077 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 50 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
وَالْمُرْسَلٰتِ عُرْفًا 1ۙ
نرم ۽ خوشگوار هوائن جو قسم جيڪي لڳاتار هلن ٿيون.
— مولانا طاھر القادريفَالْعٰصِفٰتِ عَصْفًا 2ۙ
پوءِ زور سان هلندڙ هوائن جو قسم جيڪي سخت جهونڪن سان هلن ٿيون.
— مولانا طاھر القادريوَّالنّٰشِرٰتِ نَشْرًا 3ۙ
۽ اُنهن جو قسم جيڪي ڪڪرن کي هر طرف پکيڙي ڇڏين ٿيون.
— مولانا طاھر القادريفَالْفٰرِقٰتِ فَرْقًا 4ۙ
پوءِ اُنهن جو قسم جيڪي (انهن کي) ڦاڙي الڳ الڳ ڪن ٿيون.
— مولانا طاھر القادريفَالْمُلْقِيٰتِ ذِكْرًا 5ۙ
پوءِ اُنهن جو قسم جيڪي نصيحت آڻيندڙ آهن.
— مولانا طاھر القادريعُذْرًا اَوْ نُذْرًا 6ۙ
حجت پوري ڪرڻ يا ڊيڄارڻ جي لاءِ.
— مولانا طاھر القادرياِنَّـمَا تُوْعَدُوْنَ لَوَاقِـعٌ 7ۭ
بيشڪ جيڪو (قيامت جو) وعدو توهان سان ڪيو پيو وڃي اُهو ضرور پورو ٿي رهندو.
— مولانا طاھر القادريفَاِذَا النُّجُوْمُ طُمِسَتْ 8ۙ
پوءِ جڏهن تارن جي روشني ختم ڪئي ويندي.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا السَّمَاۗءُ فُرِجَتْ 9ۙ
۽ جڏهن آسماني ڪائنات ۾ ڏار پئجي ويندا.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا الْجِبَالُ نُسِفَتْ ۙ10
۽ جڏهن جبل (ذرا ذرا ڪري) اُڏايا ويندا.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا الرُّسُلُ اُقِّتَتْ ۭ11
۽ جڏهن پيغمبر مقرر ڪيل وقت تي (پنهنجي پنهنجي امتن تي شاهدي جي لاءِ) گڏ ڪيا ويندا.
— مولانا طاھر القادريلِاَيِّ يَوْمٍ اُجِّلَتْ ۭ12
ڀلا ڪهڙي ڏينهن جي لاءِ (انهن سڀني ڪمن جي) مدت مقرر ڪئي ويئي آهي.
— مولانا طاھر القادريلِيَوْمِ الْفَصْلِ ۚ13
فيصلي جي ڏينهن جي لاءِ.
— مولانا طاھر القادريوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الْفَصْلِ ۭ14
۽ توهان کي ڪنهن ٻڌايو ته فيصلي جو ڏينهن ڇا آهي.
— مولانا طاھر القادريوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ 15
ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ خرابي (۽ تباهي) آهي.
— مولانا طاھر القادرياَلَمْ نُهْلِكِ الْاَوَّلِيْنَ ۭ16
ڇا اسان اڳين (ڪوڙو چوڻ وارن) کي تباهه نه ڪيو هو.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ نُتْبِعُهُمُ الْاٰخِرِيْنَ 17
پوءِ اسان پوين کي به (تباهي ۾) انهن جي پٺيان روانو ٿا ڪريون.
— مولانا طاھر القادريكَذٰلِكَ نَفْعَلُ بِالْمُجْرِمِيْنَ 18
اسان ڏوهارين سان اهڙي طرح (جو معاملو) ڪندا آهيون.
— مولانا طاھر القادريوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ 19
ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن جي لاءِ وڏي خرابي آهي.
— مولانا طاھر القادرياَلَمْ نَخْلُقْكُّمْ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ ۙ20
ڇا اسان توهان کي حقير پاڻي (جي هڪ ڦڙي) مان پيدا نه ڪيو.
— مولانا طاھر القادري