074 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 56 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
يٰٓاَيُّهَا الْمُدَّثِّر 1ۙ
اي چادر ڍڪڻ وارا (حبيب!).
— مولانا طاھر القادريقُمْ فَاَنْذِرْ ۽ 2
اُٿو ۽ (ماڻهن کي الله کان) ڊيڄاريو.
— مولانا طاھر القادريوَرَبَّكَ فَكَبِّرْ ۽ 3
۽ پنهنجي رب جي وڏائي (۽ عظمت) بيان فرمايو.
— مولانا طاھر القادريوَثِيَابَكَ فَطَهِّرْ ۽ 4
۽ پنهنجي (ظاهر ۽ باطن جا) لباس (پهرين وانگر هميشه) پاڪ رکو.
— مولانا طاھر القادريوَالرُّجْزَ فَاهْجُرْ ۽ 5
۽ (اڳ جيان گناهن ۽) بتن کان الڳ رهو.
— مولانا طاھر القادريوَلَا تَمْنُنْ تَسْتَكْثِرُ ۽ 6
۽ (انهيءَ مقصد سان ڪنهن تي) احسان نه ڪريو ته کانئس وڌيڪ گهرو.
— مولانا طاھر القادريوَلِرَبِّكَ فَاصْبِرْ 7ۭ
۽ توهان پنهنجي رب جي لاءِ صبر ڪريو.
— مولانا طاھر القادريفَاِذَا نُقِرَ فِي النَّاقُوْرِ 8
پوءِ جڏهن (ٻيهر) صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي.
— مولانا طاھر القادريفَذٰلِكَ يَوْمَىِٕذٍ يَّوْمٌ عَسِيْرٌ 9ۙ
پوءِ اهو ڏينهن (يعني قيامت جو ڏينهن) تمام سخت ڏينهن هوندو.
— مولانا طاھر القادريعَلَي الْكٰفِرِيْنَ غَيْرُ يَسِيْرٍ 10
ڪافرن تي هرگز آسان نه هوندو.
— مولانا طاھر القادريذَرْنِيْ وَمَنْ خَلَقْتُ وَحِيْدًا ۙ11
توهان مون کي ۽ ان شخص کي جنهن کي مون اڪيلو پيدا ڪيو (بدلو وٺڻ لاءِ) ڇڏي ڏيو.
— مولانا طاھر القادريوَّجَعَلْتُ لَهٗ مَالًا مَّمْدُوْدًا ۙ12
۽ مون ان کي تمام ڪشادو مال ڏنو هو.
— مولانا طاھر القادريوَّبَنِيْنَ شُهُوْدًا ۙ13
۽ (ان جي سامهون) حاضر رهندڙ پٽ ڏنا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَّمَهَّدْتُّ لَهٗ تَمْهِيْدًا ۙ14
۽ مون ان کي (عيش و عشرت جي سامان ۾) خوب ڪشادگي ڏني هئي.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ يَطْمَعُ اَنْ اَزِيْدَ ڎ 15
پوءِ (به) اهو لالچ رکي ٿو ته آئون اڃان وڌايان.
— مولانا طاھر القادريكَلَّا ۭ اِنَّهٗ كَانَ لِاٰيٰتِنَا عَنِيْدًا ۭ16
هرگز (ائين) نه ٿيندو، بيشڪ اهو اسان جي آيتن جو دشمن رهيو آهي.
— مولانا طاھر القادريسَاُرْهِقُهٗ صَعُوْدًا ۭ17
عنقريب آئون کيس سخت مشقت (جي عذاب) جي تڪليف ڏيندس.
— مولانا طاھر القادرياِنَّهٗ فَكَّرَ وَقَدَّرَ ۙ18
بيشڪ ان سوچ ويچار ڪيو ۽ هڪ سازش گهڙيائين.
— مولانا طاھر القادريفَقُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ ۙ19
بس ان تي (الله جي) مار (يعني لعنت) هجي، ان ڪهڙي سازش تيار ڪئي.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ قُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ ۙ20
ان تي وري (الله جي) مار (يعني لعنت) هجي، ان (هي) ڪهڙي سازش ڪئي.
— مولانا طاھر القادري