِرْعَوْنَ اِنَّهٗ طَغٰى ڮ 17
(۽ حڪم ڏنو هو ته) فرعون وٽ وڃ اُهو سرڪش ٿي ويو آهي.
— مولانا طاھر القادريفَقُلْ هَلْ لَّكَ اِلٰٓى اَنْ تَـزَكّٰى ۙ18
پوءِ (ان کي) چئو: ڇا تنهنجي خواهش آهي ته تون پاڪ ٿئين؟
— مولانا طاھر القادريوَاَهْدِيَكَ اِلٰى رَبِّكَ فَتَخْشٰى ۚ19
۽ (ڇا تون گهرين ٿو ته) آئون تنهنجي پالڻهار طرف تنهنجي رهنمائي ڪريان ته جيئن تون (ان کان) ڊڄڻ لڳين؟
— مولانا طاھر القادريفَاَرٰىهُ الْاٰيَةَ الْكُبْرٰى ڮ 20
پوءِ موسٰي (عليه السلام) ان کي وڏي نشاني ڏيکاري.
— مولانا طاھر القادري