076 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 31 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
هَلْ اَتٰى عَلَي الْاِنْسَانِ حِيْنٌ مِّنَ الدَّهْرِ لَمْ يَكُنْ شَيْـــًٔا مَّذْكُوْرًا 1
بيشڪ انسان تي زماني جو هڪ اهڙو وقت به گذري چڪو آهي جو هو ڪا قابل ذڪر شيءِ ئي نه هو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّا خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنْ نُّطْفَةٍ اَمْشَاجٍ ڰ نَّبْتَلِيْهِ فَجَعَلْنٰهُ سَمِيْعًۢا بَصِيْرًا 2
بيشڪ اسان انسان کي گڏيل نطفي مان پيدا فرمايو جنهن کي اسان (ولادت تائين هڪ مرحلي کان ٻي مرحلي ڏانهن) ڦيرائيندا ۽ ڏسندا رهون ٿا، پوءِ اسان کيس (ترتيب سان) ٻڌندڙ (پوءِ) ڏسندڙ بڻايو آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّا هَدَيْنٰهُ السَّبِيْلَ اِمَّا شَاكِرًا وَّاِمَّا كَفُوْرًا 3
بيشڪ اسان ان کي (حق ۽ باطل ۾ فرق ڪرڻ جي لاءِ شعور ۽ بصيرت جي) واٽ به ڏيکاري، (هاڻي) کڻي اهو شڪر گذار ٿئي يا ناشڪرو رهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّآ اَعْتَدْنَا لِلْكٰفِرِيْنَ سَلٰسِلَا۟ وَاَغْلٰلًا وَّسَعِيْرًا 4
بيشڪ اسان ڪافرن جي لاءِ (پيرن جون) زنجيرون ۽ (ڪنڌ جا) ڳٽ ۽ (دوزخ جي) ٻرندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الْاَبْرَارَ يَشْرَبُوْنَ مِنْ كَاْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُوْرًا 5ۚ
بيشڪ سچا اطاعت گذار (پاڪ شراب جا) اهڙا پيالا پيئندا جنهن ۾ (خوشبوءَ، رنگت ۽ مزو وڌائڻ جي لاءِ) ڪافور جي ملاوٽ هوندي.
— مولانا طاھر القادريعَيْنًا يَّشْرَبُ بِهَا عِبَادُ اللّٰهِ يُفَجِّرُوْنَهَا تَفْجِيْرًا 6
(ڪافور جنت جو) هڪ چشمو آهي جنهن مان (خاص) خدا جا ٻانها (يعني اولياءَالله) پيئندا (۽) جتي گهرندا (ٻين کي پيارڻ جي لاءِ) ان کي ننڍين ننڍين نهرن جي صورت ۾ وهائي (به) کڻي ويندا.
— مولانا طاھر القادرييُوْفُوْنَ بِالنَّذْرِ وَيَخَافُوْنَ يَوْمًا كَانَ شَرُّهٗ مُسْـتَطِيْرًا 7
(اِهي خاص ٻانها اُهي آهن) جيڪي (پنهنجا) نذر پورا ڪن ٿا ۽ ان ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي سختي خوب پکڙجڻ واري آهي.
— مولانا طاھر القادريوَيُطْعِمُوْنَ الطَّعَامَ عَلٰي حُبِّهٖ مِسْكِيْنًا وَّيَـتِـيْمًا وَّاَسِيْرًا 8
۽ (پنهنجو) کاڌو الله جي محبت ۾ (پاڻ کي ان جي طلب ۽ ضرورت هجڻ جي باوجود ايثار ڪندي) محتاج کي ۽ يتيم کي ۽ قيدي کي کارائي ڇڏين ٿا.
— مولانا طاھر القادرياِنَّـمَا نُـطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللّٰهِ لَا نُرِيْدُ مِنْكُمْ جَزَاۗءً وَّلَا شُكُوْرًا 9
(۽ چون ٿا ته) اسان ته صرف الله جي رضا لاءِ توهان کي کارايون ٿو، نه توهان کان ڪو بدلو گهرون ٿا ۽ نه شڪرگذاري جا (خواهشمند) آهيون.
