078 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
عَمَّ يَتَسَاۗءَلُوْنَ 1ۚ
اِهي ماڻهو هڪٻئي کان ڪهڙي (شيءِ) بابت پڇن ٿا؟
— مولانا طاھر القادريعَنِ النَّبَاِ الْعَظِيْمِ 2ۙ
(ڇا) انهيءَ وڏي خبر بابت (پڇن ڪن ٿا)؟
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْ هُمْ فِيْهِ مُخْـتَلِفُوْنَ 3ۭ
جنهن بابت اهي اختلاف ڪن ٿا.
— مولانا طاھر القادريكَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 4ۙ
هرگز (اها خبر انڪار جوڳي) ناهي اهي سگهوئي (ان حقيقت کي) ڄاڻي وٺندا.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ كَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 5
(اسان) وري (چئون ٿا: اختلاف ۽ انڪار) ڪنهن به طرح (صحيح) ناهي اهي جلدي ڄاڻي وٺندا.
— مولانا طاھر القادرياَلَمْ نَجْعَلِ الْاَرْضَ مِهٰدًا 6ۙ
ڇا اسان زمين کي (زندگي جي) قيام ۽ ڪم، ڌنڌي جي جاءِ نه بڻايوسين؟
— مولانا طاھر القادريوَّالْـجِبَالَ اَوْتَادًا ۽ 7
۽ (ڇا) جبلن کي (ان ۾) سڌو ڪري (نه) بيهاريوسين؟
— مولانا طاھر القادريوَّخَلَقْنٰكُمْ اَزْوَاجًا 8ۙ
۽ (غور ڪريو) اسان توهان کي (نسل وڌائڻ لاءِ) جوڙا جوڙا پيدا فرمايو (آهي).
— مولانا طاھر القادريوَّجَعَلْنَا نَوْمَكُمْ سُبَاتًا 9ۙ
۽ اسان توهان جي ننڊ کي (جسماني) راحت (جو سبب) بڻايو (آهي).
— مولانا طاھر القادريوَّجَعَلْنَا الَّيْلَ لِبَاسًا ۙ10
۽ اسان رات کي (ان جي اونداهي سبب) پردو ڍڪيندڙ بڻايو (آهي).
— مولانا طاھر القادريوَّجَعَلْنَا النَّهَارَ مَعَاشًا ۠11
۽ اسان ڏينهن کي (روزي) ڪمائڻ (جو وقت) بڻايو (آهي).
— مولانا طاھر القادريوَّبَنَيْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعًا شِدَادًا ۙ12
۽ (هاڻي خلائي ڪائنات ۾ به غور ڪريو) اسان توهان مٿان ست مضبوط (طبقا) بڻايا.
— مولانا طاھر القادريوَّجَعَلْنَا سِرَاجًا وَّهَّاجًا ۽ 13
۽ اسان (سج کي) روشني ۽ گرمي جو (زبردست) سرچشمو بڻايو.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنْزَلْنَا مِنَ الْمُعْــصِرٰتِ مَاۗءً ثَجَّاجًا ۙ14
۽ اسان ڀريل ڪڪرن مان زوردار پاڻي وسايو.
— مولانا طاھر القادريلِّنُخْرِجَ بِهٖ حَبًّا وَّنَبَاتًا ۙ15
ته جيئن اسان ان (مينهن) ذريعي (زمين مان) اناج ۽ ساوڪ پيدا ڪريون.
— مولانا طاھر القادريوَّجَنّٰتٍ اَلْفَافًا ۭ16
۽ گهاٽا باغ (اُپايون).
— مولانا طاھر القادرياِنَّ يَوْمَ الْفَصْلِ كَانَ مِيْقَاتًا ۙ17
(اسان جي قدرت جي انهن نشانين کي ڏسي ڄاڻي ڇڏيو ته) بيشڪ فيصلي جو ڏينهن (قيامت به) هڪ مقرر ڪيل وقت آهي.
— مولانا طاھر القادرييَّوْمَ يُنْفَخُ فِي الصُّوْرِ فَتَاْتُوْنَ اَفْوَاجًا ۙ18
جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو ويندو ته توهان ٽولا ٽولا ٿي (الله جي بارگاهه ۾) هليا ايندؤ.
— مولانا طاھر القادريوَّفُتِحَتِ السَّمَاۗءُ فَكَانَتْ اَبْوَابًا ۙ19
۽ آسمان (جا طبقا) ڦاڙيا ويندا ته (ڦاٽڻ جي ڪري ڄڻ) اهي دروازا ئي دروازا ٿي ويندا.
— مولانا طاھر القادريوَّسُيِّرَتِ الْجِبَالُ فَكَانَتْ سَرَابًا ۭ20
۽ جبل (دز بڻائي فضا ۾) اڏايا ويندا ته اهي رڃ (وانگر ختم) ٿي ويندا.
— مولانا طاھر القادري