075 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
لَآ اُقْسِمُ بِيَوْمِ الْقِيٰمَةِ 1ۙ
آئون قسم کڻان ٿو قيامت جي ڏينهن جو.
— مولانا طاھر القادريوَلَآ اُقْسِمُ بِالنَّفْسِ اللَّوَّامَةِ 2ۭ
۽ آئون قسم کڻان ٿو (براين تي) ملامت ڪرڻ واري نفس جو.
— مولانا طاھر القادرياَيَحْسَبُ الْاِنْسَانُ اَلَّنْ نَّجْمَعَ عِظَامَهٗ 3ۭ
ڇا انسان اهو ٿو سمجهي ته اسان ان جي هڏين کي (جيڪي مرڻ کانپوءِ ڀورا ڀورا ٿي وکري وينديون) هرگز گڏ نه ڪنداسين.
— مولانا طاھر القادريبَلٰى قٰدِرِيْنَ عَلٰٓي اَنْ نُّسَوِّيَ بَنَانَهٗ 4
ڇونه! اسان ته ان ڳالهه تي به قادر آهيون ته سندس آڱرين جي هڪ هڪ جوڙ ۽ پورن تائين ٺيڪ ڪريون.
— مولانا طاھر القادريبَلْ يُرِيْدُ الْاِنْسَانُ لِيَفْجُرَ اَمَامَهٗ 5ۚ
بلڪه انسان اهو گهري ٿو ته پنهنجي اڳيان (واري زندگي ۾) به گناهه ڪندو رهي.
— مولانا طاھر القادرييَسْــَٔـلُ اَيَّانَ يَوْمُ الْقِيٰمَةِ 6ۭ
اُهو (ٺٺول جي انداز ۾) پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو.
— مولانا طاھر القادريفَاِذَا بَرِقَ الْبَصَرُ 7ۙ
پوءِ جڏهن اکيون کيريون ٿي وينديون.
— مولانا طاھر القادريوَخَسَفَ الْقَمَرُ 8ۙ
۽ چنڊ (پنهنجي) روشني وڃائي ويهندو.
— مولانا طاھر القادريوَجُمِعَ الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ 9ۙ
۽ سج ۽ چنڊ گڏ (بي نور) ٿيندا.
— مولانا طاھر القادرييَقُوْلُ الْاِنْسَانُ يَوْمَىِٕذٍ اَيْنَ الْمَفَرُّ ۚ10
ان وقت انسان پڪاريندو ته ڀڄي وڃڻ جو ٺڪاڻو ڪٿي آهي.
— مولانا طاھر القادريكَلَّا لَا وَزَرَ ۭ11
هرگز نه، ڪابه پناهه جي جاءِ ناهي.
— مولانا طاھر القادرياِلٰى رَبِّكَ يَوْمَىِٕذِ ۨالْمُسْتَــقَرُّ ۭ12
ان ڏينهن توهان جي رب وٽ ئي قرار جي جاءِ هوندي.
— مولانا طاھر القادرييُنَبَّؤُا الْاِنْسَانُ يَوْمَىِٕذٍۢ بِـمَا قَدَّمَ وَاَخَّرَ ۭ13
ان ڏينهن انسان انهن (عملن) کان خبردار ڪيو ويندو جيڪي اڳتي موڪليا هئس ۽ جيڪي (اثر پنهنجي موت کانپوءِ) پٺيان ڇڏيا هئس.
— مولانا طاھر القادريبَلِ الْاِنْسَانُ عَلٰي نَفْسِهٖ بَصِيْرَةٌ ۙ14
بلڪه انسان پنهنجي نفس (جي احوال) تي (پاڻ ئي) واقف هوندو.
— مولانا طاھر القادريوَّلَوْ اَلْقٰى مَعَاذِيْرَهٗ ۭ15
جيتوڻيڪ اهو پنهنجا سڀئي عذر پيش ڪندو.
— مولانا طاھر القادريلَا تُحَرِّكْ بِهٖ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهٖ ۭ16
(اي حبيب!) توهان (قرآن کي ياد ڪرڻ جي) تڪڙ ۾ (وحي جي نازل ٿيڻ سان گڏ) پنهنجي زبان کي نه چوريندا ڪريو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ عَلَيْنَا جَمْعَهٗ وَقُرْاٰنَهٗ ښ 17
بيشڪ ان کي (توهان جي سيني ۾) گڏ ڪرڻ ۽ ان کي (توهان جي زبان تي) پڙهائڻ اسان جو ذمو آهي.
— مولانا طاھر القادريفَاِذَا قَرَاْنٰهُ فَاتَّبِـــعْ قُرْاٰنَهٗ ۚ18
پوءِ جڏهن اسان ان کي (جبريل جي زبان سان) پڙهي وٺون ته توهان اُن پڙهيل جي پيروي ڪندا ڪريو.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ اِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهٗ ۭ19
پوءِ بيشڪ ان (جي معنائن) کي کولي بيان ڪرڻ اسان جو ئي ذمو آهي.
— مولانا طاھر القادريكَلَّا بَلْ تُحِبُّوْنَ الْعَاجِلَةَ ۙ20
حقيقت اها آهي (اي ڪافرو!) توهان جلد ملڻ واري (دنيا) کي محبوب رکو ٿا.
— مولانا طاھر القادري