— مولانا طاھر القادرياِنَّا نَخَافُ مِنْ رَّبِّنَا يَوْمًا عَبُوْسًا قَمْطَرِيْرًا 10
اسان کي ته پنهنجي رب کان ان ڏينهن جو ڊپ رهي ٿو جيڪو (چهرن کي) انتهائي ڪارو (۽) بڇڙو ڪرڻ وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريفَوَقٰىهُمُ اللّٰهُ شَرَّ ذٰلِكَ الْيَوْمِ وَلَقّٰىهُمْ نَضْرَةً وَّسُرُوْرًا ۚ11
پوءِ الله کين (خوفِ الاهي جي ڪري) ان ڏينهن جي سختي کان بچائيندو ۽ انهن کي (چهرن تي) رونق ۽ تازگي ( دلين ۾) سرور ۽ خوشي عطا ڪندو.
— مولانا طاھر القادريوَجَزٰىهُمْ بِـمَا صَبَرُوْا جَنَّةً وَّحَرِيْرًا ۙ12
۽ ان ڳالهه جي عيوض ته انهن صبر ڪيو آهي (رهڻ جي لاءِ) جنت ۽ (پائڻ جي لاءِ) ريشمي پوشاڪ عطا ڪندو.
— مولانا طاھر القادريمُّتَّكِــــِٕيْنَ فِيْهَا عَلَي الْاَرَاۗىِٕكِ ۚ لَا يَرَوْنَ فِيْهَا شَمْسًا وَّلَا زَمْهَرِيْرًا ۚ13
اهي ماڻهو ان ۾ تختن تي وهاڻا لڳايو ويٺا هوندا، نه اتي اُس جي گرمي لهندا ۽ نه سردي جي سختي.
— مولانا طاھر القادريوَدَانِيَةً عَلَيْهِمْ ظِلٰلُهَا وَذُلِّـلَتْ قُـطُوْفُهَا تَذْلِيْلًا 14
۽ (جنت جي وڻن جا) پاڇا مٿن جهڪي رهيا هوندا ۽ ان جي (ميون جا) ڇڳا جُهڪي لٽڪي رهيا هوندا.
— مولانا طاھر القادريوَيُطَافُ عَلَيْهِمْ بِاٰنِيَةٍ مِّنْ فِضَّةٍ وَّاَكْوَابٍ كَانَتْ قَوَا۩رِيْرَا۟ ۙ15
۽ (خادم) انهن جي چوڌاري چانديءَ جا ٿانوَ ۽ (صاف سٿري) شيشي جا گلاس کنيو پيا گهمندا.
— مولانا طاھر القادريقَوَا۩رِيْرَا۟ مِنْ فِضَّةٍ قَدَّرُوْهَا تَقْدِيْرًا 16
(۽) شيشا به چاندي جا (ٺهيل) هوندا جن کي انهن (هر هڪ جي گهرج مطابق) ٺيڪ ٺيڪ اندازي سان ڀريو هوندو.
— مولانا طاھر القادريوَيُسْقَوْنَ فِيْهَا كَاْسًا كَانَ مِزَاجُهَا زَنْجَبِيْلًا ۚ17
۽ انهن کي اتي (پاڪ شراب جا) اهڙا پيالا پياريا ويندا جن ۾ زنجبيل جي ملاوٽ هوندي.
— مولانا طاھر القادريعَيْنًا فِيْهَا تُسَمّٰى سَلْسَبِيْلًا 18
(زنجبيل) ان (جنت) ۾ هڪ اهڙو چشمو آهي جنهن جو نالو ’سلسبيل‘ رکيو ويو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَيَطُوْفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُوْنَ ۚ اِذَا رَاَيْتَهُمْ حَسِبْتَهُمْ لُؤْلُؤًا مَّنْثُوْرًا 19
۽ انهن جي چوڌاري اهڙا (معصوم) ٻار پيا گهمندا، جيڪي هميشه انهيءَ حالت ۾ رهندا، جڏهن توهان انهن کي ڏسندؤ ته کين وکريل موتي خيال ڪندؤ.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا رَاَيْتَ ثَمَّ رَاَيْتَ نَعِيْمًا وَّمُلْكًا كَبِيْرًا 20
۽ جڏهن توهان (بهشت تي) نظر وجهندو ته اتي (گهڻائي سان) نعمتون ۽ (هر طرف) وڏي بادشاهي ڏسندؤ.
— مولانا طاھر القادري